ڪتاب جو نالو: رقص منهنجي روح جو
مصنف: سجاد مهر
ڇپائيندڙ: ڪويتا پبليڪيشن
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 15 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 1188 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 412 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب “رقص منهنجي روح جو” خوبصورت شاعر ، ليکڪ ۽ دوست سجاد مهر جي غزلن تي مشتمل شاعريءَ جو آهي.
هي ڪتاب ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2014ع ۾ ڇپايو ويو. لک ٿورا پياري سجاد مهر جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • بادلن جو حساب ڪير ڪري!
  • غزل جي ماٿريءَ ۾ نوان پَڙاڏا!
  • سونهن، سَچ ۽ سادگيءَ جو شاعر
  • غزل ۽ سجاد مهر جي روح جو رقص
  • انگوريل احساسَ! ::: شاعر پاران
  • غزل :: 1
  • غزل :: 2
  • غزل :: 3
  • غزل :: 4
  • غزل :: 5
  • غزل :: 6
  • غزل :: 7
  • غزل :: 8
  • غزل :: 9
  • غزل :: 10
  • غزل :: 11
  • غزل :: 12
  • غزل :: 13
  • غزل :: 14
  • غزل :: 15
  • غزل :: 16
  • غزل :: 17
  • غزل :: 18
  • غزل :: 19
  • غزل :: 20
  • غزل :: 21
  • غزل :: 22
  • غزل :: 23
  • غزل :: 24
  • غزل :: 25
  • غزل :: 26
  • غزل :: 27
  • غزل :: 28
  • غزل :: 29
  • غزل :: 30
  • غزل :: 31
  • غزل :: 32
  • غزل :: 33
  • غزل :: 34
  • غزل :: 35
  • غزل :: 36
  • غزل :: 37
  • غزل :: 38
  • غزل :: 39
  • غزل :: 40
  • غزل :: 41
  • غزل :: 42
  • غزل :: 43
  • غزل :: 44
  • غزل :: 45
  • غزل :: 46
  • غزل :: 47
  • غزل :: 48
  • غزل :: 49
  • غزل :: 50
  • غزل :: 51
  • غزل :: 52
  • غزل :: 53
  • غزل :: 54
  • غزل :: 55
  • غزل :: 56
  • غزل :: 57
  • غزل :: 58
  • غزل :: 59
  • غزل :: 60
  • غزل :: 61
  • غزل :: 62
  • غزل :: 63
  • غزل :: 64
  • غزل :: 65
  • غزل :: 66
  • غزل :: 67
  • غزل :: 68
  • غزل :: 69
  • غزل :: 70
  • غزل :: 71
  • غزل :: 72
  • غزل :: 73
  • غزل :: 74
  • غزل :: 75
  • غزل :: 76
  • غزل :: 77
  • غزل :: 78
  • غزل :: 79
  • غزل :: 80
  • غزل :: 81
  • غزل :: 82
  • غزل :: 83
  • غزل :: 84
  • غزل :: 85
  • غزل :: 86
  • غزل :: 87
  • غزل :: 88
  • غزل :: 89
  • غزل :: 90
  • غزل :: 91
  • غزل :: 92
  • غزل :: 93
  • غزل :: 94
  • غزل :: 95
  • غزل :: 96
  • غزل :: 97
  • غزل :: 98
  • غزل :: 99
  • غزل :: 100
  • غزل :: 101
  • غزل :: 102
  • غزل :: 103
  • غزل :: 104
  • غزل :: 105
  • غزل :: 106
  • غزل :: 107
  • غزل :: 108
  • غزل :: 109
  • غزل :: 110
  • غزل :: 111
  • غزل :: 112
  • غزل :: 113
  • غزل :: 114
  • غزل :: 115
  • غزل :: 116
  • غزل :: 117
  • غزل :: 118
  • غزل :: 119
  • غزل :: 120
  • غزل :: 121
  • غزل :: 122
  • غزل :: 123
  • غزل :: 124
  • غزل :: 125
  • غزل :: 126

  • بادلن جو حساب ڪير ڪري!

    غزل ــ عربي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: اهو عشقيه ڪلام يا شعر، جنهن ۾ حسن ۽ جمال، فراق ۽ وصال ۽ سوز ۽ گداز بابت منظوم بيان ٿيل هجي. شعر جي حيثيت ۾ اهو ايرانين جي ايجاد آهي ۽ (فارسي ادب جي تاريخن مطابق عبدالله جعفر بن رودڪي سمرقندي غزل جو باني هو. سندس زمانو چوٿين صدي هجري هو. رودڪي 329هه ــ 952ع ۾ وفات ڪئي. پنهنجي زماني جو عظيم شاعر مڃيو ويو آهي. ايستائين جو ڪن نقادن ته ائين به چيو ته بيشڪ عرب ۽ عجم ۾ سندس پايي جو ٻيو ڪوبه ڪونه آهي، هن قصيدي، غزل مثنوي ۽ رباعي ۾ نهايت ڪاميابي سان طبع آزمائي ڪئي. سندس شعرن جو تعداد لڳ ڀڳ لک کي پهتو آهي. سندس شاعري فطرت جي ترجماني ڪندڙ آهي. هو فارسي شاعرن جو ابو ۽ سلطانِ شاعران مڃيو ويو آهي.
    زمانہ پندي آزاد وار داد مرل،
    زمانہ چوں نگري سر بسر همه پند است،
    دانش اندر دل چراغ روشن است،
    وزهمه بد برتن تو جوشنِ است.

    (زماني مون کي آزاد منش انداز ۾ هڪ نصيحت ڪئي، ڏٺو وڃي ته زمانو سراپا نصيحت ئي نصيحت آهي.
    عقل ايئن آهي، جيئن ڪو ڏيلَ ۾ ڏيئو ٻري، اهو سڀني براين جي برعڪس تنهنجي جسم لاءِ زرهه جو ڪم ٿو ڏئي.)
    غزل کي بنيادي طور عشقيه شاعريءَ جي صنف چيو ويو آهي، مگر اڄ ان ۾ ايتري وسعت اچي چڪي آهي، جو سياست، معيشت کان سواءِ سماجي لاهن چاڙهن کي به اظهار ۾ آندو وڃي ٿو.
    ايوانن ۾ اندر ويٺل،
    سارا دهشتگرد لڳن ٿا.
    سنڌ جي سام کي لڄايو ٿي،
    تون آن ڀوتارَ! ڀاڙ جي پويان.
    سنڌ بي روزگار ٿي ويئي،
    تنهنجي ميرٽ لتاڙ جي پويان.
    غزل لاءِ ضروري آهي ته ان جي پهرين بند جي ٻنهي مصرعن ۾ قافيو ضروري هئڻ کپي. ان پهرين بند کي “مطلع” چئبو آهي، مطلع کان پوءِ ٻين بندن جي ٻي مصرع ۾ قافيي جي پابندي لازمي آهي. ضروري ناهي ته غزل ۾ رديف به هجي جنهن بند ۾ شاعر تخلص جو استعمال ڪري ٿو، ان کي “مقطع” چئبو آهي. غزل ۾ وزن ۽ قافيي جي بندش کانپوءِ ان جو هر بند معنوي لحاظ کان مڪمل حيثيت رکندو آهي، مگر مسلسل نه هوندو آهي. غزل ۾ منطقي تسلسل قائم رکي نه سگهبو آهي. ڪن شاعرن مسلسل غزل به چيا آهن، مگر اهي غزل جي مزاج سان ڪيتري مطابقت رکن ٿا، سا ڳالهه ئي جدا آهي. ان لاءِ غزل جو عنوان تجويز ئي ڪونه ڪري سگهبو.
    سنڌ ۾ فارسي شاعريءَ جو رواج نهايت آڳاٽو معلوم ٿئي ٿو، جو قباچه جي دور ۾ محمد عوفي جو لکيل سنڌ ۾ پهريون شاعرن جو تذڪرو “لباب الالباب” نه رڳو سنڌ ۾ لکيل پهريون شاعرن جو تذڪرو آهي، پر فارسي زبان ۾ به دنيا جو پهريون لکيل شاعرن جو تذڪرو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ فارسي شاعريءَ جو ماحول به ترقي يافته هوندو. سومرن جي دور ۾ به فارسي جو پکڙجڻ معلوم ٿئي ٿو. بهرحال جي فارسي شاعريءَ جو ماحول سنڌ ۾ به سازگار هو ته غزل ڪهڙو بعيد هوندو. غزل انگريزن جي دور تائين به مقبول رهيو ته اڄ به مقبول ۽ مرغوب صنف آهي، وقت ۽ فطرت غزل ۾ ايتري تبديلي آندي آهي، جو اهو هاڻي سنڌي غزل ٿي ويو آهي. سنڌي فطرت سان هم آهنگ ٿيڻ ۾ ان کي عرصو ته ضرور لڳو، پر سچل سرمست جي اظهار ۽ خليفي گل جي جاکوڙ، اهڙيون امر ۽ اٽل روايتون رهيون، جن کي ڪڏهن به فراموش ڪري نه ٿو سگهجي، شيخ اياز غزل کي “سنڌي غزل” بڻائڻ ۾ لازوال ڪردار ادا ڪري عظمت جو مثال قائم ڪيو.
    شيخ اياز جي غزل جي اظهار ۾ ايڏي ته ڪشش آهي، جو ان همعصر دور جي شاعرن جي طبيعت تي ايترو اثر ڪيو، جو اها موذون ٿي، غزل چوڻ لاءِ آماده ٿي. غزل جيڪو هڪ عرصو آورد جو اهڃاڻ هو، تنهن کي جڏهن آمد جي حسناڪي نصيب ٿي ته نکري نروار ٿيو.
    شاعري جا هونءَ ته محرڪات مختلف چيا وڃن ٿا، جن ۾ قدرتي ۽ فطرتي منظر، موسمي تَبَدُل ۽ تَغير، پکين جون دلڪش لاتيون، فلڪي نظارن جا اثر بيشڪ اٽل حقيقتون ته آهن ئي، جن کي خارجي اثرات چئجي ٿو، پر فرد جي داخليت جا مختلف محسوساتي انداز جن جو نه وقت هوندو آهي ۽ نه ويلو، اهي جڏهن آمد جا محرڪات بڻجي اظهارجن ٿا، تڏهن انهن جو حسن ۽ جمال ڏسي حيرت جي انتها ٿي وڃي ٿي، تڏهن سنڌي فطرت ان کي نه فرد جو ڪمال چوي ٿي نه ڏاهپ، پر ڏات سان تعبير ڪري الهامي آواز جو درجو ڏئي ٿي. اها ڳالهه سوچڻ تي به ته مجبور ڪري ٿي ته نه مهل نه موقعو الائي ڪهڙي ساعت سدوري ٿيو پوي جو ساهه پساهه جا ساز سرندا سازگار فضا بڻائي آلاپ ۽ اظهار ٿيو پَونِ، انهن ڪيفيتن کي درد ۽ عشق جون ڪيفيتون به چيو ويو، انهن ڪيفيتن جي دوام لاءِ جُهد ۽ جولاني ڪيتري ڪارگر ۽ ڪار آمد ٿئي ٿي؟ سا هر هڪ جي دل جي دنيا تي مدار رکي ٿي. ان جو دوام نصيب به ٿئي ته چئون درد جي ڪيف ۽ ڪڪور کان جيءُ جدا ئي نه ٿئي. يا صوفي درد کان سواءِ نامرد چون، ائين ئي وڃي گيڙوءَ رتن گيتن ۽ ڪلامن تائين دنگ ٿين.
    ڀلي مغربي شاعريءَ جا فني لوازمات ۽ تنقيدي قدر ڪهڙا به هجن، اسين انهن تان ڪيترو به استفادو ڪريون، پر سنڌي ڪلاسيڪي شاعري ۽ جديد شاعري، پنهنجي فطرت ۽ اظهار لاءِ اڃا به انهن قدرن لاءِ واجهائي رهي آهي، جن ۾ انهن جو هر پهلوءَ جي ترجماني ۽ اعتراف ٿي سگهي، اسان جا ڪلاسيڪي شاعر ته اڀياس گهرن ٿا، پر نون ۽ نوجوان شاعرن جي تخليقي اعتراف ڏانهن به توجهه ڏيڻ لازم آهي.
    نوجوانن جي هڪ چڱي کيپ ۾ سجاد مهر به پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري ٿو، جنهن کي سخن جي مشق ۾ اٽڪل پندرنهن سال ته ٿي چڪا آهن، پر ان عرصي ۾ ڪيل سندس تن جي تپسيا جي رد عمل ۾ چڱا خاصا غزل اظهار جو روپ اختيار ڪري هڪ مجموعي جي صورت وٺي بيٺا آهن، جنهن جو عنوان سندس شاعرانه انداز جو اظهار ته آهي ئي، پر ان تخليق جي محرڪات، اظهار، حسن، حيرت ۽ نتيجي جي به نشاندهي به ڪري ٿو. “رقص منهنجي روح جو”، سندس مجموعي جو پهريون غزل آهي:
    سِوا تنهنجي ڇَسي موسم،
    اکين مان پَئي وَسي موسم!

    کِلي ڄَڻ ڪنهن خيالن جي،
    اسان کان هُئي کَسي موسم!

    شَرابن ڪا شِرارت ڪئي،
    گِلاسن سان گَسي موسم!

    گُلابي گيت، ڇا ڇيڙيَئه،
    رَبابَن کي رَسي موسم!

    اَچڻ جي آسري تُنهنجي،
    دِلاسن هُئي دَسي موسم!

    اَجايو ڇو ڪَئي آ، تو،
    بِرهه جي بي چَسي موسم.

    سجاد جو غزل نه دقيق آهي نه ان جو ڪو لفظ ثقيل آهي. اهو نهايت آسان پيرايي ۾ عام فهم ۽ آسان پيو محسوس ٿئي. غزل ۾ ربط ۽ رواني هڪ طرف ان جي آهنگ ۾ دلڪشي وڌائي ٿي ته ٻي طرف آمد جو چٽو دليل پيش ڪري ٿو.
    جيئن اچاريان نانءُ ٿو تنهنجو پرين،
    شاعري الهام ٿيندي ٿي وڃي.
    سجاد جي ان شعر ۾ فنڪار جي تخليقي حيرت جو عنصر ته محسوس ٿئي ٿو، جنهن کي هو الهام جي اشاري سان تعبير ڪري ٿو. پر شعر جي تخليق جو محرڪ به معلوم ٿئي ٿو ته جيئن پاڻ پرينءَ کي ياد ڪري سندس نانءُ وٺي ٿو، تيئن شعر لاءِ سندس طبيعت موذون ٿي پوي ٿي. ٻين لفظن ۾ ائين به چئي سگهجي ٿو ته وڇوڙي ۾ ياد جانان ۽ پريت جي پيچ جي پختگي ۽ دلي رغبت جي اثر جي گهرائيءَ جو اهو رنگ آهي ته جيئن ياد ڪري ٿو تيئن جيءَ تي جهڙ ڇانئجي ٿو ۽ تخليق مٿس اوڙڪون ڪري وسڪارو ڪري وسي ٿي.
    هونءَ به شعر جي تخليق جي محرڪات جا مختلف اسباب ٿيندا آهن ورڊس ورٿ جڏهن قدرتي منظرن ڏانهن متوجهه ٿيندو هو، تڏهن سندس ڪيفيت ۾ تبدل ۽ تغير ايندو هو ۽ تخليق جا پرتوا مٿس گهرا ٿيندا ويندا هئا ۽ آخر تخليق وجود وٺندي هئي اهڙيءَ طرح ڪيٽس لاءِ ڪٿي پڙهيو اٿم ته جڏهن واءُ ورندو ۽ وڻن جي پنن ۾ کڙکڙ ٿيندي، تڏهن انهن جي ترنم تي سندس سرير جا ساز به ڇڙي پوندا ۽ هڪٻئي سان هم آهنگ ٿي، تخليق جو وجود ممڪن بڻائيندا.
    سجاد جي غزل تي سماجي صورتحال جا تاثرات به محسوس ٿين ٿا ۽ سماج ۾ مستعمل محاورن جو استعمال ڪري، پنهنجي ادراڪ ۽ احساس جي ترجماني ڪري ڪامياب اظهار جو ثبوت به ڏئي ٿو:
    زندگي تيل ٿي وئي آهي،
    هر گهڙي ويل ٿي وئي آهي.

    فون آئي جڏهن کان کيسي ۾،
    عاشقي کيل ٿي وئي آهي.

    سودو سچ جو سلي نه ٿو ڪوئي،
    ڪوڙ جي سيل ٿي وئي آهي.

    سجاد جي غزل جو روپ ۽ رنگ ڏسي چئي سگهجي ٿو ته هو انهن شاعرن جي قطار ۾ چٽو نظر ايندو، جن غزل جي مزاج کي سنڌيت سان رنڱي ڇڏيو. انهن ۾ شيخ اياز، وفا ناٿن شاهي، اسحاق سميجو، علي دوست عاجز ۽ ڪي ٻيا به نوجوان آهن، ان سٿ ۾ سائين راشد مورائي جو پورهيو به پڌرو آهي.
    غزل ۾ عڪسيت قائم ڪرڻ ڏکيو ته آهي، پر هن نوجوان جي غزل ۾ اهو گڻ به موجود آهي، عام طور تي چيو ويندو آهي ته شاعر جي تخليق مان سڄي جو سڄي ڪويتا ڳائڻ جهڙي نه به هوندي آهي، ڪي تخليقون مهل ۽ موقعي تي نصيحت، نتيجي، مثال ۽ پهاڪي جي طور تي پيش ڪري سگهبيون آهن، پر ڪيترن شاعرن جي تخليقن ۾ موسيقيت ايتري ته گهڻي موجود هوندي آهي، جو اهي مٿين خوبين سان مالا مال هجڻ سان گڏ ڳائڻ ۾ به آسان لڳنديون آهن.
    بند نيڻن ۾ خواب جاڳي ٿو،
    ڪو اندر ۾ عذاب جاڳي ٿو.

    روح جي مان رقص مان نڪتو نه هان،
    ها اڃا هڪ شخص مان نڪتو نه هان.

    گهاءُ من جو اڃا ڀريو ڪونهي،
    هانءُ تنهنجو اڃا ٺريو ڪونهي.

    هي جو هيڏو وسيع زمانو آ،
    تو سوا ڄڻ ته قيد خانو آ.

    سور سمجهي نه ٿي پيار ڄاڻي نه ٿي،
    هاءِ! مون کي اڃا هوءَ سڃاڻي نه ٿي.

    بهرحال اهي مثال ڪافي آهن، هڪ ڳالهه اها به آهي ته ڪنهن به شاعر جي ڪلام ۾ جيڪڏهن پنهنجي زبان ۾ موجود شاعريءَ جي ذخيري جي روشنيءَ مان ڪي تجليون نه ٿيون اڀرن ته چئبو سندس ورثي ڏي ڪا نگاهه ئي نه آهي ۽ نه ئي ان جي اهميت ۽ افاديت جي ساڃاهه موجود آهي. سجاد به پنهنجي ورثي جي ورثي جي ڀرپور ساڃاهه رکي ٿو ۽ ان جي تجلي سندس تخليق ۾ به پسي سگهجي ٿي.
    سهڻي، مومل، مارئي، ٻاگهي،
    ڄڻ ڪي جوڌا مرد لڳن ٿا.
    شڪارپوري هجي ۽ مٿس شڪارپور جي لالائي نه پسي سگهجي ته ڪيئن چئبو ته شڪارپوري آهي! ڳالهائڻ ٻولهائڻ، اٿڻي ويهڻي ۽ ڪم ڪار ۾ اهڙي ڏِکَ ڏيندو جو ظاهر ٿي پوندو ته شڪارپوري آهي.
    ڏانءُ ڏنو آ مون کي توئي،
    ڏات ته منهنجي پنهنجي آ ني!
    جيت بلاشڪ تنهنجي دلبر،
    مات ته منهنجي پنهنجي آ ني.
    سجاد جي شاعريءَ ۾ اڃا گهڻيون خوبيون آهن، جي زور سان ڌيان ڇڪائين ٿيون، پر منهنجي سستي ۽ سجاد جي تڪڙ سبب قصو مختصر ڪندي آخر ۾ کيس جس ڏيڻ سان گڏ چوان ٿو ته ربط ۽ تغزل توڙي خيال ۽ پرواز ۾ پختي هجڻ سان گڏ هر غزل جو هر بند ايترو دلڪش آهي، جو ڄڻ بيت الغزل هجي، سندس سخن جي مشق ۽ فنِ شاعري جي سکيا کيس سنڌ جي وڏن شاعرن جي ساٿ جو ساٿي ضرور بڻائيندي.

    انور فگار هَڪڙو
    1-جون 2014ع،
    ڄامشورو.


    غزل جي ماٿريءَ ۾ نوان پَڙاڏا!

    اسان غزل کي کڻي ڪيترا به سنڌي ويس وڳا پَهرايون ۽ اجرڪ جي ڇَر جهڙيون سنڌي ٻوليءَ ۾ ثقافت سان سلهاڙيل تشبيهون ۽ استعارا ڪتب آڻيون پر پوءِ به غزل کي امراءُ القيس جي قصيدن ۽ حافظ جي غزلن وارين جڙن کان ڌار نه ٿا ڪري سگهون. ائين غزل کي تغزل کان ڌار ڪنداسين ته به غزل، غزل نه رهندو ۽ نظم ٿي پوندو.
    ٻيو ته غزل لکڻ لاءِ شاعر وٽ مخصوص مزاج جو هئڻ اشد ضروري آهي. حافظ شيرَازي ۽ مرزا اسدالله غالب پارا به غزليه شاعريءَ جي اُڀ تي ستارن وانگي پنهنجي مخصوص مزاج سبب کِڙيا ۽ ڌرتيءَ تي ڳاڙهي گلاب جي گلن جيان ٽِڙيا.
    نئين ٽهيءَ جي شاعر سجاد مهر وٽ پڻ غزليه شاعريءَ ڪرڻ وارو مزاج هڪيو تڪيو آهي. هُو جڏهن غزل لکڻ لاءِ قلم کڻي ٿو ته سندس قلم جي نب ۾ ڄڻ ته “ڪن فيڪون” واري سگهه پيدا ٿي پوي ٿي، ۽ لفظ سندس آڏو ڇيريون ٻڌي نچن ٿا.....
    سجاد مهر جا غزل پڙهي ائين ٿو محسوس ٿي ڄڻ سرنهن جي ڦلاريل کيت ۾ ڪو عاشق نامدار هجر جون سَٽون سَهي سَهي رُنو هُجي، ۽ هُن بنسري تي ڪا درديلي تانَ ڇيڙي هُجي!
    سارَ جي ڄارَ ۾ نه ڦاٿا جي،
    سُورَ کان سي ڇُٽي پيا آهن.
    عشق، سونهن ۽ سنسار جي حوالي سان سجاد مهر جي آبزرويشن هيئن آهي.
    عشق! ايڏيون عنايتون تنهنجيون،
    چوٽ تازي رڳن ۾ شامل آ.

    ويو آخر مَٽي رستو،
    محبت جو ڪَٽي رَستو.

    چاڪ مَن جا چڪي پيا آهن،
    درد دل ۾ ٽِڪي پيا آهن.

    اجڙي ويل ڪو شهر اَسان،
    رات جو پويون پَهر اَسان.

    تون جي ناهين ته پوءِ حياتيءَ جو،
    فلسفو ئي فضول آ پيارا.

    هلي ڄام شورو وَرِي ٿا وَسايو،
    هَوائون خريدي نه سگهبيون او سائين.

    سجاد جي غزلن ۾ اهڙا کوڙ سارا شعر ملن ٿا جيڪي هجر جي حالت ۾ گذاريل راتين جي ياد ڏيارين ٿا.

    ضياءُ شاهه
    21 مارچ 2014ع


    سونهن، سَچ ۽ سادگيءَ جو شاعر

    ادبي کيتر ۾ کوڙا اهڙا ڪوي آهن جيڪي پنهنجي شاعراڻين صلاحيتن جي بل بوتي آڌار ٿوري ئي عرصي ۾ پاڻ مڃائي وٺندا آهن اهڙن ئي ڀاڳوند شاعرن ۾ هڪڙو نرالو نانءُ “سجاد مهر” جو پڻ آهي.
    ائين به ناهي ته اها مڃتا کين “پڇ ٻڌي مهري” ڪرڻ واري چوڻي جيان ملي آهي پر يقيناً اهڙي مڃتا ماڻڻ لاءِ نيڻن نور نچوئڻ درڪار هُجي ٿو. ۽ اُٺ ڪتابن جا اُٿلائڻا ۽ پڙهڻا پَون ٿا، جيڪي سجاد مهر به اَوس پڙهيا آهن جِن هِن جي ڪلا کي جَلا بخشي آهي.
    سنڌ ۾ تمام ججهي مقدار ۾ موجود شاعرن جي هُجوم ۾ پاڻ مڃائڻ اَڪَ منجهان ماکي لاهڻ جيان سؤلو ڪم ڪونهي، پر مسلسل لکڻ جي مَشق جاري رکڻ سان سفر سڦلتا ضرور ماڻيندو آهي. سو سجاد مهر به مسلسل لکندو رهيو آهي، ۽ اڄ سندس قلمي پورهيو “رقص منهنجي روح جو” اوهان ۽ اسان جي هٿن ۾ آهي.
    سجاد مهر جو پنهنجو مخصوص انداز آهي هُو لکڻ لاءِ جڏهن به قلم کڻي ٿو ته سندس قلم جي نوڪ مان غزل جي صورت ۾ جهڙوڪر رنگين گلدستا جڙي پون ٿا، جيڪي سندس شاعراڻي جهان کي حُسناڪيون ارپي وڃن ٿا.
    شاعري رڳو بَحر، وزن جو نالو به ناهي، ڇوته بحر وزن هڪ علم آهي، جيڪو پڙهڻ ۽ سکڻ واري مرحلي مان گذري حاصل ڪري سگهجي ٿو. ۽ لفظن جي ڊکاڻڪي ڪري سگهجي ٿي، پر شاعريءَ ۾ وڌيڪ اهميت خيال کي آهي، اها ڳالهه الڳ آهي ته بَحر، وزن شاعريءَ جي سونهن ضرور آهي، جيڪا سجاد جي شاعريءَ ۾ پڻ آهي. سندس غزل فني اعتبار کان تمام پُختا ۽ جاندار آهن سندس اظهارِ بيان بنهه سادو ۽ سليس آهي جيڪو پڙهندڙ جي دل جي پاتال تائين پهچڻ جي سگهه رکي ٿو.
    سجاد شاعريءَ جي صنعتن مان هڪ صنعت تجنيس حَرفيءَ جو استعمال ڏاڍو سهڻو ڪيو آهي، ۽ نئين ٽهيءَ جي شاعرن ۾ ڪو ورلي ئي استعمال ڪري ٿو ها اگر ڪي شاعر ان صنعت جو استعمال ڪن ٿا ته اهڙا شاعر ٿوري تعداد ۾ ئي آهن سجاد جي اها خوبي کيس ٽهيءَ جي ٻين شاعرن کان الڳ شاعر هجڻ واري سڃاڻ عطا ڪئي آهي.
    هتي ڪجهه بند سندس ڏجن ٿا:
    گناهَه غَم ۾ مُنجهي مَرن ٿا،
    ثواب کي هو ڇُهي ڏٺو مون.
    يا وري:
    گهلي اهڙي گهٽا ڪائي، هَوا جو هانءُ ٿو ڦاٽي،
    وساريو تو وري اهڙو وَفا جو هانءُ ٿو ڦاٽي.
    سندس سهڻي تجنيس ۽ نڪور تشبيهه:
    جَوانيءَ جا جگنو جڏهن سَرد ٿين ٿا،
    وَيل وقت ڏي هوءَ وَڌي ٿي نهاري.

    مَٿي ۾ لڳي ويا رُڳو رولو رهبر،
    تڪي ٿي تقاضا، ٻڌي ٿي نهاري.
    يا اڃان به هي خيال ڪيڏو نه ان ٽَچ ٿو لڳي:
    شَرابن ڪا شرارت ڪئي،
    گلاسن سان گسي موسم.
    سندس شاعري پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته سونهن، سَچَ، سادگيءَ ۽ جدت جو حَسين ڪو سنگم آهي، جيڪو رَوح جي تار کي ڏاڍو بي ساختگيءَ سان ڇُهي ٿو.
    منير پنهيار
    ڪُنب


    غزل ۽ سجاد مهر جي روح جو رقص

    خوبصورت شاعر ۽ تخليقڪار سجاد مهر جي شاعريءَ جو ڇپيل پهريون ڪتاب “رقص منهنجي روح جو” منهنجي هٿن ۾ آهي. سجاد مهر جي شاعري هڪ ڊگهي عرصي کان سوشل ميڊيا سان گڏ مختلف ادبي مخزنن ۾ پڙهندو رهيو آهيان ۽ سندس شاعريء کان متاثر ٿي انهن تي پنهنجا تعريفي رايا به لکندو رهيو آهيان. شاعريء جي ڪتاب جو اڀياس ڪرڻ يا ان تي تنقيد لکڻ منهنجي وس جي ڳالهه ناهي، انڪري ته مان پاڻ ڪو شاعر ناهيان. سجاد مهر سان پهرين ملاقات ۾ شاعري، ادب ۽ تعليم ئي گهڻو ڪري زير بحث رهيا هيا. وقت گهٽ هيو ۽ ڳالهيون گهڻيون، تنهنڪري ان محدود وقت ۾ اهو بحث اڻپورو ئي رهجي ويو. سجاد ڇو ته هڪ سٺو ڪالم نگار به آهي تنهنڪري سندس شاعريء ۾ سماجي انارڪي، ڏاڍ، محبت، عشق، پنهنجائپ، بي وفائي جهڙا موضوع نمايان نظر اچن ٿا. سجاد مهر شاعريءَ جي ڪهڪشان جو اهو اڀرندڙ ستارو آهي جنهن وٽ موضوعن جي گهڻائي ۽ سولي ٻولي جي استعمال ۽ لفظن جي جڙيل سهڻي مالا کيس چمڪ ڏني آهي. سجاد مهر جي هڪڙي خاصيت اها به آهي ته هو تنقيد کي کُلي دل سان قبول ڪندو آهي. مونکي ياد آهي سندس هڪ غزل ڊزائن ڪري فيسبوڪ ۽ سنڌ سلامت تي شيئر ڪيو هيم ... ان تي انيڪ رايا آيا هيا، ڪجهه تنقيد به ٿي هئي، ڪجهه دوستن ان غزل کي روايتي غزل چيو هيو پر هن سڀني سوالن جا روايتي ۽ ادبي انداز سان ۽ جواب ڏنا هيا. سندس غزل ۾ عشق، محبت ۽ سونهن لاء تڙپ عيان آهي.
    نقاب کي هو ڇُهي ڏٺو مون
    عذاب کي هو ڇُهي ڏٺو مون
    اڃان چپن کي نه چين آهي
    شراب کي هو ڇُهي ڏٺو مون

    سجاد غزل جي گهاڙيٽي جو اهو شاعر آهي جنهن جي شاعري ۾ وڇوڙي جا آلاپ به آهن ته اداسيءَ جون آهون به آهن.
    درد ئي بس ديس ۾ آهن بچيا
    هر خوشي گمنام ٿيندي ٿي وڃي.

    يا وري سندس هڪ غزل جو هي بند
    اجايو ڇو ڪئي آ تو
    برهه جي بي چَسي موسم

    سنڌ جون موجوده سماجي، سياسي ۽ معاشرتي حالتن تي شاعر جي دل روئي پوندي آهي، ڇو ته هو گهڻو حساس هوندو آهي. سجاد به پنهنجي شاعريء ۾ ڀَڄندي ۽ ڀُرندي محسوس پيو ٿئي:
    ماڳ جي مالڪي نه ڪئي آ ڪنهن
    ڀونءِ جي ڀيل ٿي وئي آهي

    يا ور ٻئي هنڌ پنهنجا احساس هيئن بيان ڪري ٿو:
    جي پڙهان ٿو سنڌ جي اخبار ڪا
    هر خبر ٿي هانوَ ۾ هُرندي وڃي

    پير تنهنجا غير ڏي ويندي ڏٺم
    دل تڏهن دلدار ٿي ڪُرندي وڃي

    سندس غزلن جي وزن، بحر، قافيي ۽ رديف تي ڪو شاعر ئي ڳالهائي سگهندو باقي اسان جهڙن عام ماڻهن لاء سجاد جي سادي ۽ سڌي سنئي ٻولي وڏي غنيمت آهي. هو بغير ڪنهن لڪ لڪاء ۽ فلسفي جي پنهنجي دل جون ڳالهيون قلم جي نوڪ ذريعي سنواري ۽ سينگاري پيش ٿو ڪري. نه صرف پنهنجي ڳالهه پر سندس غزل اسان جي دل جي ترجماني ڪندي نظر اچن ٿا.
    سوالن جي وچ ۾ جوابن جي وچ ۾
    هميشه رهياسين حسابن جي وچ ۾

    پيو سوچي شاعر الائي ڇا ٿيندو
    غزل جو پڙهيو آ، نقادن جي وچ ۾

    هن دور ۾ شاعري ڪرڻ، شاعري سنڀالڻ ۽ وري ڪتاب ڇپائڻ ڪو سولو ڪم ناهي. اڄ جي دور ۾ ڪجهه ادارا صرف نالي چڙهيل شاعرن يا ليکڪن کي ڇاپين يا وري سرڪاري فنڊن تي هلندڙ ادبي ادارا صرف من پسند يا سياسي پٺ رکندڙن جا ڪتاب ڇاپين. تنهنڪري نوجوان شاعر ڪتاب نه صرف پنهنجي هڙان وڙان ڏئي ڇاپين ٿا پر انهن جي مارڪيٽنگ به نه هجڻ ڪري دوستن کي تحفي طور ڏين ٿا. پر سجاد جي غزلن جو هي ڪتاب ”رقص منهنجي روح جو“ پڙهڻ جهڙو ۽ پنهنجي ذاتي لائبرري ۾ سنڀالڻ جهڙو آهي، هن ڪتاب ۾ موجود غزل دلين جا ترجمان آهن. هر غزل جو ڪونه ڪو بند ڄڻ اسان جي دل جو آواز ٿو لڳي. سندس هي ڪتاب اهو ثابت ڪندو ته سجاد مهر اسان جي ٽهي جي انهن نوجوان شاعرن مان آهي جن پنهنجي سندر احساسن، آسان ۽ سليس ٻوليءَ ۽ پختي شاعريءَ سبب نالو ڪمايو آهي.


    محمد سليمان وساڻ
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام


    انگوريل احساسَ! ::: شاعر پاران

    شاعريءَ جو شوق ڪڏهن کان ٿِيو ڪو پتو ڪونهي. لکڻ سان لڳاءُ باقي پُراڻو آهي. نثر جي حوالي سان ٿوري گهڻي سڃاڻپ سنگت ۾ هُئي. اخبارن ۾ ايندڙ آرٽيڪل منهنجي سڃاڻپ جو سبب رهيا آهن. مختلف اخبارن ۾ لکڻ ۽ پوري توجه سان حالتن جو تجزيو ڪري وقت تي اخبار جو پيٽ ڀرڻ پُراڻو مشغلو رهيو آهي. تبديلي تڏهن آئي جڏهن عشق جو اُساٽ وَڌيو. مرشد لطيف جي لفظن ۾:
    سَڄَڻ ڏِٺو جَنِ، تن ڳِچيءَ سِرِ ڳَههُ ڪيو،
    ٻيون ڪَوههُ ٻُجهن، قدَر ڪيميا اِنَ جو.
    بي رَحم حالتن سوڙهو ڪيو. اظهار لاءِ ڪو الڳ پليٽ فارم ڳولهڻ لڳس، شاعري منجهي محبوبه ته اڳ ئي هُئي جو ويهارو سال اڳ به مون ڪجهه ڪَچيون ڦڪيون شيون رَسالن ۾ ڇپرائي پاڻ کي شاعر سمجهڻ جي خوش فهمي پالي هُئي، پر هيلوڪي سنجيدگي مون کي شاعريءَ ڏانهن ايترو ته ڇڪيو جو سندس سَحر ۾ ڦاسي پَيس....
    هِنِ عشق جا به انيڪ روپ آهن. هر روپ پنهنجو رنگ رکي ٿو. ۽ وري محبت ته ڄَڻ مشاهدو آهي، جنهن وَٽ اهڙو تجربو ناهي منهنجي نظر ۾ اهو “ماڻهو” ئي ناهي. مون آوارگيءَ کي ڳلي لڳايو، حِجر سان هانءُ اٽڪايو، بَن مان بَهاريون ماڻيون، مَن ۾ جيڪي به مَستيون هُيون، لونءَ لونءَ ۾ جيڪو به لڳاءُ هو، سو پَني جي پيٽ ۾ هارڻ جي ڪوشش ڪئي. پيار مون وَٽ پرستش جيان رهيو، حُسن جي بندگي ۽ سونهن کي سجدو ڪرڻ منهنجي سوچ جو محور رهيو. پيار به عجيب چيز آهي. ماڻهوءَ کي ماڻهو بنائڻ ۾ وڏو ڪردار ٿو ادا ڪري. توڙي جو موجوده دور ۾ پيار جو فلسفو ئي فارميٽ ٿي چُڪو آهي. پيار جا معيارَ ۽ قدر ئي تبديل ٿي چڪا آهن محبت جي مهانگي مارڪيٽ ۾ “دلين جو ڪاروبار” اڄ به پوري سگهه سان هلي پيو. “فطرت” اڃا تبديل ناهي ٿي، جذبو ۽ جواني اڄ به پنهنجي اندر اهو ئي احساس رکن ٿا. جهڙو ڪالهه هيو مايا جي موههَ توڙي جو عشق کي به “اسٽاڪ ايڪسچينج” جيان هيٺ مٿي واري ڪرت سيکاري آهي. پر اڃان به ڪي آهن جيڪي ڳوڙهن سان ڳالهائي انگوريل اَحساس مَن ۾ پالين ٿا، پيار تان وارَجي وڃڻ وارن جو وڏو انگ اڃان به آهي جيڪي ڄڻ ته خوابن جي خودڪشيءَ ته به شڪراني جا ٻه نفل پڙهن ٿا. جن وٽ پيار بَندگي آهي، روشني آهي، سهڻي ڪا سانجهي آهي. جيڪي چَڳن جي چَڪر ۾ اچي حياتي هارائي به سُرخرو ٿين ٿا. انهن جي آوارگي به وَفا جي هِن شعر جيان فضول نه ٿي وڃي.
    پيارَ تان وارجي وَڃڻ وارا،
    شڪر ڪر خودڪشي فضول نه وئي...
    پيار، پورهئي جيان آهي جنهن جو مُلهه ملڻ هاڻوڪين حالتن ۾ توڙي جو ناممڪن آهي پوءِ به پيار تي ايمان رکڻ وارا اهو ڪم انتهائي ايمانداريءَ ۽ نهايت سنجيدگيءَ سان سَر انجام ڏيندا اچن، هر انسان جي دل ۾ هڪ درياهه آهي جنهن جون ڇوليون هو پنهنجو پاڻ ۾ مَحسوس ڪري ٿو. ڪن کي قدرت اهي احساس سَلڻ جو فن ڏنو آهي ته ڪي وري احساسن کي دٻائي جيئن ٿا. قلمڪار وٽ اها ڪَلا هُجي ٿي ته هو پنهنجا احساس ايڪسپريس ڪري پڙهندڙن تائين پهچائي. شعور جي اها ڪوشش جڏهن قلم کڻائي ٿي ته پوءِ قلمڪار قوي بڻجي ٿو. منهنجي قوي بڻجڻ ۾ به ائين ڪيترين ئي حالتن جو هَٿُ آهي. شروع کان ئي عام فهم جو عادي هُيس ڳوڙها لفظ، ڇپ معنائون ۽ سخت جملا منهنجي حَواسَن ۾ ڪَڏهن به هٿ وجهي ناهن سگهيا تنهنڪري مون پنهنجي لهجي ۾ به اها سادگي ٽوپڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ادل سومرو ۽ اياز گل منهنجي خيالن تي حاوي رهيا آهن. ٻين لفظن ۾ ته انهن ٻنهي محترم شخصيتن کان گهڻو متاثر هُجڻ ڪري منهنجن خيالن مان انهن جي خوشبو اَڪثر ايندي رَهي آهي. اَدبي گڏجاڻين ۾ به دوست انهن ٻنهي محترم هَستين سان مُشابهت ڏيندا رهيا آهن. پر سَچ ته اهو آهي جو مان انهن جي پاڇي تائين به ناهيان پهتو...
    ڪتاب ڇپجڻ جي خواهش به خواب جيان هُجي ٿي. سولو ڪم ڪونهي ڪنهن اداري جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ شاعريءَ جي حَوالي سان ته اهو ڪم اڃان به ڏکيو. سي ڏولاوا مون به ڏٺا ڪمپوزنگ کان پرنٽنگ تائين مون به ڀوڳيو دوستن جا رَويا به تَجربي ۾ آيا، هتي لکڻ مناسب نه ٿو سمجهان بس ائين سمجهو ته:
    “ڀَلائيءَ ڀيرا، ڳڻي ڳڻيان ڪيترا” .....
    شاعر جيئن ته ڪنهن به مَذهب جو ماڻهو ناهي هوندو، هُن جي شاعري هر انسان لاءِ هُجي ٿي، تنهنڪري ان کي ڪنهن رنگ، نسل، قوم يا ذات جي ڦَند مان ٻاهر نڪري انصاف، سَچائي، همدردي ۽ جُرت جو سيمبول بڻجڻو پوي ٿو، تنهنڪري ڪنهن به شعر تي اها مُهر لڳائڻ ته هي ڪفر آهي، شِر آهي. منافقي آهي، شَعور کي انهن شين کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ڪلام پاڻ ڳالهائيندو آهي ۽ شعر روح ۾ پنهنجا رستا پاڻ ٺاهيندو آهي، مون ڪوشش ڪري پنهنجا الهام ٿيندڙ ويچار ونڊيا آهن، توڙي جو مون ٻين صنفن تي به طبغ آزمائي ڪئي آهي پر منهنجو غزل طرف ڌيان گهڻو رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو پنهنجي هن ڪتاب “رقص منهنجي روحَ جو” ۾ سمورا غزل ڏنا آهن. ڪيترو ڪامياب ٿيو آهيان اهو اوهان جي راين مان معلوم ٿيڻو آهي.
    پنهنجي سڀني مانوارن مهربان دوستن جا ٿورا جن نه صرف مون کي اُتساهيو پر آڪسيجن به ڏني ته مان اوهان سان مخاطب ٿيان، محترم سائين اياز گل ۽ ادل سومرو جا وڏا احسان جن پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه لمحا مون جهڙي ماڻهوءَ کي ارپيا ۽ منهنجي ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل لاءِ لکيو....
    نهايت قرب سائين انور فگار هڪڙو صاحب جا جنهن منهنجي ڪتاب لاءِ مُهاڳ لکيو. سائين جي مصروفيت ۽ ناچاقيءَ سبب مون تي مهرباني، اهڙو قرض جيڪو مان ڪڏهن به لاهي نه سگهندس. عجب شيخ ۽ مُنير پنهيار به منهنجي ساههَ جي ويجهو رهيا آهن مان انهن جو به نهايت ٿورائتو آهي، عجب شيخ ته عروض جي حوالي سان منهنجي اوسر ڪري ڄَڻ ته مون ۾ نئون روح ڦوڪيو آهي.
    پنهنجي پياري ۽ نهايت سٻاجهڙي پرين دوست خالد ڀٽيءَ جو مان هتي ٿورو نه مَڃي مان ان جي ڪيل محنت تي پاڻي ڦيرڻ نه ٿو چاهيان. جنهن ڪمپوزنگ کان لي آئوٽ تائين، ايڊيٽنگ کان پروف تائين ڏينهن رات هڪ ڪري سهڪار ڪيو، گڏوگڏ مان ان هستيءَ جو انڪاري به ناهيان جنهن منهنجي ڪتاب لاءِ ڪيئي ڀيرا ڪوششون ڪرڻ کان پوءِ ڪويتا پبليڪشن کي منهنجو هي سهڻو ڪتاب ڪري ڇپڻ لاءِ زور ڀريو. سائين خليل مورياڻي ۽ محترم موهن مدهوش جو پيار به مان وساري نه سگهندس.
    منهنجي سنڌي ادبي سنگت شڪارپور شاخ جي سموري سَٿ، جن جي سکيا، تنقيد ۽ تعريف مون کي شعور بخشيو، تن ۾ منهنجو سڀ کان پيارو دوست، عديل مهر، نسيم بُخاري، زبير سومرو، ارشاد “آدرش”، وحيد “محسن”، ضياءُ شاهه، سلمان سومرو، انور شيخ، انور سومرو، ممتاز منگي ۽ همير چانڊيو، وِک وِک تي منهنجا رهبر رهيا آهن، سَچ ته هيءَ سموري محنت اُنهن جي آهي، مُون رُڳو پَنهنجو نانءُ لکيو آهي!

    سَجاد مهر
    ريلوي روڊ، شڪارپور
    03337270713


    غزل :: 1

    سِوا تنهنجي ڇَسي موسم،
    اکين مان پَئي وَسي موسم!

    کِلي ڄَڻ ڪنهن خيالن جي،
    اسان کان هُئي کَسي موسم!

    شَرابن ڪا شِرارت ڪئي،
    گِلاسن سان گَسي موسم!

    گُلابي گيت، ڇا ڇيڙيَئه،
    رَبابَن کي رَسي موسم!

    اَچڻ جي آسري تُنهنجي،
    دِلاسن هُئي دَسي موسم!

    اَجايو ڇو ڪَئي آ، تو،
    بِرهه جي بي چَسي موسم.


    غزل :: 2

    جڏهن سونهن ڏي ڪا صَدي ٿي نِهاري،
    لڳي ٿو بَدن ڏي نَدي ٿي نِهاري.

    جَوانيءَ جا جنگو جَڏهن سَرد ٿين ٿا،
    وَيل وَقت ڏي هوءَ وَڌي ٿي نِهاري.

    وَڃي روحُ پنهنجو تڏهن ٿو رَهڙجي،
    بِرهه ڏي جڏهن ڪا بَدي ٿي نِهاري.

    ڇَسي شاعري جيئن پَني تي ٿو پيٽي،
    ٽِلي ٽوڪريءَ مان رَدي ٿي نِهاري.

    مَٿي ۾ لڳي ويا رڳو رولُو رَهبر،
    تڪي ٿي تقاضا، ٻَڌي ٿي نِهاري.

    پَرهَه ڀي تڏهن ٿي ڪا پوشاڪ پَهري،
    هوا جي ڏکڻ کان ٿڌي ٿي نِهاري.


    غزل :: 3

    گُهلي اهڙي گَهٽا ڪائي، هَوا جو هانءُ ٿو ڦاٽي!
    وِساريو تو وري اهڙو، وَفا جو هانءُ ٿو ڦاٽي!

    تراشي ڄَڻُ، تَڪڙ ۾ تو، پَني جي پيٽ ۾ لاٿي،
    مُصورَ هي مُناسب آ، ڪلا جو هانءُ ٿو ڦاٽي.

    صدين کان سوڳ ۾ ويهي، ڀَرن ٿا ڀونءِ جا ڪَلما،
    ڪري ڪجهه ڪونه سگهندا هي، ڪَٿا جو هانءُ ٿو ڦاٽي!

    مِٽيءَ جو ٿي مِٽيءَ مان تو بڻايون مورتيون ڪيڏيون،
    ڏِسي مُشڪل ڪُشا ايڏا، خدا جو هانءُ ٿو ڦاٽي!

    وَڃي شمشان ۾ ڇا لئه، ڀَسم ٿا ڪيو ڀَلاين کي،
    چِتايو ٿا چَڱاين ڏي، چِتا جو هانءُ ٿو ڦاٽي!

    ڏئي ڪي ڏيههَ کي ڏاٽا، ڪَپايو ڪنڌ ڪوڙن جا،
    سَچائي ٿي ڀَري سُڏڪا، سَزا جو هانءُ ٿو ڦاٽي!

    لَکن جا هُو لِکي نسخا، وَبا ويتر وَڌائي ويا،
    تَڪي اهڙن طبيبن ڏي، شفا جو هانءُ ٿو ڦاٽي.


    غزل :: 4

    نَقابَ کي هو ڇُهي ڏٺو مون،
    عَذابَ کي هو ڇُهي ڏٺو مون.

    اڃان چپن کي، نه چينُ آهي،
    شرابَ کي هو، ڇُهي ڏٺو مون.

    وَئي فضا ۾، ڦهلجي خوشبو،
    گلابَ کي هو ڇُهي ڏٺو مون.

    سَڄي صحيفن جي سونهن پيتي،
    “ڪتابَ” کي هو ڇُهي ڏٺو مون.

    گناهَه غم ۾ منجهي مَرن ٿا،
    ثوابَ کي هو، ڇُهي ڏٺو مون.

    اکيون اکين ۾، مِلائي ڪنهن جي،
    حجابَ کي هو، ڇُهي ڏٺو مون.

    “سجاد”، هاڻي آ هوش آيو،
    شبابَ کي هو ڇُهي ڏٺو مون.


    غزل :: 5

    سانت ۾ جيڏي سُڃ ٿي ڊوڙي،
    رُوحَ ۾ ايڏي رُڃَ ٿي ڊوڙي.

    ٿَر جا ٿُوهر، ٿي پيا آهيون،
    اَحساسَن ۾ اُڃَ ٿي ڊوڙي.

    وقت کي واڻڻ جي آ خواهش،
    مَنَ ۾ ڪائي مُڃَ ٿي ڊوڙي.

    بَنَ ۾ بَرسي پَوندو هاڻي،
    گاهَه تي ڪيڏي گهنڃَ ٿي ڊوڙي.

    واريءَ تي ڄَڻُ، مَنڊي وانگُر،
    پاپُ ٿو ڊوڙي، پُڃَ ٿي ڊوڙي.


    غزل :: 6

    فرض سمورا لاهينديون هنِ،
    ديوارون ڀي دانهينديون هنِ.

    ٻُڌنديون آهن، ڳالهه سَڀن جي،
    پر نه چَوڻ ڪجهه چاهينديون هنِ!

    تون مون وانگر ڪونه ڪڏهن هي،
    ٺاهَه ٺڳيءَ جا ٺاهينديون هنِ!

    چاڪنگ تي ڀي ڪونه چِڙن هي،
    يارَ! اڃان اُتساهينديون هنِ!

    ڪيڏا رُوحَ ۾ رازَ رکي ڀي،
    ڪَڏهن نه ڪنهن تي باهينديون هنِ!

    اَحساسن کان، خالي ناهن،
    گهرَ ته نه ڪنهن جا ڊاهينديون هنِ!


    غزل :: 7

    ڪاش! ڪي ماڻهو بڻجنِ ماڻهو،
    انسانن ۾ ڳڻجنِ ماڻهو.

    سَچ جو ساٿُ نه ٿا ڏين جيڪي،
    ڀِتِ سان ڦيري هَڻجنِ ماڻهو.

    زنگيل زنگيل ذهنن وارا،
    پاڻ سان ڇا لئه کڻجنِ ماڻهو.

    اَڇن ڪارن ڪردارن جا،
    ڪهڙي ڇَڄ ۾ ڇَڻجنِ ماڻهو.

    توکي ڪهڙي مذهب چيو آ؟
    لُوسڻ وانگر لُڻجنِ ماڻهو.

    دَردُ نه ڄاڻن جي ڌرتيءَ جو،
    ماءُ! ڇو اهڙا ڄڻجنِ ماڻهو.


    غزل :: 8

    هندو هو نه مُسلم ڪو هي،
    مِٽي هُئي مون اهڙي ڳوهي.

    رَت ۽ سَتُ ۾ ساڳيو ٺاهيم،
    ويڇو پاڻ وِڌو آ تو هي.

    گنگا جل يا آبِ زم زم،
    پاڻي ناهي؟ ڇا هي پو هي.

    پاپ ۽ پُڃ به ڄاڻان ٿو مان،
    تون ڪيئن ڪنهن کي چئين ٿو ڏوهي!

    مندرُ منهنجو، مَسجد منهنجي،
    ڳڻتي آخر توکي ڇو هي؟

    ايشور ساڳيو، الله ساڳيو.
    دل مان ڊوهه ڪڍي ڇڏ ڊوهي.


    غزل :: 9

    ٻي جي هر ڳالهه تي ٽِـڙي ٿي پئي،
    مان جو چوريان ٿو چَپَ چِڙي ٿي پئي.

    نانءُ هُن جو کڄي ته ڀانيان ٿو،
    سونهن جي ڳالهه ڪا ڇِڙي ٿي پئي.

    عشق ۾ ڪا ٻُڌي نه ٻيهر مون،
    جيڪا درياههَ ۾ گِهڙي ٿي پَئي.

    ڪيسين هُن کي ڏِسان مان غيرن سان،
    مان به انسان ڪَلَ ٿِـڙي ٿي پئي.

    هوءَ تعبير ڇو نه ٿي بڻجي،
    خواب ۾ روز جا کِڙي ٿي پئي.


    غزل :: 10

    وفا ئي رَهي ٿي اَمِڙ جي اکين ۾،
    سَچائي رَهي ٿي اَمڙ جي اکين ۾.

    نه مسجد ۾ ملندءِ، نه مندر ۾ ملندءِ،
    خدائي رهي ٿي امڙ جي اکين ۾.

    ڇڏي سِر ٿي گهوري جا پنهنجن ٻچن تان،
    سَخا ئي رهي ٿي امڙ جي اکين ۾.

    ڀُلي ڀي نه ڪنهن جو بُرو هوءَ سوچي،
    ڀَلائي رَهي ٿي امڙ جي اکين ۾.

    وڃي ڌيءَ هُن جي جَڏهن ٿي پَرڻجي،
    جُدائي رَهي ٿي امڙ جي اکين ۾.

    ٻَچن جي ٻيائي ڏسي ڀي سدائين،
    دُعا ئي رَهي ٿي اَمڙ جي اکين ۾.


    غزل :: 11

    ڇُهي توکي جو آئي آ، هَوا جو ساهُه ٿو نِڪري،
    گهري آ تو، چَپن سان جو، دُعا جو سَاهُه ٿو نِڪري.

    سَرءُ ۾ ڄَڻ، وَڻن تي ڪا، ڦِڪي هُئي روشني ڦهلي،
    ڏِسي پَتن جي پيڙا کي، فِضا جو ساهُه ٿو نِڪري.

    پُڪارون ڪي پهاڙن مان، پڙاڏا ٿي وَريون موٽي،
    ڀَري سُڏڪا ٿي ساڻي آ، صدا جو ساهُه ٿو نِڪري.

    چُمي تو چاهُه موٽايو، رڳن ۾ ساهُه موٽايو،
    ڪَيهءِ ايڏي نوازش جو، سَخا جو ساهُه ٿو نڪري.

    رکيا رابيل ها جنهن لئه، نماڻا نيڻ رولي ويو،
    وَڌائي ويو رُڳو ويڇا، وَفا جو ساهُه ٿو نِڪري.

    رَهيو ڪو ديوتا دل ۾، پرستش ڪئي سدا جنهن جي،
    ڪَري ڪيڏي ويو آخر، دَغا جو ساهُه ٿو نِڪري.


    غزل :: 12

    عجب يار آهي ڪَٿا ڪاغذن جي،
    وساري نه سگهبي وَفا ڪاغذن جي.

    غمن ڏي ڌڪن ٿا، خوشين ڏي ڇڪن ٿا،
    ازل کان اها ئي ادا ڪاغذن جي.

    هي ڪوڙا به آهن، سچا ڀي ٿا سڏجن،
    اها ئي ته آهي ڪَلا ڪاغذن جي.

    هي مَرڻا به کائن ۽ پَرڻا به کائن،
    ڪجي ڳالهه ڪهڙي ڀَلا ڪاغذن جي.

    ٽشو ٿي چَپن کي چُمي جو وڃن ٿا،
    ٻڌي ڄَڻ تڏهن ٿو خدا ڪاغذن جي.

    نوان نوٽ بڻجي ٿا کيسي ۾ کڙڪن،
    وَڻي واههَ جو ٿي هَوا ڪاغذن جي.

    ڦٽا ٿو ڪري ڪو جڏهن چيري ڦاڙي،
    پوءِ جلندي رهي ٿي چِتا ڪاغذن جي.

    چَري! پنهنجي چاهت، نه سمجهي سگهي تو،
    رهي توکي خواهش، سدا ڪاغذن جي.


    غزل :: 13

    اکين جي به عادت ازل کان اها ئي،
    چَپَن جي به عادت ازل کان اها ئي.

    صحيفن جيان هُو مٿان کان اَچن ٿا،
    خطن جي به عادت اَزل کان اها ئي.

    اوهان جي اَچو ٿا ته ٻَڌجي وَڃن ٿا،
    هَٿن جي به عادت ازل کان اها ئي.

    نه سَمجهي سگهيائون رَبابن جون رمزون،
    رِڍن جي به عادت ازل کان اها ئي.

    سَدائين ڪُرن ٿا، رڳو رَت گهرن ٿا،
    ڦٽن جي به عادت ازل کان اها ئي.

    پيئڻ کان جهلي ڄَڻ جيئڻ کان جهلن ٿا،
    وَڏن جي به عادت ازل کان اها ئي.

    رهياسي هميشھ شفق وانگي ڳاڙها،
    ڳلن جي به عادت ازل کان اها ئي.


    غزل :: 14

    اسان جي غزل ۾ روايت به ساڳي،
    اوهان جي وَري آ شڪايت به ساڳي.

    نئين ڪانه آهي ازل کان اُها ئي،
    اسان جي رڳن ۾ رفافت به ساڳي.

    حُسن ڀي اوهان جو اڃان آهي ساڳيو،
    نفاست به ساڳي نزاڪت به ساڳي.

    اکين جي چَپن سان چکي توکي ڄاتُم،
    مَزو ڀي آ ساڳيو ۽ راحت به ساڳي.

    ڀلا ڇو مَٽايون ڪو چولو ته ناهي؟،
    چرين جي سدائين آ چاهت به ساڳي.

    اڃان قرب جو قبلو ساڳيو آ سائين،
    نِمازون ڀي ساڳيون عبادت ۾ ساڳي.

    چيائين ته ڇاهي رکيو شاعريءَ ۾،
    چيم، لفظ ساڳيا وضاحت به ساڳي.


    غزل :: 15

    ڳلن تي پيون جاڳي ڪي ڳوڙهن جون ڳالهيون،
    ويو وقت ڇيڙي وڇوڙن جون ڳالهيون.

    هو ڪوٽن جا ڪيچي، هي راهي رڻن جا،
    ڪي گهوٽن جون ڳالهيون، ڪي گهوڙن جو ڳالهيون.

    ڀلي عشق جي تون وضاحت ڪري ڏِسُ!
    ٻڌي جڳ نه سگهندو ٿي جوڙن جون ڳالهيون.

    ها ڪهڙي هون ڪم جون اوهان ڇو ٻُڌو ها؟
    هي “گونگن” جون ڳالهيون هُو “ٻوڙن” جون ڳالهيون.

    اهو ڀي نه سوچيئه اُچارڻ کان اڳ ۾،
    ڀلا ڪير ٻڌندو آ، پوڙهن جون ڳالهيون.

    لتاڙي ڇَڏڻ جون، لنگهي ڀي وَڃڻ جون،
    ڪي رستن جون ڳالهيون، ڪي لوڙهن جون ڳالهيون.

    صدين کان پُٺيءَ جي پڌر تي ٿيون جاڳن،
    ڪي ڦٽڪن جون ڳالهيون، ڪي ڪوڙن جون ڳالهيون.


    غزل :: 16

    عاشقيءَ جو حصول آ پيارا،
    درد تنهنجو قبول آ پيارا.

    تون جي ناهين ته پوءِ حَياتيءَ جو،
    فلسفو ئي فضول آ پيارا.

    قرب جنهن تي لهي ڪتاب جيان،
    سو ئي ٿيندو رَسول آ پيارا.

    وقت جي وياج ۾ ويو جيون،
    چند هي ساههَ مُول آ پيارا.

    جو به حق تي هلي ٿو تنهن تي ئي،
    نينهن ٿيندو نزول آ پيارا.

    سونهن کي ساههَ ۾ رکو سانڍي،
    عشق جو هي اصول آ پيارا.


    غزل :: 17

    اَدائون خريدي نه سگهبيون او سائين!
    وفائون خريدي نه سگهبيون او سائين!!

    لکي تو ڏنيون پر اهو ڪونه سوچيئه،
    دَوائون خريدي نه سگهبيون او سائين!

    ها پيسي سان سڀ ڪجهه خريدي سگهو ٿا،
    انائون خريدي نه سگهبيون او سائين!

    ڪمائي سگهي ٿو، اگر ڪوئي چاهي،
    دُعائون خريدي نه سگهبيون او سائين!

    هَلي ڄام شورو، وَري ٿا وَسايون،
    هَوائون خريدي نه سگهبيون او سائين!

    وڇوڙي جو تحفو رکيو رُوحَ ۾ مون،
    سزائون خريدي نه سگهبيون او سائين!


    غزل :: 18

    ساههَ جو سلسلو وڌي ويو آ،
    ڪو چَپن تي چُمي رکي ويو آ.

    روح ۾ رونقون اَچي ويون هِن،
    منهنجو جيون سَڄو بکي ويو آ.

    پيارَ کان پاڻُ، مَس ڇڏايو هو،
    هاڻ ٻيهر وري ٻَکي ويو آ.

    رات جنهن وقت موڪلايوسين،
    لمحو بڻجي اهو صَدي ويو آ.

    دور اهڙو اَچي لڳو آهي،
    چاهتن جو اُڏي پکي ويو آ.

    تو پُڄاڻان، سَجادُ او جانان،
    مئه ڪدي ۾ وَري پُڄي ويو آ.


    غزل :: 19

    نينهن ڪنهن جو نَچي رهيو آهي،
    عشق مون ۾ اچي رهيو آهي.

    ساههُ سڀ جو ڇَڏي سُڪائي ٿو،
    ڪيرُ هِن کان بَچي رَهيو آهي؟

    باهه جيڪا برهه لڳائي وئين،
    مَچ اڃان ٿي مَچي رهيو آهي.

    سونهن توکي نه سُڌَ پَئي تنهنجي،
    پيار ۾ ڪو پَچي رهيو آهي.

    خواب خوشبو وڃن پيا ٿيندا،
    روحَ ۾ ڪو رَچي رهيو آهي.

    آهي سڀ سان سجاد جي کِل کِل،
    ساهَه تو ۾ سَچي رَهيو آهي.


    غزل :: 20

    عشق بازي رڳن ۾ شامل آ،
    آزي نيازي رڳن ۾ شامل آ.

    ڪيئن توکي وساري ويهان مان،
    پورو ماضي رڳن ۾ شامل آ.

    عشق! ايڏيون عنايتون تنهنجون،
    چوٽ تازي رڳن ۾ شامل آ.

    روز فتنا ۽ روز فتوائون،
    ڪوئي قاضي رڳن ۾ شامل آ.

    پيار کي ڪيئن ٿو سگهي پهچي،
    جو مجازي رڳن ۾ شامل آ.

    “شاههُ” ۽ “شيخ” ٿو رَهي مون ۾،
    رومي، رازي رڳن ۾ شامل آ.


    غزل :: 21

    چاڪَ مَن جا چِڪي پيا آهن،
    دردَ دل ۾ ٽِڪي پيا آهن.

    مون سهارو جڏهن به چاهيو آ،
    دوست سارا لِڪي پيا آهن.

    بارُ ڪيسين کڻن فرشتن جو،
    هي ڪُلها ڀي ٿڪي پيا آهن.

    ڪو تسلسل رَهيو نه جيون ۾،
    سارا سَپنا ٽُٽي پيا آهن.

    سار جي ڄارَ ۾ نه ڦاٿا جي،
    سورَ کان سي ڇُٽي پيا آهن.

    هُن جي گهر تائين هو سفر شايد،
    سارا رستا کٽي پيا آهن.

    رُڃ ۾ پير تو رکيا پنهنجا،
    گل اُتي ڀي ڦٽي پيا آهن.


    غزل :: 22

    جا دل دَردن واري ناهي،
    تنهن سان پنهنجي ياري ناهي.

    ٻي جي ڏک تي ٻهڪي ويٺي،
    مون دل اهڙي ڌاري ناهي.

    پيارَ جون راهون ڪَنڊا ڪاوا،
    گلڙن جي ڪا ٻاري ناهي.

    چاهڻ ڪنهن کي حَد کان بي حد،
    بِرهه آ ڪا بيماري ناهي.

    پيسو ڪير نه چاهيندو پر،
    ها، هر ڪو واپاري ناهي.

    مُرڪي نيڻ نهار ڪري سا،
    منهنجي نظر ۾ ڪاري ناهي.

    سونهن سان سينو ڪير ٿو ساهي،
    ڪنهن کي حياتي پياري ناهي؟


    غزل :: 23

    سُونهن! توکان جي مُنهن مَٽايان مان!
    ڪيئن انسان پوءِ سڏايان مان!!

    حُسن جي بندگي ته واجب آ،
    ڪنهن کي ڪنهن کي ڀلا ٻُڌايان مان!

    ڪيڏي معصوم مَن جي خواهش آ،
    تنهنجي وارَن ۾ گل لڳايان مان.

    رُوحَ رُڃَ ۾ رُلي ٿڪو آهي،
    زلف تنهنجا گهٽا ٿو ڀانيان مان.

    عشق! رُسوا ڪري وئين ڪيڏو؟
    پيرُ پوءِ ڀي نه ٿو هَٽايان مان.

    هڪ ته ناهي سَوين هزارين هن،
    ڪهڙا احسان تُنهنجا ڳايان مان.

    هوءَ مُرڪي “سَجادَ”، شرمائي،
    ڇونه سمجهان؟ چَريو ته ناهيان مان.


    غزل :: 24

    وَيو دَريءَ مان ڪو پائي جهاتي،
    وَئي هَٿن مان هَلي حَياتي.

    ڳڀا ڳڀا ٿي، وجود ويو آ،
    نظر به هُن جي هُئي ڪا ڪاتي.

    چَري هي چاهت پَئي آ چِلڪي،
    ڪا رُوح کي هُئي، لڳي رَواتي.

    اِهو به سَمجهيو، وَفا نه ٿيندي،
    تڏهَن به دلڙي انهيءَ سان لاتي.

    جَڏهن به ڌرتيءَ جي دانهن ٿي ٿي،
    ڇِڄي پَوي ٿي اسان جي ڇاتي.

    سَڄو مون سنسار، جنهن کي سمجهيو،
    “سجاد” جي سِڪ نه تنهن سُڃاتي.


    غزل :: 25

    وَيو آخر مَٽي رَستو!
    مُحبت جو ڪَٽي رَستو!!

    اَڪيلو پنڌُ، جيون جا،
    پَيو گوڏا، چَٽي رَستو!

    چُمن ٿا پيرَ جا ڌَرتي،
    اُتان ئي ٿو ڦُٽي رَستو!

    ٻُڌي تنهنجي اَچڻ تي هُو،
    پَيو گلڙا ڇَٽي رَستو!

    جي ڪو ناهي مُسافت ۾،
    ڳلو پوءِ ٿو گُهٽي رَستو!

    پَتو ڪونهي حَياتيءَ جو،
    وَڃي ڪاٿي کُٽي رَستو؟


    غزل :: 26

    سونهن واري سماج جا ماڻهو،
    سڀ انوکي رواجَ جا ماڻهو.

    ڪونه آهن مليا اڃان تائين،
    مون کي منهنجي مزاج جا ماڻهو.

    انقلابي سفر لئه گهرجن ٿا،
    قوم کي احتجاج جا ماڻهو.

    مون سَجائي رکي ڇڏيا آهن،
    پنهنجي سِر تي ڪي تاج جا ماڻهو.

    سنڌ کي ڇو رُڳو مليا آهن،
    هي سڀئي سامراج جا ماڻهو.

    تن سان ڪهڙو ڀلا رکون ناتو،
    جيڪي ڪم جا نه ڪاج جا ماڻهو.

    ڪين ڪجهه ٻيو گُهرن پَيا توکان،
    هي بُکايل اناج جا ماڻهو.


    غزل :: 27

    چاهي چاهي ٿڪجي پيو هان،
    توکي ڇاهي، ٿڪجي پيو هان.

    ايڏا ٿورا ڇا لئه، ڇوري؟
    لاهي لاهي، ٿڪجي پيو هان.

    تنهنجي خاطر پاڻ کي پياري،
    ٺاهي ٺاهي ٿڪجي پيو هان.

    اُبتا سُبتا خيال ذهن تان،
    ڊاهي ڊاهي ٿڪجي پيو هان.

    سورن سان ڀي سانئڻ سينو،
    ساهي ساهي ٿڪجي پيو هان.

    ڳڻتين وارو ڳاهُه اندرَ ۾،
    ڳاهي ڳاهي ٿڪجي پيو هان.

    تو بن ٻيو ڪو منهنجي مَن ۾،
    ناهي ناهي ٿڪجي پيو هان.


    غزل :: 28

    عاشقي الزام ٿيندي ٿي وڃي،
    زندگي بدنام ٿيندي ٿي وڃي.

    جيئن اُچاريان نانءُ ٿو تُنهنجو پرين،
    شاعري اِلهام ٿيندي ٿي وڃي.

    درد ئي بس ديس ۾ آهن بچيا،
    هر خوشي گمنام ٿيندي ٿي وڃي.

    ساههَ ۾ سانڍي رکي جا خاص مون،
    ڊائري سا عامُ ٿيندي ٿي وڃي.

    دُشمنن کي جيءَ ۾ جايون مليون،
    دوستي ناڪام ٿيندي ٿي وڃي.

    مُرڪندي موهي ڪري مَدهوش ٿي،
    ڇوڪري ڪو جام ٿيندي ٿي وڃي.

    موڪلايو تو جڏهن، محسوس ٿيو،
    هر گهڙي ماتام ٿيندي ٿي وڃي.


    غزل :: 29

    جيون ۾ هڪ پيارُ ضروري آ سائين،
    وَحدت جو واپارُ، ضروري آ سائين.

    روز رُسون ٿا، روز اسان ٿا پَرچون ٻئي،
    محبت ۾ تڪرارُ، ضَروري آ سائين.

    چَپڙن کي ۽ ڳلڙن کي ڀَل ٺاهي هُو،
    سونهن جي لئه سينگارُ ضروري آ سائين.

    رُوحَ ۾ رونق ويتر ويندي آهي وڌي،
    گهرَ ۾ هڪڙو ٻارُ ضروري آ سائين.

    سنڌ کپائي جيڪو ڀي تنهن ڪانئر لئه،
    ڀونڊو ۽ انڪار ضروري آ سائين.

    عِشق ۽ مُشڪ کي ڪيئن لڪائي سگهندو ڪو،
    نينهن هُجي نروارُ ضروري آ سائين.

    ڪين اگر دل چاهي پوءِ به يارن جو،
    کڻبو آهي بارُ ضروري آ سائين.


    غزل :: 30

    پيچ نئون ڪو پائي ڏِسجي،
    جَذبن کي جاڳائي ڏِسجي.

    نيڻن جو نقصان ٿئي ٿو،
    ڳوڙهن سان ڳالهائي ڏِسجي.

    روز اچي ٿا دل ۾ تَرسن،
    سورن کي سمجهائي ڏِسجي.

    ريت رُسَڻ جي واجب ناهي،
    پيارن کي پرچائي ڏسجي.

    نئون گهڙو جي وٺجي تنهن کي،
    هَر هَر يَار وڄائي ڏِسجي.

    ڌرتي وڪڻي جو واپاري،
    غيرن ساڻ گڏائي ڏِسجي.

    موتُ ڏسڻ جي چاهي ڪوئي،
    هَٿ مان هٿُ ڇڏائي ڏِسجي.


    غزل :: 31

    اکيون هي اياڻيون، اوهان جو پُڇن ٿيون،
    صَدين جون ڪهاڻيون، اوهان جو پُڇن ٿيون.

    وَري ڪائي خوشبو آ ڦهلي بدن ۾،
    وَري رات راڻيون، اوهان جو پُڇن ٿيون.

    اڃان ديد دَر ۾، اڃان ساهه مُٺ ۾،
    نگاهون نماڻيون، اوهان جو پُڇن ٿيون.

    او تَـڙَ تي تماچي! سگهو موٽ ٻيهر،
    سموريون مُهاڻيون، اوهان جو پُڇن ٿيون.

    وڏو وقت ٿيو آ مليا ڪين آهيون،
    رَچايل رَهاڻيون اوهان جو پُڇن ٿيون.

    جِتي سون ورنيون گهڙيون هُون گذاريون،
    سي جايون پُراڻيون اوهان جو پُڇن ٿيون.


    غزل :: 32

    ٿڌڙا ٿڌڙا ساهَه حياتي،
    گهرا گهرا گهاوَ حياتي.

    چاڪ چڪن پيا پوءِ به توسان،
    رهندا پنهنجا چاهَه حياتي.

    هُن جي مرضي هُو ئي ڄاڻي،
    مان ته ڪيان ٿو نباهُه حياتي.

    ٻوڙي ويندا نيٺ اسان کي،
    دردن جا درياهَه حياتي.

    مسڪينن تي نادارن تي،
    ڇو آ تنهنجي ڪاهَه حياتي.

    دور ڪيا ٿي ساٿي سارا،
    آهين بي پرواهَه حياتي.

    جيڪا دلبر ساڻ ملائي،
    اهڙي ڏس ڪا راهَه حياتي.


    غزل :: 33

    ڪو اجايو شورُ آهي زندگي،
    ها رُڳو هيءَ بور آهي زندگي.

    تون جي ناهين پوءِ ٿي مون کي لڳي،
    هانوَ تي ڪو تور آهي زندگي.

    کاٽ ٿي من ۾ سَدا هَڻندي رهي،
    چاهتن جي چور آهي زندگي.

    هاءِ ! وارن ۾ وِجهي چاندي وئي،
    ڇا چَوان هيءَ زورُ آهي زندگي.

    تون جي آهين ڊيلَ ٿر جي او مٺي!
    پوءِ ته منهنجي مورُ آهي زندگي.

    ياد ڀي تُنهنجي لڳي ماضيءَ جيان،
    ڪو وِساريل دورُ آهي زندگي.

    هونئن ته آ هالار پر تو بن “سجاد”،
    ڄڻ صفا ڪمزور آهي زندگي.


    غزل :: 34

    خوبصورت شام جهڙي زندگي،
    آ پراڻي جام جهڙي زندگي.

    مُرڪندي مون سان ملي، مون کي لڳي،
    پيار جي پيغام جهڙي زندگي.

    نينهن منهنجو ٿي پيو نوريءَ جيان،
    تَـڙُ، تماچي ڄام جهڙي زندگي.

    تنهنجو هٿ آ منهنجي هٿ ۾ او مٺي!
    ٿي لڳي انعام جهڙي زندگي.

    سانجهه ويلي ڄڻ لڳي ٿي تو سوا،
    عشق جي انجام جهڙي زندگي.

    بي سبب بي ڪار ٿي مون کي لڳي،
    ڪيئن ڪٽيان الزام جهڙي زندگي.

    تو پُڄاڻان ايئن لڳي مون کي “سجاد”،
    آ ڪٽيل ڪنهن لامَ جهڙي زندگي.


    غزل :: 35

    رُوح جو ڪو رابطو ئي ٿي وڃي،
    ڀَل وري ڪو حادثو ئي ٿي وڃي.

    لُڙڪ نيڻن مان سَدا وهندا رهن،
    دَردَ سان ڀل واسطو ئي ٿي وڃي.

    مان ڀِتين وانگي پيو ڀُرندو رهان،
    ذِهن ۾ ڪو زلزلو ئي ٿي وڃي.

    پيارَ جي پنڌ ۾ لُٽايان زندگي،
    تنهنجو هڪڙو واعدو ئي ٿي وڃي.

    هيءَ حياتي ڇونه پوءِ هارائجي،
    هارَ مان جي حوصلو ئي ٿي وڃي.

    آ ته هڪ ٻئي کي وري ڳولهي لهون،
    هي ختم جيئن فاصلو ئي ٿي وڃي.


    غزل :: 36

    تُنهنجو چَهرو گُلابُ ساڳيو آ،
    مُنهنجو جذبو جنابُ ساڳيو آ.

    دل جا دَرجا پڙهي مون ڄاتو آ،
    نينهن، تنهنجو نصابُ ساڳيو آ.

    مان ته ورهين کان پيو وڄايان ٿو،
    هي رڍون ۽ ربابُ ساڳيو آ.

    پيارُ پوڙهو ڪري سگهي ئي نه ٿو،
    شوق تي جو شبابُ ساڳيو آ.

    تنهنجي گهر جو طواف آ جاري،
    ڇو جو مون لئه ثوابُ ساڳيو آ.

    حال هيڻا ڪري ويو آهي،
    ياد ماضي عَذابُ ساڳيو آ.

    نانءُ محفل ۾ جي “سجاد” کڄي،
    پوءِ هُن جو حجابُ ساڳيو آ.


    غزل :: 37

    سونهن ڀري سوغاتِ ڏئي وڃ،
    دردن کي ڪا ماتِ ڏئي وڃ.

    جيئن حياتي ساري ساريان،
    اهڙي ڪائي راتِ ڏئي وڃ.

    خاموشي ٿي کائي مون کي،
    پکڙين واري لاتِ ڏئي وڃ.

    سونهن سَمايان جنهن ۾ تنهنجي،
    مون کي اهڙي ڏاتِ ڏئي وڃ.

    هڪڙي مُرڪ يا هڪڙي ڀاڪي،
    يار نشاني ڪا ته ڏئي وڃ.

    مُکَ تان مٺڙي وارَ هٽائي،
    پرهه ڦٽي پرڀات ڏئي وڃ.


    غزل :: 38

    جيءُ جُهرندو رهيو عمر ساري،
    پيارُ گُهرندو رهيو عمر ساري.

    گهاءُ اهڙو ڏئي ويو ڪوئي،
    سورُ سُرندو رَهيو عمر ساري.

    دردَ سان دوستي ڪري ڄاتو،
    هانءُ ڪُرندو رَهيو عُمر ساري.

    ڪنهن جي يادن جي تيز بارش ۾،
    ڪو ته ڀُرندو رهيو عمر ساري.

    آس تنهنجي رکي اڃان توڏي،
    چاههُ چُرندو رهيو عمر ساري.

    منهنجي شعرن جي ڄَڻ گُلابن ۾،
    ڪوئي تُرندو رَهيو عمر ساري.


    غزل :: 39

    مان جِتي ٿو وَڃان، اُت مِلن دَرد ٿا،
    منهنجي ڀاڳن مٿان پيا کِلن دَرد ٿا.

    ساڻ مون سان سَدا هر گهڙي هَر پهر،
    زندگيءَ جي سَفر ۾ رَهن دَرد ٿا.

    مُندَ سانوڻ جي مَن ۾ رَهي آ پئي،
    ياد بڻجي هَوا ڪي گهلن دَرد ٿا.

    سورَ سارا کڻي مون اکين تي رکيا،
    پوءِ به ڇا لئه اڃان؟ هي لُڇن درد ٿا.

    ٻارَ جن جا سَدائين بُکن تي سُتا،
    تن کان ڪوئي پُڇي جي سَهن دَرد ٿا.

    جيئڻ جو حوصلو ڄَڻ ملي ٿو پَوي،
    رنگ جيون ۾ ڪيئي ڀرن درد ٿا.

    شعر ڪوئي “سجاد” جي سَرجيان پيو،
    موٽ ۾ خون دل جو گُهرن دَرد ٿا.


    غزل :: 40

    آس کي ڪي آٿتون ئي ڏئي وَڃو،
    روحَ کي ڪي راحَتون ئي ڏئي وَڃو.

    ڪير ٿو سارِي حياتيءَ لَئه گُهري؟
    ڪي پَهر ڪي ساعتون ئي ڏئي وَڃو.

    قُرب جي مان ڪوٺ ڪاٿي ٿو چَوان،
    دردَ جون ڪي دَعوتون ئي ڏئي وڃو.

    مَنَ مَندرَ جو مان، ڏيئو بَڻجي ٻَران،
    لَهسَ جون ڪي لذتون ئي ڏئي وڃو.

    بادلن وانگر ڀَلي وَسندو رهان،
    بِرههَ جون ڪي بارشون ئي ڏئي وڃو.

    جيئن تلاوت پيو ڪري تنهنجي “سجاد”،
    عشق جون ڪي آيتون ئي ڏئي وڃو.


    غزل :: 41

    وَفائون اوهان جون اڃان ياد آهن،
    ادائون اوهان جون اڃان ياد آهن.

    گُهريون تو هُيون جي ڀٽائيءَ جي دَر تي،
    دُعائون اوهان جون اڃان يادَ آهن.

    گُهلن ٿيون اسان ۾ اڙي ڄام شورا!
    هَوائون اوهان جون اڃان ياد آهن.

    بنا ڪنهن خطا جي ڏنيون هُون اوهان جي،
    سزائون اوهان جون اڃان ياد آهن.

    سمهان ٿو ته جاڳن ٿا خوابن ۾ خنجر،
    عطائون اوهان جون اڃان ياد آهن.

    نه وسري سگهيون سي اسان کان اوسانئڻ!
    نگاهون اوهان جون اڃان ياد آهن.


    غزل :: 42

    بَند نيڻن ۾ خواب جاڳي ٿو،
    ڪو اندرَ ۾ عَذاب جاڳي ٿو.

    رِندَ سَارا سُتا پيا آهن،
    مَئه ڪَدي ۾ شراب جاڳي ٿو.

    رات ساري کُٽي وئي آهي،
    پوءِ به تنهنجو حساب جاڳي ٿو.

    منهنجا سارا سوال بي معنيٰ،
    تنهنجو هڪ ئي جواب جاڳي ٿو.

    پيار توسان ڪري مون ڄاتو آ،
    مَن ۾ ڪوئي نوابُ جاڳي ٿو.

    سارَ تنهنجي سُمهي سگهي ناهي،
    روحَ ۾ ڪو رَباب جاڳي ٿو.

    تنهنجو چَهرو ڏسان ته ڪيئن ڏسان،
    ڇو جو ان تي نقاب جاڳي ٿو.

    سارو ماحول واسجي ويو آ،
    منهنجي ڀَر ۾ گلابُ جاڳي ٿو.


    غزل :: 43

    دردن وارو ديس لڳي ٿو،
    جيون سنڌ جو ڪيس لڳي ٿو.

    ڀونءِ تان ڀاڳيا تـڙجن ٿا ۽،
    پاڻ به ڄَڻ پرديس لڳي ٿو.

    گهاءُ تڏهن ٿو سَمجهي هُو ڀي،
    خنجر جڏهين کيس لڳي ٿو.

    جرڳن جي هِن جوءِ جو ٻالڪ،
    هٿيارن سان ليس لڳي ٿو.

    بک بيماريءَ، بدحالي سان،
    دل کي ڪيڏو ٺيس لڳي ٿو.

    ميرا ڦاٽل، چَتيون چولا،
    هن ڌرتيءَ جو ويس لڳي ٿو.


    غزل :: 44

    جنهن بنا منهنجي واههَ ڪونهي ڪا،
    تنهن جي مون تي نگاههَ ڪونهي ڪا.

    تنهنجي دَر تائين دل جو رَستو آ،
    ٻي اڳي ڪابه راههَ ڪونهي ڪا.

    ڪوئي ڪنهن تي ڪَرم ڪري ئي نه ٿو،
    ڪنهن جي ڪنهن تي پناههَ ڪونهي ڪا.

    پنهنجي سنڌ پاڻ تو ڇَڏي ٻوڙي،
    ديدَ تو ۾ درياهه ڪونهي ڪا.

    ٻيا ته هڪ ٻئي کي خوب سمجهن ٿا،
    تنهنجي مون سان صَلاح ڪونهي ڪا.

    پيار جو ڪوبه زور ڪونهي ڪو،
    قرب جي ڪابه ڪاهَه ڪونهي ڪا.


    غزل :: 45

    سوزُ اکڙيون، سازُ اکڙيون،
    روحَ جو ڪو رازُ اکڙيون.

    جت نه ڳالهائي سگهياسين،
    اُت بڻيون آوازُ اکڙيون.

    پيارَ جي پَنڌ ۾ ٿين ٿيون،
    عشق جو آغازُ اکڙيون.

    جُود ۾ وينديون جَهٽي هِن،
    ڄڻ ته آهن بازُ اکڙيون.

    سونهن وارن جون سدائين،
    ڀل پيون ڪَن نازُ اکڙيون.

    جي ٿيون دلبر سان ملائن،
    پوءِ ته هِن اعزازُ اکڙيون.

    درد آڇينديون رَهن ٿيون،
    ڪي ته دوکيباز اکڙيون.


    غزل :: 46

    روحَ جي مان رَقص مان نڪتو نه هان،
    ها اڃان هڪ شخص مان نڪتو نه هان.

    تُنهنجي نيڻن جا نشانا ياد هن،
    ها انهن جي عڪس مان نڪتو نه هان.

    پاڻ کي ٺاهيون پيو ٿو ٺاهيان،
    حُسن جي مان حِرص مان نڪتو نه هان.

    چاهه تنهنجي ڪيئن چَپن تان چوسيان؟
    ڪو ٽشو ٿي پَرس مان نڪتو نه هان.

    پيار جا سارا سبق آهن پڙهيا،
    چاهتن جي دَرس مان نڪتو نه هان.

    موت ماري ڪيئن ٿو مون کي سگهي؟
    ڇو جو تُنهنجي ترس مان نڪتو نه ها.


    غزل :: 47

    وَفا ڪري يا جَفا ڪري هُو،
    رهي سلامت خدا ڪري هُو.

    سزا به هُن جي سُٺي لڳي ٿي،
    ڀلي پيو مون سان دغا ڪري هُو.

    ڏسي ٿو مُرڪي پَوان ٿو هِرکي،
    ڪري ٿو نخرا سَدا ڪري هُو.

    وڃي اڃان ڀي اندرَ ۾ لهندو،
    جيئين ٿو منهنجي گِلا ڪري هُو.

    ٻُڌائي مون کي ته ڇا ٿو چاهي؟
    جا ڳالهه آهي صَفا ڪري هو.

    چَوي پرين جيئن ائين ڪيان مان،
    ڇڙو نه مون کي جُدا ڪري هُو.

    ڀري ڪو ڀاڪر ويهاري ڀَر ۾،
    ڏسون ته ڪيئن ٿو سخا ڪري هُو.


    غزل :: 48

    تُنهنجي نيڻن ۾ بَسيرو ٿي ويو،
    دُور جيون کان انڌيرو ٿي ويو.

    قرب ۾ جنهن کي ڀري ڀاڪُر وِڌُئي،
    مُفلسيءَ ۾ ڀي وَڏيرو ٿي ويو.

    تنهنجي زُلفن جا ڏسي واسينگ هي،
    مُنهنجو مَنُ ڀي آ سَپيرو ٿي ويو.

    ڪوڙ کي آهن هتي هَٿيون مليون،
    سچ مَٿان سڀ جو آ گهيرو ٿي ويو.

    جنهن کي چونڊي هو مُڪو سڀني مَٿي،
    قوم جو سو ئي لٽيرو ٿي ويو.

    جيئن رکيا تو پير منهنجي در پرين،
    ڀاڳ منهنجو پو ڀَليرو ٿي ويو.

    پيار عيوض پيار هڪ ٻئي کي ڏبو،
    نيٺ پنهنجو هي نِبيرو ٿي ويو.


    غزل :: 49

    مُرڪ تنهنجي واهَه جو مون کي وَڻي،
    مون به پنهنجي دل ڏني توکي کڻي.

    تنهنجي نيڻن تي چُميون رکندو رهان،
    ۽ ٿيان مان تنهنجي پيرن جي پَڻي.

    مان ته گهاٽي جهنگ ۾ گم ٿي ويم،
    جيئن ڏني تو وارَ ڇوڙي جو ڦڻي.

    وَڏ ڦڙي جي ڳالهه مون ڪِٿِ آ ڪئي،
    ڀل وَسو ٿي قرب جي هڪڙي ڪڻي.

    روز توکي مان دُعا هيءَ ٿو ڏيان،
    زندگي مُنهنجي به ڏي توکي ڌڻي.

    ڪيستائين ٽارَ ۾ ٽِڙندو “سجاد”؟
    نيٺ ويندو گل جوانيءَ جو ڇَڻي.


    غزل :: 50

    هوريان هوريان ويو پَـري ڪوئي،
    مونکي تنها ويو ڪري ڪوئي.

    سونهن جي سَمنڊ ۾ ٻُڏو جيڪو،
    ڪيئن اُن مان وَري تَري ڪوئي.

    مان سَهي ڪونه ٿو سگهان سائين،
    ڌيان توڏي پَيو ڌري ڪوئي.

    جاڳ جي آڳ ڪو لڳائي ويو،
    باهه بڻجي پيو ٻَري ڪوئي.

    آس تنهنجي رکي اڃان مَن ۾،
    ساههَ ٿـڌڙا پَيو ڀَري ڪوئي.

    توکي احساس ناهي ڪنهن جو ڪو،
    تنهنجي پاڙي پيو مَري ڪوئي.

    زندگيءَ مان خَفا ٿي آخر اَڄُ،
    خودڪشيءَ ڏي پيو وَري ڪوئي.


    غزل :: 51

    توکي ساري ساري سائين،
    هنجون ويٺس هاري سائين.

    منهنجو هوندي منهنجو ناهين،
    ڳالهه اها ٿي ماري سائين.

    روحَ جا رشتا آهن توسان،
    توکي ڪير وساري سائين.

    ڌرتي اڄ ڀي دانهين ٿي پئي،
    قبضو ڪيو آ ڌاري سائين.

    روز سويري اُٿندو آهيان،
    تنهنجو نانءُ اُچاري سائين.

    جلدي موٽ جُدائي منهنجو،
    هانءُ ڇڏيندي ڳاري سائين.

    آ ته حياتي گڏجي گهاريون،
    هيکل ڪير گذاري سائين.


    غزل :: 52

    زندگيءَ ۾ ڪو مزو ناهي رهيو،
    ڪنهن خوشيءَ ۾ ڪو مزو ناهي رهيو.

    لفظ ساڳيا، خيال ساڳيا، سوچ ڀي،
    شاعريءَ ۾ ڪو مزو ناهي رهيو.

    بَخملي تنهنجي بدن جو آ قسم!
    عاشقيءَ ۾ ڪو مزو ناهي رهيو.

    روح جي راڌا ٿي ڪرشن کي چوي،
    بانسريءَ ۾ ڪو مزو ناهي رهيو.

    نِرڙ تي نيشان پئجي ويو مگر،
    بندگيءَ ۾ ڪو مزو ناهي رهيو.

    وقت کي مون ڪاغذن ۾ قيد ڪيو،
    ڊائريءَ ۾ ڪو مزو ناهي رهيو.

    مَنُ سدا ڳولهي پيو اونداهيون،
    روشنيءَ ۾ ڪو مزو ناهي رهيو.

    مطلبي ٿي ويا سڀئي ماڻهو “سَجاد”،
    دوستيءَ ۾ ڪو مزو ناهي رهيو.


    غزل :: 53

    زندگي تيل ٿي وئي آهي،
    هر گهڙي ويل ٿي وئي آهي.

    فون آئي جڏهن کان کيسي ۾،
    عاشقي کيل ٿي وئي آهي.

    سودو سَچ جو سَلي نه ٿو ڪوئي،
    ڪوڙ جي سيل ٿي وئي آهي.

    ماڳ جي مالڪي نه ڪئي آ ڪنهن،
    ڀونءِ جي ڀيلَ ٿي وئي آهي،

    چاههُ چالاڪ پاس ٿي آ ويو،
    سادگي فيل ٿي وئي آهي.

    تنهنجي يادن ۾ در بدر جانان،
    دل چري هيل ٿي وئي آهي.

    تو پڄاڻان “سجاد” ڄاتو مون،
    جُوءِ ڄڻ جيل ٿي وئي آهي.


    غزل :: 54

    روحَ ۾ منهنجي رَچُ ني رَچُ ني !
    واپس موٽي اَچُ ني اچ ني!!

    پيار به ساڳيو، پرت به ساڳي!
    پيرون بڻجي پَچُ ني، پَچُ ني!!

    جسم پرينءَ جو بخمل جهڙو !
    سونهن سندس آ سچُ ني سچُ ني!!

    اَچُ ته اڪيلا اوريون ويهي!
    ڳالهيون آهن ڳَچُ ني ڳَچُ ني!!

    ڪاش اُجهائي ڪوئي مَن جو !
    مُحبت وارو مَچُ ني مَچُ ني!!

    سِڪَ ۾ تنها ڇو ٿي گهارين؟!
    نينهن ۾ گڏجي نچُ ني، نچُ ني !!


    غزل :: 55

    وقت ڪيڏو پرين ٿيو آهي،
    رابطو ڪونه تو ڪيو آهي.

    ڪوبه قبضو ڪري سگهيو ناهي،
    دل جو خالي پِلاٽ پيو آهي.

    مَنَ “موهن” جي ڪنهن دڙي وانگي،
    هوريان هوريان ڊهي رهيو آهي.

    تو وساري ڇڏيو ته ڄاتو مون،
    بند نيڻن جو ڪو ڀُريو آهي!

    ڏينهن غم ۾ سڄو گذاري ڪو،
    رات ڏيئي جِيان ٻريو آهي.

    درد ڇا هي “سجاد” دوريءَ جو،
    کيس هاڻي پَتو پيو آهي.


    غزل :: 56

    شخص ڪوئي رهي ٿو نيڻن ۾،
    عڪس ڪوئي رهي ٿو نيڻن ۾.

    هاڻ ڪو ٻيو اچي سگهي ئي نه ٿو،
    سرس ڪوئي رهي ٿو نيڻن ۾.

    درد ڪنهن جو ڏسي سگهيو ناهيان،
    تَرس ڪوئي رهي ٿو نيڻن ۾.

    روز گل پيار سان پٽي ٿو پيو،
    حرص ڪوئي رهي ٿو نيڻن ۾.

    نينهن ٿو ناچڻيءَ جيان جهومي،
    رَقص ڪوئي رهي ٿو نيڻن ۾.

    مون پڙهيو آ “سجاد” جانان جي،
    درس ڪوئي رَهي ٿو نيڻن ۾.


    غزل :: 57

    آئيني کي اک هَڻي سوچي پئي،
    نيڻ پنهنجا هوءَ کڻي سوچي پئي.

    تنهنجي سوچن ۾ حَياتي وئي هَلي،
    زرد پن وانگر ڇَڻي سوچي پَئي.

    گهاٽي جهنگ مان ڪيئن آئي هان بچي،
    نڪري وارن مان ڦَـڻي سوچي پئي.

    ٿَر جي ٿوهر کي چُمي ڏئي پوءِ هوءَ،
    سانوڻيءَ جي ڪا ڪَـڻي سوچي پئي.

    تنهنجو گهر ۽ تَـرُ سَڄو ڪيئن آ گهميو؟
    منهنجي پيرن جي پَڻي سوچي پئي.

    ڊيل ٿر جا مورَ سڀ مَرندا ڏسي،
    ناهي پنهنجو ڪو ڌَڻي سوچي پئي.

    سونهن جي ٿوري حياتي آ “سجاد”
    عمر ڇا جي لئه گَهڻي سوچي پئي.


    غزل :: 58

    تو مِٺي! جيئن لڳائي حِنا عيد تي،
    رنگ هر جا خوشيون ٿي لَٿا عيد تي.

    تو جي مُرڪي ڏٺو نيڻ پنهنجا کڻي،
    درد بڻجي ويو، ڄڻ دوا عيد تي.

    ٻارَ ٻارهو ئي جن جا بُکن تي سمهن،
    ڪير تن جي ٻُڌي ٿو ڀلا عيد تي.

    مان بُکيو ئي هُجان، ڀَل ڏکيو ئي هُجان،
    ڪَر سَڻايون سَڀن جون خدا عيد تي.

    تَنُ اگهاڙو پيو ٿو صَدائون هَڻي،
    ڪوئي مونکي وٺي ڏي لَٽا عيد تي.

    ڪاش ڪوئي اسان کي ٻڌائي اچي،
    ڇا جي لئه هُو اسان کان رُٺا عيد تي؟

    لوڪ ساري خوشيون هُون ملهايون “سجاد”،
    تون ۽ مان ئي هُئاسون جُدا عيد تي.


    غزل :: 59

    اُجڙي ويل ڪو شهرُ اَسان،
    رات جو پويون پَهرُ اسان.

    دلبر توسان دوکو ڪيون جي،
    بُڇڙا ٿيون پو مَــرُ اسان.

    ڪيئن ڀلا ڀُلجي وينداسين،
    دلبر تنهنجو دَرُ اسان.

    راتين جا رولاڪ جو آهيون،
    ڪيئن ڪنداسون گهرُ اسان.

    برسي پَـئُه ڪنهن بادل وانگي،
    پياسو آهيون ٿــرُ اسان.

    تو جو ساٿ ڇڳو او جانان!
    جيون ڀانيو زهرُ انسان.


    غزل :: 60

    گهاءُ مَن جو اڃان ڀَريو ڪونهي،
    هانءُ تنهنجو اڃان ٺَريو ڪونهي.

    سَڀ ڪو سَمجهي پَيو زماني کي،
    هَرڪو سياڻو آ، ڪو چَريو ڪونهي.

    تنهنجي نيڻن جي تيز لَهرن ۾،
    جو ٻڏو آ، وَري تَريو ڪونهي.

    وقت واريءَ جيان لڳي ٿو پيو،
    جو وَيو آ، وَري وَريو ڪونهي.

    خالي گُلدان هان ڪو ڪَمري جو،
    ڌيان تو ڀي تڏهن ڌَريو ڪونهي.

    دَردُ منهنجو دُکي ٿو سالن کان،
    باهه بڻجي اڃان ٻَريو ڪونهي.


    غزل :: 61

    هي جو هيڏو وسيع زمانو آ،
    تو سوا ڄَڻ ته قيد خانو آ.

    ڌار هُن کان رَهي مون ڄاتو آ،
    يارَ جي سارَ ڀي خزانو آ.

    رُوح کان رونقون رُسي ٿيون وڃن،
    دوست ٿيندو جڏهن رَوانو آ.

    مولا برساتـڙي وساءِ نه تون،
    پنهنجو ڪچڙو غريب خانو آ.

    سونهن سَجدا پئي ڪرائي ٿي،
    بندگاني رُڳو بَهانو آ.

    هي زمانو سَڄو آ ڳائيندو،
    پيار اهڙو پرين ترانو آ.


    غزل :: 62

    سورُ سمجهي نه ٿي پيارُ ڄاڻي نه ٿي،
    هاءِ ! مونکي اڃان، هوءَ سُڃاڻي نه ٿي.

    نينهن جي مينهن لئه مان سِڪيو هان سَدا،
    بِرهَه جون بارشون هوءَ آڻي نه ٿي.

    قرب ۾ ڪال ڀي ڪا ڪري ڪانه ٿي،
    مُرڪ ميسيج ۾ ڀي اُماڻي نه ٿي.

    گهورَ ٿي مان وَڃان گُهورَ هُن جيءَ مٿان،
    تيرَ نظرن جا ڇو مون تي تاڻي نه ٿي؟

    ياد جي جنڊَ ۾ پيسجي هان ويو،
    سونهن جي سانوري مونکي ڇاڻي نه ٿي.

    رُوحَ جي تار کي جا نه ڇيڙي “سجاد”،
    شاعري پوءِ اها مڃتا ماڻي نه ٿي.


    غزل :: 63

    ڪنهن انوکي چاهَه ۾ گُمُ ٿي وئي،
    زندگي ويساهَه ۾ گمُ ٿي وئي.

    پيارَ جو چَنڊ ڳوٺ تي اهڙو چڙهيو،
    عاشقي اُتساهَه ۾ گمُ ٿي وئي.

    آڪسيجن عشق جي اهڙي کنيم،
    ڇوڪري ڪا ساهَه ۾ گم ٿي وئي.

    شوق شاديءَ جو نه ٿي پورو سگهيس،
    وقت جي ونواهَه ۾ گمُ ٿي وئي.

    بارشن اهڙو ڀَڃي آهي وِڌو،
    هر خوشي ڀَڃ ڊاهَه ۾ گمُ ٿي وئي.

    واهَه جو ڪَن ڳَڻَ ڪَئي ڀوتار ! تو،
    منصفي آ ٺاهَه ۾ گمُ ٿي وئي.

    ٻارِ تي سردارُ هاريءَ جيئن ڏٺو،
    سوچ هُن جي ڳاههَ ۾ گم ٿي وَئي.

    سنڌ جا شاعر سَڀئي ڳولهي ٿَڪا،
    شاعري جا شاهَه ۾ گمُ ٿي وئي.


    غزل :: 64

    روحَ جي ڪا تارَ آهي شاعري،
    ڄَڻُ پرينءَ جي سارَ آهي شاعري.

    بي چَسي بي ڪار، بي معنيٰ سَڄي،
    درد کان جا ڌار آهي شاعري.

    ڌرتتيءَ ۾ ڇانورن وانگي لڳي،
    ڄَڻ پرينءَ جا وارَ آهي شاعري.

    سنڌ تنهنجي سونهن جو آهي قسم!
    عشق جي اُپٽار آهي شاعري.

    جي نه ٿي الهامَ جيان ڪنهن تي لهي،
    ڇا اُها ڀي يارَ آهي شاعري؟

    ڏات جهڙي ڪات سان ڪُهندي رَهي،
    ڪا تِکي تلوار آهي شاعري.

    جي نه جيتي مان سگهيم هُن کي “سَجاد”
    ها! پو منهنجي هارَ آهي شاعري.


    غزل :: 65

    دل جي دَر تي ٺَڪ ٺَڪ ٿي آ،
    اندر ۾ ڪا ڌَڪ ڌَڪ ٿي آ.

    پيار جو پهريون خط آ شايد،
    هٿـڙن ۾ ڏس ڏَڪ ڏَڪ ٿي آ.

    سادا سودا خيال ها ليڪن،
    ڪيڏي تِن تي بَڪ بَڪ ٿي آ.

    ٻارهن ٻيهر يارَ وڄي ويا،
    گهڙيالن ۾ ٽَڪ ٽَڪ ٿي آ.

    مُرڪَ پَسي ڪا مقناطيسي،
    چاهت پنهنجي چقمق ٿي آ.

    اونداهيءَ ۾ روز اچي ٿي،
    ڏات جي ديوي عاشق ٿي آ.


    غزل :: 66

    نيڻن ڪاتيون ڳالهائن ٿيون،
    ڇُلندڙ ڇاتيون ڳالهائن ٿيون.

    پردي پويان ڪيئي ڪنواريون،
    هن جون جهاتيون ڳالهائن ٿيون.

    گڏجي سڏجي گهاريون هُون جي،
    تو ريءَ راتيون ڳالهائن ٿيون.

    اسڪولن جي اوسي پاسي،
    ٻوليون ٻاتيون ڳالهائن ٿيون.

    قرب تي ڪيڏي بندش آهي،
    دلڙيون آتيون ڳالهائن ٿيون.

    جُوءِ اندر پيا، ڪاهي ماري،
    پَکڙين لاتيون، ڳالهائن ٿيون.


    غزل :: 67

    مان دُعا ٻي نه ٿو گهران ڪائي،
    سنڌ ساري رهي خدا سائي.

    کائي سنڌ جو ۽ پائي ڀي سنڌ جو،
    پوءِ به ڀاڙيو سڏائي ٿو ڀائي.

    ڏيهه سارو ڏڪار ۾ آهي،
    ڪَلَ هُن کي نه پئي اڃان ڪائي.

    ڀونءِ جي ڀيل جو ڪرائيندو،
    تنهن جي منهن ۾ آ ڌوڙ ۽ ڇائي.

    سنڌ صوفين جي سرزمين آهي،
    ان ۾ نفرت اها ڪٿان آئي.

    ڇو مڪاني نظام جي نالي؟
    پنهنجي ئي قوم سان ڪيئي ٻيائي.

    اڄ به سنڌ جي “سَجاد” مارن جو،
    مال ڀوتار آ ويو کائي.


    غزل :: 68

    هر گهڙي هَر پَهر پرين تو بن،
    هيءَ حياتي زهر پرين تو بن.

    من ۾ ماتم ٽڪي پيو آهي،
    آهي برپا حَشر پرين تو بن.

    تون جي ناهين ته ايئن ٿو پاسي،
    سُڃ سارو شهر پرين تو بن.

    هن هيڏي وشال دنيا ۾،
    ڪجهه نه آيو نظر پرين توبن.

    هاءِ! ڪيڏو ٻُسو ٻُسو آهي،
    دل جي گهر جو پَڌر پرين تو بن.

    ڇا تو سوچيو آ منهنجي باري ۾؟
    ڪيئن ڪندس مان گُذر پرين تو بن.

    مُدتن کان “سَجاد” رهندو آ،
    غم جو مَن تي اثر پرين تو بن.


    غزل :: 69

    بي حِس ۽ بيدرد لڳن ٿا،
    ڪوڙا سارا فرد لڳن ٿا.

    ايوانن ۾ اندر ويٺل،
    سارا دهشتگرد لڳن ٿا.

    ويڪو ليکڪ، رولو رَهبر،
    سڀ جو سڀ نامرد لڳن ٿا.

    ڌرتيءَ جي واپارين جا ڏس،
    چهرا ڪيڏا زرد لڳن ٿا.

    سهڻي، مومل، مارئي، ٻاگهي،
    ڄڻ ڪي جوڌا مَرد لڳن ٿا.

    سُنڌڙيءَ تي سِرُ ڇا گهوريندا؟
    جن جا جذبا سَرد لڳن ٿا.‎


    غزل :: 70

    توسان ئي يار دل لڳي آهي،
    باقي سڀ سان پرين ٺڳي آهي.

    سُونهن توڏي رڳو سُريا آهيون،
    ڳالهه ڪاٿي وڃين پُڳي آهي.

    ڇا ته پياري لڳي پئي جانان!
    تنهنجي وارن ۾ جا سَڳي آهي.

    مند کائي به ڪونه سمجهيائين،
    ڪيڏي هُن کي اڃان مَڳي آهي.

    او وڏيرا! ڏسين ٿو ڌيءَ تنهنجي؟
    نيٺ ڪنهن سان وڃي ڀڳي آهي.

    تون جي ناهين “سجاد” جيون ۾،
    هَر طرف رُڃَ پو رُڳي آهي.


    غزل :: 71

    هُو جڏهن کان مُنهڙو موڙي آ ويو،
    درد جيون کي وڪوڙي آ ويو.

    چاهَه واري راهَه تي مون سان هَلي،
    جيءَ سان ڪو، جيءُ جوڙي آ ويو.

    ڄَڻ ته ڪاريءَ رات ۾ ڀَٽڪان پيو،
    ڪو ته مون تي وارَ ڇوڙي آ ويو.

    روز مَن ميهار ڏي رَمندو رهيو،
    هُو ڪَچو هو نيٺ ٻوڙي آ ويو.

    دل سندو سارو پڌر خالي ڏسي،
    ڪو ته ان تي خيمو کوڙي آ ويو.

    ناز هو جنهن جي مٿان مونکي “سجاد”،
    دل هٿن سان سوئي ٽوڙي آ ويو.


    غزل :: 72

    منهنجي دل جي دَڳَ ۾ تون آن !
    ساهه جي سنهڙي رَڳَ ۾ تون آن!!

    سڀ ڪو آهي، سڀ ڪنهن جي لئه!
    مون لئه ساري جَڳَ ۾ تون آن !!

    چاهت ٿي چورائي سانئڻ!
    چوريءَ سوڌي سَڳَ ۾ تون آن !!

    تنهنجي پيرن تي پيو هلندس!
    ڇو جو منهنجي اَڳَ ۾ تون آن !!

    مون لئه آهين ڌرتيءَ جهڙي!،
    ٽوپيءَ ۾ تون پَڳَ ۾ تون آن!!


    غزل :: 73

    مُنهن مَٽي ڇڏڻ کان پوءِ،
    ناتو ڪَٽي ڇڏڻ کان پوءِ.

    ٽار ۾ ڇا بچيو هو باقي؟
    گُلُ پَٽي ڇڏڻ کان پوءِ.

    سونهن کي ڄَڻ سَنـَدَ ملي،
    وارَ وَٽي ڇڏڻ کان پوءِ.

    چَپ تنهنجا ائين لڳا جيئن،
    ماکي چَٽي ڇڏڻ کان پوءِ.

    وجود سارو ڪک پن ٿي ويو،
    ليٽ ۾ لٽي ڇڏڻ کان پوءِ.

    “سَجاد!” آخر ڇا لُڻندا هُو؟
    نفرت ڇٽي ڇڏڻ کان پوءِ..


    غزل :: 74

    توکان وڇڙي حصا ٿيا آهيون،
    ڪيترائي قصا ٿيا آهيون.

    هاڻ شايد وري نه ملنداسون،
    پاڻ اهڙو جُدا ٿيا آهيون.

    ڳالهه هر ڪو اسان جي ڳائي ٿو،
    ڪا انوکي ڪٿا ٿيا آهيون.

    هرڪو کيڏي ويو آ اُڇلائي،
    تاس جا ڄڻ پَتا ٿيا آهيون.

    درد ڳولهي ٿڪي پَيو هوندو،
    ايترو لاپتا ٿيا آهيون.

    عشق اهڙو ڪندو نه سوچيو هو،
    پاڻ کان ڀي خفا ٿيا آهيون.

    دل ۾ ڪو ديوتا پيو جاڳي،
    ڄڻ مِٽيءَ جا خدا ٿيا آهيون.


    غزل :: 75

    ڏانءُ ڏنو آ مونکي تو ئي،
    ڏات ته منهنجي پنهنجي آ، ني!؟

    جيت بلاشڪ، تنهنجي دلبر،
    مات ته منهنجي پنهنجي آ، ني!؟

    هُلُ هنگامو، تنهنجو هوندو،
    سانت ته منهنجي پنهنجي آ، ني!؟

    ڏينهن مڃيوسين، تنهنجو آهي،
    رات ته منهنجي پنهنجي آ، ني!؟

    تَن مَن ۾ آ تانگهه، توهان جي،
    تات ته منهنجي پنهنجي آ، ني!؟

    توکي ئي ساراهيان ويٺو،
    ذات ته منهنجي پنهنجي آ، ني!؟


    غزل :: 76

    حَسين ڪو حَوالو، ٿو اَرپيان اوهان کي،
    ها! جذبو نِرالو، ٿو اَرپيان اوهان کي.

    مان آسن، اُميدَنِ کي اَندرَ ۾ واڙي،
    هي چاٻي، هي تالو، ٿو اَرپيان اوهان کي.

    سَچل، شاهَه، سامي ۽ بيوس، بُلي جو،
    پويتر رسالو، ٿو ارپيان اوهان کي.

    جَبل جهاڳي سَسُئيءَ، پُنهونءَ لَئه ڪَٽيو جو،
    مان اهڙو ڪَشالو ٿو اَرپيان اوهان کي.

    اُٿو دِيس واسي، وڙهون ديس خاطر،
    هي بڙڇي، هي ڀالو ٿو ارپيان اوهان کي.

    مِٺي! ڄام شورو اوهان جو ئي آهي،
    مگر مان پريالو ٿو اَرپيان اوهان کي.


    غزل :: 77

    ڇو رُڳو آن، جُگاڙ جي پويان؟
    ڇا رکيو آ، بگاڙ جي پويان؟؟

    هام ايڏي هَڻي ٿو ڇاجي لئه؟
    ڪُجهه نه ورندو آ، ڊاڙ جي پويان.

    سنڌ جي سام، کي لَڄايو ٿي،
    تون آن ڀوتار! ڀاڙ جي پويان.

    تنهنجو ايمان ڀي اُڏامي ويو،
    ڌاڳي ڦيڻي ۽ جهاڙ جي پويان.

    وقت سارا وَزير واڙيندو،
    ڪنهن پُراڻي ڪٻاڙ جي پويان.

    سنڌ بي روزگار ٿي ويئي،
    تنهنجي ميرٽ لتاڙ جي پويان.

    ڪيڏو پڇتايون ٿا اسان پُوري،
    *”شيخ”! توکي ڪراڙ جي پويان.


    غزل :: 78

    دَردَ! ڏيندا رَهو يَڪو سائين،
    جيستائين وَڃي ٿَڪو سائين.

    تنهنجي دَر تي وَري وَري اَچبو،
    دل کي جيسين لڳي ڌِڪو سائين.

    تو رُڳو فون تي پُڇيو، منهنجو،
    سُورُ ٿيندو وَيو جَهڪو سائين.

    مون ته نيڻن ۾ هنڌ وَڇايو آ،
    ها! اچي عمر ڀر ٽِڪو سائين.

    پنهنجي قسمت کي پاڻ بَدلايو،
    ڇو ٿا ڀوتار کان ڏڪو سائين؟

    ڇَڏ کڻي تون حجابَ کي هاڻي،
    ايڏو ناهي ٿِبو پَڪو سائين.


    غزل :: 79

    آوازَ عورتن جا!
    اندازَ عورتن جا!

    انجامَ تي رَسائن،
    آغازَ عورتن جا!

    ڇا تو وَڄايا آهن،
    سڀ سازَ عورتن جا!

    ڄاڻي نه ڪو سگهيو آ،
    ڇو رازَ عورتن جا!

    نينهن جا نشا ڏين ٿا،
    ڪي نازَ عورتن جا!

    ڇو مَرد ٿي ويا هِن،
    هِتِ بازَ عورتن جا!

    ها! حُسن ۾ هميشھ،
    اعجازَ عورتن جا!

    ڏِسُ پاڻ ڀي ته آهيون،
    اعزازَ عورتن جا.


    غزل :: 80

    رُوحَ ۾ ڪو، رَهَي پَيو آهي،
    مُنهنجو جيون ٺهي پيو آهي!

    هُو ٺَهي ويو جڏهن آ مونسان،
    هي زمانو ڊَهي پيو آهي!

    مان خوشيءَ ۾ ئي ڪونه ٿو ماپان،
    دوست مون ڏي ڪَهي پيو آهي.

    او خُدا! ٻاجَهه ڪر، ڪَچي گهر تي،
    هَنڌ هَنڌ کان، وَهي پيو آهي.

    هُو ته ڏَاڙهي رکي به ڏاڙهي ٿو،
    ڪوڙ تي جو لهي پيو آهي.

    هُن کان وڇڙي “سجاد” سيني ۾،
    سورُ توکي سَهي پَيو آهي.


    غزل :: 81

    ٻي کي نه ماربو آ، ڪجهه ڌيان ڌاربو آ،
    هر هر ڪٿي چوان ٿو، ڪنهن پَل ته ساربو آ.

    دل سان ڪري دُعائون، واعدن ۾ ڀي وفائون،
    آڇي جو پيار تنهن تي، جيون ڀي واربو آ.

    جيڪو ڪري ڪشالا، ڪنهن جي تڏي اچي ٿو،
    تنهن کي ڪڏهن نه ڀُلجي دَر تان ڌڪاربو آ.

    ڪو بي وَڙو گهڙو هو، سُهڻي ڇَڏيائين ٻوڙي،
    هُن کي خبر به ڪهڙي، ڪيئن ڪنهن کي تاربو آ؟

    توکي پَتو آ ڪهڙو، هن پيارَ جو چَري دل!
    مَحبوب جي سَدائين غم ۾ گذاربو آ.

    سو روحَ ۾ رهي ٿو، هر ساهه سان کڄي ٿو،
    پَل پل “سَجاد” جنهن جي سوچن ۾ گهاربو آ.


    غزل :: 82

    سونهن تي سِرُ وڃائجي ساٿي،
    نينهن اهڙو نڀائجي ساٿي!

    قُرب ۾ ڪير ڀي گُهري پَنهنجو،
    ڪنڌ مُرڪي ڪٽائجي ساٿي!

    پيارَ جي پنڌ تي هَلو ٿا جي،
    وِکَ تڪڙي وڌائجي ساٿي!

    هيءَ حياتي حَسين ٿي پوندي،
    روحَ ۾ ڪو رَهائجي ساٿي!

    آهي سارو شهر تماشائي،
    حال ڪنهن کي ٻُڌائجي ساٿي؟

    برهَه جي بندگيءَ ۾ پنهنجو،
    سارو جيون لُٽائجي ساٿي.

    يارُ جو دَرُ ڇڏي گهڙي کن لئه،
    پاڻ کي آزمائجي ساٿي!


    غزل :: 83

    انڌا، گونگا، ٻوڙا آهن!
    ماڻهو مَن جا سوڙها آهن!!

    تو بن مان ئي هيکل، وياڪل!
    ٻيا سَڀ جوڙا جوڙا آهن!!

    سُهڻين نازڪ نارين کي ڇو؟
    وَرَ هِتِ ملندا، پوڙها آهن!!

    مصريءَ، ماکيءَ جهڙا ماڻهو!
    اندرَ جا ڇو ڪوڙا آهن!!

    مَحلن ۾ ڇو رهندڙ اڪثر ؟
    اورانگهيندا لوڙها آهن!!

    چاهَه جا چَپ ڀلي سِبِجَن پر!
    ڳالهائيندا ڳوڙها آهن!!


    غزل :: 84

    محبت ۾ مجبور ڪيو ٿي،
    ڪيڏو چِڪناچُور ڪيو ٿي.

    مُرڪ جي هڪ مس ڪال ڏئي تو،
    مَن منهنجو مخمور ڪيو ٿي.

    روز رُسامي کي ڀي پنهنجو،
    دلبر ڇو دَستور ڪيو ٿي.

    سونهن جو سورج نيٺ ته لهندءِ،
    ايڏو جنهن مغرور ڪيو ٿي.

    وقت! وڏو ڪو ظالم آهين،
    دل کان دلبر دور ڪيو ٿي.

    لالچ ۾ او لال پري! ڇو؟
    جهونو وَرُ منظور ڪيو ٿي.

    صدما، سڏڪا، سوچون ڏيئي،
    نينهنَ! رُڳو ناسور ڪيو ٿي.


    غزل :: 85

    عشق ايمانَ کان مٿي آهي،
    نينهن نادانَ کان مٿي آهي.

    برهه جي بندگي نه سمجهي جو،
    سو ته حيوانَ کان مٿي آهي.

    آهي انسان جي مُهانڊي ۾،
    ماڻهو شيطانَ کان مٿي آهي.

    ساڙَ، ڪيني، حَسدَ جي بيماري،
    سا ته سَرطَانَ کان مٿي آهي.

    سونهن تي سٽ به هڪڙي شاعر جي،
    پوري ديوانَ کان مٿي آهي.

    سنڌ مذهب آ، ڇو مَٽين ٿو تون؟
    ڀونءِ ڀڳوانَ کان مَٿي آهي.

    منهنجو محبوب او خُدا منهنجا،
    تنهنجي غِلمانَ کان مٿي آهي.


    غزل :: 86

    روز جهيڙي فسادَ ۾ ڇاهي؟
    سوچِ پنهنجي مفادَ ۾ ڇاهي؟!

    ڪونه ڄاڻي سگهيو اڃا تائين،
    عشق جي اعتمادَ ۾ ڇاهي؟!

    ڌيان هُن ڏي ڌرين ٿو ڇاجي لئه؟
    اڄ جي ڪوڙي نقادَ ۾ ڇاهي؟!

    ماڻهپو ڀي کڻي لَڄايو ٿي،
    تنهنجي جذبي جهادَ ۾ ڇاهي؟!

    مُسڪرائي، سڏي ٿو مَقتل ڏي،
    هاءِ! منهنجي جلادَ ۾ ڇاهي؟!

    سادو سُودو، صفا اَياڻو آ،
    يارَ! تنهنجي “سَجادَ” ۾ ڇاهي؟!


    غزل :: 87

    ڳالهه اهڙي نه آهي ڪا مون ۾،
    ڇا ٿو ڳولهين پيو ڀَلا مون ۾ ؟!

    ڪو نئون دَرُ وڃي نه ٿو ڳولهين؟
    دَردَ ! آخر ڏٺو ٿي ڇا مون ۾ ؟!

    آهيان هُن جي ئي پيار جو پاڇو،
    ها پرين، پاڻ ئي ته آ مون ۾.

    مان اَزل کان ئي يارَ اهڙو هان،
    ڪنهن سان نفرت نه ڪا گِلا مون ۾.

    هانوَ ۾ ڪو حلاجُ ٿو جاڳي،
    آهي منصور جي صَدا مون ۾.

    مان چُڪي پي چَرِيو نه ٿيو آهيان،
    ناهي عادت اها صَفا مون ۾.

    هُو ! چَوي ٿو خُدا ڪٿي آهي؟
    مان چَوان ٿو ته آ خدا مون ۾!


    غزل :: 88

    توکان هوندي ڌارَ حَياتي ڇا هوندي؟!
    سوچ ته ٿورو يارَ حَياتي ڇا هوندي؟!

    سوچن، صَدمن، سُڏڪن ۾ هَر پل رَهندي،
    ساجن تُنهنجي سارَ حَياتي ڇا هوندي؟!

    لولي لئه ليلائڻ وارن جي جڳ ۾،
    ڏيهه جا او ڏاتارَ! حياتي ڇا هوندي؟!

    ڏينهن ڏکن ۾ راتيون روئڻ ۾ وينديون،
    نيڻين وهندا نارَ حياتي ڇا هوندي؟!

    ميرا ڦاٽل ڪارا ڪپڙا، شيو وڌيل،
    اڻڀا سڻڀا وارَ حياتي ڇا هوندي؟!

    کيسي خالي پيٽ بکايل پورهيت کي،
    ننڍڙا ننڍڙا ٻارَ حياتي ڇا هوندي؟!

    سڏڙا سارا پهتا پيارا تو تائين،
    تنهنجي ڪَن لاٽار، حياتي ڇا هوندي؟!


    غزل :: 89

    اوهان جي ياد جو دل تي اَثر ٿيو آهي،
    ٻُڌايان ڪيئن ته ڪهڙو حَشر ٿيو آهي.

    ڏکن ۾ ڏينهن ٿو گُذري روئڻ ۾ رات مِٺي!
    جيئڻ خدا جو قسم آ، زهر ٿيو آهي.

    اسان جا نيڻ وڇايل سَدا رَهيا آهن،
    اوهان جو پيارا جتان ڀي گذر ٿيو آهي.

    جَديد دَورُ به شايد نواڻ چاهي ٿو،
    لڳي ٿو پيارُ پُراڻو وکر ٿيو آهي.

    توهان پٿر جا جڏهن کان خُدا ٿِيا آهيو،
    اسان جو مَن به تڏهن کان مَندر ٿيو آهي.

    سُڪون ڀي نه رَهيو آ، قرار ڀي ناهي،
    “سجاد” ساههَ تي ڪيڏو سَحرُ ٿيو آهي.


    غزل :: 90

    غُلامي گهڻي ئي ڪَئي ٿي پيارا،
    خودي موڪلائي وَئي ٿي پيارا.

    نه ڪا قومي ڪاوڙ، نه غيرت غُصو ڪو،
    وَئي لڄ ئي تنهنجي لَهي ٿي پيارا.

    اَجايَن، سَجاين ڪَمن ۾ سَدائين،
    ڇو پنهنجي وڃائي وَهي ٿي پيارا.

    ڪَرڻ جيڪو چاهين ڪري تون سگهين ٿو،
    جَواني صفا بي ڀَئي ٿي پيارا.

    اُٿي جهيڙ هاڻي، اَٿئي ويڙهه هاڻي،
    هي جيجل صَدائون ڏئي ٿي پيارا.

    اَڃان هارَ پنهنجي مَڃين ڪونه ٿو تون،
    حَياتي وَڃي ڇا رَهي ٿي پيارا.


    غزل :: 91

    سونهن واري ساٿ ڏي سُرندو رهيو،
    مَنُ صدين کان پيار ئي گهرندو رهيو.

    عُمر ساري وَئي وِهامي عشق ۾،
    نانءُ هڪڙو هانءَ ۾ هُرندو رَهيو.

    تنهنجي لهجي گهاءُ ڪو اهڙو ڏنو،
    سور مان ناسور ٿي ڪُرندو رَهيو.

    سُهڻي سمجهيو ساٿ جو هوندو پَڪو،
    پَر هُو ڀيلو هو، تڏهن ڀُرندو رَهيو.

    خواهشون ۽ خواب مِٽجي ويا مگر،
    جيءُ اڃان نادان هو، جُهرندو رَهيو.

    ماڳ تي پهچي سگهيو هو ڪين پر،
    پيرُ پوءِ ڀي چاههَ ڏي چُرندو رهيو.


    * اياز گل جي سِٽ “نانءُ هڪڙو هانءَ ۾” جي طرح تي لکيل


    غزل :: 92

    دَربدري ۽ دوکو جيون،
    ڪيڏو آهي جوکو جيون.

    هاءِ! ڊسمبر جي تنهائي،
    هانوَ ۾ آ ڄڻ ڪوڪو جيون.

    ڪيئن گُذاري سگهبو سانئڻ؟
    تو بن ايڏو اوکو جيون.

    جنهن ۾ ڌرتي سَرتي ناهي،
    سو ڄڻ آهي کوکو جيون.

    مَيڻ جيان ڳاريندو آهي،
    ڏسو نه ٿا ڇا لوڪو! جيون؟

    انا الحق جي نعري جهڙو،
    حَق جو آهي هوڪو جيون.


    غزل :: 93

    تو سوا ڄَڻ بارُ آهي،
    زنــدگــي! آزارُ آهــي.

    ڏينهن ٿيا آهن گهڻا جو،
    چينُ دل کان ڌارَ آهي.

    پيار کان ماڻهو پري جو،
    سو صفا بيڪار آهي.

    رَاههَ ۾ روڙا ئي رکندو،
    ڇو جو پنهنجو يار آهي.

    ساري جڳ ۾ تون ته آهين،
    جنهن سان منهنجو پيار آهي.

    روز ٿو دَر تان ڌڪاري،
    هُو اڃان ڀي ٻارُ آهي.


    غزل :: 94

    مِٺي! منڌَ موٽي وري ڀاڪرن جي،
    وِجهين هان وَرائي ڀَري ڀاڪرن جي.

    وَسائي وڃين ها، چُمين جي ڪا بارش،
    پَوي ها پرين دل ٺري ڀاڪرن جي.

    نگاهن جي ٻيڙي ٻُڏڻ کان بَچي ها،
    تمنا به پئي ها تري ڀاڪرن جي.

    ڏٺي ڪانه هُئي تو، اُها انتظاري،
    سوا تنهنجي ڪيئن هُئي سَري ڀاڪرن جي.

    بَدن بَرف وانگي ٿڌو ٿي وڃي ها،
    پوءِ ڳڻتي به پئي ها ڳري ڀاڪرن جي.

    صدين کان سڪي ٿي پئي ساحلن تي،
    جواني به آ، جَل پَري ڀاڪُرن جي.


    غزل :: 95

    نينهنُ ته نازِڪُ ناتو آهي،
    توکان وِڇڙي ڄاتو آهي.

    روز اچي مَنُ ماندو ڪن ٿا،
    سُورنِ خوب سُڃاتو آهي.

    ڪيرُ نه سمجهي سگهيو منهنجو،
    لهجو شايد ٻاتو آهي!

    سوچي سمجهي ڄاڻي واڻي،
    پيچُ پرينءَ سان پاتو آهي.

    اڳيان درد ڪري سڀ چُڪتو،
    نئين سِر کوليو کاتو آهي.

    قرب جي ڪاڪ محل ۾ صادق،
    روح سان راڻو ڳاتو آهي.

    سوئي پير ڪَڍي پيو منهنجا،
    جنهن کي سيني لاتو آهي.


    غزل :: 96

    لَهجو ڀاري ڪري ويو آهي،
    سَڪتو طاري ڪري ويو آهي.

    ڳالهه ايڏي وڏي به ڪانه هُئي،
    جيڏي خُواري ڪري ويو آهي.

    هَر طرف ڀينگ هاڻي ڀاسي ٿي،
    سُڃَ ساري ڪري ويو آهي.

    پيارَ جون آٿتون ڏئي مُنهنجي،
    دل ڪنواري ڪري ويو آهي.

    جُونِ جهڙن اسان جي جذبن تي،
    برفباري ڪري ويو آهي.

    مُرڪ مون کان کَسي وَري منهنجا،
    لُڙڪَ جاري ڪري ويو آهي.

    حالُ منهنجو ڏِسي هتي هَرڪو،
    زاري زاري ڪري ويو آهي.


    غزل :: 97

    انتظاري اَلائي ڇا جي آ!؟
    بي قراري اَلائي ڇا جي آ!؟

    پائي ڀاڪُر پُڇي پَئي مون کان،
    برفباري اَلائي ڇا جي آ!؟

    نيڻ هُن جا اڃان کُليا ناهن،
    هيءَ خماري اَلائي ڇا جي آ؟!

    تُنهنجي قدمن تي ڪو ڪِريو آهي،
    خاڪِساري اَلائي ڇا جي آ؟!

    نيرَ نيڻن کان ڀي رُٺا ناهن،
    آبشاري اَلائي ڇا جي آ؟!

    ساههُ سَڪرات ڏي وَڃي سُرندو،
    هيءَ تياري اَلائي ڇا جي آ؟!


    غزل :: 98

    زندگي ٿي موت ڏي سُرندي وڃي،
    پوءِ به تنهنجو پيار ٿي گُهرندي وڃي.

    عشق جو انجام سمجهي ٿي مگر،
    دل اڃان ڀي چاههَ ڏي چُرندي وڃي.

    يا خدا! ڪا ٻاجهه ڪر مسڪين جي،
    جُهوپڙي ٿي مينهن ۾ جُهرندي وڃي.

    جي پڙهان ٿو سنڌ جي اخبارَ ڪا،
    هَر خبر ٿي هانوَ ۾ هُرندي وڃي.

    سارَ جي ڪا تيز بارش ٿي وَسي،
    دل ڪچي ديوار جِيان ڀُرندي وڃي.

    پير تنهنجا غير ڏي ويندي ڏٺم،
    دل تڏهن دلدار ٿي ڪُرندي وڃي.


    غزل :: 99

    پَکيءَ وانگي پَرڙن کي ساهڻ ٿو چاهي،
    هي هينئڙو هَٿن مان اُڏامڻ ٿو چاهي.

    مسافر هي مَن آ صدين جو سَتايل،
    حياتيءَ جا ٿڪ سارا لاهڻ ٿو چاهي.

    نه مَنُ ڪوبه اُجرو، نه دل ڪابه درياهه،
    رڳو ماڻهو، ماڻهوءَ کي کائڻ ٿو چاهي.

    وَري ڪونه وَربو اهو سوچي سمجهي،
    پنهنجا پيرَ ڌرتيءَ تان ڊاهڻ ٿو چاهي.

    تڏهن کائي ڀڙڪو هُو ڀِٽَ تان اُٿيو آ،
    وڃي ديس ٻيو ڪو وَسائڻ ٿو چاهي.

    ويل وقت هان پر اڃان عشق ۾ ڪو،
    پَري کان پُڪاري وَرائڻ ٿو چاهي.


    غزل :: 100

    اوهان جي سارَ آئي آ،
    اُداسي ڌارَ آئي آ.

    ڇُهي توکي هَوا تُنهنجي،
    کڻي هُٻڪار آئي آ.

    ڪري ويئي آ ويڳاڻو،
    جڏهن ڀي يارَ آئي آ.

    نه خط آيو نه ڪو نياپو،
    نه ئي ڪا تارَ آئي آ.

    ٿيو ماحول آ معطر،
    ڪري سينگار آئي آ.

    لڳي ٿو ساهه جي اڳيان،
    وڏي ديوار آئي آ.


    غزل :: 101

    سونهن سَندو سَنسار ڇَڏيو ٿي!
    ڇا لئه پهريون پيارُ ڇڏيو ٿي؟

    تو ۾ سيرَ جي ناهي سُهڻي،
    مون ۾ ڇو ميهارُ ڇَڏيو ٿي؟

    عشق نه سمجهيهءِ اُٺن وانگي،
    بيوس ٿي ڇو بارُ ڇڏيو ٿي.

    هاڻي ڇو نه تون پَڇتائيندين،
    مُلان وٽ جو ٻارُ ڇڏيو ٿي.

    سَسُئيءَ جهڙي سُرت نه ڌاريئه،
    پُنهونءَ جهڙو پارُ ڇڏيو ٿي.

    قرب نه ڄاتُهءِ ڪاڻا راڻا،
    مومل جو مَعيارُ ڇڏيو ٿي.

    هيڏي هوڏي ڀٽڪڻ وارا،
    وحدتَ جو واپارُ ڇڏيو ٿي.

    حيف هُجئي او هيڏا سارا!
    ڪيڏو سُهڻو يارُ ڇڏيو ٿي.


    غزل :: 102

    درد سارو پي ويا هُون،
    ڌار ٿي ڀي، جي ويا هُون.

    ڪاش! ڪوئي ٿي نه اهڙو،
    يارَ، جَهڙا ٿي ويا هُون.

    عشق جي آتش ڪَدي ۾،
    پاڻ ڀي پڄري ويا هُون.

    سونهن تنهنجي سَرحدن کان،
    ڏور ڄَڻ نڪري ويا هُون.

    وقت واچوڙو هُيو ڪو،
    واهه جو وکري ويا هُون.

    موسمن تي ڏُوههُ ڪهڙو،
    توکان ئي وسري ويا هُون.


    غزل :: 103

    دروازي ۾ ديَد آ سائين،
    توبن ڪهڙي عيدَ آ سائين.

    ايندين، ايندين، نيٺ ته ايندين،
    مونکي هيءَ اُمَيدَ آ سائين.

    عشق اوهان وَٽ پاڻ ئي ايندو،
    نينهن جي ڇا ته نويدَ آ سائين.

    ڪپڙن وانگي دوست ٿا مَٽجن،
    دور هي ڪيڏو جَديد آ سائين.

    سادن سودن خيالن تي ڏس،
    ڪيڏي ٿي تنقيدَ آ سائين.

    دُنيا جي الزامن آڏو،
    پنهنجي بَس ترديدَ آ سائين.


    غزل :: 104

    سُرندا رهندا سازَ چَپن تي،
    رَهجي ويندا رازَ چَپن تي.

    رُوحَ ڪَنن سان ٻُڌبا آهن،
    عشق سَندا آوازَ چَپن تي.

    سُهڻن کي ئي سونهن ٿا پيا،
    نينهن ۾ سارا نازَ چَپن تي.

    هڪڙي مُرڪ سان موهي ويا هِن،
    تُنهنجا سڀ اندازَ چَپن تي.

    ايڏي آس رکي ٿي ڇا لئه؟
    دلبر دوکيبازَ چَپن تي.

    نيٺ ته مِلڻا آهن مُنهنجن،
    چپڙن کي اعزازَ چَپن تي.


    غزل :: 105

    سَوالن جي وچ ۾، جَوابن جي وچ ۾،
    هميشھ رَهياسين حِسابن جي وچ ۾.

    گُلابي چَپن سان، ڇُهي تو رکيو هو،
    اَڃان جي رَهيا هُون ڪتابن جي وچ ۾.

    ڪَنڊن جي به قسمت اسان کان چڱي آ،
    گذارن ٿا هر پل گلابن جي وچ ۾.

    عمر سان ٺڳيءَ جو عجب فلسفو آ،
    پَيو ٿو لڪائي خِضابن جي وچ ۾.

    گناهن جو گهيرو جڏهن تنگ ٿي ٿو،
    پناهون ٿو ڳولهي ثَوابن جي وچ ۾.

    پَيو سوچي شاعر اَلائي ڇا ٿيندو؟
    غزل جو پڙهيو آ، نقادن جي وچ ۾.


    غزل :: 106

    فاصلن جو حسابُ ڪير ڪري؟
    حادثن جو حسابُ ڪير ڪري؟!

    سارَ جو سلسلو کُٽي ئي نه ٿو،
    قافلن جو حساب ڪير ڪري؟

    مُرڪ جو مئڪدو ته کوليو ٿي،
    غافلن جو حساب ڪيرُ ڪري؟

    وِههُ ڏسي هُو اڃا پَيا وِهسن،
    عاشقن جو حسابُ ڪير ڪري؟

    نيڻ دل جا صدين کان بَرسن ٿا،
    بادلن جو حساب ڪير ڪري؟

    لوڪ سارو “سجاد” ويري آ،
    قاتلن جو حِساب ڪير ڪري؟


    غزل :: 107

    ڪَٽيل رابطي ڄڻ ته ماري ڇڏيو آ،
    لڳي ٿو اوهان ڀي وساري ڇڏيو آ.

    نه ميسيج آيو، نه مِس ڪال ڪائي،
    اَلئه تو به ڪنهن جي سَهاري ڇڏيو آ.

    چَپن جي اڱڻ تي ڪوئي ڪيئن ايندو؟
    جڏهن نانءُ تنهنجو اُچاري ڇڏيو آ.

    رُڳو خيال توڏي، رُڳي سوچ تُنهنجي،
    مِٺي ! اهڙي ڳڻتيءَ ته ڳاري ڇڏيو آ.

    اَڃان آسرن ۾ سُتل ئي رَهون ها،
    ڪَچي ننڊَ مان تو اُٿاري ڇڏيو آ.

    اوهان جي اَچڻ جو ٻڌي پاڻ پنهنجو،
    پڌر پيار وارو ٻُهاري ڇڏيو آ.

    اڙي ! نينهن جي ناوَ جا ناخدا تو،
    اسان کي ڀلا ڇو؟ ڪناري ڇڏيو آ.


    غزل :: 108

    ڳَلن کي ڇُهڻ جو سبب ٿي پُڇي،
    هَٿن کي چُمڻ جو سبب ٿي پُڇي.

    اَچي بادلن جان ٿي ڀَرجي مَگر،
    کِنوڻ جي کِجڻ جو سبب ٿي پُڇي.

    اَکين جا ڪَٽورا پيئاري ڪري،
    اسان کان ٿِـڙڻ جو سبب ٿي پُڇي.

    ڌِڪاري سندي دل جي دهليـز تان،
    وَري پوءِ رُسڻ جو سبب ٿي پُڇي.

    جُدا ٿي رَهڻ جو نه ٿَس تجربو،
    اکين جي وَسڻَ جو سبب ٿي پُڇي.

    ڪري هارَ سينگارَ ٿي خوبُ پَـرَ،
    پوءِ گُهوري ڏِسڻ جو سبب ٿي پُڇي.

    نه ٿَس ڪا خبر يا صفا سادي آ،
    ننڊن جي ڦِٽڻ جو سبب ٿي پُڇي.


    غزل :: 109

    جيسين هيءَ خُدائي رَهندي،
    سنڌ سدائين سائي رهندي.

    ڀونءِ ٿو وڪڻين ڀاڙيا ماڻهو،
    تنهنجي مُنهن ۾ ڇائي رَهندي.

    نوريءَ جَهڙي، مومل جَهڙي،
    منهنجي ٻاگهل ٻائي رَهندي،

    دودو رَهندو، دولهه رهندو،
    شاهه، سَچل جي وائي رَهندي.

    تنهنجي منهنجي رَهندي باقي،
    ٻولي ٻي نه ڪائي رَهندي.


    غزل :: 110

    پرين پيار ۾ بي وفائي نه ٿيندي،
    چيو پاڻ هو تو جُدائي نه ٿيندي.

    رَکي شَرطَ ويٺو رُڳو پيار ۾ جو،
    انهيءَ مان به سمجهو وفائي نه ٿيندي.

    اکين جا اشارا به انمول آهن،
    بِرهه جي ته ڪائي بَها ئي نه ٿيندي.

    غُصي مان نِهاري، ڏَمرجي چيائين،
    ڪا ڪاوڙ به توسان اَجائي نه ٿيندي.

    وڏي دير ٿي پر اهو نيٺ ڄاتو،
    اڙي سونهن! توکان سَچائي نه ٿيندي.

    حَسينن ۾ ڀي ڪو ته “حاتم” هُجي ها،
    هِنن مان ته ڪائي سَخا ئي نه ٿيندي.

    اڪيلائي، ڪَمرو، سِياري جون سوچون،
    انهيءَ کان وڏي ڪا سزا ئي نه ٿيندي.


    غزل :: 111

    سوُنهن ڏي تون اڃان سُرين ٿو پيو،
    گهاءُ گَهرو اڃان گُهرين ٿو پيو.

    جنهن جي ترجيحَ ۾ به تون ناهين،
    ڌيان تنهن ڏي اَڃا ڌَرين ٿو پيو.

    کائبو ٿو وڃين ڪِنارن جيان،
    ۽ ڀُتو ٿي اڃان ڀُرين ٿو پيو.

    سَنڌَ سَنڌَ ۾ نه سَتُ رَهي ٿي ڪا،
    چاههَ ڏي پوءِ ڀي چُرين ٿو پيو.

    سارَ تُنهنجي ڪري ٿي سرگوشيون،
    تون ڪَنن ۾ اڃان ٻُرين ٿو پيو.

    نيڻ ڪنهن لئه وِڇائي ويٺو آن،
    ڪنهن جي آمد تي تون ٺرين ٿو پيو.

    سوچ ڪجهه تون “سجاد” سياڻو ٿي،
    پاڻ تي ظلم ڇو ڪَرين ٿو پيو.


    غزل :: 112

    اَچو شامَ ڌاري ڪَچهري ڪنداسون،
    ويل وقت ساري ڪچهري ڪنداسون.

    وڏو وقت ٿيو آ، مِليا ڪينَ آهيون،
    اندرُ اَڄ ته ٺاري، ڪچهري ڪنداسون.

    سياري جي موسم پُڪاري رَهي آ،
    ڀـڀـڙ باهه ٻاري ڪچهري ڪنداسون.

    پرين پيارَ وارا، اَڇا ڪي اَمنُ جا،
    ڪبوتر اُڏاري ڪچهري ڪنداسون.

    وڃائي ڪري پاڻ حاصل ڪيو ڇا؟
    اهو سڀ وساري ڪچهري ڪنداسون.

    هلي آءٌ هاڻي، انهيءَ کان اڳي جو،
    وڃي موت ماري ڪچهري ڪنداسون.


    غزل :: 113

    هِڪ ٻئي کي ٿا هارَ وِجهون،
    کَڏ ۾ ٿا تڪرار وِجهون.

    رَنجَ رُساما، پالي پنهنجن،
    رِشتن ۾ ڇو ڏارَ وجهون.

    دوستُ سڏائي جيڪو پنهنجو،
    تنهن تي ڪهڙا بارَ وجهون.

    پنهنجن ۽ ڌارين جي وچ ۾،
    ليڪا ڪهڙا يارَ وجهون.

    مُرڪي، موهي، تنهن جي اڳيان،
    ڪيئن نه وڇائي وارَ وجهون.

    هڪڙي سپني ۾ ڦاسائي،
    ڇونه سَڄو سنسارَ وجهون؟!


    غزل :: 114

    اَوهان کي وسارڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي،
    پنهنجو پاڻ مارڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي.

    صدين جي سفر جا سَوين ساٿ ٽوڙي،
    اڪيلو گذارڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي.

    چَپن سان چَئي ڪين توکي سَگهيم جا،
    اکين سان اُچارڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي.

    نه ڪا تانگهه تُنهنجي، نه ڪا تاتِ تو لَئه،
    اهڙي دل مون ڌارڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي.

    پڙهيم الف باقي وَرق سڀ وساري،
    مون اندرُ اُجارڻ جي ڪوشش ڪَئي هُئي.

    جڏهن رُوحَ ۾ رات ڪاري لَٿي مون،
    پِرهه کي پُڪارڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي.


    غزل :: 115

    جيسين منهنجي ڌرتي رهندي،
    سونهن به منهنجي سَرتي رهندي.

    ڌرتي ڌار ڪرڻ ٿو چاهين،
    تو وٽ بَس بَدبختي رهندي.

    ڀاڙيا ڀونءِ تي ڀونڪين ڇو ٿو،
    تُنهنجي ڪهڙي هَستي رهندي.

    دودا، دولهه ايندا ويندا،
    ڀونءِ ۾ ٿيندي ڀرتي رهندي.

    سنڌو جيسين جَل ٿَل آهي،
    موجون رهنديون مَستي رهندي.

    نيٺ ته جوڌا جاڳي پوندا.
    ڪيسين بُت پرستي رهندي؟


    غزل :: 116

    هڪڙي ننڍڙي راءِ ٿو چاهيان،
    تنهنجي دل ۾ جاءِ ٿو چاهيان.

    سالن جو سيلاني آهيان،
    سُهڻي ڪا ته سراءِ ٿو چاهيان.

    منهنجي ڪا اوقات به ناهي،
    توکي پنهنجي لاءِ ٿو چاهيان.

    وسري توکان ڪين وڃان جيئن،
    ٿوري هيلو هاءِ ٿو چاهيان.

    پنهنجن پيارن چپڙن سان تون،
    گيت ڪو منهنجو ڳاءِ ٿو چاهيان.

    روح به منهنجو رَقص ڪري جيئن،
    ڇيرن کي ڇمڪاءِ ٿو چاهيان.

    سوچي سوچي ٿڪجي پيو هان،
    ڀاڪي هڪڙي پاءِ ٿو چاهيان.


    غزل :: 117

    سونهن سِوا ٻيو ڇاهي جَڳ ۾!
    تون، ڏس جي ڪجهه آهي جَڳ ۾!!

    هرڪو پنهنجي مطلب جو آ،
    ڪيرُ ٿو ڪنهن کي چاهي جَڳ ۾.

    پيارُ وِڃائي پيسي پويان،
    پيو آ لاهي پاهي جَڳ ۾.

    جنهن جي مُحبت مِسڪينن سان،
    تنهن جهڙو ڪو ناهي جَڳ ۾.

    ڊاهڻ ڪم آ سولو سائين،
    ڪير ته ڪنهن کي ٺاهي جَڳ ۾.

    يار! “سجاد” جو وَڙُ ئي ناهي،
    ڪنهن سان سينو ساهي جَڳ ۾.


    غزل :: 118

    وِساري ڇڏڻَ جي وڏي مهرباني،
    ڌِڪاري ڇڏڻِ جي وڏي مهرباني.

    ڪڏهن لوڻ لهجو، ڪڏهن لفظ ڪاتي،
    اُلاري ڇڏڻِ جي، وڏي مهرباني.

    پرين پيار واري، اَمن جي پکيءَ کي،
    اُڏاري ڇڏڻِ جي، وڏي مهرباني.

    گُٿو ئي سَهي پر، مِٺي! منهنجو نالو،
    اُچاري ڇڏڻِ جي، وڏي مهرباني.

    ڪري پهريان ڪاوڙ ، پوءِ ڪرڙين اکين سان،
    نهاري ڇڏڻِ جي، وڏي مهرباني.

    ڪڍي هَٿَ هَٿن مان، اسان کي ٻِين جي،
    سَهاري ڇڏڻ جي، وڏي مهرباني.

    اکين جي عبادت نه سمجهي سگهان ها،
    رُئاري ڇڏڻ جي، وڏي مهرباني.


    غزل :: 119

    گُلُ پوکيم تنهنجن وارن ۾،
    هُلُ پَئجي ويو ڀَر وارن ۾.

    تو پنهنجا پَشمي پيرَ رکي،
    ڄَڻ ساهه وڌو هو چارن ۾.

    هي عشق پيو ٿو ڦاسائي،
    ڪي ڀورن ۾ ڪي ڪارن ۾.

    مُون چَنڊ چُميو هو چاهت مان،
    چو ٻول مَچي ويو تارن ۾.

    گهر سارو چورَ ٻُهاري، بس!
    قرآن ڇڏي ويا جارن ۾.

    هُو ڀونءِ ته ڀيلي ويا پر هِت،
    ڪو فرق نه پِـيو ڀوتارن ۾.


    غزل :: 120

    تو چاههُ چَپن ۾ ڦاسايو،
    ڄَڻ ساههُ چپن ۾ ڦاسايو.

    ڪي داڻا سوري تسبيح جا،
    اللهُ چَپن ۾ ڦاسايو.

    ها مُرڪ مِٺيءَ جو ڄار وجهي،
    همراههَ چَپن ۾ ڦاسايو.

    هوءَ سُهڻي هئي جنهن ڪُڏندي هو،
    درياههُ چَپن ۾ ڦاسايو.

    هُن فتني جَهڙي فَتوا ڏئي،
    هو ٺاههُ چَپن ۾ ڦاسايو.

    مون جَنت جهڙي ڌرتيءَ جو،
    ويساهَه چَپن ۾ ڦاسايو.

    سڀُ شاعِرُ پَنهنجو چونڊي ويا،
    مون “شاهُه” چَپن ۾ ڦاسايو.


    غزل :: 121

    وطن جي آرزو ساڳي،
    ڪفن جي آرزو ساڳي.

    اڃان ٿا ڀونءِ تي ڀؤنڪن،
    ڪُتن جي آرزو ساڳي.

    پَيا پوڄيو صَدين تائين،
    بُـتن جي آرزو ساڳي.

    سَدا مَن ۾ پئي رهندي،
    اَمن جي آرزو ساڳي.

    چَري! توکي چُمڻ جي لئه،
    چَپن جي آرزو ساڳي.

    ڀَري ڀاڪُر وَاڌئي وَئي،
    بَدنَ جي آرزو ساڳي.

    اوهان جي ئي هَٿن ۾ ٿيون،
    دَفن جي آرزو ساڳي.


    غزل :: 122

    اُچاريو نانءُ ڪنهن تُنهنجو،
    رَڳن ۾ ساههُ پئجي ويو.

    ڌَريا تو پيرَ ڌرتيءَ تي،
    دَڳن ۾ ساههُ پئجي ويو.

    جيئن کولي تو اَلماري،
    وَڳن ۾ ساههُ پئجي ويو.

    سُئي تو کنئي سِبڻ جي لئه،
    سَڳن ۾ ساهُه پئجي ويو.

    هوءَ ويٺي ڏاند گاڏيءَ تي،
    ڍَڳن ۾ ساههُ پئجي ويو.

    وَڪوڙيل وارَ تو کوليا،
    چَڳن ۾ ساههُ پئجي ويو.

    چَيو تو چانهه ڪاٿي آ،
    مَڳن ۾ ساههُ پئجي ويو.


    غزل :: 123

    صُبح کان شامَ تائين آ،
    حياتي گامَ تائين آ.

    لُڏي پيو لوڏَ ۾ جيڪو،
    سو گُل ڀي لامَ تائين آ.

    رُڳو هو نينهن جو ناتو،
    پُڳو الزام تائين آ.

    هي هيڏي هوڏ جا هُن جي،
    رُڳي بَس، هامَ تائين آ.

    رکي جنهن گيانَ ۾ گيتا،
    سو پهتو رام تائين آ.

    بُکايل پيٽَ جي خواهش،
    بَچي پيل طعام تائين آ.

    هي جذبن ۾ جا جنبش آ،
    چَپن تي جامَ تائين آ.


    غزل :: 124

    اکين جي به عادت، اَزل کان اُهائي،
    چَپن جي به عادت، اَزل کان اُهائي.

    صَحيفن جيان هُو مٿان کان اچن ٿا،
    خطن جي به عادت، اَزل کان اُهائي.

    اوهان جي اچو ٿا، ته ٻَڌجي وَڃن ٿا،
    هَٿن جي به عادت، اَزل کان اُهائي.

    پيئڻ کان جَهلي ڄڻ، جيئڻ کان جَهلن ٿا،
    وَڏن جي به عادت، اَزل کان اهائي.

    نه سمجهي سَگهيائون رَبابن جون رَمزون،
    رڍن جي به عادت، اَزل کان اُهائي.

    رڳو رَتُ گهرن ٿا، سدائين ڪُرن ٿا،
    ڦٽن جي به عادت، اَزل کان اُهائي.

    رَهن ٿا هميشھ شفق وانگي ڳاڙها،
    ڳلن جي به عادت، اَزل کان اُهائي.


    غزل :: 125

    وري آيون آهن ڊسمبر جون راتيون،
    اَلئه ڇا ٿيون چاهن ڊسمبر جون راتيون؟

    اڪيلو مان آهيان اڪيلو هي ڪمرو،
    پيون مُسڪرائن ڊسمبر جون راتيون.

    ڪري نينهنُ سانوڻُ، اکيون ٿيون وَسائن،
    ڇا بي ترس نَاهن؟ ڊسمبر جون راتيون!

    وري گهاءُ بڻجي گهِريون هِن بَدن ۾،
    وري آزمائن ڊسمبر جون راتيون.

    هي سڏڪا، هي اُلڪا، هي صدما هي، سوچون،
    چَريو ٿيون بڻائن ڊسمبر جون راتيون.

    جڏهن سارَ تنهنجي سَکي جو اچي ٿي،
    سڄا ٿَڪَ ٿيون لاهن، ڊسمبر جون راتيون.


    غزل :: 126

    ڪيسين ڪوئي ڳوڙها ڳاڙي،
    هاءِ وڇوڙو هانءُ ٿو ڦاڙي.

    چئن چَپن جي چُر پُر آ بس،
    ڪيرُ ٿو ڪنهن سان واعدو پاڙي.

    پنهنجو ئي جي پنهنجو ناهي،
    ٻئي تي ڪيئن ڀلا ڪو ڀاڙي.

    سارو ڏيهه ڇڏي او سرتي!
    پهتو هو ڪو تنهنجي پاڙي!

    تو جي ساٿ ڇڏيو آ سانئڻ،
    سورن ساهه ڇڏيو آ ساڙي.

    رُوحُ ٿو جِن سان رشتا جوڙي،
    تِن کي ڪوئي ڪيئن لتاڙي.

    آثارن مان ايئن لڳي ٿو،
    عشق ڇڏيندو نيٺ اُجاڙي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259618
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386666
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ