ڪتاب جو نالو: مقدس مٽي
مصنف: عباس سارنگ
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي سنگت، جيڪب آباد
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2009
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 26 اپريل 2017 ع
پڙهيو ويو: 358 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 118 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”مقدس مٽي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب خوبصورت ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ عباس سارنگ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. مهاڳ ۾ اخلاق انصاري لکي ٿو: ”عباس، اڄ جي دور جو انتهائي حساس ڪهاڻيڪار آهي. هو هن سماج جي پيڙهيل ڏتڙيل ۽ ڌڪاريل ڪردارن جو ڪهاڻيڪار آهي. هو ته انهن ڪردارن کي ٻولي ڏئي مڪمل اظهار ڪرڻ جي قوت ڏئي ٿو. عباس سماجي حقيقت نگاري جو خوبصورت ۽ هاڪاري ڪهاڻيڪار آهي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • مُهاڳ ( ”ڌڪاريل ڪردارن جو ڪهاڻيڪار“)
  • پنڪ خيال: ” عباس سارنگ : شعور ڏيندڙ ڪهاڻيڪار“
  • سوچون ۽ خيال: ”حقيقت/ سچ جو سفر ۽ عباس سارنگ“
  • دل سان: ”حساس طبيعت جو نفيس ماڻهو“
  • منَ جي ڊيسڪ تان: مان جو تنهنجي دور جو آئينو آهيان
  • هڪ نظر: ”ڪاريگر ڪهاڻيڪار“
  • ڪهاڻيون

  • ”ويلنٽائن ڊي“
  • ”هڪ منٽ جي خاموشي“
  • ”مـقدس مـٽي“
  • ”فارملٽي“
  • ”خبر“
  • ”شرافت جو وڻ“
  • ”ويساهه جو موت“
  • ”ماچيس جي تيلي“
  • ”مَـڙد جو حياءُ“
  • ”آخري مُـلاقات“
  • ”آخري چُمي“
  • ”بُـک ڀَرم جي“
  • ”آف دي رڪارڊ“
  • ”دُک جي ديوار“
  • ”حـق ۽ آزادي“
  • ”اڏام“
  • ”ماڻهو ٿو ٺاهيان“
  • ”جاميٽريءَ کان آلجبرا تائين“
  • آخري پنو

  • ارپنا

    ارپنا


    اول کان موجود
    ۽،
    شل ازل تائين،
    قائم رهندڙ
    سنڌ ڌرتيءَ جي نانءُ


    عباس سارنگ


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”مقدس مٽي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب خوبصورت ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ عباس سارنگ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.

    مهاڳ ۾ اخلاق انصاري لکي ٿو:
    ”عباس، اڄ جي دور جو انتهائي حساس ڪهاڻيڪار آهي. هو هن سماج جي پيڙهيل ڏتڙيل ۽ ڌڪاريل ڪردارن جو ڪهاڻيڪار آهي. هو ته انهن ڪردارن کي ٻولي ڏئي مڪمل اظهار ڪرڻ جي قوت ڏئي ٿو. عباس سماجي حقيقت نگاري جو خوبصورت ۽ هاڪاري ڪهاڻيڪار آهي.“

    هي ڪتاب 2009ع ۾ سنڌي ادبي سنگت، جيڪب آباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون عباس سارنگ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مُهاڳ ( ”ڌڪاريل ڪردارن جو ڪهاڻيڪار“)

    ”ڌڪاريل ڪردارن جو ڪهاڻيڪار“

    هن ڪائنات ۾ ڪابه شيءِ مطلق Absolute نه آهي. سڀ ڪجهه حوالا آهن، رفرنسس آهن، انهن حوالن ۾ به جي مطلق آهي ته اها شيءِ آهي ”تبديلي“. غارن ۾ رهندڙ ماڻهن کان وٺي اڄ جي جديد گهرن ۾ رهڻي ڪرڻي پئي ڦري آهي ۽ جي Change نه آئي آهي ته اها ماڻهوءَ جي اڪيلائيءَ ۾، ڏک ۾ ۽ زندگيءَ جي بي ثباتيءَ ۾، ۽ ماڻهو ڳولا ۾ آهي. ڳولا جا سڪون کي تلاشي ٿي، جڏهن ته ماڻهو کي جي پناهه ملي به آهي ته فن ۾، فن جو آهي سُرن ۾ آهي بئنسري جي.......
    زندگيءَ جي شروعات جڏهن غارن ۾ ڪئي وئي ته ماڻهو ئي فن ۾ پاڻ اظهاريو....... ۽ غارن جي ڀتين کي چِٽي..... زندگي جا قيد آهي وقت ۾...... ۽ وقت جو پاڻ کي ٽن حصن ۾ ورهائي ٿو ڇڏي، ماضي، حال ۽ مستقبل ۾. زندگي ان ٽڪنڊي ۾ قيد آهي. ٽن ڪنڊن ۾ جيڪي به حادثا ٿين ٿا. اصل ۾ ان حادثن جو اثر به عمر تي Depend ڪري ٿو. ڪڏهن ڪڏهن عمر ئي محسوس ڪرڻ جو ماپو ٿئي، ۽ ڪڏهن عمر به دخل اندازي نه ڪري..... ساڳي عمر
    هوندي به ماڻهوءَ جي محسوس ڪرڻ جي سگهه مختلف هوندي آهي. ڏک ئي ماڻهوءَ کي محسوس ڪرڻ جي سگهه وڌائي ٿو ۽ جيڪو وڌيڪ محسوس ڪندو ان وٽ اظهار به سگهارو هوندو.
    جيڪڏهن ڪو حادثو ٿئي، ان کي ڏسندڙ هڪ کان وڌيڪ هجن ۽ يقينن..... هڪ کان وڌيڪ مختلف اينگلس تي هوندا. انهن جو مشاهدو مختلف ٿي ويو. بلڪه ان کي محسوس ڪرڻ به ان جي عمر نه بلڪه محسوس ڪرڻ جي Capacity تي هوندو. جيڪو وڌيڪ
    حساس هوندو، اهو وڌيڪ اظهار ڪري سگهندو. ائين ئي سڀ ڪجهه آهي ان غار جي ماڻهوءَ کان هن مهل تائين جي ماڻهوءَ سان کيڏندڙ حادثن ڪري جو به ڏک پيدا ٿيو آهي. ان جو اظهار هر دور ۾ مختلف رهيو آهي. اهو اظهار ڀل پوءِ ڇونه ڪهاڻيءَ ۾ هجي.
    ڪهاڻي- آدم ۽ حوا کان شروع ٿي، اڄ به آدم ۽ حوا سان ئي کيڏي ٿي. صرف اظهار جيئن پوءِ تيئن طاقتور ٿيندو ٿو رهي. اهو چوڻ ته ”پراڻو وقت اڄ کان بهتر هو“ يا ائين چوڻ ته اڳ واري ڪهاڻي اڄ جي ڪهاڻي کان وڌيڪ بهتر آهي. اهو سراسر غلط آهي. صحيح ته اهو آهي، سماج ۾ جيئن ترقي ٿيندي رهي تئين، ڪهاڻي ۾ به ترقي ٿيندي رهي. ڊاڪٽر اسحاق انصاريءَ پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ”جمود ٿيندو ئي نه آهي. جمود نه اڳ هو ۽ نه هاڻي، ته تخليقي دور جي شروعات ئي هاڻي ٿي آهي.“
    سچ ته اهو آهي ته اسان کي چيو ويو ته ڪهاڻي جو گهاڙيٽو ئي هڪ آهي. شروعات، وچ ۽ پڇاڙي. پر حقيقت اها آهي ته ڪهاڻي جي ڪا جاميٽري هوندي به نه هوندي آهي. جنهن جي شروعات ۽ پڄاڻي هوندي به نه هوندي آهي. بلڪل ائين جيئن نيري آسمان ۾ اڏامندڙ بادل، يا ڏٺل خواب. جنهن خواب کي واضع ڪرڻ جي باوجود به ڪجهه نه ڪجهه رهجي ويندو هجي. ائين ڪهاڻي ۾ به سڀ ڪجهه هوندي به ڪجهه نه ڪجهه رهجي ٿو وڃي. ائين ئي جيئن
    پاڻي کي ڪو Shape نه آهي. بي رنگ هوندي به رنگدار. هو ته حالتن کي ڏسي پاڻ کي Shape ٿو ڏي. ڪهاڻي به ايتري ئي نفيس آهي. ائين ئي ڏيک ڏيندي آهي، ائين ئي محسوس ڪرائيندي آهي.
    اهڙن ئي لطيف احساسن کي محسوس ڪرائڻ جي سگهه عباس سارنگ ۾ آهي. عباس، اڄ جي دور جو انتهائي حساس ڪهاڻيڪار آهي. هو هن سماج جي پيڙهيل ڏتڙيل ۽ ڌڪاريل ڪردارن جو ڪهاڻيڪار آهي. هو ته انهن ڪردارن کي ٻولي ڏئي مڪمل اظهار ڪرڻ جي قوت ڏئي ٿو. عباس سماجي حقيقت نگاري جو خوبصورت ۽ هاڪاري ڪهاڻيڪار آهي. سچ ته اهو آهي ته سنڌي ڪهاڻي کي پرکڻ لاءِ اڄ تائين ڪي ٺوس معيار رکي نه ڳالهايو ويو آهي اسان جي نقاد سچائي سان سنڌي ڪهاڻيءَ جي ٻين ٻولين جي ڪهاڻين سان ڀيٽ ڪري ته سنڌي ڪهاڻي ڪنهن به حوالي سان معيار ۾ گهٽ نه هوندي.
    سنڌي ڪهاڻي جي معيار کي وڌائڻ واري قافلي ۾ عباس سارنگ کان وٺي انور ابڙو، منور سراج، انور ڪاڪا، عبيد راشدي عزيز قاسماڻي، احسان دانش، امر لغاري، فاطمه لغاري، ابراهيم کرل، اعجاز سمون، رياضت ٻرڙو، سعيد سومرو، سيف الدين سيف، انور ڪليم، محمد صديق منگيو، اصغر گگو، ممتاز لوهار، نصير ڪنڀر، مراد قريشي، فياض چنڊ، اسحاق انصاري، عباس ڪوريجو، فتاح ابڙو، نور کوسو ۽ تمام گهڻي اڃا ڊگهي قطار آهي. جا ڪهاڻي قافلي ۾ شامل آهي.
    عباس سارنگ جي پهرين ڪتاب پکي اڏاڻا پيار جا کان پوءِ هي ڪتاب هڪ سگهاري وک آهي. هن ڪهاڻي ڪتاب ۾ شامل مختصر ڪهاڻيون بلڪل پنهنجي انتهائي خوبصورتيءَ سان شامل آهن. ڪهاڻي ”جاميٽري کان آلجبرا تائين“ انتهائي پاور فل ڪهاڻي آهي. لکي ٿو: ”وري فٽ پٽي کڻي هڪ ڊگهي لڪير ڪڍيائين، لڪير
    جي هڪ ڇيڙي تي ”الف“ لکيائين ۽ ٻئي ڇيڙي تي ”ب“ ۽ اڃا وڌيڪ خوش نظر آئي پر منهنجي دل دلگير ۽ اٻاڻڪي ٿي وئي، ڇو ته مون کي محسوس ٿيو انهيءَ لڪير جي هڪ ڇيڙي تي مان بيٺو آهيان ته ٻئي ته هوءَ......... هڪٻئي کان جدا جدا جاميٽري ۽ آلجبرا جي حسابن وانگر....... تڏهن منهنجون اکيون ڀرجي آيون ۽ پاڇي ڪجهه به نه بچيو.“
    سچ ته اهو آهي ته عباس سارنگ جي پاڇيءَ ۾ خوبصورت ڪهاڻين جو خوبصورت ڳٽڪو ”مقدس مٽي“ ئي بچي آهي. اسان سڀ عباس سارنگ مان پراميد آهيون.

    اخلاق انصاري
    سچل ڪالوني لاڙڪاڻو.


    پنڪ خيال: ” عباس سارنگ : شعور ڏيندڙ ڪهاڻيڪار“

    مختصر ڪهاڻيءَ جي اَبي ”ايڊگر ايلن پو“ کان وٺي هن جديد دور جي ڪهاڻيڪارن ۾ عباس سارنگ تائين ڪهاڻي ڊگهو سفر طئه ڪري آئي آهي، جنهن ۾ ڪيئي تجربا پڻ ٿيا آهن.
    منهنجو دوست عباس سارنگ ڪافي وقت کان مسلسل ڪهاڻيون لکندو پيو اچي ۽ اهو عمل (مسلسل لکڻ) هڪ ڪهاڻيڪار لاءِ ضروري به آهي. هن جي ڪهاڻين جي ڊگهي لسٽ آهي پر انهن ۾ تمام ننڍڙيون ڪهاڻين کوڙ ساتريون آهن ۽ انهن ۾ ڪافي ته رڳو مڪالماتي ڪهاڻيون آهن.
    اهڙيءَ طرح هن ڪتاب ۾ به رڳو مختصر يعني ننڍڙيون رڳو هڪ صفحي جون ڪهاڻيون ۽ ڪجهه خالص مڪالماتي ڪهاڻيون شامل آهن. ۽ اهي ئي اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جيڪي عباس سارنگ جي سڃاڻپ آهن.
    مڪالماتي ڪهاڻي لکڻ ڄڻ ته هڪ الڳ فن لڳندو آهي. منهنجي خيال ۾ اهڙيءَ ڪهاڻيءَ ۾ مقصد ڪاميابي سان بيان ڪرڻ ليکڪ جو ڪمال هجي ٿو ۽ جڏهن عباس جون مڪالماتي ڪهاڻيون پڙهون ٿا ته اسان کي اهو ڪمال نظر اچي ٿو.
    عباس جي ڪهاڻين جي اڀياس وقت اسان کي اها پروڙ به پئي ٿي ته هو ڪهاڻي ۾ ڊائلاگ ذريعي حق ۽ سچ جي راهه کي ڳولي لهڻ جو ڏس ڏي ٿو ۽ ڊائلاگ ذريعي ئي غلط ماڻهوءَ کي غلطيءَ جو احساس ڏياري ٿو ۽ اهو سندس ڪمال آهي. سماج ۾ اهڙا
    ڪردار موجود آهن ۽ انهن کي ڪهاڻيءَ ذريعي بيان ڪرڻ ۽ انهن جي اصلاح ڪرڻ ۽ نيڪيءَ طرف وٺي وڃڻ ڪهاڻيڪار جو ڪارنامو هجي ٿو.
    عباس ڪهاڻي ذريعي شعور ڏي ٿو ۽ هو ان ڪم ۾ مايوس نه ٿو ٿئي ان ڪري مسلسل لکي ٿو ۽ هونءَ به کيس چڱيءَ طرح ڄاڻ آهي ته شعور ڏيندڙ مايوس ٿيو ته ڄڻ ذهني شڪست کائي ويو ڇو ته مايوسي ذهني شڪست آهي.
    عباس سارنگ جون ڪهاڻيون احساس جاڳائن ٿيون ۽ ڪهاڻيڪار جي اها ئي ڪاميابي چئبي جو احساس جاڳائي. مان سمجهان ٿو ته جيڪا ڪهاڻي ماڻهو کي دونڌاڙي وجهي، سوچڻ تي مجبور ڪري ۽ احساس ڏيارائي ته اها ئي ڪامياب ڪهاڻي ليکبي آهي.
    ۽ مان سمجهان ٿو ته عباس سارنگ ۾ اهي خاصيتون موجود آهن. جيڪي هن کي ڪهاڻيڪار مڃرائن ٿيون.

    سومرو شبير احمد
    جيڪب آباد.
    7337296-0333


    سوچون ۽ خيال: ”حقيقت/ سچ جو سفر ۽ عباس سارنگ“

    ذهن ۾ سوال اڀريو ته حساس ۽ حساسيت ڇا آهي؟ حساس ماڻهو ان کي چئجي ٿو جيڪو طبيعت ۾ نفيس ۽ نازڪ هجي. الائي ڇو ان جواب تي پاڻ کي مطمئين نه پيو ڀانيان ۽ سوال جي جواب جي ڳولا ۾ ذهن مان پنهنجي رت کي ڊوڙائيندي آخر هن خيال سان مطمئين ٿيو آهيان ته حساسيت اها آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو حساس آهي ۽ جلدي پنهنجي احساسن سان گڏ ٻين جا به احساس ۽ محسوسات کي سمجهي ۽ ان تي سوچڻ لڳي ۽ ان جي ترجماني ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته اها ئي حساسيت آهي. شعور جي دڳ تي پنڌ سکڻ جي ڪوشش ۾ منهنجي هٿڙن کي اڪثر حساس ماڻهن جون ئي آڱريون مليون آهن ۽ اڄ به جن جون آڱريون جهلي پنڌ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهيان. انهن مان هڪ آڱر عباس سارنگ جي آهي. جنهن ڪڏهن به ڪٿي به منهنجو هٿ نه ڇڏيو آهي، هن منهنجي طبعيت کي جيترو سمجهيو آهي شايد ئي ڪنهن ٻئي سمجهيو هجي. هو چڱي ريت ڄاڻيندو آهي ته مان هڪ شاعر آهيان ۽ عباس سارنگ هڪ سٺو ڪهاڻيڪار آهي ۽ کيس اها به ڄاڻ آهي ته آئون ڪهاڻي جي ڪاف مان به نه ڄاڻان پوءِ به جڏهن ڪا نئين ڪهاڻي لکندو آهي ته پهريان مون کي ئي پڙهڻ لاءِ ڏيندو آهي ۽ عباس جي ڪهاڻي پڙهندي هر ڀيري سان پنهنجي ذهن ۾ زلزلو ئي محسوس ڪيو اٿم. ايڏو ڪڙو سچ ۽ ايڏي تلخ حقيقت نگاري، ڇا اسان جا ترقي پذير ماڻهو ان کي قبوليندا؟ اهو سوچيندي هڪدم ڪنهن دوست جا چيل لفظ ياد اچي ويندا آهن ”هميشه سچ لکندو رهه ڇو ته سچ پاڻ مڃائڻ جو هنر ڄاڻيندو آهي.“
    هڪ ڀيري عباس سارنگ جي ڪهاڻي ”فرشتو“ پڙهي ڪري اهو سوچڻ لڳس ته ڇا ايڏي ڪڙي سچائي اسان جو معاشرو ڪهاڻي جي ويس ۾ قبوليندو؟ اڄ ان سوال جو جواب مون کي ملي رهيو آهي جڏهن عباس جي نئين ڪتاب ۾ اها ڪهاڻي شامل ڏٺي اٿم. ڪهاڻي اثرائتي ۽ ڪارائتي اها هوندي آهي جنهن ۾ معاشري جي خامين تي طنز ٿيل هجي ۽ هن جي ڪهاڻين ۾ اهي گڻ ملن ٿا. عباس سارنگ پنهنجي ڪهاڻين ۾ سچ ئي اوتيو آهي. جنهن جي سچائي جو وڏو دليل اهو آهي ته ان جي ڪهاڻين جا ڊائيلاگ ڪڙا ۽ تلخ آهن. مان عباس جي لاءِ ايترو چوندس ته هن اسان جي معاشري جي لڪل حقيقتن کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ ننگو ڪري اهو محسوس ڪرائڻ چاهيو آهي ته اسان ڪيترائي سچ ڍڪي ڪري لاشعور جي اونداهي ۾ اڇلائي ڇڏيا آهن.
    سنڌي ادبي سنگت جيڪب آباد، نوجوان ڪهاڻيڪار عباس سارنگ جو ٻيو ڪهاڻي ڪتاب ”مقدس مٽي“ ڇپرائي کيس مڃتا ڏني آهي ۽ سنگت جيڪب آباد انهي دڳ تي هلي رهي آهي، جيڪو هن جي وڏڙن ورتو. سنگت جيڪب آباد هميشه پبليڪيشن کي خاص اهميت ڏيندي رهي آهي. ان جو ثبوت عباس سارنگ جو هي ڪهاڻي ڪتاب آهي. اميد جنهن سچائي ۽ نفاست سان عباس سارنگ محنت ڪئي آهي اها مڃتا ضرور ماڻيندي.


    عمران جمالي
    3444877-0313


    دل سان: ”حساس طبيعت جو نفيس ماڻهو“

    مَن کي موهيندڙ منهنجو ڀاءُ عباس سارنگ مُحبت جو پيڪر، شفقت جو دَرياءُ، بهترين خوبين جو مالڪ، حساس طبيعت رکندڙ نفيس ماڻهو، سڀني کان الڳ سوچيندڙ، سڀنيءَ جو ڀلو چاهيندڙ، گھر ۾ امڙ ۽ بابا سان گڏ ڀيڻن ۽ ڀائرن سان گھڻو پيار ڪندڙ ۽ سندن هر ننڍي توڙي وڏي خواهش جو ڏاڍو خيال ۽ احترام ڪندو آهي.
    ٻين جي زندگيءَ ۾ رنگ ڀريندڙ ڀاءُ عباس سارنگ پنهنجي زندگيءَ مان بيحد مايوس، زماني جو ڏکايل هو. پر اڄ الله سائين ان جي زندگيءَ کي رنگين ڪري ڇڏيوآهي، سندس زندگيءَ ۾ هڪ اهڙو همسفر آيو آهي جنهن سندس زندگي جي ڏکن تي مرهم رکي، زندگيءَ کي جيئڻ جو حوصلو ڏنو آهي.
    ڀاءُ عباس سارنگ ڪهاڻيون لکڻ سان گڏ اداڪار به رهيو آهي. همرچو آرٽس پروڊڪشن جي اسٽيج تان اداڪاري ڪندو رهيو آهي. سندس لکيل ڊراما ۽ خاڪا اسٽيج به ڪيا ويا آهن. مون کي ياد آهي جڏهن سندن ڪو ڊرامو وغيره ٿيڻ وارو هوندو هو ته ڏينهن رات ريهرسل ڪندا هئا ۽ ان ڊرامي جا سيٽ به پاڻ ٺاهيندا هئا. جنون جي حد تائين اداڪاريءَ جي فن سان سلهاڙيل رهيو ۽ وري
    تصويرون ٺاهيندو هو ته پوءِ بس ڪمري ۾ پاڻ کي قيد ڪري ڇڏيندو هو کائڻ، پيئڻ ئي وسري ويندو هئس سندس هڪ ڀيرو تصويرن جي نمائش به ٿي آهي.
    موڊ جي حساب سان ڪڏهن صفا ڪاوڙيل ته ڪڏهن وري ايترو ته مزاحيه ۽ کِلمک جو کِلائي کلائي کيرو ڪري وجھندڙ ۽ ماٺ رهندو ته لڳندو وري ڪڏهن به نه کلندو.....
    منهنجي بس اها ئي دعا آهي ته ڀاءُ عباس سارنگ کي الله سائين هر موڙ تي ڪاميابي نصيب ڪري ان کي وڌيڪ بلندين تي پهچائي. مان خوشنصيب آهيان ته قدرت مون کي عباس سارنگ جھڙو ڀاءُ ڏنو آهي.
    هي ان جي ڪهاڻين جو ٻيو ڪتاب آهي پهريون ڪتاب ”پکي اُڏاڻا پيار جا“ گھڻي ڪاميابي ماڻي چڪو آهي ۽ هي ڪهاڻي ڪتاب ”مقدس مٽي“ به پڙهندڙن کي گھڻو پسند ايندو. ڀاءُ عباس سارنگ پنهنجي ڪهاڻين لکڻ ۾ ڏاڍو حساس آهي جيڪو هن محسوس ڪيو آهي اُهو هن ڪهاڻين ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.

    سحر سومرو
    جيڪب آباد.


    منَ جي ڊيسڪ تان: مان جو تنهنجي دور جو آئينو آهيان

    هي منهنجو ٻيو ڪهاڻي ڪتاب آهي، پهريون ڪهاڻي ڪتاب ”پکي اڏاڻا پيار جا“ سال 2005ء ۾ سنگت جيڪب آباد ڇپرائي پڌرو ڪيو هو. منهنجي پهرين ڪهاڻي ڪتاب اچڻ کان پوءِ مون ڪڏهن به اهو ڪونه سوچيو هو ته منهنجو ٻيون ڪهاڻي ڪتاب به ايندو، پر پهرين ڪهاڻي ڪتاب جي اچڻ کان وٺي هن ٻيئن ڪهاڻي ڪتاب جي اچڻ تائين سست رفتاري سان سهي پر لکندو ضرور رهيو آهيان.
    منهنجي ڪهاڻي جا ڪردار حقيقي ۽ معاشري ۾ موجود آهن، جيڪي اٿندي ويهندي مان ۽ توهان به ڏسي سگهون ٿا. فرق رڳو ايترو ئي آهي جو منهنجي ڪهاڻيڪار جي اک ائين ته Focus ڪري ٿي جو اهي منهنجي ذهن جي Screen تان ٿيندا ڪوري ڪاغذ تي هوبهو پنهنجي ڪردار پٽاندر حرڪت ڪرڻ لڳن ٿا. منهنجي ڪوشش رهي آهي ته منهنجو پڙهندڙ منهنجي ڪهاڻين مان بيزار نه ٿئي، پر ٿورن منٽن ۾ ڪهاڻي کي پڙهي پورو ڪري ته ڪڏهن ٿڌو ته ڪڏهن گرم شوڪارو ڀري ۽ سوچڻ تي مجبور ٿئي ته، هي اسان جي سماج ۾ ڪهڙا ڪردار ڪيئن ڪيئن گذاري رهيا آهن. منهنجي ڪهاڻي لکڻ جو مقصد سماج ۾ موجود ڪردارن جي گڻ ۽ اوگڻ کي توهان اڳيان پيش ڪيان ۽ اتفاق سان اهو ڪردار توهان جو به ٿي سگهي ٿو. منهنجي لکڻ جو پنهنجو انداز/ اسلوب/ Diction آهي. مون ان کي ڪهاڻي جو نانءُ ڏنو آهي، ڪوئي ان کي ڪهاڻي نه ٿو مڃي ته اهو ان جو مسئلو آهي. ڪهاڻي کي ڪنهن به هڪ Form ۾ قيد نه ٿو ڪري سگهجي، جيئن دنيا ۾
    Theories تبديل ٿي رهيون آهن، تيئن ڪهاڻي جي Form ۽ Technic ۾ تبديلي اچڻ ڪا خراب ڳالهه نه آهي. توهان ڪهاڻي کي هڪئي Technic ۾ قيد ڪري صرف ختم ئي ڪري سگهو ٿا، پر کيس ترقي ۽ واڌ ويجهه نه ٿا ڏئي سگهو. ڪهاڻي کي آزاد فضا ۾ ڇڏي ڏيو، جيئن هو فطري انداز ۾ لکي وڃي ۽ واڌ ويجهه ڪري سگهي.
    سنڌي ادبي سنگت شاخ جيڪب آباد جو دل سان ٿورائتو آهيان، جنهن منهنجو ٻيو ڪهاڻي ڪتاب ”مقدس مٽي“ پڌرو ڪيو آهي. ان سان گڏ سائين اخلاق انصاري جوبه ٿورائتو آهيان جنهن منهنجي ڪهاڻي ڪتاب جو مُهاڳ لکيو. ان سان گڏوگڏ ڪامريڊ حاڪم مڱريو، سومرو شبير احمد، عاجز شهزاد، عمران جمالي، هاشم ساغر، انتظار ڇلگري، سردار خان لاشاري وڪيل، مشتاق ڪلوڙ، سڄڻ سائين، سيد ذوالفقار علي شاهه، خان محمد ڪيهر، س ب کوسو، عبدالحق آزاد، استاد بابو عبدالستار سومرو، انور علي سومرو ناظم، شفيع محمد ”مصري“ سومرو، ماما غلام نبي سومرو ۽ بابا رسول بخش سومرو جن جو ساٿ مون کي ٺاهڻ ۽ سڌارڻ ۾ مدد ڪندو رهيو آهي. انهن هر موڙ تي مونکي پنهنجو ڪيو آهي.
    هتي آئون انهن سڀن هٿن جوبه دل سان ٿورائتو آهيان، جن ڪنهن نه ڪنهن طرح سان هن ڪتاب لاءِ پورهيو ڪيو آهي. آخر ۾ هي ته ”هي اڄوڪو سج جيئن ئي لهي ويندو ته سڀاڻي ان اميد تي وري ضرور اڀرندو ته هن کي نئين ولولي ۽ سچائي سان پنهنجي روشني پکيڙڻي آهي ۽ وري نئين صبح ۾ پاڻ گڏ هونداسين.“

    عباس سارنگ
    جيڪب آباد
    2673303-0334


    هڪ نظر: ”ڪاريگر ڪهاڻيڪار“

    سنڌي ادبي سنگت جيڪب آباد جي ڪارڪردگي رپورٽ (ڇپيل ڪتابچو) ملي ته مون ان کي پڙهيو ته مون کي شيخ اياز جي سرجيل هڪ سٽ ذهن تي تري آئي ته اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي رڙ اچي ٿي...........
    سڀني دوستن کي جس هجي جيڪي پنهنجي مصروفيتن جي باوجود ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان سنڌي ادب جي خدمت کي به پنهنجو فرض سمجهي نڀائي رهيا آهن، ڪارڪردگي رپورٽ ۾ ساٿي عباس سارنگ جي ڪهاڻي ”فرشتو“ هڪ مڪمل ڪهاڻي آهي، جيڪا هڪ ڪهاڻي جي سڀني گهرجن کي پورو ڪري ٿي. ليکڪ پاڻ کي هڪ انسان سمجهي ٿو جيڪو فطري طور تي لالچي به آهي. لفظ انسان کي جيڪڏهن اسان لغت ۾ ڏسنداسي ته ان جي معنيٰ آهي خطادار ۽ خطادار لالچ ۾ اچي غلطيون ڪري ٿو. اهڙي لالچ جيڪا سڪون کي تباهه ڪري ٿي. ليکڪ جون ڇپيل ڪهاڻيون هڪ ڪتابي صورت ۾ پڙهڻ جو پڻ موقعو مليو. جيڪي سڀ ڪهاڻيون مڪمل هيون ۽ اهي سڀ مون هڪ ساهي ۾ پڙهيون هيون ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ انهن کي ٻيهر پڙهيو.
    اهڙيون ڪهاڻيون دل ۾ درد رکندڙ ئي سرجي سگهي ٿو. هڪ اهڙو درد جيڪو جيئڻ لاءِ اتساهي ٿو. جيڪو درد زندگي ۾ هڪ نئون جذبو ۽ نئون موڙ بخشي ٿو. ليکڪ جون ڪهاڻيون مختصر پر جامع آهن. اها سندس ئي ڪاريگيري آهي ته اهڙا موضوع جن تي ناول لکجي سگهجن، انهن کي جامع انداز ۾ مختصر ڪري لکجي. موضوع عام رواجي ۽ اهڙا جيڪي اسان جي ماحول جي عڪاسي ڪندڙ هجن، اهو سندس جو ڪمال آهي.

    مشتاق ڪلوڙ
    لاڙڪاڻو


    ڪهاڻيون

    ”ويلنٽائن ڊي“

    ”ويلنٽائن ڊي“

    پنهنجي گهر جي ڪاريڊور تائين پهتس ته فون جي گهنٽي وڳي، فون ڏانهن وڌي رسيور کنيم ته ٻئي پاسي کان ڪنهن عورت جو آواز آيو، چيائين ”منظور ويٺو آهي؟“
    هيو ته رانگ نمبر ۽ الائي ڪير منظور، پر مان به موڊ ۾ هيس الائي ڇو چئي ويس ته ”منظور ته نڪري ويو آهي.“
    ”ڪيڏانهن نڪري ويو آهي؟“ هن وڌيڪ منظور لاءِ پڇيو مون چيو ”اڄ نمائش گرائونڊ جو آخري ليڊي شو آهي، اتي ڪا سٺي مائي ڦاسائڻ لاءِ ويو آهي.“
    ”ڀلا منظور موٽندو ڪڏهن؟“
    ”اڄ رات ٻارهين وڳي تائين موٽي ايندو.“ ۽ پوءِ لائين ڪٽجي وئي. رسيور رکڻ کان پوءِ مون کي احساس ٿيو ته منهنجي بيگم منهنجي ڀڪ ۾ بيٺي آهي ۽ اهو سڀ پئي ٻڌائين ۽ ٻئي ٻانهون، چيلهه تي رکي ٿورڙو ڪاوڙ ۾ ايندي چيائين
    ”ڪنهن سان پيو ڳالهائين؟“
    ”الائي ڪير هئي، پر ڪنهن منظور لاءِ پڇي رهي هئي.“
    ”اهو منظور ڪير آهي؟“
    ”اها ته انهيءَ مائي کي ئي خبر!“
    ”پر توکان ڇو پڇي رهي هئي؟“
    ”ڇا پڇي رهي هئي؟“
    ”اهو ته، منظور اهو ڪير آهي؟“
    ”اها ڪونه پڇي رهي هئي ته منظور ڪير آهي، اصل ۾ اها پڇي رهي هئي ته منظور ڪٿي آهي؟“
    ”ڇو، تنهنجو ڪهڙو ڪم ان منظور ۾؟“ گهڻي ڪاوڙ ۾ ايندي چيائين. ”منهنجو مطلب آهي ته اهو سڀ ڪجهه اها ئي مائي تو کان ڇو منظور لاءِ پڇي رهي هئي؟“
    ”ڳالهه ٻڌ، اهو ته وڌيڪ بهتر اها ئي ٻڌائي سگهي ٿي!“
    ”ڏس جاويد! تون ڳالهيون ڏاڍيون گول ڪندو آهين ائين نه ڪر......!“
    ”نائلا ڊيئر! ڳالهيون گول مان ڪٿي ڪندو آهيان ۽ گذريل سورنهن سالن ۾ تمام گھڻي گول ته تون ٿي وئين آهين.“
    جاويد! خدا جو واسطو اٿئي، مون کي معاف ڪر ۽ هل هلي ماني کاءُ.“
    مان ڪمري ۾ داخل ٿيس پر ڪمري جي دروازي تان پوئتي ڏٺم ته هوءَ فون ڏانهن ڪاوڙ مان گھوري رهي هئي، جيئن پاڻ گول هئي تيئن نڪ جون ٻئي ناسون به ڪاوڙ مان وڌيڪ گول ٿيندي نظر آيون. مون چيو ”نائلا ڊيئر! هاڻي ماني کڻي اچ......“ ۽ مون ڏانهن ڏسندي بورچي خاني ڏانهن هلي وئي.
    اڄ رات جو ٻارهين وڳي دبئي ۾ سيٽل منهنجي ڀاءُ جو فون اچڻو هو آئون ڪاريڊور مان فون کڻي اچي ڪمري ۾ رکي ڇڏيو. جيئن رات جا ٻارنهن وڳا ته مون هڪ گل ڪڍي بيگم کي ننڊ مان اٿاري ڏنو ۽ پيار ڪندڙن جو ڏينهن ”ويلنٽائن ڊي“ وش ڪيم هن کي به سورنهن سال اڳ وارو پنهنجو جسم ياد اچي ويو ۽ خوش ٿيندي گل ورتائين ۽ اسان ٻئي ويلنٽائن ڊي کي ملهائڻ ۾ جنبي وياسين ته فون جي گھنٽي وڳي ته بيگم کي چيم ”نائلا! لڳي ٿو ته دبئي کان
    ادا هوندو....“ رسيور کڻي هيلو ڪيم ته پرين پاسي کان انهيءَ ساڳي عورت چيو
    ”منظور اچي ويو؟“
    مون بيگم کي ڏٺو ۽ منهنجي بيگم مون کي ڏسي رهي هئي ۽ مون ڳالهايو.
    ”ها منظور ته ڳالهايان پيو.“
    ”اڄ سڄو ڏينهن ڪٿي هيئن؟“
    ”مان...... مان.......“
    ”تون...... تون.......“
    ”ڇڏ مون کي........ اهو ٻڌاءِ اڄ ويلنٽائن ڊي آهي تون نه پئي ملهائين ڇا؟“
    هن کي شايد ويلنٽائن ڊي جي ڪا به خبر نه هئي ته چيائين
    ”اهو ڇا ٿيندو آهي؟“
    ”اهو پيار ڪرڻ وارن لاءِ هڪ خاص ڏينهن آهي. ان ڏينهن تي جيڪي پاڻ ۾ پيار ڪندا آهن، اهي هڪٻئي کي گل، ڪارڊ يا ٻيو ڪو تحفو ڏيندا آهن. جيئن هن وقت مان پنهنجي بيگم سان ملهائي رهيو آهيان.“
    اڃا مون ايترو مس چيو ته منهنجي بيگم مون کان رسيور کسي ورتو ۽ پاڻ ڳالهائڻ لڳي.
    ”اهو منظور ڪير آهي؟ تون ڪير آهين؟ توکي شرم حيا نٿو اچي جو پرائي مڙدن سان ڳالهائين ٿي؟ آخر اهو منظور آهي ڪير؟ هي منهنجو مڙس آهي تنهنجو منظور ناهي، آئينده هتي فون نه ڪندي ڪر. پنهنجو منظور ٻين جي گھرن ۾ نه ڳول. هي منهنجو منظور آهي. مون هن کي ٽي دفعا منظور ڪيو آهي ۽ هن مون کي
    ٽي دفعا منظور ڪيو آهي. اسان کي تنهنجي منظور جي ڪا به خبر نه آهي. سمجھئي.......“
    ايترو چئي وڃڻ کان پوءِ منهنجي بيگم غور ڪيو ته ٻئي پاسي کان لائين تي ڪو به نه هو ته مون کيس مرڪي چيو.
    ”اصل ۾ اهو سڀ ڪجھ ڪرڻ لاءِ خادم پي سي او واري کي چيو هوم ته ٻن وقتن تي رڳو هڪ ڀيرو رِنگ ڪجانءِ ۽ پوءِ باقي سمورو ڪم منهنجو هو.“
    ”جاويد! تو ائين ڇو ڪيو؟“
    ”رڳو تنهنجو پيار ڏسڻ لاءِ ۽ پوءِ ٻئي مرڪي هڪٻئي کي منظور ڪندي ويلنٽائن ڊي کي ملهائڻ ۾ لڳي وياسين.


    ”هڪ منٽ جي خاموشي“

    ”هڪ منٽ جي خاموشي“

    ادبي پروگرام پنهنجي پڄاڻيءَ تي هو ۽ اسٽيج سيڪريٽري اعلان ڪيو ته:
    ”تمام گھڻي ڏک سان هي اعلان ڪجي ٿو ته سنڌ جو سر موڙ شاعر سورهيه سنڌي لاڏاڻو ڪري ويو آهي. سڄي سنڌ انهي سوڳ ۾ ورتل آهي. سائين سورهيه سنڌي سڄي زندگي سنڌي شاعريءَ کي ارپي ڄڻ ته سنڌ ماءُ جو قرض ادا ڪري ويو آهي. هن جي اوچتي دکدائڪ موت تي اسان ”صرف“ هڪ منٽ جي خاموشي ڪنداسي، جيئن هن سنڌ ڌرتيءَ جي مهان ڪوي جو اسان به قرض لاهي ڇڏيون، ته پوءِ اچو ته ڀيٽا طور هڪ منٽ جي خاموشي ڪري ثابت ڪيون ته اسان مرده پرست قوم نه آهيون.“
    اهو چئي اسٽيج سيڪريٽري پنهنجي جديد موبائل فون ڪڍي هڪ منٽ ڏسڻ شروع ڪيو. سموري پنڊال ۾ خاموشي پکڙجي ويئي اڃا اڌ منٽ به نه گذريو هو ته ساڳئي اسٽيج سيڪريٽري جي موبائل فون جي رِنگ ٽون وڳي ۽ ساري پنڊال جي خاموشيءَ کي ٽوڙي ڇڏيو.


    ”مـقدس مـٽي“

    ”مـقدس مـٽي“

    آئون جيئن ڪمري ۾ گھڙيس مامو خدا بخش خط پڙهي رهيو هو. آئون سندن سامهون ئي رکيل ڪرسي تي ويهي رهيس. مامي خط مان نظر ڪڍي، مونڍيءَ کي اتي ئي جھلي نڪ تي رکيل نظر جي عينڪ مٿان ئي مون تي نظر گھمائي ۽ وري خط پڙهڻ لڳو. مان سندس منهن ۾ نهاريندو رهيس. سندس منهن تي وقت جون سموريون ريکائون موجود هيون. جيئن ته آئون کيس اڳ ئي نهاري رهيو هوس. ڇا ٿو ڏسان مامي جي اکين ۾ خط پڙهندي ڳوڙهن جا آگم اچي ويا هئا. اهو منهنجو پهريون اتفاق هو جو مامي جي اکين ۾ ڳوڙها ڏسي رهيو هوس. مامي عينڪ لاهي پنهنجا ڳوڙها اگھيا، وري ساڳيو خط پڙهڻ لڳو. جيئن ئي مامي خط پڙهي پورو ڪيو. آئون ته اڳ ئي کيس سواليا ۽ عجب مان نهاري رهيو هوس.
    مامي خدا بخش پنهنجي زندگيءَ جي تجربي مطابق جلديءَ ۾ منهنجو چهرو پڙهي ورتو. مرڪندي چيائين ”ڇا ٿو ڏسين ابا؟“ _ ”ماما! ڪنهن جو خط آهي ۽ ان کان اڳ مون ڪڏهن به اوهان کي ائين...!“ _ ”ها... تون صحيح پيو چوين پر ڪڏهن ڪڏهن ڦٽ اهڙا ته چڪي پوندا آهن جو عذاب جو احساس شدت سان ٿيندو آهي.“ منهنجون وايون بتال ٿي ويون. آئون سوچڻ لڳس هي مامو ڇا چئي رهيو آهي. جيڪو هميشه کلندو ۽ مسڪرائيندو رهندو هو. جنهن جا ٽهڪ زندگيءَ گھارڻ جو حوصلو ۽ احساس ڏيندا آهن، اهڙو ماڻهو ۽ اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي! بيشڪ اهڙا ماڻهو واقعي اندران پورا هوندا آهن، اندر ئي اندر ۾ ڳرندا ۽ تڙپندا آهن. اڄ مون کي مامي تي گھڻو ئي پيار اچي رهيو هو.
    ”ڇا ٿو سوچين؟“ _ ”ڪجھ به نه... ها ماما اوهان خط بابت ٻڌائي رهيا هئا.“ _ ”ها هي خط آڪاش جو آهي، جنهن کي هتان ويندي اڌ عمر گذري ويئي آهي. جيڪو منهنجو پڳ مٽ يار هو، بس هن کي وڃڻو هو ۽ هو هليو ويو، ڀلا وڃڻ واري کي ڪير روڪي سگھيو آهي. بس هو ته هليو ويندو آهي.“ مامي جو آواز ڳورو ٿي ويو ۽ اکيون آليون ٿيڻ لڳس. وري مامو خدا بخش ڳالهائڻ لڳو ” آڪاش لکيو آهي، اسين پنهنجي ماتر ڀوميءَ کان جدا ٿي هر روز جيئون ٿا ۽ هر روز مرون ٿا.“
    مامو خدا بخش وڌيڪ ڪجھ چئي نه سگھيو ۽ خط کي چميون ڏيڻ لڳو. مامو اڪثر مون کي پنهنجي يار آڪاش ۽ پنهنجي ننڍپڻ ۽ جوانيءَ جون ڳالهيون ٻڌائيندو رهندو آهي. مامي جي ڳالهين مان آڪاش لاءِ بيحد محبت هجڻ جي ڀنل خوشبوءِ ايندي آهي. هنن ٻنهي جيون جا پهريان سندر ۽ خوبصورت ڏينهن گڏ گذاريا هئا. پر پوءِ ورهاڱي جي صورت ۾ هنن يعني روح کي جسم کان ڌار ٿيڻو پيو هو. آڪاش هندوستان هليو ويو ۽ مامو هن اسلامي ملڪ ۾...
    ”چانهه پيئدين؟“ موٽ ۾ آئون مامي جي منهن ۾ نهاريندو رهيس. ”ڇا ٿو ڏسين؟“ _ ”دوستي جي رشتي تي سوچي رهيو آهيان.“ _ ”ڀل تون سوچ آئون جيستائين چانهه ٿو ٺاهي وٺان ۽ ڀل تون هي آڪاش جو خط به پڙهي سگھين ٿو، ڇو ته تون به منهنجو دوست آهين.“ مامو بورچي خاني ڏانهن هليو ويو. ماما هميشه پنهنجو ڪم پاڻ ڪندو آهي. مون کيس ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ”ماما! ڪانوڪرياڻي ڇو نه ٿا رکو؟“ پر هميشه اهو چئي نٽائي ويندو آهي ته ” نه بابا نه... مان ٻئي جو محتاج نه ٿيندس.“
    مامي جو آئون ڀاڻيجو دوست آهيان. منهنجي ننڍپڻ کان ئي مون تي پنهنجو ساهه ڇڏيندو آيو آهي. پنهنجي هر ڳالهه مون سان ڪري ڇڏي. هر قسم جي صلاح مون سان ڪري. ايتري تائين جو ڏک سک به مون سان ونڊيندو آهي، پر منهنجي اڃا تائين هڪ آس آهي اها هي ته آئون مامي جي ذاتي ڊائري پڙهڻ چاهيان ٿو، پر ماما نه ڪڏهن ان پنهنجي ڊائري متعلق ٻڌايو آهي، نه وري پڙهڻ جي ئي آڇ ڪئي آهي.
    ماما شادي ڪئي، پر مالڪ شريڪ حيات کسي ورتي شايد ان ڪري جو کيس پنهنجي شريڪ حيات سان بي پناهه محبت هئي. مامو ٻڌائيندو آهي، ”تنهنجي مامي تمام سٺي ۽ پيار ونڊيندڙ عورت هئي. هن جو منهنجي زندگيءَ ۾ اچڻ انقلاب مثل هو، پر پوءِ سڀ ڪجھ ڀسم ٿي ويو.“
    ”اڄ تون ڪهڙي دنيا ۾ گم آهين ڀاڻيجا؟“ مامي چانهه اڳتي وڌائيندي چيو، ”بس ماما اوهان جي باري ۾ سوچي رهيو هوس.“
    ”اڇا ته وڏا! ڇا سوچي رهيو هيئن؟“ مرڪندي وري چوڻ لڳو ”هن عمر ۾ منهنجي شادي لاءِ نه سوچجانءِ.“ ان ڳالهه تي منهنجي چهري تي مرڪ اچي وئي. ”وڌيڪ خبر چار ڏي، نوڪريءَ جو ڇا ٿيو؟“ جواب ۾ آئون ماٺ رهيس.
    منهنجو چهرو پڙهندي چيائين ”يار! اچي دل لاٿي اٿي ان ۾ به رازق جو راز هوندو، دلجاءِ ڪر.“
    چانهه پي پاڻ ٻئي گھمڻ لاءِ ٻاهر نڪتاسين. چيائين ”ابا! ڪيڏانهن هلون؟“ ماما سمنڊ تي هلڻو آهي. رات چنڊ جي چوڏهين آهي. ماما ۽ آئون هر چوڏهين جي رات سمنڊ تي ويندا آهيون ۽ ان رات اسين دير تائين سمنڊ تي گھمندا رهاسين. اڄ اسين ماٺ هئاسين. بس مست هو ته سمنڊ... اوچتو مامي منهنجي ڪلهي تي هٿ رکندي چيو ”ابا! جيڪب آباد هلون؟“ ماما جي واتان اهو سوال ٻڌي حيران ٿي ويس. ”ها ابا هاڻي آئون پنهنجي انهيءَ شهر ويندس جيڪو منهنجي جنم ڀومي آهي. جتي منهنجي ننڍپڻ ۽ جواني گذري، هاڻي آئون اتي وڃڻ گھران ٿو. هي ڪراچي شهر منهنجي ونيءَ جو قاتل آهي، بس هاڻي منهنجي رٽائر ٿيڻ جو وقت به اچي ويو آهي. آئون جيڪب آباد وڃڻ گھران ٿو.“ _ ”رٽائر...! مون کان رڙ نڪري ويئي. ”ها ابا...“ _ ”پوءِ مون کي اوهان انهيءَ متعلق اڳ ڇو ڪو نه ٻڌايو؟“ _ ”ابا! هاڻي ته خبر پئجي ويئي نه.“ _ ”پر ماما، جيڪب آباد کان ته اوهان پاڻ ئي باغي ٿيا هئا، ڇو ته هن اوهان کان اوهان جو يار آڪاش کسيو هو. هي اهو بدنصيب شهر آهي، جتي روح کان جسم ڌار ٿيو هو.“ _ ”بهرحال ڪجھ به آهي، هاڻي جيڪب آباد هلڻو آهي، تون تيار رهجانءِ.“
    موٽ ۾ مان خاموش رهيو هوس. سمنڊ تان موٽندي ماما چيو ”ابا! تو هڪ ڳالهه ضرور محسوس ڪئي هوندي، اها هي ته آئون تو کي پنهنجي هر شيءِ ۾ شامل ڪندو آيو آهيان، پر اڄ ڏينهن تائين آئون تو کي پنهنجي ذاتي لکيل ڊائري نه ڏيکاري سگھيو آهيان سو اهو وقت اچڻ وارو آهي. آئون تو کي ذاتي جيون جي ڊائري پڙهڻ لاءِ ڏيندس، پر هتي نه جيڪب آباد پهچڻ مهل“.
    صبح ماما مون کي ننڊ مان اٿاريو پاڻ ٻنهي گڏجي ناشتو ڪيوسين مامو آفيس هليو ويو ۽ آئون فليٽ تي ئي رهيس. ڪيڏانهن به وڃڻ لاءِ دل نه ٿي چاهيو، پر وڃڻ تي مامي جي جيڪب آباد وڃڻ جي ڳالهه ياد آئي ۽ جيڪب آباد جو سمورو منظر اڳيان چٽجي ويو، ٽاور روڊ تي ڳاٽ اوچو ڪيون بيٺل وڪٽوريا ٽاور، جيڪب صاحب ۽ عوامي انقلابي شاعر عبدالڪريم گدائيءَ جون قبرون، ڀڳل ٽٽل روڊ، واڻين جون پراڻيون حويليون، هر سال ٿيندڙ هارس اينڊ ڪيٽل شو ۽ مامي جو پراڻي نموني جو گھر، امان ته ماما خدا بخش کي هميشه پنهنجي بدلي جيڪب آباد ڪرائي اچڻ لاءِ زور ڀريندي هئي پر هوڏانهن ماما جو هٺ هو، پر مامو هاڻي ائين ڪيئن جيڪب آباد هلڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي؟
    مامي خدا بخش جي به عجيب زندگي گذري آهي. هي پنهنجي ساري خاندان کان ڪٽجي رهيو آهي. هن جي سوچن ۽ سندس خاندان جي سوچن ۾ ڏينهن رات جو فرق رهيو آهي. مامي سڀ کان پهرين جيڪا خانداني رسم ٽوڙي سا ٻاهران شادي نه ڪرڻ جي ۽ ماما ٻاهران شادي ڪري ڏيکاري. ماما جي اڳيان گھڻيون ئي رڪاوٽون آيون پر ماما هميشه بردبار رهيو.
    هي پنهنجي خاندان کان ڪٽجڻ لاءِ به تيار هو. بس انهن مخالفتن جي ڪري ڪراچي هليو آيو ۽ جيڪب آباد صرف سال ۾ هڪ ڀيرو ايندو هو نه ته خير. هتي ڪراچيءَ ۾ جيستائين مامي جيئري هئي مامو سرهو رهندو هو پر پوءِ بس جيون گھاري رهيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن مون کي چوندو آهي، ”ابا حقيقت اها آهي جو زندگيءَ مان چس ئي نڪري ويو آهي، بس جيئان ٿو ڌرتيءَ جي عشق ۾ جوڳي ٿي، آڪاش ۽ پنهنجي ونيءَ کي ياد ڪندي يا تو کي ڏسندي.“
    ماما کي پنهنجي اولاد نه ٿي هئي. آئون اڃا ننڍو هوس هڪ ڀيري مامو ڪراچيءَ کان جيڪب آباد آيو هو، ان ڏينهن آئون اسڪول کان جيئن ئي موٽي آيو هيس ته ماما خدا بخش کي ڏسي خوش ٿيو هوس. موٽ ۾ ماما مون کي ايتري ته محبت ڏني جو ان ڏينهن کان پوءِ ماما جڏهن به ڪراچيءَ کان ايندو هو. بس پوءِ آئون هڪ پل به وٽانئس پري ڪو نه ٿيندو هوس. پوءِ ائين ئي هڪ ڏينهن ماما مون کي ڪراچي گھمائڻ لاءِ وٺي ويو. بس پوءِ منهنجو رستو کليو هر مهيني ٺڪ ماما وٽ، بابا امان کي چوندو هو، ”خدا بخش اسان جي ٻار تي الائي ڪهڙو جادو ڪيو آهي جو سندس کان سواءِ رهي ئي نٿو سگھي.“
    ماما سنڌ ڌرتيءَ جي هر فرد سان محبت ڪندڙ آهي، سواءِ انهن جي جن هن ڌرتيءَ کي مهمان نوازيءَ جي صلي ۾ اڌ ڪرڻ ٿي گھريو. جڏهن به ماما انهن تي ڳالهايو دل کولي انهن تي تنقيد ڪئي، ڇو ته انهن جو هتي اچڻ ماما جي زندگيءَ جو ڀيانڪ واقعو هو.
    هڪ ڀيري ماما جي آفيس ۾ ويس. ڇا ٿو ڏسان ماما هڪ ڀنگيءَ سان گڏ چانهه پي رهيو آهي. فليٽ تي اچي مون کيس چيو ”ماما گھٽ ۾ گھٽ ڀنگيءَ کي ته پاڻ سان گڏ نه ويهاريو.“ _ ”نه ابا نه... اها تنهنجي ڀُل آهي. اصل ۾ هو به هڪ انسان آهي، جيترو انسان جو حق آهي ان کي اوترو مان ڏجي.“ ماما جي سوچ جي گھرائي ڏسي مجبورن مون کي هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا هئا.
    اهو ڏينهن به آيو ماما رٽائر ٿي ويو ۽ اسين گڏجي جيڪب آباد هليا آياسين. امان ته ماما کي ڏسي خوشي مان جھومڻ لڳي. هتي اچڻ سان ئي مامي پنهنجي پراڻن ساٿين سان ملڻ جلڻ شروع ڪيو. هر روز ماما جي گھر تي ڪچهريون متيون پيون هونديون هيون.
    هتي جيڪب آباد ۾ ماما ڏٺو ته نوجوانن ۾ تعليم جي واڌاري ڪري سٺو شعور آيو آهي پر جنهن ڳالهه ماما کي ڏکايو سو هتي صدين کان جيون گھاريندڙ واڻين جي هندوستان لڏ پلاڻ جي ڳالهه هئي. ان جو اصل سبب هتي ڪيترين ئي صدين کان آباد واڻين کي تنگ ڪري لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪيو ٿي ويو. تنگ ڪرڻ ۾ انهن ماڻهن جو هٿ هو جيڪي اسلام جا ٺيڪيدار سڏائيندڙ آهن. ڇا اسان کي اسلام اهو ٿو سيکاري ته اسان انهن جي تذليل ڪريون. ڇا اهي انسان نه آهن؟ ڇا هنن جو هن ڌرتيءَ سان ڪو ناتو ناهي؟ جيڪي صدين کان هن ڌرتيءَ تي ساڳئي ٻولي ۽ ثقافت رکندڙ آهن. ها هنن کي هاڻي انهن جي به خبر پئجي وئي آهي. جيڪي اسلام جي نالي تي هتي آيا هئا. انهن جا اڄڪلهه ڪهڙا پرڪار آهن. انهن موٽ ۾ اسان کي رت سان رڱيل لاش ڏنا آهن. اهي لاش جن مان ڪو ونيءَ جو ور هوندو. ڪو ڪنهن ماءُ جو دادلو ٻار هوندو. ته ڪو پيءُ هوندو. پر اڄ تائين ڪنهن انهن داداگيرن جي ڳيچي کان جھلي پڇيو ته هي توهان ڪهڙي نالي ۾ اچي ڪوس ڪري رهيا آهيو.
    هڪ ڏينهن ماما اڪيلو پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو هو. آئون به ڪمري ۾ گھڙي آيس. مامو آڪاش جا موڪليل خط پڙهي رهيو هو. ”ماما! معاف ڪجو، آئون غلط وقت تي ته نه اچي ويو آهيان.“ _ ”نه ابا نه... تون اچ ويهه... مون تو کي ڪراچيءَ ۾ چيو هو نه ته آئون توکي جيڪب آباد ۾ لکيل ڊائري پڙهڻ لاءِ ڏيندس. سو اڄ آئون تو کي ڊائري ڏيئي رهيو آهيان.“ ماما اٿيو ۽ ڊائري کڻي مون کي ڏنائين. ان سان گڏ اهو چيائين ”ڊائري اڪيلائي ۾ پڙهجانءِ.“ آئون تجسس مان ڊائري مٿان هٿ ڦيرائڻ لڳس. ماما وري چيو ”ابا آڪاش مون کي ڪيترا ڀيرا لکيو آهي ته آئون کيس پنهنجي جيجل ماءُ ڌرتيءَ جي ”مقدس مٽي“ مجان، سو اهو ڪم آئون ڪو نه ڪري سگھيو آهيان. تون ٻڌاءِ مان ڇا ڪريان؟“ _ ”پوءِ اوهان موڪلي ڏيو.“ مون چيو، موٽ ۾ مامي چيو ”ڪيئن موڪلي ڏيان، ان ڌرتيءَ جي مٽي موڪلي ڏيان جيڪا غلامي جا ڏينهن ڏسي رهي آهي، جيڪا ظلم جي صدمي ۾ ساوڪ مان بنجر ٿيندي پئي وڃي. جنهن تي صدين کان آباد فردن کي پنهنجي ماتر ڀوميءَ تي ايجنٽ ۽ غدارن جا لقب ڏيئي تنگ ڪيو پيو وڃي...“ مامو روئي پيو. مون کيس اٿي ڀاڪر ۾ ڪيو ۽ مامو منهنجي ڀاڪر ۾ اهلجي پيو ۽ سڏڪا ڏيندو رهيو. ”ماما آئون مقدس مٽي موڪلڻ لاءِ تيار آهيان، پر مون کي اوهان جي مدد گھرجي اوهان منهنجي رهنمائي ڪريو ۽ طاقت جو مظاهرو آئون ڪندس. جڏهن اهي ٻئي قوتون ملي پونديون ته پوءِ اوهان جي يار آڪاش ڏانهن ”مقدس مٽي“ وڃي سگھندي.“
    رات جو دير تائين ماما سان گڏ ويهي پنهنجي ڪمري تي آيس مون پڙهڻ لاءِ ڊائري کولي مون سڄي ڊائري کولي ڏٺي، سڄي ڊائري ڪوري هئي سواءِ هڪ صفحي جي، جنهن تي لکيل هو.
    ”سوچيو هوم هن ڊائري ۾ پنهنجو گھڻو ڪجھ لکندس. خوشين کان وٺي لڙڪن تائين، پر پوءِ ڌرتيءَ جي غلامي ڪري احتجاجن هڪ هڪ ڪورو ڪاغذ اٿلائيندو ڇڏيندو رهيس... ايتري تائين جو سموري ڊائري ڪوري رهجي ويئي سواءِ هتي چند سٽن جي جيڪي آئون اڄ قلمبند ڪري رهيو آهيان مون کان پوءِ منهنجي هن ڊائريءَ جو وارث منهنجو ڀاڻيجو آهي. هو چاهي ته هن ڊائري تي نئين سري سان آزاديءَ جا خوبصورت پل قلمبند ڪري سگھي ٿو.“
    ماما خدا بخش جي ايتري گھري سوچ ڏسي منهنجي اکين ۾ ڪوسا لڙڪ اچي ويا ۽ مون من ئي من ۾ پختو عزم ڪيو ته آئون پنهنجي ملڪيت ڊائري، نئين سري سان لکندس ۽ ”مقدس مٽي“ ماما جي پڳ مٽ يار آڪاش ڏانهن به اماڻيندس.


    ”فارملٽي“

    ”فارملٽي“

    ٽرن... ٽرن... ٽرن... ٽرن...
    ”جي سائين...!“
    ”باقي ڪير آهي؟“
    ”باقي سائين هڪ ڇوڪرو ويٺو آهي.“
    ”ٺيڪ آ.... اندر موڪليس....“
    ”بهتر سائين....“
    ”پر ترس....“
    ”جي سائين...!“
    ”آئون گھر فون تي ڳالهايان ٿو.... سو اڌ ڪلاڪ کانپوءِ اندر موڪليس....“
    ”بهتر سائين!“
    ”صاحب مصروف آهي ٿورو انتظار ڪر...!“
    ”پر پهريان ته صاحب سڀني کان انٽرويو وٺي چڪو آهي ۽ اهي وڃي به چڪا آهن.“
    ”پوءِ مان ڇا ڪيان...!“
    ٽرن ٽرن.... ٽرن.... ٽرن
    ”جي سائين!“
    ”موڪليس....“
    “MAY I COME IN SIR”
    YES” ، ويهو......“
    “THANK YOU SIR!”
    ”سر! هي منهنجا DOCUMENTS آهن!“
    “OK.”
    ”ڇا پاس آهين؟“
    ”سائين ايم اي سنڌي فرسٽ ڪلاس...!“
    ”پر بابا اسان ته اشتهار انٽر پاس وارن لاءِ ڏنو هو!“
    ”توهان بلڪل صحيح پيا چئو سر!“
    ”پوءِ...!“
    ”سر! آئون انٽر به پاس آهيان.“
    ”ڏاڍو سياڻو پيو لڳين....!“
    ”پر سر! ان ۾ سياڻي هجڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“
    ”چڱو.... چڱو.... اهو ٻڌاءِ ته.....“
    ”جي سر!...
    ”سوال ته سوچڻ ڏي.... ها ياد آيو.... تون اهو ٻڌاءِ ته مور پکي انڊا ڏيندو آهي يا ٻچا؟“
    ”سر! مور...!“
    ”ها بابا! مور...!“
    ”سر! مور پکي آهي نر! يعني مڙد سو انڊا يا ٻچا ڪٿان ڏيندو؟“
    ”تون الٽو منهنجو سوال منهنجي مٿان ٿاڦڻ چاهين ٿو، مان ڄٽ آهيان، مون کي خبر نه آهي!“
    ”پر سر! مون ائين ڪٿي چيو ته اوهان نٿا ڄاڻو؟ پر مون ته وضاحت ڪرڻ ٿي گھري...“
    ”نالو ڇا اٿئي....؟“
    ”سر! DOCUMENTS تي لکيل آهي، جيڪي اوهان جي سامهون پيل آهن.“
    ”TYPING ايندي اٿئي؟“
    ”پر سر!“
    ”ڪڏهن به ضرورت پيش اچي سگھي ٿي.“
    ”پر سر! اوهان اشتهار ۾ TYPING لاءِ نه ڄاڻايو هو.“
    ”بهرحال هاڻي ته تو کي خبر پئجي ويئي نه....!“
    ”جي سر!“
    ”هاڻي وڃين سگھين ٿو“
    “SIR RESULT”
    ”بابا RESULT پڇي ڇا ڪندي وڃي گھر ۾ ويهي رهه.... هي رڳو ”فارملٽي“ آهي.“


    ”خبر“

    ”خبر“

    اخبار جي آفيس ۾ فيڪس تي مختلف خبرن جي اچڻ جي ڌم متي پئي آهي. جميل روز جيان فيڪس تي آيل خبرن کي گڏ ڪري نيوز سيڪشن ۾ کڻي اچي، انهن جي اهميت کي سمجھندي چونڊ ڪرڻ ۾ جنبي وڃي ٿو. هڪ خبر ڄڻ ته هن کي جنجھوڙي وڌو ته ”جيڪب آباد شهر جي شهيد الله بخش سومرو پارڪ ۾ ٻارن لاءِ لڳل لوهي گسڪڻي ۾ هڪ معصوم نياڻي اقرا گل جون ٽي آڱريون ترڪڻ ڪري ڪٽجي ڌار ٿي ويون.“
    جميل هن خبر جي گھرائي ۾ گم ٿي وڃي ٿو. هن کي سمجھ ۾ نٿو اچي ته هي خبر ڪيتري اهميت رکي ٿي هونءَ ته مرچ مصالحن واريون ٻيون خبرون پيون هلن پر هي خبر هلائڻ ڄڻ ته هن پنهنجو حقيقي فرض ٿي ڄاتو، ڇو ته ڪيئن نه هي معصوم اقرا گل سڄي زندگيءَ لاءِ معذور بڻجي وئي هئي. هونءَ به اسان جو معاشرو ٻٽي معيار وار معاشرو آهي. مرد لاءِ جدا سوچ ۽ معيار آهن ته عورت لاءِ جدا سوچ، معيار ۽ ويچار. اڄ ننڍڙي اقرا گل سڀاڻي ضرور وڏي ٿيندي. هن جي معذوري هن لاءِ ڄڻ ته سڄي زندگيءَ جو عذاب بڻجي ويندي.
    جميل پنهنجي نظر جي چشمي کي لاهي سوچڻ لڳو ۽ پوءِ سڌو ايڊيٽر جي آفيس ۾ پهچي هن خبر جي ڇاپڻ متعلق ساڻس ڳالهايو. ايڊيٽر سموري ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ چيو:
    ”مزدور جي ڌيءَ هجڻ ڪري خبر اهم نه آهي. تنهن ڪري هي خبر اخبار ۾ هلائڻ جھڙي نه آهي.“
    ”پر سر!“
    جميل بحث ڪرڻ ٿي چاهيو....
    ”توهان وڃي سگھو ٿا...!“
    جميل مايوس ٿي پنهنجي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو. هونءَ الائي ڪيتريون ئي خبرون روز لڳڻ کان رهجيو وڃن پر هن خبر ڄڻ ته جميل کي پاتال ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو هو. هي گُم سُم ويٺو هو ته ايڊيٽر صاحب اڳيان فيڪس جو پنو ڦٽو ڪيس.
    ”جميل! وارو ڪر هي خبر سيٽ ڪري وٺ ساڳي باغ ۾ اتان جي ناليواري وڏيري ۽ سياستدان هيبت خان جي ڌيءَ جي به آڱر ڪٽجي پئي آهي ۽ سموري انتظاميه ٿرٿلي ۾ آهي.“
    اهو ٻڌي جميل هڪ نظر فيڪس وري پني تي وڌي ۽ ٻي پنهنجي ايڊيٽر جي چهري تي وڌي، جنهن جي چهري تي خبر جي اهميت واري ريکا واضح نظر اچي رهي هئي ۽ هِن جي دل ماتم ڪري رهي هئي.


    ”شرافت جو وڻ“

    ”شرافت جو وڻ“

    مينهن شام کان وقفي وقفي سان وسي هاڻي بند ٿي ويو هو۔ ڪمري جي گھٽيءَ پاسي کلندڙ دريءَ جا ٻئي طاق هوا جي زور تي کلي ۽ بند ٿي رهيا هئا. دري منجھان ايندڙ تيز هوا سان گڏ پپر جا سڙيل پن به ڪمري اندر اچي رهيا هئا. هوا ڀت تي لڙڪيل ڪيلينڊر کي ڦڙڪائي ڀت کان ڌار ڪرڻ ۽ ڪيرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي هئي.
    عُمر بيچيني مان کٽ تي پاسو ورايو، کلندڙ ۽ بند ٿيندڙ دريءَ تي نظر وڌائين. عمر کي دريءَ جو اهو بي ترتيب منظر نه وڻيو کٽ تان اُٿي دريءَ جي هڪ طاق کي جھلي ٻاهر ڏسڻ لڳو. ٻاهر نِهارڻ سان سندس وارن سان تيز هوا کيچل ڪندي رهي. سامهون ئي بيٺل پپر جي وڻ مان هوا جي زور تي ڇڻي آيل سُڪل پپر جا پن به سندس منهن سان ٽڪرائجي ڪمري ۾ داخل ٿي رهيا هئا. عمر ٻاهر غور سان ڏٺو پر موٽ ۾ کيس ٻاهر اوندهه کانسواءِ ڪجھ به نظر ڪين آيو. عمر دري کي بند ڪري، کٽ تي ڪاوڙ ۽ بيچينيءَ مان اهلجي پيو.
    هاڻي سندس جسم جي گرمي نازڪ مرحلي مان گذري رهي هئي. عمر وري ٻه ٽي ڀيرا کٽ تي پاسا ورايا. سندس خيالن جو مرڪز جوان جماڻ صدوري هئي جيڪا اڳواٽ ئي ٻه سئو روپيا وٺي اڃان ڪو نه پهتي هئي. عمر دل ئي دل ۾ صدوريءَ کي ڪچيون گاريون ڀيڻ ماءُ تي ڏنيون وري پاسو ورائيندي ڀڻڪيو:
    ”چنڊي رن کي هِن وقت تائين ته اچڻ گھربو هو!!“
    عمر اکيون بند ڪندي ذهن تي تصور ٺاهڻ لڳو ته صدوري ڪمري ۾ اچي چڪي آهي:
    ”صدوري! تون ايترو وقت ڪٿي هيئنءَ!؟
    ”تو پاڻ ئي ته چيو هو سهڻي ٿي اچان!“
    ”او صدوري! اچ منهنجي هنن ٻانهن ۾....!“
    عمر صدوري کي زور سان پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري کيس ڳلن تي مٺيون ڏيندو رهيو. صدوريءَ کي کٽ تي سمهاري سندس ”قميص کي هيٺان کان مٿي ڇڪڻ لڳو. صدوريءَ جي بدن تي هٿ ڦيرائيندي، هن جي خوشيءَ جي انتها نه هئي. صدوريءَ جي اڳ تي انگي چهٽيل هئي. عمر سندس جسم تي هٿ ڦيرائيندي انگيءَ منجھان، عورت جي جسم تي وڌ ۾ وڌ خوبصورت نظر ايندڙ بال نما ارهن کي ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ۽ خيالي مزي ۾ محو هو ته گھر جو ٻاهريون دروازو کڙڪيو. سندس خيالي ۽ تصوراتي تاج محل پرزا پرزا ٿيندي ڀاسيس. وري دروازو کڙڪيو. عمر چپن ۾ ڀڻڪيو:
    ”شايد اچي ويئي.... رنڊي!“
    عمر کٽ تان اُٿي ڪمري جي ڏاڪڻ تان لهي گھر جو ٻاهريون دروازو کوليو پپر جا ڇڻي آيل پن هوا جي زور تي اندر ڪاهي پيا. دروازي تي صدوري بيٺي هئي. عمر جي سوچ جي برعڪس سندس جسم تي اهي ئي ڪلهوڪا ميرا ڪپڙا پهريل هئا. عمر ڏٺو ته صدوريءَ سان هڪ ڇهن سالن جو ننڍڙو ٻالڪ به ساڻ هو. عمر صدوريءَ کي چيو:
    ”صدوري! ايڏي دير.....؟!“
    ۽ ٻالڪ کي ڏسندي وري سوال ڪيائين:
    ”۽ هي ٻار ڪير آهي ۽ ڪنهنجو آهي.....؟“
    صدوري جواب ڏيڻ بجاءِ ننڍي ٻالڪ تي شفقت جو هٿ گھمائيندي مٿي ڏاڪڻ تي چڙهڻ لڳي. ڪمري ۾ پهچي عمر کي چيائين:
    ”صاحب! جلدي ڪر ماکي ٻي جاءِ تي به وڃڻو آهي....“
    عمر وري ننڍڙي ڏانهن نهاريو جيڪو پڻ کيس سواليا نظرن سان اڳ ۾ ئي کيس ڏسي رهيو هو. عمر گھڻي دير تائين ٻالڪ سان اکيون ملائي نه سگھيو. سندس اندر ۾ اڻ تڻ مانڌاڻ مچائي ڇڏيو هو. صدوري کي بيقراري مان چيائين:
    ”صدوري! ڪالهه تائين هيءُ تو سان گڏ نه هو، هي ڪير آهي؟“
    صدوري کٽ تي سمهندي ۽ قميص کي مٿي ڪرڻ لاءِ هٿ وجھندي چيو:
    ”صاحب! ماکي هڪ ٻئي جاءِ تي به وڃڻو آهي، اڳ ۾ به چيم نه تون پنهنجو ڪم ڪري وٺ ته!“
    ”پر صدوري مون کي منهنجي سوال جو جواب ڏي هي ٻار ڪير آهي؟“
    ”ائين سمجھ هي ڪو ڇورو يتيم ٻار آهي هن جو ڪو به وارث وغيره ڪونهي.... بس!“
    ”اهو ته منهنجي سوال جو جواب نه آهي....!“
    ”صدوري کٽ تي ويهي رهي.... ايترو ئي شوق اٿي ٻڌڻ جو ته پوءِ ٻڌ.... صاحب! هي منهنجو پٽ آهي. هن بدنصيب جو پيءُ جواري ۽ نشائي هو. هن جي پيءُ گھر جي هر هڪ شيءِ وڪڻي ڇڏي ۽ رقم جوا جي داءُ تي هارائي ڇڏي، ايتري تائين جو هن ڪميني ماڻهو مانکي به جوا ۾ هارائي ڇڏيو، پر پوءِ مان وڏي مصيبت سان پاڻ ۽ هن جو سر بچائي هن شهر ۾ آيس هتان جي ماڻهن جون
    نظرون مانتي ائين پونديون هيون ڄڻ زندگيءَ ۾ ڪا عورت ڏٺي ڪو نه هجين....“
    صدوري جو آواز ڳورو ٿي ويو ۽ چوڻ لڳي:
    ”پوءِ مانکي هتي ڇا مليو؟ هن ننڍڙي ۽ پنهنجي پيٽ جو دوزخ ڀرڻ لاءِ توهان جھڙن شريف ماڻهن جي بسترن تي سمهڻ شروع ڪيم ۽ هاڻي جيتري تائين جيئري آهيان سمهندي رهندس.“
    صدوري ايترو چئي رئندي رهي ۽ کٽ تان اٿي بيهي رهي ته سندس ننڍڙو ٻالڪ به ڄنگھن ۾ چنبڙي روئيندو رهيو. صدوري، ٻالڪ ۽ هوا سان گڏ ايندڙ پپر جي پنن جو آواز ڪمري ۾ درد جي ڪيفيت کي هانوَ ڦاڙيندڙ بڻائي رهيو هو. عمر پاڻ کي کيرٿر جبل جي چوٽيءَ تان ڪرندي محسوس ڪيو. کيس پنهنجي شرافت جي وڻ جا ڏار ٺڪاءُ ڏيندي ڀڄندي نظر آيا ۽ پنهنجي ئي نظرن ۾ پاڻ ئي ڪري چڪو هو.


    ”ويساهه جو موت“

    ”ويساهه جو موت“


    ”ننڍڙي ڌيءَ! امڙ ائين ڇو پئي روئين....؟“
    ”بابا! اهو نه پڇ....!“
    ”وري به امان! خبر ته پئي تون ايترو زارو قطار ڇو پئي روئين.... مون کان ڏٺو ڪو نه ٿو ٿئي!!“
    ”بابا! مان اجڙيل آهيان، منهنجو ڪو به وارث وغيره ڪونهي منهنجو شهر اوڪاڙه آهي. هاڻي بس هن ٽرين تي چڙهي آهيان، جتي هي ٽرين بيهندي اُها ئي منهنجي منزل هوندي“
    ”ڌيءَ! تنهنجو وارث وغيره ڪوئي ڪونهي!!.... ڪو ته ضرور هوندو....!!
    ”بابا! مان سچ ٿي چوان منهنجو ڪو به ڪونهي.... ننڍپڻ ۾ ماءُ پيءُ گذاري ويو، مون کي پنهنجي پڦي پاليو آهي، پر اُها ويچاري به مهينو اڳ گذاري ويئي ڪجھ ڏينهن مائٽن وٽ رهيس پر اُهي مون کان بيزار ٿي ويا.... مان ٻيو ڪو چارو نه ڏسي نڪري پيس.... هاڻي جيڪو به جھڙو به مون کي پنهنجو ڪندو مان ان سان پرڻجي ان وٽ رهندس.“
    ”عجب زمانو اچي ويو آهي.... هتي ڪوئي به ڪنهنجو نه آهي.... رشتن کي الائي جي ڇا ٿي ويو آهي.... نه رو.... منهنجي امان نه رو.... تون مون سان هل مان ئي ڪجھ ڪيان ٿو....“
    ”چاچا وريام! مون سان ته ظلم ٿي ويو.....!“
    ”ڇو ابا! وائي ته سٺي ڪڍ....“
    ”ڪهڙي وائي سٺي ڪڍان، تنهنجي چوڻ تي ان ڇوڪريءَ سان شادي ته ڪيم اُها ته مون کي برباد ڪري ٻه ڏينهن ٿيندا جو گھر مان شادي ۾ مليل سمورا زيور کڻي ويئي ۽ اڄ اخبار ۾ ان جو ڦوٽو به آيو آهي ته اها ڪورٽ ۾ پيش ٿي آهي ۽ سندس مائٽن جو چوڻ آهي ته اسان هن کي زوري اغوا ڪري هتي کڻي آيا هئاسون.“
    ”ڇوڪري، مائٽ، شادي، زيور، زوري اغوا ۽ اُهو به اسان....!!“
    ۽ ايترو سوچيندي چاچي وريام جو وات ئي پٽجي ويو ۽ يقين نه ٿي آيس ته هي دنيا ايتري ڪيئن بدلجندي پئي وڃي....!!!


    ”ماچيس جي تيلي“

    ”ماچيس جي تيلي“


    اوچتو رڙيون مچي ويون.....
    ”پڪڙيو پڪڙيو.... حرامين کي پڪڙيو.....!“
    ڪنهن فليٽ مان ڦر ڪرڻ جي ارادي سان آيل ڦورو ناڪام ٿيڻ تي ڀڄي نڪتا ته اوچتو ماڻهن ۾ هُل پئجي ويو....
    گڏ ٿيل ماڻهن جي وڏي ميڙ ٽنهي ڦورن کي پڪڙي ورتو ته ميڙ مان ڪنهن چيو:
    ”هنن ڪتن کي پوليس جي حوالي نه ڪجو.... ڇو ته اُهي هنن کي ڇڏي ڏيندا..... هنن اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي!“
    وري ڪنهن چيو:
    ”سوئر.... سوئر جا پٽ آهن هي.... ڪٽيو زال جي ڀڙون کي.... نه ڇڏجو....“
    وري ڪنهن چيو:
    ”هي ڪهڙو اسان تي رحم ٿا ڪن.... مارڻ ۾ به دير نٿا ڪن..... نه ڇڏجو.... هتي ئي ٽنهي کي ڦاسي ٿا چاڙهيون....“
    هڪ پوڙهي چيو:
    ”ڇڏيو پٽ! قانون کي هٿن ۾ نه کڻو، رياست هنن کي پاڻ سزا ڏيندي، هنن کي پوليس جي حوالي ڪريو، ائين نه ڪريو، هر ڪنهن پاڻ سزا ڏيڻ شروع ڪئي ته پوءِ ڪو به محفوظ نه رهندو!!“
    نوجوان چيو:
    ”ڇڏ چاچا! اِهي نصيحتون، هي ته روز جو معمول ٿي ويو آهي اسان تنگ اچي ويا آهيون....“
    ٻئي نوجوان چيو:
    ”ڪڍو موٽر سائيڪل مان پيٽرول، ساڙيو حرامين کي.....“
    ۽ پوءِ مٿن پيٽرول هاريو ويو ۽ پوءِ ماچيس جي تيلي جو ننڍڙو شعلو مٿن اڇلڻ سان ٽنهيءَ جون هانوَ ڦاڙيندڙ رڙيون ۽ درد ڀريون آهون هيون، جيڪي ماڻهن جي ميڙ جي ٽهڪن ۽ رڙين ۾ دم ٽوڙي وجھن ٿيون.........


    ”مَـڙد جو حياءُ“

    ”مَـڙد جو حياءُ“


    هُن چيو: هاڻي رات جو ننڊ نٿي اچي پاسا ورائي ورائي ٿي
    ٿڪجان!
    مون چيو: ڇو؟
    هن چيو: اکيون ٿي پوريان ته هو هليو ٿو اچي!
    مون چيو: ڇا ٿو ڪري تو کي؟
    هن چيو: صرف ڏسندو رهي ٿو.
    مون چيو: اڙي! پوءِ ڏسڻ ۾ ڇا آهي؟
    هن چيو: مون کي حياءُ ٿو ٿئي!
    مون چيو: هُن کان حياءُ ڇا جو؟
    هن چيو: بس مون کي سمجھ ۾ نٿو اچي!!
    مون چيو: آخر تو کي ڏسي ئي ته اٿو، پر جي ڪجھ ڪيائين به ته تو کي ڀاڪر ۾ ڀريندو، جي تو کي ڀاڪر ۾ به ڀريائين ۽ هڪ مٺي به ڏنائين ته تنهنجي ڪوسن چپن تي لعاب جي چاشني آڻيندو ۽ جي اها چاشني تو چکي ته، چري! اهو حياءُ پيار ۾ بدلجي ويندو!
    هن چيو: ته اهو پيار آهي!!
    مون چيو: ٻيو نه ته!
    هن چيو: ته پوءِ اهڙو حياءُ هن کي به ٿيندو هوندو!
    مون ڪجھ به نه چيو، مون وٽ ڪو به جواب نه هو، ڇو ته مان مڙد نه هيس!


    ”آخري مُـلاقات“

    ”آخري مُـلاقات“

    ”راجا! تون واقعي سٺي شخصيت آهين، تو مون سان سمورين اوڻائين باوجود پيار ڪيو، منهنجن دردن کي پنهنجا درد سمجھي پنهنجي سيني سان لاتئي ۽ تو مونکي ان وقت سهارو ڏنو جڏهن مان پوريءَ طرح زندگيءَ کان مايوس هُيس. مون کي جيون ۾ تو جھڙو حقيقي ۽ سٺو جيون ساٿي نه ٿي ملي سگھيو. تو ۾ جيون ساٿي هجڻ جون سموريون صلاحيتون موجود آهن، پر جيئن ته مون کي اڃان اڳتي وڌڻو آهي تنهن ڪري مان توسان شادي نٿي ڪري سگھان. هي هيڏي ساري زندگي پيسي کان بغير، کوکلن لفظن، خالي ڪتابي ڳالهين، فضول شاعريءَ تي نٿي گذاري سگھجي. تون سٺو ماڻهو آهين. پنهنجي لاءِ ٻي ڇوڪري ڏسي شادي ڪري ڇڏجانءِ وري مُلاقات ٿئي الائي نه..... تنهن ڪري دل ۾ نه ڪجانءِ.....“
    ايترو چئي شازيه چانهه جو بل ڏيئي راجا کان موڪلائي هلي ويئي. راجا جيڪو شازيه جي دل جو راجا نه ٿي سگھيو هو، پر پنهنجي هارايل وجود جو راجا ٿي ڀاسيو شازيه جا لفظ پڙاڏو بڻجي ڪنن ۾ وڄندا رهيس ۽ پنهنجون اکيون آليون ٿيندي محسوس ڪيائين پر جلديءَ ۾ پاڻ سنڀاري ويو.
    صبح جو جيئن آفيس پهتو ته سندس ڪلارڪ دوست ٻڌايو ته ”پاڻ واري ٽائپسٽ مس شازيه پاڻ واري صاحب سان شادي ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪافي ڏينهن کان سندن افيئر به هلي رهيو هو.“ اهو ٻڌي راجا کي ڪا به حيرت ڪا نه ٿي.
    مهيني جي موڪل کانپوءِ شازيه وري ڊيوٽي تي اچي ويئي ان تي آفيس جي ڪنهن به ماڻهو کي حيرت ڪا نه ٿي، ڇو ته پندرنهن ڏينهن کانپوءِ ٻنهيءَ ۾ طلاق ٿي ويئي ۽ ان وقت به راجا کي ڪا به حيرت نه ٿي هئي ۽ اڄ جڏهن مهيني کانپوءِ شازيه ڊيوٽي تي آئي هئي تڏهن به کيس ڪا به حيرت نه ٿي آهي.



    ”آخري چُمي“

    ”آخري چُمي“

    ”جيجل امان! ته پوءِ مون کي اجازت آهي ته مان پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ جنگ جوٽڻ وڃان!“
    جيجل ماءُ جي اکين ۾ آگم خوشيءَ جو وسڪارو لائي ڏنو پنهنجي جانٺي جوان پٽ جي واتان اهو ٻڌي سندس ڪنڌ فخر سان اوچو ٿيندو ويو.....
    ”ابا! وڃ ۽ پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ جنگ جوٽ ۽ هڪ ڳالهه ياد رکجانءِ گولي تنهنجي سيني تي هجي، جيڪڏهن گولي تنهنجي پٺيءَ تي ڏٺم ته پنهنجي ٿڃ نه بخشيندي سانءِ.“
    ۽ اهو چوندي جيجل ماءُ پنهنجي جوان پٽ جي نرڙ تي آخري چمي ڏني.
    ۽ جڏهن سندس جوان پٽ جو لاش آيو ته سندس سڄو جسم گولين سان چچريل هو.


    ”بُـک ڀَرم جي“

    ”بُـک ڀَرم جي“


    ميرا ڪپڙا پهريل، گرميءَ ڪري پگھر ۾ شل، ڪاراٽيل جھيڻو جسم، اکيون ڏرا ڏنل، اندر ٿيل، وچ چوڪ تي بند پيل جوس واري مشين جي ٽيبل کي پٺيءَ جو سهارو ڏيئي ويٺل، هر هر منهن تان پگھر کي پوتيءَ سان ٿي اگھيائين. سندس سامهون جيتامڙو وجود سندس ئي پٽ صرف ميري قميص ۾ زمين تي گڏ ويٺل ۽ نڪ مان وَڙهيل سنگھ مٿين چپ تائين آيل، بک وگھي پاهه ٿيل.
    ايتري ۾ سندس ور هڪ هنداڻي جو اڌ کڻي وٽن اچي ٿو ته ٻنهي ماءُ پٽ جي چهرن تي خوشي جُھمر پائيندي ڀاسي ٿي. ٽئي هنداڻي کي کائڻ ۾ جنبي وڃن ٿا. اڌ هنداڻو کائڻ کانپوءِ وني پنهنجي ور کان پڇي ٿي:
    ”اي! هي ڪٿان آندو هجئي؟“
    سندس ور ڪو به جواب نه ڏنو ته ونيءَ وري پڇيس:
    ”اي هي! جباب ڇو نٿو ڏين؟“
    سندس ور منهن کي ڏسي پنهنجا هٿ ڇنڊيندي چيس ٿو:
    ”اي هي سوني! تو کي هميشه تڪڙ ڇو هجي، تو هنداڻو کاڌو هجي ته بس... تون انب کائيندي هجي ته ان جي کوکڙين کي ڇو ٿي ڳڻين؟“
    ”اڙي مڙد! سوني اهڙي مائي نه هجي پر خبر ته هجي نه ..... ته تو وٽ صبح لاڪون هڪ رپيو به نه هجي ته پوءِ تون هي هنداڻي جو اڌ ڪٿان وٺي آيو هجي!!“
    ”اي سوني! هي زمانو وهندو هجي ۽ دريا بادشاهه هجي..... هڪ پراڻو سنگتي ملي ويو هجي ته ان ڪجھ پيئسه ڏنا هجن بس ايتري ڳالهه!“
    ”اي هي! نه ڪو..... مان تو کي سڃاڻيندي هجان..... سچ پچ ٻڌاءِ!“
    ”اي هي سوني! مون کان توهان جي بک ڏٺي نه ٿي هجي، هتان جو اٿي ويس ته پرلي چوڪ تي گند جي پيٽيءَ ۾ انهيءَ هنداڻي جو اڌ پيو هجي ته کڻي هليو آيس، بک کانپوءِ اهو به ڀلو هجي هاڻي ته تو کي دلجاءِ ٿي هجي نه.....!“
    ۽ اهو ٻڌي پاڻ به روئڻ لڳي ته سندس سامهون ويٺل جيتامڙو به روئندو رهيو ته کيس ڇڪي پنهنجي ڇاتيءَ سان لاتائين سندس جيتامڙو وجود ته چپ ٿي ويو پر سندس اکين ۾ سمونڊ اٿلي پيس روئندي رهي..... روئندي رهي..... چوڪ تي سرعام ڪوئي تڙپي رهيو هو ۽ چوڪ تي عام معمول واري زندگي پنهنجي ڌن ۾ پنهنجي رفتار سان جاري هئي.


    ”آف دي رڪارڊ“

    ”آف دي رڪارڊ“

    ”مان ٿو چوان هڪ وڏي سازش ٿي رهي آهي، سازش به اهڙي سازش جيڪا صرف اڳيان پٺيان هر پاسي کان سازش نظر اچي رهي آهي. اهي ظالم نٿا چاهين ته اسان سازش ڪيون يا ته وري هو اسان جي سازش کي سمجھي چڪا آهن.“
    اهو چوندي ننڍي دانشور وڏي دانشور تي نظر وڌي ته وڏي دانشور پنهنجي نڪ تي سُرڪي آيل ٿلهي چشمي کي هٿ جي اشاري سان مٿي ائين لوڏو ڏنو ڄڻ ذهن بجاءِ ٿلهي چشمي سان، ٿلهي ڳالهه سوچيندو هجي. ننڍي دانشور جي ڳالهه واري دال ۾ ٻيو ڪجھ ڪارو هجي نه هجي ”سازش“ وارو ڪارو پٿر صاف نظر اچي رهيو هو. ننڍو دانشور، وڏي دانشور کي سوچ جي دُٻي ۾ غوطا کائيندي ڏسي، وري چوڻ لڳو:
    ”اسان کي ان ”سازش“ خلاف سازش ڪرڻ گھرجي نه ته هنن جي سازش ڪامياب ويئي ته پوءِ اسان جي سازش جو ڇا ٿيندو.....؟“
    ”ننڍو دانشور ڳالهائي رهيو هو ته عادت موجب وچ ۾ وڏي دانشور ڳالهايو.
    ”معاف ڪجانءِ مان وچ ۾ ٿو ڳالهايانءِ، جيڪڏهن ان سازش کي ڪاري ڪري مارائجي ته ڪيئن رهندو.....!“
    ”ننڍي دانشور وڏي دانشور جي اهڙي ڳالهه ۽ صلاح ٻڌي ڄڻ ته باغ بهار ٿي ويو. ان تي ننڍي دانشور وڏي دانشور جي پيرن تي هٿ رکندي چيو:
    ”وڏا! هتي ۽ هن موقعي تي ”ڪارو ڪاري“ جي رسم واهه جو ڪم ڏيندي..... اسان جا ڪافي غير دانشور ان رسم جي خلاف آهن مان چوان ٿو ڪا به رسم يا ڪا به شيءِ هتي غلط ڪونهي هتي ڪڏهن ڪڏهن ڪَکُ به ڪم ڏيئي وڃي ٿو آخر هڪ ڪَکَ هيٺان لَکُ جو لِڪل آهي.“ ساهه کڻي وڌيڪ چوڻ لڳو ”ترقي پسنديءَ ۾ اسان کي پنهنجن رسمن کي نه وسارڻ گھرجي آخر غيرت به ڪا شيءِ آهي.....!“
    وڏي دانشور گول ڪرسي تي ڦرندي چيو:
    ”ان سان ڇا ٿيندو جو ان سازش کي ڪاري ڪرڻ کانپوءِ آخر ڪار فيصلو به ته اسان جي هٿ ايندو نه..... پوءِ ڏسجانءِ منهنجا فيصلا.....!“
    وڏي دانشور جي ان ڳالهه تي ننڍي دانشور جون اکيون خوشيءَ منجھان گول ڦرڻ لڳيون پر ننڍي دانشور جي نرڙ تي سوچ جون ريکائون به چٽيون نظر پئي آيون. هڪ ساعت ۾ وڏي دانشور کي مخاطب ٿيندي چيائين:
    ”وڏا! ڀلا ان سازش کي ڪاري ڪري ته مارائجي پر آخر ڪار کيس ڪنهن سان ڪارو ڪجيس؟“
    ننڍي دانشور جي انهيءَ ننڍي ڳالهه تي وڏي دانشور پنهنجي اعليٰ دانشوريءَ سان هي چيو:
    ”ان سازش کي ساڙ سان ئي ڪاري ڪري مارائڻو پوندو تڏهن وڃي جند ڇٽندي.“
    ”معاف ڪجانءِ وڏا! ساڙ ته اسان جو طاقتور بازو آهي اهو ڪيئن ٿو چئين. هت ظالمن جي سچ سان ئي کيس ڇو نه ڪاري ڪري مارائجي.“
    ننڍي دانشور جي ايڏي گھرائي واري ڳالهه تي وڏو دانشور داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه سگھيو ۽ چيائين:
    ”واقعي تون هڪ ڏينهن منهنجي جاءِ ضرور ڀريندي، مون کي اڄ تو تي فخر ٿي رهيو آهي. اها ڪيڏي نه حقيقت آهي ته هر ڪوئي پاڻ جھڙي کي واهه جو ڳولهي لهي ٿو. مان پنهنجو پاڇو تو ۾ ڏسي رهيو آهيان. هاڻي گھٽ ۾ گھٽ مان مطئمن آهيان.“
    ”بس وڏا! اها تنهنجي مهرباني آهي، نه ته پاڻ واقعي ڪنهن کان گھٽ به ٿورئي آهيون.“
    ننڍي دانشور جي اها ڳالهه ڄڻ ته وڏي دانشور کان ڪجھ هضم ٿيندي نظر نه آئي ڇو ته وڏي دانشور جي موجودگي ۾ اها ڳالهه ڪرڻ ڪنهن به طرح صحيح ته نه هئي نه، ننڍي دانشور کي اهڙي جملي ڳالهائڻ کان پوءِ احساس ٿيو ته هن سانڊي وانگر رنگ مٽائيندي سڄي ماحول جو رنگ به مٽائي وڌو ۽ چوڻ لڳو:
    ”سائين! هن سرڪاري ادبي اداري جا توهان اڃا ڪيترو عرصو سنڀاليندڙ رهندوءُ.....“ ان تي وڏي دانشور پنهنجي ٿلهي چشمي اندران وڏيون اکيون ڪڍندي چيو ”ڇو........؟“
    ”اهو ان لاءِ ته ڪجھ ڪتابن ڇپائڻ لاءِ تياري ڪجي.“ ننڍي دانشور جو اهڙو جملو ٻڌي ڪجھ بهتر ٿيو ۽ چيائين:
    ”تون ٻڌاءِ ڇا ڇپرائجي.....؟“
    ”سائين توهان پنهنجا ٻه چار ڪتاب ڇپائي وجھو هيڏو توهان جو ڪم ٿيل آهي ۽ نالو به آهي ۽ وڏي ڳالهه ته توهان جو حق به آهي ۽ اها عزت توهان ماڻهن کان گھري وٺو ڇو ته اهڙو حق حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجھ جائز آهي. هونئن به توهان هن اداري تي سربراهه جي حيثيت سان ويٺا آهيو ته به وڏي ڳالهه آهي ۽ ڪو نوجوان اچي ويٺو ته سڀ ڪجھ کائي ويندو ۽ اهڙا ڪم ڪندو جو اداري کي سڄي سنڌ ۾ خوار ڪندو ۽ خواهه مخواهه پاڻ کي مشهور ڪندو گھٽ ۾ گھٽ توهان ته ائين نه ڪندوءُ توهان اڳ ۾ ئي مشهور آهيو ۽ توهان جي هڪ الڳ سڃاڻپ آهي ۽ توهان جيڪو ڏکيو تحقيقي ڪم ڪيو آهي جيڪو ڪوشش جي باوجود ڪنهن کي سمجھ ۾ نٿو اچي پر اڳتي هلي صدين کان پوءِ ضرور ڪو نه ڪو ماڻهو سمجھيو به ته اها توهان لاءِ وڏي ڳالهه هوندي.“
    وڏو دانشور ننڍي دانشور جي اهڙي ڳالهه ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ خيال آيس ته هيڏي پر مغز ڳالهه ٻولهه ٿيڻ ۽ گھڻي وقت ڳري وڃڻ کان پوءِ به چانهه جو ته آرڊر ڏنو ئي ڪونهي... وڏي دانشور گھنٽي وڄائي پٽيوالي کي گھرايو.
    ”بابا ٻه کير پتي چانهه ملائي واريون ۽ کائڻ لاءِ ڪجھ بسڪٽ به..... ها ته تون ڇا چئي رهيو هيئن.....؟


    ”دُک جي ديوار“

    ”دُک جي ديوار“


    انگريزن جي دور جو هڪ پراڻو سرڪاري ڪوارٽر ۽ سرڪاري ڪوارٽر ٻاهران پوليس جو ڪڙو چڙهيل ۽ هي ٻئي آخري ملاقات ۾ ماٺ ڪيو هڪ ٻئي سامهون ويٺل آهن. فهميده کي ڳاڙهو وڳو پاتل آهي. سڄڻ کي مسلسل سواليا نهاري رهي آهي. سڄڻ سندس اڳيان ڪنڌ جھڪايو ويٺو آهي. چڱي ماٺ کان پوءِ فهميده ڀرجي آيل اکين ۽ ڳوري آواز سان چئي ٿي:
    ”سڄڻ!..... مون کي ڇڏڻ جو فيصلو تو ڪيو ڪيئن؟“
    فهميده جي اکين جا ڳوڙها ڇپرن جا بند ڀڃي وهي پيا. ائين ٿي ڀاسيو فهميده جا اهي ڳوڙها سڀ ڪجھ وهائي ويندا سڀ ڪجھ..... ڪاش سڄڻ طرفان مليل دک جي ديوار کي به پاڻ سان کڻي وڃڻ جي سگھ رکندا هجن ها. هونئن ته سڄڻ سان نڪرڻ واري مهل کان وٺي هر مرحلي تائين هن هر هڪ دک کي پئي سٺو، پر سڄڻ جي ڇڏڻ تي الائي ڇو هي ته اڌ ٿي پئي هئي.
    سڄڻ جيڪو سماج جي ڪوڙين ريتن رسمن جي هٿ ڪڙولن ۾ گرفتار ٿي چڪو هو. تنهن اکر به ڪو نه اُڪليو پر سندس منهن مسلسل هيٺ هو. فهميده پنهنجي سموري سگھ ميڙي وري ڳالهايو:
    ”تنهنجي خاموشي کي سڄڻ! مان ڇا سمجھان تون ئي ته هُئين هيترن ماڻهن مان جنهن تي منهنجي اعتبار جي ديوار رکيل
    هئي تون ته اهو ٻوٽو هئين جنهن تي اعتبار جي مند ۾ گل ٽڙي پوندا آهن. تو هي ڇا ڪري ڇڏيو. اسان هڪ ٻئي کان ايترا اوپرا ٿي ويا آهيون، جو اسان جي هن آخري ملاقات ۾ هن سرڪاري ڪوارٽر ٻاهران سرڪار جو ڪڙو چڙهيل آهي. مون کي جواب ڏي ته هاڻي هن سماج ۾ منهنجو ڪردار ڇا بچندو. سڄڻ! تو ائين ڇو ڪيو؟“
    سڄڻ جي ڳوڙهن به نيٺ بند ڀڳا پر سندس منهن پوءِ به هيٺ هو.
    فهميده وري ڳالهايو:
    ”سڄڻ! آخر تون ڪو به جواب نٿو ڏين ته مان ڇا سمجھان..... تون بيوفا آهين يا مان!..... مونکي رستو ڏيکار ته آخر مان ڇا ڪيان منهنجو رهبر جو تو هئين، ڇا مان ائين سمجھان ته تون ارادي جو مضبوط ناهين، هميشه مون جھڙين ڇوڪرين کي ائين ٻليدان چاڙهيو ويندو رهندو؟ هن هيڏي سفر ۾ مان تو سان گڏ بيٺي آهيان.“
    پر سڄڻ پنهنجو منهن مونن ۾ وجھي روئندو ئي رهيو ۽ فهميده انگريزن جي دور جي سرڪاري ڪوارٽر جو دروازو کولي ٻاهر هلي ويئي.


    ”حـق ۽ آزادي“

    ”حـق ۽ آزادي“

    هو جيئن ئي ”عورتن جي حقن ۽ انهن جي آزادي“ جي موضوع تي تقرير ڪري هيٺ لٿو ته تاڙين سان هال وڄڻ لڳو. هي پنهنجي ايتري پذيرائي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. هي خوش هو ۽ هن جو ضمير به مطمئن هو، ان لاءِ ته هن مڙدن جي معاشري ۾ مظلوم عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪري، ڄڻ ته پنهنجي نظريي کي ٻين تائين پهچائڻ جو حق ادا ڪيو هو، ۽ اهو ئي هن جي نظرياتي پارٽيءَ جو موقف هو.
    هي سيمينار ۾ آيل سڀني عورتن جي چهرن کي غور سان ڏسي رهيو هو، جيڪي کيس مڃتا ڏيئي رهيا هئا. سندس اهڙا ئي خوبصورت چنڊ جهڙا چهرا هن جي ڪمزوري به رهيا هئا، ان سمي هي به ڄڻ ته ٻهڪندو رهيو.
    هي جيئن ئي گھر پهتو ته سندس ڌيءَ ڪومل ڏاڍو خوش ٿيندي پڇيو: ”بابا! اڄ ڏاڍا خوش پيا لڳو، خير ته آهي نه.....“
    ”ها پٽ! مان ڏاڍو خوش آهيان ان لاءِ ته، اڄ مون سيمينار ۾ ”عورتن جي حقن ۽ انهن جي آزادي“ تي ڪامياب تقرير ڪئي آهي. سمجھان ٿو ته مان پنهنجي نظريي ۽ پنهنجي پارٽيءَ جو موقف پيش ڪيو آهي.“ سندس ڏهن سالن جي ڌيءَ ڪومل کي عورتن جي حقن ۽ انهن جي آزادي جي ڳالهه سمجھ ۾ نه آئي ته وري کائنس پڇيو:
    ”بابا! ”حق ۽ آزادي“ اهي ڇا آهن بابا........“
    ”اڙي منهنجي چري ڇوڪري، حق معنى.......“
    هي سوچڻ لڳو:
    ”ائين سمجھ عورتن کي جيڪا شيءِ گھرجي اها انهن کي ڏجي ۽ آزادي معنيٰ اها شيءِ ته عورت هر فيصلي ۾ آزاد هجي، ڪجهه سمجھئي.“
    ”پر بابا! توهان ته ڪڏهن به امان کي ڪا به شيءِ نه وٺي ڏني آهي ۽ امان ته ڪڏهن به ڪو فيصلو پاڻ نه ڪيو آهي؟“
    ”اها ڳالهه عورتن جي حقن ۽ انهن جي آزادي جي آهي تنهنجي ماءُ جي لاءِ ناهي، ڇڏاءِ ماني کڻي اچ ڏاڍي بک لڳي آهي.“


    ”اڏام“

    ”اڏام“


    ”اسان جي به ڪا زندگي آهي، اڄ ٽيون ڏينهن آهي جو مينهن بند ٿيڻ جو نانءُ به ڪو نه پيو وٺي. ڏس هڪ ڪچو گھر ٻيو گھر جو آڳر به گرچڻ سان سٿجي ويو آهي. هڪ اسان غريب وري ٻيو عذاب به اسان سهون“
    ”اڙي سفوران! ڇا پئي چپن ئي چپن ۾ ڀڻڪين؟“
    ”اڙي! رئان پئي پنهنجي مقدر تي“
    ”اڙي هاڻي ڇو ٿي هٿ هڻين، لشڪر ڪڍيون ويٺين آهين“
    ”اهو به تنهنجو نه!“
    ”نه ڙي نه...... اسان ٻنهين جو پورهيو آهي“
    ”واهه ڙي مڙد تنهنجو انصاف“
    ”اڙي هاڻي ٺهيو، هنج وارو ننڍڙو پيو روئي تنهن کي ببو ڏي“
    سفوران ٻار کي ببو ڏنو ته ٻار سانت ڪئي، وري سندس مڙس شمن ڳالهايو:
    ”سفوران!“
    ”چئو ڇاهي؟“
    ”اڄ سوڌو مينهن وسي پيو اهو مينهن ٻه ڏينهن ٻيا وٺو ته پاڻ ڇا کائينداسين ۽ مٿان وري هي ڪچڙو عيال“
    ”بس شيروءَ جا پيءُ! مالڪ کي رحم پئي پاڻ ڇا ٿا ڪري سگھون“
    ”ڀلا ٻڌ!“
    ”ها چئو“
    ”ننڍڙو سمهي پيو“
    ”ڇو؟“
    ”اڙي تو ۾ ڪم آهي“
    ”پوءِ اتان ئي چئو نه“
    ”صفا سادي آهين، ننڍڙي کي سمهاري هيڏي منهنجي کٽ تي اچ!“
    سفوران ننڍڙي کان آهستي پنهنجو ببو ڇڏايو ۽ کيس آهستي آهستي پنهنجي ٻن سالن جي ننڍڙي ڌيءَ سان سمهاريو. پوءِ هوءَ اتان اٿي ٻئي کٽ تي آئي، جتي سندس ٽي ٻار ستا پيا هئا. انهن مٿان ٻرانگھ وجھي پنهنجي مڙس شمن جي کٽ تي آئي.
    ”ها شيروءَ جا پيءُ! چئو“
    ”آءُ مون سان گڏجي سمهه، توسان ڪچهري ڪرڻي آهي“
    سفوران فرمانبردار گھرواري جيان پاسي ۾ اهلجي پيس.
    ”سفوران! ڪيڏن ڏينهن کانپوءِ پاڻ گڏ ستا آهيون“
    ”ڇا ڪيان ٻارن مان واندي ئي ڪا نه ٿي ٿيان، سڄو ڏينهن انهن جي اڳ پوءِ ۾ گذري وڃي ٿو. جڏهن اهو جبل جيڏو ڏينهن کٽي ٿو ته وري رات جو هر هر ننڍڙو ٿو اٿي، هاڻي الائي ڪئين مس آرام آيو اٿس“
    ”پر سفوران! پاڻ سڄو ڏينهن وڃين ٿو ڪم ڪار ۾ گذاريان، رات جا چار پهر جيڪر گڏ گھارجن ته سموري ڏينهن جا اصل ٿڪ ئي لهي وڃن“
    شمن سندس مٿان ٻانهن ڦيري سفوران کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڪيو. ”سفوران! اسان غريبن جي به ڪهڙي زندگي آهي؟ خبر ئي نه پئي ٻارن ٻچن وارا ٿي وياسين. سڄو ڏينهن ٿو وهان تڏهن به پورت ڪونهي، پهرين شيرو ڄائو ته مڙئي مالڪ جي مهربانيءَ سان گاڏو پيو گڙندو هو، پر هاڻي هنن هيڏن ٻارن جي لٽي ڪپڙي جي ڪيان، انهن جي کائڻ پيئڻ جي ڪيان يا انهن جي پڙهائي جي ڪيان!“
    ”اڙي شيروءَ جا پيءُ ايتري ۾ دل لاٿي اٿي، اڙي ٻار اسان تي ڪهڙو بار آهن، هر ڪو پنهنجو رزق پاڻ سان کڻي ايندو آهي، تون ڪو الڪو نه ڪر، مڙئي ڀلائي ٿيندي.“
    سفوران شمن جي اڻتڻ جي تهه تائين پهچي چڪي هئي، ان ڪري هن شمن کي هڪ مٺي ڏني، انهي مٺي شمن جون سموريون ڳڻتيون ختم ڪري ڇڏيون، انهي مٺي شمن ۾ ڄڻ ته شڪتي آڻي ڇڏي ۽ انهيءَ مٺي شمن کي بي قابو ڪري ڇڏيو، شمن پنهنجو هٿ سفوران جي چولي اندر وڌو ۽ سندس ڇاتين سان کيڏڻ لڳو، سفوران به هڪ قسم جو سرور محسوس ڪيو، ائين ٻنهي هڪ ٻئي تي مٺين جو وسڪارو لائي ڏنو.
    ائين ٻنهي جسمن ۾ گرمي وڌندي وئي ۽ هاڻي ٻئي جوڀن ۾ اچي ويا. شمن سفوران جي قميص جو مٿيون پلو مٿي ڇڪي ورتو سندس سامهون سفوران جي ڇاتي هئي، جيڪا اڳ جي ڀيٽ ۾ کيس نپوڙيل ڀاسي، انهيءَ لڙڪيل گوشت جي ٽڪرن کي ڏسي وائسي رهيو، جيڪي کيس هن کي ڪنهن مسجد جا ڊٿل مينار ڀاسي رهيا هئا.
    شمن کي شادي جي پهرين رات ياد آئي، ان ڏينهن سفوران پنهنجي ڦوهه جواني ۾ هن سامهون هئي، سندس وڌيل اڳ کيس ڪنهن قلعي جا مضبوط برج ڀاسيا هئا. سفوران جو وڌيل اڳ هميشه شمن جي ڪمزوري رهيو. ايتري ۾ ننڍڙو روئڻ لڳو، سفوران پنهنجي قميص هيٺ ڪري هڪدم ننڍڙي ڏانهن وڃڻ لاءِ اٿي، شمن پنهنجي سوچ مان واپس موٽي آيو. کيس پنهنجي ننڍڙي تي ڪاوڙ به ٿي آئي ۽ پيار به.
    ايتري ۾ وري مينهن تيز پوڻ شروع ٿيو ۽ شمن ڪمري کان نڪري ورانڊي ۾ بيهي، تيز پوندڙ مينهن کي ڏسڻ لڳو. شمن
    چپن ئي چپن ۾ چيو ”الله سائين! هاڻي مينهن کي بند ڪر، اچي تنگ ٿيا آهيون. شمن اندر ڪمري ۾ گھري آيو سفوران کيس چيو:
    ”شيروءَ جا پيءُ! مينهن تيز پيو پوي ڇا؟“
    ”هائو“
    ”هاڻي الله سائين بند ڪريس اڳئي پنهنجو گھر ڪچو آهي، وڌيڪ مينهن پيو ته پوءِ پنهنجو غريباڻو اجھو ته لڙهي ويندو.“
    پر شايد مالڪ ٻنهي جي ٻڌي ورتي هئي، مينهن آهستي ٿيو هو ۽ شمن وري مينهن جو جائزو وٺڻ لاءِ ورانڊي ۾ آيو، هاڻي مينهن جي ڦڙي ڦڙي ٿي پئي. هي سڌو ڪمري ۾ اچي پنهنجي کٽ تي اهلجي پيو.
    ”سفوران!“
    ”ها چئو“
    ”ننڍڙو سمهي پيو؟“
    ”ها مس وڃي اک لڳي اٿس.“
    ”پوءِ ٻيلي قرب جو پير ڀري هيڏي اچ نه، اڄ الائي ڇو دل توکي پنهنجي پاسي ۾ سمهارڻ گھري ٿي.“
    سفوران کيس اتان ئي مرڪي چيو:
    ”دل چوئي ٿي يا.....“
    ”اڙي! مان ٿر آهيان، اچ مون تي وسڪارو ڪر، جيئن منهنجو سَنڌ سَنڌ ٺري پئي.“
    سفوران ننڍڙي کي وري پنهنجي ڌيءَ سان سمهاري شمن ڏي آئي ۽ گڏ ستي.
    ”شيروءَ جا پيءُ!“
    ”ها چئو“
    ”اسان تان ڏکيا ڏينهن ڪڏهن ٽرندا؟“
    ”اڙي! مولا چاهيو ته جلد ئي، ان وٽ دير ضرور آهي پر انڌير ناهي“
    ”پر شيروءَ جا پيءُ!“
    ”پر ڇا؟“
    ”پر اهو ته اسان کي به ڪجھ سوچڻ کپي، تون ڪمائڻ وارو هڪ آهين ۽ اسان کائڻ وارا هيترا، مٿان وري گذران به مشڪل سان پيو ٿئي، پاڻ پنهنجو پيٽ گذر الائي ڪيئن پيا ڪيون.“
    ”اڙي شيروءَ ماءُ! اُلڪو ڇو ٿي ڪرين؟ مان ويٺو آهيان نه، جيستائين منهنجي سيني ۾ دم آهي مان توهان کي بک تي ويهڻ ڪو نه ڏيندس، هيڪر تون مينهن کي بند ٿيڻ ڏي پوءِ ڏسجانءِ“
    ”شيروءَ جا پيءُ! شيرو پاڙي وارن جي گھر ٽي_وي ڏسي آيو آهي، تون نڪري ويندو آهين ته مون کي چوندو آهي ته بابا کي چئو ته اسان کي به ٽي_وي آڻي ڏي.“
    هي ماٺ رهيو، پر پوءِ سفوران کي چيائين:
    ”بس تون مينهن کي بند ٿيڻ ڏي، ڏسان ٿو ڪنهن کي، متان ڪو قسطن تي ٽي_وي ڏئي وجھي، بس ويٺا ڏسجو بس“
    ”پر مونکي ٽي_وي ڏسڻ جو شوق ناهي“
    ”اڙي! تو کي ناهي ته ڇا آهي، شيرو ۽ ٻيا ٻار ڏسندا“
    شمن وري سفوران مٿان ٻانهن ڦيرائي، کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ ڪيو ۽ هڪ ڳل تي مٺي ڏنائين. سفوران هن جي اندر جو چور پڪڙي ورتو هو سو سفوران پاڻ ئي پنهنجي قميص مٿي ڪري ڇڏي ۽ هي لڙڪيل گوشت جي ٽڪرن تي پيار منجھان هٿ گھمائيندو رهيو ۽ پيار منجھان هٿ گھمائڻ سان گڏ ٿوري هلڪي ڇڪ ۽ زور به ڏيندو رهيو. ان سان هڪ ته سفوران جي ڇاتيءَ مان کير ٿي وڙهو ته ٻئي پاسي هڪ سُرور ٿي محسوس ڪيائين سفوران کيس چيو:
    ”شيروءَ جا پيءُ! هنن جو مالڪ سامهون کٽ تي ستو پيو اٿي ڪجھ خيال ڪر.“
    شمن سفوران جي کيچل سمجھي ويو چيائينس:
    ”اهو منهنجو پٽ آهي، اهو ڪير ته مان ڪير..... پهرين منهنجو حق آهي.“
    ايتري ۾ شمن، سفوران کي زور سان ڀاڪر ۾ ڪيو، هاڻي ٻنهي جسمن زور سان ٿي ساهه کنيا، هڪ ٻئي سان چهٽي پيا سندن وجود هڪ ٿي وڃڻ لاءِ آتو هو. ٻنهي پاسي سهڪو وڌندو ويو، لطف مسلسل وڌي رهيو هو. ٻئي ڄڻا منزل طرف ڪاهي پيا، ٻئي بيخود ٿي پيا، سندن ساهه وچڙهندو رهيو، هاڻي سندن دنگ ويجھو هو ته ايتري ۾ ننڍڙو رُنو پر هيڏانهن پنڌ منزل طرف تيزي سان جاري هو تنهن کي ڇڏڻ سولو ڪونه هو، هوڏانهن ننڍڙي تيز روئڻ شروع ڪيو هيڏانهن سوار سهڪي پيو.
    سفوران جلدي سان پاڻ کي ٺاهي ننڍڙي کي وڃي کڻي بُبو ڏنو ته هر طرف مٺي ماٺ ٿي ويئي. ٻئي زال مڙس هڪ ٻئي کي ڏسي مرڪي پيا.
    صبح جو آسمان بادلن جي گھيري ۾ هو. شمن الله سائين جو نالو وٺي رزق جي تلاش ۾ گھران نڪتو. شام ڌاري جڏهن واپس گھر وريو ته سندس منهن لٿل هو، سفوران کيس اداس ڏسي پڇيو:
    ”خير ته آهي شيروءَ جا پيءُ؟“
    هي موٽ ۾ ماٺ رهيو.
    ”ڇو..... ماٺ ڇو آهين..... ڪم نه مليو ڇا......“
    ”هائو سفوران! ڪم ڪو نه مليو، ڏسين نه پئي ڇا هيڏو مينهن پيو آهي. اڄ منڊي تي، ڪو به ڪم ڪرائڻ لاءِ ڪو نه آيو..... هر ڪو مزدور پنهنجي پنهنجي گھر ڏانهن راهي ٿيو... هر هڪ مايوس، مايوس به آخر ڇو نه ٿين، جنهن جي گھر ۾ اچي ۽ پچي، نه ته بک بچي“
    ”اڙي! الله سائين مالڪ آهي هيانو لاٿو اٿي، اڄ نه ته سڀاڻي ڪم تي ضرور چڙهي ويندين.“
    ”سفوران! پوءِ گھر جو گاڏو ڪيئن گڙندو؟“
    ”تون ڪو اُلڪو نه ڪر، ڏکئي وقت لاءِ ڪجھ ڏوڪڙ بچائي رکيا هئم سي ڪم لائبا، وڌيڪ مالڪ سائين سڻائي ڪندو.“
    شمن جي منهن تي هلڪي مرڪ تري آئي ۽ پاڻ کي هلڪو محسوس ڪيائين، کيس پاڻ تي رشڪ ٿيڻ لڳو جو هيڏي سليقي واري سگھڙ عورت هن جي زال آهي. هي اٿيو سفوران کي ڀاڪر ۾ ڪيائين، سندس سڄي ڏينهن جي مايوسي هڪ ڀاڪر ۾ پَرَ ڪري ڪيڏانهن اُڏامي هلي ويئي.


    ”ماڻهو ٿو ٺاهيان“
    ”ڇا ٿو ڪرين؟“
    ”چري ماڻهو ٿو ٺاهيان!“
    ”ڪيئن...؟“
    ”جيئن تون ۽ مان ٺاهيا ويا آهيون!“
    ”اِهو ڪيئن؟“
    ”ڏس! هيئن.....“
    ”اهو غلط ڪم آهي!!“
    ”اهو غلط يا صحيح پر تون ۽ مان ٻئي ائين ئي ٺاهيا ويا آهيون“
    ”مطلب.....؟“
    ”مطلب... تنهنجو پيءُ ماءُ... ۽... منهنجو پيءُ ماءُ پاڻ ۾ ائين ئي مليا آهن ته پوءِ تون ۽ مان ٻئي ٺهيا آهيون“
    ”تو ۾ ذرو به شرم حياءُ ڪونهي..... تون منهنجي ۽ پنهنجي پيءُ ماءُ لاءِ ايترو ڪِنو ٿو ڳالهائين.....“
    ”پر سهڻا! اها ته حقيقت آهي... تون ڪاوڙجين ڇوٿي.....؟“
    ”نه اِها حقيقت نه پر، بي حيائي آهي..... مان تو جھڙي بي حياءُ سان هاڻي نه رهنديس.“


    ”ماڻهو ٿو ٺاهيان“

    ”ماڻهو ٿو ٺاهيان“


    ”ڇا ٿو ڪرين؟“
    ”چري ماڻهو ٿو ٺاهيان!“
    ”ڪيئن...؟“
    ”جيئن تون ۽ مان ٺاهيا ويا آهيون!“
    ”اِهو ڪيئن؟“
    ”ڏس! هيئن.....“
    ”اهو غلط ڪم آهي!!“
    ”اهو غلط يا صحيح پر تون ۽ مان ٻئي ائين ئي ٺاهيا ويا آهيون“
    ”مطلب.....؟“
    ”مطلب... تنهنجو پيءُ ماءُ... ۽... منهنجو پيءُ ماءُ پاڻ ۾ ائين ئي مليا آهن ته پوءِ تون ۽ مان ٻئي ٺهيا آهيون“
    ”تو ۾ ذرو به شرم حياءُ ڪونهي..... تون منهنجي ۽ پنهنجي پيءُ ماءُ لاءِ ايترو ڪِنو ٿو ڳالهائين.....“
    ”پر سهڻا! اها ته حقيقت آهي... تون ڪاوڙجين ڇوٿي.....؟“
    ”نه اِها حقيقت نه پر، بي حيائي آهي..... مان تو جھڙي بي حياءُ سان هاڻي نه رهنديس.“


    ”جاميٽريءَ کان آلجبرا تائين“

    ”جاميٽريءَ کان آلجبرا تائين“


    ٻئي گڏ ويٺا آهيون.....
    پهرين پنهنجو جاميٽري باڪس کوليائين.....
    پلڪار ڪڍي ان ۾ پينسل وجھي هڪ گول ڪڍيائين ۽ پوءِ پلڪار جي ئي مدد سان انهيءَ ساڳئي گول ۾ هڪ گل ٺاهيائين... ڏاڍي خوش ٿي ۽ مون کي ڏٺائين.....
    پوءِ فوٽ پٽيءَ جي مدد سان هڪ مستطيل ٺاهيائين.....
    وري هڪ چورس ٺاهيائين..... ڏاڍي خوش ٿيندي رهي.....
    ٻيهر پلڪار کڻي پنج ڪنڊو ٺاهيائين..... ائين ڇهه ڪنڊو ۽ پوءِ ست ڪنڊو ٺاهيائين ۽ مون کي ڏسي خوش به ٿيندي رهي. مان سندس خوش ٿيڻ تي ئي خوش هيس. هيءَ جيترو جاميٽريءَ تي عبور رکندي هئي ۽ اوترو آلجبرا تي به، آئون جيڪو ننڍپڻ توڙي هن مهل تائين انهن مضمونن کان پري ڀڄندو آيو آهيان ۽ منهنجو گھڻو ڌيان راند روند ۽ تصويرن ٺاهڻ ۾ گذرندو هو ۽ هاڻي ڪلارڪ ۽ ڪهاڻيڪار..... پر هيءَ جو مون کي ايترو گھڻو پئي وڻي ته مان ڇا ڪيان.....!
    وري فٽ پٽي کڻي هڪ ڊگھي لڪير ڪڍيائين، لڪير جي هڪ ڇيڙي تي ”الف“ لکيائين ۽ ٻئي ڇيڙي تي ”ب“ ۽ وڌيڪ خوش نظر آئي پر منهنجي دل دلگير ۽ اٻاڻڪي ٿي ويئي، ڇو ته مون کي محسوس ٿيو انهيءَ لڪير جي هڪ ڇيڙي تي مان بيٺو آهيان ته ٻئي ڇيڙي تي هوءَ..... هڪ ٻئي کان جدا جدا جاميٽري ۽ آلجبرا جي حسابن وانگر..... تڏهن منهنجون اکيون ڀرجي آيون ۽ پاڇي ڪجھ به نه بچيو هو.
    ”چئن منٽن جي دوري تي“
    دل جو رشتو به عجيب رشتو آهي. سالن کان وٺي هڪٻئي کان پري پوءِ به سوين ميلن جي مفاصلي تي تند کي تپائي رکيو آهي. انهيءَ نازڪ رشتي کي جديد ايجاد موبائل فون تي قائم رکيو آهي. صرف آواز جي دنيا جا ساٿي ٿي ڪري. شام جو ”مس ڪال“ ڏنائين، الاهي ڏينهن کان پوءِ، ته هڪدم ”ڪال“ ڪئي ماس ته چيائين.
    ”جان! اڄ رات جو يارهين وڳي ”مس ڪال“ ڏيندي سانءِ، پوءِ ڳالهائينداسين“
    ۽ پوءِ ڪال ڪٽجي وئي. تمام گهڻين بندشن هوندي موبائل کي ”چارج“ ڪرڻ ۽ ننڍڙي گهر ۾ ماحول ڏسي ڳالهائڻ ۾ وقت ته لڳي وڃيس ٿو، پر صرف هن جو آواز ٻڌڻ لاءِ اٻاڻڪو رهندو آهيان ۽ جنهن ڏينهن ڳالهائڻ لاءِ وقت ڏيندي آهي ته ان ڏينهن ته خوشي ۽ بي چيني وڌي ويندي آهي پر وقت جيڪو ڳالهائڻ دوران ڪلاڪ منٽن وانگر ۽ منٽ سيڪنڊن وانگر سفر ڪندا آهن، جڏهن ته انتظاري وارو ظالم وقت دل جي ڌڙڪن تي چڙهي ويهي رهندو آهي ۽ ان کي تيز ڌڙڪائيندي گذرڻ جو نالو ئي ناهي وٺندو.
    ائين ئي اڄ ڳالهائڻ لاءِ رات جي يارهين وڳي ”مس ڪال“ جو انتظار ڪري رهيو آهيان. ڪيبل تي ويهي مختلف چينل چيڪ ڪري هڪ فلم ڏسڻ لڳان ٿو. فلم سٺي آهي پر يارنهن طرف وڌندڙ ڪانٽي تي به نظر آهي. فلم کان وڌ ڌيان گهڙيال تي آهي.
    پوءِ يارنهن... ٻارنهن... هڪ... ٻه... ۽ پوءِ مون کي ننڊ جو گهيرٽ.... ٽي لڳي چئن منٽن تي ڏسان ٿو ته پوري ٽين وڳي ٻه ”مس ڪالز“ لڳل آهن..... ذهن تي گهڻي ئي ڪاوڙ چڙهي چهبڪ هلائڻ لڳي ٿي... ۽ موبائل فون کي.... شديد ڏک منجهان ڀت سان لڳائي ڇڏيان ٿو.... ۽ منهنجون اکيون زوارو قطار روئڻ لڳن ٿيون....


    آخري پنو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 344914
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 142358
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ