ڪتاب جو نالو: چار مقالا
مصنف: محمد اسماعيل عرساڻي
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 1955
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 19 اپريل 2017 ع
پڙهيو ويو: 440 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 179 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”چار مقالا“ اوهان اڳيان پيش آهي. سنڌي مضمون نويسي تي مشتمل هن اهم ڪتاب جو ليکڪ ناميارو اديب محمد اسماعيل عرساڻي صاحب آهي، جنهن ۾ چئن اهم مقالن ناول، ڊرامي، افساني ۽ سنڌي مضمون تي تفصيلي لکيو ويو آهي.
هي ڪتاب پهريون دفعو ته 1955ع ۾ ڇپيو پر پوءِ 1974ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو ۽ ادبي بورڊ جي ويبسائيٽ تان کڻي شاگردن جي فرمائش تي پي ڊي ايف ۽ ڪمپوزايبل فارميٽ ۾ پيش ڪري رهيا آهيون، ڇو ته هي ڪتاب ايم اي سنڌي جي نصاب ۾ رفرنس طور ڪار آمد آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • سنڌ سلامت پاران
  • پيش لفظ
  • سنڌي ناول
  • سنڌي ڊرامو
  • سنڌي افسانو
  • سنڌي مضمون

  • ڪتاب بابت

    چار مقالا
    (سنڌي ناول، سنڌي ڊرامو، سنڌي افسانو، سنڌي مضمون)


    مصنف
    محمد اسماعيل عرساڻي

    ڪتاب: چار مقالا
    ليکڪ: محمد اسماعيل عرساڻي
    موضوع: مقالا
    ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ
    ڇاپو پهريون: 1974ع
    ڇاپو ٻيون: 2005ع


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”چار مقالا“ اوهان اڳيان پيش آهي. سنڌي مضمون نويسي تي مشتمل هن اهم ڪتاب جو ليکڪ ناميارو اديب محمد اسماعيل عرساڻي صاحب آهي، جنهن ۾ چئن اهم مقالن ناول، ڊرامي، افساني ۽ سنڌي مضمون تي تفصيلي لکيو ويو آهي.
    هي ڪتاب پهريون دفعو ته 1955ع ۾ ڇپيو پر پوءِ 1974ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو ۽ ادبي بورڊ جي ويبسائيٽ تان کڻي شاگردن جي فرمائش تي پي ڊي ايف ۽ ڪمپوزايبل فارميٽ ۾ پيش ڪري رهيا آهيون، ڇو ته هي ڪتاب ايم اي سنڌي جي نصاب ۾ رفرنس طور ڪار آمد آهي. ٿورائتا آهيون سنڌ سلامت جي ساٿي ۽ پياري دوست راشد شر جا، جنهن ڪتاب کي فارميٽ ڪري موڪليو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پيش لفظ

    هن منهنجي ننڍڙي ڪتاب “چار مقالا” جو پهريون مقالو “سنڌي زبان ۾ ناول نويسي” آهي، جو مون ادبي ڪانفرنس هالا ۾ آڪٽوبر 1952ع تي پڙهيو هو. ٻيو مقالو “سنڌي زبان ۾ ڊرامي نويسي” آهي، جو ادبي ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ اپريل 1954ع تي پڙهيو هئم. ڪن دوستن جي مرضي ٿي ته هنن ٻنهي مقالن کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو وڃي. لهٰذا جنوري 1955ع تي “سنڌي ڊرامو ۽ ناول” نالي هڪ ڪتابچو ڇپائي دوستن جي ارشاد جي تعميل ڪئي ويئي. بفضل، خداوند تعاليٰ هن ڪتاب جي توقع کان زياده ساراهه ٿي ۽ ڪيترن اديب دوستن داد ڏيڻ سان گڏ مون کي هديهء مبارڪباد به پيش ڪيو.
    سنڌ يونيورسٽي هن ڪتاب کي ايم. اي سنڌيءَ جي شاگردن لاءِ نهايت ڪارآمد ڄاڻي نصاب ۾ ريفرنس بوڪ طور منظور ڪيو ۽ تازو ان کي مڪمل طور ايم. اي جي نصاب ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
    محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مون کي 10-فيبروري 1955ع تي هڪ خط لکيو، جنهن ۾ فرمايائون ته “سنڌي ڊرامي ۽ ناول جو تحفو مون کي پهتو آهي، اوهان کي هن تصنيف تي خاص طرح ۽ مسلسل ادبي خدمت تي عام طرح مبارڪباد هجي. سنڌي ناول جي ابتدا ۽ ارتقا تي هيءَ پهريون جامع تبصرو آهي. اُميد ته هن ڪتاب بعد جي ناول شايع ٿيا آهن، يا شايع ٿيندا رهن ٿا، تن تي پنهنجا تنقيدي نوٽ جمع ڪندا ويندا، جيئن ٻي ايڊيشن ۾ هن ڪتابچي کي ڪتاب بنائي سگهجي.”
    ڊاڪٽر صاحب جن جهڙي اعليٰ اديب جي هر حڪم لاءِ مون کي هميشه وڏي عزت هوندي آهي. لهٰذا سندن ارشاد سبب مٿين ٻن مقالن سان گڏ، مزيد ٻه مقالا “سنڌي زبان ۾ افسانه نويسي” ۽ “سنڌي زبان ۾ مضمون نويسي” پڻ لکي پيش ڪيا اٿم ۽ چئني مقالن کي گڏي “چار مقالا” نالو ڏيئي ڪتاب مڪمل ڪري شايع ڪرايم.
    “چار مقالا” جا چند ايڊيشن ته پنهنجي سر شايع ڪرايم ۽ ان بعد هيءُ ڪتاب پڻ پنهنجي ڪتاب “بدنصيب ٿريءَ” وانگر “سنڌي ادبي بورڊ” جي سپرد ڪيو اٿم، جنهن جي سهاري اهو ڇپجي رهيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ ئي سنڌ جو واحد نامور ادارو آهي، جنهن جي نگرانيءَ ۽ سرپرستيءَ ۾ هيءُ ڪتاب گهڻو اڳ ڇپجڻ لاءِ بيتاب هو، ليڪن هن باري ۾ منهنجي بلڪل همت افزائي نه ڪئي ويئي هئي.
    خوش قسمتيءَ سان سنڌي ادبي بورڊ کي هن وقت جناب محترم غلام رباني صاحب جهڙو ادبي قدردان ۽ ادب نواز سيڪريٽري نصيب ٿيو آهي، جنهن ڪري هن ڪتاب “چار مقالا” جو سنڌي ادبي بورڊ جي سرپرستيءَ ۽ سهاري هيٺ ڇپجڻ ممڪن ٿي سگهيو آهي، مان صاحب موصوف جي هن ذرهء نوازيءَ لاءِ نهايت ممنون ۽ مرهون منت آهيان.

    خادم ادب

    محمد اسماعيل عرساڻي
    حيدرآباد
    16-5-1974ع


    سنڌي ناول

    چونڪ سنڌي علم و ادب ۾ ناول نويسيءَ جو دؤر محض انگريزن جي سنڌ ۾ اچڻ بعد شروع ٿيو، جڏهن سنڌي زبان جي موجوده الف_ بي ٺهي راس ٿي. لهاذا، ناول جي متعلق ڪجهه چوان، ان کان اڳ ۾ ضروري آهي ته “تمهيداً” سامعين ڪرام کي اهو ٻڌايان ته موجوده سنڌي علم و ادب جي آئيويٽا ڪهڙي طرح وجود ۾ آئي.
    سنڌي زبان اصل ۾ سنسڪرت زبان مان نڪتل آهي. جيڪڏهن سنڌي زبان جو نسل جاچي ڏسبو ته سنسڪرت زبان ان جي پڙناني ٿئي. پراڪرت ٻولي، جا ويدن جي زماني ۾ عام ماڻهو ڳالهائيندا هئا، اها سنڌي زبان جي ناني ۽ پرڪارت جي بگڙيل صورت جنهن کي هندو ماڻهو اپڀرنش چوندا آهن، اها اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي سڳي ماءُ ٿئي.
    انسائيڪلو پيڊيا برٽينيڪا ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ٻيو نالو “لهندا” يعني “الهندي” جي ٻولي ڄاڻايل آهي. چونڪ پنجابي زبان خود انهيءَ ساڳيءَ اپڀرنش زبان مان نڪتي آهي، تنهن ڪري سنڌي ۽ پنجابي زبانون ٻئي پاڻ ۾ سڳيون ڀينرون ٿين. خود گجراتي ٻولي به ساڳي اپڀرنش ٻوليءَ جي پيڙهي مان آهي، تنهن ڪري گجراتي ۽ سنڌي زبانون به پاڻ ۾ برادري رکن ٿيون. ٿر يا ڍٽ وري گجرات سان دنگئي آهي، تنهن ڪري اتي جي رهاڪن سنڌيءَ ۾ گجراتي الفاظ گڏي سڏي هڪ ٻي ننڍي بگڙيل ٻولي “ڍاٽڪي” نالي سان تيار ڪئي آهي.
    جيئن ته سنڌي زبان يقيناً سنسڪرت زبان تان ٺهي آهي، تنهن ڪري ان جي رسم الخط به دراصل ديوناگري هئي. وري سنڌي ٻوليءَ جو واسطو سڌوسنئون پنجابي ٻوليءَ سان رهيو آهي، تنهن ڪري سنڌي اکرن جو پنجابي اکرن سان واسطو هجڻ بلڪل لازمي آهي. انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا ۾ ڄاڻايل آهي ته پنجابي زبان جي آئيويٽا خود ديوناگري اکرن مان ٺهيل هئي ۽ انهن پنجابي اکرن جو نالو “لنڊا اکر” هو، يعني ته اهي کار لنڊا يا ٻٽا سڏبا ويندا هئا. جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن انهن اکرن جون ماترائون به بگڙنديون رهيون ۽ سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته انهن لنڊن اکرن وڃي موجوده هندو سنڌي اکرن جي صورت اختيار ڪئي.
    انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته سنڌ جا هندو توڙي مسلمان اصل ۾ ئي هندو سنڌي اکر استعمال ڪندا هئا. هندو ڀائيبنڊ ته پنهنجي بندي انهن ٻٽن اکرن ۾ ئي رکندا هئا، جنهن ڪري کين خود پنهنجي هٿ اکر لکيل لفظن پڙهڻ ۾ ئي مونجهارو ٿيندو هو، مثلاً گ ۽ ل اکرن يعني گگو ۽ للو ملائڻ ڪري اهو لفظ گِل، گُل، گِلي، گُلو، گَلو، گول، گولي ۽ گولو وغيره سڀني نمونن سان پڙهي سگهبو هو. گهه گونهه، لڏ لڏون، گڏ گڏون، ماسي موسو، کٽِ کوٽي، سڀ هڪجهڙو هوندو هو.
    هڪ مزي جهڙي ڳالهه ڪندا آهن ته سنڌ ۾ جڏهن مسلمان حاڪمن جو تسلط ٿيو، ۽ فارسي ۽ عربي زبانون رائج ٿيڻ لڳيون، تڏهن هڪ مسلمان ڪنهن هندو ڀائيبند کان خط لکايو، جو هن کيس هندو سنڌي اکرن ۾ لکي ڏنو. خط جي عبارت جيڪا خط لکائيندڙ مسلمان کانئس لکائي، سا هيءُ هئيِ:
    “قاضي القضاة رفيع الدرجات، قاضي قطب الدين سلمه ربه.”
    خط پهچڻ تي قاضي صاحب جڏهن اها عبارت هڪ ٻئي هندوءَ کي گهرائي پڙهائي، تڏهن ان هندوءَ هن طرح پڙهي ٻڌائيِ:
    “قاجي ڪ جات، رافجاڻي جات، قاجي ڪتو بي دين سل ۾ رنبو.”
    جيتوڻيڪ مٿيون جملو تهذيب کان ئي ڪريل آهي، تاهم ان لاءِ بيان ڪيو ويو آهي ته جيئن سامعين ڪرام تي چٽيءَ طرح واضح ٿئي ته انهن هندو سنڌي اکرن کي ٻٽا اکر ڇو ٿي سڏيو ويو. اوهان صاحب هن مثال مان سمجهي سگهو ٿا ته جنهن رسم الخط جي اها حالت هئي، اها ڪنهن به حالت ۾ ادبي ٻوليءَ جي نوشت خواند لائق هرگز نه هئي.
    مسلمان فرمانروائن جي هٿ هيٺ سنڌ ملڪ تقريباً هڪ هزار ورهيه رهيو. انهيءَ دوران عربي، فارسي ۽ ترڪي ٻولين جا ڪيترائي الفاظ سنڌي زبان ۾ داخل ٿيندا ويا. ميرن جي صاحبيءَ ۾ ته سرڪاري دفتر فارسي زبان ۾ رکيو ويندو هو. خود هندو ڪامورا به پنهنجي خانگي خط و ڪتابت فارسيءَ ۾ ڪندا هئا.
    سن 1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن سرڪاري لکپڙهه لاءِ انگريزدانـن جي ضرورت پيش آئــــي، مگر جيستائين اسڪول کلن ۽ ماڻهو انگريزي پڙهن، تيستائين انگريز عملدارن خود سڄو دفتر فارسيءَ ۾ پئي رکيو ۽ في الحال ٻاهران قابل ترجمان گهرائي، انهن جي مدد سان پئي ڪم کي نباهيو.
    سال 1845ع ۾، حيدرآباد جي ڪليڪٽر ڪئپٽن راٿبورن هڪ انگريزي اسڪول وجود ۾ آندو، جو هلي نه سگهيو، 1846ع ۾ ڪئپٽن پريڊي ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر هڪ اسڪول کوليو، جو 1853ع ۾ چرچ مشين سوسائٽيءَ جي حوالي ٿيو. ساڳئي اسڪول ۾ ڪئپٽن گولڊ سمڊ جنهن سسئي پنهونءَ جا بيت گڏ ڪري ڇپايا هئا، تنهن جي ڪوشش سان هڪ انگريزي اسڪول شڪارپور ۾ کوليو ويو. آخرڪار بمبئيءَ جي تعليمي بورڊ سنڌ ۾ تعليم جي سرشتي ٺاهڻ خاطر اهو ڪم پاڻ تي هموار ڪيو. ساڳئي وقت اها تحريڪ پڻ هلائي وئي ته سنڌ جي سرڪاري آفيسن ۾ لکپڙهه سنڌي زبان ۾ ڪئي وڃي.
    سر بارٽل فريئر، جو سنڌ جو پهريون چيف ڪمشنر مقرر ٿيو هو، ان صاحب 1851ع ۾ اهو اشتهار ڪڍيو ته سڀ يورپي ۽ ٻيا غير ملڪي آفيسر جي سنڌ ۾ ملازمت ڪن. اهي هن ملڪ جي ڏيهي ٻوليءَ جو امتحان ضرور پاس ڪن. ان کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ٽن ڳالهين جي ضرورت پيش آئي. (1) ته اسڪول کوليا وڃن (2) سرڪاري لکپڙهه سنڌيءَ ۾ هلي (3) غير ملڪي ملازم سنڌيءَ ۾ امتحان پاس ڪن. اهي ٽيئي ڳالهيون فقط تڏهن سر انجام ٿي سگهيون ٿي، جڏهن سنڌي زبان جي الف _ ب ٺاهي وڃي.
    ڪئپٽن برٽن جنهن سنڌ ۾ رهي، سنڌي ٻوليءَ جو چڱو محاورو ڪيو هو، ان رٿ ڏني ته سنڌي آئيويٽا عربي اکرن تان ٺاهي وڃي. ڪئپٽن اسٽئڪ نالي هڪ انگريز جو ان وقت ڊپٽي ڪليڪٽر هو ۽ جنهن پڻ سنڌ ۾ رهي. سنڌي زبان جو چڱو اڀياس ڪيو هو ۽ هڪ سنڌي وياڪرڻ (گرامر) ۽ سنڌي ڊڪشنري (لغت) به سال 1847ع کان 1849ع تائين ٺاهي راس ڪئي هئائين، ان جو خيال هو ته سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط ديوناگري ٿئي. سنڌ گزيٽيئر ۾ لکيل آهي ته انهن مٿي ذڪر ڪيل ٻن صاحبن جي ضد سبب سر بارٽل فريئر تشويش ۾ پئجي ويو ته جيڪڏهن عربي رسم الخط اختيار ڪئي ويئي ته هندو ناراض ٿيندا جيڪڏهن ديوناگريءَ کي ترجيح ڏني ويئي ته مسلمان ڪاوڙبا. آخر 1853ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڊئريڪٽرن جي ڪورٽ اهو فيصلو ڪيو ته عربي- سنڌي الف _ ب اختيار ڪجي. اهڙيءَ طرح مسٽر ايلس ڪن سنڌي ماڻهن جي مدد سان عربي زبان جا 28 اکر وڌائي، هيٺين طرح 51 اکر ٺاهيا:

    عبراني ٻولي: ابجد _ هوز _ حطي _ ڪلمن جمله 22
    سعفص قرشت
    نج عربي: تخذ ضظغ جمله 6
    فارسي: پ، چ، گ جمله 3
    پراڪرتِ- ڀ، ٿ، ٽ، ٺ، ڦ، جهه، جمله 16
    ڇ، ڃ ، ڌ، ڊ، ڍ، ڙ، ک، گهه، ڻ، ڱ
    نج سنڌي: ٻ، ڄ، ڏ، ڳ جمله 4
    جوڙ 51

    اها الف- ب سال 1853ع ۾ ڇپجي ظاهر ٿي. پوءِ سگهو ئي عربي، فارسي، اردو، مرهٽي، هندي ۽ گجراتي ڪتابن تان ترجما ڪري سال 1854ع ۾ تاريخ، جاگرافي ۽ ٻيا جملي ڏهه ڪتاب تيار ڪيا ويا ۽ الف _ ب ٺهڻ کان پوءِ ڏهن سالن اندر 1854ع کان 1865ع تائين جملي 4 هاءِ اسڪول، 3 مڊل اسڪول ۽ 56 پرائمري اسڪول کلي چڪا.
    ڪئپٽن اسٽئڪ کان پوءِ ڊاڪٽر ٽرمپ صاحب سنڌ ۾ پنهنجو چڱو نالو ڪڍيو. هن صاحب هڪ دستخط شاهه جو رسالو هٿ ڪري، جرمنيءَ جي ليپزگ شهر مان سال 1866ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ سن 1872ع ۾ هڪ وڏو سنڌي وياڪرڻ (گرمار) پڻ ٺاهيو، جنهن مان هن جي سنڌي زبان ۾ مهارت جو پتو پئجي سگهي ٿو. هن کان پوءِ پي به پي سنڌي ادب ۾ نئين ٺاهيل الف _ ب موجب مختلف موضوعن تي تصنيفون، تاليفون ۽ ترجما ٿيڻ لڳا ۽ سنڌي ادب ۾ اضافو ٿيڻ لڳو. سنڌي الف _ ب ٺهڻ بعد، سنڌي ادب جي نمايان ترقي ٿيڻ لڳي ۽ گورنمينٽ جي ڪوشش سان ٻين ٻولين مان سوين ڪتاب ترجمو ٿيڻ لڳا، جن جا مکيه بانيڪار ديوان ننديرام ۽ آخوند عبدالرحيم هئا. انفرادي ڪوششون به جام ٿيون، جن جي ذريعي ڪيترائي نظم ۽ نثر جا ڪتاب شايع ٿيا، انهن شخصي ڪوششن جو مدارالمهام مرزا قليچ بيگ مرحوم هو. اهو ئي دؤر هو، جنهن ۾ ناٽڪ نويسي ۽ ناول نويسيءَ جي ابتدا ٿي. لغتون، صرف نحو، علم منطق، علم فطرت، علم صحت ۽ علم معاشرت، مطلب ته مختلف علوم و فنون تي ڪتاب تيار ٿيڻ لڳا. ازانسواءِ اخلاقي آکاڻيون ۽ مضامين پڻ شايع ٿيڻ لڳا. دينيات جي ڪتابن لکڻ ۾ مسلسل ڪوشش شروع ٿي. سنڌي نثر کي رنگين ۽ دلچسپ بنائڻ ۾ آخوند لطف الله مصنف گل خندان ۽ ميان هدايت الله مصنف انشاءِ سنڌي نهايت ڪامياب ٿيا. نظم ۾ پڻ سنڌي شعراءِ گوئي کڻي ويا ۽ ميدان سر ڪيو بيٺا هئا. ڪافيون، غزل، رباعيون، قصيدا، مرثيه، مسدس ۽ مثنويون سڀ ۾ سندن رتبو اعليٰ رهيو. مطلب ته اهڙي ڪابه ڳلي نه ڇڏيائون، جتي سندن نمايان اثر نه هجي.
    انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته سڀ ڪنهن ٻوليءَ جو ادب پهريائين پهريائين مذهبي لٽريچر کان شروع ٿيندو آهي. ساڳيءَ طرح “تاريخ سنڌي ادب” جو مصنف رقمطراز آهي ته “ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته اسان جي سنڌي زبان ۾ موجوده الف_ ب ٺهڻ کان اڳ قاضي قاضن، شاهه ڪريم، شاهه ڀٽائي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، سچل سرمست، ابوالحسن، ساقي، خليفو گل محمد، مخدوم عبدالرؤف، ثابت علي شاهه ۽ ميان سرفراز ڪلهوڙو سنڌي لٽريچر جا ابا هئا.” مگر جنهن موضوع سان منهنجو ڪم آهي، ان جو دؤر انگريزن جي اچڻ بعد سال 1843ع کان شروع ٿئي ٿو.
    پڙهندڙ حضرات کي هن طويل تمهيد جو مقصد هاڻي سمجهه ۾ اچي ويو هوندو ته سنڌي الف _ ب جي ٺهڻ جو ذڪر صرف ان ڪري ڪيو ويو ته منهنجي مقالي “سنڌي زبان ۾ ناول نويسيءَ” جو سلسلو سمجهڻ ۾ اچي. هاڻي آءٌ براه راست پنهنجي موضوع تي اچان ٿو.
    مان جيڪي ڪجهه چئي رهيو آهيان، ان لاءِ مون کي پورو احساس آهي ته مان پنهنجو مقالو نه ڪنهن اڻپڙهيل عوام جي سامهون، مگر پڙهيل پبلڪ جي اڳيان پيش ڪري رهيو آهيان. مون کي پنهنجي ڪمزورين جو پڻ پورو علم آهي، تنهن ڪري ابتدا ۾ ئي پنهنجي ڪمين پيشين لاءِ معافي وٺان ٿو.
    “ناول” انگريزي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي “عجيب شيءِ يا نئين شيءِ” ناول جو ترجمو اسان سنڌي زبان ۾ قصو، افسانو يا ڪهاڻي ڪندا آهيون. درحقيقت ناول ادب جو اهو اهم ضروري ڀاڱو آهي، جنهن کان سواءِ جيڪر ادبي دنيا مڪمل ٿي نه سگهي. جهڙيءَ طرح شعر گوئيءَ ۾ فصاحت، بلاغت، شاعراڻي صنعتن، ۽ بلند خياليءَ کي دخل نه هوندو آهي ته اهو شعر بي نمڪ ٿي پوندو آهي ۽ صرف معمولي نظم جي درجي تي ئي هوندو آهي. ساڳيءَ طرح ناول نويسي يا افسانه نگاريءَ ۾ به جيستائين شاعراڻو نثر ڪم نه آندو ويندو آهي، تيستائين اهو هرگز دلچسپ بڻجي نه سگهندو آهي. ناول ۾ ٻن مکيه ڳالهين جي نهايت گهڻي ضرورت آهيِ (1) آکاڻي (2) سيرت نگاري. آکاڻي هميشه اهڙي مزيدار ۽ زماني حال جي موافق هجي ۽ منجهس اهڙي ته ڪشش هئڻ گهرجي جو پڙهندڙن جو خيال شروعات کان وٺي آخر تائين اهڙو ته قيد ڪري وٺي جو جيستائين ناول کي ختم نه ڪن تيستائين کين آرام نه اچي. نه فقط ايترو پر جيڪي واقعات ناول ۾ قلمبند ٿيل هجن انهن کان ايترو ته متاثر ٿيڻ، جو آکاڻيءَ ۾ اڳتي ڇا ايندو ان لاءِ دل ۾ هر وقت هورا کورا رهندي اچين ۽ دليل ڊوڙائيندا رهن. ازانسواءِ آکاڻيءَ ۾ آيل اداڪارن جي سيرت نگاريءَ جا ٻه طريقا آهن: پهريون اداڪارن جي گفتگو مان ظاهر ڪرڻ (2) مصنف جي قلم مان. هڪ چڱي ناول ۾. ان جو مصنف، اداڪارن جي واتان سندن دلي جذبات ۽ هلت چلت تان پردو کڻي، کين اصلي رنگ ۾ پيش ڪري ٿو. هن مان ڏسبو ته گفتگو جا ڊرامي جو هڪ مکيه ڀاڱو آهي سا ناول جو پڻ هڪ ضروري جزو آهي.
    هڪ عمدي ۽ عظيم الشان قصي يا ناول جو مدار آهي مصنفن جي تنقيدي قابليت تي. اهڙو ڪتاب مصنف جي نقطئه نگاهه کان زندگيءَ تي هڪ صحيح راءِ زني آهي. هو ڪڏهن اداڪارن جي واتان نڪته چيني ڪرائي ٿو، ته ڪڏهن پاڻ تنقيد ڪري ٿو. هر هڪ اعليٰ پيماني جو ناول هميشه زندگيءَ مان ئي اُڀري نڪري ٿو. زندگيءَ تي ئي سندس مدار آهي ۽ جي حقيقتون زندگيءَ سان لاڳاپو رکن ٿيون، انهن کان هرگز بي نياز ٿي نٿو سگهي. درحقيقت افسانو هڪ انساني اعمال جو دفتر آهي. ڪنهن جي حياتيءَ جي سرگزشت بيان ڪندي، مصنف جي تيز بين نظر انساني زندگي جي مختلف پهلوئن تي پوي ٿي ۽ پاڻ پنهنجي پخته آزمودي ۽ خيالي قوت سان ان جي مافي الضمير جو يا ته پنهنجي لفظن ۾ نقشو چٽي ٿو يا اداڪارن جي زبان مان ظاهر ڪري ٿو.
    ناول نويس لاءِ اهو بلڪل ضروري آهي ته ڪنهن نه ڪنهن مقصد کي پنهنجي سامهون رکي ۽ اخلاق جو دامن هرگز هٿان نه ڇڏي. ناول ۾ مصنف کي نه صرف با معنيٰ، پر مراد ۽ دلچسپ آکاڻي قلمبند ڪرڻ کپي، پر ساڳئي وقت کيس اخلاقي اصلاح جو به خيال ڌارڻ گهرجي. هن مان ثابت آهي ته عمدي ناول لاءِ موضوع سست هوندو ته خيالات به ان ۾ پست هوندا. لهٰذا مضمون جي انتخاب ڪرڻ لاءِ به وڏي لياقت گهرجي.
    جهڙيءَ طرح ڪوبه شعر تيستائين رونق نٿو وٺي جيستائين ان ۾ مبالغي ۽ مغالطي ٻنهي کي جاءِ نٿي ڏني وڃي، تهڙيءَ طرح ناول ۾ به ائين ٻيئي ڳالهيون ضروري آهن. نظامي عروضي سمرقندي پنهنجي تصنيف “چار مقالا” ۾ شاعر جي وصف بيان ڪندي لکيو آهي ته “شعر ان کي چئجي جنهن سان شاعر جيڪڏهن چاهي ته زشت کي زيبا بنائي سگهي ٿو ۽ چاهي ته نيڪ کي بد ڪري ڏيکاري، مگر شرط اهو آهي ته غلط بياني به اها هجي جنهن مان حقيقت افشان ٿئي.” مثلاً:
    محمد کو خدا جانئي، خدا کو مصطفيٰ جانئي،
    خدا سي ملنا چاهئي تو، محمد ڪو خدا جانئي.
    هنن ٻن سٽن مان اها مراد هرگز نه آهي ته توبه نعوذ بالله، رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن کي خدا ڪري سمجهيو وڃي، مگر مفهوم اهو آهي ته رسول پاڪ جي تعليم عين خدائي احڪام آهن، تنهن ڪري ان جي حڪمن جي فرمانبرداري الله جي حڪمن جي پيروي آهي. هڪ ٻئي شاعر جو شعر آهي ته:
    الله ڪي پلي مين وحدت ڪي سوا ڪيا هي،
    جو ڪچهه مجهي لينا هي، لي لونگا محمد سي.
    ان مان اها مراد هرگز ڪين آهي ته استغفرالله، الله تعاليٰ کٽل آهي ۽ ڏاتار صرف رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن آهن، مگر مطلب بلڪل واضح آهي. الله تبارڪ و تعاليٰ جي توحيد جي انتهائي صفت ڪيل آهي ته رب العزت جي ذات والاصفات فقط هڪ ئي هڪ آهي ۽ جيڪڏهن کيس ملڻ جو ڪو بهترين ذريعو آهي ته سندس پاڪ پيغمبر عليه الصلوات والسلام جن ئي آهن.
    ساڳيءَ طرح ناول جي دنيا ۾ به ناموري حاصل ڪرڻ لاءِ، ناول نويس کي طرز تحرير اهڙي اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي پاڪ جذبات کي اهڙي انداز ۾ بيان ڪري جو مضمون بلڪل رسيلو ۽ پر نمڪ ٿئي ۽ پڙهندڙ جيئن جيئن ان جو مطالعو ڪندو وڃي تيئن تيئن منجهس پڙهڻ لاءِ وڌيڪ خواهش پيدا ٿيندي وڃي. مان جيئن مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته ناول جي مضمون ۾ ضرور شاعرانه نثر هئڻ گهرجي. لهاذا ضروري آهي ته ان ۾ شعر وانگر فصاحت بلاغت به هجي ۽ زبان جي محاورن، اصطلاحن ۽ صنعتن کان ڪم ورتو وڃي. مبالغي کان سواءِ ناول رونق ڪين وٺندو، مگر اهو مبالغو اهڙو هئڻ گهرجي، جنهن ڪري انساني زندگيءَ جا مختلف پهلو عيان ٿي وڃن ۽ اسان کي دنيا اندر جدا جدا حيثيتن ۾ ۽ جدا جدا حادثن ڪري جن خوشگوارين يا دشوارين جو مقابلو ڪرڻو پوي ٿو ۽ جي جي ڳالهيون هن دنيوي زندگيءَ ۾ ممڪنات جي حد اندر آهن، اهي بي نقاب ٿي پون. هر هڪ قوم يا فرد کي جهڙي جهڙي رنگ ۾ هيءُ سماج يا سوسائٽي ڏسڻ ۾ آئي آهي ۽ ان مان جيڪو آزمودو پرايو اٿس سو ڪن سچين يا من گهڙت ڪردارن يا اداڪارن جي زبان مان افسانوي طور منظر عام تي آڻي ڏيکارجي، ان لاءِ ته عوام الناس انهن عجيب و غريب تجربن مان سبق حاصل ڪري، پنهنجي زندگي لاءِ پروگرام مرتب ڪري ۽ اڳين جي آزمودن کي سامهون رکي هن ڌرتيءَ کي جتي جتي کيس کڏون کُٻا يا لاهيون چاڙهيون نظر اچن، انهن تي آسانيءَ ۽ سلامتيءَ سان عبور حاصل ڪري سگهي. شعر وانگر ناول پڻ انساني جذبات جو آئينو آهي. هنن فرضي قصن مان انساني زندگيءَ جي عين حقيقت ظاهر ٿئي ٿي. شرط فقط اهو آهي ته جهڙيءَ طرح گندي شعر لکڻ ڪري ادب کي گندو ڪيو وڃي ٿو، ساڳيءَ طرح گنديءَ ناول نويسيءَ مان به ادب کي گهڻو ڌوڪو رسي ٿو. اڪثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته شعر جو اثر سڌو سنئون انساني جذبات تي آهي، مگر ان کان مزيد تر ناول جو اثر انسان جي عقل سليم تي پڻ آهي. جيڪڏهن گندا ۽ بداخلاقيءَ جي مواد سان ڀرپور ناول پڙهيا ويندا ته ضرور قوم جي اخلاق تي برو اثر پوندو، تنهن ڪري ناول نويس حضرات کي هميشه هن امر جي نگهداشت ڪرڻ گهرجي ته سندن قلم مان ڪي به اهڙا ڪلما نه لکيا وڃن، جنهنڪري ناول جهڙي اعليٰ فن کي ٽڪو لڳي.
    هاڻي مان اوهان صاحبن کي ٻڌائڻ گهران ٿو ته جهڙيءَ طرح ادب جي هرهڪ ڀاڱي مثلاً، شعر، ڊرامي، تاريخ، معاشيات وغيره، سڀ کي مختلف حصن ۾ ورهايو ويو آهي، تهڙيءَ طرح ناول کي به منهنجي نظر ۾ گهڻائي پهلو آهن ۽ اهي هي آهن:

    1) لوڪ ڪهاڻيون (Folk Lore)
    2) جاسوسي ناول
    3) افسانوي ناول
    4) قومي ناول
    5) سماجڪ ناول
    6) اصلاحي ناول
    7) تاريخي ناول
    8) مختصر آکاڻيون (Short Stories) وغيره.

    اسان مٿي ڄاڻايو آهي ته انگريزن جي اچڻ کان اڳ ۾ مذهبي ادب جو دؤر هو ۽ چونڪ سنڌي الف _ ب اڃا ٺهي ڪانه هئي، تنهن ڪري سنڌي زبان فارسي خط ۾ لکي ويندي هئي. سنڌ جا قديم اديب جن جا اسماء گرامي مٿي ڏان ويا آهن، اهي جو ڪجهه به لکندا هئا سو يا ته فارسي زبان ۾ هوندو هو يا صرف سنڌي شعر ۾ لکيو ويندو هو، ڇاڪاڻ جو ان وقت جا مسلم حڪمران شعر جو گهڻو قدر ڪندا هئا ۽ شاعرن کي وڏا وڏا انعام اڪرام ڏيندا هئا. انگريزن جي اچڻ بعد ٺٽي جي شهر جا ڪيترا سيد خاندان ۽ ٻيا مصنف هئا، جن جا حڪومت جي طرفان ادبي لوازما بند ٿي ويا، تنهن ڪري شعر گوئيءَ جو دؤر گهٽ ٿيڻ لڳو ۽ نثر نويسي وقوع پذير ٿي. اسان جي ڌيان ۾ سال 1843ع تائين سنڌي ادب ۾ ڪوبه ناول لکيو ڪونه ويو. جيڪڏهن ڪو لکيو به ويو ته ان جو نام و نشان به ڪونه آهي.
    انگريزن سنڌ ۾ 1843ع ۾ پير پاتو ۽ ڏهه سال کين الف _ ب ٺاهڻ ۾ لڳا. يعني 1853ع کان انگريزن “باب نامي” جي نالي سان هڪ ٻاراڻو ڪتاب شايع ڪرائي نئين سنڌي ادب جو بنياد وڌو. سال 1854ع ۾ ايسپ جي آکاڻين جو سنڌيءَ ۾ ترجمو مسٽر قاضي غلام حسين کان ڪرايو ويو. جلد ئي “ڀنڀي زميندار جي ڳالهه” نالي هڪ ننڍو قصو شايع ڪرايو ويو. درحقيقت سنڌي ناول نويسيءَ جو سنگ بنياد انهيءَ “ڀنڀي زميندار جي ڳالهه” کي ئي سمجهڻ گهرجي. ان کان پوءِ ترت ٻيا ٻه ڪتاب هڪ “سڌا تورو ۽ ڪڌا تورو” يعني سپوت ۽ ڪپوت لکيا ويا. اهي ٻيئي ڪتاب هنديءَ ٻوليءَ تان ورتل آهن، جي سيد ميران محمد شاهه مرحوم، هز ايڪسلنسي ٻئي ميران محمد شاهه جي ڏاڏي محترم کان لکايا ويا هئا. هنن ڪتابن جي ترجمي لاءِ مصنفن کي سرڪار جي طرفان ڪافي معاوضو ملندو هو. اهي قصا جيتوڻيڪ هن وقت پڙهندڙ کي ڪوبه لطف ڪونه بخشيندا تاهم سنڌي قصن جو بنياد اهي ئي آهن.
    سال 1861ع ۾ ديوان اُڌارام سورٺ ۽ راءِ ڏياچ جو قصو شايع ڪرايو. ازانسواءِ هڪ انگريزي ناول جو ترجمو بنام “بلو کوکر” پڻ اشاعت هيٺ آيو. درحقيقت سڌا تورو ۽ ڪڌا تورو ۽ بلو کوکر ڪتابن لکائڻ مان حڪومت جو خاص سياسي مقصد اهو هو ته سنڌ جي زميندارن کي ڪنهن نموني سان پنهنجو مطيع ڪجي ۽ کين ذهن نشين ڪجي ته حڪومت سان وفاداريءَ ۾ ئي سندن ڀلو آهي. سڌا تورو کي هڪ سرڪار سان وفادار زميندار ڪري ڏيکاريو ويو هو ۽ ڪڌا تورو کي احمق ڪري پيش ڪيو ويو هو. هي ڪتاب گويا هڪ تبليغ جو نمونو هو جنهن مان انگريزن، سنڌي زميندارن کي پنهنجي اطاعت جو سبق سيکارڻ ٿي گهريو.
    سال 1868ع ۾ ديوان اُڌارام ۽ نولراءِ مشهور انگريزي ڪتاب “راسيلاس” جو ترجمو پيش ڪيو جو بلڪل بجا طور تي ناول آهي ۽ اڄ به مطالعي ڪرڻ سان پڙهندڙ اهڙو ئي لطف اندوز ٿيندو جهڙو ان وقت ٿيندو هو. هن وقت تائين جيڪي چند ناول شايع ٿيا سي سڀ ترجما هئا ۽ ڪوبه اصل طبع زاد ناول اڃا لکيل ڪونه هو. اهو حجاب جو پردو پڻ مرزا قليچ بيگ مرحوم چاڪ ڪيو ۽ سنڌي زبان ۾: پهريون طبع زاد ناول “دلارام” لکي پيش ڪيائين. جيتوڻيڪ موجوده ترقيءَ جي دؤر وارن ناولن جي مقابلي ۾ “دلارام” اهڙو دلچسپ نه آهي تاهم ابتدائي ڪوشش جي لحاظ کان نهايت واکاڻ جوڳو آهي. مرزا صاحب مرحوم جو ٻيو ناول “زينت”، جو 1890ع ۾ لکيو ويو. ان کي اگرچ عام طرح طبع زاد سمجهيو ويندو آهي، مگر حقيقت ۾ اهو هڪ اردو ڪتاب “صحت النساءِ” تان ورتل آهي جو ڪتاب پڻ مرزا صاحب مرحوم پندرهن ورهيه پوءِ سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪري منظر عام تي آندو. ان ۾ شڪ ناهي ته “صحت النساءِ” ناول هڪ بهترين ناول هو، مگر خبر ناهي ته ڇو اهو ايتري قدر مقبول نه ٿيو جو سندس پهريون ڇاپو به اڃا تائين سڙيل ردي ڪاغذن جي صورت ۾ اچي پيو. جيتوڻيڪ “زينت” جو ڪافي حصو ترجمو ٿيل آهي، تاهم اهو ترجمو ايتري قدر ته آزاد ترجمو آهي جو بلڪل اصليت جو لطف ڏئي ٿو، سندس پويون حصو پڻ ڪافي دلچسپ آهي.
    انهيءَ زماني ۾ آخوند لطف الله جو ڪتاب “گل خندان” به شايع ٿيو جو اگرچ جنن ۽ پرين جي داستانن سبب قصو سڏي سگهجي ٿو ۽ نه جديد ناول، مگر هن ڪتاب جي عبارت اهڙي ته دلچسپ آهي جو غالباً هيءُ ڪتاب به شاهه جي رسالي وانگر سنڌي ادب ۾ لازوال رهندو. دراصل اهو ڪتاب اردو قصي “افسانهء عجائب” تان ورتل آهي، مگر ٻنهي ڪتابن ۾ زمين آسمان جو فرق معلوم ٿئي ٿو. خود “افسانهء عجائب” به “گل خندان” اڳيان هيچ معلوم ٿئي ٿو.
    سن 1885ع کان مسٽر هريسنگهه سکر واري 1889ع کان مسٽر پوڪر داس شڪارپور واري ڪتابن ڇپائڻ جو سلسلو چالو رکيو، تنهن ڪري ڪافي انداز ۾ اردو قصن جا ترجما ڪيا ويا. ازانسواءِ عوامي آکاڻين تان پڻ قصا ٺاهي اشاعت هيٺ آندا ويا، جهڙوڪ “ٽوپي پڳ”، “ڪوئو ٻلي“، “سس ننهن” ۽ “کچڻي ماني” وغيره. نه فقط ايترو مگر لوڪ ڪهاڻيون مثلاً سسئي پنهون، ليلا مجنون، عمر مارئي، دودو چنيسر، سهڻي ميهار ۽ مومل مينڌرو پڻ. ڪي نظم ۾ ڪي نثر ۾ شايع ڪيون ويون. جيئن وقت گذرندو ويو تيئن انگريزي ناول جا ڪتاب بڪثرت ترجمي هيٺ آندا پئي ويا. مگر انهن ترجمن ۾ گهڻا ترجما مرزا قليچ بيگ مرحوم ڪيا، جن مان “راميل”، “گلن جي ٽوڪري” وڌيڪ آڳاٽا آهن. هن زماني ۾ آنجهاني مسٽر هريسنگهه ۽ مرزا صاحب مرحوم جيڪي ڪافي انداز ۾ ڪتاب ترجمو ڪرائي شايع ڪيا، ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اهي رفتي رفتي ناياب ٿيندا پيا وڃن. انهن ٻنهي صاحبن کان پوءِ حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي طرف پڻ ڪتابن ڇپجڻ جو آغاز ٿيو ۽ ڪافي تعداد ۾ انگريزي هندي ۽ اردو ڪتابن جا ترجما ظاهر ٿيڻ لڳا، جن ۾ اڪثريت ناولن جي هئي. مشهور ناول “چندر ڪانتا” سندس پنکڙين سميت اٽڪل 45 حصن ۾ شايع ٿيو، مگر تاهم پورو ٿي نه سگهيو. ساڳئي پبلشر انگريزي ناول “اسٽار آف منگريليا” جو ترجمو بنام “ستاري منسگريليا” به شايع ڪيو.
    حيدرآباد ۾ مسٽر خوشيرام رينالڊ جي وڏن انگريزي ناولن “جوزف ولمٽ”، “ميري پرائيس” ۽ “لورز آف دي حرم” وغيره جا ترجما ڪيا. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سال 1915ع کان وٺـي جاسوسي ناولن جو سيلاب شروع ٿي ويو ۽ اهي سنڌ ۾ بلڪل گهڻي قدر مقبول ٿيا. “بدبخت هيرو”، “موت جو پيغام” ۽ ٻيا ازين قسم جا ڪيترائي ناول ٿيا، يڪي بعدديگري ميدان ادب ۾ ڌڙا ڌڙ اچڻ لڳا. “چار درويش” نالي اصل فارسي ڪتاب، جو امير خسرو جو لکيل هو، جو چوڻ ۾ اچي ٿو ته هن پنهنجي بيمار مرشد جي وندر لاءِ لکيو هو، جو کيس روزانو پڙهي ٻڌايو ويندو هو ۽ بفضل خداوند تعاليٰ قصو به اختتام کي پهتو ته سندس مرشد به بلڪل عافيت حاصل ڪئي. اهوئي سبب آهي جو چوڻ ۾ اچي ٿو ته “چار درويش” قصو جيڪڏهن ڪنهن به مريض کي پڙهي ٻڌايو ويندو ته کيس شفا ٿيندي. بهرحال، اهو قصو اردوءَ وارن ترجمو ڪيو، جنهن تان وري ماستر واحد بخش شڪارپوريءَ سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو. “گل بڪاولي” قصو جو پڻ اصل فارسيءَ تان اردو ۾ ترجمو ڪيو ويو هو، ان جو پڻ ماستر احمد خان تڳيو خان جلباڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. “امير حمزه” دراصل عربي زبان جو قصو آهي، مگر اهو اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو هو ۽ ان تان سنڌي زبان ۾ آندو ويو. امير حمزه جو ٽيون ۽ چوٿون جلد ماستر قاضي عبدالغفور هالائي ترجمو ڪيا. اهڙيءَ طرح “الف ليليٰ” ۽ “حاتم طائي” پڻ عربي قصا هئا، جي اول اردوءَ ۾ ۽ بعد ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا. “گل صنوبر” ۽ “سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال” پڻ فارسي مان اردوءَ ۾ ۽ ان تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا. هن وقت تائين پراڻي قسم جي ناولن جو دؤر هلندو آيو، جن جي لکڻ جو ڪو خاص مقصد ڪونه هوندو هو. هنن ناولن مان مدعا صرف ڪجهه اخلاقن سڌارڻ جي هئي ۽ گهڻي قدر محض وندر هوندي هئي ۽ بس.

    ناول جو نئون دؤر
    سال 1923ع ڌاري هندستان جي آزاديءَ جي لهر موجون هڻڻ لڳي ۽ ناول ۾ سياسي تاريخ ڀرجڻ شروع ٿي. اول اول ڪانگريسين ۽ انقلابين جا سياسي ناول شايع ٿيا ۽ پوءِ هريسنگهه سندس راجپوتن جي ڪارنامن جا تاريخي ناول لکائڻ شروع ڪيا، جنهن جو نتيجو اهو ٿيو جو حيدرآباد سنڌ خواه ڪراچيءَ مان پڻ ساڳيو سلسلو شروع ٿيو. ڪراچيءَ جي نامور رسالن “سندر ساهتيه”، “رتن” ۽ “آشا ساهت منڊل” وغيره جي ذريعي ڪافي ناول وجود ۾ آيا. مثلاً: “رتن” جا هيٺيان چند ناول قابل ذڪر آهن.

    1) آزاديءَ جا اپاسڪ (قومي ناول)
    2) پريت جا گيت (ٽئگور جو ترجمو)
    3) بال چندرما (ٽئگور جو ترجمو)
    4) نرويما ديوي (سماجڪ ناول)
    5) امرت جهڙا مٺا ٻول (ليکڪ ديوداس)
    6) چندر شيڪو (تاريخي ناول)
    7) انڌيءَ جي ڪهاڻي (افسانو)

    اهڙيءَ طرح “سندر ساهتيه” جي چند مشهور ناولن جا نالا ڏجن ٿا.

    1) آخرين سفر (ترجمو سرهال ڪين)
    سال 1940ع جڳت آڏواڻي
    2) تارا سندري سال 1936ع ميلارام واسواڻي
    3) پرستان جو شهزادو ميلارام واسواڻي
    4) چنبيليءَ جي سڳنڌ ميلارام واسواڻي
    5) منورما ميلارام واسواڻي
    6) هارجيت ميلارام واسواڻي

    ساڳيءَ طرح “آشا ساهت منڊل” ڪراچيءَ جا قابلِ ذڪر ناول هي آهن:

    1) سدا سهاڳڻ ديو سنڀاڻي
    2) ناري سنسار مخزن زالن لاءِ
    3) گورا گلي ڪرپالاڻي
    4) ڪومل ڪمل آسانند مامتورا
    5) جيون ڪلا چوهڙ هندوجا
    وغيره.
    انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي انفرادي ڪوششن جي نتيجي تي چڱا چڱا ناول شايع ٿيا، جهڙيءَ طرح ڪراچيءَ مان مٿين ادبي ادارن جي ذريعي اهي ناول شايع ڪيا ويا، تهڙيءَ طرح وري حيدرآباد سنڌ مان به “ڪهاڻي”، “ڀارت جيون” ۽ ٻين رسالن دوران ڪافي تاريخي ۽ سماجي ناول نڪري ظاهر ٿيا.
    هن ادبي ڪشمڪش جو اثر سنڌ جي مسلمانن تي پڻ ڪافي طرح پيو ۽ اردو تاريخي ناولن جا ترجما متواتر ٿيندا رهيا، جهڙوڪ:“حوردمشق”، “خنجرهلال” ۽ “منصور موهنا” جا ناول ڇپجي شايع ٿيا. مگر تاريخي ناولن ۾ اسان جي خيال ۾ پهرين طبع زاد ناول جو لکيو ويو، اهو مرحوم حڪيم عبدالخالق مورائيءَ جو لکيل ناول “سندري”، جو نهايت دلچسپ ۽ ادبي شاهڪار آهي.
    خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي نيڪ ڪوششن سان جيڪا مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد ۾ قائم ٿي، ان جي سرپرستيءَ هيٺ پڻ ڪي عمدا ناول شايع ٿيا، جهڙوڪ:

    1) جڙتو شهزادو (محمد صديق ميمڻ)
    2) زندگيءَ جو پهريون دؤر سال 1931ع
    3) زندگيءَ جو ٻيو دؤر سال 1932ع
    4) نبين جا قصا حاجي فيض محمد ڀريائي
    5) در يتيم قريشي فتح محمد کهڙائي
    وغيره.

    سن 1939ع کان وٺي مسٽر محمد عثمان ڏيپلائيءَ ته باقاعدي هڪ تاريخي ناولن جو سلسلو شروع ڪري ڏنو جو اڳتي هلي “رساله عبرت” جي سلسلي ۾ تبديل ٿيو. مسٽر ڏيپلائيءَ جون متفرق آکاڻيون ۽ مضمون اڳي ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ متواتر ايندا رهندا هئا. سال 1939ع تائين سنڌي زبان جا تاريخي ناول نويس يا ته ڪبرسني کان هن ميدان ۾ رٽائر ٿي چڪا هئا، يا منجهائن ڪي فوت ٿي ويا هئا. ان ڪري ناول نويسيءَ جي ميدان ۾ وري هڪ وڏو خال پئجي ويو. ان خال کي ڀرڻ جي شديد ضرورت مسٽر ڏيپلائي پوري ڪري ڏيکاري. هن صاحب اول اردو تان ترجما ۽ تلخيص ڪري ننڍا تاريخي ناول ڇپيا ۽ بعد ۾ اوريجنل يعني طبع زاد ناول پڻ لکڻ لڳو. تخميناً سندس هڪ سؤ کن تاريخي ناول ڇپجي چڪا آهن، جن مان “ڏاهري رنگ محل” ۽ “گلستان حسن” ضبط ٿيل آهن ۽ “نور توحيد”، “شيرِ ايران”، “مصطفيٰ ڪمال”، “مجاهد ڪشمير”، “سمرقند جو صوف”، “حور بغداد”، “ٽيپو شهيد” ۽ “عيد جو چنڊ” خاص طور قابل ذڪر آهن.
    ساڳئي زماني ۾ شڪارپور طرف “برڪت علي آزاد” ۽ “شيخ اياز” ۽ ڪراچي مان “باغي ساهتيه” وارن به چڱا ترقي پسند ناول شايع ڪيا. هن ڏس ۾ “آزاد سلسلي حيدرآباد” ۾ پڻ چار_ پنج ناول شايع ٿيا، مگر پوءِ اهو وڌيڪ عرصو جٽاءُ ڪري نه سگهيو. سندس ڪتاب “شيش محل”، “شامت اعمال”، “سئنڊل جو سٽڪو”، “مظلوم شهزاديون”، “انجام الفت” يادگار آهن.
    هندو مصنفن طرفان پڻ هن دؤر ۾ ناولن لکڻ جو سلسلو بند ڪونه ٿيو، مسٽر ڀمڀاڻيءَ ڪن انگريزي ناولن تان چند نهايت اعليٰ درجي جا ناول ترجمو ڪيا، مثلاً:
    1) پاپ ۽ پاڪيزگي (انگريزي ناول ٽيس جو ترجمو)
    2) مالهڻ طبع زاد
    3) وڌوا
    ان کان سواءِ پروفيسر اين. آر. ملڪاڻي ۽ آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ پڻ چند ناول ترجمو ڪيا، جي سندن خدمتون وسرڻ جون نه آهن. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو تاريخي ناول نورجهان سندس هڪ عمدو شاهڪار آهي.
    سنڌي قصن ۾ وڏين آکاڻين جو بنياد دراصل “سندر ساهتيه” ۽ “رتن” وڌو ۽ بعد ۾ “ڪهاڻي”، “ڀارت جيون” ۽ “آشا” به انهن کي گهڻو وڌايو. سکر جي رسالي “سنسار چڪر” ۽ ڪراچي جي “سنسار سماچار” جي ادبي پرچن، خواه “سنڌو رسالي” به ان طرف توجهه ڏنو، مگر انهن سڀني ۾ گهڻو حصو ترجمن جو هو.
    ننڍين ڪهاڻين جو پهريون طبع زاد ڪتاب “پنج” نالي سان سنڌ جي قابل اديب مسٽر عثمان علي انصاريءَ ميرپورخاص مان شايع ڪيو، جنهن جون پنج ئي آکاڻيون اسان جي قلب تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ڪن ٿيون. رسالو عبرت به هن ڏس ۾ سندر ساهتيه ۽ رتن کان پٺتي ڪونه پيو، ۽ مسٽر محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون اٽڪل اسي کن آکاڻيون شايع ڪيائين، جن مان “هار”، “اقبال جي ڀيڻ” ۽ “پنج گڏيون” ڪافي مشهور آهن. انهيءَ ضمن ۾ اهو ذڪرڪرڻ پڻ ضروري ٿيندو ته اهڙي هڪ ننڍي ڪهاڻي مسٽر محمد خان غنيءَ پڻ “محروم تمنا” جي نالي سان ترجمو ڪري 1946ع ۾ ڇپائي هئي. رسالي “آگي قدم” ۽ “باغيءَ” ۾ به چڱيون چڱيون ڪهاڻيون شايع ٿيون هيون ۽ هينئر وري “ادبي اداره سنڌ” هن راهه ۾ قدم رکيو آهي.
    پراڻي زماني جا قصا، تخليقي ڳالهين سان ڀرپور آهن ۽ اگرچه گهٽ پڙهيل عوام ۽ جُهلا انهن کي ڪافي همٿائين ٿا، پر ضروري آهي ته اهڙيءَ چيز کان ڪناره ڪشي ڪري سنڌي زبان ۾ نئين طرز جا اهڙا ناول شايع ڪيا وڃن جي قوم کي سڌارڻ ۽ وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين، جيئن ته اهڙن ناولن جو هي نئون دؤر آهي، تنهن ڪري فڪر ڪونهي، جيڪڏهن انهن ۾ ترجمن جو گهڻو انداز هجي. هر ڪنهن ملڪ ۽ ان جي ادب جو نئون دؤر هميشه ترجمن سان ئي شروع ٿيندو آهي. اهي ترجما پڙهي پڙهي نوجوان اصل ناول شايع ڪندا آهن، ان ڪري سنڌ جي ادب جي بهي خواهن تي لازم آهي ته هو انگريزي خواه اردو زبانن تان عمدا عمدا ناول ترجما يا تلخيص ڪري سنڌي ادب کي مزين ڪن ۽ منجهن معقول اضافو ڪن. وڏيون ڪهاڻيون به ان سلسلي ۾ ضروري چيز آهن، پر ڪهاڻيون جيئن ته سنڌيءَ ۾ اڳيئي چڱي انداز ۾ ترجمو ٿيل آهن، ان ڪري اهي ترجمن بدران اصلي يعني اوريجنل هجن ته زياده چڱو ٿيندو. اسان جي نوجوان طبقي کي اڪثر عشقيه ناولن سان شغف آهي، مگر جيئن علامه اقبال فرمايو آهي ته:
    آ تجهڪو بتادون مين تقدير امم ڪيا هي؟
    شمشير و سنان اول اور چنگ و رباب آخر!
    تيئن عشقيه اشعار ۽ ناول ئي آهن، جي قومن جي زوال کي آڻيندا آهن. قومن جو عروج بهادري ۽ انقلاب سندن ادب مان ئي پيدا ٿيندو آهي. اسان جا اديب حضرات جيڪڏهن قوم کي سڌارڻ ۽ وڌائڻ چاهين ٿا ته هو پنهنجا ناول خواهه آکاڻيون مجاهداڻي رنگ ۾ لکڻ تي زور ڏين. ازانسواءِ هينئر جن ناولن يا افسانن جي وڌيڪ ضرورت محسوس ڪئي وڃي ٿي. اهي اهڙا هئڻ گهرجن، جن جو واسطو سموري انسانيت جي بهتريءَ ۽ بهبوديءَ سان هجي، ڇو ته قوم اهائي اقبال ۽ ترقيءَ سان همڪنار ٿيندي جا پاڻ سان گڏ سموري انسانيت جي خيرخواهي چاهيندي هوندي.

    ناول جو موجوده دؤر
    اسان جي سنڌي ادب ۾ نثر جو ذخيرو اڳيئي ٿورو آهي، ويتر عمدا ڪتاب ته بلڪل ڪمياب آهن. قصن ۽ ڪهاڻين جي ڪمي ڪانهي، مگر اهي اڪثر بيسود آهن، نه منجهن ڪا خيالن جي گهرائي آهي ۽ نه اعليٰ ويچار آهن، تنهن ڪري انهن جي پڙهڻ مان ڪوبه مزو ڪونه ٿو اچي. هاڻي البت حالتون اميد افزا نظر اچي رهيون آهن ۽ اڪثر عوام گاهي بگاهي سنڌي ڪتاب پڙهندو نظر اچي ٿو. تڏهن به اهي فقط اٽي ۾ لوڻ برابر آهن. شڪر آهي جو هن ڏس ۾ ڪن علم دوست حضرات درد دل ڌاري پاڻ پتوڙڻ شروع ڪيو آهي. جيتوڻيڪ کين پگهر جو پورهيو به نٿو پڙ پوي، تاهم محض هن خيال کان ته سنڌي ادب اوج تي رسي، هنن گهڻو سعيو ڪرڻ شروع ڪيو آهي.
    پاڪستان جدا ٿيڻ بعد سنڌي زبان کي ختم ڪرڻ جا ناپاڪ حملا شروع ٿيا آهن، جن جي جواب ۾ سنڌي نوجوان ڀڙڪي اٿيا آهن ۽ “فردوس پبليڪيشن هالا”، “ادبي اداره حيدرآباد”، “پرهه ڦٽي حيدرآباد” جهڙا ادارا قائم ٿيا آهن، جن مان ڪي ناول ڇپائي چڪا آهن، ڪي ڇپائي رهيا آهن ۽ ڪي هن بعد ڇپائيندا. بزم فردوس هالا جو هڪ عمدو ناول ۽ “ڪاروان زندگي” محترم انجم هالائيءَ جو لکيل قابل ذڪر آهي.
    ان کان سواءِ ڪي جاسوسي ناول ۽ ڪي افسانا پڻ انفرادي طرح ڇپجي چڪا آهن. مثلاً بزم بسمل ٽنڊو محمد خان جي طرفان “شرابي” ۽ “گناهه جون راتيون” شايع ٿيل آهن.
    ادبي اداره جي طرفان:
    1) پڪو بدمعاش (جاسوسي) محمد بخش جوهر
    2) زبردستي (سماجي) محمد بخش جوهر
    3) باغي (سماجي) محمد بخش جوهر
    4) ڪاليجي ڪڪي (سماجي) محمد بخش جوهر
    5) شيطان جي ناني (سماجي) محمد بخش جوهر
    6) سکن جي لڙائي (تاريخي) محمد بخش جوهر
    7) شريف ڊاڪو (جاسوسي) محمد بخش جوهر
    8) تباهي حسيني محمد حافظ
    وغيره ڇپجي چڪا آهن.
    هن کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ناول شايع ٿيا آهن، جن مان ڪن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:
    1) طوطو مينا ماستر محمد يوسف ابڙو
    2) شير ميسور ماستر گل محمد شاهه رضوي
    3) زميندار سيد حيدر شاهه
    4) راهه نجات (زندگيءَ جو ترجمو) مسٽر الهه بخش ٽالپر
    5) پرديسيءَ جو پيار طبع زاد مسٽر الهه بخش ٽالپر
    اهي سڀيئي ناول اڪثر سال 1952ع جي پيدائش آهن:
    افسانوي ادب (Fiction) روز بروز نت نوان روپ اختيار ڪندو رهي ٿو. هينئر مختصر افساني ۽ ٻين ڪن صنفن جي ادبي دنيا ۾ گهڻي شهرت آهي. عوام لاءِ اهي گهڻي قدر پسنديده ۽ مرغوب چيزون آهن. ناول جي مقبوليت ۽ اهميت جيتري اوائلي دؤر ۾ هئي، هن دؤر ۾ ان کان به وڌيڪ آهي. مغربي دنيا ۾ بدستور ناول جي فن ۽ ٽيڪنڪ ۾ نيون نيون تبديليون ۽ اضافا رونما ٿيندا رهيا آهن. ان مان نه رڳو اهو ظاهر ٿئي ٿو ته هيءَ صنف ترقيءَ جون منزلون طي ڪري رهي آهي، پر اهو به ثابت ٿئي ٿو ته هيءَ صنف مستقبل ۾ زنده جاويد رهندي. رومزره جي مشاهدي مان اها ڳالهه بخوبيءَ معلوم ٿيندي ته ناول جي ضرورت موجوده دؤر ۾ وڌندڙ آهي. يورپ ۾ ته فلمون به ناولن تان ٺاهيون وينديون آهن.
    ناول جي فن سنڌي زبان ۾ ڪا خاص ترقي ڪانه ڪئي آهي. ورهاڱي کان اڳ جيتوڻيڪ ناول گهڻي تعداد ۾ شايع ٿيا، ليڪن صرف ٿورا اهڙا اصلوڪا ناول آهن جيڪي صحيح معنيٰ ۾ ناول چوائڻ جا مستحق آهن، البت ڪي سٺا ڪي ترجما ٿيل ناول چڱي تعداد ۾ اسان جي ادبي خزاني ۾ شامل آهن. قيام پاڪستان بعد ناولن جي اشاعت تمام سست رهي آهي. منهنجي خيال ۾ هن صنف جي ادب ۾ تجديد ۽ لکندڙن کي ترغيب ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌي زبان ۾ ترجمن ڪرڻ جو اهتمام ڪيو وڃي.
    1952ع بعد جيڪي ناول سنڌي زبان ۾ شايع ٿيا آهن، تن مان چند هي آهن:

    1) حسنه رسول بخش خمار
    2) سورج شاخون ڪڍيون محمد علي ڀٽي
    3) درياء جي ڪپ تي گل حسن گل
    4) انصاف ڪٿي آ؟ محمد دائود بلوچ
    5) نوران قاضي عبدالڪريم
    6) نازبوءِ فضل احمد بچاڻي

    مٿيان چند طبع زاد ناول ۽ انهن کان سواءِ ڪي ٻيا ناول اداره آواز ادب حيدرآباد جا شايع ڪرايل آهن.
    آر. ايڇ احمد برادرس حيدرآباد به چڱي انداز ۾ جاسوسي، تاريخي ۽ رومانوي ناول شايع ڪرايا آهن، جن مان ڪن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

    1) ابيلا لطف الله بدوي
    2) لاش خواجه غلام علي الانا

    ڊاڪٽر منظور احمد عرساڻيءَ به هن صنف ۾ پاڻ کي چڱو موکيو آهي. سندس هڪ طبع زاد ناول “ڪلب ۽ گهر” ۽ ٻيو “مجاهد” جو نسيم حجازيءَ جي اردو ناول تان ترجمو ٿيل آهي، ڇپجي چڪا آهن.
    هن دؤر ۾ انگريزي ناولن مان به ڪي سنڌيءَ ۾ ترجما ٿيا آهن، مثلاً:
    1) عاشي
    2) روح جي ڳولا
    پهريون سر رائيڊ هيگرڊ جي انگريزي ناول “She” جو ترجمو آهي ۽ ٻيو“Shadows in the wall” جو ترجمو آهي. اهي ٻيئي ناول فضل احمد بچاڻيءَ ترجمو ڪيا آهن ۽ دارالترجمه ٽنڊوالهيار ڇپايا آهن.
    انهن کان سواءِ ٻيا به ڪي ناول شايع ٿيا آهن، جي اداره ادب نو ۽ ادبيات وارن ڇپايا آهن.
    سنڌ جي مشهور اهل قلم محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ڪاوشن سبب سنڌي ناول ۾ حقيقي طور اضافو آيو آهي. تاريخي ناول جي فن ۾ کيس خاص ملڪو حاصل آهي، ان سلسلي ۾ سندس خدمات جو گذشته دؤر ۾ تذڪرو ڪيل آهي. هن مختصر عرصي ۾ به سندس ڪافي ناول شايع ٿيا آهن، جن کي ادبي حلقن ۾ گهڻو پسند ڪيو ويو آهي، انهن مان چند هي آهن:

    1) جپاني گڏي
    2) امڙ
    3) غازي انور پاشا
    4) آزاديءَ جي جنگ
    5) دکن جا مجاهد
    6) سانگهڙ

    مٿين سڀني ناولن مان سانگهڙ کي هڪ خاص مقام حاصل آهي. رائيٽرس گلڊ طرفان مصنف کي هن تخليق لاءِ انعام به ملي چڪو آهي. هن دؤر ۾ جيڪي به اهم ناول شايع ٿيا آهن، تن سڀني جو ذڪر ڪيو ويو آهي، ليڪن اها لسٽ مڪمل سمجهڻ نه گهرجي.
    هڪ ڳالهه پڙهندڙن کي ٻڌائڻ گهران ٿو ته هن ساڳئي دور ۾ هندستان ۾ سنڌي ناول طبع زاد خواه ترجما تمام گهڻا شايع ٿيا آهن. اسان وٽ انهن جي پنجين حصي جيترا به مس شايع ٿيا هوندا. هندستان جي مشهور ليکڪ سندري اتمچنداڻيءَ جا ٻه ناول “پريت پراڻي ريت نرالي” ۽ “ڪرندڙ ديوارون” سنڌ مان به شايع ٿيا آهن.
    چوڻ ۾ اچي ٿو ته سنڌي زبان ۾ ڪم از ڪم هڪ هزار کن ناول آهن. منهنجي ڌيان ۾ جيڪڏهن هزار نه هوندا ته به ڪم از ڪم ننڍا وڏا ناول، لوڪ ڪهاڻيون ۽ ننڍيون آکاڻيون تقريباً ستن سَوَن کان گهٽ ڪين ٿينديون. دعا آهي ته الله تبارڪ و تعاليٰ اسان جي سنڌي ادب جي گهڻگهرن کي توفيق ڏئي ته پنهنجي ادب سان عشق رکي، ان کي شاهوڪار بنائين. (آمين)


    سنڌي ڊرامو

    مرحوم حضرت مولانا عبيدالله صاحب سنڌي نور الله مرقده جن جي خدمت ۾ هڪ دفعي ڪنهن طالب العلم عرض ڪيو ته “سائين، هيءُ جو قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ته قيامت ۾ هر هڪ انسان جا اعمال سندس سامهون اچي بيهندا ۽ هن جا اعضا خود هن جي ڪردار ۽ گفتار، جيڪي هن فاني دنيا ۾ ڪيا هوندائين تن بابت شاهدي ڏيندا، اها ڳالهه اسان کي سمجهه ۾ نه آئي آهي، لهاذا مهرباني فرمائي ان مسئلي تي روشني وجهڻ فرمايو!” سبحان الله! شال رب العزت مرحوم جي خاڪ کي روشني وجهڻ فرمائي ۽ سندس روح پاڪ تي پنهنجي عنايات بي غايات جي پالوٽ ڪري، جنهن تي هن طرح ارشاد فرمايو. مولانا صاحب جن جواب ۾ فرمايو ته “ابا، اوهان ڪڏهن سئنيما ڏٺي آهي؟ طالب جواب ۾ باادب اعتراف ڪيو ته هن ٻاهران سئنيما ڏٺي آهي. تڏهن پاڻ فرمايائون ته پوءِ معاملو صاف آهي، جڏهن کانئن وضاحت طلب ڪئي ويئي، تڏهن وري پاڻ سوال پڇيائون ته مون کي ٻڌايو ته ڪوبه اداڪار (ايڪٽر) جيڪي به عمل اسٽوڊيو ۾ ڪئميرا جي اڳيان ڪري ڏيکاري ٿو، اهو ساڳيو اداڪار، فلم تيار ٿي وڃڻ بعد پاڻ به ڪنهن سئنيما هائوس ۾ ويهي، انهيءَ ساڳئيءَ فلم جو معائنو ڪري سگهي ٿو يا نه؟ طالب وراڻيو ته تحقيق سائين، هو پنهنجي اداڪاري (ائڪٽنگ) پاڻ پنهنجي اکين سان عام تماشبينن وانگر ملاحظه ڪري سگهي ٿو.” تڏهن پاڻ فرمايائون ته بس اوهان جي سوال جو جواب اوهان کي ملي ويو. طالب وري به مزيد وضاحت طلب ڪئي، جنهن تي مولانا عليه رحمته جن فرمايو “ابا، هيءَ ساري ڪائنات هڪ عظيم اسٽوڊيو وانگر آهي، جنهن ۾ قدرت جي ڪئميرا، انساني اعمالن جي فلم متواتر تيار ڪندي ٿي رهي ۽ هن دنيا جي اسٽيج تي سڀئي انسان ائڪٽرن جي حيثيت ۾ ڪم ڪندا نظر اچن ٿا ۽ روزِ جزا کين پنهنجي ڪيل ڪردارن ۽ گفتارن جو نهايت چٽيءَ طرح نظارو ڪرايو ويندو، جنهن کان هو هرگز انڪار ڪري نه سگهندا. اهڙيءَ طرح هنن جا اعضا مٿن شاهد هوندا. هٿن ۽ پيرن سان جيڪي ڪيو هوندائون زبان سان جيڪي چيو هوندائون، اکين سان جيڪي ڏٺو هوندائون، ڪنن سان جيڪي ٻڌو هوندائون، اهو سڀ سندن اڳيان عيان هوندو.”
    مٿيون مثال مون صرف ان ڪري ڏنو آهي ته اوهان صاحبن کي يقين ٿئي ته هيءَ ڪائنات سڄو هڪ ڊرامو آهي ۽ انساني زندگي اداڪاريءَ کان زياده اهميت نٿي رکي. هن دنيا جي اسٽيج تي اداڪار انسان، پنهنجي هر هڪ قول ۽ فعل لاءِ ڪيتري قدر مجبور يا مختار آهي، ان کي بالائي طاق رکي فقط هيترو قبول ڪرڻو ئي پوي ٿو، ته هن دنيا جي اسٽيج تي ويچارو انسان محض هڪ ائڪٽر جي حيثيت ۾ پنهنجون حرڪات و سڪنات ڪري رهيو آهي. درحقيقت ڊرامو هڪ فطري امر آهي ۽ ابتدائي آفرينش کان ئي وٺي انسان ۾ نقل ڪرڻ جو عنصر موجود آهي. هو هميشه ٻين جي جسماني چرپر جو نقل ڪندو رهي ٿو. اهوئي سبب آهي، جو ڊرامو ڪنهن به اثر کي ٻين تائين پهچائڻ ۽ جذبات کي اڀارڻ جو هڪ ڪارآمد ذريعو ثابت ٿيو آهي. ڊرامي جي ابتدا نقاليءَ سان ٿي آهي ۽ نقالي هڪ انساني جبلت آهي، جا فطرتن سندس طبيعت ۾ سمايل آهي.
    اسين روزانو ڏسي رهيا آهيون ته ٻار جڏهن سمجهه ڀريو ٿئي ٿو، تڏهن نقل ڪرڻ سکي ٿو. کائڻ پيئڻ، گهمڻ ڦرڻ، ڳالهائڻ، ٻولهائڻ، خواه ٻي حرڪات سڪنات ۾ ٻين جو نقل ڪرڻ شروع ڪري ٿو. استاد ارسطاطاليس جو قول آهي ته نقالي انساني جبلتن ۾ داخل آهي ۽ ان جي ابتدا ٻاراڻيءَ عمر کان شروع ٿئي ٿي ۽ ان جي ارتقا جو انتهائي ڪمال عمل ڊرامو آهي، ۽ ڊرامو عين فطرت آهي. هرهڪ ننڍو پنهنجي وڏي جي نقل ڪرڻ لاءِ منتظر ۽ بيتاب آهي ۽ اها فطري بيچيني ئي، هن فن لطيف يعني ڊرامي جي ابتدا آهي، جنهن کان ادبيات جو سلسلو شروع ٿئي ٿو. اهائي نقالي آهي جا ڊرامي جو پيش خيمو آهي ۽ ڊرامو ادب جي ابتدائي منزل آهي.
    ڊرامي جي فن جا ڪيترا پهلو آهن؟ ڪيترا بنيادي عناصر آهن؟ ڊرامي جي شروعات ڪيئن ٿي؟ ڪٿي ان جنم ورتو، ڪٿي ڦليو ڦُليو، ڪٿي پايهء تڪميل تي پهتو، اهو هڪ نهايت ئي طويل بحث آهي، جنهن جو هتي مفصل ذڪر ڪرڻ منهنجي مقصد کان ٻاهر آهي، جيئن مون پنهنجي مقالي “سنڌي ناول” ۾ عرض ڪيو آهي ته ادب جي هرهڪ پهلوءَ، نثر خواه نظم جي ابتدا هميشه مذهب کان ٿي آهي، ساڳيءَ طرح ڊرامي جو آغاز به ساڳين حالتن هيٺ ٿيل ٿو ڏسجي. اول اول يونانين ۽ هندن، جن جي مذهبن ۾ اصنام پرستيءَ جو رواج گهڻو هو، اتي ڊرامي جهڙي فن کي فطري سهولتون مهيا ٿي مليون ۽ هنن پنهنجي ديوتائن ۽ ديوين جي قصن کي ڊرامائي شڪل ۾ پيش ڪيو. مگر چونڪ ڊرامو هڪ قوم جي زندگيءَ جو عڪس آهي ۽ ادب جي هڪ اعليٰ ترين شاخ آهي، تنهن ڪري ضروري هو ته وقت جي حالتن موافق ڊرامي جو مقصد به بدلبو رهي، دراصل ڊرامو هرهڪ ملڪ ۽ وقت جي جدا جدا ماحول جي تقاضا آهر عوام جي اخلاق ۽ معاشري جي آئيني هجڻ جي حيثيت رکي ٿو. ان سان گڏوگڏ عوام جي تفريح طبع جو پڻ ذريعو آهي. درحقيقت ڊرامي جو اصل مقصد صرف تفريح نه آهي، مگر قوم لاءِ تبليغ ۽ تلقين جا فرائض پڻ افضل نموني ۾ انجام ڏيئي سگهي ٿو. مگر جهڙيءَ طرح اسان پنهنجي ناول نويسيءَ واري مقالي ۾ اشارو ڪيو آهي ته غير مهذب يا فاحش ناولن مان بجاءِ اصلاح جي بڇڙائي وڌي ٿي. ساڳيءَ طرح ڊرامي نويسيءَ جي اهم جوابداري به جيڪڏهن ڪن نااهل ماڻهن جي سپرد ڪئي ويئي ته فائدي جي بجاءِ ضرور نقصان ٿيندو ۽ عوام جي مذاق ۽ اخلاق خراب ٿيندا، تنهن ڪري ادب جي ڪشتي بانن جو فرض آهي ته بلڪل سختيءَ سان ڏسن ته ڊرامي مان سچو پچو مقصد حاصل ٿئي ٿو يا نه، ۽ ڪوشش وٺي انهن ۾ مناسب تبديلي آڻين، جيئن عوام جا اخلاق نه بگڙن، جهڙيءَ طرح اڄڪلهه سئنيمائن اندر صرف عشقيه ناٽڪ ڏيکاري قوم جي نونهالن جي ستياناس ڪئي وڃي ٿي، جنهن به کيل کي جانچي ڏسبو ته ضرور ڪانه ڪا ڇوري هوندي ۽ پٺيانس ٽولا عاشقن جا هوندا. عشق ته وري اهڙو سستو هوندو جو يا ڪنهن تالاب جي ڪناري تي گهاگهر ڀريندي اکيون اٽڪي وينديون يا ڪنهن ٽرين ۾ بئگ بدلجي وڃڻ سان نينهن جي ناؤڪ چُڀي ويندن يا ڪنهن بس ۾ ڪلهو ڪلهي سان لڳڻ شرط چت چورائجي ويندو يا ڪنهن جهنگل ۾ سير ڪندي طوفان ۾ دوپٽو اڏامي وڃي، ڪنهن عاشق بدنام جي ڪلهن ۾ پوندو ۽ حضرت عشق اچي حاضر ٿيندو يا ڪنهن اسڪول يا ڪاليج ۾ عشق جو انڌ چڙهي ويندو يا ڪنهن سئنيما جي سر ويندو يا مندر ۾ مصيبت پوندي يا ڪو موٽر جو ائڪسيڊنٽ ٿيندو يا هوٽل جي ڪمري ۾ لنئون لڳندي يا اسپتال ۾ آپريشن ٽيبل تي مٿو ويندو. مطلب ته اهڙا ڊراما ته سم قاتل کان گهٽ اثر ڪونه ٿا رکن.
    منهنجي ڌيان ۾ ڊرامي جا مکيه ڀاڱا صرف ٻه آهن جن کي انگريزي زبان ۾ (1) ٽرئيجڊي (2) ڪاميڊي چيو وڃي ٿو. جن جو ترجمو عربيءَ ۾ حزنيه ۽ طربيه ٿي سگهي ٿو. سنڌي زبان ۾ ٽرئيجڊي اهو ڊرامي جو قسم آهي، جنهن جي ساري قصي جي پڇاڙي غم يا حزن ۾ پوري ٿئي. هن کي جيڪر ٻين الفاظن ۾ غم انجام ڊرامو سڏجي. ڪاميڊي اهو ڊرامي جو قسم آهي جنهن جي سڄي ڪهاڻيءَ جي پڇاڙي طرب يا خوشيءَ ۾ ختم ٿئي. ان کي جيڪر ٻين لفظن ۾ خوش انجام ڊرامو ڪوٺجي. گهڻا ماڻهو اڪثر خوش انجام ڊرامي ڏسڻ ۾ راضي هوندا آهن، جنهن لاءِ هنن وٽ اهو دليل هوندو آهي ته “هي دنيا اڳيئي رنج و محن سان ڀري پيئي آهي ۽ انسان ويچارو سدائين پيو ڳڻتين ۾ ڳري، ويتر جو تفريح جو موقعو ملي، اهو به وڃي ڪنهن غم انجام ڊرامي ۾ صرف ڪجي ته يقينن اها هڪ مصيبت ٿي پوندي. مگر منهنجو رايو ته هيءُ آهي ته رنج ۽ مصيبت جو ڊرامو ڏسندي، انسان ڳنڀير نظر اچي ٿو، اداڪارن جي ڏک کي هو پنهنجو ڏک ڪري سمجهي ٿو. هنن کي روئندي ڏسي کانئس به کلڻ موڪلائي وڃي ٿو. هنن جي اعمالن ۾ هو پنهنجي جذبات جو عڪس ڏسي ٿو. هنن جي حياتي ۾ کيس پنهنجي زندگي نظر اچي ٿي. هو پاڻ کي انهن کان جدا ڪري نٿو سگهي. ٿورن جي پڪار هزارن جي پڪار ٿيو پوي. غم انجام ناٽڪ ڏسندي انسان جيڪي ڳوڙها ڳاڙهي ٿو سي سندس اندر جو ميل ڌوئي کيس غلاظتن کان صاف ۽ پاڪ ڪن ٿا. بيشڪ اهڙي اثر پيدا ڪرڻ لاءِ ڊرامي جو مضمون نهايت اعليٰ هئڻ گهرجي ۽ ٻولي سپڪ ۽ سلوڻي هجي. غم انجام پلاٽ، ڏسندڙ جي منهن تي ملال ضروري آڻي ٿو، مگر اهو ملال نه آهي، پر هڪ تاثر آهي جو ماڻهو جي چهري تي سندس ڪن اعليٰ خيالات ۾ محو هجڻ وقت ڏسبو آهي. خوش انجام ناٽڪ ۾ بظاهر انسان کي سڀ ڪجھ پنهنجي مرضيءَ موجب ملي وڃي ٿو ۽ اداڪار جيڪو چاهين ٿا، اهو سڀ کين حاصل ٿئي ٿو. مگر حقيقت ان جي برعڪس آهي. حياتيءَ ۾ ڪيترائي واقعا آدميءَ جي خلاف خواهش ٿين ٿا. هن جون مرادون گھڻي ڀاڱي اڻپوريون رهجي وڃن ٿيو. ڪيترا دفعا انسان جو تير نشان تي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي ڪري پوي ٿو ۽ کنڊ بدران کيس لوڻ نصيب ٿئي ٿو. غم انجام ناٽڪ ڏيکاري ٿو ته “بندي جي من ۾ هڪڙي، صاحب جي من ۾ ٻي”. انسان جي تقدير سندس تدبير کان وڌيڪ طاقت مند آهي. خوش انجام ناٽڪ ۾ هر طرف کان خوشي ئي خوشي آهي. انهيءَ دنياءَ ۾ سج اڀري ٿو تنهن کي ڪارا ڪڪر نٿا ڍڪين. انهيءَ دنياءَ ۾ دائما ڏينهن آهن. جيڪڏهن بعضي کڻي رات ٿئي به ٿي، ته اها سهائي رات آهي نه اونداهي. اتي سراسر روشني ۽ خوشي آهي ۽ ڏک درد جو ڪو به نشان ڪونهي. غم انجام ناٽڪ ڏيکاري ٿو ته گل جي چوڌاري ڪنڊن جو لوڙهو آهي. بهشت جي بهاريءَ سان گڏ دوزخ جا عذاب به آهن. شربت جي پيالي ۾ زهر پڻ گڏيل ٿي سگھي ٿو. ائين هرگز سمجھڻ نه گھرجي، ته ڏک درد جو داستان، انسان کي محض مايوس ۽ نااميد ڪري ٿو، مگر غم انجام ناٽڪ ۾ مکيه اداڪار (هيرو) موت ۾ ئي محبوب جو مشاهدو ماڻي ٿو.
    مرين تان ماڻئين، جانب جو جمال
    هاڻي اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته سنڌي ڊرامن جي ابتدا ڪڏهن کان ٿي، ڪهڙين ٻولين جو مٿس اثر پيو. ڪهڙا ڪهڙا ڊراما اسان جي پياري زبان ۾ لکيا ويا. ڪهڙن ڪهڙن صاحبن هن ميدان ۾ قلم فرسائي ڪئي ۽ هن فن لطيف کي سنڌ اندر ڪهڙو مستقبل آهي؟
    سال 1853ع ۾ جڏهن انگريزن جي ڪوشش سان سنڌي زبان جي الف_ب ٺهي راس ٿي، ان وقت تائين. سنڌي ناول خواهه ڊرامي جو نالو به ڪونه هو. بعد ۾ رفتي رفتي سنڌي اسڪول ۽ انگريزي اسڪول کليا، تڏهن اتي ننڍن ننڍن مڪالمن لکڻ ۽ اسٽيج تي آڻڻ جو رواج پيو، جن ۾ پاڻ خاص طرح هندو عنصر جو وڏو حصو هو. هوڏانهن هندوستان ۾ اردو زبان زور وٺندي ٿي ويئي ۽ ڪي ناٽڪ ڪمپنيون پڻ وجود ۾ آيون، جن جي سعيي ۽ ڪوشش سان چند عشقيه ڊراما ڇپجي ظاهر ٿيا ۽ اسيٽج تي آندا ويا. مثلاً راجا اندر، خدا دوست، خوبصورت بلا، هرشچندر، ليليٰ مجنون، شيرين فرهاد ۽ شڪنتلا وغيره، اسان جي پياري سنڌ جي وڇڙيل تخت گاهه ڪراچيءَ ۾ هڪ “جميله” نالي جنهن کي عام طور“جنبيلان” سڏيو ويندو هو ۽ ٻي “رازل” نالي ٿئيٽريڪل ڪمپنين طرفان، نيپئر روڊ تي ٻه ٿئيٽر هائوس قائم ٿيا، مٿي ذڪر ڪيل کيل متواتر ڏيکاريا ويندا هئا ۽ سڄي سنڌ مان شوقين جوان ڪهي اچي اهي ڏسندا هئا. بعد ۾ گجراتي ڪمپنيءَ پڻ ساڳئي روڊ تي جنم ورتو ۽ هڪ شاندار ٿئيٽر هائوس تعمير ڪرايو، چونڪ سنڌي ماڻهو اردو زبان سان گھڻي قدر مانوس هوندا آهن، لهاذا انهن ۾ پڻ فني رشڪ جاڳيو ۽ چند سنڌي اديبن ڊراما لکڻ شروع ڪيا. انهن ڊرامي نويسن ۾ جيتوڻڪ وڏو حصو هندو صاحبن جو هو، تاهم اسان سنڌي زبان مسلمانن کي فخر آهي جو پهريون شخص جنهن هن راهه ۾ مضبوط قدم رکيو، اهو هو اسان جي سنڌ جو ماياناز، مشهور ۽ لاثاني اديب مرحوم مرزا قليچ بيگ صاحب حيدرآبادي. مرحوم مرزا صاحب هن فن تي طبع آزمائي ڪرڻ لاءِ اول حجاب جو پردو چاڪ ڪري ٻين سيکڙاٽن لاءِ راهه کولي وڌي. پهريون ناٽڪ جو مرزا صاحب مرحوم سال 1880ع ۾ لکيو اهو هو “ليليٰ مجنون” ان بعد 1885ع ۾ وري خورشيد نالي هڪ ڊرامو لکيائين جو ڪنهن گجراتي ناٽڪ جو ترجمو هو. ان بعد ڪيترن هندو سڄڻن جن جي ادبي خدمات جو اعتراف نه ڪرڻ هڪ وڏو گناهه ٿيندو، هيٺئين طرح ڌڙا ڌڙ ڊراما لکڻ شروع ڪري ڏنا.
    (1) 1888ع ۾ ديوان ڪوڙي مل چندن مل “راجا هرشچندر” نالي هڪ ڊرامو لکيو جو هڪ سنسڪرت ڊرامي جو ترجمو هو.
    (2) جلد ئي ماسٽر جيٺانند ساڪن ڀريا “نل دمينتي” نالي هڪ ڊرامو تيار ڪيو، جو ڪنهن هندي ڊرامي جو ترجمو هو.
    (3) مسٽر لوڪ سنگهه ۽ ليلا رام سنگھ هڪ ڊرامو “دروپديءَ” نالي سان لکيو.
    (4) ساڳئي مسٽر ليلا رام سنگھ ٻه ٻيا ناٽڪ لکيا جن جا نالا “موهن تارڪا” ۽ “سورجن راڌا” هئا.
    ياد رکڻ گھرجي ته 1885ع کان وٺي ڊرامي نويسي شروع ٿي، مگر 1894ع تائين لکيل ڊرامن مان ڪوبه اسٽيج تي ڪونه آندو ويو. جلد ئي سنڌ ۾ ڊرئميٽڪ سوسائٽيون قائم ٿيون. مثلاً سال 1894ع ۾ ڊي. جي ڪاليج اميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽي برپا ٿي، جنهن سال 1913ع تائين چڱو ڪم ڪيو ۽ جيڪي به سنڌي زبان ۾ ناٽڪ شايع ٿيا. اهي ڪاميابيءَ سان اسٽيج تي آندا ويا. سال 1896ع ۾ وري به مرزا صاحب مرحوم هڪ ڊرامو “شڪنتلا” نالي سان لکيو.جو اصل ڪاليداس جي هندي ڊرامي جو ترجمو هو. ان بعد حيدرآباد سنڌ ۾ به هڪ “حيدرآباد اميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽي” قائم ٿي. هن سوسائٽيءَ جي سهاري هيٺ ڪي ناٽڪ مسٽر نانڪرام ڌرمداس لکي پيش ڪيا. جن مان چند هي آهن: (1) فريبي فتنه (2) نيڪ انجام (3) پتي شيوا (4) پريم ڀڳتي جو هڪ هندي ناٽڪ “بلو منگل” جو لفظ بلفظ ترجمو هو. ان کان علاوه حيدرآباد ۾ هڪ ٻي به ناٽڪ منڊلي قائم ٿي، جنهن جو نالو هو“نصرپور پرديسي سارسوت برهمڻ ڊرئميٽڪ سوسائٽي” هن ڪمپنيءَ به ڪيترائي ناٽڪ شايع ڪرايا، جن مان چند هي آهن: (1) دورنگي دنيا (2) پريمي پتنگ (3) بيوفا قاتل (4) ڪلجڳ جا ڪلور (5) ڪشور موهني وغيره.
    سال 1907ع ۾ وري لاڙڪاڻي ۾ ڊرامي جو شوق جاڳيو ۽ “چانڊڪا اميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽي” قائم ٿي. جنهن جو مکيه ڪارڪن مسٽر ڪشنچند بيوس هو. هن ڪمپنيءَ موهن تارڪا، هرشچندر، شڪنتلا ۽ چندرا ولي کيل اسٽيج تي آڻي ڏيکاريا. سال 1917ع ۾ “ڌرم اپڪار اميچوئرس ڊرئميٽڪ سوسائٽي” شڪارپور ۾ قائم ٿي. جنهن ۾ مسٽر چانڊومل کتريءَ “مهجور” ۽ “چندر” ٻه کيل لکيا.
    مٿي ذڪر ڪيل زمانو سنڌي ناٽڪ نويسيءَ جو پهريون دﺆر چئجي ته بجا آهي، جنهن ۾ تقدير کي تدبير تي غالب ڏيکاريو ويندو هو ۽ انسان کي حقير، ناتوان ۽ عاجز تعبير ڪيو ويندو هو. هن بعد سنڌي ڊرامي جو ٻيو دﺆر شروع ٿيو، پهرئين دﺆر ۾ اوهان صاحبن ڏٺو ته سڀئي سنڌي ڊراما، اردو يا هندي ڊرامن تان ترجمو ڪيا ٿي ويا، مگر ٻئي دﺆر ۾ وري جن صاحبن انگريزي زبان ۽ ٻين ٻولين تان ڊراما ترجمو ڪرڻ جي شروعات ڪئي، هنن ترجمن جو آغاز پڻ مرزا قليچ بيگ مرحوم کان ٿيو، پهرئين دﺆر ۾ انسان تقدير تي ڀاڙي ويهي ٿو ۽ ان کي هر شيِءِ آ غالب سمجھي ٿو، مگر ٻئي دﺆر ۾ نظريو بلڪل بدليل نظر اچي ٿو، جتي انسان سعيي ڪوشش ۽ تدبير سان پنهنجي تقدير ٺاهي سگھي ٿو، ۽ عليٰ لاعلان چئي ڏئي ٿو ته قسمت انسان جي فعلن جو نتيجو آهي. جيڪڏهن سندس فعل نيڪ آهي ته سندس قسمت به چڱي آهي. اهو نظريو هن دﺆر ۾ ڊرامن ۾ ان ڪري داخل ٿيو جو اڪثر ڊراما جيڪي انگريزي زبان مان ترجمو ڪيا ويا. اُهي سڀ هڪ عظيم المرتبت انگريزي ڊرامي نويس شيڪسپيئر جي ناٽڪن جو ترجمو هئا، جن جو تاڃي پيٽو اهوئي نظريو آهي. جن حضرات شيڪپيٽر جي ڊرامن جا ترجما ڪيا آهن، انهن مان مرزا صاحب مرحوم خصوصيت سان قابل آهي. صاحب موصوف هيٺيان ڊراما ترجمو ڪيا:

    (1) ڪنگ ليئر “شاهه ايليا” جي نالي سان.
    (2) مرچنٽ آف وينس “حسنا دلدار” جي نالي سان.
    (3) سمبيلائين “شمشاد مرجانه” جي نالي سان.
    (4) ٽوجنٽلمين آف ويرونا “گلزار ۽ گلنار” جي نالي سان.
    (5) هئمليٽ “شهزادو بهرام” جي نالي سان.

    ازانسواءِ مرزا صاحب مرحوم لارڊلٽن جي مشهور ناول “مارننگ ائنڊ نائٽ” جو ترجمو “فيروز” نالي ڊرامي جي صورت ۾ ڪيو. صاحب موصوف هڪ اردو ناٽڪ “خوبصورت بلا” جو ترجمو پڻ “نيڪي بديءَ” جي نالي سان ڪيو. مرزا صاحب جي گھڻن ناٽڪن ۾ مثال طور “خورشيد” يا “نيڪي بديءَ” ۾ نثر جيڪواستعمال ڪيل آهي، تنهن ۾ تڪ بنديءَ وارو قديمي طريقو جنهن کي جيڪر شاعر اڻو نثر چئجي. اختيار ڪيل آهي.
    مرزا صاحب مرحوم جي خدمت کان پوءِ جن به ٻين صاحبن ڊرامي تي طبع آزمائي ڪئي، انهن جومختصر ذڪر ڪرڻ نهايت ضروري آهي. مسٽر ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ شيڪسپيئر جي هئمليٽ جوسنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. مسٽر ڀاڳچند آڏواڻيءَ شيڪسپيئر جي “اَٿيلو” نالي ڊرامي جو ترجمو ڪيو. مشهور سنڌي اديب مسٽر ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ وري شيڪپيئر جي ڊرامي “ڪنگ جان” جو ترجمو ڪيو، جنهن جو نالو “حرص جو شڪار” رکيائين. انهن کان سواءِ هيٺين صاحبن سندن نالن سامهون ڄاڻايل ڊراما لکيا:

    (1) مسٽر آسانند مامتورا ٽئگور جي ڊرامي پوسٽ آفيس جو ترجمو“ڊاڪ گھر” جي نالي سان ڪيو.
    (2) مسٽر تيرٿ وسنت ٻه ڊراما لکيا. هڪ ٽئگور جي ناٽڪ “چترواليءَ” جو ترجمو ٻيو شيڪپيئر جي ڊرامي “قلو پطرا” جو ترجمو“ملڪ” جي نالي سان لکيو.
    (3) مسٽر شيوا سنگھ هريسنگھ اجواڻيءَ هڪ مشهور ناٽڪ نويس. شيريدان جي ڊرامي “پزئرو” جو ترجمو “ڪنشٽ” نالي سان ڪيو.
    (4) مسٽر تيجومل شاهاڻي، هڪ ڊرامو “پرتاب سنگھ” نالي سان لکيو.
    (5) سنڌ جي مشهور معروف اديب مسٽر لالچند امر ڏني مل جڳتياڻيءَ سن 1911ع ۾ هڪ ڊرامو “نقد ڌرم” ٻيو 1919ع ۾ “ڀارت ڄاوا اٿ اٿي جاڳ” نالي سان لکيا.
    (6) مسٽر موٽومل گدواڻيءَ سن 1927ع ۾ هڪ ناٽڪ “وسند لڪشمي” شايع ڪيو.
    (7) مسٽر ليکراج عزيز پڻ ٻه ناٽڪ هڪ “ڪمار اجيت سنگھ” ۽ ٻيو “غريبان مار” لکيا.
    (8) مسٽر ڪشنچند “بيوس” وري هڪ خوبصورت بلا، ٻيو سورداس، ٽيون هرشچندر، چوٿون پرت پوڄارڻ، پنجون هارجيت وغيره نالن سان ڊراما لکيا.
    (9) مسٽر هرومل پريمچند پڻ هڪ ڊرامو “نول لڪشمي” نالي شايع ڪرايو.

    سنڌي ڊرامي نويسيءَ جو ٻيو دﺆر هتي ختم سمجھڻ گھرجي.
    سال 1923ع ۾ جڏهن بنگلاديش جي هڪ عظيم الشان شاعر رابندر ناٿ ٽئگور جا ڊراما دلچسپيءَ سان پڙهيا ۽ ترجما ڪيا ويندا هئا، تڏهن حيدرآباد سنڌ ۾ هڪ “لٽرري ڊرئميٽڪ ڪلب” جو بنياد پيو. هن ڪلب جو اصول اهو هو ته جنهن صورت ۾ ڊرامو زندگيءَ جو هوبهو هڪ آئينو آهي، تنهن صورت ۾ ڇو نه هڪ ناٽڪ، جو سنڌي زبان ۾ لکيو وڃي، سو زماني جي حالات، وقت جي واقعات ۽ مسائل تي لکڻ ۾ اچي ۽ ان ۾ معاشرتي يا سماجي ڪمزورين کي ننديو وڃي ۽ انهن جي دور ڪرڻ جي ڪوشش وٺڻ ۾ اچي! هاڻي مٿئين اصول جي مدنظر ڊراما لکجڻ شروع ٿيا. هن ڪلب جي هڪ شاخ ڪراچيءَ ۾ کلي ۽ خانچند درياڻيءَ جيڪي چند ڊراما لکي پيش ڪيا. انهن جا نالا هي آهن:
    (1) “ملڪ جا مدبر” جو “پلر آف دي سوسائٽي” جو ترجمو هو.
    (2) “ديش صدقي” جو “ميٽرلنڪ” تان ورتل هو.
    (3) “انسان ڪي شيطان”، “ساروز آف دي سيٽن” جو ترجمو هو.
    (4) “غلط فهمي” جو “اسٽيلن” تان ترجمو ڪيل هو. ان کان سواءِ ٻيا به چند ننڍا ڊراما مثلاً “رتنا”، “زمينداري ظلم”، “زماني جي لهر ۽ بک جو شڪار” پڻ لکي شايع ڪيائين. مٿي اوهان سڀ هندو صاحبن جا نالا ٻڌندا ٿا اچو، جنهن ڪري اوهان کي ضرور افسوس ٿيو هوندو ته مرزا قليچ بيگ مرحوم کانپوءِ وري ڪو به مسلمان ڊرامي نويس ٻڌڻ ۾ ئي ڪونه آيو آهي. مگر اوهان جو اهو ڏک خوشيءَ ۾ مٽجي ويندو، جڏهن اوهان کي هاڻ چند مسلم هستين جا اسماء گرامي به ٻڌڻ ۾ ايندا.
    مسٽر احمد چاڳلا نالي ڪراچيءَ جي هڪ ادبي خدمتگار، حيدرآباد ٽئگور ڪلب وارن کي هڪ “خوني” نالي ناٽڪ تُرڪي زبان تان ترجمو ڪري پيش ڪيو. ان کان علاه هينري ابسن جي ڪن ڊرامن جا ترجما، مثلاً “ديس جو دشمن” ۽ “ڀوت” نالي پڻ لکي پيش ڪيائين. هن بعد اسان جي محترم آغا عبدالنبي ڪليڪٽر جي ڀاءُ مرحوم آغا غلام نبي خان پڻ هڪ ڊرامو بنام “دنيا دورنگي عرف عشق نيرنگي” شايع ڪيو، جنهن جي پڙهڻ سان نهايت گھڻو درد ۽ انتهائي درجي جي خوشي به هڪ وقت محسوس ڪئي وڃي ٿي. ان کان پوءِ اسان جي بلند پايي اديب مسٽر عثمان علي انصاريءَ جو نالو پڙهڻ سان پڙهندڙ حضرات ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙندي. صاحب موصوف پڻ شيڪپيئر جي چند ناٽڪن جا بهترين سنڌي ۾ ترجما ڪرڻ سان، سنڌي ادب جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، ان کي سنڌي ادب جا گھڻگھرا ڪڏهن به وساري نٿا سگھن. سندس ٻه ڊراما “جرم وفا” ۽ “گمراهه دوست” بيشڪ ادبي شاهڪار آهن، جي صاحب موصوف شيڪسپيئر جي “سمبلائين ۽ ٽوجينٽلمين آف ويرونا” تان ترجما ڪيا آهن. هن بعد وري به اسان جي هندو ڀائرن جي خدمتن جو ذڪر ايندو جن جي اڻٿڪ ڪوششن هميشه ڪجھ نه ڪجھ سنڌي ادب ۾ اضافو ڪندي رهي هئي. مسٽر لالچند امر ڏنو مل صاحب هيٺيان ڊراما لکيا:
    (1) عمر مارئي (2) سسئي پنهون (3) سهڻي ميهار (4) ڪنگس وائين جو ترجمو ۽ ٻيا هڪ ائڪٽ وارا ناٽڪ لکيائين جن مان چند هي آهن: (1) لک ڏيڍ کي لت (2) وچن (3) گانڌي (4) بسنتي ديوي (5) عملدار ڪي رعيت آزار (6) سيڻ ڪي ويڻ وغيره وغيره. ڊاڪٽر ليلا رام ڦيرواڻيءَ “ليلا چنيسر” جي آکاڻي “هڪ رات” جي نالي سان ڊرامائي صورت ۾ آڻي پيش ڪئي. مسٽر رام پنجواڻيءَ وري “مومل راڻي” جو قصو ڊرامي ۾ آندو. پروفيسر منگهارام اُڌارام ملڪاڻيءَ پڻ هيٺيان چار ڊراما تيار ڪيا: (1) قسمت، (2) ايڪتا جو آلاپ، (3) کن جي خطا، (4) انارڪلي.
    يڪبار وري به هندو ڊرامي نويسن جي وقفي کان پوءِ چند مسلم اديبن جي لکيل ناٽڪن جو ذڪر ڪجي ٿو. انهن صاحبن مان هڪ مسٽر محمد عثمان ڏيپلائي آهي، جنهن صاحب سنڌي ادب جي ميدان جي هر هڪ گوشي ۾ پنهنجو قلمي مرڪب خوب ڊوڙايو آهي. تاريخ افسانا، ناول، مذهب، فن ڊراما، شعر، سياست، مطلب ته اخبار نويسيءَ تائين به وڃي ڪمال ڪيو اٿس. هن صاحب ڪيترائي ننڍڙا انقلابي ڊراما لکيا آهن، جن جا نالا آهن: نورجھان جو پٽ، سجائي موڙي، ڪانگريسي ڄار، شاهدي ۽ نجومي وغيره.
    پڇاڙيءَ ۾ بندي جو نالو به سنڌي ڊرامي نويسن جي صف ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.
    منهنجو ڊرامو “بدنصيب ٿري” جو مون 1939ع ۾ تعليم بالغان جي تبليغ ڪرڻ جي خيال کان جوڙيو هو سو ڪافي مقبول عام ٿي چڪو آهي. جن صاحبن جي مطالعي هيٺ آيو هوندو، اهي ئي ان جو قدر ڪري سگھندا. نه فقط ايترو، مگر منهنجو هڪ ٻيو ڪتاب “ڊزن ڊايالاگ” جي نالي سان پڻ ڪافي شهرت حاصل ڪري چڪو آهي، ان ۾ جيڪي ٻارهن ڊايالاگ درج ڪيل آهن انهن مان هرهڪ پنهنجي جاءِ تي پسنديده آهي. علاوه ازين منهنجو ٽيون ڪتاب “حسن پروين” پڻ پڙهڻ سان تعلق رکي ٿو. هن ۾ جملي ٽي ننڍا مگر مڪمل ڊراما آهن:
    (1) حسن پروين، (2) قول جي سچائي، (3) ميوه مشقت، ازانسواءِ تازو هڪ ننڍڙو هڪ ائڪٽ وارو ڊرامو “ولي عهد جي چونڊ” نالي سان لکي ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد سنڌ جي گذريل سالانه نمبر ۾ شايع ڪرايو اٿم. هو پڻ عوام کي ڪافي پسند پيو آهي.
    1954ع کان وٺي هن دﺆر تائين صرف ڪن چند اديبن جا ڊراما شايع ٿيا آهن. ازانسواءِ سماهي مهراڻ ۽ نئين زندگيءَ خواهه ٻين ڪن رسالن ۾ ڪي انگريزي ۽ اردوءَ تان ترجمو ٿيل ڊراما پڻ ڇپجي چڪا آهن.
    جدا جدا ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ ۽ ڪن ثقافتي ۽ ادبي ميڙن ۾ به بعض اوقات ڊراما اسٽيج تي آندا وڃن ٿا. اهي يا ته اڳ ۾ ئي لکيل هوندا آهن. يا وري موقعي جي مناسبت سان ڪنهن اديب کان اهڙو ڊرامو لکايو ويندو آهي.
    ادبي حلقن ۾ سنڌي ڊرامي جي قلت واري احساس کي “ريڊيائي ڊرامي” به ڪنهن حد تائين دور ڪيو آهي. اسان وٽ ڊرامي نويسيءَ جو هو هڪ نئون قسم آهي، جو ريڊيو تان نشر ڪيو وڃي ٿو. هن وقت تائين جيڪي به وڌيڪ ڊراما لکيا ويا آهن، تن جي مختصر فهرست هيٺ درج ڪجي ٿي.

    ترجما

    1. ٽپال گھر (ٽئگور) مترجم الاهي بخش بلوچ
    2. موسم ۽ محنت (ريڊيائي ناٽڪ) مترجم مصطفيٰ قريشي
    3. سورج مکي (ريڊيائي ناٽڪ) مترجم ممتاز مرزا
    4. معزز طوائف (زان پال سارتر) مترجم غلام نبي ميمڻ
    5. اي ڪپهه جا گوگڙا (سردار گربخش سنگھ)
    مترجم: محمد خان جمالي
    6. کلندي کلندي مري ويو (چيخوف)
    مترجم: چنا بشير
    7. انصاف (وليم شيڪپيئر)
    مترجم: محبوب علي جوکيو

    طبعزاد

    1. چوڙيلڻ رائچند چيلهار
    2.. وڻجارا سندري اتمچنداڻي
    3. نجومي محمد عثمان ڏيپلائي
    4. هيڊروجن بم کان پوءِ ابن حيات
    5. جن جھونا ڳڙهه جلايو ظهور انصاري
    6. دريا خان شبير چنا
    7. دلڪشا محمد اسماعيل عرساڻي
    8. سورٺ ۽ راءِ ڏياج محمد اسماعيل عرساڻي
    9. جھڪندڙ ديوارون موهن ڪلپنا
    10. ضعيف انسان ايم. يو. ملڪاڻي
    11. آخري رات ممتاز مرزا
    12. گھاتو گھر نه آئيا سراج
    13. روپ ٻهروپ (ريڊيائي ناٽڪ) آغا سليم
    14. چوراهو (ريڊيائي ناٽڪ) مراد علي مرزا
    15. اڪبر جو هڪ ڏينهن سراج
    16. سڃا سيج پلنگ شبير چنو
    اوهان صاحبن سنڌي زبان جي تقريبن سـﺆ سوا ڊرامن جا نالا ٻڌي في الحال ته نهايت خوش هوندا ته شڪرانا خدا جا، اسان جي سنڌي زبان به ڊرامن جو ڪافي ذخيرو رکي ٿي. مگر اوهان کي اهو معلوم ڪري بلڪل افسوس ٿيندو ته انهن ڊرامن جي حياتي فقط هڪ حباب واري حياتي هئي. انهن ڊرامن مان صرف ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا باقي وڃي رهيا آهن، جي اڃا ساهه کڻن پيا، ورنه ٻيا سڀ پنهنجي فطرت موت هن کان گھڻو اڳ مري چڪا آهن ۽ پهرين ئي ايڊيشن ڇپجڻ بعد وري ڪنڌ ڪو نه کنيائون. ان جو وڏو ڪارڻ هيءُ هو ته انهن ڊرامن مان طبعزاد ڊراما بلڪل ٿورا يا قطعي ڪونه هئا. اڪثر ڪري سڀئي ٻين ملڪن جي ٻولين تان حرف بحرف ترجما ٿيل هئا. جن ۾ تهذيب، رسم ۽ رواج پڻ ڌارين هئي. تنهن ڪري سنڌين جي دل بستگيءَ جو باعث هرگز ڪين بڻيا.
    ٻيو هيءُ سبب به هو ته هندو ڊرامي نويسن جي ناٽڪن ۾ مذهبي عصبيت جو هجڻ ۽ هندو رسم ۽ رواج جو ذڪر اذڪار مسلمانن جي دلچسپيءَ لاءِ قطعن سامان مهيا ڪري نه سگھيو.
    ٽيون سبب جو نظر اچي ٿو سو شايد هو ته سنڌ ملڪ جون اهي قديم آکاڻيون مثلاً مومل_ راڻو، سسئي_پنهون، عمر_ مارئي، سهڻي_ ميهار، ليلا_ مجنون ۽ دودو_ چنيسر وغيره جن کي سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن پنهنجي قصن، ڪهاڻين، شعرن، ٽيهه اکرين، ٽيهه راتين، ڏوهيڙن بيتن ۾ لکي لکي پڙهندڙن جو اهڙو ته نڪ ۾ دم ڪيو آهي. جو اهي قصا وري ٻڌڻ لاءِ هو هرگز تيار ڪين آهن. اوهان صاحبن شايد اهو مشهور قصو ٻڌو هجي ته ڪنهن ملڪ جي حاڪم پنهنجا ايلچي دنيا جي هر ملڪ ۾ پکيڙي ڇڏيا ته هو مختلف ملڪ گھمي اچي، کيس انهن ملڪن جو حال احوال ٻڌائين. اهي ايلچي قسمت سان اسان جي سنڌ سونهاريءَ ۾ پڻ اچي پهتا ۽ سير وسياحت ڪري جڏهن واپس ويا. تڏهن پنهنجي حاڪم کي سڀني ملڪن جي حالات جو جيڪو جائزو ورتو هئائون، ان کان مطلع ڪيائون، جڏهن سنڌ ملڪ جو وارو آيو، تڏهن عرض ڪيائون ته حضورانور! سنڌ ملڪ ۾ مڪمل امن وامان ۽ سک سلامتي آهي. ملڪ نهايت سائو ستابو آهي. ڪنهن کي به دنيا جو ڪوبه فڪر دامنگير ڪونه آهي. فقط هڪ ماجرا جا اسان کي ڏسڻ ۾ آئي، اها هيءَ هئي ته سنڌ ملڪ ۾ چيو ٿي ويو ته گھڻو وقت اڳي ڪي چار عورتون ٿي گذريون آهن. جن مان چون ٿا ته هڪ ويچاري رلي مئي، ٻي ٻڏي مئي، ٽي رڙي مئي، ۽ چوٿين سڙي مئي. مگر اڃا سوڌو انهن لاءِ روڄ پٽڪو لڳو پيو آهي ۽ سنڌ جا سڀئي شاعر ۽ اديب فقط انهن جي ئي مرثيه خوانيءَ ۾ محو آهن،. انهن چئن عورتن جا نالا هئا “سسئي، سهڻي، مارئي ۽ مومل.”
    درحقيقت مٿيون لطيفو صرف ان ڪري بيان ڪيو ويو آهي ته اسان جا شاعر ۽ اديب هاڻي جيڪو ڪو نئون ادبي ورق ورائين ۽ دﺆر حاضر جي ضرورتن جي عين مطابق پنهنجا اشعار، ناول يا ڊراما لکن، ورنه سنڌي قصن جون اهي چار سورميون جي شيڪسپيئر جي هيروئنن کان هزار درجه بلند مرتبه آهن، سي هرطرح عزت سان ياد ڪرڻ جي لائق آهن.
    هڪ ٽيون نقص جو پڻ سنڌي ڊرامن ۾ ڏسجي ٿو، سو اهو آهي ته انهن جي ٻولي تڪ بنديءَ تي لکيل آهي، جا گويا شاعرانه نثر آهي ۽ غير فطري آهي. انڪري پڻ انهن ڊرامن گھڻي جاذبيت ڇڏي ڏني آهي. جيڪڏهن ڪوبه اديب دنيا مان رحلت ڪري وڃي ٿو ته سندس پٺيان نه هن جي اولاد ۾ صلاحيت آهي جو پنهنجي وڏي جي محنت زنده رکندو اچي ۽ وقت جي تقاضا آهر انهن کي ڇپائيندو رهي. ۽ نه وري ڪي اسٽيٽ جي طرفان اهڙا ادارا آهن، جن کي هن ادبي خزاني جي محفوظ ڪرڻ جي اون هجي، تنهن ڪري ڪهڙي عجب جي ڳالهه آهي جو هيءُ فن لطيف روز بروز ترقيءَ جي بجاءِ تنزل ڏي تڪڙو رڙهندو رهي!
    جن به ادبي صنفن جي ترقيءَ جو ذڪر هن ڪتاب ۾ ڪيو ويو آهي، تن سڀني مان ڊرامي جي صنف پوئتي پيل آهي، ان جا ڪهڙا اسباب ٿي سگھن ٿا، تنهن جو ذڪر اڳ ۾ ئي ڪري چڪو آهيا. سنڌي ڊرامن کي جيارڻ ۽ مقبول بنائڻ لاءِ گھڻي جدوجهد جي ضرورت آهي. انفرادي ڪوششيون ان سلسلي ۾ شايد بر صواب ٿي نه سگھن. اسان کي ان باري ۾ اجتماعي ۽ قومي سطع تي عملي پروگرام بنائڻ گھرجي.


    سنڌي افسانو

    مختصر افسانو اسان جي پنهنجي زماني جي پيداوار آهي. ان جي بناوت تي نظر ڪنداسون ته معلوم ٿيندو ته اختصار ان جي سڀ کان زيادهه نمايان خصوصيت آهي. چون ٿا ته يورپ ۾ جڏهن ارڙهين صديءَ بعد مشيني دﺆر جو آغاز ٿيو، تڏهن عام انساني زندگي تمام مصروف بنجي ويئي ۽ ان هماهميءَ ۽ عديم الفرصتيءَ جي دﺆر ۾ طويل ناولن پڙهڻ جي فرصت ڪانه ٿي ملي سگھي، جن جو ان دﺆر ۾ رواج هو اها ضرورت ئي هئي. جنهن نثري ادب ۾ هن مختصر صنف کي جنم ڏنو ۽ ادبي صفحن ۾ مستقل طرح سان مروج ٿي. چنانچه افسانو جنهن جنهن زماني جي چيز آهي، ان زماني جي سموري مزاج جي خصوصيت ان ۾ سمايل آهي، ڏسڻ ۾ ايندو ته افساني ۾ فن جي نزاڪت به آهي. ته ان سان گڏ مختصر ۽ دلچسپ آهي. تفصيل کان زياده منجهس تصور آفريني آهي. افسانو، پڙهندڙ جي جذبات تي انتهائي تيزي سان اثر اندار ٿئي ٿو. ازانسواءِ هن جي تخيل کي عمل جو موقعو ڏئي ٿو. هڪ مصروف انسان جنهن کي پڙهڻ لاءِ گھڻو وقت ميسر نه آهي، تنهن لاءِ هڪ عمدي ذهني غذا آهي. گويا افساني اڄ جي انسانن جون ادبي گھرجون ۽ تقاضائون پوريون ڪيون آهن. اهوئي سبب آهي جو افسانو اڄ جي سڀني اصناف ادب ۾ گهڻو مقبول آهي. ان ڪري عوام جي سڀني طبقن ۾ گھڻي شوق سان پڙهيو وڃي ٿو.
    افسانو ان ڪري لکيو وڃي ٿو ته ان کي ئي نشست ۾ پڙهي پورو ڪري سگھجي. اهوئي سبب آهي، جو بعض نقادن فني تشريح ۾ ان اختصار واريءَ خصوصيت کي ٻين سڀني کان مقدم رکيو آهي. ايڊ گرايلن پـﺆ آمريڪن افساني نگار، جنهن جي هٿان ابتدا ۾ افساني کي گھڻي تقويت پهتي، تنهن به هن فن جي تعريف ڪجھ اهڙي انداز سان ڪئي آهي، جا تمام ٿورن الفاظن ۾ سادي سودي فهم ۾ آهي. هو چوي ٿو ته ”نثر جي اها ڪهاڻي، جيڪا پڙهندڙهڪ ئي نشست ۾، اڌ ڪلاڪ يا زياده هڪ يا ٻن ڪلاڪن اندر پڙهي پورو ڪري سگھي ته ان کي افسانو سمجھڻ گھرجي. اهو اختصار يا مختصر هجڻ افساني جي سڀ کان وڏي سڃاڻپ آهي. ازان سواءِ پلاٽ، ڪردار ۽ واقعات کان سواءِ افساني جا ٻيا به ڪيترائي جزوي پهلو آهن. هتي آءٌ مختصر طرح سان افساني جي فني خصوصيتن جو ذڪر ڪريان ٿو.
    انساني زندگي بيشمار واقعات ۽ گوناگون تجربات جي حامل آهي. ليڪن افساني نگار ان مان هڪ واقعي يا ڪنهن هڪ ڪردار کي انتخاب ڪري پنهنجي افساني جو اساس قرار ڏئي ٿو. هو ڪنهن هڪ تحريڪ کان متاثر ٿي قلم کڻي ٿو ۽ ان جو ڀرپور تاثر پڙهندڙن تائين پهچائڻ لاءِ ڪوشش ڪري ٿو. هن جي ذهن ۾ واقعات جو ذخيرو محفوظ رهي ٿو. ليڪن ان مان هو رڳو ان واقعي جو انتخاب ڪري ٿو. جنهن جو سندس تحريڪ سان سڌو سنئون تعلق ٿئي ٿو. چنانچه افساني لکڻ وقت افساني نگار جي ذهن ۾ صرف هڪ منزل هڪ خيال ۽ هڪ نقطئه نظر هوندو آهي، جنهن کي هو پهرئين جملي کان وٺي آخر تائين قائم رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ڇو ته مقصد ۽ منزل جي ڪثرت هجڻ سبب افساني جي وحدت کي صدمو رسي ٿو، جنهن ڪري هڪ منزل ۽ هڪ تحريڪ کان وڌيڪ ان ۾ مطلب ڪڍڻ نه گهرجي ته افساني ۾ صرف هڪ واقعي جي عڪاسي ٿي سگهي ٿي. حقيقت ۾ مکيه يا اهم واقعو صرف هڪڙو ئي هوندو آهي. ۽ ٻيا ننڍا ننڍا واقعا يا حادثا به افساني ۾ ٿيندا آهن ليڪن اهي سڀ ان مکيه واقعي جون ڪڙيون هونديون آهن، جي ان کي اجاگر ڪنديون آهن ۽ افساني جي تڪميل ۾ مدد ڪنديون آهن. انهن ننڍڙن واقعن ۾ به زندگيءَ جي مختلف پهلوئن جي تصوير ڪشي ڪئي ويندي آهي. ليڪن مختصر افساني ۾ بيڪار بحث مباحثا، بيسود نظرين جو پرچار يا فضول واقعن جو ذڪر ڪونه هوندو آهي، تنهن ڪري ئي اهو مختصر ٿئي ٿو.
    افساني ۾ اتحاد زمان، اتحاد مڪان ۽ اتحاد عمل به موجود هوندو آهي، جا خصوصيت افسانوي ادب جي ٻين صنفن ۾ پڻ لازمي طور ٿيندي آهي. اتحاد زمان جو مفهوم اهو آهي ته افساني جي واقعات ۽ وقت جو پاڻ ۾ مطابقت نه هوندو ته افساني ۾ تضاد پيدا ٿي پوي ٿو. اتحاد عمل به افساني ۾ هوندو آهي يعني ته ڪردار جي مختلف افعالن ۽ عملن ۾ مطابقت هوندي آهي. ڪردار جي فطرت ۾ جا به تبديلي ايندي آهي، سا، واقعن جي اثر کان رفتي رفتي ٿيندي آهي. مگر هڪ ئي وقت ۾ ساڳيو ئي ڪردار متضاد عادتن وارو نه هوندو آهي، ڇاڪاڻ جو ڪوبه انسان به يڪ وقت ايماندار ۽ بي ايمان، ظالم ۽ همدرد ٿي نٿو سگهي.
    افساني جا ڪردار به حقيقي انسان لڳن ٿا. ڪردارن جي خاص طرز عمل، جا افساني نگار منتخب ڪري ٿو، سا بلڪل فطري نظر اچي ٿي ۽ پڙهندڙ کي يقين ٿي وڃي ٿو ته انهيءَ ماحول ۾ جيئرا جاڳندا ڪردار صرف اهوئي ڪري سگهيا ٿي ۽ انهيءَ فضا ۾ رڳو اهي ئي واقعا رونما ٿي سگهيا ٿي.
    ڪردارن وانگر مڪالمن ۾ به حقيقت جو رنگ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مڪالما نه صرف موقعي ۽ مهل جي لحاظ کان مناسبت رکندا هوندا آهن، بلڪ ڪردارن جي شخصيت کي هڪ طرف اجاگر ڪندا آهن ته قصي جي رفتار کي ٻئي طرف وڌائيندا آهن. مخصوص طبع، عمر ۽ صنف وارا جدا جدا ڪردار پنهنجي اصلي زندگيءَ ۾ ڳالهائيندا ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، جن جي زبان هر لحاظ کان فطري ٿيندي آهي.
    افساني جي عمل ۽ ڪردار نگاريءَ ۾ هڪ توازن هوندو آهي، جا نهايت ضروري چيز آهي. ان جا سڀئي جزا پاڻ ۾ ڳنڍيل ۽ ڳتيل ٿيندا آهن ۽ ڪهاڻي پنهنجي پوري سلسلي سان ختم ٿيڻ واري مقرر هنڌ ڏانهن آهستگي سان هلندي رهندي آهي.
    آغاز ۽ انجام ٻيئي افساني جا اهم جزا آهن، ليڪن ان لاءِ ڪوبه شرط مقرر ڪونه آهي، ڇاڪاڻ جو ڪي افساني نگار افساني کي پلاٽ جي خاتمي کان شروع ڪندا آهن. خاتمي کان ابتدا ڪرڻ ۾ خاتمي جو بلڪل فڪر نٿو رهي، ڇو ته افسانو پنهنجي منزل مقصود کان سفر جو آغاز ڪري ٿو ۽ اهو افساني نگار جيڪو وچ مان قصو کڻي ٿو، سو پوري اعتماد ۽ اختصار سان گڏ اڳتي وڌندو رهي ٿو. هن کي هر منزل تي پنهنجي آخري منزل جو پورو پورو احساس رهي ٿو.
    افساني جي ڪن پهلوئن تي روشني وجهڻ بعد آءٌ سنڌي افساني جي تاريخ تي قلم کڻان ٿو، جو منهنجي مضمون جو اصل مقصد آهي.
    سنڌي ادب تي نظر وجهڻ سان سر دست ڪابه اهڙي حقيقت معلوم نٿي ٿي سگهي ته صحيح معنيٰ ۾ افساني جي ابتدا ڪڏهنکان ٿي، ليڪن هن کان اڳ ۾ جيئن ته ٻين مقالن ۾ ذڪر ڪري آيو آهيان، ته سنڌي زبان ۾ هر ڪنهن جديد صنف، ناول، ڊرامي ۽ مضمون وغيره جي ابتدا انگريزي جي دؤر کان ٿي آهي، تنهن ڪري هن صنف کي پڻ ساڳئي دؤر جي پيداوار سمجهڻ گهرجي.
    اڄ کان تقريباً هڪ صدي اڳ ۾ سنڌي نثر ۾ ڪهاڻين لکڻ جو رواج پيو. راءِ ڏياچ ۽ سورٺ، شهزادي ماڻڪي جي ڳالهه، ڀنڀي زميندار جي ڳالهه، سڌاتورو ۽ ڪڌاتورو ۽ ٻيون ڪي ڪهاڻيون 1851ع ڌاري لکيون ويون. انهن مان پويون ٻه ڪهاڻيون وڏي اهميت رکن ٿيون، ڇاڪاڻ جو هنن قصن جو پلاٽ اخلاق ۽ نيڪيءَ تي رکيل آهي. سنڌي زبان ۾ شايد اهي پهريون ئي ڪهاڻيون آهن جن ۾ روزمره واري زندگيءَ جا واقعات ۽ حقيقي ڪردار پيش ڪيا ويا آهن ۽ منجهن مقامي رنگ به سمايل آهي. ليڪن انهن کي اسان باقاعدي “مختصر افسانو” ڪونه چونداسون، ڇاڪاڻ ته اهي افساني جي فني اصولن ۽ لوازمن کان گهڻو دور آهن. البت انهن کي “سنڌي افساني” جي هڪ اوائلي صورت چئي سگهجي ٿو. سنڌي رسم الخط عام ٿيڻ بعد ٻيا به ڪيترائي ڪهاڻين جا مجموعا شايع ٿيڻ لڳا. ميران محمد شاهه جو “مفيد الصبيان” مرزا قليچ بيگ جو “دلپسند قصا” ۽ ديوان ڪيولوام جا “سوکڙي ۽ گل” ان سلسلي جون ڪڙيون آهن.
    برصغير هندو پاڪ جي گهڻو ڪري سڀني زبانن ۾ افساني جي سچي پچي شروعات ويهين صديءَ جي اوائلي دؤر ۾ ٿي. اسان وٽ به افساني نگاريءَ جو باقاعدي فن نئين تهذيب ۽ نين حالتن جي اثر ماتحت رائج ٿيو. ان جا ڪامياب تجربا 1915ع جي لڳ ڀڳ شروع ٿيا هئا. جنهن کي بلاشبه اسان افساني جو اوائلي دؤر چئي سگهون ٿا. هن دؤر جا افسانا سماجي مسئلن معاشرتي بڇڙاين ۽ ٻين انيائن خلاف لکيا ويا آهن. ان وقت هندستان ۾ سماج سڌار تحريڪن جي هڪ ملڪ گير مهم هلي هئي. جنهن سڀني زبانن جي ادب تي گهاٽو اثر ڇڏيو. چنانچه سنڌي ادب به ساڳين حالتن هيٺ لکجڻ لڳو.
    شايد ڪوڙو مل پهريون ئي اديب هو. جنهن جي هٿان اهڙن افسانن جي لکڻ جو آغاز ٿيو. هن بينگالي ليکڪ بنڪم چندر چئٽرجيءَ جا سماجي افسانا سهڻيءَ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا، جن مان “ٻه منڊليون” (1914ع) ڪافي مشهور آهن. هن ٻين به ڪيترن هندستاني ۽ بينگالي افساني کي سنڌيءَ جي روپ ۾ آندو. پرمانند جي دل بهار (1912ع) جا چار ڀاڱا شايع ٿيا. جن ۾ مزيدار ۽ دل وندرائيندڙ آکاڻيون هيون. ساڳئي مصنف جا ڪن سماجي مسئلن تي به مفيد افسانا شايع ٿيا. جن مان “لڇڻ ڪين لڌو” هڪ طبعزاد افسانو آهي. ازانسواءِ “هيري جي منڊي” پڻ هڪ سماجي افسانو آهي اهو به سندس لکيل هو. نانڪرام ڌرمداس به معاشر تي ۽ اخلاقي افسانا “ڌرم راءِ جي وهي” ۽ “جيوت جو جس” (1915ع) ۾ لکيا هئا.
    1914ع ۾ سنڌي ساهت سوسائٽي جا رسالا شايع ٿيڻ لڳا، جن ۾ پڻ مختصر افسانا اچڻ لڳا. ازان سواءِ پهرين عالمگير جنگ (1914ع) کان پوءِ به ڪي رسالا نڪتا. مثلن:“لٽڪا چٽڪا”، “ماهوار گلشن”، “ماهوار راجپوت” وغيره جن ۾ افسانا اچڻ لڳا. هنن رسالن ۾ به اديبن سنڌي عوام ۾ صحيح سماجي شعور پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سنڌي معاشري جي اوڻاين مثلاً عورتن جي پيڙا ۽ بيوسي، گڏيل ڪٽنبن جا مسئلا، زوريءَ شادي، ننڍپڻ جي شادي، هڪ کان گهڻين شادين ۽ ٻين انيڪ گهرو ريتين رسمن ۽ رواجن جي صحتمند معاشري جي تعمير لاءِ رڪاوٽ بنيل هئا، تن کي ظاهر ڪيو ويو. انهن موضوعن تي هيٺين ليکڪن چند اثر دار افسانا لکيا.
    لالچند امر ڏنو مل جو “ڪشنيءَ جو ڪشت” هڪ درد ناڪ ۽ دل ڀِڄائيندڙ افسانو آهي، جنهن ۾ سنڌي گهرو زندگيءَ جو هڪ خاڪو آهي. سندس ٻيا مشهور افسانا “ڏکن ڏڌي زندگي” ۽ “ننڍڙي نينا” آهن. جن جو پلاٽ به ساڳين مسئلن تي ٻڌل آهي.
    ڄيٺمل پرسرام جا افسانا 1923ع ۾ “چمڙا پوشيءَ جون آکاڻيون” جي نالي سان شايع ٿيا. هن صاحب پڻ پنهنجي باريڪ بين نظرن سان سماجي براين کي عيان ڪيو. هن ٻين سماجي مسئلن سان گڏ سنڌي سرمائيدارن ۽ وڏيرن جي گناهن تان به پردو کنيو هو. جي پنهنجي ڏاڍ سان غريب عوام کي پيڙيندا رهندا هئا. ازان سواءِ هن صاحب “نئين سنڌي لئبريري” ۽ “ستو هندو ساهت مالا” جي نالي سان ٻه ڪتابي سلسلا شروع ڪيا، جن ۾ ناول ۽ افسانا وغيره سڀ اچي وڃن ٿا. خود ڄيٺمل صاحب مغرب جي ڪيترن مشهور ناولن ۽ طويل ڪهاڻين کي سنڌي زبان ۾ مختصر طرح سان ترجمو ڪري افسانن جو روپ ڏنو، جن ۾ “مونا وانا”، “ٻال هتيا”، جو ٽالسٽاءِ جو ڊرامي power of darkness تان ورتل هو ۽ گل بلاس، جو هڪ مشهور “اسپين جي سفر” واري ناول تان کنيل هو ۽ ٻيا ڪيترائي افسانا اچي وڃن ٿا.
    پرڀداس ڀيرو مل به ڪيترائي گهرو زندگيءَ متعلق افسانا لکيا، جي طنز و مزاح سان ڀرپور هئا. “اندر جا اڌما” ۽ “هير- جواهر” سندس افسانن جا ٻه مجموعا شايع ٿي چڪا هئا.
    “علمي دنيا” ماهوار رسالو به لڳ ڀڳ ان دؤر ۾ نڪرندو هو، جنهن ۾ ٻين سان گڏ ٻن مشهور مسلمان اديبن: مسٽر عبدالله “عبد” ۽ محمد عثمان حبيب الله ڏيپلائيءَ جا افســانا اينــدا رهــــيا ٿــي. عــبدالله صــــاحب جــــي افســانن ۾ “ماسترياڻي” ۽ “اتفاق” امتيازي حيثيت رکن ٿا.
    افسانن جو ٻيو دؤر 1925ع کان 1940ع تائين قائم رهيو. جنهن کي “ترجمي” جو دؤر چئي سگهجي ٿو. اهو زمانو عالمگير جنگين جو هو. سموري دنيا جون سياسي حالتون نهايت ڪشيده بنجي چڪيون هيون. خود هندستان ۾ به آزاديءَ جي تحريڪ شروع ٿي چڪي هئي، جنهن جو اثر سنڌي ادب تي به نمودار ٿيو. هيءُ ئي دؤر هو، جنهن ۾ هندستان جي مختلف زبانن: هندي، اردو، بنگالي، گجراتي، مرهٽي ۽ ٻين ٻولين مان سوين افسانا سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيا، جن مان ڪي ته هوبهو ترجمو هئا ۽ ڪن افسانن ۾ صرف ماحول ۽ ڪردار نگاريءَ کي ٿورو تبديل ڪري، سنڌي حالتن مطابق بنايو ويو هو. ايترا سارا افسانا جي ڪيترن ئي مشهور ادارن جي طرفان شايع ٿيندڙ سلسليوار ڪتابن ۾ ڇپيا هئا تن مان چند هيءُ آهن، سندر ساهتيه 1914ع، مسلم ادبي سوسائٽي 1931ع، رتن ساهتيه منڊل 1934ع. ازانسواءِ 1939ع کان 1943ع جي وچ ۾ ڪهاڻي، ڀارت جيون ۽ آشا، ٽي ماهوار رسالا نڪرندا هئا، جي ادبي حلقن توڙي عوام ۾ گهڻو مقبول ٿيا. انهن مڙني ڪتابي سلسلن ۽ رسالن سنڌي ادب جي گهڻي خدمت ڪئي. انهن جي مد نظر هميشه اها ڳالهه هئي ته سنڌي ادب ۾ جا کوٽ آهي. تنهن کي ڌارين زبانن جي ڪهاڻين سان مالا مال ڪجي. چنانچه مختلف هندستاني زبانن جي جن مشهور ليکڪن جا افسانا سنڌيءَ ۾ آيا، تن مان ڪن جا نالا هي آهن:
    پريم چند، ٽئگور، ڪرشن چندر، ڪشور ساهو، رڻبيرسنگهه، ڪوراناٿ، سدرشن، ڪملاڪانت ورما، ترشچندر گپتا، سانڪر نياپن، ڪنيا لعل منشي، اختر حسين، رشيد جاويد، عشرت رحماني، احمد عباس، ابراهيم جليس، احمد نديم قاسمي وغيره.
    هندستاني افسانن کان علاوه يورپ جي به جڳ مشهور افساني نگارن جا افسانا سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا. جن مان ڪي هي آهن:
    چيخوف، گورڪي، ٽالسٽاءِ، ترجينوف (روسي)، پشڪن، موپاسان (فرانس)، اوهينري، پرل بڪ (آمريڪا)، گالسوردي ۽ ماري ڪاريلي (انگلنڊ)، پال هين (جرمن)، الاسڪان (اسپين) وغيره.
    ترجمي جي هيڏي ساري عظيم ڪم ۾ ڪيترن ئي اديبن جو حصو آهي، جن پنهنجا فرائض نهايت ئي ڪاميابيءَ سان بجا آندا. هندو ليکڪن مان جڳت آڏواڻي، ميلارام منگترام، آهوجا، گوبند مالهي، ديو سنڀاڻي، ليکو تلسياڻي، وديارٿي، هيرانند عبدناڻي، ۽ مسلمان مصنفن ۾ دوست علي، اميد علي ۽ دلدار حسين موسوي ان حلقي ۾ شامل آهن.
    مٿئين سموري عرصي ۾ سڀ کان قابل ذڪر رسالو “ماهوار سنڌو” آهي، جو جديد ادب خصوصن افساني جي ترويج ۽ ترقيءَ ۾ سڀني کان اڳرو رهيو. اهو جريده 1932ع ۾ اول شڪارپور ۽ بعد ۾ جيڪب آباد مان شايع ٿيڻ لڳو ۽ ملڪ جي ورهاڱي ٿيڻ تائين باقاعدگيءَ سان نڪرندو رهيو. هن جي نمايان خوبي اها آهي جو ان ۾ ترجمي ۽ نقل جي بجاءِ اصلوڪن افسانن کي به گهڻو فروغ مليو. مرزا قليچ بيگ جي لائق فرزند نادر بيگ، لطف الله بدوي، آسانند، مامتورا، تاراچند ڦٽيل، گوبند مالهيءَ ۽ ٻين جا معياري افسانا ان ۾ شايع ٿيندا رهندا هئا.
    هاڻي چند شهرت يافته فنڪارن ۽ سندن افسانن تي روشني وجهي هن دؤر کي اختتام تي رسايان ٿو. هنن جو فن اصل ڪو original هئڻ سبب قابل داد آهي ۽ انسان جي ادب ۾ ان کي نهايت اهم مقام حاصل آهي.
    مرزا نادر بيگ جي افسانن ۾ “اڇوت”، “مس رستمجي”، ،“ماهه جو قهر”، “موهني”، “عينڪ جو آزار” ۽ “ڀاڄائيءَ” جي مضمون نوشيءَ کي گهڻي شهرت حاصل ٿي. هن ڪن افسانن ۾ طنز و مزاح واري انداز ۾ معاشري جي اوڻاين کي ظاهر ڪيو آهي.
    لطف الله بدويءَ جي افسانن ۾ وري “غربت” ۽ “خوفناڪ بدلي” کي خاص مقام حاصل آهي. اهڙيءَ طرح آسانند مامتورا جا افسانا هڪ خاص رنگ جا حامل آهن. هن جي افسانن جا ٻه مجموعا “آرسين” ۽ “پاپ ۽ پريم جون ڪهاڻيون” ورهاڱي کان اڳ شايع ٿيا هئا. هو پنهنجي ڪردارن جو نفسياتي تجزيو ڪندي، جنسي مونجهارن جي ڇندڇاڻ ڪري ٿو. هن جي بهترين تسليم ٿيل ڪهاڻي “ڪڪي” آهي، جا هندي، انگريزي ۽ اطالوي زبانن ۾ ترجمو ٿي، داد حاصل ڪري چڪي آهي. هن جا ٻيا ناليوارا افسانا “وڏيرو رمضان” ۽ “ڳنوارڻ” آهن.
    هن دؤر جي مقبول فنڪارن ۾ امر لعل هنگوراڻيءَ جو نالو به پيش پيش آهي. هن 1930ع ۾ پنهنجو رسالو “ڦلواڙي” ڪڍيو هو. جنهن ۾ سندس افسانا شايع ٿيندا هئا. هو وڪيل هو ۽ افسانن جا موضوع پڻ پنهنجي ڌنڌي مان ئي چونڊيندو هو، جن کي تمام وڻندڙ ۽ اصلاحي انداز سان پيش ڪندو هو.
    “ادو عبدالرحمان”، “لکيو ڪين ٽريو”، “ٻڍيءَ جي ڳالهه”، “هيءَ به رانجهوءَ سندي رمز”، “رام رحيم”، “گوئي جو گناهه” وغيره سندس بهترين افسانا مڃيا وڃن ٿا. “ادو عبدالرحمان” ته ڪيترن ئي دنيا جي زبانن ۾ ترجمو ٿيل آهي. يونيسڪو طرفان به شايع ٿي چڪو آهي.
    مرحوم عثمان علي انصاريءَ به ان دؤر جي افساني نگارن ۾ خاص مقام رکي ٿو. هن جو “پنج” افسانن جو مجموعو 1937ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ پنج مختصر افسانا ڏنل آهن، جن مان وري “ململ جو چولو” داد جي لائق آهي. انصاري صاحب جي افسانن جا واقعات نهايت دلنشين، عبارت سليس ۽ پيشڪش جو انداز دلڪش ۽ وڻندڙ آهي.
    1940ع کان 1947ع تائين افساني جو ٽيون ۽ انگريزي راڄ جو آخرين دؤر آهي. هن عرصي جي اها خصوصيت آهي، جو ٻين سڀني اصناف ادب کان افسانا گهڻا شايع ٿيا. هن دؤر جي ادبي اظهار جو مکيه وسيلو هو ئي افساني نوسي. هيءُ سڄو زمانو هنگامن سان ڀرپور هو. آزاديءَ جي تحريڪ برصغير ۾ عروج کي پهچي چڪي هئي. چؤ طرف سياسي ۽ سماجي هلچل ۽ تحريڪن جو ملڪ ۾ هڪ مانڌاڻ متل هو. چنانچه هن دؤر ۾ 90 سيڪڙو افسانن ۾ آزاديءَ جو جذبو ڪار فرما آهي، جن ۾ ڌارينءَ حڪومت خلاف باغيانه خيالات ملن ٿا. سواءِ هن زماني کان ٿورو اڳي ڪيترن بين الاقوامي تحريڪن جهڙوڪ سوشلزم ۽ ڪميونزم وغيره جو اثر به سنڌي ادب تي پيو جو هندستاني ادب جي معرفت اسان جي ادب تي اثر انداز ٿيو. هن دؤر جي افسانن جو موضوع سياسي، سماجي، معاشي ۽ اخلاقي مسئلن مان کنيل آهي. ڌارين جي حڪومت خلاف نفرت، هندو مسلم ايڪتا، شاهوڪار شاهي ظلم، غريبن جي بدحالي ۽ اقتصادي ڦُرلٽ وغيره. اهي ئي مسئلا اسان جي افسانن جو موضوع بنيل هئا. هن دؤر ۾ تمام گهڻا افسانا لکيا ويا، ليڪن اڪثريت اهڙن جي آهي، جن ۾ فنڪاريءَ جو لحاظ نه رکيو ويو آهي، فني حسن، انهن ۾ ناپيد آهي. افساني جي لوازمن ۽ اصولن کي بالائي طاق رکيو ويو آهي. محض جذبات، جوش و خروش، تقرير و تبلغ ۽ پروپئگنڊا انهن مان ظاهر ٿئي ٿي، مگر اسان ان دؤر جي ليکڪن کي قصور وار ٺهرائي نٿا سگهون، ڇاڪاڻ جو اهو دؤر ئي ڪشمڪش جو هو. حالات نهايت ئي سنگين هئا. اسان کي اهڙي ادب جي ضرورت هئي جو قوم جي ستل جذبن کي يڪدم جاڳائي. تنهن ڪري ڪيترا نوان لکندڙ فني اصولن جي ڄاڻ کان سواءِ ئي صرف اندر جي جذبي ۽ اتساهه کان لکندا هئا. باقي جيڪي پخته قلمڪار هئا، جن جا افسانا گهڻي قدر ڪامياب چئي سگهجن ٿا، تن جو ۽ بعض انهن ڪتابي سلسلن ۽ رسالن جو ذڪر هتي ڪريان ٿو، جن ۾ هن دؤر جو اهو ادب قلمبند ٿي چڪو آهي. هيٺين افساني نگارن جو فن هر وجهه کان قابل ذڪر آهي:
    گوبند پنجابي، گوبند مالهي، ڀڳوان لالواڻي، شيخ عبداستار، آنند گولاڻي، سڳن آهوجا، رام امر لعل، جيوت نرياڻي، ڪشن کٽواڻي، ڪماري نانڪ گدواڻي، مائيداساڻي، آسن اتمچنداڻي، هرو سدا رنگاڻي، ليکو تلسياڻي، ڀون پنجواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، شيخ اياز، لڇمڻ راجپال، ڀوڄراج موٽواڻي ۽ ٻيا.
    “سرد آهون”، “پرهه ڦٽي”، “ريگستاني ڦول”، سنڌي ڪهاڻيون ۽ سفيد وحشي وغيره ان دؤر جي افسانن جا مجموعا آهن، جي نئين دنيا پبلڪيشن، زندگي پبليڪيشن، باغي منڊل ۽ ٻين ادبي اشاعت گهرن جا شايع ڪرايل هئا. انهن مجموعن ۾ هن دؤر جا ڪم و بيش سڀئي شهره آفاق افسانا اچي وڃن ٿا. ازانسواءِ 1940ع اندر ڪيترائي ماهوار رسالا ۽ ڪتابي سلسلا علم و ادب جي ميدان تي ظهور پذير ٿيا، جن ۾ به ڪيترن ننڍن وڏن اهم ۽ غير اهم افسانن جو ذخيرو ڇپجي چڪو آهي.

    افساني جو نئون دؤر
    پاڪستان قائم ٿيڻ بعد يڪايڪ حالتون بدلجي ويون ۽ سنڌي ادب جي اشاعت به گهڻي ڀاڱي روڪجي ويئي، ڇاڪاڻ جو اشاعتي ذريعن ۽ ادب تي گهڻي ڀاڱي قبضو هندن جو هوندو هو. ٿوري مدت بعد جيتوڻيڪ حالتون ڪجهه معمول تي موٽي آيون هيون ۽ سنڌي ادب جي اشاعت بدستور جاري رهي، مگر افسوس جو افساني جو فن ڪابه ترقي ڪري نه سگهيو. سواءِ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن افسانن جي، ڪي به اهڙا افسانا شايع نه ٿيا جي قابل ذڪر هجن. ان جو سبب اهو آهي ته سنڌي زبان جا افساني نگار ۽ فنڪار گهڻو ڪري هندو اديب هوندا هئا، جنهن ڪري نين حالتن پيدا ٿيڻ سبب هيءَ فن بلڪل ختم ٿيڻ تي وڃي رسيو هو. ان هوندي به قيام پاڪستان کان اڳ افساني کي سنڌي ادب ۾ بلند ۽ واضح مقام حاصل هو ۽ ادبي اظهار جو مکيه وسيلو افسانو ئي هوندو هو. ڪجهه عرصي جي خاموشيءَ بعد ڪيترن ڪتابي سلسلن ۽ ماهوار رسالن جو اجراءُ ٿيو. 1950ع ڌاري اهڙيون ادبي ڪوششون نظر اچن ٿيون، جن جو مطمع نظر افساني جي ترقي هو. “پرهه ڦٽي” ۽ “اڳتي قدم” رسالن ۾ افسانا ايندا هئا. ازان سواءِ ٻه_ ٽي افسانن جا مجموعا به شايع ٿيا، جن ۾ “ڊاڪ بنگلو”، “پنهل کان پوءِ” ۽ “گل ۽ مکڙيون” خاص طرح سان مشهور ٿيا. مسٽر حيدر بخش جتوئي سوشلسٽ تحريڪ جي اثر ۾، قيام پاڪستان کان اڳ تقريباً 1936ع ڌاري افسانا لکڻ شروع ڪيا هئا. پاڪستان قائم ٿيڻ بعد پڻ هن جا ڪي افسانن جا مجموعا شايع ٿيا آهن، جي هاريءَ جي مظلوميت ۽ زميندارن جي ظلمن بابت آهن. “فردوس”، “اسان جي منزل”، “ادا”، “رهنما” ۽ ٻيا به ڪيترا رسالا انهيءَ زماني کان شايع ٿيڻ لڳا، جن مان هن وقت تائين ڪوبه زنده رهي نه سگهيو آهي. انهن ۾ افسانا ايندا رهيا ٿي، ليڪن گهڻائي اهڙن جي هئي جي فڪر و فن کان بلڪل خالي هئا. اهي گهڻو ڪري غير معروف ۽ سيکڙاٽ اديبن جا لکيل هئا، جن ۾ ڪابه جان نه هئي. غير حقيقي ۽ غير دلچسپ واقعات، پلاٽ گهرگلا، فني ترتيب معدوم ۽ زبان جي لذت نه هوندي هئي. انهن ۾ افسانا هڪ رواجي ڪهاڻيءَ جي عام پيرايي ۾ بيان ٿيل هوندا هئا. انهن افسانن کي ڏسي ائين لڳندو هو ته سنڌي افسانو ارتقا جون هيتريون ساريون منزلون طئي ڪري وري يڪدم پوئتي هٽي ابتدائي مرحلي ۾ وڃي داخل ٿيو آهي. الله تعاليٰ جل شانہ جا لک احسان آهن، جو سنڌي افسانو انهيءَ حالت ۾ گهڻو وقت ڪونه رهيو ۽ جلدي مسلمان اديبن جو هن پٺتي پوندڙ صنف ڏانهن توجهه ڇڪيو ۽ ان تي خاص خيال ڏيڻ لڳا. سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ طرفان ادبي ڪلاس جو اهتمام ڪيو ويو، جن ۾ افسانا پڙهيا ويندا هئا ۽ ٻيا اديب ۽ نقاد ان تي تنقيد ڪندا هئا. ليڪن جا به خيال آرائي ۽ راءِ زني ٿيندي هئي، سا تعميري نوعيت جي هوندي هئي ۽ ان ۾ افساني جي ترقي جو جذبو ڪارفرما هو.
    سنڌي افساني جي نمايان ۽ حقيقي ترقيءَ ۾ جيڪي سو ماهوار نئين زندگيءَ ۽ سماهي مهراڻ اضافو ڪيو. چوٽيءَ جي افساني نگارن جون ڪاوشون ۽ فن جي لحاظ کان عروج تي پهتل افسانا، اول اول انهن ئي جريدن جي صفحن جي زينت بنيل آهن.
    1950ع کان 1960ع تائين ڏهن سالن جي قليل عرصي ۾ سنڌي افساني توقعات کان وڌيڪ ترقي ڪئي ۽ ڪن افساني نگارن جو فن ته ادب جي آسمان تي پوري آب و تاب سان چمڪڻ لڳو. هن مختصر ادبي دؤر ۾ ڪيترن ئي اديبن جا افسانا شايع ٿيا، مگر آءٌ صرف انهن چند فنڪارن جا نالا هيٺ ڏيان ٿو، جن جو فن هن دؤر تي پوريءِ طرح سان مسلط رهيو آهي.
    جمال ابڙو، غلام رباني، شيخ حفيظ، سراج، بشير مورياڻي، رشيد ڀٽي، ڊاڪٽر غلام حسين جعفري، ابن حيات، اياز قادري، ڪريم بخش خالد، علي بخش ميمڻ، ڪروڙ پتي، خواجه سليم، جمال رند، ع_ق شيخ، مرزا مراد علي، ثميره زرين چنو، بيگم زينت ۽ علي احمد بروهي وغيره. انهن مان رشيد ڀٽي، محمد حسين، ڪروڙ پتي ۽ علي احمد بروهيءَ جو نالو مزاحيه افساني نگارن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. هن دؤر ۾ چند هندستاني اديبن جا پڻ سنڌي افسانا، سنڌ جي مختلف رسالن ۾ شايع ٿيا هئا، جن ۾ ڪيرت ٻاٻاڻي، گورڌن محبوباڻي ۽ موهن ڪلپنا جا افسانا خاص طرح سان ساراهيا وڃن ٿا.
    هتي آءٌ اهو به ضروري سمجهان ٿو ته هر ڪنهن افساني نگارجي ڪن چند مقبول افسانن جا نالا پڙهندڙن کي ٻڌايان، تاڪ جيڪي شائقين ۽ باذوق حضرات آهن، تن کي مطالعي ۾ مدد ملي سگهي.
    جمال ابڙو: بد معاش، خميسي جو ڪوٽ، پشو پاشا، منهن ڪارو، مان مڙد، مهرباني ۽ شاهه جو ڦر.
    غلام رباني: بري هن ڀنڀور ۾، نئون مڙدو، شيدو ڌاڙيل، پن ٻوڙي پاتال ۾، هوندا سي حيات ۽ آبحيات،.
    بشير مورياڻي: چهڙي، پريم، ٽڪري ۽ زندگيءَ جو روڳ.
    سراج: ٻهڻي، ديوتا ۽ انسان، زندگي جي ڪنارن تائين ۽ چنڊ گرهڻ.
    شيخ حفيظ: ٻه ڳوڙها، ٽه واٽو، ٻه پاڇا، مبارڪون ۽ پن ٻوڙين پاتال ۾.
    رشيد ڀٽي: ميرل، ڍءَ بنا ڍوليا ڪانهي ساڃهه سونهن جي ۽ بَڻ.
    ڊاڪٽر جعفري: بدلو.
    خواجه سليم: الا ڪنهن پر ۽ انٽريسٽ.
    اياز قادري: فرشتو، بلو دادا، هي ليڊر، امڙ مان به ڪندس، ڀوڪ ۽ هاجرا.
    ابن حيات: واهه وڏيرا.
    ع_ق شيخ: لکيل جواب، پريشان انسان.
    ثميره زرين: دروازو ۽ پلؤ پايو سچ.
    1960ع کان هن وقت تائين، سنڌي افسانو ترقيءَ جا مختلف مرحلا نهايت تيزيءَ سان طي ڪري چڪو آهي. ترقيءَ جي لحاظ کان افساني جي حق ۾ هيءُ دؤر انتهائي خوشگوار ۽ انقلاب آفرين سمجهڻ گهرجي. افسوس جو ڪيترن سٺن افساني نگارن جن جو ذڪر هن کان اڳ ۾ ڪري چڪو آهيان، افسانا لکڻ ڇڏي ڏنا آهن، نه ته هنن جو فن اڃا به ترقي ڪري ها. ان هوندي به مختصر عرصي ۾ سنڌي زبان ۾ بلند پايي جا افساني نگار پيدا ٿيا آهن. هنن مان گهڻن جيتوڻيڪ 1940ع کان گهڻو اڳ لکڻ شروع ڪيو هو، ليڪن سندن فن پوري نشو و نما پائي هن وقت پخته بنجي چڪو آهي. ڪن ناميارن فنڪارن جا نالا هيٺ ڏيان ٿو، جن مسلسل مشق ۽ محنت سان پنهنجي فن لاءِ سنڌي ادب ۾ مستقل طرح سان جاءِ پيدا ڪئي آهي.
    آغا سليم، نسيم کرل، غلام نبي مغل، علي بابا، نذير شيخ، طارق اشرف، حميد سنڌي، غياث جوڻيجو، ذوالفقار راشدي، امرجليل، قمرشهباز، رشيده حجاب، الهبچايو لغاري، شوڪت راهي ۽ عبدالقادر جوڻيجو وغيره.
    ازانسواءِ ٻيا به ڪيترائي نوجوان افساني نگار ان فن ۾ پنهنجي طبع آزمائي ڪري رهيا آهن. جن جي فن نؤمولود هوندي به، فني لحاظ کان ڪافي سٺا افسانا پيش ڪيا آهن. انهن جو هن وقت ذڪر ڪرڻ قبل از وقت ٿيندو.
    سنڌي زبان ۾ هن وقت تائين سوَن جي تعداد ۾ افسانا شايع ٿي چڪا آهن، جي مختلف رسالن ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن، مگر افسوس جو ڪابه اهڙي پبلشنگ ڪميٽي نه آهي جا مختلف مصنفن جي ڌار ڌار افسانن کي يڪجا ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپائي. جن چند افساني نگارن جا مجموعا شايع ٿي چڪا آهن، سي هي آهن:

    1. پشو پاشا_ جمال ابڙو
    2. آب حيات_ غلام رباني
    3. بلو دادا_ اياز قادري
    4. سونهن، پٿر ۽ پيار_ طارق اشرف
    5. نئون شهر_ غلام نبي مغل
    6. . عبرت ڪده (ٻه ڀاڱا)_ ابراهيم خليل
    7. گهڙيءَ گهڙيءَ هڪ گهاءُ_ رشيد ڀٽي
    8. اي درد هلي آءُ_ سراج
    9. چنڊ جا تمنائي_ آغا سليم
    10. مهراڻ جون ڇوليون (مختلف اديبن جي افسانن جو مجموعو (مطبوعه پاڪستان پبليڪيشن).
    11. ڪنول ڪنول، شبنم شبنم_ نسيم کرل
    12. اداس واديون_ حميد سنڌي

    هن دؤر ۾ غير ملڪي زبانن جي افسانن کي پڻ سنڌيءِ جو ويس پهرايو ويو آهي ۽ ڪيترن ئي عالمي شهرت رکندڙ اديبن جي افسانن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ چند مجموعا پڻ شايع ٿي چڪا آهن.

    1_ آمريڪي ڪهاڻيون_ پبلشر سنڌي ادبي بورڊ
    مترجم: سراج ۽ غلام رباني.
    2_ ديس ديس جون ڪهاڻيون_ مترجم: ميمڻ عبدالحميد سڌي
    3_ سپون_ خليل جبران جي افسانن جو ترجمو.
    4_ دنيا جا عظيم افسانا_ سنڌي ادبي بورڊ.

    آخر ۾ پڙهندڙن کي ايترو ذهن نشين ڪرائڻ چاهيان ٿو ته سنڌي افسانو هينئر ترقيءَ جي شاهراهه تي گامزن ٿي چڪو آهي. سنڌي افسانن نه رڳو اردو ۽ هند و پاڪ جي مختلف زبانن ۾ ترجمو ٿي داد حاصل ڪيو آهي، بلڪ انگريزي، جرمني ۽ فرينچ ٻوليون ۾ ترجمو ٿيا آهن.
    قيام پاڪستان کان اڳ جي افسانن ۾ فني عناصر يا ته عدم پيدا هئا يا ته ڪين جهڙا هوندا هئا. ازانسواءِ اهي نعريبازي ۽ ڪنهن خاص نظريي جي تبليغ ساڻ ڀريل هوندا هئا. ان جي برعڪس فني لحاط کان اڄوڪو افسانو نهايت ئي پختو ۽ منجهس سنجيدگي ۽ متانت آهي. اڳي نقل تي زور هوندو هو هاڻي “اصليت” پيش پيش آهي.
    هاڻوڪي سنڌي افساني ۾ ماحول جي ڀرپور عڪاسي ٿيل آهي. سنڌي معاشري جا انيڪ مسئلا ان ۾ آندل آهن. انهن ۾ سنڌي ڪردار پنهنجي سٻاجهي انداز ۾ فطري ۽ نج زبان سان مخاطب آهن. ازانسواءِ مقصد جي لحاظ کان سياسي، اخلاقي ۽ ٻين قومي ۽ بين الاقوامي مسئلن بابت انهن ۾ صحتمند انداز فڪر ملي ٿو. ليڪن اهو سڀڪجهه فنڪارانه انداز ۾ ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ نڪو تصغ آهي ۽ نڪي فني اصولن کان تجاوز ڪيل آهي. مواد ۽ فن جي لحاظ کان اڄوڪو سنڌي افسانو گذريل دؤرن جي افسانن کان گهڻو ترقي يافته آهي. هيئت (form) جي لحاظ کان به انيڪ قسمن ۾ سنڌي افسانا لکيا ويا آهن. سڄي دنيا ۾ افساني نويسيءَ جا جيڪي به ڍنگ مروج آهن، تن سڀني ۾ سنڌي افسانو لکيو ويو آهي. مثلاً: مسئلن وارا افسانا، واقعن وارا افسانا، ڪردارنگاريءَ وارا افسانا، ماضيءَ تي روشني وجهندڙ افسانا، مونولاگ ۾ لکيل افسانا وغيره ازانسواءِ طويل مختصر افسانا ۽ ڪامياب فئنٽيون به لکيون ويون آهن، ۽ هاڻي بلاشبه اها دعويٰ ڪري سگهجي ٿي ته “اهو وقت پري نه آهي جڌهن سنڌي افسانو به قدر ۽ معيار جي لحاظ کان دنيا جي بهترين ادب سان همسري ڪري سگهندو.”


    سنڌي مضمون

    سنڌي زبان ۾ مضمون جو لفظ ڪيترين ئي معنائن ۾ ڪم اچي ٿو. ڪنهن مختصر ۽ عام نوعيت جي تحرير کي به مضمون چئبو آهي. يا وري ڪنهن به نثري تحرير جي رڳو مرڪزي خيال، مطلب ۽ منهوم کي به مضمون ڪوٺيو آهي. نه صرف ايترو بلڪ شعر جي مواد يا مفهوم کي به عام زبان ۾ مضمون چوندا آهن.
    مضمون بحيثيت فن جي هڪ علحدي ادبي صنف آهي، جنهن کي اردوءَ وارن انشاء جو نالو ڏنو آهي. هندستان جي مختلف زبانن جي ادب ۾ هيءَ صنف انگريزي زبان جي معرفت پهتي. سنڌي زبان ۾ به هيءَ صنف انگريزي دؤر جي ابتدا ۾ پنهنجي سمورين خصوصيتن سان ظاهر ٿي. انگريزيءَ ۾ ان کي Essayچون ٿا، جو لفظ فرينچ زبان جي Essay تان ورتل آهي. نثري ادب ۾ هيءَ صنف سڀ کان قابل تحسين آهي. مضمون جي ماهيت ۽ مفهوم کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان مغربي نقادن جا هن فن متعلق ڪي رايا پڙهون. ڇاڪاڻ جو مغربي ادب جي زير اثر ئي انهيءَ صنف اسان جي زبان ۾ رواج پاتو. هڪ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته نقادن جا هن متعلق مختلف رايا آهن ۽ هونءَ به ڪي ٻه نقاد گهڻو ڪري ڪنهن به شيءِ جي تعريف ۾ سڀني نڪتن تي هڪٻئي سان اتفاق راءِ ڪونه رکندا آهن. ليڪن هنن تعريفن جي ڏنل جائزي ۽ مشترقه نڪتن جي امتزاج بعد اسان ”مضمون“ متعلق هڪ ابتدائي نظريو قائم ڪري سگهنداسون .
    انگريزي علم و ادب ۾ مضمون جي قابل ذڪر ۽ اهم تعريف، سڀ کان اڳ ۾ جانسن ڪئي آهي، جو ارڙهين صديءَ جو معروف اديب ۽ خود به هڪ مضمون نگار هو. هو چوي ٿو ته:
    “مضمون انساني اندر جي اڻ هضم ٿيل بي ترتيب خيالات سان ڀرپور، هڪ مختصر ادبي تحرير آهي، جا ڪنهن خوش مزاج دل مان آزاديءَ سان نڪري نروار ٿئي ٿي.”
    سرايڊ منڊ گاس، جو اڻويهين صديءَ جو هڪ ناول نويس ۽ نقاد ٿي گذريو آهي، تنهن مضمون جي تشريح هنن الفاظن ۾ ڪئي آهي: “مضمون عام طرح سان هڪ درمياني طوالت واري نثري تحرير آهي، جنهن ۾ مضمون نگار، ڪنهن به موضوع جي خارجي پهلوءَ تي آسان ۽ سرسري انداز سان نظر وجهي ٿو ۽ موضوع تي صرف انهيءَ حد تائين بحث ڪري ٿو، جيستائين سندس شخصيت ان موضوع کان متاثر ٿيل هوندي آهي.”
    جان لوبن John Lobban انگريزي مضمون جو مشهور مدبر، جنهن کي مضمونن جي ترتيب ۽ اشاعت ۾ خاص اختيار حاصل آهي، سو ادبي مضمونن جي تعريف ڪندي چوي ٿو ته: “مضمون نثر جي هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ ڪنهن ادبي، فلسفيانه يا سماجي موضوع تي شخصي يا تاريخي نقطئه نظر کان روشني وڌي ويئي هجي ۽ زباده طويل نه هجي،”
    انگريزي مضمونن جو ٻيو مشهور مدير جان فائولر John Fowler آهي. جنهن جو تعلق ڪيمبرج يونيورسٽيءَ سان آهي. هن صاحب مضمون جي وصف جو جيڪو تجزيو ڪيو آهي سو زياده سادو، آسان ۽ عام فهم آهي. اهو هيءُ آهي: پهريون ته Essay جو لفظ فرانسيسي زبان Essay مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي سعيو يا ڪوشش (Attempt) انهيءَ معنيٰ کي نظر ۾ رکڻ سان ظاهر ٿئي ٿو ته مضمون ڪنهن موضوع تي لکڻ جي ڪوشش جو نالو آهي. ان کان علاوه ڪوبه ادبي مضمون زياده طويل نه هئڻ گهرجي. ٻيو هيءُ ته مضمون ۾ اديب جو ذاتي نقطئه نظر موجود هئڻ ضروري آهي ۽ مضمون نگار جي شخصيت کي سندس مضامين جي مطالعي مان سمجهي سگهجي. آخر ۾ چوي ٿو ته “هڪ اديب جو انداز هميشه دوستانه ۽ رازدارانه هئڻ گهرجي. ايتري قدر جو سمجهڻ ۾ اچي ته گويا هو پڙهندڙ سان روبرو ڳالهائي رهيو آهي ۽ سندس مضمون پڙهندڙ پوريءَ طرح سمجهي رهيو آهي.”
    مٿين سڀني تعريفن مان ايڊ منڊ گاس جي تعريف بهترين آهي. هن مضمون نگاريءَ لاءِ جن به ڳالهين جو هئڻ ضروري ڄاڻايو آهي، تن سڀني جو علحده علحده نموني ۾ جائزو وٺي سگهجي ٿو.
    (1) “مضمون جي طوالت درمياني هئڻ گهرجي.” مگر سوال آهي ته مضمون ڪيترو طويل هجي؟ ان لاءِ ڪوبه قاعدو قطعي طور مقرر ڪيل نه آهي ۽ نه وري ڪو اهڙو قانون واضح ڪري سگهجي ٿو.
    (2) “مضمون نثر ۾ هئڻ ضروري آهي.” اهو ان ڪري چيو ويو آهي، جو ارڙهين صديءَ ۾ انگريزي مضمون نظم ۾ به لکيا ويندا هئا.
    (3) “مضمون جو تعلق موضوع جي خارجي پهلوءَ سان هجي.” ان مان مطلب آهي ته مضمون نگار کي موضوع تي مفصل بحث ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. بلڪ آسان ۽ سرسري بيان ڪرڻ ڪافي آهي.
    (4) “مضمون تي پابندي انهيءَ حد تائين هجي جيستائين مضمون نگار جو تعلق آهي.” ان مان مطلب آهي ته مضمون نگار انتخاب ڪيل موضوع يا موضوع تي پنهنجي نقطئه نظر سان لکي، يعني ته سندس تحرير مان سندس شخصيت جهلڪي. لهاذا اهي چارئي شرط آهن، جي هو هر ڪنهن ادبي مضمون ۽ مضمون نگار لاءِ ضروري ٺهرائي ٿو.
    انهن وصفن ۽ طويل تبصري آرائيءَ بعد به مضمون جي فن تي اڃا به ڪجهه روشني وجهڻ جي ضرورت محسوس ڪريان ٿو. انهيءَ ڪري جو سنڌي مضمون نگاريءَ جي تاريخ تي بعض هڪ ٻه مقالا اهڙا به نظر مان گذريا آهن، جن ۾ ادبي مضمون ۽ علمي يا تحقيقي مقالي ۾ ڪابه تميز نه ڪئي ويئي آهي. هڪ مقالي ۾ ته سنڌيءَ ۾ سمورن ڇپيل ڪتابن کي مضمون جي دفعي ۾ ڄاڻايو ويو آهي (ڀيرو مل جي سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ به مضمون ته محمد صديق ميمڻ جي سنڌي ادبي تاريخ به مضمون!).
    مٿين سڀني تعريفن ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته مضمون جي سرسري بيان ۾ عام فهم زبان ضروري آهي. جيڪڏهن ڪنهن تحرير ۾ موضوع بابت ذري پرزي تفصيلوار بيان ڏنل آهي، يا منطقي استدلال ۽ سائنٽيفڪ نوع ۾ ڪنهن موضوع تي وضاحت سان لکيل آهي ته پوءِ ان کي مقالو Monograph چوڻ زياده مناسب ٿيندو. مقالي ۽ تحقيقي تصنيف ۾ ٻولي پُرتڪلف ۽ معلق هوندي آهي. ان ۾ علمي اصطلاع ۽ غير مانوس ۽ دقيق الفاظ ڪثرت سان ڪم آندل هوندا آهن. مگر مضمون ۾ ان جي برعڪس، ٻولي گهڻو ڪري روزمره عام استعمال ٿيندڙ لکبي آهي، جا مائيدار ۽ ٻوليءَ تي دسترس جو اندازو سندس مضمون مان چڱيءَ طرح سان لڳائي سگهجي ٿو. مضمون نگاريءَ ۾ شاعريءَ وانگر تخيلات جي رنگيني ۽ جذبات جي فراواني به هوندي آهي، مگر علمي مقالي ۾ اهڙي گنجائش نه آهي. ان ۾ انداز بيان بلڪل ٺوس حقائق تي مبني هوندو آهي. مقالن ۾ حاشيه آرائي به ڪيل هوندي. آهي ۽ ٻين ڪتابن تان حوالا پڻ ورتل هوندا آهن. هڪ محقق يا نقاد علمي انداز ۽ مدلل بيان سان پنهنجي نقطئه نظر ۽ نتيجي کي پڙهندڙن جي ذهن تي مسلط ڪندو آهي. مضمون نگاري ۾ انفرادي سوچ ۽ فڪر ڪلام ۽ گفتگو جي انداز، ذاتي مشاهدن ۽ تجربن ۽ پنهنجي افتاد طبع جو گهڻو دخل هوندو آهي. مضمون نگاريءَ جو فن رنگين ۽ دلچسپ آهي، جنهن ۾ پڙهندڙ گهڻي قدر لطف اندوز ٿيندو آهي. زبان جي نزاڪت ۽ صحت جي مشق پڻ هن صنف مان ئي ٿيندي آهي. ان کان علاوه مضمون جي هڪ ٻي به خصوصيت هوندي آهي جو ان ۾ باقاعدي ربط نه هوندو آهي. مضمون نگار ڪٿي ڪو واقعو بيان ڪندو ته ڪٿي وري پنهنجا ذاتي خيال ۽ تجربا بيان ڪندو ته ڪٿي ڪو لطيفو پيش ڪندو ۽ ڪٿي جذبات جي وهڪري ۾ لڙهي ويندو. هو ڪڏهن تخيلات ۽ منظر نگاريءَ جي واريءَ ۾ گم ٿيندو ته ڪڏهن اخلاقي سبق ٻڌائيندو ۽ ڪڏهن طنز و مزاح ڪندي وڃي مٿي چڙهندو. اهڙيءَ طرح هڪ ڳالهه تان ٻي ڳالهه ٺاهيندو، هڪ نڪتي کان ٻئي نڪتي تي ايندو وڃي مضمون کي پورو ڪندو آهي. ليڪن اهو سڀڪجهه ته اهڙي لطيف پيرايه ۾ هوندو آهي، جو پڙهندڙ ان کي پڙهندي ذهني سرور محسوس ڪندو آهي. مضمون جي مقابلي ۾ مقالو بلڪل خشڪ ٿيندو آهي ۽ پڙهندڙ جي ذهني واڌاري ۽ علمي ڄاڻ ۾ اضافو آڻيندو آهي. ان ۾ موضوع جي هر زاويه تي سلسليوار بحث ڪيل هوندو آهي. ان جو انداز بيان عالماڻو، منطقي ۽ فلسفياڻو ٿيندو آهي. ڪنهن به مضمون کي هڪ معمولي پڙهيل شخص به سمجهي ۽ ان مان حظ حاصل ڪري سگهي ٿو، مگر تحقيقي تصانيف يا علمي مقالي کي ڪوبه ٿورو پڙهيل ماڻهو سمجهي ان مان صحيح نتيجو اخذ ڪري نه سگهندو. مضمون جي صنف ساڳئي وقت آسان کان آسان به آهي ۽ ڏکئي کان ڏکي به آهي. اسڪول ۽ ڪاليج جي شاگردن کان وٺي هڪ عالم فاضل تائين، هرهڪ ان تي بلڪل آزاديءَ سان طبح آزمائي ڪري ٿو ۽ پنهنجي پسنديده موضوع تي ڪونه ڪو مضمون لکڻ شروع ڪريو ڏئي. ليڪن هيءَ حقيقت آهي ته هن فن لطيف کي صرف اهو ماهر فنڪار ئي ڪاميابيءَ سان نباهي سگهندو، جنهن کي وسيع مشاهدو ۽ معلومات هوندي ۽ پنهنجي خيالات کي لطيف، رنگين ۽ ميٺاج واريءَ زبان ۾ نباهڻ ۾ پورو پورو هنر هوندو. ورنه اهو مضمون، ادبي مضمون نه رهندو. مضمون جو ميدان تمام گهڻو وسيع آهي. سموري ڪائنات مان ڪنهن به شيءِ کي موضوع بنائي ان تي مضمون لکي سگهجي ٿو.
    هر ڪنهن زبان ۾ مضمون نگاريءِ جي نشو و نما جو تعلق هميشه نثر جي ترقيءَ سان رهيو آهي. هر ڪنهن جو اوائلي نثر دشوار ۽ پيچيده هوندو آهي، جو رفتي رفتي ترقي ڪري آسان بنبو آهي. اڄڪلهه ساري دنيا جي ادب ۾ مضمون نگاري تمام تيز رفتاري سان ترقي ڪري رهي آهي. ان ڪري ضروري آهي ته اسان به پنهنجي زبان جي مضمون نگارن ۽ سندن ادبي ڪاوشن تي ڪجهه روشني وجهون. اها هڪ حقيقت آهي ته اسان جي سنڌي شاعري هر دؤر ۾ فڪر و فن جي لحاظ کان هندي، فارسي ۽ عربيءَ کان متاثر رهي آهي، ليڪن ائين ڪونه چئبو ته ان جي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ پنهنجون خالص امتيازي خصوصيتون آهن ئي ڪونه! انگريزي دؤر واري سنڌي شاعريءَ جو وڏو حصو ته فارسيءَ ۽ اردوءَ جي نقالي آهي، ليڪن سنڌي نثر وري انگريزي ۽ ٻين يورپي ٻولين کان اثر پذير آهن. جيتوڻيڪ سنڌي زبان ۾ قديم فارسي نثر جي طرز تي مقفيٰ مسجمع ۽ رنگين نثر به لکيو ويو آهي، ليڪن اهو تڪبنديءَ وارو نثر هن دؤر ۾ متروڪ بنجي چڪو آهي. هڪ طرف اهو تصنع آميز آهي ته ٻئي طرف ان کي روانيءَ سان لکي به نٿو سگهجي.
    اهوئي سبب آهي جو ان قسم جو نثر جديد دؤر جي تقاضائن مطابق ٺهڪي نه سگهيو. ڊرامو، ناول، تنقيد ۽ مضمون نگاري وغيره سڀئي نثر جون جديد صنفون سنڌيءَ ۾ انگريزي زبان جي اختلاط بعد پيدا ٿيون. ڪيترن ئي نامور انگريزي اديبن جون تصنيفون، ڊراما ۽ ناول وغيره سنڌي زبان ۾ ترجمو ٿيا، جن مان سڀ کان اول اول شهره آفاق ناول راسيلاس جو ترجمو ٿيو، ان ڪري ئي سنڌي نثر ۾ سنجيدگي ۽ متانت آئي، ۽ ان ۾ هر موضوع لاءِ انداز بيان جي وسعت پيدا ٿي. سنڌي نثر جي ترقي ويتر صحافت جي وجود ۾ اچڻ سان ٿي، جنهن جي ڪري ئي نثر ۾ وسعت پيدا ٿي ۽ اهو زياده سليس ۽ عام فهم بنيو.
    سنڌ ۾ باقاعده صحافت جي ابتدا 1854ع ۾ انگريزي ۽ فارسي زبانن ۾ اخبار نويسيءَ جي وجود ۾ اچڻ سان ٿي. سنڌي زبان کي سرڪاري سرپرستي حاصل ٿيڻ ڪري، ان ۾ پڻ صحافت لاءِ رستو هموار ٿيو. پهرين سنڌي اخبار معين الاسلام آهي جا مرزا محمد صادق 1861ع ڌاري جاري ڪئي. سنڌي صحافت جو سچو پچو دؤر “سنڌ سڌار” جي نڪرڻ سان ٿئي ٿو، جا اخبار تعليم کاتي طرفان 1882ع ۾ جاري ٿي. ان جا ايڊيٽر سلسليوار مرزا صادق علي بيگ، ساڌو هيرانند ۽ ٻيا ناليرا صحافي ٿي گذريا آهن.
    سنڌي صحافت، سنڌي ادب جي هر شعبي ۾ ترقي آندي، مثلاً مضمون نگاري، مقالي نويسي، شعر گوئي ۽ تنقيد جي فروغ ۽ ترقيءَ ۾ سنڌي صحافت اهم حصو ادا ڪيو. شروعاتي سنڌي اخبارن جهڙوڪ معين الاسلام ۽ سنڌ سڌار جي مطالعي ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته انگريز دؤر ۾ علم و ادب جا جيڪي به شعبا وجود ۾ آيا ۽ ترقيءَ جي منزل تي رسيا، تن ۾ انهن اخبارن ٻين سڀني وسائل کان گهڻو ڪم سر انجام ڏنو.
    صحافت ۾ ادب جي ٻين شعبن جي ترقيءَ سان گڏ مضمون نويسيءَ کي پڻ اؤج حاصل ٿيو. پاڪستان کان اڳ وارن رسالن ۽ اخبارن کي نظر مان ڪڍبو، ته معلوم ٿيندو ته انهن ۾ مضمونن جو تعداد البت ٻين ادبي صنفن کان گهڻو هوندو هو. هن دؤر ۾ وري مضمون کان وڌيڪ مقالي تي توجهه ڏنو ويو آهي. مضمون جو اوائلي دؤر اُڻويهين عيسوي صدي جي نصف کان شروع ٿئي ٿو ۽ ويهين صديءَ جي ابتدا ۾ ان جو اختتام ٿئي ٿو.
    اوائلي سنڌي اخبارن، جن ۾ مضمون اچڻ لڳا، سي سرسوتي (1890)، پرڀات (1891) ۽ جوت (1894) هيون، جن جا ايڊيٽر ساڌو هيرانند، ليکراج تلوڪشچند، ۽ پر مانند ميوارام هئا. سرسوتي مخزن جا ڪجهه مضمون “هيري جون ڪڻيون” ۽ جوت اخبار جا چند مضمون “گل ڦل” ڪتابن ۾ محفوظ آهن. اهي ڪتاب بنيادي مضمون نگاريءَ جي لحاظ کان سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. جوت اخبار مسلسل 50 سالن تائين سنڌي صحافت ۽ ادب جي آسمان تي چمڪندي رهي. هن اخبار ۾ گهڻا مضمون، ان جي ايڊيٽر مسٽر پرمانند ميوارام جا شايع ٿيندا هئا. جوت، پرڀات ۽ سرسوتي مخزنن ۾ جن ٻين مضمون نگارن جا مضمون شايع ٿيا هئا، تن ۾ ايم ٽي گدواڻي، ريواچند آڏواڻي، ڀائي شامنداس، راءُ صاحب اُڌارام ۽ ٻين جا نالا اچي وڃن ٿا. جوت اخبار جي پاليسي اها هوندي هئي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻي ۾ گهڻا اديب پيدا ڪيا وڃن ۽ ان ۾ هر علم و فن تي ڪتاب لکيا وڃن. اهوئي سبب آهي مسٽر پرامانند جا مضمون، سماجي، اخلاقي تعليمي ۽ سير و سياحت تي ٻڌل آهن. سڀني مضمونن ۾ تعليم سان گڏ تفريح طبع جو به گهڻو خيال رکيو ويو آهي. ”هر ڪنهن مضمون جو بيان اهڙي ته مزيدار نوع ۾ ڪيل آهي جو پڙهندڙ ان جي پڙهڻ سان تمام گهڻو لطف اندوز ٿئي ٿو. جوت اخبار جا مضمون فن جي لحاظ کان مضمون نويسيءَ جا اعليٰ شاهڪار آهن. انهن جي ٻوليءَ ۽ طرز بيان سندن جان آهي، جنهن کي پرمانند نهايت ئي سليس انداز ۾ ڪاميابيءَ سان نباهيو آهي. سندس مضمونن ۾ طرز بيان بلڪل فطري اختيار ڪيل آهي. انهن کي پڙهڻ سان ائين محسوس ڪبو، جيئن ڪو روبرو ويٺو پنهنجي طبعي انداز سان ڪا ڳالهه ٻڌائي، جنهن ۾ هو يا ته ڪو ڏٺل واقعو، يا زندگيءَ جو آزمودو يا فطري مشاهدو بيان پيو ڪري. سندس بيان جو مقصد فقط تعليم ڏيڻ آهي، جا مختلف نمونن ۽ طريقن جي آهي. اها ڪٿي اخلاقي ٿئي ته ڪٿي صرف عملي. سندس مضمون ۾ نج ۽ فطري ٻولي ۽ بيان اختيار ڪيل آهي، جنهن جي شهادت لاءِ انهن مضمونن ۾ ڇپجي آيل پهاڪا، اصطلاح، محاورا ۽ چوڻيون موجود آهن. هن دؤر ۾ بهرحال فن ۽ فڪر ۾ تمام گهڻي ترقي ٿي آهي، جنهن ڪري عوام جي ذهن ۾ به واڌارو آيل آهي. انهيءَ نقطئه نگاهه کان ڏسبو ته پرمانند جي مضمونن ۾ بلڪل سادا خيال آهن. ازانسواءِ ٻولي جو به ڪجهه سقم رهجي ويو آهي. ليڪن اهي ڪي اهڙيون خاميون نه آهن جو سندس فن جي خوبين تي ڇانئجي وڃن ۽ ان کي لڪائي ڇڏين.
    ديوان نولراءَ 1890ع ۾ سڌار سڀا قائم ڪئي هئي. ان جي زير سايي هڪ مخزن سرسوتيءَ نالي سان جاري ڪيائين. جنهن ۾ اخلاقي، جسماني، مذهبي ۽ تعليمي نوعيت جا مضامين شايع ٿيندا هئا. ڪجهه عرصي بعد انهيءَ مان چونڊ مضامين ڪٺا ڪري “هيري جون ڪڻيون” نالي هڪ ڪتاب ڇپايو ويو. اوائلي دؤر ۾ جيڪي مضمونن جا مجموعا شايع ٿيا. تن ۾ “ويچار” کي به گهڻي اهميت حاصل آهي. ان جو مرتب سنڌ جو مشهور اديب پروفيسر لال سنگهه اجواڻي آهي. هن صاحب ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ جي مسنيءَ جي چاليهن سالن جا پرچا اڳيان رکي، انهن مان خاص خاص مضمونن کي پنهنجي انتخاب ۾ جاءِ ڏني. اهڙي قسم جي مجموعن ۾ “گلدستو” کي اوائلي دؤر ۾ مضامين جو انتخاب هجڻ جي لحاظ کان خاص درجو حاصل آهي. اهو مجموعو 1907ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان کي پريمچند ۽ ڏيارام وسڻ مل گڏجي ترتيب ڏنو هو، جنهن ۾ هڪ کان گهڻن اديبن جا مضامين گڏ ڪيا ويا هئا. مختلف اديبن جا مضامين گڏ ڪري، هڪڙي ڪتاب ۾ ڇپائڻ جو رواج ڪافي عرصي تائين هلندو رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي مجموعا ڇپجي ظاهر ٿيا، مثلاً: ادبي گلشن، ادبي غنچو، من جا مڻيا، ادب ۽ مروت وغيره. انهن مجموعن ۾ جن قلمڪارن جا مضامين هوندا هئا. سي سڀئي ڪنهن مشق اديب ڪونه هئا. بلڪ ڪن جو ته هن وقت ادبي دنيا ۾ ڪو نالو نشان به نه آهي. ڪي هاءِ اسڪولن
    جا مدرس ۽ ڪاليجن جا ليڪچرار هئا، جن جو شايد ادب سان شوق شغف گهڻي وقت تائين قائم رهي نه سگهيو. انهن مجموعن ۾ ڪن نؤ آميز ۽ سيکڙاٽ لکندڙن جا مضامين آندا ويا آهن، جي ڪن قابل اديبن جي ترميمن ۽ اضافي بعد شامل ڪيا ويا هئا. اهڙيءَ طرح، اهڙن مضامين جا ڪي لکندڙ ته صرف شاگرد هئا، ليڪن ان هوندي به زياده تر مضمون وري به انهن قابل ۽ معروف اديبن جي زور قلم جو نتيجو هئا، جي صاحب خود انهن جا مرتب هئا. انهن مجموعن جي مضامين جا موضوعات گهڻو ڪري عام هوندا هئا، جي اڪثر انساني روزاني مشاهدي ۾ ايندڙ شين، روزانو پيش ايندڙ واقعن ۽ ڪن سماجي مونجهارن جا موضوع هوندا هئا. انهن جو مقصد تعليمي ۽ اخلاقي هوندو هو ۽ انداز بيان صاف ۽ سليس زبان ۾ هوندو هو.
    مرزا قليچ بيگ اهو مايئه ناز اديب آهي، جنهن سنڌي ادب ۾ مختلف اصناف کي باقاعدي رواج ۾ آندو. ڊرامو، افسانو، ناول تنقيد وغيره کان علاوه مضمون نگاريءَ ۾ به هن جون ڪوششون قابل قدر آهن. مرزا صاحب جي مضمون نگاري خواه ادب جي ٻين صنفن ۾ ڪاوشون ٻن دؤرن تائين ظاهر ٿينديون رهيون. سوانح، سير وسياحت، تاريخ توڙي سماجي ۽ اخلاقي موضوعن تي هن صاحب جا ڪيترائي مضامين مختلف ڪتابن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيا. لارڊ بيڪن سورهينءَ صديءَ جو انگريزي مضمون نگار هو، جنهن جا مضامين Becons Essays جي نالي سان مقبول هئا. مرزا قليچ بيگ، اهي مضمون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، مٿس “مقالات الحڪمت” جو نالو ڏنو جو 1899ع ۾ ڇپيو. اهو پهريون ئي مضمونن جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ سمورا مضمون هڪ ئي مصنف جا هئا. سڀ مضامين اخلاقي موضوعات تي ٻڌل هئا. اسلوب ۽ انداز بيان جو اهو ڪمال آهي، جو ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ، عقل سليم ان کي مغربي تخليق سمجهڻ کان ئي قاصر ٿي وڃي ٿو ۽ سمجهڻ ۾ ائين ٿو اچي، گويا هيءَ ڪا اصلوڪي سنڌي تصنيف آهي ۽ نه ترجمو. بيڪن جي اصلي تصنيف نهايت دقيق ۽ فلسفياڻن نقطن سان معمور آهي، جنهن جو ڪنهن حد تائين سمجهڻ مشڪل آهي، ليڪن مرزا صاحب سڀني موضوعن کي سليس ۽ نصيحت ڀريل گفتن ۾ لکيو آهي. ابتدائي مضمون نگاريءَ واري دؤر ۾ جيڪي به اهم ڪتاب شايع ٿيا، تن جو ذڪر ڪيو ويو. جيئن جيئن مضمونن ۽ مقالن لکڻ جو رواج وڌيو، تيئن تيئن اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمونن کي ئي مناسب ۽ مستقل جاءِ ملڻ لڳي. سال 1900ع تائين سنڌي زبان ۾ ڪيترائي رسالا ۽ اخبارون نڪري چڪيون هيون، جن مان ٿورن جا نالا هي آهن: مدرسه، معاون مجمع، سرسوتي، مسافر، خيرخواه، جوت، تحفئه احباب ۽ آفتاب. انهن مان ڪيترا رسالا ڳچ سالن تائين هلندا رهيا. انهن سڀني ۾ مختلف اديبن جا مضامين شايع ٿيندا رهندا هئا. ڪيترا صحافي ته پنهنجي دؤر جا باڪمال اديب ٿي گذريا آهن، جن جي مضمونن جو ٻئي دؤر هيٺ ذڪر ايندو.
    سنڌي صحافت، سنڌي قوم ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ معاشي ۽ سماجي ميدان ۾ به سنڌي قوم ۽ سنڌ گهڻي خدمت ڪئي. ساڳيءَ طرح هن دؤر جي سنڌي صحافت جو، ادب کي ترقي ڏيارڻ ۾ مکيه حصو آهي، حالانڪ صحافت ۽ ادب جو پاڻ ۾ ڪوبه سڌو سنئون تعلق نه آهي. هي ٻيئي فن جيتري قدر همه گير آهن، اوتري قدر هڪ ٻئي کان مختلف به آهن. ليڪن ڏٺو ويو آهي ته دنيا جي اڪثر زبانن ۾ هيترا صحافي ساڳئي وقت مشهور اديب به ٿي گذريا آهن. سنڌي صحافت ۽ ادب ۾ پڻ اهڙو سنگم آهي. هن دؤر جا شمس الدين “بلبل”، ڄيٺمل پرسرام، محمد هاشم مخلص ۽ مولانا دين محمد وفائيءَ جهڙا معروف صحافي پنهنجي وقت جا اعليَ پايي جا اديب ۽ مضمون نگار پڻ هئا. شمس الدين بلبل “آفتاب سنڌ” جو ڳچ عرصو ايڊيٽر رهيو ۽ پنهنجون ذاتي اخبارون پڻ ڪڍيائين. محمد هاشم مخلص به پنهنجي حياتيءَ جي عرصي ۾ ڪيترن رسالن ۽ اخبارن جو ايڊيٽر ٿي رهيو، جن مان تحفئه احباب، بهار اخلاق، ڪچڪول، جعفر زٽلي، الامين ۽ مسلمان ڪافي مشهور آهن. مخلص جي مضمونن تي طنز ۽ مزاح جو رنگ چڙهيل آهي. بلبل مرحوم جي قلم جو سڄو زور معاشري ۾ سڌاري آڻڻ ۾ لڳو. نئين تهذيب ۽ تمدن ۾ جيڪي خرابيون عام ٿي ويون هيون، انهن جي بيخ ڪني ڪرڻ لاءِ هن جو قلم تلوار وانگر وهندو هو، ان ڪري سندس طنز ۽ مزاح خالص تعميري آهي ۽ ڪنهن به خاص شخصيت تي بيجا حملي ڪرڻ کان پاڪ آهي. سندس مضمون ۽ ظرافت سنڌي ادب ۾ لازوال حيثيت رکن ٿا، سندس نثر موزون، شائسته ۽ بليغ آهي.
    مخلص جي مضمونن ۾ جيتوڻيڪ مزاح ۽ طنز جو پهلو ضرور آهي، ليڪن ان تي گلا ۽ هجو جو رنگ به چڙهيل آهي. سندس انداز بيان تلخ لهجي ۽ سخت ڪلاميءَ وارو آهي. سندس مضمونن ۾ نه صرف وقت جي سياستدانن، زميندارن، پيرن ٻين مشهور هستين تي ٽوڪ بازي ۽ نشتر زني ڪيل آهي، بلڪ سندس همعصر صحافين جهڙوڪ شمس الدين بلبل ۽ نور اسلام جي ايڊيٽر مولوي نور محمد نظاماڻيءَ ۽ وقت جي ٻين اعليٰ هندو، مسلم اديبن ۽ صحافين تي به چٿر ڪئي ويئي آهي ۽ سندن مذاق اڏايو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو ڪريم بخش خالد لکي ٿو ته: “مخلص جي مضمونن ۾ فحش ۽ عريان زبان استعمال ڪيل آهي، جن ۾ شرافت ۽ اخلاق کي سرِعام ننگو ڪيو ويو آهي. اهي مضمون حد درجي جا فحش آهن، پر انهن جي رواني، لفظن جي سٽاء ۽ انتخاب، نوَن جملن جي ترڪيب ۽ محاورن جي ايجاد سببان اهي تحريرون خالص ادبي حيثيت رکن ٿيون.”
    ان دؤر جو ٻيو برک صحافي مولانا دين محمد وفائي آهي، جيڪو جدا جدا وقتن تي صحيفئه قادريه، الڪساشف، توحيد ۽ الوحيد جو ايڊيٽر ٿي رهيو. هن جا مضمون زياده تر مذهبي آهن، مگر چند ادبي ۽ سياسي مضامين پڻ لکيا اٿس.
    حڪيم فتح محمد سيوهاڻي به هن دؤر جو هڪ بلند پايي جو عالم، شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي. سندس مضامين اڪثر و بيشتر اخبارن ۾ ڇپبا رهندا هئا، جي تاريخ، مذهب ۽ سياست تي هوندا هئا. هن دؤر ۾ هندن جا به ڪيترا رسالا ۽ اخبارون نڪرنديون هيون. سناتن ڌرم پرچارڪ پتر، ماتا، هندو، هندستان، هندواسي وغيره. انهن جا جيڪي به ايڊيٽر هئا، تن سڀني ۾ ڄيٺمل پرسرام هڪ ناليرو صحافي ٿي گذريو آهي. هن جي ادبي خدمتن کي به قدر جي نگاهن سان ڏٺو وڃي ٿو. اخبارن ۾ هن جا سماجي، اخلاقي ۽ سياسي موضوعن تي لکيل مضامين اڪثر شايع ٿيندا رهندا هئا، جن جي مضمونن ۾ غلط ڪار ۽ چالباز سياستدانن، راشي ڪامورن توڙي سماج جي شرپسند عناصرن تي نڪته چيني ڪيل هوندي هئي، ليڪن اهو سڀ ڪجهه مهذبانه طريقي ۽ اديبانه رنگ ۾ هوندو هو. هن جو انداز بيان نهايت دلچسپ ۽ وڻندڙ آهي. سنڌو، اديب سنڌ، مهراڻ، علمي دنيا ۽ ٻيا ڪي ماهوار رسالا هن دؤر جي ادب جا نمائندا جريدا آهن، جي جديد قدرن ۽ نئين طرز تي شايع ٿيڻ لڳا. انهن رسالن جو، ادب جي جديد صنف جي اشاعت ۽ ترقيءَ ۾ وڏو حصو آهي.
    جڏهن بمبئي يونيورسٽيءَ طرفان مئٽرڪ لاءِ سنڌيءَ کي لازمي سبجيڪٽ ۽ بي. اي لاءِ اختياري سبجيڪٽ قرار ڏنو ويو، تڏهن هن صنف اڃا به گهڻي ترقي ڪئي. جدا جدا ڪورسن جي مناسبت سان ڪيترائي سنڌي نثر ۽ نظم جا انتخاب شايع ٿيا، جن ۾ چونڊ سنڌي نثر ۽ چونڊ سنڌي نثر و نظم ڪافي مشهور آهن.
    هن دؤر جي انهن چند مضمونن جي ڪتابن جا نالا درج ڪريان ٿو، جن جي حيثيت ادب ۾ مسلم آهي ۽ جن جي سبب سنڌي زبان جي مضمونن جي خزاني ۾ هڪ بيش بها اضافو ٿيو. زبان، اسلوب بيان ۽ ٻين فني خصوصيتن سببان هن مان هر هڪ ڪتاب پنهنجي جاءِ تي هڪ بهترين فن پاره آهي.

    1. ڳوٺاڻي چهر ۽ اناردانه _ نرائنداس ملڪاڻي
    2. ادبي غنچو _ رام پنجواڻي ۽ نارائڻداس ڀمڀاڻي
    3. چڻگون _ تيرٿ بسنت
    4. ادبي آئينو _ ليکراج عزيز
    5. سدا گلاب _ لالچند امرڏنو مل (هن مجموعي ۾ ڪي طبعزاد مضمون آهن ته ڪجهه وري هندي مضمونن جو ترجمو آهن.)
    6. درس عمل ۽ ادبي انتخاب _ عثمان علي انصاري
    (ادبي انتخاب ۾ ٻين ٻولين تان ترجمو ٿيل مضمون به شامل آهن.)

    ازانسواءِ مسافريءَ جو مزو، سير جو رنگ، انسان ۽ انسانيت، ويچار ۽ من جي مڻيا وغيره جو شمار به مضمونن جي سٺن ڪتابن ۾ ڪيو وڃي ٿو. ٻيا به ڪيترائي هندو ۽ مسلمان مشهور اهل قلم آهن، جن جا مضامين هن دؤر جي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيا، جيئن ته محمد صديق مسافر، محمد صالح ڀٽي، منگهارام ملڪاڻي، ڀيرومل مهرچند، ڊاڪٽر دائودپوٽو، عثمان علي انصاري، شيخ عبدالله عبد، علي محمد راشدي، ڪشنچند عزيز، ميران محمد شاهه، الهه بچايو سمون، مولانا محمد نورنگزاد، نبي بخش بلوچ، محمد اسماعيل عرساڻي وغيره. انهن مان ڪيترا اهي اديب آهن جن جا مضامين ايندڙ دؤر تائين به شايع ٿيندا رهيا، تنهن ڪري سندن مضِامين جو تذڪرو ٽئين دؤر ۾ ٿيندو.
    تعداد ۽ ڪثرت جي لحاظ کان سنڌي مضمون نگاريءَ جو هيءُ شاهڪار دؤر آهي، جنهن ۾ هن صنف جي هر زاويي کان ترقي ٿي. سياسي، مذهبي، سماجي، تهذيبي، تعليمي، اخلاقي، سوانحياتي، تاريخي، ادبي، تفريحي ۽ ٻين به هر طرح جي نقطي نگاهه کان قسمين قسمين مضامين لکيا ويا، جن ۾ سنجيده ۽ فڪر انگيز مضامين به آهن ته بحث مباحثي ۽ دليل دلائل وارو رجحان رکندڙ مضامين به آهن، ازانسواءِ ڪيترا مضمون نقطه چيني، طنز ۽ مزاح سان به لبريز آهن. چند مضمون وري هزل ۽ ظرافت جي چاشنيءَ سان ڀريل آهن.
    مضمون نگاريءَ جي ايتري ساري ترقيءَ سنڌي ادب سان گڏ زبان جي لغت ۾ پڻ اضافو آندو. جديد زماني جي تقاضائن ۽ نئين فڪر جي ترجماني ۽ اظهار لاءِ نوان نوان علمي اصطلاح، نيون نيون ترڪيبون ۽ تشبيهون جوڙيون ويون، جنهن ڪري سنڌي زبان ۾ وسعت بيان به آئي ته ان سان گڏوگڏ شيرين ۽ دلڪش انداز پڻ پيدا ٿيو.
    سنڌي مضمون نگاريءَ جو ٽيون دؤر قيامِ پاڪستان کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هليو ٿو اچي. هن دؤر ۾ مضمونن جا ڪي گهڻا مجموعا شايع ڪونه ٿيا، جنهن مان هن صنف جي ترقيءَ جي سلسلي ۾ سست رفتاريءَ جي سڌ پوي ٿي، پر جيڪڏهن باريڪ بين نظر سان ڇنڊڇاڻ ڪبي ته معلوم ٿيندو ته هن صنف به ٻين ادبي صنفن جيتري ترقي ضرور ڪئي آهي. ڪيترن اديبن جا مضامين جدا جدا رسالن ۾ آيل آهن، ليڪن اها اسان جي بدقسمتي چئبي جو هر هڪ مصنف جي جدا جدا ڇپيل مضمونن کي، هڪ ڪتاب ۾ گڏ ڪري، شايع ڪرڻ جو ڪم اڃا نه ٿيو آهي. ان جو سبب اهو آهي جو اسان وٽ اشاعتي ادارا تمام ٿورا آهن، جن جا وسيلا نهايت ئي محدود آهن، جنهن ڪري نه ڪي پاڪستان کان اڳ جا ڪتاب دوباره شايع ٿي سگهيا آهن ۽ نه وري گذريل دؤر ۽ هن دؤر جي مضمونن مان جدا جدا ادبي چيزن کي چونڊي، هڪ ڪتاب ۾ شايع ٿيڻ جو موقعو ملي سگهيو آهي.
    مسٽر عثمان علي انصاري سنڌ جو مشهور اهل قلم ۽ اديب ٿي گذريو آهي. هن صاحب جيتوڻيڪ ٻين به ادبي صنفن تي قلم آرائي ڪئي آهي، مگر هو بنيادي طور هڪ مضمون نگار هو. پاڪستان کان اڳ ۾ به هن جا مختلف رسالن ۾ ڪيترا مضمون آيل آهن. سندس هڪ مجموعو “درس عمل” شايع به ٿيل آهي، جو نفسياتي ۽ تعليمي نقطي نگاهه کان لکيل آهي. هي مضمون خصوصاً شاگردن ۽ استادن ۾ اصلاح آڻڻ جي غرض کان لکيا ويا هئا، جيئن شاگردن ۾ تعليم پرائڻ جو شوق وڌي ۽ استادن ۾ محنت ڪرڻ ۽ پڙهائڻ جو جذبو پيدا ٿئي. شگفته عبارت، وڻندڙ بيان ۽ اديب جي شخصي آزمودن ۽ تجربن ڪري، سندس مضمون نهايت ئي جاندار بنجي پيا آهن. هن دؤر جي سماهي مهراڻ ۽ نئين زندگي رسالي ۾ سندس چند مضمون شايع ٿيل آهن، جن سڀني مان “سنڌ جي تهذيب” مشهور آهي، جو اول الذڪر رسالي ۾ شايع ٿيو آهي. هلندڙ دؤر ۾ راقم جا به ڪيترا مضمون سنڌ جي مختلف تعليمي ۽ ادبي رسالن ۾ شايع ٿيا آهن. مثلاً: توحيد، عام راءِ، فردوس (هالا)، نئين زندگي، نئين کيتي، ڳوٺ سڌار، تعليم اخبار، “سماهي مهراڻ” ۽ روزانه مهراڻ جا ساليانه نمبر وغيره. انهن سڀني مضمونن جي فهرست علحده علحده موضوعن تحت، هيٺ درج ڪجي ٿي، منهنجا مضمون سلاست، دلچسپ انداز بيان ۽ مضمون نگاريءَ جي ٻين ڪيترن ئي خوبين ڪري ادبي حلقن ۾ گهڻو ساراهيا وڃن ٿا.

    (تعليمي مضامين)
    1. اڳوڻي تعليم ۽ هاڻوڪي تعليم.
    2. ماسترن جون مشڪلاتون.
    3. لازمي تعليم.
    4. ڪجهه ڏوهه پنهنجو به آهه.
    5. تعليمي نفسيات.
    6. اسڪولي نظم و نسق.

    (شخصيات، سوانح ۽ تاريخ)
    1. بُلا شاهه
    2. مشڪل ڪشا
    3. اُڏيرو لعل
    4. پٿورو پير.
    5. رحمت اللعالمين
    6. روم جي تاريخ جو هڪ خوني ورق

    (سير و سياحت ۽ معلومات)
    1. ٽئڪسيلا
    2. ڀنگڍ
    3. ڌونرا هڱورا
    4. روپا ماڙي
    5. ولاسو
    6. وسڪارو
    7. پلو
    8. گوڙيءَ جا ڏهڙا
    9. فتح باغ ۽ جوڻ

    (متفرقه)
    1. شاهه جي شعر ۾ ريگستان
    2. لاهوتي
    3. حضرت عمر بن عبدالعزيز
    4. آغا عبدالحليم شرر جي ڊرامن جو اخلاقي پهلو

    انهن سڀني مضمونن مان اڃا ڪنهن کي به ڪتابي صورت ۾ نه آندو ويو آهي. انهن کان علاوه ٻيا به مضمونن جا مجموعا “خيال خاطر” ۽ “نقش عمل” شايع ٿيل آهن، جي پنهنجي افاديت ۽ علمي نقطه نظر سببان جدا جدا تعليمي ۽ نصابي ڪتابن ۾ شايع ٿي چڪا آهن.
    پاڪستان جي قيام کان پوءِ جن قلمڪارن هن ميدان ۾ قدم رکيو آهي، تن ۾ مسٽر ڪريم ڏنو راڄپر جو نالو خاص طرح سان ورتو وڃي ٿو. هن جا ڪيترائي مضامين “نئين کيتي” رسالي ۾ شايع ٿيا هئا. نئين کيتي اداري طرفان، انهن مان ڪي مضمون گڏ ڪري، ڪتابي صورت ۾ شايع به ڪرايا ويا، جنهن مجموعي جو نالو “ڪک هيٺان لک” آهي. سير و سياحت متعلق ٻيا سندس مضامين سندس ڪتاب “آمريڪا جو سير” ۾ آهن، جو ساڳئي اداري جو شايع ڪرايل آهي. هن جا مضمون اڪثر معلومات افزا آهن ۽ آهن ۾ تفريح ۽ اصلاح جو گهڻو خيال رکيو ويو آهي. منجهس ڪم آيل زبان به نهايت ئي شائسته آهي، جنهن ڪري پڙهندڙ سندس تحرير مان علم پرائڻ سان گڏ لطف اندوز به ٿئي ٿو.
    عطا حسين شاهه موسوي پڻ هن دؤر جو هڪ بهترين انشا پرداز آهي. هن جي مضمونن جو هڪ مجموعو “ڪچ ڪوڏيون” آهي، جنهن کي ادبي حلقن ۾ گهڻي شهرت حاصل آهي ان ۾ سڀئي مضمون مصنف جا طبعزاد آهن، جن جي طرز بيان نهايت ئي لطيف ۽ وڻندڙ آهي. ڪي مضمون دلچسپ مزاح ۽ ظرافت سبب گهڻي ذوق ۽ شوق سان پڙهيا وڃن ٿا، خصوصاً سندس مضمون “شڪار” ۾ کي گهڻو پسند ڪيو ۽ ساراهيو وڃي ٿو.
    هن دؤر ۾ جن هندو اديبن جا سنڌ جي رسالن ۾ مضامين شايع ٿيندا رهيا آهن، تن ۾ پروفيسر چيتن ماڙيوالا جو نالو قابل ذڪر آهي. هن صاحب جا اڪثر مضامين سه ماهي “مهراڻ” ۾ شايع ٿيل آهن. هو گهڻو ڪري تاريخي مضمون لکندو آهي، ڇاڪاڻ ته هو تاريخ جو ئي پروفيسر آهي. هن جا تاريخي مضمون نهايت دلچسپيءَ سان پڙهيا وڃن ٿا. سندس انداز بيان اهڙو ته وڻندڙ آهي، جو تاريخ جي تلخ حقيقتن کي پڙهڻ سان اهڙو ته لطف ايندو آهي، جهڙو هوند ڪنهن مختصر افساني پڙهڻ مان اچي. اهو پروفيسر صاحب جو ئي ڪمال آهي، جنهن تاريخي اتهاس کي به “ادب” جو حصو بنائي ڇڏيو آهي. سه ماهي مهراڻ ۾ سندس هيٺان مضامين شايع ٿي چڪا آهن:

    1. دوستاڻو ناتو
    2. سنڌ ۽ افغانستان جي پهرين لڙائي
    3. سنڌو نديءَ تي واپاري آمدورفت جو نئون رنگ
    4. هندستان ۾ انگريزي سلطنت ۽ روسي ڪاهه جو اڊڪو.

    ورهاڱي کان اڳ به هن جي مضمونن جو هڪ مجموعو بعنوان “تاريخي مضمون” شايع ٿيو هو. هندستان ۾ سندس ٻه نوان مجموعا “اتهاسڪ چتر” ۽ “وچتر ورق” شايع ٿيا آهن.
    ڊاڪٽر علي احمد قاضي به هن دؤر جو ڪهنه مشق اهل قلم ۽ انشا پرداز آهي. هن جا به ڪيترائي مضمون ماهوار نئين زندگي ۽ سه ماهي “مهراڻ” ۾ شايع ٿي چڪا آهن، جن مان چند هي آهن:

    1. عشق ۽ عقل
    2. فلسفو ۽ سائنس
    3. آسائي ۽ نراسائي
    4. سچ ۽ ڪوڙ
    5. پليگ
    6. ماڻهوءَ جون ڪَل جون ٽي ڪُنجيون.

    پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا سنڌي زبان جو برک اديب ۽ مضمون نگار ٿي گذريو آهي. ورهاڱي کان اڳ واري دؤر ۾ هو ماهوار “سنڌوءَ” جو ايڊيٽر ٿي رهيو هو، جتان هن جي ادبي زندگيءَ جو آغاز ٿيو. موجوده دؤر ۾ هن جا بهترين مضمون سه ماهي مهراڻ ۾ ادب لطيف جي عنوان هيٺ شايع ٿيا، جن ۾ هن زندگيءَ جي گوناگون مسئلن کي ٽئگور ۽ خليل جبران جي اسلوب ۽ انداز ۾ بيان ڪيو آهي. انهن مجموعن جو جرمني زبان ۾ به ترجمو ٿيو آهي ۽ اتي جي ريڊيو اسٽيشن تان پڻ نشر ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح سان اهي مضمون انگريزي ۽ ٻين زبانن ۾ ترجمو ٿيل آهن. هن جا مضمون ڪيترن مشهور رسالن مثلاً شاعر، مارئي، نئين زندگي، روح رهاڻ ۽ روزنامه عبرت ۾ شايع ٿيل آهن.
    سيد ميران محمد شاهه، سياسي ميدان جو هڪ شهسوار ٿي گذريو آهي. هو هڪ سـٺو اديب ۽ شاعر به هو. جيتوڻيڪ ملڪي سياست سان وابسته هئڻ سبب، ادب ۾ گهڻو ڪم سرانجام ڏيئي نه سگهيو آهي، پر ورهاڱي کان اڳ سندس ڪي مضمون رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. سندس ڪي مضمون درسي نصاب ۾ گهڻو عرصو شامل رهيا، جهڙوڪ: “دل جي طلب ۽ گنجي ٽڪر جو سير.”
    الهه بچايو سمون به هڪ چڱو مضمون نگار ليکيو وڃي ٿو. “سير ڪوهستان” سندس هڪ بينظير تصنيف آهي، جا انداز بيان جدت ۽ نذرت جي نقطي نظر کان بلڪل منفرد آهي. سندس ڪي مضمون جدا جدا رسالن ۽ نصابي ڪتابن ۾ شايع ٿيل آهن.
    مٿي جن مضمون نگارن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، انهن کان علاوه ٻيا به ڪيترائي معروف ۽ غير معروف مضمون نگار آهن، جن جا مضمون رسالن ۽ روزنامه اخبارن ۾ گاهي گاهي ايندا رهن ٿا، مثلاً: لعل بخش ٽالپر جا مضمون، ضمير شاهه جو مڪان، دل جا افسانا ۽ تنهنجيون اکڙيون، سه ماهي “مهراڻ” ۾ ڇپجي چڪا آهن. اهڙيءَ طرح ولي محمد طاهرزادي جو هڪ مضمون “مارئيءَ جي محبت” پڻ ساڳئي رسالي ۾ شايع ٿيو آهي. اصلوڪن مضمونن کان سواءِ ٻين زبانن مان به ڪيترائي ترجمو ٿيل مضمون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجي چڪا آهن ۽ اهو سلسلو چالو آهي.
    جيڪڏهن هرهڪ لکندڙ، جنهن جو ڪو هڪ ٻه مضمون لکيل آهي، تن سڀني جو هتي ذڪر ڪيو ويندو، ته هيءُ مقالو نهايت طويل ٿي ويندو، لهاذا مناسب ائين آهي ته مقالي کي ختم ڪيو وڃي. مضمون نويسيءَ جو شوق روز بروز وڌندڙ آهي ۽ اميد آهي ته ايندڙ چند سالن ۾ سنڌي ادب جي هيءَ صنف توقع کان به وڌيڪ ترقي ڪري.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 469400
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 188206
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ