ڪتاب جو نالو: جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا
مصنف: نواز خان زئور
ڇپائيندڙ: موسيٰ پبليڪيشن ڄامشورو
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 20 اپريل 2017 ع
پڙهيو ويو: 449 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 181 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، شاعر ۽ قومي ڪارڪن نواز خان زئور جو لکيل ناول آهي. اسحاق انصاري مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته نوازخان زئور، پنهنجي ناول کي تمام سهڻي نموني نڀايو آهي. ٻولي به تمام سهڻي يا ايئن چئجي ته شاعراڻا ٿيل آهي . مختصر طور تي ايئن چئجي ته هيءَ هڪ شاعر جو، شاعراڻي دل ۽ مزاج سان لکيل هڪڙو تمام سهڻو ناول آهي. “
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • وسارج مَ ويڻ، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا
  • سنڌ سلامت پاران
  • مُهاڳ
  • ناول نگار پاران : منهنجو پهريون ناول
  • ناول

  • (1)
  • (2)
  • (3)
  • (4)
  • (5)
  • (6)
  • (7)
  • (8)
  • (9)
  • (10)
  • (11)
  • (12)
  • (13)
  • (14)
  • (15)
  • (16)
  • (17)
  • (18)
  • (19)
  • (20)
  • (21)

  • حق ۽ واسطا

    ڪتاب جو نالو: جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا
    تخليقڪار: نواز خان زئور
    موضوع: ناول
    ڇاپو: پهريون
    سال: ڊسمبر 2014ع
    ڇپيندڙ: موسيٰ پبليڪيشن ڄامشورو



    JOBHAN BBA TE DEENHRRA
    (NOVEL)
    BY: Nawaz Khan Zaor


    ارپنا

    سنڌ جي پُراڻن قومي ڪارڪنن

    چاچا الهڏنو بلوچ،
    مرهيات ايوب منڇري،
    يوسف نوناري
    ۽
    خاڪي جويي

    جي نالي.

    جھونا ٿيا جهاج، سَٽ نه سهن سِڙهه جي!

    ـــ ن. خ. ز


    وسارج مَ ويڻ، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا

    وسارج مَ ويڻ، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.
    لوُٺيون سهن لوڪ جا، وِهاڻيءَ ٿيون ويڻ.
    اصل اَسارين جا، سُتي وِيَڙا سيڻ.
    جيڏيون! جي مان وِسهو، ننڊ مَ هيريو نيڻ.
    راتڙيون جاڳن جي، سي آئون ڪندڙي سيڻ.
    آڌيءَ رات اُٿي ڪري، جھل تون ننڊان نيڻ.
    (شاهه سائين)


    تِتر تيز اڏار، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.
    مُنڌ! نڀائِن ڪونه ٿا، ڪنهن سان ڪارا وار.
    متان ڦول ڇڻي وڃن، ڏيئي مُند ميار!
    اچ رنڱي وٺ هٿڙا، نائي مينديءَ ڏار.
    (شيخ اياز)


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، شاعر ۽ قومي ڪارڪن نواز خان زئور جو لکيل ناول آهي.

    اسحاق انصاري مهاڳ ۾ لکي ٿو:
    ”ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته نوازخان زئور، پنهنجي ناول کي تمام سهڻي نموني نڀايو آهي. ٻولي به تمام سهڻي يا ايئن چئجي ته شاعراڻا ٿيل آهي . مختصر طور تي ايئن چئجي ته هيءَ هڪ شاعر جو، شاعراڻي دل ۽ مزاج سان لکيل هڪڙو تمام سهڻو ناول آهي. “

    هي ڪتاب 2014ع ۾ موسيٰ پبليڪيشن ڄامشورو پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون عبد العزيز زئور صاحب جا، جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail. com
    www. sindhsalamat. com
    books. sindhsalamat. com


    مُهاڳ

    انيڪ خوبين ڀريو سهڻو ناول

    نواز خان زئور سان منهجي شخصي ملاقات ڪا هڪ اڌ دفعو ٿي هوندي پر هو جتي به ملندو يا فون تي ڳالهائيندو ته ايئن لڳندو آهي ته اسان هڪٻئي جي گھڻو ويجھي آهيون. هونئن به اسان ليکڪن جو به هڪ ڪٽنب آهي؛ ان ڪري پاڻ ۾ هڪ قسم جو سٻنڌ هر وقت موجود رهي ٿو.
    ڪجھه ڏينهن اڳ مون نواز خان زئور جو پائيلو ڪوئلهو جو ترجمو ڪيل ناول “يارنهن منٽ“ پڙهيو هو. انگريزيءَ ۾ ته اهو ڪتاب منهنجو اڳ ۾ پڙهيل هو پر جڏهن مون هي ترجمو پڙهيو مون کي لڳو ته نواز ان سان انصاف ڪيو آهي. مون وٽ سندس نمبر نه هجڻ ڪري مون ڪتاب جي پبلشر انعام عباسيءَ کان سندس نمبر گھريو هو ۽ پوءِ مون ساڻس ڳالهائي سندس ٻوليءَ جي تعريف ڪئي هئي. ان ترجمي مان ئي ظاهر هو ته نواز شاعر آهي، هو نفيس احساسن کي سمجھي، انهن کي پوءِ لفظن جو روپ ڏئي ٿو.
    ڪجهه ڏينهن اڳ ، شايد عيد کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ نواز خان زئور مون کي فون ڪئي ته هن ناول لکيو آهي. جنهن تي ڪجھه لکي ڏيڻ لاءِ چيائين. مون کيس ان وقت ئي چيو هو ته عيد جي ڪري ۽ عيد کانپوءِ سنڌي ڪهاڻي جي هڪ صديءَ جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ۾ سيمينار جي ڪري مان شايد جلد لکي نه سگھان. پر هن حجت سان ۽ مون کي ٿورڙو موقعو ڏيندي چيو ته انهن مصروفيتن دوران پڙهي ان کان پوءِ ڪجھه ڏينهن ۾ کيس لکي ڏيان. هن مون کي پنهنجو ناول ايِ ميل ڪيو.
    جيئن ئي ناول مليو ته مان سرسري طرح ان جا ڪجهه صفحا ڏٺا، پر پڙهڻ سان اهو محسوس ٿيو ته هي ناول سرسري طرح پڙهڻ جهڙو ناهي پر ان لاءِ ان کي تفصيل ۽ دلجمعي سان پڙهڻ گھرجي.
    عيد جي موڪلن ۾ پنهنجي لاڙڪاڻي واري گھر ۾ نم جي وڻ هيٺيان رکيل کٽ تي ليٽي، بلبلن جي لات، ڪٻرين جو گوڙ ٻڌندي، پاڙيسريءَ جي مور جي ٽور ڏسندي ( اهو مور گھڻو ڪري مون وارو گھر خالي هجڻ ڪري ان ۾ ئي رهندو آهي)، مون نوازخان زئور جو لکيل ناول “ جوبن ٻه ٽي ڏينهنڙا” پڙهڻ شروع ڪيو. حقيقت اها آهي ته ناول جو نالو يا موضوع ايڏو تُز آهي جو ان سان ئي خبر پئجي وڃي ٿي ته ان ڪتاب اندر ڇا هوندو ۽ وري شروع ۾ ئي شاهه عبدللطيف ڀٽائي ۽ شيخ اياز جي ڪلام مان پوري ريت اندازو ٿي وڃي ٿو. ناول جو نالو به شيخ اياز جي شاعريءَ مان چونڊيون ويو آهي:

    تِتر تيز اڏار، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.
    مُنڌ! نڀائِن ڪونه ٿا، ڪنهن سان ڪارا وار.
    متان ڦول ڇڻي وڃن، ڏيئي مُند ميار!
    اچ رنڱي وٺ هٿڙا، نائي مينديءَ ڏار.

    (شيخ اياز)

    مون ناول پڙهڻ شروع ڪيو ته پڙهندو ئي ويس. مان سمجھان ٿو ته اها ليکڪ جي خوبي چئجي جو پڙهندڙ جڏهن به پڙهڻ شروع ڪري ته پوءِ هو ان ڪتاب جي حوالي ٿي وڃي، ڪردارن جي اٿ ويهه جو اکين ڏٺو شاهد ٿي وڃي، هنن جي ڳوڙهن جي لوڻياٺ کي محسوس ڪري سگھي، ته هنن جي کلڻ ۽ خوش ٿيڻ سان پڙهندڙ جي اندر ۾ به چڻنگائي تيليون ٻرڻ شروع ٿين.
    ناول جي ڪهاڻي ته ٻن ڪردارن سانوڻ ۽ ڪنول جي چوڌاري ڦري ٿي پر ڏٺو وڃي ته اصل مُک ڪردار ڪنول ئي آهي. ڪهاڻي جي شروعات ٽيليفون جي گھنٽي سان ٿئي ٿي، جيڪا اصل ۾ شروعات آهي ٻن نوجوان دلين جي پاڻ ۾ پيار جي پيچ ۾ پلئه اٽڪائڻ جي. پيار يا عشق اهڙو جذبو آهي جنهن تي هر دؤر ۾ هزارين ليکڪن لکيو آهي. پر تڏهن به ايئن لڳندو آهي ته هر پيار ڪهاڻي هڪ نئين ڪهاڻي آهي. هونئن به پيار ۾ جيڪي ماڻا، چاهتون، رنجشون ٿين ٿيون، اهي هر قصي ۾ مختلف ٿين ٿيون.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته نوازخان زئور، پنهنجي ناول کي تمام سهڻي نموني نڀايو آهي. ٻولي به تمام سهڻي يا ايئن چئجي ته شآعراڻا ٿيل آهي، جيئن شروعات جي صفحن ۾ ئي ٽيليفون جي گھنٽي جي وڄڻ کي ٻُرڻ ڪري لکيو آهي“... گهنٽي لاڳيتي ٻُري رهي آهي.... ٽِر.....ٽرِ.... ٽِر.....ٽر...” يا وري هڪ هنڌ لکي ٿو: “سانوڻ کي جملي ۾ مرڪ جي خوشبو محسوس ٿي.” هاڻي اهڙا لفظ اهو ماڻهو لکي سگھي ٿو جيڪو پاڻ عاشق هجي ۽ ٻئي جي نفيس احساسن کي سمجھي سگھندو هجي.
    ڪنهن به ماڻهوءَ کي جيڪڏهن ڪنهن سان پيار ٿي ويندو آهي يا پيار جي شروعات ٿيندي آهي ته اهي ئي ماڳ مڪان، اهي ئي آسپاس واريون شيون، موسمون تبديل ٿي وينديون آهن. هڪ نئون رنگ انهن کي پيارو بڻائي وجھندو آهي. آسمان جو رنگ خوشبو ڏيڻ لڳندو آهي ته تيز اس به ڪنهن جي ڪجل ڀريل اک جي ڏِک ڏيندي آهي، هروڀرو به فضائن ۾ خوشبو ۽ رنگ ڦهلجڻ شروع ٿي ويندا آهن. اهڙي ريت ئي نواز خان زئور پنهنجي ناول “جوڀن به ٽي ڏينهنڙا” ۾ ڪنول ۽ سانوڻ جو پاڻ ۾ پيار ٿي وڃڻ يا پيار جي چڻنگ دکڻ کانپوءِ سانوڻ جي اهڙي ڪيفيت کي هينئن بيان ڪري ٿو:
    “هيءَ اُها ئي دري هئي، جنهن مان رات اتر جي هوا رومڙ ڪري اندر آئي هئي ۽ سندس بت مان سيسڙاٽ نڪري ويا هئا. هينئر انهي ساڳي دري مان روپهري اُس اندر اچي رهي هئي. اُس- جنهن ۾ ڪنهن ڪنواري جسم جهڙي جادو ڀري گرمائش هئي- سندس لڱن کي ڏاڍي پيار سان ڇهيو. هن کي اهو سڀ ڪجهه روزاني کان وڌيڪ ڀلو لڳو. اُتي بيٺي بيٺي ئي راتوڪيون ڳالهڙيون سندس هينئڙي تي هُري آيون. مرڪ سندس چپن تي هٿڙا ڦيريا ۽ سرهائي جي آڱرين سندس دل ۾ ڪتڪتايون ڪڍيون. هن جو اندر وڻندڙ احساسن جو هندورو ٿي ويو.”
    مون پنهنجي ڪنهن ڪهاڻي ۾ لکيو آهي ته ڪو به شخص چاهي اهو مرد هجي يا عورت هجي، جيڪڏهن پنهنجي مدار( Orbit) مان نڪري ٿو وڃي ته پوءِ هن کي وري ڪٿي سڪون، ترتيب نه ٿي ملي. هن ناول جي مُک ڪردار ڪنول جو به اهو حال آهي، هوءَ جڏهن پنهنجي پهرئين چاهيندڙ آڪاش جي محبت کي موٽ نه ٿي ڏئي سگھي ۽ هو حادثي ۾ مري وڃي ٿو ته پوءِ هڪ احساس هر وقت ڪنول کي آڪاش سان ڪيل زيادتيءَ جو احساس ڏياريندو رهي ٿو. جلد ئي سندس شادي هڪ وڏي عمر، پر وڏي پئسي واري ماڻهوءَ سان ٿئي ٿي. جيڪو به ڪجھه وقت ته سندس زندگيءَ کي ڪي رنگ ڏئي ٿو پر هو به بيماري وگھي مري وڃي ٿو ته پوءِ ڪنول هن ڀريل جهان ۾ سڀ ڪجھه هوندي به اڪيلي آهي ۽ اهائي اڪيلائي رانگ نمبر جي صورت ۾ يا ڌُڪي تي ڦيرايل نمبر تي سانوڻ سان ڳالهائن جي صورت پيدا ڪري ٿي، جيڪا هنن کي ويجھو وٺي وڃي ٿي. پر ان رشتي ۾ به هو سانوڻ سان شادي ڪرڻ کي لنوائي ٿي ته وري هڪ ڪيس جي بهاني هوءَ هڪ وڪيل ڪانڊيري جي ويجھو ٿئي ٿي، ان کان علاوه به ڪي ٻيا مرد سندس زندگي ۾ داخل ٿين ٿا، پر هو جڏهن زندگي جي رڻ ۾ اڪيلائين جا ڊگھا پنڌ ڪندي ٿڪجي پئي ٿي ۽ اهو احساس کيس ٿئي ٿو ته زندگي تتر تيز اڏار آهي ته کيس وري اهو سانوڻ ياد اچي ٿو جنهن کي پاڻ ئي جواب ڏنو هيائين. پر ڪنهن جو به پنهنجي مدار مان نڪرڻ کان پوءِ وري واپس ان ۾ اچڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
    نواز خان، جي هن ناول ۾ انيڪ خوبيون آهن پر ڪن ڪن هنڌن تي اردو ٻوليءَ جا لفظ يا وري ڪنهن هنڌ غير ضروري طور تي بحث ٿيل آهي؛ جيئن اڪيلائي جي باري ۾ ٻه ٽي صفحا لکيل آهن. جڏهن ته اهي ئي لفظ، اهي ئي خيال هو پنهنجن ڪردارن جي واتان چورائي ها ته پڙهندڙن تي اڃا سهڻي نموني اثر انداز ٿين ها.
    پر گھڻائي اهڙن لفظن يا جملن يا خيالن جي آهي جيڪي پڙهندڙ تي پنهنجي جڪڙ مضبوط ڪن ٿا. جيئن:
    “...هيءَ چار چؤنڪ ڳالهڙيون به ڪيڏي نه عجيب شئي آهن! عورت جي آواز ۾ اها ڪهڙي ڪشش آهي، اها ڪهڙي ڇڪ آهي، اهو ڪهڙو جادو آهي، جيڪو هنن چار چؤنڪ ڳالهڙين کي جڳمڳ جڳمڳ جرڪايو ٿو ڇڏي؟ ”
    ”آڪاش جو پورو وجود ڪنول جي مغروري هيٺان چيڀاٽجي ويو هو. هن وڏي بيدردي سان کيس رد ڪيو هو. سندس محبت کي نهايت بيرحمي سان ڌڪاريو هو. آڪاش جي دل جي ڌرتي ڌٻي وئي هئي. ”
    “ .... مڌ مکا مِڙندا آهن ۽ هرڪو اتان قُوتُ قرار ۽ جيئندان ماڻيندو آهي. پر ڄر تي رڳي پتنگ اچي لهندا آهن ۽ پاڻ واريندي ڄڀيءَ ۾ ڄرڪي ويندا آهن.”
    “جواني جي پهرين پلن ۾ عورت هڪ خواب هوندي آهي. هن جو اٿڻ ويهڻ، گھمڻ ڦرڻ، هلڻ چلڻ، ملڻ جلڻ ۽ سوچڻ ڪَرڻ سڀ خواب هوندو آهي. هن جو پورو وجود هڪڙو خواب هوندو آهي. اهڙو خواب، جنهن ۾ زندگي ڌڙڪندي آهي ۽ محبت ساهه کڻندي آهي.”
    “گهڻي دولت ۽ گهڻي غربت- ٻيئي براين، بڇڙائين، اوڳڻن ۽ ڏوهن کي جنم ڏين ٿيون. معاشري ۾ ٻنهي جي وچ ۾ جيتري وڏي وٿي هوندي، معاشرو اوترو وڌيڪ زوال جو شڪار هوندو“
    “عورت جي سونهن جا انيڪ روپ آهن ۽ هر روپ کي پنهنجي سونهن آهي. سونهن، جيڪا اپار آهي، لامحدود آهي، جنهن جو ڪو به ڇيهه ڪونهي- ۽ سونهن جو سڀ کان وڻندڙ ۽ دلڪش روپ عورت آهي”
    مختصر طور تي ايئن چئجي ته هيءَ هڪ شاعر جو، شاعراڻي دل ۽ مزاج سان لکيل هڪڙو تمام سهڻو ناول آهي.


    اسحاق انصاري
    15 آڪٽوبر 2014ع
    ڪراچي سنڌ.


    ناول نگار پاران : منهنجو پهريون ناول

    هيءَ ناول “جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا” منهنجو پهريون ناول آهي. زندگي ۾ جيڪو به نئون ڪم ماڻهو پهرئين دفعي ڪندو آهي، اهو جتي ماڻهو کي اٿاهه خوشي ۽ نيون ڪيفيتون ۽ نيون سرشاريون پيو ڏيندو آهي، اتي اهو ان کي منجھائيندو پڻ رهندو آهي. هيءَ ناول لکندي آئون اهڙين انيڪ ڪيفيتن جي ور چڙهندو رهيس؛ جن ڪيفيتن جي اپٽار ڪرڻ نه هِتي موزون آهي ۽ نڪي وري هيءَ جاءِ انهيءَ اپٽار لاءِ مناسب ئي آهي.
    جيتوڻيڪ ادب ۾ مون پنهنجي جاءِ شاعري جي حوالي سان ئي پيدا ڪئي ۽ منهنجي بنيادي سڃاڻپ به شاعري ئي آهي. پر پوءِ به نثر ڏانهن منهنجو لاڙو شروع کان ئي رهيو. آئون نثر شروع کان ئي لکندو رهيو آهيان. البت ان نثر جو لاڳاپو افسانوي ادب کان وڌيڪ تنقيدي ۽ سياسي ادب سان رهيو آهي. مون نثر لکڻ جو آغاز ننڍڙن نثري ٽُڪرن کان ڪيو ۽ پوءِ اڳيان هلي سياسي مضمون لکيا. گڏوگڏ مختلف ڪتابن ۽ اديبن تي تنقيدي مضمون ۽ مقالا پڻ لکيم. جن مان ڪي مختلف ويهڪن ۽ تقريبن ۾ پڙهيا ويا، ته ڪي محض ڇپرائڻ لاءِ لکيا ويا. منهنجن انهن مضمونن جو وڏو حصو اڄ به محفوظ آهي ۽ ڪنهن مناسب وقت تي ڇپائي پڌرو ڪبو.
    ناول سان منهنجو موهه شروع کان ئي رهيو آهي. ان ڪري ورلي ئي ڪو سنڌي ناول يا سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل ناول هوندو، جيڪو مون نه پڙهيو هجي. البت هاڻي ڪا شئي پڙهڻ يا نه پڙهڻ جو دارومدار معيار تي جڙي ٿو. ٻئي پاسي اڙدوءَ جا سڀ وڏا ناول مطالعي منجھان گذريا اٿم. دنيا جي ٻين ٻولين جا ناول ترجمن وسيلي پڙهي سگھيو آهيان. انگريزي ناول توڙي انگريزي ۾ ترجمو ٿيل ٻين ٻولين جي ناولن جو به چڱو موچارو مطالعو ڪري سگھيو آهيان. ناول اڄ به منهنجي پسنديدا صنف آهي. اهڙي نموني ناول جي صنف هر حوالي سان مون کي هميشه پاڻ ڏانهن ڇڪيندي ئي رهي. ناولن ۾ منهنجي ان دلچسپي جي ڪارڻ ئي سنڌي ٻولي جو ٻهڳڻو ناول نگار سائين حيدر دريا زئور مون کي اڪثر چوندو رهندو هو ته تون اڳيان هلي ناول ضرور لکندين. آئون سندس ان اڳڪٿي تي رڳو مرڪي ماٺ ٿي ويندو هوس.

    ادب سان منهنجو پاند ٻالڪ اوستا کان ئي اٽڪيو؛ ۽ انهيءَ جو ڪارڻ بابا سائين ۽ منهنجا پرائمري جا استاد هئا. تن ڏينهن ۾ پرائمري اسڪولن ۾ لائبريريون اڃا سالم هيون ۽ انهن ۾ ادبي ڪتاب موجود هوندا هئا. هاڻي اهو سمورو ذخيرو شايد ئي ڪٿي محفوظ هجي! دوستو وسڪي جو ناول “جوئاري” مون پرائمري اسڪول ۾ پنجين درجي ۾ اسڪول جي لائبريري مان ئي پڙهيو هو. اهڙي ريت سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪجھه ٻيا ناول پڻ تن ڏينهن ۾ ئي پڙهيا هيم. آئون پنهنجي ٻاراڻي ذهن موجب تن ڏينهن ۾ ئي ناول لکڻ جو سوچيندو هئس.
    انهن ڏينهن ۾ ڳوٺن جي ٻاهران کوهه هوندا هئا. کوهن جي پڳ سان گڏ اوڙا به ٺهيل هوندا هئا، انهن اوڙن ۽ حؤضن کي باردين وسيلي کوهه مان پاڻي ڪڍي ڀربو هو ۽ پوءِ مينهون ٻڪريون ۽ ٻيا ڍور ڍڳا انهن منجھان پاڻي پيئندا هئا. صبح توڙي شام ويلي ڇوڪريون توڙي مايون قطارون ڪري انهن کوهن تي اينديون هيون ۽ گھرن لاءِ پاڻي ڀرينديون هيون. اهي کوهه ان زماني ۾ عشق و محبت جي عهد و پئمان ۽ ميل ملاقاتن جو وسيلو پڻ بڻجندا هئا. پاڻيارين جون قطارون شام ويلي ڏاڍيون سهڻيون ۽ من موهيندڙ لڳنديون هيون. کوهه اسان جي ڳوٺ ۾ به هئا. هڪڙو کوهه اسان جي ٻنيءَ ۾ هو، جيڪو منهنجي ڏاڏي حاجي قادر بخش زئور جوڙايو هو. سنڌ ۾ اڄ به ٻنين جي نمبرن ۽ نمبرين جا مختلف نالا آهن. ٻنيءَ جي جنهن نمبر ۾ اهو کوهه هو، ان نمبر جو نالو جھوُٽي وارو نمبر هو، پر ان کي کوهه وارو نمبر به سڏبو هو. کوهه ڏانهن وڃڻ لاءِ جيڪو گس هو، اهو اسان جي کري کان ٽپي ڪجھه اڳيان ٿوري ٽُڪري ۾ سوڙهو ٿي پيچرو ٿي ٿي ويو. هڪ پاسي پاڻي جي کڏ هئي، ٻئي پاسي کٻڙن ۽ ڄارين جو جھنڊ هو. انهن جي وچ مان اهو سوڙهو پيچرو موڙ کائي ٿي نڪتو. سرنهن جي کيت جهڙيون ڦوُهه ڦُلاريل پاڻياريون جڏهن ٻيلهڙا کڻي ان پيچري تان پنڌ پونديون هيون ته اُهو خوبصورت ڏيک منهنجي ٻاراڻي ذهن کي موهي ويندو هو. اسان ٻار کري تي رانديون به کيڏندا هئاسين ته ان پيچري تي ڊوڙون به وجھندا هئاسين. اُهو پيچرو، پاڻياريون ۽ کوهه جو منظر منهنجي ناول جا ڄڻڪ پهريان ڏيک هئا. آئون ٻاراڻي انداز ۾ سوچيندو هوس ته هيرو ڊوڙندو ايندو، ڪنهن الهڙ ڇوڪريءَ سان ان سوڙهي پيچري جي گولائي ۾ ٽڪرائجي ويندو؛ دلا ڀڄندا، پاڻي هاربو، ڪپڙا پسندا، ڊپ ۽ حيا جي لالائي ڳلن تي ڊوڙندي، ۽ پوءِ پريم ڪهاڻي شروع ٿي ويندي؛ ۽ منهنجي ناول جي ڪهاڻي اڳتي وڌندي، نوان موڙ مُڙندي، نوان منظر ٺاهيندي ويندي. پر بدقسمتي يا خوشقسمتي سان ڪنهن به پاڻياري سان اُتي ڪو هيرو نه ٽڪرايو، نه پريم ڪهاڻي شروع ٿي، نڪي ڪو ناول ئي کڄي سگھيو. اُهو کڄڻو ئي ڪونه هو، جو اها عمر ئي ڪانه هئي؛ نه عشق جي، نه لکڻ جي.
    هِتي ان سڄي ساري ڊيگھه پٽاڙ جو ڪارڻ رڳو اهو سُجھيو اٿم ته پڙهندڙن سان پنهنجي انهيءَ پسمنظر جو تعارف ڪرايان، جيڪو مون کي ناول ڏانهن ننڍي هوندي کان وٺي اڻيهئي ڇڪيندو رهيو آهي.
    جڏهن آئون سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ پڙهندو هوس، تڏهن به اها هوراکورا ٿيندي هيم ته ڪو ناول لکجي. بعد ۾ به اها تمنا رهي. پر پوءِ مون يونيورسٽي جي ڏينهنَ تي ناول لکڻ بدران يونيورسٽي جون يادگيريون لکيون، جيڪي “خماريل هوا، گلابي ڳليون” جي نالي سان ڪتابي شڪل ۾ شايع ٿي چڪيون آهن. اُها الڳ ڳالهه آهي ته ڄامشوري تي آئون ناول ضرور لکندس.
    منهنجي زندگي ۾ ڏاڍيون هيٺ مٿانهيون رهيون آهن. انهن هيٺ مٿانهين جي ڪري زندگي جي مختلف تجربن منجھان گذرندو رهيو آهيان. اهڙو ئي هڪ تجربو ٽارچرسيل ۽ جيل جي زندگي آهي. ٽارچرسيل ۾ پين پنو ڪونه هو. تنهن هوندي به يادگيري کان ڪم وٺندي مون شاعري سِرجي ۽ ناول سوچيا. انهن عملن واندڪائي ۽ وقت جي رڃ کي پار ڪرڻ ۾ ڏاڍي سهنجائي پيدا ڪئي. انهن جي ڪري منهنجو ذهن ناڪاري سوچن ۽ وهمن وسوسن مان نڪري تخليقي گس تي هلي پيو. جنهن سان حالتن کي منهن ڏيڻ جي سگھه ملي.

    بعد ۾ جڏهن جيل پهتس ته اتي مون جام تخليقي ڪم ڪيو. جنهن جو هڪڙو مظهر هيءَ ناول پڻ آهي. آئون لکيل پنا هر هفتي جيل مان ٻاهر موڪليندو هئس. ٻاهر آيس ته اهي سمورا پنا هڪڙي الڳ فائيل ۾ موجود هئا. ڪئين سال گذري ويا، ورهيه وهامي ويا، پر مون انهن پنن ڏانهن ورائي لنئوڻو ئي نه هنيو. ها، ڪجھه دوستن سان ناول جو ذڪرِ خير ضرور ڪندو رهيس. پر حقيقت هيءَ آهي ته آئون پاڻ ان ٻڏتر ۾ هوس ته هيءَ ناول ڇپائڻ گھرجي به ڪِ نه؟ يا وري ان کي مرڳهين ٽڀاڱوي ناول ڪجي ۽ هيءَ ان جي پهرئين حصي طور ڇپائجي؟ پر پوءِ نيٺ جڏهن مون ان ناول تي نگاهه وڌي ته پتو پيو ته هيءَ پنهنجي جوهر ۾ هڪڙو مڪمل ناول آهي ۽ ان کي الڳ ٿلڳ ئي ڇپائڻ گھرجي. گڏوگڏ اهو به اعتماد ٿيو ته ٻيلي ناول ايترو به وِيل ڪونهي ۽ ان کي هر حال ۾ پڙهندڙن سان ونڊڻ گھرجي. اهو سوچي دوستم حبدار گاڏهي سان هن ناول کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جي ڳالهه ڪيم ۽ هُن ڪتاب ڇپائڻ جي هامي ڀري. آئون تهه دل سان سندس ٿورائتو آهيان. برادرم آفتاب کوهاري جا به تمام وڏا وڙ، جنهن هن ڪم ۾ هٿ ونڊايو ۽ ان جي ڪمپوزنگ جي ذميواري پنهنجي سر مٿان کنئي. ساڳي ريت آئون سنڌيءَ جي جديد ۽ شاندار ليکڪ جناب اسحاق انصاري جو به شڪرگذار آهيان، جنهن پنهنجي تمام گھڻي مصروفيت جي باوجود منهنجي هجت کي مانُ ڏيندي هن ناول جو مُهاڳ لکڻ قبوليو ۽ تمام جلدي لکي ڏنو. گڏوگڏ ناول جي لاءِ ڪارائتا مشورا پڻ ڏنا.

    ناول سان مون ڪيترو نڀاءَ ڪيو آهي، ان جي فني پاسن سان ڪيئن ورتاءَ ڪيو اٿم ۽ ڪردارن سان ڪيتري قدر انصاف ڪري سگھيو آهيان؟ ناول جي ٻولي ڪيئن آهي، ان ۾ ڪيتري خوبصورتي آهي ۽ ان ۾ ڪيتري گهرائي آهي؟ مڪالما ڪيئن آهن ۽ ڪهڙو تاثر ٿا ڇڏين؟ ناول پنهنجي اڻت ۾ ڪيئن ٿو لڳي؟ اهي سڀ سوال نقادن ۽ پڙهندڙن جي حوالي ٿا ڪريون. باقي هِتي آئون رڳي هڪڙي ڳالهه ڪرڻ ٿو چاهيان. مون پنهنجي شاعري جي پهرئين ڪتاب “وِڄون اُتر واءَ” ۾ پنهنجي پاران لکيل ٻن اکرن ۾ لکيو آهي ته “... منهنجي لاءِ اِهو ئي ڪافي آهي ته شاعري منهنجي ٽيِن محبوبا آهي.” آئون چاهيان ٿو ته ناول کي به منهنجي محبوبن ۾ ليکيو وڃي. آئون ناول سان به ايتري ئي محبت ڪريان ٿو، جيتري شاعري سان ڪندو آهيان، جيتري پنهنجي جيئرين جاڳندين محبوبائن سان ڪندو آهيان.

    نواز خان زئور
    26 آڪٽوبر 2014ع
    ميرپور بٺورو، سنڌ.

    03003785331
    nkzaor@yahoo.com


    ناول

    (1)

    سيارو پنهنجي پوري جوڀن تي آهي. سيءَ چوي اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان. ٻاهر اتر اوتون ٿو ڏئي ۽ رکي رکي واءُ جا سرڙاٽ ڪائنات کي ڏڪائيندا ٿا وڃن. هو پنهنجي ڪمري ۾ سوَڙ ۾ ويڙهيو سيڙهيو ويٺو آهي. ٽيوب لائيٽ جي ٿڌي روشني ڪمري ۾ پکڙيل آهي. هو ڪتاب پڙهڻ ۾ ايڏو محو آهي، جو ٻي هر شئي کان بي نياز آهي. پوري ماحول تي ايئن چپ چپات ڇانيل آهي، جو لڳي ٿو ته هر شئي ڳڱاٽجي وئي آهي. انهيءَ چپ چپات ۾ اوچتو فون جي گهنٽي ايئن ٻُري ٿي اٿي، جيئن ماٺ جي سيني ۾ تير کپي وڃي. اوچتي آواز تي هُن ايئن ڇرڪ ڀريو، جو ڪائنات لڏي وئي،. هو ٿوري دير لاءِ خالي خالي نگاهن سان فون کي ڏسندو رهي ٿو. بعد ۾ اتان نظرون هٽائي پاسي واري ڀت تي لڳل گهڙيال ڏانهن اکيون کڻي ٿو. ذري گھٽ اڌ رات گذري وئي آهي ـــ گھڙيال جا ڪانٽا ٻارنهين کان اڳتي ٽپي هليا آهن. فون جي گهنٽي لاڳيتي ٻُري رهي آهي.... ٽِر.....ٽرِ.... ٽِر.....ٽرِ....! هو ڪتاب ٺپي رکي ٿو ۽ پاڻ کي سوڙ مان ڇڏائيندي ٿورو اڳتي سُري، ٻانهن وڌائي فون کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺي ٿو. “هينئر ڪنهن جي فون ٿي ٿي سگهي؟” ايئن سوچيندي هو رسيور کڻي ٿو وٺي.
    “هيلو!”
    پريان ڪو به آواز نٿو اچي.
    “هيلو!.....هيلو!.... پليز ڳالهايو!”
    موٽ ۾ هڪڙو ٿڌو ساهه الائي ڪيترا فاصلا طئي ڪندو هن جي ڪنن سان ٽڪرائجي ٿو. انهيءَ پل ئي پريان ڳالهايو وڃي ٿو- “هيلو!”
    سريلو عورتاڻو آواز هن جي ڪن ۾ رس ڀري ٿو- هلڪو، اداس ۽ ٿڌيرو آواز.
    “توهان کي ڪنهن سان ڳالهائڻو آهي!؟” هو کانئس پڇي ٿو.
    “توهان سان ڳالهائڻو آهي!”
    “مون سان؟” هو ٿورڙي اچرج وچان وراڻي ٿو.
    “ها توهان سان.” پَريان هلڪي ۽ اداس جلترنگ جهڙي آواز ۾ هورڙيان چيو وڃي ٿو.
    “معاف ڪجو، مون توهان کي سڃاتو ڪونهي.” ڌيرج ۽ مهذب پڻو سندس آواز ۾ لهي اچي ٿو.
    “سڃاڻپ جو ڪو الڳ وجود ڪونهي؛ اها سدائين اڻ ـــ سڃاڻپ مان پيدا ٿيندي آهي.”
    لفظ هن جي دل ۾ لهي وڃن ٿا. کيس لڳي ٿو ته ڪو نئون ناتو سرجي رهيو آهي ـــ ايئن جيئن ڪنهن موسيقار جي آڱرين ۾ سُر سِرجڻ لڳندو آهي.
    “توهان چپ ڇو ٿي ويؤ؟ ڳالهايو ڇو ڪونه ٿا؟ توهان کي ايئن منهنجو فون ڪرڻ نه وڻيو آهي!؟”
    “نه، نه. ايئن ناهي. دراصل توهان ڳالهه ئي اهڙي خوبصورت ڪئي، جو آئون ان تي سوچيندي لاجواب ٿي ويس.” هو وراڻي ٿو.
    “يا ڪٿي ايئن ته ناهي ته توهان ڪنهن اهم ڪم ۾ مصروف هجو ۽ مون توهان کي کوٽي ڪيو هجي!؟” هوءَ ٿورڙي ٻڏتر منجھان کانئس پڇي ٿي.
    “نه، اهڙي ڳالهه ناهي. رات جي هن پهر ۾ ڪنهن عورت سان ڳالهائڻ کان وڌيڪ سهڻو ڪم ٻيو ڪو ٿي سگھي ٿو ڇا!؟” هو شرارتي انداز سان ورندي ڏئي ٿو.
    پرئين پاسان ٽهڪ جي هلڪي گونجار ٿئي ٿي.
    کيس لڳو ته ٿوري دير اڳ ۾ ٻنهي پاسي حجاب ۽ اڻ سڃاڻپ جي جيڪا برف ڄميل هئي، سا انهي ٽهڪ جي گرمائش ۾ وگھري وئي.
    “توهان ته شاعرن جهڙيون ڳالهيون ٿا ڪريو!”
    سانوڻ کي جملي ۾ مرڪ جي خوشبو محسوس ٿي.
    “ڪو باذوق ڇوڪرو ۽ ڇوڪريءَ جڏهن به پاڻ ۾ ڳالهائيندا آهن ته شاعرن جهڙيون ڳالهيون پاڻهي ڄاڻهي ٺهي پونديون آهن. شايد انهيءَ ڪري به جو عورت بذاتِ خود شاعري آهي.” انهي جملي سان گڏ، موٽ ۾ هو به کيس مرڪ موڪلي ٿو، جيڪا نه ڏسندي به هن جي دل جھٽي وٺي ٿي.
    “واهه! ڪيڏي نه خوبصورت ڳالهه آهي...! مون کي خبر نه هئي ته جيڪو ماڻهو ٿوري دير پهريائين لاجواب بڻيل هو، اُهو اهڙيون سهڻيون ڳالهيون به ڪري سگھي ٿو.”
    “اڇا!”
    “جي ها.“
    ٻنهي جي وچ ۾ ويرم کن لئه خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي.
    “معاف ڪجو، مون توهان کان اڃا تائين توهانجو نالو نه پڇيو آهي. ڇا توهان پنهنجو نانءُ ٻڌائڻ پسند ڪندؤ؟”
    “سانوڻ.” هو ٺهه ڦهه جواب ڏئي ٿو.
    “ڏاڍو سهڻو نالو آهي. مائٽن رکيو آهي يا تخلص وغيرهه اٿو؟” جملي جو پويون حصو هوءُ آهستگيءَ سان ۽ ڇڪي ادا ڪري ٿي.
    “بلڪل ڇٺي جو نالو اٿم. تخلص وغيرهه ته شاعرن اديبن جا هوندا آهي. پاڻ انهي جنس مان ئي ناهيون.” هو کلندي جواب ڏئي ٿو.
    “ٺيڪ آهي بابا ٺيڪ آهي، سمجهي وياسين. پر اِهو ته ٻُڌو- سانوڻ سان مينگهه ملهارن ۽ وسڪارن جو تصور دماغ جي اُڀَ تي کنوڻيون بڻجي کنوي ٿو. سو توهان به مينگهه ملهار جهڙا ماڻهو آهيو يا مڙيئي نالي ۾ نهال-سانوڻ-آهيو!؟” هوءُ شرارت وچان کلندي پڇيس ٿي.
    “ماڻهو فقط محبت ۾ ئي مينگهه ملهار ٿي سگهندو آهي. نه ته حياتي رڳو نٽهڻ ئي نٽهڻ هوندي آهي.” هن جي آواز ۾ ڪا اڄاتي گهرائي ڀرجي ٿي اچي.
    “لڳي ٿو ته سائين جن فلسفيءَ به آهن.”
    “آئون فلسفيءَ هجان نه هجان، پر لڳي ٿو ته اوهان ماڻهو کي مکڻ هڻڻ جون ماهر ضرور آهيو.”
    “ڀليا آهيو ميان! هيءُ مکڻ جو نه پر ڊالڊا جو دؤر آهي.” ٻنهي پاسن کان بي اختيار ٽهڪڙا گونجن ٿا.
    “هڪڙي ڳالهه پڇان!؟”
    “ڀلي پڇو، جيءَ پڇو!؟”
    “توهان پنهنجو نالو ٻڌائي سگھو ٿيون!؟”
    “آ، ها، ها، ها!” هوءَ هڪڙو وڏو ساهه کڻي ٿي. “تڪڙ ڇو ٿا ڪريو؟ عورت سدائين آهستي کُلندي آهي. هڪڙي ڏينهن پڇڻ کانسواءِ ئي توهان کي پنهنجونانءُ ٻڌائي ڇڏينديس. ٺيڪ آهي؟ يا ناراض ٿيا آهيو؟”
    “نه، آئون ناراض نه ٿو ٿيان. ٺيڪ آهي، جيئن توهان جي مرضي. اسين مسڪين ماڻهو ڀلا ڇا ٿا ڪري سگهون؟”
    “توهان رڳو اهو ڪريو جو ناراض نه ٿجو!”
    “ٺيڪ آهي بابا، نه ٿينداسين. بس نه!”
    گهڙي پلڪ لاءِ ماٺ ڪمري ۾ڌوڪي اچي ٿي ۽ رات وڌيڪ گهري ٿي وڃي ٿي. هو اتي ويٺي ويٺي ئي هٿ وڌائي پاسي واري دري کولي ٿو. اتر جي هوا زوزاٽ ڪري کيس ويڙهجي وڃي ٿي. کانئس سوساٽ نڪري وڃي ٿو. هو هڪدم دري بند ڪري ٿو ڇڏي.
    “ڇا ٿيو!”“ پريان پڇيو ٿو وڃي.
    “دري کوليم ته ٿڌي هوا آئي آهي. اصل پارو پيو پوي. ان ڪري جسم مان سيسڙاٽ نڪري ويا آهن. ”
    “اڇا!” هوءَ کِلي ٿي پوي.
    ڳالهڙين جي ڏور کُلي ٿي ته وري سِگهي ويڙهجي ڪانه ٿي. هو ڳالهائيندا ٿا وڃن. راتڙي رڙهندي ٿي وڃي.
    “آئون ويلي اويلي فون ڪري توهان جي ننڊ ڦٽايان ته توهان کي خراب ته ڪونه لڳندو؟” هوءَ سانوڻ کان پڇي ٿي ويهي.
    “نه، بلڪل نه. توهان جيڏي مهل به چاهيو بنان جهجهڪ جي مون کي فون ڪري سگهو ٿيون. بلڪِ مون کي توهان جي فون جو انتظار رهندو.”
    ٻيهر ڳالهائڻ جي انجام تي جنهن مهل هو فون بند ٿا ڪن، رات باقي ڪو پهر کن وڃي بچي ٿي. هو ڪتاب بند ڪري ٽپائي تي ٿو رکي ۽ سمهڻ جي سنبت ڪندي هنڌ کي ٺيڪ ڪري ٿو. هو پاڻي جو گلاس پيِ هنڌ تي ليٽي ٿو ته کيس پنهنجي دل خوشي سان ٽٻٽار محسوس ٿئي ٿي. هوريان هوريان سندس اکڙين جي ماٿري ۾ ننڊ لهي ٿي اچي.
    * * *


    (2)

    اڪيلائي جتي وڏي نعمت آهي، اتي اُها هِن دنيا جو شايد سڀ کان وڏو عذاب به آهي. اها اڪيلائي ئي آهي، جنهن صوفين، درويشن، بزرگن، اوليائن، رشين، اوتارن، پيغمبرن، مفڪرن، فيلسوفن ۽ تخليقڪارن کي نين دنيائن سان آشنا ڪيو، دل جون اکيون عطا ڪيون، پاڻ سڃاڻڻ جي ساڃاهه بخشي ۽ خدا کي سڃاڻڻ جو وجدان ڏنو. ڪنهن پٿر جي اوٽ هجي، ندي جو ڪنارو هجي، گهر جي هيڪلي ڪنڊ هجي يا پپر جي ڇانو هجي- جتي به اڪيلائي جي سڳنڌ پکڙيل رهي ٿي، اتي غور فڪر، الهام، وجدان، ساڃاهه ۽ عشق جون نيون دنيائون آباد ٿين ٿيون. اڪيلائي تخليقڪاري آهي. اڪيلائي پيغمبري آهي. اڪيلائي نرواڻ آهي. پر ڇا ڪجي؟ هي دنيا ته ويچارن عام ماڻهن جي دنيا آهي. سادا، ماندا، اٻوجهه ۽ اٽي، لٽي، اجهي ۽ محبتن جا طالبو عام ماڻهو. اڪيلائي کين اڻيهئي ماندو ٿي ڪري. انهن لاءِ اڪيلائي اداسي آهي؛ اڪيلائي ڊپ آهي. ان ڪري اهي سدائين ڪنهن ساٿ لاءِ واجهائين ٿا؛ وصال لاءِ واجهائين ٿا. وصال، جيڪو سدائين ويراڳ کي ڄڻيندو آهي. ويراڳ.... ويراڳ..... ويراڳ.......!! ڪائنات جي چئني ڪنڊن کان ويراڳ هر پل وسندو رهي ٿو. ويراڳ اڪيلائي جي علت آهي، ويراڳ اڪيلائي کي جنمي ٿو ۽ اڪيلائي وري اداسي، پيڙا، ڏک ۽ ڪَرب کي جنم ٿي ڏئي. هڪڙو مسلسل عذاب؛ هڪڙي نه اجهامندڙ آڳ. ويچارن عام ماڻهن جا جيئڙا اڪيلائي جي انهي آڳ ۾ جلندا رهن ٿا، جلندا رهن ٿا. هي اهڙي آڳ آهي، جيڪا اجهامي نه ٿي اجهامي. بس، اجهاميو ٻري ٿي ۽ ماڻهو نه جيئي ٿو، نه مري ٿو. ان سڙاند ۾ ڪوبه سڪون ڪونهي. پر ان ۾ موت به ڪونهي. پر جي موت آهي، ته اهڙو آهي جيڪو ماري نٿو، بس رڳو ڏيکائي ڏيندو ٿو رهي- ڪنهن ڪنهن مهل ماڻهو جي شاهه رڳ کي ڇهي وري هٿ هٽائي ٿو وٺي. ماڻهو مرڻ لاءِ اکيون پوري ٿو ۽ پاڻ کي موت جي هنج ۾ اڇلائڻ لاءِ تيار ٿئي ٿو ته موت پٺتي هٽيو وڃي. اکيون کلن ٿيون ته ماڻهو پاڻ کي وري جيئرو ڏسي ٿو ۽ کيس حيرت ٿئي ٿي پنهنجي جيئري هجڻ تي. انهيءَ پل اڪيلائي هلي وڃي ٿي، موت به هليو وڃي ٿو- رڳو عذاب رهجيو وڃي. ماڻهو جي پنهنجي وجود جو عذاب. عذاب جي انهيءَ درياهه ۾ گوتا کائيندي ماڻهو ڪک پن ۾ به هٿ وجهي ٿو ـــ متان ڪنڌيءَ لائي وجهي. وجود جي انهي عذاب جي درياهه ۾ فون به هڪڙو ڪک پن ئي آهي، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن ٻڏندڙ کي واقعي به ڪنڌي لايو وجهي.
    اڄوڪي رات به اهڙي رات هئي. اڪيلائي جي رڻ ڀري رات، وجود جي عذاب ڀري رات، زهر ڀري رات. جنهن ۾ اداسي موت وانگر ڪنول جي سر مٿان چڙهي بيٺي هئي. پر عذاب ۽ ڪرب جي انهي درياهه ۾ گوتا کائيندي، هن پنهنجي بچاءُ ۾ ڪک پن لاءِ هٿڙا هنيا ۽ کيس فون جو ٻُوڙو هٿ چڙهي ويو. ان ٻُوڙي جي سهاري تار ۾ ترندي، ڳالهڙين جي ڇولين کيس هينئر ڪنڌي تي اچي اڇلايو هو. ٿوري دير پهرين هوءَ صفاساڻي هئي، ماندي هئي، موت جي مُنهن ۾ هئي. خلا ۾ ڪنهن ٽٻڪي وانگر بي وزن هئي- ڄڻڪ منجهس ساهه ئي ڪو نه هئو. پوءِ اوچتو الائي ڪيئن الائي ڪهڙي طرح هوءَ بستري تان اٿي فون تائين پهتي. پر هن بيخياليءَ ۾ ته بار بار پنهنجو ئي نمبر پئي گهمايو. نمبرن تي هٿ هلائيندي سندس آڱر هڪڙي ٻئي انگ کي ڇهيو. پَريان گهنٽي وڄڻ لڳي. اهو آواز کيس وڻيو ۽ ڪجهه ساعتن پڄاڻان هڪڙو ٻيو آواز سندس ڪنن سان ٽڪرايو- مرد جو آواز. رڳو ڪنن سان ئي نه، ڪڏهن ڪڏهن عورت مرد جو آواز پنهنجي پوري وجود سان ٻڌندي آهي- ۽ جڏهن هن جو پورو وجود ٻڌڻي ٿي ويندو آهي ته هوءُ ان کان لنوائي نه سگهندي آهي. سانوڻ جي ڳالهين به سندس پوري وجود کي وڏڦڙي وانگر ڌوئي ڇڏيو هو- ۽ ٿوري دير اڳ تائين جيڪا اڪيلائي ۽ اداسي جي لٽ مٿس چڙهيل هئي، اها لهي ويئي هئي. هينئر هوءُ ڪينجهر جي ڪؤنر وانگر ڌوتل پوتل هئي، نوريءَ جي اک وانگر شفاف، اجري ۽ گهري بڻجي پيئي هئي ۽ ڪينجهر جيئن ماٺيڻي ۽ سانتيڪي هئي- اوجل، نرمل ۽ پرسڪون.
    هن رسيور رکڻ کانپوءِ فون کي ڏاڍي پيار سان ڏٺو - ۽ جنهن مهل هوءَ سمهڻ لاءِ پنهنجي هنڌ ڏانهن مڙي ته سندس اندر ۾ اڄاتيِ سَرهائي جون گهنڊڻيون پئي وڳيون ۽ سندس وجود هوا کان هلڪو ٿي پيو هو.
    * * *


    (3)

    سانوڻ جي جنهن مهل ننڊ مان اک کلي، ان مهل سندس گهر جي اڱڻ تي ڪچڙي منجهند لهي آئي هئي. هن پڙدو هٽائي دري کولي ته کيس ڏينهن ڏاڍو وڻندڙ محسوس ٿيو. اجري اجري اُس سندس نگاهن کي ڏاڍي ڀلي لڳي. ماڻهو جي اندر جي موسم باغ بهار هجي ته ٻاهر سڀ ڪجهه ڏاڍو خوشگوار ٿي پوندو آهي. هو ٿوري دير لاءِ دري وٽ بيٺو رهيو.
    هيءَ اُها ئي دري هئي، جنهن مان رات اتر جي هوا رومڙ ڪري اندر آئي هئي ۽ سندس بت مان سيسڙاٽ نڪري ويا هئا. هينئر انهي ساڳي دري مان روپهري اُس اندر اچي رهي هئي. اُس- جنهن ۾ ڪنهن ڪنواري جسم جهڙي جادو ڀري گرمائش هئي- سندس لڱن کي ڏاڍي پيار سان ڇهيو. هن کي اهو سڀ ڪجهه روزاني کان وڌيڪ ڀلو لڳو. اُتي بيٺي بيٺي ئي راتوڪيون ڳالهڙيون سندس هينئڙي تي هُري آيون. مرڪ سندس چپن تي هٿڙا ڦيريا ۽ سرهائي جي آڱرين سندس دل ۾ ڪتڪتايون ڪڍيون. هن جو اندر وڻندڙ احساسن جو هندورو ٿي ويو.
    هيءَ چار چؤنڪ ڳالهڙيون به ڪيڏي نه عجيب شئي آهن! عورت جي آواز ۾ اها ڪهڙي ڪشش آهي، اها ڪهڙي ڇڪ آهي، اهو ڪهڙو جادو آهي، جيڪو هنن چار چؤنڪ ڳالهڙين کي جڳمڳ جڳمڳ جرڪايو ٿو ڇڏي؟ هونئن ته ماڻهو سبب بي سبب هر وقت ڳالهائيندو رهندو آهي؛ سندس زبان ڪُتر جي مشين وانگر هر ويل هلندي رهي آهي، جنهن مان لفظ ڇڻندا جملن جا ڍڳ ڪندا رهندا آهن. ڳالهيون- اجايون، بيڪار، فضول ۽ بي معنيٰ ـــ جن جو ڪوبه انت ڪونهي، ڪوبه ڇيڙو ڪونهي. بي مقصد، پر اٿاهه ڳالهيون! ماڻهوئڙا انهن ڳالهين جي ڳهر ۾ جيئنِ ٿا. پر انهن ڳالهين ۾ ڪو سڪون ڪونهي، ڪو موهه ڪونهي. جيڪس انهيءَ ڪري ئي ماڻهو اهي سڀ ڳالهيون پل ۾ ئي وساري ٿا ڇڏين. ماڻهو هڪ ئي پل ڳالهائين ٿا، هڪ ئي پل ٻُڌن ٿا- پر اهو سڀ ڪجهه انهيءَ ساعت ئي وساري ويهن ٿا. جيڪو ڳالهايو ويو، اهو به وسري ويو. جيڪو ٻڌو ويو، اهو به وسري ويو. ويسر انسانن جي گڏيل ميراث آهي. تنهن هوندي به ڪي ڳالهڙيون اهڙيون هونديون آهن، جيڪي کيس وسري نه وسرنديون آهن. “اهي ڪهڙيون ڳالهڙيون آهن؟” سياري جي هن وڻندڙ پهر ۾ دريءَ وٽ بيٺي سانوڻ جي ذهن ۾ اهو سوال اڀريو يا ڪونه اڀريو؟ ڪيئن چئجي؟ جو ان مهل سندس ذهن ۾ پري پري تائين به ويسر جو پاڇو ئي ڪو نه هو. فقط هڪڙي سار هئي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته جيڪي ڳالهيون ماڻهو کي وسري نه وسرنديون آهن، سي اهي هونديون آهن، جيڪي ماڻهو جي اندر مان ڦٽي نڪرنديون آهن، جيڪي ٻه نوجوان دليون هڪٻئي سان ڳالهائينديون آهن، جيڪي نوجوان مرد ۽ عورت جي من جون تارون ڇيڙي وينديون آهن، ۽ جن مان احساسن جا گيت ٻُري اٿندا آهن- ازلي ابدي گيت، محبت جا گيت، انوکا ۽ نرالا گيت. جيڪي ڪڏهن ڪڏهن بنان ساز ۽ آواز جي به ٻُري اٿندا آهن ۽ دليون انهن کي جهٽي وٺنديون آهن.
    دري وٽ بيٺي سانوڻ جو من به راتوڪين ڳالهڙين سبب مسحور هو. هو ڳپل وقت تائين اتي بيٺو رهيو. سج جا ڪرڻا ساڻس هلڪي ڦلڪي کيچل ڪندا رهيا. واءُ جي ٿڌڙن جهوٽن کيس فرحت پئي ڏني ۽ ڏينهن جي دلربائي رات جي ڳالهڙين جو ريشمي پهراڻ پائي وڌيڪ دلڪش ٿي پيئي هئي. خلافِ معمول ايئن پئي لڳو، ڄڻ هو اتان هٽڻ ئي نه چاهيندو هجي. پر اوچتو سندس خيالن جي ڌارا ٽٽي پيئي. ٻاهران ڪير زور سان سندس گهر جو ڪڙو کڙڪائي رهيو هئو.
    *
    سانوڻ جيئن ئي در کوليو ته ٻاهر منصور کي بيٺل ڏٺائين. ٻيئي ڄڻا ڀاڪرن ۾ ٻکجي ويا. گهر ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان ٻيو ڪير به ڪو نه هو. ان ڪري سانوڻ منصور کي اندر سڌو پنهنجي ڪمري ۾ وٺي آيو. هن جهان جو اهو عجيب ڪار وهنوار آهي ته ڪڏهن ڪڏهن پنهنجون شيون به پنهنجون ڪونه هونديون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن پرايون شيون به پنهنجون لڳنديون آهن. سو حقيقت ۾ هيءَ گھر سانوڻ جو پنهنجو گھر نه هوندي به پنهنجو هو. هن گھر ۾ رهندي کيس ٻارنهن سال ٿي ويا هئا. هِتي ئي سندس ٻالڪپڻو اڳتي وڌي الهڙپڻي ۾ داخل ٿيو. هِتي ئي کيس مڇن جي ساول آئي، هِتي ئي کيس ڏڙهي جي رِهه لٿي، هِتي ئي سندس منهن تي موهيڙا ڦلاريا ۽ هِتي ئي مٿس جُواڻي جي بهار لٿي- ۽ هاڻي هِتي ئي سندس زندگي جي پهرين محبت، الائي ڪٿان الائي ڪيئن الائي ڪهڙي، پر هن جي دل جو دروازو کڙڪائي رهي هئي. هن جو ذهن هيڪر وري ان پاسي لڙي ويو ته رات ڪجهه دير لاءِ محبت کيس اوچتي ڏيکائي ڏئي واپس هلي وئي هئي- جيڪس ٻيهر موٽي اچڻ لاءِ. سندس ذهن تي اڃا راتوڪا خمار ڇانيل هئا.
    “ڏاڍا خوش پيا لڳو!” منصور کيس سَرهو ڏسي کانئس پڇي ويٺو.
    “ماڻهو کي هر وقت خوش رهڻ گھرجي. خوش رهڻ سان ڄمار وڌي ٿي.” سانوڻ خوشي جو سبب بيان ڪرڻ بدران خوشيءَ جي خاصيت بيان ڪئي.
    “مون خوشي جو ڪارڻ پڇيو هو.” منصور ڳالهه تي ڳت ڏني.
    “خوشي پنهنجو ڪارڻ پاڻ آهي. هڪڙي متوازن ۽ چڱي ڀلي ماڻهو جي اندر ۾ اها پاڻهي ڄاڻِي ڦٽي ٿي. ان لاءِ هروڀرو ڪنهن ٻاهرين مهميز جي ضرورت نه هوندي آهي.” سانوڻ ايئن سئولو ڦاسڻ وارو نه هو. “ٻيو ته منصور ملي ۽ آئون خوش نه ٿيان، ايئن ٿي سگھي ٿو ڇا؟” هن مرڪندي ڏاڍي پنهنجائپ مان وراڻيو.
    جيتوڻيڪ هو عمر جي ان حد ۾ هو، جنهن ۾ جذبا مُنهن زور هوندا آهن ۽ ماڻهو جذبن- وهيڻو هوندو آهي. ان ڪري ڪا به ڳالهه اندر ۾ ٽِڪي نه سگهندي آهي. پر سانوڻ ۾ الائي ڪٿان ايترو ضبط اچي ويو هو، جو هن پنهنجي ويجھي ۾ ويجھي دوست کي به راتوڪي مامري جي ٻاٻور پوڻ نه ڏني. شايد اها گهرائي کيس ماءُ پيءَ کان وراثت ۾ ملي هئي. پڻس زماني جو ماڻهو هو. سندس ماءُ لوڪ ڏاهپ جي ڀنڊار، سگهڙ ۽ اباڻين روايتن ۽ قدرن جي پاسدار. سندن گهر ڪنهن گهاٽي وڻ وانگي ڇانودار ۽ ڦلدار ڀاسندڙ-آيلن لاءِ آڌار، مسڪينن لاءِ سهارو، بي واهن لاءِ واهر. هن جي رت ۾ ٻهراڙيءَ جي وضعداري ۽ گهرائپ جا هزارين سال رلمل هئا. سانوڻ جي ذهانت ۽ گهرائي جو پسمنظر اِهو ئي هو؛ ۽ حاضرجوابي ۽ خود اعتمادي کيس شهري زندگي جي عطا ڪيل هئي. شهري زندگي به پڻس جي چاچاڻي ۽ سئوٽاڻي آڪهه مان سوين سالن کان ساڻن گڏ هلي رهي هئي. انهي ئي آڪهه ۾ سندس پڦي جو پرڻو ٿيل هو. هي سندس انهي پڦي جو گھر هو. جنهن۾ رهندي کيس ڀريا ڀڪليا ٻارنهن سال اچي پورا ٿيا هئا. ڦُڦي ۽ پُڦڙ کيس ماءُ پيءُ بڻجي پاليو هو ۽ اهي هن لاءَ ابو امان هئا. کيس ڪڏهن به هتي ڪو فرق ۽ کوٽ محسوس نه ٿي. هي گهر هن جو پنهنجو ئي گهر هو.
    منصور کيس هوڏ تان نه لهندي ڏسي ڳالهه کي ڦيرائڻ لاءِ کانئس پڇيو ته “گهر وارا ڪيڏانهن ٻاهر ويل آهن!؟”
    “ها، ڪجهه ڏينهن لاءِ ڳوٺ ويا آهن”. سانوڻ کيس جواب ڏنو.
    “ پوءِ ڀلا اسان جي خذمت چاڪري ٿيندي؟- ڪا چانهه پاڻي، ڪا ماني ٻاني؟ يا سکڻي پيٽ تي واپس وڃڻو پوندو؟” منصور روايتي هُجت وچان وراڻيو.
    “تون ويهه. آئون وهنجي وٺان ته سڀ ڪجهه ٿي ويندو.”
    “ٺيڪ آهي سائين. پاڻ ٽي وي ٿا ويهي ڏسون. توهان جلدي وهنجي سهنجي تيار ٿي وٺو. پاڻ کي ٻاهر به هلڻو آهي. کوڙ سارا ڪم آهن، سنگت ساٿ سان به ملڻو آهي.”
    “بس، اصل جھَڙي ٿو وٺان.” ايئن چئي سانوڻ سنان خاني جو رُخ ڪيو ۽ ٿوري دير کانپوءِ گرم ٽوال سان وار اگهندو ٻاهر نڪتو. پائونڊر، سينٽ ۽ سينڌ ڦڻي کان واندو ٿي جلدي ۾ چانهه جا ٻه ڪوپ ٺاهي آيو. ماني لاءِ اهو طئي ٿيو ته اها سندن گڏيل دوست همير وٽ کائبي. ان سلسلي ۾ اتي ويٺي ئي سانوڻ فون تي همير کي اطلاع ڏنو ته هو ٻيئي ڄڻا مانجهاندي ڪرڻ لاءِ ٿوري دير ۾ ئي وٽس پڄڻ وارا آهن. ان ڪري ڪو زبردست قسم جو اهتمام ڪري وٺي.
    *
    سانوڻ ۽ منصور جنهن مهل همير جي گهر پهتا ته کين گهنٽي وڄائڻ جي ضرورت محسوس ڪا نه ٿي. همير سندس اوسيئڙي ۾ اڳواٽ ئي در تي اڀي پيرين بيٺو هو- سندن آجيان لاءِ. ساڻن وڏي هيج منجھاران ڳلي ملي هن ويهڪ جو ٻاهريون دروازو کوليو. ٿوري دير ۾ ئي ماني لڳائي وئي. جيڪا هنن بنان حجاب جي ڳُتي کاڌي. هونئن به ٽيئي پاڻ ۾ بي حجاب ۽ تمام گھاٽا دوست هئا. سانوڻ ته، جيئن ئي سندس گھر وارا ڳوٺ ويا هئا، مانجھاندو توڙي سانجھاندو ڪنهن نه ڪنهن دوست وٽ ڪندو هو. باقي نيرن هو پاڻ ئي ٺاهي وٺندو هو. پر رڳو هنن ڪجھه ڏينهن دؤران ڇو، هو هميشه ويلي اويلي سنگت ساٿ وٽ کائيندو پيئندو رهندو هو. هونئن به جيڪي ماڻهو کارائڻ جا مڙس ماڻهو هوندا آهن، اهي کائڻ ۾ به مَلهه هوندا آهن. سو سانوڻ ۽ همير توڙي منصور لاءِ اها معمول جهڙي ڳالهه هئي. هو ان قسم جي هجتن کي ليکيندا ئي ڪو نه هئا. سندس دلين جيان سندن دسترخوان به سدائين ڪشادو ئي رهندو هو.
    مانجهاندي کانپوءِ اِلهِي ساري وقت تائين سندن وچ ۾ ڪچهرو متل رهيو. منصور ٻن مهينن کانپوءِ ڳوٺان واپس حيدرآباد آيو هو، ان ڪري کانئس ڍير سارا حال احوال ورتا ويا. ٽنهي ڄڻن جيءَ ڀري ڪچهري ڪئي. ڏينهن ٿورو لڙيو ته ٽنهي ڄڻڻ اتان ڪوچ ڪيو.
    همير جي ڦٽڦٽي تي هو حيدرآباد جي رستن تي گھمندا رهيا. تلڪ چاڙهي، ريشم ڳلي، گاڏي کاتو، حيدرچؤنڪ، گول بلڊنگ، ٿڌي سڙڪ، راڻي باغ. ايئن دير تائين هو شهر جي رستن تي وڙڪندا رهيا. هڪ ٻن ٻين دوستن وٽان به ڀيرو ڪيائون. تان جو حيدرآباد جي مست، مڌماتي ۽ نيري شام شفق جي سرخ چنري سان ڍڪجي وئي ۽ ڪائنات تي ڪچڙي جواني جهڙي سانجهي لهي آئي. وقت ٻه ٽي وکون اڃا اڳتي وڌايون ۽ رات جوان ٿي وئي. هو واپس همير جي گهر پڳا، پيٽ پوڄا ڪيائون. ڪجهه پلڪ رس رهاڻ ٿي. ڊاڙا ٺڪاءَ ۽ ڀوڳ چرچا ٿيا. سانوڻ واپس گهر موٽڻ لاءِ اٿيو. منصور کي همير ٻانهن مان جهلي ويهاري ڇڏيو. جنهن ڪري هو اُتيئي ٽڪي پيو.
    *
    جيتوڻيڪ دوستن سان گڏ سانوڻ جو ڏينهن انتهائي مصروف گذريو هو، پر پوءِ به راتوڪي واقعي جو اثر سندس ذهن تي ٽِڪَ ٻڌيو بيٺو هو. سڄي ڏينهن جي ڀڄ ڊڪ، هل هنگامي، وندر ورونهن، ڪچهرين ۽ ٽهڪن جي وچ ۾ رکي رکي ڪو سهڻو آواز سندس سماعتن سان ٽڪرائجي پڙلاءُ ڪري ٿي ويو. هوءَ کانئس مڪمل طور تي وسري نه سگھي. البت هن پنهنجن دوستن کي ڪابه اؤنت ڪانه ڏني. هو سنگت جي حلقي ۾ ڪجھه دوستن جي حشر کان اڳواٽ ئي واقف هو. اڃا ڇهه مهينا اڳ جي ڳالهه آهي، جو ولڻ ۽ ڏاڙهون رازداراڻي انداز ۾ ڦاٽ کائيندي پنهنجن ٻن ٽن تمام گهرن ۽ حال محرم دوستن سان شبنم ۽ شمائلا جي سونهن جي وڏي واکاڻ ڪئي هئي. ولڻ ته فقط ساراهڻ تائين محدود رهيو، پر ڏاڙهون ٿورو اڳتي وڌندي اهو چيو ته “ڇوري ته ناهي، سڌو هانءَ ۾ هٿ ٿي وجهي!” ٻنهي ڄڻن اهو فقط هڪڙي ڀيري، سو به نهايت آهستي ۽ رازداراڻي انداز ۾ اظهاريو هو. مٿان اها دوستاڻي تلقين به ڪيائون ته ان ڳالهه کي ٻئي ڪنهن سان اورڻ بدران دل ۾ رکيو وڃي. پر پوءِ ٿيو ايئن جو ڳالهه هوائن ۾ هُلي وئي- ان حد تائين جو شبنم ۽ شمائلا تائين وڃي پهتي. ڇوڪريون ان ڳالهه کي سخت ناپسند ڪنديون آهن ته ڪير انهن کي چاهي- ۽ ان ڳالهه جي خبر انهن کي چاهيندڙ بدران ڪنهن ٻئي واتان پوي. ڇوڪريون به هرڻين وانگر ٽاهڙ ٿينديون آهن. جيڪڏهن ڪائي هرڻي پهريان ئي شڪار ي کي ڏسي وٺي ته پوءِ اهڙا ڇال هڻندي جو نشاني وٺڻ جي نوبت ئي اچڻ نه ڏيندي. وقت کان اڳ محبت جو اظهار ڪرڻ به ايئن آهي، ته اظهار کان اڳ محبت جو ڍنڍورو ڏيڻ به ايئن ئي آهي. وات ڦاٽوڙا هلڪڙا عاشق هميشه نامراد رهندا آهن. سو ڏاڙهون ۽ ولڻ سان به ايئن ئي ٿيو هو. هنن کي عشق ۾ ته ڪجهه به پڙ نه پيو، البت رسوائي ۽ دوستن جي کِل ضرور پلئه پيئي. کِل به اهڙي جو جيئن ئي منهن لڪائي ڀڳا ته وري واپس نه وريا. سانوڻ انهن جي انهيءَ حشر کان واقف هو. تنهنڪري صبح جيئن ئي منصور کانئس خوش هجڻ جو پڇيو ته هو کانئس لنوائي ويو هو ۽ انهي گهڙي فيصلو ڪري ورتائين ته هو دوستن کي ايئن مَنجھه نه ڏيندو. مَنجھه ڏيڻ معنيٰ هارائڻ- ۽ هن محبت ۾ هارائڻ نه ٿي گهريو.
    هو سڄو ڏينهن دوستن سان گڏ هو. انهن سان رس رهاڻيون ڪيائين. ڪيئي اوڀاريون لهواريون ٿيون. ڇوڪريون، محبتون، عشق، نوان اسڪينڊل- ڪيترائي موضوع سندن وچ ۾ نڪتا. هن پاڻ به دنيا جهان تي ڳالهايو؛ پر نه ڳالهايو ته راتوڪي ڪٿا تي نه ڳالهايو. هو پنهنجو راز بچائي ويو. اهڙو راز، جيڪو پهاڙ جيڏو ڳرو هوندو آهي، جيڪو نه چاهيندي به زبان تي بي اختيار اچي ويندو آهي، جيڪو بچي نه بچندو آهي. هو اهو راز بچائي آيو هو، ان ڪري جنهن مهل دوستن کان موڪلائي اڪيلو ٿيو ته ڏاڍو خوش هو. هو ايڏو خوش هو، ڄڻ ڪا وڏي کيپ کٽي هئائين.
    *
    هن سانوڻ سان ٻيهر ڳالهائڻ جو انجام ضرور ڪيو هو، پر ان سلسلي ۾ هن کيس ڪو مقرر وقت ڪو نه ڏنو هو. تنهن هوندي به هو جيئن ئي پنهنجي گهر پهتو ته انتظار چپ چاپ ٻنڀو ٽپي سندس من ۾ هليو آيو- انتظار ڪنهن رسيلي آواز جو، چنچل ٽهڪڙن جو، ڳهريلين ڳالهڙين جو. هن ٻڏتر ڀرين نظرن سان فون کي ڏٺو. عجيب اڻتن سندس اندر ۾ اچي خيما کوڙيا هئا. کيس هڪڙي دل چيو ته هوءُ فون ڪندي، ٻي دل چيو ته نه؛ هوءَ ايڏي جلدي فون نه ڪندي. کيس ننڊڙي قربان ڪرڻي پوندي ۽ ويلي اويلي فون جي هر گهنٽي تي ڇرڪي ۽ تڙپي اٿڻو پوندو. عشق هزارين آزمائشون آهي. اڻ-ڏٺو عشق ته اڃان وڌيڪ مشڪل آهي. هي ڳڀروئن جي راند ناهي، جو هڪ سَٽ سان پار پئجي وڃجي. هي اوسيئڙي، اڻتڻ، وسوسن ۽ آزمائشن جو عميق ساگر آهي، جنهن ۾ هر لحظي ٻڏڻو ۽ ترڻو پوندو آهي. جنهن بي صبري ڪئي ۽ اميد جو دامن هٿان ڇڏيو، اهو هن سمنڊ ۾ جالي نه سگهيو. جنهن غواصن وانگر گوتا کاڌا، سو هر گوتي سان مٿي اڀريو ۽ هٿڙا هڻي آخرڪار وصال جي ساحل تي وڃي پڳو. نامراد آهن اهي، جيڪي بي صبرا، هلڪڙا ۽ اؤنٿرا ٿيا. پر جن اوسيئڙي جي پيڙا ۾ پڄرندي اميد جي ڏياٽي پنهنجي من ۾ روشن رکي، اهي پنهنجيءَ مراد کي پهتا.
    *
    سانوڻ اهو بخوبي سمجهيو پئي. جيتوڻيڪ نه هن جي ايڏي عمر هئي ۽ نه ئي تجربو؛ ۽ نه ئي وري هُن هِن کان پهرين ڪو عشق ڪيو هو. البت هن پنهنجي آسپاس ٿيندڙ عشقن جا تمام ويجهڙائي سان مشاهدا ضرور ڪيا هئا. هو پنهنجن دوستن جي ڪاميابين ۽ ناڪامين، ڳوڙهن ۽ ڳالهڙين، آهن ۽ آزين، وصالن ۽ وڇوڙن جو وڏي حد تائين اکين ڏٺو شاهد هو. ڪجهه ڇوڪرين سان به سندس تمام ويجهي دوستي رهي هئي. اهي هن کي ڀائينديون هيون، مٿس ويساهه ڪنديون هيون. ان ڪري ڪافي حد تائين هي سندن رازن جو شريڪ هو. هنن ساڻس دنيا جهان جي هر موضوع تي بحث مباحثا ڪيا هئا. الهڙ ڇوڪرين کان وٺي ٽيهن جي پيٽي ۾ پهتل عورتن تائين انهن سڀني پنهنجي من کي سندس اڳيان اٿلايو پٿلايو هو. انهيءَ ڪارڻ هو عورتن جي نفسيات جي ڪيترن ئي گوشن کان چڱيءَ پَر واقف هو. شايد انهي ڪري ئي ڪنول سان ڳالهين جي پهرين ڳنڍ ۾ ئي سندس دل ۾ محبت جي گهنڊڻي وڄي پيئي هئي. اهو پهريون ڀيرو هو، جو ڪنهن اڻ ڏٺي عورت جي آواز کيس اهڙي نموني پريشان ڪيو هو. هن عورتون ته ڪيتريون ئي ڏٺيون هيون، ڄاتل سڃاتل ۽ سهڻيون عورتون- جن مان ڪي کيس وڻيون به هيون ۽ ڪي سندس دوستِ رهيون هيون. هن انهن سان مُنهان منهن توڙي فون تي ڪيترائي ڀيرا ڳالهيون ڪيون هيون. پر انهن مان ڪنهن به کيس ايئن پريشان نه ڪيو هو. هن پريشاني مان هڪ دفعو وري فون ي نگاهه وڌي. فون بلڪل خاموش هئي- پٿر وانگر. منجهس ڪو به ساهه ڪو نه هو. هن کي لڳو ٿي ته اجها گهنٽي وڳي ۽ اجهو هن ۾ ساهه پيو. جيتوڻيڪ هن جي منطقي ذهن ۽ عقل اندر مان اهو ئي آواز ڏنو هو ته هن جي فون گهٽ ۾ گهٽ ٽن چئن ڏينهن تائين نه ايندي؛ ان ڪري هي اڻتڻ فضول آهي. کيس بيچيني سان انتظار ڪرڻ بدران ٿهرم ۽ سڪون کان ڪم وٺڻ گهرجي. هوءَ فون ضرور ڪندي، پر ان لاءِ انتظار ڪرڻو پوندو. انتظار!!! هن پنهنجي ذهن جي صدا کي سمجھيو پئي، پر ڀلا ڪڏهن ايئن ٿيو آهي ته جتي انتظار هجي، اتي پيڙا نه هجي!؟ انتظار ته آهي ئي پڄرڻ جو نالو، پيڙا جو نالو. ان ڪري اتي پڄي ذهن جا دليل دنگ ٿي ٿي ويا. اتان کان اڳتي انهن جو ڪو به ڪم نه هو. هونئن به عشق ۽ اوسيئڙو سدائين دليل کان ماورا رهيا آهن. سو سانوڻ جي دماغ جا دليل کيس هن اڻتڻ مان ڪڍي نه سگهيا. هن جو الميو ته اهو پڻ هو ته هو بيوسي جي عالم ۾ ڦاٿل هو. هن کي انتظار فون جو هو. فون وٽس موجود هئي. پر کيس ته اها خبر ئي ڪانه هئي ته هو فون ڪري ته ڪهڙي نمبر تي ڪري؟ ڪنول کيس سندس نمبر نه ٻڌايو هو، ۽ وري وٽس ته اسڪرين وارو فون سيٽ به ڪونه هيو، جنهن تي هو هُن جو نمبر ڏسي سگھي ها. هو فون جي ڏَسڻي کڻي سڄي شهر جا نمبر گهمائي فونون کڙڪائي ها، پر کيس ته اهو به پتو ڪونه هو ته کيس ڳالهائڻو ڪنهن سان آهي؟ ۽ اهو يقين ڪٿي هو ته اتفاق سان هن جو نمبر ملڻ تي هوءَ پاڻ ئي فون کڻي ها؟ ڪجهه به ته يقيني ڪونه هو. ڪجهه به ته هن جي هٿ ۾ ڪونه هو. الا!!! هو ڪيڏو نه بيوس هو. ايئن ٿي لڳو ڄڻ پوري ڪائنات جي بيوسي ۽ اداسي ان مهل سندس من ۾ لهي آئي هئي. هوءَ کانئس پري هئي، پر پوءِ به سندس دل ۾ هئي. هوءَ سندس دل ۾ هئي، پر پوءِ به کانئس هزارين نوري ميلن جي مفاصلي تي هئي. مفاصلو جيڪو گهٽائڻ فقط ڪنول جي هٿ ۾ ئي هو. ڪنو ل جو هٿ- جنهن لاءِ کيس پڪ هئي ته اهو هن درد ۽ جدائي جي ڪيفيت ۾ سندس دستگيري ڪندو؛ هن تار اداسي ۽ اڪيلائي ۾ سندس ترهو ٿيندو ۽ سندس هينئڙي کي هيرڻ پن جيئن ڦٽي ڦارون ڪرڻ بدران ميلاپن جي مينهن سان سيرابي ڏاڙهونءَ گل جيئن ٽڙائي کڙائي هر رُت بسنت ڪري ڇڏيندو. بسنت جي تصور ايندي ئي کيس پنهنجي اندر ۾ اڄاتو قرار لهندو محسوس ٿيو. سرءُ ڪيڏي به سخت ڇو نه هجي، بسنت کي روڪي نه سگھندي آهي. وڇوڙو به سرءُ آهي، جيڪو ميلاپ جي بهار کي روڪي نٿو سگھي. ۽ سرءُ دلين جي وڻن ٽڻن ۽ گلن سان ڪيڏا ئي ويل ڇو نه وهائي، وصال جو بسنت ورندي ئي سارا گهاءَ ڀرجيو وڃن ۽ محبتن جا نوان ڦوٽهڙا دلين جي ڦلواڙين کي ٻهڪايو ڇڏين.
    بسنت رُت جهڙي ميلاپي جي انهن رنگبرنگي خوابن، سپنن ۽ تصورن ۾ لڙهندي آخرڪار سندس اک لڳي وئي.
    * * *


    (4)

    ڏينهن شينهن آهي. راتين جا غم ڏينهن جو غائب ٿيو وڃن. ڏينهن جي روشني هر درد کي ڌويو ڇڏي. ٻيو ته ماڻهن جي ميڙي ۾ وقت کي پکيءَ جا پر لڳي ويندا آهن ۽ پهر پلن وانگر اڏاميو وڃن. سو سانوڻ جا ڏينهن به سنگت ساٿ جي جھميلي ۾ آرام سان گذري پئي ويا. البت جنهن مهل حيدرآباد تي ڪاري ڪاري رات لهي ٿي آئي ۽ آسمان ۾ لکين ڪروڙين ستارا جرڪي ٿي اٿيا، ان مهل سندس دل ۾ اڻتڻ، بيچيني، اداسي ۽ اوسيئڙي جون اڻڳڻيون شمعون ٻري ٿي پيون؛ وياڪلتا کڙکٻيتي وانگر چمڪا ٿي ڏنا ۽ هر چمڪي تي سندس نگاهه فون ڏانهن کڄي ٿي ويئي. انهن ڪيفيتن ۾ ٽي راتيون گذري ويون- ۽ هن کيس فون نه ڪئي. چوٿين رات ساڻس وهه وانگر ويڌ ٿي ڪيو. هن جو پاڻ سنڀالڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پيو هو. کيس سمجهه ۾ ئي نه ٿي آيو ته ڇا ڪري؟ پر هن کي ڇا ڪرڻو هو؟ هن کي ته ڪجهه به نه ڪرڻو هو. جيڪي دل جا صادق هوندا آهن، انهن لاءِ ته سڀ ڪجهه عشق پاڻ ڪندو آهي. دل جو صدق بندي لاءِ خدا جي سوکڙي آهي. خدا جون نعمتون آزمائشن ۾ صادقن، سچارن ۽ عاشقن کي اڪيلو نه ڇڏينديون آهن. سانوڻ صادق ۽ سچار هو يا نه- ڪيئن چئجي؟ هو ته عام ماڻهو هو- سادو سُودو ماڻهو. اهڙو ماڻهو جيڪي رُسندا آهن، پر چندا آهن؛ جيڪي خوش ٿيندا آهن ۽ اداس ٿيندا آهن؛ جيڪي روئندا کلندا آهن؛ جن ۾ نيڪي ۽ بدي گڏوگڏ هلندا آهن. عام ماڻهن جهڙو عام ماڻهو. عام نوجوان. ها باقي هن گھڙيءَ ۾ هو ٿورو اتانهون هو، ٿورو بلند هو- ان ڪري جو هو عاشق هو. عشق جو رتبو ٻئي هر رتبي کان مٿانهون آهي. سو آزمائش جهڙي اٿاهه بيچينيءَ جي هن ويلي ڪارساز هٿ سندس دل جي ڪارسازي ڪري ويو.
    اوچتو فون جي گھنٽي وڄڻ لڳي. ساعت کن لاءِ سندس دل ڄڻڪ بيهي رهي. سڀ بيقراريون ٿمجي ويون. اڻتڻ پنڊپهڻ ٿي وئي. اوسيئڙو پورو ٿيو. گھنٽيءَ محبت جو گيت بڻجي گونجندي رهي- ۽ پوءِ هن سٽ ڏيئي فون کڻي ورتي.
    “الو!” سانوڻ جو آواز ڏور خلائن مان اڀريو.
    “الو!” پريان ڄڻڪ سُرندي جون تارون ڇڙيون.
    سانوڻ بي اختيار ٿڌو ساهه ڀريو، جيڪو پريان محسوس ڪيو ويو.
    “ڪيئن آهيو؟” ڪنول ڏاڍي ٻاجهه ڀرئي انداز سان پڇيو.
    “سي ڪيئن مينڌرا مچن، جي تو سوريءَ چاڙهيون!؟” سانوڻ جواب ۾ شاهه سائين جي بيت جي سٽ پڙهي.
    “ميان! اسان اڃا سوري سجائي ئي ڪانهي، توهان توڻِي سان ئي ٿڌا ساهه پيا ڀريو. اسان جڏهن سوري سجائيندا آهيون ته ماڻهو کلندي خوش ٿيندي ان تي چڙهي ويندا آهن ۽ مُڙي ميار به نه ڏيندا آهن.”
    “توهان کي ڪهڙي خبر ته انتظار کان وڏي سوري ٻي ٿي نه ٿي سگهي. آئون هيتريون راتيون انتظار جي ٽياس تي ٽنگيل رهيو آهيان. ايڏو انتظار ڪرائبو آهي ڇا!؟”
    “سٺيون منزلون انتظارن جي پلصراط تان لنگهڻ کانپوءِ ئي ملنديون آهن، ماڻهو صدين تائين انتظار ڪندا آهن، هي راتيون ته مڙيئي ڪو پل ٻه پل جيتريون مس هونديون. انهن ۾ ئي دلگير ٿي پيا آهيو! ايئن نه ڪريو.” هوءَ ڄڻڪ کيس منٿ ٿي ڪري.
    “آ، ها ها، ها.....” سانوڻ وات مان آ ها ها ها جو آواز ڪڍندي ٿڌو ساهه ڀري ٿو. “توهان جي انتظار جو پل به قيامت جهڙو ٿو ڀاسي.”
    “ساري بابا! هاڻي توهان سان روز ڳالهائبو. مون کي خبر نه هئي ته توهان کي ايڏو سخت انتظار هوندو. پر هاڻي ايئن نه ٿيندو. ٺيڪ آهي؟” ڪنول سندس دلجوئي ڪئي.
    “واعدو!؟”
    “ها، بلڪل واعدو. پڪيِ سيِنڌ”.
    “Thank You!” سانوڻ خوشي وچان سندس ٿورو مڃيو.
    “پر هاڻي ٻڌائي ته توکي ايڏي بيچيني ۽ ايڏو سخت انتظار ڇو ٿيو؟” ڪنول کانئس سڌو پِڌو سوال ڪيو.
    “ان رات توسان ڳالهائي، مون کي لڳو ته پاڻ پهريون دفعو نه پيا ڳالهايون. اهو آواز، اهو لهجو، اهي ڳالهڙيون- اهو سڀ ڪجهه ڄڻڪ ڄاتل سڃاتل هجي. ازلي ابدي شناسائي رکندڙ هجي. تون الائي ڇا سمجهندئين؟ شايد مون کي ڪو سودائي سمجهينءَ. ان ڪري جو اهو سڀ ظاهري ڏاڍو عجيب آهي، عقل کان ماورا آهي. ان کي واضح طور سمجهائي نٿو سگهجي. پر اهو سڀ ڪجهه پنهنجو وجود رکي ٿو. انهي سنڱ سياپي جو بلڪل وجود آهي، ۽ جڏهن ماڻهو کي انهي ازلي ابدي سنڱ سياپي جي پروڙ پوي ٿي ته پوءِ هو ان جي ويجهڙائي لاءِ ماندو ٿو ٿئي. اهو سڀ ڪجهه بلڪل فطري عمل آهي.” سانوڻ سڀ ڪجهه يڪساهي چئي ويو.
    “مون کي توسان سهمتي آهي. پر جيڪڏهن ان سڀ ڪجهه کي ڪنهن هڪڙي لفظ ۾ سموهڻ جو چئجي ته تون ان لاءِ ڪهڙي لفظ کي چونڊيندين؟” ڪنول سانوڻ کان سوال ڪيو.
    ڳالهين ۾ ٻنهي کي اهو پتو نه پيو ته هو ڪيڏي مهل توهان کان وڌي تون تائين پهتا. محبت ۾ “توهان” حجاب آهي ۽ “تون” ويجهڙائي. تون جيڪا آخرڪار هيڪڙائيءَ ۾ تبديل ٿي ويندي آهي.
    “اهو ساڳيو سوال جيڪر آئون توکان ڪريان ته تون ڇا چوندئين؟” سانوڻ جواب ڏيڻ بدران الٽو سوال ڪيو.
    “اُون...! محبت. آئون سمجهان ٿي ته انهن ڪيفيتن لاءِ محبت ئي موزون لفظ ٿي سگهي ٿو.” هوءَ ٿورڙي توقف کانپوءِ وراڻي ٿي.
    “ها، محبت جي ڪيفيتن لاءِ محبت لفظ ئي موزون ٿيندو.” هو ساڻس متفق ٿئي ٿو.
    “تنهنجي خيال ۾ محبت ڇا آهي؟”
    “محبت لاءِ غالب چيو آهي ته هيءَ اهڙي آڳ آهي جيڪا لڳائي نه لڳندي آهي ۽ اجهائي نه اجهندي آهي.”
    “يعني ڪِ اها بي اختيار آهي؟”
    “هائو.”
    “۽ ڀٽائي سائين ان ڏس ۾ ڇا ٿو چئي؟”
    “ڀٽائي سائين سراپا محبت آهي. محبت ئي محبت.”
    “پوءِ به ڪا وائي، ڪو بيت، ڪا سِٽ!؟” هوءَ سانوڻ تي زور ٿي ڀري.
    “اهڙو آڳهه ڪيِن ٻيو، جهڙيءَ محبت من!!!”
    “مون کي ماءِ! مجاز، پِڃاري جيئن پِڃيو!!!”
    ڪائنات جون سموريون گهرائيون سانوڻ جي آواز ۾ لهي ٿيون اچن.
    “الا!!!” ڪنول کان بي اختيار هلڪي رڙ نڪري ٿي وڃي. “۽ بدنصيب آهن، اهي ماڻهو- جن کي زندگي ۾ محبت نه ٿي ملي.”
    “ها. ۽ هوءَ ٻڍڙي.....امڙ ٽريسا به ته ايئن ٿي چئي نه ته... ماڻهن کي اَنُ جو ڏڪار نه پر محبتن جي اڻاٺ ٿي ماري.” سانوڻ سندس ڳالهه جي ڀر جهليندي چيو. “محبت جي اڻاٺ زندگي جو سڀ کان وڏو الميو آهي”
    “پر تو ان تي ڪڏهن سوچيو آهي ته ماڻهو کي محبت ڇو نه ٿي ملي؟” هن سانوڻ کان پڇيو.
    “ان ڪري جو ماڻهو اول محبت جي نه، پر دولت جي ڳولا ڪندا آهن. هو سمجهندا آهن ته دولت وسيلي هو سڀ ڪجهه حاصل ڪري وٺندا. ان حد تائين جو محبت به ماڻي وٺندا. پر محبت خريدڻ جي شئي ٿورئي آهي. دولت وسيلي جسم خريدي سگھجي ٿو، رات خريدي سگهجي ٿي، ويندي سڄي عمر لاءِ عورت به ڳنهي سگهجي ٿي؛ پر محبت خريد ڪري نه ٿي سگهجي. محبت خريداري کان ماورا آهي. اها جنس توهان کي دنيا جي ڪنهن به بازار ۾ نه ملندي. ان لاءِ توهان کي روح جون ڳليون ووڙڻيون پونديون- ۽ روح جي ڳلين ۾ ملڪيت جي لاءِ ڪو به لنگهه ڪونهي.”
    سانوڻ بيخودي ۾ ڳالهائي رهيو هو ۽ پريان ڄڻڪ ڪنول جي دل جي ڦٽن تان ڪڙيون لهي رهيون هيون.
    کيس پتو هو ته ماڻهو محبت هارائي، ڪجهه به نه کٽيندو آهي، محبت جي هار هر فتح تي ڀاري هجي ٿي. ڪا به جيت انهيءَ هار جو هاڃو گهٽائي نه سگهندي آهي. ڪا به شئي محبت جو متبادل نه آهي. دل جو جهونا ڳڙهه جهرندو آهي ته ٻيهر ورلي اڏجي سگهندو آهي- سو به ساڳي شڪل صورت ۾ نه. هن به ڪنهنجي دل جو جهوناڳڙهه جهوريو هو. هوءَ ڪيڏي نه ڳهيلي هئي. جر ڦوٽي جي جرڪ تي ڀلجي پيئي هئي ۽ محبت جي ڪنڌيءَ کي ڇڏي ڏنو هئائين. ۽ جڏهن کيس اهو احساس ٿيو هو ته هن ڀيانڪ غلطي ڪئي آهي، تڏهن ڏاڍي دير ٿي وئي هئي؛ وقت جو وهڪرو کيس گهڻو، گهڻو، تمام گهڻو اڳتي وهائي ويو هو ۽ ڪنارو تمام ڏور رهجي ويو هو- ايترو ڏور، جو هاڻي ان کي رڳو تصور جي اک سان ئي ڏسي ٿي سگهي.
    سانوڻ گهڙي کن لاءِ چپ ٿيو ته کيس پريان به بلڪل چپ چپات محسوس ٿي. ان ڪري چيائين ته “تون ڪيڏانهن گم ٿي وئي آهين؟”
    هُن پاڻ سنڀاليو- “ڪيڏانهن به گم ڪانه ٿي وئي آهيان؛ توکي ڌيان سان پيئي ٻڌان. ڳالهاءِ! تون ڳالهائين ٿو ته ڄڻ سرندي جون تارون وڄڻ ٿيون لڳن. تنهنجي ڳالهين جي سُرن سان دل جي ننگري جاڳي ٿي اُٿي.”
    “شايد تون دل سان ٿي ٻڌين. توکي تڏهن ايئن ٿو لڳي. ٻڌندڙ دل سان ٻڌندو آهي ته ڳالهائيندڙ به دل سان ڳالهائيندو آهي- ۽ جڏهن دل ئي ڳالهائي، دل ئي ٻڌي، تڏهن ڳالهين ۾ مطلب جا ڪنوارا کٽڻهار کڙي پوندا آهن ۽ ڳالهين ۾ معنائن جو نرالو نرالو ۽ مٺڙو مٺڙو رس ڀرجي ويندو آهي.”
    “تو سويري دولت جي ڳالهه ڪئي. اها به هڪڙي رڪاوٽ آهي. پر پاڻ جنهن معاشري ۾ رهون ٿا، ان ۾ سوين رڪاوٽون آهن، جن سان ٽڪرائجي محبت ٽڪر ٽڪر ٿيو وڃي. هتي وک وک تي بندشون آهن. آخرڪار ماڻهو ڪيڏانهن وڃي؟ ڪٿي نه ڪٿي کيس هٿيار ڦٽا ڪرڻا ئي پون ٿا. ۽ وڇوڙي جو روڳ پالڻو پوي ٿو. هن معاشري ۾ زندگي خود هڪڙو وڏو روڳ آهي.”
    “جتي محبتون گناهه هجن، اتي زندگي روڳ نه ٿيندي ته ٻيو ڇا ٿيندي؟ زندگي جنت ته فقط محبت ۾ ٿيندي آهي. محبت مسرتن جي تلاش آهي. ماڻهو خوشين جي جستجو ٿو ڪري - ۽ ان ڳولا ۾ دائمي منزل محبت آهي. محبت خوشين جي تخليق ٿي ڪري- داخلي ۽ خارجي خوشيون. اِتي انسان جي سڄي دنيا ئي بدلجيو وڃي. محبت جي هڪ ساعت به پوري زندگي جي روڳ تي ڀاري آهي. محبت جي هڪ ساعت ۾ به ماڻهو صدين جي سرهائي ماڻيو وڃي؛ ۽ صدين جيڏي زندگي جيئو وڃي. محبت انسان جي تڪميل آهي. انهيءَ ڪري کيس هر حالت ۾ محبت جي حاصلات لاءِ جاکوڙ ڪرڻ گهرجي.”
    “محبت آخرڪار آهي ڇا؟” ڪنول ٻيهر پڇيو.
    “محبت انسان جي احساساتي ۽ مادي گهرج آهي.” سانوڻ نهايت مختصر جواب ڏنو.
    “ان کان اڳتي ؟” ڪنول وري سوال ڪيو.
    “محبت انسان جي احساساتي ۽ مادي سگھه آهي، شڪتي آهي.” هن وري به مختصر لفظن ۾ ورندي ڏني.
    “مون کي اکرن ۾ نه الجهايو. گهرج ۽ شڪتي؟ ٻيئي الڳ الڳ شيون آهن. هڪڙي ڳالهه ڪريو.” ڪنول هلڪو ٽهڪڙو وکيريندي چيو.
    “ها. اها گهرج به آهي، ته ساڳئي وقت شڪتي به آهي. عام طور تي ايئن سمجهيو ويندو آهي ته هر ماڻهو فقط محبت حاصل ڪرڻ چاهيندو آهي، ماڻڻ گهرندو آهي. پر اهو اڌ سچ آهي. سڄو سچ هيءَ آهي ته ماڻهو جتي محبت ماڻڻ چاهيندو آهي، اتي اهو محبت ڏيڻ به گھرندو آهي. جنهن ماڻهو ۾ محبت ڏيڻ جي سگھه نه هوندي، ان ۾ ماڻڻ جي وسعت به نٿي ٿي سگهي. ماڻهو ۾ محبت ڏيڻ ۽ محبت ڪرڻ جي تمنا پهرين پيدا ٿيندي آهي ۽ محبت جي حاصلات جي آرزو پوءِ اڀرندي آهي، ان ڪري محبت ساڳي وقت احساساتي ۽ مادي شڪتي آهي، ته ماڻهو جي احساساتي ۽ مادي گهرج به آهي.”
    “تون شايد صحيح ٿو چئين. پر عام حالتن ۾ ماڻهو کي اها خبر نه ٿي پوي. شايد انهي ڪري، جو ماڻهو پنهجين ڪيفيتن کي گهرائي سان سمجهي ڪو نه سگهندو آهي. شايد سمجهڻ به ڪو نه چاهيندو آهي. خير ڇا به هجي؛ عام ماڻهن لاءِ اهو ئي ڪافي آهي ته محبت، محبت آهي.” ڪنول ڪنهن حد تائين هن سان متفق ٿيندي وراڻيو.
    پوهه جي ٿڌي رات هنن جي ڳالهين جي سيڪ ۾ سيڪجندي اڳيان رڙهندي ٿي وئي. هنن کي ڳالهائيندي ڄڻڪ ڪيئي يُگ لنگهي ويا. جُڳ جُڳاندڙ ڳالهڙيون کٽي نه ٿي کٽيون. تان جو اڻڄاڻائي، اجنبيت ۽ اڻواقفيت جا سمورا سنڌا ريٽجي ويا ۽ ڳالهڙيون هڪڙي نئين نرالي رشتي جي سانچي ۾ پلٽجي ويون.
    *
    هاڻي هو روزاني فون تي ڳالهائيندا هئا. ڳالهائيندي ڳالهائيندي هڪٻئي جي ظاهر و باطن کان آگاهه ٿيا، پسندن ناپسندن کان واقفيت حاصل ڪيائون ۽ عادتن اطوارن کان آشنا ٿيا. عورت يا ته مڪمل اعتماد ڪندي آهي يا بنهه نه ڪندي آهي. هن وٽ وچ وارو ڪو به رستو نه هوندو آهي. ۽ جڏهن هوءَ اعتماد ڪندي آهي ته پوءِ اهو ڏاڍو مضبوط ۽ اڻٽٽ هوندو آهي. البت ڪڏهن اها هڪڙي نظر ۾ ئي اعتماد جي بلندي تي پهچي ويندي آهي، ته ڪڏهن سندس اعتماد ڪنهن نئين سلي وانگر هوريان هوريان انگوربو آهي.
    سانوڻ تي ڪنول جو ڀروسو به ايئن ئي ٿيو. اهو هڪ سَٽ ۾ نه ٿيو، البت اهو ڏاڍي تيزي سان پروان چڙهيو. ڳالهائيندي ڳالهائيندي اعتماد جو سلو ڦٽو ۽ ڳالهين ئي ڳالهين ۾ جوان ٿي ويو. اعتماد هر رشتي جي جڙ آهي. سو سانوڻ ۽ ڪنول جو رشتو پڻ ڏاڍين گهرائين تائين لهي ويو. ڪنول پنهنجي باري ۾ سانوڻ کي سڀ ڪجهه ٻڌايو. سانوڻ پاڻ بابت ڪنول کان ڪابه ڳالهه ڪانه لڪائي. هو هڪٻئي جي جُڳ جُڳ جا شناسا ٿي ويا. ڪير ٿو چئي ته شناسائي لاءِ پهرين ملڻ ضروري آهي؟ دلين جا نيَم ئي پنهنجا ٿين. دليون ڪڏهن سالن جي رفاقت ۾ به شناسا ٿي نه سگهنديون آهن، ته ڪڏهن ڪنهن هڪڙي لفظ سان ئي صدين جا مفاصلا هڪ ئي سٽ ۾ طئي ڪري وينديون آهن؛ يا ڪو هڪڙو لفظ ئي کين ازلي ابدي ڏور ۾ ٻڌي ڇڏيندو آهي- پوءِ ڀلي سندن وچ ۾ ڪيڏا به مفاصلا ڇو نه هجن. دليون مفاصلن کان ماورا هونديون آهن. اهڙي ريت هو به فاصلن جا سنڌا سيڙها ريٽي ويا هئا ۽ پنهنجي پنهنجي دل جي ڪپر تي بيهي هڪٻئي کي محبت جي نگاهن سان ڏسي رهيا هئا. محبت جي نگاهه اڻ ڏٺي کي ڏسي سگهندي آهي. اڻ ڏٺي کي ڏسڻ جي تانگهه، ڏٺل کي ڏسڻ جي تانگهه کان هزارين ڀيرا وڌيڪ هوندي آهي. انهيءَ تانگهه هنن ٻنهي کي پڻ وڏي هورا کورا ڏيئي ڇڏي هئي. نيٺ هڪڙي ڏينهن سانوڻ ڪنول کان ملڻ جي تقاضا ڪئي ۽ ڪنول کيس ٽارڻ بدران ملڻ جو وقت ڏيئي ڇڏيو. کين ٺيڪ ٻن ڏينهن کانپوءِ ملڻو هو.
    * * *


    (5)

    ڪنول ڦوهه جوانيءَ ۾ هئي.
    اڪيلي ويٺي ويٺي سندس ذهن ڏهه ٻارنهن سال پوئتي هليو ويو. پوئتي- جڏهن اڃا هن جواني جي چانئٺ تي پير مس رکيا هئا؛ جڏهن اڃا سندس جسم جي وڻ تي جواني جو ٻور مس ڦٽو هو. انهن ڏينهن ۾ هن حيدرآباد جي ميران هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. ڪاليج وارا ڏهاڙا سندس الهڙپڻي جا ڏينهن هئا. کيچلي ۽ شرارتي ته هوءَ اڳي ئي هئي. مٿان وري ڪاليج جو ڪنهن حد تائين کُليو ماحول؛ سندس طبيعيت ۾ هڪ قسم جو نکار اچي ويو. ماحول جو تاثر ۽ جواني جي اُٿڪ- هوءَ روز بروز نون نرالن رنگن ۾ رنڱبي وئي. هونئن به جواني پاڻ سان گڏ ڪيتريون ئي نيون شيون آڻيندي آهي. جسماني تبديلين ۽ پختائين سان گڏ ذهني ۽ احساساتي تبديليون پڻ هوريان هوريان رونما ٿيڻ لڳنديون آهن. اهڙين تبديلين مان ڪنول پڻ گذري رهي هئي. انهن تبديلين سندس بت کي وڌيڪ سڊول ڪيو. سندس سونهن اڃا وڌيڪ نکرڻ لڳي. کيچلائپ، ذهانت ۽ سونهن کيس سندس سهيلين ۾ سڀني کان بلند مرتبو عطا ڪري ڇڏيو.
    لڇمي، روپ، سورٺ ۽ ياسمين سندس سڀ کان گهريون ۽ پياريون ساهيڙيون هيون. جيڪي سندس هم ڪلاسي پڻ هيون. ايئن ڪاليج ۾ ڪيترائي جوڙ هئا. پر سرتين جو هي جوڙ سڀني کان نرالو ۽ نشانبر هو، ايئن جيئن تارن جي ميڙ ۾ ڪَتيون.
    لڇمي جڏهن پنهنجن ڀينڀن وارن کي ڪلهن تي ڇوڙي ڇڏيندي هئي ته پوري فضا سندس ڇَتن جي خوشبو سان واسجي ويندي هئي ۽ ڀؤنر ڀنڀولجي پوندا هئا.
    روپ جڏهن گهريون نيريون اکيون کڻي گهُور وجھندي هئي، ته گهُورجندڙ وجودن جي ڪپارن منجهه ڪڪر مڙي ايندا هئا، جھُڙ جھِمندو هو ۽ وڏي وسڪار ٿيندي هئي.
    سورٺ مرڪندي هئي ته هوائون خمارجنديون هيون ۽ ٽهڪ ڏيندي هئي ته ڪائنات ان جي سازن تي نچڻ لڳندي هئي.
    ياسمين ٺلهي نالي جي ياسمين نه هئي، پر چنبيلي جي پنکڙين جي سموري تازگي، رنگ، روپ ۽ سڳنڌون سندس ڪايا ۾ اچي ڪَٺيون ٿيون هيون.
    ان کانسواءِ منجھن ڪيترين ئي ڳالهين ۾ هڪجهڙائي پڻ هئي. هوءَ سڀئي سون سريکيون هيون، سڀني جا چنڊ جهڙا مکڙا هئا، سڀني جي هنج اڏار جهڙي هاٺي هئي. سڀئي خوش پوشاڪ هيون، کلمک هيون. چنچليون، کيچليون ۽ چاڳليون هيون.
    اهي سڀ خوبيون ڪنول ۾ پڻ هيون. پر هو ءَ وٿ ئي ٻي هئي؛ سڀني کان نرالي، سڀني کان منفرد. ڦوهه ڦلاريل، ٻهه ٻهه ٻرندڙ، موتئي وانگر هر مگرو مات ڪندڙ؛ جھومڪ جھوڙو ڪَتئين. سڀين پَرين سهڻي. البت منجهس ڪائي وِڏ هئي ته اها هيءُ ته هوءُ ڪجھه مغرور هئي.
    هوءَ سڀئي پڙهائي ۾ هوشيار هيون، ذهين هيون. سڀني سبجيڪٽن کي ڄڻ گهوٽيو پيو ويٺيون هيون. ڪهڙو مضمون هو، جنهن ۾ کين مهارت ڪا نه هئي؟ هوءَ سڀئي قابل ۽ محنتي شاگردياڻيون هيون. انهي ڪري به ڪاليج ۾ سندن حيثيت ڪجهه مٿڀري هئي. استادن طرفان کين اهميت ۽ ڌيان ملندو هئو. استادياڻيون سندن خيال رکنديون هيون. جنهن ڪري سندن شخصيتون ڪجهه وڌيڪ اڀريون هيون ۽ منجهن ڪافي خود اعتمادي پيدا ٿي هئي. انهيءَ خود اعتمادي جي ڪري هوءَ نصابي ڪمن کانسواءِ ٻين اسڪولي سرگرمين ۾ پڻ بهرو وٺنديون هيون. ڪاليج جا جيڪي ميڙاڪا، تقريبون ۽ فنڪشن ٿيندا هئا، هي پنجئي ساهيڙيون ڄڻڪ انهن جي جان هونديون هيون. ناٽڪ، ٽيبلا، گيت، تقريرون، ذهني آزمائشون، سوال جواب، شعري مقابلا، ڪمپيئرنگ. ڪجهه ٻين ڇوڪرين وانگر هيءَ ساهيڙيون پڻ انهن مشغلن ۾ بهرو وٺنديون رهنديون هيون ۽ گھڻي ڀاڱي مقابلا کٽي پڻ وٺنديون هيون. هنن ٻاهرين ڪاليجن جي شاگردياڻين کان به ڪجهه مقابلا کٽيا هئا. جنهن ڪري پنهنجي ڪاليج جي نيڻن جو نور هيون ۽ سندن هم ڪلاسي ۽ ڪاليجي ڇوڪريون سندن انهن خوبين جي ڪري کين پنهنجن دلين ۾ جاءِ ڏينديون هيون ۽ اکين تي ويهارينديون هيون. هر دل تي سندن ڌاڪ ويٺل هئي ۽ هر پاسي سندن هاڪ هئي. ڪاليج جا اهي ڏينهن سندن سهڻي ۾ سهڻا ڏينهن هئا ۽ ڪنهن سپني وانگر گذري رهيا هئا. سندن لاءِ دنيا ڏاڍي دلڪش، حسين ۽ وڻندڙ هئي. سندن نظرن ۾ زندگي مرڪن، ٽهڪڙن، رفاقتن، خوشين ۽ سکن جو نالو هئي. دنيا ۾ ڪي ڏک به هئا، اهنج به هئا، فراقتون به هيون، ڳوڙها به هئا، اڪيلايون به هيون، ڪلفتون به هيون، اگلائيون ۽ ڪوجهائيون به هيون ـــ کين اهڙي ڪا به خبر ڪانه هئي. سندن لاءِ هر شئ، سڀ ڪجھه “روپئي مڻ” هو. جياپي ۾ ڪي سور به هوندا آهن، اهو سندن تصور کان ئي ٻاهر هو. سندن زندگي هڪڙي خاص ماحول جي مخصوص خوشين ۽ مسرتن جي خمارن ۾ گذري رهي هئي. جنهن جو پل پل وڻندڙ، سُهاڻو، دلنشين ۽ اڻ وسرندڙ هو.
    *
    عيد براد، هوليءَ ڏياري، سانوڻ ٽيج، بسنت ڏڻ، شادي مرادي، هلڪيون ڦلڪيون گهرو تقريبون، ساهيڙين جون دعوتون وغيرهه- اهي اهڙا ڏينهن هئا، جن تي مختلف ڇوڪريون هڪٻئي جي گهرن ۾ اينديون وينديون رهنديون هيون. اٿڻ ويهڻ ۽ اچ وڃ وارو اهو حلقو فقط گهري ساهيڙپ تائين محدود نه هو. ان ۾ چڱي موچاري وسعت هئي. اهڙن موقعن تي گهاٽين ساهيڙين کان سواءِ ٻين هم ڪلاسين ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارين ڇوڪرين کي پڻ ڪوٺيو ويندو هو. پوءِ جنهن به هنڌ ڇوڪرين جو اهڙو ميڙ اچي ڪٺي ٿيندو هو، اتي زندگي جا هڙئي رنگ ٻهڪي پوندا هئا. کل ڀوڳ، مذاق مشڪري، سهرا لاڏا، ڪلام؛ ڀانت ڀانت جا قصا، دنيا جهان جون ڳالهيون. جهرڪين واري چِر چِر هوندي هئي، جيڪا بيمعنيٰ هوندي به بامعنيٰ لڳندي هئي. انهن محفلن ۾ ڇوڪرن لاءِ عام طور تي ڪا به جڳهه ڪانه هوندي هئي. پر پوءِ به ڪنهن گهر ۾ جيڪڏهن ان قسم جي تڙيل مخلوق وسندڙ هوندي هئي ته هِن جهان ۾ جهاتي ضرور پائيندي هئي. ڇوڪرا ٻاهرئين ٻني تان ئي سهي، پر ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان انهن محفلن تي نهار ضرور وجهندا هئا ۽ انهن ۾ شامل ٿيڻ جا وجھه ڳوليندا هئا. پوءِ ڪڏهن ڪڏهن کين اهڙي ڪاميابي ملي به ويندي هئي، ته وري ڪن موقعن تي ڪن ڇوڪرن کي دعوت پڻ ڏني ويندي هئي. ايئن ڪجھه ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي وچ ۾ شناسائي وڌي به سهي. اهڙي طريقي سان اهي ڇوڪريون، جيڪي ڪجهه وڏڀريون هيون، انهن جي ڪچهرين ۾ اهڙا چؤٻول به اٿندا رهندا هئا ته اڄڪلهه ڪير ڪنهن جي سڳي ۾ آهي؟ ڪنهن جون اکيون ڪنهن سان اٽڪيل آهن؟ هوءَ نه وڻندڙ ڇوڪرن مان چونڊي چونڊي وِڏون ڪڍنديون هيون، ته وري جيڪي ڇوڪرا کين ٿورا يا گهڻا وڻندا هئا، تن جون ساراهون ڪندي نه ڍاپنديون هيون. عورت مرد جي واکاڻ ڪندي آهي. پر جي ڪنهن جي واکاڻ نه ڪندي آهي ته گلا ڪندي آهي. گلا عورت جو سڀ کان مرغوب مشغلو آهي. عورت چاهيندي آهي ته مرد مٿانئس ٻلهار وڃي. پر جي ڪو مرد ٻيءَ ڪنهن عورت تي ٻلهار ٻلهار پيو ٿيندو ته اها ڳالهه کانئس سٺي ڪا نه ٿيندي. هوءُ ان تي کلون ڪندي ۽ سندس گلا ڪندي. هر عورت چاهيندي آهي ته ڪو مرد مٿس ٻلهار وڃي- پر فقط مٿس؛ ٻي ڪنهن عورت تي نه. هوءَ نه رڳو مرد سان سڙندي آهي، پر عورت سان به سڙندي آهي، پاڻ جهڙي عورت سان. ساڙ سندس سرشت ۾ شامل آهي. گلا ساڙ جي ڀيڻ آهي. ان ڪري جتي گلا هوندي اتي ساڙ هوندو ۽ جتي ساڙ هوندو اتي گلا هوندي.
    مرد گلا مان سنجوڳ جهڙو مزو وٺندو آهي ۽ عورت گلا مان ميدانِ جنگ تي حاصل ڪيل فتح جيتري آسيس ماڻيندي آهي. ان ڪري مرد جيترو وڌيڪ محروم هوندو، اوترو وڌيڪ گلا ڪندڙ هوندو ۽ جيڪا عورت جيتري وڌيڪ دٻايل، هيسيل، اڪيلي، هارايل ۽ ساڙولي هوندي، اها اوتري ئي گهڻي گلا خور هوندي. سڀئي مذهب ماڻهن کي گلا کان روڪين ٿا. اسلام ته گلا کي مئل ڀاءُ جو گوشت کائڻ جهڙو مڪروهه ڏوهه قرار ڏنو آهي. ماڻهو اهو سڀ ڄاڻن ٿا. پر پوءِ به گلا ڪن ٿا- مرد به، ته عورتون به. شايد عورتون ڪجهه وڌيڪ- انهي ڪري جو مرد کين محڪوم بنائي رکيو آهي، سندن اظهار تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي. ڪنهن طريقي کي جيڪڏهن صدين کان، پيڙهين کان لڳاتار عمل ۾ آندو وڃي، ته نيٺ اهو انساني سرشت ۾ پيهي ويندو آهي. گلا به شايد سوين صدين کان، پيڙهين کان لاڳيتو سفر ڪندي پيئي اچي. ان ڪري اها هر پيڙهي ۾، گهٽ وڌ، پر موجود هجي ٿي. ايئن الائي ڪيڏو ڊگهو سفر ڪري اها هن ٽهي تائين پڻ اچي پهتي هئي. سو جڏهن هيءَ ڇوڪريون پاڻ ۾ ميڙ ڪري ويهنديون هيون، ته سندن ڀانت ڀانت ڳالهين ۾، ختم نه ٿيندڙ قصن ۾ گلا جو به چڱو خاشو حصو هوندو هو. پر هڪڙي ئي ويڙهي ۾ رهندڙ ماين ۽ پوڙهين ماين کان سندن گلا جو انداز ڪافي بدليل هوندو هو. هُنن ۾ گلا مستقل هوندي آهي ۽ هڪڙو ئي ليڪو هميشه پيو ڪٽبو آهي. اهو عمل پوءِ ڪڏهن ڪڏهن منجهن رنجشن کي پڻ جنم ڏيندو آهي. پر هِتي ان جي ابتڙ گلائن جا موضوع مٽبا رهندا هئا. سندن حقلن ۾ به هلڪيون ڦليڪون تبديلون اينديون رهنديون هيون، جنهن ڪري سندن نشانا پڻ بدلبا رهندا هئا. قصن ڪهاڻين جي به مٽ سٽ ٿيندي رهندي هئي. هُن محفل جي ڳالهه هِتي، ته هِتان جي ڳالهه هُن هنڌ. تنهن ڪري جيئن ڪو نئون چؤٻول اٿيو، ته پراڻيون ڳالهيون آيون ويون ٿي ويون. وري نوان ساز، نوان رينگٽ. هونئن به ڇوڪرين وٽ اڻڳڻيون ڳالهڙيون هونديون آهن. سندن دماغ ڄڻ پرس هجن ۽ انهن پرسن ۾ دنيا جهان جا اڻکٽ داستان، ڪڏهن بي ترتيب ۽ مُنجھيل سُنجھيل، ته ڪڏهن ڏاڍي سليقي سان سجائي رکيل هوندا آهن. جتي جنهن داستان جي ضرورت پيئي، اهو ٻاهر اچي ويندو. جهرڪين جي چر چر شروع ٿي ويندي. چر چر جيڪا بي معنيٰ هوندي به بامعنيٰ هوندي آهي.
    ڪنول به اهڙين محفلن ۾ وڏي خوشي سان حصو وٺندي هئي. هن هڪ اڌ ڀيرا پنهنجي گهر ۾ به دعوت ڪئي. جنهن ۾ سندس ساهيڙين شرڪت ڪئي. پر آهستي آهستي هنن پنجن ساهيڙين جي سٿ جيئن ڪاليج ۾ مرڪزي حيثيت حاصل ڪري ورتي، تيئن ئي هنن گهرو تقريبن ۾ به وڏو مان مرتبو ماڻي ورتو. ڪاليج جي ٻئي سال ۾ اچڻ کانپوءِ اهڙي ڪا به گهرو تقريب ڪانه هئي، جنهن جي نينڍ کين نه ڏني ويندي هجي. هوءَ هر محفل جي جان بڻجي ويون. محفلون سندن موجودگي سان جرڪنديون هيون. هاڻي سندن ڳاڻيٽو وڏيرڙين ڇوڪرين ۾ ٿيندو هو. عمر جيئن وڌي ٿي، ماڻهوءَ ۾ تيئن ڪجهه وڌيڪ پختائي اچي ٿي. سال پهرين جي ڀيٽ ۾ هاڻي منجهن به ڪجهه وڌيڪ پختگي پيدا ٿي هئي. جنهن ڪري منجهن ڇوڪرن کان حجاب پڻ ٿورڙو گهٽيو. هاڻي سندن محفلن ۾ ڪجهه ڇوڪرن جي شرڪت پيئي ٿيندي هئي. ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون. جتي به ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ ٿيندا آهن، اتي جواني جڳمڳائي اٿندي آهي. جواني، جيڪا روشني آهي، مستي آهي، جادو آهي؛ اها پنهنجا رنگ، خوشبو ۽ جلوا هتي به وکيرڻ لڳي. جلوا، جن ۾ هڪڙو جلوو ڪنول جو به هو. ڪنول جو جلوو، جيڪو سراسر رنگ، روپ ۽ خوشبو ۾ ٻڏل هو. جيڪو جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ جرڪي ۽ جڳمڳائي رهيو هو. جنهن جي جڳ مڳ جڳ مڳ لاٽ تي آخرڪار ڪو نه ڪو پتنگ ته ڄرڪڻو ئي هو. دل جو پتنگ، جيڪو جواني ۽ سونهن جي ڄر تي کلندي خوش ٿيندي ڄرڪي ويندو آهي. آڪاش اهڙو ئي پتنگ هو، جيڪو ڪنول جي سونهن جي شمع تي لهي آيو هو. ڪنهن ٿي ڄاتو ته هو وصال سان ٻکجي جڳ جڳ جيئي پوندو يا فراق جي آڙاهن ۾ لهسجي لوساٽجي سڙي ڀسم ٿي ويندو؟ ڪنهن ٿي ڄاتو؟ ڪير ٿو ڄاڻي سگهي؟ دلين جو انت ڀلا ڪنهن لڌو آهي؟ ٻيا ته ٻيا، پر آڪاش پاڻ به ته نه ٿي ڄاتو. هو ته بس پنهنجي دل جي هٿان مجبور هو. دل، جيڪا سدائين بي چئي ٿيندي آهي، جيڪا لک سمجهائڻ سان نه سمجهندي آهي. آڪاش انهيءَ دل کي ڪنول تي نڇاور ڪري ويٺو هو. ڪنول، جيڪا سهڻي هئي، چنچلي، کيچلي ۽ چاڳلي هئي؛ جيڪا مغرور هئي.
    *
    آڪاش ڪنول کان ٽي سال وڏو هو. هن ڪنول کي پهريون ڀيرو پنهجي سؤٽ ساڀيا جي گهر ۾ ڏٺو. انهي ڏينهن ساڀيا ڪاليج جي ڇوڪرين جي دعوت ڪئي هئي ۽ انهي موقعي تي اتفاق سان آڪاش به اتي اچي نڪتو هو. ساڀيا آڪاش کي تمام گهڻو ڀائيندي هئي ۽ مٿس فخر پڻ ڪندي هئي ته کيس ايڏو سلڇڻو سؤٽ مليو آهي. سو هو جيئن ئي پهتو ته سندس سٺي آءُ ڀڳت ڪيائين. آڪاش کي گهر جو ماحول چهل پهل وارو لڳو ۽ کيس ڀر واري ڪمري ۾ ڇوڪرين جو ميڙ نظر آيو. هن جي نظر پهرين ئي ڪنول تي پيئي. اکيون اکين ۾ پيهي ويون. ڪنول منهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو.
    “هيءَ گهر ۾ نوان چنڊ اڄ ڪٿان اڀريا آهن؟” آڪاش ساڀيا کان مذاق واري انداز ۾ پڇيو.
    “سڀ منهنجون ڪاليجي ساهيڙيون آهن. ساڻن ملندين؟” ساڀيا مرڪندي وراڻيو.
    “ها، ها، ڇو نه!؟”
    ڇوڪرا، ڇوڪرين سان ملڻ لاءِ سدائين راضي هوندا آهن. اهي ان معاملي ۾ ڪڏهن به انڪار نه ڪندا آهن. آڪاش به انڪار نه ڪيو هيو. هوءُ کيس وٺي اچي ڇوڪرين جي ميڙ ۾ بيٺي. ڇوڪرين نئين ڇوڪري کي سندن وچ ۾ بيٺل ڏٺو ته مٿن ماٺ ڇانئجي ويئي.
    “هن سان ملو. هي منهنجو سؤٽ آڪاش آهي. يونيورسٽي ۾ ٿو پڙهي.” ساڀيا سڀني سان سندس تعارف ڪرايو.
    جنهن کانپوءِ ساڻس ڇوڪرين جو تعارف ڪرايائين:
    “هيءُ ڪنول آهي، اسان جي ڪاليج جي سڀ کان پياري ۽ هر دلعزيز ڇوڪري. هي شانتا آهي، اسان جي ڪاليج جو نڪ آهي. هي لڇمي آهي. هي روپ آهي. هي ياسمين آهي. هي سورٺ آهي. هيءُ عابدان آهي. هي منيران آهي. هي پوڄا آهي. هي تنزيلا آهي...!”
    هوءَ ڇوڪرين جي تعارفن کي ڪپڙي جي ٿانن وانگر سندس اڳيان کوليندي وئي.
    سڀني ڇوڪرين واري واري سان، ڪن شرمائيندي ۽ ڪن مرڪندي، سنڌي رسم موجب آڪاش کي هٿ ڏنو. تڏهن سنڌي ڇوڪرين ۽ عورتن ۾ اڃا ڪنڌ کي لوڏي سلام ڪرڻ ۽ آڱريون هلائي هلو هاءِ ڪرڻ واري بدعت نه پکڙي هئي. تڏهن جنس جي تفريق کانسواءِ، مٽي مائٽي توڙي ڄاڻ سڃاڻ ۾ هڪٻئي سان هٿ ملايو ويندو هو. شهري عورت هٿ ڏيڻ ۾ ايڏو حجاب نه ڪندي هئي. باقي ڪٿي ڪٿي ٻهراڙي جي عورت ويجهن مائٽن کانسواءِ ڪنهن پري جي سڃاڻو يا ٻيءَ ذات واري مرد سان هٿ ملائڻ مهل پنهنجي هٿ تي پوتي جو پلئهُ رکي پوءِ هٿ ڏيندي هئي. جنهن کي هروڀرو حيا جي نشاني سمجهيو ويندو هو. تنهنڪري سڀ ننڍا وڏا ۽ ننڍيون وڏيون بنان امتياز جي هڪٻئي سان چَسيِِ ملائينديون هيون، هڪٻئي کي هٿ ڏينديون هيون. هونئن به عورت ۽ مرد جو هڪٻئي سان هٿ ملائڻ جنسي برابري جي علامت آهي ۽ سکڻي سلام واري وائڙائپ جي ڀيٽ ۾ هڪڙي تمام شاندار رسم آهي.
    تعليم قومي ڪلچر کي پختو ڪندي آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو جيڪي قومون پڙهيل ڳڙهيل، سلجهيل ۽ ترقي يافتا آهن، اهي پنهنجي ثقافت، تهذيب ، تمدن ۽ رسمن رواجن تي فخر ڪنديون آهن ۽ انهن جي واڌ ويجهه ۽ پختگي لاءِ جاکوڙينديون آهن. ثقافت ۽ رواج رسمون ڪنهن قوم جي معاشرتي زندگي ۾ ڪرنگهي واري هڏي جي حيثيت رکنديون آهن. ڇو نه سڀ ڪجهه کسجي وڃي، پر جيسيتائين ٻولي، ثقافت ۽ رسمون رواج زندهه آهن، تيسيتائين قومي وجود جي جياپي جا امڪان ختم نه ٿيندا. ثقافت هارايل جنگين کي ٻيهر کٽي سگهندي آهي. ان ڪري حاڪم قومون هميشه محڪوم قومن جي ثقافت کي ميٽڻ جون ڪوششون ڪنديون آهن ۽ جاندار رسمن جي جڳهه تي هٿ ٺوڪيون، مردار ۽ وائڙيون رسمون مروج ڪرڻ جو ماحول پيدا ڪنديون آهن.
    ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ به پنجابي پناهگير مستقل مفاد قوتن سنڌي ثقافت تي منظم يلغار ڪرڻ جون گهڻ طرفيون ڪوششون ڪيون آهن. ان ڏس ۾ ڪڏهن سنڌي ثقافت کي پسماندا قرار ڏئي ننديو ويو، ڪڏهن ان کان ڌڪار وارو رويو روا رکيو ويو، ڪڏهن ان جي تباهي جا سڌا سامان مهيا ڪيا ويا، ته ڪڏهن وري اڻ سڌي ريت ان کي ريٽڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ۾ آندا ويا ۽ سڌي اڻ سڌي پروپئگنڊا جي طوفان وسيلي سنڌ جي ماڻهن کي احساس ڪمتري ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
    پر ان سڀ ڪجهه جي باوجود اڃا سنڌ جا ماڻهو احساس ڪمتري جا اڃا ايترا شڪار نه ٿيا هئا. سنڌي ثقافت، سنڌي قدر، سنڌي رواج ۽ ننڍيون وڏيون سنڌي رسمون شهرن ۾ به جيئن جو تيئن موجود هيون. اهي ساڀيا جي گهر ۾ به پنهنجي اصل شڪل ۾ موجود هيون، ته ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ ڇوڪرين جي دلين ۽ دماغن ۾ به انهن جو گهر هو. تنهنڪري سڀني آڪاش سان هٿ ملايو. اهو ڄاڻي ته آڪاش يونيورسٽي ۾ ٿو پڙهي، اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهشمند ڇوڪرين کانئس يونيورسٽين جي ماحول، پڙهائي ۽ سٺن شعبن جي باري ۾ معلومات حاصل ڪئي. تڏهن اڃا يونيورسٽين ۾ ڇوڪرين جي داخلائن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر هو. تنهنڪري آڪاش سڀني کي ان ڏس ۾ همٿايو.
    ڪچهري حجاب جي دشمن آهي. ان ڪري ٿوري دير ڪچهري ٿي ته حجاب ويندو رهيو. هنن پاڻ ۾ دوستاڻي ماحول ۽ کليي انداز ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي. آڪاش اوستائين اتي ويٺو رهيو، جيسيتائين ماني نه لڳي. پر ان سڄي وقفي ۾ ڪنول ساڻس هڪڙو اکر به نه ڳالهايو. هوءُ اٿي وڃي ڪجهه ٻين ڇوڪرين جي دائري ۾ ويٺي، جتي آهستڙي ٻوليندي رهي؛ چِر چِر جو آواز ڪمري جي فضا ۾ ٻُرندو رهيو ۽ هڪڙي عجيب خوشبو ڦهلجندي رهي.
    *
    جواني بذات خود هڪڙي ڇڪ آهي، هڪڙو سڏ آهي. انهي ڪري جواني جواني کي سڏيندي آهي. پوءِ ڪٿي اهو سڏ ورنايو ويندو آهي، ته ڪٿي ٻوڙي ڪنين ٻڌو ويندو آهي. ڪٿي ته ماڳهين ايئن ٿيندو آهي ته سڏجندڙ وجود ڪا صدا ئي ڪين ٻڌندو آهي. ڪنول جو رويو به ڪجهه ان قسم جو هو. ڄڻ هن ڪجهه ٻڌو ئي نه هجي. جنهن مهل به آڪاش مٿس پيار ڀري نگاهه وڌي ٿي، هن پنهنجي چوڌاري ڄڻ پڪ سِري ڀت ڏيئي ٿي ڇڏي. آڪاش جون نگاهون ان ڀت سان ٽڪرائجي نامراد واپس موٽي ٿي آيون.
    پهرين ملاقات کانپوءِ آڪاش اهڙا وجھه ڳوليندو رهيو هو، جن سان کيس ڪنول سان ملڻ جو موقعو ملي. ان سلسلي ۾ ياسمين ۽ پوڄا سندس مشڪل ڪشائي ڪئي. اهو هينئن ته ٻنهي ڄڻين جو مٿس ٺاهوڪو اعتماد ويهي ويو ۽ سندن وچ ۾ دوستي جو رشتو استوار ٿي پيو. اهڙي دوستي، جيڪا بي غرض هوندي آهي. آڪاش به سندن ڀروسي ٽوڙڻ وارو ماڻهو ڪونه هو. تنهنڪري کين ڪڏهن به ان ڏس ۾ شرمندو ٿيڻو نه پيو. باقي جيتريقدر ڪنول جي لاءِ آڪاش جي اکين ۾ پيار جو تعلق هو، ته ياسمين پهرين ملاقات ۾ ئي نظرن ۾ لڪل انهن پراسرار ترورن کي ڀانپي وئي هئي. عورت کان ٻيو سڀ ڪجهه لڪي سگهي ٿو، پر مرد جي نگاهن ۾ پنهان محبت نه ٿي لڪي سگهي. پوءِ اهي نگاهون سندس لاءِ هجن يا وري سندس ڀر ۾ ويٺل ٻي ڪنهن عورت لاءِ هجن. هِتان مرد اکيون کنيون، هُتان نظرون ٽڪريون يا اکين نظرن جو پيرو کنيو، ڪو به راز راز نه رهيو. ان ئي ساعت سڀ ڪجهه عيان ٿي ويو. اهو سڀ هتي به ٿيو. ياسمين کي آڪاش جي نگاهه اتاولي محسوس ٿي. نگاهن ماٺ ميٺ ۾ نگاهن جو پيچو ڪيو. اکين جا پيرا سڌا ڪنول جي چهري تي اچي پيا. آڪاش جي سادگي ياسمين کي موهي وئي، ۽ هوءَ مرڪي پيئي. هن پنهنجي اندر ۾ هن نئين نوجوان لاءِ دوستاڻي ڇڪ محسوس ڪئي. دوستي جي انهيءَ ڏور ۾ پوڄا به ساڻن ڳنڍجي وئي.
    جيتوڻيڪ آڪاش ڪنول سان ملڻ لاءِ وجهه پئي ڳوليا. پر تنهن هوندي به هن ياسمين ۽ پوڄا جي دوستي کي ان ڏس ۾ ڏاڪڻ طور استعمال نه ڪيو. اها جدا ڳالهه آهي ته انهي دوستي جي بدولت ٿورو اڳيان هلي کيس ڪنول سان ميل جول جا انيڪ موقعا مليا. پر ان دوستي جي دائري ۾ ته ملوڪ، سوڍو ، راڻو ۽ ملهار به هئا. هي دوستي جو هڪڙو بي غرض حلقو هو. جنهن ۾ هڪٻئي لاءِ عزت به هئي، احترام به هو، ته محبتون به هيون. ٻارن جهڙيون معصوم محبتون، جيڪي دلين جي ٽارين کي شاداب ڪنديون آهن. جيڪي اجريون، شفاف ۽ پوتر هونديون آهن. هيءَ سنگت، هيءَ حلقو پڻ اهڙين محبتن جي ڦلواڙي هو. جنهن ۾ مطلب پرستي ۽ دوکي لاءِ ڪابه گنجائش ڪانه هئي. باقي جيڪڏهن ڪنهن دل کي دل سان رشتو هو ته ان لاءِ ڪنهن کي ڪو اعتراض ڪونه هو. آڪاش جي اکين ۾ ڪنول لاءِ موجود پيار تي ياسمين ۽ پوڄا اَرهيون ڪونه هيون. پاڻ هنن ان کي هڪڙي سعادت ٿي سمجهيو. اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪنول ڪڏهن به آڪاش کي سِجھه نه ڏني. هن هميشه کانئس منهن ڦيرايو.
    نيٺ هڪڙي ڏينهن آڪاش ڪنول سان کُلي ڳالهائڻ جو فيصلو ڪيو. دوستن جي هڪڙي ميڙاڪي ۾ هن ڪنول کي ٻه ٽي منٽ اڪيلائيءَ ۾ ڳالهائڻ جو عرض ڪيو. ڪنول رکائي سان ئي سهي، پر سندس اهو عرض اگهايو هو. ٻيئي اٿي نويڪلائي ۾ اچي ويٺا.
    “توهين ايڏيون رُکيون ۽ خود غرض ڇو آهيو؟” ويهڻ شرط آڪاش ڪجھه مزاحيا انداز ۾ ڪنول کي چيو.
    “توهين مون کي اهو ٻڌائڻ لاءِ ٻاهر وٺي آيا آهيو ته آئون رُکي ۽ خود غرض آهيان!؟” ڪنول سپاٽ لهجي ۾ وراڻيو.
    “نه. اهو ته خير مذاق ٿو ڪريان. توهان کي هيڏانهن وٺي اچڻ جو مطلب اهو آهي ته گهڙي کن لاءِ پاڻ ۾ ويهي ڪچهري ڪجي.”
    “ڇا لاءِ؟”
    “ان لاءِ، جو توهان ڄاڻو ٿيون ته مون کي توهان سان عشق ٿي ويو آهي، محبت ٿي وئي آهي. منهنجي دل گهري ٿي ته توهان منهنجي انهي محبت جي موٽ محبت سان ئي ڏيو. آئون سڄي زندگي توهان جي پيار جي پناهن ۾ گذارڻ ٿو چاهيان، توهان جي وارن جي ڇانو ۾ گهارڻ ٿو گهران.” آڪاش پنهنجو اندر ڪنول آڏو کولي رکيو.
    ڪنول جي چهري تي ڪاوڙ مان هڪڙو رنگ آيو ٿي ته ٻيو ويو ٿي. کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هوءَ ايتري جرئت تي آڪاش کي ڪهڙو جواب ڏئي؟ ٻيون سڀ ڳالهيون پنهنجي جڳهه تي، پر آڪاش سندس دوستاڻي سٿ جو شريڪ هو. هوءَ انهي مرم ۾ مارجي وئي ۽ سور پي وئي.ڪاوڙ کي ضبط ڪندي، ڏڪندڙ آواز ۾ کيس چيائين:
    “آئون اهڙين ڳالهين ۽ جذبن کي فضول ۽ وقت جو زيان ٿي سمجهان. مون وٽ ان لاءِ فالتو وقت ڪونهي. مهرباني ڪري مون سان آئيندي اهڙيون ڳالهيون نه ڪجو ۽ مون مان اهڙي ڪا اميد به نه رکو. آئون پنهنجي خيال واري ڇوڪري آهيان. توهان کي مون مان ڪجهه نه ورندو سرندو. ڪنهن ڪوڙي توقع يا اميد تي منهنجي اڳيان پٺيان ڦري پنهنجو وقت نه وڃايو. پنهنجون راهون ڪڏهن به گڏجي نه سگهنديون. ڇاڪاڻ ته آئون انهن کي گڏائڻ نه ٿي چاهيان.”ايئن چئي هوءَ اٿي کڙي ٿي.
    “ويهو!” آڪاش کيس منٿ ڪئي.
    “ويهي ڇا ڪنداسين؟” ڪنول رکو جواب ڏنو.
    “ٺيڪ آهي. تون ڀلي منهنجي نه ٿي. محبت جبر نه هوندي آهي. جيڪڏهن محبت ۾ جبر يا زور داخل ٿي وڃي ته پوءِ اها محبت نه ٿي رهي. تون ڀل مون سان پيار نه ڪر. پر منهنجي دل ۾ تولاءِ جيڪا محبت مؤجزن آهي، تون اها ختم نه ٿي ڪري سگهين. اها ختم ٿيندي به نه، اها اپار آهي. مون توکي بيشڪ زندگي وانگر چاهيو آهي. تون منهنجي دل ۾ سدائين زندگي وانگر ڌڙڪندي رهندئين، پوءِ ڀل ڪٿي به هجين!”
    ڪنول اتان هلڻ لاءِ وک کنئي ته آڪاش سندس ڪَرائِي پڪڙي ورتي.
    “ويهه! گهڙي کن ويهه! اکيون ڀري توکي ڏسي وٺان. وري الائي ڪڏهن ملون يا نه ملون؟”
    “ٺيڪ آهي. چئين ٿو ته گهڙي کن لاءِ ويهان ٿي. پر منهنجي انهي ويهڻ کي اقرار نه سمجهجانءِ. ۽ ها، آئيندي ڪڏهن به اهڙي هجت نه ڪندين!” ڪنول فيصلائتي انداز ۾ چيو.
    آڪاش ڳالهائڻ بدران ڪنڌ ڌوڻي هاڪار ڪئي ۽ هوءَ سندس هٿ مان ٻانهن ڇڏائي سندس سامهون ويهي رهي.
    اتي ويٺي ويـٺي کين الاءِ ڪيترا يُگ لنگهي ويا.
    ڪنول کي ڏسندي ڏسندي آڪاش جي اکين ۾ ڳوڙها ستارن وانگر جرڪڻ لڳا. ڳوڙهن کي لڪائڻ لاءِ هن منهن مونن ۾ هڻي ڇڏيو.
    ڪنول ڪنڌ هيٺ ڪريو ويٺي رهي ۽ پوءِ الائي ڪيڏي مهل اٿي وئي؟ آڪاش کي ڪا به خبر ڪانه پيئي. سندس طلسم ان مهل ٽٽو، جنهن مهل ياسمين ڀر ۾ اچي سندس ڪلهن کي ڌونڌاڙيو. آڪاش ڄڻ ڪنهن خواب مان جاڳيو هجي. اکيون کنيائين ته سندس سامهون ياسمين اداسي سان مرڪي رهي هئي. ياسمين تان اکيون هٽائي هن ڀرپاسي ڏانهن ڏٺو. ڪنول ڪٿي به ڪا نه هئي ۽ ٻاهر رات ڏاڍي گهري ٿي ويئي هئي.
    *
    غرور سڀ کان وڏو خسارو آهي.
    پوءِ به عورت غرور ڪندي آهي ۽ ان کي پنهنجو اهم اثاثو سمجهندي آهي. هوءَ غرور جي قلعي ۾ ويهي پاڻ کي تمام محفوظ تصور ڪندي آهي. پر حقيقت اها آهي ته اهو قلعو واريءَ جو ٺهيل هوندو آهي. حقيقتن جي ٿورڙي به تيز هوا ان کي اڏاري کڻي وڃڻ لاءِ ڪافي هوندي آهي. هڪڙو ئي واچوڙو ان کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيندو آهي.
    پر پوءِ به عورت غرور ڪندي آهي.
    عورت جيتري ڇسي هوندي، اوتري مغرور هوندي- ۽ جيتري مغرور هوندي آهي اوتري ئي ڇسي ٿيندي آهي. غرور حسن مان نه ڦٽندو آهي، سونهن مان نه ڦٽندو آهي، ڇسائپ مان ڦٽندو آهي. سونهن گداز کي جنم ڏيندي آهي، ڳوُڙهائي کي جنم ڏيندي آهي. جيڪا عورت پنهنجي اندر ۾ ڀرپور، گداز ۽ ڳُوڙهي هوندي آهي، اها مغرور نه، باوقار ٿيندي آهي.
    غرور عورت جي اها ڪمزوري آهي، جنهن مان کيس وڌ کان وڌ نقصان رسندو آهي. مغرور عورت سڀ کان پهرين محبت وڃائيندي آهي. محبت سندس دل جو در کڙڪائي ٿي ۽ هوءَ ان جي ڀليڪار ڪرڻ بدران ان کان ٽهي پري ٿي بيهي رهي ٿي. ۽ جيڪي محبت کان منهن موڙيندا آهن، اهي هميشه المين جو شڪار ٿيندا آهن. جيڪي محبت کان منهن موڙين ٿا، اهي هميشه نقصان ۾ ويندا آهن. محبت هارائي، سڄي دنيا کَٽڻ جي باوجود، ماڻهو ڪجھه به نه کٽيندو آهي. غرور وڏو دوکو آهي. اهو بظاهر عورت کي اها ڏِک ڏيندو آهي ته هوءَ کٽي رهي آهي. پر اصل ۾ ايئن ڪو نه هوندو آهي. حقيقت ۾ هوءَ هارائي رهي هوندي آهي.
    مغرور عورت پنهنجو ٻيو نقصان اهو ڪندي آهي ته هوءَ پاڻ کي اڪيلي ڪري ڇڏيندي آهي. هوريان هوريان سڀيئي دروازا مٿس بند ٿي ويندا آهن. هوءَ ايئن پئي سمجهندي آهي ته ٻين تي در بند پيئي ڪري. پر ايئن نه ٿو ٿئي. هوءَ دراصل پنهنجا دروازا بند ڪري رهي هوندي آهي. تان جو بلڪل اڪيلي ٿي ويندي آهي.
    جتي غرور هوندو آهي، اتي محبت نه هوندي آهي، علم نه هوندو آهي، پنهنجائپ نه هوندي آهي، ساٿ نه هوندو آهي. اتي فقط اڪيلائپ هوندي آهي، اوپرائپ هوندي آهي-وِهه جهڙي اوپرائپ ۽ ڪاري ڪساري رات جهڙي اڪيلائي.
    اڪيلائي جي انهن اذيتناڪ گهڙين ۾ عورت جڏهن سهاري لاءِ غرورڏانهن واجهائيندي آهي ته انهي مهل اهو سندس ڀرپاسي ۾ ڪٿي به ڪونه هوندو آهي. غرور جيڪو هميشه کيس هڪڙو اڻٽٽ سهارو ۽ محفوظ قلعو ڀانئبو هو، اهو وٽس ڪونه رهندو آهي. اهو کيس دوکو ڏيئي انهي مهل پري ڀڄي ويندو آهي، جنهن مهل عورت سندس سهاري جي وڌ ۾ وڌ ضرورت محسوس ڪندي آهي. ان مهل سندس ڀر ۾ ڪجهه به ڪونه هوندو آهي. ڪير به کيس دلداري ڏيڻ وارو ڪونه هوندو آهي. اڪيلائي کيس ڏنگڻ لڳندي آهي. پڇتاءُ سندس ڪنن ۾ سرگوشيون ڪندو آهي ۽ هوءَ صفا ٽٽي پوندي آهي، ڀورا ڀورا ٿي ويندي آهي. پڇتاءُ ۽ ڀڄڻ ڀرڻ مغروري جو مقدر هوندو آهي. ۽ انهن پلن ۾ عورت اک پٽيندي آهي، پوءِ انهن گهڙين ۾ مغروري ڪانه رهندي آهي، فقط عورت رهجي ويندي آهي. پر تڏهن ڏاڍي دير ٿي چڪي هوندي آهي.
    ڪنول سان به اهو ئي ٿيو. مغروري کيس ڪٿان جو به نه ڇڏيو. هن ڏاڍي بيرحمي سان آڪاش جي دل ٽوڙي. دراصل هن نه ٿي ڄاتو ته جيڪو ٻئي جي دل ٽوڙيندو آهي، اهو اصل ۾ پنهنجي دل ٽوڙي رهيو هوندو آهي. مغروري سندس اکين تي ٿلها پڙدا چاڙهي ڇڏيا هئا، جنهن ڪري هو محبت جي معصوم ۽ سهڻي منهن کي ڏسي نه سگهي. هن هميشه وڏا خواب ڏٺا هئا، اُڏند کٽولين جهڙا خواب، اوچين اڏارن جا خواب. هن اڻيهئي مٿي ڏٺو هو. مٿي، مٿي، مٿي- جتي ڌن دولت، مال ملڪيت، مان مرتبو، عزت ۽ ناموس هوندي آهي. پوءِ هوءَ ڦونڊ ۾ ڀرجي ٿي وئي ۽ هر شئيءَ کي پنهنجي پيرن ۾ پيل ٿي ڏٺائين. بس رڳو هڪڙي اک اشاري جي دير هئي. ماڻهو ڪيڏيون نه خود فريبيون پالي ٿو! اؤن وري انهن ۾ خوش به رهي ٿو! پر اها خوشي ته پاڻي جي بوڻي جيتري به پائيدار نه هوندي آهي. ڏسندي ڏسندي ايئن ڊهي ويندي آهي، جو سندس ڪو نالو نشان ئي ڪونه رهندو آهي. خود فريبي جو ڪاڪ محل ڪِري ٿو ته ان جي سر سر سان نه ملندي آهي. هر شيءَ گم ٿيو وڃي. بس پٺيان رهجي ويندو آهي پڇتاءُ- ۽ پڇتاءُ جي بي انت پيڙا. جيڪا ڪڏهن ڪڏهن ته سڄي ڄمار ماڻهو کي ولوڙيندي ۽ گهائيندي رهندي آهي.
    پڇتاءُ ۽ پيڙا جو تير ڪنول تي به تاڻجي چڪو هو، ٻنگا ٻاڻ ڀرجي چڪا هئا. سينڱ ڇڪجي چڪي هئي. پر اهو پتو ڪنهن کي ٿي پئجي سگهيو. هن پاڻ به ته نه ٿي ڄاتو. مغرور دليون پيڙا جي پڙلائن کي نه ٻڌي سگهنديون آهن. پر جي ٻڌنديون آهن ته نٽائي وينديون آهن. هوءَ تقدير کي هارائڻ گهرنديون آهن. تقدير، جيڪا ازلي ابدي شڪاري آهي، جنهن جي تير کان ڪير به نه بچندو آهي. جنهن جو ڏنگيو ٻيو ساهه نه کڻندو آهي. هوءَ ان تقديرکي هارائڻ گهرنديون آهن ۽ نيٺ پاڻ ئي شڪست کائي وينديون آهن، ڪنول به انهي قبيلي جي عورتن منجهان هئي. هن هميشه تقدير کي هارائڻ جو سوچيو هو. ۽ هينئر تقدير محبت بڻجي سندس در تي صدا هنئي هئي ۽ هن اها صدا ورنائڻ بدران ان کي پنهنجي در تان تڙي ڪڍيو هو. ازلي ابدي شڪاري کي سندس اها هٺيلي ادا نه وڻي هئي. ان ڪري سينڱ ڇڪجي چڪي هئي. هاڻي رڳو ڪان کي ڪڙ ڪڙ ڪري وجودان نڪرڻو هو. نڪرڻو نه هو، بلڪه اهو ٻاڻ ته سدائين لاءِ اٽڪي پوڻو هو، ڪنول جي وجود ۾. ڪنول- مغرور ڪنول، هوڏي ڪنول، حسين ڪنول، نازڪ ڪنول، هيڻي ڪنول، ويچاري ڪنول! جنهن کي پتو ئي ڪو نه هو ته سڀ کان وڏو الميو خود زندگي آهي- ۽ جڏهن پڇتاءَ ۽ پيڙاءَ جو ڪو ٻاڻ وجود ۾ اٽڪي پوندو آهي ته پوءِ نه زندگي رهندي آهي، نه موت. ماڻهو ڄڻڪ پولار ۾ پيو ڦيراٽيون پائيندو آهي.
    *
    شاگردن ۽ الهڙن جي دنيا شبنم جي دنيا هوندي آهي- ناپائيدار. ان جا سک، ان جو سَرهائيون، ان جون مسرتون، سڀ ناپائيدار هونديون آهن. حقيقت ۾ المين جي اُس جو هڪڙو تيز ڪِرڻو به انهن سکن، سرهائين، خوشين ۽ مسرتن جي ماڪ کي خشڪ ڪري ڇڏيندو آهي. ڪنول، لڇمي، ياسمين، سورٺ، پوڄا، ساڀيا، روپ، شانتا، منيران، تنزيلا، عابدان ۽ ٻين نينگرين توڙي نينگرن جا هيءَ ميڙ به اهڙا ئي ميڙ هئا ـــ شاگردن ۽ الهڙن جي دنيا جا ميڙ. جن ۾ ڏکن، اداسين، پريشانين ۽ غمن جو ڪوبه گذر ڪونه هو. جتي رڳو ٽهڪڙا، خوشيون، سرهائيون، سک ۽ مسرتون پکڙيل هيون. پر ناپائيدار شيون آخرڪار ڪيترو وقت جيئن جو تيئن ۽ سالم رهي ٿيون سگهن؟ شبنم جي دنيا نيٺ به ڪيترو وقت جٽاءُ ڪري سگهي ٿي؟ آخر هڪ ڏينهن ان کي حقيقت ۽ المين جي اس سان منهان منهن ٿيڻو پوي ٿو. آڪاش جو الميو اهڙو ئي الميو هو، جنهن هن سٿ جي سمورن سکن ۽ خوشين جو انت آڻي ڇڏيو.
    آڪاش جو پورو وجود ڪنول جي مغروري هيٺان چيڀاٽجي ويو هو. هن وڏي بيدردي سان کيس رد ڪيو هو. سندس محبت کي نهايت بيرحمي سان ڌڪاريو هو. آڪاش جي دل جي ڌرتي ڌٻي وئي هئي. ساڻس وڏو بيداد ٿيو هو، نسورو ناحق ٿيو هو. هڪ مغرور ڇوڪري سندس نفيس نينهن کي چيِئَن تي چاڙهي ڇڏيو هو. سندس اندر جي دنيا اڌ ڪري ڇڏي هئي. اهو سڀ ڪجهه ان ڪيو هو، جنهن کي هن پنهنجي وجود جو حصو ٿي سمجهيو. جيڪا سندس دردن جو دارون ۽ روح جي راحت هئي. جنهن کي هن پنهنجي لونءَ لونءَ ۾ محسوس ڪيو هو ۽ پنهنجي من مندر ۾ ويهاري سندس خاموش پوڄا ڪئي هئائين. انهيءَ ديوي ئي سندس سڀ ڪجهه اجاڙي ڇڏيو هو.
    هن ته ٻُڌو هو ته مَحبت، مَحبت کي سڏيندي آهي، دل کي دل سان رستو هوندو آهي. پوءِ هي ڪهڙو ناحق هو؟ هي ڪهڙو انڌ هو؟ هي ڪهڙو بيداد هو؟ جيڪو سندس حصي ۾ آيو هو؟ ڇا محبت هن جي ڀاڳن ۾ نه لکي وئي هئي؟ جي لکي وئي هئي ته پوءِ اها ڪٿي هئي؟ هن ته ڪنول ۾ پنهنجي محبت کي ڳولي لڌو هو. پوءِ ڪنول جي اکين ۾ سندس لاءِ ڌڪار ڇو هئي؟ هن کيس ايڏي بيرحمي سان رد ڇو ڪيو هو؟ انيڪ سوال هئا، جن آڪاش کي ڌوڏي ڇڏيو هو. محبت ۾ رد ٿيڻ جي پيڙا ٻي هر پيڙا کان وڌيڪ شديد ۽ ايذائيندڙ ٿيندي آهي. رد ٿيڻ جي درد جو ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي. ڪير به انهي درد جو ٻيو ڇيڙو لهي نه سگهيو آهي. اهو درد اپار آهي، اننت آهي.
    آڪاش به انهي درد جي خلائن ۾ ڀٽڪي رهيو هو. سندس سڄو وجود چڪنا چور ٿي ويو هو. هو ايئن ٽٽو هو، جو ذرو ذري سان نه ٿي مليس. دلاسي، تسلي، اميد ۽ دلداري جي ڪابه کؤنر سندس ٽٽل وجود جي ٽڪرن کي ڳنڍي نه ٿي سگھي. حساس دليون ٽٽنديون آهن ته وري ٻيهر نه ڳنڍبيون آهن؛ هِتي ته پورو وجود ڪرچيون ڪرچيون ٿيو هو. سندس اندر جي ڪائنات رتو رت هئي. ياسمين ۽ پوڄا جي دوستي ۽ دلداريون سندس درد جو دارون ٿي نه سگهيون هيون. هن لاءِ ته زندگي ئي معنيٰ وڃائي ويٺي هئي- ۽ جڏهن زندگي معنيٰ وڃائي ويهندي آهي، تڏهن ڪجهه به باقي ڪونه بچندو آهي.
    “ڪنول! ڪنول! ڪنول!” آڪاش جي پوري وجود مان سندس پرين جي نانءُ جا پڙلاءُ پئي اٿيا. عرش عظيم جا ڪنگرا انهن پڙلائن سان ڪنبي ويا. پوري ڪائنات پڙاڏي سان گونجي وئي. آڪاش جي وجود جي رڙ سڀني ڪائناتن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ ذري پرزي ٻڌي؛ پر نه ٻڌي ته هڪ ڪنول جي دل نه ٻڌي.
    هوريان هوريان پڙاڏا خاموش ٿي ويا. ڪائنات تي سانت ڇانئجي وئي. چوڌاري بس رڳو ويراڳ پئي وسيو ۽ رات اڃا به ڏاڍي ڪاري هئي. آڪاش، جنهن کي محبت جي روشني نه ملي، اهو رات جي انهي ڀيانڪ ڪاراڻ ۾ وڃائجي ويو. رَد جي اونداهي کيس ڳڙڪائي وئي .
    آڪاش رد ڪيل محبت جو درد کڻي، پنهنجي ڪائي نئين دنيا وسائڻ لاءِ ڪنهن نئين پاسي نڪري پيو هو.
    *
    ڪنول اڄ ٿورڙي دير سان ڪاليج پهتي. رات عجيب لُڇ پُڇ ۽ آنڌ مانڌ ۾ گذري هيس. صحيح ننڊ نه ڪري سگهڻ سبب صبح اک ٿورڙي دير سان کليس. جنهن ڪري جيڏي مهل ڪاليج پهتي، ان مهل سڀ ڇوڪريون پنهنجن پنهنجن ڪلاسن ۾ هليون ويون هيون. هي به سڌي پنهنجي ڪلاس ۾ هلي آئي ۽ پنهنجي خالي پيل ڪرسي والاري ويهي رهي. ڪلاس ۾ ويٺي ويـٺي هن سڀني پاسي اک ٽيٽ ڪئي. لڇمي، ساڀيا، ياسمين ۽ پوڄا غير متوقع طور تي ڪلاس مان غير حاضر هيون. هن جي دل کي ڄڻ ڪو ڌڪ لڳو. ٻي نظر هن پنهنجن ٻين ساهيڙين تي وڌي. کيس منيران ۽ عابدان اداس اداس محسوس ٿيون. باقي ٻيو سڀ ڪجهه جيئن جو تيئن هو. ڪاليج ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا تبديلي ڪا نه هئي. هوءَ پنهنجي روايتي انداز ۾ وارن کي جهٽڪو ڏئي انگريزيءَ جو ليڪچر ٻڌڻ ۾ مصروف ٿي وئي.
    ليڪچر ختم ٿيڻ کانپوءِ جيئن ئي ٿورڙي وارکائي ٿي، منيران ۽ عابدان اچي سندس مٿان بيٺيون.
    “ڪهڙا حال اٿو!؟” هن کانئس پڇيو.
    “تون پنهنجا حال ٻڌاءِ؟” منيران جواب ڏيڻ بدران کانئس سوال ڪيو.
    ““فسڪلاس. پر اڄ ڇو لڇمي، پوڄا، ياسمين ۽ ساڀيا نظر ڪو نه پيون اچن!؟ خير ته آهي؟!” هن ٿورڙي تعجب مان پڇيو.
    “نه، سڀ خير ناهي. خبر مڙئي ٿوري ڏک واري آهي.” منيران هٻڪندي چيو.
    “ڇا ٿيو آهي؟ مون کي صحيح ٻڌايو ڇو ڪو نه ٿيون!؟” ڪنول اتاولائي مان پڇيو ۽ دل تي هٿ رکيائين. سندس دل جي ڌڙڪڻ وڌي وئي هئي.
    “ٻڌايو ڇا ٿيو آهي!؟”
    “آڪاش.....آڪاش گذاري ويو آهي. هو سڀ اوڏانهن ويون آهن. رات بس ۽ ٽرڪ جي ٽڪر سبب آڪاش سميت ٽي ماڻهو گذاري ويا آهن.”
    آخري لفظ ڪنول ڄڻ پري کان ايندي ٻڌا. کيس ڀنواٽي اچي وئي ۽ هوءَ مٿي کي هٿ ڏئي هيٺ ويهي رهي. ڳوڙها سندس ڳلن تي وهي هليا. پوءِ کيس خبر نه پيئي ته هوءَ ڪيئن پنهنجي گهر پهتي.
    *
    آڪاش جي گذاري وڃڻ سان دنيا جي صحت تي ڪو به اثر ڪو نه پيو هيو. هو ڪاليج جو شاگرد ڪو نه هو، سو ڪاليج جا به ڇپر ڪونه ڀِڳا هئا. سڀ ڪجهه جيئن جو تيئن هو. پر پوءِ به ڪجهه اهڙا هنڌ ضرور هئا، جتي ڏک، غم ۽ درد جون ڇوليون ڇليون هيون ۽ دلين کي اداسي ويڙهي وئي هئي. جن مان هڪڙو هنڌ هنن ڇوڪرين جي ساهيڙپ هئي. خود ڪنول جو من به ڏاڍو اداس هو. وياڪلتا کيس وڻ ويڙهي وانگر وڪوڙي وئي هئي.
    آڪاش جي المناڪ حادثي سان ٽهڪن، مسرتن، خوشين، حسن، خمارن ۽ رنگن جو هيءَ عالم تهس نهس ٿي ويو هو. ڏکن جو مارِي مِڙي آيو هو. ميڙاڪن جا وڻ ويران ٿي چڪا هئا. جهرڪين جي چِر چِر بند ٿي چڪي هئي.
    هن الميي ياسمين، ساڀيا ۽ پوڄا کي نهوڙي رکيو. جيتوڻيڪ انهن آڪاش جي موت جو ذميوار ڪنول کي ڪونه ٿي سمجهيو. اها ان جي ذميوار هئي به ڪانه. پر ڪنول پاران کيس بيدرديءَ سان رد ڪرڻ وارو احساس کين ضرور هو. انهيءَ ڪري هڪڙي عجيب گومگو ۽ مونجهه واري ڪيفيت سندن ذهنن تي ڇانيل هئي. هوءَ ان جو درست ڇيد نه ٿي ڪري سگهيون. شايد سندن ذهن اڃا منطقي نه ٿيا هئا. شايد هنن اهو ڇيد ڪرڻ به نه ٿي گهريو. حقيقتن سان مهاڏو اٽڪائڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. تلخ حقيقتون بلڪل چِٽيون پِٽيون، پڌريون ۽ سج وانگر روشن ٿي سامهون اينديون آهن ته ڏاڍيون ڏکوئيندڙ ۽ ناقابل برداشت ٿي پونديون آهن. پر جيسيتائين اهي ڌنڌليون ڌنڌليون ۽ پڙدي پٺيان هونديون آهن، تيسيتائين مٿن گمان جي چادر پيل هوندي آهي. گمان حقيقت جي ڀيٽ ۾ گهٽ ايذائيندڙ هوندو آهي. ان ڪري ماڻهو حقيقتن بدران گمانن تي گذارو ڪندا آيا آهن. انهي جي ڪري هنن به ڪا وڏي اوک ڊوک نه ٿي ڪئي. حقيقتن جا ٻيئي پاسا سندن لاءِ قبولڻ ڏاڍا ڏکيا هئا. پر پوءِ به سندن دماغ جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ اها ڳالهه ڇپ هنيو ويٺي هئي ته آڪاش ڪنول جي بيرخي جي آڳ ۾ جلي ڀسم ٿيو هو. محبت گل به هوندي آهي ته آڳ به هوندي آهي. گل تي ڀؤنرا ڀِرندا آهن، پوپٽ ڦيرا ڏيندا آهن، مڌ مکا مِڙندا آهن ۽ هرڪو اتان قُوتُ قرار ۽ جيئندان ماڻيندو آهي. پر ڄر تي رڳي پتنگ اچي لهندا آهن ۽ پاڻ واريندي ڄڀي ۾ ڄرڪي ويندا آهن. ڪنول نالي ۾ ته ڪنول هئي، پر آڪاش ڪنول جو گل نه ٿي سگهي ۽ کيس محبت جو آڪاس نه آڇي سگهي. اتي رڳو ڄر، ڄڀيون ۽ ڄيرا هئا، جن جي لهس ۾ لوساٽجي آڪاش هن دنيا کي الوداع ڪري ويو هو. اهو احساس هنن جي ذهن جي ڪنهن اڄاتي ڪنڊ ۾ موجود هو. جنهن ڪري ڪنول سان سندن رشتي ۾ هڪڙي ڳنڍ اٽڪي پيئي هئي، هڪڙي وٿي پيدا ٿي پيئي هئي. اڳي جيڪا هڪٻئي کانسواءِ هڪ ساعت به ڪانه سرندي هُينِ، هينئر انهي جي جاءِ تي هڪ قسم جي سرد مهري اچي وئي هئي ۽ خاموش ڌاريائپ کين هڪٻئي کان پرتي ڌڪي رهي هئي. جيتوڻيڪ هوءُ اڄ به پاڻ ۾ ڳالهائينديون هيون، پر هاڻي سندن ڳالهائڻ ۾ اڳوڻي گرمجوشي، ڇڪ ۽ ميٺ نه رهي هئي. اندر ئي اندر هوءُ هڪٻئي کان گهڻو پري ٿي ويون هيون.
    خود ڪنول پڻ انهي حادثي کان تمام گهڻي متاثر ٿي هئي. هن جي خواب خيال ۾ به ڪونه هو ته ڪو ايئن ٿي سگهي ٿو. هن آڪاش سان محبت ته ڪانه ڪئي هئي، ۽ انڪار سندس حق هو؛ پر آڪاش جي جواني واري المناڪ موت سندس اکين ۾ ڳوڙها ڏئي ڇڏيا هئا ۽ سندس اندر کي اڌ ڪري ڇڏيو هو. ڪنهن حد تائين هوءَ پڇتاءُ ۾ وڪوڙيل هئي. هوءَ عجيب احساسن جو شڪار ٿي وئي هئي. اهڙا احساس، جن کي هوءَ پاڻ سمجهڻ کان قاصر هئي. سندس من ۾ هڪڙي اڄاتي آنڌ مانڌ متل هئي، هڪڙي ولوڙ هئي، جنهن کيس سک سان سمهڻ نه ٿي ڏنو.
    پر اها حالت گهڻو وقت نه رهي. ڪاليج جا امتحان سر مٿان چڙهي آيا هئا. سڀ ڇوڪريون امتحانن ۾ لڳي ويون. مصروفيت جي ڪري ٻين سڀني ڳالهين جي ڌوڙ هوريان هوريان ڄمي وئي. آڪاش سڀني کان وسري ويو. دنيا ڏاڍي مصروف آهي ۽ مصروفيت ۾ گهڻو ڪجهه وساري ڇڏيندي آهي. آڪاش به وسري ويو. ياسمين، پوڄا ۽ ساڀيا کي به وسري ويو يا وري ڪيڏي ڪيڏي مهل ڪڏهن ڪڏهن ٿورڙي دير لاءِ ايندڙ ياد بڻجي ويو. البت ڪنول سان سندن رشتي ۾ پوندڙ ڏار ٻيهر وري ڪڏهن به ڀرجي نه سگهيا.
    ڪنول به سِگهي ئي انهن احساسن مان پاند آجا ڪرائي ورتا. آڪاش سندس لاءِ به هڪڙو وسريل باب بڻجي ويو. پوءِ هن ڪڏهن به کيس شعوري طور تي سارڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي. البت ڪڏهن ڪڏهن اداسي يا اڪيلائي جي ڪنهن پل ۾ جيڪڏهن سندس ياد ڪنول جي ذهن ۾ ڌوڪي ايندي هئي ته سندس روم روم سان رڻ ڪري ويندي هئي.
    *
    امتحان ختم ٿيا ته ڪاليج بند ٿي ويو. سڀئي ڇوڪريون پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ بند ٿي ويون. ويجهن ساهيڙين وچ ۾ به اڳي جهڙو ميل جول ڪونه رهيو. هفتي پندرهين ڏينهن مس وڃي ڪنهن جي ڪنهن سان ملاقات ٿيندي هئي. جيڪي اڳي هڪڙي سنگ جي داڻن وانگر هونديون هيون، اهي هاڻي ڪڻو ڪڻو ٿي ويون. فراق جو ڳاهه ڳاهجي رهيو هو ۽ هوءَ داڻي داڻي جيئن ڌار ٿي رهيو هيون. پر اها ته اڃا شروعات هئي. لکيي جا ليک ڀلا ڪنهن پڙهيا آهن؟ لکيو، جيڪو اڻ ڏٺو آهي، جيڪو لڪل آهي، جيڪو ڳُجهه آهي- اهو اڻيهئي اوچتو نڪري نروار ٿيندو آهي ۽ مست الست درياهه جيان ڪڏهن ڪڏهن انساني آرزوئن، امنگن، خواهشن ۽ تمنائن جي وسندين کي ٻوڙيندو، لوڙهيندو، پٽ ڪندو ويندو آهي. انهي ٻوڏ جي لپيٽ ۾ جيڪو به آيو، پاڙان پٽجي اکڙجي ويو. ڪڏهن ڪڏهن وري لکيي جا ليک ايڏا مهربان ۽ ڀاڳن ڀريا هوندا آهن، جو زندگي جي برپٽ بيابانن ۽ ٺوٺ ميدانن کي باغ بهار ۽ گل گلزار ڪري ويندا آهن. ان ڪري ماڻهو انهيءَ کان ڊڄندا به آهن ته ان ۾ ڀلائي جي اميد به رکندا آهن. ان ڪري ماڻهو ڏڪندا به آهن، ته سپنا به ڏسندا آهن ۽ آرزوئون، امنگون، خواهشون ۽ تمنائون به پاليندا آهن.
    عورتون سڀ کان گهڻا سپنا الهڙ وَهيءَ ۾ ڏسنديون آهن. ايترا سپنا- جو اندر جهاتي پائڻ سان ايئن لڳندو آهي ته هيءَ ڇوڪريون ته ڪر ٺهيل ئي آرزوئن، امنگن، تمنائن ۽ سپنن جون آهن.
    جواني جي پهرين پلن ۾ عورت هڪ خواب هوندي آهي. هن جو اٿڻ ويهڻ، گھمڻ ڦرڻ، هلڻ چلڻ، ملڻ جلڻ ۽ سوچڻ ڪرڻ سڀ خواب هوندو آهي. هن جو پورو وجود هڪڙو خواب هوندو آهي. اهڙو خواب، جنهن ۾ زندگي ڌڙڪندي آهي ۽ محبت ساهه کڻندي آهي. هيءَ سڀ ڇوڪريون به پنهنجي پنهنجي وجود ۾ هڪڙو خواب هيون، هڪڙو سپنو هيون. هوءَ سپني جو به سپنو هيون. هر سپني ۾ سئو سپنا هئا، سوين آرزوئون، سوين امنگون هيون. سوين خواب ۽ خيال هئا، جيڪي کين همٿائيندا هئا، ڳڻتيون ۽ ڳاراڻا ڏينداهئا. هڪ لمحي سڀ ڪجهه کين پنهنجي هٿ ۾ محسوس ٿيندو هو. ٻئي لمحي ڪو اڻ لکو ڊپ کين وسوسن ۾ ويڙهي ڇڏيندو هو. پر پوءِ به اميد ۽ يقين جو پهلو تمام گهڻو سگهارو هو. اميد ۽ يقين زندگي جا تُرها آهن. انهن تُرهن جي سهاري ماڻهو گهري کان گهري سمنڊ ۽ تار طوفانن مان تريو پار پئجيو وڃي. اهي تُرها هنن وٽ به صحيح سالم حالت ۾ هئا.
    سڀني وٽ پنهنجا پنهنجا سپنا هئا. پر هڪڙو سپنو سڀني وٽ ساڳيو هو- اهو هو روشن، تابناڪ، خوشين ۽ محبتن ڀريي آئيندي جو سپنو. هي اهو سپنو آهي، جيڪو هر انسان جو انفرادي سپنو آهي، ۽ جيڪو انفرادي هوندي به انسانذات جو اجتماعي سپنو آهي. اڪيلي اڪيلي توڙي گڏيل طور انسان ان سپني جي ساڀيا لاءِ جاکوڙيندا ۽ پتوڙيندا رهيا آهن. سوين هزارين سالن کان انهي سپني انسانن کي بيچين رکيو آهي. سندن سک جو سپنو ـــ جنهن کين سک سمهڻ ڪونه ڏنو آهي. اهو سپنو هر پيڙهي جي اکين ۾ ٽاڪيل رهيو آهي. هن پيڙهي جون اکيون به ان کان خالي نه هيون. هيءَ پيڙهي- جنهن جو هڪ حصو ڪنول به هئي. ڪنول ڪڏهن به ڪنهن سان پنهنجا سپنا نه سليا هئا. پر پوءِ به وٽس اهڙائي سپنا هئا، جهڙا سندس ساهيڙين وٽ هئا. انهن سپنن ۾ اهو سپنو به هو، جيڪو ڇوڪرين جي هر سپني جي سر جو موڙ آهي. پر هن ڪجهه وقت اڳ کليل اکين سان جيڪو ڀيانڪ ۽ ڇرڪائيندڙ سپنو ڏنو هو، انهي سندس سپنن کي ڌنڌلو ڪري ڇڏيو هو. هن وٽ سپنا هئا، پر ڌنڌلا ڌنڌلا ۽ ميرانجهڙا؛ ۽ عجب اهو هو ته هن اها ڌنڌ هٽائڻ به ڪو نه ٿي گهري.
    ۽ پوءِ ڌنڌ جي انهن ئي ڏينهن ۾ هوءَ پرڻجي وئي.
    *
    امتحانن جا نتيجا اچي چڪا هئا. ڪاليج وري کلي چڪو هو. آخري سال جون جيڪي شاگردياڻيون سٺن نمبرن ۾ پاس ٿيون هيون، انهن ۾ ڪنول به هئي. البت اڳي جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري هن گهٽ مارڪون ضرور کنيون هيون. کيس خبر هئي ته ايئن ٿيڻو هو، سو هوءَ ذرو به اچرج ۾ ڪانه هئي.
    ڪاليج کليو ته هر سال جي روايت وانگر هن دفعي به نون آيلن جي ڀليڪار ۾ آجياڻو ۽ ويندڙن جي مان ۾ الوداعي تقريب ٿي. جنهن ۾ سٺا نمبر کڻندڙ شاگردياڻين کي ايوارڊ پڻ ڏنا ويا. ايوارڊن ڏيڻ لاءِ زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ، شهر جي ناليرين شخصيتن کي گهرايو ويو هو. جن ۾ شهر جو وڏو ٺيڪيدار سيٺ سومار پڻ شامل هو.
    سيٺ سومار غريب جو ٻار هو. گهڻو پڙهي نه سگهيو. پر پوءِ به ٻه اکر پيٽ ۾ هئس ۽ هوشيار ۽ چالاڪ پڻ هو. جنهن سبب اڳتي نڪري آيو. زندگي جا ڪيترائي لاها چاڙها ڏٺا هئائين. هاءِ اسڪول مان پڙهائي پوري ڪرڻ کانپوءِ سندس مائٽن ۾ ايتري وسيت ڪانه هئي، جو کيس ڪجهه اڳتي پڙهائين. ان ڪري کيس ڌنڌي ڌاڙيءَ جي ڳولا ڪرڻي پئي. اڃا پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جي ايڏي گهڻائي پيدا ڪانه ٿي هئي. ان ڪري جنهن کي به ٻه اکر پيٽ ۾ هئا، انهيءَ جو قدر هو. سيٺ سومار کي به گهڻا هٿ پير هڻڻا ڪونه پيا. کيس ستت ئي خانگي نوڪري ملي ويئي. هو ٺيڪيدار سيٺ ڪرم علي وٽ منشي ٿي ويو. جتي دل جان ۽ هوشياري سان ڪم ڪيائين. اعتماد ماڻيائين. هوريان هوريان سيٺ ڪرم علي جي سڄي ڇيڙي نبيري سندس هٿ ۾ اچي وئي. سيٺ کي به کارايائين. پاڻ به کاڌائين. نيٺ هڪڙي ڏاڪي تي پهچي هن سيٺ ڪرم علي کان پنهنجون راهون الڳ ڪيون. ننڍا ننڍا ٺيڪا کڻي مٿي چڙهيو. هڪڙي ڏينهن وڏن ٺيڪيدارن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. ڪاروبار کي پکيڙ ڏنائين. مختلف ڌنڌن ۾ پئسا سيڙايائين. هاڻي سندس ملڪيت ڳاڻيٽي کان ٻاهر هئي.
    دولت ايندي آهي ته ماڻهو جي هلت چلت، اٿڻي ويهڻي، سڀاءُ، ورتاءُ ۽ ڏيک ويک ۾ به هڪڙي قسم جو شان ۽ اعتماد اچي ويندو آهي. سيٺ سومار جي شخصيت ۾ به هڪڙي قسم جي ڏيا اچي وئي. ماڻهو سندس اڳي کان به وڌيڪ احترام ڪرڻ لڳا. البت پوءِ- ڍاون واريون عادتون به منجهس پيدا ٿيون. جنهن ڪري هو مختلف ڪمزورين جو شڪار پڻ بنيو. منجهس منفي لاڙن پڻ جنم ورتو. تنهن هوندي به سماج ۾ سندس گهڻيري عزت هئي. دولت ڪمزورين، خرابين ۽ اوڳڻن کي ڍڪي ڇڏي ٿي. اوڳڻ جيترا ڍڪجن ٿا، اوترا وڌن ٿا. ڍڪ ۽ روڪ ۾ فرق آهي. دولت ڍڪي ضرور ٿي، پر روڪي نه ٿي. ڪن ڪن حالتن ۾ ته پاڻ انهن کي وڌائي ٿي. گهڻي دولت ۽ گهڻي غربت- ٻيئي براين، بڇڙائين، اوڳڻن ۽ ڏوهن کي جنم ڏين ٿيون. معاشري ۾ ٻنهي جي وچ ۾ جيتري وڏي وٿي هوندي، معاشرو اوترو وڌيڪ زوال جو شڪار هوندو. بدحال سماج ۾ شاهوڪار فرد بداخلاق، ڏيکاءُ پسند ۽ پاڻ پڏائڻ وارا ٿيندا آهن. سيٺ سومار ۾ به، جنهن معاشري جو هو حصو هو، ان جون چڱايون لڱايون موجود هيون. شايد لڱايون ڪجهه وڌيڪ. پر دولت سندس ڍڪ هئي. کيس شهر ۾ وڏو مان مرتبو حاصل هو. شهر جا ميڙاڪا ۽ تقريبون سندس ڌاران سُونيون سُونيون، ٻُسيون ٻُسيون ۽ ويران هونديون هيون. هو انهن ميڙاڪن ۽ تقريبن جي جان هوندو هو. ڪابه اهڙي تقريب ڪانه هوندي هئي، جنهن جي کيس دعوت نه هجي؛ ۽ هو ڪابه دعوت نه وساريندو هو. اڄ هو ڪاليج جي هن پارٽي ۾ شريڪ هو. جنهن ۾ رنگبرنگي ويس وڳا اوڍيل ڇوڪريون گلن وانگر سڳنڌون وکيري رهيون هيون. انهن سڳنڌن ۾ هڪڙي سڳنڌ ڪنول جي به هئي.
    تقريب هلندي ڪيترين ئي ٻين ڇوڪرين وانگر ڪنول کي پڻ اسٽيج تي اچڻو پيو هو. بلڪ هوءَ ٻه ڀيرا اسٽيج تي آئي هئي. هڪ ڀيرو ايوارڊ وٺڻ لاءِ ۽ ٻيو دفعو هڪڙي ٽيبلي ۾ حصو وٺڻ لاءِ. ٽيبلي ۾ ڳوٺاڻي ماحول جي عڪاسي ڪئي وئي هئي. ان ۾ ڪنول ڳوٺاڻي ڇوڪري جو ڪردار ادا ڪيو هو. جيڪو ڏاڍو جاندار ۽ ڀرپور هو. اداڪاري ڪنول جي انگ انگ مان ڦٽي نڪتي هئي. سندس آواز، جملن جي ادائيگي، چهري جا تاثر، جسم جي چرپر- سندس پورو وجود خواب بڻجي ڪردار ۾ پيهي ويو هو. اکيون ٽڪ ٻڌي کيس تڪي رهيون هيون. ڏسندڙ پنڊ پهڻ هئا. ماحول تي هڪڙي قسم جو جادو ڇانيل هو. ڏسندڙن کي اها به خبر نه پيئي ته ٽيبلو ڪيڏي مهل ختم ٿيو، اداڪار ڪيڏي مهل اسٽيج تان غائب ٿيا ۽ ڪيڏي مهل پڙدو ڪريو؟ سندن هوش حواس انهي مهل جائيتا ٿيا، جنهن مهل ڪمپيئر ڳالهائڻ شروع ڪيو. ماڻهو ڇرڪ ڀري ڄڻ ننڊ مان سجاڳ ٿيا ۽ پوءِ پنجن ستن منٽن تائين لڳاتار ڀرپور تاڙيون وڄنديون رهيون؛ جن جي گونج ڪاليج کان ٻاهر پري تائين ٻُرندي هلي وئي هئي. تاڙيون وڄائيندڙن ۾ سيٺ سومار به شامل هو، جيڪو ٻارن وانگر بي اختيار تاڙيون وڄائي رهيو هو. تاڙيون وڄائيندي کيس احساس ٿيو ته ڪنول اسٽيج تان خالي هٿين ڪانه وئي هئي، پر سندس سيني مان به ڪا شئي چوري ڪندي وئي هئي.
    *
    مرد جي من ۾ ڪنهن عورت جي لاءِ هورا کورا پيدا ٿيندي آهي ته ماٺي ٿيڻ بدران وڌندي ئي ويندي آهي. سيٺ سومار سان به ساڳي حالت هئي. ڪنول جو حسن سندس من ۾ آڳ لڳائي ويو هو، جيڪا اجهامي نه ٿي اُجهي. هو وس ڪري بيٺو، پر سندس من شانت نه ٿيو. اندر جي آڳ نه اجهاڻي. ان رکي رکي ڀڙڪا ٿي ڏنا. سندس هورا کورا جيئن پوءِ تيئن وڌندي ٿي وئي. هو زندگي ۾ ايڏو پريشان ڪڏهن به ڪونه ٿيو هو. جيتوڻيڪ هو ڪو الهڙ ڪو نه هو. هن زندگي جي گل گل جو واس ورتو هو. ڪئين عورتون سندس زندگي ۾ آيون ۽ ويون هيون. هن جنهن سان جيئن چاهيو تيئن ورتاءُ ڪيو هو. عورتون سندس جيون ۾ ڄڻ ته سندس ئي شرطن تي اينديون هيون. جڏهن چاهيائين ماڻيائين، جڏهن چاهيائين ٿيڙي ڇڏيائين. ان نقطي تي فقط سندس من جي مرضي هلندي هئي. جنهن مان به سندس من ڀرجي ويو، اها ٿيڙجي وئي- ۽ جيڪا ٿيڙجي ويئي، اها وري ڪڏهن ڀلجي به کيس ياد نه آئي. هو پوئتي لنئوڻو رڳو تڏهن هڻندو هو، جڏهن حساب ڪتاب ۾ منجھندو هو. ليکي چوکي جي سلسلي ۾ هو پراڻن ڪاڳرن ۽ پراڻين بندين جا ورق ورائيندو هو. باقي هن ڍيليل عورت لاءِ ڪڏهن به لنئوڻو ڦيرائي پوئتي نه ڏٺو. اهي نالا جيڪي ڪڏهن سندس دل جي درين ۾ چراغن جيان ٻرندا هئا، سي جڏهن وساڻا ته هن انهن تي ڄمي ويل ڪَس ۽ ڌُنڌ کي ڪڏهن ڪونه هٽايو. پراڻو چراغ اجهاڻو ته هن ان کي ڇڏي ڪو نئون ڏيئو ٻاريو. عورتون هن لاءِ ڏيئڙا ڏيئڙا هيون، پر هو پتنگ ڪو نه هو، جيڪو انهن مٿان جلي وڃي. ڏيئڙا هن لاءِ ٻرندا هئا ۽ هن لاءِ ئي جلندا هئا. عورتون هِتي ڏيئو به پاڻ هيون، ته پتنگِ ۽ پتنگيون به پاڻ هيون، جيڪي هن جي پيار جي لاٽ تي ڄرڪِي وينديون هيون. هي انهن مان روشني ماڻيندو هو، سندن تڙڦڻ ۽ پچڻ ڏسندو هو- ۽ پوءِ هوا جي جهوٽي وانگر کين وسائي کانئن پري هليو ويندو هو. ايترو پري، جو هوءَ ٻيهر سندس دنيا ۾ داخل ٿي نه سگهنديون هيون. هيءَ اهي عورتون هيون، جن کيس چاهيو هو، جيڪي مٿس موهت ٿيون هيون. انهن کانسواءِ رات گذارڻ وارين جو ته ڳاڻيٽو ئي ڪونه هو. جڏهن به کيس طلب محسوس ٿي، مائي مَلڪان جي ڪوٺي تي فقط فون گهمائڻ جي دير هوندي هئي. آخرڪار هو سندس نهايت سڻڀو گراڪ هو. پر انهن ماين جي اهميت فقط هڪڙي رات تائين هوندي هئي. پر جي ڪائي کيس گهڻو لطف ڏيئي وئي، ته وڌ ۾ وڌ ٻه يا ٽي راتيون. ان کان وڌيڪ هو ڊيگهه ڪونه ڪندو هو. باقي جن گهريتڙين کيس چاهيو هو، جيڪي شريفائون سندس دامِ محبت ۾ ڦاٿيون هيون، انهن جو قصو ڇهه مهينا سال تائين هلي ويندو هو. هڪ ئي وقت ٻه ٻه ٽي ٽي مايون به سندس دامِ محبت ۾ ڦاٿل هونديون هيون، پر سندس محبت کي دوام حاصل نه هو. هن جي محبت روح جي محبت نه هئي، جسم جي محبت هئي. جنهن ۾ گهڻي وقت تائين تازگي نه رهندي هئي. هِتان تازگي ختم ٿي، هُتان هن جي محبت پرڙا ڦڙڪايا. وري نوان ماڳ، نوان مڪان، نوان ماڻهو. ڪابه چاڳلي پنهنجي چاڳن ۽ چڳن سان کيس هميشه لاءِ ونگي نه سگهي. ٻيو ته ٺهيو پر هن لاءِ پنهنجن گهر وارين جا ونگ به ڪمزور ثابت ٿيا. پهرين شادي هن مائٽن جي چوڻ تي ڪئي. بعد ۾ ٻه شاديون ٻيون پنهنجي پسند تي ڪيائين. پر انهن ۾ به گهڻي وقت تائين موهه نه رهيس. ايترو سو هو جو انهن جو هٿ تنگ ٿيڻ نه ڏنائين. دنيا جا سڀئي سک، جن جا عورتون سپنا ڏسنديون آهن، سي کين ميسر ڪري ڏنائين. پر دل جي محبت انهن کي به نه ڏئي سگهيو. هو جلد ئي منجهانئن ورچي پوندو هو. اهو ورچڻ کيس ٻاهر وٺي ٿي آيو. ٻاهر جي دنيا، جيڪا وسيع هئي، رنگ رنگ هئي. هو انهي مان رنگ، روپ ۽ خوشبويون ميڙيندو هو. انهن رنگن، روپن ۽ خوشبوئن پٺيان هو در در ڀٽڪندو هو. ڀؤنر وانگر کيس ڪنهن به گل تي ٽڪاءُ ڪو نه هو. گل گل جو واس وٺي به هو اڃارو هو. ماندو هو. شايد هو بي راهه مسافر هو، جيڪو منزل جي ڳولا ۾ در در ڀٽڪي رهيو هو. انهيءَ ڳولا ۾ ڀٽڪندي، جڏهن سندس اکيون ڪنول تائين پهتيون ته ٽڪ ٻڌي مٿس بيهي رهيون. ڄڻڪ کين منزل ملي وئي هئي.
    ڪنول ۽ سيٺ سومار جي عمرين ۾ اڌو اڌ کان به وڌيڪ فرق هو. ڪنول اسر ويلي ٽڙيل تازي گل وانگر هئي. اڃا به ايئن چئجي ته مکڙي هئي- ۽ سيٺ سومار جي ڄمار جو سج ڪاپار کان لڙڻ لڳو هو. ٻنهي جي عمرين و چ ۾ موجود اهو تفاوت سيٺ سومار کي ستائي رهيو هو. هن ڪنول کي هر قيمت تي ماڻڻ ٿي چاهيو. پر ان جو رستو فقط هڪڙو هو- اهو هو شادي. ۽ ان ۾ ڏکيائي اها هئي ته ٻنهي جي عمرين ۾ موجود تفاوت سبب ڪٿي ڪنول جا مائٽ اها سنڱاوتي ڪرڻ کان انڪار نه ڪري ڇڏين. هن انڪار ٻڌڻ نه ٿي چاهيو. ان ڪري گذريل ڪجهه ڏينهن کان سندس اندر ۾ وڏي آنڌ مانڌ متل هئي. هن ڪنهن به قيمت تي ڪنول کي وڃائڻ نه ٿي چاهيو.
    نيٺ هو ان ٻڏتر مان نڪري آيو ۽ ڪنول جي مائٽن کان سندس سنڱ جي گهر ڪيائين.
    ڪنول جا مائٽ مسڪين ڪونه هئا، ته ايڏا وڏا شاهوڪار به ڪونه هئا. بس هڪ حد تائين پاڻڀرا هئا. مڇيءَ ماني وارا هئا. پر هيڏي وڏي ماڻهو سندن ڌيءَ جو سنڱ گهريو هو. جنهن ڳالهه کين منجهائي رکيو. هنن سوچڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن جي مهلت گهري.
    سيٺ سومار ڪنول جي لاءِ الڳ بنگلي ٺهرائڻ ۽ کيس مائٽن وٽ اچڻ وڃڻ لاءِ گاڏي وٺي ڏيڻ ۽ دنيا جا سڀ سک سندس پيرن ۾ رکڻ جو واعدو ڪيو. هِتي مائٽ ڌيئن جا رشتا ڏيڻ مهل سڀ کان وڌيڪ ترجيح ۽ اوليت دولت ۽ آسائشن کي ڏيندا آهن. سو هن هنڌ ته ڄڻ دنيا جا سڀ سک ڪنول جي پيرن ۾ پيا هئا. سندس ماءُ هرکي پيئي.
    “منهنجي ڌيءَ راڄ ڪندي راڄ! الڳ ٿلڳ بنگلو، گاڏي، ڌن، دولت؛ سڀ ڪجهه ته سيٺ سندس نالي ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ڏسين ڪو نه ٿو ته هو ڪيڏو نه اتاولو آهي. هو مٿس هرک هاري ويٺو آهي. ڪنول جهڙي سهڻي زال ته کيس ملندي به ڪانه. هو کيس اکين تي ويهاريندو.” ڪنول جي ماءُ پنهنجي مڙس کي چيو.
    “ڪنول ماءُ! پوءِ به ٻنهي جي عمرين ۾ ڏس ته وڏو فرق آهي. ڪٿي ايئن نه ٿئي ته اسين دولت جي چمڪ تي پنهنجي ڌيءَ کي ٽانڊن مٿان نه اڇلي ڇڏيون.” ڪنول جو پيءُ، جيڪو هي سنڱاوتي ڪرڻ ۾ هٻڪيو پئي، ان پنهنجي گهر واريءَ کي ورندي ڏني. “ٻيو ته وڏن ماڻهن تي اعتبار نه ڪرڻ گهرجي. سندن سڀ شؤنق عارضي هوندا آهن. سڀاڻي هو اڃا ڪنهن ٻي ڇوڪري سان شادي ڪري ته پوءِ اسان جي ڇوڪري ته تباهه ٿي ويندي نه! سڄي عمر رت جا ڳوڙها ويٺي ڳاڙيندي.”
    “ڏس! وات مان اولي وائي نه ڪڍبي آهي. اسين سيٺ صاحب کان سڀ ڳالهيون لکائي وٺنداسين. مٿانئس وري ٻي شادي نه ڪرڻ جو شرط به لاڳو ڪريون. مڃي ٿو ته پوءِ ٺيڪ آهي.” جوڻس جواب ۾ وراڻيو.
    اهڙي طريقي سان ٻنهي زال مڙس وچ ۾ ٻه ٽي ڏينهن تائين صلاح مشورا هلندا رهيا. ٻن چئن ويجهن مائٽن کي به ان سلسلي ۾ صلاح صواب لاءِ گهرايائون. البت هنن نه پڇيو ته ڪنول کان ان باري ۾ نه پڇيو.
    مهلت جا ڏينهن پورا ٿيا ته سيٺ صاحب وري سندن در تي لڙي آيو. هنن کيس پنهنجن شرطن شروطن کان آگاهه ڪيو.
    سيٺ هڪ ئي ڌڪ ۾ سڀئي شرط مڃيا.
    ۽ هنن کيس ڪنول جو سنڱ ڏيڻ لاءِ هاڪار ڪري ڇڏي.
    *
    مائرون پنهنجن عمر ڀر جي ڏکن، دردن ۽ محرومين جو علاج پنهنجي ڌيئرن جي زندگين ۾ ڳولينديون آهن. ڌيءَ لاءِ سٺو گهر، سٺو ور ۽ ان جو اولاد ڏسي هوءَ پنهنجا سڀ دک ڀلجي وينديون آهن. ڪنول جي ماءُ به شايد سندس ڌيءُ جي مستقبل ۾ پنهنجن محرومين جو مُدائو پئي ڳوليو. سندس لاشعور سندس خوشين ۾ ڪٿي ڇپ هنيو ويٺو هو. ڌيءُ جي هن رشتي ۾ هوءَ ڏاڍي خوش هئي. جيڪي سک، آسائشون ۽ خوشيون هوءَ ڪنول کي ملنديون ڏسي رهي هئي، هن پاڻ به پنهنجي وهيءَ ۾ جيڪس اهڙا خواب ڏٺا هئا. سندس ڪيترائي خواب اڻپورا رهجي ويا هئا. هوءَ هاڻي وهي کائي چڙهي هئي- ۽ کيس ياد به نه رهيو هو ته هن پنهنجي جواني ۾ ڪي خواب ڏٺا هئا، ڪي سپنا ڏٺا هئا. ڪهڙا سپنا هئا؟ تن منجهان ڪهڙا پورا ٿيا، ڪهڙا رهجي ويا؟ کيس ڪجهه ياد ڪونه هو. هن ڪڏهن به مڙي پوئتي ڪونه ڏٺو. شايد هن مڙي نهارڻ به ڪونه ٿي گهريو. زالون مڙسن سان گڏ هلنديون آهن ۽ مائرون اولاد جي مستقبل ۾ چِتائينديون آهن. اولاد جو مستقبل سندن اڌورين، اڻپورين ۽ رهجي ويل خواهشن جو پورائو هوندو آهي.
    عورت پاڻ به سپنو آهي. ان ڪري سدائين سپنن ۾ جيئندي آهي. هوءَ سپني کان ٻاهر رڳو ايترڙي دير هوندي آهي، جيتري دير سندس اکين ۾ لڙڪ هوندا آهن. عورت جو سپنو ٽٽندو آهي ته سندس اکين ۾ ڳوڙها ايندا آهن. عورت گهڻو روئندي ئي تڏهن آهي، جو هيءَ سماج سپنن جو دشمن آهي. اهو گهڙي گهڙي سندس سپنن سان ٽڪرائجندو آهي ۽ سندس خوابن کي ڀورا ڀورا ڪندو رهندو آهي. سپنو ٽٽندو آهي ته هوءَ روئندي آهي. پر وري جيئن ئي ڳلن تان ڳوڙها سُڪنس ٿا، هوءَ وري سپني ۾ هليو ٿي وڃي. سپنو ۽ عورت ساڳي ڳالهه آهي. ان ڪري هوءَ سموري ڄمار سپنن ۾ ٿي جيئي. البت عمر جي مختلف موڙن تي سندس سپنا بدلجندا رهندا آهن. ڪنول جي ماءُ به هاڻي پنهنجي لاءِ نه، پر ڌيڻس لاءِ سپنا ڏسي رهي هئي. هن کليل اکين سان وڻندڙ، سندس دل کي ڀانئندڙ سپنا پئي ڏٺا. انهي ڪري هوءَ تمام گهڻي خوش هئي.
    *
    ڪنول بلڪل خاموش هئي. سندس زندگي بابت فيصلا پئي ٿيا، پر هوءَ ايئن ماٺ هئي، جو ڄڻ کيس ڪا خبر ئي نه هجي. هن ڪابه راءِ ڪانه ٿي ڏني. جيڪي ڪجهه سندس سامهون وهي واپري رهيو هو، ان کي ماٺ ميٺ ۾ ڏسي رهي هئي. هن گهر وارن جي مونجهه کي به ڏٺو؛ هاڻي سندن خوشي کي به ڏٺائين پئي. هن کي ايئن ٿي لڳو ڄڻڪ سڀ ڪجهه ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل هجي. پُراسرار ۽ ڌنڌلو ڌنڌلو. انهي ڌنڌ مان کيس ڪنهن ڪنهن مهل آڪاش جو چهرو ڏيکائي ڏيڻ ٿي لڳو، ته ڪنهن مهل ڪجهه به نظر نه ٿي آيس. جنهن مهل به کيس آڪاش جو چهرو نظر آيو ته هوءَ هڪ ئي وقت مختلف ڪيفيتن ۾ وڪوڙجي ٿي وئي. کيس افسوس ٿي ٿيو، پڇتاءُ ٿي ٿيو. ساڳئي وقت اٿاهه ڌڪار به سندس من ۾ اڀري ٿي ۽ آڪاش جي بيوقوفاڻي تي کيس ڪاوڙ ٿي آئي. هو پنهنجي جذباتيپڻي ۽ بيوقوفاڻي انداز جي اظهار سان هن جي زندگي ۾ هڪڙي اذيت ۽ ولوڙ پيدا ڪري ويو هو. ڪنول کيس بلڪل ياد ڪرڻ نه ٿي گهريو. ان ڪري جنهن مهل به هو کيس ياد آيو، ڪنڌ کي جهٽڪي پاڻ کي سندس خيال جي ٻانهن مان ڇڏائي ٿي ورتائين.
    هن پنهنجي مڱڻي جي ڳالهين کي به انهي ڌنڌ مان ٿي ٻڌو. سيٺ سومار کي هن ڪاليج واري تقريب ۾ ڏٺو هو. پڪي عمر هوندي به ڦڙت، جهڙڳ مڙڳ، تيز ۽ نفيس نظر ٿي آيو. منجهس مرداڻي ڏيا هئي. پر هن پنهنجي دل ۾ هُن لاءِ ڪوبه جذبو محسوس نه ٿي ڪيو. نه محبت، نه ڌڪار، نه ئي ڪائي ڇڪ. انهن لاءِ هن وٽ ڪو سبب به ڪونه هئو. هو هڪ ڌاريو مڙد هو؛ هن کان وڏو هو. هن جو ساڻس ڪو سنڱ سياپو ڪونه هو. نه ئي وري هن کيس رنجايو هو. سو هن لاءِ وٽس ڪو جذبو ڪين هو.
    ۽ هاڻي جڏهن هن سان سندس سنڱ سلهاڙيو پئي ويو ته هوءَ چاهيندي به ان بابت چٽي نموني يا گهڻو سوچي نه سگهي. هن ان باري ۾ سوچن تي گهڻو زور به نه ڏنو. هن کي سوچڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي هئي. ڪهڙو کانئس ان ڏس ۾ راءِ ٿي پڇي وئي، جو هوءَ ان بابت سوچي ويچاري ها. ڌيون پرائو ڌڻ، نيٺ ته شينهن ڪلهي چاڙهڻيون ـــ کانئن پڇڻ جي ضرورت ڪنهن کي هئي!؟ انهن کي ته ماٺ ميٺ ۾ مائٽن جي فيصلي جي سوريءَ تي چڙهي وڃڻو هو! سو ڪڇڻ پڇڻ ڌاران هن سڀ ڪجهه ماٺ ميٺ ۾ ڏٺو پئي. ڌنڌلو ڌنڌلو، ڪوهيڙي ۾ ورتل. انهيءَ ڌنڌ مان ڪنهن ڪنهن ويل هن کي اڻچٽو ئي سهي، پر اهو به ڏسڻ ۾ آيو ٿي ته هن ڪڏهن دولتمند ۽ مٿس ديواني مڙس جا سپنا ڏٺا هئا. دولتمند ۽ ديوانو مڙس، جيڪو پنهنجو سڀ ڪجهه سندس پيرن ۾ رکڻ ۽ گهورڻ لاءِ تيار هجي. ۽ سيٺ سومار پنهنجو سڀ ڪجهه هن جي قدمن تي نڇاور ڪرڻ لاءِ تيار هو.
    *
    ٿورن ڏينهن ۾ سيٺ سومار سان ڪنول جي مڱڻي ٿي وئي. مڱڻي کانپوءِ شادي ۾ گهڻي وٿي نه وڌي وئي. سيٺ سومار شادي لاءِ ڪنول جي مائٽن تي زور وڌو. تڪڙ ۾ ئي سندن شادي ٿي وئي.
    مڱڻي جي رسم ته سادگي سان ٿي. البت شادي جو ڪاڄ ڌام ڌوم سان ڪيو ويو. ڪنواريتن توڙي گهوٽيتن جي مٽن مائٽن، سنگتين ساٿين ۽ واقفڪارن جي وڏي انگ کي دعوتون ڏنيون ويون.
    ڪنول جي ساهيڙين لڇمي، سورٺ، روپ، پوڄا، ياسمين، تنزيلا، عابدان، منيران ۽ ٻين سندس ڪاڄ ۾ شرڪت ڪئي. سهرا ۽ لاڏا ڳايا. کل ڀوڳ، مذاق مشڪري ۽ مستي ڪيائون. ان موقعي تي ڪنهن به آڪاش کي ياد نه ڪيو، نه ئي سندس ذڪر وغيرهه ڪيائون. هنن پنهنجي ساهيڙي جي دل هن خوشيءَ جي موقعي تي ڏکوئڻ نه ٿي گهري. ڪنوار جي دل ڪير به ڏکوئڻ نه گهرندو آهي. ڪهڙي خبر، پرائي گهر ۾ کيس سک ملن يا ڏک؟ نياڻين نماڻين جي تقدير سدائين ڌنڌلڪي ۽ الڪي ۾ ويڙهيل هوندي آهي. گڏوگڏ شادي جي ويلا به سندن لاءِ هڪ ئي وقت مرڪ ۽ لڙڪ گڏ کڻي ايندي آهي. ڪنوار روئندي لڙڪ لاڙيندي مائٽن جو گهر ڇڏيندي آهي ۽ عجيب وهنوار آهي اهو! ڏک ۽ خوشي، لڙڪ ۽ مرڪ هڪ ئي موقعي تي گڏجي پوندا آهن. انهي ڪري سڀني پاران ڪنوار جو سڀ کان گهڻو خيال رکيو ويندو آهي. ڪنول جي سهيلين به سندس خيال پئي رکيو. پر اوچتو ڪنول کي ڄڻڪ ڪجهه ياد آيو. هن پنهنجي ساهيڙين جي جهميلي تي نظر وڌي. هڪڙو هڪڙو چهرو چتايائين. کيس ساڀيا نظر نه آئي. هوءَ ياسمين کان پڇي ويٺي.
    “ياسمين! ساڀيا ڪانه آئي آهي؟ ايندي يا.....!” ڪنول اهو پڇندي ڏکاري ٿي وئي ۽ جملو اڻپورو ڇڏي ڏنائين.
    “ساڀيا جي ماماڻن ۾ به ڪو ڪاڄ هو. چيائين پئي ته مٿس ماڻس جو زور آهي ته ساڻس گڏجي اوڏانهن هلي. شايد اوڏانهن وئي آهي.” ياسمين صاف ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ڪنول سڀ ڪجهه سمجهي وئي. پر هن ياسمين کي ورائي ڪجهه چوڻ بدران رڳي جوهه وجهي کيس ڏٺو. هوءَ ماٺ رهي، پر کيس پنهنجي ڳلي ۾ ڪا ڳنڍ اٽڪندي محسوس ٿي ۽ هوءَ ڳوڙها پي وئي. ياسمين اهو محسوس ڪيو. هن نه ٿي چاهيو ته خوشي جي هن موقعي تي ماحول تي ڪا ڳراڻ ڇانئجي. ان ڪري هن موضوع مٽائڻ لاءِ ٻين ساهيڙين کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪندي سهرو کنيو:
    دُهري ڪنوار جي لاڙئون گهرايان.
    تڪڙ ۽ خيالن ۾ انتشار سبب هن منڍ بدران وچ مان سهرو کنيو. جنهن ڪري سهرو کانئس کڄي نه سگهيو. هن سر وٺرائڻ لاءِ ٻين ڏانهن ڏٺو. پر ڪنهن به سندس ساٿ نه ڏنو. هن سهرو ڇڏي ڏنو. جنهن تي سڀئي مٿس کلڻ لڳيون ۽ ماحول ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. ٽهڪڙي سان ڪنول جون ڪيفيتون پڻ بدلجي ويون ۽ ڪنواري حجاب ۾ ويڙهيل مرڪ سندس لال چپڙن جي ڪنارن تي رقص ڪرڻ لڳي.
    سيٺ سومار دل کولي ڪاڄ تي خرچ ڪيو هو. دعوت ڏاڍي شاندار ٿي هئي. ان ڪري ڪيترائي ڏينهن ماڻهو سندس دعوت جا گڻ ڳائيندا رهيا.
    *
    ڪنول هاڻي پنهنجي مڙس جي گهر ۾ هئي، پنهنجي گهر ۾ هئي.
    ڇوڪريءَ هڪڙي پل ۾ ڇوڪريءَ مان عورت ٿي ويندي آهي. سنجوڳ جو پل، ميلاپ جو پل. جنهن ۾ مرد ماڪ وانگر سندس پوري وجود مٿان وسندو رهندو آهي، ۽ هوءَ مکڙي مان گل ٿي پوندي آهي. ڪنول به سهاڳ رات جو سنجوڳ ماڻي ڇوڪريءَ مان عورت بڻجي ويئي هئي.
    هاڻي هوءَ پنهنجي گهر ۾ هئي. نئون ۽ عاليشان بنگلو، ڪار، نوڪر، چاڪر، پيار ڪندڙ مڙس، سک، آسائشون. اهو سڀ ڪجهه وٽس هو، جنهن جي تمنا مايون عام طور تي ڪنديون آهن. سيٺ سومار ڪنول جي راضپي، خوشي ۽ سرهائي لاءِ دنيا جهان جا سڀئي سک سندس قدمن ۾ وڇائي ڇڏيا هئا. نه رڳو ايترو، پر هو پاڻ به هن جي قدمن ۾ وڇايو وڇايو پيو هوندو هو. ڪنهن به عورت جي موهه ۾ هن سان ايئن نه ٿيو هو. پر ٻي ڪابه عورت ڪنول به ته ڪانه هئي. ڪنول ته وٿ ئي ٻي هئي- سڀني کان منفرد، سڀني کان نرالي. هر رات نئين! موهه ۽ لطف جي هن دنيا مٿس جادو ڪري ڇڏيو. هو ڪنول جي ڪايا سان ڪڙجي ويو، ان جي سراپا ۾ سوگهو ٿي ويو، هن جي وارن ۾ اڻيهئي لاءِ ونگجي ويو. هو ان سان ايئن سلهاڙجي ويو، جو ٻه جسم هڪ جان ٿي ويا. محبت سڀ سنڌا ميٽي ڇڏيندي آهي، سڀئي فرق ريٽي ڇڏيندي آهي- ويندي عمر جو فرق به. هتي به ڪو فرق ڪونه رهيو هو. ٻيئي هڪٻئي ۾ سمائجي ويا هئا. سيٺ سومار خوش هو. ڪنول خوش هئي. ٻيئي خوش هئا. ٻنهي هڪٻئي کي ماڻيو هو.
    خوشي ۾ وقت ايئن گذرندو آهي، جو خبر ئي نه پوندي آهي. سيـٺ صاحب کان ٻاهر جي دنيا وسري وئي هئي. هاڻي هن جي دنيا ڪنول کان شروع ٿي ڪنول تي ختم ٿي ٿي. انهيءَ موهه ۾ هنن کي به پتو ئي نه پيو ته وقت ڪيئن اڏامندو پيو وڃي. سندن شادي کي پنج سال گذري ويا. راحتن، محبت، خوشين ۽ سکن جا ڀريا تريا پنج سال. وقت گذرندي ويرم ئي نه ٿي ٿئي.
    هڪڙي ڏينهن صبح جو سيٺ سومار ننڊ مان جيئن ئي جاڳيو ته کيس پنهنجي طبيعت خراب محسوس ٿي. سيني تي بار، رڳون سيٽيل، ڪلها، پٺا ۽ ڪنڌ ورتل محسوس ٿيس. ٿوري دير ۾ ئي سندس طبيعت بگڙي وئي. کيس انهي مهل اسپتال نيو ويو. پتو پيو ته کيس دل جو دؤرو پيو آهي. هن کي سيول اسپتال جي دل جي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو. دل جي سٺن ڊاڪٽرن سندس معائنو ڪيو ۽ بهتر علاج ڪيائون. ڪجهه ڏينهن ۾ هو چڱو ڀلو ٿي ويو. چڱي ڀلي ٿيڻ کانپوءِ هو اسپتال مان گهر منتقل ٿيو.
    هو چڱو ڀلو ٿي ويو، پر سندس صحت اڳي جهڙي نه رهي. هو ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندو ۽ ڳرندو ٿي ويو. هاڻي کيس مٺي پيشاب جي بيماري به لڳي چڪي هئي. پر همٿ ڀريو مڙس هو. ان ڪري دل نه هاريائين. ساندهه ٽن سالن تائين بيمارين سان وڙهندو رهيو. البت هو ڪِري نه ڪري سگهيو. ان معاملي ۾ هن ڪنول جو چيو به ڪونه ڪيو. ڪنول جڏهن کيس ڊاڪٽرن طرفان منع ڪيل شيون کائڻ کان روڪيندي هئي ته هو وراڻيندو هو ته:
    “مرڻو ته هڪڙي ڏينهن هونئن ئي آهي، پوءِ ڪِري ڪرڻ يا نه ڪرڻ سان ڪهڙو فرق ٿو پئي؟ دنيا ڏٺم. ماڻيم، چوڙيم. توکي ماڻڻ کانپوءِ ته هاڻي ٻي ڪا حسرت به ڪانه رهي آهي. ان ڪري هاڻي جيڪڏهن آئون مرندس ته تنهنجن ٻانهن ۾ نهايت سڪون سان مرندس.”
    سندس واتان ان قسم جون ڳالهيون ٻڌي ڪنول جا ڳچ ڳري پوندا هئا. پوءِ هوءَ پنهنجوهٿ سندس وات تي رکي کيس وڌيڪ ڳالهائڻ کان روڪيندي چوندي هئس:
    “مرن تنهنجا دشمن. اهڙيون وايون وات مان نه ڪڍندو ڪر. ڪڏهن سوچيو اٿئي ته توکانسواءِ منهنجو ڪير آهي؟ توکانپوءِ منهنجو ڇا ٿيندو؟ آئون ته پنهنجي ڀتار ڌاران مري وينديس.” هوءَ سراپا مشرقي عورت ٿي ويندي هئي.
    ان بعد هو ساڻس مذاق ڪرڻ لڳندو هو.
    “هاڻي منهنجي بيمار جسم ۾ ڇا رکيو آهي؟ تون نوجوان آهين، سهڻي آهين. تنهنجي اک اشاري سان ڪئين ڳڀرو ڪسي سگهن ٿا. مون کانپوءِ ٻيو مڙس ڪري وٺجانءِ.”
    اهڙين ڳالهين تي هوءَ ساڻس باقاعدي وڙهي پوندي هئي.
    وقت جيئن جيئن گذرندو ويو، تيئن تيئن سيٺ سومار ڳري ڪنڊا ٿيندو ويو. حيدرآباد کان ويندي ڪراچي تائين ناليوارن ۽ سٺن ڊاڪٽرن جا در ڀيٽيائين، پر مڪمل چاڪ نه ٿيو. اندرو اندر ڪو عارضو هو، جيڪو کيس کائي رهيو هو. جنهن جي ڊاڪٽرن کي خبر ئي ڪانه ٿي پئي.
    پوءِ ڪجهه دوستن کيس علاج لاءِ ڏيساور وڃڻ جي صلاح ڏني. دولت ته سيٺ سومار وٽ اڻمئي هئي. ٻاهران علاج ڪرائڻ سندس لاءِ ڪو ڏکيو مسئلو ڪونه هو. پر هاڻي شايد گهڻي دير ٿي چڪي هئي.
    هن ٻاهر وڃڻ لاءِ اڃا سنبت پئي ڪئي ته هڪڙي ڏينهن کيس وري دل جو دؤرو پيو. هي دؤرو تمام ڀيانڪ هو. کيس اسپتال نيو پئي ويو ته گس ۾ ئي دم ڏنائين. سيٺ سومار هاڻي هن دنيا ۾ نه رهيو هو. قسمت هڪ ڀيرو وري ڪنول سان ويساهه گھاتي ڪري وئي هئي.
    *
    اڪيلائي اپار رڻ وانگر ڪنول جي چوڌاري پکڙجي وئي. زندگي جيتري ڀرپور هوندي آهي، اڪيلائي اوتري ئي اٿاهه هوندي آهي. ڪنول سيٺ سومار سان گڏ نهايت ڀرپور زندگي گذاري هئي. جنهن ۾ سک هئا، آسائشون هيون، مان مرتبو هو، خوابن خواهشن جي پورائي هئي، پيار هو. اهو سڀ ڪجهه هو، جنهن جي عام طور تي تمنا ڪئي ويندي آهي. وڏي ڳالهه ته هن جي فخر ۽ غرور جي تسڪين هئي. هوءَ ڪٿي به ويندي هئي ته ڪار مان لهڻ وقت اکين تي چشمو چاڙهي جڏهن چوڏسائن تي نظر وجهندي هئي ته فخر وچان ڦونڊجي ويندي هئي ۽ پنهنجي مقابلي ۾ ٻيو سڀ ڪجهه کيس تڇ لڳندو هو. کيس ايئن ڀاسندو هوته هوءَ سڀني کان مٿڀري آهي. ٻيا سڀ کانئس هيٺ آهن. هوءَ محور آهي، جنهن جي چوڌاري سڀ ڦرندا رهن ٿا. هن جي ڪنهن تي اک ئي ڪانه ٿي ٻڏي. اک ٻڏي به ته ڪيئن؟ سڀئي سندس ابروءَ جي اشاري جا غلام هئا. سندس چوڌاري جيڪي ڪجهه به هيو، اهو سڀ سندس حڪم جو غلام هو. باقي جيڪي ڪجهه هن کان پرڀرو هو، اهو کيس ياد ئي ڪونه هو. هن پنهنجي سڀني ڪاليجي ساهيڙين کي وساري ڇڏيو. جن سان هوءَ ڪڏهن گڏ کلي هئي، گڏ رني هئي، پڙهي هئي، رانديون رهيون هئائين؛ انهن سڀني کي هن وساري ڇڏيو. سندس دل جي ڦرهيءَ تان سڀئي نالا ميٽجي ويا هئا. ڪڏهن ڪنهن جي يادگيري ايندي به هئس ته ان ۾ ڪائي تانگهه، ڪائي تڙپ، ڪوئي احساس ڪونه هوندو هو. ماءُ پيءُ کانسواءِ ٻين مٽن مائٽن کان هوءَ اڳيئي پري هئي، اهي سندس هينئڙي تي ڪيئن ٿي هري سگهيا؟ هُن جي هن نئين دنيا ۾ ماضي جي ڪنهن به شئي جو ڪو گذر ڪونه هو. هن جي هن نئين دنيا ۾ سڀ شيون نيون هيون. نئين دنيا، نوان ماڻهو، نيون ڳالهيون، نوان ڳاراڻا، نيون وٿون، نوان وستار- سڀ ڪجهه نئون هو. هن هڪڙي نئين دنيا وسائي هئي. دعوتون، پارٽيون، سماجي تقريبون، عورتاڻا ميڙاڪا، ڪلب، سنسٿائون؛ اميراڻو وايو منڊل- جنهن ۾ کيس جٿي ڪٿي امتيازي حيثيت حاصل هئي. دنيا سندس قدمن ۾ هئي. سندس سوڍي جي راڄ ۾ هوءَ وڏ گھراڻي هئي. دهلين، دمامين، نقرين- کيس پلپل پڇيو ٿي ويو. هوءَ سهاڳڻ هئي. پنهنجي راءَ جي راڄ ۾ وڏيرياڻي هئي. کيس ڪنهن جي به پرواهه ڪانه هئي.
    پوءِ اوچتو ئي اوچتو ويراڳ جو واءُ وريو. سيٺ سومار اجل جي راهه تي رمي ويو. هوءَ ڏهاڳڻ ٿي وئي. هن جو سارو ڏيهه اجڙي ويو. ڪاڪ ڪڙهي، لڊاڻو لوٺو ٿيو، محل ماڳ ٻري ويا. هن جي من جو آتڻ اجهامي ويو. زندگي جيتري ڀرپور هئي، اوتري ئي ويران ۽ سنسان ٿي وئي، اجاڙ ۽ اڪيلي ٿي وئي.
    اڪيلائپ جي هنن گهڙين ۾ هن پاڻ کي حالتن جي حوالي ڪرڻ بدران سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي. پئسي ڏوڪڙ، ڌن دولت جو ته کيس ڪو مسئلو ئي ڪونه هو. سيٺ جي انبار ملڪيت مان کيس وڏو حصو مليو هو. هوءَ ان کي سڄي ڄمار کائي کپائي نه ٿي سگهي. ان ڪري گذران جي مسئلي کان آجي هئي. پر زندگي رڳي گذران ته ناهي. خالي گذران جو مسئلو هجي ها ته کڻي خير هو، پر هن جي ته دنيا ئي اجڙي وئي هئي. پر پوءِ به هن پاڻ سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي. هن اڪيلائي جي رڻ سان هيکل سينو ساهيو. هٺ هونئن کڻي ڪيڏو به خراب ڇو نه هجي، پر ڪٿي ڪٿي ڪن ڪن حالتن ۾ اهو ڏاڍو ڪارائتو به ثابت ٿئي ٿو. هنن حالتن ۾ هٺ ڪنول جو ڀرجهلو ثابت ٿيو. هٺ هن کي دنيا اڳيان روئڻ رڙڻ کان روڪيو، پٽڪي کان پاسيرو رکيو ۽ دنياداري جو دامن هٿان ڇڏڻ نه ڏنو. هن هر ويلي رک رکاءَ کان ڪم ورتو. پنهنجو دکڙو لڪايائين ۽ دنيا کي مرڪي منهن ٿي ڏنائين. انهي طريقي سان هوءَ ڪنهن حد تائين پاڻ بچائي وئي. ڏک اپار هو، پر هوءَ ان کي سهسائي وئي. باقي اڪيلائي جو رڻ هو، جنهن ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿي ورتو، پر هوءَ ان کي به جهاڳي رهي هئي.
    هوءَ نوجوان هئي، سهڻي هئي ۽ دولتمند هئي. ان ڪري ڪجهه همراهن مٿانئس ڏورا وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. پر هوءَ هٺيلي هرڻي هئي، سرڪش هئي. جهڙي تهڙي دام ۾ ڦاسڻ واري نه هئي. اهڙن همراهن کي تڙِي ئي هڪڙي ڏنائين؛ هنن وري سندس در ڏانهن منهن نه ڪيو. هن ڪنهن کي به سيٺ سومار جي جڳهه ڏيڻ نه ٿي گهري. ان ڪري شادي جي هر آڇ کي ٺهه ڦهه جواب ڏئي، وڏي حقارت سان، بيرحمي سان ٺڪرائي ڇڏيائين. تان جو سيٺ سومار جي هڪ ٻن دوستن سوڌو جنهن به اتي تاڙ رکي ٿي، ان آسرو پلي ڇڏيو.
    ظاهري هوءَ دنيا سان دنيا جهڙي هئي، هن تياڳ نه ورتو. سندس جيڪا دنيا هئي، انهي سان هن ناتو نه ٽوڙيو. البت ان ۾ اچ وڃ گهڻي حد تائين گهٽائي ڇڏيائين. هن پنهنجي چوڌاري هٺ ۽ سنجيدگي جو هڪڙو اهڙو غلاف تاڻي ڇڏيو، جو هر ڪوئي ساڻس هڪڙي فاصلي تان ملندو جلندو هو. جنهن ڪري حقيقت ۾ هوءَ ڀري دنيا ۾ اڪيلي هئي. آهستي آهستي اڪيلائي کيس کائڻ لڳي.
    اڪيلائي وڏو عذاب آهي، اذيت آهي. اڪيلائي سڌو انساني روح کي نشانو بنائيندي آهي. هوءَ اڪيلائي جا وار سهي سهي تنگ ٿي پيئي هئي. سندس ويجهو ڪو به اهڙو ماڻهو ڪونه هو، جيڪو سندس حال محرم ٿئي، سندس ڏک سک ونڊي، سندس ڀرجهلو ٿئي. هوءَ صفا اڪيلي هئي. پوءِ به هوءَ ٻن سالن تائين اڪيلائي سان وڙهي هئي. ڏاڍي زوردار نموني سان وڙهي هئي. پوءِ اڪيلائي نوان روپ اختيار ڪرڻ لڳي ۽ نت نوان هٿيار ۽ اوزار مٿس آزمائڻ لڳي. ڪالهه تائين جيڪا اڪيلائي فقط احساساتي هئي، اها هاڻي فطري تقاضائن کي اڀار ڏئي رهي هئي. فطري تقاضائون، جيڪي انسان ۾ مِٺي ڄر وانگر ڄرڪنديون آهن، انسان انهن کان پاند ڇڏائي به نه ڇڏائي سگهندو آهي. ڄر ڄيڀون ٿيندي آهي ته جند جان کي جلائي رکندي آهي. هاڻي ڪنول ٻٽي عذاب ۾ هئي. هڪڙي پاسي اڪيلائي سندس احساسن سان، دل سان هاڃا ٿي ڪيا؛ ته ٻئي پاسي تن ۾ مٺي مـٺي تئونس سندس تن بدن ۽ جُسي کي جلائي ڀسم ڪري رهي هئي. هوءَ ٻنهي پاسن کان آڳ ۾ هئي. البت سندس مک مسئلو احساسن جي اڪيلائي هئي.
    احساسن جي اڪيلائي ڪڏهن ڪڏهن ساڻس وڏي ويڌن ڪندي هئي. اداسي، بيقراري، لُڇ پُڇ ۽ عجيب مونجهه جي گڏوچڙ ڪيفيتن ۾ هوءَ پاڻي کان ٻاهر مڇيءَ جيان ڦٿڪندي هئي. کيس پنهنجو سڄو وجود ولوڙبو ڀانئبو هو. سندس رڳ رڳ ۾ راڙ متل هوندي هئي ۽ ايئن لڳندو هئس ڄڻ ساهه لُڪي ۾ اٽڪي پيو هجيس. گهٽ وڌ، اهڙين ڪيفيتن ۾ هن ٻه سال گذاريا. هاڻي منجهس وڌيڪ سهپ ڪانه هئي.
    گذريل مهيني جي هڪڙي اهڙي ئي تنهائي ڀري رات هئي. اڪيلائي مٿس ڪنهن غنيم وانگر ڪاهي آئي هئي. عذاب، اذيت، بيقراري، بيچيني ۽ لُڇ پُڇ سندس ساهه ٿي منجهايو. اڪيلائي وَهه وانگر ويڌ ٿي ڪيو. هوءَ وسان ٿي وئي. اڪيلائي جو سمنڊ کيس ٻوڙي رهيو هو. هن سهاري لاءِ هٿ وڌايو. فون جو ٻوُڙو سندس هٿ چڙهي ويو ۽ فون جي ٻئي پار سانوڻ سندس لاءِ ڪناري جيان ٻانهون کوليو بيٺو هو.
    ۽ هوءَ بي اختيار ڏانهس ڇڪجندي وئي.
    * * *


    (6)

    سانوڻ ٻه ڏينهن ڏاڍي بيچيني ۽ عجيب غريب ڪيفيتن ۾ گذاريا. هن لاءِ وقت ڄڻ هڪ هنڌ ڄمي بيهي رهيو هو. جنهن اڳتي چُرڻ جو نالو ئي نه ٿي ورتو. ڪنول ساڻس ٻن ڏينهن بعد ملڻ جو انجام ڪيو هو. کيس ڪنول جي واعدي تي ڀروسو هو. کيس پورو يقين هو ته هوءَ ساڻس ملندي. ان ڪري انتظار جي ڪيفيت سندس رڳ رڳ ۾ رچي وئي.
    ڪنول سان فون تي ڳالهائڻ کانپوءِ هن جيئن ئي فون بند ڪئي ته طرحين طرحين ويچار سندس من کي وڪوڙي ويا. هن سان ڪيئن ملبو؟ ڪيئن ۽ ڇا ڳالهائبو؟ ڳالهين جي شروعات ڪٿان ڪبي؟ الاءِ ڪهڙا ڪهڙا خيال هن جي ذهن ۾ آيا ۽ نڪري ويا. ۽ انهن خيالن کان به وڏو خيال هيءَ هو ته وچ وارا ٻه ڏينهن ڪيئن گذرندا؟ ٻه ڏينهن کيس ٻن صدين برابر لڳا. هن کي لڳو ته وقت بيهي رهيو آهي. وقت ڪٽجي نٿو ڪٽجي. گهڙيون چُرڻ جو نالو ئي نه ٿيون وٺن. جيتوڻيڪ رات باقي ڪو پهر کن وڃي بچي هئي، پر هن کي رات اهڙي روهه جيان ٿي ڀاسي، جنهن جي چوٽي تي پڄي نه پڄبو آهي. هيٺان لڳندو آهي ته مٿي جيڪا چوٽي نظر اچي رهي آهي، اهائي آخري چوٽي آهي ۽ جڏهن ان تي پڄبو آهي ته خبر پوندي آهي ته اصل چوٽي ته اڃا مٿي آهي. ايئن هر چوٽي پٺيان نئين چوٽي ظاهر ٿيندي آهي ۽ ماڻهو ٿڪ ۾ ٽٽي چور ٿي مٿي کي هٿ ڏيئي ويهي رهندو آهي. بيٺل وقت سانوڻ سان اها ڪار پئي ڪئي. لڇندي لڇندي آخرڪار سندس اک لڳي وئي.
    هو صبح لڙئي ننڊ مان سجاڳ ٿيو. جاڳندي شرط ئي جيڪا پهرين ڳالهه کيس ياد آئي اهو ڪنول جو ساڻس ملڻ جو ڪيل انجام هو. وقت جي سستي واري جفا هڪ ڀيرو وري شروع ٿي چڪي هئي. کانئس ٿڌو ساهه نڪري ويو. کيس انتظار ڏاڍو ايذائيندڙ محسوس ٿيو. ۽ هن جو انتظار سيڪنڊن، منٽن، ڪلاڪن، پلن ۽ پهرن جو انتظار ڪو نه هو. ڄڻڪ صدين جو انتظار هو. صديون، جيڪي گذري نه گذرنديون آهن. هن کي وقت جي انهن اٿاهه وسعتن ۾ اوسيئڙي جو عذاب ڪاٽڻو هو. سندس پورو وجود اڻتڻ ۽ انتظار بڻجي ويو هو. ميلاپ جون گهڙيون جيئن جيئن ويجهيون پئي آيون، وقت جي رفتار تيئن تيئن سست ٿيندي پئي وئي.
    پر وقت جي خاصيت ئي گذرڻ آهي. وقت برو هجي يا ڀلو، تيز هجي يا ڍلو- گذري ئي وڃي ٿو. انتظار جو وقت به ايئن آهي- صدين تي پکڙيل هجي ٿو ۽ پل ۾ سميٽجي وڃي ٿو.
    جيڪو سانوڻ کي صدين جو پنڌ پئي لڳو، اهو نيٺ هڪڙي قدم تي اچي بيٺو. ڏينهن گذري ويا ۽ وصال جي ساعت اچي وئي. وصال جي ساعت، جنهن جي لاءِ سانوڻ توڙي ڪنول، ٻيئي ماندا هئا.
    *
    مرد لاپرواهه ۽ اؤنئڙو؛ ۽ عورت محتاط هجي ٿي. مرد شين کي سرسري ۽ اڇاتري انداز سان وٺندو آهي. عورت گهرائي ۽ تفصيل سان ڏسندي آهي. ذري پرزي جي جانچ ڪندي آهي. عورت ڪيتري ئي جذباتي ڇو نه سهي، پر جڏهن تجربيڪار ٿي ويندي آهي ته ڳڻ ڳوت ڪندي آهي. ڪنول به سانوڻ سان ملڻ کان پهرين ڪجهه احتياطي تدبيرون ڪيون.
    هن پنهنجي ساهيڙي صبا کي اعتماد ۾ ورتو. ساڻس سانوڻ جو ڳُجھه ڳرهيائين. صبا ڪنول جي پرڻيل زندگي وارين سماجي سرگرمين دوران واقفڪار ٿي هئي. ليڊيز ڪلب جي ڪنهن تقريب ۾ ٻنهي جي شناسائي ٿي. جيڪا وڌي دوستيءَ تائين پهتي. صبا هڪڙي وچولي درجي جي ڪاموري جي زال هئي. مڙسهنس جون هيڏانهن هوڏانهن بدليون پيون ٿينديون هيون. پر هوءَ ساڻس گڏ رهڻ خاطر ٻئي ڪنهن شهر وڃڻ لاءِ تيار نه هئي. ان ڪري هر هفتي مڙسهنس اچ وڃ ڪندو هو. هفتي جي پڇاڙي ۾ هو گهر ايندو هو ۽ موڪل گذاري وري واپس هليو ويندو هو. انهي حساب سان صبا جي زندگي ڪافي حد تائين آجي هئي. هوءَ پنهنجن سرتين ساهيڙين ڏانهن اچڻ وڃڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ جي سلسلي ۾ ڪافي حد تائين پاڻ وهيڻي هئي. سندس سرتين جو دائرو به چڱو خاشو وسيع هو. ان جي ابتڙ ڪنول جي ويجهين سهيلين جو حلقو ڪافي محدود هو. پر انهي محدود حلقي ۾ صبا کيس ٻين گهڻين ماين کان وڌيڪ ويجهي هئي. ٻئي هڪٻئي جون حال محرم هيون، همراز هيون. ٻنهي هڪٻئي سان جوڳون ڏنيون هيون ۽ مختلف وقتن تي هڪٻئي جو سهارو بڻيون هيون. ڪنول کي ته صبا جي پاران الاءِ ڪيترا دفعا ڪوڙ ڳالهائڻا پيا هئا. البت هن سلسلي ۾ هي پهريون ڀيرو هو، جو صبا ڪنول جي ڪم اچي رهي هئي.
    ڪنول گهران نڪري، سانوڻ سان ملاقات لاءِ مقرر ڪيل هنڌ ڏانهن وڃڻ بدران سڌي صبا جي گهر آئي. جتي پهچڻ بعد هن پنهنجي ڊرائيور کي گاڏي سوڌو واپس موڪلي ڇڏيو ۽ کيس چيائين ته واپسي وقت گهر فون ڪري هن کي گهرائي وٺندي. هوءَ ٿوري دير صبا وٽ ويٺي ۽ پوءِ طئي ٿيل پروگرام موجب ٻيئي ڄڻيون گڏجي ٻاهر نڪتيون. گهر واري گهٽي مان اڪري پاڙي جي مک رستي تي آيون، جتان رڪشو پڪڙيائون. هنن جي منزل بسنت هال هو. جنهن جي دروازي تي سانوڻ بيچيني سان ڪنول جو انتظار ڪري رهيو هو.
    *
    سانوڻ پنهنجي ثقافت، تهذيب ۽ تمدن سان هميشه اڻمئي محبت ٿي رکي. هن کي پنهنجي پراڻي ورثي تي فخر هو. کيس جڏهن به واندڪائي جا ڪي پل نصيب ٿيندا هئا ته هو پنهنجي تهذيبي ماڳن ڏانهن نڪري ويندو هو. تهذيبي ماڳن سان ويجهڙائي کيس سڪون بخشيندي هئي. حيدرآباد به ته سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب جو ڳڙهه آهي. جتي اهڙا ڪيترائي تاريخي ماڳ مڪان آهن، جن مان بسنت هال به هڪ آهي. ايني بيسنت جي نالي پٺيان بيسنت هال. جيڪو ڪجهه سنڌي ٻولي جي منفرد مزاجي ۽ ڪجهه سنڌي ماڻهن جي فطرت نوازي سبب بيسنت مان بدلجي بسنت هال ٿي ويو آهي. اهو بسنت هال به سانوڻ جي پسنديدا ۽ وڻندڙ ماڳن مان هڪ آهي. ان ڪري ڪنول جيئن ئي کانئس ملڻ واري هنڌ بابت پڇيو ته هن امالڪ بسنت هال جو نالو کنيو. جنهن تي هوءَ ساڻس بلڪل متفق ٿي.
    بعد ۾ جڏهن سانوڻ کي وري اها ڳالهه ياد آئي ته سندس دل خوشي سان ڀرجي وئي. هو پنهنجيءَ ڪنول سان ڪيڏي نه وڏي تاريخي جڳهه تي پهرين ملاقات ڪندو! هن سوچيو ته محبتن کي يادگار ساعتن ۽ تاريخي ماڳن سان سلهاڙي وڌيڪ اڻ وسرندڙ، وڌيڪ يادگار ۽ لازوال بڻائي سگهجي ٿو. هو بود ۾ ڀرجي ويو هئو. هو سرهو هيو ته هن اهڙي جڳهه جي چونڊ ڪئي هئي، جيڪا يادگار ۽ شاندار هئي.
    ۽ جنهن مهل هو بسنت هال جي سامهون پهتو ته سندس دل جي ڌڙڪڻ باقاعدي وڌيل هئي.
    هو مقرر ڪيل وقت کان اڌ ڪلاڪ کن اڳ ۾ پهتو. کيس خيال ٿيو ته اڃا اڌ ڪلاڪ کن پيو آهي، يڪو اتي بيهڻ بدران چانهه ڇو نه پي وٺي. اهو سوچي هو گول بلڊنگ واري پاسي لڙي ويو. هوٽل تي ويٺي، هن جنهن مهل چانهه پي ورتي ته گهڙي ۾ وقت ڏٺائين. اڃا پندرنهن منٽ پيا هئا. وقت هڪ ڀيرو ٻيهر آفت بنجي پيو هو. هن لاءِ هڪ هڪ منٽ چين جي ديوار هو، جنهن کي اڪرڻ ايڏو سئولو ڪونه هو. الا الا ڪري نيٺ پنج ڇهه منٽ وڌيڪ گذري ويا. هو آهستي آهستي هوٽل تان اٿيو. بل ادا ڪيائين ۽ ٻاهر نڪري آيو. هو هوريان هوريان ٽهلندو جنهن مهل ٻيهر بسنت هال اڳيان پهتو ته ان مهل شام جا پورا ساڍا چار ٿيا هئا. هو هال جي ٻاهرئين پاسي هوريان هوريان اتي ٽهلڻ لڳو. سندس من بيچين ۽ بيقرار هو ۽ سندس لنئون لنئون سراپا انتظار بڻجي وئي هئي. هن جيئن جيئن وک ٿي کنئي، سندس من ٻڏو ٿي ويو. کيس انتظار اجهاڳ سمنڊ جيان لڳو ۽ سندس وجود طوفان ۾ ڦاٿل ٻيڙي وانگر هو، جنهن کي پنهنجو پاڻ تي ڪوبه اختيار ڪونه هو. نه سڙهه، نه ونجهه، نه وانجهي، نه ڪنڌي. پر نه، ايئن نه هو. هن کي سڙهه، ونجهه، وانجهي ۽ ڪنڌي- هر شئي هئي. انتظار پل کن جو معمولي طوفان هو، جيڪو اجهو ڪي اجهو گذري وڃڻو هو. انهي طوفان ۾ محبت هن جو سڙهه ۽ ڪنهن جي اچڻ جو يقين ونجهه هيو. هو پاڻ پنهنجي ناو جو ناکئو هئو، مانجهي هئو ۽ ڪنڌي- اها ته پاڻ هن ڏانهن اچي رهي هئي. پوءِ هن کي ڪهڙو کٽڪو هو؟ هو ٻوڏارن مان نڪري آيو.
    گهڙي نه گذري جو هن هڪڙي رڪشي کي بسنت هال ڏانهن ايندي ڏٺو. هو انهي مهل طئي ٿيل پروگرام موجب هال جي ٻاهرئين دروازي تي بيٺو هو. کيس اڇا ڪپڙا پهريل هئا ۽ سندس هٿ ۾ اياز جي شاعري جو ڪتاب هو. اڇا ڪپڙا ۽ اياز جي ڪوتا جو ڪتاب سندس سڃاڻپ جي علامت هئا. رڪشو بلڪل سندس سامهون اچي بيٺو. جنهن ۾ ٻه مايون ويٺيون هيون. هن ڏٺو ته هڪڙو هٿ اڳتي وڌيو ۽ رڪشي واري کي ڀاڙو ڏنائين. جنهن کانپوءِ هوءَ ٽپ ڏيئي رڪشا مان لٿي. سندس پٺيان سندس ساهيڙي پڻ لٿي. گهڙي پلڪ لاءِ سانوڻ ٿورڙو منجهيو ته نه معلوم انهن مان ڪنول ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ پر پوءِ هو يڪدم نتيجي تي پهچي ويو. ستارن ۾ چنڊ جهڙي ڪنول کي سڃاڻڻ اؤکو نه هو. ڳاڙهي وڳي ۾ هوءَ گلاب وانگر ٽڙي پيئي هئي. واءُ سان گڏ خوشبو جو جهوٽو سانوڻ جي ساهن کي واسي ويو. هوءَ سڌي اچي سندس اڳيان بيٺي. ۽ عجيب انداز سان، جنهن ۾ هڪ ئي وقت پاڻ ارپيندڙ پنهنجائپ ۽ شرميلائپ شامل هئي، سانوڻ سان مخاطب ٿي:
    “توهان سانوڻ آهيو!؟”
    “هائو. ۽ توهان ڪنول آهيو!” سانوڻ جي لهجي ۾ سوال به هو، ته ساڳئي وقت جواب به هو.
    “الاءِ؟ سڃاڻو!” ڪنول مرڪندي شرارتي لهجي ۾ چيو.
    مرڪ سانوڻ جي من ۾ لهي وئي.
    “صدين جا سنڱ اکين جي سڃاڻپ جا محتاج نه هوندا آهن. توهان رڪشي مان پير هيٺ رکيا ته منهنجي دل ڌڙڪي ۽ تنهنجي قدمن هيٺيان وڇائجي وئي. جيڪي دلين تي پيرڙا رکي ايندا آهن، اهي سڃاڻپ جا محتاج نه هوندا آهن. اڃا ڪو شڪ شبهو اٿو؟” سانوڻ کيس جوهه وجهي ڏسندي وراڻيو.
    “ڇا سڀ ڳالهيون هتي بيٺي پير ڪندؤ؟ ڪٿي ويهڻ جي صلاح نه هڻندؤ؟” ڪنول کيس ياد ڏياريو ته هو رستي تي بيٺا آهن.
    “ها ڇو نه؟ بلڪل ويهڻ کپي. جتي چئو اتي هلي ويهون.”
    “ڇا خيال آهي جيڪڏهن علي بابا تي هلي ويهجي؟”
    “ها ڀلي، اهو ٺيڪ رهندو.”
    سانوڻ ٿورو پرڀرو خالي ويندڙ رڪشي واري کي اشارو ڪيو. جيڪو نسات ۾ ئي اچي سندن اڳيان بيٺو. هو ٽيئي ڄڻا رڪشي ۾ چڙهيا. ڪنول وچ ۾ ويٺي. سندس هڪڙي پاسي صبا ۽ ٻئي پاسي سانوڻ ويٺو. گهڙي نه گذري جو هو ٽيئي ڄڻا علي بابا ريسٽورنٽ جي اڪيلي ڪنڊ ۾ ويٺا هئا.
    “هي منهنجي ساهيڙي صبا آهي، منهنجي تمام پياري ساهيڙي.” ڪنول سانوڻ سان صبا جو تعارف ڪرايو. اهڙي ئي نموني هن سان وري سانوڻ جو تعارف ڪرايائين.
    گھڙي پلڪ لاءِ ماٺ ڇانئجي ويئي.
    “توهان سان ملي خوشي ٿي.” سانوڻ روايتي انداز ۾ ڪنول سان مخاطب ٿيو.
    “مون کي به.” ڪنول مرڪي اکيون جهڪايون.
    هوا ۾ ٺار هو. شام ٿڌي ٿي وئي هئي. هلڪو سيءُ سندن جسمن کي ڇهي ويو هو. هنن ڪافي سان گڏوگڏ هلڪي ريفريشمينٽ جو آڊر ڏنو. ريسٽورنٽ جي پرسڪون ماحول ۾ هنن جي هلڪڙن ٽهڪڙن سان گڏ ڪوپ به کڙڪندا رهيا. صبا ڪوپ خالي ڪري اٿي کڙي ٿي.
    “مون کي ريشم ڳلي ۽ شاهي بازار ۾ ٿورڙو ڪم آهي. وڌ ۾ وڌ اڌ ڪلاڪ کن لڳندو. توهان بي کٽڪا ويهي ڪچهري ڪريو. آئون هتي ئي اچي وري توهان سان گڏجان ٿي.” هوءَ هڪ ئي ساهي ۾ سڀ ڪجهه چئي وئي.
    “ٺيڪ آهي. پر ورڻ جي ڪجانءِ.” ڪنول کيس تاڪيد ڪئي.
    “ها بلڪل. آئون بس وڃي ٿي وران.” ايئن چئي صبا اتان ٿڙي وئي.
    حقيقت ۾ صبا کي ڪو اهڙو ڪم ڪونه هو. پر هن هنن ٻنهي کي هيڪلائي ڏيڻ ٿي چاهي ته جيئن ٻيئي سڪون ۽ اڪيلائي ۾ ويهي ڪچهري ڪن. اڪيلائي ۾ محبت جي خوشبو هميشه وڌي ويندي آهي- صبا انهيءَ ڳالهه کان پوري ريت واقف هئي. اصل ۾ دل ئي دل ۾ سانوڻ به اهو ئي پئي چاهيو.
    هو ٻيئي ڄڻا جيئن ئي اڪيلا ٿيا ته سندن وچ ۾ ماٺ ڇانئجي وئي.
    اکيون اکين سان مليون، جهڪيون. وري مليون، وري جهڪي ويون. سانوڻ هٿ وڌائي ڪنول جي هٿ کي پنهنجن هٿن ۾ ورتو. ڪنول هٿ ڇڏائڻ جي ڪابه ڪوشش نه ڪئي. اکين ۾ محبت ڀري کيس ڏٺائين ۽ مرڪي پيئي.
    “ڳالهايو!” ڪنول ڄڻ ته سرٻاٽ ڪيو.
    “جڏهن ماڻهو پهرين محبت ڪندو آهي ته وٽانئس لفظ موڪلائي ويندا آهن. دل ۾ هزارين ڳالهڙيون آهن، پر ڳالهائي نٿو سگهان.” سانوڻ جي آواز ۾ التجا هئي، بيوسي هئي، محبت هئي.
    “مون سان به ساڳي ڪيفيت آهي. توسان فون تي ڳالهائيندي هيم ته دل گهرندي هئي ته وقت بيهي رهي ۽ پاڻ فون تي ڳالهائيندا ئي رهون. پر هينئر تنهنجي اڳيان زبان مان اکر نٿو اڪليم.”
    “چوندا آهن ته محبت لفظن جي محتاج نه هوندي آهي؟”
    “ها، ڪنهن حد تائين ايئن آهي. پر پوءِ به لفظ محبت جو آئينو هوندا آهن.”
    “پر جي وقتي طرح لفظ رسي وڃن ته پوءِ؟ يا جملا ٺهي نه ٺهن ته پوءِ؟” سانوڻ سوال ڪيو.
    “پوءِ محبت کي محبوب جي اکين ۾ ڏسڻ گهرجي، چپن جي ڪنارن تي رقص ڪندڙ مرڪ ۾ ڳولڻ گهرجي، دل جي ڌڙڪڻ ۾ چتائڻ گهرجي.” ڪنول وارفتگي واري اندا ز ۾ وراڻيو.
    “پوءِ منهنجين اکين ۾ ڏس. منهنجن چپن جي اڃ ۾ ڏس. منهنجي دل جي بي ترتيب ڌڙڪڻن کي ڦلهور! توکي اتي هر اهو حرف ملي ويندو، جيڪو تون ٻڌڻ ٿي چاهين. هر انهي سوال جو جواب ملي ويندو، جيڪو تون پڇڻ ٿي چاهين.”
    “نه، ان ڏس ۾ مون وٽ ڪو سوال ناهي. ڪو مونجهارو ناهي. تنهنجي دل مون سان اڳ ۾ ئي ڪلام ڪري چڪي آهي. دل کي دل سان راهه هوندي آهي. انهي راهه تان هلي ئي آئون تو وٽ پهتي آهيان ۽ هينئر تنهنجي اڳيان ويٺي آهيان. منهنجا هٿ تنهنجن هٿن ۾ آهن، رڳو هٿ نه، پر منهنجو سڀ ڪجهه تنهنجي دل جي هٿن ۾ آهي. تون منهنجو ڪوهيارل آهين، جيڏانهن کپئي تيڏانهن موڙ؛ منهنجي واڳ تنهنجي وس ۾ آهي.” ڪنول ايترو چئي بس ڪئي، سندس ڳل ڳاڙها ٿي ويا.
    سانوڻ ڪنول جي هٿن کي کڻي پنهنجن چپن تي رکيو. چمي جو تاثير هن جي روح ۾ لهي ويو- ۽ سانوڻ حيران هو ته منجهس ايتري همٿ ڪٿان اچي وئي هئي؟
    هن کي ڪهڙي خبر ته بي همٿ ۽ بزدل ماڻهو محبت ڪري ئي نه سگهندا آهن. محبت به باهمٿ ۽ بهادر ماڻهن جو شيوو آهي. البت ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته محبت ئي ماڻهو کي بهادر ۽ باهمٿ بنائيندي آهي.
    گهڙي سوا لاءِ وري به ٻنهي جي وچ ۾ ماٺ ڇانئجي وئي.
    “ڇا پيا سوچيو؟” ماٺ کي ڪنول ئي ٽوڙيو.
    “سوچيان ته ڪجهه ڪونه پيو. بس توکي ڏسان پيو. ۽ دل چئي ٿي ته ايئن ڏسندو ئي رهان.” سانوڻ ٿڌو ساهه ڀريو. “تون واقعي ڏاڍي سهڻي آهين. ايڏي سهڻي جيڏي مون سوچيو هو، پاڻ ان کان به وڌيڪ.”
    “جن سان محبت ڪبي آهي، اهي سهڻا ئي هوندا آهن. محبت ۾ اکيون دل جي طابع هونديون آهن. دل اکين کان وڌيڪ طاقتور آهي.” سانوڻ جواب ڏنو.
    “ها، شايد تون صحيح ٿو چئين. محبت ۾ اکيون واقعي دل جي طابع هونديون آهن. تڏهن ئي ته محبوب جا اوڳڻ ۽ خاميون نظر ڪونه اينديون آهن.” ڪنول سانوڻ سان سهمتي ڏيکاري.
    “نه رڳو ايترو پر ڪڏهن ڪڏهن ڪي ڪي اکيون، جو اندر ۾ لهندي محسوس ٿينديون آهن ته اها به دل جي قوت آهي. محبت ۾ دل اکين کي اها روشني، اها قوت عطا ڪري ٿي، جيڪا نيڻ کڻڻ سان سامهون واري جي اندر ۾ لهي ويندي آهي.”
    “اها روشني تنهنجي اکين ۾ به آهي. آئون ان کي بلڪل محسوس ڪري ۽ ڏسي سگهان ٿي.”
    “اهو سڀ ان ڪري آهي، جو مون کي توسان محبت آهي.”
    “پر ٻڌ! اڻ ڏٺي محبت به ٿيندي آهي ڇا؟ واقعي ايئن آهي؟” ڪنول جي لهجي مان ايئن ٿي لڳو ته هن کي خود به ان سوال تي ڀروسو ڪونه هو يا وري مڙيئي ايئن ئي پڇيو هئائين.
    “ها، محبت ازلي ابدي سٻنڌ آهي. ان سوال جو جواب تون پنهنجي دل کان به پڇي سگهين ٿي.”
    “دل کان ڇا پڇان؟ اسين سڀ دلين جا ڪُٺل آهيون.” ڪنول سانوڻ جي هٿن کي هورڙيان ڇڪي پنهنجي چپن تي آڻي ٿي. هٿن کي چمندي عجيب سرور وچان سندس اکيون ٻوٽجي ٿيون وڃن.
    سانوڻ پنهنجن هٿن کي کولي ڪنول جي منهن کي ٻڪ ۾ جهلي ٿو ۽ پوءِ ڏسڻي آڱر کي هن جي ڳل سان گسڪائيندي هن جي ڳاڙهن چپن تائين کڻي ٿو اچي. هو نرمل انداز سان هن جي هيٺئين چپ کي ڇهي ٿو. گرم ۽ گداز چپ. ڇهاءَ سان هن جي چپن ۾ هلڪي ڦڙڪڻي اڀري ٿي. هن جون اکيون وري ٻوٽجي ٿيون وڃن. سانوڻ کي لڳو ته ان گهڙيءَ ۾ ڪنول اڃا وڌيڪ سهڻي ٿي پئي آهي ۽ سندس سونهن جا انيڪ روپ آهن. واقعي ئي عورت جي سونهن جا انيڪ روپ آهن ۽ هر روپ کي پنهنجي سونهن آهي. سونهن، جيڪا اپار آهي، لامحدود آهي، جنهن جو ڪو به ڇيهه ڪونهي- ۽ سونهن جو سڀ کان وڻندڙ ۽ دلڪش روپ عورت آهي.
    “ڪنول! مون کي توسان محبت آهي، ازلي ابدي محبت. تون منهنجو پهريون عشق آهين، پهريون پيار آهين، منهنجي پهرين محبت آهين.” سانوڻ بي اختياري وچان چيو.
    “آئون سڄي تنهنجي آهيان. پنهنجي پوري وجود سان، وجود جي سڀني گهراين سان، من جي سمورين محبتن سان. سانوڻ مون کي به توسان محبت آهي- ازلي ابدي محبت. تون ئي منهنجي محبت آهين، تون ئي منهنجي منزل آهين. ٻيو ته سڀ ڪجهه توتائين پهچڻ جو وسيلو هو. منزل ته تون آهين سانوڻ!” ڪنول جي آواز ۾ سندس دل جون سموريون ڪيفيتون ۽ گهرائيون مِڙي آيون هيون.
    ۽ هو ٻيئي انهن گهراين ۾ ٻڏي ويا هئا.
    گهڙي کن لاءِ وري چپ چپات ٿي وئي. انهي چپ چپات ۾ اکيون وري هڪٻئي سان ٽڪرايون. ٻنهي جي اکين ۾ عجيب مرڪ هئي.
    “آءِ لو يو”.
    “آءِ لو يو”.
    ٻنهي ڄڻڪ هڪ ئي وقت ساڳيا لفظ اچاريا. جنهن جي ڪري ٻنهي کان هلڪي کل نڪري وئي. اِنهيءَ وڻندڙ کِل سان هڪ ڀيرو وري هڪ ئي وقت ٻنهي ڄڻن “آءِ لوَ يوُ ٽُو” جهڙا لفظ چيا.
    هو ٻيئي هڪٻئي جي موجودگي سان سرشار هئا. سندن دليون خوش هيون. سندن من ٻهڪيا پئي. محبت ڀري پهرين ملاقات هنن جي جيءَ ۾ جُڳ جُڳ جو جادو بڻجي لهي رهي هئي. هو ان ۾ محو هئا. هو دنيا و مافيها کان بيخبر ويٺا رهيا.
    کين خبر ئي نه پئي ته ڪيتري دير ٿي وئي آهي. صبا کي وئي به ڪلاڪ کان ڪافي مٿي ٿي ويو هو. پر هنن کي ڪجهه ياد ڪونه هو. ٻيو ته ٺهيو پر کين صبا به ياد ڪانه هئي، هنن کي رڳو اهو ياد هو ته هو هڪٻئي جي سامهون ويٺا آهن.
    اوچتو سندن منڊ ٽٽي پيو.
    “مون گهڻي دير ته ڪانه ڪئي آهي نه!؟” صبا ڄڻڪ کين اوچتو ڇرڪ ڀرايو. هوءَ سندن مٿان بيٺي هئي ۽ سندن محويت تي مرڪي رهي هئي. محويت، جيڪا سندس ڳالهائڻ بعد ٽٽي پيئي هئي، صبا ان کي ڏاڍي رشڪ سان ڏٺو.
    “نه، نه. تون صحيح وقت تي آئي آهين.” ڪنول ڏانهنس ڏسندي جواب ڏنو.
    اها ڳالهه الڳ آهي ته هن دل ۾ ايئن سوچيو ته اڃا نه اچين ها ۽ اسان جي هن سپني ۾ خلل نه وجهين ها ته ڪر ڪيڏو نه چڱو ٿئي ها. دل ئي دل ۾ سانوڻ به ايئن ئي سوچيو. پر ٻنهي مان ڪنهن به هن کي ايئن چيو ڪونه. چئي به ڪونه ٿي سگهيا.
    صبا اڃا تائين بيٺي رهي هئي.
    “ڀلا هلڻ جو پروگرام اٿو يا نه؟” صبا بيٺي ئي سوال ڪيو.
    “ها بلڪل هلون ٿا” ڪنول وراڻيو- ۽ هوءَ سانوڻ سان مخاطب ٿي “منهنجي خيال ۾ هاڻي اٿڻ گهرجي. وري ٻئي ڀيري وڌيڪ ڪچهري ڪنداسين.”
    “ٺيڪ آهي”.
    سانوڻ جي انهي جواب بعد ٻيئي ڄڻا اٿي بيٺا. سانوڻ ڪنول جي هٿن کي پنهنجن هٿن ۾ جهلي پيار سان زور ڏنو. ٻنهي جي چپن تي مرڪ پکڙجي وئي.
    سانوڻ هن جا هٿ ڇڏيا ته صبا ٿوري پرتي هٽي سانوڻ کي جڳهه ڏني ته جيئن هو ٻنهي جي اڳيان ٿئي.
    هو ريسٽورنٽ مان نڪري چؤنڪ تي پهتا. جتان هنن ٻنهي سانوڻ کان موڪلايو ۽ رڪشو پڪڙي هليو ويون.
    هو هنن کي ويندو ڏسندو رهيو، تان جو اهي سندس نظرن کان اوجهل ٿي ويون.
    حيدرآباد جي سانجهي ويلا پنهنجي پوري سونهن سان ٻهڪي رهي هئي.
    * * *


    (7)

    سانوڻ اڄ ڏاڍو خوش هو. پنهنجي زندگي ۾ هو اڳ ۾ ڪڏهن به ايڏو خوش ڪونه ٿيو هو. خوشي هن جي رڳ رڳ ۾ رچي ويئي هئي، لنئون لنئون مان لنوي رهي هئي، انگ انگ منجھان بکي رهي هئي. خوشي جي ڪري هن جو منهن گل وانگر ٽڙي پيو هو. هن کي هر شئي ڏاڍي حسين لڳي رهي هئي. آسمان سهڻو هو، ڌرتي سهڻي هئي، ستارا سهڻا هئا، بلفن جي روشني سهڻي هئي. جايون جڳهيون، دُڪان، ماڳ مڪان سڀ سهڻا هئا. ماڻهو ڇيڻو، وڻ ٽڻ- سڀ سهڻا هئا. موسم وڻندڙ هئي. وڏي ڳالهه ته هو پاڻ وڻندڙ هو. هن پنهنجي اندر ۾ زندگي لاءِ اٿاهه پيار محسوس ڪيو. ساڳيو پيار هن پاڻ لاءِ به محسوس ڪيو. کيس لڳو ته زندگي پنهنجي سمورين رعنائين ۽ گهرائين سان هن جي اندر ۾ موجون هڻي رهي آهي. جنهن جي ڇولين ۾ ڇلندي هن جو من هندورو ٿي پيو آهي. انهي هندوري ۾ لڏي رهي آهي محبت. محبت، جنهن هن کي هيءَ سمورا جلوا پسايا هئا. هن کي محبت سان محبت ٿي وئي هئي. اڄ هن لاءِ سڀ ڪجهه سهڻو هو، وڻندڙ هو، نئون نئون هو، نرمل هو. زندگي ۾ ايڏي سونهن، ايڏي وڻت، ايڏي ڇڪ هن اڳي ڪڏهن به محسوس نه ڪئي هئي.
    اڄ هو ڄڻ نئون ڄائو هو.
    سنڌ جي هڪ ڏاهي عبدالواحد آريسر چيو آهي ته انسان هڪ ئي زندگي ۾ ٽي جنم وٺندو آهي. پهريون ماءُ پيٽان ڄمڻ وقت، ٻيو جنهن مهل هو اکر سڃاڻڻ لڳندو آهي. اکر جيڪو کيس علم سرت ۽ ساڃاهه جي واٽ ڏانهن وٺي ويندو آهي. ٽيون جڏهن هو سوچڻ سمجهڻ، غور فڪر ۽ فيصلا ڪرڻ لڳندو آهي.
    پر انسان جو چوٿون جنم به آهي- جڏهن هو پهريون ڀيرو محبت ڪندو آهي. اکڙيون چار ٿينديون آهن، نگاهن ئي نگاهن ۾ عهد و پيمان ٿيندا آهن. عشق جي چوٽ جو نغارو وڄندو آهي. من ۾ پيار جو جذبو سمنڊ بڻجي ڇلڻ لڳندو آهي. ڪا محبوب صورت جيءَ سان جڙجي ويندي آهي.
    اڻتڻ ۽ سڪون هڪ ئي وقت گڏ اندر ۾ خيما کوڙي ويهي رهندا آهن. عجيب ڪيفيتون چڙهنديون لهنديون، لهنديون چڙهنديون رهنديون آهن- ۽ سڀ ڪجهه وڻندڙ، سهڻو، نئون نئون ۽ نرالو ٿي پوندو آهي.
    سانوڻ پنهنجي هن نئين جنم کي، ان سڀ ڪجهه کي تمام ويجهڙائي ۽ گهرائي سان محسوس ڪيو؛ ٻاهر توڙي پنهنجي اندر ۾- ايترو ويجھڙو جو هو هٿ وڌائي اهو سڀ ڪجھه ڇهي ٿي سگهيو.
    انهن عجيب غريب ۽ دل پرڀائيندڙ ڪيفيتن ۾ لڏندي هو ڏاڍو خوش هو، تمام گهڻو سَرهو هو.
    *
    ايئن نه هو ته هن کان اڳ ۾ هن ڪنهن ڇوڪري سان ڪچهري نه ڪئي هئي، ڪنهن عورت سان ويهي ٻه ٻول نه ٻوليا هئا، ڪنهن ناري سان چار چؤنڪ ڳالهڙيون نه ڪيون هيون، ڪنهن وينگس سان ويهي زندگي سان ڀرپور ٽهڪ نه ڏنا هئا. هن جي زندگي انهن رنگن ۽ روپن سان واسيل هئي. پر هن انهن مان ڪنهن سان به محبت نه ڪئي هئي. اهي سڀ سندس دوستِ هيون، همڪلاسي هيون يا وري مٽ مائٽ هيون. هن انهن مان ڪنهن سان به محبت نه ڪئي هئي، ساڻن سنجوڳ نه ڪيو هو. ڪن لاءِ هن کي پنهنجي اندر ۾ ڇڪ محسوس ضرور ٿي هئي. البت اها ڇڪ وڌي ڪڏهن به محبت جي درجي تي نه پهتي. تنهن هوندي به انهي ساٿ مان، انهي سنگ مان هن سڪون ماڻيو هو، قرار حاصل ڪيو هو، خوشي ماڻي هئي.
    عورت جي اها ئي ته خوبي آهي ته سندس هر روپ قرار ڀريو آهي، سڪون بخشيندڙ آهي، خوشي ڏيندڙ آهي. عورت روپ جي ديوي آهي ۽ سندس هر روپ ۾ انيڪ گهرايون آهن. عورت سٻنڌن جي ڦلواڙي آهي ۽ سندس هر سٻنڌ جي گل جي پنهنجي سڳنڌ آهي.
    سانوڻ انهن مختلف سٻنڌن کي ويجهڙائي کان ڏٺو هو. انهن جي سڳنڌ جو واس ورتو هو.
    انهن مان هڪڙي ليلان هئي. ليلان هن جي ڳوٺ جي ڇوڪري هئي ۽ سندس پري جي مائٽياڻي هئي. هو ٻيئي هڪٻئي جا سن هئا. ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ گڏ پڙهيا هئا. گڏجي رانديون رونديون رهيون هئائون. ٻالڪ اوستا جي معصوم ويجهڙائپ هنن کي هڪٻئي سان ڳنڍي ڇڏيو هو. پر پوءِ جڏهن سانوڻ پنجون درجو پاس ڪيو ته کيس وڌيڪ پڙهائي لاءِ حيدرآباد ڏانهن موڪليو ويو.
    سانوڻ جو ڳوٺڙو ٽيهارو کن گهرن تي ٻڌل هو، جيڪو حيدرآباد جي ويجھڙائي ۾ آباد هو- اتي جتي لاڙ ۽ وچولي جو سنگم ٿي ٿيو. سانوڻ انهيءَ ڳوٺڙي ۾ ڄائو، نپنو، ٿورو وڏو ٿيو، اتيئي اسڪول ۾ ويٺو. اتيئي سندس شخصيت جو تاڃي پيٽو اڻيو. اتيئي هن بنيادي سُرت حاصل ڪئي. پر ڳوٺ ۾ فقط پرائمري اسڪول هو. جنهن ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ پڙهندا هئا .ا ٽي ۾ لوڻ برابر ڇوڪريون پنجين درجي تائين پهچنديون هيون. نه ته اڪثر ايئن ٿيندو هو ته پهريون درجو ۽ قرآن شريف پڙهي اهي گهر ڀيڙيون ٿينديون هيون. وري اسڪول جو رخ نه ڪنديون هيون. پر ليلان پنجين درجي تائين پڙهي هئي.
    پوءِ جڏهن هو شهر پڙهڻ آيو ته ڳوٺ تمام گهٽ ويندو هو. شهر ۾ سندس چاچاڻي آڪهه جو گهر هو. ان ڪري کيس ڪابه ڏکيائي نه ٿي. ٻيو ته حيدرآباد شهر جو مزاج ساڳيو لاڙ وارو مزاج آهي. ان ڪري هو ڄڻ رڳو هڪڙي گهر مان نڪري ٻئي گهر ۾ آيو هو. هن تبديلي سان مٿس ڪو فرق ڪو نه پيو هو. نه ئي وري ماءُ پيءُ يا گهروارن جي ڪا کوٽ ئي محسوس ٿي هئس. هن ڏهون درجو پاس ڪيو. ڪاليج مان فارغ ٿيو. هاڻي هو جوان ٿي ويو هو. ڳوٺ جيتوڻيڪ دير سان ويندو هو، پر جڏهن به ويندو هو، ليلان سان ضرور ملندو هو. هاڻي ليلان به ڏاڙهونءَ جي ڏار جيان ڦولارجي وئي هئي. کيس محسوس ٿيو ته هيءُ اها اڳوڻي ننڍڙي ليلان ناهي، جيڪا ساڻس کيڏندي هئي، رسندي پرچندي هئي، جنهن جي سنگ ۾ هو خوش خوش هوندو هو ۽ سندس ٻاراڻي دل گد گد ٿيندي هئي. هاڻي سڀ بدلجي ويو هو. البت هڪڙي شئي ساڳي هئي. اها هئي ليلان سان گڏجڻ جي خوشي. هو اڄ به هن سان ملي سڪون ماڻيندو هو. هن محسوس ڪيو ته هاڻي ليلان کيس ڪنهن ٻي نظر سان ٿي ڏٺو- سپنن سان ڀريل نظر، محبتن سان ڀريل نظر. پر الائي ڇو هن کي پنهنجي دل ۾ انهي نظر جي محبت ڀري موٽ ڏيڻ جا احساس ۽ جذبا نظر نه آيا. هن ليلان جي نگاهن جو ڪو جواب نه ڏنو. هو ڄڻ ڪنهن خول ۾ ويڙهجي ويندو هو. هن کي پاڻ پنهنجي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي هئي. تان جو ليلان پرڻجي وئي. پوءِ به هو ليلان سان ملندو هو. پر ان جي نظرن ۾ اهي احساس کيس هاڻي ڏسڻ ۾ نه ايندا هئا. البت هن نه ته سانوڻ کي ڪا ميار ڏني هئي ۽ نه ئي ڪڻس لاءِ ڪڏهن منهن گھنجايو هو. هوءَ هميشه کليل دل سان ساڻس ملندي هئي. جنهن مان سانوڻ کي عجيب قسم جي خوشي، سڪون ۽ راحت ملندي هئي.
    اهڙي نموني سان ريحانا، رابيل، بختاور، ڀاڳي، نرمل، ثميرا، ارونا ۽ ڪجهه ٻيون ڇوڪريون پڻ هيون. جن مان ڪي سندس پاڙي ۾ رهنديون هيون، ته ڪي سندس همڪلاسي هيون. سانوڻ جا انهن سان به ڏاڍا سٺا ۽ ويجهڙائي وارا واسطا هئا. هو انهن سڀني سان ڪچهريون ڪري ملي يا گهمي ڦري ڏاڍو خوش ٿيندو هو. هن رابيل جي لاءِ پنهنجي اندر ۾ ڪائي ڇڪ به محسوس ڪئي هئي، پر پوءِ اها اڳتي نه وڌي. اها اتي ئي رڪجي بيهي رهي. ان محبت جي شڪل صورت اختيار نه ڪئي. اهڙي ريت هو ڪن ٻين ڇوڪرين ڏانهن به ڇڪيو، ڪي ڇوڪريون به ڏانهس ڇڪيون هيون، پر اها ڇڪ محبت جي ڳنڍ ۾ ڳنڍجي نه سگهي. هنن جا واسطا دوستين جي تعلق تائين ئي محدود رهيا.
    پر پوءِ به انهن واسطن ۾ به هڪڙو لطف هو، راحت هئي، سڪون هو. اهو سڪون سندس اندر ۾ رنگ وکيري ويندو هو.
    البت هن خوشي، هن سرهائي، هن سڪون، هن لطف- جيڪو کيس ڪنول سان ملي حاصل ٿيو هو- جو رنگ ئي ٻيو هو. جيڪس محبت جو رنگ ٻئي هر رنگ کان وڌيڪ گهرو ۽ دل لڀائيندڙ ٿيندو آهي ۽ محبت جو خمار ٻئي هر خمار کان وڌيڪ سرور ڏيندڙ ۽ وڌيڪ ڇانئجي ويندڙ هوندو آهي. هو انهيءَ خمار ۾ لڙهندو ٿي ويو.
    ٿڌي سڙڪ تي گهلندڙ ٿڌيري هير، انبر ۾ چمڪندڙ ستارن ۽ سندس اڳيان جهلملائيندڙ برقي روشنين، ۽ محبت جي احساس ۽ سندس چپن تي ڪنول جي هٿن جي خوشبو، انهي ڪيف کي ويتر وڌائي اٿاهه ڪري ڇڏيو هو. هن کي لڳو ته ڪائنات جون سموريون سَرهائيون، سُرهاڻيون ۽ سمورا رنگ سندس دل ۾ سميٽجي آيا هئا.
    هو پنڌ ئي پنڌ اولڊ ڪئمپس وٽ اچي پهتو. اولڊ ڪئمپس، جنهن کان ٿورو اڳڀرو حيدرچؤنڪ هو. هو اوڏانهن لڙي ويو ته جيئن اتي ڪتابن جي اسٽالن تي آيل تازا ڪتاب ڏسي سگهي. جنهن بعد کيس گهر روانو ٿي وڃڻو هو.
    * * *


    (8)

    سانوڻ ڪافي دير تائين بي سبب شهر ۾ ٽهلندو رهيو. هو خوش هيو، انهي ڪري هوا جي سنگ سنگ هو- ۽ جڏهن ماڻهو هوا جي سنگ سنگ هوندو آهي، تڏهن کيس پتو ئي نه پوندو آهي ته ڪٿان اچي پيو ۽ ڪيڏانهن وڃي پيو. سڀ ڪجهه هڪڙي خواب جيئن هوندو آهي. سڀئي ماڳ مڪان، سڀئي وٿون، سڀئي ڏيک خواب وانگر ڏيکائي ڏيندا آهن. ماڻهو ڄڻ ته خواب ۾ هلندو آهي. سانوڻ سان به اهائي ڪيفيت هئي. هو حيدرچؤنڪ جي بڪ اسٽالن تي ويو، ڪتاب اٿلايائين پٿلايائين، پر ڪو به ڪتاب نه ڳنهيائين. ريشم ڳلي ۾ به منهن هنيائين، شاهي بازار ۾ پڻ پير ڀريائين، پر ڪجهه به خريد نه ڪيائين. ماڻهو خريداري تڏهن ڪندو آهي، جڏهن کيس ڪنهن شئي جي کوٽ يا ضرورت محسوس ٿيندي آهي. هن کي ته ڪنهن به شئي جي کوٽ محسوس ڪانه پئي ٿي، نه ئي ضرورت. تنهن هوندي به هن سڀني شين کي ڏاڍي پنهنجائپ واري نظر سان پئي ڏٺو. کيس لڳو ٿي ته سڀ ڪجهه هن جو پنهنجو هو؛ هر شئي هن جي پنهنجي هئي. انبر هن جو هو، زمين هن جي هئي، ستارا هن جا هئا، برقي روشنيون هن جون هيون، هوا هن جي هئي. هو هڪڙي اڄاتي سرشاري ۾، خمار ۾، واءُ جي سنگ سنگ هلندو رهيو. آخرڪار واءُ کيس سندس گهرجي در ڀيڙو اچي ڪيو.
    هو گهر ۾ گهڙيو ته پهرين نظر پڦهنس تي پيس. گهر وارا ڳوٺان موٽي آيا هئا. هو پنهنجي پڦي سان مليو، ان جي مڙس سان مليو، جيڪو سندس پڦهنس جو سئوٽ هو. هو ننڍي هوندي کان ئي ٻنهي کي پڦي ۽ چاچا بدران امان ۽ بابا چئي مخاطب ٿيندو هو.، هنن کي پنهنجا ٻه پٽ پڻ هئا. جيڪي هاڻي نوڪرين سانگي پنهنجي گهر وارين سان گڏ ڪراچي رهندا هئا. هو ٻيئي سانوڻ کان وڏا هئا. هنن پنهنجي اولاد ۽ سانوڻ ۾ ذري جو به فرق نه رکيو هو. کيس پٽ ڪري پاليو هئائون. کيس هتي ايڏو پيار مليو هو، جو کيس ڪڏهن به اصلي ماءُ پيءُ جي ڪابه ڪمي محسوس ڪانه ٿي. اوڙي پاڙي وارا هنن ٽنهي ڇوڪرن کي سڳا ڀائر سمجهندا هئا. جتي گهرن ۾ پنهنجائپ ۽ پيار هوندو آهي، اتي ويڳائپ نه رهندي آهي. پيار جي ڪنڍلي ۾ پوئجي هر رشتو “موتي” ۽ “سڳو” بڻجي پوندو آهي. هتي به ايئن ئي هو.
    “توهين ڪيڏي مهل پهتا؟” هن پڦي امان کي پيرين پوندي کانئس سوال ڪيو.
    “اسين شام جو پهتاسين. پر تون ٻڌائي ته تون يڪو ڪٿي هئين؟ اسين ڪجهه ڏينهن لاءِ ڳوٺ ڇا وياسين، تو رلڻ شروع ڪري ڇڏيو؟” پڦهنس کيس ڪن ۾ هٿ وجهي ڌنڌوڙيو.
    “اڪيلو ويهي ويهي ٿڪي پيو هئس. ان ڪري ٿورڙو گهمڻ لاءِ نڪري ويو هئس.”
    “شام کان منهنجو لاڏلو غائب آهي-۽ چئي ٿو ته مڙئي ٿورڙو گهمڻ ويو هئس. اهو ٿورڙو گهمڻ آهي!؟”
    انهي دوران چاچهنس ڪمري مان نڪري وٽن آيو. جنهن ڪري سندس جان ڇٽي وئي.
    “فٽان فٽ هٿ منهن ڌوئي اچ ته سانجهاندو ڪريون. آئون ماني ميز تي لڳايان پئي.” پڦي امان کيس حڪم ڏنو.
    ماني کائيندي هنن کوڙ ساريون ڳالهيون ڪيون ۽ ڳوٺ جا حال احوال ونڊيا. بعد ۾، اهي سوکڙيون، جيڪي سندس لاءِ ڳوٺان آيون هيون، اهي سندس حوالي ٿيون.
    “هي سُوٽر ڀاڳيري ڏنو آهي، چيو اٿس سيءَ آهن، صحت جو خيال رکي.” پڦهنس هٿ سان اڻيل سوئيٽر ڏانهس وڌايو. سانوڻ کي سندس ماءُ پاران اُڻي موڪليل سوئيٽر وڻيو. ڀيڻس کيس مفلر ٺاهي موڪليو هو. ان کانسواءِ مکڻ ۽ ماکي به هئي. ڪجهه ٻيون شيون به هيون. هن کي اهي سڀ وڻيون. هو دير تائين پڦهنس سان ويٺو ڳوٺ جا حال احوال ٻڌندو رهيو. پڦهنس خوش هئي، هو پاڻ به خوش هو ۽ خوشي جي انهي ڪيفيت ۾ گهر ٽهڪڙن سان ٻُرندو رهيو.
    * * *


    (9)

    ڪافي ڏينهن ٿي ويا هئا، جو سانوڻ جي همير ۽ منصور سان ملاقات نه ٿي هئي ۽ نه ئي سندن وچ ۾ فون تي ڪا ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. هو پاڻ ۾ تمام گهاٽا دوست هئا ۽ روزاني ملڻ وارن مان هئا. منصور ۽ سانوڻ هاءِ اسڪول کان وٺي گڏ پڙهيا هئا ۽ ڪاليج کان وٺي يونيورسٽي تائين گڏ ئي پڙهندا آيا هئا. البت همير سان سندن دوستي يونيورسٽي ۾ ٿي هئي. همير، منصور ۽ سانوڻ- ٽيئي ڄڻا مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ گڏ پڙهيا هئا ۽ هن سال ئي انجنيئري جو آخري امتحان ڏنو هيائون. جنهن جو نتيجو پڻ مهينو کن پهريائين اچي چڪو هو. هاڻي کين نوڪري جو الڪو ورائي ويو هو ته جيئن نوڪري حاصل ڪري پنهنجي صلاحيتن ۽ لياقتن جو استعمال ڪري سگهن. ان ڪري هو جڏهن به ملندا هئا ته دنيا جهان جي ٻين مسئلن مسائلن تي ڳالهائڻ ۽ تبصري ڪرڻ کانسواءِ ان مامري جي ڏس ۾ امتحاني نتيجن اچڻ کان پهريائين به غور ويچار ڪندا رهيا هئا. جو کين اها پوري پڪ هئي ته هو نه رڳو پاس ٿيندا، پر امتيازي نمبرن ۾ پاس ٿيندا. آخرڪار هو ڪي ڏڏ شاگرد ڪونه هئا. سندن ڳاڻاٽو هوشيار ۽ ذهين شاگردن ۾ ٿيندو هيو. هو پاڻ به پنهنجي صلاحيتن کان آگاهه هئا. انهي ڪري هو پنهنجي آئيندي کان بلڪل پراميد هئا. هو هڪٻئي سان پڻ ايئن ئي گهِري محبت ڪندا هئا، جيئن ڪن گهاٽن يارن جي وچ ۾ هجڻ گهرجي. هڪٻئي کانسواءِ سندن ساعت به نه سرندي هئي. انهي ڪري مند ڪهڙي به هجي، ڏينهن ڪهڙا به هجن، يونيورسٽي کليل هجي يا بند- هو هڪٻئي سان باقاعدگي سان ملندا رهندا هئا. البت ڪڏهن کين وچ ۾ جيڪر ٻه ٽي ڏينهن پئجي ويندا هئا ته سندن سڪ چوٽان چوٽ چڙهي ويندي هئي ۽ هو هڪٻئي ڏانهن بي اختيار ڊوڙندا ايندا هئا.
    هينئر به ٻه ٽي ڏينهن ٿي ويا هئا، جو هنن جي وچ ۾ ملاقات ڪانه ٿي هئي. ٽنهي جون دليون هڪٻئي سان ملڻ لاءِ بيچين هيون.
    سانوڻ رات جو ڀرپور ننڊ ڪري صبح جيئن ئي جاڳيو ته خوشي سندس دل مان ليئو پائي کيس پنهنجو ديدار ڪرايو. هن کي ڪنول سان ڪالهوڪي ملاقات ياد آئي. ان سان ڳرهيل ڳالهڙيون سندس هانءُ تي هري آيون. سهڻا پل سندس دل کي گد گد ڪري ويا. انهي ئي گهڙي هن کي همير۽ منصور به ياد آيا. هو بيساختا فون ڏانهن وڌيو ۽ همير جي گهر جو نمبر ملايائين.
    فون جي گهنٽي لاڳيتي وڄي رهي هئي، پر پريان ڪنهن فون نه کنئي. هن ٻه ڀيرا ٻيهر نمبر ملايو. پر وري به ساڳي ڪار ٿي. هن ڪجهه دير ترسي وري نمبر ملايو. هن گهمري فون کنئي وئي.
    “هلو!” پريان همير جو آواز آيو.
    “هلو؛ سانوڻ ٿو ڳالهايان. سويري فون ڇو ڪو نه ٿي کنيَئي؟”
    “اڙي يار! سنان پئي ڪيم، بلڪل هينئر وهنجڻ خاني مان ٻاهر نڪتو آهيان.”
    “اڇا! مون سمجهيو ته صاحب موصوف شايد گهران ٻاهر نڪري ويا آهن- ۽ شايد ٻيو ڪير به گهر ۾ ڪونهي ڪو. يا وري مرڳهين فون ئي خراب هجي، ۽ اِتي گھنٽي ئي نه وڄندي هجي.”
    “نه، نه. ائين نه هو. ٻيا سڀ گهر ۾ موجود آهن، البت سيٽ ۾ ڪا هلڪي ڦلڪي گڙٻڙ ضرور آهي. جنهن ڪري گهنٽي ايتري آهستي ٿي وڄي، جو ٻاهر ٻڌڻ ۾ ئي نه ٿي اچي.” همير وضاحت ڪئي.
    “ٺيڪ آهي، پر هينئر ڇا پروگرام اٿئي؟” سانوڻ پڇيو.
    “جيئن توهان چئو.!”
    “منهنجو خيال آهي ته ملڻ کپي.”
    “صحيح آهي، پر هينئر نه، شام جو. هينئر مون کي گهر وارن جي ڪنهن ڪم سان ٿورو ڪيڏانهن وڃڻو آهي.”
    “هلو، ايئن به ٺيڪ. منصور کي پڻ پاڻ سان گڏ وٺيو اچجان.”
    “ٺيڪ آهي.”
    “چڱو، موڪلاڻي ڪانهي، آئون شام توهان جو انتظار ڪندس.سدائين گڏ.”
    “سدائين گڏ.”
    ۽ پوءِ ٻنهي طرفن کان فون بند ٿي وڃي ٿي.
    *
    سانوڻ کي ڪوبه ڪم ڪار نه هو. تنهنڪري هو سڄو ڏينهن گهر ۾ ئي رهيو. رڳو ايترو سو ٿيو جو هو گهڙي کن لاءِ گهران نڪري ٻاهرينءَ گهٽي ۾ ٿوري دير وڙڪيو. جنهن مهل هو گهر ۾ ويهي ويهي ٿڪي پوندو هو ۽ سمهڻ تي به دل ڪانه چوندي هئس ۽ ٻيو ڪم ڪار به نه هوندو هئس، ته پوءِ گهران نڪري گهٽي ۾ ٽهلڻ لڳندو هو. گهٽي جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين به ڪڏهن ڪڏهن چڪر ڏيئي ايندو هو، نه ته گهڻي ڀاڱي گهر جي سامهون ئي پيو وڙڪندو هو. گهٽي ۾ وڙڪي هو تازو توانو ٿي ويندو هو. سندس سمورا ٿڪ لهي پوندا هئا.
    شام ٿي ته هو منصور ۽ همير جو انتظار ڪرڻ لڳو. کيس گهڻو وقت سندن انتظار ڪرڻو نه پيو. هو وقت سر وٽس پهچي ويا هئا. سانوڻ کين ويهڪ واري ڪمري ۾ ويهاري گهڙي کن لاءِ وٽانئن اٿي ويو. هو موٽيو ته سندس هٿن ۾ بسڪوٽن جي پليٽ هئي. ٿوري دير ۾ گرم گرم چانهه پڻ اچي ويئي.
    چانهه جون چُسڪيون ڀريندي هنن ڳالهين جي رنگبرنگي پٽائين ڏور کولي. ڳالهين جي ڏوري کلندي آهي ته کلندي ئي ويندي آهي. هنن پنهنجن ٻين ويجهن دوستن جو تذڪرو ڪيو. انهي جي چڱاين مٺاين، ڳڻن اوڳڻن ۽ وفائن ۽ بيوفاين جي اپٽار ڪئي. هو حال جي هوائن ۾ اڏامندا رهيا. پوءِ هنن پنهنجي مستقبل جي سپنن کي وستاريو. مستقبل جي چانئٺ تان ڀيرو ڀريندا هو وري واپس پنهنجي ماضي جي ڳلين ۾ وڃي نڪتا. ماضي، جيڪو گذري وڃڻ باوجود ماڻهو سان گڏ هوندو آهي. مستقبل اها دولت آهي، جيڪا ماڻهو کي ڪڏهن به هٿ نه ايندي آهي- ۽ ماضي اها ملڪيت آهي، جيڪا جيئن پوءِ تيئن وڌندي ويندي آهي. ماضي جا خزانا ڪڏهن به خالي نه ٿيندا آهن. انهي ڪري زندگي جي سفر ۾ اڳيان، تمام گهڻو اڳيان نڪري وڃڻ باوجود هر موڙ تي بيهي گهڙي کن لاءِ ماڻهو پٺتي لنئوڻو ضرور هڻندو آهي. سو هنن به ماضي جي ڳليءَ ۾ پير پاتا. ماضي جي ڳلي ۾ سندن سڀ کان بهترين ٿاڪن مان هڪڙو ٿاڪ يونيورسٽي هو. يونيورسٽي- هنن جي بنهه ويجهي ماضي جو ٿاڪ. جيتوڻيڪ هنن يونيورسٽي ۾ ڪو عشق ڪونه ڪيو هو. پر پوءِ به ان جو پنهنجو حسن هو. عشق نه ڪرڻ جو سبب هنن جي پارسائي نه، پر يونيورسٽي ۾ ڇوڪرين جي کوٽ هجڻ هو. ڇوڪريون ويچاريون ايتريون ٿوريون هيون، جو آڱرين تي ڳڻي سگهبيون هيون. نه هوند، نه شڪر. سو ويچاريون پاڻ به ڇوڪرن کان هروڀرو به پيون ٽهنديون هيون. البت وڏي ڳالهه ته هنن جي ڪلاس ۾ وري به ڏهه ٻارنهن ڇوڪريون هيون. ڪلاس جا هوشيار شاگرد هجڻ ڪري اهي هنن سان لهه وچڙ ۾ پڻ اينديون هيون. پر اها لهه وچڙ تعليمي مامرن تائين محدود ۽ نصابي مونجهارن ۾ الجهيل رهي. ان کان اڳتي نه هنن مان ڪير وک وڌائي سگهيو ۽ نه ئي هنن ئي ڪنهن قسم جي اڳڀرائي ڪئي. بس ٿورڙي وڌيڪ ويجهڙائپ ٿي ته ان عام دوستاڻي شڪل ورتي. پر اهو به ته غنيمت هو. ٻين سڀني ڳالهين کي ڇڏي ڪري، عورت جي سکڻي ويجهائپ به مرد کي خوش ڪندي آهي، مزو ڏيندي آهي. هو عورت سان چار چؤنڪ ڳالهڙيون ڪري من ئي من ۾ ڏاڍو خوش ٿي ويندو آهي. سو هنن جا اهي ڏينهڙا بي ڪيف هوندي به ڪيف کان خالي ڪين هئا. هنن اڄ به انهن جا ساروڻا ٿي ساريا. اهي ساروڻيون کين خوشيون ڏئي ٿي ويون.
    ماڻهو خوشين کي بار بار ورجائڻ چاهيندو آهي. هو ماضي مان به خوشين کي ڳولي ڪڍندو آهي. ان ڪري ور ور ماضي ڏانهن موٽندو آهي. ماضي، جنهن ۾ رابيل به هئي. هي به ماضي جي ڳلين مان گهمي آيا.
    ڪچهري ڪندي ڪندي ماني جو وقت ٿي ويو. هنن گڏجي ڀوڄن ڪيو. ٿوري دير وڌيڪ ڊاڙا ٺڪاءُ ڪيا. جنهن کانپوءِ هڪٻئي کان موڪلايائون.
    ٻاهر ٿڌي هوا زوزاٽ پئي ڪيا.
    * * *


    (10)

    سانوڻ هن ڀيري علي بابا ريسٽورنٽ جي ٻاهران بيٺو هو. سياري جي شام ۽ ٿڌي سڙڪ جي ٺريل هوا، هن جي انگ انگ ۾ هڪڙي امنگ ڀري ڇڏي هئي. ان کان به وڏي امنگ محبت هئي، ڪنول هئي. ڪنول، جنهن ڏانهن هو محبت جي تار ۾ ٻڌجي ڇڪجي ٿي آيو. گهڙي نه گذري ته هوءَ هن جي سامهون هئي. هن ڀيري هوءَ پنهنجي گاڏي کڻي آئي هئي. البت صبا ساڻس گڏ هئي.
    هي ٽيئي علي بابا تي ويهڻ بجاءِ گاڏيءَ ۾ رڙهندا اڳتي هليا آيا ۽ اچي چيني ريسٽورنٽ جي مٿينءَ ماڙ تي نويڪلي ڪنڊ ۾ ويٺا. هلڪي ڦلڪي رفريشمنٽ کانپوءِ صبا کانئن موڪلايو. ڪنول کان ڪار جي چاٻي وٺي هوءَ اڳي وانگر ئي بي نيازي سان هلي وئي. صبا جي وڃڻ جي دير هئي. سانوڻ ڪنول جا هٿ جهليا ۽ پنهنجن چپن تي رکي ڇڏيا ۽ هو سرڪي اڃا وڌيڪ ويجهي ٿي ويٺا.
    پوءِ هنن کي ويٺي ڪئين جڳ گذري ويا. جڳ جڳانتر ڳالهڙيون- جن ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿي ورتو. ڳالهڙيون، جيڪي آواز ۾ به هيون، ته آواز کانسواءِ به هيون. محبت ۾ هر ادا انيڪ ڳالهڙيون ٿي پوندي آهي. ڳالهڙيون- محبت ڀريون، لطف ڀريون، رس ڀريون، خوشبوءِ ڀريون. جن جي خوشبو هوريان هوريان فضائن ۾ پکڙجندي ويندي آهي.

    هو به انهي خوشبو ۾ واسيا ويٺا هئا. کين لڳو ٿي ته سندن ڀرپاسي ۾ هر شئي ساڪن آهي ۽ وقت هڪ هنڌ ڄمي بيهي رهيو آهي. پر ايئن نه هو. اوچتو کين محسوس ٿيو ته وقت سندن هٿن مان پنهنجو پلاند ڇڏائي گهڻو پري هليو ويو آهي. هو ڇرڪي پيا. ڄڻ ڪنهن خواب مان سجاڳ ٿيا هجن. صبا سندن مٿان بيٺي هئي.
    “ايڏي محويت!” هن دل ئي دل ۾ سوچيو. البت ڪڇيائين ڪجهه ڪونه. اهڙي گهري ۽ معصوم محبت کي هوءَ سدائين رشڪ ۽ حسرت سان ڏسندي هئي. هر عورت اهڙي گهري محبت جي مشتاق ٿيندي آهي. هر عورت چاهيندي آهي ته مرد پنهنجي من مندر ۾ هن جي مورتي ٺاهي ان جي پوڄا ڪري، مرد جي من مسيت جا سڀ سجدا فقط سندس لاءِ ئي مخصوص هجڻ گهرجن. ڪير ٿو چئي ته فقط مرد تسلط پسند آهي؟ عورت به تسلط پسند آهي. ٻيئي هڪٻئي جي معاملي ۾ هڪجيترا تسلط پسند آهن. فرق صرف اهو آهي ته مرد جي تسلط جون حدون عورت جي جسم کان شروع ٿي جسم تي ئي ختم ٿينديون آهن؛ پر عورت مرد جي من ۽ تن، ٻنهي تي تسلط چاهيندي آهي. ان لحاظ کان عورت مرد کان به وڏي تسلط پسند آهي. تنهنڪري مڪمل محويت ڀري محبت، جنهن ۾ مرد پوري ريت سندس اڳيان جهڪي اچي، کيس سڀ کان وڌيڪ وڻندي آهي. صبا کي به اهڙي محبت وڻي ٿي. سو هنن جي محبت کي رشڪ سان ٿي ڏٺائين.
    “ايئن گهوري ڇا ٿي ڏسين!؟” ڪنول مرڪندي صبا کان پڇيو.
    “توهان جي محبت کي ٿي ڏسان. سوچيان ٿي ايڏي گهرائي، ايڏي محويت! خدا ناظروئن کان پناهه ۾ رکيوَ!”
    “توکان وڏو ناظرو به ڪو ٿي سگهي ٿو ڇا؟ رڳي تون نظر نه هڻجانءِ، باقي ٻين کي آئون پڄڻ جهڙي آهيان.” ڪنول کلندي وراڻيو.
    هنن ٻنهي به سندس کل ۾ساٿ ڏنو.
    “نه ڀائي. پاڻ دوستن جي مال تي جهپو هڻون ڪونه.” صبا بي نيازي سان وراڻيو.
    سندس جملو سانوڻ کي ٿورو ناگوار لڳو. ان ڪري اکيون کڻي گهوري کيس ڏٺائين. صبا سندس گهور محسوس ڪئي.
    “اڙي بابا، ايترو مذاق ته هلڻ ئي گهرجي. يا چئو ته اسان کي ايترو حق ناهي ته پوءِ نه ڪڇبو.” هوءَ سڌي سانوڻ سان مخاطب ٿي.
    “ڪنول جي ناتي سان آئون توهان کي به پنهنجي دوستِ ٿو سمجهان. توهان کي بلڪل مذاق جو حق آهي. مون اعتراض ته ڪونه ڪيو آهي.” سانوڻ ششدر ٿيندي جواب ڏنو.
    “گهٻرايو نه، جيڪڏهن مذاق ڪندي اوهين پاڻ ۾ اٽڪي پيا ته آئون اوهان کي ڇڏائي وٺنديس. پر پهرين ٿورو وڙهو ته سهي.” ڪنول ماحول کي وڌيڪ خوشگوار بنائڻ لاءِ وچ ۾ ٽپي پيئي.
    ايئن هلڪو ڦلڪو مذاق ڪندي هو ريسٽورنٽ مان ٻاهر نڪتا. ڪنول جو خيال هو ته سانوڻ کي سندس گهر جي ويجهو ڇڏي اچي. پر ٻنهي جا پنڌ ابتڙ هئا. سانوڻ جو گهر هيرآباد ۾ ۽ ڪنول جو گهر لطيف آباد ۾ هو. سانوڻ هنن کي تڪليف ڏيڻ نه ٿي گهري. ان ڪري ڳالهه نه بڻي. ڪنول کي مجبورن ارادو بدلائڻو پيو. هوءَ سانوڻ کان موڪلائي روانيون ٿي ويون. سانوڻ حيدر چونڪ، ريشم ڳلي ۽ شاهي بازار جا پيچرا لتاڙيندو پنڌ ئي پنڌ پنهنجي گهر اچي پهتو. اهو پنڌ هن جو محبوب پنڌ هيو. هو جڏهن کان حيدرآباد آيو هيو، تڏهن کان انهن علائقن ۾ پيرين پيادو گهمندو ڦرندو رهندو هئو. ان ڪري ٿڪجڻ بدران اهو پنڌ پيادل پٽي خوش ٿي ويندو هو. هاڻي ته هن جي خوشين جا نوان سبب نڪري آيا هئا. ڪنول جي خوشبو گهر تائين ساڻس گڏي آئي هئي.

    *

    صبا جو گهر ڪنول جي گهر کان پهريائين ٿي آيو، تنهنڪري ڪنول پهرين صبا کي سندس گهر وٽ اچي لاٿو. دير ٿي وئي هئي، انهي ڪري هن صبا جي صلاح هڻڻ جي باوجود ويهڻ بدران هلڻ کي بهتر ڄاتو. سو کانئس بيٺي پير موڪلائي پنهنجي گهر ڏانهن رواني ٿي.
    صبا گهر جي در تي بيهي هن کي ويندي ڏسندي رهي. جيتوڻيڪ هوءَ ليڊيز ڪلب جي ميڙاڪن دوران ئي سندس واقفڪارٿي هئي. پر پوءِ به ٻنهي ڄڻين هڪٻئي جي بار ي ۾ خوب واقفيت ٿي رکي. ٻنهي کي هڪٻئي جي پوين ڏينهن جي ذري پرزي جي ڄاڻ هئي. هوءَ هڪٻئي جي جيون جي المين، حادثن، محرومين، مزاج، خوبين ۽ خامين کان بخوبي آگاهه هيون. صبا کي خبر هئي ته ڪنول ڏاڍي هـٺيلي، مغرور، ضدي ۽ ٻئي تي اک نه ٻوڙڻ واري هئي. هوءَ دليون جوڙڻ نه، ٽوڙڻ واري هئي. مغرور عورتون سدائين دليون ٽوڙي خوش ٿينديون آهن- ۽ پوءِ ٽوڙ ڦوڙ واري انهي راند ۾ هڪ ڏينهن هوءَ پاڻ ٽٽي پرزا پرزا ٿي پونديون آهن ۽ ايئن ٽٽي وکرنديون آهن، جو کين ٽاڪو به نه لڳندو آهي. عورت اڄ به مغرور آهي. حسن اڄ به جلاد آهي. عشق جي اکين ۾ اڄ به ڳوڙها آهن. ڪنول به ته غرور جي راڻي هئي. هاڻي ڪنول جي گاڏي گهٽي جو موڙ مڙي صبا جي نظرن کان غائب ٿي وئي هئي. پر هن جون نظرون اڃا به اوڏانهن کتل هيون. هوءَ اڻ لکي اچرج ۾ هئي ته ڪنول جهڙي شاهه مغرور عورت سانوڻ کي ڪيئن دل ڏيئي ويٺي هئي؟
    ايئن نه هو ته هن نه ٿي ڄاتو. هن سڀڪجهه سمجهيو ٿي، هوءَ پاڻ به وڏي زماني ساز مائي هئي- ڪنهن حد تائين ڪنول کان به وڌيڪ. پر ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو ڄاڻندي به اڻڄاڻ ٿيندو آهي. هوءَ پڻ ڄاڻيندي به اڻڄاڻ ٿي رهي هئي. کيس عورت جي فطرت جي گوناگاني جي خبر هئي. کيس پتو هو ته عورت هارائي به کٽيندي آهي. سندس کٽڻ جا انيڪ گر آهن. هوءَ جڏهن فطرت جي واهڙ ۾ وهي ۽ لڙهي رهي هوندي آهي، تڏهن دل هارائي دل کٽيندي آهي، جسم آڇي جسم کٽيندي آهي. عورت زندگي جي جيت آهي. ان ڪري هوءَ هر ميدان تي جيتڻ چاهيندي آهي. عورتن هارائڻ نه سکيو آهي. عورتن جي معاملي ۾ مرد کٽي به هارائيندو آهي. سندس جيت ۾ به مات آهي. جڏهن ته عورت هارائي به کٽيندي آهي. دنيا جي گولي تي عورت ازلي ابدي فاتح آهي. مرد کان وٺي موت تائين هوءَ هر شئي کي فتح ڪري ٿي. عورت زندگي جي جيت آهي- جُڳ جُڳ جي جيت. عورت فطرت آهي، عورت زندگي آهي؛ ان ڪري عورت محبت آهي. محبت غرور تي سدائين فتح ماڻي ٿي. عورت غرور هارائي محبت کٽي ٿي.
    فطرت جي وهڪ ۾ ڪنول جو غرور به وهي لڙهي ويو هو. اڪيلائي جا غوطا کائيندي هن محبت جو ڪنارو ڳولي لڌو هو. هن ڇا هارايو، ڇا کٽيو هو؟ صبا کي اها خبر ڪيئن ٿي پئجي سگهي؟ پر پوءِ به هوءَ عورت هئي. ان ڪري گهڻو ڪجهه ڄاتائين ٿي. ۽ پوءِ پراسرار مرڪ چپن تي سجائي هوءُ گهر اندر هلي ويئي.
    *

    ڪنول ۽ سانوڻ جي ميل جول هاڻي روز جو معمول هئي. ڪڏهن مانجهاندو، ته ڪڏهن سانجهاندو گڏ ٿي ڪيائون. ڪڏهن وري شام ويلا دوران ڪنهن سٺي هنڌ تي ويهي هلڪو ڦلڪو چاٻو ٿي ڪيائون. اهي مانجهاندا سانجهاندا ته مڙيئي بهانا هئا. اصل ڳالهه ته سندس ملڻ هئي- ۽ جڏهن ٻه پيار ڪندڙ اڪيلا اڪيلا هڪٻئي سان ملندا آهن، ته سندن بک مري ويندي آهي. پيٽ کين ياد ئي نه رهندو آهي. هو هڪٻئي جي اکين ۾ وڃائجي ويندا آهن. هتي به ايئن ئي هو. باقي مانڙيون ته محض گڏجي گرانهه کڻڻ جي تمنا هيون، گڏ گهاريل پلن کي يادگار بنائڻ جي آرزو جو حصو هيون. اصل شئي ته وري به وصال جي تڙپ هئي، جيڪا کين ڇڪي ٿي آئي.
    هو ٻيئي روزاني وانگر جيئن ئي اڄ مليا ته فاران هوٽل ۾ ڏُپهرو ڪرڻ جي صلاح بيهاري ان پاسي هلي پيا.
    “روز روز کليل هنڌن تي ٿا ملون. ڇا بهتر ناهي ته ڪنهن ڏينهن پنهنجي ئي ڪنهن جڳهه تي ملجي؟“ سانوڻ گرانهه کڻندي ڪنول کي چيو.
    “اڪيلائي ته پاڻ کي هتي به ميسر ٿئي ٿي. گوڏو گوڏي سان گڏي ويٺا آهيون.” ڪنول وراڻيو.
    “پر هِن اڪيلائي ۽ هُن اڪيلائي ۾ فرق آهي. ٻه محبت ڪندڙ جڏهن بنهه نجي اڪيلائي ۾، ايڪانت ۾ پاڻ ۾ ملندا آهن، ته سندن وچ ۾ ڪوبه حجاب يا ويڇو نه رهندو آهي. سموريون وڇوٽيون ختم ٿي وينديون آهن.” سانوڻ ڪنول جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهليندي چيو.
    “پنهنجي دلين جي وچ ۾ ڪي به وڇوٽيون ڪينهي. ڇا ڪا وڇوٽي رهجي وئي آهي، جيڪا تون اڪيلائي ۾ ختم ڪرڻ ٿو گهرين؟” ڪنول ظاهري پڪائي کان ڪم ورتو.
    سانوڻ ايڏو تجريبڪار نه هو. ان ڪري هو عورت جي ادائن کان ايترو واقف نه هو. هن کي پتو نه هو ته ڪڏهن ڪڏهن عورت جي انڪار ۾ به اقرار لڪل هوندو آهي. سو ڪنول جي جواب کيس منجهائي ڇڏيو.
    “ٺيڪ آهي، تون ايڪانت ۾ ملڻ نه ٿي چاهين ته آئون هروڀرو ان لاءِ توتي گهڻو زور نه وجهندس.”
    ڪنول سانوڻ جي مونجهه ۽ مايوسي کي ڀانپي وئي. انهيءَ ڪري يڪدم پاسو بدلايائين.
    “مون انڪار ته ڪونه ڪيو.”
    “پر تو ها به ته ڪانه ڪئي.”
    “محبوبن کي تنگ ڪرڻ ۾ به مزو ايندو آهي.”
    “محبوبن کي تنگ ڪرڻ ۾ يا عاشقن کي ستائڻ ۾؟”
    “عاشق ته آئون آهيان، تون ته منهنجو محبوب آهين. تو مون کي ڳولي نه لڌو آهي، منهنجي دل توکي ڳولي لڌو آهي. هميشه عاشق ئي محبوب کي ڳولي لهندو آهي.” ڪنول جي من ۾ محبت جو درياهه ڇلڪي آيو.
    “معنيٰ ته ماڻا ڪرڻ جو حق مون کي حاصل آهي؟” سانوڻ لقمو ڏنو.
    “ها بلڪل، توکي سڀ حق حاصل آهن.” ڪنول پاڻ ارپڻ واري انداز ۾ وراڻيو.
    “پوءِ مون واري سويرڪي ڳالهه جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟” سانوڻ اڪيلائي ۾ ملڻ وارو سوال ورجايو.
    “آئون تنهنجي ٻَڌِي ٻانهِي آهيان. جيئن چوندين، جيڏانهن چوندين، جڏهن چوندين، هلي هلنديس، آئون پنهنجي محبوب کي انڪار نه ٿي ڪري سگهان.”
    هن اهڙي انداز سان چيو، جو سانوڻ هن جي محبوبيت ڀريي انداز تي فدا فدا ٿي ويو ۽ هن جو هٿ ڇڪي پنهنجن چپن تي رکي ڇڏيائين.
    هو جنهن مهل هوٽل مان اٿيا ته ٻيهر ملڻ جي لاءِ پروگرام طئي ڪري چڪا هئا. ٻنهي جون دليون وصال جي جذبن سان سرشار هيون.
    * * *


    (11)

    سنڌي چوڻيءَ آهي ته:
    خون ۽ کٿوري نه لڪندي آهي.
    عشق ۽ مشڪ نه لڪندو آهي.
    ٻولين جون چوڻيون، پهاڪا ۽ محاورا ٻولين جو اثاثو هوندا آهن. چوڻيون لوڪ ڏاهپ، سماجي شعور ۽ صدين جي تجربن جون آئيني دار هونديون آهن. اهي زندگي مان ڦٽنديون آهن ۽ زندگي جي ترجماني ڪنديون آهن. انهي ڪري منڊي تي ٽڪ وانگر هونديون آهن ۽ هر دؤر ۾ جرڪنديون رهنديون آهن. مٿينءَ چوڻي پڻ دؤر دؤر ۾ منعڪس ٿيندي رهي ٿي. واقعي عشق ۽ مشڪ لڪيي نه لڪندو آهي. هيءَ اها وٿ آهي، جنهن کي ڪير به ڇپر ڪري نه سگھيو آهي.
    عشق ۾ سانت ڳالهائيندي آهي ۽ راز، بنان آواز جي خوشبو بڻجي واءُ ۾ وکري هرپاسي هُلي ويندو آهي.
    سانوڻ جنهن ڳالهه کي دوستن کان لڪايو هو، سنگت سان نه سليو هو ۽ جنهن کي راز بنائي سيني ۾ سانڍي رکيو هو، اهائي ڳالهڙي سندس سنگتين وٽ پهچي چڪي هئي. هوا ۾ اڏامندڙ خوشبو منصور جي ڪنن ۾ سرگوشي ڪئي هئي. اڻپوري ۽ اڌوري سرگوشي، راز ۽ اسرار سان ڀريل سرگوشي. منصور هن سرٻاٽ کي چڱي ريت ڪنايو. ڳالهه هن تي پڌري پٽ پيئي هئي. هن فوري طور تي انهي جي ڄاڻ همير کي ڏني.
    هاڻي هنن تي اهو راز عيان ٿيو ته ايڏن سارن ڏينهن کان سانوڻ ڇا لاءِ هنن کي گهٽ وقت ڏيئي رهيو هو؟ هن کانئن ڇا لاءِ ڪنارا پئي ڪيا؟ ڪهڙي مصروفيت هئي، جيڪا هن کي رنڊائي رهي هئي؟ هو ٻيئي ڄڻا چٽي ريت نتيجي تي پهچي چڪا هئا.
    هوءَ ڪير هئي؟ ڪيئن هئي؟ سو پتو ڪونه هُين. پر اها پڪ هُين ته ڪائي آهي، جنهن کي سانوڻ پنهنجي دل جي راڻي بڻائي رکيو آهي. جيڪا هنن کان سندن دل وارو دوست ڦري رهي آهي. بهرحال ڳالهه پڌري پٽ پيئي هئي ته ڪائي آهي.
    عشق جو راز هر دل کي اتاولو ڪندو آهي- ٻڌندڙ جي دل کي به. ۽ هر ڪو ئي ان جي تهه تائين پهچڻ چاهيندو آهي. سو هي ٻيئي يار به اتاولا هئا ۽ ترت ئي پورا تفصيل معلوم ڪرڻ ٿي گهريائون. سو يڪدم مليا ۽ ملندي ئي ٻئي ڏينهن سانوڻ جي گهر ڏانهن هلڻ جو پروگرام ٺاهيائون.
    * * *


    (12)

    سانوڻ ۽ ڪنول اڄ ايڪانت ۾ مليا.
    ايڪانت- جنهن ۾ پيار ڪڪر ڪارونڀار ٿي ايندو آهي ۽ دلين جي صديون سِڪايل ۽ سُڪايل ڌرتي سيراب ٿيندي آهي.
    ايڪانت- جنهن ۾ چپ خاموش هوندا آهن ۽ چميون ڳالهائينديون آهن.
    ايڪانت-جنهن ۾ اکين جو مڌ جرڪندو آهي ۽ بدن جا جام ڇلڪندا آهن.
    ايڪانت- جيڪا شمع جيان جلندي آهي ۽ گل وانگر ٽڙندي آهي.
    ايڪانت- جيڪا حقيقت هوندي به سپنو ڀاسندي آهي ۽ سپنو هوندي به حقيقت جو ڏِک ڏيندي آهي.
    ايڪانت- جيڪا زندگي جو سجايو پڻو آهي، جيڪا زندگي جي حاصلات آهي، جيڪا جندڙي جو جُڳ جُڳ جو جادو آهي
    ايڪانت- جنهن ۾ ٻه وجود هوا کان هلڪا ٿي هڪٻئي ۾ سمائجي هڪ ٿي ويندا آهن.
    اڄ هو ٻيئي انهيءَ ايڪانت ۾ مليا هئا.
    ٻيئي پياسيا هئا، اڃايل هئا، صدين جا سڪايل هئا. زندگي جي رڃ ۾ رُلندي ڪنهن مٺي چشمي جيئن هڪٻئي کي ڳولي لڌو هئائون.
    هينئر ڪنول سراپا محبت بڻي سانوڻ جي سامهون بيٺي هئي. سانوڻ ٿورو ٿورو منجهندي، ڪجهه ڪجهه هٻڪندي، لڄارو ٿيندي ڪنول جي ڳچي ۾ ٻانهون وڌيون ۽ نگاهون سندس اکين ۾ کپائي ڇڏيون.
    ڪنول سندس اهو انداز ڏسي پيار وچان مرڪي پئي.
    “ايئن ڇا پيو ڏسين؟”
    “ڏسان پيو ته هيءَ سڀ ڪجهه حقيقت آهي يا خواب آهي؟ بهرحال، جيڪي ڪجهه به آهي، ڏاڍو سهڻو من موهڻو آهي.”
    سانوڻ جو آواز ڄڻ ڪٿان پري کان آيو.
    “پيار جا پل حقيقت هوندي به خواب هوندا آهن ۽ خواب هوندي به حقيقت هوندا آهن. اهو ماڻڻ وارن تي آهي انهن کي ڪيئن ٿا ماڻين؟ ڪيئن ٿا انهن ۾ امرت رس پلٽين؟” ڪنول نهايت پيار ۽ پاڻ ارپڻ واري انداز ۾ چيو.
    “تون سدائين ايئن سامهون هجين ته مون کي ٻيو ڇا گهرجي؟ پوءِ حقيقت خواب ٿي وڃي يا خواب حقيقت؛ مون کي ان جي پرواهه نه رهندي. خواب ۾ توڙي حقيقت ۾، مون کي بس رڳي تون گهرجين.”
    سانوڻ ايئن چوندي ڪنول جي ڳچيءَ مان ٻانهون ڪڍي، ٻنهي هٿن ۾ هن جي مکڙي کي ايئن جهليو، جيئن ٻن پنن جي وچ ۾ موتئي جو گل هوندو آهي.
    هري هري هن پنهنجا چپ ڪنول جي چپن جي ويجهو ڪيا. ويجهي ويجهي، اڃا ويجهي؛ ايترو ويجهي، جتي ساهن جي خوشبو هڪٻئي سان ٽڪرائجڻ لڳندي آهي.
    چپ چپن سان مليا ۽ سرور وچان ڪنول جا نيڻ ٻوٽجي ويا.
    پوءِ سانوڻ ڪنول جي اکين کي چميو، نراڙ کي چميو. سندس چڳون پنهنجن چپن ۽ اکين تي گهمايون. ۽ پوءِ سانوڻ جا چپ ڪنول جي ڳلن تان ڦرندا هيڪر وري چپڙن سان ٽڪرايا.
    اتان ٿي اهي ڳچي تائين پهتا. ڪلهن کي چميائون ۽ هوريان هوري هيٺ لهندا ويا.
    بدن جي اڀ تان لٽن جا ڪڪر هٽي ويا. جسم جي اؤجر ۽ خوشبو ڪمري ۾ پکڙجندي رهي. اجري ۽ نازڪ بدن تي مستي ڇائجندي پئي وئي. سانوڻ جا چپ هيٺ لهندا آيا. ارهه، پيٽ، آڱريون، سٿر... هن ڪنول جي انگ انگ کي چميو. هٿن جي ڇهاءُ ۽ چپن جي ڪيف نون خمارن کي پئي اڀاريو. ٻنهي هڪٻئي جي پياسي تن سان هٿ کس پئي ڪئي، ٻنهي جي چپن هڪٻئي جي سنڌ سنڌ سان ڳالهايو پئي. جنهن سان سندن انڱڙا ڪڪورجي رهيا هئا ۽ هڪڙو عجيب قسم جو لطف ۽ سرور، ڪيف ۽ مزو، مستي ۽ خمار کين ارپنا جي لامحدود وسعتن ۾ اڏاريو کنيو پئي ويو.
    جواني جواني کي ڇهي رهي هئي؛ جواني جواني کي چمي رهي هئي؛ جواني جواني سان ٻکجي رهي هئي. سانوڻ ڪنول جي مٿان آسمان وانگر جهڪي آيو – ۽ پوءِ مٿس ڇانئجندو ويو.
    ساري رات وڏڦڙو وسندو رهيو. تن من سڀ وڏڦڙي وسڪار ۾ پُسي پالوٽجي نوان نرالا ۽ سون سريکا ٿي پيا. هنن جي انگ انگ ۾ نئين خوشبو هئي.
    صبح ٻيئي هوا کان هلڪا هئا.
    ڪنول جي ٽور ۾ نئون وقار، نئين مستي ۽ شاهاڻو ڍنگ هو.
    ۽ سانوڻ جي اکين ۾ عجيب ۽ نرالي مرڪ هئي.
    ٻنهي جا وجود ڄڻڪ نوان ٿي پيا هئا. ٻنهي هڪٻئي کي ماڻيو هو، ڄڻڪ هڪٻئي کي ٻيهر تخليق ڪيو هو. ٻيهر تخليق، جنهن جي مٽي محبت، ارپنا ۽ پيار جي پاڻي سان ڳوهي وئي هئي.
    عجيب سرور ۽ سڪون سندن رڳ رڳ ۾ رچيو پيو هو.
    * * *


    (13)

    همير ۽ منصور جنهن مهل سانوڻ جي گهر پهتا، انهي مهل هو پنهنجي ڪمري ۾ هنڌ تي ليٽيو پيو هو. کيس خبر پيئي ته منصور ۽ همير ٻاهر در وٽ بيٺا آهن ته هو گهر مان نڪري آيو. ٻنهي جي چهرن تي ناراضگي جو مصنوعي تاثر ڇانيل هو. اهو ڏسي هن کي ٿورڙو تعجب ٿيو. البت هو مليا ساڳي اڪير سان.
    “هلو، اندر هلي ويهو” سانوڻ ساڻن مخاطب ٿيو.
    هو اڳيئي ويهڪ واري ڪمري جو دروازو کولي ان مان ئي ٻاهر نڪتو هو.
    “نه، ويهنداسين ڪونه. اسين توسان سخت ناراض آهيون. پهرين اهو ٻڌائي ته توتي ڏنڊ ڪهڙو رکجي؟” همير وراڻيو.
    “ڇو؟ مون اهڙو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي ڀائو!؟”
    “اڇا، تو ڪو به ڏوهه ڪونه ڪيو آهي! اڄڪلهه ڳجهيون ميل ملاقاتون ڪنهن سان پيون ٿين؟ ۽ سڄي دنيا کي خبر آهي، باقي رڳو اسان کان لڪ.” منصور جهڙوڪر سانوڻ کي ڏوراپو ڏنو.
    “اوهه! چئبو ته اها ڳالهه آهي؟”
    “ها بلڪل اها ڳالهه آهي. پر هاڻي ڪا به اِڙتي ڦِڙتي نه هلندي. ويهنداسين انهي شرط تي، ته ڦٽان ڦٽ سربستا حال احوال ٻڌائيندين.”
    “ٺيڪ آهي بابا، اوهين ويهو ته سهي.”
    “نه، پهرين واعدو ڪر. گڏوگڏ ڏنڊ به ڀرڻو پوندئي.”
    “ٺيڪ آهي بابا؛ واعدو! ٻيئي ڪم ڪندس. بس نه! هاڻي ته ويهو.”
    ٽيئي ڄڻا ويهڪ واري ڪمري ۾ اچي ويٺا. سانوڻ کين الف کان وٺي ي تائين سمورو قصو تفصيلي طور تي ٻڌايو. هن کانئن ڪجهه به لڪائڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي. هاڻي هن لڪائڻ به ڪونه ٿي گهريو. کيس لڪائڻ جي ضرورت به ڪا نه هئي. لڪ لڪاءَ ڪبو آهي ناڪامي جي ڊپ کان. هاڻي سندس محبت انهي ڏاڪي تي پهتي هئي، جتي ڪنهن به ناڪامي جو ڪو به ڀؤ ڀولو ڪونه هو. هن محبت ۾ ڪامراني ماڻي هئي. ڪنول ساڻس نه فقط دلين جو سئودو ڪيو هو، پر کيس پنهنجو تن بدن پڻ آڇيو هيائين. هن تن ۽ من جي وچ ۾ ڪو به سَنڌو ڪونه رکيو هو. پاڪ پوتي هجڻ جهڙو ڪوبه نخرو ڪين ڪيو هيائين. هن ته بس رڳو اهو چيو هو ته:
    “تون منهنجو محبوب آهين آئون تنهنجي ٻڌي ٻانهي آهيان. جيئن چوندين، جيڏانهن چوندين، جڏهن چوندين، هلي هلنديس. آئون پنهنجي محبوب کي انڪار ڪري نه ٿي سگهان.”
    پوءِ واقعي هن ڪوبه نخرو يا ماڻو ڪونه ڪيو هو، نه ئي ڪوئي بهانو بنايو هئائين. سانوڻ گذريل رات کيس پنهنجي دوست مهراڻ جي ننڍڙي بنگلي تي وٺي آيو هو ۽ هوءَ بنان چُون چُران جي ساڻس گڏ هلي آئي هئي.
    سانوڻ هن جي سنڌ سنڌ کي ڇهيو هو، انگ انگ کي چميو هو، سندس بدن جا ور وڪڙ ۽ اڀار ڀيٽيا هئائين، انهن جون نزاڪتون ۽ لطافتون ماڻيون هئائين ۽ ٻيئي وجود هڪٻئي ۾ وڃائجي ويا هئا، هڪٻئي ۾ سمائجي ويا هئا. هنن هڪٻئي جا تن من ٻيئي ماڻيا هئا ۽ تن من کي ماڻي هنن محبت جو معراج ماڻيو هو.
    من کانسواءِ تن فقط ڪام واسنا آهي، ۽ تن کانسواءِ من فقط اڌوري ۽ انڌي تڙپ آهي. محبت جو معراج تن من جي ميلاپ ۾ آهي، تن من جي سنجوڳ ۾ آهي.
    گهاٽي ۾ آهن اُهي، جيڪي من ڇڏي صرف تن ڏانهن ڊوڙيا.
    -۽ اڌورا آهن اُهي، جن تن کي ٺڪرائي رڳي من جي مالها جپڻ چاهي.
    اُهي ٻيئي پنهنجي تڪميل تي نه پهتا.
    اُنهن ٻنهي محبت جو معراج نه ماڻيو.
    ڪنول هن جي تڪميل هئي، هن جي محبت جو آسمان هئي.
    محبت جو آسمان، جيڪو هڪ گهڙي ڪڪر ڪارونڀار ٿي ٻنا ٻوڙ ڪري وسي ٿو، ته ٻيءَ گهڙي صاف شفاف ٿي پيار جي نور سان جرڪڻ لڳي ٿو. ان کي گهڻي وقت تائين لڪائي نٿو سگهجي.
    سو هاڻي هن به لڪائڻ نه ٿي گهريو. هن کي هاڻي هار جو ڊپ نه هو. محبت هن کي ڪاميابي آڇي هئي. ۽ مرد پنهنجن ڪاميابين ۽ ڪامرانين کي پڏائيندو آهي. مرد سدائين ڪاميابي جي گهورو آهي. هو ذلتن ۽ شڪستن کي لڪائيندو آهي ۽ ننڍين ننڍين ڪاميابين کي به وڌائي چڙهائي پيش ڪندو آهي. هن ته محبت ۾ ڪاميابي ماڻي هئي.
    ڀلا جواني ۾ محبت کان وڏي ڪاميابي ۽ ڪامراني ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي – سا به پهرين محبت! سانوڻ ايئن پئي ڳالهايو، ڄڻ سندس انگ انگ پئي ڳالهايو، سندس دل ۽ سندس روح پئي ڳالهايو. هو ٻيئي مبهوت بڻيا ويٺا هئا ۽ رشڪ سان هن جون ڳالهيون ٻڌي رهيا هئا. هنن کي رشڪ سان گڏوگڏ خوشي پڻ ٿي رهي هئي.
    جنهن مهل سانوڻ قصو ٻڌائي بس ڪئي، ان مهل منصور ڳالهايو:
    “ڏنڊ توکي معاف ٿا ڪريون. جيتوڻيڪ تو اسان کان شروع ۾ قصو لڪائي اسان سان گهٽ ڪانه ڪئي آهي. پر پوءِ به توکي معافي ٿا ڏيون. اسان لاءِ اها فخر جهڙي ڳالهه آهي ته تون ڪامياب ٿيو آهين.”
    “گهٽ ۾ گهٽ مورت ته ٽٽي. ٽنهي مان ڪنهن ته عشق جي شروعات ڪئي. نه ته پاڻ لڄوُڙا ايترا آهيون، جو ايئن رهياسين ته ڪنوارا ۽ ڇڙها ئي مري وينداسين.” همير ڄڻڪ منصور سان سُرملايو.
    “ان لحاظ کان توهان کي منهنجي مان ۾ دعوت ڪرڻ گهرجي” سانوڻ هجت ڪئي.
    “ها ڀلي.” همير ساڻس سهمتي ڏيکاري.
    “ٺيڪ آهي. پر اڪيلي سر تنهنجي ڇو؟ جوڙيءَ جي ڇو نه؟” منصور وڌيڪ خوش اخلاقي جو مظاهرو ڪيو. “ان بهاني سان اها وينگس ڏسي به وٺنداسين، جنهن اسان جي سانوڻ کي سوگھو ڪيو آهي.”
    “مون کي ڪو به اعتراض ڪونهي. البت ان لاءِ پهرين ڪنول کان پڇڻو پوندو.” سانوڻ وضاحت ڪئي.
    ايئن ٺيڪ آهي. ظاهر آهي ته هن کان پڇڻ گهرجي. سو ڀلي اڳ ۾ ان سلسلي ۾ پڇي وٺوس، پوءِ ئي وڌيڪ سٽاءُ جوڙبو. نه ته به تو اڪيلي جي دعوت ته ڪبي ئي ڪبي.” منصور سانوڻ سان سهمتي ظاهر ڪندي وراڻيو.
    گهڻن ڏينهن کانپوءِ دير تائين هنن جي ڪچهري ڄميل رهي.
    هنن جي هليي وڃڻ کانپوءِ به سانوڻ جي دل ڪنهن اڄاتي فخر ۽ سرور سان ٽٻٽار هئي.
    * * *


    (14)

    سانوڻ مَحبت جو پهريون تجربو ماڻيو هو. هن کان اڳ محبت بابت هن فقط ڳالهيون ٻڌيون هيون. ڀانت ڀانت جون ڳالهيون، قسمين قسمين مفروضا. ميلاپ ۽ فراق جون عجيب غريب تشريحون. جن ۾ اهميت ۽ اوليت ويراڳ ۽ فراق کي حاصل هئي. مَ-لهڻ محبت جي جاوداني جي علامت هئو ۽ وصال ماٺائي جي. هن ٻڌو هو ته فراق ۾ تڙپ ۽ لوچ کي گهرائي ٿي ملي، جنهن محبت کي وڌيڪ پائيدار ۽ اڻٽٽ ٿي بڻايو. جڏهن ته وصال ۾ تڙپ گهٽجي ٿي وئي. تڙپ جو ماٺو ٿيڻ محبت جو موت هو. انهي ڪري هتي محبت ۾ وصال کان وڌيڪ اهميت ويراڳ کي حاصل هئي. هن به ان بابت گهڻو ئي ڪجهه ٻڌو هو؛ دوستن جي حلقن ۾ بحثن ۾ حصو ورتو هو ۽ شاعرن جا ان ڏس ۾ ويچار پڙهيا هيائين. پر اهو سڀ ڪجهه هن کي ياد ئي ڪونه هو.
    محبت پنهنجا رستا پاڻ جوڙيندي آهي. هنن جي محبت به پنهنجو رستو پاڻ جوڙيو هو. من يا تن جي سوال هنن کي منجهايو ئي ڪونه. هو دلين جي ڏور ۾ ٻڌجي بي اختيار هڪٻئي ڏانهن ڇڪجي آيا هئا.
    سانوڻ محبت جو پهريون انڀوءَ ماڻيو هو. پر هر تجربو پنهنجي اندر ۾ ڪئين تجربا رکندو آهي. هتي به هن کي ڪيترائي ننڍڙا ننڍڙا تجربا ٿيا هئا. پوءِ هن پراڻين ٻڌل ڳالهين تي ويچاريو. هو هن نتيجي تي پهتو ته من جي يا تن جي- محبت، فقط محبت آهي. هن کي عجب لڳو ته محبت کي به خانن ۾ ورهايو ٿو وڃي! محبت ته پنهنجي جوهر ۾ هڪڙو مڪمل وجود آهي. تن، من، وصال، ويراڳ، قرار، تڙپ-اهي سڀ ته ان جا پاسا آهن. محبت تمام گهڻ پاسائين، گهڻ رنگي وٿ آهي. ان جا ٻيا به ڪيئي پاسا آهن. البت اها ايڏي گهري، ايڏي مڪمل، ايڏي ڀرپور ۽ ايڏي وزندار ٿئي ٿي، جو جنهن کي جيڪو پاسو هٿ لڳي ٿو هو ان کي ئي سڀ ڪجهه سمجهي ٿو، ان کي ئي پوري محبت سمجهي ٿو. حالانڪه اهو ته محبت جو فقط هڪڙو پاسو، هڪڙو رنگ هوندو آهي. مڪمل محبت ته شئي ئي ٻي آهي. مڪمل محبت من يا تن کان مٿانهين ٿيندي آهي. وصال يا ويراڳ جي محتاج ڪانه ٿيندي آهي.
    مَحبت بس مَحبت ٿيندي آهي.ماڻهو مَحبت جي هر رنگ ۾ ٺهندو آهي. پوءِ جنهن کي جيڪو رنگ هٿ چڙهي ٿو، هو ان کي ئي محبت جو عرفان سمجهي ٿو.
    سانوڻ کي به هڪڙو رنگ هٿ آيو هو، پر هن ان رنگ سان گڏ ڪن ٻين رنگن کي به ڏٺو پئي. هن ڏٺو پئي ته هو وصال جي ٻانهن ۾ ٻکيل هو. پر هن جي تڙپ ۾ ڪا به ڪمي ڪانه هئي. البت ان تڙپ ۾ به قرار هو. هن جي اڳيان وصال، تڙپ ۽ قرار جا رنگ هڪٻئي ۾ رلمل ٿي ويا هئا. محبت هن جي وجود ۾ پيهي وئي هئي ۽ هو محبت ۾ پيهي ويو هئو- شايد محبت جا سڀ رنگ پسڻ لاءِ.
    * * *


    (15)

    اسان جا سٺا دوست، جيڪي مختلف موقعن تي اسان جي ڪم ايندا آهن؛ اهي ڪڏهن ڪڏهن وقت اچڻ تي انهن مددن جي قيمت وصول ڪرڻ گهرندا آهن- ۽ ڪن حالتن ۾ اها قيمت وصول به ڪري ويندا آهن.
    هينئر هو سڀئي گڏ ٿيا هئا ته صبا جون اکيون جرڪي اٿيون هيون. انهن ۾ اهڙي جرڪ هئي، جيڪا اهڙي ڪنهن موقعي تي ڪنهن پورالي ماڻهو جي اکين ۾ پيدا ٿيندي آهي.
    سانوڻ پنهنجن دوستن طرفان ڏنل دعوت جو ذڪر جيئن ئي ڪنول سان ڪيو هو ته هن کليل دل سان اها نينڍ قبول ڪئي هئي. البت هن ان ڏس ۾ صبا کي به دعوت ڏيڻ گهري هئي. جيڪا صبا پڻ کليءَ دل سان قبولي هئي. هينئر هو سڀ انهي دعوت تي هوٽل ۾ اچي گڏ ٿيا هئا. البت ميڙ ۾ منصور شامل نه هيو. جيتوڻيڪ دعوت جو سڄو اهتمام منصور پاران ئي ڪيو ويو هو. پر عين موقعي تي ڪنهن بنهه اڻٽر مجبوري جي ڪري هو شامل ٿي نه سگهيو هو. جنهن جو سڀني کي ملال هو. پر هو ڇا ٿي ڪري سگهيا. رڳو ملڻ واري شروعاتي پل ۾ هنن کيس ٿورڙي دير ساريو. جنهن بعد وري ڪنهن سندس ذڪر زبان تي ئي نه آندو. دنيا سدائين کان ايئن ڪندي آئي آهي. دنيا جو وهنوار اڻيهئي “جي چلهه تي سي دل تي- جي اُسريا سي وسريا” وارو رهيو آهي. هتي به ايئن ئي هو. يڪدم هو سڄي دنيا کي وساري پنهنجي ڪچهري ۾ لڳي ويا. نوجوانن جي ڪچهري سڄي دنيا کان نياري ۽ نرالي هوندي آهي. جواني جڏهن جواني سان همڪلام ٿيندي آهي ته ٻي سڄي دنيا کي ڀلجي ويندي آهي. هي به ٻي دنيا جي سڌٻڌ وساري هڪٻئي جي اکرن ۽ ڳالهڙين ۾ وڃائجي ويا.
    البت صبا فقط اکرن ۾ وڃايل نه هئي. هو همير جي اکين ۾ به پاڻ کي وڃائي ويٺي هئي. همير سندس دل ۾ لهي ويو هو ۽ سندس تن بدن ۾ آڳ لڳي ويئي هئي. هن جي وجود ۾ ڪتڪتايون پئي نڪتيون. هو ڪن خوبصورت تصورن تي ويچارڻ لڳي. ڪام واسنا جي اڃ سندس رڳ رڳ ۾ ولوڙ وڌي ۽ سندس اکين ۾ ڳاڙها ڏورا ٺهي پيا.
    “ڇا اهو صحيح آهي؟ ڪنول ڇا سمجهندي يا سانوڻ ڇا سمجهندو؟” هن دل ئي دل ۾ پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيو.
    “مون جو سانوڻ ۽ ڪنول لاءِ هيترو ڪجهه ڪيو آهي. هيءَ ته منهنجو به حق آهي. اهو خراب ڇو آهي؟ هو به ته پاڻ ۾ محبت ڪن ٿا. مون به جي سندن ڪنهن دوست سان پلئه اٽڪايو ته ان ۾ ڪهڙي اربعا خطا ٿي پوندي.”صبا دل جو دل ۾ ويچاريو.
    ۽ پوءِ ترت ئي نتيجي تي پهچي وئي. هونئن به هوءَ عملي مزاج رکندڙ ناري هئي. ههڙيون ڳالهيون هن جي ڏائي هٿ جو کيل هيون.
    ٿوري دير پهريائين ئي هو کاڌپيِت کان واندا ٿي چڪا هئا. هاڻي ڪچهري پنهنجي اؤج تي هئي. صبا پاسو بدلايو.
    “منهنجو خيال آهي ته دعوت ختم ٿي چڪي آهي . هاڻي ٿوري دير لاءِ سانوڻ ۽ ڪنول کي اڪيلو ڇڏڻ گهرجي ته جيئن هو اڪيلائيءَ ۾ ويهي دل جون ڳالهيون ڪن.”
    “توهانجو ڇا مطلب آهي؟” همير صبا سان مخاطب ٿيو.
    “منهنجو مطلب آهي ته هنن ٻنهي کي ڪجهه وقت لاءِ اڪيلائي ڏيڻ گهرجي. ان لاءِ پاڻ ٻنهي کي هتان کِسڪ سورت پڙهڻ گهرجي.” صبا ڳالهه کي بلڪل سڌي انداز ۾ رکيو.
    همير منجهيل نگاهن سان ڪنول ۽ سانوڻ کي ڏٺو.
    “اڙي بابا! هي ٿوري دير مون سان ساٿ ڏيندو. اسين بازار مان چڪر هڻي اينداسين. تيسين اوهين ويهي ڪچهري ڪريو.” صبا مرڪندي وضاحت ڪئي.
    “اسان کي ڪو به اعتراض ڪونهي، توهان ڀلي گڏجي وڃو.” سانوڻ ڳالهه کي اڪلائي ڇڏيو.
    ڪنول به ڪنڌ سان هاڪار ڪئي. پر کيس ڏٺائين اهڙين نظرن سان، ڄڻ چوندي هجيس ته ظالم هتي به نه مُڙينءَ. البت صبا هن جي نگاهه تي توجهه ڪونه ڏنو. هن کي توجهه ڏيڻ جي ضرورت ئي ڪانه هئي. کيس موقعن مان فائدو کڻڻ جو ڏانءُ خوب ٿي آيو. هن پنهنجي ٿورن جي قيمت وصول ڪرڻ ڄاتي ٿي.
    هوءَ اٿي کڙي ٿي. ساڻس گڏ همير به اٿي کڙو ٿيو. هو پڻ ڪنهن حد تائين اهڙي موقعي جي تلاش ۾ هئو. صبا سان اڪيلائي- معنيٰ صبا تي ڏورا وجهڻ. صبا جي سونهن ۽ دلڪش انداز کيس موهي وڌو هو. هن جي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ صبا سان ويجهڙائي جي آرزو ڪر کڻي رهي هئي. ههڙو موقعو ٺهي اچڻ تي هُو خوش هو. جيڪا ڳالهه کيس ڪرڻ کپندي هئي، اها صبا سولائي سان ڪري ڏيکاري هئي. هو دل ئي دل ۾ ان تي خوش ٿيو- ۽ هاڻي صبا سان گڏ خوشي مان جهومندي اٿيو هو. انهي ئي گهڙي هو ٻيئي هوٽل کان ٻاهر هئا.
    *
    ڪنول ۽ سانوڻ کان موڪلائي هو ٻيئي راڻي باغ آيا هئا. منجهند لڙي چڪي هئي. ڏينهن چڱيرڙو هو، جنهن ڪري هروڀرو گرمي محسوس ڪا نه ٿي ٿي. بهار جي وچ وارن ڏينهن ۾ هونئن به موسم ڏاڍي سٺي هوندي آهي. ڏينهن وڻندڙ ۽ راتيون ٿڌيريون ٿينديون آهن. وڻندڙ ڏينهن ۽ ٿڌيرين راتين ۾ ڪنهن جو ساٿ اڃا به وڌيڪ سرهاڻيون ڀري ڇڏيندو آهي. هنن جون دليون به سرهائي ۽ سرهاڻ سان معمور هيون.
    “پر توهان ته هُتي شاهي بازار هلڻ جي ڳالهه ڪئي هئي!” راڻي باغ پهچڻ تي همير صبا کان ڄڻڪ سوال ڪيو.
    “تو جهڙي سهڻي کي اڏاري اچڻ ڪا سئولي ڳالهه آهي ڇا؟ مائي ڪنول به وڏي کرکناٿ آهي. منهنجي ساهيڙي آهي، آئون سڃاڻانس. راڻي باغ جو نالو وٺان ها ته توکي اٿڻ ئي ڪانه ڏئي ها.” صبا هڪ ساهي ۾ اهو سڀ چئي وئي.
    “ٻيو ته تو جهڙي سهڻي کي بازار ۾ رولبو ڇا؟ تو جهڙي سهڻي سان ڪنهن سهڻي هنڌ تي ئي ٻه چار پل گهارڻ گهرجن.” صبا ڳالهه ۾ واڌارو ڪيو.
    “ٽيون ته دل جي واٽ ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ جائز آهي. منهنجي دل توسان ٻه چار گهڙيون گڏ گهارڻ ٿي گهريون. دل جي اها تمنا گهڻن سچن تي ڀاري آهي. ڪوئي ڪوئي ڪوڙ سچ کان وڌيڪ دلڪش ۽ حقيقي ٿيندو آهي.” صبا لاڳيتي ڳالهائيندي پئي وئي.
    “سچي ڳالهه اها آهي ته تون مون کي وڻيو آهين- ۽ جيڪو وڻي ٿو، ان لاءِ ڪوڙ ڳالهائي سگهجي ٿو.”
    “هاڻي خبر پيئي ته تون رڳي سهڻي نه پر ذهين به آهين. تنهنجي سونهن سان گڏ ذهانت جو پڻ قائل ٿيڻو پوندو.” همير مرڪندي چيو.
    “نه، ذهانت مرد جو ورثو آهي؛ جي ان جو ورثو ناهي، ته به هو ان جو دعويدار ضرور آهي. ان ڪري عورت ذهانت بدران گھڻي ڀاڱي رڳو سونهن جو هٿيار استعمال ڪرڻ ڄاڻندي آهي.” صبا هن کي جواب ڏنو.
    “جي ان انداز سان ڏسبو ته سونهن عورت جي ۽ ذهانت مرد جي دشمن آهي.” همير وراڻيو.
    “سونهن عورت جي دشمن ٿئي ٿي، اهو ته ٻڌو اٿئون؛ پر ذهانت مرد جي دشمن ڪيئن ٿي ٿئي!؟” صبا سوال اڇليو.
    “معاشرو هميشه ذهانت سان ٽڪراءُ ۾ آيو آهي. ان ڪري جو ذهانت معاشري کان ڪجهه وکون اڳيان ٿي هلي. تنهنڪري معاشرو ان جي پيرن ۾ ڏانوڻ وجهڻ چاهيندو آهي. پوءِ جيڪو بغاوت ڪري ٿو، ان کي معاشرو چيڀاٽيو ڇڏي ۽ جيڪو معاشرتي ڏانوڻ قبولي ٿو، اهو پنهنجو پاڻ کي پاڻ تباهه ڪريو ڇڏي.” همير وضاحت ڪئي.
    “سونهن، ذهانت ۽ محبت- ٽنهي مان ڪهڙي شئي انسان جي لاءِ وڌيڪ سڀاويڪ آهي؟” صبا سوال ڪيو.
    “محبت. محبت کانسواءِ سونهن غرور ۽ سکڻائي آهي- ۽ محبت کانسواءِ ذهانت لٻاڙ، چالاڪي ۽ شيطانيت آهي. محبت ٻنهي کي معنيٰ، گهرائي ۽ ماڻهپو عطا ڪري ٿي.”
    “بلڪل، محبت زندگي جو مقصد آهي، زندگي جي منزل آهي.”
    “پر هر ڪنهن وٽ محبت جي وصف پنهنجي آهي، توهان ڪهڙي وصف کي درست چوندؤ؟” صبا وري سوال ڪيو.
    “هر وصف درست آهي. گلاب جو رنگ ڪهڙو به هجي، پر گلاب گلاب ئي هوندو آهي. چمپا قسمين قسمين هجڻ باوجود چمپا ئي رهندو آهي. محبت به ايئن آهي. ان جا انيڪ رنگ، روپ ۽خوشبويون آهن. اها توهان وٽ جنهن به رنگ ۾ اچي، جيڪو به روپ پسائي، جيڪا به خوشبو واسي، ان کي قبول ڪريو. ان کي موٽايو نه. اها اچي ته خوشي وچان ان جي آجيان ڪريو. هلي وڃي ته ان جو انتظار ڪريو. محبت کان ڪڏهن به نا اميد نه ٿيو. توهان محبت سان محبت ڪريو، يقين ڪريو ته اها هڪڙي ڏينهن پنهنجي پوري وجود سان؛ پنهنجي پوري حسن ۽ دلڪشيءَ سان، توهان جي اڳيان هوندي. ان ڪري پنهنجي اندر جي دري سدائين کليل رکو.” همير جواب ڏنو.
    اهڙي طريقي سان هو پاڻ ۾ ڳالهائيندا رهيا، ته راڻي باغ جا مختلف هنڌ پڻ گهمندا رهيا. جيتوڻيڪ هو اڳ ۾ به ڪيترائي گهمرا راڻي باغ گهمي چڪا هئا، پر اڄ کين اتي جيترو مزو آيو، اوترو کين اڳ ۾ ڪڏهن به ڪونه آيو هو. واقعي هنڌ ماڻهن سان ٻهڪندا آهن. محبت ماڻهن جي دلين سان گڏ، سندن ملڻ وارن ماڳن کي به مهڪائيندي ۽ جرڪائيندي آهي.
    هاڻي هو ٿڪي پيا هئا. هو هڪڙي وڻ هيٺـان اچي ويٺا. ٿورو پرڀرو سوڍا جي ٻاٽلين، ڪوابن ۽ هلڪي ڦلڪي شئي شِگل لاءِ ننڍڙا هٽ کليل هئا. همير اتان ٻه ٻاٽليون، ڪجهه ڪواب ۽ سنڱر، گانٺيا ۽ مرمريا وٺي آيو. هو پکين وانگر داڻو داڻو چڳندا رهيا ۽ ڍڪ ڍڪ ٻاٽلي پيئندا رهيا. پر هنن رڳو ٻاٽلين مان نه پئي پيتو، هو هڪٻئي جي اکڙين مان پڻ پي رهيا هئا. اکيون، جيڪي ماٺ ميٺ ۾ عهد و پيمان ڪري وٺنديون آهن، هنن تي مهربان ٿيون هيون ۽ کين هڪٻئي جي محبت جي ڳنڍ ۾ ٻڌي ڇڏيو هيائون.
    *
    ڪنول ۽ سانوڻ کي هوٽل ۾ ويٺي تمام گهڻو وقت گذري چڪو هو. ڳالهڙين جي ڳهر ۾ هنن کي اهو وسري چڪو هو ته ڪوئي وٽانئن اٿي به ويو آهي. هنن کي نه صبا ياد هئي، نڪي همير. هنن کي رڳو اهو ياد هو ته هو ٻيئي هڪٻئي جي ڀر ۾ ويٺا هئا- ۽ ايئن ويٺا هئا جو هڪٻئي جي وجود جو حصو ٿي لڳا. هو هڪٻئي ۾ مڳن هئا. هڪٻئي جي ڳالهڙين ۾ مڳن هئا، جيڪي کٽي نه ٿي کٽيون. هونئن به ڳالهڙين جو پٽائون ڍيرو ڪائنات جون سڀئي ڪنڊون ماپي سگهندو آهي. البت جڏهن ڳالهڙين جي انهي پٽائين ڍيري تي محبت جا رنگين پاڇاوان پون ٿا ته اهو اڃا وڌيڪ دل پرڀائيندڙ ٿي پوي ٿو ۽ گهڙي کن لاءِ زمان و مڪان کان بلند ٿي انسان کي اڻ – ڄاتين وسعتن جو سير ڪرائي اچي ٿو. انهن پلن ۾ ٻه جيئڙا زمين کان بلند ٿي وڃن ٿا، تنهنڪري هر سار وسار کان ماورا ٿي وڃن ٿا. پوءِ جڏهن ٻيهر هو زمين تي موٽي اچن ٿا ته دنيا جهان جا سمورا جهنجهٽ سندن ذهنن تي تريو اچن.
    هنن کي به اوچتو ياد آيو ته وقت ڪيڏو نه گذري ويو آهي. هنن ڄڻڪ ننڊ مان ڇرڪ ڀريو. پوءِ کين اها يادگيري به آئي ته صبا ۽ همير کي پڻ اِتان اُٿيي گھڻو وقت ٿيو آهي. هو جلدي واپس اچڻ جو چئي ويا هئا، پر اڃا نه موٽيا هئا. هنن پاڻ ۾ طئي ڪيو ته ٿوري دير تائين سندن انتظار ڪن. هاڻي انتظار جون گهڙيون شروع ٿيون.
    جيڪي ٿوري دير اڳ ۾ سانتيڪا ويٺا هئا، انهن جي اندر ۾ هاڻي هَري هَري اڻتڻ لهي رهي هئي.
    *
    ٻيو ڇرڪ صبا ۽ همير ڀريو. وقت سندن مٺ مان به واريءَ وانگر کسڪي ويو هو. شام جا پاڇا گهرا ٿي ويا هئا.
    “اڙي! ايڏي دير ٿي وئي آهي.” صبا ڄڻڪ رڙ ڪئي.
    “واقعي ڏاڍي اوير ٿي وئي آهي. سانوڻ ته ٻُٽ ڪاوڙجي پوندو.” همير کي به دير جو احساس ٿيو.
    دير جو احساس ٿيندي ئي ٻيئي ڄڻا ٽپ ڏيئي اٿيا. کين پتو هيو ته سانوڻ ۽ ڪنول اڃا تائين سندن انتظار ۾ ويٺا هوندا. کين ڪيتري به دير کڻي ڇو نه ٿي وڃي، هو ايئن نه ويندا. انهي ڪري پڪ هُين ته هو اڃا تائين سندن انتظار ۾ ويٺل هوندا.
    ٿوري دير ۾ ئي هو ٻيئي اتي پهتا. ڪنول ۽ سانوڻ سندن اندازي موجب اتيئي موجود هئا. البت هو سندن انتظار ۾ ويهي ويهي ٿڪجي پيا هئا، جنهنڪري ٻه ٽي منٽ پهريائين هوٽل جي اندران اٿي ٻاهر کليل واءُ ۾ اچي بيٺا هئا. ٻنهي جي چهرن تي ناگواري ۽ رسامي وارا تاثر هئا. پر دوستي ۾ ڪاوڙ گهڻي دير جٽاءَ نه ڪندي آهي. ان ڪري هنن کي ڏسندي ئي اها ڪاوڙ ڪافور ٿي وئي. البت هنن پنهنجن چهرين تي ڪاوڙ ۽ رسامي جو ڪوڙ ٻچاڻِي وارو تاثر جوڙي ورتو؛ جيئن دوستن کي ٿورو احساس ڏياري آئيندي لاءِ اهڙي لاپرواهي کان بچي سگهن.
    همير ۽ صبا وٽن پهچندي ئي معذرتاڻو انداز اختيار ڪيو. جنهن ڪري ڳالهه بيٺي پير حل ٿي کل خوشي ۾ بدلجي وئي.
    هنن اتان ئي هڪٻئي کان موڪلائي پنهنجو پنهنجو گس ورتو.
    * * *


    (16)

    منصور کي ڪراچي مان انٽرويو لاءِ سڏ ٿيو هو. جنهن ڪري کيس عين وقت تي اوڏانهن اسهڻو پيو هو ۽ هو پروگرام موجب پنهنجن دوستن جي دعوت ۾ شريڪ ٿي نه سگهيو هو.
    جيئن ته دعوت جو سڄو بندوبست ۽ ريچڪ منصور جي ئي مرهون منت هو، تنهنڪري سانوڻ جو خيال هيو ته ڪجهه ڏينهن لاءِ دعوت کڻي ملتوي ڪجي. پر منصور ساڻس سهمت نه ٿيو.
    “اهو سٺو سنوڻ نه ٿيندو. دعوت وقت تي ٿيڻ کپي. رهيو اسان جي دوست جي محبوبا کي ڏسڻ جو سوال، ته ان کي ٻئي ڀيري به ڏسي سگهجي ٿو. ٻئي ڀيري آئون بلڪل توهان سان گڏ هوندس.” منصور وراڻيو.
    “پر اهو مناسب ڪو نه ٿو لڳي ته دعوت تنهنجي پاران هجي ۽ تون ان ۾ نه هجين.” همير منصور سان مخاطب ٿيندي سانوڻ جي ڳالهه کي ٽيڪ ڏني.
    “آئون يا تون، يا سانوڻ- پاڻ ٽنهي ۾ ڪڏهن به ڪو فرق نه رهيو آهي. منهنجي غيرموجودگي ۾ تون ميزباني جا فرض نڀائجانءِ.” منصور کيس جواب ڏنو.
    اهڙي ريت منصور هنن کي ان تي راضي ڪيو ته سڀاڻي منجهند واري دعوت ملتوي ٿيڻ نه گهرجي. البت هو صبح سويري ئي انٽرويو مان واندو ٿي ويو ته پهچڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪندو. ايئن چئي شام جو هو دوستن کان کليل دل سان موڪلائي ڪراچي روانو ٿي ويو هو.
    جيتريقدر هن جي پهچڻ جو سوال هو، ته اها هنن کي اڳواٽ ئي پڪ هئي ته هو ٻئي ڏينهن دعوت واري وقت تي نه پهچي سگهندو. هو واقعي ئي نه پهچي سگهيو.
    هو انهي ڏينهن شام جو دير سان واپس پهتو هو. انٽرويو لاءِ واري اچڻ جي انتظار ۽ سفر کيس بلڪل ٿڪائي وڌو هو. ان ڪري گهر پهچي وهنجي سهنجي آرام ڪرڻ لاءِ ليٽي پيو هو. دوستن سان هو ٻئي ڏينهن مليو.
    “تنهنجو انٽرويو ڪيئن ٿيو؟” دوستن کانئس پهريون سوال ڪيو.
    “انٽرويو ڀلو ٿيو آهي، ويهارو کن اميدوار ٻيا به هئا. پر منهنجي کڄڻ جو امڪان پڻ گهڻو آهي.” هن خوشي وچان ٻڌايو. “اوهين چئو! دعوت ڪيئن رهي؟”
    “دعوت بلڪل ڀلي رهي. البت تنهنجي کوٽ باقاعدي محسوس ٿي.”
    “بهرحال اهو چڱو ٿيو آهي ته دعوت ڀلي ٿي. هونئن به هر ڪم وقت سر ٿيڻ کپي. جيڪڏهن ڪو ڪم وقت تي نٿو ٿئي ته ان سان اعتماد کي ڇيهو ٿو رسي، ماڻهو جي اهميت ۾ به ڪڏهن ڪڏهن گهٽتائي ٿئي ٿي؛ ٻين جي نظرن ۾ ڪاڻيارو ٿيڻو ٿو پئي.” منصور وراڻيو. “ان ڪري ڪنهن سان ڪو واعدو ڪجي يا پروگرام ٻَڌجي ته اهو مهل سر عمل ۾ آڻجي. انهي حساب سان ڀلو ٿيو.”
    اهو ٻڌي ته دعوت سٺي ٿي هئي، منصور کي شايد هنن ٻنهي کان به وڌيڪ خوشي ٿي. هو روايتي نوجوان هو. ان ڪري روايتن جي پاسداري ڪرڻ وارن مان هو. البت هن جي لاشعور جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اهو ملال ضرور رهجي ويو هو ته اهڙي پرمسرت موقعي تي هو غيرحاضر رهيو هو. باقي شعوري طور تي هو پنهنجن دوستن جي خوشين سان ايئن ڳنڍيل هو جيئن ڳانيءَ ۾ مڻيا ڳنڍيل هوندا آهن.
    هو دير تائين هڪٻئي سان حال احوال اوريندا رهيا. جن ۾ همير صبا جو خاص طور تي ذڪر ڪيو. صبا جي ذڪر کي دلچسپي سان ٻڌو ويو. همير سان صبا جي ويجهي ٿيڻ تي ڪنهن کي به اعتراض ڪونه هو، نه سانوڻ کي، نه منصور کي. هنن کي هڪٻئي سان ساڙ ڪو نه هو. سانوڻ کلندي کلندي هميرکي، جنهن مهل هن کانئس اهڙي اجازت گهري، اها اجازت ڏئي ڇڏي ته جيڪڏهن صبا سندس ويجهو اچڻ ٿي گهري ته هو ڀلي ساڻس ويجهڙائي وڌائي؛ البت کيس هن جي مرضي جي خلاف ڪوبه قدم ناهي کڻڻو. ان ڳالهه همير کي خوش ڪري ڇڏيو هو. ڇو جو جيڪڏهن سانوڻ همير کي ان ڏس ۾ روڪي ها ته پوءِ هو چاهيندي به هڪڙو قدم به نه وڌائي ها. سندس نظرن ۾ سندن دوستي ٻي هر شئي تي مقدم هئي. پر هاڻي جڏهن کيس اجازت ملي چڪي هئي ته پوءِ ٻي ڪابه رڪاوٽ ڪانه هئي، جيڪا کيس انهي سلسلي ۾ روڪي سگهي. هن دل ئي دل ۾ پهه ڪيو ته صبا سان اٽڪيل پلاند کي پرت جي توڙ تي پڄائيندو.
    ڪچهري جنهن مهل پڄاڻي تي پهتي ۽ هنن ٽنهي هڪٻئي کان موڪلايو ته ان مهل سڀني کان وڌيڪ خوش همير هيو. گهر ڏانهن ورندي هن سوچيو ته انساني زندگي ۾ ڪي گهڙيون عظيم خوشين جون هونديون آهن. مرد لاءِ اهڙين گهڙين مان هڪڙي گهڙي اها هوندي آهي، جڏهن هن جي زندگي ۾ ڪائي عورت داخل ٿيندي آهي. عورت جي محبت سان واسيل گهڙيون ٻيءَ سڄي زندگي کان وڌيڪ پرمسرت، ڀرپور ۽ ڀاري ٿينديون آهن.
    هو خوشيءَ جي ٻانهن ۾ ٻکيو ايئن بي خيالو پئي ويو، ڄڻڪ خمارن ۾ لڙکڙائيندو ويندو هجي.
    * * *


    (17)

    ڪنول سانوڻ جي ساهن ۾ سمائجي ويئي هئي. هوءُ هن جي زندگي، هن جو وجود ٿي پيئي هئي. هوءَ ڄڻڪ هر وقت هن سان گڏ هئي. ڪوبه اهڙو پل ڪونه هو، اهڙي ساعت ڪانه هئي، جنهن ۾ هن ڪنول کي پاڻ کان پري ڀانيو هجي. هو هر وقت هن کي خوشبو وانگر پنهنجي آسپاس محسوس ڪندو هو.
    هنن جي هڪٻئي ڌاران ساعت به ڪانه سرندي هئي. روز ملندا هئا، ڪلاڪن جا ڪلاڪ، پهرن جا پهر هڪٻئي جي ساٿ ۾ گهاريندا هئا. پر جن پلن ۾ هڪٻئي کان ٿورڙو پري هوندا هئا، انهن ۾ وري سندن روح، سندن تصور، سندن خيال ڀؤنرن جيان مٿانئن ڀِرندا رهندا هئا. هو جدا هوندي به گڏ هوندا هئا ۽ گڏ هوندي، هڪٻئي ۾ سمايل هوندا هئا. منجهن ڪابه وٿي، ڪابه وڇوٽي ڪانه هئي. محبت ساريون وٿيون ۽ وڇوٽيون ڀري ڇڏيندي آهي، سارا سنڌا ميٽي ڇڏيندي آهي. محبت هن جهان جي سڀ کان عظيم ايڪتا آهي. ٻه وجود محبت جي لڙهيءَ ۾ پوئجي هڪ ٿي ويندا آهن.
    ڪنول ۽ سانوڻ به هڪٻئي کي محبت ۾ ڳوليو هو، محبت ۾ پاتو هو، محبت ۾ ماڻيو هو. اصل ۾ هنن هڪٻئي کي ماڻي پاڻ کي ماڻيو هو؛ هڪٻئي کي پائي پاڻ کي پاتو هو. محبت ۾ ماڻهو پاڻ وڃائي پاڻ پائي ٿو. هو ٻيئي هڪٻئي ۾ وڃائجي ويا هئا ۽ هڪٻئي ۾ ئي پاڻ کي پاتو هئائون. هو ندي جي ٻن ڪنارن بدران پاڻ ئي ندي ٿي ويا هئا. انسان هميشه هڪٻئي سان ٻن مختلف ۽ پور وڇوٽ ڪنارن جيان ورتاءُ ڪندا آهن؛ اهي ويجهو اچي به ڪنارن جيان هڪٻئي کان وٿي تي رهندا آهن. انهي وٿي ۾ ئي هو پنهنجي انفراديت کي برقرار رکندا آهن ۽ بقا ڀانئيندا آهن. هو نديءَ ڪڏهن به نه ٿي سگهندا آهن. هو ڪنارن مان بدلجي، فقط محبت ۾، ندي ٿي سگهندا آهن. ڪنول ۽ سانوڻ به محبت ۾ سمائجي ندي ٿي ويا هئا، جيڪا پاڻ ۾ ئي ٿي وهِي ۽ پاڻ ڏانهن ئي ٿي وهيِ. محبت جي منتها محبت ئي آهي.
    هو پنهنجي محبت جي عميق گهراين مان اڀريا ٿي ۽ اٿاهه بلنديون ٿي ماڻيائون.
    محبت جي رستي تي هو اڳتي، اڳتي، اڳتي- اڃا به اڳتي وڌي رهيا هئا.
    * * *


    (18)

    لڳ لاڳاپا، ياريون دوستيون ۽ محبتون به ڪنهن ٻوٽي وانگر ٿينديون آهن. اکڙيون اٽڪن ٿيون ته ڪنهن تعلق جو سلو ڦٽي ٿو. ڪيترائي سلا دورين جي لوءَ ۾ لوساٽجيو سڙيو ڀسم ٿيو وڃن. البت جيڪي تعلق اکڙين جي اٽڪاءَ کان اڳتي وڌي، ميل ميلاپ ۽ ڳالهه ٻولهه تائين پهچن ٿا، انهن جا سلا انگورجي پون ٿا. جيئن ٻوٽن لاءِ سار سنڀال، هوا ۽ پاڻي ضروري هجي ٿو، تيئن ڳالهيون ٻولهيون ۽ ميل ميلاپ تعلق جي سلي لاءِ اهڙو ئي ڪم ڏين ٿا. همير ۽ صبا جو تعلق به ڳالهين ٻولهين ۽ ميل جول جي ڪري اسري آيو هو. فون تي ڳالهين ٻولهين ۽ ٻئين ٽئين ڏينهن جي ملاقاتن کان وڌي هاڻي هو روزاني ملڻ لڳا هئا. اڪيلائيءَ جون ملاقاتون اها ويجهڙائپ پيدا ڪنديون آهن، جيڪا هجومن يا ٻين ماڻهن جي موجودگي ۾ نه ٿي اڀري سگهي. اڪيليون ملاقاتون ٻن دلين وچ ۾ محبت ڀريو نغمو آهن. ٻن وجودن جي گڏيل هيکلائپ جي هلڪي هلڪي موسيقي تي ٻه دليون هڪڙي ئي تال تي رقص ڪنديون رهنديون آهن- ۽ جڏهن ٻه دليون گڏجي رقص ڪنديون آهن، تڏهن جسماني سنڌا سيڙها ريٽجي ويندا آهن ۽ ٻه وجود هڪٻئي ۾ سمائجي هڪ ٿي ويندا آهن. محبت ٻن وجودن جي هڪ ٿيڻ جو نالو آهي.
    همير ۽ صبا پڻ محبت جي سڳي ۾ سلهاڙجي هڪ ٿي پيا هئا. هنن جي هڪٻئي کانسواءِ هڪ پل به ڪانه ٿي سري. هر ويل سندن دليون هڪٻئي لاءِ مانديون ٿي ٿيون. انهي ڪري هاڻي هو هر روز ملڻ لڳا هئا. هنن جون خلوتون توڙي جلوتون سندن ساٿ جي سرهاڻ سان واسيل هيون. هو جڏهن هڪٻئي جي هٿن ۾ هٿ ڏئي ۽ اکين ۾ اکيون وجهي هڪٻئي کي ڏسندا هئا ته سڄي سڌ ٻڌ ڀلجي ويندا هئا؛ کين ٻي دنيا جو ڪو به سماءَ ڪونه رهندو هو. هنن جي ڪائنات هنن کان شروع ٿي هنن تي ئي اچي ختم ٿيندي هئي.
    هاڻي هنن جي دنيا ڪنول ۽ سانوڻ جي دنيا کان نه رڳو الڳ ٿلڳ هئي، پر گهڻي وٿيرڪي پڻ هئي. هنن ٻنهي جوڙن جي وچ ۾ هڪڙي خاموش دوري هئي. هو ويجھا به هئا، ته ڏور به هئا. ڄڻ ته هڪٻئي سان پُور وڇوٽ پئي هليا. ٻه الڳ دنيائون هيون، جن ۾ ساڳئي وقت ويجهڙائپ به هئي ته ڏوري به هئي، ساڳيائپ به هئي ته اُبتڻايون به هيون. هاڻي سندن وچ ۾ جمعاڻي چنڊاڻي ئي ملاقاتون ٿينديون هيون.
    محبت سڀ کان وڏي مصروفيت آهي. اها ماڻهو جون ٻيون سڀ مصروفيتون کائي ويندي آهي. ٻن محبت ڪندڙن کي هڪٻئي کان ئي واندڪائي ڪانه ملندي آهي، سو هو ٻين لاءِ وقت ڪيئن ٿا ڪڍي سگهن. محبت ڪندڙن جا سڀ وقت فقط محبت لاءِ ئي هوندا آهن. هنن ٻنهي جوڙن سان پڻ گهڻي حد تائين ايئن ئي هو. همير ۽ صبا پنهنجي دنيا ۾ مست هئا. ڪنول ۽ سانوڻ وري پنهنجي جهان جي سرمستين ۾ هئا.
    مَحبت جون ٻيڙيون زندگي جي سيِر ۾ روان دوان هيون. وقت پنهنجي اجھل رفتار سان ڊوڙي رهيو هو. وقت، جيڪو سدائين زندگي جي هٿ مان پنهنجو هٿ ڇڏائي ڀڄندو رهندو آهي. ماڻهو انهي وقت کي محبت جي ونگن سان ونگڻ چاهيندو آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن اهو بي وڙو وقت محبت کي به مات ڏئي ڇڏيندو آهي.
    * * *


    (19)

    ڪير ٿو چئي ته محبت ازلي ابدي ٿيندي آهي!؟ ڪير ٿو چئي ته محبت فنا نه ٿيندي آهي؟ سڀ فنا آهي. سڀ بي بقا آهي. محبت به بي بقا آهي. ها، محبت معصوم ٿيندي آهي، نرمل ٿيندي آهي- ماڪ جي ڦڙي وانگر. انهي ڪري ئي بي بقا ٿيندي آهي. محبت جي نرملتا ئي محبت جي سونهن آهي ۽ انهيءَ نرملتا منجهه ئي ان جي فنائيت لڪل آهي.
    البت محبت جي هڪڙي اهم، سڀ کان وڏي ۽ ٻيءَ هر ڳالهه تي حاوي خوبي هيءَ به آهي ته اها پنهنجي نفيءَ جي نفي ڪندي آهي. نفي جي نفي واري انهي خوبي محبت کي هڪڙو ازلي ابدي تسلسل ڏئي ڇڏيو آهي. محبت هڪڙي دل ٽوڙيندي آهي ته ساڳئي وقت هزار دليون جوڙيندي پڻ آهي.
    انهي ڪري ئي محبت انسان جي ازلي ابدي منزل آهي.
    انسان پنهنجي ڳولا ۾ محبت جي ڳولا ڪري ٿو ۽ محبت جي ڳولا ۾ پاڻ کي ڳولي لهي ٿو. محبت کيس کلائي به ٿي، ته رئاري به ٿي. خوشيون به ڏئي ٿي، ته درد به ارپي ٿي. محبت جي رنگ ۾ رنڱجي هو پاڻ سڀ رنگ سانول ٿيو پئي. محبت جي حاصلات انسان جي عظيم خوشي آهي. محبت جي اڻهوند انسان جو عظيم دک آهي. محبت جي خوشي پڻ بي ڪنار آهي ته دک پڻ اپار آهي. محبت ۾ سڀئي حدون لاحد ٿيو وڃن. انهي ڪري ئي ماڻهو جنم جنم ۾ محبتن جي پوئتان ڀٽڪي ٿو. هو سڀ ڄماندر محبت لاءِ ماندو رهي ٿو. ڪنهن سهڻي ساٿ جي سڪ سندس اندر ۾ آنڌ مانڌ بپا ڪري ٿي. بيچيني جي مهميز کيس محبت ڌاران سک سان ويهڻ نه ٿي ڏئي. دل سڀ ڏينهن سپرين گهري ٿي.
    پر ڇا ڪجي؟ اهائي دل، جيڪا سڀ ڏينهن سپرين گهري ٿي ۽ پنهنجي انهي سپرين تان ملڪ، مڏيون، مال- سڀ ڪجهه فدا ڪرڻ لاءِ تيار هجي ٿي. اها ئي دل ڏاڍي پورالي ثابت ٿي آهي. درياهه جو آر ۽ دل جو پور- ڳالهه مڙيوئي ساڳي آهن. ٻيئي جڏهن جوش ۾ ڀرجن ٿا ته پنهنجا وهڪرا بدلائيندي دير نه ٿا ڪن. درياهه ڀريا تريا شهر تباهه ۽ ڀڙڀانگ ڪري ٿو ۽ نون وهڪرن تي نوان شهر اڏرائي ٿو. محبوبي دل وري وسندڙ عاشقاڻيون دليون ويران ڪري ٿي ۽ نئين آر سان نيون دليون آباد ڪري ٿي. درياهه ۽ دل جي آرن ۽ پورن تي ڪنهن جو به زور نٿو هلي. اهي ٻيئي اجھل ۽ زوراور آهن. اهي وِنگيون ڪن يا سِڌيون- مٿن ڪنهن جو به وس نٿو هلي. سانوڻيءَ جي درياهه ۽ کڄي ويل دل سان ڪنهن جي به هجت نه هلندي آهي.
    - ۽ جڏهن ڪا دل هجت کڻڻ ڇڏي ڏيندي آهي، تڏهن دلين جي ڌرتي تي ڌوڏا ايندا آهن. پوءِ جيئن ئي دل جي ڌرتي ڌٻندي آهي ته ماڻهو جي من جو ڀريو ڀڪليو شهر ويران ۽ ڀڙڀانگ ٿيو وڃي. اهڙو ئي زلزلو سانوڻ جي سر تي ڄڻڪ چڙهيو بيٺو هو.
    *
    ڪنول جنهن مهل به سانوڻ سان ڪٿي ملڻ ايندي هئي ته پنهنجي ڊرائيور کي ساڻ نه آڻيندي هئي. هوءَ گاڏي پاڻ هڪلي ايندي هئي. جيتوڻيڪ ڪاڪا عيدن سندس تمام پراڻو ۽ وفادار ڊرائيور هو. پوڙهو مڙس هو ۽ زماني جو ماڻهو هو. تنهنڪري جيڪر سندس اکين اڳيان ڪا اهڙي ڳالهه اچي به ها، ته به هو ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي ها. سندس پيٽ زندگي جي اسرارن ۽ ماڻهن جي رازن جي کاڻ هو. پنهنجي نوڪري پيشا زندگي جي ڪيترن ڏهاڪن تي پکڙيل وقت دوران هو جن جن ماڻهن وٽ به ڊريوَر رهيو، انهن جون جيڪي به ڪسيون ڪانڊيون ڳالهيون سندس گنهگار اکين اڳيان ظاهر ٿيون، هن ڪڏهن به ٻين ماڻهن اڳيان انهن جي اگهاڙ نه ڪئي. هو “ڍڪي ڀلي آهي” تي ويساهه رکندڙ ماڻهو هو . ان ڪري هن جتي به پنهنجن مالڪن جو ذڪر ڪيو ته انهن جا ڳڻ ئي ڳايائين. وفاداري، ايمانداري، محنت ۽ رازداري جا ڳڻ منجهس پڻ اڻڳڻيا هيا. ان ڪري هو جتي به رهيو، عزت ۽ اهميت سان رهيو. ايئن مخلتف درن تان ٿيندو هو سيٺ سومار وٽ اچي پهتو هو. سيٺ سومار سندس خوبين کي پروڙي ورتو، جنهن ڪري سندس ڊيوٽي ننڍي بيگم جي بنگلي تي هنيائين. بيگم صاحبا کي سماجي تقريبن، ڪلبن جي گڏجاڻين، مٽن مائٽن ۽ ٻين ننڍن وڏن ڪمن ڪارين جي سلسلي ۾ نڪرڻو ٿي پيو ته سندس گاڏي جي ڊريوري ڪاڪا عيدن ٿي ڪئي. حضور شرمي، گهٽ ڳالهائڻ ۽ ٻين فضيلتن جي ڪري ڪاڪا عيدن ننڍي بيگم صاحبا جي نظرن ۾ به پنهنجي لاءِ عزت ٺاهي ويو هو. ننڍي بيگم ڏاڍي مغرور ۽ ڪڙڪ طبيعت جي هئي، ان جي نظرن ۾ ايئن عزت ٺاهي وٺڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪانه هئي. ايئن رڳو ڪاڪا عيدن ئي ڪري ٿي سگهيو. هوريان هوريان ڪاڪا عيدن ڄڻ مالڪن جي گهر جو ڀاتي ٿي ويو هو. اڄ به ساڳي جڳهه تي ئي نوڪري ڪري رهيو هو. سيٺ سومار جي وڃڻ کانپوءِ گهر ۾ ڪنول کي ڪير به ننڍي بيگم ڪري ڪونه سڏيندو هو، پر ڪاڪو عيدن اڪيلو ماڻهو هو جيڪو هن کي اڃا تائين ننڍي بيگم صاحبا ڪري سڏيندو هو. ڪنول ڪڏهن به ان ڏس ۾ کيس ڪا منع نه ڪئي. هو اڳي وانگر اڄ به هن جي گهر جو ڄڻڪ هڪ ڀاتي هو. ڪنول مٿس ڀروسو ڪندي هئي. پر پوءِ به هو جڏهن به سانوڻ سان ملڻ آئي ته اڪيلي آئي. ڪاڪي عيدن کي ڊرائيور طور ڪڏهن به ساڻ نه آندائين.
    ان ڏينهن به هوءَ اڪيلي ئي آئي هئي. ڳپل وقت تائين ڪنول ۽ سانوڻ پاڻ ۾ روح رچندي ڪئي هئي. ذري گهٽ اڌ ڏينهن گڏ گذاريو هئائون. جنهن ويل هوءَ واپس ٿي، ان مهل شام جا پاڇا گهاٽا ٿي ويا هئا.
    عورت جڏهن به گاڏي هلائيندي آهي ته محتاط انداز سان هلائيندي آهي. گاڏي هلائڻ دوران جيڪا هوٿرائپ نوجوان مردن ۾ ڏسڻ ۾ ايندي آهي، اها عورتن جو خاصو ناهي. عورت هميشه احتياط ۽ ذميواري سان ڊرائيونگ ڪندي آهي. ان ڪري گهڻي ڀاڱي وچٿري رفتار کان مٿي نه ٽپندي آهي. گاڏي هلائڻ دوران ڪنول جو انداز پڻ اهڙو ئي هو. پر لک احتياط جي باوجود به ڪڏهن ڪڏهن حادثو ٿي ئي پوندو آهي.
    ٿيو ايئن جو ڪنول سانوڻ کان موڪلائي جيئن ئي گهر اچي رهي هئي ته اوچتو سندس ڪار رڪشي سان ٽڪرائجي ويئي. جيتوڻيڪ ڪنول جي گاڏي ايتري تيز رفتار نه هئي، پر رڪشو تيزي سان اوچتو گهٽي مان نڪري اچي رستي تي چڙهيو ته ڪنول جي ڪار جي بلڪل ئي اڳيان اچي ويو. ڪنول جو پير تيزي سان بريڪ ڏانهن وڌيو، پر ان کان اڳ ۾ رڪشي سان گاڏي جو اڳيون حصو ٽڪرائجي ويو. جنهن جي نتيجي ۾ رڪشو قابو مان نڪري ويو ۽ گهت هڻي رستي جي ڪناريءَ وٽ وڃي اونڌو ٿيو. ڪلٽي ٿيل رڪشو رستي سان اڳتي گسڪندو ويو. جنهن ڪري رڪشي ۾ ويٺل ٻه مسافر ۽ ڊرائيور سخت زخمي ٿي پيا. ڪنول گاڏي روڪي ڇڏي. حادثي واري هنڌ ماڻهن جو ميڙ گڏ ٿي ويو. حادثو ڪنول جي گهر جي ڪافي ويجهو ئي ٿيو هو. جنهن ڪري اتفاق سان ڪاڪو عيدن به ڀرپاسي ۾ موجود هيو. جيڪو به سري اچي ميڙ کي ويجهو ٿيو. ويجهي ايندي ئي سندس نظر گاڏي تي پيئي ته هو پريشاني وچان بي اختيار ان ڏانهن ڇڪجي ويو. کيس ان مهل پتو پيو ته حادثو ننڍي بيگم صاحبا جي گاڏي سان ئي ٿيو آهي.
    “امان! ڪار کي اتيئي ڇڏي ڏيو. توهان گهر هلو. في الحال مسئلي کي آئون سنڀاليان ٿو. باقي پويان جي توهان کي پارت هجي.” ڪاڪو عيدن ڪنول سان مخاطب ٿيو.
    ڪنول جنهن جو ساهه سڪو پيو هو، سا ڪاڪي عيدن کي ڏسندي ڪجهه قدر اطمينان ۾ آئي ۽ هاڻي ان جي هي دلداري ٻڌي سندس پيٽ ۾ وڌيڪ ساهه پيو. هوءَ ساڻس مخاطب ٿي:
    “ڪاڪا! ٺيڪ آهي. ڏسو ڪو رڪشو يا ٽانگو آسپاس هجي ته مون کي ڪري ڏيو ته آئون گهر وڃان. باقي پٺيان جو توهين ڪو به فڪر نه ڪريو. سڀ سڻايون ٿينديون.”
    ڪاڪي عيدن ٿورو پرڀرو چؤنڪ تي خالي رڪشن مان هڪڙي رڪشي واري کي اشارو ڪيو. رڪشو جيئن ئي پهتو ته ڪنول ان تي چڙهي گهر ڏانهن رواني ٿي.
    ڪنول جي رواني ٿيندي ئي ڪاڪو عيدن ماڻهن جي ميڙ کي چيريندو اچي زخمين جي مٿان بيٺو. ماڻهن جو ميڙ، جيڪو اڳ ۾ زخمين مٿان ٺلهو ڳاهٽ ٿيو بيٺو هو، ڪاڪي طرفان هوشياري وٺرائڻ سان هاڻي ان ۾ چرپر پيدا ٿي.
    “ايئن ٺلهو ڏسو ڇا ٿا؟ وارو ڪريو ڦٽيلن کي اسپتال پڄايو!” ڪاڪي فيصلائتي انداز ۾ ميڙ ۾ بيٺل ماڻهن کي رڙ ڪري چيو.
    هاڻي ماڻهن ۾ اهو احساس بيدار ٿيو ته واقعي زخمين کي پهرين سٽ ۾ ئي اسپتال پهچائڻ گهرجي. ٿوري دير ۾ ئي زخمين کي اسپتال ڀيڙو ڪيو ويو.
    ڪاڪي عيدن ننڍي بيگم صاحبا کي بچائڻ لاءِ حادثي جي ذميواري پنهنجي سر تي کنئي. پوليس حادثي جو ڪچو ڪيس داخل ڪري وڌيڪ قانوني ڪارروائي يعني خرچي ڪڍڻ لاءِ ڪاڪي عيدن ۽ گاڏي کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.
    *
    سانوڻ ۽ ڪنول ان ڏينهن جيئن ئي هڪٻئي کان موڪلايو ته سانوڻ سڌو پنهنجي گهر آيو. گهر اچي ماني جا ٻه ٽي گرانهه هڻي ننڍڙو ٿيلهو کڻي هو ڪراچي اسهيو. هونئن جيڪر هو منجهد ڌاري ئي ڪراچي روانو ٿي وڃي ها، پر ڪنول سان ملڻ جو پروگرام اڳواٽ ئي طئي ٿيل هيس. ان ڪري سوچيائين ته ڪنول سان ملڻ بعد رات واري گاڏي ۾ ڪراچي لاءِ نڪرندو. هو ڀلا ڪنول سان ملڻ کانسواءِ ايئن روانو به ڪيئن ٿي وڃي ها؟ هن کي ڪراچي جي هڪڙي خانگي اداري طرفان نوڪري لاءِ انٽرويو ڏيڻ خاطر گهرايو ويو هو. هن اها خوشخبري منهان منهن ڪنول کي ٻڌائڻ ٿي گهري. هن جي عملي زندگي جي شروعات پئي ٿي، اها هن لاءِ ڪا ننڍڙي ڳالهه ڪانه هئي. ايڏي وڏي ڳالهه هو پنهنجي محبوب کان ڪيئن الي وڃي ها؟ محبت ۾ ته ماڻهو ننڍڙيون ننڍڙيون ڳالهيون به وڏي خوشي، فخر ۽ جذبي سان هڪٻئي سان سليندا آهن.
    لڙي منجهند جو طئي ٿيل پروگرام موجب هو ٻيئي جيئن ئي هڪٻئي سان مليا ته ويهندي ئي ڪنول سانوڻ کان پهريون سوال اهو ڪيو ته “ڪيئن آهين؟”
    “بلڪل ٺيڪ ٺاڪ. ۽ ڏاڍو خوش پڻ” سانوڻ مرڪندي وراڻيو، “۽ تون چئو تنهنجي طبيعت ڪيئن آهي؟”
    “آئون به ٺيڪ آهيان. تون خوش معنيٰ آئون خوش. باقي اهو ٻڌائي ته ايڏو خوش ڪهڙي ڳالهه جي ڪري آهين؟” ڪنول سوال ڪيو.
    “خوش انهي ڪري آهيان جو تون سامهون ويٺي آهين. تنهنجي پاسي ۾ آئون اڻيهئي اٿاهه خوشي محسوس ڪندو آهيان.” مرڪ سانوڻ جي چپن تي تري آئي.
    “ايتري خبر مون کي به آهي. ان کان اڳتي ڳالهه ڪر. هن خوشي جو ڪارڻ ڪوئي ٻيو ٿو لڳي.” ڪنول سانوڻ کي ڳٽي تي چهنڊي هڻندي چيو.
    “تون سمجهه ته نئين محبوب ملي وئي اٿم.” سانوڻ ڪنول کي ڪاوڙائڻ جي موڊ ۾ هو.
    “جيڪڏهن سرڪار جو خيال اهڙين ڳالهين سان مون کي ڪاوڙائڻ جوآهي ته ٻي ڳالهه آهي. باقي هونئن اهو کوڙو نٿو لڳي.” ڪنول اَت اعتماد سان جواب ڏنو.
    “اون! يا ته توکي ڪٿي نوڪري وغيرهه جو آسرو ٿيو آهي يا وري مائٽ توکي موڙ ٻڌڻ جا سانباها ٿا ڪن.” ڪنول سوچيندي وراڻيو.
    “جيتريقدر موڙ ٻڌڻ جي ڳالهه آهي ته تون رڳي راضپو ڏيکار، آئون اڄ ئي ان لاءِ مائٽن کي راضي ٿو ڪريان.”
    “نه بابا! شادي زندگي جو سڀ کان خوبصورت ۽ وڻندڙ قيد آهي. خوبصورت ۽ وڻندڙ؛ پر آهي وري به قيد. آئون هڪ ڀيرو ان کي ڏسي چڪي آهيان؛ ٻيهر ڏسڻ نه ٿي گهران. هاڻي آئون قيد ٿيڻ بدران تو جهڙا ڳڀرو قيد ڪنديس. مزو انهي ۾ آهي. ان ڪري شادي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.” ڪنول مزاحيا انداز ۾ ڄڻڪ دل جي ڳالهه ڪري ڇڏي.
    “مون سان به نه!؟” سانوڻ پڇيو.
    “نه، توسان به نه!؟” ڪنول مرڪندي فيصلائتي انداز ۾ جواب ڏنو.
    ٿوري دير اڳ ۾ سانوڻ جي دل ۾ جيتري خوشي هئي. هينئر اتي اوتري ئي گهري اداسي ڇانئجي وئي.
    “اڙي! مذاق مذاق ۾ اداس ٿي وئين. ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي؛ ٻڌاءِ نوڪري وغيرهه جي خوشخبري ٻڌائڻ ٿي گهريئي؟” ڪنول ماحول کي وري ساڳئي نهج تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “اداس دليون خوشخبريون نه ٻڌائينديون آهن.” سانوڻ جي لهجي ۾ شڪايت هئي.
    “پوءِ پنهنجي دل کي پهرين خوش ڪريو. اسان جا ڪن خوشخبري ٻڌڻ لاءِ بيتاب آهن.”
    “اداسي ۽ خوشي تي ڪنهن جو وس ڪونه هلندو آهي.”
    “ايئن ناهي. هر شئي تي ماڻهو جو وس هلندو آهي. تون ٻيو ڪجهه نه ڪر، رڳو پنهجن چپن تي گهڙي کن لاءِ مرڪ آڻ يا هڪڙو هلڪو ٽهڪ ڏي. دل جي گهرائي سان ٽهڪ ڏي. ڏس ته ڪيئن نه هڪڙي پل ۾ ئي اداسي هلي ٿي وڃي.” ڪنول سانوڻ جي هٿن کي پنهنجن هٿن ۾ وٺندي ناصحاڻي انداز ۾ چيو.
    “بس هاڻي وڌيڪ منهن نه ڦٽائي. منهن صحيح ڪر. مون ڏانهن ڏس! مرڪ! مرڪ يار!” ڪنول سانوڻ جي هٿن کي زور ڏنو.
    ڪنول جي هٿن جي نرم ڇهاءَ سان سانوڻ جي ڪاوڙ ۽ رسامو ويندو رهيو ۽ هن اکيون کڻي مرڪي ڏنو.
    “ٺيڪ آهي، پر ٻيهر ايئن نه ڪندئين.”
    “حاضر سائين! ٻيهر ايئن نه ڪنديس. هاڻي ته ڀلا خوشخبري ٻڌايو.”
    “توهانجي لاءِ گرم گرم خوشخبري اها آهي ته مون کي انٽرويو لاءِ ڪراچي مان خط آيو آهي. صبح انٽرويو آهي.”
    “اڙي! صبح انٽرويو آهي ۽ تون هينئر تائين هتي ويٺو آهين!” ڪنول حيراني ظاهر ڪئي. “سنئين سڌي ڳالهه آهي ته انٽرويو لاءِ تياري به ڪانه ڪئي هوندئي.”
    “توسان مليس ته سمجهه تياري ٿي وئي. توسان مليي بنان هليو وڃان ها ته انٽرويو ۾ ناپاس ٿيان ها. هاڻي ويندس ته پڪ ڄاڻ ڪامياب ٿيندس.”
    “ڪيڏي مهل ويندين!؟”
    “رات واري گاڏي ۾ ويندس.”
    هو ڳپل دير تائين ڪچهري ڪري جنهن مهل اٿيا ته سانوڻ ڏاڍو خوش هو.
    البت پهريون ڀيرو هو جو سانوڻ سان ملاقات کان موٽندي ڪنول اداس هئي. جنهن مهل هنن موڪلايو پئي، انهي مهل اوچتو ئي اوچتو ڪنول الاءِ ڇو اداس ٿي وئي هئي. شايد سانون جي ڪراچي واري نوڪري واري ڳالهه هن کي اداس ڪيو هو. پر اها ڳالهه ٻڌي ته هوءَ خوش ٿي هئي. پر شايد اها خوشي فقط سانوڻ جو من رکڻ لاءِ هئي يا وري انهي گهڙي لاءِ هئي- ۽ جنهن مهل هو موڪلائي رهيا هئا، شايد انهي مهل هن جي دل تي جدائي جا خيال پنهنجا پاڇاوان وجهي رهيا هئا. جنهن ڪري هوءَ اداس ٿي وئي هئي!
    اُداسي سڄي واٽ هن سان گڏ هلندي رهي هئي. شايد اها اداسي ۽ گُم سُم هجڻ ئي حادثي جو ڪارڻ هجي. پر حادثو ته سراسر رڪشي واري جي غلطي جو نتيجو هئو. غلطي ته برابر رڪشي واري ڊرائيور جي هئي، پر جيڪڏهن ڪنول بلڪل حاضر ذهن هجي ها ته شايد هوءَ حادثي کان پاڻ بچائي وڃي ها. خير، ڪيئن به هجي، پر حقيقت اها هئي ته هوءَ تمام گهڻي اداس هئي.
    حادثي کانپوءِ ته انهي اداسي ۾ وري ويتر پريشاني جو اضافو ٿي ويو هو. پوءِ به هن پاڻ سنڀاليو. جيتوڻيڪ انهن گهڙين ۾ سانوڻ اڃا ڪراچي لاءِ نه اُسهيو هو ۽ ڪنول کيس گهر فون ڪري حادثي واري واقعي کان آگاهه ڪري پئي سگهي. پر هن ايئن نه ڪيو. هن اهڙي موقعي تي، جتي سانوڻ کي ذهني يڪسوئي ۽ اطمينان جي ضرورت هئي، کيس حادثي جو اطلاع ڏيئي پريشان ڪرڻ ڪونه ٿي گهريو. ايئن ڪرڻ سان هن جي انٽرويو تي ناڪاري اثر پوڻ جو امڪان هو؛ جيڪو ڪنول نه ٿي چاهيو. ان ڪري جنهن مهل سانوڻ ڪراچي اسهيو ته کيس ڪنول سان پيش آيل حادثي بابت ڪابه ڄاڻ ڪانه هئي.
    *
    ڪنول کي جيئن ئي اها خبر پيئي ته پوليس سندس گاڏي ۽ ڪاڪي عيدن کي تحويل ۾ وٺي حادثي جي روزنامچي ۾ داخلا ڪري ڇڏي آهي ته هن انهي مهل ئي شهر جي هڪڙي وڏي وڪيل کي فون ڪري ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪئي. وڪيل ان مهل ئي ٿاڻي تي پهتو ۽ ڪاڪو عيدن انهي گھڙيءَ ئي آزاد ٿي ٻاهر اچي ويو. وڪيل جي ٿاڻي تي پهچندي ئي ڪنول به اتي اچي نڪتي هئي ۽ لاڪپ تان ڪاڪي کي پاڻ ئي گهر وٺي آئي.
    ڪنول ٻيو ڪم اهو ڪيو جو جيئن ئي ڪاڪي عيدن کي آزاد ڪرائڻ واري مصروفيت مان آجي ٿي ته سڌو سيوَل اسپتال جو رخ ڪيائين. اسپتال ۾ هن ٽنهي زخمين جي عيادت ڪئي ۽ انهن جي علاج تي ايندڙ خرچ پاڻ ڪرڻ جو اعلان ڪيائين. گڏوگڏ هن رڪشا جي ڊرائيور کي تسلي ڏيندي رڪشي جي ٺهرائڻ تي ايندڙ خرچ پڻ پنهنجي سر تي کنيو. غلطي جيئن ته رڪشي جي ڊرائيور جي هئي، سو هو پاڻ پاڻ کي ڏوهاري سمجهي رهيو هو، سو تنهن ڪنول جون جو هيءَ فياضيون ڏٺيون ته ٿورن وچان سندس ڪنڌ اڃا به جهڪي ويو. حقيقت ۾ ٽيئي ڄڻا سندس ٿورائتا هئا ۽ سندن دلين ۾ ڪنول لاءِ احترام جا جذبا ڦٽي اٿيا هئا. ڪنول اهو سڀ ڪجهه ڪري اسپتال مان جيئن ئي گهر پهتي ته ٿڪاوٽ جي باوجود ڏاڍي مطمئن ۽ خوش هئي. هن پاڻ کي ڏاڍو هلڪو محسوس ڪيو. ايتري خوشي شايد ٻئي ڪنهن ڪم ۾ کيس اڳي نه ملي هئي- نه ڪنهن سماجي تقريب ۾، نه ڪلب ۾ ۽ نه ئي وڏ گهراڻن سان اٿ ويهه ۾. جيڪا خوشي انسانن جي ڪم اچڻ ۾ آهي، دکيارن کي دلاسي ڏيڻ ۾ آهي، ڪنهن گهايل جي گهائن تي پها رکڻ ۾ آهي، ڪنهن نيڪي ۽ چڱائي ۾ آهي، اها ٻي ڪنهن شئي ۾ ڪٿي آهي.
    رات ڪافي گذري وئي هئي. ڪنول سمهڻ جا سانباها ڪيا ۽ ننڊ جي آغوش ۾ هلي وئي.
    صبح دير سان جيئن ئي سندس اک کلي ته کيس راتوڪي سڄي وارتا سار ۾ سري آئي. انهن لهرين ۾ لڙهندي ڪنول کي ڪجهه ساعتن لاءِ ته سانوڻ به وسري ويو هو. پوءِ جڏهن کيس سانوڻ جي يادگيري آئي ته هن دل ئي دل ۾ سوچيو ته پتو ناهي ته هن جو انٽرويو الاءِ ڪيئن ٿيو هوندو؟ سڄو ڏينهن گذري ويو هو، هاڻي رات اچي لٿي هئي، پر هن ته کيس فون ئي ڪانه ڪئي هئي. ڇا هيڏي ساري شهر ڪراچي ۾ فون جي ڪا سهوليت ئي ڪانه هئي، جو هو کڻي کيس هڪڙي ڪال ڪري ها؟ کيس سانوڻ تي هلڪي ڪاوڙ آئي ۽ انهي ڪاوڙ ۾ هوءَ ٽپ ڏيئي اٿي بيٺي ۽ فون ڏانهن وڌي. پر انهي ئي گهڙي سندس خواهشن تي پاڻي هارجي ويو. هوءَ بيوسي وچان وٽجي وئي- وٽس ته ڪراچي جو ڪوئي نمبر ئي ڪونه هو، جنهن تي هوءَ سانوڻ کي فون ڪري ها. ڪاوڙ، بيوسي ۽ اداسي جي جوار ڀاٽا سندس پوري وجود تي وري وئي ۽ هوءَ روئڻ ۾ ڇُٽڪي پيئي. ڪنهن جي پيار ۾ هوءَ زندگي ۾ اڄ پهريون ڀيرو رني هئي. ڪنهن ٿي ڄاتو ته اهي متواريون اکيون، جن ۾ معصوميت ۽ غرور هڪ ئي وقت رهن ٿا ۽ جيڪي هر پل مرڪنديون رهن ٿيون، اهي ڪنهن ڏينهن ايئن روئي به سگهن ٿيون!
    * * *


    (20)

    زندگي هڪڙو مسلسل وهڪرو آهي، جنهن جو نه آر آهي نه پار. جيڪو لاڳيتو اڳتي ڌوڪيندو رهي ٿو. انهي ۾ ڪڏهن لاٿ آهي ته ڪڏهن چاڙهه. ڪڏهن ڍر آهي ته ڪڏهن تک. ڪٿي ويڪر آهي ته ڪٿي گهرائي. ڪٿي ماٺائي آهي ته ڪٿي تيزي ۽ڇولين جو ڇُلاءَ. انهي وهڪري جون لهريون لک لباس آهن. پر پاڻيءَ پسڻ هيڪڙو آهي. پسڻ جي اها هيڪڙائي آهي ان جي مسلسل رواني، ان جي لاڳيتي وهڪ. اهو لڳاتار وهڪرو ڪٿي به بيهي ڪونه ٿو. انهي وهڪري ۾ ماڻهو پڻ لڙهندو وڃي ٿو. ڪڏهن مرضي سان ته ڪڏهن مجبوري ۾؛ ڪڏهن پنهنجي ارادي سان ته ڪڏهن حالتن جي دٻاءُ تحت. ڪڏهن خوشي سان ته ڪڏهن لاچاري وچان، ڪڏهن ڪنهن سلسلي جي نتيجي ۾ ته ڪڏهن وري بنهه اوچتو ۽ اتفاقي. ايئن زندگي جو وهڪرو لڳاتار وهندو رهي ٿو. اهو ڪٿي به بيهي ڪونه ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ايئن ضرور ٿيندو آهي ته اهو ڪٿي ڪنهن هنڌ بيٺل نظر ايندو آهي، پر حقيقت ۾ اهو بيٺل نه هوندو آهي. اصل ۾ اهو روان دوان هوندو آهي. ان جي وهڪ ئي ان جو جياپو آهي. البت رشتن جي نوعيت ڪڏهن ڪڏهن انهي ۾ ٺهراءُ يا تيزي جو ڪارڻ بڻبي آهي. ساڳئي نموني وري ان جي وهڪ به رشتن جي نوعيتن ۾ تبديلين کي جنمي ٿي. شين جا هڪٻئي تي اثر هميشه ٻطرفا ٿيندا آهن. اهو فطري قاعدو آهي. حالتون ۽ حادثا به پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا. اهي به زندگي جي وهڪري تي اثرانداز ٿين ٿا. پوءِ ڪڏهن ڪي حالتون ۽ ڪي حادثا ان جي وهڪ ۾ تيزي يا ڍرائي جو ڪارڻ بڻجن ٿا، ته ڪڏهن وري ڪي حالتون ۽ ڪي حادثا زندگي جي وهڪري جو مرڳهين رخ ئي موڙيو ڇڏين.
    زندگي جو وهڪرو جڏهن به ۽ جتان به رخ موڙي ٿو، اتي نيون ڪهاڻيون جنم وٺن ٿيون، نوان داستان جڙن ٿا. ماڻهو نون دڳن ۽ پيچرن جو مسافر بڻجي ٿو. هر مسافري هڪڙو داستان آهي. نيون مسافريون نون قصن جو بڻ بڻياد ٿين ٿيون. نيون مسافريون، نوان دڳ، نيون منزلون، نوان همسفر- ۽ زندگي جو قافلو نئون موڙ وٺي اڳتي وڌندو هلي ٿو. اهو ڪٿي به رڪجي ڪونه ٿو. روڪ، ٺهراءُ ۽ جمود موت آهي. زندگي هلڻ جو نانءُ آهي. اڳتي وڌڻ جو نانءُ آهي. زندگي نين منزلن جي تلاش آهي.
    انهي ڳولا ۾ ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ايترو اڳتي وڌيو وڃي، جو سموريون محبتون، پيار پريتون ۽ پِرتون پوئتي رهجيو وڃن. انهي ڊوڙ ۾ ڪڏهن ماڻهو پنهنجو پاڻ کي وساريو ويهي، ته ڪڏهن وري کانئس پنهنجا پيارا وسريو وڃن. هو سڀني کي پوئتي ڇڏي اڳتي نڪريو وڃي. اڳيان.... اڳيان....اڳيان....!! ڪڏهن وري ايئن ٿئي ٿو ته ماڻهن جا پيارا اڳتي نڪريو وڃن ۽ هو پاڻ پٺيان رهجيو وڃي، بنهه پٺيان. ايترو پٺيان جو سندس پيارا کيس صفا وساريو ڇڏين. انهي ڀڄ ڊڪ، انهي ڊوڙ ڊوڙان، انهي سار وسار ۾ ڪڏهن هيءَ وڌيو وڃي ۽ هوءَ رهجيو وڃي، ڪڏهن هوءَ وڌيو وڃي ۽ هيءَ رهجيو وڃي؛ پنهنجي پنهنجي دڳ تي ڪڏهن هيءَ ناهي ته ڪڏهن هوءَ ناهي. سندن جڳهين تي رهجيو وڃن ته بس رڳو اڪيلائيون، اداسيون، دوريون ۽ هڪٻئي کان شڪايتون رهجيو وڃن.
    سانوڻ ۽ ڪنول جي زندگي ۽ محبت پڻ اهڙي ئي موڙ تي اچي بيٺي هئي. هڪ اهڙو موڙ، جنهن جي پرئين پاسي ڪجهه لڙڪ هئا، ڪجهه مرڪون هيون؛ ڪو وڇوڙو هئو، ڪي نوان ميلاپا هيا. ڪجهه نئون هو، جنهن جي کٽڪي کين پريشان ڪري رکيو هو. هنن نه ٿي ڄاتو ته انهن کٽڪن ۽ ڳڻتين جو انت ڪٿي ٿيندو؟ هنن جي محبت جي ناو حالتن جي وهڪري جي هٿ وس ٿي وئي هئي. حالتون جيڪي کين هڪٻئي کان پري ڌڪي رهيون هيون. ڇوليون بنهه زوراور هيون؛ پر پوءِ به هنن هٿ پير هنيا پئي. پر نيٺ ڪنهن کي ته ساڻو ٿيڻو ئي هو. هڪ ڀيرو ڪنهن جي هٿ مان هٿ ڇڏائجي ويو ته پوءِ ملڻ وري يا نصيب!!! هنن جا هٿ به هڪٻئي جي هٿن مان کسڪي رهيا هئا. حالتن جي ويِر مٿن تيزي سان وَري رهي هئي.
    *
    ڪنول جي ڪار سان پيش آيل حادثو فقط هڪڙو روڊ حادثو نه هو. انهي حادثي کان پوءِ جلد ئي ڄڻڪ ڪنول جي زندگي به هڪڙي حادثي جي ور چڙهي ويئي هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ ڪانڊيري سان سندس سڃاڻپ ٿي هئي.
    ڪانڊيرو شهر جي تمام وڏي وڪيل اختر علي جي سٿ جو معمولي وڪيل هو. وڪيلن جي اها عادت آهي ته وٽن جيڪو به ننڍو وڏو ڪيس ايندو آهي، اهو انهي مهل ئي وٺي ڇڏيندا آهن، پوءِ ڀلي ڪيسن جي گهڻائي جي ڪري وٽن ان لاءِ وقت هجي يا نه هجي. بعد ۾ پيا ججن کان تاريخون وٺندا ۽ معاملي کي اينگهائيندا ۽ پيا ماڻهن کي ڪورٽن ۽ ٿاڻن جا چڪر هڻائيندا. يا وري هلڪا ڪيس سندن سٿ جي معمولي وڪيلن جي حوالي ڪريو ڇڏين.
    ڪاڪي عيدن جي ٻڌجڻ شرط ئي ڪنول پهريون ڪم اهو ڪيو، جو شهر جي وڏي وڪيل اختر علي سان رابطو ڪري کيس ان ڪيس ۾ ڪاڪي عيدن جو وڪيل مقررڪيو. ڪيس جي نوعيت باقاعدي ڪيس واري هئي ئي ڪانه، رڳو روزنامچو داخل ٿيو هو. ان ڳالهه کي ڏسندي اختر علي اُن مهل ئي ٿاڻي تي هليو آيو هو ۽ شخصي ضمانت تي ڪاڪي عيدن کي آزاد ڪرائي ڇڏيو هو. ٻن ڏينهن بعد هن پنهنجي ٻالڪي (Junior) ڪانڊيري کي فيءَ جا پئسا وٺڻ لاءِ ڪنول جي گھر موڪليو هو. انهي ڏينهن کان ڪانڊيري سان ڪنول جي شناسائي ٿي هئي.
    هفتي کن بعد ٻيئي متاثر ڌريون وري ٿاڻي تي هيون. ڌرين لکي ڏنو ۽ سندن وچ ۾ ٺاهه ٿيڻ سبب ڪيس ٿاڻي تي ئي ختم ٿي ويو. البت اختر علي مدد لاءِ ڪانڊيري کي به ٿاڻي تي موڪليو هو. ڪنول اخلاقي طور تي ڪانڊيري جي معرفت اختر علي کي سندس گھر تي چانهه پيئڻ جي ڪوٺ موڪلي. جونيئر وڪيلن ۾ سينيئرن جي سنهي سنهي ڪرڻ جي عادت هوندي آهي. اها “اتم خوبي” ڪانڊيري ۾ به حد درجها موجود هئي، سو هو به اختر علي سان هتي گڏيو آيو هو. اهڙي نموني انهن ڏينهن دوران ڪانڊيري ۽ ڪنول جي وچ ۾ ميل جول ٿيندي رهي. نتيجي طور ٻنهي جي وچ ۾ هڪ قسم جي شناسائي پيدا ٿي. جنهن ڪري هو ڪيس جي خاتمي کانپوءِ به ڪڏهن ڪڏهن گسين پنڌين هڪٻئي سان ملندا رهيا. هاڻي سندن شناسائي عام دوستي جي رشتي ۾ بدلجي چڪي هئي.
    *
    سانوڻ کي ڪراچي جي هڪڙي خانگي اڏاوتي اداري ۾ سـٺي عهدي واري نوڪري ملي چڪي هئي. جنهن ڪري هو ڪراچي منتقل ٿي چڪو هو. ساڳئي اداري ۾ منصور اڳيئي پنهنجي جڳهه پيدا ڪري ورتي هئي. گڏوگڏ رهائش وغيرهه جو بندوبست پڻ ڪيل هئس. جنهن ڪري سانوڻ لاءِ ڄڻڪ اڳواٽ ئي گهڻيون آسانيون ميسر ٿيل هيون. تنهنڪري کيس ڪنهن به قسم جي ڪابه ڏکيائي ڪانه ٿي. هو نئين ماحول ۾ سئولائي سان کُپي ويو.
    نئون ماحول ۽ نوان مشغلا ماڻهو لاءِ نيون دلچسپيون آڻين ٿا. اها انساني فطرت آهي ته هو نين شين ڏانهن تيزي سان ڇڪبو آهي. نيون دلچسپيون کيس نون مزن سان همڪنار ڪن ٿيون، جن جي خمارن ۾ ڪڏهن ڪڏهن، بلڪ اڪثر ڪري ماڻهو پراڻيون شيون، رشتا ناتا ۽ سٻنڌ وساريو ٿا ويهن. پر سانوڻ سان ايئن نه هو. جيتوڻيڪ ڪراچي جي اکين کي کيرو ڪندڙ سونهن کيس ڇڪيو، رنگبرنگي ماحول سندس دل تي گهرو اثر پيدا ڪيو ۽ نيون دلچسپيون سندس طبيعت ۾ رچي ويون؛ پر پوءِ به هن پراڻا سٻنڌ نه وساريا. کيس ڪنول هڪ پل لاءِ به نه وسري. رنگن، روپن ۽ روشنين جي ميڙي ۾ به کيس ڪنول جي يادگيري بارها ستايو ٿي ۽ کيس ساري هو اداس اداس ٿي ٿي ويو. هن دل ئي دل ۾ سنجيدگي سان اڪيلي سر اهو فيصلو ڪري ورتو ته هاڻي هو گهڻو وقت ڪنول کان پري نه رهندو؛ ساڻس وهانءَ رچائي هو سدائين لاءِ هن کي پاڻ سان گڏ وٺي ايندو. اهو سوچڻ بعد پهرين فرصت ملندي ئي هن حيدرآباد ڏانهن رخ رکيو ۽ سڌو وڃي ڪنول سان مليو.
    هاڻي سندن ملاقاتن وچ ۾ وڏا وقفا پئجي ويندا هئا. ان ڪري هو جڏهن به مليا ٿي ته ڏاڍي سڪ، اتاولائي ۽ گرمجوشي سان ٿي مليا. هن ڀيري به هنن گرمجوشي سان ئي هڪٻئي کي ڳلي لڳايو. سانوڻ ٿوري دير ۾ ئي اصل ڳالهه تي اچي ويو.
    “توکي خبر آهي ته تنهنجي هيءَ دوري مون کي ڪيڏو پريشان ڪندي آهي!؟”
    “ها. پنهنجي حالت کي ڏسي آئون تنهنجو اندازو به لڳائي سگهان ٿي. ٻطرفي محبت جا وڍ به ٻطرفا ٿيندا آهن. گهاءُ هڪڙي کي لڳندو آهي ۽ رت ٻئي مان وهندو آهي. پنهنجي ساجن جي حالت کان بخوبي واقف آهيان.
    “پوءِ مون تي رحم ڇو نه ٿي ڪرين!؟” سانوڻ ڪنول جي اکين ۾ اکيون وجھندي چيو.
    “آئون خود رحم جي قابل آهيان. آئون پڻ ساڳي آڳ ۾ پيئي سڙان، جنهن ۾ تون ڄرڪي رهيو آهين.” هن نهٺائي سان وراڻيو.
    “توکي خبر آهي ته اها باهه وڇوڙي جي آهي. ان کي ميلاپ جي پاڻي سان وسائي سگهجي ٿو. هاڻي آئون تنهنجي هڪ به نه ٻڌندس. آئون چاهيان ٿو ته تون مون سان فوري طور تي شادي ڪري ڪراچي هلي هل.” سانوڻ فيصلائتي انداز ۾ چيو.
    “سانوڻ! آئون توسان اٿاهه محبت ڪريان ٿي. پر جيسيتائين شادي جو تعلق آهي ته اها اڻ ٿيڻي آهي.”
    “محبت اڻ ٿيڻيون، ٿيڻيون ڪري ڏيکاريندي آهي.”
    “ڳالهه اها ناهي. ڳچ سارا مسئلا آهن. آئون توکان ٻه ٽي سال وڏي آهيان، ڪنواري نه آهيان. تنهنجا گهر وارا به ته مون کي نه قبوليندا. ٻيا به سماجي مسئلا رڪاوٽون کڙيون ڪندا. ان ڪري اهڙو فيصلو پاڻ ٻنهي جي حق ۾ بهتر نه ٿيندو. ان ڳالهه کان هٽي وڃ.” ڪنول سانوڻ کي سمجهائيندي چيو.
    “زندگي توکي مون کي گذارڻي آهي، ماڻهن کي نه، جو انهن جي پرواهه ڪريون.”
    “پاڻ جنهن معاشري ۾ رهون ٿا، اتي گهڻين ڳالهين جي پرواهه ڪرڻي پوي ٿي. اهڙا وڏا فيصلا جذباتي انداز ۾ نه ڪبا آهن. جذباتي فيصلن تي اڳيان هلي پڇتائڻو پوندو آهي. جذباتي فيصلا زماني سان گڏ نه هلي سگهندا آهن. زماني سان گڏ هلڻ لاءِ ٿهرم گهرجي.”
    چڙهندي جواني ۽ لهندي جواني ۾ اهو فرق آهي ته پهرين جذباتي ٿيندي آهي ۽ ٻي ڳڻ ڳوت ڪندي آهي. سانوڻ ۽ ڪنول جي عمرين ۾ ٿورو فرق هو، پر سندن تجربي ۽ زماني کان واقفيت جي وچ ۾ تمام وڏو فاصلو هو. جنهن ڪري شين کي ڏسڻ وارن سندن اندازن وچ ۾ وڏو فرق هو. تنهنڪري هن معاملي تي ٻيئي هڪٻئي سان ٽڪراءُ ۾ بيٺا هئا.
    “منهنجو اهو جذباتي فيصلو ناهي، پر سوچيل سمجهيل فيصلو آهي. پر جيڪڏهن هڪ گهڙي لاءِ توسان سهمت ٿيان، تڏهن به ايئن ناهي ته هر جذباتي فيصلو غلط هوندو آهي.” سانوڻ ڳالهه تي زور ڏيندي چيو.
    “توکي معاملن کي سمجهڻ گهرجي. ضد بيسود آهي.” ڪنول ورندي ڏني.
    “ڪوبه معاملو ناهي. سڌي ڳالهه ڪر ته آئون توسان شادي ڪرڻ نه ٿي گهران.” سانوڻ ناراضگي وچان وراڻيو.
    “اهو ته آئون توکي اڳ ۾ به اهڙي ذڪر نڪرڻ تي هر ڀيري چئي چڪي آهيان ته آئون ٻي شادي ڪرڻ نه ٿي گهران. سو آئون واقعي به شادي ڪرڻ لاءِ تيار ناهيان. آئون توسان اڻمئي محبت ڪريان ٿي، ان جو مطلب اهو ٿورئي آهي ته توسان شادي به ڪريان. آئون هاڻي شادي ڪنهن سان به نه ڪنديس. محبت ۽ شادي ۾ فرق آهي.” ڪنول بنهه سڌي ڳالهه ڪئي.
    آخرڪار هن سانوڻ کي شادي کان ٺڙهه ڦڙهه جواب ڏيئي ڇڏيو. سانوڻ جي دل ٽٽي چڪي هئي. هو اداس اکين، ناراض چهري ۽ روئندڙ دل سان پنهنجي جڳهه تان اٿيو. هڪ گهڙي لاءِ گهرين نگاهن سان ڪنول کي ڏٺائين ۽ پوءِ اتان تڪڙو تڪڙو هليو ويو.
    اهو سڀ ڪجهه ايڏي سيگهه سان ۽ بنهه غير متوقع انداز سان ٿيو، جو ڪنول پريشان ٿي وئي ۽ هن کي روڪڻ لاءِ ڪجهه ڪڇي ئي نه سگهي. هوءَ بت بڻي پنهنجي جڳهه تي ويٺي هئي، ڄڻڪ منجھس ساهه ئي نه هجي ۽ سانوڻ کي پٺيان ويندو ڏسندي رهي. اوستائين ڏسندي رهي، جيستائين هو سندس نظرن کان لڪي نه ويو.
    *
    همير کي پڻ نوڪري ملي چڪي هئي. سندس مائٽن کيس گهڻو وقت اڳي ئي منڱائي ڇڏيو هو. سو جيئن ئي کيس نوڪري ملي ته هو شادي جو ڪاٺ سندس ڪلهي تي کڻائڻ لاءِ سنجيدگي سان سوچڻ لڳا. مائٽ جڏهن اولاد جي سلسلي ۾ ڪنهن معاملي تي سنجيدگي سان سوچيندا آهن، تڏهن عمل۾ دير نه لڳندي آهي. سو نيٺ همير جي به انهن ڏينهن ۾ شادي ٿي وئي.
    شادي کانپوءِ همير ۽ صبا جي وچ ۾ جدائي جون ديوارون کڄي ويون. هنن جو ملڻ جلڻ بلڪل بند ٿي چڪو هو. نئين عورت نئين دنيا آهي؛ مرد ان ۾ وڃائجي ويندو آهي. شادي ته شروعات ۾، صرف شروعات ۾ ئي، اڃا وڌيڪ رنگتون ۽ رنگينيون آڻيندي آهي. سو همير ان ۾ سُڪ ٿي چڪو هو. مرد جي دل جي ڦرهي تي نئين عورت ميٽ وانگر چڙهندي آهي. جنهن سان اڳيون سڀ عبارتون ميٽجي وينديون آهن. همير جي دل تي به شادي هڪڙو نئون تهه چاڙهيو. جنهن ڪري سندس دل جي ڦرهي تان صبا جو نالو ميٽجي چڪو هو. هن جي نئين زندگي کل خوشي ۽ مؤج مستي سان گذرڻ لڳي.
    اهو سڀ ڪجهه هڪ ڏينهن ٿيڻو هو، صبا کي انهي جو پتو هو. انهي ڪري شعوري يا لاشعوري طور هوءَ ان لاءِ ڄڻڪ تيار هئي. تنهن ڪري کيس ڪو ذهني ڌچڪو (Shock) نه لڳو. هن ان تبديلي کي کليل دل سان قبولي ورتو.
    هو سٺن دوستن وانگر مليا هئا ۽ سٺن دوستن وانگر وڇڙي ويا. ماڻهو کلندي ملندا آهن ۽ روئندي وڇڙندا آهن. پر هي کلندي مليا ۽ کلندي ئي وڇڙيا. سندن دلين ۾ وڇوڙي جي هلڪي درد سان جيڪا ٿورڙي اداسي ۽ اٻاڻڪائي اڀري، اها انهي کل ۾ لڙهي وئي. هنن هڪٻئي کي خوشين ۾ ڳوليو هو ۽ خوشي مان ئي هڪٻئي کان موڪلايائون. هنن لاءِ اهو ئي خوب هو ته هنن هڪٻئي جي سنڱ سياپي ۾ سنگ ساٿ ۾ جيڪو وقت گهاريو هو، اهو ڀرپور محبتن ۽ خوشين سان ٽٻٽار هو. هنن محبت کي هڪٻئي لاءِ زنجير نه بنايو. هنن جي محبت آزاد فضا ۾ بيپرواهه پکيئڙن جي اڏار وانگر هئي. ٻه بيپرواهه پکيئڙا، جن جي پنهنجي پنهنجي دنيا هئي، جن جا پنهنجا پنهنجا آکيرا هئا؛ اهي رڳو محبت جي انهي اڏار جي گهڙين ۾ گڏ هئا. انت ته کين پنهنجون پنهنجون دنيائون وسائڻيون هيون. تنهنڪري جڏهن پنهنجي پنهنجي دنيا وسائڻ جو موقعو آيو ته ڪنهن جي به دنيا اجاڙ نه ٿي. دنيا اجاڙ به ڪيئن ٿئي ها؟ هنن پنهنجي دلين جي دنيائن ۾ دردن کي دخل جي اجازت نه ڏني هئي. هو هڪٻئي جي خوشين ۾ خوش هئا ۽ هڪٻئي جي دنيا کي خوشين سان ٽمٽار ڏسڻ ٿي گهريائون. هنن وٽ محبت خوشين جي حاصلات جو ذريعو هئي- ۽ هڪٻئي جي خوشين جو احترام به ته محبت جو اهڃاڻ آهي. ان ڪري همير ۽ صبا جڏهن موڪلايو ته کليل دل ۽ خوشي سان موڪلايو.
    هنن کي ڪو به ملال ڪو نه هو، ٻيئي پنهنجي پنهنجي دنيا ۾ خوش هئا.
    *
    سانوڻ ڪنول سان ڪاوڙجي ٻئي ڏينهن ئي ڪراچي هليو آيو، جتي هو پنهنجن ڪمن ڪارين ۾ جنبي ويو. هن ڪنول سان سڀئي رابطا ٽوڙي ڇڏيا ۽ ڪنول جي بيرخي جي درد کي مصروفيتن ۾ ٻوڙڻ گهريو. ان لاءِ هو اڳي کان به گهڻو ڪم ڪرڻ لڳو. ڪم جي گهڻائي سبب هو نستو ٿي ٿي پيو. ذهني ٿڪاوٽ جو اثر سندس پوري جسم کي وڪوڙي ويندو هو. پر پوءِ به جنهن مهل هو واندو ٿي ٿيو، تنهن مهل ڪنول جي بيوفائي جو درد اجگر بڻجي سندس سامهون اچي ٿي بيٺو. هن ان درد کان بچڻ لاءِ وڏا وس ڪيا، پر کيس ان ۾ ذري برابر به ڪاميابي نه ٿي.
    درد کان فرار ممڪن ناهي- هڪ ڏينهن هن سوچيو؛ جڏهن درد کان ڀڄي نٿو سگهجي، تڏهن بهتر آهي ته دل ۾ ان جي شمع روشن ڪري ڇڏجي. شمع پاڻ جلائي ٿي، وگهري ٿي- پر جلڻ، وگهرڻ ته زندگي جو حصو آهي. جلڻ روشني آهي، جلڻ زندگي آهي. پوءِ ڇو نه دل جي جاري ۾ محبت جي درد جي شمع کي روشن ڪري رکجي. هو، جنهن کي ڪنول جي انڪار ٽوڙي رکيو هو، جيڪو اُٻاڻڪائي، اداسي ۽ مايوسي جي پاتال ۾ گوتا کائي رهيو هو، جنهن جا پنهنجي ئي زندگي سان موهه جا سمورا لاڳاپا ٽٽي چڪا هئا ۽ جيڪو ويڳاڻپ جي ور چڙهي ويو هو ۽ جنهن جي اندر ۾ اروڪ طوفان ۽ زلزلا تباهي مچايو بيٺا هئا؛ اهو اوچتو ئي اوچتو پرسڪون ٿي ويو. سڀئي طوفان رڪجي ويا، زلزلا هٽي ويا، اٻاڻڪائي، اداسي ۽ مايوسي جو سمونڊ بلڪل ماٺو ٿي ويو. هو ڪنهن نتيجي جي ڪناري تي لنگر انداز ٿي ويو هو.
    هن ڪنول جي وڇوڙي جي درد کي پنهنجي سيني سان لڳائي ورتو. محبت جي هر حاصلات عظيم آهي- پوءِ ڀلي کڻي اها درد جي صورت ۾ ئي ڇو نه هجي. ڀاڳوند آهن اُهي، جيڪي محبت جي درد کي به پنهنجي سيني سان لڳائين ٿا. وِرهه ۽ وڇوڙو به ماڻهو کي زندگي جي نين معنائن سان آشنا ڪري ٿو. هن محسوس ڪيو ته سندس اندر ۾ هڪڙي قسم جي وسعت اچي وئي آهي.
    انهيءَ احساس سانوڻ جي اندر جي دنيا ۾ انقلاب برپا ڪيو. جيتوڻيڪ هن ڪنول سان ڪاٽا ڪيل رابطا وري ٻيهر ڪڏهن به بحال ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي، پر هن جي ڪنول تي ڪاوڙ، ناراضگي ۽ رسامو ويندو رهيو. هن پنهنجي من ۾ هن لاءِ اڳي کان به گهڻو پيار محسوس ڪيو. ٿهرم ڀرئي انداز سان هن سوچيو ته اسان جي وچ ۾ ڀلي کڻي زماني جي ديوار کڄي وڃي، پر ان سان هن لاءِ منهنجي دل ۾ موجود محبت جي روشني ختم ٿي نه ٿي سگهي. محبت ۾ فاصلا ڪا به معنيٰ نٿا رکن. هوءَ ڪالهه به مون سان گڏ هئي، اڄ به مون سان گڏ آهي ۽ سڀاڻي به گڏ هوندي. منهنجي دل ۾ هن لاءِ هڪڙي مستقل جڳهه آهي، جيڪا مفاصلن کان ماورا آهي. آئون زندگي جي جنهن به شاهراهه تي هوندس، هوءَ محبت جي ڇانءُ بڻجي مون سان سنگ سنگ هلندي رهندي. هُئڻ جو احساس موجودگي کان وڌيڪ طاقتور آهي. هوءَ ڀر ۾ هجي نه هجي، دل ۾ هن جي هئڻ جو احساس هميشه رهندو. هوءَ دل کان ڪڏهن به ڌار ٿي نه سگهندي.
    احساسن جي انهي ڌارا سانوڻ جي اندر ۾ نئين روشني پيدا ڪئي. انهي روشني جي آڌار تي هاڻي هو زندگي جي ڪنهن به شاهراهه تي پير رکي سگهيو ٿي. ڄڻڪ هن محبت ۾ پاڻ وڃائي، پاڻ پائي ورتو هو.
    * * *


    (21)

    ڪنول وَهيءَ کائي چڙهي هئي. هاڻي سندس زندگي تي شام جا پهريان پاڇا لهي رهيا هئا ۽ هوءَ هڪ ڀيرو وري اڪيلي ٿي وئي هئي. اٿاهه اڪيلائيون بي انت وانداهي وانگر کيس وڪوڙي ويون هيون. هوءُ روشني جو آخري ڪرڻو به وڃائي ويٺي هئي.
    اداسي ۽ اڪيلائي جي اونداهي ۾ هٿوراڙيون هڻندي اوچتو ۽ غيرارادي طور تي سندس تصور جي تيلي دکي، جنهن سان روشني جي هڪڙي لاٽ جرڪي پيئي. انهي لاٽ ۾ وک وک کڻندي هوءَ ماضي جي ڏورانهين ماٿري ۾ پهچي ويئي.
    سانوڻ هن جي ضد آڏو هارائي ويو هو. انهي ڪري ڪاوڙجي هليو ويو هو. ڪنول کي يقين هو ته هو ضرور رابطو ڪندو، ضرور موٽي ايندو. پر هو نه آيو. ڪڏهن ڪڏهن ويندڙ هميشه لاءِ هليا ويندا آهن؛ اهي وري ڪڏهن به موٽي واپس نه ايندا آهن. ڪنول جي انتظار جو پڻ ڪوبه نتيجو ڪونه نڪتو. هو نه آيو. ۽ اجائي هٺ؛ نه هِن ڀيري هٺ نه؛ اٿاهه ڏک ڪنول کي به اها موڪل نه ڏني ته هوءَ پاڻ ئي ٽٽل رابطو بحال ڪري. هوءَ سوچي وري رڪجي ٿي وئي. محبت ۽ ڏک، اميد ۽ ياس ۾ ٻڏندي ترندي هوءَ اداسي ۽ مايوسي جي تري ۾ وڃي ڪِري. سندس بيچينين کي ڪوبه چين هو. سڪون زندگي مان موڪلائي ويو هئس. سندس سک ڦٽي پيو هو. ڏک جو ساگر سندس من ۾ ڇوليون هڻڻ لڳو. نيڻين ننڍڙي وِهه ٿي وئي هئس ۽ اجهامي ٻرڻ واري ڪيفيت سندس ساري سرير کي ساڙي رهي هئي. هوءَ چکيا تي جلي رهي هئي ۽ سانوڻ جو ڪوبه اتو پتو ڪونه هو. نه همير، نه صبا، نه سانوڻ- ڪير به ته ڪونه هو. هن ڀرئي ترئي جڳ ۾ هوءَ اڪيلي هئي.
    هن سانوڻ سان شادي کان انڪار ته ضرور ڪيو هو، پر سندس دل جو راڻو ته پوءِ به اهو ئي هو. ان کان پري هن جي ڪيئن ٿي سري سگهي؟ هن ايئن ٿورئيِ چاهيو هو، جيئن سانوڻ هن سان ڪري رهيو هو. هن پنهنجي دل جي ديوتا تي سندس محبت جي ديول جا دروازا بند ٿورئي ڪيا هئا، جو هو کيس ايئن ڇڏي ڪاوڙجي هليو ويو هو. هِن ته ساڻس ياڄمار نڀائڻ ٿي گھريو. مَحبت کان وڏو تعلق، وڏو سنڱ ڪو ٻيو آهي ڇا!؟ سندس ڳلن تان ڳوڙها ٽهه ٽهه ڪري ٽمڻ لڳا.
    ڏک جي انهن عذابناڪ گهڙين ۾ ڪانڊيرو ئي هو، جيڪو سندس سهارو بڻيو. هن سندس ڳلن تان ڳوڙها اگھڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سندس دلجوئي ڪئي.
    “زندگي جو بار ڪڏهن ڪڏهن اڪيلي سر ئي کڻڻو پوندو آهي. جن ۾ ساٿ ۽ سهاري جي اميد هوندي آهي، اهي آزمائشن جي گهڙين ۾ اڪيلو ڇڏي هليا ويندا آهن. ويندڙن جوڏک نه ڪبو آهي، انهن لاءِ ڳوڙها نه ڳاڙبا آهن. هو ويا، هاڻي ڇڏيونِ، وساريونِ. پاڻ سنڀاليو، پاڻ کي ڪنهن بيوفا لاءِ تباهه نه ڪريو.” ڪانڊيري اڻ سڌي انداز ۾ سانوڻ جي گلا ڪندي ڪنول کي دلاسي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “آئون پاڻ کي پاڻ تباهه نه پئي ڪريان. پر هن دل کي ڇا ڪريان. هيءَ دل محبت هٿان مجبور آهي.” ڪنول جواب ڏنو. “۽ سڌي يا اڻ سڌي طرح توکي سانوڻ جي گلا ڪرڻ جو ڪو حق ڪونهي. هو بيوفا ناهي.”
    “محبت ماڻهو کي تباهه نه ڪندي آهي، ماڻهو محبت کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، نتيجي ۾ پاڻ به تباهه ٿيندو آهي. توهان کي محبت ڏانهن رويو بدلائڻ گهرجي.”
    “محبت تي ڪنهن جو وس نه هلندو آهي.”
    “آئون محبت جي نه، رويي جي ڳالهه پيو ڪريان. محبت ڏانهن روايتي رويو اختيار ڪرڻ نه گهرجي.”
    “تون روايتي رويو ڇا کي ٿو چئين؟”
    “روايتي رويو- مايون ويچاريون روئڻ پٽڻ شروع ڪريون ڇڏين. لڙڪ پيا لڙندا اٿن، سنگهه پئي وهندي اٿن، ۽ مرد ويچارا- اهي وري وار وکريل، ڏاڙهي وڌيل، اکيون رُکيون، ٻيو ته ٺهيو اکين مان پِچون به نه ڪڍندا، ٻوٿڙو ڀيلو لڳو پيو هوندن. اهو آهي روايتي رويو.” ڪانڊيري مزاحيا انداز ۾ کلندي وضاحت ڪئي.
    “اڇا، توهان وڪيلاڻا جوهر پيا ڏيکاريو. دليلبازي شروع ٿي وئي. محترم! هيءَ عدالت ناهي”. ڪنول مرڪندي جواب ڏنو.
    “دل سڀ کان وڏي عدالت آهي.”
    “پوءِ ڀلا ڪا ضمانت جي درخواست داخل ڪرايو.” ڪنول مزاح جي ڪيفيت ۾ هئي،
    “افسوس، ٻئي هر ڪيس ۾ ضمانت ٿيو وڃي، پر محبت ۾ ضمانت نه ٿيندي آهي، هن ڪيس ۾ ماڻهو يا بري ٿيندو آهي يا وري سزا کائيندو آهي؛ ڪو وچيون رستو ناهي.”
    “پوءِ هي سڄي ساري دليلبازي ڇا جي لاءِ هئي!؟”
    “آئون پنهنجي سٺيءَ دوستِ کي بچائڻ ٿو گهران.”
    “مون کي ڪير کائي ڪونه ٿو وڃي، جو مون کي بچائڻ ٿو گهرين.”
    “محبت جي غم کان بچائڻ ٿو گهران.” هن ڪنول جي نازڪ ۽ خوبصورت هٿ کي پنهنجن هٿن ۾ ورتو ۽ ايئن ورتو جيئن وڪيل پنهنجي مؤڪل کان فيءَ جا پئسا وٺندا آهن. اهو پهريون موقعو هو جو هن ڪنول جي هٿن کي پنهنجن هٿن ۾ ورتو هو.
    ۽ هوريان هوريان ڪانڊيري جي ڳالهين جي سيڪ تي ڪنول جا ڳوڙهاسڪنداويا.
    هاڻي سانوڻ تمام گهڻو پري رهجي ويو هو. ڪنول کيس جڏهن به ياد ڪيو ته کيس ڌنڌ وچان ئي ڏسي سگهي.
    ڪنول ۽ ڪانڊيرو هڪٻئي جي گهڻو ويجهو اچي ويا ۽ پوءِ ٻنهي کي اهو پتو نه پيو ته اهي ڪيڏي مهل هڪٻئي جي زندگين ۾ داخل ٿي ويا.
    وقت انساني خوابن، خيالن ۽ خواهشن کان بي نياز اڳتي وڌندو رهي ٿو. زندگي وقت جي رٿ تي سوار ٿي نوان نوان موڙ مڙندي رهي ٿي. اهي موڙ مڙندي مڙندي ڪنهن موڙ تي محبت حوس جو روپ ڌاري وٺي ٿي. حوس، جنهن جي ڪا به حد ناهي. ۽ پوءِ محبت محبت نه ٿي رهي. محبت ۾ ڪام واسنا ته جائز آهي، جو اها محبت جو ئي حصو آهي، ان جو ئي هڪ روپ آهي. اتي وري به اوليت محبت کي ئي رهي ٿي. پر محبت ۾ حوس جي ڪابه جڳهه ناهي. البت ڪڏهن ڪڏهن حوس ظاهري طور تي محبت جو روپ ڌاري اچي وارد ٿيندو آهي. ماڻهو گهڙيءَ لاءِ دوکو کائي ويندو آهي. جواني جي جوش ۾ هو گهڙي لاءِ انهي وهڪري ۾ وهيو وڃي. يا وري لاڳيتيون محروميون يا وري بيوفائيون- اهي به حوس لاءِ جاءِ پيدا ڪن ٿيون. پر جتي حوس هجي ٿو، اتي محبت نه ٿي هجي. وقتي جوش ڍري ٿيڻ کانپوءِ پتو پئي ٿو ته مار! هِتي ته محبت هئي ئي ڪانه! دل جي ڌرتي هڪ ڀيرو وري اڪيلائي جي جھٽڪي سان ڌٻيو وڃي.
    ڪانڊيري سان ڪنول جو موهه ٿورو وقت به جٽاءَ ڪري نه سگهيو. هوءَ جلد ئي منجھانئس ورچي پيئي. هوءَ ڪانڊيري سان رکائي سان پيش اچڻ لڳي. بيوفائي به عورت جي هڪ ادا آهي، جيڪا عورت کي ٽٽڻ کان بچائي ٿي. هوءَ کلندي کلندي ڪانڊيري کان پنهنجا پاند تمام جلد ئي آجا ڪري وئي.
    هاڻي هن جي زندگي ۾ مرد جي حيثيت هڪ رانديڪي کان وڌيڪ نه هئي. جنهن مهل گهريو دل وندرائي؛ جنهن مهل چاهيو ان کي ڀڃي ڇڏيو. حسن، غرور ۽ دولت هن جا آزمايل هٿيار هئا. هن جو نشانو خطا ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿي ٿيو.
    هُن وقت ۽ زندگي جي مهار کي پنهنجن هٿن ۾ قابو ڪري جهليو. سندس ڄمار ڄڻ هڪ هنڌ ڄمي بيهي رهي. سون جهڙي جواني جرڪندي رهيس.
    پر پوءِ الاءِ ڪيئن ۽ ڪهڙي طرح وقت جي مَهريءَ جي مهار هن جي هٿن مان ڇڏائجي وئي. هڪ رات هوءَ ڀرپور ننڊ ڪري صبح سنان پاڻي کان واندي ٿي جيئن هار سينگار لاءِ آهريءَ جي اڳيان اچي ويٺي ته سندس تاڪ لڳي ويا. هن جي چڳن ۾ چاندي پئجي ويئي هئي. وقت جي وٿين مان وهندڙ عمر چغلي کائي رهي هئي ته هاڻي هوءَ سوني نه رهي هئي.
    ڍلندڙ عمر عورت لاءِ سڀ کان وڏو عذاب آهي. اڪيلائي ۾ اهو عذاب اڃا به وڌي ويندو آهي. هاڻي هوءَ انهي نئين عذاب سان آشنا ٿي هئي.
    هوريان هوريان اڪيلائيون ڪنول جي چوڌاري گهيرو ڪرڻ لڳيون. زندگي جي جنهن رستي تي هوءَ هلي هئي، انهي لحاظ سان آهستي آهستي هن ڪنهن حد تائين اڪيلائين کي منهن ڏيڻ سکي ورتو هو. پر اهي سڀ عارضي اڪيلائيون هيون. انهن ڏينهن ۾ سندس زندگي ۾ ڪنهن نه ڪنهن ساٿ جو ڏيئو ٻرندو رهندو هو. هاڻي اهي هڪ هڪ ٿي اجهامي رهيا هئا.
    اڪيلائي اداسي جي سڳي ڀيڻ آهي. اها جتي به ديرو ڄمائي ٿي، اتي اداسي کي به سنبرايو تنبرايو گڏ وٺيو اچي. زندگي جي شام ۾ ته اها وڌيڪ ايذائيندڙ هوندي آهي ۽ عورت کي مرد جي ڀيٽ ۾ اڃا به وڌيڪ ايذائيندي آهي.
    هڪڙو وقت هو جڏهن هن اڪيلائي جي انهيءَ عذاب کان تنگ ٿي فون کڙڪائي هئي ۽ پوءِ کيس سانوڻ مليو هو. سانوڻ، جنهن سندس بنجر زندگي کي جل ٿل ڪري ڇڏيو هو. اهو ئي سانوڻ کيس هڪ ڏينهن زندگي جي تتل رڻ ۾ اڪيلو روئندو ڇڏي هليو ويو هو.
    سانوڻ کانپوءِ به هن جي زندگي ۾ ڪجھه مرد آيا هئا، پر انهن مان ڪير به سانوڻ جي جاءِ وٺي نه سگھيو هو.
    ڌنڌ وانگر ئي سهي، پر سانوڻ کيس هميشه ياد رهيو. هو کيس وسري نه وسريو. هن جي دل هميشه سانوڻ جو مسڪن رهي. ويٺي ويٺي کيس شيخ ايازجي شاعري ياد اچي ويئي:
    عشق عقاب پکي پرڏيهي،
    جهڙپ ڏئي ٿو جهٽي،
    ڪير انهيءَ کان بچي!
    ڏاڍو ڏوُر اڏاري ماري،
    پر پر ويهي پٽي،
    ڪير انهيءَ کان بچي!
    ذات نه ڄاڻي،
    پات نه پاڙي،
    مذهب سارا مَٽي،
    ڪير انهيءَ کان بچي!
    شعر چپن تي ورجائي ڪنول ٿڌو ساهه ڀريو. اهڙي شاعري سان سانوڻ جون انيڪ يادگيريون سلهاڙيل هيون. سانوڻ کيس سدائين خوبصورت شعر ٻڌائيندو هئو. هوءَ ڌنڌ مان نڪري آئي. هاڻي سڀ ڪجھه کيس چٽو پِٽو ڏسڻ ۾ ٿي آيو.
    سانوڻ هليو ويو هو، پر پوءِ به ڄڻ وٽس ئي رهيل هئو. هُو وڃي به نه ويو هئو. هو سندس تصور، يادگيري ۽ محبت جي آڪاس تي هميشه جھُڙ جيئن جھالا ڏيندو ٿي رهيو.
    “ڪاش! سانوڻ ايئن نه وڃي ها.”
    “پر ان ۾ هُن جو ڪهڙو ڏوهه هو. انڪار ته مون ڪيو هو. ڏوهه ته سڄو منهنجو آهي.” هن کي دل ۾ پيڙا جي لهر اٿندي محسوس ٿي.
    سانوڻ کانپوءِ هن جيڪا به زندگي گهاري، اها ڪنهن بي راهه مسافر وانگر هئي؛ جنهن جي نه ڪا واٽ هوندي آهي، نه دڳ، نه منزل. هوءَ ڀوري ڀوري بادلڙي وانگر زندگي جي وسعتن ۾ ڀٽڪندي رهي هئي. هوءَ وساري ويٺي هئي ته جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا آهي. جيتوڻيڪ هوءَ راتڙيون جاڳي هئي، ننڊان نيڻ جهليا هئائين، پيار جي مينديءَ ڏار سان پنهنجا هٿ رڱيا هئائين؛ پر پوءِ به ڪارن وارن ساڻس نڀاءَ نه ڪيو هو. وقت واريءَ مُٺ جيئن هن جي سُرهن هٿن مان ڇڏائجي ويو. تان جو زندگي جي شام لهي آئي؛ ۽ هن جو سمورو سفر ڄڻڪ وئرٿ ويو هو.
    ان وئرٿ سفر ۾ رڳي محبت جو ڪو ڇانورو هو، جنهن زندگي جي ذِل ڪاڙهي ۾ مٿس گھڙي پلڪ ڇانوَ ڪئي هئي؛ ڪا عشق ۽ مَحبت جي مينگھه ملهاري هئي، جيڪا مٿس سانوڻيءَ جي سُرهين سانجھين جون برکائون ۽ وسڪارا ٿي وَٺي هئي. اهو سوچي کيس ڀاسيو ته ان وئرٿ ۾ گھڻو ڪجھه سجايو به هو، جنهن سندس تن من کي ڏيئڙا ڏيئڙا ڪري ٻاريو ۽ جرڪايو هو. روشني جي اها جرڪا ڏيندڙ لڪير کيس تصور جي پرن تي ويهاري گھڻو پري کڻي ويئي؛ گھڻو گھڻو گھڻو پري، اُتي جتي سندس سانوڻ هو. سانوڻ، سندس ازلي ابدي محبت.
    تصور جي تيلي ٻري ٻري اُجهامي وئي. اڪيلائي ۽ اداسي جي اونداهي اڃا وڌيڪ گهري ٿي وئي.
    انهيءَ اونداهيءَ ۾ هڪ ڀيرو وري شيخ اياز جي شاعري اُمالڪ ڪنهن ديپ وانگر ٻري پيئي، ۽ هُن پنهنجي منهن جهونگارڻ شروع ڪيو:
    تِتر تيز اڏار، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.
    مُنڌ! نڀائِن ڪونه ٿا، ڪنهن سان ڪارا وار.
    متان ڦول ڇڻي وڃن، ڏيئي مُند ميار!
    اچ رنڱي وٺ هٿڙا، نائي مينديءَ ڏار.
    ڳائيندي ڳائيندي هوءَ ماٺ ٿي وئي. کيس نِڙيءَ ۾ ڪا ڳنڍ اٽڪندي محسوس ٿي. هُن هٿ وڌائي ميز تان ٿڌي پاڻيءَ جو گلاس کنيو ۽ هڪڙي ڳيت ۾ خالي ڪري ڇڏيائين. ۽ پوءِ صوفي تي ٽيڪ ڏيئي ڪنڌ کي پٺتي ڍرو ڇڏي ڏنائين. ٻه ڳوڙها سندس ڳلن تي جرڪي رهيا هئا. پر اِهي ڳوڙها نه هئا ڄڻڪ حوضِ ڪؤثر هو، جنهن ۾ ڌوپجي هوءَ ٻيهر اڇي اجري ۽ پاڪ ۽ هوا کان هلڪي ٿي پئي هئي.
    * * *



    25 آڪٽوبر 2007ع
    رات جا سوا ٻارنهن وڳا،
    سينٽرل جيل حيدرآباد، سنڌ.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 345148
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 142518
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ