ڪتاب جو نالو: ماهوار سڦلتا (يادگار ڪهاڻي نمبر)
مصنف: مختلف ڪهاڻيڪار
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 07 نومبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 111 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 45 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”ماهوار سڦلتا (يادگار ڪهاڻي نمبر)“ اوهان اڳيان پيش آهي. ياد رهي ته ماهوار سڦلتا جو اهو ڪهاڻي نمبر مئي 2014ع ۾ ڇپيو، جنهن جو ايڊيٽر هوش ڀٽي هيو. هن شماري ۾ 50 کان وڌيڪ ليکڪن جون 60 ڪهاڻيون شامل آهن. ڪهاڻين کان پهرين منظور ڪوهيار جو ”مختصر ڪهاڻي جو فن“ مضمون، مقالو پڻ شامل آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران :
  • قصو هڪ بي بها نسخي جو : منظور ڪوهيار
  • شرافت جوچوغو: رزاق سهتو
  • لَڪير..: شوڪت لوهار
  • شه رڳ کي چمي ڏيڻ وارو آهي موت : عزيز قاسماڻي
  • مختصر ڪهاڻيون

  • هٿ جوڙ (مٺل جسڪاڻي)
  • تعزيت وصول ڪندڙ وراڻيو.( مٺل جسڪاڻي)
  • وقت گذارڻ لاءِ. (مٺل جسڪاڻي)
  • ڀوڳ (مٺل جسڪاڻي)
  • مضمون

  • ٽين نسل جي ڪهاڻي (علي صفدر)
  • امر جليل صوفي ڪهاڻيڪار (عباس سارنگ)
  • مختصر ڪهاڻيون

  • چپ +خاموشي ۽ اکيون (شبيرحسين "شبير)
  • ڪهاڻيءَ رقاصا جو ويران بالاخانو.... ضراب حيدر
  • غيرت جي ڏاٺ( عباس ڪوريجو)

  • سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ماهوار سڦلتا (يادگار ڪهاڻي نمبر)“ اوهان اڳيان پيش آهي. ياد رهي ته ماهوار سڦلتا جو اهو ڪهاڻي نمبر مئي 2014ع ۾ ڇپيو، جنهن جو ايڊيٽر هوش ڀٽي هيو.

    هن شماري ۾ 50 کان وڌيڪ ليکڪن جون 60 ڪهاڻيون شامل آهن. ڪهاڻين کان پهرين منظور ڪوهيار جو ”مختصر ڪهاڻي جو فن“ مضمون، مقالو پڻ شامل آهي.

    ٿورائتا آهيون پياري دوست عباس ڪوريجي جا جنهن سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    قصو هڪ بي بها نسخي جو : منظور ڪوهيار

    منظور ڪوهيار
    ”اڳتي جو ڇا ٿيندو؟“
    اهوسوال عمومن توهان کان گهر ۾، اسڪول ۾، ريل ۾، بس تي، آفيس ۾ ، نجي ڪچهريءَ ۾، جيل ۾ (جيڪڏهن توهان جيل جا عملدار يا قيدي آهيو ته ) اڪثر ماڻهن پڇيو هوندو . پر ٿي سگهي ٿو ته توهان پنهنجي علمي بصارت ۽ سياسي سمجهه تحت کين مطمئن ڪندا هجو. پر پنهنجا ته پگهر ئي نڪري پوند آهن، جيڪڏهن ڪو پڇي ويهندو آهي. ان وقت مان سوچڻ لڳندو آهيان ته، ڪاش ! مان ڪو خدا جو خاص ماڻهو هجان ها. جي خاص الخاص نه سهي ، پر هلڪو سلڪو قطب، ڪو ولي، ڪو پير ، ڪو فقير، ڪو انجم شناس، ڪو پئراسائيڪالاجسٽ ئي سهي.ڪجهه ته ايندڙ مستقبل لاءِ هام هڻان ها .دانيال پيغمبر وانگر ڪنهن وقت جي بخت نصر کي خوابن جي تعبير ٻڌائي خوش ڪري سگهان ها. ڪنهن ولي يا قطب وانگر سنڌ واسين کي ڊيڄاري سگهان ها، ته سنڌ چاليهه سال اڳ غرق ٿيندي . ڪنهن انجم شناس وانگر ستارن جي گردش تحت ثابت ڪري سگهان ها، ته ايندڙ جنگ ۾ پنهنجو جهنڊو دهليءَ جي لال قلعي تي جهولندو ۽ جڳ ڏسندو. ناسٽر ڊامس وانگر ڪي اڻ کُٽ اڳڪٿيون لکان ها يا ڪنهن ساڌو،سنتفقير وانگر بيتن ۾ پيش گوئي ڪري سگهان ها ته ”جڏهن راجا ٿيندو راڪاس، ته مندين نه وسندا مينهن ، ڦري ڦري شينهن ڪندا سلامي سيهڙ کي!“. ماڻهو ٻيو نه ته، ائين ئي رڳو چون ها ته ”واه ڙي واه فقير ،واه جي ڳالھ ڪئي اٿئي!“ ، ته به ڄڻ لک کٽيان ها. پر ڇا ڪجي نه اهڙي ڏات ملي، نه عقل جي ڏاٺ ئي ڄائي . بس پنهنجي قسمت ۾ اهو لکيل ئي ڪونه هو، ته ڪا اڳڪٿي ڪري عزت ۽ شهرت ماڻجي......
    پر ان ڏينهن انهيءَ احساس ڪمتري مان آجو ٿي ويس . جڏهن هڪ همراهه ڳالهه ٻڌائي . ڳالهه ڇا هئي، بس بي بها نسخو... جيڪڏهن توها به انجم شناس ناهيو، گياني ڌياني پير فقير ناهيو، صرف عام ماڻهو آهيو ته پوءِ هي نسخو اوهان کي به نذرِ الله نيازِ حسين مفت ۾ ڏجي ٿو. بس نسخي ڏيڻ واري جي حق ۾ دعا گهرجو، ته هن جهان ۾ سندس عزت ۽ خير جي گذري، باقي اڳلي جهان ۾ پاڻ ڄاڻي ۽ اهو ڄاڻي........
    ها! ته نسخي وارو قصو هيئن آهي ته ، ٿر جي ڪنهن نگر ۾، رات جي اونداهي ۾، ڪنهن پراڻي مندر ۾ . مهاراج هيرا لال بغير ڏيئي ۽ بصر جي، ويٺي مالها پئي جپي يا ڦيڻو پئي پڙهيوته اوچتو مهاراج کي ڪک سنگھي وڌو. مهاراج هانءُ ڦاڙ رڙ ڪئي،”اي مونکي الائي ڪهڙي بلا کائي وئي!؟“
    اهو ٻڌي چيلا بتيءَ کڻي ڀڄندا آيا، ”هاءِ رام! “ جي دهائي ڏيندا آيا . بتيءَ جي روشنيءَ ۾ ڏٺائون ته مهاراج پگهر ۾ شل ، آخري پساهن ۾ ڊگھا ساه پئي کنيائين.هڏڪي ڏيڻ کان اڳ اهو آديش ڏنائين ،”ماهجي مرتيه کان پوءِ...... ماهجي آسڻ تي........ ماهجي سئوٽ بنسي لال کي...... گهوٽڪي مان گهرائي ويهارجو!... .“
    مهاراج جو هيڏانهن ڪِريا ڪرم پئي ٿيو . هوڏانهن چيلن ٿريلن جي صلاح پئي هلي، ”اڳيئي گھوٽڪي جي سرڳواسي مهاراج نڪ ۾ دم ڪيو هو. وري مٿان مهاراج جي سئوتر کي گهرين آڻين جهڙوڪر پيئڻ کي پاهجي وات تي ويهاريون. نه ڀائي نه ، اتراڌين کان ڀڳوان بچائي!“
    ساٺن سنئوڻن کان پوءِ نگر جي مکي ۽ سر پئنچن کي چيلن گهرائي چيو، ”پئنچائت ٻڌي ڇڏي ته سرڳواسي مهاراج چيلي چيتن داس کي سڀوئي پُستڪ پڙهايا هئا. پاڻ پِراڻ ڇڏڻ کان اڳ ائين آديش ڏنائون، تهسندس ديهانت کان پوءِ سندس پيارو شِش چيتن داس مهاراج ٿيندو!“
    مکي ۽ سر پئنچن ڳالهه ٻڌي کڻي اکين تي رکي ۽ چيائون ، ”جيڪا سرڳواسي مهاراج جي اِڇا سا پاهنجي به!.....“
    جڏهن تاڙو تنوارڻ لڳو. اکيو ابر آسري لڳيون . تڏهن مکي موٽڻ داس سرپئنچن سوڌو مهاراج چيتن داس جي چرنن ۾ اچي ويٺو ،هميشه وانگر هٿ ٻڌي وينتي ڪيائين :
    ”ٻيو خير کين ، مهاراج! ڪرپا ڪري اهو ته ٽپڻو ڪڍي ٻڌايو ته هيلوڪي ورساري ۾ وس ٺاهوڪي ٿيندي يا نه؟“
    چيتن داس جون وايون بتال ٿي ويون . چيلا پنهنجي ليکي پريشان ٿي ويا. پراڻن پستڪن ۾ منهن هڻندي ، ڪورن ڪاغذن تي لکندي مهاراج چيتن داس پريشانيءَ ۾ ڌوتيءَ جي پلاند سان نرڙ تان پگهر اگهندي چيو، ”ڀائي هيل وڏو خرابو ٿيندو!“
    ”تاهجي ته نالي تان گهور وڃان مهاراج!.... پاڻ پڇيو پيا ورساري جو؟“، مکي پريشان ٿيندي سوال کي ٻين شبدن ۾ورجايو.
    ”اڙي ، ٻڌءِ نه! ته هيل وڏو خرابو ٿيندو!“،چيتن داس تڙيءَ سان جواب ڏيندي منهن ڀت ڏانهن ڪندي وراڻيو.
    مکي ۽ سرپئنچ،حيران ۽ پريشان ٿي موٽي ويا ؛ پر چيلا سڀ چڙي پيا،” واه ڙي واه ٻڳلا ڀڳت! پاڻ روڙو مهاراج آ، جو مکي توکان پڇي هيڪ ته ٻڌائين ڏون!“
    ”آءُ ڪينئن ٻڌايان، پاڻ کي ٽپڻي جي ڪهڙي سڌ !؟..... پر پاهجو جواب آهي اهڙو، جو مهاراجي جو ڀرم رهجي ويندو “.
    ”ڪيئين !؟“،سڀن چيلن حيرانگيءَ مان پڇيس.
    ”اڙي مورک ٻڌو ! جي مينهن وسيو ته پوکون ٿينديون ... پوکون ٿينديون ته پئسو ٿيندو.... پئسو ٿيندو ته پيٽ ڀرائي ٿيندي ... پيٽ ڀرائي ٿيندي، ته جهيڙا ٿيندا ... جهيڙا ٿيندا ته خرابو ٿيندو!“
    ” پر جي وس نه ٿي ته؟“، چيلن ڦيرائي وري سوال ڪيس.
    ”جي وس نه ٿي، ڏيهه ڏڪاربو، ڏيهه ڏڪاربو ته مال مرندو، ماڙهو پاهه ٿيندا ۽ ٻار مرندا... ٻار مرندا ۽ ماڙهو پاهه ٿيندا تهامداد ايندي ...پوءِ گھڻي امداد ته ڪنڊ جا ڪوئا کائي ويندا ، باقي جيڪا بچندي ، اها ڪنهن کي ملندي ته ڪنهن کي نه ملندي ...جنهن کي سفارش تي ملندي ، اهو پينو ٿي ويندو ....جنهن کي نه ملندي اهو چوري ڪندو يا سينا زوري !..ٻنهي صورتن ۾ جهيڙا ۽ فساد ٿيندا...جھيڙا ۽ فساد ٿيندا ته خرابو ٿيندو!....“
    ”اي ٻيو! صحيح ٿو چئي ... پاڻ سمجهيو ڪونه!“، سڀني چيلن گڏجي سندس عقل۽ ٻُڌي جو اعتراف ڪيو ۽ انهيءَ بي بها نسخي کي رٽي ڇڏيو،ته پاڻ وٽ هر صورت ۾ خرابو ئي ٿيڻو آهي.


    شرافت جوچوغو: رزاق سهتو

    ¬
    شرافت جوچوغو: رزاق سهتو


    ڀڻڪندو رستي سان وڃي رهيوآهيان.گاڏيءَ جوتيزهارون لڳي ٿو.ڇرڪي پوانٿو.گاڏي آهستي آهستي ڀرسان گذري ٿي.ڪارهلائيندي جوان ڪاوڙمان چويٿو.
    “اي پوڙها.پري ٿي گھروارن ڪڍي ڇڏيوٿي ڇا. ڳچيءَ ۾ نه پئين.؟”
    هن ڏانهن فقط نهاريم.گاڏيءَ کي بريڪ هڻندي چيائين.
    “ٻُڌين به ٿوالائي ڪون ان عمر۾ ڪَن به جواب ڏئي ويندا آهن.”
    ڪار جوايڪسيليٽردٻايائين،ٽائرن مان چيڪٽ نڪري ويا. هاڻ روڊ کان پرڀروٿي هلڻ لڳم.
    نوجوان جوجملو.
    “اي پوڙها پري ٿي گھروارن ڪڍي ڇڏيوٿي ڇا. ڳچيءَ ۾ نه پئين.؟”
    ورجائڻ لڳس.
    پنهنجوپاڻ سان ڳالهايان ٿو.
    “پوڙهن ماڻهن کي گهرمان ڪڍي ڇڏڻ جي ريت پئجي وئي آهي.انسان سٺا گڻ ڦٽي ڪري چڪوآهي.پرپوڙهو ڇوچيائين.؟”
    پنهجي جسم جوجائزوٿووٺان.
    “واراڇا ٿي ويا آهن.چهري تي ڪيترائي گھنج پئجي ويا اٿم،جسم ۾ اها لوڏ ۽ ڦڙتي،چال ۾ اهاچستي ناهي رهي.جسم جوماس ڍلوٿي ويوآهي.هرڪوئي منهنجا ارڪان ڏسي پوڙهو ٿو سمجھي.ڪارواري اهوئي سوچي پوڙهو چيوهوندو.”
    اهڙيون ڳالهيون هئين سان هنڊائيندي پارڪ ۾ داخل ٿيندي ئي بينچ تي ويهي رهيس.هتي ڏيهاڙي ڊڪڻ لاءِ ايندو آهيان.ڪارواري نوجوان جي چيل جملن هنياءُ روڙي وڌو واڪ ڪرڻ تي من نه ٿي وريو.واڪنگ ٽريڪ تي مايون مرد جوان پڪا پوڙها.سڀ جا سڀ ڊوڙيا پئي ته ڪي گھميا پئي.مان ويٺورهيس.واڪ ڪندڙن مان ڪجھ ماڻهون نهاري وري گذري ٿي ويا.شايد سوچيندا هوندا ته
    “اڄ الائي ڇوواڪ نٿوڪري لڳي ٿوطبيت ٺيڪ نه ا ٿس.”


    “خيرت ته آهي.توهان واڪ نٿاڪيو.؟”
    ڪنڌورائي ڏٺم نيها هئي.هم عمر هئي.سرڪاري کاتي ۾سيڪريٽري آهي. ڪنهن زماني ۾ منهنجي سب آرڊينيٽ ٿي رهي هئي پرهوءَ وڏي عهدي تي وڃي پهتي. مان پوئتي رهجي ويس.هن کي منهنجي پوئتي رهجي وڃڻ جوڏک هئو.ٻي ڪا ڪوتاهي ڪان هئيم بس ايمانداريءَ جي سزا ۾ سدائين پروموشن کان پاسيرو رکيو ويو.آفيسرن جي چاپلوسي ڪون ڪري سگھيم نيها حسين عورت هئي.آفيسرسندس ڪمپنيءِ لاءِ سڪندا هئا.وئي ڏاڪا چڙهندي،پروموشن وٺندي. کيس جواب ڏنم.
    “من نه ٿو گھري ته واڪ ڪيان.”
    “ڪاخاص ڳالهه.؟”
    “نه ڪجھ نه .”
    “طبعيت ته ٺيڪ آهي نه.؟”
    “جي بلڪل سهي آهيان.”
    “توهان جولکڻ پڙهڻ ڪيئن ٿوهلي.؟”
    “هلي پيو.”
    نيها ڏانهن نهار ڪندي چيم
    نيها هڪڙي ڳالهه پڇانءِ.؟”
    “جي پڇو.”
    “توکي پوڙهوٿولڳان يان نه.؟”
    نيها سوچ ۾ پئجي وئي مرڪندي چيائين.
    “مان ڇا چوان.”
    “چئي ڇڏ. حجاب نه ڪر.”
    “ڪڏهن ڪڏهن مان به سوچيندي آهيان ته عمرجي جنهن حصي ۾ آهيوان کان وڌيڪ عمرجا لڳندا آهيو.”
    “چوڻ جومقصد آهي ته پوڙهولڳان ٿو.”
    نيها مرڪي پئي.موڪلائيندي چيائين.
    “اڃان واڪ ڪرڻي اٿم.اوهان کي واڪ ڪندي نه ڏٺو ته حال احوال پڇڻ آيس.”
    “توهان وڃي سگھوٿا.”
    نيها هلي وئي پر واڪنگ ٽريڪ تي ڊوڙندي منهنجي ڀرسان گذري ٿي ته مون ڏانهن نهاري مرڪندي ٿي وئي.

    “توهان واڪ نه ڪئي.ڇو؟”
    ڪڙڪيدارآوازڪنن سان ٽڪرايو.ڌيان ڪيم ته رٽائر ڊي آئي جي هئو.هن ڏانهن مرڪندي نهاريندچيم
    “واڪ ڪرڻ لاءِ دل ڪون ڪڍيو.”
    “خيرت. طبعيت ته ٺيڪ آهي.؟”
    “جي ها بلڪل طبعيت ٺيڪ آهي.”
    “دين اوڪي گاڊ بليس يو.”
    ائين چئي هليو ويو.
    اٿڻ جي ڪيم،اڃان ٻه ٽي قدم مس کنيم ته نيها جو آوازآيو.
    “ڪاڏي پيا وڃو.ٿوري دير ويهو ته هڪڙو ڦيروپوروڪري اچان ته گڏجي ٿا هلون.”
    “جيڪا تنهنجي مرضي.”
    ويهي رهيس.

    نيها گاڏي پئي هلائي. ساڻس گڏويٺورهيس.
    “توهان کي گھرڊراپ ڪندي ٿي هلان.توهان کي واندڪائي آهي ته اڄ شام جو منهنجي گھرهليا اچوته ڪچهري ڪيون موڪل جي رات آهي انجاءِ ڪنداسين.”
    “اهو ته ٺيڪ آهي پر.”
    “پرڇا توهان وٽ واندڪائي ناهي.؟”
    “نه .. نه ... اهڙي ڳالهه ناهي.”
    “ شام جوڊرائيورکي گاڏيءَ سميت موڪليندس هليا اچجو.”
    “ٺيڪ آهي.”
    گھر ڊراپ ڪري هوءَ هلي وئي.

    شام ٽاڻي تيارٿي نيها جي ڊرائيوجوانتظارڪرڻ لڳس.پنهنجوپاڻ سان ڳالهايم
    “ڇوڊرائيوراچڻ ۾ ديرڪئي آهي.؟”
    اوسيئڙي جي ڪيفيت کي ڪافورڪرڻ لاءِ ڪوهيلوڪون هيو.پرڪي خيال ذهن ۾نيها جي باري ڦريا پئي.نيها جي جواني غزب جي هئي.نهارڪري ڏسندي هئي ته ماڻهونءَ جوهنياءُ ڏري پوندوهئو.ڪڏهن ڪڏهن ته منهنجي دل به هرکائي وجھندي هئي.مونکان آفيس جو ڪم سکي ڀڙ ٿي ته آفيسرن جي چيمبرن ۾ گھڻووقت گذارڻ لڳي هئي.ڪجھ آفيسر ته کيس آفيشل ٽوئرتي ملڪ جي مختلف شهرن ۽ ملڪ کان ٻاهربه وٺي سيرسپا ٽا ڪري آياهئا.ويڪ اينڊ ته خالي ويندوئي ڪون هيس ڪو آفيسرگھرائي وٺندوهيس.سندس اي سي آر وئي ٽاپ نمبرن تائين پهچندي.پروموشن جي لاءِ سليڪشن بورڊ ڀلا نيها کي ڪيئن وساري ها سيڪريٽري ليول جي پوسٽ تي وڃي پهتي آهي.
    ڦڪائپ ۽ ٽوڪ واري مرڪ چپن تي آيم ۽ پنهنجوپاڻ کي چوانٿو.
    “پاڻ ساڳوئي پيا سيڪشن آفيسرواري جتي گھليون.رٽائربه اتائين ٿبو.”
    ڊرائيورآيو ته خيالن جوواچوڙوماٺار۾ بدلجي ويو.

    نيها سان رسمي سلام دعاکانپوءِ ٿوري ديرماٺ رهي.ٻيوڪيربه ڪون پهتل هئو.هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي سواليه انداز۾ نيها ڏانهن ڏٺم ته پاڻ ئي جواب ڏنائين.
    “ٻيوڪير به اچڻوناهي.”
    “اڇا.”

    اسان شام جي پهر ۾ ويڪري لان ۾ ڪرسين تي ويٺا هئاسين.نيها ڏاڍي سندرپئي لڳي سندس چهري تي ڪامورڪي ڏِکَ نمايا هئي.سندس نوڪرچانهن کڻي آيو. چانهن سان گڏ گرم گرم شاميون،سموسا ۽ گهڻوڪجھ کڻي آيو.
    “ڏيوڪا نئين تازي خبرچار.؟”
    مون شامي کڻندي نيها کان سوال ڪيو.
    “خبرون وري ڪهڙيون جاڏي تاڏي مارا ماري لڳي پئي آهي.مرڻ واري کي خبرناهي ته مونکي ڇوپيوماريووڃي.ماريندڙ کي به ڪا ڄاڻ ڪانهي ته ڇوپيوماريان.سرمائيدار وڃي پيومال ميڙي گهرڀريندو.جنهن دور۾ پاڻ جي رهيا آهيون اهو ته ڪيپيٽل ازم جي به حدود ۾ ڪون ٿواچي.پوري دنياجي اندرڪنهن به ملڪ ۾ ڪوبه نظريوڪونهي نه ئي نظريي جي تابي ڪا حڪومت پئي هلي.هڪ بيراهه رويءَ جو انساني سمنڊ آهي جيڪوبي مقصد،اڳتي ڌوڪيندوپيووڃي.جنهن کي پنهنجي منزل جي به ڄاڻ ڪانهي نڪي رهبرجي خبرآهي بس حيوان طورجيئندواڳتي وڌي رهيوآهي.”
    چانهن جوڍيڪ ڀريندي چيم.
    “برابرائين ته آهي. دين واٽ هيپنڊ.؟”
    نيها ڪا ديرٽٻ ۾ پئجي وئي.کيس ڌيان سان ڏسندورهيس.ڏاڍي وڻي پئي.هوءَ الائي ڪهڙن پورن ۾ هئي.سوچيم پئي هيڏي سندر ۽ سهڻي فزڪ واري عورت شادي ڪرڻ کانسواءِ ڪيئن رهجي وئي.خاموشي چارسوڦهليل رهي.نيها هڪ گهروساهه کڻندي چيو.
    “ڇوتوهان ماٺ ۾ ٿي ويا آهيو.”
    “توهان به ته چُپ ۾ آهيو.”
    “ها ڪڏهن ڪڏهن ماڻهونءَ کي ماٺ لڳي ويندي آهي.”

    اسان چانهن پوري ڪري چڪا هئاسين. نوڪرآيو ۽ ٿانوکڻي هليوويو.
    نيها نهارڪندي مون ڏانهن ڌيان سان ڏٺو ۽ چيائين.
    “ٻاهرکنڪي وڌي وئي آهي ڊسمبرجا آخري ڏينهن آهن هلو ته اندر هلي ويهون ڪٿي موسم جي اثرڪري طبعيت خراب نه ٿي پئي.”
    “ٺيڪ ٿا چئو هيءَ ڊينگي وائرس جي موسم آهي. ان کان پهريائين جومڇرحملوڪن اٿوته اندرهلي ٿا محفل ڄمايون.”
    اسان اندرڊرائنگ روم ۾ آياسين.هي نيها جوسرڪاري گھرهيو.هن ڊرائنگ روم ۾ ويهڻ کان پهريون چيو ته
    “جميل صاحب اچو ته بيڊ روم ۾ ٿا ويهون اتي ايزي رهنداسين.”
    “جيڪا اوهان جي مرضي.”
    اسان بيڊرو۾ اچي ويٺاسين.
    نيها ٽي وي آن ڪئي. ٿوري ديرخبرون ٻڌندي رهي. مان چپ ڪيون ويٺورهيس.موبائل تي ڪنهن جي فون آيس هن سان آفيشل ميٽرتي ڳالهائيندي رهي.موبائل ڪال جي هڪ سلسلو جڙي پيوپاڻ ڳالهائيندي رهي.مان خاموش ويٺورهيس. گهڻووقت گذري چڪو. چوڻ لڳي.
    “جميل صاحب معاف ڪجو ڇاڪجي جڏهن نه ماڻهون وڏوڪاموروبڻجي ويندي آهي ته هن جي ذاتي زندگي زيروٿي ويندي آهي.موڪل جي ڏينهن به هوڍيوٽي تي هوندوآهي توهان کي ڇا ٻڌايان توهان ته هر شيءِ کان واقف آهيو.”
    “جي ها توهان جي پوزيشن کي سمجھي سگھان ٿو.”
    “هاڻ هيئن ٿا ڪيون.موبائيل فون ٿا بند ڪيون ۽ پرائيوٽ سيڪريٽري کي ٿا چئون ته لينڊ لائين تي جيڪي ڪال اچن ته انهن کي نوٽ ڪندو وڃي.”
    “جيڪا اوهان جي مرضي.”
    نيها موبائيل آف ڪري ڇڏي. مون تي نهارڪندي چيائين.
    “ڇاائين ٿي سگھي ٿوته توهان گھرفون ڪري اطلاع ڏيو ته رات گھرڪون ايندس”
    مان سوچ ۾ پئجي ويس.
    “توهان جيڪڏهن ايزي فيل نٿا ڪيوته ليواٽ.”
    “نونو،نوپرابلم،موبائل تي گھرٻڌائي ٿوڇڏيان ته رات گھرڪون اچي سگهندس. اٽس اوڪي.”
    “دين يو ٽيل يوئرفيملي.”
    “اوڪي.”

    اسان ٻنهي جا موبائل فون آف هيا.زندگيءَ جي ڪهڙي نه خوبصورت رات جي پهرين پهرجا لمحا هيا.مس نيها ۽ مان ڊرنڪ ڪري رهيا هئاسين.سروراسان جي رڳن ۾ ڪنهن عاشق جي محبوبه لاءِ بيقراري جيان رت سان گڏ سرندي ٿي رهيو.نيها نشيلانيڻ کڻي ڏٺو ۽ چيو.
    “توهان ۽ منهنجي وچ ۾ ڪوفرق ڪونهي. جيڪڏهن آهي ته اهورڳوذهني سوچ جوتوايمانداريءَ سان نوڪري ڪندورهين ۽ ڌڪجي ڌڪجي اچي سيڪشن آفيسرٿيو آهين. مان توهان کان جونئيرسيڪريٽري ليول تي اچي پهتي آهيان. ڪجھ هفتن ۾ چيف سيڪريٽريءَ جوآڊر ٿي ويندو.تنهنجا مون تي ٿورا آهن جوآفيس ورڪ ۾ ڀڙ توڪيو ۽ وڻندوبه آهين.اوهان جي من ۾ به منهنجي لاءِ چاهه هيو.پرشرافت جوچوغوپايون گھمندو هئي.جن ڏينهن ۾ توهان ڪم سيکاريندا هئو. توهان ڏانهن وڌي اچي ملڻ ٿي چاهيو پرتنهنجو ٿڌورويو ڏسي پير ڍرا ڪري ڇڏيم.تنهنجي جواني جوجوالا مکي ٿڌو ٿيندو پيووڃي ته بدلبا پيا وڃو نه ته توهان ۽ ڊرنڪ ڪريو.ڏس توهان ۽ مون ۾ ڪهڙوفرق،مان به اڪيلي توهان به جهڙوڪ اڪيلاسدائين زال کان ڪاوڙيل رهندو آهين.اداري مان جي پي فنڊ ۽ ٻين ايڊواس مان اولاد کي پڙهايئي، سادگيءَ سان پٽن ۽ ڌيئيرن کي شادي ڪرائي ڇڏئي.سموري اولاد جهڙوڪ توهان کان رٺل رهندي آهي.توهان ڪيئي ڀيرا ٻڌايوهئو ته ارڏا سوال جواب ٿا ڪن تواسان جي لاءِ ڪجھ ڪون ڪيو.جميل صاحب زندگيءِ جو مقصد شادي ڪري ٻارپالي جوان ڪري پاڻ کي پوڙهوڪري ڇڏڻ آهي.؟ پنهنجي خواهشن کي دٻائي عمرکي چوڙي ڇڏجي تنهن کان ته مان سٺوڪيوجواني مان لست ورتي،جودل چيو سوماڻيون پئسو، شهرت، بنگلا، گاڏيون،ب ينڪ بيلنس، نوڪرچاڪر ڇا ناهي مون وٽ،ت ون ٻڌاءِ جيڪڏهن شادي ڪيان هان ته مڙس هرڳالهه تي ٽوڪي اڌ مئوڪري ڇڏي ها، آزاد زندگي بصرڪري سگھان ها.؟ نون نون، نيور.توهان پل پل جي محتاجي ۾ حياتي گذاري ٻارپاليا شرافت ۽ ايمانداريءَ جي اوٽ ۾ بيٺا رهيا.توهان کي ڇا مليو.؟ڪجھ هڙ حاصل ٿيو.اولاد ڇڏي هلي وئي ٿو.ڌيئرمڙسن سان پٽ زالن ۽ پنهنجن ٻارن ۾ مگن آهن.بيمارٿيوٿا توهان کي اسپتال پهچائڻ وارو ڪو ڪونهي،وقت کان اڳ پوڙهوٿي ويوآهين. پوءِ ڀلاتوئي ٻڌاءِ جهان توکي پوڙهي چئي يا نه چئي.ڊيئرجميل صاحب” جملوپوروڪندي نيها، منهنجي سڄي هٿ کي پڪڙي چمي ورتو ۽ شام واري ڪيل سوال ته مان پوڙهو ٿولڳان ياد ڏياري مرڪي پئي.


    ڏاڍي ڌيان ويچارگيءَ منجهان مس نيها کي ٻڌو،ڏسندورهيس نيها جا هٿ تي چمي ڏئي نئين جهان ۾ پهچائي ڇڏيو،سندس گفتگودوران جيڪي جواب سوچيا ها سي ذهن مان اڏامي ويا.نيها جي پرڪشش وجود ۽ دلربا چهري کي ڏسندو رهيس،هوءَ ڏسندي مرڪندي رهي.پاڻ اٿي بيڊروم کان ٻاهرنڪري وئي.سندس سراپوڏسي سرورجي وهڪري ۾ وهندي سڄوسراپجي ويس.نيها واپس موٽي ڀر ۾ بيهندي چيو ته
    “ها ڊيئر ڇا پيا سوچيو.”
    نيها چهري تي جھڪي آئي هئي.هن جي وارن منهنجي ڪلهن کي ڍڪي ڇڏيو.نيها جي چپن جون مکڙيون ٽڙي پيون.ڊڄي ڊڄي چپ ڍراڪيم ته هڪ سرورڀري لهرجسم ۾ ڊوڙي وئي.ڪجھ پل ائين ئي قيد ٿي ويا.

    نوڪرـــــ ڀُڳل گوشت کڻي آيو.ننڍڙي ٽيبل تي رکي هليوويو.اسان جا پيگ خالي ٿي ويا هئا.نيها پيگ ٺاهيا.سرڪي به ڀريندا رهياسين ۽ گوشت جون ٻوٽيون به چٻاڙيندا رهياسين.

    “نيها هڪ ڳالهه ڪرڻ ٿوچاهيان.”
    “جي.”
    “توهان جيڪي ڪجھ ڳالهيون ڪيون.”
    “هڪ منٽ ـــــ ڳالهائڻ کان پهريائين،ياد رک ته مان تولاءِ توهان ناهيان تون چئي مخاطب ٿي.توهان ۾ اوپرائپ آهي. تون ۾ پنهنجائپ آهي.”
    “جي ها.جيئن تون چوندئيءَ ائين ڪندس.”
    “سچ ٿوچوين،جيئن چوندس ائين ڪندي.”
    نيها پهريون مرڪي،پوءِ هلڪڙا ٽهڪ ڏيڻ لڳي.پوءِ اٿي اچي ڀاڪر۾ ڪيائين خبرناهي ڪيتريوئي چميون ڏنيون هوندائين.جڏهن ڀاڪرمان ڪڍيائين ته چوڻ لڳي.
    “هي جيڪوشراب آهي نه انسان جي اندرکي ڪڍي ٻاهرٿوڪري.سچي ڳالهه ڪيائين ته تون مونکي ڏاڍووڻندوهئي.تنهنجي وڏن وارن ۾ جيڪا ڇڪ آهي اها پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي وجھي.هاـــ توهان ڳالهه پئي ڪئي”
    ائين چئي سڌي ٿي ويهي رهي.
    “مون چوڻ پئي چاهيوته ضميرجونالوخدا آهي.ڪوانسان يا ڄمار جيڪوڪجهه ڪندو پئي آيوآهي جيڪڏهن سندس ضميرمطمئن آهي ته ڪا ڳال ناهي.جيڪڏهن ضمير کيس چنهنڊڙيون پائندو ٿورهي ۽ من مطمن نٿوٿئي ته سمجھون ته خدا راضي ناهي ۽ خدا ضميرجونالوآهي.توجيئن زندگي ماڻي مون جيئن عمرچوڙي انهي جي لاءِ هرڪنهن وٽ پنهنجا پنهنجا دليل آهن.اصل ڳالهه انساجي اندرجي آهي توهان ڪنهن کي ايزايوناهي ته توهان تي به ڪوڏکيووقت ڪون ايندو.”
    نيها خاموشيءَ سان ٻڌندي رهي.

    اسان کي بک لڳي ته ماني لڳائي وئي.ماني کائي ڪجھ ديرلاءِ ڪچهري ڪري سمهڻ جي ڪئي سون. ڪشادي بيڊ روم ۾ سمهڻ لاءِ ٻه بيڊ پيل هئا.اسان الڳ الڳ سمهي پياسون.ڪمري ۾ هلڪي سائي رنگ جي روشني هئي.ڪا دير گذري ته نيها سڏڪيو.
    “جاڳوٿا.؟”
    “جي ها.”
    ائين چئي نيها منهنجي پلنگ تي آئي چوڻ لڳي.
    “توهان سوير ڳالهه ڪئي تن انسان جوضميرجنهن ڪم لاءِ مطمئن هجي اهو ڪري ڇڏجي.”
    ائين چئي ڪمبل ۾ ويڙهجي وئي.ان رات جيڪوآنند ماڻيون سوعمرجي ڪل ڪائنات تي پکڙجي ويو.منهنجي اندرجوسنسارئي بدلجي وئي.

    ڪجھ ڏيهن ئي گذرياهوندا ته آفيس ۾ منهنجي پروموشن جوچوٻول مچي ويو.ائين ڪندي آڊر به اچي پهتو.مبارڪن جا آوازاچڻ لڳا. مونکي نيها سان گذاريل رات ياد اچڻ لڳي.


    لَڪير..: شوڪت لوهار

    لَڪير..: شوڪت لوهار



    جيتوڻيڪ ڊاڪٽر جي ڪمري ۾ اي سي هلي رهيو هو، تنهن جي باوجود هن جي نرڙ تي پگهر جون بوندون نروار نظر اچي رهيون هيون. هو سخت پريشان ۽ ڳڻتي ۾ ورتل هو، هن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه اچي رهيو هو ته هو ڇا ڪري ڪاڏي وڃي ڪنهن کي چئي.
    ”توهان هي دوائون وٺي اچو ته پوءِ وڌيڪ ڳالهايون ٿا“ ڊاڪٽر صاحب دوائن جي هِڪ وڏي لسٽ هن جي حوالي ڪندي چيو ۽ پاڻ فون تي ڪنهن سان مصروف ٿي ويو.
    هن پرچي کنئي هن کي پرچي ايڏي ڳري محسوس ٿي رهي هئي ڄڻ هو دوائن جي پرچي نه بلڪه ڪو ڳرو پٿر کڻي رهيو هُجي. لاچار هن پرچي کنئي ۽ ڊاڪٽر جي ڪمري مان ٻاهر نڪري آيو. پريشاني وچان هن جي نڙي ۾ ٿوهر لهي آيا هئا. هو پنهنجو پاڻ کي هِڪ اونهي ڪن ۾ ٻڏندي محسوس ڪري رهيو هو.
    اسپتال ۾ ماڻهن جي تمام گهڻي پيهه هئي. ماڻهوءَ جيڪي پنهنجن پيارن کي وٺي آيا هئا. ڪنهن کي ويل چيئر تي کنيو پئي ويو، ڪو ڊرپ لڳل مريض ايمرجنسي ڏانهن پئي ويو. هو ڪجهه ساعتون اتي بيٺو رهيو ۽ اِهو ڀاڄ وارو منظر ڏسندو رهيو. ”جڏهن انسان کي هي جهان ڇڏڻو ئي آهي ته پوءِ هي وٺ وٺان، زندگي بچائڻ جي هِي ڊُڪ ڊوڙ ڇا لاءِ؟
    زندگي جڏهن ڪنهن اڏوهي ورتل سڪل ڪاٺي جيان بڻجي ويندي آهي تڏهن ان مان مزو ختم ٿي ويندو آهي.
    ”پر مون کي ائين نه سوچڻ گهرجي، مون کي ڪيئن به ڪري عاشي لاءِ هي دوائون وٺڻيون آهن.“ هو وري ان ڪمري ۾ اچي ٿو، جتي سندس گهرواري عاشي کي منهن تي هٿرادو ساهه کڻائڻ وارو گئس ماسڪ پاتل آهي. هو ڏسي ٿو عاشي جون اکيون جيڪي ايڏي اعتماد سان بند پيون آهن، ڄڻ هنن کي ڪا پريشاني به ڪونه هجي. هن جي اکين جو اعتماد روحل جي دِل کي جهير ڏئي ڇڏي ٿو. هو اندران ئي اندران ائين ڀڄي ڀري پئي ٿو جيئن ڪنڀر جي آوي ۾ ڀيلا ٿانوَ ڀڄي ڀري پوندا آهن.
    روحل ۽ عاشي پاڻ ۾ سڳا سؤٽ هئا ۽ هِڪ ئي يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪيائون، کلندي کلندي شادي ٿي وئي. هنن جو وقت مسرت ۽ خوشي جي هندورن ۾ جهوليندي گذريو. هر ڏس ۾ خوشي هئي، روحل کي هرطرف عاشي جا ٽهڪ ٻڌندي محسوس ٿيندا هئا. هر گهڙي هن جي اکين ۾ عاشي جو چهرو رقص ڪندو هو. روحل کي هڪ اين جي او ۾ نوڪري ملي وئي، پوري ساري پگهار، پوءِ به هن ان کي غنيمت سمجهيو ۽ پراعتماد ٿي ڪم ڪندو رهيو.
    هن پنهنجي زال کي لاڏ ڪوڏ ۾ گهر ۾ ئي رهڻ لاءِ چيو. عاشي جو هونئن به پڙهائي سان بس امتحانن پاس ڪرڻ تائين جو واسطو رهيو، ان کانپوءِ هن لاءِ سڀ ڪجهه سندس وَر روحل ئي هو. هو طرح طرح جا طعام تيار ڪندي هئي. هر وقت پنهنجي ور تان وهلور پيئي ويندي هئي. شادي جي ڪجهه عرصي بعد عاشي کي الٽيون ٿيون، سڀني کي خوشي ٿي، سڀني سمجهيو ته اِها خوشي جي ڳالهه آهي. روحل خوشي ۾ سموئي نه سمائجي. الٽيون وڌي ويون، الٽيون رت جي الٽين ۾ تبديل ٿي ويون، عاشي کي دورا پوڻ شروع ٿي ويا. روحل عاشي جي اهڙي عجيب حالت تي حيران و پريشان ٿي ويو. ڊاڪٽرن سان مشورا ڪيائون، آخرڪار ٽيسٽون ڪرايائون ۽ ٽيسٽن ۾ عاشي کي ڦڦڙن جي ٽي بي جي بيماري تشخيص ٿي. روحل جي روح جا موتي ڪنهن قيمتي مڙهي جيان ٽٽي وکري ويا. روحل جي دنيا ويران ٿي وئي. هن کي اِها اميد نه هئي ته زندگي ساڻس ايڏو وڏو مذاق به ڪري سگهي ٿي، پر اِها حقيقت هئي. ڪڏهن ڪڏهن حقيقتون ڏاڍيون ڀوائتيون ۽ خوفناڪ هونديون آهن. روحل پنهنجي حال سارو عاشي جو گهڻو ئي علاج ڪرايو، دوستن کان قرض کڻي اين جي او کان اوڊيون وٺي نيٺ هو ٿڪجي پيو. عاشي جي بيماري ۾ تر جو فرق به ڪونه آيو. هن جون سڀ ڪوششون رائيگان ويون، روحل هار نه مڃي. روحل سوچيو ته هن ڪائنات ۾ هن جو هن عاشي کانسواءِ ٻيو ڪير آهي. ان جي بدلي ۾ جي سندس جان هلي وڃي ۽ عاشي ٺيڪ ٿي وڃي تڏهن به هو اِهو سودو ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پر اهڙا سوداگر صرف تصوراتي دنيا ۾ ملندا آهن. روحل تصوراتي مها ڀارت ۾ ڪرشن بڻيو رهيو. روحل پنهنجي ساهت کي تلوار جي نوڪ تي اڀو ڏٺو. هن کي مجبوري جون اجگر بلائون سانت سانت ڇڪي رهيون هيون. بيوسي ۽ ڪجهه نه ڪري سگهڻ واري ڪُن ۾ ٻڏندي هن جي اکين جا بند ڀڄي پيا ۽ هو عاشي جي ساهن جي واري مُٺ مان واري جي وهڪ پنهنجي اکين سان ڏسندي ڀڄي ۽ ڀُري پيو. هنن دوائن کانپوءِ عاشي جو آپريشن ٿيڻو هو، جنهن لاءِ روحل کي ڪٿان به ڪري پنجن لکن جو انتظام ڪرڻو هو. روحل مجبوري جي هن رساڪشي جنگ ۾ پنهنجو پاڻ کي رسو محسوس ڪري رهيو هو. هن چاهيو ٿي ته ڪٿان به ڪري پئسا اچن، پئسن جو انتظام ٿي سگهي ۽ عاشي جي زندگي بچي سگهي. ”اوهان دوائون وٺي آيا“ ڊاڪٽر هن کي وڏي اسپتال جي ڪوريڊار ۾ مِليو.
    ”نه ڊاڪٽر صاحب“ روحل بيوسي وچان وراڻيو.
    ”ڇو“
    ”هي دوائون هت نه آهن؟“
    ”ڇا؟“
    ”روحل صاحب هي ته عام دوائون آهن، هي ٻاهر واري فارميسي تي ملي وينديون“ ڊاڪٽر کلندي اطمينان سان چيو.
    ”نه ڊاڪٽر صاحب هي دوائون خبر ناهي ڪٿي ملنديون، زمين تي يا آسمان تي“
    اوهان ڇا پيا ڳالهايو، ڊاڪٽر جي سڏ تي پريشانين جي غفائن مان نڪتو.
    ”اچي هي پاڻي جو گلاس وٺو.“
    ”ڇا ڳالهه آهي؟“ ڊاڪٽر روحل جي وشال خوبصورت چهري تي مجبوري جي ريکائن کي پڙهي ورتو.
    نوجوان گهٻرائبو ناهي، همت ڪريو.
    ڊاڪٽر صاحب هاڻ همتون جواب ڏئي ويون آهن. توهان سان سڌي ڳالهه آهي، پئسا ناهن، آئون عاشي جي علاج ۾ پورو ٿي ويو آهيان، اوهان ڊاڪٽر آهيو، ڊاڪٽر ماءُ پيءُ جيان هوندا آهن، اوهان کان ڪهڙو رک رکاءُ، آئون هڪ اين جي او ۾ ملازمت ڪيان ٿو، جنهن مان گهر مشڪل سان هلي ٿو.
    "I see"
    پر توهان کي ڪيئن به ڪري اوهان جي گهرواري جو آپريشن ڪرائڻو پوندو. اڃان مرض ابتدائي شڪل ۾ آهي، هِڪ مهينو ٻي دير ٿي ته.... نه ڊاڪٽر ائين نه چئو.
    چئبو ته اوهان پنهنجي وني سان بيحد محبت ٿا ڪريو، "Good" هر ور کي ائين اوهان وانگر ئي سوچڻ گهرجي.
    ”اوهان هِي دوائون وٺي اچو.“
    ڊاڪٽر دوائن جي پرچي تي ڪجهه لکي ڏنو.
    ”مگر ڊاڪٽر صاحب........“
    ”ڪا ڳالهه نه آهي“ ڊاڪٽر مسڪرائيندي هن کي جواب ڏنو.
    هو دوائون وٺي آيو. ڪجهه ضروري انجيڪشنون ۽ ڊرپون هيون. ڪجهه سيرپون ۽ گوريون. منهنجو نالو ڊاڪٽر ظهير احمد آهي، آئون هن ميڊيڪل سينٽر جي هن شعبي جو انچارج آهيان.
    هي منهنجو ڪارڊ آهي. اوهان شام تائين آپريشن جي پئسن جو بندوبست ڪريو، جي ٿي وڃن ته ٺيڪ نه ته شام جو منهنجي گهر اچجو پوءِ هِڪ ”ڊيل“ ڪنداسين.
    ”ڊيل“ روحل پنهنجي گهرين اکين ۾ سوال ڀريا؟
    ”جي ها ڊيل“ ڊاڪٽر ڪنهن بزنيس مين جيان کيس جواب ڏنو.
    ”ڪهڙي ڊيل“ روحل پنهنجي خوبصورت هٿ سان سواليه پکي ٺاهيا.
    اِها ڊيل تڏهن پڌري ٿيندي جڏهن اوهان کان پئسن جو بندوبست نه ٿئي؟
    ٺيڪ آهي.
    ٿئنڪ يو.
    تيستائين اوهان پنهنجي وائيف وٽ رهو ۽ ها ڪمري جي چارجز وغيره لاءِ مون چئي ڇڏيو آهي، اوهان بي اونا ٿي وڃو.
    "So many thanks dr .sb"
    روحل ڊاڪٽر جي وڃڻ کانپوءِ شام تائين سوچيندو رهيو، هو بار بار عاشي جي چهري کي تڪيندو رهيو. روحل سوچن جي سُگهرن ۾ جڪڙجي اِهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو ته آخر ڊاڪٽر ظهير ڪهڙي ڊيل ڪرڻ چاهي ٿو.
    ڪٿي هو.....
    ها آئون عاشي کي بچائڻ لاءِ هر جائز ناجائز ڪم ڪرڻ تيار آهيان. عاشي ته بچي پوندي نه، منهنجو خير آهي. هو به مون کي مليل منهنجي زندگي عاشي جي امانت آهي. روحل کي ڊيل بابت سوچن جا ڳاڙها ڏينڀو ڏنگيندا رهيا.
    شام جو آخرڪار مجبوري اڳيان هار مڃي روحل ڊاڪٽر جي ڏسيل گهر جي ائڊريس تي وڃي بيل وڄائي. ههڙو عاليشان گهر، گاڏي. روحل کي حيرت ڪونه ٿي. هن کي صرف ۽ صرف اِها ڳالهه مٿي ۾ ويٺل هئي ته ڪيئن به ڪري عاشي بچي. ان جي بدلي اگر هن کي ڪو غير قانوني ڪم ڪرڻو پوي تڏهن به هو ڪندو.
    دروازو کولي چوڪيدار هن کي ڊرائنگ روم تائين رسايو.
    ”ته اوهان اچي ويا“
    ”ويجهو ويهو.“ روحل ڊاڪٽر ظهير کي ملندي چيو.
    ”جي ڊاڪٽر صاحب“
    ”مون کي اوهان ڊيل بابت ٻڌايو“. روحل اتاولو ٿيڻ لڳو.
    ”ڏسو آئون اوهان کي ڊيل بابت ٻڌايان ٿو پر جيڪڏهن اوهان کي اِها ڊيل پسند نه اچي ته ان جو ڪنهن ٻئي سان ذڪر نه ڪجو. اوهان ماشاءَ الله نوجوان آهيو، حسين آهيو ۽ سمجهدار پڻ.“
    ”جي ڊاڪٽر صاحب“، ”اوهان خاطري ڪريو. اوهان جي مسز عاشي جو آپريشن ٿي ويندو، سڀ خرچ آئون ڀريندس، ان جي ٺيڪ ٿيڻ تائين. چاهي ان لاءِ اسان کي پرڏيهه مان علاج ڇو نه ڪرائڻو پوي. سڀ ڪجهه منهنجي ذمي.“
    ”ته پوءِ مون کي ڇا ڪرڻو پوندو؟“ روحل سوال ڪيو.
    ”ڏسو روحل صاحب زندگي ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا عجيب موڙ اچي ويندا آهن جو ماڻهو جي لاءِ فيصلو ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو آهي ته هو ڪهڙي واٽ وٺي؟“
    ”جيڪڏهن اوهان کي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ته اوهان هِي سودو ڪريو جي نه ته پوءِ جيئن اوهان جي مرضي.“
    ”پر آخر مون کي ڇا ڪرڻو پوندو؟ روحل هاڻ بيتاب ٿي ويو.“
    ”اوهان کي منهنجي ڌي سان شادي ڪرڻي پوندي“
    ”ڇا! پر آئون ته اڳ ۾ شادي شده آهيان.“
    ”پوءِ ڇا آهي ماڻهو چار چار شاديون ڪندا آهن، ٻيو اِهو ته منهنجي ڌي ڪنزا جيڪا پڻ ڊاڪٽر آهي. پر هو ٻنهي ٽنگن کان معذور آهي.....“
    ”ڇا؟“
    ”جي ها“
    ”۽ هو اوهان کان عمر ۾ ڪجهه وڏي پڻ آهي.“
    روحل ڀر ۾ پيل پاڻي جو گلاس سڄي جو سڄو پي ويو. ۽ ٻئي هٿ پنهنجي مٿي تي ڏئي سوچڻ لڳو.
    ”مون ڊاڪٽر ڪنزا جي اڪائونٽ ۾ 50 لک رکرائي ڇڏيا آهن ۽ هِي گهر به ان جي نانءَ آهي.“
    ”هاڻي اوهان سوچي وٺو تيستائين آئون تيار ٿي ٿو اچان.“ ڊاڪٽر اندر هليو ويو.
    روحل زندگي ۾ پهريون ڀيرو پنهنجو پاڻ کي مجبوري جي پلصراط تي هلندي محسوس ڪيو ۽ هو ان جي هيٺان باهه جو درياهه هو. ڊاڪٽر جي ڇڏي وڃڻ واري وقت ۾ هو شيڪسپيئر جي نائڪ هيملٽ جي خود ڪلامي هُججي يا نه هججي "Tobe or not tobe" جي دلدل ۾ لهي ويو.
    هِڪ طرف عاشي جو معصوم چهرو، هن جون ادائون هن جي هٿن جا لمس، ٻئي پاسي عاشي خاطر حاشي کي ورهائڻ هن لاءِ هن ڪرب جو مقام هو.
    ”جي روحل صاحب“
    ”ته پوءِ اوهان ڇا فيصلو ڪيو“ ڊاڪٽر ٽاءِ جي ناٽ ٻڌندي روحل کان پڇيو.
    "I am agree" آئون راضي آهيان.
    ”هڪ ڀيرو وري سوچيو“. ڊاڪٽر وارننگ ڏني.
    ”جيڪو سوچڻو هو سوچي ڇڏيو، ڊاڪٽر صاحب عاشي جي خاطر آئون ڪجهه به ڪري سگهان ٿو.“
    ”ان جو مطلب ته اوهان ان کي تمام گهڻو چاهيو ٿا.“
    ”جي ڊاڪٽر صاحب“
    "Very good"
    ”پٽ ڪنزا!“
    ”السلام عليڪم“
    ”وعليڪم السلام“
    ”هي منهنجي ڌي ڊاڪٽر ڪنزا آهي.“
    ”هي پيدائشي معذور آهي.
    هي ننڍڙي هئي ته هن جي ماءُ هن کي ڇڏي هلي وئي. پر مون هن جي پوري تربيت ڪئي آهي ۽ ماءُ جي ڪمي کي ڪنهن حد تائين گهٽايو آهي.“
    ”بابا جو ٻي شادي نه ڪرڻ ئي مون لاءِ وڏي قرباني آهي“. ڊاڪٽر ڪنزا چيو.
    روحل ڏٺو ته پاڻ کان 10 سال وڏي عورت، جنهن جي عمر هاڻ پوئين واري خوابن جي نگر کان اڳتي نڪري چڪي آهي. روحل کي ڊاڪٽر ڪنزا ڪو اهڙو جزيرو محسوس ٿي جتان ڪوبه مسافر جهاز لانگاهو نه ٿيو هجي. هن جون وشال اکيون جن ۾ صدين جي صدا ۽ هن سماج طرفان مليل ڌڪار واضح نظر آئي. پر روحل کي انهن سڀ ڳالهين جي پرواهه ڪونه هئي. هن جي حالت ڪنهن انڌي فقير جيان هئي، جيڪو رستي ۾ ايندڙ هر رڪاوٽ ۽ ٿڏي کي پنهنجو مقدر سمجهي ٿڙجي ٿاٻڙجي وري سنڀلجي ٿي ويو.
    ڪجهه ئي ڏينهن ۾ هِڪ مولوي کي سڏائي روحل جي سادگي سان ڊاڪٽر ڪنزا سان شادي ٿي وئي. ان سان گڏ ڊاڪٽر ظهير روحل کان ڪجهه ضروري ڪاغذن تي معاهدا به سائن ڪرائي ورتا. هن سڄي ماجرا کان عاشي کي بي خبر رکيو ويو. عاشي جو آپريشن ڪامياب ٿي ويو. هو ڪجهه ئي ڏينهن ۾ چاڪ چڱي ڀلي ٿي وئي. روحل نه چاهيندي به عاشي کي هي خنجر جي خبر ٻڌائي، جيڪا عاشي تي وڄ جيان ٿي ڪري. عاشي روحل کي چيو ته ”تون ڀل مون کي مرڻ ڏين ها تو ائين ڇو ڪيو“
    ”آئون مجبور هئس“
    ”عاشي آئون توسان بيحد پيار ڪيان ٿو. پر آئون ڇا ڪريان مون کي ٻي ڪا واهه نه سجهي رهي هئي. مون وٽ ڪجهه به ڪونه هو، آئون قرض ۾ ٻڏي ويو هئس، توکي بيماري جي واڳون وات ۾ ويندي ائين ڏسي ڪونه ٿي سگهي. پليز منهنجو يقين ڪر“. روحل جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو.
    عاشي جي لڙڪن جون لارون روحل جي روح کي تيرن جيان ٿي لڳيون. عاشي هن ٿوهر جي ڪنڊن جهڙي سچ کي پنهنجي نڙي ۾ لاهيندي تمام گهڻو درد محسوس ڪيو. هن جي ساهن جي ڌوڻي تيز ٿي وئي ۽ روئي روئي نيٺ هو چپ ٿي وئي.
    عاشي کي ڪنهن به قيمت تي اِها ڳالهه منظور ڪونه هئي ته هو روحل کي ڪنهن سان ورهائي ٿي سگهي!
    مجبوري ۽ هن لاءِ روحل جي ڪيل قرباني ڪنهن ساعت هن جي دِل کي سوا گهڙي لاءِ ٿڌو ڪنديون هيون، پر هِڪ عورت هجڻ جي ناتي هو هميشه انهن سڀني ڳالهين کي ٺڪرائي ڇڏيندي هئي. پوءِ روئيندي روئيندي بيهوش ٿي ويندي هئي.
    روحل اين جي او ۾ اڳتي ترقي ڪري ورتو هو. ڊاڪٽر ڪنزا معذور هوندي به روحل جي مجبوري کي آساني سان سمجهي ٿي سگهي. صبح سان ئي گهر ۾ ئي ڪلينڪ تي مريضن کي چڪاسيندي هئي. هفتي جي هِڪ ڏينهن تي هو مريضن کان ڪائي فيس نه وٺندي هئي. شايد هو مجبوري جي بخت مليل روحل لاءِ صدقو سمجهي ائين ڪندي هئي. عاشي انهيءَ بيماري کان ٺيڪ ته ٿي وئي هئي، پر ڊاڪٽر ڪنزا کي پنهنجي پهاج جو تصور ڪري هن کي دورا پئجي ويندا هئا ۽ هو گهر جا ٿانوَ ڀڃندي هئي. آهستي آهستي هو هِڪ عجيب نفسياتي مرض ۾ مبتلا ٿي وئي، جنهن ۾ هو تمام گهڻو وقت روئيندي هئي ۽ باقي وقت بيهوش رهندي هئي، پر زندگي جيئن ته پهريون سبق امتحان وٺندي آهي ۽ پوءِ سبق سيکاريندي آهي، ان ڪري هو به ڌيري ڌيري هن غم کي پنهنجي سيني جي سمنڊ ۾ لاهي ڇڏيو. روحل جي زندگي بس هِڪ مجبور انسان جيان گذري رهي هئي. هو راتين جو دير تائين جاڳندو ۽ سگريٽ پيئندو هو. ۽ سگريٽ جي دونهاٽيل ڇولين ۾ عاشي ۽ پنهنجو پاڻ کي مشڪريون ڪندي ڏسندو هو. ڪوهه مري جي برف ۾ گذاريل هني مون جا اهي ڏينهن هن جي اندر ۾ وڍ وجهي ڇڏيندا هئا. برف جا بال ٺاهي هِڪ ٻئي کي هڻڻ. وري انهي دونهاٽيل درياهه ۾ جڏهن ڪنزا اچي ويندي هئي ته روحل جو تصور ڪا قيمتي آرسي جيان هٿن مان ڪري پوندو هو ۽ هو پنهنجو پاڻ کي آرسي جي ٽوٽن ۾ پهچي وکريل وجود جا ٽوٽا ڳولهيندو هو.
    رات جو وقت هو، روحل حسب معمول پنهنجي ڪمري ۾ سگريٽ پي رهيو هو، ڊاڪٽر ڪنزا ويل چيئر تي ويٺي ٽيريس تان دور دور سمنڊ جي اڇل کائيندڙ ڇولين کي پئي ڏٺو. ڇوليون جيڪي چنڊ جي ٿڏي چانڊاڻ جي ڪري بيتاب هيون ۽ چنڊ سان مِلڻ لاءِ اڄ موجن ۾ الائي ڪٿان جي مستي لهي آئي هئي. ايتري ۾ عاشي هن موقعي کي غنيمت سمجهيو ۽ پنهنجي پهاج کان هميشه هميشه لاءِ ڇوٽڪارو وٺڻ جو سوچيو. هن کي خيال آيو ته جيڪڏهن هو ان کي هتان ڌڪو ڏيندي ته ڪوبه شڪ ڪونه ڪندو ۽ هرڪو سمجهندو ته هي پاڻ ڪري پئي آهي. عاشي جي ڪنڌ تي موت جا فرشتا سوار ٿي ويا. هو اڳتي وڌي پير پير ۾ ڏئي جيئن ڊاڪٽر ڪنزا کي سندس پيرن جو سرٻاٽ نه ٿئي.
    هو وڃي ان معذور جي ويل چيئر وٽ پهتي، سمنڊ جي لهرن ۾ ويتر تيزي اچي وئي هئي، هوا تيز ٿي وئي هئي، عاشي جا هٿ ڏڪي رهيا هئا. هن ڪنبدڙ هٿن سان معذور ڊاڪٽر ڪنزا جي ويل چيئر ۾ جيئن ئي هٿ وڌا ته ڊاڪٽر ڪنزا هن ڏانهن ڪنڌ ورائي ڏٺو، عاشي به هن ڏانهن ڏٺو، وري عاشي جون نظرون هن جي جهولي ڏانهن هليون ويون. ڪنزا جي جهولي ۾ ننڍڙي تختي وارو پاڪ ڪتاب هو، جيڪو هو پڙهي رهي هئي. عاشي پاڪ ڪتاب کي ڏسي ڊاڪٽر ڪنزا جي ويل چيئر کي هيٺ ڪرڻ کان بچايو ۽ اچانڪ هن جو پير ٿڙڪي ويو هو ڌڙام سان اچي فرش تي ڪري ۽ هن جي مٿي مان رت ڪنهن نانگ جيان وهي سرڪڻ لڳو. روحل عاشي وٽ وڄ جيان پهتو، عاشي اکيون کولي هِڪ ڀيرو روحل کي ڍؤ ڪري ڏٺو ۽ هن جي چهري تي پنهنجي هٿ سان لڪير ڪڍندي پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون.
    shoukatali.lohar@gmail.com


    شه رڳ کي چمي ڏيڻ وارو آهي موت : عزيز قاسماڻي

    شه رڳ کي چمي ڏيڻ وارو آهي موت : عزيز قاسماڻي

    بادشاه شهزادي ڪانويليءَ کي ميسيج ڇڏيو.
    ”رات بهار جي آهي،
    ٿڌيريءَ رات ۾ تو منهنجو انتظار ڪيوآهي.
    پڪ تون هاڻي سمهين پئي هوندينءَ.
    مان بهار جي آمد واري جشن ۾ آهيان
    ديرمدار رات تو وٽ اچي ويندس. مون کي توتي فخر آهي...
    مان گنهگار آهيان تنهنجو...!!
    تنهنجي بهادريءَ جي پيرن جو مَٽُ ناهيان.
    منهنجي مٿي واري تاج جو ڀرم توئي رکيو آهي.
    مون کي معاف ڪجانءِ.
    مان تنهنجي خواهشن جو ڪڏهن احترام نه ڪيو آهي!!“
    جينءَ صبح ٿئي ٿو.
    مور جي محل تي ڪانون جو بادشاه سميت ڪانگيرو آهي.
    سج کي سڀئي ڪانوَ کانگھارا ٿا هڻن....
    هن جي اڀرڻ تي ڏمريل آهن.
    هنن کي ڪهڙي خبر ته سارو جڳ ميهار جي گھر جي لوٽي آهي ۽ سج مانڌاڻي.
    ڪانگيري جو دائرو وڌيڪ گھرو ٿيندو ٿو وڃي.
    سج تي سڀ ڏمريل آهن.
    شور ۾ مان ايترو ٻڌي سگھيس.
    ”تون پوءِ اڀرين ها
    اسان ڪانويليءَ کي ته وٺي وڃون ها.“


    مختصر ڪهاڻيون

    هٿ جوڙ (مٺل جسڪاڻي)

    هٿ جوڙ

    هلندي ڪچهري ۾ هِتان هُتان جون ڳالهيون ڪندي هو چوڻ لڳو: ”هٿ جوڙ وڏي ڪم جي شيءَ آهي. جيڪو به اوهان جو ڪم هونئن نه ٿئي، منٿ سنٿ، هٿ جوڙ سان ٿي ويندو“.
    هڪ ڊگهو ساهه کڻي وري به ڳالهائڻ شروع ڪيائين: ”ان ڏينهن آئون آيس پئي، ڪي احتجاج ڪندڙ روڊ بلاڪ ڪيو بيٺا هئا. سڀ مسافر پريشان بيٺا هئا. انهن ۾ پڪ سان ڪي مريض، ڪا ويم جا سور کائيندڙ، ڪي ضروري ڪم سانگي وقت سر پهچڻ جا خواهشمند، ٻيا به ڪيترائي آزار ۾ بيٺل هئا، پر مون کي هٿ جوڙ واري ٽل سُجهي آئي، سو هليو ويس وچ ميڙ ۾، جنهن پئي بيهڻ جو اشارو ڪيو، ان کي پئي هٿ ٻڌم. اهڙي طرح آئون اڪيلو، اهو احتجاجي ميڙ ڪراس ڪري روانو ٿي ويس“.
    سندس ڳالهه ڪن ڏئي پئي ٻڌيسين. هن وڌيڪ چيو ”هٿ جوڙ سان ٻيا به گهڻا ڪم ٿين ٿا. مثال طور اوهان اخبارون ۽ رسالا پڙهندا هوندا، ته اوهان کي اهڙيون لکڻيون به پڙهڻ لاءِ نظر مان ڪڍڻيون پيون هونديون، جن کي پڙهي اوهان پنهنجي پاڻ تي چڙي پيا هوندا. اهڙيون سڀ لکڻيون هٿ جوڙ جي ڪري ئي ڇپبيون آهن“.
    پاڻ ڄاڻ ساهي کڻڻ بنا چوڻ لڳو ”ڳالهه اتي پوري نه ٿي ٿئي. هٿ جوڙ ۾ اها ڪرامت آهي، ته ڪٿي به نه ڇپجڻ جهڙي تحرير، گهڻين اخبارن ۽ رسالن ۾، واري واري سان به ڇپجي ويندي آهي“.
    اسان مان ڪنهن به وچ ۾ نه ڳالهايو، هو ڳالهائيندو رهيو ۽ چيائين ”هٿ جوڙ ۾ اهو به ڪمال آهي ته ڪنهن ليکڪ کي منٿ ڪري، اوهان پنهنجي پاڻ تي به لکرائي سگهو ٿا. جيڪڏهن اوهان منٿ ميڙ قبولڻ جيتري حد تائين هٿ جوڙ ڪري ويا، ته پوءِ جيئن اوهان ٻڌائيندا، چوندا، تيئن ئي ليکڪ لکندو ويندو. پوءِ اهو ڇپجي به ويندو“.
    هن جون ڳالهيون ڪن ڏئي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جهڙيون هيون، ان ڪري اسان ماٺ ڪيو ٻڌاندا رهياسين. چئي پيو ته ”هٿ جوڙ جو ايترو اثر ٿئي ٿو، جو اوهان پنهنجي متعلق جيڪو به ڪوڙ لکرايو، اهو ڪوڙ به واري واري سان ڇپجندو رهندو آهي ۽ ڪير به ڇپڻ کان پهرين تصديق نه ڪرائيندو آهي“.
    اسان کي ٻڌايائين ”اوهان مان هر ان جي هٿ جوڙ ڪم واري، جيڪا پاڻ تي، سچ ڪوڙ سڀ سندس مرضي سان لکرائي ۽ ڇپرائي، ڇاڪاڻ ته تاريخ، ڄاڻيٽي، انسائڪلوپيڊيا به اهڙين لکڻين کي پڙهي ترتيب ڏئي، تيار ڪري، ڇپي ويندي آهي“.


    تعزيت وصول ڪندڙ وراڻيو.( مٺل جسڪاڻي)

    تڏي تي دعا گُهري فارغ ٿي پڇيائين ”سڀ ڪجهه اوچتو ڪيئن ٿيو؟“
    ”اوچتو ڪٿي!؟ ناچاڪائي هئي. مقامي ڊاڪٽرن جو علاج هليو پئي. اسان ٻهراڙي جا اڻ پڙهيا ماڻهو، اسان کي ته ڪو اندازو ئي نه هو، ڊاڪٽر چيو حيدرآباد ڪنهن وڏي اسپتال کڻائي وڃو. ان ڪري ايمبولينس ۾ وياسين پئي. يونيسٽي (يونيورسٽي) وٽ ڇوڪرا روڊ بند ڪيو بيٺا هئا. ڏاڍيون منٿون ڪيوسين، پر هنن لنگهڻ نه ڏنو. اسان جي هڪ عورت ٻارڙي سميت اُتي دم ڏنو. ٻڌو آهي ته هڪ مريض ٻيو به هو، جنهن به اتي دم ڏنو“ تعزيت وصول ڪندڙ وراڻيو.


    وقت گذارڻ لاءِ. (مٺل جسڪاڻي)

    ”هوءَ ڪير آهي؟“
    ”هوءَ، هوءَ آهي.“
    ”ڀلا هوءَ ڪير آهي؟“
    ”هوءَ، اِها هوءَ آهي.“
    ”۽ هوءَ ڪير آهي؟“
    ”هوءَ، اها به هوءَ آهي؟“
    ”انهن ۽ جيڪي هتي نه آهن، سڀني سان، تنهنجو ڪهڙو رشتو آهي؟“
    ”جيڪو توسان آهي.“
    ”مون سان ڪهڙو رشتو آهي؟“
    ”اهو تون ڄاڻين ٿي.“
    ”نه، مونکي خبر نه آهي، تون ٻڌاءِ؟“
    ”اهو نه ٿو ٻڌائي سگهان.“
    ”ڇو؟“
    ”ان ڇو جو جواب، مون وٽ ناهي.“
    ”چڱو ڀلا، تنهنجي شادي ٿيل آهي؟“
    ”ها. ٿيل آهي.“
    ”اوهان پاڻ ۾ ڪيئن آهيو؟“
    ”جيئن زال مڙس هوندا آهن.“
    ”ٻين کان ڪجهه مختلف يا بلڪل مختلف؟“
    ”ٻين کان گهڻو مختلف.“
    ”ڪيترو مختلف؟“
    ”اوترو تون تصور ئي نٿي ڪري سگهين.“
    ”آئون ڄاڻڻ چاهيان ٿي.“
    ”ها ها ها... (ٽهڪ) ڄاڻي ڇا ڪنديئن؟“
    ”پنهنجي مستقبل جو فيصلو.“
    ”تنهنجو ڪو مستقبل نه آهي... هاڻي تون به هِن، هُن، هُن ۽ جيڪي هتي نه آهن، انهن جهڙي ٿي وئي آهين.“
    ”ڇا مطلب؟“
    ”مطلب اهو ئي، ته آئون زال جو آهيان. زال منهنجي آهي. اسين ٻئي هڪ ٻئي جا آهيون. اوهان سڀ هُو آهيو، صرف وقت گذارڻ لاءِ...“


    ڀوڳ (مٺل جسڪاڻي)

    هڪ همراه ڀوڳائي نه هجڻ باوجود ڪڏهن ڪڏهن، ڪنهن واقفڪار سان ڀوڳ جي ڪوشش ڪندو هو، جيڪو ڪنهن کي وڻندو ته ڪنهن کي نه وڻندو هو. ڪو برداشت ڪندو هو ته ڪو نه ڪندو هو.
    هڪ ڏينهن ڪنهن واٽ ويندي کي خبر پئي ته الاڻو فلاڻو ڀوڳ چرچو ڪندو آهي. ان واٽ ويندي ڇا ڪيو جو پاڙي پتيءَ مان دانگي ۽ ڪڙو تيل هٿ ڪري اچي ڀوڳائي وٽ پهتو.
    رسمي دعا سلام ڪئي نه ڪئي جهڙي، هن دانگيءَ تان هٿ ڦيري، هٿن کي تيل هڻي، ڀوڳائي جي منهن تي ڦيرڻ لڳو...
    ڀوڳائي به واهه جو ڀوڳائي هو، جيئن هن کي ڪنهن سان ڀوڳ ڪرڻ نه ايندا هئا، تيئن هن کي ٻين جا ڀوڳ پڻ سمجهه ۾ نه ايندا هئا. ان ڪري واٽ ويندڙ اڻ واقف کان پڇيائين، اهو تون ڇا پيو ڪرين!؟
    واٽ ويندي چيس ماٺ ڪر، آئون توسان ڀوڳ پيو ڪريان، مون کي ڀوڳ ڪرڻ ڏي.
    ڀوڳائي ڏاڍو خوش ٿيو. هن کي پڪ ٿي ته اهو اڻ سڃاڻ سندس ڀوڳن مان لطف اندوز ٿيندو هوندو...
    خير، واٽ ويندڙ ته ڪاروائي ڪري روانو ٿي ويو، پر ٿوري دير کانپوءِ ڪڙي تيل سبب ڀوڳائي جو اچي منهن سڙيو. منهن سڙڻ جو سبب معلوم ڪرڻ وڃي آرسيءَ تي بيٺو. جيئن ئي پاڻ کي ڏٺائين ته رڙ ڪري چيائين ”مار! ڀوڳ ته آئون به ڪندو آهيان، پر هي واهه جو ڀوڳ آهي. منهنجي ڪنهن ڀوڳ تي، ڪنهن جو به منهن ڪارو نه ٿيو، هي ته ڀوڳن ڀوڳن ۾ منهن ڪارو به ڪري ويو ۽ منهن ساڙي به ويو، جنهن ڪري اکيون به ڳاڙهيون ٿيون اٿم، انهن ۾ ته پاڻي به ڀرجي آيو آهي!“...
    واهه رنگي تنهنجا رنگ... نه ڀوڳ ڪرڻ ٿا اچن، نه ڀوڳ سهڻ جي تميز آهي...


    مضمون

    ٽين نسل جي ڪهاڻي (علي صفدر)

    اڄ ڪلهه ميڪون ايوين لڳندا هي،
    ڪل جڳ مين هان
    مين آزادي
    مين هي جنگ هان
    ميڏا پرش پروڙيندا هي،
    ميڏي دل اياڻي ڪونهي،
    مين ناول دي گهرائي هان،
    ميڏي ڪوئي ڪهاڻي ڪونهي...
    ڪهاڻيءَ جي ڪا به ڪهاڻي ڪونهي...مان نٿو چوان..سنسار نگر جي خوبصورت شاعره فردوس سولنگي پنهنجي سرائڪي نظم ۾ چوڻ چاهيو آهي...
    شهر شهر ڪهاڻيءَ جي سري هيٺ...الئه ته ڪيترن شهرن، ڳوٺن، واهڻن، وسندين جون ڪهاڻيون گڏ ڪيون اٿم...ڪهاڻيءَ ۾ Cilaimax ضروري آهي..ڇو ته ڪلائيميڪس ڪهاڻيءَ جو نڪ آهي...نڪ..سان ڳالهه ياد آئي آهي..جيڪا ڳالهه شهر شهر ڪهاڻيءَ مان هڪڙي شهر جي ڪهاڻي آهي..اتي ٻڌو ٿئون ته....ماڻهن کي نڪ ئي ڪونهي...ڪجيب Cilaimax آهي...نڪ نه هجڻ.....نڪ نه هئڻ بنان به ساه جي هلچل روان دوان آهي...پر نڪ...غيورپڻي...ّخوداعتمادي..۽ وجود جي شخصي پڻي ۾ هٺ کي واضع ڪري ٿو...کوڙ ڪهاڻيون...کوڙ شهر...هر شهر جي ڪهاڻي پنهنجي پنهنجي آهي...ڪهاڻيون ڀلا اسان وٽ ئي جنم ڇو ٿيون وٺن...؟
    ڇو ته اسين تمام وڏا ڪهاڻيڪار، فنڪار ٿي ويا آهيون....فنڪار لفظ تي غور ڪبو ته......ان جو ڪلائيميڪس به حيرت انگيز...سچ آميز آهي...فن..ڪار...فن سان جٺ ڪرڻ وارو.....فن ته ڪائنات ۾ به آهي...فني گهاڙيٽو اسان ۾ به آهي...پراڪرتيءَ ۾ هر شيءِ ( خالق ڪائنات جي مظهر سان ) فني گهاڙيٽي ۾ مڪمل آهي...فن سان، ڪاري لفظ واري، ڪار...ڪو مڙئي سڙئي ڪم، واقعو ته اسين سنڌي سڀ جو سڀ ڪهاڻيون آهيون...(پر آنءُ ڪهاڻي ناهيان...مان پڪو پختو سنڌي به هان...) ۽ اسان جو ماضي... اسان جو ڪلائيميڪس.....هر روز اخبارن جا ڍير...مشينن جي ڊوڙ...هٿن جون تيز حرڪتون...ٽائيپنگ...ڪمپوزنگ...پروف ريڊنگ...هيڊ لائينس...وغيره وغيره جو ڌمچر...تهان پوءِ اخبار جي شڪل جڙي تيار ٿي...مشينن سان گڏ گڏ اديبن، ليکڪن،،،مضمون نگارن...تجزيئيڪارن جا هٿ ۽ ذهن به ڊوڙڻ لڳا آهن....پر ڇا ٿو ٿئي....؟اوهان پنهنجو آرٽيڪل..فقط اوهان پڙهو يا اوهان چوياريءَ ۾ رهندڙ اوهان جا چرڙيا يار...باقي جنهن پڙهيو نه پڙهيو...ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري...اخبار کٽ جي واڏاڻ ۾ ڦاسائي ڇڏي آهي...هر ڪهاڻيءَ جو جنم اسان مان ٿئي ٿو...اسان ڪير آهيون...؟ ماڻهو يا معاشرو..؟ ڪهاڻيءَ کي ڪلائيميڪس ملي ٿو وڃي...ٻنهي مان ڪوئي به...پر بهتري ته ٻنهي ۾ ڪانهي...جڏيون يا سگهاريون ڪهاڻيون ماڻهو ۽ معاشري جي ڪک مان جنم وٺنديون آهن...ڪهاڻيءَ مان ته ڪهاڻي جنم نه وٺندي آهي...آنءُ ڪهاڻي آهيان...نه ماڻهو نه معاشرو...ان لاءِ مون منجهان ڪا به ڪهاڻي جنم نه ٿي وٺي سگهي...توڻي اهو هڪ نقص به آهي ته آءَ تخليق ايجاد نٿو ڪري سگهان...پر..؟ پر مان ان ڪهاڻيءَ کي جنم نٿو ڏئي سگهان منهنجي وجود، علم وجود جو اڻوڻندڙ نڪ (ڪلائيميڪس) بڻجي پوي...مون مٿي ذڪر ڪيو ته شهر شهر جي الڳ ڪهاڻي آهي...يا سڄي سنڌ هم اوست ناول جو پس منظر آهي...؟؟ هي سڀ ڇا آهي.‘ هر نوان سياسي اعلان...عمل ٽڪي جو به نه...رڳو وهم ۽ ويساه گهاتيون...مهنگائيءَ جون ڪاتيون تکيون...اوڍڻ لئه بوڇڻ خريدڻ جي وسيعت نه...هر ڀيري وڏيري، پيرن جا ووٽن وٺڻ وقت ساڳيا ساڳيا واعدا...هرڀيري عقل جو انڌو سنڌي ماڻهو...ڀروسي جي بگل ۾...گهلجڻ لئه اتاولو...هار.. جيت..ڪير به چڙهيو..پوءِ وري ڪي مهڙ ڪا نه ڪندا..تان جو وڃي ٻي سرڪار نه جڙي...
    پير، وڏيرا پيا شرابن، ڪبابن ۾ راتيون رنگين ڪندا...۽ عوام..قوم..راڄ..اڳ وانگر ڇوروڇنو..ڇوراڇنا به وري اهي ٿيندا جيڪي باضميريءَ جي جبي ۾ پاڻ کي ويڙهي دنيا کان لڪندا وتندا...باقي تسريون چٽڻ وارا به پنهنجي ميرن، پيرن وانگر..ڏينهن جو ساڌ...۽ رات جو شاهينگ...ڪهاڻيءَ مان ڪهاڻي جنم نٿي وٺي... پر ڪهاڻي ماڻهو ۽ معاشري جو گنچ آهي. شهر شهر جي الڳ ڪهاڻيءَ جي سري هيٺ..ڪيترين ڪهاڻيون..بيان ڪجن...آنءُ جنهن ڳوٺ ۾ رهان ٿو..مونسان گڏ اڳ..هن ڳوٺ ۾ علم، ادب،صحافت، موسيقيت ۽ مذهبي پيروڪاري ڪندڙ منهنجا کوڙ دوست، احباب..محترم..رهي، ٽڪي عمر جو اڌ حصو گذاري هاڻي به پنهنجي پنهنجي دنيا ۾ زنده ۽ آباد ويٺا آهن..ڳوٺ ناهي..بس هڪڙي ڪهاڻي آهي..پر ان ڳوٺ جي ڪهاڻي..اسان جي انهن صحافي دوستن به ميڊيا تائين ناهي پهچائي...ته ان شاعرن، اديبن، فنڪارن، اوستاد فردن به ڪا نه پهچائي...جن هر هر دعويٰ سان چيو پئي ره اسين عظيم ڪهاڻيڪار آهيون، منهنجو ڳوٺ ( جمال خان چانڊيو..تعلقه قنبر ۾ واقع) رڳو منهنجو ته ناهي..پر ڪنهن به ڏاهي من ان ڪهاڻيءَ تي نظر ئي ناهي وڌي..3 1 0 2 دوران تعليمي حوالي سان..ججن جو شڪاز نوٽيس ماسترن تائين پڳا ها.. ته کوڙ گوسڙو ماستر ته سويل ئي وڃي ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ لڳا ها..پر شايد منهنجي ڳوٺ جي وڏيري..سپريم ڪورٽ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي حڪم ڪيو هو ته ( جاگير هڪ کان ويندي 9 تائين) ( تعلقه قنبر ۾ ٽوٽل 9 جاگيرون آهن) هڪڙي به ڳو
    ٺ جي هڪڙي به اسڪول ۾ ججن جو دورو ناممڪن..ذري گهٽ..ماڻهن غ معاشري جي توهين آهي) اهڙي نوٽيس کي جج سڳورن اکين تي رکي، چمي... منهنجي ڳوٺ کان ويندي..هڪ هزار ٻين ڳوٺن جي اسڪولن جو ڪو به دورو نه ڪيو...اهڙي پٺڀرائيءَ سبب..منهنجي ڳوٺ جا ماستر..بدمست..لاشعور..بي شناس ٿي ويا آهن..ڳوٺ جو وڏيرو ماڻهوءَ مان راڪاس ٻڻجي ويو آهي..پنج سئو گهرن تي مشتعمل ڳوٺ ۾ اجتماعي ڳڻپ مطابق پنج سئو کان وڌيڪ ٻار، ٻارڙين..تعليم..صحت..تحفظ..شعور نه هئڻ سبب..انڌا..ڏٻرا..خوخ زده..۽ حيواني عادتون اپنائڻ لڳا اهن..اتي ڪا به اين جي اوز جي عمارت ڪانهي..ڪنهن به لوڪل پروجيڪٽ تحت ڪو به ادارو، ماڻهو ڪم نٿو ڪري...۽ ڪو به سرڪاري ڪامورو لڙي ڪو نه آيو آهي...مامرا روز بگڙجندا ٿا وڃن...اتر سنڌ ۾ رهندي به مونکي منهنجو ڳوٺ پاڪستان کان ڪٽيل ٿو محسوس ٿئي..محترم جناب تعليم جو وزير نثار کهڙو..وس وارين ڌرين...سماج سڌارڪ ڌرين کي گهرجر ته هو منهنجي ڳوٺ جي ڪهاڻيءَ کي پڙهن...سمجهن...۽ ان ڪهاڻيءَ جي درد کي محسوس ڪن...انهن پنج سئو ٻارڙن...ٽين نسل جي معمارن جي ٽين اک لئه تعليمي اسڪولن کي متحرڪ نموني سان هلايو وڃي ۽ ڪٿي ايئن نه ٿئي ته اسين اکين هوندي انڌا ٿي وڃون ۽ پوءِ ته ڪا به پرک نه ڪري سگهنداسي ته ( رڳو ڪهاڻيون اسان وٽ ئي جنم ڇو ٿيون وٺن) هي ڪامورا..وڏيرا..وغيره وغيره..اهي فنڪار ڪيئن بڻيا..؟ڇو ته فن..۽ ڪار.. وارو فنڪار..پنهنجي اندر ۾ قطئي مڪمل انسان ناهي هوندو....


    امر جليل صوفي ڪهاڻيڪار (عباس سارنگ)

    ڪهاڻي جي فن تي ڳالهائڻو ناهي، باقي ڪهاڻيءَ جي فنڪار تي ضرور اظهار ڪرڻو آهي......امر جليل لاءِ هڪ دوست موبائيل تي فون ڪري مون کان پڇيو.
    ”ادا عباس سارنگ! يار اهو ته ٻڌاءِ مون کي خبر نه آهي ته !!“
    مون کيس چيو.
    ” ڳالھ ڇا آهي حڪم ڪر مان حاضر آهيان...“
    هن چيو
    ”امر جليل ڪير آهي....؟“
    ان تي مون کيس چيو....
    ”مان تنهنجي هاڻي به ڳالھ نه سمجھي سگھيو آهيان ته تنهنجي ڳالھ جو ڇا مطلب آهي يا مون کي ٻڌاءِ ته تون ڇا ٿو پڇڻ چاهين....؟“
    ان تي منهنجي انهيءَ دوست چيو ته،
    ”ادا! مان اهو ٿو پڇڻ چاهيان ته امر جليل مسلمان آهي....؟“
    ”انهيءَ دوست جي ان ڳالھ تي مون کان ٽهڪ نڪري ويا....“
    پر جڏهن جواب ڏيڻ لاءِ ڪجھ چوڻ چاهيم ته مون وٽ واقعي جواب نه هو حيرت ٿي ته هن دوست کي ڪهڙو جواب ڏيان ته هي ڪير آهي...؟ پر پوءِ هن کان پڇيم ته
    ”تون صاحب اهو ڇو ٿو پڇين؟“
    تنهن تي هن چيو ته
    ”سنڌ ٽي وي تي امر جليل جو پروگرام ڪلاس روم ڏسندو آهيان ان ۾ هو مون کي ڪٿان به مسلمان نظر نٿو اچي....!!!“
    وري چئي ويٺو
    ”ڪير آهي هاڻي ته ٻڌاءِ نه...“
    ته مون کيس چيو،
    ”يار ڪهاڻيڪار آهي ۽ ٻيو صوفي ماڻهو آهي.....۽ مسلمان به آهي....“
    مسلمان انڪري چيم ته اسان جي هن يگاني صوفي ڪهاڻيڪار تي الاءِ ڇا سوچي ته مون کي مسلمان هجڻ وارو جملو به ڪڍ چوڻو پيو....
    اهو ٻڌي هن فون تي مون کان موڪلايو....
    ٿي سگھي ٿو امر جليل کي صوفي چوڻ تي ڪجھ دوست مون سان اختلاف رکندا هجن پر هي هڪ منهجو ذاتي رايو آهي مان غلط به ٿي سگھان ٿو.....۽ هيئن به ٿي سگھي ٿو ته مون سان جند امر جليل صاحب به اختلاف ڪندو هجي.....پر مون کي هن جي لکڻين ۾ هو ڪافي حد تائين صوفي، اندر جو ڀرپور انسان ٿي نظر آيو آهي.
    منهنجي امر جليل سان ڪابه ذاتي ملاقات نه آهي پر لکڻين جي روپ ۾ مون سان گڏ رهيو آهي. اسان سنڌ جا پڙهيل يونيورسٽين جي دور ۾ امر جليل کي پڙهندا ايندا آهيون....ڪهاڻي جي دنيا ۾ گھڻو پڙهيو ويندڙ ڪهاڻيڪار امر جليل ئي آهي. امر جي ڪهاڻي جو اسلوب سنڌي ڪهاڻي کي امر بڻائي ويو آهي. قمر شهباز جي همٿائڻ تي لکڻ شروع ڪندڙ امر جليل ڪهاڻي کي پنهنجي قلم مان اهڙيون ته ڪهاڻيون ڏيئي چڪو آهي جيڪي پنهنجي سچن پچن ڪردارن سان گڏ هميشه موٽ ماڻينديون رهيون آهن. امر هر دور جو ڪهاڻيڪار بڻجي چڪو آهي. امر جون ڪهاڻيون پنهنجو پاڻ مڃرائي چڪيون آهن.
    تنقيدنگار هن جي زو معنيٰ ڏيندڙ مڪالمن ۽ جملن کي معاشري تي طنز ڪري چوندا آهن پر مان ڪجھ الڳ ئي سوچيان ٿو ته اهي ڪهاڻيون، انهن جا ڪردار، انهن جا مڪالما، انهن جا جملا امر جليل جي قلم جي نوڪ مان ائين پاڻ هرتو ٿي نه لکيا ويا آهن پر تجربي جي بٺي مان پچي راس ٿي پوءِ نڪتا آهن. جيڪي ڪنهن به رنج ڪرڻ يا ڪنهن تي طنز ڪرڻ لاءِ ڪونه لکيا ويا آهن پر سماج جو اولڙو سماج کي ئي ڏيکارڻ جو ڀرپور اظهار آهي.....اها انهن ڪهاڻين ۾ موجود ڪهاڻين جي شڪتي آهي ئي آهي جيڪا ڇهن ڏاهاڪن کان سنڌي نسل جي وڏي کيپ کي متاثر ڪندي آئي آهي.....
    امر جليل جو اسلوب Diction هن جي ڪهاڻين کي ٻين ڪهاڻيڪارن کان مختلف ڪري ٿو....اسان جا ته ڪافي وقتي ليکڪ هن جي انداز کي ڪاپي ڪري لکندا رهيا آهن پر جيئن ته انهن جو هن ڪهاڻي قافلي ۾ سفر ٿورڙو هجي ٿو تنهنڪري هو هن قافلي کي ڇڏي پنهنجي دنيا ڏانهن هليا وڃن ٿا ۽ جيڪي هن قافلي سان هميشه سلهاڙيل رهن ٿا ته اهي پنهنجو اسلوب Diction ڏين ٿا. امر جليل جي اڪيلي ناول ’نيٺ گونگي ڳالهايو‘ کان جيڪي ڪهاڻين جا ڪتاب آهن انهن ۾ ’منهنجو ڏس آسمان کان پڇو‘، ’رني ڪوٽ جو خزانو‘، ’جڏهن مان نه هوندس‘، ’سنڌو منهنجي ساھ ۾‘، ’تاريخ جو ڪفن‘، ’دل جي دنيا‘ ’ٽيون وجود‘، ’راهون جدا جدا‘، ‘رڃ‘، ‘هن ڄار ۾‘، ’اندرا‘، ’چنڊ وسامي ويو‘، ’چيني ۽ چرٻٽ جون ڪهاڻيون‘، ’سرد لاش جو سفر‘ انهن ڪهاڻين جي مجموعن کان سواءِ سندس مختلف صنفن تي به ڪتاب لکيل آهن جهڙوڪ ’تنهنجون منهنجون ڳالهيون (ڪالم)، جيجل منهنجي ماءُ (ڪالم ڪهاڻيون)، لهندڙ سج جي لام (مضمون ۽ تقريرون)، سنڌ نامو (ڪالم ۽ ڪهاڻيون ۽ مضمون)، ادب ۽ سياست (سياسي ڪالم ۽ مضمون)، آتم ڪٿا ۽ ڌڻي بخش ڌني، فدا حسين ڦودني ۽ ڦندڻ جا ڪالم شامل آهن. ان سان گڏ ڪيترا ئي ڊراما آهن جيڪي هن ريڊيو ۽ ٽي وي جي لاءِ لکيا آهن جهڙوڪ: دريا توتي دانهن، سڄڻ سفر هليا، زخم زندگيءَ جا، اوندھ ۽ روشني، هونداسي حيات، عيد ٿي ويئي، دوزخ، ماءُ، فرمانبردار، مٽيءَ جا ماڻهو، دل جي دنيا، انسان ۽ ڳوليان ڳوليان مَ لهان شامل آهن، جن ۾ سچا پچا ڪردار پنهنجي حقيقي روپ سان اسان پسي سگھون ٿا. سندس اهو لکڻ جو سلسلو رڪيو هرگز نه آهي.
    امر جليل 08 نومبر سال 1936 تي قاضي عبدالغني جي گھر ۾ پيدا ٿيو سندس اصل نالو قاضي عبدالجليل آهي. سندس والد روهڙي جو رهاڪو هو. امر جليل وڏو عرصو ريڊيو پاڪستان سان سلهاڙيل رهيو ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جو وائيس چانسلر به رهيو. هن وقت رٽائر آهي. هن وقت مختلف اخبارن ۾ ڪالم ۽ ڪهاڻيون لکندو رهي ٿو ۽ سنڌ ٽي وي تي ’ڪلاس روم‘ جي نالي سان شو پڻ ڪري ٿو، جتي هن جو صوفي رنگ پسي سگهجي ٿو ۽ جتي صوفيت جي پرچارڪ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ماڻهن کي سندس ڪلاس روم ۾ هڪ ’صوفي استاد‘ جو اهو روپ تمام سٺو ۽ ڀلو لڳو آهي. تنهنڪري ڪنهن نه ڪنهن جي واتان ان شو جو ذڪر اڪثر ٻڌڻ ۾ پئي ايندو آهي. روز جي انيائن تي بحث مباحثو ڪندو رهي ٿو. سنڌ جيڪا صوفين جي سرزمين آهي ان تي هر مذهب جي ماڻهو جي عزت ۽ احترام هو ان تي هي انتها پسندي ڪٿان اچي ويئي. مطلب ته پنهنجي ڪهاڻين واري انداز ۾ ماڻهن کي صوفيت جو درس ڏيندو رهي ٿو۽ سٺي عمل تي هلڻ جا هوڪا ڏيندو رهي ٿو. وڏي ڳالھ اها آهي ته ماٺ نه آهي.
    سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي ’سنگت‘ پبليڪيشن (ميگزين) جولاءِ-آگسٽ 2008 جي شماري ۾ ڇپيل انٽرويو ۾ هن سوال ته ”ان کانپوءِ توهان جو پنهنجوميدان جتان پوءِ توهان باقاعده چيمپيئن ٿي رهيا آهيو؟“ تي امر جليل واضع طور چئي ڏنو ته ”نه نه نه نه فقير آهيان، مون کي فقير چئو، نه بابا نه نه نه فقير فقير، اسان فقيري وٺي ڇڏي آهي، اسان فقير آهيون.“
    امر جليل جي ڪهاڻي ڪتاب ’دل جي دنيا‘ سال نومبر 1991 ڇپائيندڙ سڳنڌ پبليڪيشن لاڙڪاڻو، حيدرآباد سنڌ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته ”منهنجي خلاف منهنجي ڪهاڻين جي ڪردارن کي مد نظر رکي الزامن جي فهرست تيار ڪئي ويئي آهي. انهن ڏهن سالن ۾ مون پڻ پاڻ کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مان ڪير آهيان؟ ’دل جي دنيا‘ وارو شامو آهيان! ’پڙلاءُ‘ وارو ساجن آهيان! ’بارنيس اسٽريٽ جو غنڊو‘ آهيان! ’منهنجو ڏس آسمان کان پڇو‘ واري ڪهاڻيءَ جو گوتم آهيان! ’اروڙ جو مست! ۾ عبدالرحمٰن ڌاڙيل آهيان! ’تاريخ جو ڪفن‘ ڪهاڻيءَ ۾ اياز مڪراني آهيان! ’جڏهن مان نه هوندس‘ ۾ ڦاهيءَ کان اڳ آخري ڪهاڻي لکڻ وارو قومپرست آهيان! مان ڪير آهيان؟ مان ڪنهن به نتيجي تي پهچي نه سگھيو آهيان، اصل ۾، مان ڪنهن نتيجي تي پهچڻ جو خواهشمند نه آهيان. ائين برابر آهي ته ڪوبه ليکڪ پاڻ کي مڪمل طرح پنهنجين تحريرن کان جدا ڪري نه سگھندو آهي، پر ليکڪ کي سندس ڪهاڻين جي انيڪ ڪردارن مان ڪنهن به هڪ ڪردار ۾ ڳولڻ، يا ان ڪردار سان وابسته ڪرڻ ممڪن نه آهي، بي معنيٰ زندگيءَ کي ڪا معنيٰ ڏيڻ لاءِ مان لکي رهيو آهيان. لکڻ منهنجي لاءِ اظهار، ۽ هئڻ جي احساس جو ذريعو آهي. ويھ-ٻاويھ سال لاڳيتو ڪهاڻيون ۽ ڊراما لکڻ جي باوجود مان پاڻ کي پنهنجي ڪنهن به هڪ ڪردار ۾ ڏسي نه سگھيو آهيان. مان سچل سرمست جو معتقد آهيان. ’ڪوڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي، آئون جوئي آهيان ، سو ئي آهيان.‘
    امر جليل جي ڪهاڻي ’سياڻن ۾ هڪ ڀوڪ‘ جو هيرو جيڪو پنهنجي هڪ الڳ سوچ رکي ٿو. سندس گھر وارا پيءَ، ڀائر ۽ ڀينر کيس سمجھي نٿا سگھن. هن کي ناڪارا سمجھن ٿا، پر امر جليل انهيءَ ڪردار مان ٻين ڳالهين سان گڏ جيڪو خيال اڀاريو آهي. اهو شاھ عنايت شهيد جي ياد ڏياريو ڇڏي...جنهن چيو هو ته’جو کيڙي سو کائي‘. انهيءَ فلسفي جو تاثر هن ڪهاڻي ۾ نظر اچي ٿو. حوالي طور هتي سندس ڪهاڻي جو ٽڪرو نقل ڪري رهيو آهيان.
    مون آهستي آهستي ڪنڌ مٿي ڪيو، سڀني جا چهرا ڏٺم. اکين مان ڄڻ شعلا پئي نڪتن. جواب کان جند ڇڏائڻ مشڪل ٿي پئي.
    وراڻيم. ”مونکي زمين وٺي ڏيو.“
    ”خوب! واھ ڇا ڳالھ ڪئي اٿئي! مان سڀاڻي بئراج جي زرخيز حصي ۾ توکي پنج سو ايڪڙ الاٽ ڪرائي ٿو ڏيان، ڦٽيون چاندي اٿئي ۽ ڪڻڪ سون ۽ ان ايراضيءَ ۾ هاري به سستا ملندءِ.“
    ڪريم چيو ” اهڙي بهترين رٿ ته توکي اڳ ئي ٻڌائڻ گھربي هئي.“
    مون آهستگيءَ سان وراڻيو. ”مان زمينداري نه ڪندس.“
    ”اڙي هينئر جو چيئه ته توکي خريد ڪري ڏيون؟“ عزيز ڪاوڙ منجھان چيو.
    ”مون زمين لاءِ چيو هو، پنج سو ايڪڙن لاءِ نه.“ جواب ڏنم، ”مونکي پنج ايڪڙ زمين وٺي ڏيو، مان پاڻ هر هلائيندس، مان هاري ٿيندس.“
    ”ڀوڪ“ نجمه چيو، ۽ چمچو سوپ جي پليٽ ۾ اڇلائي هلي ويئي.
    بلقيس چيو. ”اَجو دماغي مريض آهي.“
    ڪريم رڙ ڪندي چيو. ” لعنت آهي اهڙي ڀاءُ تي جيڪو خانداني ترقيءَ ۾ هٿ نه ونڊائي.“
    ”ڇا ته ڏينهن هئا!“ بابا پنهنجي سند ڏانهن ڏسندي چيو.
    سڀ آهستي آهستي ڪرسين تان اٿندا ويا ۽ ٿوري دير کان پوءِ سڄي ڪمري ۾ مان اڪيلو رهجي ويس.
    امر جليل جي ڪهاڻي ’رڃ‘ جيڪا گھڻي ڀاڱي ڊائيلاگس تي مشتمل ڪهاڻي آهي. امر جليل جي صوفيت واري پاسي کي وڌيڪ نروار ڪري ٿي. هن ئي ڪهاڻي ۾ سچل جي بيت جو سهارو وٺي يا سچل جي چيچ پڪڙي چوي ٿو:
    ”مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجھايا، شيخن، پيرن، پنڊتن، بيحد ڀلايا،
    ڪي نمازون پڙهن، ڪن مندر وسايا، اوڏو ڪين آيا، عقل وارا عشق کي.“
    امر جليل جي هيءَ ڪهاڻي انسانن جي هٿ ٺوڪين روايتن کي نندي ٿي. سندس ڪردارن ذريعي انسانن کي پنهنجو عڪس ڏيکاريو ويو آهي.
    امر جليل سنڌ ڌرتي جي خمير مان نڪتل فرد آهي هن جي ذات ۾ صوفيت جو رنگ نمايان نظر اچي ٿو. هو هر مذهب کي پنهنجو مذهب سمجھي ٿو. امر جليل عام ماڻهن جو عام ليکڪ آهي هو عام ماڻهوءَ جي ڪنهن به حق تلفي تي ماٺ نٿو رهي پر ان وقت سندس قلم کي جنبش اچي وڃي ٿي. امر جليل پنهنجون ڪهاڻيون صوفي ٿي لکيون آهن ۽ نسورو سچ لکيو آهي. تڏهن ته اهي ڪهاڻيون مڃتا جي اوچاين تي نظر اچن ٿيو.


    مختصر ڪهاڻيون

    چپ +خاموشي ۽ اکيون (شبيرحسين "شبير)

    چُپِ
    چپن جي به چپ،
    اکين جي به چُپِ
    گهِري خاموشي
    ۔۔۔۔۔۔۔۔
    خاموشيءَ جو چولو لاهيندي، پلڪن کي مٿي ڪندي هن اکين ئي اکين ۾ سوال پڇيو،
    مون چپن جون دريون کولي وراڻي ڏيندي مون به کائنس هڪ سوال پڇيو،
    لفظن جا ڪجهه پوپٽ اڏائيندي، اکين جا تاڪ بند ڪيائين۔
    هيسيل اهڙي ڄڻ هِرڻي،
    چالاڪ اهڙي جو، ڄڻ لومڙي به کائنس روز چالاڪي جا سبق سکندي هجيسِ،
    حياءُ اهڙو جو ۔۔۔۔، ۔۔۔۔۔۔،
    مون اندر ۾ وحشتن جا کليل سڀ در بند ڪري ڇڏيا۔

    هوءَ مُقدس چمي
    جنهن چپن کان
    محبت جو پهريون نظم
    ٻڌو هو،
    سار جي سرگوشيءَ سان
    جنوري جي ٿڌي واءُ سان
    ڪوسي صواد
    جا راز پئي سَلي،
    سيارو آيو آ سڄڻ!
    تون هلي آ،
    يادن جي ٽانڊن تي
    پاڻ ڪيسيتائين سيڪيندسِ!!
    شبير حسين "شبير"

    ڌوري نظم جي خوشبو
    اڃان تازي آ،
    نه لکين سِٽُنِ ۾
    تنهنجي ڳالهين جي سرگوشي
    اڃان باقي آ،
    اڻ اُچاريل لفظن جي سار
    يادن جي بارشن ۾
    باقي آ،
    ها، جانان !
    منهنجي زندگي جي رات ۾
    تنهنجي وُجود جو نورُ،
    اڃان باقي آ۔۔۔۔۔


    ڪهاڻيءَ رقاصا جو ويران بالاخانو.... ضراب حيدر

    لکين ڪروڙين ڪهاڻيون روزانو هِن ڌرتيءَ جي گلوب جي گولائي تي گهمنديون ڦرنديون رهن ٿيون، تصويري/ چٽساليءَ جي اُڪريل اهڃاڻن کان وٺي، گم ٿيل تاريخن ۾ به ڪهاڻيءَ جو پنهنجو هڪڙو عروج ۽ ڪمال رهيو آهي. ڌرتيءَ جي وجود تي نظر ايندڙ ۽ ميسارجي ويل سموريون فُٽ پرنٽس (Foot prints) ڪا گواهي يا ثابتي ڏين يا نه ڏين پر اُهي سمورا پيرا لکين ڪروڙين ڪهاڻين جو تسلسل آهن جن زندگيءَ/جيوت کي ارتقا کان عروج تي رسايو. ڀل اسان اُن کي نه ڏٺو هجي، ڀل اسان اُن بابت ڪجهه نه ٻُڌو هجي، پر ڪهاڻي هڪڙو تسلسل بڻجي ڪائناتي ڌماڪي (Big Bang) کان وٺي آدم ۽ آدم کان وٺي تهذيبن جا دؤر اورانگهيندي وقت جي رفتار سان ڪاهيندي آئي آهي.
    ڪهاڻي جيڪا آسماني صحيفن کان وٺي زميني ورقن جي زنده صنف آهي ڪهاڻي جيوت جا سمورا رنگ سمائي ”ڪُن فيڪون“ جي آواز کان سُرندي رڙهندي اچي، تنهن کي جيوت جو ظاهري مرگ ڀَسم ڪري نٿو سگهي.
    هيءَ جا ڪهاڻي هر جيوت هر ڪِرت ۾ وسي پئي، هر رنگ ۽ نسل ۾ کِلي ۽ نچي پئي اُن جو ڪلائيميڪس اڃان ڪٿي آيو آهي!؟ هوءَ جا ڪهاڻي پنهنجي سمورين حُسناڪين ۽ المين سان زنده آهي سا اينٽي ڪلائيميڪس جو يو-ٽرن (U-Turn) ڪاٽي نئين کان نئين دڳ تي پنهنجي سفر سان ڌمالون هڻندي، ٽانڊُو ناچ نچندي مُهين جي رقاصا جيان تخليق جا راز آشڪار ڪندي رهي آهي.
    ڪهاڻي جيڪا منهنجي محبوبا آهي، سا ته مونکان سدائين رُٺل رهي آهي. جڏهن کان عدم جي خواب مان جاڳيو آهيان، اک پٽي اٿم هوش سنڀاليو اٿم کيس پرچائيندو ئي رهيو آهيان. مون جهڙن ٻين ڪيترن چاهيندڙن، عاشقن کان به هوءَ اڃان سوڌو ناهي پرتي. زندگيءَ جي ڪوٺي تي رقص ڪندڙ ڪهاڻي محبوبا، جنهن جي پيرن ۾ گهنگهرن جي گَهنگُهورتا سان گڏ هڪڙِي درد جهڙو ڪٿڪ رَقصندي، کَنڪندي ليئا پائيندي دلين ۽ آرسين جيان ٽُٽندو رهيو آهي، اُن کي اڃان سوڌو ڪنهن به نه ميڙيو آهي. سندس سمورا چاهيندڙ هڪڙي عجيب نشي ۾ اُن ڪٿڪ جون رمزون ۽ راز پروڙڻ ۾ جُڳن کان مَحو رهيا آهن پر اڃان تائين ڪهاڻيءَ جي رقص ۽ ڪٿڪ جي ڪٿا ڪنهن به نه پروڙي آهي.
    ڪٿا جيڪا ڪهاڻيءَ جي ڪٿڪ ۾ کنڪندي، گُهنگهرن جي ڇن ڇننا ڇن ۾ سِمرندي ڪائنات جي رڌم کي ڇُهندي رهي آهي اُن کي قديم دؤر جي عاشقن ۽ چاهيندڙن ڳاهه ڪري به ڳايو ته قصو کڻي به ٻڌايو، دستاويزي اتهاس جي نه کٽندڙ ورقن ۾ ڪهاڻيءَ داستان جو دامن به ويڙهيو ته سورٺي ۽ بيت جي ساٺن سان به سهيڙيو پر پوءِ به هُن (ڪهاڻي) جو خدوخال ڪوٺي جي اُن رقاصا، اُن محبوبا جهڙو رهيو جيڪا مختصر گهڙين ۾ پل جي رقص ۾ ڪيترين ئي ڪٿائن جو ڪٿڪ نچي ڳالهه ڪوتاهه ڪري رکندي آئي، قِصو تمام ڪري داستان دم ڪري ڇڏيائين مطلب ته:
    عشق تمام برهه تمام، وو! مين لُوٺي يار لوڪو
    سيڄ سُتي نون جهپ نه آوي، نيڻين ننڊ حرام. (شاهه)
    سوچيان ٿو، آخر ڇو ڪهاڻي محبوبا جي چاهيندڙن کي ننڊ کڻي وئي!؟ جيڪڏهن کين ننڊ نه کنيو ته ڪهاڻي محبوبا کان غافل ضرور ٿي ويا، ڀلا ٻيو ڪجهه نه ته ايترو سو ضرور ٿيو جو اُهي کيس پيار پُراڻي يا راند ٻاراڻيءَ وانگي وساري ويٺا، يا وري هُنن ايئن ڀانيو ته هاڻي سندن محبوبا (ڪهاڻي) پوڙهي ٿي چُڪي آهي!؟
    سوچيان ٿو، شمع به ڪڏهن پوڙهي ٿيندي آهي ڇا؟ پتنگ ۽ پروانا به ڪڏهن موٽيا آهن ڇا؟؟ هي ڪهڙو پريم هي ڪهڙو عشق هو جيڪو اُڀرندي/اُسرندي ئي ميرانجهڙو ٿي ويو!
    ايئن به ڪونهي ته ڪهاڻي رڳو پنهنجي چاهيندڙن ۽ عاشقن جي محبوبا رهي، ”اُها ته اُنهن گوپين جي به رام ڪرشنا رهي جيڪي ساڻس ننڍپڻ کان پريم ليلائون ڪنديون رهيون، ڪهاڻيءَ ڪٿا جي ڪٿڪ جون ڪيتريون ئي گوپيون داسيون ۽ ميران ٻايون به رهيون پر الائي ڇو؟ انهن جو جوڳ به نرواڻ کان اڳ ۾ مندر جي گِهنڊن جي نظر ٿي ويو، اُهي گوپيون داسيون ۽ ميران ٻايون پِتل جي سونهري گِهنڊن جي موهه ۽ آوازن ۾ رام ڪٿا جي ڪٿڪ کي وساري، پنهنجي ئي شور ۽ گمسان ۾ گم ٿي ويون.
    سوچيان ٿو، هي صدين جو تسلسل، هي جُڳن جي رياضت ڪيڏانهن وئي؟ هي سانگ هي ڳاهه، هي قصا هي داستان، هي بيت سورٺا ۽ وايون ۽ سنڌ جي شهزادي شاهه لطيف جون چِٽيل باريڪ مختصر تصويرون ڇو ڌندليون ٿي ويون، جن جي رنگن ۽ رمزن ۾ ڪهاڻي اسانکان ايئن ڏور ٿي وئي، ايئن رُسي وئي جيئن مومل کان راڻو رُٺو هو، اسان پنهنجي تهذيب ۽ ساهت جي محل ۾ جيڪي به ڪهاڻي ڪٿا جون ڏياٽِيون ٻارِيون هُيون سي ايئن اُجهامي ويون جيئن اوچتو راهه ۾ ڇانوءَ اُجهامي ويندي آهي، اڄ نه اُهو محل نظر اچي ٿو نه اُهو ڪوٺو (بالاخانو) ئي آباد آهي، زندگي جي پنجين موسم کانپوءِ ڪهاڻيءَ جو بالاخانو به اُجڙي ويو، جتي ڪهاڻي محبوبا جو رقص ۽ ڪٿڪ ڏسڻ لاءِ وڏا وڏا قدردان ايندا هئا. ساڻس اکيون مِلائيندا هئا، دليون هارائيندا هئا، داد ڏيندا هئا، دان وٺندا هئا ۽ پوءِ اُها محبوبا رقاصا (ڪهاڻي) ڏسندي پسندي، لکندي پڙهندي پاڻ به ڪا ڪهاڻي بڻجي ويندا هئا. انهن قدردانن ۽ چاهيندڙن مان هڪڙو جمال ابڙو به هو، جنهن ڪهاڻيءَ مجبوبا سان خوب افيئر لڙايو، هن سندس ڪوٺي تي ڪل ٻارنهن بيٺڪون ڪيون، ڪهاڻيءَ محبوبا به مٿس موهجي پئي کيس جمال ابڙي طرفان ڏنل داد ڏاڍو ڀانئـ پيو، هوءَ مِڙي سندس ويجهو به آئي پر جمال الائي ته ڇا سوچي ڪهاڻيءَ جي بالاخاني تان رَمتو ٿي ويو ۽ وري ڪڏهن به سندس ڪوٺي تي نه چڙهيو نه وريو. سالن تائين ڪهاڻي رقاصا جي پيرن جا گُهنگهرو ۽ ڪٿڪ جا خدوخال جمال جي داد لاءِ واجهائيندا رهيا، ڪيڏو نه بي رحم عاشق هو جمال بـ ڪيڏو نه بي چيو چاهيندڙ هو جمال بـ!؟ جنهن پنهنجي مرضيءَ سان ڪهاڻيءَ جا ڪوٺا لتاڙيا پر ”رات گئي بات گئي“ وانگي ڪڏهن يادگيري طور به پنهنجي محبوبا ڪهاڻيءَ کي نه ساريائين جنهن ٻارنهن ويهڪن ۾ پنهنجا وڏا راز ۽ رمزون کيس سمجهائي ڇڏيون هيون.
    ”مان مرد“ ۾ جمال جيتوڻيڪ وڏيون دعوائون ڪندي ’مڙس ماڻهو ٿيڻ‘ جون نصيحتون ڪيون هُيون پر پاڻ زندگيءَ جي زائفان صفت ادائن جي رنگ ۾ کوئجي ويو، ڪنهن اڻاسي جيان پنهنجو سڄڻ پنهنجو پريم وساري ويٺو. زندگيءَ جي پڇاڙڪن لمحن ۾ جيتوڻيڪ هُن پنهنجي ’يادن جي بارات‘ مطلب ’آتم ڪٿا‘ ته لکي ڇڏي پر جوانيءَ جي عشق ۽ اُنس جو ڪانڌي به نه ٿيو، جنهن کي ذري گهٽ هو ماري نڪتو هو. هي اُهو ئي عشق، هيءَ اها ئي رقاصا ڪهاڻي هئي نه جنهن پنهنجي رقص ۽ ڪٿڪ سان کيس ڪٿا سمجهائي هئي، جمال جڏهن رقص ۽ ساز جي اُن جهنڪار تي چپٽي وڄائيندي پنهنجي آڱرين کي چورِيو هو ته تاريخ کيس هڪڙو ناقابل فراموش ڪهاڻيڪار بڻائي ڇڏيو هو، ڪير ڪيئن به چوي آئون جمال ابڙي کي بيوفا ضرور چوندس، زندگي جي اَٺن ڏهاڪن ۾ جيڪڏهن هو سال جي هر خزان ۽ بهار ۾ ئي پنهنجي محبوبا کي ساري ها ته جيڪر سوين لاجواب ۽ شاهڪار ڪهاڻيون سنڌ جي نقشي ۽ اِتهاس تي تارن جيان ٽمڪنديون رهن ها ۽ سنڌ جي ساهتي تاريخ جي ورقن ۾ اِها ساک ڏينديون رهن ها ته سنڌي ڪهاڻي نه پوڙهي ٿي آهي نه وري مُئي آهي، نه ڪا کيس گولي لڳي آهي نه وري ڪنهن ٻئي حادثي کيس عليل ڪمزور يا معذور ڪيو آهي.
    ساڳئي طرح سراج به ڪهاڻيءَ کان هٿڙو ڇڏائي ويو.
    آئون جمال ۽ سراج کي ڪهاڻيءَ جا ٻه اهڙا ڇيڙا سمجهان ٿو جن ڪهاڻيءَ جي گلوب کي روشن ۽ متوازن رکيو آهي، هڪڙو جيڪڏهن ڪهاڻيءَ جو اُتر قطب آهي ته ٻيو وري ڏکڻ قطب آهي. باقي جا ٻيا سمورا ڪهاڻيڪار ڄڻ ته ڪهاڻيءَ جي گولي (گلوب) جون ڊگهائي ۽ ويڪرائي ڦاڪون آهن، جن ڪهاڻيءَ جي گلوب ۽ ماحول ۾ موسمي تبديليون آڻڻ سان گڏوگڏ وقت جا ڪانٽا بيهاريا آهن.
    سراج جنهن ڪهاڻيءَ کي درد سمجهندي به ايئن ئي چيو ۽ سڏيو ته هلي آءُ، مطلب ته ”اي درد هلي آءُ..“ هُن ڪهاڻيءَ جي ڪوٺي تي وڃي سندس جُوڙي ۾ گل لڳايو، رقص ڪندڙ ڪهاڻيءَ سندس داسي ٿيڻ قبوليو پر سراج بـ سندس آڇ کي رد ڪري ڇڏيو. سراج، ڪلا جي اُفق تي ڪهاڻيءَ کي نون زاوين سان ٽانڪي بيهاريو، ديسي رقاصا ۽ ڏيهي محبوبا (سنڌي ڪهاڻي) کي اهڙو تـ ٻاهريون (ولايتي) ويس پارايو جو وڃي ٿيا خير، مطلب ته سراج ڌارئي سينگار ڌارئي رنگ (ميڪ اپ) جي اهڙي ته پنهنجائپ سان سندس چهري تي پيوند ڪاري/گُلڪاري ڪئي جو ايئن لڳو ڄڻ هي ڪهاڻي هي رقاصا نه پر هي سمورو آسمان هي سمورو آڪاس هي سمورو ميدان پنهنجو آهي ۽ اِهو تصور تڪ ختم ڪري مِٽائي ڇڏيو ته ”هڪ سج ٻه پاڇا“ به ڪي ٿيندا آهن!؟ ۽ پوءِ جڏهن سراج پاڻ سورج ٿي ويو ته هُن ڪهاڻيءَ جي سموري پَٽ سموري ڪوٺي سموري ڌرتيءَ کي اونڌاهو ڪري رکيو، سورج هوندي به سراج هڪ ڪرڻو اُن ڪوٺي (ڌرتيءَ) تي وارِد نه ڪيو جتي سندس محبوبا ڪهاڻي رقاصا سندس اوسيئڙو ڪندي رهي، سراج کي ڇٽي ڇهه ماهي به ڪهاڻيءَ جي بالاخاني تي وڃي ڏيئو ٻارڻ گهرجي ها... پر الائي ڇو هُن بـ جمال ابڙي جيان ڪهاڻي محبوبا کان مُنهن مٽيو تـ وري کيس موٽي نـ نِهاريائين.
    سراج اسانجي ساهت جو ٻرندڙ ۽ چمڪندڙ سورج آهي پر هُن به ويچاري ڪهاڻيءَ سان بيوفائي ڪئي، ساڻس فِلرٽ ڪندي کيس ڇڏي رولي ويو.
    نسيم تي ميار، اِن لاءِ به ناهي جو نسيم ڪهاڻيءَ جي پڙ مان باد نسيم بڻجي وقت کان گهڻو اڳ۾ روانو ٿي ويو، شايد اِن ڪري به جو جيڪڏهن نسيم سحر ٿيڻ تائين ڪهاڻيءَ جي آسٿان تي پلٿي هڻي ويٺو رهي ها ته شايد ڪهاڻي محبوبا سندس ئي ٿي رهجي وڃي ها، يا وري رقص ۽ ڪٿڪ ڇڏي ساڻس ڀڄي نڪري ها. پر نسيم اُن اينٽي ڪِلائيميڪس کان اڳ ئي پاڻ هڪڙي ڪٿا هڪ ڪهاڻي بڻجي ويو. امر (امرجليل) وري مارگلا جي وادين ۾ وڃڻ کان اڳ ۾ ڪهاڻي محبوبا جون سموريون پرچيون ”بارنيس اسٽريٽ“ جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيون ۽ مارگلا جي موھ ۾ نئين ”دل جي دنيا“ بڻائي ۽ وسائي ويٺو، ڪهاڻي محبوبا جيتوڻيڪ سندس هٿ پڪڙي کيس گهڻو روڪيو، جَهليو ۽ اهو به کيس چيائين ته
    ”اچ توکي آئون پنهنجو امرت پياري امرتا بخشيان“ پر هُن سندس هڪ به نه ٻُڌي، جنهن ڪري امرجليل بـ جهڙو بيوفا ثابت ٿيو. هاڻي بـ ڪهاڻي امرجليل جون راهون تڪي رهي آهي کيس سڏي رهي آهي ۽ هو وري دانشوري جي خول ۾ پاڻ سُڃاڻن جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
    سوچيان ٿو، سوچيان اِن ڪري نٿو جو اِها منهنجي محض سوچ آهي، سوچيان اِن ڪري به ٿو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ آئون ڪهاڻيءَ جي ڪوٺي تي چڙهي ويو هوس، عجيب ويرانيءَ وارو سمان هو، سمورين سيڙهين تي دز ۽ مٽي پکڙيل هئي، جيتوڻيڪ ڪهاڻي جي چاهيندڙن جي پيرن جا ميٽوڻا نشان ۽ اڇلايل گُل، مُرجهايل/سڪل حالت ۾ پَٽَ تي پيل هئا مون جڏهن ڪهاڻي محبوبا جي ڪوٺي جو دروازو کوليو ته اندر اونڌهه ٻاٽ هئي، ڪهاڻيءَ محبوبا جيڪا مُنهن مونن (گوڏن) ۾ لِڪائي پنهنجي اڪيلائيءَ تي روئي رهي هئي، اُن مون ڏانهن ڪنڌ کڻي نهاريو ته چوڏس چانڊاڻ ٿي وئي، کن پل ۾ ئي تمام گهڻي روشني ڦهلجي وئي، اهڙي روشني جهڙي ورهاڱي کان اڳ توڙي پوءِ سالن تائين سنڌي ادب جي آڪاس تي هئي.
    ڪهاڻي اُن لمحي به اهڙي ئي هئي، جهڙي صديون اڳ هئي، منجهس رتِي جو به فرق نه آيو هو، ها پر هار سينگار ۽ ٺاهه ٺوهه نه هئڻ ڪري ڪجهه مُرجهايل ۽ وڃايل ٿي لڳي. هُن مونکان پنهنجي چاهيندڙن ۽ ماضيءَ جي عاشقن جو سربستو احوال پُڇيو هُن مونکان حفيظ قريشيءَ، رباني آگري، عثمان انصاري، عبدالحق عالماڻي کان ويندي جمال ابڙي، سراج الحق، نسيم کرل، امر جليل، آغا سليم، عبدالقادر جوڻيجي، ابن حيات پنهور، نجم عباسي، غلام نبي مغل، علي بابا، ماڻڪ مُنير، مدد سنڌي، مشتاق ۽ شوڪت شوري، ملڪ آگاڻي، رحمت ماڃوٺي، منظور ڪوهيار، مُراد قريشي، طارق قريشيءَ ۽ ٻين ڪيترن جو پتو معلوم ڪيو، مون کيس ٻڌايو ته ”هڪڙا ويچارا تنهنجا چاهيندڙ هي فاني جهان ڇڏي ويا، باقي جيڪي آهن سي چاڪ چڱا ڀلا آهن، مولا کين وڏيون ڄمارون ڏي.“
    هُن پُڇيو” ڀلا ڪٿي گم آهن منهنجا اُهي پرين پيارا، صفا وساري ويهي رهيا مونکي، وري ڀيرو ئي نه ڀڳائون.“
    هو وڌي ٿوري ويجهو آئي ۽ چيائين ”ڏس آئون ته اُهائي ساڳئي آهيان ذور به ناهيان بدلي، پوءِ ڇو مونکان مُنهن موڙي ويا...؟“
    مون کيس چيو” تون ته اڄ به سموري سُندرتا ۽ سونهن آهين، تنهنجي ڪٿڪ ۽ رقص ۾ اڄ به اهو ئي ڪمال ۽ عروج آهي، تنهنجون ادائون به ساڳيون آهن...“
    هُن وري چيو ”ڀلا ٻُڌاءَ ته منهنجا چاهيندڙ منهنجا عاشق ڇا پيا ڪَن؟“ مون کيس نه ٻُڌائڻ چاهيندي به ٻُڌايو ته ”تنهنجي چاهيندڙن مان ڪِن ڊرامن ۽ ناٽڪن سان دوستي ڪري ڇڏي آهي ته ڪِن وري ڪرسين سان ياري رکي ڇڏي آهي، ڪي تحقيق تي موهجي پيا آهن ته ڪِن کي وري عهدا ۽ اين جي اوز ڳڙڪائي ويا آهن، ڪن کي وري ميڊيا چٽي وئي آهي باقي جيڪي اڃان توتي فدا آهن تن جو حال اِهو آهي جو وٽن توکي داد ڏيڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، ايتري قدر جو توکي مصنوعي گل ئي ارپڻ لاءِ وٽن سفيد ڪاڳر به ناهن.“
    هُن وري پُڇيو ” ڀلا اُهي گوپيون، داسيون ۽ ميران ٻايون ڪٿي آهن؟ جيڪي منهنجون سهيليون هُيون.“
    کن پل خاموش رهيس پوءِ سوچيندي چيم، ” اُنهن جي تـ مونکي بـ خبرناهي پر شايد اُهي پنهنجي سپنن جي دنيائُن سان پرڻجي اُنهن ۾ کوئجي ويون.“
    اُن وقت سندس اکين ۾ لڙڪ اچي ويا، هن ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ کان وٺي سموري وارتا مونکي ٻڌائي ۽ آخر ۾ چيائين، ” تو وڃ منهنجي سمورن چاهيندڙن کي منهنجو سِڪ ڀريو سلام چئجان ۽ کين اِهو چئجان ته هو مونسان بيوفائي ڪري ويا پر مون اڄ سوڌو ساڻن بيوفائي ناهي ڪئي، هو اڄ به منهنجي حوالي سان زندهه آهن، منهنجي حوالي سان ڄاتا سُڃاتا وڃن ٿا ۽ کين اِهو به ضرور چئجان جيتوڻيڪ آئون اڃان به آسروند آهيان ته ڪو نه ڪو منهنجو سچو چاهيندڙ مداح ضرور ايندو جيڪو مونسان توڙ نڀائيندو، پر جي مان مري پيس ته پوءِ ڪير کين سارڻ ۽ سڃاڻڻ وارو هوندو؟؟
    جڏهن شمع ئي نه رهندي ته پروانا ڪير ساريندو!! پروانن جو ذڪر ڪير ڪندو؟


    غيرت جي ڏاٺ( عباس ڪوريجو)

    منهنجو توائي باز چاچو علاج واسطي ڳوٺان شهر آيو هو، مون وٽ هڪ هفتو ترسيو ۽ هڪ ڏينهن ڇتي ڪاوڙ ڪندي چيائين: ” تون هتي شهر ۾ ڇا گهر ورتو، صفا غيرت ختم ٿي وئي اٿئي، تو واري ڌيءُ پاڻ بس تي اڪيلي پڙهڻ وڃي ٿي ۽ شام جو ٿي واپس وري، جوءِ تو واري وتي ٿي مارڪيٽ مان ٽماٽا بصر وٺندي... اٿئي ڪا غيرت!!!“ مان چپ چاپ کيس ٻڌو پئي ته باقي بچيل ڪجهه ڏند ڪرٽيندي چيائين: ” سڀ ڏند ڀڄي پيا اٿئي، عقل واري ڏاٺ به نڪري وئي اٿئي، دعا ٿو ڪريانءِ ته هاڻ اگر ڪا ڏاٺ ڦٽي نڪرئي ته شل غيرت جي ڏاٺ هجئي!!“
    مان دودو آهيان
    روپا ماڙيءَ جو رستو پڇائيندي پڇائيندي رڻ ۾ وڃي نڪتو هوس، پري کان سائي رنگ جو مقبرو نظر پئي آيو. ڊگهي ڪلراٺي ڪچي رستي سان نه ماڻهو نه پاڇو، رڙهندو وڃي ويجهو پهتم. مقبرو دودي جي غرور جيان ڪنڌ مٿي ڪيو بيٺل هو. منهنجي خيالن ۾ جڙيل روپا ماڙيءَ جي محل وارو تصور ڀري ڀورا ڀورا ٿي ويو جڏهن مقبري جي پٺئين پاسي رڳو ڦٽل ۽ ڊٺل آثار نظر آيا. مقبري جو دروازو کولي اندر گهڙي پيم، وڏي اُڀي شانائتي قبر محسوس پئي ڪرايو ته ڪنهن دلير ۽ سورهيه مڙس کي ٻکي رکيو اٿس. قبر جي ڀرسان اچي عقيدت وچان هٿ لاهڻ مس چاهيو ته ڪڙڪيدار آواز ڇرڪائي وڌو. ” متان هٿ لاٿو اٿئي!“ پوئتي نهاريو ڪوبه نه هيو، اڳيان نظر ڦيرائي به ڪو نظر نه آيو، ڊوڙي دروازي تي آيس، ٻاهر به ڪوئي نه هو. حيران رهجي ويم ته ڪنهن جو آواز هو. ” ڪير آهين!؟ ۽ ڪيئن ڀلجي هيڏي آيو آهين؟“ ٻيهر ڇرڪندي پوئتي نهاريو، محسوس ٿيم ته آواز قبر جي ڀر مان پئي آيو. گهٻرائيندي تعارف ڪرايم، ” ڌرتيءَ جو خادم آهيان، ڌرتيءَ جي هن سورهيه پٽ جي حاضري ڀرڻ آيو آهيان.“ ” واپس هليو وڃ.....!!“ ” ڇو واپس وڃان...؟؟ ۽ توهان ڪير پيا ڳالهايو؟“ ” مان دودو آهيان!!!“ منهنجا تاڪ ملي ويا، حيرت ۽ همت کي گڏي چيم: ” منهنجي لاءِ فخر جهڙي ڳالهه آهي ته توهان مون سان مخاطب ٿيا آهيو!“ ” مون ستل ذهن ۽ ضميرن واري قوم جو فخر ٿيڻ نه چاهيو هو، اها قوم جيڪا پنهنجي سورهين کي رڻ ۾ رولي ڇڏي، آئون ان قوم جو سورهيه پٽ سڏرائڻ نٿو چاهيان..... هتان واپس هليو وڃ!“ ”دودا...! يار ائين نه ڪر!“ ” توکي چيم ته واپس وڃ ۽ سڀني کي ٻڌائي ڇڏ ته توهان وارو دودو هاڻي مري چڪو آهي آئون هاڻِي فقط سومرن جو پير آهيان.
    سنهڙي جي جنڙي
    ڳوٺ وارن جو چوڻ آهي ته هن کي مادي جنڙي آهي، جيڪا هر وقت هن سان گڏ گڏ رهي ٿي، هو بظاهر اسان سان گڏ آهي پر غيبي طور ان جنڙيءَ سان گذاري ٿو. ويهن سالن جي عمر ۾ ڀي صفا ٻار لڳي ٿو. ماڻس نالو ته سهڻو رکيو هئس پر جسماني هيڻائي ۽ ڪمند جي ڳنين جيترين سنهين ٽنگن ۽ ٻانهن هجڻ ڪري سڀ سنهڙو چئي سڏيندا هئس. اهو به مشهور آهي ته ننڍڙو هو ته صفا سهڻو هيو، مٿان وري ماڻس تيل سرمو ڪري پينگهي ۾ اڪيلو سمهاري پاڙي وارن جي گهر هلي وئي، ان وقت اها جنڙي هنن جي گهر مٿان اڏامندي گذري رهي هئي ۽ هن تي نظر پوندي ئي عاشق ٿي پئي. هيٺ لهي آئي ۽ هن جي پينگهي ڀرسان ويهي هن جي زُبان چوسي هيائين، جنهن ڪري هي اڪثر خاموش رهندو آهي، جنڙي جڏهن اجازت ڏيندي اٿس ته ڪجهه ڳالهائيندو نه ته الي الي خير صلي. ڳوٺ ۾ اهو پڻ چوٻول آهي ته جنڙي اڌ رات جو هن کي اڏاري کڻي ويندي آهي ۽ ڳوٺ جي ٻاهران جهتن سان ڳتيل فقيرياڻي کجيءَ تي ويهاري ڪچهري ڪندي آهي ۽ ملان جي آزان سان گهر واپس ڇڏي ويندي اٿس. هن جي ناني نه ڇڏيو آهي ڪو پير پٽَ تي، جنهن جي خبر پونديس، ٻئي ڏينهن اتي پهچي ويندي ۽ هن لاءِ تعويذ ضرور وٺي ايندي. چاليهن کان مٿي تعويذ ۽ سڳا ڳچيءَ ۾ لڙڪي رهيا هوندس. هڪ رات هن جي نانيءَ کي خواب ۾ اها جنڙي آئي ۽ ڌمڪائيندي چيو هئائينس ته پيرن ۽ فقيرن جي درگاهن ۽ آستانن تي تعويذ سڳن لاءِ ڊوڙڻ بند ڪري نه ته ڇوڪري کي معذور ڪري ويهاري ڇڏيندي. هن جي نانيءَ کي به سائين ڪنڊن واري پير جو ڌاڳو سورن سان هٿ چڙهيو هوس، اهو ڇوڪري جي ڏوري ۾ ٻڌي ڇڏيو هئائين. فقيرياڻي کجيءَ جا قصا ته سڄي جوءِ ۾ مشهور آهن. ڳوٺ جا جهونڙا ٻڌائيندا آهن ته جڏهن اهي ننڍڙا هئا تڏهن ڀي اها کجي ايتري ئي ڊگهي ۽ ايترو ئي جهتن ۾ ڳتيل هوندي هئي جيئن اڄ آهي. ڳوٺ جو هڪ سئو سال ڪراڙو ته ايترو ڀي ٻڌائيندو آهي ته اها کجي ان جي پڙ ڏاڏي پوکي هئي پر جڏهن کان فقيرياڻي جنڙيءَ ان کي پنهنجو مسڪن بڻايو ته اها ائين ويران ٿي وئي. ڳوٺ جي چوڪيدار ڏهه سال پهرين رات جو جيڪو لقاءُ ڏٺو هو سو ته سڄي جوءِ کي خبر آهي ٿيو ائين هيو ته ڪجهه چور ان ڳوٺ مان رات جو چوري ڪيل سامان سان گڏ پنڌ ڪري ڪري ٿڪجي پيا پر ان فقيرياڻي کجيءَ جي چانڊوڪي ۾ نظر ايندڙ پاڇي کان به ٻاهر نڪري نه سگهيا، آخر تنگ ٿي سامان ڦٽي ڪري وٺي ڀڳا. صبح جو اهو سامان مالڪن کي موٽايو ويو. سامان جي مالڪن مٺا لولا ۽ بسريون ٺاهي شام جو فقيرياڻي کجيءَ جي جهتن ڀرسان رکي هليا آيا ۽ جڏهن صبح جوسڄي ڳوٺ اهي ٿالهيون خالي ڏٺيون ته کين پڪ ٿي فقيرياڻي جنڙي اهي کائي ورتيون هونديون. هڪ ڏينهن سنهڙي جي نانيءَ کي هڪڙي فقير گهر جي در تي اچي چيو، ” ڇوڪري جا سڀ تعويذ لاهي پراڻي کوهه ۾ اڇلي ڇڏ ۽ فقط هي هڪڙو تعويذ ٻڌي ڇڏيس، اها جنڙي گيسيون ڪندي هتان هلي ويندي. ٻئي ڏينهن ائين ٿيو جو سنهڙي ڪهاڙو کنيو ۽ اچي بيٺو کجيءَ جي ڀر ۾. هڪڙيءَ جهٽَ ۾ سڄو ڳوٺ اچي ڪٺو ٿيو. سنهڙي جي ڪمزور ٻانهن ۾ الائي ڪٿان سگهه آئي هئي ويو پئي جهت اکيڙيندو ۽ نيٺ کجيءَ جي پاڙ ڳولي لڌائين. ڳوٺ وارا خوف وچان ڪلمان پڙهڻ لڳا. سنهڙو ڪهاڙي سان کجيءَ جي پاڙ تي وار ڪندي پگهر ۾ ڇم ٿي ويو هو، کٽ جي ٿلهي پائي جيتري سندس ڇاتي ڦوڪجي وئي هئي، ڳوٺ وارا اوچتو ڪجهه ٿيڻ جي خوف ۾ رڦي رهيا هئا، تيستائين سنهڙو کجيءَ جو ڪم تمام ڪري چڪو. ڏسندي ئي کجي وڃي پٽَ تي ڦهڪو ڪيو هو. سنهڙي ڳوٺ وارن ڏي خونخوار نظرون ڦيري رڙيون ڪندي چيو: ” کڻو پنهنجي ماءُ کي.... هتي ڪابه جنڙي ناهي رهندي، اهي لولا ۽ بسريون مان ئي کائيندو آهيان، ماڻهوءَ کان وڏو ڪوبه جنُ ناهي هوندو اهو فقط توهان جي انڌي عقيدي جو جِنُ هيو.“ اهو چئي سنهڙو ڪهاڙو هٿ ۾ کڻي ڳوٺ ڏي نڪري ويو ۽ ڳوٺ وارا ان فقير جي ڳولا ۾، جنهن آخري تعويذ ڏنو هو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 533
    ڪتابن جو مشاهدو: 550724
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 212771
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ