ڪتاب جو نالو: ڪپيل نڪ
مصنف: عباس سارنگ
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2011
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 23 اپريل 2017 ع
پڙهيو ويو: 524 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 159 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”ڪپيل نڪ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب خوبصورت ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ عباس سارنگ جي مختصر ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
انعام عباسي لکي ٿو: ”عباس سارنگ جي حوالي سان اهو چوندس ته، هو هڪ فوٽو گرافڪ ڪهاڻيڪار آهي يا کڻي ائين چئجي ته هو اصل ۾ چترڪار آهي ۽ برش جي جاءِ تي قلم هٿ چڙهي ويو اٿس، ۽ هو پنهنجو اَمُلهه وقت وڃائڻ بنا ان ئي هٿيار سان ڪم ۾ لڳي ويو آهي ته، شل ترت هو پنهنجي حصي جو ڪم ڪري سنڌي ڪهاڻيءَ جي قافلي جو سهڪاري ٿئي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • سٽاءُ

  • ارپنا
  • پبلشر جو نوٽ
  • عباس سارنگ جو ادبي ۽ فني سفر
  • احساسن جو ڪهاڻيڪار-عباس سارنگ
  • سماج کي آرسي پسائيندڙ-عباس سارنگ
  • حساس ماڻهو ئي تخليق ڪري سگھي ٿو
  • هئڻ، نه هئڻ جي وڇوٽي
  • عباس سارنگ ھڪ لا جواب ليکڪ
  • عباس سارنگ- معاشري کي آئينو ڏيکاريندڙ.
  • من جي ڊيسڪ تان
  • ڪهاڻيون

  • ڪپيل نڪ
  • ديوار تان ڪريل رنگ
  • هڪ آرٽسٽ ۽ ٻه تصويرون
  • پينون
  • الڪو
  • انڌو انصاف
  • سڱ
  • سرد رات جي ماٺ
  • عالمي ٻڌي
  • رن چور
  • مئل ماڻهو
  • شفق جهڙا چپ
  • ڳوڙهو رت مان ٺهي ٿو
  • ڇهون گل
  • ڪارو برقعو
  • چاٻيون
  • مرجهايل گل يا منهنجي دل
  • هڪ ٽوٿ برش جي اڪيلائي
  • سماج
  • مان صوفي آهيان؟
  • پکي ڪڏهن به ڏک نٿا ڏين!
  • فَرشتو
  • آخري قدم
  • سڃاتل اکيون
  • خواب جي حقيقت
  • مورتي منهنجي، ڪنهن جو خدا!
  • وڻندڙ راز
  • نڪ جو پڪو
  • پنهنجو پاڻ سان ناراض
  • درياءَ شاھ
  • ايف.آءِ.آر
  • سرد ٿي ويل ڪهاڻي
  • شطرنج
  • سڄڻ ۽ ساڻيھ
  • پوپٽ
  • ڳورا قدم
  • نيٺ ٽوڙي بند ٽٽي پيو!
  • جھڙ نيڻئون نه لهي
  • گناھ
  • امير
  • آخري صفحو

  • حق ۽ واسطا

    ڪتاب جو نالو: ڪپيل نڪ
    موضوع: ڪهاڻيون
    ڪهاڻيڪار: عباس سارنگ
    ٽائيٽل ڊزائن: سنڌي انعام
    تعداد: هڪ هزار
    ڇپجڻ جي تاريخ: ڊسمبر 2011ع
    ڇاپو: پهريون
    پاران: نئون نياپو اڪيڊمي،
    A-12 سچل ڳوٺ، گلشن اقبال ٽائون ڪراچي
    Cell # 0346-2103811

    Rs. 90/=


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڪپيل نڪ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب خوبصورت ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ عباس سارنگ جي مختصر ڪهاڻين جو مجموعو آهي.

    انعام عباسي لکي ٿو:
    ”عباس سارنگ جي حوالي سان اهو چوندس ته، هو هڪ فوٽو گرافڪ ڪهاڻيڪار آهي يا کڻي ائين چئجي ته هو اصل ۾ چترڪار آهي ۽ برش جي جاءِ تي قلم هٿ چڙهي ويو اٿس، ۽ هو پنهنجو اَمُلهه وقت وڃائڻ بنا ان ئي هٿيار سان ڪم ۾ لڳي ويو آهي ته، شل ترت هو پنهنجي حصي جو ڪم ڪري سنڌي ڪهاڻيءَ جي قافلي جو سهڪاري ٿئي.“

    هي ڪتاب 2011ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون نئون نياپو اڪيڊمي جي سرواڻ انعام عباسيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    سٽاءُ

    ارپنا

    مان پنهنجو هي ڪهاڻي ڪتاب
    پنهنجن دلي دوستن:
    سومرو شبير احمد،
    عاجز شهزاد ۽
    ڪامريڊ حاڪم مڱريو
    جن کي ارپيان ٿو،
    جن جي ساٿ زندگيءَ کي گذارڻ جو ڍنگ سيکاريو.

    عباس سارنگ


    پبلشر جو نوٽ

    سنڌي ڪهاڻي ڪڏهن ڇوهه ۾ ته، ڪڏهن سانت سلهاڙجي ماڳ ڏانهن سُرڪندي رهي ٿي ۽ پنهنجي ڀريل تريل جهول ۾ وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ جا انيڪ نوان پراڻان آکاڻيءَ/ڪهاڻيءَ جا رنگ سهيڙيندي اڳتي وڌندي وڃي ٿي...
    ڪڏهن انکي سفر ۾، نسيم کرل، حفيظ شيخ ملي ٿو ته، ڪڏهن علي بابا، ماڻڪ، امرجليل ۽ نجم عباسي ملن ٿا ته هوءَ گد گد ٿئي ٿي ۽ ڇَم ڇَم ڪندي اڳتي وڌي ٿي وڃي ۽ ڪي وِير ۽ وَٽيون اهڙيون به پسيون اٿائين جتان ڪير به کيس ڪنڌ ورائي ڪونه ٿو نهاري، جهڙيءَ ريت ڪي ورهه اڳ هيکلتا ۾ هن گهاريو هو، پر هن مند ۽ مهل سنڌي ڪهاڻيءَ لاءِ چڱي ڀلي پاڻ ڀرائي ٿي پئي آهي جنهن ۾ اسان کي عباس سارنگ ته ڄڻ هڪ مهندار جيان سنڌي ڪهاڻيءَ جي وڳ کي اڳتي هڪليندو هلندو ٿو اچي، پر ان سان گڏو گڏ اڻڳڻيا ٻيا نوان نڪور ۽ رنگ برنگي آواز ۽ انداز پڻ وڏن جٿن جي روپ ۾ اڳيان ڌوڪيندا نظرجن ٿا، جن جي مهندارن جا نالا ڳڻائبا ته ڪتاب ڪارا ٿي ويندا...
    پوءِ به ڪجهه نالا هيٺ ڏجن ٿا: امداد ڪانهيو، حسيب ڪانهيو، علي اڪبر مڱريو، لعل ساماروي، سيف الحق سيف، بهادر ٽالپر، احسان حيات، زاهد منگي، بيوس محرم مغيري، اختر حفيظ، احسان دانش، نصير ڪنڀر، منصور ٻرڙو ۽ عورتن ۾ سنڌيا شاهه، شبانا سنڌي، سيده سدرة المنتهيٰ، شگفته جبين ۽ ٻيا اڻڳڻيا نالا چڱي موچاري هنر، ڏانءَ ۽ سٽاءَ سان سنڌي ڪهاڻيءَ جو جهول ڀرڻ جا جتن ڪري رهيا آهن.
    پر هت خاص عباس سارنگ جي حوالي سان اهو چوندس ته، هو هڪ فوٽو گرافڪ ڪهاڻيڪار آهي يا کڻي ائين چئجي ته هو اصل ۾ چترڪار آهي ۽ برش جي جاءِ تي قلم هٿ چڙهي ويو اٿس، ۽ هو پنهنجو اَمُلهه وقت وڃائڻ بنا ان ئي هٿيار سان ڪم ۾ لڳي ويو آهي ته، شل ترت هو پنهنجي حصي جو ڪم ڪري سنڌي ڪهاڻيءَ جي قافلي جو سهڪاري ٿئي....
    اپائڻهار! شل سندس اهڙي پوتر جذبي کي وڌيڪ سگهه بخشي ۽ هو وڌ کان وڌ لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ ڌيان ڌري سگهي....
    سنڌي انعام





    عباس سارنگ جو ادبي ۽ فني سفر

    هي انهن ڏينهن جي ڳالھ اهي، جڏهن حڪومت بهادر جي نوڪريءَ تان، ٽي قل پڙهي، مان باعزت طريقي سان رٽائر ٿيو هوس. مون پاري ماڻهو پاران، گورنمينٽ جي نوڪري تان ڪاميابيءَ سان رٽائر ٿيڻ به، حاتم طائي جي ستن سوالن، پوري ڪرڻ جي برابر هو. رٽائرمينٽ کانپوءِ، مان پنهنجي، وڏڙن جي شهر، جيڪب آباد اچي پهتو هوس، جو، زندگيءَ جا باقي ڏينهن مونکي، وتائي فقير وانگر، ڏنڊو کڻي هتي ئي پورا ڪرڻا هئا!
    هونئن ته منهنجا، هن شهر ۾ ڪافي بزرگ، سينئر اديب، شاعر، ۽ ادب دوست موجود هئا، جن مان ڪيترائي الله کي پيارا ٿي چڪاهئا. سنڌ جو عوامي، روماني ۽ انقلابي شاعر جناب عبدالڪريم گدائي، جنهن چيو هو ”لاٽ ٻرندي رهي ساٿ هلندو رهي!“ سو، هاڻي هن شهر ۾ موجود ڪونه هو. ان کان علاوه ڪامريڊ برڪت علي آزاد، غالب لطيف، گوپال پروانو ۽ پنهنجو هم عمر ساٿي فتاح عابد، هن فاني دنيا مان هميشه لاءِ موڪلائي هليا ويا هئا، پر سندن پيار ڀريون رهاڻيون ۽ يادون، اڃان به منهنجي دل تي نقش آهن! مان جڏهن جيڪب آباد موٽي آيو هوس ته ان وقت ادب جي حوالي سان، منهنجا هم عمر، اديب ۽ شاعر، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا وڃي بچيا هئا، جن مان، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، س.ب کوسو، سائين قطب الدين تاب نمايان هئا. باقي ادبي لڏي جا سڀ دوست، عمر جي لحاظ کان، مونکان گھڻو ننڍا هئا. هتي، مانواري اسحاق شيخ جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي، جيڪو نه صرف ادب دوست هو پر سن 66-1965 دوران سنڌي ادبي سنگت جيڪب آباد جو سيڪريٽري پڻ ٿي رهيو آهي.
    سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي هڪ خاص ”خوبي“ اها پئي رهي آهي ته حياتيءَ ۾ انهن کي پنهنجي جاءِ نصيب ڪانه ٿيندي آهي. ان جو مثال مان پنهنجي بزرگ شاعر عبدالڪريم گدائي کان شروع ڪندس، جنهن کي پنهنجي حياتيءَ ۾، مٿي ڍڪڻ لاءِ پنهنجي جاءِ نصيب ڪانه ٿي ۽ هو سدائين مسواڙي جاين تي گذارو ڪندو رهيو ۽ اهي جايون به کيس زمين جي هيٺين منزل تي نه، پر سدائين مٿين منزل تي ملنديون رهيون. ساڳئي حالت ڪامريڊ برڪت علي آزاد سان هئي. ڪامريڊ نه صرف هڪ سٺو ليکڪ ۽ مقرر هو، پر هن هندوستان جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ پڻ پنهنجي وس آهر حصو ورتو هو ۽ آشرم ۾ مهاتما گانڌيءَ سان گڏجي ڪم ڪيو. سکر ۾ رهائش دوران هي هندوستان پڻ ويو جتي، ننڍي کنڊ جي آزادي واري تحريڪ ۾ حصي وٺڻ سبب هن کي ان وقت جي وزيراعظم اندرا گانڌي کيس خذمتن جي عيوض حڪومت جو اعليٰ ايوارڊ ڏنو.
    منهنجي رٽائرمينٽ کان پوءِ، موسان به ساڳئي حالت لاڳو هئي، هتي مون کي پنهنجي جاءِ ڪانه هئي!انجو هڪ سبب اهو به آهي ته اسان جي سنڌي معاشري ۾ اڃان اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جو اهو قدر نه ٿيو آهي، جڪو قدر ترقي يافته ملڪن ۾ ٿيندو آهي. انهن ملڪن ۾ ته ملڪ جو صدر به هڪ نامور اديب ۽ شاعر سان گڏجي چانھ پيئڻ ۽ فوٽو ڪڍرائڻ ۾ پنهنجي عزت سمجھندو آهي، پر اسان وٽ خبر ناهي اهو دور ڪڏهن اچي؟ شايد اچي به يا نه؟! سنڌ جا اديب بغير ڪنهن لالچ جي انيڪ مضمون لکي، سنڌي اخبارن جو پيٽ ڀريندا آهن ۽ انهن جي لکڻين سان، اخبارن جا مالڪ ڪروڙ پتي بڻجي ويندا آهن، پر ويچارا اديب، ڦاٽل چپلن سان، شهر جا روڊ رستا ماپيندا رهندا آهن! هڪ وڏي اخبار جي مالڪ جي ڪنڌ ۾ سدائين ڪلي لڳل هوندي آهي، جنهن ڪري هو هڪ مفلس اديب سان ملڻ ۾ پنهنجي گھٽتائي تصور ڪندو آهي. مون کي هڪ اخبار جي مالڪ ۽ هڪ ڊنگ وڏيري ۾ ڪو خاص فرق محسوس ڪونه ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي طبقا، محنت ڪش طبقي جو استحصال ڪندا آهن. هڪ طبقو، اديبن ۽ لکارين جو استحصال ڪندو آهي۽ ٻيو غريب هارين ۽ محنت ڪشن جو!
    جيئن مون اڳ ۾ ذڪر ڪيو آهي ته رٽائرمينٽ کانپوءِ مونکي به پنهنجي جاءِ ڪانه هئي، سو مسواڙي جاءِ جي تلاش ۾، مان شهر جي مشهور محلي فيملي لائين ۾ وڃي نڪتس ته هڪ ڳليءَ ۾، منهنجي سامهون ٻه نوجوان، موٽر سائيڪل تي سوار، منهنجي ڀر سان اچي لنگھيا. منهنجي ڀر سان موٽر سائيڪل بيهاريندي، پهرين نوجوان، مون ڏانهن ائين نهاريو، ڄڻ هو مونکان پڇي رهيو هجي،”ڇا توهان، هتان چندو وٺڻ آيا آهيو؟“ ان مان، مون اندازو لڳايو ته اهو همراھ ضرور صحافي هوندو! پوءِ ان نوجوان، وري، مون سان گڏ بيٺل جاءِ جي مالڪ کان پڇيو، (جيڪو مولائي ماڻهو پئي لڳو!) ”ڇا، تون، هن ماڻهوءَ کي جاءِ مسواڙ تي پيو ڏين؟“ ان تي، ان مولائي ماڻهو ”ها“ ڪئي. پوءِ مون ڏٺو ته ان نوجوان جو موڊ ڪجھ توازن ۾ نه رهيو! ۽ هن، هڪ کڙڪندڙ آواز ۾، ان مولائي کي چيو. ”يار، جڏهن به ڪنهن کي جاءِ ڏين ته اسان کان ته پڇندو ڪر؟!“ پوءِ مونکي بعد ۾ اها ڳالھ معلوم ٿي ۽ منهنجو اندازو بلڪل صحيح نڪتو، اهو همراھ واقعي صحافي هو! بعد ۾ ٻيو نوجوان، جيڪو موٽر سائيڪل جي پوئين سيٽ تي ويٺل هو، اهو لهي، مون ڏانهن وڌي آيو ۽ مونکان پڇيائين: ”سائين، اوهان غلام رسول ڪلهوڙو آهيو؟“ مون هاڪار ڪئي ته هن گرم جوشيءَ سان هٿ ملائيندي چيو:”سائين، مان عباس سارنگ آهيان مان اوهان جي لکڻين جو مداح آهيان!“
    جيڪب آباد جھڙي شهر ۾ جتي ماڻهو لکڻين کان علاوه هر شيءِ جا مداح هوندا آهن، اتي هي نوجوان منهنجي لکڻين جو مداح هجي، ان تي مونکي هن تي رشڪ ٿي آيو ۽ پاڻ تي حيرانگي!
    اڄ ان واقعي کي ذري گھٽ ڏھ سال گذري چڪا آهن ۽ هاڻي مان ، وڏي اعتماد سان چئي سگھان ٿو ته مان پڻ عباس سارنگ جي ڪهاڻين جو مداح آهيان! اها منهنجي زيادتي چئجي، جو مون سارنگ جا اڳ به ڇپيل ڪهاڻي ڪتاب ”پکي اڏاڻا پيار جا“ ۽ ”مقدس مٽي“ تفصيل سان نه پڙهي سگھيو آهيان، پر هي ڪهاڻي ڪتاب ”ڪپيل نڪ“ جو تفصيلي مطالعو ڪيو اٿم. مونکي خوشيءَ سان گڏ حيرت به ٿئي ٿي ته سارنگ اهڙيون خوبصورت ڪهاڻيون به لکي سگھي ٿو. هنجون ڪي مختصر ترين ڪهاڻيون ايتريون ته جاندار آهن جو ذهن کي لوڏيو ڇڏين! سارنگ جي هڪ مختصر ترين ڪهاڻي آهي، ”پينون“ ان ڪهاڻيءَ ۾ هن ڇا ته، هڪ پينون فقير ۽ مرشد سائين جي ڀيٽ ڪئي آهي! هڪ فقير، جيڪو پنهنجي پيٽ جي باھ وسائڻ خاطر، سڌن سادن لفظن ۾ هڪ دوڪاندار جي اڳيان صدا هڻي ٿو:
    ”بابا! الله سڻائي ڪندو فقير کي ڪجھ ڏيو!“–
    ان سان، دوڪاندار جو مرشد، جيڪو اڳ ۾ دوڪان تي ويٺل آهي ۽ دوڪاندار لاءِ دعا گھرڻ بعد ان ڏانهن معاوضي طلب نگاهن سان ڏسي ٿو، هن جڏهن فقير کي ڏٺو ته کيس ڇڙٻ ڏيندي چوي ٿو:
    ”هل ڙي هتان، آيو آهي پنڻ، پينون، پينونءَ جا پٽ!“
    ان کان علاوه هن مجموعي ۾ ٻيون به خوبصورت ڪهاڻيون موجود آهن، جنجو ذڪر مان اڳتي هلي ڪندس.
    ڪو دور هو جڏهن ڪهاڻي کي، افساني، جي نالي سان سڏيو ويندو هو. اردوءَ ۾ ته ڪهاڻيءَ کي اڄ به افسانو چون. هنکان اڳ سنڌي زبان ۾ به ڪهاڻيءَ کي افسانو ڪوٺيو ويندو هو، پر منهنجي خيال ۾ ”افساني“ جي بجاءِ ڪهاڻي بهترين لفظ آهي، ڇو ته ڪهاڻيءَ ۾، افسانوي واقعن سان گڏ، زندگيءَ جي حقيقتن کي پڻ بيان ڪيو وڃي ٿو. ان کان علاوه ڪهاڻي چند ساعتن يا چند گھڙين تي به منحصر ٿي سگھي ٿي، جيئن هن ئي مجموعي ۾، مون ڪهاڻي ”پينون“ جو ذڪر ڪيو آهي.------
    اها هڪ حقيقت آهي ته تخليقي ادب ۾، جيڪو پارٽ ڪهاڻي ادا ڪيو آهي، انساني ڏکن ۽ سکن جو ۽ حقيقتن جو ، جيترو بيان/اظهار ڪهاڻين ۾ آيو آهي، اهڙو حصو شايد ادب جي ڪنهن ٻي شعبي ۾ آيو ئي نه هجي! اهو ئي سبب آهي جو هن دور ۾، تخليقي ادب ۾، ڪهاڻي سڀ کان وڌيڪ لکي ۽ پڙهي وڃي ٿي. هر ڪهاڻيڪار پنهنجي طور طريقي ۽ اسٽائيل سان لکي ٿو. هن دور ۾ ڪهاڻيون نه صرف روايتي انداز ۾ لکيون وڃن ٿيون پر هينئر ڪهاڻين لکڻ جا ٻيا به ڪافي انداز پيدا ٿي پيا آهن. روايتي ڪهاڻين ۾ ته هڪ طئي ٿيل طريقو يا انداز هوندو هو مثال طور، ڪهاڻيءَ جو پلاٽ، اڳواٽ ذهن ۾ رکيو ويندو هو. ڪهاڻي جي شروعات، وچ ۽ آخر ۾ ڪلائميڪس يا پڄاڻي. اهي ڪهاڻيون، گھڻو ڪري بيانيه انداز ۾ لکيون وينديون هيون، پر هينئر ائين ڪونه ٿو ٿئي! جيئن مون اڳ ۾ چيو آهي ته ڪهاڻي لکڻ جا ڪافي انداز ۽ طور طريقا ٿين. هاڻي پلاٽ ليس (بغير پلاٽ جي) ڪهاڻيون به لکجن پيون، ڊائيلاگ فارم يعني گفتگو واري انداز ۾ به ڪهاڻيون لکجن پيون، ان کان علاوه، مونو لاگ، جنهن ۾ ڪهاڻيڪار هڪ فرد کي پيش ڪندو آهي ۽ اهو فرد ئي اول کان آخر تائين، پاڻ سان ڳالهائيندو رهندو آهي يا ائين کڻي چئجي ته پنهنجي داخلي اڌمن جو اظهار ڪندو آهي. هينئر ”آڪ“ ڪهاڻيون لکجن پيون جيڪي گھڻو ڪري، ڪهاڻيءَ جي آخري حصي کان شروغ ٿين ٿيون يا ائين کڻي چئجي ته آڪ ڪهاڻيءَ ۾ ڪنهن به رٿيل طور طريقي جي پابندي ڪانه هوندي آهي، پر ان ڪهاڻيءَ ۾ ايتري جان ضرور هجي، جو پڙهندڙ، ان کي پسند ڪري.
    هڪ ٻي ڳالھ، جا، مان ڪهاڻيءَ جي حوالي سان چوڻ چاهيندس، اها، هي ته ڪهاڻي گھڻو ڪري، ان دور ۾ لکي ويندي آهي، جڏهن انساني جذبا جوان هوندا آهن، زندگي ۾ رنگيني جو عنصر ڪجھ سرس هوندو آهي ۽ اهي ڪيفيتون يا ته شاعري لاءِ اتساھ ڏيارينديون آهن يا ڪهاڻي لاءِ، پوءِ جڏهن انسان، جوانيءَ جون حدون ٽپي، عمر جي ٻي دور ۾ داخل ٿئي ٿو، جنهن کي اسين، پوڙهائپ به چئي سگھون ٿا. ان دور ۾ انساني مزاج بدليو وڃي ۽ هن ۾ انهن جذبن جي اڻاٺ پيدا ٿيو وڃي، جيڪي جذبا، جوانيءَ واري دور ۾ ان سان لاڳو هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي، جو پنهنجي وقت جي وڏن وڏن ڪهاڻيڪارن ۽ اديبن، گھڻو ڪري ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي ڏنيون اهن ۽ هينئر هو مضمون ۽ مقالا لکن ٿا. انهن اديبن ۽ ڪهاڻيڪارن ۾ مانوارو امرجليل، مشتاق شورو، شوڪت شورو، غلام نبي مغل ۽ مانواري مهتاب محبوب ۽ ٻيا ڪيترا ئي ڪهاڻيڪار شامل آهن، جن هينئر ڪهاڻيون لکڻ تقريبن ڇڏي ڏنيون آهن، اهو بلڪل ائين آهي، جيئن فلمن جا وڏا اداڪار، پهريائين فلمن ۾ هيرو جو پارٽ ادا ڪندا آهن، پر عمر رسيده ٿيڻ کان پوءِ، هو ڪيريڪٽر ايڪٽر بڻجي ويندا آهن! (اهو منهنجو ذاتي رايو آهي)
    جيئن مون اڳ ۾ ذڪر ڪيو آهي ته هن مجموعي ۾ عباس سارنگ جون، ڪيتريون ئي اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جيڪي اسان جي بي رحم معاشري کي وائکو ڪن ٿيون، پر ان سان گڏ، اهو به واضع ٿئي ٿو ته انساني ذهن، شيطان کان ڪيترو نه اڳتي وڌي ويو آهي! هن نالي چڙهيل، مهذب دور ۾، انسان ذات جي ڪيتري نه تذليل ٿئي ٿي، اهڙا واقعا اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ ڏسي ۽ پسي سگھون ٿا، پر اسان اکيون ٻوٽي، انهن واقعن کي نظرانداز ڪري، اڳتي وڌي ويندا آهيون! هڪ مجبور انسان، پنهنجو کاڌو، گند جي ڍير تان تلاش ڪري ٿو، پر گند جي ڍير ۾ به کاڌي جو فقدان پيدا ٿي ويو آهي! ڪهاڻي ”ڪپيل نڪ“ ۾ ڪهاڻيڪار اسان کي ٻڌائي ٿو ته هن دور جا بي رحم انسان ڪيئن نه انساني عضون جو واپار ڪن ٿا، انسان جي دل، بڪيون، اکيون، ڪهڙيون شيون آهن جنجو وڪرو نٿو ٿئي؟ ايتري تائين جو انساني نڪ به وڪرو ٿين ٿا! ٻين لفظن ۾ شايد ڪهاڻيڪار اهو چوڻ چاهي ٿو ته هن دور جي انسانن کي پنهنجا ”نڪ“ ٿين ئي ڪونه! تنهنڪري انهن مان بري ڀلي جي تميز نڪري ويئي آهي ۽ هو سدائين پيٽ جي پوڄا ۾ مصروف هوندا آهن ۽ پيٽ وري نڪ کان هيٺ ٿيندو آهي! مجموعي جي هي ڪهاڻي، جيڪا سارنگ جي علامتي انداز ۾ لکي آهي سڀ کان اثرائتي ڪهاڻي آهي.
    ”مورتي منهنجي، ڪنهنجو خدا“ هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ هڪ مجسمه ساز جي بيوسي کي ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو پنهنجي بيمار ڌيءَ جي علاج لاءِ سارو ڏينهن لڳائي، محنت سان هڪ مورتي(مجسمو) تيار ڪري ٿو، پوءِ جڏهن هو، اها مورتي هو سيٺ ڏانهن کڻي وڃي ٿو ته سيٺ کي گراهڪ طرفان، ان مورتيءَ جي هڪ معقول رقم ملي ٿي، پر سيٺ مجسمه ساز کي سندس محنت جو معاوضو ڏيڻ بجاءِ، ائين ئي کيس ٽرکائيندي چوي ٿو ته هو اڳ ئي هن جو گھڻو قرض کڻي چڪو آهي، تنهنڪري پهريائين اهو قرض ڇڏائي ته پوءِ هن کي باقي معاوضو ملندو ۽ پوءِ جڏهن مجسمه ساز، بخيل سيٺ مان نا اميد ٿي، گهر واپس ٿئي ٿو ته سندس نياڻي، هن جهان کي ڇڏي وڃي ٿي!
    هن مجموعي جي هڪ ٻي ڪهاڻي ”درياھ شاھ“ سنڌ جي ڪرنگھي جي حيثيت رکندڙ، سنڌو درياھ سان تعلق رکي ٿي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻيڪار سنڌوءَ جي اوج ۽ زوال جي ڪيفيت بيان ڪئي آهي، جيڪا انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ دردناڪ آهي ۽ ساڳي وقت اها ڪهاڻيڪار طرفان، سنڌي قوم کي هڪ خبرداريءَ جو سڏ پڻ آهي ته جيڪڏهن هو هاڻي به سجاھ نه ٿيا ته اڳتي هلي ڇا ٿيڻو آهي! ڪهاڻيڪار جو اهو سڏ (واڪو) ڪهاڻيءَ جي هيٺين جملن مان ظاهر ٿئي ٿو.
    ”بابا! توهان پنهنجي بابا سائين سان، درياھ شاھ تي ايندا هئا ته درياھ شاھ، مست ٿي وهندو هو اڄ مان توهان سان گڏ آيو آهيان ته درياھ شاھ ۾ واري پئي اڏامي......ڀلا بابا! مونکي اهو ٻڌايو ته جڏهن مان، پنهنجي پٽ سان، درياھ شاھ تي ايندم ته ڇا درياھ شاھ هوندو؟!“
    اهڙي طرح، هن مجموعي ۾ ٻيون به ڪافي ڪهاڻيون آهن، جن تي گھڻو ڪجھ ڳالهائي سگھجي ٿو، جيئن ”ٽوڙي بند ٽٽي پيو“، ”فرشتو“ وغيره.
    غرض ته عباس سارنگ، ڪهاڻيءَ جي فن ۾ ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري پيو. مون کي اهڙي پڪ آهي ته اڳتي هلي هن جو شمار سنڌ جي ناميارن ڪهاڻيڪارن ۾ ٿيندو.

    غلام رسول ڪلهوڙو
    جيڪب آباد


    احساسن جو ڪهاڻيڪار-عباس سارنگ

    ادب جي هر صنف ڪهاڻي، ناول، ڊرامو، شاعري توڻي آتم ڪٿا يا مضمون هڪ ئي شيءِ جا مختلف نالا آهن صرف فارميٽ تبديل آهي. سڀني اسمن ۾ احساس جي اٿل هوندي آهي. معاشري ۾ هر ماڻهوءَ سامهون سڀ واقعا ٿين ٿا، پر ڀوڳي رڳو اديب ٿو. اديب ئي پنهنجو نور نچوڙي معاشري ۾ ٿيندڙ واقعن جا قافلا، ڪهاڻي ۽ شاعري جي ڀلي سواري تي لڏي ٿو. اڄ جي ڪهاڻي سڀاڻ جي تاريخ آهي. جيئن آڳاٽي ڪهاڻي اڄ جي تاريخ. امر جليل، شيخ اياز، جمال ابڙو، علي بابا، نسيم کرل ۽ قمر شهباز سنڌي ادب جا سونهان سرواڻ آهن هنن جي سفر جي نشانن تي اسين سڀ سنڌي ڪهاڻي کي گولي لڳڻ واري ڳالھ هڪ من گھڙت قصو سمجھون ٿا. هلو ائين به کڻي مڃون (ڪهڙي دل سان؟) ته گولي هلي به هجي پر اها هوا ۾ گسي وئي ۽ جڏهن گولي هلندي به آهي ته پويان هڪ لازوال ڪهاڻي ڇڏيندي آهي.
    ادب تي وقتي طرح ماٺار ته ايندي آهي ڪجھ قلمڪار وقتي يا ڊگھي ساهي کڻي وري ڪهاڻي قافلي کي پنهنجي ذاتي ۽ قومي پنڌ ڏانهن هاڪاريندا آهن. نوجوان نسل جا ڪهاڻيڪار جيڪي اسان کان پوءِ آيا، مثال: عدنان هاليپوٽو، سنڌيا شاھ، زيبا لاشاري، عباس سارنگ، منير چانڊيو ۽ مير بهادرٽالپر وغيره ڪهاڻي کي گولي لڳڻ واري ڳالھ کي گڏھ جي هينگ جهڙو ڪري ڇڏيو. ماڻهوءَ جي اصلي سڃاڻپ سنس پورهيو هوندو آهي. عباس سارنگ هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ پنهنجو معاشرو، سنڌ مان نه ڄاڻ ڪيتريون واقعتي ڪهاڻيون کڻي آيو آهي. ڪهاڻي ”ڪپيل نڪ“ هڪ معاشرتي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ هڪ ڊائيلاگ: ”ان کي ڪهڙي خبر ته هي ڪپيل انساني نڪ ڪنهن جو آهي، هو پنهنجي ڊگھي نڪ کي سمجھي ناهي سگھيو ته هن کي ڪٿان سمجھندو؟“ ساڳئي ڪهاڻي ۾ اڳتي لکي ٿو. ”هڪ دڪان اڳيان انساني اکين جو ڍڳ لڳو پيو آهي. جنهن ۾ ننڍيون، وڏيون، جهريون، ڪاريون، ناسي، اڇيون مطلب ته هر قسم جون اکيون پيون آهن. هر هڪ اک پنج رپيا..... ڏسان ٿو...... ماڻهو پنجين رپين وارين اکين مان اکيون ڳولي ڳولي پنهنجي چهري تي لڳائي وري ڦٽي پيا ڪن ۽ وري ڪي پسند ڪري خوشي خوشي پٺاڻ کي پيسا ڏئي رهيا آهن. انهن اکين واري دڪان تي ڪجهه خاص اکيون جيڪي مٿي ڪپڙن ۾ ٽنگيل آهن. جن جي ڌار ڌار قيمت اک جي قيمتي ۽ خوبصورت هجڻ جي حساب سان پٺاڻ گراهڪن کي ٻڌائي رهيو آهي. مون به ڪجهه اکيون کڻي ڏٺيون، هڪ کان هڪ خوبصورت اک آهي، مان حيران آهيان ته هتي اکين جي لُنڊي بازار ڪئين.......!“ اڃان اڳتي لکي ٿو. ”اڳيئن دڪان تي وڌي ويم ته صرف انساني دليون ٽنگيل نظرآيون ۽ تمام سستيون ۽ ڪجهه مهانگيون به پر ايتريون به مهانگيون نه....... هر غريب ماڻهو پيو وٺي.“ سچ ته اکين جو نور دلين جي راز جو وڪرو هڪ حساس ليکڪ ئي ڄاڻي ٿو.
    عباس سارنگ جي ڪهاڻي ”پينون“ توڻي نهايت مختصر آهي پر موضوع جي حوالي سان هڪ جامع ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻي ۾ هڪ مرشد ۽ فريادي جي ڪهاڻي آهي. اڄڪلھ مذهب جي روحانيت جي حوالي سان وڏا کيل پيا ٿين. روحاني مرشد حقيقت ۾ نصيحت واري دڳ تي لائڻ وارو هوندو آهي پر اڄڪلھ نه مرشد وٽ اهو وکر نه مڻيا. جيتري قدرExpatiation جي ڳالھ آهي ته هر هنڌ کيل کيڏيا پيا وڃن انهن ۾ مذهبي ٺيڪيدار ۽ سياسي ثناخور پڻ اچي وڃن ٿا. هت نه رڳو موجوده مرشدن جي مت موڙهيل پر سياسي ٺيڪيدار جمهوريت ۽ سنڌ جي آجپي جي ڪري ڀوتارن سان گڏ ويهندا، ڪارڪن سدائين ڦريل!
    ڪهاڻي ”ڳوڙهو رت مان ٺهي ٿو“ پيار محبت جي مختصر ڪهاڻي پر جامع مطلب جي ڪهاڻي آهي. هڪ نوجوان کي هڪ نوجوان ڇوڪري ڀل وچان چمي ڏي ٿي ۽ ڇوڪر جا رنگ مٽجي وڃن ٿا هو خوش ٿئي ٿو پر پوءِ ڇوڪري Sorry پنهنجي ڀل جو احساس ڏياري ٿي. جنهن نوجوان کي ڀلي ۾ چمي ملي ٿي الائجي ڇو محسوس ٿئي ٿو عباس سارنگ کي ئي ڀل ۾ چمي ملي هجي ۽ پوءِ ان چمي جي ڇھاو جي احساس ۾ ڪهاڻيڪار ٿي پيو آهي. سچ ته فراق ۾ هاريل ڳوڙهو ڪهاڻي ناول جو ڪارڻ ٿي پوندو آهي. هي جو عباس سارنگ آهي هن جي رولاڪي، ڀل ۾ مليل چميءَ هن جي اندر جي جهان ۾ ڪيترين ئي ڪيفيتن کي جنم ڏنو آهي ۽ هن انهن ڪيفيتن مان ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ڳوليو آهن ۽ نقش ڪيون آهن. هڪ اهڙي ڪهاڻي ”آخري قدم“ جنهن ۾ سياستڪارن جا لڇڻ چٽيل آهن، جڏهن هو اقتدار کان پريهندو آهي ته عوامي ٿي پوندو آهي پورو ديش معاشرو کين دوزخ لڳندو آهي پر جڏهن ڪرسيءَ تي سندس نظر محدود ائين سڀ واعدا اقرار وساري ڇڏيندا آهن اهو هر ملڪ خداداد جو الميو ناسور آهي. ڪهاڻي جو نالو خبر ناهي ته ڪهڙي خيال کان ”آخري قدم“ رکيو ويو آهي.
    ”پکي ڪڏهن به ڏک نٿا ڏين“ انسان جي ازل کان خواهش ته آزاد هجي پکي وانگر پولارن ۾ گم ٿي وڃي ڪا سرحد نه هجي. عباس سارنگ جي نوجوان احساسن جي ڪهاڻي آهي. هو آزاد دنيا ڏسڻ چاهي ٿو پر جلدي احساس ٿئي ٿو پين سان گڏ نهار به ٿڪي پوندي پر آخر ۾ اها ساڳئي پيو پسي حد بنديون. هڪ احساس جي ڪهاڻي آهي احساس ته هر ماڻهو وٽ هجي ٿو پر اديب وٽ ته احساسن جو اڻ کٽ سمونڊ هوندو آهي!
    پيرعبيد راشدي

    پير جھنڊو شريف
    21 نومبر2010 ع جي شام


    سماج کي آرسي پسائيندڙ-عباس سارنگ

    جيئن جيئن سماج ۾ تبديلي ايندي رهي ٿي تيئن تيئن ان جو اثر ڪهاڻي تي به پئي ٿو. ڪهاڻي سماج سان واڳيل آهي، هن کي سماج کان ساھ ملي ٿو، ڪهاڻي سماج جي صاف، چٽي آرسي آهي. سماجي تبديليءَ کي ڪهاڻيڪار چڱي طرح ڏسي ٿو، ان کي سمجھي، پرکي ٿو، ان جو چڱيءَ طرح مطالعو ۽ مشاهدو ڪري ٿو ۽ پوءِ ان کي ڪهاڻيءَ ۾ محفوظ ڪري ٿو. ڪهاڻيڪار سماجي مثبت تبديليءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، ان فطري تبديليءَ جي رفتار ۾ اضافو ڪري ٿو. تبديلي هر شيءِ ۾ اچي ٿي، ڪي نواڻ پسند ماڻهو اهڙين تبديلين کي جھٽي ٿا وٺن، انهن ۾ نواڻ آڻڻ جا جتن ڪن ٿا.
    ڪهاڻيءَ ۾ به جڏهن کان نواڻ پسنديءَ جو رجحان وڌيو آهي تڏهن کان کوڙ ساتريون ڪهاڻيون نواڻ جي آڙ ۾ کوڙ ساترن اسلوبن ۾ اسان آڏو آيون آهن. اهڙين ڪهاڻين کي ڪيترو Own ڪيو ويندو. سماج کي ڪيترو ڦل ملندو ڪجھ چئي نٿو سگھجي. نواڻ پسندي سٺي شيءِ آهي پر ان جي آڙ ۾ جيڪڏهن ڪنهن شيءِ جو حليو مٽجي وڃي ته مان سمجھان ٿو اها نواڻ پسنديءَ سان ته جٺ ٿيندي ئي پر خود ان شيءِ سان به نا انصافي ٿيندي.
    هلندڙ ڏهاڪي ۾ ڪهاڻيءَ جا اهڙا اسلوب آڏو آيا آهن جو حيرانيءَ ۾ سر وٺي ويهي رهجي. نثري ٽڪرا به ڪهاڻي بڻجي ويا آهن ته نثري نظم به ڪهاڻي ۽ اهو مختصر ڪهاڻي جو اسلوب سڏائجي پيو. وقت وڏو نقاد آهي اهو سڀ صاف ڪندو ۽ ٻڌائيندو ته ڪهاڻي جديد اسلوب ڪهڙو آهي؟
    نئين ٽهي ڪهاڻي لکڻ ۾ وقت نه وڃايو آهي، جديد ڪهاڻي لکجي پئي، نواڻ پسندي ۾ به رواجي انداز ۾ به، جيڪي نواڻ پسندي جي ڪڍ ڊڪن ٿا اهي ڪيترو ڪامياب وڃن ٿا ۽ جيڪي رواجي انداز ۾ ويهي لکن ٿا اهي ڪهڙو ٻوٽو ٻارين ٿا، وقت جو نقاد ضرور ٻڌائيندو. پر هڪ ڳالهه مڃڻ جهڙي ضرور آهي ته جيڪو مواد نقاد کي هن ڏهاڪي ۾ مليو آهي ان کي پرکڻ لاءِ شايد نقاد کي ٻيو ڏهاڪو لڳي وڃي. جنهن تيزي سان ڪهاڻيڪار پيدا ٿيو آهي، اهڙيءَ تيزي سان ڪهاڻي جي مقدار ۾ به اضافو ٿيو آهي. اڄ جو ڪهاڻيڪار ڪهڙي به اسلوب ۾ ڪهاڻي لکي ٿو، پر لکي ضرور ٿو. اڄ جو ڪهاڻيڪار نوجوان آهي ۽ سماج کان بيخبر ناهي، هن کي سماج کان کوڙ چيلنجز مليا آهن ۽ انهن چيلنجز کي فيس ڪري ٿو.
    اڄ جي نئين ٽهي ۾ شامل عباس سارنگ جو هي ٽيون ڪهاڻي ڪتاب آهي، هو هن ڏهاڪي ۾ ٽي ڪهاڻي ڪتاب ڏئي چڪو آهي، اها ڪا عام يا ننڍڙي ڳالهه نه آهي، عباس سارنگ اڄ جي سماج کي تبديل ٿيندي ڏسي ٿو، ان جو مطالعو ڪري ٿو، ان جو مشاهدو ڪري ٿو، ان مان جڏهن اتساهه وٺي جڏهن ڊيسڪ تي ويهي ٿو ته نه ڄاڻ ڇو هو اسلوب جي جنجهٽ کان پري ڀڄي ٿو.
    ها، رواجي ڪهاڻي جو اسلوب ڄاڻي ٿو ان جي چڪر ۾ نٿو پوي، هو شايد نئين اسلوب کي ڄاڻي ٿو پر ان جنجهٽ ۾ به نٿو پوي. هو بس لکي ٿو سماج کي آرسي ذريعي چٽو ڪري عام کي ان جي شڪل پسائڻ جي ڪوشش، جتن ٿو. ان ۾ هو مختصر ڪهاڻي جي چڪر ۾ ڪٿي ڪٿي گسي ڪهاڻي کي مضمون به بڻائي ٿو وڃي ته اخباري خبر به، پر مڃڻ جي ڳالهه اها آهي ته هن جون کوڙ ساتريون مختصر ڪهاڻيون هن سماج جو هو بهو عڪس آهن. هن جي حقيقت آهن ته اسلوب ۾ نواڻ به آهن. هن جي ڪيترن ئي ڪهاڻين تي مون کي رشڪ ايندو آهي ۽ مون کي خوشي ٿيندي آهي. ڪهاڻي جي حوالي سان مان ڏاڍو محتاط آهيان، مان ان حوالي سان سمجهوتي کي پاڻ لاءِ ڪفر ٿو سمجهان.
    مان عباس سارنگ جي هر ڪهاڻي تي ”واهه“ نٿو ڪري سگهان، مان ان کي ماڻ ۽ ماپي تي آڻيان ٿو، ڪهاڻي پوري آهي ته ”واهه“ نه ته ”يار“ هيءَ ڪهاڻي ناهي، مون کي نٿي وڻي.
    ۽ عباس سارنگ جون ڪافي مختصر ڪهاڻيون مون کي وڻن ٿيون، مان ”واهه“ ڪيان ٿو، ڇو ته اهي ڪهاڻيون پنهنجو پاڻ مڃائن ٿيون. اهي ڪهاڻيون جديد به آهن، مختصر به آهن ۽ بيان ۾ به دقت سان به نٿيون رکن. سماج جي هو بهو عڪاسي ڪن ٿيون، ان جي فطري تبديلي جي رفتار کي به اڳتي وڌائن ٿيون، يقينن ايندڙ ڏهاڪي ۾ نقاد هنن ڪهاڻين کي پنهنجي ڊيسڪ تي ضرور آڏو رکندو ۽ هنن ڪهاڻين تي قلم کڻندو.

    سومرو شبير احمد

    جيڪب آباد
    2010-11-25


    حساس ماڻهو ئي تخليق ڪري سگھي ٿو

    1990 واري ڏهاڪي ۾ امير بخش ڀٽي جي ڪلينڪ (اسان ان مان اوطاق وارو ڪم پئي ورتو) تي ٻن نوجوانن سان ملاقات ٿي. ساڻن لکڻين، ترجمي ۽ حفيظ شيخ تي کوڙ ساريون ڳالھيون ٿيون پوءِ اهو سلسلو ملاقاتن جو شروع ٿيو.
    1980 واري ڏهاڪي ۾ آئون سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري رهيس سنگت شاخ جيڪب آباد انتهائي متحرڪ شاخ هئي نه رڳو هفتيوار ڪچهريون پر ٻيا ادبي فنڪشن به ٿيندا هئا. ڪهاڻي ڪانفرنس به منعقد ڪئي ويئي. رشيد ڀٽي کان ليڪچر ڪرايو ويو. ملڪ نديم سان شام ملهائي ويئي. ٻيا کوڙ سارا ادبي ميڙ به ٿيا. جنهن ۾ ف.م لاشاري، انورپيرزادو، مونس اياز، ساحر پريمي، غلام رسول ڪلهوڙو(ان وقت سکر ۾ پرنسپال هو) آدرش(ارشاد شيخ) اياز ابڙو، اعجاز منگي ٻيا کوڙ دوست شريڪ ٿيا. اهيو ادبي سفر جاري رهيو ۽ 1990 واري ڏهاڪي ۾ داخل ٿياسين. ادبي پروگرامن ۾ ٻئي نوجوان دوست بنا دعوت جي شامل ٿيندا هئا. شادي جو ڪاڄ هيو ڪونه جو انهن کي دعوت وارو ڪارڊ ڏجي، قومي ڪاڄ هيو ۽ ٻئي نوجوان دوست ٻولي سان نينهن نڀائڻ جو فرض سمجھي شامل ٿيندا هئا. پوءِ انهن ٻنهي دوستن سان ويجھڙائپ ٿيندي وئي. اهي ٻئي دوست هئا سومرو شبير احمد ۽ عباس سارنگ. ڪالھ جا نئين ٽهي جا ليکڪ اڄ جا مڃيل اديب شاعر ليکجن ٿا. ان جو ڪارڻ اهيو آهي ته انهن کي پنهنجي ٻولي ادب سان محبت آهي.
    اڳتي هلي ٻئي دوست سنگت سان سلهاڙجي ويا. عباس سارنگ ۽ سومرو شبير احمد ڪڏهن شاعري ڪڏهن مضمون ته ڪڏهن ڪهاڻيون پيش ڪندا رهيا. عباس سارنگ ڪهاڻيڪار بڻجڻ جو سوچي ڇڏيو هيو ان ڪري هن فتاح عابد سان ياري رکي. سندس درٻار ۾ حاضر ٿي ڪهاڻين تي ويچار ونڊيا ۽ پوءِ هن ڪيئي ڪهاڻيون تخليق ڪيون سندس ٻه مجموعا ڇپجي پڌرا ٿيا آهن.
    عباس سارنگ حساس ماڻهو آهي. هڪ حساس ماڻهو ئي تخليق سرجي سگھي ٿو. ميٺ ماٺ ۾ ڪهاڻيون سرجيندو رهي ٿو. سرڪاري ملازم به آهي. پنهنجو ملازمت وارو فرض به چڱي طريقي سان ادا ڪري ٿو ته وري سنڌي ٻولي سان نينهن نڀائڻ وارو فرض به پورو ڪندو رهي ٿو.
    عباس سارنگ مختصر ڪهاڻيون به ڏاڍيون جاندار لکيون آهن جيڪي مختلف رسالن ۾ شايع پڻ ٿيون آهن جن کي پڙهندڙن ڏاڍو ساراهيو آهي. هن مجموعي ۾ سندس 35 ڪهاڻيون شامل آهن جن ۾ مختصر ڪهاڻيون به شامل آهن. سندس سموريون ڪهاڻيون پڙهڻ جوڳيون آهن جيڪي ذهن جا تاڪ کولي ڇڏين ٿيون.
    هر ماڻهو هر روز سماج جو اولڙو پسي ٿو پر روايتي انداز سان، سوچي اڳتي نڪري وڃي ٿو ۽ ذهن جي پٽي تان نيساري ڇڏي ٿو، پر اديب جي قلم مان نڪتل طنز جا تير لفظن جا چٽيل منظر وڌيڪ اثرائتا هوندا آهن. پڙهڻ سان ذهن جي ڪينواس تي اهي چتر ڇانيل رهندا آهن. عباس سارنگ جون ڪهاڻيون به اهڙو ئي اثر ڇڏين ٿيون.
    ”ڪپيل نڪ“ هڪ جاندار ڪهاڻي آهي جنهن ۾ هن دلين جي سودي جي ڳالھ ڪئي آهي. اک ۽ نڪ انساني سرير جا اهم عضوا هجڻ سان گڏ حيا جي علامت به آهن. هونئين ته هر عضوو اهم آهي. قدرت جي تخليق حضرت انسان املھ تخليق آهي پر اک ۽ نڪ شرم ۽ حيا وارو تصور پيش ڪن ٿا.، وري دل پيار ۽ پنهجائپ جي اهڃاڻ آهي. سماجي حالتن کي سامهون رکي هن ڪهاڻي تخليق ڪئي آهي. بقول هڪ شاعر:
    ”هر چيز يهان بڪتي هئي، بولو جي ڪيا ڪيا خريدوگي“
    ”ڪپيل نڪ“ ۾ ۾ چئي ٿو” مون غور ڪيو ته جيڪو به ماڻهو نڪ وٺڻ ٿي آيو، انهن مان ڪنهن کي به پنهنجو نڪ نه هو.“
    مختصر ڪهاڻي ”پينون“ به قاري تي سٺو اثر چڏي ٿي. ٻه گھرندڙ ڪردار هج جو نالو ”مرشد“ آهي ٻي جو نالو ”پينون“ آهي پر ڪم ٻنهي جو ساڳيو آهي چوندا آهن ته فقير فقير کي نه سهي ڪهاڻي جي پڄاڻي به انهن لفظن سان ٿيل آهي ”هل ڙي فقير آيو آهي.....گم ٿي ته ڪيانءِ نه بيعزتو.....پينون، پينون جا پٽ........“
    ”ڪارو برقعو“ ڪهاڻي عام رواجي ڪهاڻي آهي اسان کي رستن تي ڪٿي برقعو پاتل عورتون پنندي نظر اينديون آهن ۽ هر ماڻهو کين چڱو نٿو سمجھي....ليکڪ هن ڪهاڻي ۾ عورت جو مورال مٿاهون ڏيکاريو آهي.
    ”صرف پنندي آهين يا ٻيو ڪو ڌنڌو به ڪندي آهين“
    ”ته پوءِ هلون......؟“
    ان تي فقيرياڻي پنهنجو سڌو هٿ مٿي ڪري منهن ۾ بجو وهائي ڪڍيائنس ۽ چوندي ويس:
    ”تو جهڙا ڪيترا ئي ڪتا؛ ائين ئي روزانو ڀونڪندا رهندا آهن.....“
    ڪهاڻي ”درياءُ شاھ“ ۾ ليکڪ سوال چڏي ويو آهي.
    ” بابا توهان پنهنجي بابا سائين سان درياءَ شاھ تي ايندا هئا ته درياءَ شاھ مست ٿي وهندو هو.......اڄ مان توهان سان گڏ آيو آهيان ته درياءَ شاھ ۾ رڳو واري پئي اڏامي.....ڀلا بابا! مونکي اهو ته ٻڌايو جڏهن مان پنهنجي پٽ سان درياءَ شاھ تي ايندم ته ڇا دريا شاھ هوندو!؟؟؟؟“
    ڪهاڻي ”فرشتو“ پڙهڻ سان آءُ ماضي ڏانهن ڌڪجي ويس اهڙو واقعو جيڪب آباد ۾ ڳچ عرصو اڳ پيش آيو هو. هڪ ڳڀرو سونهن ڀريو جوان پنهنجي دوست سان ملڻ لاءِ سندس گھر وي پر سندس بيواھ ماءُ کائنس اجر وارو ڪم ورتو. تخليقڪار سماجي مسئلي کي کنيو آهي.
    ڪهاڻي ” آخري قدم“ اقتدار ۾ ايندڙ سياستڪارن جي هڪ سچي تصوير آهي ۽ اڻ برابري واري سماج جو چٽو عڪس آهي.
    ”ٽوڙي بند ٽٽي پيو“ تازي زخم جي ڪهاڻي اهي ٻوڏ جيڪي ڪهر ڪيا ان جا سور صدين تائين وساري نه سگھبا هن ڪهاڻي ۾ عباس سارنگ سياسي نعرن کان به ڪم ورتو آهي. اسان جي هن وڏيرڪي، جاگيرداري واري سماج ۾ هاري ايترو باشعور ڪون ٿو نظر اچي. مونکي پڪ آهي ته ڪتاب پڙهندڙن وٽان مان ماڻيندو.

    س.ب. کوسو
    جيڪب آباد


    هئڻ، نه هئڻ جي وڇوٽي

    عباس سارنگ جي ڪهاڻين جا ٻه ڪتاب اڳ به ڇپجي چڪا آهن ۽ هي سندس ٽيون ڪتاب آهي، مونکي يقين آهي ته عباس جي هن ڪتاب کي به اڳين ٻن ڪتابن جيان، ڪو اعزاز ڪو ايوارڊ ڪون ملندو ڇو........؟ اهو ”ڇو“ ئي ته ڪهاڻيون سرجڻ جو بنياد آهي ۽ جيسين ماڻهوءَ ۾ هئڻ جو احساس هوندو، تيسين انهيءَ ”ڇو“ جي ابت ڪنڊڙي ماڻهوءَ جي ذهن ۾ چڀندي رهندي. ڪهاڻيون تخليق ٿينديون رهنديون ۽ قصه گو پيدا ٿيندا رهندا.
    منهنجو دوست عباس سارنگ به هڪ عام قصه گو آهي، سندس ڪهاڻيون به عام ماڻهوءَ جون ڪهاڻيون آهن. عام يعني ڪت خلقت. ڪت خلقت، يعني مان ۽ تون. تون جيڪو هن وقت عباس سارنگ جون ڪهاڻيون پڙهي رهيوآهين. تون، منهنجي مون آهين، يا مان تنهنجو عڪس آهيان، اهو تنهنجو منهنجو مامرو آهي، عباس سارنگ جو موضوع ڪونهي، عباس سارنگ جو موضوع آهي، پاڻ ٻنهي جي ڀوڳنا، پاڻ ٻئي ڪهڙي به رنگ، نسل يا قوميت سان وابسطه هجون، پر پاڻ ٻنهي جون پيڙائون ۽ ڳوڙها ته هڪ جهڙا ئي آهن نه! انهن پيڙائن ۽ ڳوڙهن جي اظهار کي ئي ته اسين عباس سارنگ جون ڪهاڻيون چوندا آهيون. ڇا، منهنجي ۽ تنهنجي سرگزشت ۾ ڪا نئين ڳالھ آهي، مطلب ڪا خاص ڳالھ!، نه بنھ نه، پاڻ ته عام ماڻهو آهيون، سو عباس سارنگ جون ڪهاڻيون به ته عام ليکبيون نه! عباس سارنگ جي ڪهاڻين جي به مون ۽ تو جيان ڪا ابتدا ڪا انتها ناهي هوندي، فقط وجود هجي ٿو، هئڻ ۽ نه هئڻ جي وڇوٽي، تصور، تخيل ۽ خواب......بس ٻيو ڪجھ به نه، ڪهاڻيءَ جي فن تي کڻي سوچجي به، پر ڇا سوچجي! ابتدا......امان جو ڪنجھڻ، بابا جو مونجھارو ۽ دائيءَ جي سامرجيت......!
    پلاٽ.......! گھر ۽ ٻارن لاءِ تيل ٿيڻ، پوءِ قيمت وڌڻ گھرجي پر نه، جئين جئين تيل جي قيمت ۾ اضافو پيو ٿئي، تيئن تيئن منهنجي ۽ تنهنجي قيمت ڪرندي ٿي وڃي، قيمت سان گڏ، اسين به ڪرندا ٿا وڃون هيٺاهينءَ ڏانهن. هئڻ ۽ نه هئڻ جي وڇوٽي سسي ننڍڙي ٿي رهي آهي؛ ۽ ان سان گڏ عباس سارنگ جون ڪهاڻيون به ننڍڙيون ٿي رهيون آهن، پر سندس تخيل ۽ خواب اتاهينءَ تي بيٺات آهن، ۽ سندس آڱريون ڊگھيون ٿي رهيون آهن، منهنجي گھر جي اڱڻ تي بيٺل ٽالهيءَ جي لامن جيان. ٽالهيءَ جون لامونبه رڳو اڀ ڏانهن سفر ناهن ڪنديون، اهي ته زمين ڏانهن به اينديون آهن. عباس سارنگ جي آڱرين جيان، سو عباس سارنگ جون آڱريون، اسان جي روز بروز هيٺاهينءَ ڏانهن ڪرڻ جي وارتا کي قلمبند ڪن ٿيون ۽ بس! ان کانسواءِ عباس سارنگ جي ڪهاڻين ۾ ٻيو ڪجھ به نه آهي، ڇا جو ڪلائمڪس! ڇا جي پڄاڻي! هو ته فقط اسان کي ياد رکڻ چاهي ٿو، تنهنڪري سندس ڪهاڻي ”ختم ٿيو“ جي بجاءِ ”جاري آهي“ تي پهچي وري نئين عنوان سان ظاهر ٿئي ٿي. هاڻ تون ئي چئو، ته عباس سارنگ کي اهڙين ڪهاڻين تي ايوارڊ ملڻ گھرجي! نه بنھ نه، ڀلا ڪت خلقت جي ڪهاڻي به ڪا ڪهاڻي آهي! نه يقينن ڪهاڻي ناهي، احتجاج آهي، فرياد آهي، رڙ آهي، سڏڪو آهي، سڏ آهي، ۽ سڏ جو پڙاڏو آهي. مونکي ياد نٿو اچي ته مون کي پشتو جي هن لوڪ گيت جي معنيٰ ڪنهن ٻڌائي هئي، پر ٻول اڃان به منهنجي ذهن ۾ پڙاڏو بڻجي گونجي رهيا آهن:
    ”جڏهن ڪوئي شخص ڪنهن جي فرياد نه ٿو ٻڌي، تڏهن دل ۾ اچي ٿو ته ان جا ڪن ڪٽي ڇڏيان.“

    جعفر جاني
    28-10-2010


    عباس سارنگ ھڪ لا جواب ليکڪ

    عباس ڪو اوچتو يا لاٺڙيو ليکڪ ناھي. ھي ٽيون ڪھاڻي ڪتاب اٿس.، عباس جون آکاڻيون تير ۽ گوليءَ جو ڪم ڪن ٿيون، جو پڙھندي پڙھندي دل ۾ چُڀيو وڃن ٿيون ۽ بي ساخته وڏا ساھ ۽ ٿڌا شوڪارا ڀرڻا پون ٿا، جي پڙھندڙ ائين نه ڪري ته شايد دل جو مريض ٿي پوي.
    سماج جي سوين معاملن تي عباس جي اک ڏٺو ۽ دل محسوس ڪيو آھي. پر جھڙي طرح عباس جي اک جو ڏسڻ ۽ دل جو محسوس ڪرڻ آھي، اھو سڀُ ڪُجُھ، سڀَ ڪنھن جي وس جي ڳالھ ناھي.
    عباسُ! احساسن، اُمنگن ۽ پُرسوز دلين جو ترجمان آھي. اسان انسانن کي گَھڻِ پاسي مثال ڏيندڙ، اُتساھيندڙ، حقيقتن جي ٻِرَن ۾ ھٿ وجھندڙ، معمولي شين تي لکي، اھميت ڏئي جسم جا وار اُڀا ڪندڙ ڪھاڻيڪار عباس ئي ته آھي ۽ اھڙو حِساسُ، جو گل جي لتاڙجڻ تي روئي ٿو پوي، ٻي ڪنھن سوچيو به ھوندو، الائي جي نه!
    ڪاريھر نانگ جھڙا سچ بيان ڪندڙ عباس ”پينون“، ”مورتي منھنجي، ڪنھن جوخدا؟“، ” آخري قدم“ ۽” ايف آءِ آر“ جھڙيون ڪھاڻيون لکي دل خوش ڪري ڇڏي آھي.
    وري عباس، ”ٽوڙي بند ٽٽي پيو“، ”ھڪ ٽوٿ برش جي اڪيلائي“، ”چاٻيون“، ”مان صوفي آھيان؟“، جھڙيون ڪھاڻيون لکي اسان جي جذبن تي پيٽرول ھاري ٿو ۽ اھو به نٿو سوچي ته اسان جو ڇا ٿيندو!
    ڪھاڻي ”درياھ بادشاھ“ ٻڌائي ٿي ته مستقبل لاءِ سوچيو. جنھن ۾ اسان جي بقا آھي. ڳالھ جو مقصد ظاھر ڪرڻ ۾ جيڪو ڍنگ ۽ ڏانءُ اٿس سو به واھ واھ ڪرائي ٿو ڇڏي.
    عباس اھو به سيکاري ٿو ته انسان ڪھڙي به حالت ۾ ھجي پر ان لاءِ اھو ضروري آھي ته وَٽَس زبردست قدم، گامَ گامَ تي غيرت، حياءَ ۽ شرم سان سَرشار ھجي ۽ پڻ انھن شين جي اھميت ھجيس. اھڙو سبق ”ڪپيل نڪ“ ۽ ”ڪاروبرقعو“، مان وٺڻ گھرجي. اھو ڪوبه وڌاءُ ناھي ته عباس سارنگ ھڪ لاجواب ليکڪ آھي.

    عبدالحق آزاد مھر
    وڪيل
    جيڪب آباد.


    عباس سارنگ- معاشري کي آئينو ڏيکاريندڙ.

    وقت سان گڏوگڏ سماج ۽ زندگي جا انداز، ريتون رسمون رهڻيون ڪرڻيون ۽ روايتون تبديل ٿينديون رهن ٿيون. سماج جا تمام شعبا هڪ ٻئي سان لاڳاپيل ٿين ٿا. انهن تبديلين جو اثر زندگي جي هر شعبي تي ظاهر ٿئي ٿو. اهڙي طرح ادب جي ميدان ۾ به اهڙا لاڙا ۽ تبديليون اچن ٿيون. ڪو زمانو ديومالائي ادب جو هيو جنهن جي بنياد تصوراتي هئي جنهن جو مقصد فقط ذهني تفريح هيو. بعد ۾ ناول نگاري ۽ طويل ڪهاڻين جو دور شروع ٿيو. جيڪي معاشري جي خارجي عڪاسي ڪن ٿيون. جيتوڻيڪ ناول نگاري ۽ طويل ڪهاڻين جو دور اڃا هلندڙ آهي پر پوءِ به ان جي پڙهندڙن ۾ گهٽتائي ضرور آئي آهي ۽ ادبي دنيا ۾ شارٽ اسٽوري جي مطالعي جو رجحان وڌندو پيو وڃي. انهي ڏس ۾ عباس سارنگ جون لکڻيون سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿيون. مقدس مٽي ۽ پکي اڏاڻا پيار جا کان پوءِ هي عباس سارنگ جو ٽيون ڪتاب آهي. جديد دور جي تقاضائن مطابق هن صاحب جي لکڻ جو انداز مختلف آهي. ٻولي عام ماڻهن جي سمجهه جهڙي جيڪا ڳالهائي پئي وڃي. بي سبب هندي ۽ سنسڪرت جي لفظن جو استعمال ڪونه ٿو ڪري. هو جرئت سان جيڪي ڪجهه سماج ۾ ٿئي ٿو. ان کي سڌي طرح بيان ڪري ٿو. انهي لکڻ جي انداز کي ڏسندي ڪڏهن ڪڏهن هو تنقيد جو نشانو به بڻيو. پر ان جي باوجود هو سچائين ۽ حقيقتن کي اجاگر ڪرڻ ۾ پير پوئتي نٿو ڪري. هن جي ڪهاڻين جا ڪردار فرضي نه آهن. هو صاحب جيڪي ڪجهه ڏسي ٿو بغير ڪنهن پس و پيش جي لکي ٿو. هن جون لکڻيون معاشري لاءِ هڪ آئينو آهن. جنهن ۾ معاشري جي اصلي صورت نظر اچي ٿي. هي نوجوان ليکڪ ادبي دنيا ۾ پنهنجي جاءِ والاري ٿو. ٿي سگهي ٿو ته اهڙي سچي ليکڪ کي ٻين جيان سچ جي ڏوهه ۾ ڏک ڏسڻا پون. جڏهن کيس ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا ته خبر پوندي ته ڪيئن ٿو منهن ڏي ۽ پار پوي. دعا آهي ته خدا کيس لکڻ جي سگهه اڃا وڌائي ۽ قلم جي طاقت سان ڪنهن وڏي انقلاب لاءِ راهه سنواري. اسان جو معاشرو هڪ وڏي انقلاب طرف تيزي سان وڌي رهيو آهي. اسان جي اديبن شاعرن کي انهي انقلاب جي راهه تي ويندڙ قافلي کي اڳتي وٺي وڃڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي. مان سمجهان ٿو ته اسان جو نوجوان نسل ادبي ميدان ۾ پنهنجو ڪردار پوري طرح سان نڀائي پيو.

    سردار خان لاشاري
    ايڊووڪيٽ


    من جي ڊيسڪ تان

    ڪهاڻيءَ جو فن ڀلي ڪهڙو به هجي؛ پر ڪهاڻي فن جي محتاج نٿي هجي. ڪهاڻيءَ کي فن ۾ قيد ڪبو ته اها انهيءَ قيد ۾ ڪڏهن به نه رهي سگهندي پر پنهنجي ترقيءَ جي رفتار ۾ سست ضرور ٿي ويندي، ڪهاڻيءَ جو جن به فن ٻڌايو آهي، ڇا ڪهاڻي صرف انهن جي ٻڌايل فن جي دائري ۾ ئي لکي سگھجي ٿي؟ تڏهن ئي وڃي اها ڪهاڻي سڏبي!!! ۽ ڇا جيڪا ڪهاڻي فن جي قيد واري دائري ۾ نه لکبي ته اها ڪهاڻي نه رهندي؟ پر ڪهاڻي پوءِ به لکبي رهي آهي، ڪهاڻي لکجندي رهي ٿي ۽ ڪهاڻي لکبي رهبي......
    مون کي پنهنجي ڪهاڻي جي باري ۾ ڪا به خوشفهمي نه آهي. منهنجي ڪهاڻي فن جي قيد کان آزاد ڪهاڻي آهي جيڪا حقيقت جو ڳولائو آهي. اهو ڇيد ڪرڻ مون کي ايندو به نه آهي ته ڪهاڻي هئين لکجي، هونئين لکجي، بس مان لکندو آهيان ۽ لکان ٿو. سماج مان چونڊ ڪيل منهنجا ڪردار، پنهنجن ڪردارن سان حقيقي رشتو نڀائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن، جي ڪٿي ڪا خامي رهجي ٿي ته اها انهن جي نه؛ پر منهنجي ئي سمجھجي، جو جئين کين مون ڏٺو ۽ کين ڪوري ڪاغذ تي متحرڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، انهن ڪردارن تي ڪاوڙ نه ڪجو ڇو ته اهي اڳ ۾ ئي ڏاڍا ستائيل آهن هن سماج جا! پورهيو وڻيو ته به قرب نه وڻيو به ته وھ واھ.....!!!
    منهنجو هي ٽيون ڪهاڻي ڪتاب ’ڪپيل نڪ‘ آهي، جنهن جي ڇپجڻ جي ڪا به اميد نه هئي. ان جو سمورو ڪريڊيٽ منهنجي ادا جاني ’سنڌي‘ انعام عباسيءَ ڏانهن وڃي ٿو، جنهن هن ڪتاب کي پنهنجي نامياري اداري ’نئون نياپو پبليڪيشن‘ پاران ڇاپڻ جو بارپنهنجن ڪلهن تي کنيو، مان سندس بيحد ٿورائتو آهيان ۽ اهو هن جو مون سان پيارئي آهي ۽ مون تي اعتماد پڻ....
    هتي آئون انهن سڀن هٿن جو به دل سان ٿورائتو آهيان، جن ڪنهن نه ڪنهن طرح سان هن ڪتاب لاءِ پنهنجو پورهيو ڪيو آهي. آخر ۾ هي ته ”هي اڄوڪو سج جيئن ئي لهي ويندو ته سڀاڻي ان اميد تي وري ضرور اڀرندو هن کي نئين ولولي ۽ سچائيءَ سان پنهنجي روشني پکيڙڻي آهي ۽ وري نئين صبح ۾ پاڻ گڏ هونداسين.“

    عباس سارنگ
    جيڪب آباد
    2673303-0334
    4673303-0313


    ڪهاڻيون

    ڪپيل نڪ

    ڪپيل نڪ

    مان تڪڙو تڪڙو آفيس ڏانهن ايندي جئين ئي راڄ واھ جي پل تان گذريس ته اوچتو منهنجي نظر راڄ واھ ۾ بيٺل ۽ سينواريل پاڻي تي ترندڙ هڪ ڪپيل انساني نڪ تي پئي.......هڪ ته مون کي آفيس کان دير پئي ٿي ۽ ٻيو هن ڪپيل انساني نڪ کي، ائين ترندو ڏسي، کيس ڇڏڻ اخلاقي ڏوھ سمجهي، راڄ واھ جي پل تان هيٺ لهي، ڪڙ تي اچي پاسي ۾ بيٺل وڻ مان ٽاري ڇانگي، ان جي مدد سان ڪپيل انساني نڪ کي پاڻ ڏانهن سوري، هٿ سان ڪڍي ڪري رومال ۾ ويڙهي ڪوٽ جي کيسي ۾ وجهي ڇڏيم. پوءِ تڪڙو تڪڙو آفيس ڏانهن روانو ٿي ويس، مسٽر رول تي ننڍڙي صحيح ڪري پنهنجي ميز تي اچي ويٺس، خبر پئي ته اڄ وڏو صاحب موڪل تي آهي. تنهن ڪري اڄ عام رواجي ڪم نه ٿيندو ته پوءِ مون سک جو ساھ کنيو ۽ ڪوٽ جي کيسي ۾ پيل رومال ڪڍي ميز تي رکي، پاسي وارن ٻنهي ڪلارڪن کي سڏ ڪيم. هو جئين ئي منهنجي ميز تي آيا ته ميز تي رکيل رومال کي کولي کين چيم:
    ”هي ڏسو......! هي ڪپيل انساني نڪ ڪنهن جو آهي؟ “
    ٻئي ڪلارڪ ڪپيل انساني نڪ کي ڏسي حيران ٿيندي مونکي ۽ ڪپيل انساني نڪ کي حيراني مان گھورڻ لڳا.
    پهرين چيو: ”هي ڪپيل انساني نڪ ڪنهن جو آهي......؟ “
    ٻئي چيو: ”شائد عورت جو يا پوءِ ڪنهن مرد جو آهي.......!!؟؟“
    مون چيو: ”مون به اهو ئي پڇيو آهي ته هي نڪ ڪنهن جو آهي.....؟ اهو مون کي راڄ واهه مان مليو آهي...... جڏهن مان آفيس پئي آيس.......“
    وري پهرين چيو: ”خوبصورت آهي......!“
    ٻئي چيو: ”ڪنهن عورت جو هوندو........!“
    مون چيو: ”ڪنهن خوبصورت مرد جو به ٿي سگهي ٿو......“
    پهرين چيو: ”تون هي هتي ڇو کڻي آيو آهين؟ ڪنهن پنهنجو نڪ ڪپي راڄ واهه ۾ ڦٽو ڪيو، تون وري هي هتي کڻي هليو آئين.......!“
    ٻئي چيو: ”ڇو....... ڪهڙو غلط ڪم ڪيو اٿائين، حقيقت کي سامهون اچڻ گهرجي ته آخر هي ڪپيل انساني نڪ ڪنهن جو آهي ۽ ڇو ڪنهن هي ڪپي راڄ واهه ۾ ڦٽو ڪيو آهي؟“
    هنن ٻنهي جي بحث کان پوءِ وري مون چيو: ”بس اها ئي حقيقت ڄاڻڻ لاءِ مون هي ڪپيل انساني نڪ راڄ واهه مان ڪڍي ورتو، ڀلا اهو ته ٻڌايو اسان جي شهر ۾ ڪو اهڙو ڄاڻو ماڻهو آهي جيڪو ٻڌائي ته هي راڄ واهه مان مليل ۽ ڪپيل انساني نڪ ڪنهن جو آهي؟“
    ٻئي چيو: ”الائي يار......! هل ته پنهنجي هيڊ ڪلارڪ کي ٿا ڏيکاريون.“
    پهرين چيو: ”ان کي ڪهڙي خبر ته هي ڪپيل انساني نڪ ڪنهن جو آهي، هو پنهنجي ڊگهي نڪ کي سمجهي ناهي سگهيو ته هن کي ڪٿان سمجهندو؟“
    مون چيو: ”منهنجو خيال آهي ته هي ڪنهن غيرتمند انسان جو نڪ آهي، جنهن غيرت ۾ اچي پنهنجو نڪ ڪپي راڄ واهه ۾ ڦٽو ڪيو آهي.“
    ٻئي چيو: ”پر جرڳو ڪري به ته ڪنهن جو زوري نڪ ڪپي سگهجي ٿو. ڏسو نه پيا اڄڪلهه جرڳي سسٽم جي ٻيگهي متي پئي آهي، جرڳي ٿي وڃڻ کان پوءِ ڪنهن جي ڪهڙي مجال آهي جو پنهنجو نڪ ڪپڻ نه ڏي.......!“
    پهرين چيو: ”هيئن به ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن مرد ڪنهن عورت جو نڪ ڪپيو هجي ۽ پوءِ راڄ واهه ۾ ڦٽو ڪيو هجي. ڇو ته مان اهڙيون خبرون اخبارن ۾ اڪثر پڙهندو رهيو آهيان، پر اڪثر انهن عورتن جا نڪ ٽانڪن ذريعي لڳل هوندا آهن. اهڙا مون اخبار ۾ فوٽو به ڏٺا آهن، پر هي پهريون واقعو هوندو، جنهن ۾ نڪ کي ڪپي راڄ واهه ۾ اڇلايو ويو آهي.“
    ٻئي چيو: ”هيئن به ته ٿي سگهي ٿو، ڪنهن عورت ڪنهن مرد جو نڪ ڪپي راڄ واهه ۾ اڇلايو هجي، ڇو ته اڄڪلهه عورتون مردن تي تيزاب هاري سگهن ٿيون ته پوءِ نڪ ڪپڻ ڪا وڏي ڳالهه ته نه آهي.“
    مون چيو: ”ڪجهه به هجي، ڳالهه صفا ڳوري آهي، هن حقيقت تائين پهچڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪجي!“
    پهرين چيو: ”سياڻو ٿيءُ منهنجي صلاح وٺ، اجايو پاڻ کي ڇو ٿو ڦاسائين، آفيس کان موٽڻ مهل هن کي اتي ئي راڄ واهه ۾ ڦٽو ڪري ڇڏ ۽ پنهنجي مٿي جو سور به لاهه ته اسان جي مٿي جو سور به لاهه!“
    مون چيو: ”ڇو يار ان ۾ مٿي جي سور جي ڪهڙي ڳالهه آهي، هي هڪ ڪپيل انساني نڪ جو مسئلو آهي، ڪا معمولي ڳالهه ته نه آهي، هن جو ڪو به ملهه نه آهي پر هي ته املهه آهي.“
    ٻئي چيو: ”پوءِ آخر هن ڪپيل انساني نڪ جو تون ڪندين ڇا؟“
    مون چيو: ”مان حقيقت ڄاڻڻ چاهيان ٿو، بس..... خير توهان ڇڏيو، مان پاڻ هن مسئلي کي ڏسي وٺان ٿو.“
    هي ٻئي ماٺ ٿي پنهنجي ميزن ڏانهن هليا ويا، مون نڪ کي رومال ۾ ويڙهي ميز جي دراز ۾ رکي ڇڏيو ۽ آفيس جي ڪم ڪار ۾ لڳي ويس. آفيس کان موڪل مهل پنهنجي ميز جي دراز مان رومال ڪڍي ڪوٽ جي کيسي ۾ وجهي راڄ واهه ڏانهن وڌڻ لڳس. راڄ واهه جي فٽپاٿ تي چڙهيس، جتي شهر جي وڏي ۾ وڏي لُنڊي بازار لڳندي آهي. هتي هر سال پٺاڻ غريبن لاءِ امير ماڻهن جي لٿل گرم ڪپڙن جو سستي اگهه تي وڪرو ڪندا آهن. اڄ منهنجي حيرت جي انتها ٿي وئي، ڇا ٿو ڏسان ته ساڳيا پٺاڻ لُنڊي بازار هنيو ويٺا آهن پر گرم ڪپڙن بدران هڪ ٻي لُنڊي بازار نظر آئي. هڪ دڪان اڳيان انساني اکين جو ڍڳ لڳو پيو آهي. جنهن ۾ ننڍيون، وڏيون، جهريون، ڪاريون، ناسي، اڇيون مطلب ته هر قسم جون اکيون پيون آهن. هر هڪ اک پنج رپيا..... ڏسان ٿو...... ماڻهو پنجين رپين وارين اکين مان اکيون ڳولي ڳولي پنهنجي چهري تي لڳائي وري ڦٽي پيا ڪن ۽ وري ڪي پسند ڪري خوشي خوشي پٺاڻ کي پيسا ڏئي رهيا آهن. انهن اکين واري دڪان تي ڪجهه خاص اکيون جيڪي مٿي ڪپڙن ۾ ٽنگيل آهن. جن جي ڌار ڌار قيمت اک جي قيمتي ۽ خوبصورت هجڻ جي حساب سان پٺاڻ گراهڪن کي ٻڌائي رهيو آهي. مون به ڪجهه اکيون کڻي ڏٺيون، هڪ کان هڪ خوبصورت اک آهي، مان حيران آهيان ته هتي اکين جي لُنڊي بازار ڪئين.......!
    اڳيئن دڪان تي وڌي ويم ته صرف انساني دليون ٽنگيل نظرآيون ۽ تمام سستيون ۽ ڪجهه مهانگيون به پر ايتريون به مهانگيون نه....... هر غريب ماڻهو پيو وٺي. وري هڪ ٻئي دڪان تي صرف ڪن ٽنگل ڏسان ٿو. وري اڳتي مڙدن ۽ عورتن جا خوبصورت ۽ هر قسم جا وار، هر پاسي وار ئي وار. هر ڪوئي مرد ۽ عورت پنهنجي مٿي تي پائي ڏسي رهيو آهي. هن دڪان تي جدا جدا قسم جي وارن جا جدا جدا اگهه آهن.
    ائين ئي راڄ واهه جي فٽپاٿ سان لُنڊي وارا دڪان ڏسندو راڄ واهه جي پل تي پڄان ٿو، ڇا ٿو ڏسان ته اتي انساني نڪن جو دڪان لڳل آهي. هن دڪان تي ٻين دڪانن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ رش آهي. انساني نڪ به الاهي قسمن جا پيا آهن. هر ماڻهو جي ڪوشش آهي ته خوبصورت کان خوبصورت نڪ پسند ڪيان، جيڪو هر پاسي کان شان وٽان هجي. هر ڪوئي خوش نظر ٿي آيو جو، هر ڪنهن کي آساني سان پنهنجي پسند جو نڪ سستي اگهه تي ملي رهيو آهي....... مون غور ڪيو ته جيڪو به ماڻهو نڪ وٺڻ ٿي آيو، انهن مان ڪنهن کي به پنهنجو نڪ نه هو. مون اندازو هنيو ته هن دڪان تي ايڏي رش لڳي پئي آهي ۽ راڄ واهه جي پل جي ويجهو به آهي ۽ ساڳيو منهنجي ڪوٽ جي کيسي ۾ ڪپيل انساني نڪ به مون کي اتان ئي راڄ واهه مان مليو هو، سو رش هجڻ ڪري راڄ واهه ۾ ڪري پيو هجي ۽ ڪنهن جو ڌيان به نه ويو هجي. مون رومال ۾ ويڙهيل انساني نڪ کي ڪوٽ جي کيسي ۾ هٿ لائي ڏٺو، جيڪو پيل هو ۽ ٻيو هٿ پنهنجي نڪ کي هڻي ڏٺم، جيڪو گم هو ۽ پوءِ تڪڙو تڪڙو انهي نڪن واري دڪان جي رش مان نڪري ڪوٽ جي کيسي ۾ ويڙهيل نڪ ڪڍي پنهنجي چهري تي لڳائي ڇڏيم، منهنجو سمورو جسم شرم وچان پگهرجي ويو هو ۽ پوءِ منهنجي اک کلي وئي ۽ يڪدم پنهنجي نڪ کي هٿ لائي ڏٺم، جتي منهنجو پنهنجو نڪ موجود هو ۽ پوءِ ڄاتم ته اهو سمورو خواب ئي هو.
    ***


    ديوار تان ڪريل رنگ

    ديوار تان ڪريل رنگ

    خوبصورت ناري نچي رهي آهي.....
    پاسي ۾ جنگجو، گهوڙن تي چڙهي، تلوارون هٿن ۾ کڻي، ٽاپڪ ٽاپڪ ڪندا وڃي رهيا آهن.....
    ملڪن جا نقشا ئي نقشا آهن.....
    ماڻهو ماڻهو سان وڙهي رهيو آهي.....
    ڌنار پنهنجو ڌڻ ڪاهيون پيو وڃي.....
    گل ڦل مرڪي، پنهنجا ڪنڌ آس مان کنيو بيٺا آهن.....
    ۽ ڄڻ ته ڪا خوبصورت رلي لڙڪي رهي آهي.....
    هيٺ هڪ زبرو گهوڙو پنهنجون ٻئي ڄنگهون مٿي ڪري هڻڪي رهيو آهي
    ۽ پنهنجي طاقتور هجڻ جو مظاهرو ڪري رهيو آهي،
    سندس ڀر ۾ جانور جهڙوڪ گدڙ، گڏهه، هاٿي، رڍ، ٻڪري، هرڻي ۽ ٻيا هيسيل هيسيل گهمن پيا.....
    شينهن موڳو آهي.....
    خوبصورت ناري نچي رهي آهي.....
    ۽ مٿان جديد جنگي جهاز پنهنجي دهشت سان ميزائيل لوڊ ڪيون اڏامي رهيا آهن.....
    ”ديوار کي ڇا پيا ڏسو، چانهه تيار آهي.....“
    منهنجي گهر واري چانهه آڻيندي چيو،
    ان کان اڳ اهو سڀ ڪجهه پنهنجي ڪمري جي ديوار تان
    ڪريل رنگ کان پوءِ جڙيل ماحول کي ڏسي رهيو هوم.....
    چانهه جي سپ سپ ڪري پيئڻ لڳم
    ۽ ديوار کي به حيرت مان ڏسندو رهيم.....
    ***


    هڪ آرٽسٽ ۽ ٻه تصويرون

    هڪ آرٽسٽ ۽ ٻه تصويرون

    چوڪ تي هڪ آرٽسٽ ويٺو ڪجھ روپين ۾، ماڻهو کي سامهون ويهاري ان جي تصوير ٺاهي ڏئي رهيو هو ماڻهو خوشي خوشي ۾ پنهجو پورٽريٽ ٺهرائي ۽ ان جو ڪجھ معاوضو آرٽسٽ کي ڏيئي مسڪرائيندا هليا ٿي ويا. ان سان آرٽسٽ کي پيٽ پالڻ لاءِ ڪجھ نه ڪجھ ملي ٿي ويو ۽ ماڻهو خوشي خوشي پنهنجو پورٽريٽ پسي اندر ئي اندر ۾ سرها ٿيندا ٿي ويا.
    مان به انهيءَ آرٽسٽ ڏانهن وڌي ويس،
    ”جي ويهو.“
    مان سندس اڳيان رکيل اسٽول تي ويهي رهيس
    ”ٻه سو روپيا ٿيندا اوهان جي پورٽريٽ جا....“
    آرٽسٽ پنهنجو اجورو ٻڌائيندي چيو،
    ”ٺيڪ آ....ٺيڪ آ.....پر مون کي پنهنجو پورٽريٽ ناهي ٺهرائڻو......“
    ”پوءِ؟“
    هن سوال ڪيو ۽ سوال ڪرڻ سان گڏ پنهنجا ڪلها به مٿي ڪيا اڃان چوڻ لڳو،
    ”باقي ڇا ٺهرائيندا؟“
    مون چيو،
    ”دراصل مون کي ٻه تصويرون ٺهرائڻيون آهن. هڪ اهڙي تصويرجنهن ۾ وقت ڳرڻ جو منظر هجي ۽ ٻئي تصوير ۾ بارش ٿيل هجي، آسمان تي انڊلٺ هجي ۽ چيڪي مٽي جي هٻڪار محسوس ٿئي.“
    ”سوري سائين! توهان جون ٻڌايل اهي ٻئي تصويرون نه ٺاهي سگھندم....!“
    ”ڇو......؟ توهان کي توهان جي چوڻ موجب معاوضو ڏيندم.....!!“
    ”پوءِ به نه ٺاهيندم....!“
    آرٽسٽ باقاعدي انڪار ڪندي چيو،
    ”مهرباني ڪري اسٽول خالي ڪيو منهنجو ڪسٽومر اچي ويو آهي...“
    ايترو چئي هن مون کي ڪاوڙ واري انداز ۾ ڏٺو هن جو ڪسٽومر اسٽول تي ويٺو ۽ ان جو پورٽريٽ ٺاهڻ کي لڳي ويو ۽ اهو ڏسندو رهيس، آرٽسٽ پورٽريٽ ٺاهڻ جو واھ جو ڪاريگر ٿي لڳو. ٿوري دير ۾ پورٽريٽ ٺاهي ورتائين ۽ ڪسٽومر کي فارغ ڪري مون کي چوڻ لڳو،
    ”جي محترم! مان توهان جي وڌيڪ ڪهڙي خدمت ڪري سگھان ٿو...؟“
    مون کيس چيو،
    ”هئين ٿا ڪيون جو انهن ٻنهي تصويرن جو آئيڊيا مان ٿو توهان کي ڏيان......“
    اهو چوندي وري اسٽول ٿي چڙهي ويٺم،
    ”وقت ڳرڻ واري تصوير ڪجھ هن طرح ٿي سگھي ٿي ته هڪ وال ڪلاڪ ڏيکاريو ۽ اهو ڪنهن به ڀت، ڪنهن به دروازي، ڪنهن به دري يا وري ميز ٿي ڪپڙي وانگر لڙڪيل يا ترڪيل ڏيکاريو....“
    مان کيس هٿ جو اشارو به ڪري ڏيکاريو،
    ”ان سان اهو ثابت ٿيندو ته وقت ڳري رهيو آهي ۽ ٻئي تصوير ۾ بارش کان پوءِ آسمان تي انڊلٺ سان گڏ چيڪي مٽي جي هٻڪار هئين ڏيکاريو جو......ڀلا ان تصوير جي آئيڊيا ڪئين هجي توهان جو ڇا خيال آهي؟“
    آرٽسٽ صفا ڪاوڙ ۾ ايندي چيو،
    ”توهان مون کي ذهني طرح هڪ پاڳل لڳو ٿا، مون وٽ فضول تصويرن ٺاهڻ لاءِ وقت ڪونهي.....توهان وڃي سگھو ٿا.....“
    مون ضد ڪيو، چيو،
    ”ڏسو آرٽسٽ صاحب! مان توهان کي توهان جي ڊمانڊ موجب، تصويرن جي قيمت ڏيان پيو.“
    ”پوءِ به نه ٺاهيندم......“
    آرٽسٽ بلڪل ڪاوڙ ۾ ڀرپور ڀرجي آيو هو مون چيو،
    ”جئين ته توهان ماڻهن کي سامهون ويهاري پورٽريٽ ٺاهي وڃو ٿا، پوءِ اهي منهنجون تصويرون ڇونه ٺاهيندئو.... ڪو خاص سبب.....؟؟“
    آرٽسٽ پنهنجا ٻئي هٿ پنهنجي مٿي تي رکندي چيو،
    ”پليز! مون کي معاف ڪيو......مان ايڏو وڏو آرٽسٽ نه آهيان، مان صرف ماڻهن جا پورٽريٽ ئي ٺاهي پنهنجو گذران ڪندو آهيان.“
    ”ڀلا پوءِ هتي مون کي ٻيو ڪير اهي تصويرون ٺاهي ڏئي سگھي ٿو....؟“
    ”پليز! اڳتي وڃي ڪنهن کي ڏسو.....مان ڪونه ٺاهي سگھندس توهان جون تصويرون.....!!“
    اڃان هن وٽ ٻيو ڪو به ڪسٽومر نه آيو هو وري هن جي سامهون رکيل اسٽول تي ويهندي چيم،
    ”ٻئي تصوير مان بارش کان پوءِ انڊلٺ جي منظر کي ڪٽي ٿا ڇڏيون باقي چيڪي مٽيءَ جي هٻڪار وارو منظر ٺاهي ڏيو ۽ باقي پهرين تصوير جو آئيڊيا ساڳيو ئي رکو.....“
    آرٽسٽ منهنجي ايتري چوڻ تي مون تان پنهنجون نظرون هٽائي، پنهنجي منهن کي بيزارگي مان هيڏانهن هوڏانهن ڪرڻ لڳو ۽ اسٽول تان اٿي کيس پٺيرو نهاريندو اڳتي وڌي ويم ۽ ڏٺم ته منهنجي وڃڻ تي هن سک جو ساھ کنيو ۽ ٻئي ڪسٽومر جو انتظار ڪرڻ لڳو....حيران هيم ته هي هڪ آرٽسٽ ٿي ڪري هڪ ٻئي آرٽسٽ جو نقل ته ڪري رهيو هو پنهنجي تخليق ٺاهڻ کان ڪيٻائي رهيو هو....منهنهي زبان تي اچي ويو.
    ”هون...... عطائي آرٽسٽ جو ٿيو....لڪير جو فقير........!!!“
    ***





    پينون

    پينون

    ”مرشد سائين! ڪاروبار ۾ برڪت لاءِ دعا گھرو ۽ ڪو تعويذ به لکي ڏيو.......“
    ”ها بابا! ڇو نه گھرون ٿا دعا، ٻاڏايون ٿا الله سائين کي ۽ تعويذ به کوڙ......“
    ”مهرباني مرشد سائين!“
    ”ڇا جي مهرباني بابلا! باقي اسان مرشدن جو ڪم ڪهڙو آهي....کڻو هٿ ته گھرون دعا....“
    مرشد سائين هٿ کڻي دعا گھرڻ شروع ڪئي ۽ دير تائين دعا گھرندو رهيو ۽ پوءِ تعويذ به لکي دڪاندار کي ڏيندي چيائين.
    ”بابا! الله سائين سڻائي ڪندو.......مرشد کي به ڪجھ ڏي.......“
    مرشد سائين اهو چئي بس ڪئي ته مٿس فقير دڪان اندر گھڙي صدا هنئي.
    ”بابا! الله سائين سڻائي ڪندو.......فقير کي ڪجھ ڏي.......“
    مرشد سائين جو اهو ڏٺو کيس ڪاوڙ وٺي ويئي ۽ فقير کي چيائين.
    ”هل ڙي فقير آيو آهي.....گم ٿي ته ڪيانءِ نه بيعزتو.....پينون، پينون جا پٽ........“
    ***


    الڪو

    الڪو

    انسان چنڊ تي پير رکيو، اهو ڪوڙ هو، هٿيار انسان کي مارڻ لاءِ ڪم اچي ٿو، اهو سچ آهي، مونکي اهو الڪو آهي ته انسان ذهن جي چنڊ تي ڪڏهن ويندو ۽ هٿيار کي خواب ۾ به استعمال نه ڪندو.
    ***


    انڌو انصاف

    انڌو انصاف

    ”عام اعلان! جيئن ته هن ملڪ ۾ بادشاھ سلامت پاران راڳ رنگ تي پا بندي لڳائي ويئي آهي تنهنڪري ڪوبه ڳائي ۽ نه وڄائي، عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ ان جو انجام سٺو نه ٿيندو اعلان پورو ٿيو!“
    بادشاھ سلامت طرفان عوام ۾ اهو عام اعلان ڪرايو پئي ويو جڏهن ته ان جي برعڪس بادشاھ سلامت جي درٻار ۾ راڳ رنگ تي ڪابه پابندي نه هئي پر هر قسم جو دور هلي رهيو هو. ڪنهن جو اهو ڏٺو ته چئي ويٺو.
    ”اها ناانصافي ڇو....؟“
    ٻئي ڏينهن تي درٻار لڳي بادشاھ سلامت ’انصاف‘ ڪندي ان جي زبان ۽ ٻئي اکيون ڪڍرائي ڇڏيون.
    ***


    سڱ

    سڱ

    ”خير ته آهي ايترو وات پٽي ڇا پئي ڏسين مونڏي.....!“
    مڙس پنهنجي زال کي ڪاوڙ ۾ چيو تنهن تي زال کيس چيو.
    ”ڇو...؟ ڪهڙو تنهنجي مٿي تي سڱ نڪتا آهن جو اهي ڏسندم...“
    ٻنهي زال مڙس جي سرد جنگ جاري هئي پر سندن معصوم ننڍڙو پٽڙو ماءُ جي چوڻ تي پنهنجي پيءُ کي معصوميت سان ڏسڻ لڳو ۽ پنهنجي پيءُ جي مٿي تي سڱ ڳولهڻ لڳو!
    ***


    سرد رات جي ماٺ

    سرد رات جي ماٺ

    ڪالھ رات مهنجي گھٽيءَ ۾ ڪتيءَ جو گلر سخت سيءُ نه سهندي مري ويو، گلر کي مئل ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو، دل چاهيو ته ان گلر جي موت تي ڪجھ لکان، پر جيستائين ڪجھ لکان ئي لکان ته ساڳئي ڪتي جي دکدائڪ ۽ ڪرب واري اناڙ ٻڌم جيڪا سرد رات جي ماٺ کي چيريندي منهنجي ڪنن تائين پهتي ۽ ڊائري تي ڪجھ به نه لکي سگھيم ۽ قلم منهنجو ساٿ نه ڏنو.....!
    ***


    عالمي ٻڌي

    عالمي ٻڌي

    دنيا جا چونڊ بگھڙ عالمي ٻڌي جي اداري ۾ گڏ ٿيا آهن، جيڪي پنهنجي پنهنجي تقرير ۾ روئي ۽ پٽي رهيا آهن دنيا جي تڪليفن تي، پر هال ۾ ويهي ڏند پٽي رهيا آهن. اوچتو وڏو بگھڙ سڀني جي ڳالھ کي ”ويٽو“ ڪري بجو ڏيکاري پنهنجا ڏندي شيڪي هليو وڃي ٿو.
    ***


    رن چور

    رن چور

    ”اڙي هي ڪنهن جي رن ڪاهي آيو آهين؟“
    ”بابا فضيلت سان ڳالهاءِ هاڻي هي منهنجي عزت آهي.“
    ”اڙي لک جي لعنت ٿي پرائي بيعزتي ڪري پنهنجي عزت چوڻ وارا اتي توکي شرم نه آيو......!“
    ”بابا! تون به ته امان کي ڀڄائي شادي ڪئي هئي نه.....!“
    پيءُ وڌيڪ ڪجھ ڪڇي نه سگھيو جهڙي ڀت.....
    ***


    مئل ماڻهو

    مئل ماڻهو

    \انسان جي لاش مٿان اڏامي اچي وڻ تي ويٺل هڪ ڪانو ٻي ڪانو کان پڇيو.
    ”هن کي ڪنهن ماريو...؟“
    ٻي چيو،
    پنهنجن ئي ماريو هوندس! ٻيو ڪير ماريندو هن کي، شڪر آهي جو هنن ظالمن جي پاڻ ۾ ٻڌي ناهي نه ته اهي لاش اسان جا هجن ها ۽ پوءِ اسان جا لاش ائين ئي دربدر ڏسين ها!“
    ***


    شفق جهڙا چپ

    شفق جهڙا چپ

    ”ڇو ڀلا! اڄ؛ تنهنجي چپن کي ڇا ٿيو آهي، جو اڳ جيان گلابي نه لڳي رهيا آهن. مون کي ته هر ڀيري تنهنجا چپ شفق جهڙا ڀاسندا رهيا آهن، سواڄ ڇا ٿي ويو آهي تنهنجن هنن گلابي چپن کي.......! ۽ ها جڏهن تو شادي ڪئي هئي ته انهن ۾ ته اڃا به وڌيڪ حسن اچي ويو هو.......اڄ ڇا ٿيو آهي.......؟ ها ياد آيو ته تون ظالم ائين به چوندو هئين ته:
    ”منهنجي ڪنوار چوي ٿي ته......انهن تنهنجن گلابي چپن، جي ڪنهن ٻئي جي چپن کي ڇهيو ته پوءِ تنهنجا اهي گلابي چپ، ائين سدا گلابي نه رهندا......!!“
    ” ۽ هي تنهنجي اکين ۾ آيل ڳوڙها ٻڌائين ٿا ته؛ تو ظالم اهو ظلم ڪيو آهي........اهو تو ڇا ڪري ڇڏيو........!!؟؟“
    ***



    ڳوڙهو رت مان ٺهي ٿو

    ڳوڙهو رت مان ٺهي ٿو

    هن منهنجي ڳل تي مٺي ڏني؛ مان سمجھي نه سگھيم ڇو ته ڪنهن نوجوان ڇوڪري مونکي زندگي ۾ پهرِيون ڀيرو مٺي ڏني هئي.......مان حيران ئي هوس ته هن منهنجي ٻئي ڳل تي به مٺي ڏني مون کي پڪو ويساھ ٿيو ته هن جي مون سان محبت ٿي ويئي آهي.......مون به مرڪي ڏنو........منهنجي من جي آڳر تي ڄڻ قسمين قسمين گل ٽڙي پيا هجن ۽ منهنجي اکين ۾ چمڪ اچي ويئي.......پوءِ انهي ساڳئي خوبصورت ڇوڪري جنهن کي مان اڳ ۾ ئي ڏسي رهيو هوس هن جي چهري تي حيرت جا پاڇا ڏٺم هن چيو:
    ”سوري .......مان ڀلي ڪري توهان کي مٺي ڏيئي ويٺس......مان توهان کي پنهنجو عمير سمجھو هو.....آءِ ايم ويري ساري......!“
    مان الائي به ڇو اهڙي اڻ ٿيڻي خواهش ڪري ويٺس ڀانيم جبل تان هيٺ تيزي سان رڙهندو پيو اچان....۽ چيم......
    ” خير آهي ڀل ٿي سگھي ٿي........!“
    پوءِ هوءَ اڳتي وڌي ويئي .....پر منهنجي اکين ۾ ڳوڙها هئا.
    ***


    ڇهون گل

    ڇهون گل

    منهنجي گهر جي باغيچي ۾ منهنجي مالي هڪ گلاب جي گل جو ٻوٽو پوکيو ۽ ان کي پاڻي ڏنو؛ ٻئي ڏينهن ان تي هڪ گلاب جو گل ٽڙي پيو؛ ڏاڍو ڀلو لڳو؛ ٽئين ڏينهن ان تي ٽن گلن جو ٽيڙو جڙي پيو، چوٿين ڏينهن پنج گل، پنهنجي خوبصورتيءَ سان ماحول ۾، هٻڪار لايو بيٺا هئا.
    اڌ ڪلاڪ کانپوءِ؛ جڏهن آءٌ باغيچي ۾ آيس ته مون ڏٺو؛ پنجئي گل ڇنل هئا، هانوَ کي جھوٻو آيوچئي ويٺس:
    ”ڪهڙي ظالم بي درديءَ سان کين ڇني ڇڏيو!“
    منهنجي ذهن تي ڪاوڙ سوار ٿي ويئي؛ آءٌ جئين ئي ڪاوڙ ۽ غصي ۾ گهر اندر گھڙيس ته منهنجو پنجن سالن جو پوٽو انهن ئي پنجن گلن کي گلدان ۾ سجائي رهيو هو. اهو ڏسي مونکان کل نڪري ويئي....!
    ***


    ڪارو برقعو

    ڪارو برقعو

    اڪيلي........ڪارو برقعو پهريل، اچي منهنجي اڳيان هٿ جهلي چيائين:
    ”الله جي نالي تي خيرات ڏي!“
    مون اڃان معاف ڪرڻ لاءِ چيو ئي نه ته منهنجي پاسي ۾ ويٺل نوجوان دوست چيس:
    ”اڄ گهڻا ڪمايا اٿي ؟“
    ”اڃان ته هاڻي نڪتي آهيان.......!“
    ”ڇو؟ منجهند ٿي ويئي آهي......!“
    هوءَ ماٺ رهي......وري مون کي چيائين:
    ” الله جي نالي تي خيرات ڏي!“
    منهنجي نوجوان دوست چيس:
    ”صرف پنندي آهين يا ٻيو ڪو ڌنڌو به ڪندي آهين؟“
    هوءَ وري خاموش رهي........۽ مون کي چيائين:
    ”الله جي نالي تي خيرات ڏي!“
    منهنجي نوجوان دوست چيس:
    نخرا ڇو ٿي ڪرين؟ ۽ هن کان ڇا ٿي خيرات گهرين.........هي ته ويچارو هاڻي هارايل جوئاري آهي........!“
    هن جي مسلسل؛ مون کان خيرات گهرڻ ۽ منهنجي نوجوان دوست جي اڍنگن سوالن جوابن منهنجي اندر ۾ هلچل پيدا ڪري ڇڏي ته پنهنجي ڪميني دوست کي جهليان هر عورت تنهنجو گراهڪ نه آهي.....!
    ايتري ۾ منهنجي نوجوان دوست چيس:
    ”ته پوءِ هلون......؟“
    ان تي فقيرياڻي پنهنجو سڌو هٿ مٿي ڪري منهن ۾ بجو وهائي ڪڍيائنس ۽ چوندي ويس:
    ”تو جهڙا ڪيترا ئي ڪتا؛ ائين ئي روزانو ڀونڪندا رهندا آهن.....“
    ۽ پوءِ منهنجي انهي نوجوان دوست جي منهن تي ڦڪي مرڪ ظاهر هئي .......جيڪا منهجي دل جي هلچل کي ماٺوڪري رهي هئي.
    ***


    چاٻيون

    چاٻيون

    ” ڊاڪٽر صاحب!“
    ” وڌومل وارن جو ڪاڪو ڪراڙو شمن مل ديهانت ڪري ويو آهي!“
    ” اها ڳالهه توسان ڪنهن ڪئي؟“
    ”ڊاڪٽر صاحب! مان جيئن ئي ڪلينڪ کولي، صفائي ڪري ويٺس ته مکي آيو، ان ٻڌايو ته وڌو مل وارن جو ڪاڪو ڪراڙو شمن مل ديهانت ڪري ويو آهي.“
    ” ٺيڪ آهي تون ڪلينڪ بند ڪر ۽ ڪلينڪ جون چاٻيون وڌو مل وارن وٽ پهچائي اچ ۽ اهو به ٻڌائي اچ ته مان ڪنهن ضروري ڪم سبب نٿو اچي سگهان باقي ڏک ۾ ڪلينڪ بند رکي اٿم.“
    ”جي ڊاڪٽر صاحب! پر هڪ عرض ڪيان ته اڳ ۾ به جيڪا کٽمل وارن جي ڪراڙي ديهانت ڪري ويئي هئي ۽ ائين ئي چاٻيون پهچائڻ ويو هوس ته انهن چيو هو ڊاڪٽر صاحب پاڻ نه آيو ڇا؟ صرف ڪلينڪ بند ڪرڻ سان ڇا ٿيندو؟“
    ” تون سوال ۽ جواب نه ڪندو ڪر..... جيڪو چوانءِ ٿو تون اهو ڪر..... مان انهيءَ ڪري نٿو وڃان جو منهنجو پٽ لنڊن مان آيو آهي ۽ ان ڪري مجبوري آهي.“
    مونکي ڊاڪٽرصاحب جي ڪلينڪ تي ڪم ڪندي ڪافي سال گذري چڪا آهن ۽ ڊاڪٽر صاحب ڪنهن به فوتگي تي ويندو ئي نه آهي.
    هڪ ڏينهن اچتو ڊاڪٽر صاحب جي نوجوان ڌيءَ ديهانت ڪري ويئي. گھر ۾ پاڻ هو ۽ سندس ديهانت ڪري ويل ڌيءَ هئي سندس پٽ لنڊن ۾ هو. مون اهڙو اطلاع مکي کي ڏنو جنهن سموري شهر ۾ پڙهو ڏنو هڪ ڪلاڪ جي اندر ڊاڪٽر صاحب جي جاءِ تي صرف ڏک ۾ ماڻهن بجاءِ چاٻيون پهتيون!
    ***


    مرجهايل گل يا منهنجي دل

    مرجهايل گل يا منهنجي دل

    خوش خوش، شهرجو چڪر لڳائڻ لاءِ، شام سمي گھران ٻاهر نڪتم. گھر واري به خوش هئي ته گھڻن ڏينهن کانپوءِ ئي سهي، پر منهنجي منهن تي مرڪ ته آئي..... ڇا هو ته روزانو واري زندگي ۾ اٿندي ويهندي اهڙا ته جملا ٿا ٻڌڻا پون جو گھران نڪرڻ لاءِ دل راضي ئي نه پئي ٿي گھڻو ئي پاڻ کي سمجھائيندو به آهيان پر منهنجي دل منهنجي وس ۾ نه رهندي آهي ۽ پوءِ پاڻ کي قيد ڪري گھر ۾ ويهي رهندو آهيان.......
    اڄ خوش خوش، چڪر لڳائڻ لاءِ، شام جو گھران ٻاهر نڪتم.....هڪ هنڌان گذرندي ڏٺم ته هڪ ڄڃ وڃي رهي آهي..... ڄڃ جي اڳيان دولھ ۽ شرنائن وارا، ڄڃ جي ڪڍ ڪار ۾ گھوٽ ويٺل ۽ وچ ۾ ڄڃ سموري ڄڃ جي ماڻهن کي هٿن ۾ گلاب جو گل هئا......ڏاڍو سٺو لڳو......ڄاڃي دولھ شرنائن وارن جي ڪڍ ڪاهيندا هليا ويا مان به اڳتي وڌي ويس. چڪر لڳائي ساڳئي رستي سان پئي موٽيم....... ڇا ٿو ڏسان ته انهيءَ ساڳئي رستي تي جتان ڄڃ گذري هئي انهيءَ رستي تي ڪافي گلاب جا گل هيٺ ڪريا پيا هئا انهن مان ته ڪجھ بيدردي سان لتاڙيل هئا اهو منظر ڏسي دل مرجهائجي ويئي. اتان رستي مان هڪ گلاب جو گل کڻي سڌو پنهنجي گھر آيس ته گھر واري منهنجي چهري تي نظر وڌي ته هوءَ ڏڪي ويئي هوءَ اڃان ڪو سوال ڪري ئي ڪري ته مون مروٽيل ۽ مرجھايل گل هن جي هٿ ۾ ڏيئي ڳوڙها ڳاڙيندو پنهنجي ڪمري ڏانهن وڌي ويس......
    ***


    هڪ ٽوٿ برش جي اڪيلائي

    هڪ ٽوٿ برش جي اڪيلائي

    جڏهن کان ثمينه ۽ جواد جي شادي ٿي هئي ته شاديءَ ۾ مليل تحفن کي به هنن پاڻ جيان جيءَ ۾ جايون ٿي ڏنيون ته اهي شيون اسان جي شاديءَ جون اهم شيون آهن. انهن شين ۾ سندن ٽوٿ برش به شامل هئا جيڪي باٿ روم ٻاهران هڪ کاري ۾ هڪٻئي کي ڀاڪر پايو نظر ايندا هئا. جواد صبح جو آفيس جي تياري وقت پنهنجي ٽوٿ برش کي ڪلر تي سڃاڻي باٿ ۾ کڻي ويندو هو ۽ ثمينه گھر جي ڪم ڪار کان واندي ٿي پنهنجي برش کي ڪلر تي سڃاڻي باٿ ۾ کڻي ويندي هئي.
    هفتو کن ٿيندو ته ثمينه ڪنهن ڳالھ تي جواد سان ڪاوڙجي پيڪن هلي ويئي آهي ته جواد کي پنهنجي گھر ۾ هر وقت اڪيلائيءَ جو احساس ٿيڻ لڳوآهي. هڪ ڏينهن صبح جو سوير آفيس جي تياري وقت جنهن مهل وهنجڻ لاءِ باٿ ڏانهن ويو ته هن پنهنجي ڪلر واري ٽوٿ برش کي کڻي ورتو جيڪو کاريءَ ۾ اڪيلو پيو هو سندس ساٿي گم هو ان سمي جواد جي اڪيلائيءَ ۾ وڌيڪ درد ڀرجي ويو جو سندس روز جي استعمال وارو ٽوٿ برش به اڪيلو ٿي ويو هو ۽ ان پل سندس اکين جا بند ڳوڙهن جي سيلاب ۾ ٻڏي ويا.
    ***


    سماج

    سماج

    ”ڏاڍو گندو آهي سماج!“
    سگريٽ جو وڏو ڪش هڻندي آفيسر چيو.
    ”سائين! صحيح ٿا چئو، رات مون کي به گاريون ٿي ڏنائين، ڏاڍو سمجھايومانس به؛ ته يار ائين نه ڪر پر سائين اصل نه مڙيو...!“
    آفيسر جي پٽيوالي ڳالھ کي نه سمجھندي چيو ۽ آفيسر جي ڳالھ کي وڌيڪ ٽيڪو ڏيڻ لاءِ چوڻ لڳو ته جيئن آفيسر خوش ٿئي.
    ”سائين! تون ڪو الڪو نه ڪر هاڻي جي مليو ته اهڙا پادر هڻندو مانس جو ست پيڙهيون ياد رکندو...!“
    آفيسر کلي ويهي رهيو.
    ***


    مان صوفي آهيان؟

    مان صوفي آهيان؟

    ”مان ڪير آهيان؟ “
    اهو سوال جڏهن مان پاڻ کان ٿو پڇان ته ان سمي لطيف گھوٽ ڏي ٿو نهاريان ته شفقت مان ٿو چوي: ”هو چونين تون م چئو!“ سچل ڏي ٿو نهاريان ته اکيون اکين ۾ وجھي سرمستي ۾ ٿو چوي: ”مان جو ئي آهيان سو ئي آهيان!“ شاھ عنايت ڏي ٿو نهاريان ته پنهنجي زمين تي بيٺي ٿو چوي: ”جيڪو کيڙي سو کائي“ ۽ ٻڍل فقير ڏي ٿو نهاريان ته پنهنجي فقيري انداز ۾ ٿو چوي: ” پنهنجو وڃائي پاڻ پوءِ صورت حاصل ڪيم حق جي“. پر مان پاڻ ڪڏهن به انهيءَ سوال جو جواب ڏيئي نه سگھيو آهيان؛ ڄڻ ته اڃان من تي هڪ مونجھ آهي. ڀلا! پاڻ ئي سوال ڪجن ۽ پاڻ ئي جواب ڏجن اها ڪا ڳالھ ٺهي ٿي ڇا؟ صفا ڪو سادو ”ماڻهو“ آهيان! ڇا....؟ ڇا چيم ته مان ”ماڻهو“ آهيان! سوال جو جواب ته ملي ويو پوءِ مان ايترو وياڪل ڇو ۽ ڇا لاءِ هوس؟ منهنجي سوال جو صحيح جواب ته ملي ويو! هاڻي مان مطمئين آهيان..........مطمئين..........شائد اڃان نه.........اهو منهنجي سوال جو صحيح جواب نه آهي. ڀلا! آخر منهنجي سوال جو صحيح جواب ڇا آهي؟ مان جيڪو سڀني سان پيار ڪرڻ جي دعويٰ ڪندو رهندو آهيان ته پوءِ مان ڇا ٿيس؟ ان کي ته ”صوفي“ ئي چئبو! ته پوءِ مان به صوفي آهيان.
    مان انهيءَ سوال جواب واري سوچ ويچار ۾ ئي هوس ته منهنجي گھر جي اڱڻ تي هڪ جهرڪي چڳڻ لاءِ هيٺ لهي آئي. هوءَ ڍوءُ ڪري اڏامي وڃي سڌو پاڙي واري مسجد جي مينار تي ويهي رهي اتي خوب موج مستي ڪري وري پاڙي واري گرجا گھر جي مينار تي چڙهي ويهي رهي اتي به خوب موج مستي ڪري سڌو پاڙي واري مندر جي ڀت تي چڙهي ويهي رهي مون اهو جو ڏٺو ته مون چئي ڏنو:
    ”صوفي ته هي جهرڪي آهي. مان ڪٿي صوفي آهيان!“
    ***


    پکي ڪڏهن به ڏک نٿا ڏين!

    پکي ڪڏهن به ڏک نٿا ڏين!

    اڱڻ ۾ ستو پيو آهيان، ديد آسمان ۾ کتل آهي، پکي هيڏانهن کان هوڏانهن، هوڏانهن کان هيڏانهن اڏامي رهيا آهن، هر نسل جي پکي جي اڏامڻ جو پنهنجو انداز آهي پر مون پنهنجي گھر ۾ ڪبوتر پاليا آهن سندن گھمڻ ڦرڻ مونکي سٺو لڳندو آهي. هاڻي ذهن سڪون ۾ آهي ۽ مان چين ۽ قرار ۾ آهيان....... اوچتو دل ۾ خواهش جاڳي پئي ته ڪاش مونکي به پر هجن ها ته آزاد اڏامندو وتان ها....... ڪيڏو نه مزو اچي ها.......پر مان پکي نه آهيان نه ئي مونکي پر آهن.........ڇا ڪيان؟ مون ذهن تي زور ڏنو ته اها منهنجي خواهش ”انسان“ هجڻ کان فراريت ته نه آهي! انهيءَ ڪري به مون ۾ اهڙي ڪيفيت پيدا ٿي سگھي ٿي. منهنجون اکيون ڀرجي اچن ٿيون مونکي هر ڪوئي اڪيلو ڪندو ۽ ڇڏيندو پيو وڃي........شايد مان پاڻ کي مٽائڻ لاءِ تيار ئي نه آهيان. دنيا جي مصنوعي رنگ ڍنگ سان هلڻ لاءِ تيار ئي نه آهيان گھر وارن جنهن عورت سان شادي ڪرائي اها مونکي پسند نه آئي انهن جي خوشيءَ ڪري ان عورت سان نڀائيندو پئي آيس، مسلسل ڀوڳيندو رهيس، پر ڄڻ پاڻ کي اڌ برباد ۽ ختم ڪري چڪو هوس ته هڪ وڏي عرصي کان پوءِ ڪنهن اچي منهنجي دل جو دروازو کڙڪايو مان هن ڏانهن متوجه مس ٿيس ته هن.......جيون ساٿي ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ائين ئي وري راهن جو رولاڪ بڻجي ويس ۽ همسفر نه ملڻ جو ڏک ذهن ۾ سانڍي اڪيلو جيئڻ جو ارادو ڪري ڇڏيم. هاڻي مون گھر ۾ ڪبوتر پاليا آهن جيڪي منهنجو سڀ ڪجھ آهن. پکي ماڻهن وانگر ڪڏهن به ڪونه ٿا ڏکوئن رڳو خوشيون ئي خوشيون آڇين ٿا. ڪاش! مونکي به پر هجن ها ته پکين جون خوشيون جيڪي زمين تي ته ڏسان ٿو؛ آسمان تي به ڏسان ها، زمين کان اڏامڻ وقت منهنجي ديد سندن گڏ ئي اڏامندي آهي، پر جيتري تائين ديد ساٿ ڏيندي آهي. بس پوءِ بيوس ٿي ويندو آهيان.
    ***


    فَرشتو

    فَرشتو

    بيواهه ٿيندي هن کي ڪافي سال ٿي ويا هئا. پوئين گذري ويل سالن ۾ مون هن جو اهو روپ ڪڏهن به نه ڏٺو هو, پر اڄوڪي واقعي مون کي اصل ڇرڪائي وڌو هو. وڏي عمر جون عورتون مون کي وڻنديون ضرور آهن, پر اهي جيڪي سونهن سوڀيا برقرار رکيو اچن. وڌندڙ عمر انهن جي خوبصورت ادائن کي گهٽ ڪٿي ٿي ڪري سگهي. مان اٿندي ويهندي کيس ڏسندو رهندو هيس ۽ مون کي وڻندي به هئي پر وڌيڪ ڪابه ڊيگهه نه هوندي هئي. هن جي عمر ۽ منهنجي عمر ۾ زمين آسمان جو فرق هو. جيئن ته هي منهنجي سنگتي آفتاب جي ماءُ هئي، ڪافي ڏينهن ٿي ويا هئا جو آفتاب سان ملاقات نه ٿي هئي. سو ملڻ لاءِ سندس جاءِ تي ويس, پر هو ڪراچي ويل هو. سندس ماءُ مون کي چانهه پيارڻ لاءِ ويهاري ڇڏيو. جئين ته آفتاب ٻاهر ويل هو ۽ گهر جو ٻيو ڪوبه ڀاتي وغيره جاءِ تي موجود نظر نٿي آيو. جيتري دير چانهه تيار ٿئي ته مان آفتاب جي ڪتابن جو جائزو وٺڻ لڳس.
    چڱي دير کان پوءِ بسڪوٽن سان گڏ چانهه منهنجي اڳيان رکيائين ۽ منهنجي سامهون ويهي ٺاهڻ لڳي ته منهنجي نظر سندس نئين پهريل وڳي تي پئي، جيڪو هن مٽائي ورتو هو ۽ سندس سونهن سوڀيا اڳي کان سرس ڀاسي ۽ سندس بدن جي خوشبو سموري ڪمري ۾ پکڙجي وئي هئي. منهنجي سامهون اهڙي طريقي سان ٿي ويٺي جو قميص جي ڳيچيءَ وٽان اڌ ڇاتي لياڪا پائي رهي هئي. مون ڏانهن مٺي مرڪ مرڪندي چانهه جو ڪپ وڌايائين ته اڃا مون ڪپ کي صحيح سنڀاريو ئي نه هو ته ڪپ منهنجي ڪپڙن تي ڪري پيو.
    منهنجا ڪپڙا خراب ٿي پيا. هوءَ پنهنجو رئو لاهي منهنجي ڪپڙن کي اگهڻ لڳي ۽ ڪپڙا صاف ڪندي باٿ روم ڏينهن وٺي هلي ۽ منهنجا ڪپڙا لهرائي ڇڏيا ۽ پوءِ هن کي الائي ڇا ٿي ويو. پنهنجا ڪپڙا به تڪڙ ۾ لاهي ڇڏيائين ۽ مون کي زوردار ڀاڪر ۾ ڀري چيائين ”جاني ! اچ مون کي پنهنجو ڪر، مان سالن کان اڃايل ڌرتي آهيان. مان ڄڻ ته عذاب ۾ ورتل آهيان، اچ منهنجو عذاب ڍرو ڪر، مان ان عذاب جي ڪيفيت ڪنهن کي به نٿي ٻڌائي سگهان ته مان بيواهه ضرور آهيان پر مون کي ڪنهن شيءِ جي اڃا ضرورت آهي. پاڻ کي ڏاڍو روڪيو اٿم پر سوچيندي هيس ته ڇا ڪيان؟ پر اڄ تون منهنجي لاءِ فرشتو ٿي آيو آهين. تون منهنجي عذاب کي ڍرو ڪر، ان جو اجر توکي ضرور ملندو.“
    پوءِ مون کي به ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو مان جيڪو هن جي نظر ۾ فرشتو ضرور هيس پر اصل ۾ انسان هيس ۽ اجر ڪمائڻ جي لالچ ۾ جنبي ويس.
    ***


    آخري قدم

    آخري قدم

    اقتدار جي ڪرسيءَ جو بکيو سياستدان اليڪشن جي جلسي ۾ تقرير ڪندي:
    ”هن حڪومت عوام کي بک افلاس، بيروزگاري، مهانگائي، بدامني ۽ ڪرپشن ڏني آهي پر حد ته اها ٿي ويئي جو ماڻهو پنهنجن مسئلن جو حل لاءِ خودڪشيون ڪري رهيا آهن سڌريل ملڪن ۾ ٿوري احتجاج ڪرڻ تي حڪومت ٿرٿلي ۾ اچي ويندي آهي. اسان عوام سان واعدو ٿا ڪيون ته حڪومت ۾ اچي عوام جا سمورا مسئلا حل ڪنداسين جيئن هر هڪ پرسڪون زندگي گذاري سگھي.“
    عوام پاران زوردار تاڙيون.......
    جڏهن انهيءَ ساڳئي سياستدان جي پارٽي حڪومت ۾ اچي ويئي ته اخبارن ۾ هر روز خبرون لڳڻ شروع ٿيون ته هڪ مزدور پنهنجا ٻار وڪڻڻ لاءِ وچ چوڪ ٿي ٻارن سان گڏ بينر کڻي بيٺو ته:
    ”خدارا منهنجا ٻار خريد ڪيو مان کين پيٽ ڀري کارائي نٿو سگھان!“
    پر پوءِ به حڪومت جي مٿي تي جونءُ به نٿي چري.....
    ***



    سڃاتل اکيون

    سڃاتل اکيون

    اڌ رات جو اوچتو؛ جئين ئي، ننڊ مان جاڳيس ۽ ڏٺم ته ڪمري جي چئن ئي ديوارن تي رڳو ڪيئلينڊر لڳل نظر آيا......هر ڪيئلينڊر تي ٻارنهن مهينن سان گڏ، هڪ تصوير پڻ اڪريل هئي.......هڪ ديوار تي ٻارڙيءَ جي تصوير، ٻئي ديوار تي نوجوان ڇوڪريءَ جي تصوير، ٽئين ديوار تي اڌ عمر واري عورت جي تصوير ۽ چوٿين ديوار تي هڪ ڪراڙيءَ، جهور پوڙهيءَ عورت جي تصوير هئي. هڪ اهم
    ڳالھ ته سڀني تصويرن ۾ مونکي اکيون ساڳيون ئي ٿي ڀاسيون.....خوبصورت من کي موهيندڙ، پاڻ ڏانهن بيحد ڪشش رکندڙ، جيڪي مون زندگي ۾ اڳ ڪڏهن، ڪٿي ڏٺيون هيون، سو ته مونکي ياد نه ٿي آيو، پر سندن سان شناسائيءَ جو بيحد گمان ضرور ٿي ڀاسيو ڇو ته اهڙيون اکيون منهنجون آئيڊيل ضرور رهيون آهن، مان بيچين ٿي ويس.......مون جلدي اٿي، ڪمري جي لائيٽ ٻاري ته ڪمري جي چئني ديوارن تي ڪجھ به نه هو.......لائيٽ ٻارڻ کان اڳ ته مان انهن خوبصورت اکين جي سحر ۾ ورتل هوس، پر لائيٽ ٻارڻ کانپوءِ، منهنجو نرڙ پگھر ۾ شل ٿيندو ٿي ويو ۽ من ملول ٿيندو ٿي ويو، ذهن تي بار محسوس ٿي رهيو هو........اهي اکيون منهنجي ذهن تي ديرو ڄمائي ويهي رهيون.......مان اها سڄي رات سمهي نه سگھيس.....
    ٻئي اڌ رات جو؛ جئين ئي ننڊ مان جاڳيس ۽ ڏٺم ته ڪمري جي چئن ئي ديوارن تي رڳو اکيون ئي اکيون آهن، جيڪي مونکي پهرين ڏينهن تي چهرن تي نظر آيون هيون اڄ انهن چهرن کانسواءِ هيون ۽ رڳو روئي رهيون هيون.......ڏاڍو ڏک ٿي رسيو ۽ انهن اکين ۾ مان ڳوڙها نٿي ڏسي سگهيس...... مون جلدي اٿي ڪمري جي لائيٽ ٻاري ته ڪمري جي چئني ديوارن تي ڪجھ به نه هو.......پهرين ڏينهن جيان، وري ديوارن تان غائب هيون اهي چهرن کانسواءِ اکيون......... مان اها سڄي رات به سمهي نه سگھيس.....
    ٽئين اڌ رات جو؛ مان ننڊ مان جاڳي نه سگھيس ڇو ته مونکي دل جو دورو پيو هو ۽ مان ٻيهر اهي اکيون ڏسي نه سگھيس، نه ئي مون کي ڪمري جي لائيٽ ٻارڻ جيترو موقعو ملي به سگھيو هو. مان انهن خوبصورت اکين کي ڏسڻ ۽ پسڻ جي چاهنا کڻي پنهنجي جسم کي ڇڏي اڏامي ويس.
    ***


    خواب جي حقيقت

    خواب جي حقيقت

    هر پاسي لاش ئي لاش پيا آهن.....ڦٽيل، چچريل لاش، مڙئي ڪن جا چهرا صحيح سلامت آهن نه ته باقي سمورن لاشن جا چهرا بگڙيل صورت ۾ آهن. گھرن کي باھ لڳل آهي. سڀ ڪجھ رک پيو ٿيندو وڃي. سمجھ ۾ نٿو اچي ته اهو سڀ ڪجھ ڪيئن ٿيو.....ڪهڙي شيءِ کي بچائجي ۽ ڪهڙيءَ کي سڙڻ ڏجي هر شيءِ ٻري ۽ سڙي رهي آهي ......هر پاسي رڙ پئي پئي...... باھ جو ايترو ته تاءُ آهي جو اهو تاءُ هن پنهنجي اندرجي گھرائي تائين محسوس ڪيو ۽ پوءِ هڪدم سندس اکيون کلي ويون.......
    هي پنهنجي پٽيل اکين ۽ حيرانگيءَ مان ماٺ ڪيو پنهنجي پلنگ تي اٿي ويهي رهيو، هن کي ڪجھ به سمجھ ۾ نٿي آيو ته هن کان پنهنجو پاڻ چپن تي اچي ويو:
    ” اهڙو ڀيانڪ خواب......!“
    هن ڪمري جي ڀت تي لڳل گھڙيال تي نظر وڌي ته رات جا اڍائي ٿي رهيا هئا هيڏي سيءَ هجڻ باوجود به کيس جسم تي پگھر محسوس ٿيو. هن اٿڻ مهل دانهن به نه ڪئي ۽ پاسي ۾ ستل زال کي به ڪونه اٿاريو ۽ بس پلنگ تان اٿي ڪمري ۾ پسار ڪرڻ لڳو.......سندس چپن تي سگريٽ هو ۽ ذهن ۾ خواب ڦري رهيو هو. اها سموري رات هي سمهي نه سگھيو.
    هن انهيءَ خواب ۾ لڳل باھ جي گرمي کي ٻن ٽن ڏينهن تائين پاڻ ۾ پئي محسوس ڪيو. سندس گھر واري جيڪا سندس طبيعت کان واقف هئي ٻن ٽن ڏينهن کان کيس وياڪل وياڪل جو ڏٺو ته پڇي ويٺس:
    ”خير ته آهي........ڇا ٿيو آهي توکي ؟“
    ”ڪجھ به ته ناهي.......!“
    ”ڪجھ ته آهي نه ته اڳ ڪڏهن به تون ائين ماٺ نه رهيو آهين.“
    ” اهڙي ڪابه ڳالھ ناهي نه ته توکي ٻڌائيندو نه آهيان........ڪجھ ڏينهن کان مان ڪنهن ڪهاڻي لکڻ جي پلاٽ تي سوچي رهيو آهيان سو انهيءَ خيال ۾ ئي گم سم رهان ٿو ٻيو ڪجھ به نه آهي تنهنڪري تون فڪر مند نه ٿيءُ......“
    ” مان تنهنجي زال آهيان مونکي فڪر نه هوندو ته ڪنهن کي هوندو....!“
    صوفا سيٽ تي ويهندي زال کي چيائين:
    ”تون هيئين ڪر مون کي سٺي چانھ پيار.....ڪهاڻيءَ تي سوچي سوچي ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان........“
    سندس زال چانھ ٺاهڻ لاءِ هلي ويئي ته هي ائين ئي ويڳاڻو ويٺو رهيو ۽ پنهنجن چپن ئي چپن ۾ چوڻ لڳو ته :
    ”ايترا لاش ۽ سندن چهرا به بگڙيل.....اف خدا..........هي آخر ڇا هو........؟“
    دل کي آٿت ٿي ڏنائين ته:
    ”آخر مان ايترو ملول به ڇو آهيان...... اصل ۾ اهو هڪ خواب ئي ته هو، جيڪو حقيقت بلڪل نه هو........ان تي ايترو وياڪل ڇو ٿجي.......؟“
    ايترو ذهن ۾ سوچڻ کان پوءِ ڪجھ پاڻ کي بهتر ٿي محسوس ڪيائين ته ايتري ۾ سندس زال گرم چانھ جو مڳو هٿ ۾ ڏنائنس هن مرڪي ورتو ۽ مڳو وٺندي چيائنس ته:
    ” ٻڌ....! “
    ” جي...! “
    ” ان ٽيليويزن کي ته هلاءِ..........خبرن جو وقت ٿي ويو آهي....! “
    سندس گهر واري ٽيليويزن هلائي ته ٿوري دير ۾ اهم خبرون هلڻ شروع ٿي ويون.......اهم خبرن ۾ سموري ملڪ اندر خود ڪش ڌماڪن جون خبرون هيون...... ٽيليويزن جي اسڪرين تي نظر ايندڙ فلم ۾ رڳو باھ ئي باھ هئي......هر پاسي لاش ئي لاش پيا هئا....ڦٽيل، چچريل لاش، هر شيءِ ٻري ۽ سڙي رهي هئي.
    هي اهو سڀ ڪجھ ڏسي ئي هڪ جاءِ تي ڄمي ويو.......ٻه ٽي ڏينهن اڳ ڏٺل خواب پنهنجي حقيقت ڏيکاري ويو هو.....
    ***


    مورتي منهنجي، ڪنهن جو خدا!

    مورتي منهنجي، ڪنهن جو خدا!

    شهر جو پنڊت مورتي شاپ تي آيو؛ جتي سنگ مرمر مان مورتيون ٺاهيون وينديون آهن نه صرف مورتيون؛ پر پٿر مان ٻيا به سانڍڻ جهڙا گفٽ پڻ جوڙيا ويندا آهن. اهو سمورو ڪمال ڪاريگرن جي فن جو آهي ۽ سرمائيدار انهن کي ٿوري اجرت ڏيئي ججھو ناڻو ڪمائي رهيو آهي. هن شاپ جو؛ هونئين به؛ هن تر ۾ ڪافي نالو آهي. شاپ جي مالڪ سيٺ، پنڊت کي کيڪاريو ۽ چيو:
    ”حڪم ڪيو سائين! مان توهان جي ڪهڙي خدمت ڪري سگھان ٿو؟“
    پنڊت شاپ جو جائزو وٺندي چيو:
    ”اصل ۾ مون کي مندر جي لاءِ هڪ مورتي کپندي آهي.....ڇا توهان جي شاپ تي ملي ويندي؟“
    ”سائين! ضرور ملي ويندي.........توهان شاپ جي هن سيڪشن ۾ اچو........!“
    سيٺ کيس شاپ جي مورتين واري سيڪشن ۾ وٺي اچي ٿو، جتي هڪ کان هڪ سندر مورتي وڪامڻ لاءِ موجود آهي.....جيڪي هڪ نظر ڏسڻ سان ئي ڪاريگرن جي فن جو ڪمال لڳي رهيون آهن......پنڊت اهو ڏسي چيو:
    ” واھ.....واھ.....جهڙو توهان جي شاپ جو نالو ٻڌو هو، تهڙو هاڻي ڏسي به ورتو آهي......اصل ۾ مونکي اهڙي ديوي جي مورتي کپي جنهن جي اکين ۾ ممتا جي محبت هجي.......سندس منهن تي مرڪ معصوم ٻار جي ڀاسي....... سندس سندرتا چهري مان اهڙو ڏيک ڏيندي هجي جئين قدرت جو سمورو حسن ان ۾ جهلڪا ڏيندو هجي..... هن جي پيشاني وارو تلڪ سورج ديوتا جو پرتوو ٿي ڀاسي ......۽ سندس جسم کير جهڙو پاڪ پوتر، اڇو اجرو ٿي ڀاسي.......جنهن کي ڏسي هر دل پاڻ هرتو گيان ڪرڻ لڳي.........جيڪڏهن توهان وٽ اهڙو ڪاريگر هجي ته مونکي اهڙي ديوي جي مورتي جوڙائي ڏيو.......توهان پرواھ نه ڪيو جيتري رقم چوندا مان ڏيندم......“
    سيٺ سمجهي ورتو ته شاپ ۾ موجود ڪابه مورتي کيس پسند نه آئي آهي ۽ اڪثر جيڪي به پنڊت مندر لاءِ مورتي وٺڻ آيا آهن، ته هنن هميشه آرڊر تي ئي پنهنجي مورتي جوڙائي آهي. سيٺ مورتين جي بهترين ڪاريگر آڪاش کي گھرائي، کيس پنڊت سان ملرايو جنهن کيس مٿي ذڪر ڪيل مورتي جوڙڻ لاءِ چيو، جنهن تي آڪاش پنڊت کي چيو ته:
    ” مان دعويٰ ته نٿو ڪيان پر، اهڙي مورتي ٺاهڻ جي مان ڀرپور ڪوشش ڪندم....“
    ” پوءِ ڀلا! مان ڪڏهن اچان....؟ “
    پنڊت سيٺ کي چيو انهيءَ تي سيٺ، آڪاش ڏانهن ڏٺو جنهن تي آڪاش چيو:
    ” هفتو لڳي ويندو “
    ان تي پنڊت، سيٺ کي چيو:
    ” ٺيڪ آهي؛ مان ڪجھ رقم ايڊوانس جمع ڪرايان ٿو ۽ هي منهنجو رابطي جو نمبر آهي...“
    جئين ئي پنڊت روانو ٿي ويو ته سيٺ، آڪاش کي چيو:
    ” آڪاش! تون مورتي ٺاهڻ ۾ لڳي وڃ!“
    ” جي سيٺ صاحب! هڪ عرض ته منهنجي ننڍڙي چئن پنجن ڏينهن کان کٽ تي بيمار پئي آهي ڪجھ رقم ايڊوانس ڏيو ته هن جو علاج ڪرايان......! “
    ” آڪاش! تون اڳ۾ ئي ڪافي رقم جو قرضائي آهين.....مونکي خبر آهي ته اها مورتي تون ئي ٺاهي سگھين ٿو...سو اڳ۾ مورتي ٺاهي اچ ڪجھ قرض به لاھ پوءِ ڪجھ رقم به وٺ....شاباس هاڻي گھر وڃ ۽ مورتي ٺاهڻ کي لڳي وڃ....“
    جئين ته آڪاش، سيٺ جي سخت طبيعت مان واقف هوتنهنڪري هن بحث نه ڪيو ۽ سڌو گھر اچي مورتي ٺاهڻ لاءِ سوچڻ لڳو.......گھڻو ويچار ڪرڻ کانپوءِ.....پنهنجي ننڍڙي ڌيءَ ڪويتا کي سامهون ويهاري ان جي مورتي ٺاهڻ لڳو......اڄ آڪاش پنهنجي اندر ۾ پاڻ سان وچن ڪيو ته اڄ ئي هي مورتي ٺاهي سيٺ جي حوالي ڪندو، جئين پنهنجي ننڍڙي ڪويتا جو علاج ڪرائي سگھي.....شام تائين هن مورتي کي ٺاهي راس ڪيو. پنهنجي هٿن جي سموري ڪاريگري هن مورتيءَ ۾ اوتي ڇڏي....آڪاش مورتي کي ڪپڙي ۾ ويڙهي سيٺ وٽ کڻي آيو.
    ” سيٺ! هي تنهنجي مورتي، جنهن جو اڄ صبح توهان آرڊر ورتو هو.......گھرايو پنڊت کي جئين ڏسي ڪري پسند ڪري......“
    سيٺ حيران آهي ته آڪاش ڪڏهن به آرڊر تي ايترو تڪڙي مورتي ڪونه جوڙي هئي...هميشه هفتو پنڌرنهن ڏينهن ضرور لڳائي ڇڏيندو هو. سيٺ، آڪاش کي چيو:
    ” آڪاش! اڄ جو اڄ تو مورتي جوڙي ورتي....سا به هڪ ڏکي جنهن جي مونکي ٺيڪ ٺاڪ رقم ملڻي آهي....! “
    ” جي بلڪل....اها ئي مورتي جيڪا اڄ منهنجي لاءِ هڪ وڏو ڏڍ ثابت ٿيندي....“
    آڪاش اهو جملو وڏي اعتماد سان سيٺ کي چيو. سيٺ پنڊت سان رابطو ڪيو، جيڪو ٿوري ئي وقت ۾ شاپ تي پهچي ويو.....آڪاش کي پنهنجي ڪاريگري تي پورو پورو ڀروسو آهي هن جئين ئي مورتي کي ڪپڙي کان آجو ڪيو ته پنڊت مورتي کي ڏسندي ئي ٻئي ٻانهون ٻڌي پنهنجي مونڍي سندس اڳيان جهڪائي ڇڏي......ان سمي آڪاش جي اکين تي خوشيءَ جي چمڪ ۽ منهن تي مرڪ تري آئي ۽ انهيءِ ئي سمي سيٺ لالچي کل کلي رهيو آهي.....ڪجھ ساهي کانپوءِ پنڊت ٻانهون هيٺ ڪري پنهنجون اکيون کوليون ۽ سيٺ کي وات کان چيل رقم ادا ڪري مورتي کي ادب ۽ احترام سان کڻي روانو ٿيو......سيٺ رقم ڳڻي دراز ۾ رکي ۽ آڪاش سندس اڳيان سواليه نشان جيان بيٺوآهي، سيٺ ٻئي دراز مان کاتي جو بوڪ ڪڍي ان تي حساب ڪتاب لکندي آڪاش کي چيو:
    ” آڪاش! باقي تون ستن هزارن جو قرضائي آهين.....هاڻي وڃ ٻئي آرڊر ملڻ جو انتظار ڪر......! “
    آڪاش، سيٺ سان بحث ڪرڻ ٿي چاهيو پر سيٺ سان بحث ڪرڻ فضول ٿي لڳو......آڪاش هاڻي پنهنجين اکين ۾ لڙڪ سانڍيو، جئين ئي پنهنجي گھر پهتو آهي ته سندس ننڍڙي ڪويتا جي جيون جو ڏيو اجھامي چڪو آهي......آڪاش کي ائين لڳو......هن ڪويتا جي مورتي ٺاهي ڄڻ ان کي ماري وڌو آهي.........!
    ***






    وڻندڙ راز

    وڻندڙ راز

    ”چوندا آهن راز کي راز ئي رهڻ ڏجي ؟“
    ”ڀل نه ٻڌاءِ..... منهنجي ڪهڙي گتي پئي آهي......جيڪا به ڳالھ هجي.... منهنجو ڪهڙو ڪم وڃي هن سان.......!“
    ”ڇو اڳ ته گھوريو پئي ويندي تون، هئين هاڻي ڇا ٿيو اٿي ؟“
    ”مون کي ڇا ٿيندو......مان ڇو گھوريو ويندي هئي مانس.......“
    ”ڇڏ کڻي ضد کي.......وٺي گوڙ وڌو ٿي......“
    ”مون ڪهڙو ضد ڪيو آهي.......تون پاڻ ئي ٻڌائڻ ٿي چاهيو....مون ڪهڙو گوڙ وڌو آهي؟“
    ”مان ڇا ڳالھ ڪئي جو توکي اچي باھ لڳي آهي......“
    ”باھ لڳي منهنجي دشمنن کي.....“
    ”ته چئبو دشمن به اٿي نه.....!“
    ”ڏس مونکي گھڻو نه کجاءِ“
    ”مان چرين کي ناهيان کجائيندي....“
    ”ڳالھ ڇا آهي....؟“
    ”اچي وئين نه پنهنجو پاڻ راھ تي......“
    ”هاڻي کڻي ٻڌاءِ به......!“
    ”ڇو ساھ پيو وڃئي ڇا.....؟“
    ”هاڻي ڳالھ صاف ۽ چٽي ڪر.....نه ته مان وڃان پئي....“
    ”ٻڌ چري! ادا سان تنهنجو مڱڻو ٿي ويو آهي ......“
    اهو ٻڌي هوءَ شرم وچان پنهنجا هٿ پنهنجين اکين تي رکي جھرڪيءَ جيان ڀڙڪو ڏيئي اڏامي ويئي.
    ***


    نڪ جو پڪو

    نڪ جو پڪو

    هڪ مهل:
    ”صفا ڪو نڪ جوپڪوآهي....!“
    ننڍڙي ڌيءَ ماءُ کان پڇيو:
    ”امان! اهو نڪ جو پڪو ڇا آهي...؟“
    ”جنهن جي بيعزتي ڪجي پر پوءِ به نه مڙي......!“
    ٻئي مهل:
    ”بابا! نڪ جو پڪوڇا آهي....امان پئي چيو ته جنهن جي بيعزتي ڪجي پر پوءِ به نه مڙي.......!“
    ”ائين پئي چيائين.....صفا ڪا نڪ جي نرڄي آهي.....!“
    ”بابا! اهو نڪ جي نرڄي ڇا آهي....؟“
    ”جنهن جي بيعزتي ڪجي پر پوءِ به ڳيچي ۾ هجي......!“
    ٽئين مهل:
    ”امان! نڪ جي نرڄي ڇا آهي.....بابا پئي چيو ته جنهن جي بيعزتي ڪجي پر پوءِ به ڳيچي ۾ هجي......!“
    ”ائين پئي چيائين.......صفا ڪو نڪ لٿو آهي.......!“
    ”امان! اهو نڪ لٿو ڇا آهي.....؟“
    ”جنهن جي صفا ڪا به عزت نه هجي......جنهن سان رهڻ به بيعزتي هجي.......!“
    چوٿين مهل:
    ”بابا! اهو نڪ لٿو ڇا آهي......امان پئي چيو ته جنهن جي صفا ڪا به عزت نه هجي......جنهن سان رهڻ به بيعزتي هجي.......!“
    ”ائين پئي چيائين اچ مون سان گڏ.......هي لفافو پنهنجي ماءُ کي وڃي ڏي.“
    آخري مهل:
    ”امان! بابا هي لفافو ڏنو آهي. سندس ماءُ لفافو کولي پڙهيو ته ان تي ٽي ڀيرا ’طلاق‘ لکيل هئي.
    ***


    پنهنجو پاڻ سان ناراض

    پنهنجو پاڻ سان ناراض

    ”صديون اڳ جڏهن جنميو هوس ڌرتي تي........آزاد حيثيت ۾......سموري ڌرتي منهنجي ئي ته هئي......ڌرتي جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين پنهنجي مرضي سان گھمندو ڦرندو رهندو هوس........پهريان قدرتي آفتن مونکي ايترو ڊيڄاريو جو ان کان پنهنجو پاند آجو نه ڪرائي سگھيم.........ڊڄڻو ۽ گيدي ٿي پيم......جنهن کان ٿي ڊنم تنهن جي ٿي عبادت ڪيم......پوءِ ويا ٺهندا وڏا وڏا دائرا جن جي ور وڪڙ ۾ اڄ به ڦاٿل ئي آهيان......هاڻي روز ٿو پنهنجو پاڻ کي ماريان....وري ٿو جيان.......وري ٿو ماريان وري ٿو جيان........جيتري شدت سان ٿو پاڻ کي ماريان اوتري شدت سان ٿو جنم وٺان.......هاڻي ته پاڻ کي ئي سمجھ ۾ نٿو اچي ته آخر مان پاڻ کي پاڻ ماري چاهيان به ڇا ٿو.......؟“
    ”سمجھ ۾ نٿو اچي يا پوءِ مان سمجھڻ ئي نٿو چاهيان........ته آخر مان ائين ڪيان به ڇو ٿو.......ڪٿي مان ڪنهن جي هٿان استعمال ته نه ٿي رهيو آهيان........ صديون اڳ جنميو هوس ڌرتي تي........آزاد حيثيت ۾......سموري ڌرتي منهنجي ئي ته هئي......ڌرتي جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين پنهنجي مرضي سان گھمندو ڦرندو رهندو هوس........مون کي سوچڻ کپي.......گھڻي سوچ ويچار کانپوءِ پنهنجي جسم سان ٻڌل بارودي جيڪٽ لاهي ذهن ۾ موجود وڏن ويڪرن دائرن ۾ اڇلي ٿو ڇڏيان.......پوءِ هڪ وڏو ڌماڪو ٿئي ٿو جنهن ۾ سمورا دائرا تباھ ٿي وڃن ٿا ۽ مان وري ٻيهر آزاد ٿي وڃان ٿو.......“
    ***




    درياءَ شاھ

    درياءَ شاھ

    منهنجو پٽ جاني، اڃا ننڍڙو آهي، هو پنجين ڪلاس ۾ پڙهي ٿو، پر سندس سوچ ٻين ٻارن کان الڳ آهي، جو هو ڌرتيءَ سان بيحد چاھ رکي ٿو. ان سوچ پيدا ڪرڻ ۾ ڪجھ هٿ ضرور منهنجو به آهي ڇو ته هو منهنجو ئي ته پاڇو آهي.
    مونکي پنهنجي آفيس جي ڪم سانگي سکر وڃڻو آهي سوچ ڪيم ڇونه جاني کي به ان بهاني سکر گھمايان ۽ کيس درياءَ شاھ جو سير ڪرايان جيڪو صدين کان سنڌ ڌرتيءَ جي جياپي جو اهڃاڻ رهيو آهي. اسان سڀني سنڌين جو هن ۾ ساھ آهي تڏهن ته اسان کيس پيار ۽ احترام مان ”درياءَ شاھ“ چوندا آهيون. رات جو، سڀاڻي سکر هلڻ ۽ درياءَ شاھ گھمڻ جي جاني سان ڳالھ جو ڪيم ته ڏاڍو خوش ٿي مونکي ڀاڪر ڀري هڪ ڳل تي مٺي ڏنائين ۽ موٽ ۾ مون به.
    اسان ٻئي پيءُ پٽ صبح جو سکر لاءِ روانا ٿياسي.....سکر پهچي پهريان آفيس جو ڪم ڪار ڇڏائي جاني کي چيم:
    ”پٽ جاني! هاڻي اڳ ۾ ڪٿي هلجي؟“
    ”بابا! اڳ ۾ درياءَ شاھ تي هلو....مان پهريون ڀيرو پنهنجي درياءَ شاھ کي ڏسندم جنهن کي مان صرف ٽيلي ويزن تي ئي وهندي ڏٺو آهي.“
    اسان ٻئي رڪشي ۾ ويٺا سين ته رستي ۾ جاني مونکا سوال ڪيا ته:
    ”بابا! درياءَ شاھ ڪيترو وڏو آهي.......ان ۾ پاڻي ڪٿان ٿو اچي......اهو ڪٿي وڃي پورو ٿئي ٿو.....؟؟؟
    ”اسان جو درياءَ شاھ وڏو ۽ ويڪرو دريا آهي هن ۾ پاڻي اترين جبلن مان يعني ڪيلاش مان اچي ٿو ۽ اسان جو درياءَ شاھ وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو....۽ سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ٿو......پر اڄڪلھ.........!“
    ”بابا!اڄڪلھ ڇا.......؟“
    مان جاني جي انهيءَ سوال جو جواب ڏيڻ تي سوچي ئي رهيو هيم ته ايتري ۾ درياءَ شاھ تي پهچي وياسين. رڪشي مان لهي، لب مهراڻ باغ ۾ داخل ٿي درياءَ شاھ جي طرف وڌڻ لڳاسين جاني ڏاڍو خوش لڳي رهيو آهي......اسان جئين جئين درياءَ شاھ کي ويجھو ٿيندا رهياسين تئين تئين اسان کي درياءَ شاھ ۾ پاڻي نظر نه ٿي آيو مون کي حيرت ان وقت ٿي جڏهن مون ويجھو وڃي ڏٺو ته درياءَ شاھ ۾ رڳو واري ئي واري نظر آئي.......ان سمي منهنجون وايون بتال ٿي ويون.....منهنجي وات مان نڪتو:
    ”هي ڇا هيڏا هاڃان اسانجي درياءَ شاھ سان......!“
    ”جي بابا! ڇا ٿا چئو!؟“
    ”پٽ جاني! مان جڏهن تو جيترو ننڍڙو هوس ته تو وانگر مان پنهنجي بابا سائين سان درياءَ شاھ تي ايندو هوس ته دريا شاھ پاڻيءَ سان ڀريل وهندو هو ۽ مست ٿي پنهنجي موج ۾ وهندو هو، پر هي سڀ ڪجھ ڏسي منهنجين اکين کي يقين ئي نٿو اچي هيڏا ڪلور درياءَ شاھ سان ........سمورو خالي پيو آهي.......منجھس پاڻيءَ سواءِ واري پئي اڏامي......!“
    منهنجوايترو ٻڌي جاني مونکي چنبڙي پيو:
    ” بابا توهان پنهنجي بابا سائين سان درياءَ شاھ تي ايندا هئا ته درياءَ شاھ مست ٿي وهندو هو.......اڄ مان توهان سان گڏ آيو آهيان ته درياءَ شاھ ۾ رڳو واري پئي اڏامي.....ڀلا بابا! مونکي اهو ته ٻڌايو جڏهن مان پنهنجي پٽ سان درياءَ شاھ تي ايندم ته ڇا دريا شاھ هوندو!؟؟؟؟“
    ***


    ايف.آءِ.آر

    ايف.آءِ.آر

    کليل عدالت: اڳيان سمورن ساڃاھ وند فردن جي.
    تاريخ ويھ سيپٽمبر سال 2005 ، فريادڻ جو نالو ۽ ويٺلائپ، انسانيت ڌيءَ آدم ذات انسان، ويٺل مرزا پور پاڙو، شهر هالا، سنڌ، دنيا، ڪائنات. ڏوھ قلم 302 ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ هيٺ، واقعي جو هنڌ ۽ ٿاڻي کان فاصلو، ڪيبن دليپ ڪمار اولھ ڏکڻ جي ڪنڊ ٿاڻي کان سوء فٽ پري، ڪارروائي ڪرڻ ۾ دير ٿي هجي ته، پوليس پاران دير ئي دير ظلم ئي ظلم، ٿاڻي کان روانگي ۽ وقت، اڃان تائين ڪوبه عمل ٿي نه سگھيو آهي.
    جناب اعلي!
    جئين ته منهنجو نالو انسانيت آهي مان پنهنجي اٺارنهن سالن جي ڳڀرو نوجوان ڀائڙي دليپ ڪمار سان ۽ ٻين گھر ڀاتين سان گڏ رهندي اهيان. منهنجو لاڏلو ڀاءُ اسان جي گھرجو اڪيلو ڪمائيندڙ هو. هو ڪمائيندو هو ته گهر ۾ چلهو ٻرندو هو ڀا ءُ دليپ بابا ۽ امان جي عزت ڪرڻ سان گڏ مون سان به بيحد پيار ڪندو هو. اڄ صبح جو نيرن ڪري جئين منهنجو لاڏلو ڀاءُ پنهنجي ڪيبن تي روزگار جي حوالي سان ويٺو هو جو پوليس جي موٽر سائيڪل تي هڪ اندر جو ڪارو ۽ ڀوائتي مڇن وارو جمعدار آيو ۽ اچڻ سان منهنجي ڀاءُ دليپ ڪمار کي گار ڏيندي چيائين ته ” اڙي تون پنهنجي ڪيبن تي نقلي سوپاريون ٿو وڪڻين! سڌو ٿاڻي تي هل.“ منهنجو ڀاءُ دليپ ڪمار جيڪو نهايت ئي با اخلاق نوجوان هو تنهن تمام گھڻي اخلاق سان چيس ته ”نه صاحب! هي ڪمپني جو مال آهي ان ۾ منهنجو ڪوبه قصور نه آهي ۽ نه ئي هي ڪي نقلي سوپاريون آهن.“ پر اندر جو ڪارو جمعدار کيس زوري سڀني پاڙي وارن سامهون گار گند ڪندو کنڀي کڻي ويو. جڏهن ان واقعي جي اسان کي خبر پئي ته اسان پنهنجي پاڙي جي ڪائونسلر عبدالرحمان راجپوت ۽ پاڙي جي ٻئي قربان دايو کي عرض ڪيو جن فيصلو ڪري هڪ هزار روپين عيوض منهنجي ڀاءُ دليپ ڪمار کي آزاد ڪرايو. جئين ئي منهنجو لاڏلو ڀاءُ گھر موٽيو ته تمام گھڻو مايوس ۽ پريشان ٿي لڳو. هن جي اندر ۾ ڪجھ هو جيڪو هن کي مايوس ۽ پريشان ڪري رهيو هو. مون کي الائي ڇو الاهي سارا وسوسا وڪوڙي ويا. منهنجي پڇڻ تي هو زار و قطار روئيندو رهيو. منهنجو ڀاءُ ڏاڍو حساس فرد هو مٿان وري ننڍڙي عمر ۾ ئي گھر جا بار پئجي ويا هئس. هو ايترو ته با اخلاق هو جو آئي وئي، ننڍي وڏي جي عزت ڪندو هو ۽ پاڙي وارا به هن جي تمام گھڻي عزت ڪندا هئا ۽ ٻارڙن سان ته دل هوندي هئس هن واقعي کان پوءِ سموري رات سمهي نه سگھيو هو ۽ روئيندو ئي رهيو هو. صبح جو سوير هي ڪيبن تي هليو ويو صبح جو سمورا گھر ڀاتي هڪ مائٽ جي ديهانت تي ڪنڊيارو وڃي چڪا هئا. وقت اٽڪل منجھند ڌاري منهنجو ڀاءُ ڪيبن کليل ڇڏي گھر ۾ داخل ٿيو ۽ ڪمرو بند ڪري پاڻ کي پکي ۾ منهنجي رئي سان ٽنگي ڇڏيو مون ان ويل هانو ڦاڙيندڙ رڙيون دانهون ۽ گگھراٽ ڪيا پر منهنجو حساس ڀاءُ پکي ۾ جهولي رهيو هو. منهنجو ڀاءُ دليپ پنهنجي بيعزتي برداشت نه ڪري سگھيو ڇو ته هو هڪ حساس فرد جو هو، بي ايمان سماج هن کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. منهنجو ڀاءُ جيڪو پنهنجي گھر وارن لاءِ جيئڻ جا جتن ڪري رهيو هو. بنا ڪنهن جي هٿ ٽنگڻ جي پنهنجي روزي پاڻ ڪمائي رهو هو. ڪنهن به طرح هو ڪنهن تي بار ته نه هو. منهنجو ڀاءُ بهادر هو تڏهن ته هن سماج ۾ باغي جو ڪردار ادا ڪيو. منهنجو سوال اهو آهي توهان ساڃاھ وند فردن کان آخر منهنجي معصوم ڀاءُ سان ائين ڇو ڪيو ويو. منهنجي ڀاءُ جو قاتل اهو اندر جو ڪارو ۽ ٿلهو ڀوائتي مڇن وارو جمعدار آهي جيڪو منهنجي ڀاءُ جي خون جو ذميدار آهي. مان فرياد ٿي ڪيان ته تدارڪ ٿئي ۽ مون سان انصاف ڪيو وڃي.
    صحيح فريادڻ
    انسانيت



    سرد ٿي ويل ڪهاڻي

    سرد ٿي ويل ڪهاڻي

    هڪ ڪهاڻيڪار ڪهاڻيءَ جي ڳولاھ ۾ هو. هڪ اهڙي ڪهاڻيءَ جي ڳولاھ ۾ جيڪا ڇرڪائيندڙ هجي جنهن ۾ رڳو درد ئي درد هجي گهڻيون ئي ڪهاڻيون پيار محبت تي لکجي چڪيون. هي سڄو ڏينهن ڪهاڻيءَ جي ڳولاھ ۾ ئي رهيو. هي هڪ هوٽل تي ٻاهر ڪرسي تي ويٺو هو ۽ روڊ تي تيزيءَ سان ٽريفڪ گذري رهي هئي. هي سپ سپ چانھ پي رهيو هو ته اوچتو روڊ تي زور دار بريڪ لڳي هڪ ننڍڙي معصوم ٻارڙي ڪار هيٺيان اچي ويئي سندس ماءُ کيس کڻي ورتو جنهن جي منڍي لڙڪيل ۽ رت وهي رهيو هو سندس هٿن ۾ گل هئا جيڪي هن جي هٿن ۾ مضبوطي سان پڪڙيل هئا، جيڪي روئي رهيا هئا هن جي مرڻ تي.
    هي اٿيو، هن کي ڪهاڻي لکڻ لاءِ پلاٽ ملي ويو هو. هن هوٽل جي پاسي واري بوڪ اسٽور تان ڪورا پنا ورتا، انهيءَ ڪهاڻيءَ کي لکڻ لاءِ ۽ هي تيزي سان روانو ٿيو پنهنجي گهر ڏانهن، جئين ئي هن روڊ ڪراس پئي ڪيو ته هڪ زوردار بريڪ لڳي هن کي اچي ڪار لڳي ۽ هي اُڏري وڃي پري ڪريو ڪورا پنا هوا ۾ هڪ هڪ ٿي اڏامي رهيا هئا هن جي لاش کي ماڻهن کڻي ورتو ۽ وري ٽريفڪ ساڳي رفتار سان هلڻ لڳي.
    ***


    شطرنج

    شطرنج

    بادشاھ وزير جون ڄنگھون ڪڍيون، وزير گھوڙن جون، گھوڙن پيادن جون ۽ پيادا مرندا رهيا، راند پورري ٿي ته بادشاھ راند کٽڻ تي خوش آهي يا پنهنجي راعيا مارجڻ تي!
    ***


    سڄڻ ۽ ساڻيھ

    سڄڻ ۽ ساڻيھ

    سڪ جي ساگر ۾ لڙهندو پئي ويم....اکين ۾ ڪوسو پاڻي، وات ۾ ڪوڙاڻ، نڪ اندر آلاڻ محسوس ڪيم.....پاڻ کي ڏاڍو سنڀارڻ جي ڪوشش پئي ڪيم....پر سڀ ڪجھ وهندو پئي ويو سڪ جي مها ساگر۾....وقت ڳرندوويو.....سرير کي ڪابه سڌير نه ٿي....سمجھيم هاڻي پاڻ تان آسرو لاهيڻو ئي پوندم....سورن اهڙو پيچ پاتو اٿم جو ’جيئڻ ڪاڻ جيڏيون وڏا وس ڪيام‘....هانو تي تري آيو....ته وري پوءِ به لطيف سائين جي چيچ جھليم ته ڪن تي پڙلاءُ پيم....’ويٺي نت نهاريان راڻا! تنهنجو راھ....موٽائي ماڳن ۾، آڻيندوءِ الله....سوڍا! توڳر ساھ نات راڻا گھڻا راڄ ۾.....‘ته ڪجھ سڌير ٿيم...اميد جي امڪان جو ڌاڳو پڪڙي هلڻ جو هيلو ڪيم....من تي جا مونجھ هئي تنهن کان ڄڻ ته پاڻ کي آجو ٿي ڀايم.....لطيف جي سٽ سٽ.....’تئن دوست وراڪا دل سين‘....پيهندي ويم من ۾....سڪ جو مها ساگر ماٺو ته نه ٿيو پر لطيف جي سٽ....’وڍيو هجين ته ويھ نه ته وٺيو واٽ ونءُ تون....‘جو سبق ٿي ڏنم.....۽ ’صبر جن جو سيرتير نه گسي تن جو....‘ جي مصداق تي لبيڪ سان لبيڪ چئي منهن مونن ۾ وجھي جو ويٺم ته سڪ جي مها ساگر کي ماٺو ٿي ڀايم سرير اندر.......
    ان ڪثرت ۾؛ جي؛ مها ساگر ماٺو ٿيندو پئي آيو ۽ پوءِ ته مزو ئي ٿيندو منهنجو، جڏهن به سڪ جومها ساگر، موج مستي ۾ آيو، ته لطيف سائين جي چيچ جھليندم......پوءِ ’کڻ اکيون کل يار! وڃن سور سنڌا ڪيو‘ چئي شانت ۾ هوندم. ساعت مس گذري ته ’مون ساريندي سپرين! اچين جي تون هاڻ، ڪريان روح رهاڻ، لڪن منجھ لطيف چئي‘ جو من تي اولڙو جو پيم ته انهيءَ سڌ ڪرڻ سان مها ساگر ۾ جهڙوڪ سونامي اچي ويم ته پاڻ کي سچل سائين جي آڏو ڀايم مست الستي رمز ۾ چئي رهيو هو’جنهن دل پيتا عشق دا جام سا دل مست و مست مدام حق موجود سدا موجود.....هو......حق، هو......حق!‘ سرير جو وار وار اٿي بيهي رهيم پاڻ به ناچو بڻجي ڦيرا پائيندو رهيم. سڪ جي مها ساگر ۾ سونامي آيل هئي......’حق موجود سدا موجود.....حق موجود سدا موجود......هو....حق....!‘
    ائين ’حق موجود....سدا موجود‘ جي صدا جاري هئي ته لطيف سائين هٿ کان جھلي ڀاڪر ۾ ڀري ورتم....’مون ۾ تون موجود! آءُ اڳاهين آهيان‘ پاڻ کي جو ڏٺم ته حيرانگي جي جھان ۾ هيم.....سونامي جو ڪوبه نانءُ نشان نه رهيو هو.....اکين ۾ پاڻي هوم.....’ساريو سپرين کي، لڙڪ ڳلن تي پون‘ اٿي بيٺم پٻن تي ’ڪيڏانهن ڪرهو ڪاهيان؟‘ ڀٽائي گھوٽ شفقت سان چيم......’جا ڀون پيرين مون، سان ڀون مٿي سڄڻين، ڌڱ لٽبا ڌوڙ ۾، اڀي ڏٺاسون، ڏينهن مڙيئي ڏون؛ اٿي لوچ، لطيف چئي‘ اهو ته منهنجي لاءِ نئون راز هو جيڪو مون تي آشڪار ٿيو هو. مون کي عشق جي رياض نئين جهان جو اولڙو پسايو هو جيڏانهن ٿي ڪيم پرک سڄڻ سامهون ٿي ڀايم.....سڄڻ جي سونهن ۽ سڪ مون کي ساڻيھ جي ويجھو ڪري وڌو هو.
    صبح جو ننڊ مان اٿيم ته پاڻ ۽ پنهنجي دنيا کي بدليل ٿي ڀايم جلدي ۾ تيار ٿي ڪري يونيورسٽي پهتم ته ڪلاس هلي رهيو هو. سائين سخي احمد ڪلاس وٺي رهيو هو. منهنجو موڊ اڃا به سٺو ٿي ويو ان ڪري به ته سائين سخي احمد جو ليڪچر انتهائي متاثر ڪندو رهيو اٿم.
    مون تي جو سائين جي نظر پئي ته مون کي ويهڻ جو اشارو ڪيائين ۽ پنهنجي ليڪچر کي جاري رکندي چيائين.
    ”جيڪو به فرد جنهن مٽيءَ مان جنميو آهي، درحقيقت ائين سمجھڻ گھرجي ته ان جو سمورو خمير به ان مٽي مان جڙيو آهي. ان مٽي جا سموري جا سمورا اثرات ان جي خمير ۾ شامل ٿيو وڃن. ان جو وڏو مثال ’سنڌي‘ ماڻهو جو ڏيئي سگھجي ٿو. ان ۾ توهان کي پنهنجي ڌرتي سان ڪمٽمينٽ نظر ايندي. سنڌي ماڻهو ’سڄڻ ۽ ساڻيھ‘ کي ڪڏهن ڪين وساري سگھي ٿو. لطيف سائين کان وٺي سائين جي ايم سيد تائين جو سڳو ٿا وٺي جھليون ته هڪ ئي ڌاڳي ۾ پرويل ٿا لڳن. ڏسو اڳ ۾ کين مجازي عشق لڳي ٿو ۽ پوءِ ساڳيو ئي عشق حقيقي عشق ۾ تبديل ٿيل نظر اچي ٿو. انهيءَ ڪري سنڌي ماڻهو ڏاڍو نرم ۽ حساس آهي. هي پنهنجي ڌرتي جي معاملي ۾ انتهائي جذباتي آهي ۽ مان ڀي ائين ئي سمجھان ٿو ته جنهن به ماڻهو ۾ وطن جي حب نه آهي اهو هرگز انسان نٿو ٿي سگھي.“
    سائين سخي احمد جو ليڪچر ٻڌي رهيو هيم پر رات ننڊ ۾ ڏٺل خواب جو اولڙو سائين سخي احمد جي ليڪچر ۾ پسي رهيو هيم. سائين سخي احمد وڌيڪ چيو.
    ”تنهڪري اسان کي؛ پنهنجي عشق کي؛ سڄڻ کان ساڻيھ جي عشق تائين وٺي هلڻو پوندو تڏهن اسان انهيءَ مجازي عشق کان حقيقي عشق تائين جي شروع ڪيل سفر کي سمجھي سگھنداسي. هتي هي ڳالھ به واضع ڪندوهلان ته منهنجن لفظن ۾ اها طاقت نه آهي ته ان سفر کي بيان ڪري سگھان پر هي هڪ اهڙو سفر آهي جيڪوبه شروع ڪندو آهي ان جي ان کي به پروڙ نه هوندي آهي. جئين لطيف سائين چئي ٿو. ’ڪڏهن ڪونه ٿيوم، آثارو تنهن عشق جو، محبوبن منٿون ڪري، سڪڻ سيکاريو، تهان پوءِ ٿيوم پسڻ سپرين جو‘ اهو جو ٻڌم ته منهنجي ذهن جي ڌرتي تي وڏ ڦڙي مينهن وسڪارو لائي ڏنو ۽ اکين جا بند ڪجھ پسڻ تي ڀڄڻ وارا ئي هئا ته سائين سخي احمد پنهنجي ليڪچر کي پورو ڪري روانو ٿي ويو مان به ڪلاس کان ٻاهر نڪري آيس، نئين سفر تي رواني ٿيڻ لاءِ جنهن ۾ هاڻي مان اڪيلو نه آهيان پر؛ مون سان منهنجو مرشد، منهنجو سڄڻ ۽ منهنجو ساڻيھ گڏ آهن.......
    ***


    پوپٽ

    پوپٽ

    ٻئي هڪٻئي جا دشمن، هڪٻئي تي بندوقون تاڻيون بيٺا آهن. ٻنهي جون جيتري تائين گوليون هلن ئي هلن، هڪ رنگين پوپٽ سندن وچ مان گذريو، پوپٽ ايترو ته رنگين ۽ خوبصورت هو، جو ٻئي هڪٻئي جا دشمن، ان پوپٽ کي ڏسي حيران ٿي ويا ۽ گوليون هلڻ کان رهجي ويون.
    ***


    ڳورا قدم

    ڳورا قدم

    سمجھان ٿو.....پنج يا ڇھ سال سندس عمر هوندي، تن تي ميرا ڪپڙا پاتل، مٿي ۽ پيرين اگهاڙو......نازڪ ڪلهن تي ٻوري جيڪا به سندس جسامت کان وڏي لڳندي هئي.....روزانو صبح جو آفيس وڃڻ مهل مون سان شهر جي ڪپڙي مارڪيٽ ۾ ٽڪرندو هو. صبح جو هن ڪپڙي مارڪيٽ ۾ صفائي ٿيندي هئي ۽ هو ٻين ٻارن سان گڏ مونکي اتي نظر ايندو هو. جڏهن به کيس صبح جو آفيس وڃڻ مهل ڏسندو هوم ته هو پنهنجي تيز ۽ روشن اکين سان، ڪپڙي مارڪيٽ ۾ پاٺا، پلاسٽڪ جون ٿيلهيون ۽ پنن کي ڳولهيندي ۽ انهن کي ميڙيندي نظر ايندو هو. انهيءَ ٻار تي ترس کائيندو ڪپڙي مارڪيٽ کان تڪڙو تڪڙو آفيس طرف روانو ٿي ويندو هوم ۽ هڪ ڏک جي ڪيفيت به ذهن جي وشال اڱڻ تي ڊوڙي ويندي هئي ته هن عمر ۾ ته هن کي اسڪول ۾ هجڻ گھربو هو پر پيٽ جي بک اجھائڻ لاءِ ٻاروتڻ ۾ ئي کيس ڀوڳڻو پئجي رهيو هو.
    هڪ واري صبح جو ڏٺم ته ڪپڙي مارڪيٽ جي وچين چوڪ تي صفائي دوران ڪافي پاٺا، پلاسٽڪ جون ٿيلهيون ۽ پنا ڍير جي صورت ۾ پيا هئا. هن ٻار جو اهو ڏٺو ۽ اهو ڍير هن جي ميڙڻ کان به گھڻو هو ته هن هڪ زوردار وات سان سيٽي وڄائي ته موٽ ۾ هن کي به سيٽيءَ ۾ ئي جواب مليو ۽ پوءِ ٻه ٽي ننڍڙا ٻار پنهنجن ڪلهن تي ٻوريون لڙڪائيندا پهچي ويا ۽ جلدي ٻوريون ڪلهن تان لاهي پنهنجن پتڪڙن هٿن سان ٻورين کي ڀرڻ ۾ لڳي ويا. ان وقت هي ڏاڍا خوش نظر پئي آيا پر هي انهن سڀني کان وڌ خوش نظر پئي آيو ڇو ته هن ئي اهو ڍير سڀني کان اڳ ۾ ڏٺو هو ۽ کين ئي سيٽي هڻي گھرايو هو. ايترو ڏسندو آفيس لاءِ اڳتي وڌي ويم.
    ڪافي ڏينهن کان مان آفيس وڃڻ مهل ڪڏهن ان ٻار کي اڪيلو ته ڪڏهن ٻين ٻارن سان گڏ ڏسندو رهندو هوم يا وري ڪڏهن نظر نه ايندو هو ته مونڍي ڦيرائي ڪپڙي مارڪيٽ جي ٻين گھٽين ۾ به ڳولهڻ شروع ڪندو هوم پر ائين ڇو ڪندو هوم سا ته مونکي اها خبر نه هئي پر ايترو ضرور هو ته صبح جو آفيس وڃڻ مهل ڪپڙي مارڪيٽ ۾ ڪجھ دير لاءَ ڏسڻ وارو رشتو هن سان ضرور جڙي چڪو هو شائد ان رشتي جي ڪري....وڌيڪ مان ڪجھ به نه پئي ڄاتم.....
    اهو ٻالڪ جنهن جي مون کي ڪابه خبر نه هئي ته اهو ڪير هو نه ئي مون ڪڏهن هن کان پڇڻ جي ڪوشش ئي ڪئي پر سندس وڏيون ويڪريون ۽ گھريون اکيون هن جي مڪمل معصوميت جو ثبوت ۽ پرتوو هيون. الائي ڇو اهو ٻالڪ مون کي ٻين ٻارن کان الڳ لڳندو هو.
    ڪجھ ڏينهن کان هو مون کي ڪپڙي مارڪيٽ ۾ نظر نه آيو پئي، باقي ٻيا ٻار نظر پئي آيا.... هر روز مهنجي اڻ تڻ وڌندي رهي ته اهو ٻالڪ نظر نٿو اچي ۽ ان کي ٻين ٻارن سان گڏ نه ڏسي ذهن ۾ عجيب الڪا، وسوسا ۽ وهم پلجڻ شروع ٿيا هئا ۽ ائين انهيءَ اڻ تڻ واري ڪيفيت ۾ ڪپڙي مارڪيٽ مان نڪري ويندو هوم ته اهو ٻالڪ ڪيڏانهن ويو. اهو سوچيندو هوم ته ٻين ٻارن کان ڪيئن پڇان جنهن جي مون کي نالي جي به خبر نه هئي......ايترو ضرور هو جو اهو ٻار ٻين ٻارن کان ننڍڙو ضرور هو. خير اهو ذهن ۾ پڪو پھ ڪيم ته صبح جو ٻين ٻارن کان پڇندم ته اهو ننڍڙو ڪٿي آهي.....يا....ڇا ٿيو اٿس.......ڇونٿو اچي...... ڪيڏانهن ويو آهي ڇا.....اهڙا سوال سوچيندو رهيم.....ڪجھ به هجي صبح سان پڇي وٺندم.....الائي ڇو ائين ڀاسندو هو ته ان ننڍڙي سان منهنجو ڪو نه ڪو رشتو ضرور آهي پر هن ته مون کي ڪڏهن غور سان ڏٺو به نه هو.....هو ته هميشه پنهنجي تيز اکين سان پنهنجي ڪم جي شين کي ڏسي جاچي پنهنجي وڏي ٻوري ۾ وجھندو ويندو هو ۽ مان اڳتي وڌي ويندو هيس عام واٽوهڙو جو هيم....ڪجھ به هجي صبح جو هن جي جاچ ضرور ڪندم.
    صبح جو سوير پنهنجي آفيس جي وقت کان ٿورو اڳ ۾ ڪپڙي مارڪيٽ پهتم ته مون کي اهي ٻار نظر نه آيا مون گھڙيءَ تي نظر وڌي آفيس وڃڻ ۾ اڃان ڪجھ وقت پيو هو، سوچيم ڇو نه ڪپڙي مارڪيٽ جي ڪجھ گھٽين ۾ کين ڳولهي وٺان متان ٻئي ڪنهن گھٽي ۾ پاٺا ميڙيندا هجن پر هو ٻئي ڪنهن گھٽي ۾ به مون کي نظر نه آيا......ذهن ۾ سوچيم شائد گھڻو سوير اچي ويو آهيان تنهنڪري هو اڃان پهتا ئي نه آهن ۽ انهن جي انتظار ۾ پوءِ به ڪپڙي مارڪيٽ جي گھٽين ۾ آهستي آهستي پسار ڪرڻ لڳم.
    جئين ئي گھٽين مان گھمندو ڪپڙي مارڪيٽ جي وچين چوڪ تي آيم ته اتي پاٺن، پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۽ پنن جو ڪافي وڏو ڍير جمع هو پر نه هئا ته اهي ٻار جيڪي خوشي خوشي هن ڍير کي ميڙيندا هئا. ڪپڙي مارڪيٽ جي چوڪ تي ڍير موجود هو پر نه سيٽي هيڏانهن وڳي نه وري هوڏانهن ۽ نه ئي ٻار آيا....مان مايوسي منجھان آفيس طرف وڌي ويم.مسلسل ٽي ڏينهن گذري وڃڻ کان پوءِ به ڪپڙي مارڪيٽ ۾ نظر نه آيا.
    اڄ صبح جو جئين دستور موجب ڪپڙي مارڪيٽ مان گذري رهيو هوم ته ڪپڙي مارڪيٽ جي وچين چوڪ تي ٻار بيٺا هئا ۽ مون ڏٺو ته اهو ٻار ساڻن اڄ به نه هو، بس پوءِ پڇي ويٺم،
    ”ٻه ٽي ڏينهن توهان سڀئي ظاهر نه هئا خير ته هو ۽ توهان جو ٻيو ننڍڙو دوست به نظر نٿو اچي......اهو ڪٿي آهي....؟“
    منهنجي ايتري پڇڻ تي هنن سڀني مون کي حيران ٿي ڪري ڏٺو....انهن مان هڪ چيو،
    ”ان کي هفتو اڳ ۾ هڪ گاڏي ڳاهي ويئي هئي.....ٽيون ڏينهن مري ويو....اسان جو مائٽ هو ان ڪري اسان به نه آياسي........“
    مان هڪو ٻڪو ٿي ويم......پڇيم،
    ”گاڏي ڳاهي ويس پر ڪئين...؟“
    ٻئي ننڍڙي چيو،
    ”ائين ئي پاٺا ميڙي شام جو دوڪاندار کي ڏيڻ وڃي رهيو هو ته روڊ ڪراس ڪندي گاڏي ڳاهي ويس ڏاڍو زخمي ٿي پيو هو، گھر کڻي وياسيس ماءُ پٽي ڪيس پر ڪجھ ڏينهن کان پوءِ مري ويو....هاڻي ته ماءُ به ڏاڍو ٿي روئيس.....اڪيلي ويچاري صرف ماءُ ۽ پٽ هئا.......“
    ايترو چئي ٻار پاٺا ميڙڻ ۾ لڳي ويا ۽ مان ڳورا قدم کڻندو اندر ئي اندر ۾ ڪڙهندو آفيس طرف وڌي وڃان ٿو.
    ***







    نيٺ ٽوڙي بند ٽٽي پيو!

    نيٺ ٽوڙي بند ٽٽي پيو!

    ورهيه ٿيا هئا جو هي ٻئي زال مڙس اولاد جي نعمت لاءِ واجھائي رهيا هئا, هنن ٻنهي اولاد جي حاصلات لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو هو. اها ته ڳالھ ڪو بي اولاد ي ئي سمجھي ٿي سگھيو. جتي به ٿي کين ڪو ڊاڪٽر، ڪو حڪيم ٿي سُجھيو ان تائين رسائي ٿي ڪيائون. پر هر ڀيري نا اميدي نصيب پلئه پوندي هئن.
    ”خادم! مونکي لڳي ٿو تون مان ائين سکڻا ئي مري کپي وينداسين مان ته هاڻي صفا نا اميديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي آهيان...... ڪيڏا حيلا هلايا آهن پر ڪو به وارو ڪونه وريو آهي.... منهنجي هڪ صلاح ضرور اٿي ته تون ٻئي شادي ڪر، مر متان ڪو سلو ڦٽي پئي ۽ اسان جي اڱڻ خوشيون موجون هڻن.......!!“
    خادم جيڪو پنهنجي زال زينب سان بيحد محبت ڪندو ئي هو پر محبت سان گڏ عزت به...... ويٺو هو پنهنجي خيالن ۾ ۽ پچايائين پئي ڪي پور...... پنهنجي جوءِ جو اهڙو جو ڪلمو ٻڌائين ته هيڪر ذهن تي ڪاوڙ تري آيس جيڪا سندس نرڙ تي جابجا بَکي رهي هئي. جوڻس زينب کيس گھور ڪري منهن تي نظر جو وڌي ته وري چوڻ لڳي.
    ”خادم! الله سون مان دل سان ٿي چوانءِ، ڇا اسان کي ٻچڙي جي ضرورت نه آهي اهڙي سڪ جو سوداءُ تنهنجو ماءُ پيءُ به اندر ۾ سانڍي راھ رباني وٺي ويا...... ڇا اسان ٻئي به ائين نپٽا مري وڃون؟ تنهنجي پيڙهي تنهنجي وئي کان پوءِ ختم ٿي وڃي..... اهو ڪو چڱو چئبو ڇا.......؟؟“
    خادم ڪجھ ڪڇيو ڪين پر جوءِ جي پوئين ڳالھ ڪجھ مٿس اثر ضرور ڪيو هو. خادم پنهنجي جوءِ کي ڪابه ورندي ڪانه ڏني، پر اندر ۾ دونهي دکڻ ضرور شروع ٿي هئس. خادم زينب تي پهاڄ آڻڻ نٿي گھريو زينب تي پهاڄ آڻڻ تي بار بار ٿي سوچيائين، جيڪو ڪنهن به ريت کيس سٺو نٿي لڳو..... هيڏانهن سندس زال زينب هئي ته هوڏانهن پنهنجي پيڙهي کي زندھ رکڻ لاءِ هن کي اُلڪو به ضرور هو. هي انهيءَ ٻه واٽي تي بيٺو هو. پر هڪ ٻئي ڀيري جو زينب اهڙي ڳالھ ساڻس ڪئي ته کيس خادم به چئي ڏنو.
    ”ٻڌ زينب! مون کي ٻچڙو تومان کپي مان ٻئي شادي نه ڪندم.......“
    ”پر خادم! منهنجي ڳالھ ته ٻڌ.....!“
    ”بس مون کي جيڪو چوڻو هو توکي چئي ڇڏيم...... مان ٻني تي هلان ٿو.....“
    ايترو چئي خادم ڪوڏر کڻي ٻني تي هليو ويو، هونئن ته خادم طبعيت ۾ ايتري ڪاوڙ ڪڏهن به ڪونه ڏيکاري هئس پر زينب جي ٻئي شادي جي ضد کيس ڄڻ ته پنهنجو فيصلو ٻڌائڻ تي مجبور ڪيو هو. خادم جي جملي زينب کي به سمجھائي ڇڏيو هو ته خادم مرندي مري ويندو پر ٻئي شادي اصل نه ڪندو. بس پوءِ زينب به پنهنجي زبان تي ماٺ ئي اختيار ڪئي. اهڙي طرح وقت گذرندو رهيو وري زينب ٻئي شادي جي ڳالھ پنهنجي زبان تي اصل نه آندي متان خادم ناراض نه ٿي وڃي.
    ڪجھ ورهين کان پوءِ هنن جي ڳوٺ جي اسپتال ۾ هڪ نئون ڊاڪٽر بدلي ٿي آيو جنهن سان ملي خادم اولاد نه ٿيڻ جو ذڪر ڪيو. جنهن تي ڊاڪٽر ٻنهي زال مڙس جون ڪجھ ضروري ٽيسٽون ڪرايون ۽ علاج شروع ڪيو ۽ اهڙي طرح سندن مراد پوري ٿي. نئون ڊاڪٽر سندن لاءِ فرشتو ثابت ٿيو هو ۽ کين گلن جھڙو ننڍڙو ڄائو. سندن خوشي جي انتها نه هئي. ايترن ورهين کان سڪي سڪي جو ننڍڙو ڄائو هئن خوشيءَ مان ننڍڙي تي پيو پيار ايندو هئن. ننڍڙي تي ڪجھ ته ڇا پر ڪک به نه سهندا هئا. خادم ننڍڙي جو نالو دريا خان رکيو هو.
    ڪافي سالن کان سموري سنڌ ۾ پاڻي جي بيحد کوٽ هئي. دريا بادشاھ ۾ رڳو واري اڏامي رهي هئي. ساڃاھ وند ماڻهن ڪيترائي احتجاج ڪيا پر وريو ڪجھ ڪين. سنڌ جي ماڻهن چاهيو ته دريا بادشاھ پنهنجي پراڻي اوج ۾ وهندو رهي پر سندن اها خواهش صرف خواهش ئي رهي. پر موٽ ۾ کين ٿوري ٿڪي ملندڙ پاڻي کي روڪڻ جا به ڪيترا ئي هيلا هلايا ويا ته پاڻي سمنڊ ۾ ضايع پيو ٿي، ان کي ڪنهن به طرح ضايع ٿيڻ نه ڏجي ڪو وڏو ڊيم ٺاهجي. سنڌ واسي جن جو پنهنجي سنڌو دريا ۾ ساھ آهي، جيڪي سنڌو دريا بادشاھ جا صدين کان حقيقي وارث آهن، انهن هر هر اهڙي عمل کي پئي رد ڪيو. اهڙن احتجاجن ۾ خادم پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي اڳين صف ۾ شامل هو، ڇو ته پاڻي نه هجڻ ڪري سموري سنڌ جي زمينن سان گڏ سندن سموري ڳوٺ جون زمينون به متاثر ٿي رهيون هيون.
    ”خادم! توهان جي هٽتاڙن (هڙتالن) سان ڪجھ ورندو به يا گرمي ۾ پگھر وهائي ٿا موٽي اچو.....“
    سندس جوڻس زينب احتجاج تان موٽندڙ خادم کان پڇيو.
    ”ٻڌ زينب! ڇو ڪجھ ڪونه ورندو مٿي پاڻي روڪيو ويٺا آهن، اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي..... پڇڙي وارن جو ته حق وڌيڪ هوندو آهي.... ڏسجانءِ هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جنهن ڏينهن اسان جو سنڌو دريا بادشاھ ساڳئي طرح وهندو ۽ ان ڏينهن توکي مان پلو کارائيندم......!“
    ”اڙي ها جائي دريا خان جا پيءُ! ورهيه ٿيا آهن ته پلو ڪونه کاڌو آهي...... تنهنجي صرف ڳالھ ڪرڻ سان وات ۾ پلي جو ساڳيو سواد اچي ويوآهي........“
    ٻئي زال مڙس هڪٻئي کي ڏسي ٿڌو ساھ ڀرين ٿا ۽ آس ڪن ٿا ته شل سنڌو پنهنجي موج ۽ مستي ۾ وري وهي پئي ته وارا نيارا ٿي وڃن.
    سنڌو دريا کي بچائڻ لاءِ ان جو هڪ ڏيهن ملهائڻ لاءِ ۽ ان جي باري ۾ دنيا کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ ڳوٺ ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي، ان ۾ خادم وارن سان گڏ ڳوٺ جي ڪافي ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ هڪ ساڃاھ وند ڳالهائيندي چيو.
    ”جيئن ته ساٿيو! سنڌي ماڻهو جيڪي موهن دڙي جي شاهوڪار تهذيب جا وارث آهن، جيڪي پنهنجي هڪ ڌار سيبتي طبعيت رکن ٿا، جن پنهنجي پنج هزار سال پراڻي تهذيب کي سانڍي رکيو آهي. اهي سنڌو دريا بادشاھ جي موجن لاءِ ڪجھ به ڪري ٿا سگھن. اسان اخلاقي طور دنيا کي آگاھ ڪرڻ لاءِ سنڌو دريا بادشاھ جو ڏينهن ملهائڻ جو سوچيو آهي، جيئن دنيا کي ٻڌائي سگھجي ته اسان جي سنڌو دريا کي هٿ سان سنگھر وجهي جڪڙڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪا فطرت جي به خلاف آهي. دريا بادشاھ جو مخصوص پاڻي سمنڊ ۾ نه ڇڏيو ويو ته ان جا هاڃيڪار نتيجا نڪري سگھن ٿا ۽ نڪري به رهيا آهن. ان جو وڏي ۾ وڏو مثال اهو به ڏئي سگھجي ٿو ته سنڌ ڌرتي جو ڪافي زميني حصو سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي. تنهڪري سنڌو دريا کي فطري طور تي قائم رکڻ ۾ ئي سڀني جو ڀلو آهي. باقي اها انهن ماڻهن جي ڀُل آهي ته اسان ان کي ڊيمن ذريعي روڪي ڪم آڻينداسي، پر ان سان توهان سموري قدرتي سونهن کي ميسارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو. دنيا ۾ ڊيمن کي رد ڪيو ويو آهي جيڪي ماحول کي خراب ڪري رهيا آهن. سو اچو ته پنهنجي دريا بادشاھ جي فطري وهڪري لاءِ گڏ ٿيون ۽ ان جي بچاءَ لاءِ، ان جي واري هاڻي پيٽ ۾ گل هاري سڌريل قوم هجڻ جو ثبوت ڏيون ۽ انهن ماڻهن کي ٻڌايون ته اسان ڪڏهن به دريا بادشاھ کي روڪڻ نه ڏينداسون“
    ان گڏجاڻي ۾ ڳوٺاڻن پنهنجي ڀرپور شرڪت جو يقين ڏياريو ۽ سڀني کي لڳو ته هاڻي سنڌو دريا پنهنجي ساڳئي موج مستي ۾ ضرور ايندو.
    ”دريا خان جا پيءُ! اڄ خير ته هو ڇا تي توهان مڙد گڏ ٿيا هئا..... چون ٿا ته ٻئي شهر جا مڙسالون (ماڻهو) به آيا ها.“
    زينب خادم کان گھر اچڻ تي پڇيو، خادم کٽ تي ويهندي زينب کي ٻڌايو ته:
    ”ها آيا هئا، پاڻ ۾ صلاح مصلحت پئي ڪئي سي ته دريا بادشاھ ۾ پاڻي اچڻ لاءِ ڪجھ نه ڪجھ ڪجي......“
    ”پوءِ ڇا ڪندئو.....؟“
    ”اسان سنڌو دريا بادشاھ جي پيٽ ۾ وڃي اتي دنيا کي اهو ٻڌائينداسي ته دريا بادشاھ کي هٿ سان وهڻ نٿو ڏنو وڃي جيڪا سڌي سنئين نا انصافي آهي.....“
    آخر سنڌو دريا ۾ پاڻي وهڻ لاءِ جاڳرتا جو هڪ ڏينهن ملهائڻ لاءِ سمورا ڌرتي ڌڻي هر ڪوئي پنهنجي تر ۾ سنڌو دريا جي واري هاڻي پيٽ ۾ لهي پيو. دريا بادشاھ کي گلن جي ورکا ڏيڻ سان گڏ دعائون به گھريون ويون ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته جي فطرت کي بچائڻو آهي ته سنڌو دريا کي وهائيندا رهو ان تي ڪو به ڊيم نه ٻڌو. هر ماڻهو جي هٿ ۾ گل هئا جيڪي سنڌو جي نظر ڪيا پئي ويا مڙد عورتون ته ڇا پر ننڍڙا ٻار به اڳ ۾ هئا. خادم پنهنجي زال زينب ۽ ننڍڙي دريا خان کي به دريا بادشاھ تي وٺي آيو هو، جنهن پنهنجي پتڪڙن هٿن سان دريا بادشاھ جي نظر، گلن جون پتڙيون ڪيون. اهو ڏسي خادم جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ۽ پوءِ هر اک آلي هئي. سڀني اهو پئي چاهيو ته دريا بادشاھ پنهنجي موج مستي ۾ اچي وري وهي ۽ سندس ٻئي ڪنارا سيراب ٿين ۽ سندس ماڻهن جي منهن تي خوشي موٽي اچي، جيڪي سالن کان پاڻي لاءِ اُڪير ڪيو ويٺا آهن.
    هن ڀيري الائي به ڇو سڀني جي دل ٻولي ويٺي هئي ته دريا بادشاھ ۾ موج مستي ضرور ايندي، پوءِ هر ڪنهن ڏٺو ته دريا بادشاھ واقعي به پنهنجي پراڻي موج مستي ۾ اچي ويو ۽ هر اک اهو منظر ڏسڻ لاءِ دريا بادشاھ تي آيل آهي. ان وقت جي ڪنهن به اک ۾ پاڻي هو ته اهو رڳو خوشي جو پاڻي هو. ڪنهن کي به يقين نٿي آيو ته ايترو پاڻي ايندو. هن ڀيري لڳي ٿو ته پاڻي گھٽ هجڻ ڪري ڪا به وارا بندي نه ٿيندي. هر سانگي جي مک تي مرڪ هئي. هر ڪنهن هاري هر سنڀاريو ۽ فصل لاءِ زمينن کي ٺاهڻ لڳو. خادم به پنهنجي راهڪي واري زمين کي ٺاهڻ ۾ لڳو پيو هو. زينب، دريا خان کي ساڻ ڪري وٽس منجھند جي ماني کارائڻ لاءِ ٻني تي آئي. خادم زمين جي وچ ۾ بيٺو هر هلائي رهيو هو. زينب ٻني تي هڪ وڻ جي ڇانو ۾ دريا خان کي ويهاري ماني رکي خادم کي رڙ ڪيائين.
    ” او دريا خان جا پيءُ! اچ ماني کڻي آيا آهيون اچي کاءُ.......“
    ” آيو اجھو هي چڪر ڏئي وٺان.....“
    دريا خان جيڪو پيءُ کي ڏسي رهيو هو. اهو اٿي پنهنجي پيءُ خادم ڏي ڀڄندو ويو.
    ”ابو مون کي هر ڏي ته مان هلايان.....!“
    ”اڙي نه بابا دريا خان! اڃان تون ننڍڙو آهين. ها تون وڏو ٿيءُ پوءِ هر هلائجانءِ تون نه هلائيندي ته ٻيو ڪير هلائيندو. ها تون اچ ڏاند تي چڙهي ويھ .....“
    خادم ٻني کي چڪر ڏئي دريا خان سان گڏ ڏاندن کي وڻ سان ٻڌي پوءِ ٻئي زينب ڏي آيا ۽ گڏجي ماني کائڻ لڳا.
    رات تي سڀ ڳوٺ وارا ڪٺا ٿيا ته اتي ڳوٺ جي ماستر محمد پريل ڳالھ ڪئي ته:
    ”ادا! دريا بادشاھ ۾ پاڻي جو اچڻ اسان سڀني لاءِ خوشي جي ڳالھ آهي پر هڪ ڳڻتي جي ڳالھ هي به آهي ته چون ٿا ڏينهون ڏينهن دريا بادشاھ ۾ پاڻي ۾ چاڙھ آهي سو ٻوڏ اچڻ جو خطرو ٿي پيو آهي.“
    ماستر محمد پريل جي ڳالھ سڀني جي منهن تي فڪر مندي جون ريکائون آڻي ڇڏيون. خادم جو اهو ڏٺو ته چوڻ لڳو.
    ”خير آهي الله سائين سڻائي ڪندو اها ڳالھ، ڳالھ ئي رهجي ويندي.“
    ماستر محمد پريل چيو ته:
    ”ادو خادم سهي ٿو چوي الله سائين خير ڪندو هونئن به اسان جي ڳوٺ ۾ ڪڏهن به ٻوڏ ٿورئي آئي آهي. انگريزن جي دور کان وٺي جيڪي به ٻوڏون آيو آهن ته به ضرورت پوڻ تي علي واهڻ بند کي ٽوڙي پاڻي کي اوڏانهن ڪڍيو ويندو آهي ڇو ته اوڏانهن ٿر آهي ان ڪري هميشه نقصان نه هجڻ برابر ٿيندو آهي.“
    ڳوٺ جي پوڙهي ڪريم بخش به چيو ته:
    ”ماستر سهي ٿو چوي ڇهاتر واري ٻوڏ ڀيري ڀٽي صاحب علي واهڻ بند کي ٽوڙايو هو. منهنجو مرحيات پيءُ کيس الله سائين جنت نصيب ڪري، اهو به چوندو هو ته انگريزن جي دور ۾، ٻائيتاليهن ۾ وڏي ٻوڏ آئي هئي. انهن مان انگريزن گھڻو ڪجھ سکيو هو ۽ اهي ئي چئي ويا آهن ته ڪڏهن به ٻوڏ اچي ته علي واهڻ بند کي ٽوڙڻ گھرجي ته گھٽ نقصان ٿيندو......“
    بهرحال ماستر محمد پريل جي ٻوڏ واري ڳالھ ڳوٺاڻن کي پريشان ضرور ڪيو هو. اها ڳالھ ذهن ۾ رکي هرڪو پنهنجي پنهنجي گھرن ڏانهن هليو ويو.
    ڪجھ ڏينهن مس گذريا ته ٻوڏ واري ڳالھ ۾ ويتر واڌارو ٿيندو ويو ته دريا ۾ وڏو چاڙھ ايندو پيو وڃي. آخر اها خبر به اچي پهتي ته پنجاب ۾ ٻوڏ اچي وئي آهي، جيڪا ڪجھ ئي ڏينهن منجھ سنڌ ۾ داخل ٿي ويندي. ڳوٺ وارا الله سائين کي ٻاڏائڻ لڳا ته سائين پنهنجي امان ۾ رکجانءِ. زينب خادم کي چيو ته:
    ”دريا خان جا پيءُ! اها ٻوڏ اسان وٽ ته نه ايندي نه......؟!!!“
    ”نه......نه اسان وٽ اڳ ڪڏهن به نه آئي آهي. الله سائين مڙئي خير ئي ڪندو سموري سنڌ جو.... تون ڪو اُلڪو نه ڪر...... سڀ سڻائي ئي ٿيندي....“
    رات جو سڀئي ڳوٺ وارا اوطاق تي گڏيا ته ماستر محمد پريل جيڪو ڪانڀ ڪڍيون ويٺو هو تنهن چيو ته:
    ”ادا! ٻڌڻ ۾ اهو ٿو اچي ته هن ڀيري وڏي ٻوڏ پئي اچي..... پختونخواھ ۽ پنجاب ۾ ڪافي ڳوٺ ٻڏي ويا آهن. ڏاڍو خطرو وڌي ويو آهي. خير اسان وٽ پاڻي صفا وڌي به ويو ته علي واهڻ بند کي ٽوڙي پاڻي کي اوڏانهن ڇڏيو ويندو۽ سمورن بندن جي نگراني هلي پئي. “
    سڀئي ڳوٺاڻا ماستر محمد پريل کي خاموشي سان ٻڌي رهيا هئا. خادم چيو ته:
    ”ادا ماستر! اسان جي ڳوٺ کي ڪو خطرو ته نه آهي نه....؟“
    ”نه.... نه..... ٽوڙي بند ٽٽندو ئي نه ته پوءِ اسان کي ڇا جو خطرو آهي.... بس توهان سموري سنڌ لاءِ دعا ڪيو......!“
    ۽ صبح جو ڳوٺ ۾ اهو علان ٿيڻ لڳو ته:
    ”اهم علان جئين ته توهان سڀني کي خبر آهي ته ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو آهي تنهنڪري توهان سمورن ڳوٺ وارن کي صلاح ٿي ڏجي ته مهرباني ڪري وڏا، ننڍا، پوڙها ۽ عورتون پنهنجي ضروري سامان سان گڏ چوپايو مال ڪاهي محفوظ هنڌن ڏانهن هليا وڃو، وقت تمام گھٽ آهي سو جيترو جلدي ٿي سگھي نڪري وڃو. “
    ڳوٺ وارن جو اهو اعلان ٻڌو ته حيران ۽ پريشان ٿي ويا. ڳوٺ جا سمورا ماڻهو اوطاق تي گڏ ٿي ويا.
    ” ادا ماستر! هاڻي ڇا ڪجي......!“
    ”ادا مان پنهنجي موبائل تي جاچ ڪيان ٿو توهان گھٻرايو نه منهنجو هڪڙو صحافي دوست آهي ان کان ٿو پڇان ته صحيح صورتحال ڇا آهي.“
    ماستر محمد پريل پنهنجي دوست صحافي جو نمبر ملايو ۽ پاسو ڪري ان سان حال احوال ڪيو. سڀئي ڳوٺ وارا ماستر کي ڏسي رهيا هئا جيڪو صرف جي..... جي.... جي.... ڪري رهيو هو ۽ ماستر جي منهن تي هر لفظ کان پوءِ پريشاني صاف نظر اچي رهي هئي. ماستر جيئن ئي موبائل تي ڳالهائي بند ڪئي ته ماستر ڳوٺ وارن کي چيو ته:
    ”ادا! ڳوٺ خالي ڪيو ظالمن ٽوڙي بند کي هٿ سان ٽوڙي وڌو آهي ۽ پاڻي تيزي سان ڪاهيندو هيڏانهن پيو اچي پر هڪ دريا جي صورت ۾، سو وارو ڪيو نڪري پئو ۽ بچايو سر پنهنجا“
    ماستر جو اهو چيو سڀئي ڳوٺاڻا پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن ڀڄڻ لڳا ته خادم ڳالهايو.
    ”ادا! بيهو بيهو ادا پنهنجي ڳوٺ کي بچائڻ جو ڪو ته طريقو هوندو همت نه هاريو!“
    وري ماستر محمد پريل کي چوڻ لڳو.
    ”ڪيئن ادا ماستر! تنهنجو ڇا خيال آهي؟“
    ”ادا خادم! پاڻي تمام وڏو آهي جيڪو دريا جي صورت ۾ ڪاهيندو پيو اچي اسان ان کي ڪيئن روڪي سگھندا سي اهو ممڪن ئي نه آهي وارو ڪيو نڪرو.“
    بس پوءِ هر ڪنهن پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن ڊوڙ ڀري پر خادم صفا اٻاڻڪو ٿي ويو ته هي ڇا ٿي ويو.
    ”ادا ماستر! هي ڇا ٿي ويو ائين ڇو ڪيائون ٽوڙي بند ڇو ٽوڙيائون اهو ته سڌو سنئون ظلم آهي.....!“
    ”ادا خادم! ڇا ڪجي جيئن سرڪار جي مرضي. ٻيلي وارو ڪر وڃي پنهنجا ٻار ۽ مال ڪڍ وقت نه وڃاءِ....“
    سموري ڳوٺ ۾ افراتفري هئي هر ڪو ضروري سامان سان گڏ پاڻ ۽ پنهنجو مال ڪڍڻ ۾ لڳو پيو هو. ڪٿي بيل گاڏي، ڪٿي ٽريڪٽر ته ڪٿي موٽر سائيڪل تي پاڻ بچائڻ لاءِ ڳوٺ مان نڪري رهيا هئا مطلب ته هر پاسي وٺ وٺان لڳي پئي هئي.
    خادم جيئن ئي گھر ۾ گھريو ته جوڻس پڇيو.
    ”دريا خان جا پيءُ! هي سڀ ڇا ٿي ويو. هاڻي ڇا ڪيون....؟“
    ”بس زينب! هٿ جي وڍي جو نه ويڄ نه طبيب!“
    ”ڇا مطلب...؟“
    ”اسان جي پاسي واري ٽوڙي بند کي ظالمن هٿ سان ٽوڙي ڇڏيو آهي. هاڻي اسان جو ڳوٺ نه بچندو. دريا خان کي سنڀار ڪجھ ضروري سامان کڻ مان بيل گاڏي ڍڪائي ٿو وٺان هاڻ ٻئي ڪا به واھ نه آهي نڪرڻو ئي پوندو....“
    ايترو چئي خادم بس ڪئي ته سندس اکيون روئڻ لڳيون...... ۽ وري چوڻ لڳو.
    ”زينب! هيترن سالن کان پوءِ پاڻي آيو ته خوشي ملي هئي پر هاڻي ته اباڻا ڪک به ڇڏڻا ٿا پون هاڻي ته هي ڳوٺ رهندو ئي نه، ادو ماستر چوي ٿو ته هن پاسي هڪ دريا ٿو اچي.....“
    زينب به پنهنجن ڳوڙهن کي روڪي نه سگھي. ٻنهي کي روئيندو ڏسي دريا خان پڇيو.
    ”ابو! توهان ڇو ٿا روئو.....؟“
    ”ٻنهي کيس ڀاڪر ۾ ڀري ورتو ائين روئيندا ئي رهيا.......
    ”زينب! وارو ڪر وقت نه وڃاءِ..... هل ته نڪرون.....“
    ”پر ڪاڏي هلندين....؟“
    ”هتان ته نڪرون ڪنهن مٿانهين تي ٿا هلون ٻيا ڳوٺ وارا به نڪرن ٿا. مڙئي سڻائي ئي ٿيندي، مارڻ واري کان بچائڻ وارو وڏو آهي.“
    ائين پوءِ خادم ۽ زينب پنهنجي ننڍڙي دريا خان سان گڏ ٻين ڳوٺ وارن وانگر پنهنجي گھرڙي کي ڏسندا بيل گاڏي تي چڙهي نڪري پيا. هر طرف دل کي جهوٻو ڏيندڙ منظر هو خادم پنهنجي حياتي ۾ پهريون ڀيرو ڏسي رهيو هو. هر طرف ماڻهو پريشان نظر ٿي آيا. سڀئي ڳوٺاڻا ائين بي گھر ٿيا هئا ڄڻ بي وطن ٿي ڪنهن ٻئي وطن ويندا هجن. سندن اکيون حيرت جون غفائون ٿي ڀاسيون. رستي ۾ هلندي اوچتو خبر پئي ته اڳيان رستي تي پاڻي اچي ويو آهي هتان موٽو ٻئي رستي سان هلو، هن پاسي پاڻي تيزي سان مٿي پيو چڙهي وري سڀني پنهنجو رخ ٻئي رستي ڏانهن مٽايو ۽ وري هلڻ شروع ڪيائون رستي ۾ خادم کي ماستر محمد پريل نظر اچي ويو.
    ”ادا ماستر! اچ منهنجي بيل گاڏي ۾ ويھ ....“
    ”نه ادا مان گھمندو هلان ٿو ائين سڀني جو واءِ سواءُ لهندو هلان پيو بس نڪرندا هلو ته ڪنهن مٿانهين هنڌ تي پڄون....“
    وري ماستر رڙ ڪري ٻين کي به چيو.
    ”ادا! همت ڪيو جلد نڪرڻ جي ڪيو ڏسو نٿا پاڻي پهچي ويو آهي. هنن ظالمن اسان کي ته ٻڌايو ئي ان وقت آهي جڏهن ٻوڏ سر تي اچي ويئي آهي..... هلو ادا هلو..... ڪاهيندا هلو.....“
    شام جي وقت هي سڀئي ڳوٺاڻا هڪ مٿانهين هنڌ تي پهتا، پر هنن جي پهچڻ کان ٿورو پوءِ ڳوٺاڻن ڏٺو ته پاڻي سندن ڳوٺ مٿان گذري رهيو هو. اهو ڏسي هر ڳوٺاڻي جي اک آلي هئي. هي سڀئي انهي ڳوٺ ۾ ڄاوا هئا سندن سڀ ڪجھ ڳوٺ ئي ته هو جيڪو هنن جي اکين آڏو ڌرتي تان ميسارجي رهيو هو. پاڻي گجگوڙ ڪندو تيزي سان وڌي ۽ هلي رهيو هو. اهو منظر سڀني کي ڏڪائي رهيو هو. ٻارن ۾ ڪيهون هيون مائرون پريشان هيون ته ڳوٺ کي ڏسن يا هنن کي معصومن کي ٿڃ ڏين.
    خادم پنهنجي ننڍڙي پٽ دريا خان کي هنج تي کنيو بيٺو هو، زينب سندس ڀر سان بيٺل هئي ۽ پنهنجي ڳوٺ کي ڳڻتي مان ڏسي رهيا هئا ۽ سندن اکين جا الاءِ ڪيترائي ٽوڙي بند سندن اکين ۾ ٽٽي چڪا هئا. خادم کي خبر ئي نه پئي ته پاڻي تيزي سان سندس پيرن ۾ اچي چڪو هو. اوچتو سندس پير ترڪي پيو ۽ دريا خان سان گڏ پاڻي ۾ ڪري پيو پاڻي ايترو ته تيز هو جو ڪنهن کي به همت نه ٿي ته ڪو کين بچائي ائين هو سڀني جي سامهون لڙهندا ويا. زينب جون ته وايون ئي بتال ٿي ويون، زور سان رڙيون ڪندي رهي.
    ”بچايو ڙي ادا بچايو منهنجي گھوٽ کي ۽ منهنجي جگر کي بچايو......“
    بس ڏسندي ئي ڏسندي خادم ۽ دريا خان نظرن کان اوجهل ٿي ويا..... ۽ پوءِ ٽيئن ڏينهن تي ٻنهي جا لاش هڪ وڻ ۾ ڦاٿل مليا ۽ زينب پنهنجا هوش وڃائي ويٺي هئي......
    ***


    جھڙ نيڻئون نه لهي

    جھڙ نيڻئون نه لهي

    ”ميران! مان جنمن کان پياسو آهيان ڪابه اهڙي مڌ نه آهي، جيڪا منهنجي اڃ اجھائي سگھي..........!!!“
    پنهنجي چپن کي پنهنجي زبان سان آلو ڪيم ۽ وري چيم.
    ”سڪ ته سرير ۾ آهي پر جنهن لاءِ آهي، بس ان لاءِ سوچي سوچي اداسي نيڻن ۾ لهي ايندي اٿم ۽ اکين جي وشال آڪاش تي الائي ڪٿان آگم ڀرجي ايندا آهن ۽ اچي وڏ ڦڙو وسائيندا آهن......۽ امالڪ پاڻ کي سنڀالي وٺندو آهيان......ته جوڳي ٻيلي ائين نه ڪر......آخر تنهنجو هن سان سٻنڌ به ڪهڙو......جهڙو ڪو ديواني جو خواب.......هن ته ڪڏهن به توکي پنهنجو نه ڪيو، ان باوجود اها ڪهڙي تانگھ آهي، جيڪا توکي وڻ ويڙهي جيان وڪوڙيون ويٺي آهي....... !!؟“
    ايترو چئي پنهنجون اکيون بند جو ڪيم ته ٻه ڪوسا لڙڪ ڳلن تان باھ ۽ پوءِ ڳاڙها ٽانڊا ٿيندا اچي چپن جي ڪنارن سان ٽڪرائجي وڃن ٿا. ميران جيڪا من ئي من ۾ ملول ٿي لڳي ۽ اهو جو ڏٺائين ته مون کي کڻي پنهنجي ڳلي سان لاتائين ته پوءِ ”آگم ڪيو اچن، سڄڻ ساوڻ مينهن جئن.......!“
    ”جوڳي! اڄ توکي ڇا ٿيو آهي.....؟ هي تنهنجي من ۾ متل مانڌاڻ ڇا جي ڪري جوڳي!؟“
    ميران ايترو چوندي مونکي پنهنجي ڀاڪر جي ڀيڪڙ مان ٻاهر نه ڪڍيو، شائد ان ڪري به ته ڪٿي ڪنهن ٻار جيان مان وڃائجي نه وڃان. ميران جي ڀاڪر آسيس ته ضرور ڏني پر نيڻن جا نيسارا وهي ڇڙيا.......ميران جيڪا پنهنجي طبيعت ۾ ٻاجھاري آهي مون کان پڇيو.
    ” جوڳي! مان ڪير ٿيندي آهيان، توکان پڇڻ واري، پر هڪ دوست جي حيثيت ۾ پڇان ٿي ته اڄ تنهنجي من ۾ ڪهڙو آتش فشان ڦاٽو آهي....جيڪو توکي سموري جو سمورو ڏڪائي ويو آهي...!؟“
    مان جيڪو ميران جي ٻانهن جي آسيس ۾ هيس دل چيو جوڳي! تون روئيندو رھ ۽ ميران توکي پرچائيندي رهي پر مان ته صدين جو سودائي آهيان ۽ سودائن جون سموريون نانگڙيون منهنجي سوداءَ مان ڦٽي نڪتيون آهن ائين نه ٿي جو ميران جي وجود کي به ڏنگي وجھن ۽ مون پاڻ کي پاڻ ئي ميران جي ڀاڪر جي آسيس مان ڪڍيو جئين ڪو پکي پنهنجي آکيري مان ڀڙڪو کائي اڏامي ويندوآهي. ميران چيم ته.
    ”ڇو جوڳي! اسان هڪ ٻئي جي منزل ته نه آهيون پر هڪٻئي لاءِ لاٽ ته ضرور ٿي سگھون ٿا جي تون مون تي ڀروسو ڪرين ته.....!“
    ”نه....نه....ميران! منهنجو توتي ڀروسو ايترو آهي جيترو پاڻ تي به نه هوندو مونکي......!“
    اکين تان لڙي آيل ڳوڙهن کي اگھندي چيم.
    ” جوڳي! تنهنجي اندر جي آنڌ مانڌ اهو سنهيو ضرور ڏي ٿي ته ماضي جون ڪي وارتائون آهن جن تنهنجو اچي اڄ در جھليو آهي نه ته پاڻ ٻئي ڪافي مهينن کان هن اداري ۾ گڏجي ڪم ڪيون پيا تو ته ڪڏهن به اهڙي ڪا به ڳالھ مون سان ونڊي ڪونه آهي......ته پوءِ ڇا ڳالھ آهي جوڳي!؟“
    ميران ايترو چئي مون کي واجھائڻ لڳي الائي ڇو ميران جي ان واجھائڻ مون کي صفا موهي وڌو مون ميران کي چيو.
    ” ميران! تون صحيح ٿي چئين ماضي منهنجا چاڪ چڪائي وڌا آهن..... پر اها به ڪا سٺي ڳالھ ٿورئي آهي، جو پنهنجن چاڪن کي هر ڪنهن جي اڳيان ويٺو چاڪ ڪجي.....هر ڪوئي مسيحا ٿورئي هوندو آهي......تنهنڪري اندر جي آڳ اندر ۾ ئي ڀلي.......پر تواڳيان کولي توکي به ڏکيو نٿو ڪرڻ چاهيان. اها منهنجي من جي آوارگي آهي جيڪا هاڻي منهنجي من سان اهڙو ته سنجوڳ ڪري ويٺي آهي، جو اهي ٻئي هڪٻئي سان هري مري ويا آهن.....ها باقي جڏهن به ماضيءَ جي دردن راند رهي آهي ته اکين جي وشالتا آگم جي صورت وٺي ”پلر جي پالوٽ“ ٿيندي اٿم ۽ پوءِ سڀ ڪجھ سهي ويندو آهيان.....ميران تون منهنجي ڪري ايڏي ملول نه ٿي سڀ ڪجھ صحيح ٿي ويندو....... “
    پنهنجو پاڻ کي سنڀالي به رهيو هوم ته ميران کي اهو سڀ ڪجھ چوندو به رهيم ان تي ميران ڄڻ ته دکي به لڳم پر چيائين.
    ”جوڳي! ها اها حقيقت ضرور آهي ته هر ڪوئي مسيحا نٿو ٿي سگھي پر ڪنهن تي اعتبار ته ڪري سگھجي ٿو جيڪو سمجھي به سگھي ۽ ڀاڱي ڀائيوار به ٿي سگهي.....۽ ها تو ته اهو ”پلر جي پالوٽ“ وارو سٺو فن سکي ورتو آهي پر جيڪي ائين نه ڪندا هوندا اهي ته وڌيڪ عذاب ۾ هوندا نه......!!!“
    ميران جو چيل جملو هن جي گھري سوچ جي عڪاسي ڪري رهيو هو پر مون کي ائين لڳو ميران ڄڻ منهنجي شخصيت ۾ منهنجي ڪمزوري پڪڙي ورتي هجي کيس چيم.
    ”ميران! بس منهنجي اندر جي هڪ پنهنجي ڪائنات آهي جنهن ۾ مان آهيان ۽ مون کي مليل ڏک ۽ دوکا آهن ۽ ڪڏهن به نه چاهيو اٿم ته کين ڪنهن سان به سليان....آخر ڪوبه منهنجي ڪري ڇو حيران ۽ پريشان رهي.....!!!“
    ميران ٽڪ ٻڌي مون کي نهاري رهي هئي ته مون وري کيس چيم.
    ”۽ اها ڪا چڱي ڳالھ ته نه چئبي نه ميران!!“
    ميرا هڪ گرم ساھ کڻي چيو.
    ” جوڳي! هر ماڻهو جي پنهنجي پنهنجي ڪائنات ته ضرور هجي ٿي پر ان ۾ ٻئي جي داخلا تي پابندي جو سائن بورڊ لڳائڻ، مون کي ائين لڳندو آهي ته پنهنجي ئي ڪائنات کي ڪنهن سنڌ جي وڏيري جي ڳوٺ وانگر ڪري ڇڏڻ، جتي هر احساس جي ڀيل ڪبي آهي.........!“
    مون کي لڳو ته ميران جي اندر واچوڙو ڦيراٽيون ڏئي رهيو آهي کيس چيم.
    ”پر ميران! منهنجي هن ڪائنات ۾ احساسن جي ڀيل نه پر احساسن کي جلا ئي ملندي آهي، هر جلا مان نئون احساس ڦٽندو آهي ۽ وري اهو احساس انهن جلائن کي امر ڪري ڇڏيندو آهي.“
    ميران جيڪا حيرانگيءَ جي ٻيڙي تي سوار هئي منهنجي چيل جملي تي ڳچ وقت سوچيندي ماٺ رهي پوءِ چيائين.
    ”جوڳي! اڳ ته ڪڏهن به مون تو ۾ اهڙيون توانايون نه ڏٺيون اٿم......تون ته لفظن جو به جادوگر آهين.....اهڙن مها لفظن جو تاثير منهنجي خشڪ من کي به سيرآب ڪري ويو آهي، جيڪو ورهين کان غيرآباد هو، جنهن تي ڪنهن به احساس جي جلا جو سلو ڪونه ڦٽو هو.....ائين ڇو جوڳي!“
    مون کي لڳو ميرا منهنجو پيرو پئي کڻندي اچي مون کيس چيو.
    ”ميران! اها ته تنهنجي اندر جي ڪائنات جي ڳالھ آهي مون کي ڪهڙي خبر مون ته پنهنجي ئي ڪائنات جي احساسن جي ٿي ڳالھ ڪئي.“
    هوءَ ان تي ماٺ نه رهي چيائين.
    ”پر جوڳي! احساس ڪنهن جا به هجن، اهي ته ڪنهن جي ذاتي ملڪيت نه هجن ٿا ۽ اهي ته اسان جا مشترڪه هوندا آهن، جن کي آفاقي احساس چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو. اهي احساس ئي آهن، جيڪي وقت گذرڻ سان گڏ ڪلاسيڪيت جو مان مرتبو حاصل ڪن ٿا. انهن ئي احساسن کي کڻي لاکيڻي لطيف، ستن سورمين جي روپ ۾، پنهنجي شاعري ۾ امر ڪري ڇڏيو آهي.“
    ميران لطيفي تنبوري جي تار کي ڇيڙي؛ منهنجي من جي تار کي به ڇيڙي وڌو، ان ويل ميران مونکي سوچ جو ساگر ٿي لڳي، جيڪا منهنجي من تي مونجھ جي ڪٽ هئي، ميران جي احساسن جي جلا ان کي پري ڪرڻ ۾ سهارو بڻي کيس چيم.
    ”ميران! مون کي ته هاڻي خبر پئي، ته اهي ڪنهن جا به احساس، صرف ان جي ملڪيت نٿا هجن پر جيتري تائين اندر ۾ آهن ته ان جا پنهنجا آهن، پر جي ڪو روپ ٿا ڌارين ڪنهن به فن جو ته اهي اجتماعيت جو روپ ڌاري ٿا وٺن.....!“
    ميران مون کي ڏسي ٿورو مرڪي ۽ چيائين.
    ”جوڳي! مون کي ڪهڙي خبر مون ته پنهنجي انداز ۾ سوچيل خيال توسان شيئر پئي ڪيا مان ڪا فلاسفر ته ناهيان نه.......!“
    ميران جو اهو چيو ته منهنجي به منهن تي مرڪ جون ريکائون اڀري آيون ۽ ميران جو اهو ڏٺو ته مون کي چيائين.
    ”جوڳي! مون کي به ته اهو ”پلر جي پالوٽ“ وارو فن سيکار نه! جئين مان ان فن ذريعي پنهنجن دردن کي گھٽائي سگھان ۽ زندگيءَ ۾ مليل دوکن کي وساري سگھان.....!!!“
    مان جيڪو احساسن جي نئين ڪائنات ڏسي رهيو هوس ميران کي چئي ويٺم.
    ”ميران! اهو فن ڏيڻ بجاءِ فنڪار ئي تنهنجو ٿيڻ چاهي ته پوءِ.....؟“
    منهنجي ايتري چوڻ تي ٻنهي پاسي نئين احساس جي کوڻين کيج ڪيا ۽ پلر جي پالوٽ ٿي ۽ ميران منهنجي ٻانهن جي آسيس ۾ اچي ويئي.
    ***






    گناھ

    گناھ

    دل کي جو دل سان ڏٺو ويو ته اها ڳالھ نڪ کي نه وڻي سڌو اکين وٽ آيو،
    ”ٻه دليون گڏ ڏسي آيو آهيان اها ڳالھ مون کي صفا نه وڻي....!“
    ”ڇو اهڙو ڪهڙو گناھ ٿي پيو....؟
    ”اسان وٽ ان ڳالھ کي سٺو نه سمجھيو ويندو آهي.“
    ”پوءِ تون هاڻي ڇا ڪندين؟“
    کين ڳاڙهي ڳاڙهي رت ڪري ڇڏيندم“
    ”پوءِ ته اهي پوپٽ بڻجي اڏري ويندا اڀ ۾!“
    ”بس منهنجي پت ته رهجي ويندي نه“
    ”تنهنجي پت نه، تنهجو گناھ رهجي ويندو!!“
    ***


    امير

    امير

    پاڙي وارا هن جي تڏي تي ويٺا هئا هڪ چيو،
    ”غريب هو ان ڪري ويچارو چڙي چڙي مري ويو.“
    ٻئي چيو،
    ”ها ادا صحيح ٿو چوين، غربت وڏي لعنت آهي.“
    ٽيئن چيو ته،
    ”ان ڪري ته ويچارو شادي به نه ڪري سگھيو.“
    انهيءَ تڏي تي هڪ ننڍڙو ٻار به ويٺو هو تنهن معصوميت سان چيو،
    ”توهان سڀئي چئو ٿا ويچارو غريب هو پر پاڙي وارا ته کيس امير ڪري سڏيندا هئا“
    ***


    آخري صفحو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 468
    ڪتابن جو مشاهدو: 399838
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 161586
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ