ڪتاب جو نالو: جديد عالمي سياست
مصنف: جي ايم سيد
ڇپائيندڙ: سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي لميٽڊ، حيدرآباد
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 1978
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 25 اپريل 2017 ع
پڙهيو ويو: 547 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 317 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”جديد عالمي سياست“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ قومپرست سياستدان ۽ ڏاهو ليکڪ سائين جي ايم سيد آهي. هي ڪتاب 1978ع ۾ . سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي لميٽڊ حيدرآباد پاران ڇپايو ويو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران :
  • پيش لفظ

  • پيش لفظ
  • 1. پئن اسلامزم
  • 2. نئشنلزم
  • 3. ڪميونزم
  • 4. فاشزم (فسطائيت)
  • 5- جمھوريت
  • فصل پھريون

  • اوائلي تشريح
  • فصل ٻيون

  • جرمني- ھٽلر
  • جنرل گوئرنگ
  • ڊاڪٽر گوبلس
  • ڊاڪٽر شاخت
  • فصل ٽيون

  • اٽلي- مسولني
  • فصل چوٿون

  • انگلنڊ
  • سر ونسٽن چرچل
  • فصل پنجون

  • 5- سوويت يونين (روس):
  • جوزف اسٽالن
  • فصل ڇھون

  • 6. فرانس:
  • ڊاڊليئر
  • فصل ستون

  • 7. اسپين
  • جنرل فرئنڪو
  • فصل اٺون

  • 8. چين
  • چيانگ ڪائي شيڪ
  • مائوزي تنگ
  • فصل نائون

  • جنگ جو احوال
  • جرمنيءَ لاء
  • جپان لاءِ

  • سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”جديد عالمي سياست“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ قومپرست سياستدان ۽ ڏاهو ليکڪ سائين جي ايم سيد آهي. هي ڪتاب 1978ع ۾ . سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي لميٽڊ حيدرآباد پاران ڇپايو ويو.

    ٿورائتا آهيون شاهنواز سومري صاحب جا، جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ڏانهن ڏياري موڪليو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پيش لفظ

    پيش لفظ

    قديم زماني کان دنيا جو اھو دستور رھيو آھي ته مختلف ملڪن جي رھاڪن جا، رسم رواج ۽ ڪلچر، مذھبي عقيدن ۽ ملڪي مسئلن وغيره جي دائرن ۾ ھڪ ٻين تي اثر پئي پيا آھن. اِھي اثر، پھرينءَ مھاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ، ھيٺين سببن ڪري پاڻ وڌيڪ تيز ۽ گھڻا پوڻ لڳا، ۽ تقريباً ساري دنيا اِنھيءَ عمل جي دائري ۾ اچي ويئي:
    (1) ريل گاڏين، ھوائي جھازن، تارن، ريڊين، اخبارن ۽ ڪتابن مفاصلن کي گھٽائي ڇڏيو، ۽ جدا جدا ملڪن جي رسم رواج، مذھبي عقيدن، ڪلچر، ۽ سياسي ۽ اقتصادي نظرين جي باھمي ڏي وٺ لاءِ ترت وسيلن جو ڪم ڏنو.
    (2) مغربي ملڪ، جديد علم ۽ سائنسي معلومات، ھنري ترقي ۽ جديد ھٿيارن جي زور تي، گھڻن ايشيائي ۽ آفريڪي ملڪن تي قابض ٿي، اُتي پنھنجا سامراج قائم ڪري چڪا ھئا، ۽ انھن ملڪن کي پنھنجن استحصالي مفادن لاءِ ڪتب آڻي رھيا ھئا، ۽ اُن سلسلي ۾ پنھنجن محڪوم ملڪن ۽ سماجن کي جديد علمن ۽ ڪاريگرين سان روشناس ڪري رھيا ھئا ۽ اُنھن کي پنھنجي پنھنجي ڪلچر جي رنگ ۾ رڱي رھيا ھئا ۽ موٽ ۾ پاڻ به اُنھن جي ڪلچري وجود کان متاثر ٿي رھيا ھئا.
    مغربي دنيا جي ھِنن سامراجن جو، اڳتي ھلي، استحصالي موقعن ۽ 'حقن' جي ڳالھين تان پاڻ ۾ تصادم ٿيو، جنھن نيٺ دنيا کي پھرينءَ مھاڀاري لڙائيءَ ۾ اَڙائي ڇڏيو. ھِن خونخوار لڙائيءَ ۾ ھڪ طرف جرمني، ھئبسرگ ۽ ترڪ شھنشاھتن حصو ورتو، ته ٻئي طرف انگلنڊ، فرانس ۽ روس مکيه ملڪن طور شامل ٿيا، جن سان آخر ۾ آمريڪا به اچي شريڪ ٿيو. پھرينءَ ڌُر کي محوري ملڪ (Axis Countries) ۽ ٻيءَ ڌُر کي اتحادي ملڪ (Allied Countries) جي نالي سان سڏيو ويو.
    ايشيا ۽ آفريڪا ۾ اتحادين جي ماتحت گھڻا ملڪ ھئا، تنھنڪري انھن ملڪن جي ماڻھن کي به جنگ ۾ گھليو ويو ۽ اتي جي پيسي ۽ خام مال کي به جنگي مقصدن لاءِ ڪتب آندو ويو. جنگ جي وقت اتحادين طرفان پنھنجن محڪوم ملڪن سان گھڻا وعدا ڪيا ويا، اُنھن تي ظاھر ڪيو ويو ته اُھا جنگ ڪمزور قومن جي آزاديءَ لاءِ لڙي پئي ويئي. اُنھن وعدن ۽ اعلانن جي آڌار تي ماتحت ملڪن به جنگ ۾ پنھنجن حاڪم ملڪن جي مدد ڪرڻ ۾ ڪين گھٽايو.
    ھي جنگ 1914ع ۾ شروع ٿي ۽ 1918ع تائين ھلي. ھندوستان جنھن صورت ۾ انگريزن جي ماتحت ھو، اِن ڪري اُن کي به ھن جنگ ۾ گھليو ويو. ھتي جو پيسو جنگ تي خرچ ڪيو ويو. ھتي جا سپاھي يورپ ۾ جنگ لاءِ موڪليا ويا، جن يورپي سپاھين سان گڏجي لڙائيءَ ۾ حصو ورتو، ۽ اُتي جي عادتن، رسمن ۽ رواجن مان واقفيت پرائي. جنگ جي ميدان تي حاڪم ۽ محڪوم ڪَٺا لڙي رھيا ھئا. ان جنگ ۾ لکين ماڻھو مئا ۽ ڦٽيا. اربن جو خرچ ٿيو. آخر ۾ آمريڪا جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ ڪري اتحادين جي فتح ٿي.
    انھيءَ وقت آمريڪا جو صدر مسٽر وڊرو ولسن ھو، جو نھايت نيڪ ۽ شريف ماڻھو ھو. ھن جنگ جي تباھ ڪارين کان متاثر ٿي، آئيندي لاءِ مختلف ملڪن جي اختلافي مسئلن کي نبيرڻ لاءِ، آمريڪن ڪانگريس اڳيان 8 جنوري 1918ع تي ھيٺين چوڏھن نقطن جو پروگرام پيش ڪيو:
    (1) آئينده حڪومتن جي وچ ۾ عھدناما کليل طرح ڪيا وڃن.
    (2) ھر ڪنھن ملڪ کي بين الاقوامي عھدنامن مطابق بند ٿيل ايراضين کان سواءِ، ھر سمنڊ ۾ جھازرانيءَ جو پورو حَق، صلح توڙي جنگ جي حالت ۾، ھئڻ گھرجي.
    (3) جتريقدر ٿي سگھي، اقتصادي رڪاوٽون ۽ بندشون ڪڍي ڇڏجن.
    (4) سڀ ڪنھن ملڪ جي اندروني انتظام ۽ بچاءَ جو لحاظ رکندي، عام ھٿيار سازيءَ جي چٽاڀيٽيءَ کي گھٽ ڪيو وڃي.
    (5) سامراجي ملڪن جي بيٺڪن ۾، مڪاني ماڻھن جي حَقن کي سامھون رکي، سڌارا آندا وڃن.
    (6) روس جي نئين حڪومت سوويت يونين جي حدن مان لشڪر ڪڍي، اُتان جي ماڻھن کي سندن قومي ۽ ملڪي معاملات جي فيصل ڪرڻ لاءِ آزاد ڇڏيو وڃي.
    (7) بيلجم جي حدن مان لشڪر ڪڍي، اُن کي آزاد ڪيو وڃي.
    (8) فرانس جي حدن مان لشڪر ڪڍي، فرانس کي جرمنيءَ جا ٻه علائقا، ايس ۽ لورين، ڏياريا وڃن.
    (9) اٽليءَ جي حڪومت کي سندن قومي ايراضي واپس ڏياري وڃي.
    (10) آسٽريا ۽ ھنگريءَ جي رھاڪن کي مڪاني خودمختياري ڏياري وڃي.
    (11) رومانيا، سربيا، ھنگريءَ جي حدن مان لشڪر ھٽائي، اُتي آزاد حڪومتون قائم ڪيون وڃن.
    (12) ترڪن کي سندن اڪثريت وارين ايراضين ۾ قومي حڪومت ڏياري وڃي. سندن ماتحت ٻين قوميتن جي ماڻھن کي خودمختياري ڏيارڻ لاءِ سھوليتون مھيا ڪيون وڃن. دره دانيال کي کُليو رکيو وڃي.
    (13) پولينڊ کي آزاد قومي حڪومت ڏياري وڃي.
    (14) بين الاقوامي معاملن کي باھمي فيصلن ذريعي نبيرڻ ۽ ننڍين وڏين قومن جي آزادي برقرار رکڻ لاءِ ”دنيا جي قومن جي جماعت“ ٺاھي وڃي.
    انھن مقصدن جي پورائيءَ جي سلسلي ۾ صدر ولسن 18 جنوري 1919ع تي يورپ آيو. اتحادين ھن جي اچڻ تي سندس وڏي مرحبا ڪئي. ليڪن پيش ڪيل 14 نقاتي پروگرام مان صرف ليگ آف نيشنس (دنيا جي قومن جي جماعت) قائم ڪرڻ جي تجويز بحال ڪئي ويئي. سندس باقي رِٿون، اِنھيءَ خيال کان ته اُنھن مان اتحادي حڪومتن جي مفادن کي نقصان پھچڻ جو ڊپ ھو، بحال نه ڪيون ويون. اُن تي ھو دلشڪستو ٿي، واپس آمريڪا موٽي ويو.
    ان پھرين مھاڀاري لڙائيءَ مان ھيٺيان نتيجا نڪتا:
    (1) دنيا جون ڪي وڏيون شھنشاھيتون، مثلاً جرمني، روس ۽ ترڪيءَ واريون، ختم ٿي ويون.
    (2) دنيا ۾، مذھبي جنگين کان سواءِ ھي پھريون ڀيرو ھو، جو حڪومتن طرفان جنگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪن اصولن جي بنياد تي ماڻھن کي اپيل ڪرڻ جو رواج پيو.
    (3) روس ۾ ھڪ نئين حڪومت نظرياتي بنيادن تي سوويت يونين جي نالي سان وجود ۾ آئي، جنھن پنھنجي طاقت کي اشتراڪي نظريي جي بنياد تي وڏن پروگرامن جي تڪميل لاءِ مضبوط ڪرڻ شروع ڪيو.
    (4) جنگ پوري ٿيڻ تي ھيٺيان پنج مکيه عھدناما ٿيا، جن جي ڪري شڪست کاڌل ملڪ نقصان ھيٺ آيا، ۽ انھن ۾ ناراضگي پيدا ٿي پيئي، جا اڳتي ھلي ٻيءَ عالمگير جنگ جو باعث بڻي:
    1. ورسليز جو عھدنامو.
    2. سينٽ جرمين جو عھدنامو.
    3. نيولي جو عھدنامو.
    4. سيورس جو عھدنامو.
    5. ٽرينان جو عھدنامو.
    اُھي عھدناما ڪھڙا ھئا، انھن جو ذڪر طوالت جو باعث سمجھي، ھتي نٿو ڏيان (ان جو تفصيلي احوال منھنجي ڪتاب ”پنھنجي ڪھاڻي پنھنجي زباني“ مان ملي سگھندو) پر اُنھن بابت ھِتي ايترو ٻڌائڻ مناسب ٿيندو ته اِھو انھن عھدنامن جو نتيجو ھو، جو فقط 22 سالن جي قليل عرصي کان پوءِ دنيا کي ٻيءَ موتمار عالمگير جنگ جي مصيبت کي منھن ڏيڻو پيو، جنھن جي اثرن کان اڄ تائين دنيا جون قومون پوريءَ طرح آجيون ٿي نه سگھيون آھن.

    پھرينءَ ۽ ٻيءَ مھاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ ھيٺين پنجن نظرين جو اثر دنيا تي پيو:
    1. پئن- اسلام- ازم،
    2. نئشنلزم،
    3. ڪميونزم،
    4. فاشزم، ۽
    5. جمھوريت (ڊيموڪريسي)
    مٿي ذڪر ڪيل نظرين جي تشريح ھيٺ ڏجي ٿي.


    1. پئن اسلامزم

    پئن اسلامزم خلافت جو بدليل نالو آھي. مذھب کي سياست سان گڏي ھلائڻ لاءِ مسلمانن خلافت جو ادارو قائم ڪيو ھو، جو ڪجھ وقت کان پوءِ پنھنجي افاديت وڃائي ويٺو. ان ڪري پھريان ٽي خليفا شھيد ٿيا. امام حسين عليہ السلام رسول اڪرم جو ڏوھٽو شھيد ٿيو. ڪجھ عرصو انھيءَ اداري تي بني اميه گھراڻي جو تسلط رھيو. ڪجھ وقت کانپوءِ انھيءَ گھراڻي کي زوريءَ ٻاھر ڪڍي، ان تي بني عباس قبيلي قبضو ڪيو، جن بني اميه خاندان جي قبرن جا نشان به مِٽائي ڇڏيا. ڪجھ وقت تائين اھو ادارو بني عباس خاندان ۾ ھليو، جن کي اندروني سازش جي اشاري تي منگولن اچي ختم ڪيو. ان کانپوءِ ڪجھ وقت لاءِ اھو ادارو بني فاطمين جي ھٿ ۾ رھيو. جتان تبديل ٿيندي، آخر ترڪن جي حوالي ٿيو.
    اُن سموري عرصي ۾ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڪيترن مسلمان قبيلن جون الڳ الڳ حڪومتون قائم ٿي ويون ھيون، جن جو ان خلافت جي اداري سان ڪو خاص تعلق ڪونه ھو. ترڪستان ۾ ترڪن جي مغل شاخ سلطان تيمور جي ھٿ ھيٺ شھنشاھي قائم ڪئي. ايران ۾ شاھ اسماعيل صفويءَ جي ھٿ ھيٺ شھنشاھي قائم ٿي. ھندوستان ۾ بابر بادشاھ مغل سامراج جو بنياد وڌو. قسطنطنيه ۾ ترڪ شھنشاھي قائم ٿي، جنھن خلافت جي اداري کي پنھنجي ھٿ ھيٺ آندو. پر اُھي سڀ شھنشاھيون آزاد ۽ خودمختيار ھيون. ڪابه اُنھن مان ڪنھن جي ماتحت نه ھئي.
    بھرحال، جيستائين تُرڪ طاقتور ھئا، خلافت کي ھلائيندا رھيا؛ پر اُنھن جي ڪمزور ٿيڻ بعد، انگريزن، ڪن مصلحتن جي خيال کان، سيد جمال الدين افغانيءَ معرفت سڀني مسلمان حڪومتن کي متحد ڪرڻ جي دعوا جي بنياد تي پئن اسلامزم جي تحريڪ ھلائي.
    انھن مان ھڪڙو سندن مقصد ھيءُ ھيو ته روس، فرانس ۽ جرمنيءَ جي طاقتن کي مشرق طرف وڌڻ کان روڪڻ لاءِ ترڪ سلطنت کي مضبوط ڪيو وڃي. ليڪن پھرين مھاڀاري لڙائيءَ وقت، ڇاڪاڻ ته انگريز پنھنجين مصلحتن ڪري فرانس ۽ روس سان شامل ھئا، جي وري ترڪ سلطنت جا مخالف پئي رھيا ھئا، اِنھيءَ ڪري ترڪن وڃي جرمنيءَ جي طرف جنگ ۾ شرڪت ڪئي.
    ان تي انگريزن وري پنھنجي پاليسي بدلائي، ترڪيءَ جي ماتحت ملڪن، عراق، شام، عرب، مصر وغيره کي عرب قوم پرستيءَ (نئشنلزم) جي بنياد تي، ترڪن جي خلاف اُڀارڻ جي ڪوشش ڪئي. ھوڏانھن پئن اسلامزم جي تحريڪ کان پوءِ ترڪن جي ھڪ گروھ، جنھن جي اڳواڻي جنرل انور پاشا ٿي ڪئي، کي يقين ويٺل ھو ته جنھن وقت خليفي ۽ شيخ الاسلام ۽ ٻين عالمن جي جھاد جي فتوا تي مسلمانن کي 'اتحادين' خلاف لڙڻ لاءِ سڏ ڪبو ، ته ھو سمورا ترڪن جو طرف وٺي بيھندا. پر اُن ۾ اُن گروھ کي سخت مايوسي ٿي. عملي طور اُھا ڳالھ غلط ثابت ٿي. اقتدار جي ميدان ۾ سياستدانن طرفان مذھب جي بيجا استعمال سبب مذھبن جو سياسي معاملن ۾ اثر گھٽ ٿي ويو ھو. ۽ ٻيو ته عرب ملڪ، ڪجھ آزاديءَ جي خيال کان ۽ ڪجھ انگريزن جي پيسي ڪري، ترڪن جا مخالف بڻجي پيا ھئا.
    ھندوستان جي مولانا محمودالحسن ديوبنديءَ، مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا شوڪت عليءَ ۽ محمد عليءَ ۽ مولانا ظفر علي خان ۽ ٻين، جيڪي پئن اسلامزم جا حامي ھئا، گھڻو ڪجھ شور مچايو، پر انگريزن ھِنن کي نظربند ڪري، پنجاب ۽ يوپيءَ جي عليڳڙھ جي مڪتبِ فڪر جي ماڻھن معرفت لشڪر ڪَٺو ڪرائي، ترڪن خلاف، عراق، شام ۽ حجاز ڏانھن موڪليو ۽ آخرڪار ترڪن کي جنگ ۾ شڪست ڏياري.
    اُھي ماڻھو، جي اڄ پنھنجن گروھي مفادن لاءِ ھن وقت پاڪستان ۾ اسلامي ملڪن جي اتحاد جو راڳ آلاپين ٿا، تن جي وڏن، اِئين انگريزن جي اشاري تي ۽ اُنھن جا اوزار بڻجي، مڪي معظم، بغداد ۽ شام تي گوليون ھلائي، ترڪ خليفي جي لشڪر کي مارڻ کان گريز نه ڪيو ھو.
    آخرڪار جڏھن ترڪيءَ کي شڪست آئي، ۽ سندن ملڪ ورھائجي ويو، تڏھن باقي رھيل ترڪن خلافت جي اداري کي ختم ڪري، مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي ھٿ ھيٺ، ترڪ نيشنلزم جي آڌار تي، پنھنجي ملڪ ۾ پنھنجي حڪومت قائم ڪئي. پئن اسلامزم جو نظريو اِئين سندس حامي انور پاشا سان گڏ ترڪستان جي ھڪ ٽَڪريءَ تي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ دفن ٿي ويو.
    ھاڻي، ڪي ماڻھو تاريخ جي فيصلي خلاف وري اُن ڪم کان ويل پئن اسلامزم کي قبر مان کوٽي جيارڻ گھرن ٿا. پر اُن مان اڄ فائدي جي عيوض نقصان جو ئي انديشو ٿي سگھي ٿو. ”آزمائڻ کي وري آزمائڻ“ مان جو ڪجھ پلئه پئجي سگھي ٿو، سو ظاھر آھي.


    2. نئشنلزم

    ھن نظريي جو بنياد ھن ڳالھ تي آھي ته ”ھر قوم کي، حق خوداختياري جي اصول تي، پنھنجي سياسي مستقبل بابت فيصلو ڪرڻ جو حَق آھي، ۽ انھيءَ طريقي مطابق ھر قوم پنھنجي آزاد ۽ جداگانه حڪومت بڻائڻ جو اختيار رکي ٿي.“
    ھن وقت قوميت جا دنيا ۾ تسليم ڪيل بنياد ھيٺيان شمار ڪيا وڃن ٿا:
    (1) جاگرافيائي حَدن جو وطن،
    (2) زبان،
    (3) ڪلچر،
    (4) قومي ڪردار، ۽
    (5) سياسي ۽ اقتصادي مفاد.
    پھرينءَ مھاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ، شڪست کاڌل شھنشاھتن جي وسيع ايراضين کي، اُنھن اصولن جي بنياد تي ٽوڙي، نيون قومي حڪومتون بڻايون ويون ھيون. ' ليگ آف نيشنس' ۾ اُنھن ئي بنيادن تي برپا ڪيل قومي حڪومتن کي نمائندگي ڏني ويئي ھئي- جھڙوڪ: يوگوسلوويا، زيڪوسلويڪيا، ھنگري، البانيا، گريس (يونان)، بلگيريا، رومانيا، پولينڊ، لٽويا، لٿئانيا، فنلئنڊ، آئرلئنڊ وغيره، جدا جدا قومن جي صورت اختيار ڪئي.
    انھن ملڪن کي جدا قومي حڪومتن ڏيارڻ ۾ اتحادين جو گھڻي قدر ھٿ ھو. ليڪن انھن ساڳين اتحادي بادشاھتن سندن پنھنجي اقتدار ھيٺ رھندڙ ايشيا ۽ آفريڪا کنڊ جي قومن کي، مختلف بھانن جي آڌار تي، آزادي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنھن تي اُنھن کنڊن جي رھاڪو قومن ۾ آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجھد شروع ٿي ويئي. اُنھن قومن جي جدوجھد جو مختصر احوال مون پنھنجي ڪتاب ”پنھنجي ڪھاڻي پنھنجي زبانيءَ“ ۾ ڏنو آھي. ھتي زير بحث موضوع سان اُن جي سڌي واسطي نه ھئڻ سبب ۽ طوالت کان بچڻ جي خيال کان فقط ھر ھڪ ملڪ ۽ ان جي مکيه ليڊر جي نالي کي پيش ڪرڻ ڪافي ٿو سمجھان، جن پنھنجي پنھنجي ملڪ جي آزاديءَ لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو ھو:
    (1) موراڪو ۾ غازي عبدالڪريم جي اڳواڻيءَ ھيٺ ھلچل ھلي.
    (2) لبيا ۾ شيخ ادريس سنوسيءَ آزاديءَ جو جھنڊو کنيو.
    (3) الجيريا ۾ قومپرستن ۽ جميعت العلماءُ آزاديءَ لاءِ ڪوشش ڪئي.
    (4) مصر ۾ سعد زغلول پاشا جي ھٿ ھيٺ قوم پرست تحريڪ زور ورتو.
    (5) ترڪيءَ ۾ مصطفيٰ ڪمال خلافت کي ختم ڪري، انگريزن ۽ يونانين جي خلاف وڙھي، پنھنجي ملڪ لاءِ آزادي حاصل ڪئي.
    (6) شام (سيريا) ۾ درؤس قبيلي بغاوت ڪئي، جنھن ڪري سامراج اُن کي آزادي ڏني.
    (7) فلسطين ۾ 20 نومبر 1917ع تي لارڊ بالفور اعلان ڪري، ان کي يھودين جي وطن قرار ڏيئي، اُتي يھودين جو قبضو قائم ڪرايو.
    (8) اردن (جارڊان) کي انگريزن فلسطين کان علحده ڪري، امير عبدالله کي 26 مئي 1923ع تي بادشاھ بڻايو.
    (9) عراق: 10 جنوري 1919ع تي، انگريزن ھندوستاني لشڪر سان، جن ۾ پنجابي مسلمان به ھئا، بغداد تي قبضو ڪيو. اُن کان پوءِ اُتي عربن جي بغاوت ڪرڻ تي، ھُنن 23 جون 1920ع تي امير فيصل بن شريف حسين کي عراق جو بادشاھ بڻايو.
    (10) ايران: 21 فيبروري 1921ع تي مازندران جي رھاڪو قزاق ايرانين جي برگيڊ جي آفيسر، رضا خان، ملٽري ڪوپ ذريعي، تھران تي قبضو ڪيو، 13 ڊسمبر 1922ع تي پاڻ کي ايران جو بادشاھ بڻايو.
    (11) افغانستان: پھرينءَ مھاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ امير امان الله خان افغانستان جو بادشاھ ٿيو، جنھن کي، انگريزن جي اشاري تي، ملا شور بازار (سرھندي بزرگ) بغاوت ڪري، ڪڍائي، بچه سقه کي طاقت ۾ آندو. ان کان نادر شاھ حڪومت اچي ورتي.
    (12) چين: سن ييت سين 21 جنوري 1924ع تي قوم پرستن جي پيڪنگ ۾ ڪانفرنس سڏائي، ڪومنتانگ نالي پارٽي ٺاھي. 12 مارچ 1925ع تي ھن وفات ڪئي. ان کان پوءِ انھيءَ پارٽيءَ جو نرم ۽ گرم ڌر وارن جي وچ ۾ اختلاف ٿي پيو. نرم ڌر جو ليڊر چيانگ ڪائي شيڪ ۽ گرم ڌر جو ليڊر مائوزي تنگ ٿيو.
    ھوڏانھن يورپ ۾ جڏھن جرمني ۽ اٽليءَ وارن ڏٺو ته سندن مخالف اتحادين، کين شڪست ڏيئي، سندن ھٿ ھيٺ بيٺڪي ملڪن کي آزادي ڏياري ڇڏي، پر پنھنجن پنھنجن بيٺڪي ملڪن کي اُھوئي پنھنجي ھٿ ھيٺ غلام رکيو آيا، ته انھن به وري ساڳين اڳوڻن پنھنجن پنھنجن سامراجن کي ٻيھر قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اُنھن کي ائين ھٿ پير ھڻندي ڏسي، جپان وري ايشيا ۾ ساڳئي قسم جو پنھنجو اثر وڌائڻ شروع ڪيو.


    3. ڪميونزم

    ھن نظريي مطابق ملڪ جي ترقيءَ ۽ تعمير جو سمورو مدار اقتصادي جوڙجڪ تي رھي ٿو. ان نظريي ھيٺ، پيداوار جي جملي ذريعن، ان جي ورھاست جي ذريعن ۽ مٽاسٽا جي ذريعن مثلاً پيسي وغيره تي حڪومت جو قبضو رھڻو آھي، ته جيئن انھن کي عام ماڻھن جي فائدي لاءِ استعمال ۾ آڻي سگھجي. ھن نظريي مطابق، قومي مفاد کي شخصي ۽ طبقاتي مفاد ي ترجيح ڏني وڃي ٿي. ھر ڳالھ کي تاريخي ارتقا جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو وڃي ٿو.
    اُنھيءَ نظريي جو بنياد مٽيريلزم (ماده پرستي) جي فلسفي تي ٻڌل آھي.
    پھرينءَ مھاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ وڏي پيماني تي انھيءَ نظريي جو تجربو روس (سوويت يونين) ۾ ٿيڻ لڳو. ابتدا ۾ اُنھن کي سرمائيدار ۽ سامراجي طاقتن جي مخالفت ڪري مشڪلاتن جو منھن ڏسڻو پيو. ليڪن جلد ئي ھنن پاڻ کي سنڀالي ورتو، ۽ پلئننگ (رٿا) مطابق ترقي ڪرڻ لڳا.
    ھنن جي سياسي پاليسي سامراجين ۽ سرمائيدارن جي خلاف ھئي، ان ڪري ڪمزور ۽ غلام قومن کي انھن کان سھارو ملڻ لڳو.
    ھنن جو سياسي نظام ھڪ پارٽيءَ جي حڪمرانيءَ وارو ھئڻ ڪري، وٽن جماعتي ضابطي کي وڏي اھميت ڏني ٿي ويئي. وٽن جماعت جي مفاد تي فرد جي مفاد کي قربان ٿيڻو ھو. انھيءَ يڪطرفيءَ ۽ ھڪ رنگيءَ حالت کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ کين گھڻين مالي مشڪلاتن ۽ خون خرابين مان گذرڻو پيو، ۽ جلد ترقيءَ لاءِ کين تڪليفون برداشت ڪرڻيون پيون. ليڪن آھستي آھستي ٿي، سندن عوام جي ترقي ڏسي، اھو عقيدو دنيا ۾ زوردار واءُ وانگر چوڌاري پکڙجڻ لڳو.


    4. فاشزم (فسطائيت)

    ھن نظريي جو رواج جرمنيءَ ۾ ھٽلر جي نازي پارٽيءَ ۽ اٽليءَ ۾ مسولنيءَ جي فسطائي پارٽيءَ جي پيدا ٿيڻ بعد چؤطرف پکڙيو.
    اُنھن ھيگل ۽ نطشي جي سياسي فلسفن مان سبق وٺي، اُنھيءَ نظريي جو بنياد وڌو ھو.
    دنيا ۾ قديم وقت کان مختلف صورتن ۾ اُنھيءَ نظريي جا پوئلڳ پئي رھيا ھئا. پر جھڙي طرح ڪميونزم پنھنجي آخري شڪل ڪارل مارڪس جي تعليم ۽ لينن جي عملي ڪارگذاريءَ ذريعي ورتي، تنھن وانگر ھن فسطائي نظريي به پنھنجي آخري صورت عملي طرح ھٽلر ۽ مسولنيءَ جي ھٿان ۽ اُنھن جي دور ۾ ورتي.
    انھيءَ نظريي جا بنيادي اصول ھيٺيان ھئا:
    (1) بقاي اصلح (”سروائيول آف فٽيسٽ“) جي قانون مطابق، ھر ڪمزور ۽ ناصالح جانور ۽ ماڻھو مضبوط، صالح ۽ صحت مند جانور ۽ ماڻھوءَ جي مقابلي ۾ ناڪام ٿي، ختم ٿيو وڃي. اھو قانون قومن سان به لاڳو آھي. مضبوط ۽ لائق قومون ترقي ڪري، ملڪن جون مالڪ بڻجن ٿيون. ڪمزور ۽ نالائق قومون، ھيٺ ڪِري، فنا ٿيو وڃن يا غلام بڻجيو وڃن.
    (2) اُنھيءَ اصول کي مدنظر رکي، ھٽلر آريا قوم کي صحتمند ۽ صالح ڄاڻي، دنيا جي رھبري ۽ حڪومت جي لائق ٿي سمجھيو.
    (3) حڪومت جي ڪاروبار ھلائڻ لاءِ صالح ۽ لائق گروھ کي اھل سمجھيو ٿي ويو. جمھوريت جي اصول کي فقط نااھل ماڻھن جي برتري قبول ڪرڻ جي برابر سمجھي، رد ڪيو ٿي ويو.
    (4) انھيءَ اصول مطابق اُھي صالح قومون ٻين نااھل قومن مٿان حڪومت ھلائڻ جون حقدار ھيون.
    (5) اُنھيءَ نظريي وارين حڪومتن سموري قومي وسائل کي مرڪزي طرح منظم ڪري، اُنھن کي مخصوص طبقي جي مفاد لاءِ ڪتب آندو. شخصي ملڪيت کي قائم رکيائون ٿي.
    ٻين مغربي قومن، جن جمھوريت جي اصول کي مڃيو ٿي، تن به ساڳيءَ طرح طبقاتي مفاد جي حمايت، پنھنجي سامراج قائم رکڻ سان، حڪومت جي پاليسيءَ طور مقرر ڪئي ھئي. تفاوت ٻنھي گروھن ۾ صرف ھي ھو ته جمھوريت جي نالي وٺندڙ ماڻھن سامراج جو قيام پٺتي پيل قومن جي سڌاري، تربيت ۽ حفاظت جي نالي ۾ عارضي طور رکڻ ٿي گھريو؛ پر فسطائي گروھ پٺتي پيل قومن کي ھميشه لاءِ نااھل سمجھي، انھن کي دائمي طور غلام رکڻ جو ارادو ٿي رکيو.
    جمھوريت ھلائڻ جا طريقا پھرئين گروھ به اھڙا رکيا ھئا، جو طاقت ھميشہ مخصوص طبقي جي ھٿ ۾ رھڻ واري ھئي، ليڪن ٻئي گروھ مرڳو اختلاف راءِ کي بيڪار سمجھي، پنھنجي مخصوص اقليتي طبقي جي اقتدار کي محفوظ رکڻ لاءِ ھڪ پارٽي راڄ قائم ڪرڻ ٿي گھريو. ھي ٻيو گروھ جارحانه نئشنلزم جو حامي ھو.
    (6) ھنن پنھنجي برتري ۽ مخالفن جي ابتري يعني نسل جي بنياد تي قائم ٿي رکي، ۽ پاڻ کان گھٽ نسل ڏانھن نفرت سندن سياسي پاليسيءَ جو مکيه اصول ھو.
    (7) انھيءَ نظريي کي عمل ۾ آڻڻ ۽ پنھنجي حڪومت ۽ برتري ڪمزور قومن تي مسلط ڪرڻ لاءِ، ھنن تشدد جو استعمال لازمي ٿي سمجھيو.
    (8) ڀر وارن ملڪن ۽ ننڍين قومن تي قبضو ڪرڻ سندن پروگرام جو مکيه جزو ھو.
    ھيءُ نظريو ھندوستان جي سياسي صورتحال ۾ گھڻين بدعتن جي پيدا ٿيڻ جو باعث بڻيو. برِ صغير جي مسلمانن جون ھيٺيون چار جماعتون يا سياسي تحريڪون انھيءَ نظريي جون مرھون منت سڏي سگھجن ٿيون:
    1- ڊاڪٽر شيخ محمد اقبال جي اسلامي تشريح، ۽ مسلم ليگ جي پاليسي.
    2- علامه مشرقيءَ جي خاڪسار تحريڪ.
    3- علامه مودوديءَ جي جماعت اسلامي، ۽
    4- ذوالفقار علي ڀٽي جي پيپلس پارٽي.
    ھندن مان به ڪن جماعتن جھڙوڪ جن سنگھ، راشٽريه سيوڪ سنگھ ۽ ٻين جماعتن اُنھيءَ ساڳئي فسطائي نظريي مان سبق ورتو ھو. پر جنھن صورت ۾ اھي جماعتون ھن وقت پاڪستان کان ٻاھر آھن، ۽ ھتي انھن جو واسطو نه رھيو آھي، ان ڪري، ھيٺ، مثال طور، آءٌ رڳو مٿين چئن تحريڪن جي فاشزم سان مشابھت ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندس.
    1- علامه شيخ محمد اقبال جي اسلامي تشريح، ۽ مسلم ليگ جي پاليسي.
    (الف) ڊاڪٽر صاحب، مسلمانن لاءِ، اعتقاد ۽ عمل جي بنياد تي، چونڊيل ۽ اعليٰ قوم ھئڻ جي دعويٰ ٿي ڪئي.
    (ب) مسلم قوم دنيا جي قومن جي آڏو بھادريءَ جي مثال پيش ڪرڻ ۽ سندن رھبري ڪرڻ لاءِ آئي ھئي.
    (ج) جھاد (تشدد) کي زندگيءَ جي ڪاروبار ۾ وڏو حصو ۽ اھم درجو حاصل ھو.
    (د) سندس نزديڪ جمھوريت ھڪ فرسوده نظريو ھو.
    (ھ) مسلم ليگ ھِنن ڳالھين مان سبق وٺي، پاڻ کي واحد نمائنده جماعت ٿي سڏيو، ۽ ھڪ ليڊر، ھڪ جھنڊي ۽ جداگانه ۽ برتر قوميت جو فسطائي نعرو ھنيو ٿي، ۽ ”يقين محڪم، اتحاد ڪامل ۽ تنظيم“ کي پنھنجي مقصدن جي حاصلات جا وسيلا شمار ٿي ڪيو.
    ھندن لاءِ نفرت، انھن ڏانھن مَسھپ جو رويو، دھشت گردي ۽ جارحانه ذھنيت- سڀ اُنھيءَ فسطائي نظريي جا مظھر ھئا. نازين (ھٽلري جماعت) ۽ ھِنن ۾ تفاوت صرف ھيءُ آھي ته ھُنن جرمن قوم کي نسل ۽ لياقت جي بنياد تي چونڊيل قوم ٿي سمجھيو- جيتوڻيڪ جرمن قوم نه ٺيٺ آريا نسل ھئي ۽ نه لياقت ۾ ٻين کان اعليٰ ھئي- ۽ اھي نعرا صرف عوام کي اُڀارڻ ۽ گمراھ ڪرڻ لاءِ ھنيا ٿي ويا: ۽ ھيڏانھن ڊاڪٽر صاحب وري مسلمانن لاءِ مذھب جي بنياد تي چونڊيل قوم جي دعويٰ ٿي ڪئي. جيتوڻيڪ غور سان ڏسڻ بعد معلوم ٿيو ٿي ته سڀيئي مسلمان نه اعتقاد ۾ ھڪ ھئا ۽ نه عمل ۾ يڪسان ھئا- ۽ اُھو نعرو فقط عام ماڻھن کي مذھب جي نالي ۾ برغلائڻ لاءِ ھنيو ٿي ويو.
    جرمنن يھودين جي نفرت ۽ خوف کان پاڻ کي منظم ڪرڻ گھريو ٿي، ۽ مسلم ليگين ھندوستاني مسلمانن کي ھندن جي خوف ۽ نفرت جي بنياد تي متحد ٿي ڪيو.
    جرمنيءَ ۾ ٻي پارٽي ممنوع ھئي، ھِتي ٻي ڪا مسلمانن جي پارٽي ھر طرح قبول نه ٿي سمجھي ويئي. ھُتي ھٽلر ليڊر ھو، ھِتي جناح کي ننڍڙو ھٽلر بڻايو ويو ٿي. جرمن وارن جو قومي نشان آرين جو سواستيڪا ھو، جو آرين جو سامراجي نشان ھو، ۽ مسلم ليگ جو نشان چنڊ ۽ تارو ھو، جو بازنطينن ۽ پوءِ ترڪن جي جارحيت ۽ ملڪگيريءَ جو نشان ھو.
    جرمنن سرزمين جرمنيءَ کي مقدس بڻائڻ ٿي گھريو، جنھنڪري جيروسلم ۽ روم جي مذھبي تقديس ثانوي حيثيت وٺي ٿي ويئي: مسلم ليگ وري پاڪستان کي پاڪ بڻائي، اسلام جي مقدس ملڪن جي حيثيت کي گھٽايو ٿي.
    2- خاڪسار تحريڪ (علامه مشرقيءَ جي) :
    ھن تحريڪ جو بنياد ھيٺين مکيه ڳالھين تي ھو:
    (1) ھو بقاي اصلح جي اصول مطابق، جاندار شين کي ٻن گروھن، ھڪ صالح ۽ ٻيو غير صالح، ۾ ورھائڻ جا قائل ھئا.
    (2) جھاد (تشدد) کي ھنن مذھب جو بنيادي اصول ٿي سمجھيو.
    (3) جمھوريت کي غلط سمجھي، ھنن، ڪن اصولن جي بنياد تي ھڪ ليڊر جي ماتحت ملٽري ڊسيپلين وسيلي، ماڻھن کي غلبئه اسلام واسطي منظم ڪرڻ گھريو ٿي.
    اقبالي مسلم ليگ ۽ مشرقي خاڪسار تحريڪ جي وچ ۾ بنيادي اصول ساڳيا ئي فسطائي ھئا، ليڪن منجھن تفاوت ھيٺئين قسم جا ھئا:
    (1) ڊاڪٽر اقبال جي نظر ۾ خُتني ٿيل، مسلماني نالي رکيل، مسلماني فرد سڏائيندڙ سڀ ماڻھو جداگانه مسلم قوم ھئا، جي لائق ۽ صالح ھئڻ ڪري دنيا جي رھبري ڪرڻ جا حقدار ھئا. ھن، شاعريءَ جي جذبي ھيٺ اچي، پنھنجي ئي بيان ڪيل اعتقاد ۽ عمل جي يڪسانيءَ جي اصول کي وساري ٿي ڇڏيو.
    (2) علامه مشرقي پيغام اسلام کي ڪنھن حلقي، قبيلي ۽ قوم سان وابسته ڪرڻُ روح اسلام جي خلاف سمجھي، ھر صحيح الاعتقاد، صالح عمل، خادم خلق، حسن اخلاق رکندڙ ماڻھوءَ کي مسلمان ٿي سمجھيو، ۽ تنھن ڪري سندس جماعت ظاھري طرح غير مسلمانن لاءِ به کليل ھئي. ليڪن جڏھن غلبي اسلام لاءِ سندس خيال ۽ ارادي تي نظر ٿي ڪئي ويئي، ته عملي طرح نتيجو فقط سندس پنھنجي خيال کي مڃيندڙ گروھ جي برتري وڃي ٿي بيٺي.
    (3) علامه اقبال جي پوئلڳ ليگين ظاھري طرح جمھوري طريقي تي سياسي جماعت بڻائي، ڪم ٿي ڪيو، ليڪن عملي دنيا ۾ ھنن به ھڪ جماعت، ھڪ ليڊر، ھڪ جھنڊي ۽ ھڪ نصب العين جي حاڪميت جا نعرا ھڻي، جمھوري اصولن جي مخالفت پئي ڪئي.
    (4) علامه مشرقيءَ صاف طور تي جمھوري راءِ جي عيوض ھڪ ۽ فقط ھڪ ليڊر جي حڪم جي تعميل جو پرچار ٿي ڪيو. انھن جا طريقي ڪار علحده ھئا، ليڪن سندن خيال، ارادا ۽ مقصد ساڳيا ھئا. علامه اقبال جي نظريي موجب مسلمانن جي قوم مڪمل ٿي چڪي ھئي، جنھن جو وقتي طور مثالي ليڊر جناح ھو، ۽ علامه مشرقيءَ اُنھن کي، پنھنجي ليڊريءَ ھيٺ، مڪمل ڪرڻ گھريو ٿي.
    3- علامه مودوديءَ جي جماعت اسلامي:
    مودودي صاحب جي اسلامي تشريح جا مکيه جُزا ھيٺيان ھئا:
    (1) مذھب اسلام آخري دين ۽ مڪمل قانونِ حيات ھو.
    (2) انھيءَ جا سچا مڃيندڙ اھي ھئا، جن قرآن ۽ سنت جي مطابق ڪئي ٿي.
    (3) اسلام جي تبليغ، تعليم ۽ حڪومت لاءِ صالحن جي گروھ مان ھڪ امير جي ضرورت ھئي.
    (4) مذھب ۽ سياست کي گڏي ھلائڻ ئي صحيح ھو ۽ ضروري ھو.
    (5) حڪومت کي قرآن ۽ سنت جي احڪامن پٽاندر ھلڻو ھو.
    (6) حڪومت لاءِ آئين ٺاھڻ، ۽ اُن جي تشريح ڪرڻ جو حق صرف اُنھن صالحن وٽ ھو، جن کي ھو پاڻ صالح سمجھي.
    (7) صالح ماڻھو صرف اُنھيءَ مذھبي تعليم جا ماھر ئي ٿي سگھيا ٿي، جيڪا مولانا مودوديءَ پاڻ مرتب ڪئي ھئي ۽ ڏيڻ گھري ٿي.
    (8) مختلف مسلمان ملڪن جي ماڻھن کي گڏجي، پئن اسلامزم جي بنياد تي، اسلام جي عالمي غلبي لاءِ ڪوشش ڪرڻي ھئي.
    (9) تقويٰ، خدمتِ خلق، صحيح اسلامي تعليم جي تبليغ وغيره سڀ انھن مقصدن جي حاصل ڪرڻ جا ذريعا ھئا.
    جيڪڏھن غور سان ڏسبو ته ھيءَ تحريڪ به ڦري گھري فسطائي نظريي جي ئي تحريڪ جو ھڪ روپ نظر ايندي- ماڻھن جي صالح ۽ غير صالح گروھن ۾ تقسيم، اطاعت امير، ھڪ ئي بھترين مذھب جو عقيدو، ۽ اُن جي غلبي لاءِ ھڪ جماعت، اُن مذھب جي تشريح جي اختياري صرف اُن جماعت ۽ اُن جي ليڊر وٽ محفوظ: ھي سڀ اُھي ساڳيا ئي فسطائي نظريي جا خيال ۽ اصول ھئا، جيڪي مٿن ٻن ھم مشرب شخصن ۽ جماعتن جي سلسلي ۾ بيان ڪيا ويا ھئا.
    4- ذوالفقار علي ڀٽي جي ”پيپلس پارٽي“
    ھي جماعت پاڪستان جي قيام کان پوءِ تازو وجود ۾ آئي آھي. ان جو باني ۽ ليڊر مسٽر ذوالفقار علي خان ڀٽو آھي. ھِن جماعت سان جيتوڻيڪ جمھوري، سوشلسٽ ۽ اسلامي اصول لڳايا وڃن ٿا، پر جي چتائي ڏسبو، ته اُھا جماعت به حقيقي طور تي فسطائي نظريي جي بنياد تي بيٺل نظر ايندي.
    (1) ان جو ليڊر ڀٽو صاحب تا حيات ليڊر آھي ۽ نا قابلِ تبديل آھي.
    (2) ان کي جيتوڻيڪ جمھوري ۽ عوامي جماعت جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، ليڪن ان جي پروگرام ۾ جمھوريت جي ھيٺين اصولن جو پورو انحراف ڪيو وڃي ٿو:
    (الف) اُن ۾ قومن جي حق خود اراديءَ کي رد ڪري، ھڪ غير واضح نظريي پاڪستان مطابق، سنڌي، بلوچي، پنجابي ۽ پختون قومن جي وجود کان انڪار ڪيو وڃي ٿو.
    (ب) ان ۾ تحرير، تقرير ۽ جماعت سازيءَ ۽ جماعتي عمل جي آزادي نه آھي.
    (ت) ان ۾ ھر مخالف خيال ماڻھوءَ کي دھشت ناڪيءَ ۽ تشدد وسيلي دٻايو، ھيسايو ۽ خاموش بڻايو وڃي ٿو.
    (ث) اُن ۾ ھڪ زبان ۽ ھڪ ڪلچر جو نعرو ھنيو وڃي ٿو.
    (ج) ان ۾ اسلام جي علمبرداريءَ ۽ اُن جي قانون جي تعميل جي دعويداري ڪئي وڃي ٿي. جيتوڻيڪ اسلام جي سندن پنھنجي مخصوص تشريح آھي، يعني مغربي دنيا جي فلسفي ۽ فڪر جي تتبع ۽ مطابقت واري تشريح، جنھن کي ھو جديد ۽ معقول اسلام سڏڻ جي دعويٰ ڪن ٿا.
    (د) اُن ۾ سوشلزم جي علمبرداريءَ ۽ اُن جي قانونن جي تعميل جي دعويداري ڪئي وڃي ٿي. جيتوڻيڪ سوشلزم جِي به سندن پنھنجي مخصوص تشريح آھي، جنھن کي ھو اسلامي سوشلزم سڏين ٿا، ۽ اُن ۾ مخصوص ۽ محدود پيداوار، تقسيم ۽ مٽاسٽا جي ذريعن کي قوميائڻ جو عمل ھو پنھنجي پاڻ وٽ، يعني خود استحصالي ۽ حڪمران طبقي جي پنھنجي ضابطي ۽ پنھنجي ھٿن ۾، محفوظ رکڻ گھرن ٿا. (اُن جا پارٽي عھديدار ۽ اسيمبلين جا ميمبر ۽ حڪومتي اقتدار تي قابض ۽ اختيار جا صاحب، سنڌ ۾ توڙي سنڌ کان ٻاھر، گھٽ ۾ گھٽ 95 سيڪڙو زميندار ۽ شاھوڪار طبقي جا ھئا)


    5- جمھوريت

    ھِن نظريي جا حامي قديم زماني کان ھلندا پئي آيا آھن. ليڪن چون ٿا ته اُن جي پوري تشريح ۽ عملي طرح وجود ۾ اچڻ يونانين جي دورِ حڪومت ۾ ٿيو. مغربي ملڪن اُن جي پوئلڳيءَ ۾ پنھنجي ملڪن اندر اُنھيءَ دستور کي حتي الامڪان رائج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ھِن جا به ڪيئي قسم بيان ڪيا ويا آھن. پر جيڪڏھن اُن جا مکيه اُصول بيان ڪبا ته ھيٺيان بيھندا:
    نسل، رنگ، مذھب، جنس، صحت ۽ لياقت جي فرق کان سواءِ سڀني ماڻھن کي بنيادي انساني حق حاصل رھن، جھڙوڪ:
    (الف) قاعدي اڳيان سڀني جي ھڪجھڙائي.
    (ب) تقرير ۽ تحرير جي آزادي.
    (ج) جماعت سازيءَ ۽ جلسن ۽ مظاھرن جي ازادي.
    (د) گھمي ڦري سگھڻ، ملڪيت رکڻ يا نيڪال ڪرڻ جي آزادي.
    (ھ) نوڪري، واپار ۽ ڌنڌي وغيره اختيار ڪرڻ جي آزادي، ۽ روزگار حاصل ڪرڻ جي سھولت.
    (و) مذھبي خيال کان اعتقاد ۽ عبادت جي آزادي.
    (ز) شخصي ملڪيت جي حفاظت جا حق.
    (ح) زوريءَ ڪم ڪرائڻ يا غلام رکڻ جي منع.
    (ط) ڪلچر، رسم الخط ۽ زبان جو تحفظ.
    (ي) ووٽ جو حق، وغيره.
    (ڪ) حڪومت جو ڪاروبار آزاد ووٽ ذريعي چونڊيل نمائندن جي معرفت ھلائڻ، ۽ اُنھن نمائندن جو ووٽرن وٽ جوابدار رھڻ.
    (ل) حڪومت جو غير مذھبي ھجڻ، يعني مذھبن جي سلسلي ۾ اُن جو غير جانبدار ھجڻ.
    (م) ھڪ کان وڌيڪ سياسي پارٽين جي وجود کي برداشت ڪرڻ ۽ اُن جي افاديت کي تسليم ڪرڻ.
    جمھوري حڪومتن جي عملي ڪارڪردگيءَ ۾ به ڪيئي نقص ۽ خاميون ھيون، پر اسان وٽ، جديد دور ۾، جنھن طرز ۽ صورت جو جمھوري دستور مقبول ۽ مروج رھيو آھي، اُھو برطانيه ۾ رائج دستور ۽ اُتان جي انگريز قوم کان اسان کي مليل دستور آھي، جنھن قوم جي ھِن ملڪ تي ڪافي وڏو عرصو حڪمراني ۽ بالادستي رھي آھي.
    ھيءُ مختصر احوال آھي اسان جي ملڪ تي ٻن مھاڀاري لڙاين جي وچ واري دور جي فڪري ۽ سياسي اثرن جو. ھيٺ آءٌ خاص طرح ٻي لڙائيءَ جي دور جي مکيه ليڊرن ۽ اُنھن جي مختصر ڪارگذارين جو ذڪر انھيءَ لاءِ ڪريان ٿو ته اسان جي محبِ وطن ۽ خدمت گذار طبيعت رکندڙ نوجوان ڪارڪنن کي ماضي قريب جي حالات جي خبر پوي، ۽ ھو پنھنجن خيالن ۽ عملن کي ان جي روشنيءَ ۾ پنھنجي ملڪ ۽ عوام جي ڀلائيءَ لاءِ رٿي ۽ ھلائي سگھي.

    سن، 31 مارچ 1974ع
    غلام مرتضيٰ


    فصل پھريون

    اوائلي تشريح

    جنھن وقت اسان ھتي ھندوستان ۾ آزاديءَ لاءِ جدوجھد ۽ اُن جي نتيجي ۾ وقت به وقت مليل آئيني سڌارن جا تجربا ڪري رھيا ھئاسون، ان وقت يورپ ۽ ايشيا جي مکيه ملڪن ۾ ڇا وھي واپري رھيو ھو، ان وقت انھن ڳالھين جو اسان جي ملڪي مسئلن تي ڪھڙو اثر پيو ٿي: پڙھندڙن جي معلومات لاءِ ان جو ڪجھ ذڪر ھيٺ ڪجي ٿو.
    ھندوستان دنيا جي وڏن مکيه ملڪن مان ھڪ آھي. سندس ماضي نھايت شاندار ٿي گذريو آھي. منجھس ماڻھن ۽ مال جي ڪمي نه پئي رھي آھي. اُن جي گذشته تاريخ ۾ ڪيئي لاھا چاڙھا پئي رھيا آھن. ليڪن اُن وقت ڌاري، بين الاقوامي حالات کان متاثر ٿي، انگريزي دورِ حڪومت جي عرصي ۾ خانه جنگيءَ ۽ بيروني حملن کان آزاد رھي، ھندوستان ترقيءَ جي راھ تي گامزن ٿيندو نظر آيو ٿي.
    پھرينءَ مھاڀاري لڙائيءَ وقت ھندوستانين انگريزي حڪومت جو ساٿ ڏيئي، پيسي، لشڪر ۽ سامان رسد ذريعي جرمنيءَ ۽ انھن جي ساٿين تي فتح حاصل ڪرڻ ۾ اُن جي گھڻي مدد ڪئي ھئي.
    اُنھيءَ جنگ جي پوري ٿيڻ کان پوءِ اتحادين يورپ جي ننڍين قومن کي آزادي ڏياري ھئي، ليڪن ايشيا ۽ آفريڪا ۾ سندن پنھنجي سامراج ھيٺ آيل ملڪن کي آزاد ڪرڻ لاءِ سندن ڪوبه ارادو ظاھر ڪونه ٿي ڏٺو. جنھنڪري اُنھن محڪوم ملڪن ۾ پنھنجي پنھنجي آزاديءَ لاءِ ھلچلون شروع ٿي ويل ھيون، جن کي سختيءَ سان دٻائڻ ۾ ھُنن ھر ڪا ڪوشش پئي ڪئي.
    انھيءَ وقت ۾ سامراجي ملڪن جي چنبي مان آزاد ٿيڻ لاءِ ايشيا ۽ آفريڪا جي مختلف خِطن ۾ آزاديءَ لاءِ جيڪا جدوجھد ٿي رھي ھئي ۽ اُن کي دٻائڻ لاءِ انگلنڊ، فرانس، اسپين، ھالنڊ، اٽلي وغيره سامراجي حڪومتن جيڪي طريقا اختيار ڪيا ھئا؛ خود مھاڀاري لڙائيءَ جي نتيجي ۾ دنيا جي سياسي طاقتن ۾ جيڪا تبديلي واقع ٿي ھئي؛ ۽ اتحادين شڪست کاڌل طاقتن ۽ حڪومتن سان جيڪو رويو اختيار ڪيو ھو؛ ان جي ردعمل طور دنيا ۾ ڪيترا نوان سياسي نظريا وجود ۾ آيا ھئا، جن جو ماڻھن تي گھڻي قدر اثر پوڻ لڳو ھو.
    جنگ پوري ٿيڻ کان پوءِ، شروع ۾، اتحادين لڙائيءَ جي ٿڪاوٽ ۽ ان ۾ ٿيل نقصان جي پورائيءَ لاءِ ڪجھ نرم برتاءُ اختيار ڪيو ھو. پر آھستي آھستي ٿي، ھُو پنھنجي پنھنجي تسلط ھيٺ آيل ملڪن جي عام راءِ کي ٺوڪرون ھڻي، عام دٻاءَ جا طريقا اختيار ڪرڻ لڳا ھئا.
    ليگ آف نيشنس، جيڪا نيڪ ارادن سان برپا ڪئي ويئي ھئي، تنھن کي ھو پنھنجي سامراجي مفادن لاءِ اوزار ڪري ڪتب آڻڻ لڳا ھئا. سندن اھڙيءَ روش ڪري يورپ جي شڪست کاڌل ملڪن ۾ ھڪ طرف ۽ ايشيا ۽ آفريڪا جي سندن مقبوضه ملڪن ۾ ٻئي طرف، سخت ردعمل پيدا ٿي چڪو ھو.
    دنيا کي معلوم ٿي ويو ھو ته اتحادي طاقتور بيشڪ ھئا، پر جھڙي طرح ھنن جنگ جي وقت ظاھر ڪيو ٿي ته ھي ننڍين قومن جي آزاديءَ لاءِ لڙندڙ جمھوري سرشتي حڪومت جا روح روان، دنيا ۾ امن آڻڻ جا خواھشمند، حق ۽ ايمان جا حامي ھئا؛ اُھي سندن جملي دعوائون تجربي جي آڌار تي غلط ثابت ٿيون ھيون.
    دنيا کي پتو پئجي ويو ھو ته ھُنن سامراجي طاقتن جڏھن ننڍين قومن جي آزاديءَ جو نالو ورتو ٿي، ته اُن مان سندن مقصد صرف سندن پنھنجن مخالف حڪومتن جي ماتحت قوميتون ھو. پر ايشيا ۽ آفريڪا جا ملڪ، جي خود سندن قبضي ھيٺ ھئا، انھن کي آزاد ڪرڻ جو ھنن جو ڪوبه ارادو ڪونه ھو. بلڪ انھن ملڪن ۾ ھلايل آزاديءَ جي تحريڪن کي ڪچلڻ لاءِ ھنن وسان نٿي گھٽايو.
    سندن اھڙيءَ روش ڪري دنيا ۾ سندن اخلاقي اثر گھٽجي ويو ھو. ليگ آف نيشنس، جا دنيا جي مختلف ملڪن جي وچ مان اختلافن کي باھمي گفتگوءَ ذريعي فيصل ڪرڻ جي ارادي سان قائم ڪرايل ھئي، سا سندن سياسي منصوبن جو آکاڙو بڻجي پيئي ھئي. ان ۾ جن کي وڻين ٿي، ميمبر ٿيڻ جي اجازت ڏنائون ٿي؛ جن کي پسند نٿي ڪيائون، تن کي انھيءَ جماعت جو ميمبر به ڪرڻ نٿي ڇڏيائون.
    جيتوڻيڪ عام راءِ کي راضي رکڻ لاءِ ليگ طرفان ڪي ٺھراءَ پاس ڪيا ويا ٿي، پر جي اُھي ٺھراءَ اتحادين مان ڪن جي ملڪي مفاد جي خلاف ھئا، ته انھن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ ڪابه ڪوشش ڪانه ٿي ڪئي ويئي، بلڪ ڪن حالتن ۾ اُنھن جي خلاف ورزي ڪئي ويئي ٿي.
    ليگ آف نيشنس کي عملي طرح پنھنجي ڪنھن فيصلي مڃائڻ لاءِ اڳيئي ڪوبه اختيار ڪونه ھو؛ ان جي فيصلن کي صرف عام راءِ، اخلاقي اثر ۽ اتحادين جي طاقت تي آڌار ھو. پر جڏھن خود ااتحادين ان کي حَق ۽ انصاف لاءِ ڪتب نٿي آندو، ته آھستي آھستي ٿي، عام ماڻھن ۽ ملڪن جو ان جي افاديت مان اعتبار ٽٽندو ويو. ڪي ملڪ ان کي بيڪار سمجھي، اُن مان نڪري ويا. ڪن اُن جي ڳالھين ۾ دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏني. ان وقت ڌاري ماڻھن جي عام راءِ جي ترجماني ڪندي، ڊاڪٽر شيخ محمد اقبال ليگ لاءِ ھيٺينءَ طرح اظھار خيال ڪيو ھو:
    من ازين پيش ندانم ڪه ڪفن دزد چند،
    بھرِ تقسيمِ قبور انجمني ساختند
    [ مون کي (ليگ آف نيشنس بابت) ھن کان وڌيڪ معلوم نه آھي ته رڳو قبرن جي ورھاست لاءِ ڪفن چورن ھڪ جماعت ٺاھي آھي.]
    دنيا ۾ اھڙين حالتن پيدا ٿيڻ سبب، گذريل مھاڀاريءَ لڙائيءَ ۾ يورپ جي شڪست کاڌل ملڪن ۾ بي آرامي ۽ بي چيني پيدا ٿي پيئي، ۽ اُنھن پنھنجي حالت درست ڪرڻ، وڃايل طاقت ٻيھر حاصل ڪرڻ ۽ ساڻن ٿيل ظلمن جي علاج لاءِ نئين سر منظم ٿي، ڪوششون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون. اُن کان سواءِ ايشيا ۽ آفريڪا کنڊن ۾ به اتحادين جي تسلط ھيٺ آيل ملڪن ۾ آزاديءَ لاءِ جدوجھد به تيز ٿي چڪي ھئي.
    اُنھيءَ وقت ڌاري يورپ ۽ ايشيا ۾ ڪن مکيه ليڊرن جي اڳواڻيءَ ھيٺ نيون تحريڪون شروع ٿيون ھيون، جن ماڻھن کي خاص نظرين، مقصدن ۽ پروگرامن مطابق منظم ڪري، طاقت ۾ آڻڻ گھريو ٿي.
    اِھو سوال جدا آھي ته قومن جي بيداريءَ ۽ اُنھن جي طاقتور بڻجڻ جو مکيه ڪارڻ ليڊر ٿين ٿا، يا جڏھن ڪن خاص حالتن ھيٺ ڪي قومون بيدار ٿي، پنھنجن حَقن جي حفاظت لاءِ تيار ٿيڻ ٿيون، ته اُنھن جي رھبريءَ لاءِ، حالتن جي تقاضا ڪري، ڪي قابل ماڻھو پيدا ٿي اچيو سندن اڳواڻيءَ جون واڳون وٺن. بھرحال اِھا حقيقت آھي ته جڏھن باھ لڳڻ لاءِ مواد ڪٺو ٿئي ٿو، ته ڪونه ڪو اچيو ان کي تيلي لڳائڻ جو ڪم سرانجام ڪري.
    ھي سمورو دؤر(1918ع – 1939ع) دنيا جي مکيه ليڊرن، اُنھن جي تحريڪن ۽ اُنھن جي رد عمل ۽ عام تصادم ڪري، ٻيءَ مھاڀاري لڙائيءَ لڳڻ جي سببن ۽ واقعن سان ڀريو پيو آھي. تنھنڪري بين الاقوامي حالتن کي پوريءَ طرح سمجھڻ لاءِ دنيا جي مکيه ملڪن، اُنھن ۾ پيدا ٿيل تحريڪن ۽ انھن جي مکيه اڳواڻن جو سمجھڻ ضروري ٿيو پوي. ان ڪري يورپ ۽ ايشيا جي چند مکيه اڳواڻن ۽ سندن خيالن ۽ ڪارنامن جو مختصر احوال ھيٺ ڏيان ٿو.



    فصل ٻيون

    جرمني- ھٽلر

    يـورپ
    1- جرمني
    پھرين مھاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ يورپ جي گھڻن ملڪن جي مالي حالت خراب ٿي ويئي ھئي. ڪيترن ملڪن اندر، پارٽيبازيءَ ڪري، اندروني انتظام خراب ٿي چڪو ھو. جمھوري سرشتي حڪومت ۽ سرمائيداري نظام کي ناڪام سمجھي، رد عمل طور، انھن جي خلاف ھر ھنڌ ڪوششون شروع ٿي ويون ھيون. نتيجي طور اُتان جي ڪن مکيه ماڻھن ۽ فڪري دنيا جي سربراھن، اُنھن خرابين کي دور ڪرڻ لاءِ، آمرانه يا آپيخاني (Totalitarian) طريقي حڪومت رائج ڪرڻ ۾ حل ٿي ڄاتو، ۽ ڪن وري روس ۾ قائم ٿيل ڪميونسٽ نظام موجب سوشل انقلاب آڻي، پنھنجي پنھنجي ملڪ جي عوام جي حالت کي بھتر بڻائڻ ضروري ٿي سمجھيو.
    جرمنيءَ، لڙائيءَ ۾ شڪست کائڻ ڪري، گھڻو نقصان سَٺو ھو. ويتر جو اُن تي جنگي تاوان رکيا ويا، سندس اندروني آزاديءَ تي پابنديون وڌيون ويون ۽ ڪي اُن جي ملڪي اراضيءَ جا ٽڪرا فرانس جي حوالي ڪيا ويا ھئا، تن جرمن جھڙيءَ غيرتمند قوم ۾ شديد ردعمل پيدا ڪري ڇڏيو ھو.
    نتيجي طور، اُن وقت جرمنيءَ ۾ اڪثر ماڻھو، سوشلزم جي نظريي ۾ پنھنجي نجات ڄاڻي، ملڪ کي اُنھيءَ پٽاندر ھلائڻ جا طرفدار بڻبا ويا. ڪن خاص ماڻھن وري جرمن نئشنلزم (قومپرستيءَ) جي آڌار تي، سڄيءَ جرمن قوم کي متحد ۽ منظم ڪرڻ گھريو ٿي. جرمن قوم جي راءِ اِنھن ٻن رجحانن جي وچ ۾ ورھايل ھئي. اُن جا غريب ماڻھو گذريل موتمار جنگ ۽ اُن کان پوءِ جي پيدا ٿيل حالتن کان متاثر ٿي، ڪميونزم طرف مائل ٿيڻ لڳا ھئا. سرنديءَ وارن کي ڪميونزم مان خطرو ھو، تن ملڪ کي طبقاتي تصادم ۾ ڦاسائڻ جي عيوض ماڻھن کي جرمن قوم جي نالي ۾ منظم ڪري، ملڪ کي طاقتور بڻائڻ گھريو ٿي.
    عين انھيءَ موقعي تي جرمن قوم ۾ ھڪ اھڙو ماڻھو پيدا ٿيو، جنھن ملڪ جي ٻنھي گروھن کي گڏي، ھڪ جاءِ تي آڻڻ جي تحريڪ ھلائي، ۽ نيشنل سوشلزم (قومي سماج واد) جي بنيادن تي ھڪ پارٽي ٺاھي، ڪم ڪرڻ شروع ڪيو- جا، اڳتي ھلي، ”نازي پارٽي“ نالي سان سڏجڻ لڳي. اُن ماڻھوءَ جو نالو ”ھٽلر“ ھو. اُنھيءَ تحريڪ کي ”نازي ازم“، يا اٽليءَ ۾ مسولنيءَ نالي اھڙي ئي ھڪ اڳواڻ طرفان اٿاريل قومي بحاليءَ جي تحريڪ جي نالي پٺيان ”فاشزم“ يا فسطائيت جو نالو ڏنو ويو. ھٽلر ھڪ ڪتاب ”مئن ڪئمف“ نالي لکيو، جنھن ۾ ھن پنھنجي قومي سماج واد تحريڪ جا مقصد ۽ پروگرام پيش ڪيا.
    ھٽلر جي اُن ھلچل جا نتيجا ڪھڙا نڪتا، انھن جي بيان ڪرڻ کان اڳ ھٽلر جي شخصي زندگيءَ بابت احوال ڏيڻ ضروري ٿو سمجھان.

    ھٽلر ۽ سندس زندگيءَ جو احوال
    ھن شخص جو اصلي نالو اَڊولف ۽ پٽ اَليوس جو ھو. سندس ” سرنيم“ يا گھراڻي جو نالو ھٽلر ھو. سندس پيءُ اَليوس آسٽريا جي ڳوٺ ”برانو“ ۾ رھندڙ ھو ۽ موچڪو ڌنڌو ڪندو ھو. ھن ٽي شاديون ڪيون ھيون. سندس ٽيءَ زال جو نالو ”ڪَلرا پوزيل“ ھو، جنھن مان کيس 30 اپريل 1889ع ۾ اَڊولف ھٽلر پيدا ٿيو. اَڊولف 21 سالن جي عمر تائين اُنھيءَ ڳوٺ ۾ رھندو آيو. تعليم به اتي ئي ورتائين. ان کان پوءِ ھو جرمنيءَ جي ميونچ شھر ۾ رازڪو ڪم ڪرڻ لڳو. روز جي ڪم کان واندو ٿيڻ کان پوءِ ھيءُ ڪتابن جو مطالعو ڪندو ھو ۽ ملڪي سياست جي ڪمن ۾ دلچسپي وٺندو ھو. ٿوري وقت کان پوءِ ھيءُ جرمن فوج جي نوڪريءَ ۾ گھڙيو.
    پھرينءَ مھاڀاري لڙائيءَ ۾ ھن جرمنيءَ طرفان جنگ ۾ پوريءَ سرجوشيءَ سان بھرو ورتو. ليڪن باوجود بھترين لشڪر، عمدن ھٿيارن ۽ پورين تيارين جي، جرمنيءَ ۽ ان جي ساٿي ملڪن ۽ ترڪيءَ جي حڪومتن کي جنگ ۾ شڪست ملي. ان ڪري ھر محبِ وطن جرمن کي ارمان ۽ پشيماني پيدا ٿي. ويتر ورسيلز جي عھدنامي ھنن جي حالت ابتر بڻائي ڇڏي. جنگ ۾ شڪست کائڻ جي سببن معلوم ڪرڻ ۽ وڃايل طاقت ۽ وقار کي وري ھٿ ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ جرمن قوم جا وطن دوست غور ۽ فڪر ڪرڻ لڳا.
    ھٽلر به نوڪري ڇڏي ڏني، ۽ اُنھيءَ مسئلي تي سوچ ويچار ڪندي ڪندي، ھو ڪن خاص نتيجن تي پھتو. ھن کي جرمن قوم جي ابتريءَ ۽ شڪست جا ٻه ڪارڻ ڏسڻ ۾ آيا:
    (1) ھن پھرين ته جمھوري سرشتي حڪومت کي اُن لاءِ جوابدار ٺھرايو، جنھن، ھن جي راءِ مطابق، پارٽي بازيءَ جي اختلافن ڪري، سڄو قومي شيرازو بگاڙي ۽ ڪمزور ڪري ڇڏيو ھو.
    (2) ٻيو ڪارڻ جرمن قوم جي ابتريءَ ۽ ڪمزوريءَ جو ھن جي نظر ۾ ھيءُ آيو ته جرمنن جي دل ۽ دماغ تان پنھنجي جرمن قوميت جي عصبيت جو اثر گھٽجي ويو ھو، ۽ ان لاءِ ھُن يھودين کي مکيه ڏوھي ۽ جوابدار ٿي سمجھيو.
    ھن جي خيال موجب يھوديت ھڪ خاص نظريي جي حامل ھئي، جنھن نسل، جاگرافيائي حدن جي وطن ۽ اُن جي ڪلچر، زبان ۽ اقتصادي مفاد جي بنياد تي ھزارن ورھين جي تاريخي ارتقا جي ذريعي بڻيل قومن جي وجود کي ختم ڪري، قومن جو وجود ڪن خيالي نظرين، جذبن ۽ مذھبي عقيدن جي بنياد تي قائم ڪيو ھو، ۽ اِئين جديد نئشنلزم (قوميت) جي شيرازي ۽ عصبيت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو ھو. ھن جو خيال ھو ته جرمن قوم ۾ قومي عصبيت گھٽ ٿي ويئي ھئي، سا به اُن يھوديت جي اثر ڪري ۽ اُن جي سازشي ڪوشش سبب، ۽ اُن ئي کين ڪمزور ڪري ڇڏيو ھو. آسپاس وارين ڪيترين قومن کي گھڻن ئي ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن تي تسلط ھو. ليڪن جرمن قوم جڏھن به پنھنجي ترقيءَ ۽ اقتدار لاءِ ڪوشش ٿي ڪئي، ته ان جي راھ ۾ رڪاوٽون وڌيون ٿي ويئون، ۽ اُنھن رڪاوٽن کي مذھب، جمھوريت ۽ ڪميونزم جي نظرين جي نالن ۾ ۽ انھن جي مدد سان مضبوط ڪيو ٿي ويو، جن ٽنھي نظرين کي ھُن يھوديت جي پيداوار ٿي سمجھيو.
    جوش ۽ مصيبت جي حالت ۾ دماغي توازن ٺيڪ نٿو رھي. ھٽلر کي به اُن وقت ڏسڻ ۾ آيو ته اُھي سڀ ڳالھيون سيميٽڪ (سامي) تخيل جو نتيجو ھيون. جمھوريت ۾ ھن کي مادي ۽ ذھني قوت تي تعداد جي تفوق ۽ آڪرائي جو راز لڪل نظر آيو. ڪميونزم ۾ به ساڳي اُھا ڳالھ ۽ پڻ قوم پرستيءَ جي دشمن نظر آيس. دنيا جي مکيه مذھبن، ڪرسچئنٽي ۽ اسلام، کي ھن يھوديت جي پيداوار ٿي ڄاتو. انھن سڀني جي فروغ ۾ ھن کي قوميت جو موت ٿي نظر آيو. جھڙيءَ طرح ڊاڪٽر اقبال کي وطنيت ۾ (جا ساڳئي وقت قوميت به آھي) مذھبن جو موت ٿي نظر آيو، اھڙيءَ طرح ھٽلر وري مذھبن کي قوميت جو (جا ساڳئي وقت وطنيت نه آھي) دشمن ٿي ڄاتو.
    حقيقت ۾ مذھب (دين) توڙي قوميت، جڏھن مطلق حق ۽ فوقيت جا نعرا ھڻي سامھون اچن ٿا، تڏھن اُھي ٻيئي سامراج جا ھٿيار بڻجي ڪم ڪن ٿا. مذھب جو مطلق حق ذھني سامراج ھو ۽ وطن يا قوم جو غير محدود ۽ غير مشروط تفوق مادي سامراج ھو.
    نظرياتي بنيادن تي بين الاقوامي خيالن جي پرچار ۾ يھودين کي اڳرو ڏسي، انھن جو مخالف ٿي بيٺو ھو. اھڙيءَ طرح ھن جمھوري نظام کي به جرمن قوم ۾ انتشار ۽ ڪمزوري پيدا ڪرڻ لاءِ جوابدار ٿي سمجھيو.
    اِئين ته قديم يونان جي زماني کان وٺي جمھوريت ۽ آمريت جي نظرين تي سياسي مفڪر رايا ظاھر ڪندا پئي آيا آھن، ليڪن ھر ملڪ ۾ آمرانه يا جمھوري حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ وقتي ماحول ۽ مڪاني حالتون جوابدار ٿين ٿيون.
    جرمنيءَ ۾ جمھوريت جي خلاف ھٽلر جي نازي تحريڪ جي زور وٺڻ لاءِ ھيٺيان ڪارڻ شمار ڪري سگھجن ٿا.
    (1) جرمن قوم مان اڃا قبيلائي عصبيت گھٽ ڪانه ٿي ھئي.
    (2) گھڻي وقت کان جرمن قوم کي، اڳرائيءَ واري قومپرستيءَ (قومي تفوق يا غلبي) جي تعليم ۽ تربيت ذريعي جنگجو بڻايو ويو ھو.
    (3) پھرينءَ مھاڀاري لڙائيءَ ۾ شڪست کائڻ ۽ ناجائز صلح جي شرطن ڪري، جرمن قوم ۾ غيرت ۽ انتقام وارو ردعمل پيدا ٿيو ھو.
    جنگ کان پوءِ مٿين ڳالھين کان متاثر ٿي، ھٽلر، نوڪري ڇڏي، قوم جي وڃايل طاقت ھٿ ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳو. ھن نئشنل سوشلسٽ (قومي سماج واد) پارٽي ٺاھي، ھڪ اخبار ذريعي ان جا مقصد ۽ پروگرام پکيڙڻ شروع ڪيا؛ اُن ۾ ھن جمھوري سرشتي حڪومت کي ملڪ لاءِ نقصانڪار ھئڻ جو پرچار ڪيو، ۽ جنگي عھدنامن کي رد ڪرڻ لاءِ پروپيگنڊا شروع ڪئي.
    ابتدا ۾ ھو سوشلزم ذريعي مڪمل اقتصادي انقلاب آڻڻ طرف زياده مائل ھو، ۽ عام ماڻھن کي اُنھيءَ ئي آسري ۽ آڌار تي ڪَٺو ڪرڻ شروع ڪيائين. پر اڳتي ھلي ھن کي محسوس ٿيو ته ملڪ ۾ شاھوڪار طبقو به ڪافي اثر رکندڙ ھو. انھن جي مدد کان سواءِ ساريءَ جرمن قوم کي ھڪ جاءِ تي متحد ۽ منظم ڪرڻ ڏکيو سوال ھو. تنھنڪري انھن جي ھمدردي حاصل ڪرڻ لاءِ ھن نئشنلزم (قوميت) جي ڳالھ کي ترجيح ڏيئي، سوشلزم کي ڪميونزم کان علحده نه ڄاڻي، جرمن قوم کي پنھنجين وڃايل ڪالونين ھٿ ڪرڻ ۾ طاقتور بڻائڻ لاءِ، آريا نسل جي بنياد تي منظم ڪرڻ شروع ڪيو.
    ھن 1923ع کان پنھنجي اِنھن خيالن جي آڌار تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. سنه 1930ع ڌاري سندس پارٽي زور وٺي ويئي، جنھن ۾ ڪيئي لک ميمبر شامل ٿي ويا.
    1932ع ۾ جڏھن پريزيڊنٽ جي چونڊ ٿي، ته ھن جي ڌُر کي ڏيڍ ڪروڙ ووٽ مليا. ان ڪري ھن کي وزارت ۾ شرڪت لاءِ دعوت ڏني ويئي؛ ليڪن ھن مستقبل کي خيال ۾ رکي، ان ۾ شريڪ ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
    ان کان پوءِ 30 جنوري 1933ع تي چانسلر سليشر جي جاءِ تي ھو جرمن قوم جو چانسلر مقرر ٿيو. سِگھو ئي جرمن پارليامينٽ، جا 'ريچسٽئگ ' سڏبي ھئي، ھن کي چئن سالن لاءِ ڊڪٽيٽري اختيار ڏنا.
    اھڙيءَ طرح طاقت ۾ اچڻ کان پوءِ ھن ھر انھيءَ شيءِ کي، جا سندس مقصدن ۽ اقتدار جي سامھون ھن کي رڪاوٽ ڏسڻ ۾ آئي، بيدرديءَ سان ڪچلڻ شروع ڪيو. پريس تي ضابطو رکيائين. مخالفن کي سزائون ڏنائين. 1934ع ۾ خود پنھنجيءَ پارٽيءَ ۾ جيڪي رقيب نظر آيس، تن کي قتل ڪرائي ڇڏيائين. ھن جلد ئي يھودين کي تنگ ڪري، ملڪ ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو، ۽ اُن لڏ پلاڻ ۾ ڪيترا جرمن يھودي ختم ٿي ويا.
    ھٽلر غير معمولي صلاحيتن جو مالڪ ھو. ساري عمر شادي نه ڪيائين. چي، سندس معشوق ملڪ جي خدمت ھئي، عورت اُن جي جاءِ وٺي نٿي سگھي. گوشت نه کائيندو ھو. شراب پيئڻ کان پري ھوندو ھو. زالن جي صحبت طرف مائل نه ھو. پيسي سان ڪابه رغبت نه ھوندي ھيس. ڪم ڪرڻ کان جڏھن واندو ٿيندو ھو، ته اڪيلائيءَ ۾ غور ۽ فڪر ۾ گذاريندو ھو. سواءِ مخصوص ماڻھن جي، عام سان گھاٽو نه ٿيندو ھو. شخصي دوست ڇِٽا ھوندا ھئس.
    ابتدا ۾ ھيءُ رومن ڪيٿولڪ مذھب جو پوئلڳ ھو. پر جڏھن طاقت ۾ آيو، ته جرمن قومپرستيءَ جي راھ ۾ مذھب کي رڪاوٽ ڄاڻي، اُن کان ٽھڻ ۽ متنفر ٿيڻ لڳو.
    ھيُ ھڪ يڪ خيالو ۽ يڪ دليو انسان ھو. ھن جي ڪم جا طريقا ۽ رٿائون بدلبيون رھنديون ھيون پر ھن جا بنيادي مقصد ڪڏھن به نه بدليا ھئا- جيڪي ھر حالت ۾ ھڪ مضبوط ۽ طاقتور جرمنيءَ جي پيدا ڪرڻ لاءِ مخصوص ۽ وقف ھوندا ھئا. ان پنھنجي منزل جي حصول لاءِ ھُو ھر قسم جي ابن الوقتيءَ ۽ ڦيرين گھيرين وغيره کان به نه ھٻڪندو ھو. بنيادي مقصد بھرحال ھر صورت ۾ ۽ ھر وقت سامھون ھوندو ھوس.
    ھو باھمت ۽ مضبوط ارادي جو مالڪ ھو. جيئن ڪم گھڻو ٿيندو ھوس يا سندس راھ ۾ رڪاوٽون پونديون ھيون، تيئن سندس ارادي جي قوت ۽ عمل جو جذبو زور وٺندو ھو.
    ھو ملٽريءَ ۾ رھي چڪو ھو، ان ڪري نظام ۽ ضابطي جو ماھر ھو. ٿوري وقت اندر ساٿين جي مدد سان، نمائشي طريقن ۽ سخت پروپيگنڊا ذريعي، ھن جرمن قوم جي ڪثرت تعداد ماڻھن کي، جوش ۽ نفرت جي لھر ۾ لوڙھي، فڪر ۽ سمجھ کان موڙي، جرمن قوم جي عظمت لاءِ، نسلي بنياد تي منظم ڪري ورتو.
    ھن پنھنجن ماڻھن کي قومي وقار حاصل ڪرڻ لاءِ جوش ڏياريو ۽ اُنھن جي غيرت کي للڪاريو، ۽ جرمنيءَ جي سمورين بي غيرتين ۽ ڪمزورين لاءِ يھودين کي جوابدار ٺھرائي، اُنھن لاءِ جرمن قوم جي دلين ۾ نفرت جا آڙاھ ٻاري ڇڏيا.اھي ٻيئي ھن جا نسخا جرمن قوم ۾ عارضي اتحاد ۽ جوش پيدا ڪرڻ لاءِ نھايت ڪارآمد ثابت ٿيا.
    ھن جي سامھون جرمن قوم ۽ ملڪ جو مفاد، جيئن ھُن اُن کي سمجھيو ٿي، سڀ کان بالا ھو. انھيءَ راھ ۾ ھن مذھب ۽ ڪميونزم جي نظرين کي رڪاوٽ ٿي سمجھيو. ھن جي نظر ۾ ھيءَ ڳالھ به آئي ته اُن وقت دنيا ۾ يھودي قوم ئي ھئي، جا ٻين ملڪن ۾ رھي به مذھب جي بنياد تي پنھنجو قومي وجود قائم رکيو آھي.
    ھن جي عملي سياست جي تجربي ھن کي ذھن نشين ڪرايو ھو ته بين الاقوامي مفاد جو وجود عملي دنيا ۾ عدم پيدا ھو. ”ھاٿيءَ جا ڏند کائڻ لاءِ ھڪڙا ۽ ڏيکارڻ جا ٻيا.“ اُن وانگر جن ماڻھن اھڙيون ڳالھيون ڪيون ٿي، تن جو عمل ان جي مخالف ھو. عملي دنيا ۾ ھر ڪا قوم ۽ ھر ڪو ملڪ پنھنجي پنھنجي ترقيءَ ۽ اقتدار لاءِ ڪوشان ھو.
    ھن ڏٺو ٿي ته جرمني، جديد علم، ھنر، جنگي طاقت ۽ تعداد ۾ زياده ھجڻ جي باوجود، ڪن نظرين جي پرچار ڪري، ڪمزور ٿي ويئي ھئي ۽ ڪمزور بڻائي ويئي ھئي. جيڪڏھن ننڍين قومن جي آزاديءَ جو اصول حق ۽ انصاف وارو ھو، ته پوءِ انگلنڊ، فرانس، ھالنڊ، پورچوگال وغيره ملڪن جي ماتحت ملڪن کي ڇو نه ٿي آزادي ڏني ويئي!
    ھن بين الاقوامي جماعت جي وجود ۽ ننڍن ملڪن جي آزاديءَ جي اھڙيءَ گفتگوءَ کي صرف جرمن قوم کي طاقت کان ٻاھر ۽ ڪمزور رکڻ لاءِ ڌوڪو ٿي سمجھيو. تنھن ڪري ھن پنھنجي مخالف سامراجي طاقتن کي صاف ۽ ظاھر ظھور چئي ڏنو ته اوھان چئو ھڪ ڳالھ ٿا ۽ ڪريو ٻي ڳالھ ٿا؛ اسين، جا ڳالھ ڪرڻ گھرون ٿا، اُن کي لڪائڻ مناسب نٿا ڄاڻون.
    ھٽلر پنھنجي مخالفن جي عقلي چالبازين جي ڦندي کان قوم کي بچائڻ ۽ اُن کي خيال ۽ عمل جي دنيا ۾ چست ۽ چوبند رکڻ لاءِ، خوف ۽ نفرت جا ذريعا ڪارآمد سمجھيا.
    اُن سموري ڪم ۾ جرمن قوم جا بھترين دماغ ساڻس شريڪِ ڪار ھئا، جن ۾ به سندس مکيه ساٿي ٽي ماڻھو ھئا- جنرل گوئرنگ، ڊاڪٽر گوبلس ۽ ڊاڪٽر شاخت. جنھن صورت ۾ ٿوري عرصي اندر جرمنيءَ کي طاقتور بڻائي، سڄيءَ دنيا کي ٿرٿلي ۾ وجھي ڇڏڻ جو جوابدار انھن کي به بڻايو وڃي ٿو، ان ڪري اُنھن ٽن جو مختصر احوال به ھيٺ ڏجي ٿو.


    جنرل گوئرنگ

    ھيءُ جرمنيءَ جي بئويريا صوبي جي ڳوٺ روزنھيم ۾ 12 جنوري 1893ع تي ڄائو ھو. ھن جو پيءَ ڏکڻ الھندي آفريڪا جي جرمن ڪالونيءَ ۾ گورنر جنرل ھو. اھڙيءَ طرح وڏي بيٺل خاندان جي فرد ھئڻ سبب، ھيءُ بھترين تعليم حاصل ڪري، 21 سالن جي عمر ۾، جرمن فوج جي ھوائي جھازن واري شعبي ۾ نوڪريءَ ۾ گھڙيو. اُتي ھو 1915ع ڌاري اسڪواڊرن ليڊر ٿيو. پھرينءَ مھاڀاري لڙائيءَ جي وقت ھن مخالفن جا ٽيويھ (23) ھوائي جھاز ڪيرايا ھئا، جنھن ڪري ھن کي وڏو تمغو انعام مليو ھو.
    جنگ پوري ٿيڻ کان پوءِ اتحادين جيڪي شرط جرمنن تي مڙھيا ھئا، انھن ۾ ھڪ اُھو به ھو ته گوئرنگ جي ھوائي جھازن جي اسڪواڊرن کي زوريءَ تباھ ڪرايو ويو ھو. ان جو ھن کي سخت صدمو ھو. اُن ڏينھن کان ھن فيصلو ڪيو ھو ته اُن بيعزتيءَ ۽ ظلم جو ھڪ ڏينھن ھو ضرور انتقام وٺندو.
    ان کان پوءِ جرمنيءَ ۾ حالتون رھڻ جي لائق نه ڏسي، ھن سئيڊن وڃي، ھوائي جھازن جي ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪئي. اُتي ھڪ خاندان گھر جي عورت بئرونيس ڪرينفاڪ سان شادي ڪيائين. سڄو وقت ان سان وفادار رھندو آيو. اُن جي انتقال بعد ٻي شادي ڪيائين. جڏھن جرمنيءَ ۾ قومي ھلچل زور ورتو، ته ھيءُ موٽي ملڪ آيو ۽ ھٽلر جو دست راست ٿي، ڪم ڪرڻ لڳو، ۽ نيٺ سندس جنگي صلاحڪار بڻجي ويو. عمدين ڊريسن پھرڻ، سٺي کاڌي کائڻ، نمائشي زندگي گزارڻ سان خاص دلچسپي ھيس.
    ھن جرمنيءَ جي ھوائي ٻيڙي کي خاص طرح زور وٺايو. جنگي فن ۾ خاص مھارت ھيس.
    سندس حملا اھڙا رٿائتا ۽ مؤثر ھوندا ھئا، جو ٿوري وقت اندر وڏيون طاقتور فوجون، جرمن حملي جو تاب جھلي نه سگھنديون ھيون.
    ھزارھا ھوائي جھازن، ٽئنڪن، ھٿياربند گاڏين، موٽر سائيڪل دستن ۽ جديد ھٿيارن سان دشمن تي اچانڪ ۽ ڀرپور حملو ڪندو ھو. آسٽريليا، زيڪوسلويڪيا، بيلجم، ھالنڊ، پولينڊ ۽ فرانس تي انھيءَ طوفاني ڀرپور حملن واري طريقي سان ئي ھُن ٿوري ٿوري عرصي ۾ تسلط ڄمائي ورتو. انگريزن کي ڊنڪرڪ واريءَ شڪست ڏيڻ جو به ھن جي سِر تي سھرو ھو.
    جيڪڏھن ھٽلر بھترين جرمن ليڊر ثابت ٿيو ته گوئرنگ بھترين فوجي سپھ سالار ھو. گوئرنگ پنھنجي معجزي جھڙين جنگي ڪاميابين سان، جرمن فوج تي بنھ جادو ڪري ڇڏيو، ۽ ھو انڌاڌنڌ سندس پٺيان ھلندا ھئا. گوئرنگ جي جرمن لشڪر ۽ ھٿيارن جو ساريءَ دنيا تي ڌاڪو ويٺل ھو.


    ڊاڪٽر گوبلس

    ھيءُ جرمنيءَ جي رائين لنڊ علائقي ۾ 1897ع ۾ ڄائو ھو. ھن ھيڊلبرگ يونيورسٽيءَ مان علم ۽ فلسفي ۾ ڊاڪٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪئي. ھو ھڪ اسڪول ماستر جو پٽ ھو. ھن ڪيترا ڪتاب لکيا ھئا ۽ وڏو اديب ھو.
    پھرينءَ مھاڀاريءَ لڙائيءَ ۾ جرمنيءَ کي شڪست اچڻ تي جن جرمن محب وطنن کي صدمو پھتو، انھن مان ھيءُ به ھڪ ھو. ان ڪري 1922ع ڌاري ميونچ ۾ جڏھن نازي پارٽيءَ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، ته ھيءُ اُن ۾ شامل ٿيو ۽ ھڪدم پارٽيءَ جي مکيه تقرير ڪندڙن ۾ شمار ٿيڻ لڳو.
    سحربيانيءَ ۾ ھٽلر کان پوءِ ٻيو نمبر ھيءُ ھو. صحافت ۾ خاص لياقت ھيس. ان ڪري اڳتي ھلي کيس برلن ۾ ' انگرف ' نالي اخبار ذريعي پارٽيءَ تنظيم ۽ پروپيگنڊا جو ڪم سپرد ڪيو ويو، جنھن ۾ ھن نھايت ھوشياريءَ ۽ اورچائيءَ سان ڪم ڪيو.
    پارٽيءَ جي طاقت ۾ اچڻ تي پارٽيءَ ۽ سرڪار جي پروپيگنڊا ۽ نشر و اشاعت جي چارج ھن جي حوالي ڪئي ويئي. اُن ۾ ھن پاڻ کي نھايت ڪامياب ثابت ڪيو. ھن جو چوڻ ھو ته پروپيگنڊا جو مکيه مقصد عوام جي دلين کي ھٿ ڪرڻ ھو. ۽ انھيءَ مقصد جي حصول لاءِ صحيح يا غلط طريقن جي خيال ڪرڻ جي ڪا ضرورت ڪانه ھئي.
    ھو چوندو ھو ته ”عوام جا حافظا تمام ڪمزور آھن ۽ ھو ھرو ڀرو ڳالھ جي تھ ۾ وڃڻ جا عادي به نه آھن. جيڪڏھن صفا بي بنياد ڳالھ به ڏھ ڀيرا دھرائي، سندن اڳيان پيش ڪبي، ته اُن کي ھو مڃڻ لڳندا.“
    ھن جي عملي پاليسيءَ لاءِ اختيار ڪيل نقطن مان ھڪ اھو به ھو ته جرمن قوم جي ترقيءَ لاءِ ڪتاب ۽ تلوار (پروپيگنڊا ۽ ملٽري طاقت) ضروري ڳالھيون ھيون.
    اِھو ساڳيو نظريو ملا واري اسلام جو به مکيه نقطو پئي رھيو آھي. ھُن ملن کان اھو سبق سکيو ھو، يا موجوده وقت جا ملا ھن جي ڪاپي ٿا ڪن، تنھن جو پتو پوڻ مشڪل آھي. ملو به قرآن ۽ تلوار کي اسلام پکيڙڻ لاءِ ضروري شيون سمجھي ٿو. جھاد جو نظريو به اُنھيءَ نقطي نگاھ جو جزو آھي. ان ڪري بعضي ماڻھو اِنھيءَ راءِ جا آھن ته تعصبي مذھب جو اِھو نقطي نگاھ ۽ فاشزم ساڳي ڳالھ آھي.
    ھن جو چوڻ ھو ته آمرانه حڪومت جو مکيه اصول اھو ھئڻ گھرجي ته سڄيءَ پريس تي حڪومت جو ضابطو ھئڻ گھرجي.ان ڪري ھن اھو طريقو اختيار ڪيو ھو ته اخبارن ۾ جيڪي به لکڻ ۾ اچي، سو حڪومت جي اجازت ۽ اشاري سان ئي لکجي.
    ھن سندس پروپيگنڊا جا مکيه مقصد ھيٺيان مقرر ڪيا ھئا؛
    1- جمھوريت کي جرمن مفاد لاءِ نقصانڪار ثابت ڪرڻ.
    2- جرمن قوم ۾ يھودين لاءِ نفرت پيدا ڪرڻ.
    3- جرمن قوم جي عظمت، صلاحيت ۽ برتري بيان ڪرڻ.
    4- خوف ۽ نفرت جي بنياد تي جرمن قوم ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ.
    اھا پروپيگنڊا ھن اھڙي نموني ڪئي، جو ساريءَ قوم تي جادو ٿي ويو، ۽ ھو نازي اڳواڻن جي ھر ڳالھ کي صحيح ۽ فائديمند سمجھي، اکيون پوريو سندن پٺيان ھلڻ لڳا، ۽ ھلندا رھيا.
    اڄ به اڪثر حڪومتون ڊاڪٽر گوبلس جي سيکاريل اِنھن طريقن مان فائدو وٺي رھيون آھن.


    ڊاڪٽر شاخت

    ھيءُ جرمنيءَ جي صوبي سليوگ جي تنگلف شھر ۾ جنوري 1877ع تي ڄائو ھو. ھيءُ ڊين نسل مان ھو. سندس اصل نالو ' جالما ھوريس گريلي شاخت ' ھو.
    ھن جرمنيءَ جي مختلف يونيورسٽين ۾ تعليم وٺي، فلسفي جي علم ۾ ڊاڪٽريءَ جي سند ورتي. سگھوئي ھو ڊريسڊنير بئنڪ ۾ ڪلارڪ طور نوڪريءَ ۾ گھڙيو، جتي آھستي آھستي ترقي ڪري، 1908ع ڌاري ڊيپوٽي ڊائريڪٽر ٿي ويو.
    1923ع ۾ ھن کي ڪرنسي (ضربخاني) جو ڪمشنر ڪري، سرڪاري نوڪريءَ ۾ رکيو ويو. اُتي ھن جرمن مارڪ جو مُلھ رينٽمارڪ ايجاد ڪرڻ سان بچائي ورتو، جنھن ڪري جرمن سِڪو ۽ اُن سان گڏ سڄي جرمن خزاني جي حالت سڌري ويئي. اُنھيءَ خدمت جي صلي ۾ کيس جرمن اسٽيٽ بئنڪ جو پريزيڊنٽ مقرر ڪيو ويو، جتي ھو 1930ع تائين ڪم ڪندو رھيو.
    ان کان پوءِ نازي تحريڪ زور وٺي، طاقت ۾ آئي، ته ھيءُ اُن جو مکيه رڪن ٿي ڪم ڪرڻ لڳو.
    ٻيءَ مھاڀاري لڙائيءَ جي وقت کان اڳ ۽ جنگ جي عرصي ۾ جڏھن جرمنيءَ کي جنگ جي تيارين لاءِ گھڻي پيسي يا سامان جي ضرورت ھئي ۽ يورپ جا اڪثر شاھوڪار ملڪ ساڻن تعاون ڪرڻ جي خلاف ھئا ۽ ھنن جون واھون بند ٿيل ھيون، تڏھن ھن شخص جرمنيءَ جي مالي حالت کي اھڙو محفوظ رکيو ۽ مضبوط ڪري بيھاريو، جنھن جو مثال ملڻ مشڪل ھو. ان کي اقتصاديات جي دنيا ۾ ”شاخت جي ڪرامت“ چيو وڃي ٿو. ھن ڪچي مال جي مٽاسٽا (بارٽر) ذريعي واپار ڪرڻ، مھانگو وٺي سستي اگھ تي وڪڻڻ، قرض کڻي ھنر ۽ واپار کي زور وٺائڻ، قرض وارن کي چوڻ ته قرض ڏيئي ڪين سگھندس جيستائين مون کان خريد نه ڪندؤ وغيره، طريقن جي ايجاد ڪئي، جن جي اڄ تائين اڪثر مالي ماھر پوئلڳي ڪري رھيا آھن.
    مٿين چئن جرمن اڳواڻن جي مختصر احوال پيش ڪرڻ کان پوءِ، ھاڻ آءٌ نازي دؤر حڪومت ۽ ٻي مھاڀاريءَ لڙائي جي آخر تائين جرمن سياست جو مختصر ذڪر ڪندس.
    مٿي ڄاڻائي آيو آھيان ته 1933ع ڌاري ھٽلر جي پارٽي سموري جرمن حڪومت پنھنجي تسلط ھيٺ آڻي چڪي ھئي. ٿوري ئي وقت ۾ ھٽلر، جرمنيءَ کي طاقتور بڻائي، سڀ کان پھرين ورسيلز عھدنامي جي ماتحت جرمنيءَ تي رکيل جنگي تاوان (چَٽين) ڏيڻ کان انڪار ڪيو.
    اُن کان پوءِ اُنھيءَ عھدنامي موجب جرمنيءَ جي رائين لئنڊ پرڳڻي تي، جو 15 سالن تائين اتحادين جو قبضو رھڻو ھو، ان کي رد ڪري، مارچ 1936ع ۾، ھُن ان تي زوريءَ قبضو ڪري ورتو.
    ساڳئي عھدنامي موجب جرمنيءَ جي حڪومت کي ھڪ لک کان مٿي لشڪر نه رکڻو ھو ۽ اُن لشڪر کي به معمولي ھٿيار رکڻا ھئا. ان شرط کي به ھن موقعو وٺي ڀڃي، جرمن لشڪر ۽ اُن جي ھٿيارن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو- چي، روس ۽ فرانس عھدنامي موجب لشڪر نه گھٽايو ھو، تنھن ڪري ھيءُ به عھدنامي جي پوئواري ڪرڻ لاءِ ٻَڌل نه ھو.
    سندس اُنھيءَ قدم کان خوفزده ٿي، انگلنڊ، فرانس ۽ اٽليءَ گڏجي 11 اپريل 1936ع تي جرمنيءَ خلاف گڏيل محاذ قائم ڪيو. ازان سواءِ ليگ آف نيشنس کان، جرمنيءَ جي عھدنامي جي شرطن ٽوڙڻ تي، اتحادين نِندا جا ٺھراءَ پاس ڪرايا. پر ھٽلر تي انھن ڳالھين جو ڪوبه اثر ڪونه پيو. ھيءُ ڏينھان ڏينھن ويو جرمنيءَ کي طاقتور بڻائيندو. مرڳو ليگ آف نيشنس جي ٺلھن ٺھرائن پاس ڪرڻ ڪري خود ليگ آف نيشنس جو پنھنجو وقار گھٽبو ويو.
    سال 1936ع جي 14 نومبر تي، ھٽلر وري به ورسيلز جي عھدنامي جي ڀڃڪڙي ڪري، جرمنيءَ جي حدن کي بين الاقوامي حدون تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ان کان پوءِ 25 نومبر تي جپان سان ائنٽي ڪامنٽرن (ڪميونسٽ ملڪن خلاف) پئڪٽ ڪيو.
    اُنھيءَ وقت ڌاري اتحادي قومون گذريل مھاڀاري لڙائيءَ جي ٿڪاوٽ، خودغرضين ۽ سندن تسلط ھيٺ آيل ملڪن ۾ آزاديءَ جي تحريڪن جي زور وٺڻ ڪري ايتري قدر مرعوب ٿي ويئون ھيون، جو ليگ آف نيشنس مان جرمنيءَ خلاف ملامت جي ٺھراءَ پاس ڪرائڻ جي باوجود، ھو وڌيڪ ڪو قدم کڻي نه سگھيون. ڇاڪاڻ ته ھٽلر جي سڄيءَ اِن آڪرائيءَ ڪري ھُنن پنھنجن بيروني مفادن کي ترت نقصان جو انديشو نه ٿي ڄاتو. بلڪ ڪن حالتن ۾ پاڻ انھن ٺھرائن جي خلاف طاقت ورزيءَ جا ھو پاڻ مددگار ٿي رھيا: جھڙيءَ طرح اٽليءَ جي حالت ۾ ڪيائون. اُن جو قصو ھيئن آھي ته اٽليءَ ۾ آيل ڊڪٽيٽر مسولنيءَ حبش جي ملڪ تي زوريءَ قبضو ڪري ورتو ھو. اُن تي اتحادين، دنيا جي عام راءِ کان متاثر ٿي، اُن کُليءَ ڏاڍائيءَ خلاف ليگ آف نيشنس کان اٽليءَ جي نندا جو ٺھراءُ پاس ڪرايو. پر اُن جي باوجود ھنن جي مکيه ميمبر، انگلنڊ، 2 جنوري 1937ع تي اٽليءَ سان باھمي مفاد جي بنياد تي سمجھوتو ڪري ڇڏيو؛ جنھن جي اڻ سڌيءَ طرح معنيٰ اھائي نڪتي ته اٽليءَ جو حبش تي قبضو تسليم ڪيائون ٿي.
    جرمنيءَ ۾ ھٽلر جي زور وٺڻ کان پوءِ، جيڪي عھدنامن خلاف ڀڃڪڙيون ٿيڻ لڳيون ھيون. ان تي ناراض ٿيڻ جي عيوض انگريزن ھٽلر کي راضي رکڻ ۽ ٿڌي ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪئي.
    1935ع ۾ انگريزن جرمنيءَ سان بحري عھدنامو ڪيو.
    17 نومبر 1937ع تي لارڊ ھئليفاڪس کي ھٽلر سان سمجھوتي ڪرڻ لاءِ جرمنيءَ موڪليو ويو، جنھن واپس اچڻ کان پوءِ ھن جي تعريف ڪئي.
    ٻئي پاسي، فرانس، ھٽلر جي اھڙين ڪارواين کان خوفزده ٿي، انگريزن جي ڦلھڙي پاليسي ڏسي، پنھنجي وزير خارجه ڊيلبس کي پولنڊ، رومانيا، يوگوسليويا ۽ زيڪوسلويڪيا ڏانھن جرمن خلاف محاذ قائم ڪرڻ واسطي ڳالھين لاءِ موڪليو، جن وٽان سندس حوصلي افزائي ڪانه ٿي.
    اھڙين حالتن کي ڏسي، ھٽلر بي ڊپو ٿي پيو، ۽ ورسيلز عھدنامي جي شرطن ۽ ليگ آف نيشنس جي ٺھرائن خلاف آسٽريا تي مارچ 1938ع ۾ زوريءَ قبضو ڪري، اُن کي ھُن جرمنيءَ سان ملائي ڇڏيو.
    ليڪن ان تي به اتحادين مان ڪنھن ملڪ کي طاقت نه ٿي، جو ڪجھ قدم کڻي.
    جڏھن ھٽلر ڏٺو ته اُنھن ڳالھين تي جيتوڻيڪ ظاھري طرح انگلنڊ ۽ فرانس ڪُڇيا ڪونه ٿي پر اندروني طرح مخالفت لاءِ تياريون ڪري رھيا ھئا، تڏھن ھن 9 مئي 1938ع تي اٽليءَ جي ڊڪٽيٽر مسولنيءَ سان گڏ عھدنامو ڪري، ٻنھي فسطائي ملڪن جي دوستيءَ کي مضبوط ڪيو. اُن تي انگريزن جا اٽليءَ سان ڪيل سمجھوتا بيڪار بڻجي ويا. نيٺ انگلنڊ ۽ فرانس پاڻ ۾ اتحاد کي مضبوط ڪرڻ جا رستا اختيار ڪيا. جولاءِ 1938ع ۾ انگلنڊ جي بادشاھ جارج ڇھين ۽ راڻيءَ ايلزبيٿ کي فرانس ۾ ٻنھي ملڪن جي دوستيءَ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو.
    ڪجھ وقت اڳي ھٽلر پنھنجي تقرير ۾ زيڪوسلويڪيا جي جرمن اقليت جي حَقن جي حفاظت جو اعلان ڪيو ھو، جنھن تي زيڪوسلويڪيا جي وزير اعظم، موز، جواب ڏنو ھو ته ھو پنھنجي ملڪ ۾ ٻاھرين دست اندازي برداشت نه ڪندو. آسٽريا تي جرمنيءَ جي قبضي ٿيڻ بعد حالتون گھڻيون بدلجي چڪيون ھيون، ۽ زيڪوسلويڪيا ٽن طرفن کان جرمنيءَ جي گھيري ۾ اچي چڪو ھو. بھرحال، فرانس ۽ رشيا، زيڪوسلويڪيا جي مدد جو اعلان ڪيو، پر حالتون اھڙي نازڪ صورت اختيار ڪري چڪيون ھيون، جو زيڪوسلويڪيا کي لاچار جرمنيءَ سان ٺاھ جو ڳالھيون ڪرڻيون پيون. پر اُنھن مان جرمنيءَ جي پنھنجي مرضيءَ موجب نتيجو ڪونه نڪتو، تڏھن ھٽلر جنگ جي ڌمڪي ڏيئي، ظاھر ڪيو ته ھو جرمن اقليتن واري زيڪوسلويڪيا جي حصي کي جرمنيءَ سان ڳنڍي ڇڏيندو.
    اُن تي انگريزن، بجاءِ اِن جي ته زيڪوسلويڪيا جو ڪو بچاءُ ڪن، سڌيءَ طرح ٻنھي جي وچ ۾ سمجھوتي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ان جو به ھٽلر تي ڪو اثر نه ٿيو. آخر 29 سيپٽمبر 1938ع تي ميونچ ۾ ھڪ ڪانفرنس گڏ ٿي، جنھن ۾ جرمنيءَ طرفان ھٽلر ۽ ربنتراف، اٽليءَ طرفان مسولني ۽ ڪيانو ۽ فرانس طرفان ڊاڊليئر، ۽ انگلنڊ طرفان چيمبرلين عيوضي گڏ ٿيا. اُن ميٽنگ ۾ زيڪوسلويڪيا جو ڪوبه عيوضي ڪونه ھو. ميٽنگ ۾ سڀني شامل ملڪن گڏجي، زيڪوسلويڪيا جي رضامنديءَ کان سواءِ، اُن جي ورھائڻ واري عھدنامي تي صحيحون ڪيون، ۽ پھرين آڪٽوبر 1938ع تي يعني ٻئي ڏينھن، زيڪوسلويڪيا کي سندس ملڪ جا جرمن اقليتن وارا حصا جرمنيءَ جي حوالي ڪرڻ جو مشورو ڏنائون. ڪمزور زيڪوسلويڪيا مجبور ٿي، اھو فيصلو قبول ڪيو. اِنھيءَ طرح ھٽلر جيڪي گھريو ٿي، سو بنان جنگ جي کيس ملي ويو.
    اُن کان پوءِ ھٽلر جو وچ يورپ جي ملڪن تي ڌاڪو ويھجي ويو، ۽ اتحادين جي ڪمزور ۽ ڦلھڙي پاليسي سڄيءَ دنيا تي ظاھر ٿي ويئي.
    ٻئي سال جي مارچ مھيني ۾، ھٽلر بنان سبب جي اڳتي وڌي، سڄي زيڪوسلويڪيا تي قبضو ڪري ورتو ۽ پولينڊ جي ميمل ايراضيءَ کي به پنھنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو.
    آخر ۾ جرمنيءَ جي وڌندڙ حرص ملڪ گيريءَ کان خوفزده ٿي، انگلنڊ ۽ فرانس پولينڊ کي آئنده ڪنھن اھڙي صورتحال ۾ مدد ڪرڻ جو وعدو ڪيو.
    اُنھيءَ ڳالھ کي منھن ڏيڻ لاءِ جرمنيءَ، اٽليءَ جپان ۽ اسپين جي چئن فسطائي نظريي ۾ اعتقاد رکندڙ حڪومتن پاڻ ۾ متحده محاذ قائم ڪيو. جلد ئي جرمنيءَ ۽ اٽليءَ ھڪ قدم اڳتي وڌائي، پاڻ ۾ ملٽري پئڪٽ ڪيو.
    ساڳئي سال ۾، 23 آگسٽ 1939ع تي، جرمنيءَ ۽ رشيا جي حڪومتن، پاڻ ۾ جنگ نه ڪرڻ جو عھدنامو ڪيو.
    انھن ڳالھين کان متاثر ٿي، آمريڪا جو پريزيڊنٽ، مسٽر روزويلٽ، پولينڊ ۽ جرمنيءَ جي وچ ۾ صلح ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر جرمني پنھنجي تقاضائن کي گھٽائڻ لاءِ تيار نه ٿي. ان ڪري ڪوبه سمجھوتو ٿي نه سگھيو.
    جنھن کان پوءِ جرمنيءَ، پولينڊ جي ورھاڱي لاءِ پنھنجي 16 نڪتن واري تجويز، 31 آگسٽ 1939ع تي، ظاھر ڪئي، ۽ ٻئي ڏينھن يعني پھرين سيپٽمبر 1939ع تي وڌي اُن تي حملو ڪري ڏنو. ۽ اِئين زوران زوريءَ اُن جو ڊانزنگ وارو سامونڊي بندر پنھنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو.
    3 سيپٽمبر 1939ع تي، انگلنڊ ۽ فرانس، مجبور ٿي، جرمنيءَ سان جنگ جو اعلان ڪيو، ۽ اِئين ٻاويھن سالن جي انڌي منڊي صلح کان پوءِ، يورپ ۾ ٻيءَ مھاڀاري لڙائيءَ جي شروعات ٿي.


    فصل ٽيون

    اٽلي- مسولني

    اٽلي يورپ جو ٻيو ملڪ ھو، جنھن ۾ فسطائي طريقي جي حڪومت مسولينيءَ جي ھٿ ھيٺ قائم ٿي ھئي. اُنھيءَ به، ھٽلر وارا طريقا اختيار ڪري، ڀر وارن ملڪن تي قبضا ڪرڻ شروع ڪري، عظيم اطالوي سامراج جا نعرا ھنيا. جيئن ته ٻيءَ مھاڀاري لڙائيءَ ۾ جرمني ۽ اٽلي ھڪ طرف ھئا ۽ سندن اُن اتحاد ۽ شراڪت جو مکيه ڪارڻ سندن سياسي نظريي ۽ عمل جي ھڪ جھڙائي ھئي، اِن ڪري جرمنيءَ کان پوءِ اٽليءَ جي ملڪي صورتحال ۽ اُن جي مُک سربراھ جو ذڪر دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو.
    گھڻي وقت کان اٽلي پوئتي پيل ملڪ ھو. ان کي نئين سر منظم ڪري، اُتي فاشسٽ طريقي جي حڪومت قائم ڪرڻ ۽ اُن کي ھڪ وڏي سامراجي طاقت بڻائڻ جو ذميوار ۽ مُک اڳواڻ مسوليني ھو.
    مسوليني اٽليءَ جي رومگانا پرڳڻي جي ڊروياڊي پريڊيپو ڳوٺ ۾ 29 جولاءِ 1883ع تي ڄائو ھو. سندس پيءُ جو نالو ايسندرو ۽ ماءُ جو نالو روزا التوني ھو.
    ھن جو پيءُ سوشلسٽ انقلابي خيالن جو ھو، ۽ ماءُ ماسترياڻي ھئي. ھن جي ابتدائي زندگي نھايت غربت ۾ گذري، ايتريقدر جو هو گھر ۾ کٽ نه ھئڻ ڪري، ھن کي گاھ وڇائي اُن تي سمھڻو پوندو ھو.
    مسولينيءَ جي پيءُ جو مکيه پيشو کيتي ھوندو ھو. پر ھو لوھارڪو ڌنڌو به ڪندو ھو. ھن کي سندس ماءُ پھريائين مذھبي تعليم پڙھڻ لاءِ ھڪڙي چرچ اسڪول ۾ ويھاريو، پر سندس پيءُ پادرين جي خلاف ھوندو ھو.
    پڙھائي پوري ڪرڻ کان پوءِ مسوليني ماستري ڪرڻ لڳو. جڏھن 19 سالن جو ٿيو، تڏھن فوج ۾ زوريءَ ڀرتيءَ جي ڊپ کان ملڪ ڇڏي، سئٽزرلنڊ ۾ وڃي رھڻ لڳو. اُتي ھو
    سِرون وجھي، ۽ ٻي مزوري ڪري، گذر ڪندو ھو. اُتي ھو آھستي آھستي ٿي، سياسي ڳالھين ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. اُنھيءَ ڪري، ڪجھ وقت کان پوءِ ھن کي سئٽزرلنڊ مان نڪرڻو پيو. پر اُن کان اڳي، سياسي ڳالھين ڪري، ھن کي اُتي يارنھن ڀيرا ٿورو ٿورو عرصو جيل ڪاٽڻو پيو. نيٺ ھيءُ 21 سالن جي عمر ۾ 1904ع ڌاري موٽي اٽليءَ آيو، جتي وري به ماستري ڪرڻ لڳو. ساڳئي وقت ھو اخبارن ۾ ليک به لکندو رھيو. ھِنن ڏينھن ۾ ھن ڪيترائي ڪتاب به لکيا، اُنھن مان سندس ڪتاب ”ڪلاس اسٽرگل“ ملڪ ۾ گھڻي شھرت حاصل ڪئي.
    نيٺ 1912ع ۾ ماستري ڇڏي، ھيءُ ”اوانتي“ اخبار جو ايڊيٽر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو.
    پھرينءَ مھاڀاري لڙائيءَ شروع ٿيڻ کان پوءِ، اٽليءَ جا قومي ڪارڪن ٻن راين ۾ ورھائجي ويا. ھڪڙا غير جانبدار رھڻ جي فائدي ۾ ھئا ۽ ٻيا اتحادين سان گڏجي، جنگ ۾ حصي وٺڻ جا حامي ھئا. مسوليني ٻئي گروھ سان شامل ھو.
    آخر جڏھن اٽليءَ اتحادين جو طرف ورتو، ته ھيءُ فوج ۾ شامل ٿي، جنگ ۾ لڙيو ۽ زخمي ٿي پيو.
    لڙائيءَ کان پوءِ، 23 مارچ 1919ع تي، مسولينيءَ ھڪ قسم جي خانگي فوج جھڙي پارٽي ٺاھي، جنھن ۾ جيڪي لڙائيءَ ۾ سندس سولجر ھئا انھن کي شامل ڪيائين. پنھنجي اُن پارٽيءَ کي زور وٺائڻ لاءِ، ھو اخبار ”پاپولو ڊي اٽاليا“ ڪڍي، پرچار ڪرڻ لڳو. ھيءَ سندس پارٽي آھستي آھستي زور وٺڻ لڳي. لڙائيءَ کان پوءِ بيروزگار سولجرن جي روزگار، جمھوري وزارتن جي ڪمزورين، اسيمبلي ميمبرن جي خودمطلبين ۽ قوم کي طاقتور بڻائڻ جا سوال ھٿ ۾ کڻي، ھُن عوام کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو. جڏھن ھن جي پارٽيءَ زور ورتو، ته لشڪر به ھن جي پٺڀرائي ڪرڻ شروع ڪئي. سندس طاقت کي وڌندڙ ڏسي، سياستدانن ۽ ڪارخانيدارن به ھن جي ھمت افزائي ڪئي ۽ ھن جي پارٽيءَ کي مدد ڏني.
    ويتر جو 21- 1920ع ۾ اٽليءَ ۾ مزورن جي پگھار ۽ مزوريءَ جي اگھن ۾ گھٽتائي آئي، ته انھن ۾ سخت بيچيني پيدا ٿي، جنھن جو فائدو وٺي، ھيءُ پارٽيءَ کي مضبوط بڻائي ويو. مزورن کي ساڻس شريڪ ٿيندو ڏسي، ڪارخانيدار به وڌيڪ ھن کي اھميت ڏيڻ لڳا ۽ کيس ۽ سندس پارٽيءَ کي پنھنجي پاسي ڪرڻ لاءِ، وڌي وڌي سندس مدد ڪرڻ لڳا.
    آڪٽوبر 1922ع ۾ ھن روم تي پنھنجي خانگي فوج سان ڪاھ ڪري، بنا تصادم جي قبضو ڪري ورتو. بادشاھ کيس ايترو بااثر سمجھي، پنھنجي حڪومت جو وزير اعظم مقرر ڪيو.
    مسولينيءَ پھريائين ڪوليشن (گڏيل) وزارت ٺاھي حڪومت ھلائڻ شروع ڪئي. پر ڏھن سالن کان پوءِ ھن، ٻين گروھن کي وزارت مان ڪڍي، سمورو قبضو پنھنجي پارٽيءَ جي ھٿ ۾ رکيو.
    ھيءُ ڪافي علم ۽ معلومات جو صاحب ھو. تقرير ۽ تحرير جي فن تي پورو عبور ھوس. ھن ھڪ ڪتاب زور يا تشدد جي جواز ۾ لکيو ھو. ھيءُ زور يا تشدد جي فائدي ۾ اھو دليل ڏيندو ھو ته ”طاقت جي اھميت ۽ افاديت کان انڪار ڪرڻ ڌرتيءَ جي ڪشش (ڪشش ثقل) کان انڪار ڪرڻ جي برابر ھو.“ ھو چوندو ھو ته ”طاقت کان سواءِ حڪومت ھلي نه ٿي سگھي. حڪومت مان سڀ ماڻھو راضي نٿا ٿي سگھن. تنھن ڪري عوام جي رضامندي سان حڪومت ھلائڻ وارو نظريو ئي بيڪار ھو. حڪومت کان طاقت جو استعمال کسي ڇڏجي ۽ ان جو مدار رڳو اصولن تي رکجي، ته اُھا حڪومت منظم ۽ طاقتور گروھن جي محتاج ٿي ويندي.“ – ڄڻ ھونئن ئي، يعني عوام جي رضامندي تي ھلڻ جي دعوا ڪندڙ حڪومت منظم ۽ طاقتور گروھن جي محتاج ڪانھي!
    ھيءُ تقدير ۾ گھڻو ويساھ رکندو ھو.
    مسولينيءَ جي نظريي حڪومت، جنھن کي ھُن پاڻ فاشزم جو نالو ڏنو، اُن جي سرشتي حڪومت ھيٺ خانگي ملڪيت ۽ خانگي نفعي جو اصول قائم رھي ٿو. ليڪن اُنھن کي حڪومت جي ضابطي ھيٺ رھڻو پوي ٿو. انھيءَ حڪومت جو جوڙجڪ جاگرافيائي طور مقرر ڪيل تڪن مان چونڊجي آيل عيوضين جي بدران ڌنڌن جي بنياد تي چونڊيل عيوضين جي ھٿ ۾ رھي ٿو. پر اھڙيءَ چونڊ لاءِ اميدوار فقط (فاشسٽ) پارٽي نامزد ڪندي آھي. اُن لاءِ، توڙي ملڪ ۾ ٻئي ڪنھن مقصد لاءِ ٻيءَ ڪنھن پارٽيءَ جو وجود تسليم نه ڪيو ويندو آھي. ووٽرن کي فاشسٽ پارٽيءَ جي نامزد ميمبرن کي چونڊڻ لاءِ صرف ھائو يا نه ڪرڻي پوندي آھي.
    مسولينيءَ پاڻ ھڪ ئي وقت پنھنجي فاشسٽ پارٽيءَ جو ليڊر، رياست جو وزير اعظم، ۽ اُن جي قومي ڪائونسل جو صدر ھو.
    ھُن طاقت ۾ اچڻ کان پوءِ کُليو اِن ڳالھ جو اظھار ڪرڻ شروع ڪيو ته يورپ جي ٻين ملڪن کي ڪالونيون (بيٺڪون، يعني غلام ملڪ) ھجن، ته اٽليءَ کي ڇو نه ھئڻ گھرجن! اُن لاءِ دليل ڏنائين ٿي ته اٽليءَ جي آبادي سوا 4 ڪروڙ ھئي، جا ھر سال ڏيڍ لک ماڻھن جي اضافي سان وڌي رھي ھئي. ماڻھن جو گذر کيتيءَ تي ھو. ملڪ ۾ ڪارخانا تمام ٿورا ھئا ۽ جتي ھئا انھن کي ڪچي سامان جي ڪمي ھئي. ملڪ ۾ رٻڙ، ٽين، نڪل، ڪپھ، ڪوئلي، تيل، لوھ ۽ ٽامي جي ڪوتاھي ھئي. جيڪڏھن اٽليءَ کي زندھ رھڻو ۽ طاقتور بڻائڻو ھو، ته ان جي ماتحت ايراضيءَ کي وڌائڻ ضروري ھو.
    ھُن ڏٺو ته ايشيا ۽ آمريڪا جا اڪثر ملڪ يورپ جي ٻين سامراجي طاقتن جي ھٿ ھيٺ ھئا. پر حبش جو ھڪ اھڙو ملڪ ھو، جو سڌو ڪنھن حڪومت جي تسلط ھيٺ نه ھو، ۽ اُن ۾ ڪچو مال به گھڻو ھو. ان جي حڪومت به ڪمزور ھئي. اِن ڪري، ھن فوراً اُن ملڪ کي پنھنجي تسلط ھيٺ آڻڻ جو ارادو ظاھر ڪيو.
    اِن خيال کان پوءِ 3 آڪٽوبر 1935ع تي، ھُن حبش تي بنان سبب جي حملو ڪيو. جيئن ته اُھو ملڪ سوڊان جي ڀر ۾ ھو، جو اُن وقت انگريزن جي ماتحت ھو، ۽ انگريزن جي ايشيا وارين ڪالونين ۽ قبضي ھيٺ آيل ملڪن جي رستي تي پڻ ھو، اِن ڪري انگريزن اُن مان سندن پنھنجي مفاد کي خطرو محسوس ڪيو، ۽ ليگ آف نيشنس کان اٽليءَ خلاف ٺھراءُ پاس ڪرايو، جنھن اٽليءَ کي ناحق حملي آور طاقت قرار ڏنو، ۽ 18 نومبر تي، ٻئي ٺھراءَ ذريعي، اُن تي پابندين عائد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
    پر مسولينيءَ اُنھن ٺھرائن جي پرواھ نه ڪندي، 5 مئي 1936ع تي حبش جي گاديءَ اديس ابابا تي قبضو ڪري، ساري ملڪ کي پنھنجي تسلط ھيٺ آڻي ڇڏيو، ۽ اُن جو 9 مئي 1936ع تي ھُن کليل اعلان ڪيو.
    اُن کان پوءِ، ليگ آف نيشنس کي اتحادين جو اوزار ۽ ھڪ بيڪار جماعت سڏيندي، ڊسمبر 1937ع تي مسولينيءَ اُن مان پنھنجي ملڪ جي نڪري اچڻ جو اعلان ڪيو. ان وقت يورپ جي سامراجي طاقتن جو اخلاق ۽ اخلاقي ھمت ايتري ڪِريل ھئي. جو ليگ آف نيشنس جي مکيه ميمبر ۽ جمھوريت جي علمبرداريءَ جي دعوا ڪندڙ انگريزي حڪومت، باوجود اِن جي، جو ليگ آف نيشنس اٽليءَ جي حبش تي حملي خلاف ٺھراءَ پاس ڪيا ھئا. 16 نومبر 1937ع تي اٽليءَ سان سمجھوتو ڪري، حبش تي اُن قبضي کي قبول ڪيو، ۽ ترت ئي پوءِ فرانس به اُھا صورتحال قبول ڪئي.
    جڏھن مسولينيءَ ڏٺو ته باوجود اُن جي، جو حبش تي سندس حملي جي مخالفت ڪئي ويئي، آخر ۾ وري به اُن تي سندس قبضي کي يورپ جي ٻن مکيه طاقتن ڪيو ھو، ۽ ساڳيءَ ريت ھوڏانھن آسٽريا ۽ زيڪوسلويڪيا تي اُنھن ئي طاقتن جي اکين اڳيان ھٽلر قبضو ڪري ويو ھو، تڏھن ھن جا حوصلا ويتر وڌي ويا، ۽ بنا ڪنھن سبب جي، 7 اپريل 1939ع تي، ھُن وڌي، البانيا تي قبضو ڪري ورتو.
    اُن کان پوءِ، مئي 1939ع ۾، ھُن جرمنيءَ سان جنگي عھدنامو ڪيو. جڏھن اُن سال سيپٽمبر ۾ ٻي مھاڀاري لڙائي شروع ٿي، ته جرمني ۽ اٽلي، يعني ھٽلر ۽ مسوليني، ٻيئي ھڪ ٻئي سان گڏ ھئا، ۽ اُنھيءَ ئي لڙائيءَ ۾ ٻنھي جي طاقت جو زوال آيو.


    فصل چوٿون

    انگلنڊ

    يورپ جي مکيه ملڪن مان انگلنڊ ھڪ رھيو آھي. جنھن دور جو ھتي ذڪر ٿي رھيو آھي، اُن دور ۾ ھيءُ ملڪ دنيا جي وڏي ۾ وڏي سامراجي طاقت ھو. اُن لاءِ مشھور ھو ته اُن جي شھنشاھيءَ تان سج ڪونه ٿي لٿو. باوجود ايڏيءَ طاقت ۽ ايتريءَ وسيع سلطنت جي پارلياماني طرز حڪومت ھلندڙ ھئي، جا گھڻي وقت کان اُتي ھلندي ٿي آئي، ۽ اڃا تائين ھلندي اچي ٿي. ھن ئي ملڪ ۾ جمھوري قدر رائج ھئا ۽ گھڻي قدر اڄ به آھن. ھتي ئي دنيا جي مشھور انقلابين ڪارل مارڪس، لينن ۽ سن ييت سين جھڙن کي جاءِ پناھ ملي ھئي. ھيءُ ئي مُلڪ ھو جنھن پنھنجي نفعي جي خيال کان ئي سھي، پر ٻين جي بچاءَ لاءِ ھٿيار کنيا ٿي، ۽ جو، ڪم از ڪم نظرياتي طور، جمھوريت ۽ انساني حقن جو قائل ۽ پاڻ وٽ پنھنجي حڪومت ۾ زور زبردستيءَ کان پري ھو.
    پھرينءَ مھاڀاري جنگ ۾، ھيءُ ملڪ زور ڪري اِن لاءِ داخل ٿيو، جو يورپ جي حڪومتن جي طاقت جو توازن ٽٽي وڃڻ جو امڪان ھو. اُن لڙائيءَ ۾ ھن جا اڍائي لک سپاھي مئا ۽ 15 لک سپاھي زخمي ٿيا ھئا. ان لڙائيءَ تي سندس خرچ 8 ارب پائونڊ ٿيو ھو.
    جنگ انگلنڊ ۽ سندس اتحادين کٽي، پر ان کان پوءِ انگريزن کي ڪيترين مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پيو. سندس ماتحت ملڪن مان آئرلنڊ، انڊيا، مصر ۽ ٻين ملڪن ۾ سندن تسلط کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ تحريڪون شروع ٿيون ھيون. خود سندن پنھنجي ملڪ ۾ اسٽرائيڪون ٿيون، پر ھي سڀني ڳالھين کي نھايت دانشمنديءَ سان منھن ڏيندا آيا.
    انگريزن جي ڪاميابيءَ جو مکيه راز صدين کان اھو رھيو آھي ته ھنن يورپي طاقتن جي وچ ۾ توازن قائم ڪري، پنھنجي طاقت کي فيصلي ڪُن حالت ۾ رکڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ھئي. پھرينءَ لڙائيءَ ۾ به اُن لاءِ گھڙيا، جو ڏٺائون ته يورپي ملڪن جي طاقت جو توازن ٻيءَ صورت ۾ قائم رھي نٿي سگھيو.
    اُن کان پوءِ جڏھن جرمنيءَ ۽ اٽليءَ جي طاقتن، زور وٺي، 1936ع ڌاري اڳرائي اختيار ڪري، اُن توازن کي ٽوڙڻ شروع ڪيو، تڏھن ھنن جنگ جي خطرن کي ٽارڻ لاءِ ابتدا ۾ ٿوري وقت لاءِ اُن ڳالھ کي برداشت ڪيو، جو سمجھيائون ٿي ته اِئين ھو ڪجھ وقت حالتون قبضي ۾ رکي سگھندا. اُن لاءِ ھنن جرمنيءَ سان بحري معاھدو ڪيو، ۽ اٽليءَ سان به آخر تائين سمجھوتي بازيءَ کان ڪم وٺندا رھيا.
    ھيڏانھن ھندوستان کي پڻ، 1935ع وارن سڌارن ڏيڻ سان، ڪجھ ٿڌو ڪرڻ گھريائون. آگسٽ 1936ع تي، پنھنجي ٻئي محڪوم ملڪ مصر سان سمجھوتو ڪري، ان جي ناراضگي گھٽايائون.
    پر جڏھن ھنن ڏٺو ته جرمنيءَ ۽ اٽليءَ وارا پنھنجي زور زبردستيءَ جي روش کان نٿا مڙن، ته ھو فرانس سان تعلقات گھاٽا ڪري، اندروني طور ايندڙ تصادم لاءِ تيار ٿيڻ لڳا.
    انگريز ھڪ عجيب عادتن ۽ روايتن واري قوم آھي. دنيا جي ٻين گھڻن ملڪن مان بادشاھ نڪري ويا آھن، پر ھتي بادشاھي سرشتي کي، دستوري طرح ۽ نالي ماتر ئي سھي، پر ڏاڍي پر وقار نموني ۾ ھلايو وڃي ٿو. پنھنجي شاھي فرمانروا جي عزت ۾ گھٽتائي ڪانه ٿا ڪن، پر اختياري ڪا خاص ڪانه ٿا ڏينِس.
    20 جنوري 1936ع تي جارج پنجين، ھنن جي شھنشاھ ، وفات ڪئي. ان جي جاءِ تي سندس وڏو فرزند ايڊورڊ اٺين جي خطاب سان تخت تي ويٺو. ھو ھڪ آمريڪي عورت، مسز سمپسن، جي محبت ۾ ڦاسي پيو ۽ ان سان شادي ڪرڻ گھريائين. جيئن ته اھا عورت طلاق ورتل ھئي، ان ڪري انگلنڊ جي قدامت پسند ماڻھن کيس اھا دل گھري شادي ڪرڻ کان منع ڪئي. اُن تي ھيءُ پنھنجي ننڍي ڀاءُ جارج ڇھين جي فائدي ۾ تخت تان دستبردار ٿي ويو ۽ ڊيوڪ آف ونڊسر جي خطاب سان ملڪ کان ٻاھر رھي، ان عورت سان شادي ڪيائين.
    اِن مان پتو پئجي سگھي ٿو ته باوجود ترقي يافته ملڪ ھئڻ جي، ھِنن ۾ اڃا تائين قدامت پسنديءَ کي پنھنجي سماجي، معاشي، ۽ سياسي ڪاروبار ۾ ڪيترو زوردار اثر آھي.
    1935ع کان وٺي انگلنڊ جي حڪومت ڪنزرويٽِو پارٽيءَ جي ليڊر مسٽر بالڊون جي ھٿ ھيٺ ھلندڙ ھئي، جا 1937ع ۾ مسٽر چيمبرلين جي ھٿ ھيٺ آئي. جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ 1940ع ۾ ملڪ جو وزير اعظم مسٽر ونسٽن چرچل ٿيو. سموري جنگي عرصي ۾ اُھو ئي سندن وزير اعظم رھيو. ھو تقرير، تحرير ۽ تدبر ۾ بي مثل لياقتن جو مالڪ ھو. ٻيءَ مھاڀاري لڙائيءَ ۾ انگريزي قوم جي ھن جنھن نموني دانشمنديءَ سان اڳواڻي ڪئي، سا سندن تاريخ جي عظيم يادگار آھي. ھيءُ وڏيءَ قوم جو وڏو اڳواڻ ھو، ان ڪري سندس زندگيءَ جو مختصر احوال ڏيڻ ضروري سمجھان ٿو.


    سر ونسٽن چرچل

    ھيءُ ڊيوڪ آف مارلبرو جي ستينءَ پشت ۾ لارڊ ونڊولف جو پٽ ھو، ۽ 30 نومبر 1874ع تي بلينھام محلات ۾ ڄائو ھو. ھن جي ماءُ آمريڪن ھئي. ھن ھئرو جي پبلڪ اسڪول ۾ تعليم ورتي ھئي.
    پنھنجي اسڪول جي ڏينھن ۾ ھو ڪو خاص ھوشيار شاگرد ڪونه ھو. ملٽري اڪيڊمي سئنڊھرسٽ جي داخلا جي امتحان ۾ ٽي دفعا ناپاس ٿيڻ بعد مس مس اُتي داخلا ملي ھيس. اُتان پڙھي نڪرڻ تي، ھن فوج ۾ نوڪري ڪئي.
    پھريائين ھو ھندوستان ۾ ليفٽيننٽ مقرر ٿي آيو ۽ حيدرآباد دکن ۾ نوڪري ڪيائين. پوءِ ڪجھ عرصو ھن سرحدي علائقن جي مالاڪنڊ ايجنسي ڇانوڻيءَ ۾ نوڪري ڪئي. اُتان ھو انگلنڊ جي ڪن اخبارن جو نامه نگار ٿي به ڪم ڪندو ھو. صوبي سرحد ۾ تيواھ جي سرحدي جنگ ۾ ھن حصو ورتو ھو.
    ھندوستان ۾ نوڪري ڪرڻ بعد، ھيءُ آفريڪا ۾ لارڊ ڪچنز سان، نيل دريا جي سوڊان ۾، مھدي سوڊانيءَ جي حملن وقت شريڪ ڪار رھيو. ان کان پوءِ ھيءُ موٽي وطن ويو، جتي ڪجھ وقت رھي، 1899ع ڌاري، ھيءُ آفريڪا ۾ بوئرس جنگ وقت ”مارننگ پوسٽ“ اخبار جو نامه نگار ٿي ويو. اُتي لڙائيءَ ھلندي، ھي قيد ٿي پيو، پر قيد مان ھمت ڪري، وڏين مشڪلاتن بعد، سلامت وطن پھتو.
    1901ع ۾ ھيءُ 27 سالن جي عمر ۾ برٽش پارليامينٽ جو ميمبر چونڊيو. ھيءُ 1901ع کان 1906ع تائين پارليامينٽ ۾ ڪنزرويٽو پارٽيءَ جو ميمبر ٿي رھيو. ان کان پوءِ ' فري ٽريڊ ' جي سوال تان ھيءُ اھا پارٽي ڇڏي، لبرل پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو.
    1908ع ۾ ھن کي ٽريڊ بورڊ جو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو، ۽ 1910ع ۾ کيس ھوم سيڪريٽري ڪري رکيو ويو. ان کان پوءِ 1911ع ۾ کيس فرسٽ لارڊ آف ائڊمرلٽي مقرر ڪيو ويو، جنھن عھدي تي 1915ع تائين کيس قائم رکيو ويو. 1940ع جي پھرينءَ مھاڀاري لڙائيءَ وقت، ھن لبرل پارٽيءَ جي جنگي وزارت ۾ ڪم ڪيو.
    اُنھيءَ لڙائيءَ ۾ ھن سامونڊي ٻيڙي جي اڳواڻي ڪري، دره دانيال ۾ ترڪن تي حملو ڪري، اھو قلعو وٺڻ چاھيو، جنھن ۾ مصطفيٰ ڪمال ھن کي شڪست ڏني. ان تي ھن کي وزارت تان استعيفا ڏيڻي پيئي. وري مسٽر لائڊ جارج، انگلنڊ جي وزير اعظم، کيس 1917ع ۾ ٻيو ڀيرو جنگي رسد جو وزير ڪري رکيو. اُن کان پوءِ به ھو ڪيترن عھدن تي فائز رھندو آيو. 1924ع ۾ ھو ٻيھر ڪنزرويٽو پارٽيءَ ۾ داخل ٿيو، ۽ اُن جي حڪومت ۾ چانسلر آف ايڪسچيڪر مقرر ڪيو ويو.
    ھن ھندوستان جي آزاديءَ جي سوال تان مسٽر بالڊون جي انڊيا بِل جي سخت مخالفت ڪئي.
    ھيءُ جرمنيءَ ۾ ھٽلر جي وڌندڙ طاقت خلاف وقت به وقت پارليامينٽ ۾ انگريزن کي آگاھ ڪندو رھيو. پر ان وقت ھن کي ڪنھن به نه ٻڌو. مسٽر چيمبرلين حتيٰ المڪان ڪوشش ڪئي ته جنگ ٽري وڃي ۽ ھٽلر راضي ٿئي، پر ان ۾ ھو ناڪامياب ٿيو. نيٺ سيپٽمبر 1939ع ۾ جڏھن انگريزن کي مجبور ٿي، جرمنيءَ خلاف جنگ جو اعلان ڪرڻو پيو، تڏھن چرچل کي ملڪ جي گڏيل جنگي وزارت ۾ کنيو ويو. 10 مئي 1940ع تي چيمبرلين جي استعيفيٰ ڏيڻ تي ھو انگلنڊ جي وزير اعظم جي عھدي تي فائز ٿيو.
    سڄي ٻي مھاڀاري لڙائيءَ جي عرصي ۾، حڪومت جي واڳ ھن جي ھٿ ۾ رھي. اِھو ھن جي ھمت، سحر بيانيءَ ۽ لاڳيتيءَ اڻٿڪ محنت ۽ ڪوشش جو نتيجو ھو، جو سخت مشڪلاتن جي وقت به انگريزن ھيڻي ڪانه ٻولي ۽ ھو جوان مڙديءَ سان لڙندا رھيا. آخر جنگ، آمريڪا جي شموليت سبب، اتحادين جي فائدي ۾ فيصل ٿي.
    ونسٽن چرچل، جنھن کي پوءِ سندس بي مثل جنگي خدمتن جي صلي ۾ لارڊ جو خطاب مليو، ھڪ بھترين لکندڙ ۽ تقرير ڪندڙ ھو. ھن ڪيترائي ڪتاب به لکيا آھن. واندڪائيءَ جي وقت ھو جاين جون سِرون وجھي، عمارت سازي به ڪندو ھو، تصويرون به ڪڍندو ھو. جنگ کان پوءِ جلد ئي انگريزن جون نيون چونڊون ٿيون، جنھن ۾ ليبر پارٽي ڪامياب ٿي ۽ ھن جي جاءِ تي مسٽر ڪليمٽ ائٽلي وزير اعظم مقرر ٿيو.
    اُن کان پوءِ، ھڪ ڀيرو وري ڪنزرويٽو پارٽيءَ جي چونڊن ۾ ڪاميابيءَ بعد، ھيءُ انگلنڊ جو وزير اعظم ٿيو. ھن 1964ع ۾ نوي (90) ورھين جي عمر ۾ وفات ڪئي.


    فصل پنجون

    5- سوويت يونين (روس):

    يورپ جو چوٿون مکيه ملڪ سوويت يونين آھي.
    21 جنوري 1924ع تي سوويت يونين جي بانيءَ ۽ ڪميونزم کي عملي صورت ڏيارڻ واري اعليٰ ليڊر لينن وفات ڪئي.
    ڪميونزم، معاشري جي نئين طور تعمير ڪرڻ لاءِ، اقتصادي بنيادن تي بيٺل ھڪ نظريو آھي، جنھن جي پوئلڳن کي اھو يقين ويٺل آھي ته ھن وقت بني نوع انسان جي جملي معاشرن جي مشڪلاتن ۽ مصيبتن جي نجات اُنھيءَ جي پوئلڳيءَ مان ٿيڻ واري آھي.
    ڪميونزم جي پوئلڳن جي دعوا ۽ عالمگير مذھبن- ھندو ڌرم، ٻڌ ڌرم، مسيحيت ۽ اسلام- جي پيروئن جي دعويٰ آخر ۾ ساڳي وڃي بيھي ٿي. منجھن تفاوت ھيءُ آھي ته مذھب جا مھندار روحانيت کي ترجيح ڏيئي، فوق العقل طاقت کي ڏنل ھدايتن کي رھبر راھ بڻائي، نجات انساني حاصل ڪرڻ گھرن ٿا، ۽ ڪميونزم جي نظريي ۾ ويساھ رکندڙ، ھر ڳالھ جو بنياد مادي حقيقتن تي رکي، عقل جي ذريعي، معاملي فھمي ڪرڻ گھرن ٿا. ٻنھي جو رجحان فردن کي جماعت جي تابع بڻائڻ طرف رھي ٿو. ٻنھي ۾، شخصي طور آزاد رھبرن جي راين کي سَند ڪري ورتو وڃي ٿو. مسلمان عالم، قال الله ۽ قال رسول جي سَند ڏيئي شخصي اجتھاد تي رڪاوٽ وجھن ٿا، ته ڪميونسٽ ڪارل مارڪس ۽ لينن جي راءِ کي سَند ڪري ڪتب آڻين ٿا.
    لينن کان پوءِ سوويت يونين ۾ ٻه گروھ ٿيا: ھڪ ٽراٽسڪيءَ جو ۽ ٻيو گروھ اسٽالن جو.
    پھريون گروھ ڪميونزم کي ھڪ ئي وقت سڄيءَ دنيا ۾ رائج ڪرڻ جو حامي ھو.
    ٻئي گروھ پھريائين اُن جو رشيا ۾ تجربو ڪرڻ ممڪن ۽ فائديمند ٿي سمجھيو. ٽن سالن جي لفظي ڏي وٺ ۽ فڪري تصادم کان پوءِ، ڊسمبر 1927ع ۾، اسٽالن سڄي حڪومتي نظام تي مڪمل قبضو ڪري ورتو، ۽ ٽراٽسڪي ملڪ ڇڏي، آمريڪا ۾ وڃي رھيو.
    1934ع ۾، اسٽالن سوويت يونين کي ليگ آف نيشنس جو ميمبر ڪيو. 1935ع ۾ ھن فرانس سان عھدنامو ڪيو. ھن تعمير ۽ ترقيءَ جي پنجساله پروگرامن ذريعي سوويت يونين کي اقتصادي طور ۽ صنعتي ميدان ۾ ھڪ طاقتور ۽ شاندار ملڪ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اُن ۾ ھن کي ڪافي سختيءَ ۽ تشدد جي ڪارواين کان ڪم وٺڻو پيو. بھر صورت ھن ملڪ کي طاقتور بڻائڻ ۾ ڪابه ڪوتاھي ڪانه ڪئي. ھن جي دور ۾ خود سرمائيدار ملڪن به، سوويت يونين سان سفارتي تعلقات قائم ڪري، اُن کي مدد ڏيڻ شروع ڪئي.
    ٻيءَ مھاڀاري لڙائيءَ وقت جرمن جھڙي زبردست ملٽري طاقت جو مقابلو ڪرڻ معمولي ڳالھ نه ھئي. اُن مقابلي ۾ ڪاميابيءَ جو سھرو اسٽالن جي سِر تي سونھي ٿو. ان ڪري ان جي زندگيءَ جو مختصر احوال پيش ڪرڻ ضروري ٿو ڄاڻان.


    جوزف اسٽالن

    ھن جو اصل نالو جوزف وساريو نووچ زوگاشولي ھو. ھو جارجيا علائقي جي گورا نالي ڳوٺ ۾ 1879ع ۾ ڄائو ھو. ”اسٽالن“ جو لقب سندس ارادي جي قوت، برداشت جي مادي ۽ اورچائيءَ کي ڏسي، 1910ع ڌاري، قومي ڪارڪنن طرفان ڏنو ويو ھو، جنھن جي معنيٰ ”رُڪ“ آھي.
    سندس والد موچڪو ڌنڌو ۽ زراعت ڪندو ھو. ھن ابتدا ۾ چئن سالن تائين ٽِفلس جي شھر ۾ مسيحي مذھب جي پادري ٿيڻ لاءِ تعليم ورتي. اُتي ئي، مذھبي طور طريقن ۽ آمرانه دٻاءَ خلاف کيس نفرت پيدا ٿي. ڪليسائي مڪتبن مان ٻاھر نڪرڻ کان پوءِ ھي ڪارل مارڪس جي پوئلڳن جي صحبت ۾ آيو، ۽ تُرت ئي اُنھن جي انقلابي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ لڳو.
    1898ع کان وٺي 1917ع تائين ھن سمورو وقت اُنھيءَ تحريڪ لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ انھيءَ جي سزا ۾ ھُن ڪيئي ڪشٽ ڪاٽيا. رشيا جي زار حڪومت کيس پنج ڀيرا ملڪ نيڪالي ڏني ۽ ڪيترا ڀيرا جيل موڪليو. 1917ع ۾ جڏھن لينن جي ھٿ ھيٺ نئين انقلابي حڪومت برپا ٿي، ان وقت ھيءُ سائبيريا جي جيل ۾ ھو، جتان انقلابي حڪومت جي حڪم تي کيس آزاد ڪيو ويو.
    اُن کان اڳ باڪوءَ ۾ ھي جارجين زبان ۾ ”ورسيا“ نالي اخبار بولشويڪ تحريڪ جي فائدي ۾ ڪڍندو ھو. 1912ع ۾ ”سوشلزم ۽ نيشنلزم“ تي ھڪ ڪتاب لکي، ٻنھي نظرين جي اختلافن کي سلجھائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    انقلابي حڪومت ٺھڻ کان پوءِ، ھيءُ 10 آڪٽوبر 1917ع تي حڪومت جي پولٽ بيورو جو ميمبر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو، جنھن ۾ لينن کان سواءِ ٽراٽسڪي، زنوووف، سوڪولنڪوف، ڪامينوف ۽ بونبوف ميمبر ھئا. وزارت جا ٻه فوليا سندس چارج ۾ ھئا.
    1921ع ۾ لينن ھن کي پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو. ”يونين آف سوشلسٽ سوويٽس ريپبلڪس“ جو قيام لينن ۽ اسٽالن جي گڏيل فڪر ۽ عمل جو نتيجو ھو.
    لينن جي وفات کان پوءِ اسٽالن ۽ ٽراٽسڪيءَ جي وچ ۾ مٿي ذڪر ڪيل اختلاف جي بنياد تي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ تصادم شروع ٿيو، جنھن ۾ 1936ع تائين اسٽالن ساري ملڪ تي مڪمل اقتدار حاصل ڪري ڪامياب ٿيو، ۽ اُن کان پوءِ ترقيءَ جي پنجساله رٿائن جي مدد سان ھن رشيا ۾ ڪميونزم کي پوريءَ قوت ۽ استقامت سان قائم ڪيو ۽ مضبوط ۽ مستحڪم بڻايو.
    ھو پنھنجي ڪمن ۾ ٿوري انداز جي مخالفت به برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه ھوندو ھو. پنھنجي طويل دور اقتدار ۾ ( 1924ع- 1951ع )، ھن ڪيترائي پنھنجا مخالف، جيڪي سالن جا سال سندس پنھنجا ساٿي ۽ ھمراھ ٿي رھيا ھئا ۽ سڄي عمر ڪميونزم جا وفادار داعي ۽ عامل رھي چڪا ھئا، تن کي مارائي، پنھنجي رستي تان ھٽائي ڇڏيو.
    آگسٽ 1936ع ۾ زنوووف، ڪامينو ۽ ٻين کي ڦاسي ڏياري، سڄي ملڪ تي ھو مطلق العنان ڊڪٽيٽر ٿي حڪومت ھلائڻ لڳو.
    ڊسمبر 1936ع ۾ رشيا لاءِ نئون آئين جاري ڪيائين، جنھن ڪري سوويت يونين ۾ قوميتن جو مسئلو انصاف ۽ خوش اسلوبيءَ سان حل ٿيو ۽ ھيٺيون مکيه رياستون ۽ ٻيون ڪل رياستون، برابريءَ جي بنياد تي گڏجي، ڪم ڪرڻ لڳيون: 1. رشيا 2. يوڪرين 3. وائيٽ رشيا 4. آزربائيجان 5. آرمينيا 6. ترڪمانيا 7. ازبڪستان 8. تاجڪستان 9. قزاقستان 10. ڪرگيزستان، وغيره.
    سيپٽمبر 1938ع ۾ ھن اعلان ڪيو ته ھو جرمنيءَ جي دٻاءَ ۽ تشدد آڏو، زيڪوسلويڪيا جي مدد ڪندو، بشرطيڪ انگلنڊ ۽ فرانس به ان جي مدد ڪندا. پر جڏھن ڏٺائين ته اُنھن ٻنھي حڪومتن زيڪوسلويڪيا جي ورھاست قبولي، اُن ملڪ کي قربان ٿيڻ ڏنو. ته وقت جي مصلحت ڏسي، اڪيلو طاقتور دشمن ھٽلر جو مقابلو نه ڪيائين، ۽ ماٺ ۾ رھيو.
    ان کان پوءِ جڏھن جرمنيءَ پولينڊ تي حملو ڪرڻ گھريو، ۽ ھن سمجھيو ته اُن موقعي تي به انگلنڊ ۽ فرانس ۽ ٻيا مغربي جمھوري ملڪ اُن جو ڪو مقابلو ڪونه ڪندا، تڏھن پاڻ ھٽلر سان سمجھوتو ڪري ورتائين، ۽ ائين ٻيءَ مھاڀاري لڙائيءَ ۾ ھٽلر جي وڌندڙ فوجن کي منھن ڏيڻ لاءِ، وقت ۽ مفاصلي جي سھوليت پنھنجي ملڪ ۽ فوج جي بچاءَ ۽ فائدي لاءِ حاصل ڪري ورتائين.


    فصل ڇھون

    6. فرانس:

    يورپ جو پنجون مکيه ملڪ فرانس آھي. پھرينءَ مھاڀاري لڙائيءَ ۾ فرانس جا تيرھن لک پنجاسي ھزار (1385000) سپاھي مُئا ۽ 30 لک ماڻھو ڦٽيا ھئا. چار لک ڇائيتاليھ ھزار (446000) ماڻھو قيدي بڻيا ھئا يا گم ٿيا ھئا.
    پر لڙائي اتحادين جي فائدي ۾ فيصل ٿيڻ بعد، اُنھن گڏجي شڪست کاڌل ملڪن بابت جيڪي فيصلا ڪيا ۽ عھدناما ٺاھيا ھئا، انھن مان گھڻي ۾ گھڻو نفعو فرانس کي پھتو. اُن کي جنگي تاوان مليو. جرمنيءَ جي ملڪ جو ڪجھ حصو کيس ڏياريو ويو. ليگ آف نيشنس ۾ اُن جي خاص حيثيت رھي. اُن ڪري جلد ئي ٿيل نقصان جي پورائي ڪري، ھيءُ ملڪ وري طاقت وٺي ويو.
    ھٽلر جي ھٿ ھيٺ طاقتور ٿيڻ بعد، جرمنن فرانس کان اُن جي قبضي وارو اُھو پنھنجي ملڪ جو حصو ته ڇڏايو، پر اُن سان اھڙو رويو اختيار ڪيائون، جنھن سان فرانس جي حڪومت وري اُنھن کان خطرو محسوس ڪرڻ لڳي. ان ڪري جنوري 1935ع ڌاري فرانس جي حڪومت اٽليءَ جي حڪومت سان آفريڪا بابت سمجھوتو ڪيو، ۽ مئي 1935ع ۾ سوويت يونين سان عھدنامو ڪيو، ۽ اھڙيءَ طرح ھو پاڻ کي جرمنيءَ جي خلاف مضبوط ڪرڻ لڳا.
    فرانس کي سڀ کان پھرين جديد صنعتي دور جي انقلابي حڪومت قائم ڪندڙ ۽ جمھوري اصولن جو علمبردار تسليم ڪيو ٿي ويو. بھرحال اُن جي، ٻيءَ مھاڀاري لڙائيءَ کان ٿورو اڳ، حالت ھيءَ ھئي ته پارٽين جي ڪثرت ۽ انھن جي ڀڃڻ ٺھڻ ڪري، اُتي ڪابه مضبوط وزارت ٺھي نٿي سگھي، ۽ اُن جون وقت به وقت وزارتون بدلبيون ٿي رھيون. اھڙين حالتن ھيٺ، اُن وقت جي حڪومت جي ڪمزور پاليسيءَ کان متاثر ٿي، ملڪ جي عام راءِ، جنوري 1936ع ۾، مسٽر لاول جي وزارت ڪيرائي، ليان بلوم جي وزارت طاقت ۾ آندي، جنھن ۾ ترقي پسند گروھ جي ڪثرت ھئي. پر پوءِ به فرانس جي حڪومت ۾ پائداري ڪانه آئي، ۽ اپريل 1938ع ۾ ڊاڊليئر وزارت جي نئين حڪومت ٺھي، جا به ڪا ٿورو وقت ئي قائم رھي سگھي. آخر ۾ جڏھن پولينڊ جي سوال تان انگلنڊ ۽ فرانس سيپٽمبر 1939ع ۾ جرمنيءَ سان جنگ جو اعلان ڪيو، ته ٻيھر ڊاڊليئر کي وزير اعظم ڪري رکيو ويو. ٻيءَ مھاڀاري لڙائيءَ جو گھڻو وقت ھيءُ ئي وزير اعظم ٿي رھيو ۽ فرانس جي تاريخ جي اُن اھم دور ۾ ھُن مکيه پارٽ ادا ڪيو. ان ڪري اُن دور جي يورپ جي مکيه ماڻھن مان ڊاڊليئر جي حياتيءَ جو مختصر احوال پيش ڪرڻ به ضروري ٿو نظر اچيم.


    ڊاڊليئر

    ايڊئور ڊاڊليئر فرانس جي شھر ڪارپنٽراس ۾، 8 جون 1884ع تي ڄائو ھو. ھن جو پيءُ ڳوٺ جو نانوائي ھو. ھيءُ اسڪالرشپ وٺي پڙھيو، گريجوئيٽ ٿيو، ۽ ماستري ڪرڻ لڳو.
    1914ع جي پھرين مھاڀاري لڙائيءَ وقت، فرانس ۾ زوريءَ ڀرتيءَ جي دستور مطابق، ھن کي فوج ۾ داخل ٿيڻو پيو. جنگ پوري ٿيڻ تي، موٽي ڳوٺ اچڻ کان پوءِ، ھن سياست ۾ دلچسپي ورتي ۽ ريڊيڪل سوشلسٽ پارٽيءَ جو ڪارڪن ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. ڪجھ وقت کان پوءِ ھيءُ ڪارپنٽراس شھر جو ميئر چونڊيو ويو.
    1919ع ۾ 35 سالن جي عمر ۾ ھيءُ پھريون ڀيرو چيمبر آف ڊيپوٽيز جو ميمبر چونڊيو. اُن کان پوءِ، 1924ع کان وٺي، ھو ڪيترين وزارتن ۾ شامل ٿيو، ۽ لاڳيتو مختلف عھدن تي ڪم ڪندو آيو.
    آخر ۾، 1939ع جي سيپٽمبر ۾، ھيءُ فرانس جو وزير اعظم ٿيو، ۽ جنگ جو سمورو وقت اُن عھدي تي پاپيولر فرنٽ طرفان فائز رھندو آيو. ملٽري ڳالھين ۾ خاص دلچسپي ھيس، ۽ ان علم تي ھن ڪيترائي اھم ۽ مستند ڪتاب لکيا.


    فصل ستون

    7. اسپين

    1936ع ۾ اسپين جي حڪومت ۾ اقتدار ھٿ ڪرڻ تان ٻن نظرياتي گروھن جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا: انھن مان ھڪ جمھوري سوشلسٽ راين جي پارٽي ھئي ۽ ٻي فسطائي خيالن جي پارٽي ھئي. ٿيندي ٿيندي، انھن جي پاڻ ۾ سِول وار (خانه جنگي) شروع ٿي. عام ماڻھو ۽ اُنھن جا طرفدار ھڪ طرف ھئا؛ مذھبي مھندار، زميندار ۽ ڪامورا ٻئي طرف ھئا. حالتون ايتري قدر خراب ٿي ويون، جو انھن پارٽين کي ٻاھرين طاقتن به مدد ڏيڻ شروع ڪئي. جمھوري پارٽيءَ کي سوويت يونين ۽ انگلنڊ طرفان ٿوري مدد ملي، پر فسطائين کي جرمنيءَ ۽ اٽليءَ طرفان نه رڳو رضاڪار بلڪ ھٿيار ۽ ھوائي جھاز به مدد ۾ موڪليا ويا. نتيجو اھو نڪتو ته آخر گھڻي خون خرابي کان پوءِ حڪومت جي واڳ ملٽريءَ جي جنرل فرئنڪو جي ھٿ ۾ آئي، ۽ سارو ملڪ فسطائي حڪومت جي قبضي ۾ اچي ويو.
    اسپين يورپ جي سڀني ملڪن کان پٺتي پيل ھو. ان ۾ زمين تي قبضو وڏن زميندارن ۽ مذھبي مھندارن جو ھو. تعليم تمام گھٽ ھئي. ان ۾ 45 سيڪڙو ماڻھو اڻ پڙھيل ھئا، جو سيڪڙو يورپي ملڪن جي مقابلي ۾ نھايت گھڻو ھو. منجھس بي زمين ھاري گھڻا ھئا. سندن حڪمران طبقو ظالم، غير جوابدار، مغرور، جاھل، ھوا جي رخ تي ڦرندڙ گھرندڙ، بي اصولو ۽ اڻ لائق ھو. سندن حال ھوبھو سنڌي وڏيرن جھڙو ھو.
    اُن وقت اسپين جو بادشاھ ”الفانسو تيرھون“ ھو، جنھن جي اختيار ۽ اقتدار جو سڄو مدار زميندارن، پادرين ۽ لشڪر تي ھوندو ھو. ملڪ جي زمين 50 سيڪڙي کان به مٿي صرف ھڪ سيڪڙو ماڻھن جي ھٿ ۾ ھئي، جيتوڻيڪ ملڪ جو 72 سيڪڙو ماڻھو زراعت تي گذر ڪندڙ ھئا. 40 سيڪڙو ماڻھو اھڙا ھئا، جن کي ايڪڙ زمين به ڪونه ھو. باقي ماڻھن کي به تمام ٿوري زمين ھئي. رڳو ھڪ ' ڊيوڪ آف البا ' جي ھٿ ۾ سموري بيلجم جي ملڪ جي ايراضيءَ جيتري زمين ھئي. زميندار اڪثر ڪري زمين جي پيدائش مان عيش عشرت ۽ سير شڪار تي خرچ ڪندا ھئا. اُنھن مان گھڻا زمين تي رھڻ جي عيوض سڄو وقت وڏن شھرن ۾ گذاريندا ھئا.
    اسپين جو لشڪر تي تمام گھڻو خرچ ھو. سندن لشڪر ۾ 700 جنرل ۽ 21 ھزار آفيسر ھئا. ھر ڇھن سولجرن پٺيان ھڪ آفيسر ھونِ!
    ملڪ ۾ 40 ھزار پادري ھئا، جن سڀني کي پگھار حڪومت کان ملندا ھئا، جي سياست ۾ زميندارن ۽ ڪامورن سان گڏجي حصو وٺندا ھئا. مذھبي ادارن جي ھٿ ۾ زمين کان علاوه کاڻيون، ھنري ڪارخانا، سامونڊي جھاز، ٽرامون، اليڪٽرسٽي، بسون وغيره ھونديون ھيون.
    اھي پادري، مذھبي ڳالھين کان سواءِ، ملڪ جي زمينداري ۽ ٻين پيشن ۾ دلچسپي وٺندا ھئا. ملڪ جو سمورو تعليمي سرشتو سندن قبضي ۾ ھو. مذھب کي انھن ملڪي سياست جو رانديڪو بڻائي ڇڏيو ھو.
    اسپين ۾ 1931ع جي چونڊن بعد بادشاھي ختم ٿي، ۽ ريپبليڪن پارٽيءَ جي ھٿ ۾ حڪومت آئي. اُھا پارٽي وچين طبقي جي ماڻھن تي، جن ۾ ننڍا ڪامورا، پروفيسر، اديب وغيره ھئا، مشتمل ھئي. انھيءَ پارٽيءَ جي ليڊرشپ مئنوئل ازانا نالي جمھوريت پسند اڳواڻ جي ھٿ ۾ ھئي، جو ريپبليڪن پارٽيءَ جي حڪومت جو وزير اعظم ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. اُنھيءَ پارٽيءَ ملڪ جو آئين ٺاھيو، جنھن ۾ ھنن مذھبي ماڻھن جي حڪومت مان دست اندازي ڪڍي ڇڏي، سياست ۽ مذھب کي جدا ڪيو، حڪومت کي رعيتي راڄ بڻايو، تعليم زوريءَ ۽ مفت ڪئي، زالن کي ووٽ جو حق ڏنو، خاندانن جا لقب رد ڪيا، ڪارخانن جي مزدورن کي وڌيڪ حق ڏياريا.
    پر ھيءُ آئين پوريءَ طرح عمل ۾ اچي ڪين سگھيو. ھن پارٽيءَ جي ڪارڪنن نظرياتي ڳالھين تي وڌيڪ ۽ عملي ڳالھين ڏي گھٽ ڌيان ڏنو. کين خبر ھئي ته سندن دشمن زميندار، پادري ۽ ملٽريءَ وارا نھايت خطرناڪ ھئا، پر سواءِ قانون ٺاھڻ جي انھن جي طاقت گھٽائڻ لاءِ عملي طرح ڪوبه قدم نه کنيائون.
    انھيءَ آئين پاس ٿيڻ تي جنرل سنجورجا نالي ھڪڙي فسطائي خيالن جي فوجي جنرل حڪومت خلاف بغاوت ڪئي، پر ھو اڀري ڪونه سگھيو، ۽ ناڪام ٿيو. ريپبليڪن پارٽيءَ پوءِ ديولين جي ملڪيت کي قومي ملڪيت بڻائڻ جو ٺھراءُ پاس ڪيو. پر ملڪيت جو قبضو اُھوئي ديولين جي حوالي رھيو ۽ عملي طرح اُھو اُنھن کان ڇڏائي نه سگھيا. ملٽريءَ جي طاقت گھٽائڻ لاءِ ھنن ڏھاڪو ھزار آفيسرن کي پوري پگھار جي پينشن ڏيئي فوج مان بيدخل ڪري ڇڏيو. پر ريپبليڪن پارٽيءَ جي اُھا وزارت گھڻو وقت قائم رھي نه سگھي. اڍائن سالن کان پوءِ ھِنن جي وزارت ڪري پيئي، ۽ اُن جي جاءِ تي ساڄيءَ ڌر جي قبضي واري گڏيل وزارت ( ”پاپيولر فرنٽ“ جي نالي ۾) طاقت ۾ آئي. ھِن وزارت، اڳـئينءَ وزارت جي ڪم کي رد ڪرڻ شروع ڪيو.
    اُن تي آڪٽوبر 1934ع ۾، سوشلسٽ گروھ ان جي مخالفت ڪئي، جنھن کي طاقت ۾ آيل حڪومت زبردستيءَ سان دٻائي ڇڏيو. اُن جي نتيجي ۾ 1935ع ڌاري 30 ھزار کن ريپبليڪن ۽ سوشلسٽ جيلن ۾ وڌا ويا. ساڄي ڌر 1936ع جي اول تائين طاقت ۾ رھي.
    فيبروري 1936ع جي نين چونڊن ۾ وري ريپبليڪن پارٽي ٿوريءَ اڪثريت سان ڪامياب ٿي، جنھن جو وزير اعظم ساڳيو مئنوئل اِزانا ٿيو. ان وري به 1931ع واري تجويز ڪيل پروگرام کي عمل ۾ آڻڻ گھريو ٿي، جنھن تي ساڄيءَ ڌُر جي زميندارن، شاھوڪارن، ڪامورن ۽ فوج حڪومت خلاف کليل بغاوت ڪئي.
    اُنھن جنرل فرئنڪو کي، جو اسپين جي بيٺڪي ڪنيري ٻيٽن جو گورنر ھو، جرمن ھوائي جھاز ۾ گھرائي، موئرن (موراڪو جي رھاڪو مسلمانن) جي لشڪر جي مدد سان، اسپين ۾ آندو. ان بعد ملڪ ۾ خانه جنگي شروع ٿي ويئي. ان جنگ کي ڪميونسٽ ۽ فاشزم جي جنگ جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. آخر ۾ اڌ اسپين تباھ ڪري، جنرل فرئنڪو حڪومت تي قابض ٿيو.
    ھيٺ اُن جنرل فرئنڪو جي شخصي زندگيءَ جو مختصر احوال ڏجي ٿو:


    جنرل فرئنڪو

    ھيءُ اسپين جي صوبي گليشيا ۾ ڄائو ھو. ھي پشت به پشت بَري ۽ بحري لشڪر ۾ نوڪري ڪندڙ آفيسرن جي ڪٽنب مان ھو. ھيءُ ابتدائي تعليم وٺڻ کان پوءِ لشڪر ۾ ڀرتي ٿيو، ۽ فوجي نوڪريءَ ۾ پنھنجي ڪارڪردگيءَ جو نھايت سٺو رڪارڊ قائم ڪيائين. 34 سالن جي عمر ۾ جنرل جي عھدي تي پھتو. ڪجھ وقت اسپين جي بيٺڪي ملڪ موراڪو ۾ به مختلف عھدن تي رھيو.
    جڏھن پھريون ڀيرو ساڄيءَ ڌُر جي گڏيل (پاپيولر فرنٽ) حڪومت قائم ٿي، تڏھن ھنن ھِن کي چيف آف اسٽاف مقرر ڪيو. اُن تي طاقت مان نڪتل ريپبليڪن پارٽيءَ جي ڪارڪنن کي ڪي شڪ شبھا پيدا ٿي پيا، جنھن تي اُنھن کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ حڪومت ھن، کي ڪينري ٻيٽن ڏي گورنر ڪري موڪلي ڇڏيو.
    اُن کان پوءِ، سڌي طرح فسطائي ڌُر جي قبضي کان پوءِ ھيءُ جرمن ھوائي جھاز ۾ چڙھي، ڪينري ٻيٽن کان اسپين موٽي آيو، ۽ جيئن مٿي ذڪر ٿيو، موئرن (موراڪو جي غلام مسلمان لشڪر) جي طاقت سان، حڪومت جون واڳون ھٿ ڪيائين.
    ھو ھڪ ظالم ۽ ڪٺور ڊڪٽيٽر ھو. ھن جي دورِ اقتدار ۾ لکين مزور، ھاري ۽ دانشور، جن انساني آزاديءَ جو ٿورو به نالو ٿي ورتو، گولين جو بَک ٿي ويا، ڦاسين تي چڙھيا ۽ جيلن جي ڪال ڪوٺڙين ۾ ڳري ڳري ختم ٿي ويا.
    يورپ ۾ سوشلزم جا دشمن جيڪي فسطائي ڊڪٽيٽر، پنھنجي پنھنجي ملڪ تي قابض رھيا، يعني جرمنيءَ ۾ ھٽلر ۽ اٽليءَ ۾ مسوليني، اُنھن جو ئي ھم شريڪ ۽ ساٿي، اھڙو ئي سنگدل ۽ انسان دشمن، ھي اسپين جو ڊڪٽيٽر جنرل فرئنڪو به ھو.
    جيتوڻيڪ ھيءُ ھٽلر ۽ مسولينيءَ جي مدد سان ئي اسپين جي گھرو لڙائيءَ ۾ ڪامياب ٿي سگھيو ھو، ۽ سياسي فڪر ۽ مقصدن ۾ اُنھن جو ئي ساٿي ھو، پر ٻي مھاڀاري لڙائيءَ ۾ ھو اُنھن سان شامل نه ٿيو، ۽ ائين ھن پنھنجي ملڪ کي جنگ جي تباھ ڪارين کان ۽ پاڻ کي اُنھن وانگر قبل از وقت موت کان بچائي ورتو.


    فصل اٺون

    8. چين

    چين ايشيا جو وڏي ۾ وڏو ملڪ آھي. چين ايشيا ۾ پنجٽيھ لکن ميلن جي ايراضيءَ ۽ ھن وقت اسي ڪروڙ جي آدمشماريءَ ۽ 36 پرڳڻن جو ملڪ آھي.
    ھيءُ ملڪ ٽن ھزار سالن کان به اڳ تھذيب ۽ تمدن جو مالڪ رھيو آھي. گھڻي وقت کان مٿس مختلف گھراڻن جي شھنشاھن جي حڪومت رھي آھي. اُن شھنشاھي قسم جي حڪومت کي 1911ع ڌاري ڊاڪٽر سَن يات سين نالي ھڪ قومي ليڊر ختم ڪري، اُتي رعيتي راڄ قائم ڪيو.
    سَن يات سين موجوده نئين چين جو اَبو سڏجي ٿو. سندس تعليم جا مکيه متا ٽي ھئا: (1) نيشنلزم (قومپرستي)، (2) سوشلزم، ۽ (3) جمھوريت.
    ھن ھڪ مضبوط جماعت ٺاھي، جنھنجو نالو ڪومنتانگ پارٽي ھو. ھن 12 مارچ 1925ع تي وفات ڪئي. اڪثر پارٽين وانگر، ھِن پارٽيءَ ۾ ٻن رجحانن جا ڪارڪن ھئا: ھڪڙا ساڄيءَ ڌُر جا ۽ ٻيا کاٻيءَ ڌُر جا. ساڄيءَ ڌر وارن جو مکيه ليڊر چيانگ ڪائي شيڪ ٿيو، ۽ ٿيندي ٿيندي، کاٻيءَ ڌر جي ليڊريءَ جي واڳ مائوزي تنگ جي ھٿ ۾ آئي.
    ملڪ وڏو، ماڻھو گھڻا، شھنشاھي طاقت ختم ٿيڻ بعد ڪجھ وقت لاءِ ملڪ اندروني خلفشار ۾ مصروف رھيو. ملڪ جي گھڻن حصن ۾ مڪاني، جنگي اڳواڻن جوقبضو رھيو، جي ان کي پنھنجي مقصدن خاطر استعمال ڪرڻ لڳا.
    سن يات سين کان پوءِ، پارٽيءَ جي ليڊري چيانگ ڪائي شيڪ جي ھٿ ۾ آئي، ۽ سمورو ٻيءَ مھاڀاري لڙائيءَ جو عرصو، چين جي مکيه سربراھ طور ھيءُ يورپ جي فسطائين جو مقابلو ڪندو رھيو. اِن ڪري سندس زندگيءَ جو مختصر احوال اھم ڄاڻي، ھيٺ ڏجي ٿو.


    چيانگ ڪائي شيڪ

    ھيءُ چين جي چيانگ صوبي جي ڳوٺ چيڪو ۾ 1887ع ۾ ڄائو ھو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته لاشڪ ھن جي وڏن جي لِڇ عرب ۽ پورچوگيزن سان لڳي ٿي.
    ھيءُ ابتدائي تعليم مڪاني طرح حاصل ڪرڻ بعد 19 سالن جي عمر ۾ جپان ۾ تعليم وٺڻ لاءِ ويو. اُتان موٽڻ بعد ڪجھ سال ملٽريءَ ۾ نوڪري ڪيائين. اُتي ھن جي واقفيت ڊاڪٽر سَن يات سين سان ٿي، جنھنجي صحبت ڪري، ھيءُ چيني قومپرستيءَ جي رنگ ۾ رچجي ويو. اُن کان پوءِ ھيءُ ”تنگ مينگوئي“ خفيه پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو، جنھن نيٺ وڃي ”ڪومنتانگ پارٽيءَ“ جي شڪل اختيار ڪئي.
    جڏھن 1911ع ۾ سَن يات سين جي ڪوشش سان منچو گھراڻي جي شھنشاھي ختم ٿي ۽ چين ۾ رعيتي راڄ قائم ٿيو، ته ھن جپان کان واپس چين ۾ اچي نوڪري ڪئي. ھيءُ 1911ع کان 1916ع تائين مڪاني بغاوتن ۽ خانه جنگين کي ختم ڪرڻ لاءِ لڙندو رھيو.
    1917ع ۾ ھيءُ، نوڪري ڇڏي واپار ڪرڻ لڳو. وري 1921ع ڌاري موٽي وڃي لشڪر ۾ نوڪري ڪرڻ ۽ ملڪي سياست ۾ حصو وٺڻ لڳو. 1923ع ۾ سَن يات سين ھن کي ماسڪو ڏي ملٽري ٽريننگ لاءِ موڪليو. اُتي ٽراٽسڪيءَ ھن کي چيو ته ”انقلابيءَ لاءِ صبر ۽ سخت محنت لازمي ڳالھيون آھن.“ آئينده سڄي زندگي ھيءُ اُن مقولي تي عمل ڪندو رھيو. ملڪ ۾ واپس اچڻ بعد ھن کي نئين ملٽري ائڪڊميءَ جو پرنسيپال ڪري رکيو ويو.
    ھن کي سَن يات سين جي وفاتيءَ بعد 1925ع ۾ ڪومنتانگ پارٽيءَ جي اسٽئنڊنگ ڪاميٽيءَ جو چيئرمن مقرر ڪيو ويو، ۽ سگھو ئي لشڪر جو ڪمانڊر انچيف ٿي ڪم ڪرڻ لڳو.
    سَن يات سين ملڪ جي مضبوطيءَ ۽ ترقيءَ لاءِ پنھنجي پروگرام کي ٽن درجن ۾ ورھايو ھو. اُن مان پھريون درجو اھو ھو ته ساري ملڪ تي لشڪر جي ذريعي پورو قبضو ڪيو وڃي. اُن جو ٻيو درجو ماڻھن ۾ سياسي شعور پيدا ڪري، جمھوري ڳالھين جي تربيت ڏيڻ جو ھو، ۽ ٽيون درجو ملڪ ۾ آئيني ۽ اقتصادي ترقي آڻڻ جو ھو.
    پھرئين ڪم واسطي ھن روسي آفيسر گھرائي، اُنھن جي مدد ۽ تربيت سان ملٽري طاقت (قوت) کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي. بدقسمتيءَ سان سندس حياتي پوري ٿيڻ ڪري، اُھو ۽ ٻيا ڪم اڌ ۾ رھجي ويا.
    سندس وفات کان پوءِ، ھن جي پارٽي ٻن رجحانن جي ڪارڪنن ۾ ورھائجي ويئي- ھڪڙن قومپرستيءَ کي ترجيح ڏيئي. ملڪ کي صحتمند ۽ مضبوط ڪرڻ طرف رُخ رکيو؛ ۽ ٻين عوام جي اقتصادي ترقيءَ کي وڌيڪ اھميت ڏني ٿي. چيانگ ڪائي شيڪ ساڄيءَ ڌُر جي اڳواڻي ھٿ ۾ کڻي، قومپرستيءَ طرف لاڙو ڏيکاريو. کاٻيءَ ڌر جي اڳواڻيءَ جي واڳ مائوزي تنگ جي ھٿ ۾ آئي. کاٻيءَ ڌر وارن جو مرڪز ھئنڪو ۾ ھو.
    جپانين 1931ع کان چين تي حملا ڪري، پھرين اُن ملڪ جو حصو منچوريا والاريو، ۽ 1932ع ۾ اُن جي مکيه شھر شانگھائيءَ ۾ لشڪر آڻي، اتي اثر ڄمايو. منچوريا ۾ ھنن ”آزاد حڪومت“ جي نالي سان پنھنجي اثر ھيٺ مڪاني حڪومت برپا ڪئي. 1936ع ۾ ھنن ڪوئنگ تونگ صوبي تي قبضو ڪيو. ھن مرحلي تي چيانگ ڪائي شيڪ جپانين سان وڙھڻ جي عيوض، کاٻيءَ ڌر جي قومي ڪارڪنن تي سختي ۽ ظلم ڪرڻ شروع ڪيا، ۽ پنھنجو گھڻو وقت اُن ڪم ۾ صرف ڪندو رھيو.
    سندس اُن پاليسيءَ کان مجبور ٿي، ڪميونسٽن ڊگھو سفر ڪري، ملڪ جي ڏورانھين اُترئين حصي ۾ وڃي پناھ ورتي.
    چيانگ ڪائي شيڪ جِي، اُن پاليسيءَ ۾، آمريڪا ۽ مغربي سامراجي طاقتن به مدد پئي ڪئي. ھوڏانھن جپان به ھن جو نالو نٿي ورتو. ھن پنھنجي گاديءَ جو ھنڌ پيڪنگ کان ڦيرائي نانڪنگ ۾ ڪيو. اُن ۾ به سندس مقصد رڳو ھيءُ ھو ته اُتر ۾ پناھ وٺي وڃي ويٺل کاٻي ڌر وارن پنھنجن ھم وطني مخالفن کي آسانيءَ سان اُتان ويجھو دٻائي ۽ ختم ڪري سگھجي.
    ھن جي سرڪار ”نيشنلسٽ حڪومت“ جي نالي سان سڏجڻ ۾ آئي. ھن سَن يات سين جي پروگرام جي پھرئين درجي جي تڪميل لاءِ پھريائين جنگ ذريعي چين کي متحد ڪرڻ گھريو ٿي. اُن لاءِ ھن کي پيسي جي درڪار ھئي، جو ھُن، ملڪ جي شاھوڪار طبقي ۽ سامراجي طاقتن کان ڪميونسٽن جي خلاف ڪم ڪرڻ جي انجام تي، ورتو ٿي.
    1927ع کان 1937ع جا ڏھ سال ھيءُ انھيءَ پاليسيءَ مطابق ڪم ڪندو رھيو. ھن مئڊم مي لنگ سونگ سان شادي ڪئي، جا سن يات سين جي ڀيڻ ھئي. اُن سان شادي ڪرڻ خاطر ھيءُ ڪرستان ٿيو.
    ڊسمبر 1936ع ۾ چيانگ ڪائي شيڪ کي ھڪ نوجوان جنرل چونگ ھوسي اِيانگ، يرغمال ڪري، زوريءَ پاڻ سان وٺي ويو، جو کاٻي ڌر جو ڪارڪن ھو. اُن کيس نقصان پھچائڻ جي عيوض کانئس ڪميونسٽن جي بدران جپان خلاف جنگ ڪرڻ جو واعدو وٺي، ھن کي ڇڏي ڏنو.
    اُن کان پوءِ ھن پنھنجي پاليسي بدلائي، جپان خلاف لڙائي ڪرڻ شروع ڪئي. اُن منزل تي، اِن ۾ ٻاھرين سامراجي طاقتن ۽ مڪاني شاھوڪار طبقي جو به ھُن سان ساٿ ھو، ڇاڪاڻ ته جپان نھايت اڳرائيءَ واري پاليسي اختيار ڪري، سندن مفاد کي به نقصان پھچائي رھيو ھو. 1937ع جي آخر ۾ جپانين نانڪنگ تي قبضو ڪيو. سگھو ئي ھنچائو ورتائون. جنوري 1938ع ۾ ھنن تيانگ تائو تي قبضو ڪيو. 21 آڪٽوبر 1938ع تي ڪئنٽن ورتائون. 25 آڪٽوبر 1938ع تي ھئنڪو تي قبضو ڪيائون.
    ان کان پوءِ ھُن چين جي گادي بدلائي، ملڪ جي ڏورانھين شھر چنگ ڪنگ ۾ آندي، جتي ھو سمورو ٻيءَ مھاڀاري لڙائيءَ جو وقت رھندو آيو. جنگ ختم ٿيڻ تي، جڏھن جپانين کي شڪست آئي، ۽ ساري ملڪ تي ھن کي قبضو مليو، ته ھن وري ڪميونسٽن خلاف سختي ڪرڻ شروع ڪئي. پر اُن وقت تائين ڪميونسٽ ملڪ ۾ گھڻو اثر پيدا ڪري ويا ھئا، ۽ سندن جنگي طاقت به وڌي ويئي ھئي. ان ڪري اُنھيءَ تصادم ۾ باوجود آمريڪا جي اڪيچار پيسي ۽ ھٿيارن جي مدد جي، چيانگ ڪائي شيڪ جي حڪومت گھڻو وقت ھلي نه سگھي، ۽ سارو ملڪ مائوزي تنگ جي ڪميونسٽ گروھ جي ھٿ ۾ اچي ويو، ۽ ھُن وڃي چين کان ٻاھر فارموسا جي چيني ٻيٽ ۾ پنھنجي قومي حڪومت قائم ڪئي، جتي اڄ تائين، سندس مري وڃڻ کان پوءِ به، آمريڪين جي مدد سان ھن جي پارٽي راڄ ڪري رھي آھي.
    ھن جي حڪومت ۾ نھايت اعليٰ تعليم يافته، قابل ۽ محنتي قومي ڪارڪن ھئا. پر سندن ھٿ صاف نه ھئا ۽ شاھوڪار طبقو ھِن ۽ سندس عملدارن کي خريد ڪري، انھن وٽان پنھنجا مطلب پورا ڪرڻ لڳو. نتيجو اھو نڪتو ته عوام جي حالت روز بروز خراب ٿيندي ويئي، ۽ ان کي درست ڪرڻ جي عيوض، ھُن عوامي ناراضگيءَ لاءِ ڪميونسٽن کي جوابدار ٺھرائي، ملڪ ۾ دٻاءَ جي پاليسي اختيار ڪئي، جا گھڻو وقت ھلي نه سگھي، ۽ ھو سارو ملڪ وڃائي ويھي رھيو.


    مائوزي تنگ

    چين جي جديد تاريخ جو ٻيو مکيه ماڻھو مائوزي تنگ آھي. ھيءُ 1893ع ۾ ھونان جي ڳوٺ ۾ ڄائو ھو. ھن جو پيءُ کيتي ڪندو ھو. ھي پاڻ ڇھن سالن جي عمر ۾ ٻنيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو، ۽ ساڳئي وقت ھي چانگشا جي اسڪول ۾ پڙھندو به ھو. ننڍپڻ کان ھن کي ڪتابن پڙھڻ جو شوق ھوندو ھو. ھن جو واندو وقت ڪتابن جي مطالعي ۾ ڳوٺ جي ننڍڙي لئبرريءَ ۾ گذرندو ھو. ڪجھ وقت کان پوءِ پڙھڻ کان فارغ ٿي، ھيءُ ملڪي سياست ۾ حصو وٺڻ لڳو.
    ابتدا ۾ ھيءُ سن يات سين جي نيشنلسٽ پارٽيءَ جو ميمبر ھو. پر جڏھن ڏٺائين ته نيشنلسٽ پارٽيءَ جي ساڄي ڌر، ملڪي شاھوڪارن ۽ غير ملڪي سامراجين جي قبضي ۾ ھئڻ سبب، عوام جي حالت بھتر بڻائڻ لاءِ ڪوبه قدم کڻڻ لاءِ تيار نه ھئي، بلڪ قوم پرستيءَ جي نالي ۾ چند شاھوڪارن ۽ ڪامورن جي فائدي لاءِ ملڪي ڪاروبار ھلائي رھي ھئي، تڏھن ھن سوشلزم کي نيشنلزم تي ترجيح ڏيئي، سڌيءَ طرح پورھيت عوام کي سجاڳ ڪرڻ ۽ منظم ڪرڻ جو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. 1927ع ۾ ھن کي چين جي ھارين جي يونين جو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. 1930ع ڌاري ھيءُ چين جي مزورن ۽ ھارين جي انقلابي ڪميٽيءَ جو چيئرمين مقرر ٿيو.
    جڏھن چيانگ ڪائي شيڪ، ڪومنتانگ پارٽيءَ جي کاٻيءَ ڌر خلاف ڪات ڪھاڙا کنيا، ته مائوزي تنگ ڪميونسٽ خيالن جي ڪارڪنن کي پاڻ سان وٺي، ڊگھو سفر ڪري، ڪنھن محفوظ جڳھ تي پير کوڙي بيھڻ لاءِ، حالي دشمن جي نظرن کان ھٽي وڃڻ شروع ڪيو. اُن ڊگھي سفر جو نھايت دلچسپ قصو آھي، جنھنجو مختصر احوال ھڪ انگريز ايڊگر سنو نالي سندس ڪتاب ”ريڊ اسٽار اوور چائنا“ ۾ نھايت پرجوش اسلوب سان بيان ڪيو آھي.
    مائوزي تنگ جا ٻه مکيه مددگار ھئا، جي ھر حالت ۾ ساڻس گڏ رھيا ۽ سندس مددگار رھيا: اُنھن مان ھڪ ھو جنرل جيوڊي، ۽ ٻيو ھو مسٽر چو اين لائي.
    مائوزي تنگ محنتي، نظرياتي طور نھايت اعليٰ مفڪر ڪارڪن ھو. جپانين جي چين جي گھڻي ڀاڱي تي قابض ٿيڻ تي، ھيءُ ڪجھ وقت چيانگ ڪائي شيڪ سان گڏ جپانين خلاف جنگ آزاديءَ ۾ حصو وٺندو رھيو. ھن کي پتو ھو ته جپانين کان آزاديءَ بعد وري چيانگ ڪائي شيڪ جو گروه ڪميونسٽن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. ان ڪري اُنھيءَ لڙائيءَ جي عرصي ۾، جڏھن ٻاھرين سامراجي طاقتن به، سندن پنھنجن مفادن جي خيال کان، چينين کي پيسي ۽ ھٿيارن جي ھر طرح مدد پئي ڪئي، تڏھن ھُن اُن موقعي مان فائدو وٺي پنھنجي ماڻھن کي تربيت ڏيارڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، ۽ وس آھر پنھنجي ھم خيال فوجي دستن کي ھٿيارن گڏ ڪرڻ جو وجھ ڏياريو.
    مھاڀاري لڙائيءَ جي ختم ٿيڻ بعد جڏھن جپاني ملڪ مان نڪري ويا، ته چيانگ ڪائي شيڪ جي قوم پرست گروھ ۾ ھن جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي وچ ۾ تصادم ٿيو. اُن ۾ گھڻين قربانين ۽ ڪشالن بعد نيٺ ھن جي پارٽيءَ کي ڪاميابي نصيب ٿي ۽ ساري چين تي ڪميونسٽ پارٽيءَ جو قبضو ٿي ويو.


    فصل نائون

    جنگ جو احوال

    ٻيءَ مھاڀاري کان اڳ يورپ ۽ ايشيا جي خاص حالتن ۽ سياسي ليڊرن جي مختصر ذڪر ڪرڻ بعد، ھاڻ آءٌ اُن جنگ جو مختصر ۽ مکيه احوال پيش ڪندس.
    جرمنيءَ جي حڪومت اٽليءَ ۽ جپان جي فسطائي حڪومتن سان ڪميونزم خلاف عھدنامو ڪيو ھو. پر عالمي حالتن اھڙو چڪر کاڌو، جو سوويت يونين جي ڪميونسٽ حڪومت ۽ جرمنيءَ جي فسطائي حڪومت، پنھنجي پنھنجي عارضي مفاد خاطر، پنھنجن پنھنجن بنيادي اصولن ۽ اُنھن جي بنيادن تي ڪيل الڳ الڳ بين الاقوامي عھدنامن کي پُٺيءَ پويان اڇلائي، 28 سيپٽمبر 1939ع ڌاري، پولينڊ کي پاڻ ۾ ورھائي کنيو.
    ٻئي پاسي انگريزن ۽ فرينچن اڳي ئي پنھنجن پنھنجن مفادن خاطر پنھنجين پاليسين ۾ جيڪي ڦيريون گھيريون ڪيون ھيون، تن کان به پڙھندڙ واقف آھن – اُنھن جو ڪجھ ذڪر مٿي ٿي چڪو آھي.
    پر لڙائيءَ جي ھلندي ته ھر ڪو طاقتور مُلڪ، ليڪا لنگھي، ڀر وارن ڪمزور ملڪن تي قبضي ڪرڻ لاءِ سنبري بيھي رھيو ھو.
    شخصن وانگر قومون به خود مطلبيءَ، تنگ نظريءَ، غصي ۽ طاقت آزمائيءَ جي اوگڻن جو شڪار ٿي، اھڙا ڪم ڪرڻ لڳن ٿيون، جي انصاف، فراخدليءَ، پخته خياليءَ ۽ شرافت جي معيارن تي ٺيڪ نٿا لڳن. جھڙيءَ طرح ڪثرت تعداد ماڻھن جو، اخلاق جي روحاني معيارن مطابق، اڃا نا پختو ئي آھي، ساڳي حالت قومن جي به آھي. قومن جي حالت ۾، سندن خودغرضانه عملن جو مکيه ڪارڻ اھو پئي رھيو آھي ته جمھوري توڙي غير جمھوري ٻنھي قسم جي حڪومتن تي ”عام راءِ“ جو گھڻو اثر رھي ٿو- جا ھر ملڪ ۾ ناپختي ٿئي ٿي يا رکي وڃي ٿي. بھرحال ھنن ٻنھي قسم جي حڪومتن جي پاليسيءَ جو بئروميٽر، مختلف سببن ڪري، لھندو چڙھندو رھندو آھي ۽ اُھو ڪڏھن به يڪسان نٿو رھي.
    فسطائي ۽ ڪميونسٽ حڪومتن جي واڳ جيتوڻيڪ چند طاقتور ۽ حوصله مند ماڻھن جي ھٿن ۾ رھي ٿي ۽ اُن ڪري اُھي حڪومتون اندروني ڦيرگھير ۽ لوڏي لمي کان محفوظ رھن ٿيون، پر اُھي فلسفا سياست عمليءَ جي جنھن نظريي جا قائل آھن، تنھن موجب، وٽن مقصد جي حصول لاءِ طريقي ڪار جي پرواھ نه ھئڻ ڪري، ڪنھن غير متوقع قدم کڻڻ کي ھو عيب نٿا سمجھن. لڳ ڀڳ اِھا ئي حالت جمھوري حڪومتن جي به آھي، جيتوڻيڪ ھو پنھنجي مستقل اخلاقي قدرن ۽ اصولن جو ڍنڍورو دنيا جي اڳيان ڪجھ وڌيڪ پٽينديون رھنديون آھن. اِن سڄي صورتحال جو نتيجو اھو ٿو نڪري، ته موجوده دور جي قومي توڙي عالمي سياست ڪن اعليٰ اخلاقي ۽ روحاني معيارن موجب تقريباً بلڪل ئي ڪانه ٿي ھلي.
    نومبر 1939ع تي سوويت يونين بنان سبب جي فنلنڊ تي حملو ڪري، ان کي والارڻ جي ڪوشش ڪئي. اھا ڳالھ سمجھي سگھڻ گھرجي ته سڀ حڪومتون سندن ھر قدم لاءِ ڪنھن نه ڪنھن جواز پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون. پر حقيقت اُنھن جي حالت ۾ وري به اِھا ئي ٿي وڃي بيھي ته سنڌيءَ ۾ جيڪا چوڻي آھي ته ”ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مَٿا“، اُھا انھن سان ٺھڪي اچي ٿي.
    30 مارچ 1940ع تي، جپان چين جي نانڪنگ شھر ۾ پنھنجي ھٿ ھيٺ ھڪ ڪٺ پتلي حڪومت برپا ڪري، وانگ چانگ وي نالي شخص کي اُن جو سربراھ بڻائي ويھاري ڇڏيو.
    جرمني ۽ اٽلي ته کليو کلايو دنيا ۾ بيٺڪن جي ھٿ ڪرڻ لاءِ ھٿ پير ھڻي رھيون ھيون.
    اتحادي ملڪ پنھنجيءَ پنھنجيءَ جاءِ تي اڳي ئي سڻڀا ٽڪڙ ڳڙڪايو، پيٽ ڀريو، مزي سان اوڳرايون ڏيندا ٿي رھيا.
    يورپ ۾ جنگ شروع ٿيڻ بعد اھڙي ئي ڍاول ملڪ انگلنڊ جي وزير اعظم چيمبرلين جي نرم پاليسيءَ کان (جا اُن ملڪ جي ڍَوَ واري ڳھر ئي چئي ٿي سگھجي)، بيزار ٿي، انگلنڊ جي ماڻھن حڪومت جي واڳ سر ونسٽن چرچل جي ھٿ ۾ ڏني، جنھن ھمت سان (پنھنجي ”ملڪيت“ جي بچاءَ ۾) جنگ لاءِ ھر طرح جي تياري ڪئي.
    جرمنيءَ جي ابتدائي تڪڙين ڪاميابين ڪري، ھٽلر جو دماغي توازن گھڻو ڪجھ وڌيڪ لُڏي ويو، ۽ ھو يورپ ۾ ننڍين ننڍين حڪومتن تي ويو زوريءَ قبضو ڪندو.
    سندس ملٽري قوت ايتري مضبوط ھئي، جو ٿوري وقت اندر ھو ڊينمارڪ ۽ ھالينڊ کي والاري ويو. مئي 1940ع تي لگـزمبرگ تي قبضو ڪيائين.
    ڏھين جون 1940ع تي اٽليءَ به جرمنيءَ جي حمايت ۾ انگلنڊ ۽ فرانس جي خلاف جنگ جو اعلان ڪري، ڏکڻ فرانس تي حملو ڪيو. جون 1940ع تي جرمنيءَ جو فرانس تي مڪمل قبضو ٿي ويو، ۽ فرانس جي پيتان (Marshal Petain) حڪومت پئرس کي کليل شھر قرار ڏياري، جرمنيءَ اڳيان پيش پئي.
    اُن مھيني ۾ جرمنيءَ، انگريزن ۽ فرانس جي گڏيل لشڪرن کي ڊنڪرڪ جي نزديڪ تمام وڏي شڪست ڏني، جنھن ۾ انگلند جي ٻه لک پندرھن ھزار فوج ۽ فرانس جي ھڪ لک ويھ ھزار فوج ميدان جنگ ۾ ھارائي، مشڪل سان جان بچائي سگھي. ان لڙائيءَ ۾ رڳو انگلنڊ جي نقصان ٿيل يا قيد ٿيل سولجرن جو ٽيھ ھزار تعداد ھو. اُتان ھو پنھنجو جنگ جو سامان ڪجھ به بچائي نه سگھيا. سڀ جرمنن جي ھٿ چڙھي ويو. اُن کان پوءِ ئي فرانس، جنگ جي قوت نه ساري، جرمنيءَ جي پيش پيو، ۽ اُن جي مارشل پيتان جي ھٿ ھيٺ قائم ٿيل نئين حڪومت سندن ھڪ ماتحت حڪومت جي صورت ۾ ڪم ڪرڻ لڳي.
    ان کان پوءِ جرمنيءَ انگلنڊ تي سخت بمباري ڪري انھن جي ھمت کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ اُھي افواھ شروع ٿيا ته جرمني ڪنھن به وقت انگلنڊ تي حملو ڪري، ان کي والاريندي. ليڪن ھن قوم جي ھمت ڪمزور ڪانه ٿي ۽ ھي مضبوط ارادي سان جنگ ھلائيندا رھيا. انگلنڊ جي وزير اعظم چرچل ان وقت انگريز قوم جي ترجماني ڪندي، جا معرڪي واري تقرير ڪئي ھئي، سا پوءِ ضرب المثل ٿي پيئي- چي، ”اسين زمين تي لڙنداسون، ھوا ۾ لڙنداسون، سمنڊ ۾ لڙنداسون- جيستائين انگلنڊ ۾ ھڪ به ماڻھو زندھ رھندو، ھيڻي نه ٻولينداسون.“
    فرانس ۾ سڀ ماڻھو ھڪجھڙا نه ھئا. انھن مان جنرل ڊيگال جرمنيءَ جي تابعداري نه مڃي. ھن، ڪجھ پنھنجي دل جي ڏڍ تي ۽ ڪجھ انگريزن جي آسري تي، لنڊن ۾ جدا حڪومت قائم ڪئي ۽ فيصلو ڪيو ته فرانس طرفان جنگ ھلائيندو رھندو. ھن مارشل پيتان کي فرانس جو صحيح نمائندو نه سمجھي، انھيءَ سان تعلقات ٽوڙي ڇڏيا.
    ھوڏانھن، جنگ جي ميدان تي مٿي ذڪر ڪيل ڪاميابين ڪري، جرمنيءَ جو حوصلو وڌي ويو، جنھن اٽليءَ ۽ جپان سان سيپٽمبر 1940ع ۾ جنگي عھدنامو ڪري، وڌيڪ ملڪن تي قبضي ڪرڻ جو پروگرام رٿيو.
    28 آڪٽوبر 1940ع تي، اٽليءَ ۽ جرمنيءَ گڏجي يونان تي حملو ڪيو. يونانين ڪجھ وقت مقابلو ڪيو، پر ھو به، آخر مجبور ٿي، جرمنيءَ سان عھدنامو ڪري پيش پيا. 27 اپريل 1941ع تي، جرمن لشڪر يونان جي گاديءَ اٿينس ۾ داخل ٿيو. اُن تي انگريزن اتان به پنھنجو لشڪر واپس گھرائي ورتو، ۽ ھو پنھنجو سڄو جنگي سامان اُتي به جيئن جو تيئن ڇڏي آيا.
    ان وقت تقريباً سڄي وچ يورپ تي جرمن فوجن جو اقتدار قائم ٿي ويو ھو. ملڪ گيريءَ جي ھَوسَ ۾ ھنن قومي وعدن، اخلاقي اصولن ۽ انساني حقوق کي وساري، پاڙيسري ملڪن تي ھڪ ٻئي مٿان قبضا ڪرڻ شروع ڪيا. پارسيءَ جي چوڻي آھي ته ”ھفت اقليم بيگرد بادشاھ، ھمچنان دريند اقليم دگر“ (جيڪڏھن بادشاھ ستن ملڪن تي قبضو ڪن ٿا ته به ٻين تي قبضي لاءِ خواھش رکن ٿا). اُن وانگر ھنن جو حرص وڌندو ويو.
    باوجود اُن جي، ھُنن پاڻ کي دنيا جي ٻن طاقتور حڪومتن، انگلنڊ۽ رشيا، جي وچ ۾ گھيريل ڏٺو. جيڪي ملڪ ورتا ھئائون، سي ظاھر ۾ جيتوڻيڪ ڪمزور ۽ خاموش نظر آيا ٿي، پر کين خطرو ھو ته حالتن بگڙڻ جي حالت ۾ اُھي ڪڏھن به بغاوت ڪري سندن سامھون ٿي سگھيا ٿي. تنھنڪري ھنن کي فيصلو ڪرڻو ھو ته مڪمل ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ اُنھن ٻن طاقتور ملڪن مان ھڪ سان ٺھي، ٻئي کي ختم ڪن. ليڪن اِئين ٿي سگھڻ جي حالت ۾ جرمنيءَ، پنھنجو رُخ انگلنڊ کان بدلائي، يڪايڪ 22 جون 1941ع تي رشيا تي حملو ڪيو. کين اميد ھئي ته ان ڪري ممڪن ھو ته انگلنڊ، اِئين پنھنجي نظرياتي ۽ بنيادي مخالف تي سندن يلغار ڏسي، ٿڌو ٿي وڃي. پر سندن اِھا بدقسمتي ھئي، جو اُن مان ويتر جرمنيءَ کي پنھنجو وڌيڪ خطرناڪ يا ترت دشمن سمجھي، اُن جي خلاف رشيا سان انگلنڊ وارن کي موقعو ملي ويو ته سمجھوتو ڪري اُن سان محاذ قائم ڪن.
    رشيا جو جنگي محاذ ٻه ھزار ميل ڊگھو ھو. سوويت يونين وٽ 20 لک لشڪر ۽ ڪجھ بچتو فوجون ھيون.
    جرمنيءَ جون فوجون سندس طرفدار اٽليءَ، رومانيا، ھنگري ۽ فنلنڊ جي فوجن سان گڏ ٽيھ لک جي تعداد کي پھچي ٿي ويون.
    حملي ڪرڻ بعد ابتدا ۾ ته جرمن فوجون ويون فتحن پويان فتحون ڪنديون. پر رشيا ڪو ٿوريءَ ايراضيءَ جو ملڪ نه ھو، جو جلد فتح ٿي سگھي. سوويت يونين وارا، پنھنجي اھڙين حالتن ھيٺ اختيار ڪيل پاليسيءَ موجب، پوئتي ھٽندا ۽ ملڪ کي ساڙيندا ويران ڪندا ويا، جيئن دشمن کي استعمال لاءِ اُتي ڪابه شيءِ صحيح سلامت ھٿ نه اچي، ۽ سڀ شيءِ خود پنھنجي ملڪ مان گھرائڻي پوين. ان ڪري ھنن شھر، کيتيون، پليون، ڪارخانا وغيره، مطلب ته ڪابه شيءِ پويان دشمن جي ھٿ ۾ اچڻ لاءِ سلامت نه ڇڏي: جنھن ڪري حمله آورن کي پنھنجي لشڪر جي ضروريات لاءِ سڀ ڪجھ ھزارن ميلن تان پويان گھرائڻو ٿي پيو. اِئين جيئن ھو ويا اڳتي وڌندا، محاذ وين لمبو ٿيندو. ھاڻي ھنن جي ھٿ ۾ ايترو وسيع ملڪ آيل ھو، جنھن جي سنڀال لاءِ ئي ھنن کي ڪيترو لشڪر سيڙائڻو ٿي پيو.
    ويتر پويان روسين جي گوريلا فوجن سندن رسل رسائل کي ڪافي نقصان ٿي پھچايو. تنھنڪري دور دراز پنڌ جي جنگ جي ميدان ۾ فوجون ۽ سامان پھچائڻ ۽ وچ ۾ ٿيندڙ گوريلا حملن کي منھن ڏيڻ ھُنن لاءِ مشڪل مسئلو بڻجي پيو. باوجود اُن جي، جرمنن 2- جولاءِ 1941ع تي لئٽويا جي گاديءَ تي قبضو ڪيو، ۽ 16 جولاءِ تي سمولينڪ والاريائون.
    اُنھن حالتن کي منھن ڏيڻ لاءِ رشيا ۽ انگلنڊ جولاءِ جي وچ ڌاري باھمي مدد جو عھدنامو ڪيو. ان پروگرام مطابق ھنن جرمنن جي راھن بند ڪرڻ لاءِ آگسٽ 1941ع تي گڏجي ايران کي ورھائي، قبضي ھيٺ آڻي ڇڏيو، ۽ اتي جي شھنشاھ رضا شاھ پھلويءَ کي ماريشس ۾ جلاوطن ڪري، سندس پٽ کي پنھنجي ماتحت ڪري، گاديءَ تي ويھاريائون.
    اُنھي سال سيپٽمبر کان آڪٽوبر تائين جرمن فوجون رشيا جا مکيه شھر ڪِيو، اوريل، اوڊيسا، خارڪوف وغيره والاري نيٺ اُنھن جي ھڪ اھم علائقي ڪريميا ۾ داخل ٿيون. اُن کان پوءِ ھو جڏھن سوويت يونين جي گاديءَ ماسڪو جي نزديڪ آيون ته روسين پنھنجو گاديءَ جو ھنڌ منتقل ڪري، پري اندرئين علائقي ۾، ڪوئشبو نالي شھر ۾ وڃي قائم ڪيو. پٺيان ھنن ماسڪو جي بچائڻ لاءِ، آخري جان جي بازيءَ تائين وڙھڻ جو بندوبست پڻ قائم رکيو.
    جرمنن 15 نومبر 1941ع ڌاري سيواسپول تي گھيرو ڪيو، ۽ 16 نومبر تي ماسڪو جي بنھ دروازي واري شھر ڪرچ تي قبضو ڪيو.
    ھتي تصوير جو ٻيو رخ ڏيکارڻ لاءِ ھيءُ ضروري ٿو سمجھان ته دنيا جي ٻئي طرف ڇا وھيو واپريو، ان جو ذڪر ڪريان.
    آمريڪا ۾ 15 نومبر 1940ع تي مسٽر روزويلٽ آمريڪا جو ٽيون ڀيرو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. ھو انگلنڊ ۽ فرانس جو پختو ساٿي ۽ دوست ھو، ۽ جرمنيءَ خلاف جنگ ۾ ھنن جي مدد ڪرڻ کي ھن پنھنجي ملڪ جي فائدي لاءِ لازمي ٿي سمجھيو.
    آمريڪا جي خارجه پاليسي اڪثر آمريڪا کنڊ جي معاملن تائين محدود پئي رھندي آئي ھئي. ليڪن روزويلٽ اُن کي نئون رخ ڏيئي، 1941ع ۾ پنھنجي ملڪي ڪانگريس کي لينڊ ۽ لِيس (اوڌر ۽ استعمال) جو بل پاس ڪرائي، اتحادين کي پيسي ۽ سامان جي مدد ڏيڻ شروع ڪئي. ساڳئي سال جي 14 آگسٽ تي، پريزيڊنٽ روزويلٽ ۽ انگلنڊ جي وزير اعظم سر ونسٽن چرچل پاڻ ۾ گڏجي، ھڪ گڏيل بيان ڪڍيو، جنھن ۾ جنگ جا فلاحي مقصد ظاھر ڪيائون، جن کي پوءِ ”ائٽلانٽڪ چارٽر“ جي نالي سان سڏيو ويو.
    اُنھيءَ چارٽر جا مکيه جزا ھيٺيان ھئا:
    1- اتحادين کي ڪنھن به نئين ملڪ تي قبضي ۽ اڳرائي ڪرڻ جو خيال ڪونه ھو.
    2- ڪنھن به ملڪ جي حدن ۾ ڦير گھير ڪرڻ لاءِ اتي جي رھاڪن جي رضامندي ضروري ھئي.
    3- پنھنجي حڪومت پاڻ ٺاھڻ لاءِ ھر ڪنھن ملڪ جي ماڻھن جي حق خود اِراديءَ کي تسليم ڪيو وڃي ٿو.
    4- جن قومن جي آزادي سلب ڪئي ويئي ھئي، ان کي حق اِرادي ۽ خودمختياريءَ جي بنياد تي آزادي ڏيارڻ سندن جنگي مقصدن مان ھڪ ھو.
    5- سڀني ملڪن جا اقتصادي ميدان ۽ واپار ۾ ھڪجھڙا حق تسليم ڪندي، ڪچي مال جي حصول لاءِ سڀني لاءِ ضرورت مطابق سھوليتون تسليم ڪيون وينديون.
    6- بين الاقوامي دوستانا تعلقات وڌائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي.
    7- مزدورن جي روز وڌائڻ ۽ سندن روزگار جي ضمانت مھيا ڪرڻ جو انتظام ڪيو ويندو.
    8- ماڻھن کي خوف ۽ غربت جي آزارن کان آزادي ڏيارڻ لاءِ جدوجھد ڪئي ويندي.
    9- سمنڊن جي مسافريءَ جي آزادي قائم ڪئي ويندي.
    10- تشدد جي پاليسيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ اڳرائي ڪندڙ قومن کي بي ھٿيار بڻايو ويندو.
    يورپي قومن جا اڪثر اعلان صرف خود ساڻن واسطي رکندڙ يورپي باشندن لاءِ ھوندا ھئا- جيئن پھرينءَ مھاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ اتحادين آزادي رڳو يورپ جي ننڍين قومن کي ڏياري ھئي، ۽ خود سندن غلام مشرقي قومن کي ان جو مستحق نه سمجھيو ھو. اِنھيءَ ڪري ھِن نئين اعلان کان پوءِ جڏھن ھندوستان جي رھاڪن گھـُر ڪئي ته کين چارٽر جي فقري 3 مطابق پنھنجي حڪومت پاڻ ٺاھڻ جو موقعو ڏنو وڃي، ته برطانيه جي وزير اعظم، مسٽر ونسٽن چرچل، صاف چئي ڏنو ته ”ان اعلان جو واسطو ھندوستان يا ٻين برطانوي بيٺڪن سان ڪونه ھو. ھو برٽش شھنشاھيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ وزير اعظم ڪونه بڻيو ھو.“
    ان مان گھڻن ماڻھن کي پتو پئجي ويو ته ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن بابت اتحادين جي رويي ۾ ڪابه تبديلي ڪانه آيل ھئي.
    6 آگسٽ 1940ع تي اٽليءَ وارن برٽش سومالي لئنڊ تي حملو ڪري، 19 آگسٽ ڌاري ساري ملڪ تي قبضو ڪري ورتو.
    15 سيپٽمبر 1940ع تي اٽليءَ جي لشڪر پنھنجي مقبوضه ملڪ لبيا مان مصر تي حملو ڪيو. ڪافي عرصو جنگ ھلندي رھي. ڪڏھن محوري طاقتن ملڪ ٿي والاريو ۽ ڪڏھن اتحادين ٿي اُن تي قبضو ڪيو. جرمن فوج جو ڪمانڊر، جنرل روميل، انھيءَ محاذ جو انچارج ھو.
    مشرق بعيد بابت اڳي لکي چڪو آھيان ته جپان، 1937ع کان وٺي، باقاعدي جنگي اعلان ڪرڻ کان سواءِ، چين تي حمله آور ٿي، اُن جي ايراضين تي، قبضو ڪرڻ شروع ڪيو. 28 جولاءِ 1937ع تي پيڪنگ تي قبضو ڪيائون. 29 جولاءِ تي ٽينشن کي والاريائون. اتر چين ۾ مدافعت کان سواءِ ويا ملڪ والاريندا. 8 نومبر 1937ع تي شانگھائي ورتائون، ۽ 20 نومبر تي سوچو شھر تي قبضو ڪيائون.
    6 آڪٽوبر 1937ع تي ليگ آف نيشنس ٺھراءُ پاس ڪري جپان کي اُن جارحيت تي ننديو. ان جي پرواھ نه ڪري، جپان ويو چين والاريندو. 13 ڊسمبر 1937ع تي نانڪنگ والاريائون. 24 ڊسمبر تي ھنچائو ورتائون. 28 مارچ 1938ع تي جپانين نانڪنگ ۾ پنھنجي طرفدار حڪومت کڙي ڪئي. 21 آڪٽوبر 1938ع تي ڪئنٽن تي قبضو ڪيائون. 25 آڪٽوبر 1938ع تي ھئنڪو ورتائون. اِئين 1939ع جو سارو سال چين سان جنگ ڪندا آيا. چين جي قومي حڪومت، مجبور ٿي، دور دراز پنڌ تي وڃي، چنگ ڪنگ جي شھر ۾ پنھنجي گادي قائم ڪئي.
    7 ڊسمبر 1941ع تي، جپان، پئسفڪ وڏي سمنڊ ۾ آمريڪي بحري بندر پرل ھاربر، ھوائي ٻيٽن، فلپائين ۽ ھانگ ڪانگ تي اوچتو ھوائي حملا ڪيا. اُنھن حملن ۾ آمريڪا جا 5 جنگي جھاز، ٽي ڪروزر، ۽ 177 ھوائي جھاز تباھ ٿيا، ۽ 4 ھزار ماڻھو مُئا يا ڦٽيا.
    اُن کان پوءِ ٻئي ڏينھن 8 ڊسمبر 1941ع تي آمريڪا جپان سان جنگ جو اعلان ڪيو. سگھو ئي 20 ڊسمبر 1941ع تي انگريزن به جپانين سان جنگ جو اعلان ڪيو.
    اِن ڪري 11 ڊسمبر تي جرمنيءَ ۽ اٽليءَ به آمريڪا سان جنگ جو اعلان ڪيو. 25 ڊسمبر تي انگريزي لشڪر ھانگ ڪانگ ۾ جپانين جي پيش پيو ۽ ان تي جپانين جو قبضو ٿيو. جپاني اھڙي تيزيءَ سان ملڪن تي قبضو ڪندا ويا، جو 2 جنوري 1941ع تي فلپائين ٻيٽن جي گادي منيلا به ھٿ ڪري ويا. 7 مارچ 1942ع تي انگريزن رنگون خالي ڪيو ۽ جپانين برما کي والارڻ شروع ڪيو، ۽ ائين تڪڙا تڪڙا ھو ھندوستان کي ويجھو پوندا آيا، تان جو ڪلڪتي تي ھوائي بمباري ڪيائون.
    ان وقت ڌاري ھر محاذ تي جنگ خطرناڪ صورت اختيار ڪري ويئي ھئي. اُن وقت فرانس، انگلنڊ، آمريڪا ۽ روس ھڪ طرف ھئا، ته جرمني، اٽلي، جپان ۽ سندن ماتحت ملڪ ٻئي طرف ھئا- سندن ڌُر کي گڏي ”محوري ڌُر“ سڏيو ٿي ويو.
    آمريڪا کي گھڻو سامان، پيسو ۽ لشڪر ھو. سندن فوجون تازه دم ھيون. آھستي آھستي جنگ جو رُخ بدلجڻ لڳو. جرمنيءَ روس تي حملو ڪري، پاڻ کي وڏيءَ مشڪلات ۾ ڦاسائي ڇڏيو ھو. ان کان سواءِ اتر آفريڪا ۾ به پنھنجون فوجون موڪليون ھئائين. سندس ساٿين مان اٽليءَ جا سولجر ڪمزور ھئا. ڇھ سال لاڳيتي جنگ ڪرڻ کان پوءِ، خود جرمن سپاھي به ٿڪجي پيا ھئا.
    جنوري 1944ع تي تھران ۾ پريزيڊنٽ روزويلٽ، سر ونسٽن چرچل ۽ مارشل اسٽالن گڏ ٿي، جنگ کي ڪاميابيءَ سان منھن ڏيڻ لاءِ صلاح مصلحت ڪئي.
    روس وٽ لشڪر جام ھو. کين اتحادين طرفان سامان جنگ ۽ ٻي مدد ملي رھي ھئي. ھنن جا حوصلا بلند ھئا، ۽ ھو دشمن سان سخت مقابلو ڪري رھيا ھئا.
    ڊگھي محاذ ھئڻ ڪري به، جرمني ۽ اُن جا ساٿي سڄي محاذ تي ھڪ وقت حملي لاءِ پورو انتظام ڪري نه ٿي سگھيا. ان جو فائدو وٺي، اتحادين اٽلي، يونان، فرانس ۽ اتر آفريڪا ۾ ٻيھر زوردار حملا شروع ڪيا. ٻنھي طرفن کان تازه دم فوجن جو جرمن ۽ اٽليءَ جون ٿَڪل فوجون مقابلو ڪري نه سگھيون. لاچار ھنن محاذ کي ھٽائي، طاقت کي سميٽڻ شروع ڪيو. نيٺ سيپٽمبر 1944ع ۾، انگريزي لشڪر، يورپ ۾ داخل ٿي، بيلجم جو ملڪ جرمن تسلط کان آزاد ڪرايو.
    جنگ ھاڻ اھڙو ڦيرو کائڻ شروع ڪيو، جو اتر آفريڪا ۾ محوري فوجن کي شڪستون پھچڻ لڳيون. اٽلي ڪمزور ٿي پيئي، جنھن ڪري اھا ڌڪ جھلي نه سگھي، ۽ اتحادي لشڪر ان تي 28 اپريل 1945ع تي قبضو ڪري، مسولينيءَ کي گرفتار ڪري، ڦاسي ڏيئي ڇڏي.
    ھوڏانھن سوويت يونين وارن پنھنجي ملڪ اندر سڄي محاذ تي وڌڻ شروع ڪيو، ۽ آھستي آھستي، پھرينءَ مئي 1945ع تي، اتحادين ۽ روس وارن جرمنيءَ جي گادي، برلن تي قبضو ڪري ورتو، ۽ ھٽلر ان حملي ۾ مارجي ويو.
    7 مئي 1945ع تي جرمنيءَ ۾ نئين عارضي حڪومت ٺھي، جا اتحادين جي پيش پيئي. ھاڻ اتحادي يورپ کان واندا ٿي، جپان سان منھن ڏيڻ لاءِ تيار ٿيا. فرانس، آمريڪا ۽ انگلنڊ جي گڏيل ڪوشش ڪري، آھستي آھستي، جپان کي به شڪستون اچڻ شروع ٿيون، ۽ اتحادي ھنن کان کٽيل ملڪ واپس وٺڻ لڳا. پر جپاني اڃا ڪجھ عرصو وڌيڪ جنگ چالو رکيو آيا.
    ان وچ ۾ آمريڪا، جيڪا ھڪ نئون ھٿيار ائٽم بم تيار ڪري ويئي ھئي، تنھن جپاني طاقت ختم ڪرڻ لاءِ اُنھن جي مکيه شھر ھيروشيما تي 6 آگسٽ 1945ع تي ائٽم بم اڇلايو، جنھن ڪري اُھو شھر سڄو تباھ ٿي ويو. اُن ھڪ ئي بم پنجاھ ھزار ماڻھو ماري ڇڏيا. اُنھيءَ حالت کي ڏسي، جپان 10 آگسٽ 1945ع تي پيش پئي، اتحادين جا جملي شرط قبول ڪيا.
    28 آگسٽ تي آمريڪي لشڪر وڌي، جپان والاريو. اھڙيءَ طرح ھيءَ ٻي مھاڀاري لڙائي به، اڳـئين پھرين مھاڀاري لڙائيءَ وانگر، اتحادين جي فائدي ۾ پوري ٿي.
    جنگ جي تباھ ڪن نقصانن کان دنيا آگاھ ٿي چڪي ھئي. آئينده جنگين کي ٽارڻ لاءِ ليگ آف نيشنس جي عيوضي 50 ملڪن جي نمائندن، 25 اپريل 1945ع کان 26 جون 1945ع تي، آمريڪا جي سئن فرانسسڪو شھر ۾ گڏ ٿي، صلاح مصلحت ڪرڻ بعد، اقوام متحده جي جماعت (U. N. O) ٺاھي، جنھنجا ھيٺيان چار ادارا ٺاھيائون:
    1. جنرل اسيمبلي.
    2. سڪيورٽي ڪائونسل (سلامتي ڪائونسل)
    3. ايڪانامڪ ۽ سوشل ڪائونسل، ۽
    4. بين الاقوامي انصاف لاءِ ڪورٽ.
    يو اين او جي انتظام ھلائڻ لاءِ خاص سيڪريٽريٽ ٺاھي ويئي، ۽ ان جو ڪاروبار سيڪريٽري جنرل جي حوالي ڪيو ويو.
    17 جولاءِ کان 2 آگسٽ 1947ع تائين رومانيا جي شھر پوٽسيڊم ۾ ٽرومن، اسٽالن ۽ ائٽلي گڏ ٿيا ۽ شڪست کاڌل ملڪن کي صلح لاءِ ھيٺيان شرط آڇيائون:


    جرمنيءَ لاء

    1. ھنن کان ھٿيار کسيا ويندا، ۽ سندن لشڪر ختم ڪيو ويندو.
    2. نازي (نيشنل سوشلسٽ) ادارن کي ختم ڪيو ويندو.
    3. جنگ جي ڏوھاري مکيه شخصن تي ڪيس ھلائي، اُنھن کي سزائون ڏنيون وينديون.
    4. جرمنيءَ ۾ جمھوري طرز تي حڪومت قائم ڪئي ويندي، ۽ اُن ۾ جمھوري بنيادن تي پارٽي ٺاھڻ جي اجازت ڏني ويندي.
    5. ملٽري ضروريات کي نظر ۾ رکي، جرمنيءَ ۾ تقرير، تحرير، پريس ۽ مذھب جي آزادي ڏياري ويندي.
    6. جرمنيءَ کي جنگي سامان، جھڙوڪ: ھٿيار، بارود، مشنري وغيره بڻائڻ جي منع ھوندي.
    7. جرمنيءَ جي سڀني سياسي ادارن کي ڊي سينٽرلائيز، يعني مرڪزي ضابطي ۽ انتظام کان الڳ ڪيو ويندو.
    8. جرمنيءَ کي فقط زراعت ۽ رواجي ڪارخانن ھلائڻ جي اجازت ھوندي.
    9. جرمنيءَ جي آمدنيءَ، روانگيءَ ۽ سائنسي ايجادن تي اتحادين جو ضابطو ھوندو.
    وڌيڪ اھو به فيصلو ٿيو ته جرمنيءَ کان جنگ جو ڏنڊ سندس پڄنديءَ آھر ورتو ويندو.


    جپان لاءِ

    1. جپان آمريڪا جي قبضي ۾ رھندو- جيتوڻيڪ سندن اندروني حڪومت جو ڪاروبار سندن شھنشاھ، سول ۽ پوليس آفيسرن جي ھٿ ۾ رھندو.
    2. سندن ملٽري ادارا ۽ ھاءِ ڪمانڊ ختم ڪيا ويندا.
    3. جپان جا فتح ڪيل سڀ ملڪ اتحادين جي مرضيءَ مطابق موٽايا ويندا.
    4. ڪوريا جو ملڪ آمريڪا ۽ روس جو حصو شمار ڪيو يوندو.
    5. آئوٽر منگوليا کي روس جو حصو ڪري شمار ڪيو ويندو.
    6. اندروني منگوليا، فارموسا ۽ ھينان چين جي ماتحت ڏنا ويندا.
    7. ھانگ ڪانگ موٽي انگريزن جي حوالي ٿيندو.
    اھڙيءَ طرح ھن صديءَ جي ٻي مھاڀاري لڙائي ختم ٿي، جنھن جھڙو اڪيچار انساني زيان، ۽ شھرن، ڪارخانن ۽ فصلن وغيره جي تباھي، بي انتھا پيسي جو نقصان، ۽ انسانن جي وچ ۾ باھمي نفرت جي اظھار ۽ عمل جو ٻيو مثال مشڪل ٿيندو.
    پھرينءَ مھاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ چار وڏيون شھنشاھيون ختم ٿيون ھيون. روس ۾ زار جي شھنشاھي، ترڪيءَ ۾ مسلمانن جي شھنشاھي، آسٽريا ۽ ھنگريءَ جي ھئبسرگ شھنشاھي ۽ جرمنيءَ جي قيصر شھنشاھي؛ ۽ انھن جي شھنشاھين جي تقريباً سڀني محڪوم ننڍين قومن کي آزادي ملي ھئي.
    ٻيءَ مھاڀاري جنگ جي نتيجي ۾ دنيا جي باقي رھيل اڪثر وڏن سامراجي حڪومتن جي طاقت گھٽجي ويئي. آخر ۾ صرف ٻه وڏا بلاڪ وڃي رھيا: ھڪ مغربي حڪومتن جو بلاڪ آمريڪا جي ليڊرشپ ھيٺ، جو جمھوري ۽ سرمائيداري گروھ جي نالي سان سڏجڻ ۾ آيو؛ ۽ ٻيو مشرقي يورپ جي حڪومتن جو بلاڪ سوويت يونين جي ليڊرشپ ھيٺ، جو ڪميونسٽ ۽ سوشلسٽ بلاڪ جي نالي سان مشھور ٿيو.
    اڳينءَ لڙائيءَ کان ھِن لڙائيءَ ۾ جدا دستور ۽ طريقا اختيار ڪيا ويا، جي ھيٺينءَ طرح جا ھئا:
    1. ھميشه وانگر اڳينءَ جنگ ۾ مختلف ملڪن جا لشڪر لڙي، ھڪ ٻين تي فتح حاصل ڪندا ھئا. عام پبلڪ کي ڄاڻي واڻي نقصان ڪونه پھچايو ويندو ھو. پر ھِن لڙائيءَ ۾ نئون دستور اھو پيو ته جنگي سپاھين ۽ شھري ماڻھن کي نقصان پھچائڻ ۾ تفاوت نٿي رکيو ويو، جن ۾ پوڙھا، عورتون، ٻار ۽ عام صلح پسند شھري اچي ٿي ويا. چي، ھينئر قومون لڙن ٿيون، تنھنڪري انھن جي ھمت ۽ حوصلي (Morale) ڪمزور ڪرڻ لاءِ، انھن تي به ھلان ڪرڻي ھئي ۽ انھن کي به سزا ڏيڻي ھئي.
    2. اڳي، جنگ پوري ٿيڻ تي، جنگي قيدين کي ڇڏيو ويندو ھو، ۽ ملٽري عملدارن جي عزت برقرار رکي ويندي ھئي. ھن ڀيري ھارايل قومن جي جنگي سربراھن تي ڪيس ھلائي، کين ڦاسين ڏيڻ جو رواج وڌو ويو. اڳي جنگ، ڪنھن خير صلاحي مقابلي وانگر، قاعدن ۽ قانونن مطابق وڙھي ويندي ھئي؛ پر ھاڻ اھا انتقامي جذبي سان ۽ سڀيئي ليڪا لتاڙي لڙي ٿي ويئي.
    3. ھن ڀيري، جنگ جي وقت، لڙائيءَ سان گڏ ھڪٻين جي خلاف پروپيگنڊا جي جنگ به چالو رکي ويئي جنھن ۾ مخالفن کي بدنام ڪرڻ لاءِ ڪوڙ سچ، ڏوھ ثواب، گلا ۽ ساراھ جي اخلاقي معيارن جو ڪوبه لحاظ نه رکيو ويو، ۽ ھر ڌُر رڳو پاڻ کي حق بجانب چوائڻ ۽ اعليٰ اصولن جي ھڪ ھٽيءَ جي دعويداريءَ ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏي.
    اتحادين پاڻ ۾ گڏجي ائٽلانٽڪ چارٽر جي نالي ۾ جنگ جا مقصد بيان ڪيا، جن ۾ ھنن ننڍن ملڪن جي حق خود اِرادي، جمھوريت، مفتوح ملڪن کي وري آزاد ڪرائڻ، ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي انصاف، عوام کي خوف ۽ غربت جي تڪليفن کان نجات ڏيارڻ، ۽ عدم تشدد ذريعي باھمي معاملن کي فيصل ڪرڻ وغيره جا نعرا ھنيا.
    ٻئي طرف محوري طاقتن طرفان پنھنجي فائدي ۾ پروپيگنڊا ھيٺين بنيادن تي ڪئي ٿي ويئي:
    چي: اتحادي وڏا سامراجي ملڪ ھئا، جي جمھوريت جي نالي ۾ پٺتي پيل ملڪن مٿان سندن تسلط قائم رکڻ جا حامي ھئا، ۽ اُنھيءَ لاءِ ئي ھُنن جرمنيءَ، اٽليءَ ۽ جپان جھڙن صلاحيت وارن ملڪن (قومن) کي طاقت ۽ برتريءَ کان محروم رکڻ ٿي گھريو.
    چي: اُن سرمائيداري سامراج جا مکيه ليڊر انگلنڊ ۽ آمريڪا ھئا، جن جي سموري ذھني اڳواڻيءَ لاءِ يھودي جوابدار ھئا، جيڪي سامي نسل جا ھئا ۽ ائين ھُنن آريا قوم جي بنيادي فوقيت کي، پنھنجي ذھن ۽ پيسي جي برتريءَ جي آڌار تي، ختم ڪرڻ ٿي گھريو.
    چي: قومن جو نسل، وطن، ڪلچر، زبان ۽ اقتصادي مفاد جي بنياد تي ٺھڻ فطري ۽ تاريخي حقيقت ھئي. تنھنڪري انھن بنيادن تي ٺھيل قومون صالح ۽ سالم ھيون. اُن جي برخلاف يھوديت مذھب، جي نالي ۾، انھن فطري، نسلي ۽ تاريخي بنيادن تي ٺھيل قومن کي ڪمزور ڪري، سرمائيداري سامراج جي اثر ھيٺ آڻڻ جي طرفدار ھئي. انھيءَ ڪري دنيا جي سمورين خرابين ۽ مسئلن پويان، يھودين جو ذھن ۽ مذھبيت جا نظريا ڪار فرما ھئا، ڇو ته ھو ذھني ۽ مذھبي فوقيتن جا حامي ھئا، جيڪي فوقيتون ملڪي قوميتن ۽ وطني آزادين جون دشمن ھيون.
    چي: انگلنڊ ۽ آمريڪا ۾، سرمائيداريءَ ۽ جمھوريت جي نالي ۾ پيسي وارن جو راڄ يھودي دماغ جي ايجاد ھو. ساڳيءَ طرح ڪميونزم به، جيڪو پڻ نئشنلزم جو دشمن ھو، اُھو به اُنھن ساڳين يھودين جي ھڪ چال ۽ حرڪت ھئي. ھو بين الاقوامي تحريڪ، پوءِ اُھا ڪميونزم جي نالي ۾ ھجي يا مذھب جي نالي ۾ ھجي، اُھا ذھني سامراجيت ھئي. اُنھيءَ طرح سان ھوشيار ۽ چالاڪ ماڻھو سالم ۽ صحت مند ماڻھن ۽ قومن کي پنھنجي اٽڪل جي ڄار ۾ ڦاسائڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿي ويا. ۽ ڇاڪاڻ ته ڪميونزم ۽ مذھبيت ٻيئي يھودين جي ايجاد ھئا، جي ٻيئي نظريا نئشنلزم جا دشمن ھئا، تنھنڪري يھودين کي ختم ڪرڻ ۾ ئي قوم پرستيءَ جي نجات ھئي.
    چي: انگلنڊ، آمريڪا ۽ رشيا ٽنھي جي سياست ۽ اقتصادي مَتن پويان ھڪ ئي ساڳيو يھودين جو دماغ ڪار فرما ھو.
    ھنن جو چوڻ ھو ته عوام جي حالت درست ڪرڻ لاءِ سوشلزم ضروري ھو، پر اُن لاءِ شخصي ملڪت کي ختم ڪرڻ بدران ملڪيتن تي قومي حڪومت جو ضابطو رکڻ ڪافي ھو.
    مطلب ته اِئين ٻيءَ مھاڀاري جنگ جي زماني ۾، وڏيون طاقتور حڪومتون ھڪ طرف، اتحادي بڻجي، جمھوريت ۽ ننڍين قومن جي آزاديءَ جا نعرا ھڻي رھيون ھيون، ته ٻئي طرف محوري طاقتون بين الاقوامي سرمائيداريءَ ۽ اُن جي ذھني ۽ مذھبي برتريءَ جي خلاف، دنيا مان سامراجي قومن جي بيخ ڪني ڪرڻ ۽ صحيح نيشنل سوشلزم جي بنياد تي دنيا جي نئين سر تعمير ڪرڻ جا آواز بلند ڪري رھيون ھيون.
    ھيڏانھن ايشيا ۾ جپان وري مشرقي قومن کي مغربي طاقتن کان آزادي ڏيارڻ جو جھنڊو کڻي، ھمسايه ملڪن کي زوريءَ پنھنجي قبضي ۾ پئي آندو.
    پر ٻنھي ڌرين جي قول ۽ فعل ۾ وڏو تفاوت ھو.
    ”واعظ ڪين جلوه بر محراب و منبر مي کنند،
    چون به خلوت مي روند آن ڪارديگر مي کنند.“
    (واعظ ڪرڻ وارا محراب ۽ منبر تي بيھي جيڪي ظاھر ڪن ٿا، سي جڏھن گھرن ۾ وڃن ٿا ته ھلت ان جي ابتڙ ڪن ٿا.)
    ھنن عالمي طاقتن، باوجود نظرياتي اختلافن جي، مخالفن سان عھدناما ڪيا ٿي، ۽ ڪڏھن اُھي ٽوڙي، نيون دوستيون ڳنڍيون ٿي. اُنھن مان ھر ھڪ طاقت، ڌار ڌار، انھيءَ عرصي ۾ اُھي اُھي ڪارناما ڪيا، جو منجھانئن ڪابه ماڻھپي ۽ انساني تھذيب جي ليڪي ۾ ڄڻ رھي ئي ڪانه ھئي.
    انگلنڊ ليگ آف نيشنس کان ھڪ طرف اٽليءَ خلاف نندا ۽ پابندين جا ٺھراءَ پاس ڪرايا، پر سگھو ئي جڏھن اٽليءَ حبش تي ناحق زوريءَ قبضو ڪري ورتو، تڏھن ساڳئي انگلنڊ پنھنجي قومي مفاد خاطر اُن کي چپ چاپ تسليم ڪري ورتو.
    آمريڪا ڪميونزم جي بنيادي اصولن خلاف ھئڻ جي باوجود سوويت يونين سان محوري طاقتن خلاف اتحاد ڪيو. کين خبر ھئي ته اھو اتحاد بنيادي اصولن جي خلاف، منافقانه ۽ عارضي ھو. ليڪن ھڪ طاقتور دشمن کي ختم ڪرڻ لاءِ سندن ڪميونزم دشمني به سندن آڏو ڪانه آئي.
    ھھڙن بين الاقوامي نفرت جي پرچارن، فسطائي رجحانن ۽ وعدي خلافين جو اثر اڳتي ھلي، دنيا جي مختلف حصن ۾ ڪھڙيءَ طرح نمودار ٿيو، ان جو مکيه مثال پاڪستان ۽ ھندوستان جي ڪارگذارين مان پئجي سگھندو.
    ھندن ۽ مسلمانن جي باھمي نفرت ۽ خونريزي وغيره اُنھيءَ اثر جا نتيجا ھئا.
    جنگيون ملڪن ۾ ماڻھن لاءِ وڏيون مصيبتون آھن. جھڙيءَ طرح بعضي وچڙندڙ بيماريون اوچتو ملڪن ۾ ھزارھا گھر برباد ڪن ٿيون، ساڳي حالت جنگين جي آھي. بلڪ اُن کان به وڌيڪ. بيمارين لاءِ خراب ھوائون، جيوڙن جي پيدائش ۽ ناسازگار عنصري اثر ڪارڻ ٿين ٿا. جنگين جي لاءِ ماڻھن جي ذھني ۽ روحاني ناپختگي، قومن جو خودمطلبيون، تشدد جي پاليسي، رواداريءَ جي عدم موجودگي ۽ نفرت جي پروپيگنڊا، مکيه سبب ٿين ٿا.
    ٻن مھاڀاري لڙاين ڪري، انسانذات کي تمام گھڻو ڇيھو پھتو.
    ان مان (اڻ سڌيءَ طرح ۽ اُن جي مخالف سطح ۾) ڪي فائدا به ٿيا.
    پھرينءَ جنگ مان ھڪ ته ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾، قومپرستيءَ جي بنياد تي، آزاديءَ جي حاصل ڪرڻ لاءِ بيداري پيدا ٿي؛ ان لاءِ منجھن جدوجھد جو جذبو جاڳيو ۽ ھلچل شروع ٿي: ۽ ٻيو ته قومن ۾، ليگ آف نيشنس ٺاھي، اُنھيءَ ذريعي ھڪٻئي جي وچ ۾ باھمي گفتگو ذريعي، فيصلن ڪرڻ جا اصول قبوليا ويا.
    ٻيءَ مھاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ مغربي قومن جي دماغ مان فرعونيت جھڪي ٿي، جن ٿوري ٿوري دٻاءَ تي، چپ چاپ، گھڻن ايشيائي ۽ آفريڪا جي ملڪن کي آزاد ڪيو، ۽ ٻيو ته ليگ آشف نيشنس جي جاءِ تي وڌيڪ ڪمائتي ۽ اثر واري متحده قومن جي جماعت ٺھي، ۽ قومن جي باھمي اختلافن جا فيصلا وڌيڪ آسان ۽ پائدار صورتن ۾ فيصل ٿيڻ لڳا.
    پر امن جو قيام بھرحال اڃا پري پيو ڏسجي.
    سرد جنگيون ھر طرف ھلي رھيون آھن.
    سامراج ۽ ڪميونزم جي وچ ۾ سرد جنگ، سامراجي ملڪن جا باھمي ننڍا اختلاف، ۽ ڪميونسٽ ملڪن ۾ رشيا ۽ چين جا نظرياتي اختلاف، ھندوستان ۽ پاڪستان، عرب ۽ يھودين جون مخالفتون، ۽ دنيا ۾ اھڙا ٻيا ملڪن جي وچ ۾ فرق ۽ جھيڙا، مغربي سامراج جي زيرِ اثر ملڪن ۾ سرمائيداريءَ ۽ سماج واد جي وچ ۾ ٽڪر ۽ اُن جي نتيجي ۾ برسر اقتدار سامراجي ھمنوا حڪومتن ھٿان عوام جا عام ڪوس، جيئن انڊونيشيا، چليءَ ۽ ٻين ھنڌن تي ٿيو، ۽ خاص طرح آفريڪا ۾ نسلي تشدد ۽ ظلم جون دل ڏاريندڙ ڪاروايون اڃا ھلنديون اچن ٿيون.
    انھن سڀني خلاف انساني حرڪتن ۽ انسان دشمن عمل جو مکيه ڪارڻ انسانن جي دماغي ناپختگي آھي. قومي خودمطلبي، تشدد ذريعي مقصدن کي حاصل ڪرڻ، ۽ نفرت جو وجود اِنھيءَ دماغي ناپختگيءَ جي پيداوار آھن. انسان اڃا عمل ۽ ردعمل جي چڪر ۾ ڦاٿو پيو آھي. انسان کي محبت، رواداريءَ، باھمي ڏي وٺ ۽ سڀ جي فائدي لاءِ پنھنجي فائدي جي قربانيءَ جي تعليم ۽ تربيت مان گھڻو ڪجھ پرائڻو آھي.
    20- مارچ، 1974ع


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 466
    ڪتابن جو مشاهدو: 393833
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 159306
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ