ڪتاب جو نالو: لاڙ لهرون سمنڊ
مصنف: نواز خان زئور
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 01 مئي 2017 ع
پڙهيو ويو: 743 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 305 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”لاڙ لهرون سمنڊ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب شاعر، ليکڪ ۽ ناول نگار نواز خان زئور جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
انعام عباسي لکي ٿو: هيءَ ڪتاب: ”لاڙ، لهرون، سمنڊ“ سندي سنڌ ساڃاهه، چاهه، اتساهه ۽ ٻليدان جي ٻاڪارن جو پڙاڏو لڳي ٿو...
وڏي وقت کان پوءِ سنڌي شاعريءَ جي سنسار ۾ هڪ اعليٰ فني، فڪري ۽ خاص قومي ماجرا ئن، مامرن ۽ مونجهارن کي وائکو ڪندڙ سريلو ڪتاب آيو آهي....“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران :
  • ارپنا
  • پبلشر جو نوٽ
  • پيش لفظ
  • شاعر جي پاران
  • بيت

  • سمنڊ ڄڻ آڪاش، ڪيڏا تارن ترورا!
  • وايون

  • نازبوءَ ڀاڪر ڀري-
  • ڪيڏو پنڌ پري-
  • ڪهڙي پليتائي!؟
  • رات جي جادوگري نيڻ ويئي کسي-
  • جوڀنُ پَلن اڏامَ-
  • ڪچو، ڍڳي گاڏڙي،
  • ڪا اڄاتي جي پڪار-
  • ماءُ کي ڀاڪر وجهي-
  • اُڀ جا سڀ ئي نيڻ-
  • نازبوءَ جي مهڪ اڄ-
  • لاڙُ، لَهرون، سمنڊُ-
  • اڃا مغروري-
  • ڪيسيتائين تون-
  • ايڏي جهٽ پٽ!
  • رات اڀ تي چنڊَ، ڏس!
  • رات ڀر تنهنجا خيال-
  • ترڇي نيڻ نهار سان-
  • ٽيڙو

  • ڪيٽي بندر تي
  • هئي ته اڪيلائي
  • سالن پڄاڻان
  • شاخ ڪناري ڳوٺڙو
  • جوڙا رستن تي
  • ٻار روئي ٿو
  • هن جو پير کنيا
  • جيون دک آهي
  • شام، مال، ٽِليون
  • ڇا لئه لوڙيون ٿا؟
  • تارا چمڪن ٿا
  • اکڙيون ڪنول جان
  • ساري امرتا
  • مينهن ڏُهي ٿي
  • قِل قِل پاڻيءَ جي
  • کنڀ ڦهلائي ٿي
  • ڪيستائين تون
  • ڪيڏانهن ڪَهي ٿي؟
  • روشنيون ترن ٿيون
  • سڀ ڪجهه هوءِ مٽي،
  • بتيون ٻرن ٿيون
  • رڳو رت ولوڙ
  • آيو آهين تون
  • سنڌ ڌرتيءَ کي
  • من جي پينگهي ۾
  • متان ورهائينءَ
  • نظم

  • ساڏوري تي سج لهي ٿو
  • خواب
  • دوستي مونسان نه رک
  • تنهنجو گُل
  • ڇيڳري ڇوڪري
  • روءُ نه دلڙي
  • ڪجهه ته اڳتي وڌو.
  • سهاڳ رات
  • شام پيالڙو
  • غزل

  • لاڙَ هو، لهرون هيون ۽ سمنڊ هو،
  • نگاهه تو جڏهن کنئي، سڄي انا اُڏي وئي!
  • اکين کي، ڳلن کي، چپن کي چمي ٿي،
  • جيئن لٿا هِي انگَ اکين ۾،
  • ڪائي اداسي ٿي رچي هر شام جي مهڪار ۾،
  • روح توڙي جسم ڊوڙيا ٿي خدا ڏي،
  • جڏهن دلربا ياد آئي،
  • تون ملي جو هئين هڪ لِڱان سانوري!
  • نه ظالم کان جي چٿجن سي مٿا آهيون،
  • تو اکيين پاتو ڪجل،
  • زنجير ۽ زندان منجهه کٿوريون اهڙيون هيون،
  • ڪنهن کي ڳولين نيڻ هوا جا!
  • چنڊ تارن جي خدائيءَ پي سڏيو،
  • تارن ڪيا سجدا، پرين ڳوڙها ٽمايا جي ڪٿي،
  • آنءُ اڪيلو، سياري رات،
  • دل ته توسان به آهي اڃان پيارڙي!
  • ”کلي نيڻ گهرا گلابي کنيائون،“
  • تنهنجي ڪرائي سرخ ڪنگڻ،
  • کڙي ٿي ايئن چمي ڳل تي، سمنڊ تي سج لهي ٿو جيئن،
  • ڪو ستارو سار جو منهنجي پڌر جاڳيو پئي،
  • ڪڏهن هي دل سُڃي رهي، ڪڏهن اکيون اڃيون رهيون،
  • ستارا ڏٺاسين اوهين ياد آيا!
  • ڪهڙيون ميارون ٿي ڏئينءَ هن رات جي رولاڪ تي!؟
  • وڙهي ٿي اسان سان وري دل چري،
  • جِئين رات جوڳڻ پکيڙيو پَڙو،
  • ڪنهن ڪنواري بدن ۾ ڪهاڙي لٿي،
  • زندگي جي مئڪدي ۾ مئڪشي ٿيندي رهي،
  • چاندني، جهنگ ۽ شاعري،
  • جيئن مون وٽ هوءَ رهي وئي آهي،
  • رات جي سانت ۾ ڪي ستارا ٽڙيا،
  • نگاهن سندو تير جلوا هيو،
  • جڏهن هوءَ ڀاڪر ۾ آئي لهي،
  • جڏهن تو هٿن ڪي اشارا کنيا،
  • لهي ويو چنڊ ۽ هاڻي ڏسو ٿا ڇا انڌاري ۾!
  • پوئين رات جو آيو آهين،
  • اڃاري رهي دل نگاهن جي مڌ جي،
  • چون ٿا جڏهن لڙڪ اکڙين ڀري ٿي،
  • لٿي سج اجهل هي هوائون مليون،
  • ازل کان اسان جي پناري پئي،
  • ملو ها سنجهي، چنڊ وانگر کڙون ها،
  • هوءَ وارِي پنهنجي يار مٿان،
  • گلن جان سندءِ هيءَ سجل نيڻ ها،
  • تو ڪئي جئن چٿر اوچتو،
  • هيءَ ڳهيلي دنيا ڄاڻي ڇا،
  • بيچين دل، بيقرار دل!
  • هوءَ مون کان جڏهن مُک موڙي اٿي،
  • بت ۾ جوڀن رس ڀريو آ ائن جئن وڻ ۾ انب پچي،
  • ڏينهن ستو ۽ بتيون جاڳيون،
  • عشق مونکي ڏٺو ڄڻ ته مان ڇيڙجي ويس،
  • اوهان پيار ڪرڻا ڏنا جو ڪڻون،
  • وڻن لئه ٿڌيري فضا جو نياپو،
  • جڏهن جاڳي پوي ٿو يار سرجڻهار اندر ۾،
  • هيءَ دل ته منهنجي هئي مگر اختيار سڀ تنهنجا هيا!
  • اسانکي عشق اجرڪ جئن سدائين پيو ڇُري ٿو ڄڻ،
  • آخري پنو

  • سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”لاڙ لهرون سمنڊ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب شاعر، ليکڪ ۽ ناول نگار نواز خان زئور جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
    انعام عباسي لکي ٿو:
    هيءَ ڪتاب: ”لاڙ، لهرون، سمنڊ“ سندي سنڌ ساڃاهه، چاهه، اتساهه ۽ ٻليدان جي ٻاڪارن جو پڙاڏو لڳي ٿو...
    وڏي وقت کان پوءِ سنڌي شاعريءَ جي سنسار ۾ هڪ اعليٰ فني، فڪري ۽ خاص قومي ماجرا ئن، مامرن ۽ مونجهارن کي وائکو ڪندڙ سريلو ڪتاب آيو آهي....“

    هي ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچي پاران 2012ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست انعام عباسيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    ارپنا
    سنڌ ملڪ جي آزادي جي ويڙهاند لاءِ پنهنجيون زندگيون ارپيندڙ امر شهيدن ۽ سوريءَ تي سرواڻن جهڙن عجب انسانن
    شهيد سرائي قربان کهاوڙ، شهيد ذوالفقار ڪولاچي، شهيد روپلو چولياڻي، شهيد نورالله تنيو، شهيد ممتاز ڀٽو، شهيد علي بلند اعجاز سولنگي، شهيد صالح راڄپر، شهيد يونس خاصخيلي
    ۽ مرهيات سڪندر سومري جي نالي

    مون ڌرتي تنهنجا ڌڱ ڏٺا، مون تن جا لويل لڱ ڏٺا،
    جن وڙهندي وڙهندي جان ڏني، سي وارا وير وڄائي ويا.
    مون اڻ ٿيڻا انسان ڏٺا، مون سوريءَ تي سومانَ ڏٺا،
    اي ڌرتي! ڇا ڇا ڪونڌر ها، جي پنهنجا ڪنڌ ڪپائي ويا.
    سي جيءَ جيارا ماڻهو ها، سي سڀ کان پيارا ماڻهو ها،
    جن ساهه ڏئي ويساهه ڏنو، جي دل ۾ درد دکائي ويا.
    ڇا نعرا ها ڇا نينهن هيا، هو مڙس هيا يا شينهن هيا!
    جي ڏونگر ڏيل ڏڪائي ويا، گجگوڙ ڪري گرمائي ويا.
    جن پاسو ورتو ڪوڙ ڪنان، هي مڙس نه ويندا مُور منان،
    جن واڪي واڪي وس ڪيا، جي سارو سچ ٻڌائي ويا.
    هو پيار پتنگا کامي ويا ۽ ڪيڏو ڏور اڏامي ويا،
    پر تنهنجي منهنجي ڏيئي ۾، هُو پنهنجي جوت سمائي ويا.
    ڇا سمجهي تن کي جيءَ جڏي، آ تن جي ڳاڙهي ڳالهه وڏي،
    ها ڇا ڇا ارڏا ڪنڌ اَڏِي، جي توکي ميندي لائي ويا.
    ڪيئن توکي ڪاري ٻاٽ مڃان! ٿي چڻنگ ڪري چمڪاٽ اڃان،
    آ ٽم ٽم ٽم ٽم لاٽ اڃان، جا جوڳي ڪالهه جلائي ويا.
    (شيخ اياز)
    پنهنجي ڪوتا جو هيءَ ڪتاب انهن عظيم دوستن ۽ آزادي جي جدوجهد جي سدا حيات اڳواڻن کي ارپيندي آئون ائين نه ٿو سمجهان ته مون ڪو قرض لاٿو آهي. هيءَ قرض ته تڏهن لهندا جڏهن سنڌ ملڪ مٿان آزادي جي ڀليري باک ڦٽندي.

    نواز خان زئور


    پبلشر جو نوٽ

    پاڻ وٽ شاعريءَ جي ته ڄڻ ريت، رسم پراڻي پيل آهي، تنهن ڪري هر لکاري ڄڻ ته لکڻ جي بسم الله شاعريءَ جهڙي هنري صنف ساڻ ئي ڪرڻ ۾ پنهنجي ڀلائي سمجهي ٿو.
    توڻي جو اڳتي هلي هو نثر جي کليل پَٽن تي پڻ اکرن جا رنگين ٻيلا پوکي ٿو وڃي ...
    اسان جو دوست نواز خان زئور پڻ شاعريءَ جي ساٿ سان اڳيان آيو ۽ هاڻ ته هن نثرپڻ چڱو ڀلو لکي پاڻ وڻايو آهي...
    هيءَ ڪتاب: ”لاڙ، لهرون، سمنڊ“ سندي سنڌ ساڃاهه، چاهه، اتساهه ۽ ٻليدان جي ٻاڪارن جو پڙاڏو لڳي ٿو...
    وڏي وقت کان پوءِ سنڌي شاعريءَ جي سنسار ۾ هڪ اعليٰ فني، فڪري ۽ خاص قومي ماجرا ئن، مامرن ۽ مونجهارن کي وائکو ڪندڙ سريلو ڪتاب آيو آهي...
    ۽ نواز خان سان سٻنڌ به ته ان ڪارڻ ئي جڙي پيو آهي نه، سوچن، سمجهن، پورن ۽ سپنن جي هڪ جهڙائي ڪري...
    آس اٿئون ته هي اسان جو دل گهريو دوست سنڌ، سنڌيت، سونهن ۽ سچائيءَ جا ائين انيڪ رنگ هوائن ۾ گُهلائيندو ماڳ پسائيندو ۽ هڪ کان پوءِ ٻيو اهڙو ئي نوَ لکو ڪتاب سنڌي پڙهندڙن کي ارپيندو رهندو....
    نئون نياپو جي ڪتابن جي باري ۾ پنهنجي راءِ کان اگاهه ڪندا رهندا.
    اوهانجو دوست
    سنڌي انعام


    پيش لفظ

    پيش لفظ
    ماڻهوءَ جي ماڻهپي، انسان جي انسانيت ۽ قومن جي تهذيب جي خبر سندن ٻوليءَ مان، زبان مان پوي ٿي.
    ماڻهو ڳالهائين ٿا، لکن ٿا، رڪارڊ ڪن ٿا يا ڪرائين ٿا، ۽ ماڻهو ئي اُهو ٻڌي ۽ پڙهي ڏسي ۽ سمجهي، هڪٻين جي سڃاڻپ ۽ سُڪارپَ کي سڃاڻن ٿا. ۽ ائين ٿيندي ٿيندي، هڪٻين جي صلاح ۽ سهڪار سان، ڳڻپ کان ٻاهر صدين کان پوءِ اڄ جي حيرت ناڪ سڌاري ۽ واڌاري جي درجي تي اچي رسيا آهن. سندن زندگيءَ جي سڄي ايتري لکن سالن جي طويل سفر ۾، ٻولين جيڪو ڪارج سر انجام ڏنو آهي، اُهو منجهائن ڪنهن کان به ڳجهو ڪونهي.
    جيتوڻيڪ گهڻي ڳالهائڻ يا ٿوري ڳالهائڻ لاءِ عام ائين ٿو چيو وڃي، جيئن سنڌيءَ ۾ آهي، ته، ”گهڻ ڳالهائو، پاڻ پڏائو“، ”ٿور ڳالهائو پاڻَ نماڻو ۽ سڀَ وڻائو“.۽ وري ائين به عام آهي ته ڪو گهڻو ڳالهائڻ به اهڙو دل نواز ٿئي ٿو، جو چئبو آهي ته پيو ڳالهائي. ڪو ٿورو چيو به اهڙو هِنئين ٺار هوندو آهي، جو ڀانئبو آهي ته ورهين جي رنجيده دل لاءِ گهڻوئي بلڪ تمام گهڻو آٿت ٿيو ـــ جيئن هڪٻئي ڏانهن هر ڪوئي لکندو آهي ته، ”ٿورو لکيو گهڻو ڄاڻج!“
    ٻوليءَ جا سگهڙ ۽ ليکڪ پنهنجي پنهنجي شهڪار لکت ٻن قسمن جي تخليق ڪن ٿا. هڪ کي نثر چون، ٻئي کي شعر. ٻنهي قسمن جا ڌار ڌار نمونا به ڪافي آهن. پر ان شمار کي ڇڏي، ايئن ئي چيو ۽ سمجهيو ويندو آهي ته لکتون وڌ هجن يا گهٽ، جي معيار ۾ اعليٰ آهن ته مانائتيون آهن ـــ ٻنهي صورتن ۾ پڙهندڙن لاءِ املهه ۽ بي مثل ٿين ٿيون. هيءَ شعر جو ڪتاب ”لاڙُ، لهرون، سمنڊ“ (ڊيگهه جي خيال کان به وڏو ئي آهي) منهنجي ٿورَ ڳالهائو، فهميدي دوست نواز خان زئور جي تخليق آهي. سندن نثر جو هڪ ڪتاب ”رنگَ رتو آڪاس“ منهنجو اڳ به پڙهيل هو. ڇهانوي صفحن جو، جنهن ۾ سندن فڪر ڀريا مختصر توڙي ڪجهه ڊگهيرا جملا ۽ ننڍا ننڍا اقتباس هئا. تن کي پڙهي آءٌ ڏاڍو متاثر ٿيو هوس. ان کي پڙهندي منهنجو پنهنجو ڇپايل چونڊ مضمونن جو ڪتاب ”مٺ مٺ موتين جي“ــ به منهنجي نظر ۾ هو، ڇو ته ان ۾ هفتيوار ”هدايت“ ۾ آيل چونڊ مضمونن سان گڏ آخري ٻن ٽن صفحن تي منهنجا پنهنجا لکيل ننڍا وڏا جملا ۽ قول به ڇپيل هئا، ۽ مون کي خبر هئي ته خاص طرح اُهي جملا ۽ قول ڪيتري سوچ ويچار ۽ محنت کان پوءِ آءٌ لکي سگهيو هوس. سو نواز خان زئور جو اُهو سڄو سَئو کن صفحن جو فڪر ڀريل جملن ۽ قولن جو ڪتاب پڙهي، سندن ڏاهپ ۽ علمي لياقت تي آءٌ ڏاڍيءَ حيرت ۾ آيل هوس. ۽ جڏهن سندن شعر جو هيءُ مُسَودو پڙهڻ لاءِ مليو ته پوري ڌيان ۽ ذوق سان اهو پڙهڻ ويٺس، ۽ هڪ ڀيرو ئي نه، ٻيو ڀيرو لڳاتار پڙهي پورو ڪيوم.
    اسان جي مادري ٻولي سنڌي بيحد هڪ ڀلاري ۽ ڀلي، محترم ۽ سڳوري سرزمين آهي. ان جا سڄاڻ ۽ سُلجهيل شاعر ۽ نثر نويس، اسان جو ڀاڳ آهي، جو ڄمندا، اڀرندا ۽ اُسري اسان جي فڪر ۽ جذبي جي ترجمانن طور پيدا ٿيندا ئي رهيا آهن ۽ ٿيندا ئي رهندا. هيءَ شعر جوڪتاب، جنهن ۾ اصناف سخن جا ذري گهٽ سڀ قسم ـــ دوها، بيت، وايون، گيت، نظم، غزل ۽ ٽيڙو/هائيڪا آيل آهن، جديد دور جي ترقي پسند شاعريءَ جو وري وري پڙهڻ لائق هڪ مثالي دستاويز آهي. هيءُ اسان جي اعليٰ ادب جو اهڙو هڪ اضافو آهي، جنهن تي اسين بجا طور فخر ڪري سگهون ٿا.
    پڙهندڙن ۾ اميد آهي ته اسان جي شاعر زئور جو هيءُ سڄو ڪتاب کين ڏاڍو وڻندو.

    محمد ابراهيم جويو
    حيدرآباد سنڌ.
    20.9.2011ع


    شاعر جي پاران

    شاعر جي پاران
    شاعري روح کي چيري نڪرندڙ
    دانهن آهي

    ”شاعري جذبات جي اظهار جو منظوم طريقو آهي، جيڪو اسان کي پنهنجي سمجھه وڌائڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان حُسن شناسي جي سُڌ ڏئي ٿو.“
    (اي سي براڊ بي)
    ”شاعري جو مقصد پڙهندڙ کي شديد نموني متاثر ڪرڻ آهي.“
    (ايڊگر ايلن پو)
    ”شاعري جو ڪارج خوشي ڏيڻ آهي.“
    (ورڊس ورٿ)
    ”شاعر فطرت جو سچو ترجمان آهي، انسانيت جو قانوندان آهي ۽ ايندڙ نسلن جي خيالن جو استاد آهي.“
    (ڊاڪٽر جانسن)
    دلچسپ اتفاق آهي جو جيئن ئي هن ڪتاب لاءِ پنهنجي پاران هيءَ ٻه اکر لکڻ خاطر ويٺس ئي مس ته مٿيون سٽون ڪنهن دوست پاران کِيسڻِي فون (موبائيل فون) ذريعي موڪليل سنيهڙي ۾ اچي وارد ٿيون آهن. جنهن عمل کي سٺو سنئوڻ سمجھندي اهي سٽون مٿي نقل ڪري، لکڻ جي شروعات ئي انهن کان پيو ڪريان. شاعري هونئن به هڪ اهڙو فن آهي جو ان جي باري ۾ ڪيترن ئي ماڻهن، شاعرن، اديبن، دانشورن ۽ مفڪرن پنهنجي پنهنجي حساب سان رايا پئي ڏنا آهن. جيئن هر ماڻهو جو شين کي ڏسڻ ۽ پرکڻ جو پنهنجو انداز ٿئي ٿو، تيئن شاعري کي به سڀني ماڻهن پنهنجي پنهنجي اندازِ فڪر تحت ئي پئي سمجھيو آهي ۽ ان بابت پنهنجي ويچارن جو اظهار پئي ڪيو آهي. پر جيئن ڪو عاشق پنهنجي محبوب جي حُسن جي تشريح نه ٿو ڪري سگھي، تيئن ڪنهن شاعر لاءِ شاعري جي تشريح پڻ بنهه ڏکيو ۽ اڻانگو عمل آهي. گھٽ ۾ گھٽ مون جھڙي ماڻهو لاءِ ته اها تمام ڏکي ڳالهه ٿي وڃي ٿي. مون آڏو شاعري دل کي چيري نڪرندڙ دانهن آهي، روح جي اجھل رڙ آهي. شاعري جي تشريح انهي رڙ کي پنهنجي مٺ ۾ قابو ڪرڻ جيان آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته پاڻي، وارِي، رڙ، سونهن ۽ شاعري کي مُٺ ۾ قابو نه ٿو ڪري سگھجي. خير، شاعري حسن شناسي جو ذريعو به آهي، حسن جي سُڌ به اتان ملي ٿي ته حُسن جي سَڌ به اِتان اُتپڻ ٿئي ٿي. اها پڙهندڙ کي سخت متاثر پڻ ڪري ٿي ۽ ان ۾ اداسي، درد توڙي خوشي ۽ مسرت جا جذبا پيدا ڪري ان کي اداسي يا خوشي پڻ عطا ڪري ٿي. شاعري فطرت جي ترجماني به ڪري ٿي، انسانيت سان محبت جا قاعدا به نرواري ٿي ته ايندڙ نسلن جي خيالن تي به اثرانداز ٿيڻ جي سگھه رکي ٿي. ڪيترائي نسل وقت ۽ زماني جي وٿي کان بالاتر ٿي ان مان مستفيض ٿين ٿا. نه فقط ان شاعر جي قوم جا نسل، پر عظيم شاعري سڄي دنيا ۾ پنهنجي خيالن ۽ فن جو غوغاءَ پيدا ڪري ٿي. اها سڄي انسانذات جو گڏيل ورثو هجي ٿي. شاعر دکايل دلين جو ترجمان هجڻ سان گڏوگڏ پنهنجي قوم ۽ ملڪ جو سفير ۽ انسانذات جو آواز هجي ٿو. منهنجي شاعري ۾ به اهي ڪيفيتون، ولولا ۽ آواز ملن ٿا. تنهن هوندي به اهو مناسب نه ٿو لڳيم ته پاڻ ئي ويهي پنهنجي شاعري جي وياکاڻ يا ڪٿ ڪجي. اهو عمل يقينن پڙهندڙن تي ئي ڇڏي ڏجي ته گھڻو بهتر ٿيندو.
    ادب ۾ منهنجي بنيادي سڃاڻپ هڪ شاعر جي حيثيت ۾ آهي. تنهن ڪري اڪثر شاعري جي نالي ۾ رنڊا پئي روڙيا اٿم. ان جي باوجود منهنجي شاعري ڪتابي صورت ۾ هيستائين تمام گھٽ، بلڪ ڏٺو وڃي ته نه هجڻ جي حد تائين، شايع ٿي آهي. هيءَ منهنجي ڪوتا جو ٻيو ڪتاب آهي ـــ لاڙ، لهرون، سمنڊ. هن کان اڳ ۾ هونئن ته منهنجا ست ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. پر انهن مان ڇهن ڪتابن جو تعلق نثر جي مختلف صنفن سان آهي. باقي صرف هڪڙو ڪتاب شاعري جو آهي ـــ وِڄون اُتر واءَ. ايئن ته ليکڪ کي پنهنجي هر نئين ڪتاب جي ڇپائي سان اڻمئي خوشي پلئه پوي ٿي، پر اڄڪلهه سنڌي ادب جي ڇپائي جي جيڪا صورتحال آهي، انهي ۾ شاعري جي ڪتابن جا ڇاپيڪار تمام گھٽ مقدار ۾ دستياب آهن. جيتوڻيڪ شاعري جا ڪتاب اڄڪلهه گھڻا ٿا ڇپجن ۽ مارڪيٽ ۾ انهن جي چڱي خاشي کپت پڻ آهي، تنهن هوندي به پبلشرن کي شاعري جي ڪتابن ڇاپڻ بدران ٻين ڪتابن ڇاپڻ جو گھڻو خفت هجي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته هُو ڪِن ڦِت به پيا ڇاپيندا آهن، پر شاعري جو ڪتاب شايع ڪرڻ تي سندن روح گھٽ ئي ورندو آهي. جيڪي ڪتاب ڇپجن پيا، تن مان اڪثر ته شاعر پاڻ پنهنجو خرچ ڪري يا سنگت ساٿ مان هِتان هُتان پَٽ سَٽ ڪري ڇپائي رهيا آهن. سو جڏهن مون کي پياري دوست ۽ نئون نياپو پبلشرس جي روح روان محترم انعام عباسي شاعري جو مجموعو سهيڙي مسودو موڪلي ڏيڻ جي آڇ ڪئي ته پهرين ته مون کي سندس انهي ڳالهه تي ڄڻڪ اعتبار ئي نه پئي آيو. البت سندس بار بار اسرار تي نيٺ ايئن ڪرڻو پيو ۽ هاڻي جڏهن هيءَ مجموعو ڇپجي پڙهندڙن جي هٿن تائين پڄي رهيو آهي، تڏهن مون کي جيڪا خوشي ٿي رهي آهي، سا ڪاٿي ڪرڻ کان تمام گھڻي وڌيڪ ۽ وڏي آهي. جنهن جي لاءِ آئون انعام عباسي جو تهه دل سان ٿورائتو آهيان. گڏوگڏ آئون وحيد حيدر زئور جو پڻ ٿورائتو آهيان، جنهن هيءَ ڪتاب شاعري جي رجسٽر تان اتاري مسودو پنهنجن اکرن ۾ سُونهي سنواري ڏنو. مٿين دوستن جو ساٿ ۽ سهڪار جي مون کي حاصل نه هجي ها ته هوند هيءَ ڪتاب اڃا اوهان جي هٿن تائين پهچي نه سگھي ها.
    البت آئون جنهن انسان جو سڀ کان گھڻو شڪرگذار آهيان، اهو آهي سائين محمد ابراهيم جويو. جيڪو اڄ به پيرسني، ڪمزوري ۽ هيڻائيءَ جي هوندي به پنهنجون مصروفيتون جاري رکيو اچي. هو ادبي ۽ سياسي سماجي مصروفيتن سان گڏوگڏ لکڻ پڙهڻ جو عمل پڻ بخوبي جاري رکيو اچي. ساڻس ملي مون کي سائين جي . ايم . سيد ياد ايندو آهي، جيڪو هيڻن هڏڙن جي باوجود عمل ۽ اتساهه جي تمثيل بڻيل هيو. اهڙو ئي اتساهه مون کي سائين محمد ابراهيم جويي سان ملڻ کانپوءِ ملندو آهي. اڃا به ايئن چوڻ صحيح ٿيندو ته هو سڄي سنڌ لاءِ اَت اتساهه ۽ ان جي روشن آئيندي ۾ اڻٽٽ ويساهه جو ڪارڻ آهي. هو ئي واحد دانشور آهي، جنهن سنڌ جي مختلف پارٽين پاران ڪجھه وقت اڳ جڙيل هڪ اتحاد (ايس ڪيو آءِ) جي موقعي تي چيو هيو ته هي اتحاد اڪيلي نقطي تحت جڙڻ کپي، جيڪو نقطو سنڌ جي آزادي هجڻ گھرجي. اها الڳ ڳالهه آهي ته نه اهي سڀ اڳواڻ سنڌ وادي هئا ۽ نه ئي آزادي انهن جي اوليت هئي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو نه اهو اتحاد هلي سگھيو، نه ڪي مقصد ماڻي سگھيو ۽ نه ئي سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ ڪي اهم اضافا ڪري سگھيو. غلام ملڪ جي سياست (۽ پڻ ادب) جو آدرش آزادي کانسواءِ ڀلا ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ ۽ قومي آزادي کانسواءِ ٻي ڪهڙي سياست ان جي ڦٽن جي مرهم ٿي سگهي ٿي؟ ان ڪري جڏهن اهو اتحاد آزادي جي نقطي ڏانهن نه آيو ته اڳتي هلي جويو صاحب به ان کان گھڻو پاسيرو ٿي ويو. سنڌ جي آزادي سان سندس اهو عشق مون کي ڏاڍو وڻندو آهي. سنڌ جي مست الست فقير ۽ عاشق جناب محمد امين خان کوسي ۽ رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻي کانپوءِ. هو ئي آهي، جيڪو سائين جي ــ ايم ــ سيد کي منهنجو سيد اعظم ڪري لکندو آهي. ”فڪر جي آزادي“، ”انقلابِ فرانس“، ”سنڌ منهنجي خوابن جي“، ”علم تدريس مظلومن لاءِ“ ۽ ”هوءَ جا ٽمڪي باهڙي“ جهڙن ۽ سندس اهڙن ڪن ٻين لازوال ڪتابن کان وٺي سندس هِنن دلربا ادائن تائين هو لاڳيتو اسان جي دل ۾ رهندو اچي. منهنجي وڏي خواهش هئي ته آئون کانئس پنهنجي ڪنهن ڪتاب جو مهاڳ لکرايان. سنڌيءَ ۾ اڄ تائين اهڙو ڪو مهاڳ نه لکيو ويو آهي، جهڙا مهاڳ هن شيخ اياز جي ڪتابن تي لکيا آهن. سو منهنجي به وڏي ڪلپنا هئي ته جويو صاحب منهنجي ڪنهن ڪتاب جو مهاڳ لکي. جيتوڻيڪ مون سال کن اڳي کيس منهنجي هڪ لکت هيٺ سياسي ڪتاب تي مهاڳ لکڻ لاءِ عرض ڪيو هو (جيڪو ڪتاب اڃا اُتي ئي آهي)، جنهن جي هن هامي ڀري هئي. پر جڏهن هيءَ ڪتاب ڇپائي جي مرحلي ۾ آيو ته مون سوچيو ته هو ڪتاب خبر ناهي ته ڪڏهن مڪمل ٿئي ۽ ڪڏهن ڇپجي. ان ڪري هِن ڪتاب جو مسودو کڻي وٽس حاضر ٿيس. آئون سائين جو نهايت ئي ٿورائتو آهيان، جو پاڻ منهنجي شاعري جي هن ڪتاب ”لاڙ، لهرون، سمنڊ“ جو نه صرف مهاڳ لکي ڏنائون، پر شاعري جي پڻ ڪافي حد تائين اصلاح ڪيائون ۽ اهڙيون بهتر ۽ مفيد صلاحون ڏنائون، جن جي ڪري مون جهڙي خام انسان جي شاعري ۾ وڌيڪ بهتري اچي سگھي آهي. جي هيءَ شاعري روح جي اجھل رڙ آهي، ته هُن جي سُوڌ سنوار اِنهيءَ رڙ ۾ نئون سوز پيدا ڪيو آهي. سچ ڪَ هن کي ٿورن جي ادائيگي لاءِ مون کي اهڙن حرفن جي ڳولا ڪرڻي پوندي، جيڪي سندس قرض لاهي سگھن. پر آئون هيءَ قرض لهڻ جهڙا نه ٿو سمجھان. ڪي ڪي قرض اهڙا هوندا آهن، جيڪي ڪر سڄي ڄمار چڙهيل ئي هجن ته بهتر آهي.
    جيتريقدر هن شاعري ۽ پڙهندڙ جو تعلق آهي ته مون کي اِن باري ۾ نه ته ڪجھه لکڻ جي ضرورت آهي ۽ نه ئي اڳواٽ ڪنهن چِٽائي ڪرڻ جي. ڇو ته اِهو دل جو تعلق هجي ٿو. اکين جي ڏور ۾ ٻَڌل اهو تعلق نه زبردستي جُڙي سگھي ٿو ۽ نه ئي ڪنهن جي ٽوڙڻ سان ٽُٽي سگھي ٿو. اهو ڳانڍاپو هر پاڙهُو کي پاڻ جوڙڻو آهي. جيتري هن شاعري ۾ سگھه هوندي ۽ جيتري ئي پاڙهو ۾ دل جي بينائي هوندي، اوتري ئي سطح تي هي تعلق پنهنجي جڳهه ٺاهيندو. آئون رڳو ايترو عرض ڪري ٿو ڇڏيان ته جيڪڏهن ڪنهن پڙهندڙ پنهنجي راءِ کان مون کي آگاهه ڪيو ته اها ڳالهه مون لاءِ سَرهائي جو سبب بڻجندي. شايد هر انسان ان باري ۾ ڄاڻڻ گھرندو آهي ته سندس محنت ڪيتري قدر ساب پيئي آهي.
    آئون پنهنجو هيءَ ڪوتا ڪتاب شهيدن جي نالي ڪندي ۽ سنڌ جي حضور ۾ پيش ڪندي ڪيفيتن جي جنهن اٿاهه گهرائيءَ ۾ آهيان، اُها اهلِ دل انسانن جو ئي خاصو هوندي آهي. جيڪا ڳالهه منهنجي لاءِ اهم روحي اثاثي جوڳي ۽ وڏي مَرڪ لائق آهي.

    نواز خان زئور
    8 نومبر 2011ع
    ڳوٺ احمد خان زئور،
    ميرپور بٺورو، ضلعو ٺٽو.
    03003785331
    nkzaor@yahoo.com


    بيت

    سمنڊ ڄڻ آڪاش، ڪيڏا تارن ترورا!

    سمنڊ ڄڻ آڪاش، ڪيڏا تارن ترورا!
    جادو آهي جر ۾، ماڻهوءَ سونهن تلاش،
    ڌرتي ڄڻ ته فراش، اُن تي ڦلڙيون اڀ جون.

    لاڙُ، لهرون، سمنڊُ، ڇاڇا سِرجي جيءَ ۾،
    اڀريو مٿانهه چنڊ، ڪيٽي بندر راتڙي.

    لاڙ، لهرون، سمنڊ، ڪهڙا سپنا سڙهه جا؟
    ڪهڙو آهي مَنڊ؟ سامونڊيڪي سنڱ ۾.

    لاڙ، لهرون، سمنڊ، ڇاڇا سپنا ساهه جا،
    ٻيڙيءَ مٿان چنڊ، مون سان مرڪي ٿو پيو.

    لاڙ، لهرون، سمنڊ، سندر سپنا سونهن جا،
    منهنجي مَنَ گهمنڊ، آهي تنهنجي پيار جو.

    لاڙ، لهرون، سمنڊُ، ڪيٽي بندرَ راتڙي،
    اڀري مٿان چنڊُ، جرڪائي ويو جيءَ کي.

    اڏري وجهي ٿي پاڇو، ڪونج ترائيءَ تي،
    جڳ جڳ جو جادو آ، سانجهيءَ ويلا کي.
    ڪيڏيءَ لاڙ مٿي، سونهن وسي ٿي سانورا!

    آنءُ اتر، ڪاڇو، لاڙ، مان ئي سرو ۽ ٿر،
    مون کان ڇا لئه ساڙ، سرتا! توکي ٿو ٿئي.

    ٻهراڙيون ٻهڪيون، سرنهن جي ڦولار ۾،
    پاڻياريون مهڪيون، چولا چهٽا ارهه سان.

    ٻهراڙيون ٻهڪن، آئي مند ملهار جي،
    چانڊوڪيون چهڪن، اڀري هر هڪ ڳوٺ تي.

    کيت لڏن ٿا واءُ ۾، ٻهراڙي ٻهڪي،
    هارياڻي لهڪي، ڏسي ڪانڌُ قرار ۾.

    سانجهي، سُپنا سُرمئي، ناوَ، درياهه، تِک،
    ڪيڏي سهڻي ڏِک، سنڌوءَ هر هڪ جاءِ تان.

    اُٿ! پرهه جي هير ۾، پکي ٿا ٻولين،
    راز پيا کولين، اڻ ڄاتي اسرار جا.

    ڪيڏانهن ڪاهي ٿو، هي ڪارو ڪارونڀار؟
    ساري سڀ ڄمار، ماڻهو هلي ٿو هيڪلو.

    ڪيڏي پُراسرار، آهي شفق اڀ ۾،
    ڪنهن ڀي ڄاتا ڪينڪي، پرانهين جا پار،
    ڪهڙي هيءَ تنوار؟ مَنُ وجهي ٿي مونجهه ۾.

    سانجهي، درد، اڪيلائي، ڪيڏو هانءُ اداس،
    آهي هلڪيءَ هير ۾، ڄڻ ته تنهنجو واس،
    روح نه اچي راس، ڪا ڪا ويلا هيڪلي.

    دل مڃي ئي ڪانه ٿي، آئون ڪريان ڇا،
    جبل جا پاڇا، مون کي ڇڪيو ٿا وڃن.

    پَنَ ڇڻَ جي شام، ٿڌڙي واهوندِي،
    ٻڏي وئي اڀ ۾، سورج سندي لام،
    شفق اڄ سلام، آندا پَرئين پار کان.

    هاڻي مَڌُ مچي وئي، اچو پياڪو!
    موکيءَ نياپو، مُنجيو آهي ناز سان.

    ڪيسين لنوائيندين، آنءُ ته ڪوئي سڏ هان،
    نيٺ ورنائيندين، ڪري پڙاڏا ڏيهه ۾.
    توکي پائي مون پرين! سڀ ڪجهه پاتو آ،
    هاڻي ڄاتو آ، جيون جي هر راز کي.

    مون مان منهنجي ”مون“، هاڻي ويندي ٿي رهي،
    جوڀن سانوڻ ڏينهڙا، توسان گهاريا سون،
    چئني طرفين تون، هاڻي مون کي ٿي ملين.

    دنيا جي وهنوار کي، ڪيسين ٿڏيندين!؟
    گوندر گڏيندين، ڪيسين پنهنجي جيءَ کي!؟

    جڏهن آئون تباهُه، ٿيس تولئه سنڌڙي!
    دوستن وڃي ٺاهُه، منهنجي ويرين سين ڪيو.

    ڪيڏو جيءُ اداس، ڪيڏي اڪيلائي!
    ايڏي ڀلائي، اڙي وقت، اسان مٿان!

    تنهنجو هٿ ڇهاءُ، واسي ويو وجود کي،
    سارو وقت سرير ۾، ڄڻ ڪو هير هڳاءُ،
    اڃا تائين لڳاءُ، ڪيڏو توسان ڪامڻي!

    آيا ڌنار ڌڻَ، ڪاهي شاخ ڪنڌيءَ تي،
    ٽالهيون ڇاڻي ڇڏيون، جبر جي پن ڇڻَ،
    پاڻي توڙي وڻَ، آهن اڄ ڏڪار ۾.

    ننڊ اکين جي مٿان، هٿ گهمائي ٿي،
    جيئن پرچائي ٿي، ماءُ پنهنجو ٻارڙو.

    پاڻي ڍوري ۾، ايئن چمي ٿو چنڊ کي،
    ڄڻڪ بٺوري ۾، مون کي ساريو پيو وڃي.

    ڍوري ناري ۾، آنءُ چيو: ترسي پوان،
    چنڊ کاري ۾، جيئن آهِلجي ٿو پوي.
    ڪلانگر ۾ ٻيڙيون، صبح سمي جو،
    حسن نظاري جو، موهي ويو دلڙي.

    هاءِ! هيڪل سانجَهه، وئي ولوڙي من کي،
    ڪائي ڳالهه اڳانجَهه، اڀري آئي اوچتي.

    اڌ ۾ ٿڪائي وجهين، مون کي سنڌ! متان!
    تنهنجي قسمت مان، تڙي ڪڍان شل انڌ کي.

    منهنجي مٿي هٿُ، سيد! رک سٻاجهڙا،
    جيئن هي ٽٽل رَٿُ، اڃا ڀي اڳتي هلي.

    مري ڀي توکان، ڌار نه ٿيندس سنڌڙي!
    ور ور ايندس مان، سرنهن جي ڦولار ۾.

    هاڻي ننڊ اچي پئي، ڇڏ ته آئون وڃان،
    سپني ۾ سپرينءَ کان، ڀيرو ڪيئن ته ڀڃان،
    پنهنجو روح سَڃان، ڇُهي پارس پيار جو.

    آکيرا ڀترن اوٽ ۾، اچي اَڏيا ٽيٽيهرَ،
    رونبو، ٻارَ ولرَ، آنا ڳولين ريج ۾.

    هي روپهريون راتڙيون، تن ۾ تند تنوار،
    ڪهڙي شمع آ ٻري، روشن آ سنسار،
    ڪيڏو ان سان پيار، آهه خدا جي اک ۾.

    وئين تون واسي، سيد!سڄي ديس کي،
    اڃا پيئي ڀاسي، تنهنجي خوشبو سنڌ ۾.

    آمرَ اونڌي ٻوٿ سان، ڪِري تڙجي ويا،
    آزاد ٿي اڀريا، عوام اوچي ڳاٽ سان.
    چانڊوڪيءَ ۾ ڳوٺڙا، ڏاڍا وڻن ٿا،
    کنڀي کڻن ٿا، مون کي هر ڪنهن شهر مان.

    هاريءَ سوچيو: ”هيل ٿيو، فصل ڀليرو،“
    مِڙي آيس مُک تي، ڄڻ ته سويرو؛
    اچي وڏيرو، سارو کيت کڻي ويو.

    اڳي ڪڏهن ڪانه هئي، ايڏي سنڌ اداس!
    اڄ ڏس آهي ڪيتري، سنڌو هوندي پياس،
    آزادي جي آس، نيئرَ ٽوڙيون جبر جا.

    چنڊ!هلين ٿو ناوَ سان، ڪيڏانهن ڊوڙي تون؟
    پڄي نه سگهندين مون، منهنجي منزل ڏور آ.

    ڪيسيتائين تون، مون کي لنوائيندين!؟
    مون ۾ پائيندين، نيٺ ته پنهنجو پاڻ کي.

    ڏس ته کڻن ٿيون ساهه، پنکڙيون گلابن جون،
    اڏري جن مان مهڪون، واسين ساري جُوءِ کي.

    طبقاتي ۽ قومي، جبر کي ڊاهيون،
    ٻيهر پوءِ ٺاهيون، سهڻو هن سنسار کي.

    ڀاڪرين ڀري ٿو، ڀڳو ٽوڙو درياهه کي،
    ۽ سنڌو چمي ٿو، جهڪي پيرَ پهاڙ جا.

    آ ڪڏهن ٺڪراٺو، ڪڏهن آهه پهاڙ جيئن،
    ڪڏهن آڳ الاءُ آ، ۽ ڪڏهن پاڻياٺو،
    جيوَن چئو واٽو، آهي هر ڪنهن هانوَ سان.

    ڪِراڙ ڪنڌيءَ تي ڪيترا، ڪنول ڦلاريا،
    ڏيئڙا ٻاريا، صديون جرڪي شاعريءَ.
    ڪينجهر ڪنڌيءَ تي، ٽڙيا نيل ڪنول،
    ڄڻ ته نوريءَ ڳلَ، جرڪن پيا جر مٿان.

    پنهنجو پٽڙو ننڊ ۾، ڪيئن تون ڇڏين ٿو،
    ڪيڏانهن وڃين ٿو، گوتم!آڌيءَ رات جو.

    ڪپل وستو ۾ هيو، ڇا رڳو ئي دُکُ،
    ڇا ڪوئي سُکُ، ڪڏهن تو ڪونه ڏٺو!؟

    جيئن تو چاهيو هو، ايئن نه ٿيو، گانڌي!
    اڃا تائين آنڌي، آهي بر صغير تي.

    اڃا ننڍو کنڊ، آهي اونداهو،
    ڪونهي ڪَرَلاهو، هاڻي ڪو به ان جو.

    ترڪ ڪري وئين اوچتو، تون ڇالئه اميري،
    آ فقط فقيري، ذريعو ڪنهن نجات جو!؟

    ڪيڏي ڏُور اڏار ڪيَئي، اي پکي پرڏيهي!
    ڇا سنڌڙي جيهي، ڪانهي ڪابه پناهه ٻي!؟

    ڇا جي لاءِ حوَسَ، نه ٿو وڃي ماڻهوءَ مان،
    توڙي سارا گسَ، خالي هٿين ڪاٽڻا.

    آهي سارو جڳُ هي، ڄڻ ته ڪائي ڪٻاڙَ،
    پورو ڏينهن لٻاڙَ، پوءِ به ماڻهو ٿا هڻن!

    وِشِ ڪَنيا جيئن شاعري، جنهن کي چاهي ٿي،
    تنهن کي ڊاهي ٿي، ڪجهه پلَ ڏيئي قرار جا.

    مَڌُ ڪنيا جيئن شاعري، جنهن کي چاهي ٿي،
    تنهن کي ٺاهي ٿي، عمر ڀر ڏئي ارپنا.
    مَڌُ توڙي وِش ڪنيا، مون لئه ساڳي شاعري،
    ڊاهي ٺاهي ٿي وري، مون کي پنهنجي پيار سان.

    وِش ڪَنيا توڙي مَڌَ، مون لئه ساڳي شاعري،
    ٻيهر جوڙي ٿي ڇڏي، هيڪر ڪري مون اڌَ،
    ان سرڪيءَ جي سڌَ، آهه سمائي ساهه ۾.

    شعر اچن ٿا هانوَ تي، پکي جيئن آڪاس،
    اندر جا احساس، جهرمر لاتي شاعريءَ.

    شعر ترن هانوَ تي، پکي جيئن آڪاس،
    اڏاڻا احساس، ولر ڪري واءَ ۾.

    نفرت ۾ تون پاڻ کي، ڇا لئه وڃائين ٿو،
    ڪجهه به ته نه پائين ٿو، پيچرا ڇڏي پيار جا.

    ڄڻ ته ڏئي ويو سنڌ کي، چؤڌاري لوڙهو،
    جاڳي ٿو پوڙهو، اڄ به پنهنجي فڪر ۾.

    توکي شاهه لطيف! اڄ به ساريون ٿا،
    وچنَ پاريون ٿا، اسين سدا ديس سان.

    ڏس! چمڪن ٿا چنڊ جان، منهنجا ساراگهاءَ،
    پنهنجا پوءِ به لڳاءَ، گهرا آهن سچ سان.

    پکي اڏامن ٿا مٿان، اڄ علي بندر تي،
    ڇانوءَ ٿي وئي جر تي، وڳر گهاٽا جهڙ جيئن.

    جڳ مڙيوئي نرواڻ آ، ڇا ٿو ڳولين تون،
    سوچون ”اڳتي“ جون، ڪڏهن اجايون ٿيون لڳن.

    آهن ڪيڏيون واءَ ۾، ڳالهيون سمايل،
    ماڻهو هي پاڳل، ڪجهه به سمجهن ڪين ٿا.

    ڪيئن جڪڙجي ٿيون وڃن، اکڙيون اکڙين سان،
    ڪهڙي تن ۾ نينڍَ آ، جنم جنم کان،
    ڄاتيون ڪنهن نه اڃا، ڪڙيون هن زنجير جون.

    خوشبو آهي واءَ ۾، لڱ ڌُئي پَئِي ڪير؟
    آئي آهه سوير، چوٽو چندن چِڪ ڪري.

    ڪيڏي پري ٿي وڃي، ماڻهو سندي نگاهه،
    صديون کڻن ٿيون ساهه، ڪنهن ڪنهن اک نهار ۾.

    اڄ ته ڄڻ آڪاشُ، آهي ڪنهن جي سوڳ ۾،
    تارو تارو لاشُ، غائب ساري روشني.

    ڪنهن هيءَ ڀرت ڀريو آ، چولو سڄو ڦلڙيون،
    تارا، تِر، تروڪڙيون، آهن جيئن آڪاس ۾.

    ڪوهَه نِدا جيئن اکڙيون، آهن پرينءَ جون،
    مون کي سڏين ٿيون، پاٻوهه منجهان پاڻ ڏي.

    ڳالهيون ڳهلي لوڪ جون، ڪيسين ساريندين،
    ڪيسين واريندين، دکڙا پنهنجي جيءَ تي.

    ڇا جي لاءِ تياڳ؟ جڳ ته هونئن ئي مڪتي،
    ڪڏهن ٽوڙي ٿو وجهي، ماڻهو کي ويراڳ،
    تنهن جي هٿ آ واڳ، جيڏانهن چاهين موڙ تون.

    توڙي جوٺو آ ته ڀي، مڪتي مون لئه جڳُ،
    وارياسي تي وڳُ، ڇا ته وڻي ٿي چاندني!
    مڪتي آ، نه ماڻهوءَ لئه، هاڻي ڪو به تياڳ،
    آئيندي جي اک ۾، آهي پنهنجو ڀاڳ،
    جِيوَن سندو لاڳ، آهه رڳو جاکوڙ ۾.

    سک نه آندو سنڌڙي، تولئه ورهاڱي،
    تنهنجي هر ڀاڱي، ريلا آهن رتَ جا.

    ڪهڙي ڪائنات، آهي ماڻهوءَ من ۾!؟
    ڪڏهين اُن ۾ شور آ، ڪڏهين چپ چپات،
    ساري ڄڻ ته حيات، اونهو ڪو اسرار آ.

    هونئن ئي جلترنگ وڄن، اُن جي لوليءَ تي،
    سنڌي ٻوليءَ تي، ڀرت جيان هي شاعري.

    ماڻهوآهي مطلبي، شاعر سچ ٿا چُونِ،
    ”هوندن مٿي هُونِ، لاڳاپا هن لوڪ جا.“

    لاڳاپا هن لوڪ جا، ڪم نه اچن ٿا،
    ڇڏي وڃن ٿا، ماڻهو ڏکيءَ ويل ۾.

    لاڳاپا هن لوڪ جا، اڻپورا آهين،
    پوءِ به ٿا چاهين، ماڻهو ڪنهن جي ساٿ کي.

    وهنجي پيئي واهه ۾، لٽا هوءَ لاهي،
    خوشبو ڦهلائي، جيئن ڌوئي ٿي انڱڙا.

    نينگرُ روئندو ماءُ جي، وڃي پيو پويان،
    ڏاڍي هيج منجهان، ڏسن ٻنهي کي ڇيلڙيون.

    ڦيرا ڏيئي ٻنيءَ ۾، لٿو روهاڪي،
    شڪاريءَ مرڪي، ڏٺو پنهنجي ڄار کي.
    ڪَرڪَن پيون ڪونجڙيون، اتر لڳو آهه،
    ساري توکي ساهه، ڪڏهن ايندين اي پرين!؟

    ڪنهن لئه ڀرائي بادلو، آيو آهين تون،
    ڇوڪريون شهر جون، ٿيون ڪٿي سمجهن ڀرت کي.

    ويهي انب جي لام تي، ڪويل ڪوڪي ٿي،
    ڄن ته ڦوڪي ٿي، جادو اسر ويل ۾.

    کيت لڏن ٿا واءَ ۾، ڦهلي ڦول ڦلار،
    پاڻيارين جا پيار، جاڳيا آهن جيءَ ۾.

    لهر ڪري وئي خوشبو، ڌوئي پاڻيءَ انگ،
    ڀَئونرا پهتا سنگ، سڳنڌ سمجهي گل جي.

    ڪامِڻ مرڪي ڪالهه، ويئي لتاڙي گهٽيون،
    اڃا اُن جي ڳالهه، ڇورن منجهه ڇُلي پئِي.

    ڪامڻي مرڪي ڪالهه، ويئي اڪري ڳليون،
    ڌڙڪيون ڪجهه دليون، ڏسي روپ سروپ کي.

    تترُ نڪتو سَرَ مان، ڪنهن کي ڳولڻ لئه؟
    ڪنهن جي ٻولڻ لئه، پاڻ وڌائين ڄار ۾!؟

    مور ٽَهوڪيو مينهن ۾، ڊيل کنيا پئي پَر،
    سر۾ ڪاريهر، ڇَپ هڻي ويٺو رهيو.

    ڪيڏا ڪارايل، رنگ پکيڙيا ريت تي،
    ڄڻ ته ڪا پايل، سونهن وڄائي سڃ ۾.

    هئي ڪامڻي پير ۾، ڄن ته ڪا پايل،
    ڪيڏا ڪارايل، رات ٽهوڪا بن ۾.
    رات ٽهوڪا بن ۾، ڪيا ڪارايلَ،
    اڀ مٿان بادلَ، ڀرجي آيا مينهن سان.

    اچي ويٺا ٻنڌ تي، ڳهر منجهان ڳيرا،
    ڪارتوسي ڇيرا، ٻن ٽن کي ڪيري ويا.

    سانوڻ ڪري اوڙڪون، آيو آهه مٿانءَ،
    ٽمي پيو اوچتو، پاڻي ڇت منجهانءَ،
    ڦڙن لاءِ ٿانءَ، آڻي رکيا نينگريءَ.

    وارياسي ۾ مور جيئن، ڪڏهن نچن ٿيون،
    ڀانءِ نه اچن ٿيون، ڪڏهن گهڙيون وصال جون.

    سوين ماڻهن وچ ۾، ڪڏهن من وياڪل،
    ڪڏهن پر هيڪل، ڀاڪرن ۾ سِرشٽي.

    ڪڏهن ويراني، من گهري ٿو چاهه مان،
    توڙي اڳيان هجي کڻي، دل گهريو جاني،
    ڪڏهن ٿئي ٿي بوج جيئن، ساري ياراني،
    جيءَ جي جولاني، آهي سدا درياهه جيئن.

    اچي کري ۾ لٿا، داڻا چڳڻ جي،
    تنين پکين کي، تون متان وجهين ڍٻيون.

    آکيري جي اوٽ ۾، ٻچا چڳائي،
    پکين جڳائي، دعوا ممتا موهه جي.

    لهي لهي ڪانه ٿي، هيءَ ڪهڙي آهي اُڃ؟
    پرتان تجلا پاڻيءَ جا، سونهن نرالي سڃ،
    عشق مڙيوئي رڃ، ڪونهي قلب قرار ۾.

    مڙيون گلن تي اچي، مکيون ماکي جون،
    ٻار ڪري ٽوليون، وڃن پيا جهنگ ڏي.

    سانجهيءَ جو بيٺا جڏهن، سارو ڏينهن وسي،
    ويا سرمئي بادل ٿي، نکريو رنگ اڀ جو.

    آهن منهنجا بيتڙا، اڀ تي انڊلٺ جان،
    جنهن جي رنگن مان، جرڪي ٿي هيءَ سرشٽي.

    ڦهلائينِ ٿا خوشبو، هي جي منهنجا بيت،
    ڄڻ ته سرنهن جا کيت، هجن ڦول ڦلار ۾.

    سامونڊي لهرن جيئن، سدائين بيقرار،
    چڙهاءُ ۽ اتار، آهي پنهنجي شاعري.

    هر هڪ وَٿَ ولهار جِي، اجري ٿي آ پئي،
    سارو ڏينهن وسِي، ڌوئي ويو آڪاس کي.

    متان ڀانئين بيت جو، دامن تون سوڙهو،
    چؤڌاري لوڙهو، آهي ٻولي_ڳوٺ کي.

    ڪيڏو ڪشادو، پاند پنهنجي بيت جو،
    ان جو احاطو، آهي ساري سرشٽي.

    تون متان ترائيل، ڀيٽين پنهنجي بيت سان،
    ٿي اچي جنهن منجهان، سڳنڌ سرنهن کيت جي.

    متان تون سانيٽ، ڀيٽين پنهنجي بيت سان،
    چانڊوڪيون ۽ چيٽ، جَڙيل جنهن جي جيءَ ۾.

    مٿڀرو سانيٽ، متان بيتن کان ڪرين،
    چانڊوڪيون ۽ چيٽ، اوچيون هر هڪ چيز تي.
    مٿي ترائيل، متان بيتن کان ڪرين،
    ڪڏهن ابابيل، مَٽُ نه آهي مورُ جو.

    جوار ڀاٽا جيئن، ٻنيون ٻوڙي ٿي،
    رت ولوڙي ٿي، ڪڏهن ڪڏهن شاعري.

    چانڊوڪي جيئن سمنڊ ۾، اڀري، گرجي ٿي،
    ايئن سرجي ٿي، ساگر جهڙي شاعري.

    بيهي اڱڻ اوٽ تي، ڏسن ٿيون مايون،
    ڇانيون سرهايون، ڪونجون ڪرڪن ڳوٺ تي.

    مادي چيخي ٿي پئي، ڏسي نر ڦاٿل،
    شڪاريءَ قاتل، ڦاسايو آچيخلو.

    هونئن ته ڪوئي سونهن جو، سَنڌو نڪي سيڙهو،
    پر سنڌي عورت جو، مَٽُ نه ڪائي ڪامڻي.

    مٽ نه ڪائي ڪامڻي، سنڌي عورت جو،
    هونئن ته فطرت جو، هر ڪا منڌ شهڪار آ.

    جهڙي سنڌي ڪامڻي، ٻيءَ نه تهڙو واس،
    هونئن ته گَهرَيِ پياس، آهي استري پرش جي.

    چڪورَ چاهُه چنڊ سان، ايئن ڊوڙي ٿو،
    ڄڻ ته جوڙي ٿو، آکيرو آڪاش ۾.

    گانڌي! اڄ به گوليون، آهن آدمزاد تي،
    ٻاجهاريون ٻوليون، گم ٿي ويون ڪنهن شور ۾.

    سچل! تو جيئن ڪير، سچ ڳالهائي ئي نه ٿو،
    ڇانيو آهه انڌير، هاڻي تنهنجي ديس تي.
    شاهه عنايت! جهوڪ ۾، گهرجين ٿو تون اڄ،
    هارياڻين جي لڄ، هاڻ به تُنهنجي آسري.

    شاهه عنايت! سنڌ ٿي، توکي سيني لائي،
    ”جوکيڙي سوکائي“، راهه ڏَسي وئين ديس کي.

    جيئن وئين شهيد ٿي، شاهه عنايت تون،
    هي ٻنيون سنڌ جون، ويون ڄڻ ته يتيم ٿي.

    شاهه عنايت! تنهنجا، صوفي سڀ سمهي پيا،
    سنڌڙيءَ جا سڏڪا، هاڻي ڪير ٻڌي نه ٿو.

    شاهه عنايتُ رت جي، ڇڏي ويو خوشبوءِ،
    واسي ساري جُوءِ، نئين فڪر جي جوت سان.

    ساري پيئي سنڌ، مخدوم بلاول کي،
    گهاڻي گهڙندا جي، سيئي ماڻينِ ماڳ کي.

    بلاول! اڄ به سنڌ ۾، ڪيئي گهاڻا هِن،
    پيڙيا آهن جن، ڪيئي گهوٽ ملوڪڙا.

    مياڻيءَ منجهه گهمي پيو، هوشو! تنهنجو هانءُ،
    اِجها ڇانئي ڇانءُ، آزاديءَ جي سنڌ تي.

    مٺو، امان، ذڪريا، انور ۽ مالڪ،
    ڊوڙيا سڀ ٻالڪ، آزاديءَ جي راهه تي.

    سيد! توکي سنڌ، صديون ساريندي،
    پاڻُ جياريندي، آزاديءَ جي خواب ۾.

    ”ڪارونجهر جي ڪور، مرين ته به نه وسارئين،
    چوٽيءَ ٽهوڪي مور، ڏونگر ڏِيئي جيئن ٻَري.“
    ڌرتيءَ تي جنت جيئن آ، ڪارونجهر جي ڪور،
    چوٽيءَ ٽهوڪيو مور، جادو ٿي وئي ماٿري.

    ڪارونجهر جي ڪور تي، اڄ به ماري ٿا ڦرن،
    سارا مور سارِن، روئي توکي روپلا!

    ڪارونجهر جي ڪور تي، اڄ به ورديءَ وارا،
    واريءَ جا چارا، سارين توکي روپلا!

    هيمون! انگريزن، توکي ڦاهيءَ چاڙهيو،
    پر تنهنجو جيوَن، ٿي وئي ساري سنڌڙي.

    آهي ڪٿ انگريزُ، اڄ هن برصغير ۾ !؟
    هيمون ! تون رنگريزُ، آندئي پارَ پرهه جا.

    ويندا مليا ميٽ ٿي، سڀئي ”سپر پاور،“
    سڀ قومون برابر، آهن ڌرتيءَ جي مٿان.

    سورج آهي سنڌ جو، دولهه دريا خان،
    پڌرا ٿيا نشان، آزاديءَ جي باک جا.

    صالح ! تو زبان، سنڌيءَ لاءِ ڪٽائي ڇڏي،
    هينئين هنڍائي ڇڏي، اسان تنهنجي ٻولڙي.

    ڄام نظام سنڌ کي، ٺاهي ويو جيئن،
    سڀئي سنڌي تيئن، ٺاهينِ شل هن ديس کي.

    ڄام نظام سنڌ جو، جوڙڻهار ٿيو،
    ڪوئي ناهه ٻيو، ثاني اُن جو صديون.

    مخدوم بلاول آ، اڄ ڀي گهاڻي ۾،
    اڄ ڀي ٿاڻي ۾، ماڻهو چچريا ٿا وڃن.
    اڃا آهن سنڌ تي، سوين راتاها،
    گوليون ۽ ڦاها، هر هڪ سرڪش ڳاٽ لئه.

    ڄام تماچي جيئن تون، چاهين نوريءَ کي،
    ايڏي دوريءَ کي، شال بنائين ويجهڙو!

    اڻتڻ آهي ايتري، منهنجن سپنن کي،
    جيئن ٿي رات ٿئي، مون سان ڪن ٿا ڳالهڙيون.

    چري دلڙي! ڪيترا، دوکا کاڌا ٿَئي،
    پوءِ به اڃا تون پئي، سوچين نئين پيار لئه!

    اڄ نه ڪائي ڪاڪ آ، نه ڪائي نينهَن اڇل،
    پوءِ به آ منزل، منهن موڙيون ڪيئن پيار کان!؟

    سنڌ يونورسٽيءَ۾، آئي آهه نئين،
    پر هوءَ ناهه نئين، پاليو اٿس پيار کي.

    سنڌ يونيورسٽيءَ ۾، آئي آهه نئين،
    نگاهه نه وڌئين، ڀر ۾ ها ڪجهه ڇوڪرا.

    ڀرتُ ٽِڪن تي، ڪيڏو ٺهي ٿو،
    ڄڻ ته ڪَهي ٿو، ڪهاڻي پيار جي!

    مُڪي تي هي ڀرت ۾، سونُ ڀريو آ،
    يا هي وريو آ، جوڀن تنهنجي بت تي!؟

    ڄامشوري ۾، ٻُرن پيا ٽهڪڙا،
    ڄڻ هندوري ۾، سونهَن لُڏي ٿي پئي.

    دوست نه پنهنجي دوست جو، دک سمجهي ٿو،
    خفا ٿئي ٿو، اکڙين ۾ لڙڪن کي ڏسي.
    ڇا آهن بدلجي ويون، تنهنجون نهارون!؟
    تڏهن ميارون، هر هر مون کي ٿو مُنجين!

    ڪنوَلن وچان ڍنڍ ۾، تري ويون بدڪون،
    پاڻيءَ ۾ ليڪون، اڀريون ٿوريءَ دير لئه.

    اڌ رات، سيارو، مچُ، ڳوٺاڻي ڪچهري،
    ڏاهپ ڀريا سچُ، سون ورنيون ڳالهڙيون.

    زلف کولي واءَ ۾، ڪير وڃي پيئي هوءَ،
    وارن جي خوشبوءَ، ڇڪي پيئي پاڻ ڏي.

    ڏسين ٿي مون کي، کڻي نيڻ ننڊاکڙا،
    ڄڻ ته نينهن نشا، مون کي چاڙهي ٿي وڃين.

    آئي آهه مزار تي، ڳاڙها گل کڻي،
    ويئي آهه وڻي، ڀرسان بيٺل ڇوڪريَ.

    آئي آهه مزار تي، کڻي ڳاڙها گل،
    من ۾ متل هُل، ڪهڙو ٿس، ڇاٿي گهري؟

    ڪهڙي آهه ڪلالَ، سرڪي آندي مَنڌُ جي،
    پياڪ کڻي پيرڙا، ڊوڙيا منجهه جلال،
    اکيون ٻڌائين حال، بنجي من جي آرسي.

    آڻي اتر واءَ وڌو، جهوراڻي ۾ جِي،
    ڪائي سار لٿي، ڦيرو ڏئي پکيءَ جيان.

    جرڪن ٿا آڪاش ۾، لکين ستارا،
    ڪيڏا نظارا، لٿي رات پهاڙ تي.

    جادوءَ ڀريءَ راتڙي، چوڏسا ڇائي،
    پکڙي سُهائي، اڀريو چنڊ پهاڙ تي.
    تارا چوڏهينءَ رات جو، کڻن پيا ساهي،
    ناهي اونداهي، چمڪي چنڊ پهاڙ تي.

    لٿو پهاڙن پوئتان، گهونگهٽ ويڙهي سج،
    ٻنيءَ ۾ جيئن ٻج، تارا نڪتا اڀ ۾.

    من آ منهنجو آرسي، جيڪر تون ڏسين،
    ان ۾ پاڻ پَسين، صورت پنهنجي پيارڙا.

    پرين! ڀري سِنڌور، سينڌ سجايَئي منهنجي،
    هاڻ نه ڪجانءِ ڏور، مونکي پنهنجي من کان.

    دل آ شاعر جي وڏي، دنيا جي گولي کان،
    ان کي ڪڏهن متان، رنجائين ننڍڙو چئي!

    پري هٽائيندِئين، ڪيسين مون کي دل کان،
    ڪيسين نٽائيندِئين، عشق جي آواز کي!؟

    نڪتو سج افق تي، گهونگهٽ هٽائي،
    ڪُنوار پَسائي، جيئين پنهنجو مکڙو.

    آڙيون اڏرن ڍنڍ تي، ڦيرا ڏَئي ور ور،
    ڄڻ ڪنهين مصور، چِتر چِٽيا هِن واءَ ۾.

    منڇر تي لٿا اچي، پکي پرڏيهي،
    پاڻيءَ تي ويهي، ٿا ڀڃين ٿڪ سفر جو.

    چوڏهينءَ رات، سيارو، منڇر، جرڪي ٿو پاڻي،
    ٻيڙيءَ مهاڻي، ٿي چاڙهي نشا نهار سان.

    خوشبوءَ مڇيءَ جي، اڀري ٻيڙيءَ مان،
    جهٽي جيئن اسان، وئي وڌائي بک کي.
    خواب جيان جيءَ ۾، اڀري اچن ٿا،
    بيت نچن ٿا، ذهن جي آڪاش تي.

    دل جي ڌرتيءَ تي، تون ئي ڦُٽين ٿي،
    هوش لٽين ٿي، ڄڻ ڪا ول انگور جي.

    دل جي ڌرتيءَ تي، تون ئي ٽڙين ٿي،
    تون ئي کِڙين ٿي، مهڪِي من بدن ۾.

    آهي ٻهراڙيءَ جو، پسمنظر منهنجي بيت کي،
    مهڪي ٿو جئن ڪوئي گل، نراليءَ واڙيءَ جو،
    ويس اٿن لاڙيءَ جو، پر سنڌ سمايئون پاڻ ۾.

    کيرٿر کي تون، سدا شال سنوارئين،
    جيءَ ۾ جايون، ڏي ٿو اوکيءَ ويل ۾.

    متان ڪڏهن وسارئين، کيرٿر کي تون،
    ان ۾ اميدون، آهن سدا سنڌ کي.

    کيرٿرتي چاندني، جادو جڳائي،
    سونهن پسائي، مون کي پنهنجي سنڌ جي.

    اڀري رات هالار، آيو منهنجي جيءَ م،
    پهاڙن جي پڪار، منهنجو چين چورائيو.

    لب مهراڻ تي، ياد آئينءَ تون،
    گڏ گهمياسون، ڄامشوري ۾ ڪڏهن.

    آڌيءَ رات اروڙ، اڀريو منهنجي جيءَ م،
    ڇانئي آهه صدين تي، ڪائي رتَ ولوڙ،
    اڄ پڻ آهه پتوڙ، آزاديءَ لئه سنڌ ۾.

    مادي اچي آهه لٿي، مٿان هاليجي،
    ساري ٿي ڀيچي، ماريءَ جو ڪيرائيو.

    ساريون ڪامرانيون، اِتي ئي هونديون،
    گڏ نه وينديون، ماڻهوءَ سان پاتال ۾.

    آيو آ خالي هٿين، خالي هٿين ويندو،
    ڪا شيءِگڏ نه نيندو، ماڻهو پو ڇو لالچي!؟

    ڪهڙو آهي سڪون؟ پيٽ ڀرائيءَ ۾،
    هٿ پرائيءَ ۾، ڇا لئه ماڻهو ٿو وجهي!؟

    سرنهن جي ڦولار ۾، وري ٽڙندس مان،
    وري کڙندس مان، چانڊوڪيءَ ۽ چيٽ ۾.

    سونارڪي گهٽيءَ ۾، وري ايندس آنءُ،
    اڀيچند جي نانءُ، سرمدُ ور ور وارجي.

    چؤڏس چپ چپات آ، اڄاتا الڪا،
    سوين انديشا، لٿي رات پهاڙ تي.

    حسن مان ڀرجي نه ٿو، ڪيڏو من اُڃو!
    جيون هونئن سُڃو، ساري مُوڙِي عشق آ.

    گذري عمر سونهن سان، پوءِ به من اُڃو،
    توڻي نانهه سڃو، ميڙِيئين مُوڙي عشق جي.

    دنيا ۾ هر چيز کان، عشق مٿانهون آ،
    پاڳل ماڻهوئڙا، سمجهن نه اِنهيءَ ڳالهه کي.

    آءُ! منهنجا ڀٽ ڌڻي، مون تي ڪر تون ڇانءُ،
    آهي تنهنجو نانءُ، آڌرُ ساريءَ سنڌ لئه.

    ڀٽائي! ٻه ٽي ڪڻا، وجهه اسان جي جهول ۾،
    گهرجن مون نه گهڻا، جيڪي ڏِئين ٻاجهه سان.

    آءُ! ڀٽائي آءُ! تولئه اکيون راهه ۾،
    ساري پيئي صدين کان، توکي ڌرتي ماءُ،
    گهرجي ٿو پڙلاءُ، اڄ به تنهنجي ڪينري.

    ڀٽائي! ڏٺيون تو، ڪهڙيون اذيتون!؟
    ٿي ويا لذتون، تنهنجا سڀئي بيتڙا.

    وري رت رابيل جي، ٺٽي ۾ ايندي،
    خوشبوءِ ٿيندي، ٻيهر ساري سنڌ ۾.

    ڳاڙهسرا ٿيا ڳلڙا، ٽڙيو جيئن حجاب،
    بدن ڄڻ گلاب، سڳنڌ آهي ساهه ۾.

    عشق نه ڄاڻي پئمانا، ڪهڙ ي مَنَ وديا،
    ڇاجي لاءِ چريا، ماپين ٿو تون پيار کي!؟

    وري رُت رابيل جي، ايندي ٺٽي ۾،
    ويندي ٺٽي ۾، دلڙي سرمد جي وري.

    ڪنهن کي لٺ ڏيکارِئين، ڪنهن کي آڇين چٺ،
    تنهنجو سارو هٺ، مٽجي ويندو ڌوڙ ۾.

    آسمانُ سياري جو، گهنڊڙيون مندر ۾،
    منهنجي اندر ۾، سپنا سانجهيءَ جو ڦٽا.

    ساري رات سريرُ هي، توکي ساري ٿو،
    لڙڪ هاري ٿو، هينئڙو اترَ واءَ ۾.

    ازل کان ابد تائين، وقت وهي ٿو،
    ڪاڏي ڪهي ٿو، ڪو به نه ڄاڻي راز کي.

    وقت وڏي سمنڊ جيئن، اپار ۽ اٿاهه،
    اِنهيءَ شهنشاهه، طابع سارِي سرشٽِي.

    ازل کان ابد تائين، ڄڻ ڪوئي درياهه،
    وقت آهه اٿاهه، ڇوڙ نه آهي ان جو.

    پهتيون هن باريڪ ۾، پويون پرڇايون،
    نيٺ ته سُهايون، اينديون منهنجي ديس تي.

    هاڻي آهن ظلم جون، پويون پرڇائيون،
    جلدي سهائيون، اينديون پنهنجي ديس تي.

    توسان گڏ ڀٽائي، سفر ڪريان آنءُ،
    وڻن جيان ڇانءُ، مون تي رهي تنهنجي.

    ڀٽائي! تنهنجي ڇانءَ ۾، اڳتي وڌان مان،
    هٿڙا مون مٿان، سدائين تون پنهنجا رکين.

    پکڙيل آهي سنڌ ۾، وک وک ڪهاڻي،
    حشو ڪيولراماڻي، اڄ به آهي دل ۾.

    ويجهڙ ماضي سنڌ جو، ڪائي ياد لٿي،
    پرچُو وديارٿي، اڄ به اسان سان ساٿ ۾.

    ماڻهن منجهه منافقي، وڻ ويڙهي جيئنءَ،
    متان تون ڀانئينءَ، سچو هر هڪ آدمي.

    ڏکئي وقت ۾ ڪو ڏئي، جي سکڻو دلاسو،
    پوءِ به ڄڻ پاسو، اُن تنهنجو آهي کنيو.
    ڏسي ڏکئي وقت کي، متان گهٻرائين،
    متان لهرائين، ڪنهن اوکيءَ ويل کان.

    ڏاڍي پريشان، هئي پنهنجي زندگي،
    اچي ڪو مهمان، سلجهائي ويو سوچ کي.

    مادموزيل تراڪي، تون نه وسرندينءَ،
    سدائين رهندينءَ، خوشبو ٿي هن سنڌ ۾.

    سيد! تنهنجا عشق، ڪيڏا سهڻا ها!
    من مُهڻا ها، رنگ رنگ ڪري ويا زندگي.

    رات لٿي زندان تي، جاڳيا تصور،
    ساري پنهنجو گهر، هاءِ! لڇي ٿي دلڙي.

    رات لٿي زندان تي، توکي ساريوسون،
    هينئڙو هاريوسون، سمجهي توکي هيکلي.

    رات لٿي زندان تي، بند ٿيا دُوارا،
    ٻاهر ستارا، سَجيا هوندئي سينڌ ۾.

    رات لٿي زندان تي، همٿ نه هاريسين،
    ور ور واريسين، توتان حياتي سنڌڙي!

    زماني ذلتون، ڏنيون مون کي ڪيتريون!
    آهن توسان اٿاهه، پوءِ بِي محبتون،
    ٿي ويو لذتون، درد پنهنجي جيءَ لئه.

    گهري هجي ڪيتري، اونداهي ته ڇاههِ؟
    هينئڙو نه لاههِ، نيٺ ته ٿيندو سوجهرو.

    ڪڏهن ٻانهون تو ڳچيءَ، ڪڏهن هٿڪڙيون،
    مون کي سڀ گهڙيون، پياريون آهن ساهه کان.

    جندڙي ڪچيءَ ول جيئن، ڇو تون ٽوڙين ٿو،
    منهنڙو موڙين ٿو، ڇا جي لاءِ سچ کان!؟

    ڪوئي آهي ڪونه، جيڪو درد ونڊي.
    اچي دز ڇنڊي، صاف ٿئي جندڙي.

    مرڪين ٿي ته ملي ٿي، جُواڻي جنت کي،
    تنهنجي سونهن مٿي، موهت ماڻهو، فرشتا.

    وار وڇائين عام لئه، ڪڏهن تون متان،
    فقط پرينءَ اڳيان، پڌرو ڪجانءِ پاڻ کي.

    هي تنهنجو تن بدن، آهي راڻي لاءِ،
    مومل! ماڻي لاءِ، متان ڏسين ٻين ڏي.

    ڪڏهن شاعري، اوڙڪون ڪري اچي،
    ڪڏهن چپن تي، مُهر ڄڻ ته ماٺ جي!
    دشمن لُڏيا ٿي اِيئن، جيئن لڏن ٿا ڪانهن،
    دودا! تن جي دانهن، اڄ به ٻُري ٿي واءَ ۾.

    آهه اڃا آزار ۾، دودا! تنهنجو ديس،
    اڄ به ڌاريو، بديس، فوجون ڪاهيون ٿو اچي.

    اڪيلائي ۽ غم، ماڻهو ماريو ٿا وجهن،
    دعا گهران هردم، عاشق ٿين نه اڪيلڙا.

    روڙي پنهنجي روح کي، جيئن وڄايئي ساز،
    ڳئورو ٿيو آواز، ڀرجي آيون اکڙيون.

    مڪلي! تو ۾ گم ٿيون، ڪيڏيون ڪهاڻيون،
    ڇا ڇا جواڻيون، ڏٺئي پنهنجي ڏيهه ۾!

    اڄ به ٻُري تاريخ ۾، دودي جو ويساهُه،
    سنڌڙيءَ تي جن ساهُه، واريو، زندهه ٿي ويا.

    اُهي اکيون سرمگين، جهڙ ڪري ويون جيءَ تي،
    هاڻ وسي ڪڪر جيئن، راتو ڏينهان روحڙو.

    ڪڪرن جيئن اڀري، مون ڏي آئين تون پرين!
    دلڙي هيءَ چري، راتو ڏينهن وسي پئي.

    رم جهم ڪري ويون روح تي، تنهنجون نگاهون،
    پرين! تو ٻانهون، واسي ويون وجود کي.

    تن من تنهنجو آهه، مالڪ آهين وجود جو،
    جيسين آهي ساهه، آئون اوهان جي آهيان.

    ڇڏيم سڄو وجود، ارپي توکي سنڌڙي،
    مون ۾ تون موجود، آئون اوهان جو آهيان.
    سنڌ ورسٽيءَ ۾، تون اچين شال وري،
    ڀئونري جيئن ڀِري، ڏسن توکي ڇوڪرا.

    ڇا لئه وجهين اک!؟ سرتي آهي دوست جي،
    پنهنجي سينڌي رک، جي تو هينئڙو اڃ ۾!

    آئي ننڊ اکڙين ۾، اڏري اڄ اِيئن،
    پکي اچن جيئن، آکيري ڏي شام جو.

    ڪجليون اکيون پرينءَ جون، مون کي ماريائون،
    ۽ پو جياريائون، کڻي نگاهون پيار مان.

    آهن منهن پرينءَ جي، طور سينا جئن تجليون،
    اکيون جنهن جون ڪجليون، جادو ڪري ويون جيءَ تي.

    ڇاجي لاءِ دوست سڀ، ٿي ويا اڄ اجنبي !؟
    ڪيڏانهن ويا لنگهي، هو جي ننڍپڻ ڏينهنڙا.

    ڪتين ڪر موڙيا پرين! آئي تنهنجي ياد،
    ٽيڙو ڄڻ فرياد، توکي ڪن ٿا عشق ۾.

    جي تون چاهين زندگي، ڊڄ نه موت ڪنان،
    لاهي ڇڏ منان ، اڻ ڄاتي جي ڊپ کي.

    ناتو تن ۽ من جو، نديءَ سمنڊَ جيئن،
    تون اِن کي ڪيئن، الڳ، هڪٻئي کان ڪندين!؟

    متان تن ۽ من کي ، الڳ الڳ ڀانئين،
    ۽ پو پڇتائين، چاهت ڪري اڌورڙي!

    اجنبي! آهينءَ ڪير، توکي ڏٺو آ،
    ڄڻ ته ڦٽو آ، چشمو مون ۾ پيار جو.
    ڇڏي وڃين ٿي واءَ ۾، جڏهن تون خوشبوءِ،
    ڀئونرا گفتگوءِ، ڪن ٿا :”گل ڪٿي ٽڙيا!؟“

    اکڙيون کنيون تو، بند ٿيا سڀ مئڪدا،
    اِتان جن پيتو، ٻيهر طلب ڪانه ڪئي.

    سياري جي اُس جيان، هلڪا تنهنجا ڇهاءَ،
    ميٽي سارا گهاءَ، تن کي ڏئي وئين تازگي.

    آهي ماڻهوءَ من ۾، ڇاجي لاءِ خوف!؟
    کڻي ڪلاشنڪوف، بيٺو آهه بچاءَ لئه!

    ڪڏهن اڪيلائي، سڀ ڪجهه هجي ٿي،
    ڪائنات سڄي، لڳي پنهنجي ڀاڪرين.

    دل ڪڏهن شور ۾، گم ٿيڻ ٿي چاهي،
    جيئن سگهي وراهي، هر ڪنهن سان ٽهڪڙا.

    جيوَنُ پروليءَ جيئن، آءُ! ته ڳوليون ڀڃڻي،
    سڀ کي آهي وڻي، توڙي حياتي ڏکڙا.

    اجنبي ٿي ويو، ماڻهو ماڻهوءَ کان،
    ڪهڙو وقت مٿان، بيٺو آهي اچي.

    ايڏي بي خبري، ناهي چڱي دوست کان،
    مون تي ڇا گذري، توکي ڪونهي ڪو پتو.

    ٽڙيا گل گلاب جا، پکڙيون سرهاڻيون،
    آءُ! ته گڏ ماڻيون، سُرها جوڀن ڏينهنڙا.

    سُرها جوڀن ڏينهنڙا، متان وڃائين،
    متان لنوائين، چپ اچن جي پيار مان.
    سُرها جوڀن ڏينهنڙا، ڪنهن تي شل وارين،
    تون متان ڌڪارين، هٿڙا جي هرکي اچن.

    سرها جوڀن ڏينهنڙا، سڳنڌ اڏارينِ،
    امرت پيارينِ، آسوندن کي اڃ ۾.

    سرها جوڀن ڏينهنڙا، مٿان سرهي سيج،
    هينئڙي سڀ هيج، پنهنجا اڄ پورا ڪيا.

    ڀٽائي! آنهه درياهه جيئن، اسين ڄڻ ته وليون،
    ڀري ڏات کليون، مرشد! ڏين ٿو ٻاجهه سان.

    اڀري آئي اوچتي، ڪائي نيڻ نهار،
    جاڳيو مون ۾ پيار، ٻيهر سانوڻ مينهن جيئن.

    اندرڪائي اُساٽ، لهِي لهي ڪانه ٿي،
    چشمي جيئن پلٽي، ويڙهي وڃ وجود کي!

    ول جيئين وجود تي، ڪڏهن ڇانئين تون،
    شل نڀائين تون، پنهنجي قول قرار کي!

    کڻي نيڻ خمار مان، بخشيئي زندگي،
    رڳ رڳ وئي رچي، پرين! تنهنجي پيار ۾.

    ڇا لاءِ هنيئي بي پتا!؟ ڪَنوَر کي گولي،
    پيار ڀري ٻولي، سانت ٿي وئي ساهه سان.

    ڪَنوَر! تنهنجو ڪلام، اڄ به جاڳي جيءَ ۾،
    سنڌڙي روز سلام، توڏي مُنجي حب مان.

    هر ڪنهن پنهنجو رنگ، لاوڻي، رولا، ڌُپال،
    شقت، للت، چئوپال، انگ انگ ڄڻ آ رقص ۾.

    مڇيون ڳوٺ ٻڌي، ويٺيون آهن سمنڊ م،
    ويون آهن وڌي، ڌرتيءَ تي پر نفرتون.

    چَرندي چانڊوڪيءَ ۾، رات ڏٺاسين ڌڻ،
    ڪارونجهر تي هرڻ، جادو آهه جهان تي.

    رات ڏٺاسين واگهه، تنهنجي اکين ۾،
    پر به ونءُ نه وڃي، هينئڙو توکان سپرين!

    ساري رات سنڀار، جاني تولئه جيءَ ۾.
    مون سان تون ٻيهار، ڇا ملندين ڪڏهن ڪينڪي!؟
    جهومڪ چمن ڳل، ۽ ڳچيءَ چمي دُهري،
    اکيون چميون ڪجل، نکري تنهنجي سونهن وئي.

    هيرو چمڪي نڪ ۾، لبڙا چميس لالي،
    شال ٿيون وصالي، اسين سهڻي پرينءَ سان.

    هوءَ جا هئي جل پري، هرڪو ان جو پڇي،
    موهي محفل کي، ويئي پنهنجي مرڪ سان.

    جيوڻي! لٿو جيءَ ۾، تنهنجو ئي آواز،
    جاڳيو من مجاز، دل ۾ ديرا درد جا.

    جيوڻي! ڇا جادو، تنهنجي هو آواز ۾!
    عاشق سڀ قابو، ٿي ويا ان جي سحر ۾.

    جادو ڪن ٿا جيءَ تي، تنهنجي نيڻن جيئن،
    بي ڪيف نه ڀانئين، هي جي سنڌي سورٺا.

    دوها منهنجي دل تي، تري آيا اِيئن،
    هنج ترن جيئن، ڪري قطارون ڍنڍ ۾.

    ڪُنگرا اوچي ڪوٽ جا، ساٿي! ڏس ٽُٽا،
    اِجهي هاڻ کٽا، هي جي پنڌ پهاڙ جا.

    ڏمر هيا جي ڏيهه تي، آيو تن جو انت،
    آڇي ويا امرت، سجايا پنڌ پهاڙ جا.

    چپ گلاب پرينءَ جا، ڳالهيون رس ڪماند،
    ڀري پنهنجو پاند، آڇيئون مَنڌ کٿوريون.

    هرڪا عورت ناهه، جادوءَ جيان جيءَ تي،
    ڪائي ڪائي نگاهه، دلڙي چيري ٿي وڃي.
    توسان ئي منهنجو عشق، توسان ئي آنينهن،
    تو بن اکڙئين مينهن، هڪ پل ڀي رڪجي نٿو.

    سر بچائڻ لاءِ، سُرکي وڃايئي!
    ڪجهه به نه پايئي، عمر ماڻي کوکلي.

    ٻانهي آهي ڪانڪا، هيءَ جا تنهنجي زال آ،
    انهيءَ سان رشتا، رکج سدائين چاهه جا.

    شفق رنگ رتي، ٽانگر جيئن ٽڙي پئين!
    لڳين سون وتي، سانجهيءَ جي آڪاس ۾.

    سنڌڙي اڄ به شيام! توکي ساري ٿي،
    واٽ نهاري ٿي، وڇڙي ويل اولاد جي.

    وڇڙيون ڌيئون ماءُ کان، لعنت ورهاڱي،
    روحن کي راڱي، انهيءَ رت روئاڙيو.

    ٻار سمهاري لوڏَ ۾، ويئي جيئن ٻاهر،
    جلدي موٽي گهر، ڇاتيون ڀريس ٿڃ سان.

    ٻار رنس جيئن گهر، ڇاتيون ڇلڪيس ٿڃ سان،
    تڪڙي ٻنيءَ تان، موٽي واپس ڳوٺ ڏي.

    سمهي پيئي سانوري، ڀري منهن سُڪونَ،
    ڪهڙي جوش جنونَ، عاشق جاڳن رات جو!؟

    مينهن ڏُهندي مُنڌ کي، سمجهي سگهين نه تون،
    جيئن ڀريون چروڙيون، تيئن جذبا جاڳيس من ۾.

    اُٿي اسر وير جو، کير ولوڙي ٿي،
    ڄڻ ته جوڙي ٿي، نئين سِر هيءَ سرشٽي.
    اچي پرهه جي هير سان، ”جُهو، جُهو“ جو آواز،
    مانڌاڻيءَ جو راز، جن سمجهيو، ننڊ ڦٽي ڪئي.

    تنهنجي ڳلن تي پيو، پرتوو جيئن شفق جو،
    رنگ پکيڙيا تو، سانجهيءَ ڪيڏا سمنڊ تي.

    ايئن ڇڻي پئي چاندني، ڄمون وڻن مان،
    ڀرت_ ٽڪن مان، جيئن اٿن ٿا ترورا.

    ڳالهيون ڪن ٿا واءَ سان، ڪنڌ ڌوڻي وڻ،
    هيٺ ٻڪرين ڌڻ، ٻي ٻي ڪن ٻڪرار کي.

    ڄڻ ته بَکيا آڪاش جا، تارن اکيڙيا،
    ڇاڇا پکيڙيا، سانجهيءَ رنگ سمونڊ تي.

    ڪڻڪ سلا سونَ جا، ڀر ۾ هارياڻي،
    ڪسيءَ ۾ پاڻي، جنت منهنجي سنڌڙي.

    ڪسي وهي ٿي ردم سان، هلڪو سيارو،
    پاڻيءَ نظارو، ٻار مرڪي جيئن ننڊ ۾.

    ننڍڙا ٻوٽا انب جا، ٻار جيان آهن،
    توجهه ٿا چاهِن، هاري! تنهنجو پيءُ جيئن.

    سڀ ڪجهه ناهي سائين! آڪاش واڻيءَ ۾،
    اسرار پاڻيءَ ۾ ، چنڊ چميو پاتال کي.

    سرنهن گل ٽڙيا، خوشبو پهتي ڳوٺ ۾،
    اچي ڀئونر مڙيا، ماڻيئون مٺڙي رس کي.

    هي جڏهن ٻه زيتونَ، ڄايا تنهنجي بت تي،
    خمار، جوش، جنونَ، آئينءَ منهنجي هنج ۾.
    ڇڏي سڀ حجاب پرين! اوري آءُ تون،
    چمين سان چُڳون، ڏاڙهون تنهنجي بت جا.

    آهي مَڌَ ڀريل، لتا جي آواز ۾،
    جيءَ نه آئي جهل ، اڏري ويو پرينءَ ڏي.

    شيام! تنهنجي شاعري، تارن جيان آهي،
    سدا پئي وراهي، هر هڪ جاءِ روشني.

    هاڻي اچي ٻنيءَ تي، روز سويري،
    ڏٺيون وڏيري، هاريءَ سهڻيون ڇوڪريون.

    ور لئه ٻنيءَ تي کڻي، آئي مانيءَ دَکيون،
    ڀر ۾ ماکيءَ مکيون، مِڙي آيس چاهه مان.

    مومل! راڻي لاءِ تون، راڻو ئي رانئين،
    تون متان ورهائين، هر ڪنهن سان هي راتڙيون!

    ڇا ٿي پيو جي راتڙي، ٻئي کي ڏني تو!
    اِهو حق رڳو، توکي تنهنجي بت تي.

    منزل ناهي هر پنڌ، ڇا لئه ٿئين ڀڀوت!؟
    ڪوئي ڪوئي سڪوت، اوچو هر اڏام کان.

    ڪيئن گهٽيندين سڀ گلا، ڪنهن ڪنهن وجهندين ڪاٺ!؟
    مور نه ٿيندي ماٺ، آزاديءَ جي ڳالهڙي..

    هيءَ جي سوريءَ ساٺ، سي ته سدا جي زندگي،
    ڪائي ڪائي ماٺ، اوچي هر آواز کان.

    بيهي ڪونه سماج ٿو، سدا لاءِ نه ڳهر،
    ڪائي ڪائي ڍر، تيز هر هڪ ڊوڙ کان.
    چوٽ نه ڏي ڪنهن دل کي، ان ۾ آهه خدائي،
    ڪا ڪا گهرائي، مات ڪري اوچائيون.

    منهنجو من سمونڊ جي، تري جيان آهه،
    سهسين چراگاهه، جيوت_ دنيائون اڻ ڏٺيون.

    عظمت ڪنهن ڪنهن ايتري، حصي ۾ آئي،
    جو هر اوچائي، حقير آهي ان اڳيان.

    سَر تي لٿا ستارا، ٽٻيون ڏنائون،
    مرڪي ڏٺائون، ڪنڌي تي ڪي ڪامڻيون.

    گردش ۾ آ وقت، هي ڏينهن به ڦرندا،
    نيٺ ته ڪرندا، اوچا ڪنگرا ڪوٽ جا.

    داخليت توڙي خارجيت، مون وٽ هڪڙي چيز،
    ٻنهي لئه مهميز، آهي منهنجي شاعري.

    ناهن هن جهان ۾، رڳي محبتون،
    ڪي ڪي نفرتون، چڱيون آهن پيار جيئن.

    توڙي گيڙوءَ ويس، پنهنجا بيت گلاب جيئن،
    جهڙو سنڌوءَ ديس، تهڙو تن جو روپ آ.

    جهونا ڳڙهه ۾ رات، سڏڪا سورٺ جا هئا،
    جيسين ٿي پرڀات، سڀ ڪجهه ويو چکيا چڙهي.

    مئخاني تي رات، شبنم شبنم ٿي لٿي،
    پياڪ سڀ پرڀات، شعلا شعلا ٿي ويا.

    مئڪدي تي ماڪ، قطرا قطرا پئي وٺي،
    هيا سڀ پياڪ، قدم قدم ٿيڙ ۾.
    هاڻ نه ڪائي ڪاڪ، ناتر، مومل ڪينڪي،
    وقت ڪيا سڀ خاڪ، جيڪي جاهه جمال ها.

    اچي مارئي! ڏڍُ ڏي هن ڏيهه کي،
    اڄ به ڪيئي، عمر آهن ديس ۾.

    هاري! جيسين تون، قادر نه ٿيندين قسمت تي،
    تنهنجون اميدون، کڄنديون رهنديون هر کيت سان.

    پورهيت جيسين تون، طاقتور نه ٿيندين،
    گوندر گڏيندين، سدا پنهنجي ساهه کي.

    متان تون ٽيڙو، ڪڏهن ڀيٽين بيت سان،
    رنگ جي گيڙو، پو به ڪتين جيئن چمڪڻا.

    ها تون وائيءَ کي، اڳيان آڻج بيت جي،
    امڙِي ۽ ٻچڙي، ڪهڙا ليکا اورڻا.

    ڪڏهن نظم کي، ڀيٽج نه پنهنجي بيت سان،
    قد بت تي، ناهي رکيل ڪا امرتا.

    ڪڏهن تون غزل، ڀيٽج نه پنهنجي بيت سان،
    بيت انگورن ول، واسين ٿا ولهار کي.

    اوتي پنهنجو روح، اسان ڇڏيو آ بيت ۾،
    سنڌڙي وجهي جوهه، مرڪي پيئي ٿي ڏسي.

    جاڳي ساري رات، ڇو تون لکين ٿو،
    ڇا تون سکين ٿو، ڪرت جوڙڻهار جي.

    بيت به سنڌڙيءَ جيئن، مون کي ڇڪين پاڻ ڏي،
    ڄڻ ملجي مٽيءَ سينءَ ، آئون خوشبو ٿو ڏيان.
    آهي تنهنجي سونهن جي، مون ۾ سهائي،
    شل روشنائي، سدائين ڪرين سنڌ تي.

    آزاديءَ جي ڪيچ لئه، سسئي ٿئي ڪير،
    هلي ڦَٽائي پير، پهاڙن جي پيچري.

    آهي راءِ ڏياچ ڪو، ڪري سنڌ سُجان،
    ڏئي پنهنجي جان، آزاديءَ جي ساز تي.

    رنجائج نه تون ڪڏهن، پرين ڪاوڙجن جي،
    ٽٽل دلين کي، ڪو بَکيو لڳي ڪونه ٿو.

    ننڊ سُتي جيئن سانوري، بيهي چنڊ ڏٺو،
    ڄڻ ته پئي سوچيو، ڪيئن وٺان ان کان چمي؟

    ڪنولُ پاڻيءَ ڀاڪرين، ڪپر تي جوڙو،
    ڪوئي وڇوڙو، تن کي ٽوڙي ٿو سگهي؟

    وهيون تنهنجون ڏک ۾، اکڙيون سُرمَگين،
    ڪري ويون غمگين، منهنجي سڄي وجود کي.

    ڀريندي اوڙو، جيئن ڏٺائين نينگري،
    ٻچڪاري گهوڙو، آيو بهاني سان لڙي.

    ڏئي سکين سان ٽهڪڙا، جئن ڌوتائين روءَ،
    ٿي ويو خوشبوءَ، پاڻي سڀ نياڻ جو.

    وڌائين بندُر ۾، ڪُتر ڪري ڪانا،
    تنهن کان پو سانا، رڌڻ ويٺي چلهه تي.

    ساري رات هڳاءُ هو، رات راڻي جو،
    يا جواڻيءَ جو، نشو چڙهيو پئي پاڻ تي.
    اڄ به گهرجي ترار، سنڌ کي دريا خانَ جي،
    جنهن سان ڪجن وار، ور ور ويرين جي مٿان.

    سکڻا دلاسا، گهرجن نه ٿا ديس کي،
    آهن چؤماسا، رُت ڦِري ناهي اڃا.

    پسار ڪن ٿيون سومريون، روپا ماڙيءَ تي،
    ٻاڙيءَ ٻاڙيءَ تي، سنڌ ڪهاڻيون ڪيتريون!

    دودو ڏسي ٿو حب مان، ٻهڪي ٻاگهيءَ کي،
    اِن ڀينرڙي تي، سهسين سرڙا وارجن.

    مون کي ننڊ اچي پئي، ويٺي ڪرسيءَ تي،
    هاڻي ذهنَ ٿڪي، لکي لکي هيءَ شاعري.

    ڏينهن گذري ٿو وڃي، پوءِ به لک لکان،
    منهنجي جيءَ مٿان، جادو آهي شاعري.

    تون چئو پکي پرڏيهي! سنڌ کان وڌ مٺو،
    ٻيو ڪو ڏيهه ڏٺو، تو هن روءِ زمين تي!؟

    پيار رهندو روان دوان، پيارا بدلبا،
    چارا بدلبا، پنڌ اُهوئي ساڳيو.

    هاڻ اچي ٿي اِئين، جيئن سانوڻ جي برسات،
    ساري ساري رات، مون تي لهي ٿي شاعري.

    ويا جڏهن ڪيڏانهن، يار ڇڏي مون هيڪلو،
    آئي آ مون ڏانهن، محبوبا جيئن شاعري.

    اڪيلائي ۾ جڏهن به، دل ڪئي ڪا دانهن،
    ڊوڙي آ مون ڏانهن، محبوبا جيئن شاعري.
    گهنگهور گهٽا جيئن هي، مون تي ڇائي آ،
    مون ڏي آئي آ، سانوڻ بڻجي شاعري.
    ڄامشوري ۾ وري، ملبو تڏهين ئي،
    ايندي جڏهن ئي، رُت بسنتي ديس تي.

    اڄ به تو الزام، آندا مون تي وائڙا!
    منهنجو تون مقام، سمجهي سگهندين ڪينڪي.

    مون تي پيو تون آڱريون، پنهنجون جي کڻندين،
    ساڙ رڳو سڙندين، ٻيو ڪجهه سَرندءِ ڪينڪي.

    سکر، سنڌوءَ، روهڙي، ڪيڏي سونهن ميان!
    جرڪي سونَ جيان، ساڌ ٻيلو شام جو.

    جڏهن رتائين، مون کي ٻانهُنِ ۾ ڀري،
    ڄڻ ته ڏنائين، پيالا امرت رس جا.

    وچن ڪري تون وري، موٽي آئينءَ ڪونه،
    پر مان ٻاريان ڇو نه، ڏيئڙا تولئه ڏات جا.

    اڀريا اڄ آثار، اِجهي بدليا ڏينهنڙا،
    آدمين اظهار، ڪو به نه روڪي ٿو سگهي.

    ڪينجهر جهڙي ڇوڪري، نيڻ ڪنول جيئن،
    وڪوڙي جل جيئن، ويئي منهنجي روح کي.

    تون ئي کيپُ خمارُ آن، تون ئي رونهن ورونهن،
    مومل! تنهنجي سونهن، مات ڪيا سڀ مئڪدا.

    محبت ڌاران ڏينهنڙا، دوزخ جو ڄڻ دونهن،
    سورٺ! تنهنجي سونهن، جنت آهي جيءَ لئه.

    نيٺ ته خالي ٿي ٿئي، ٽجوڙي جيون جي،
    پٻن ڀر هلي، موت اچي ٿو چور جيئن.
    ڪو به چؤنڪيدار، موت نه روڪي ٿو سگهي،
    سڀيئي هٿيار، بيوس آهن ان اڳيان.

    ان کان وڌ نه آهي ٻي، ڪائي ذ لالت،
    ماري ٿي غربت، ماڻهوءَ اڳ ۾ وقت کان.

    ڇاتيءَ تي آڪاش کي، تارا ڄڻ ته ڀرت،
    ڪيڏي آ قدرت، سهڻي ٺاهي سرشٽي.

    آيو پيارُ ڪڪوهَه جيئن، ان کان ڪيئن بچون،
    اوري آءُ نچون، منهنجي من جي مورڻي!

    آيو منهنجي جيءَ تي، ڀرجي اڄ جهڙ،
    پوي ٿي ڦڙ ڦڙ، توڙي ٻاهر اُس آ.

    ڦيٿا منهنجي جيپ جا، لتاڙين پهاڙ،
    ۽ هو چنڊ_ ماڙ، پڻ آ منهنجي پيرڙين.

    گهڻو اڳتي چنڊ کان، آئون اڄ وڃان،
    سارا راز ڀڃان، ڳجهه نه ڪو ڳجهو رهي.

    چنڊ نه اهڙو منڊ، جهڙي تنهنجي روشني،
    تنهنجي سونهن اکنڊ، صورت تو جهڙي نه ڪا.

    چاندي تنهنجو تن آ، دلڙي هيرن کاڻ،
    تو سان ڄاڻ سڃاڻ، جرڪا آندا جيءَ تي.

    مرڪي ڏٺو تو، گل کڙي پيا دل ۾،
    ڄڻ ته ڪو جهوٽو، هُئينءَ پرهه جي هير جو.

    سون لڳي ٿي پولڪا، تنهنجي ڇاتين تي،
    اکڙين آتين تي، لٿئين مڌ خمار جيئن.

    سارو ئي سنسار هي، آهي ڪو ته عجب،
    سبب بي سبب، ڪوئي آهي ڪينڪي.

    سارو هي سنسار آ، تنهنجي طابع رب!
    سبب جو به سبب، واقعي تون ئي آهيين.

    ڪانهي ڳالهه يقين جي، ڪونهي ڪجهه ڀي شرڪ،
    جي تو ناهي عشق، اجايون سڀ عبادتون.

    چيلهه مٿان آ ٻارو، مٿي تي آ گاهه،
    عورتَ ڏکي زندگي، الا! پو به نباهه،
    ٻهراڙيءَ جو چاهه، گهٽيو نه ڪڏهن مال سان.

    ”مٽي ڪڍي چيلهه مان، ڀريائين ڇاتيون،“
    ڏِسون سڀ مڌماتيون، لٿي مُنڌ زمين تي.

    آنءُ گهٽا گهنگهور پر، ترسان ڪنهن ڪنهن سَر،
    جهڙي عورت اتر، تهڙي مون من نينڍ آ.

    آنءُ نه هر هڪ جاءِ تي، ويرو تار وسان،
    ڪنهن ڪنهن مُنڌ مٿان، آهيان سانوڻ مينهن جيئن.

    ڇاتي پيالا مَڌ جا، انهيءَ پار وڃان،
    ماکيءَ مک جيان، ويهان نه هر هڪ گل تي.

    آهين مڙس وڙائتو، پوڙها! ڏاڍو پر،
    ڇا لاءِ دربدر، هن وهيءَ ۾ پيو ٿئين!؟

    جادو آهين ٿر جو، مائي ڀاڳي! تون،
    جاڳيا ڏهر، ڀٽون، روشن ٿي وئي سنڌڙي.

    ماٺ سندو آواز، جيڪر ڪو سمجهي،
    اڄاتا سڀ راز، ڀڃي هن جهان جا.

    وڄن پيا واءَ ۾، ازل جا ڪي ساز،
    ماٺ سندو آواز، هر ڪو ٻڌي ڪينڪي.

    پرهه ڦٽيءَ جو پٽ، واقعي هئين سوئيڪارنو!
    اجري آندي تو، پنهنجي وطن لئه روشني.

    ايئن ملئين ٽئگور ڪلهه، گيتانجلي ۾،
    منهنجي ڳلي ۾، ڄڻ تون لنگهي آئيو.

    دليون ڏسن ڪونه ٿا، ماڻهو اياڻا،
    ڪهڙا سياڻا؟ ساٿ ڇڏيائون سچ جو.

    جُهڙ جيئن پکي اٿيا، ڇانو ٿي جر تي،
    موهي ويو مونکي، تنهنجو سمنڊ سنڌڙي!

    ”جيسين هن جهان ۾، ايندا پيا ٻارڙا،
    تيسيتائين خدا، راضي آهي پاڻ تي.“

    سياري رات منڊ، ڪيڏا تارا موهڻا!
    تنهنجي يار اڪنڊ، سارو وقت سرير ۾.

    ڏٺو آهي تو، ڪڏهن جادو رات جو!؟
    سنگهيو آهي تو، ڪڏهن تن_ رابيل کي!؟

    ڪيڏي رات هئي، رڦڻي تارن ۾،
    ڄڻ ته جارن ۾، ڏيئا پئي لڙکڙائيا.

    چئو ڪيسيتائين مان، توکان دور وڃان،
    ڀيرو ڪيئن ڀڃان، توبن ساهه سري نه ٿي.

    تلاءَ مٿان ترورا، تارن رات ڪيا،
    اڏري وڳر ويا، ڌرتي تان آڪاش ڏي.

    آهي جيون جک، جي ڪو مقصد ڪونه آ،
    ڪوئي آدرش رک، ڀلو ڪر سنسار جو.

    ڪاڪا جيت به مات آ، ڪا ڪا مات به جيت،
    هن ڌرتيءَ جي ريت، آهه نرالي سڀ کان.

    يار رهي ٿو روح ۾ ، مون کان ڌار نه آ،
    دنيا سمجهي ڇا، اسين سدائين ساڻ هون.

    ناهيان آنءُ اڪيلڙو، مون سان گڏ آن تون،
    هاڻي هي اکڙيون، ٻئي در ڏسنديون ڪينڪي.

    توکي ڪيئن جهليان مان، وڃين ٿو پرديس،
    دلڙي پئي ويس، پائي تنهنجي ڏک جا.

    آهيون پاڻ اداس، سنڌڙي ڏيهه ڏک جو،
    ڪونهي ڏوهه رڳو، تنهنجي يادن جو پرين!

    اونداهي اکٽ، پئي لڳيِ مٿان ديس جي،
    پرهه ڦٽيءَ جا پٽ، ڪيڏي آندوَ روشني!

    توڙي هارايو، پوءِ به آهيون ويڙهه ۾،
    ڪنڌ نه جهڪايو، اڳيان ڪنهن ڀي ڏاڍ جي.

    ”ناهي ڪجهه مقدار ۾، لِکُ معياري!“
    اچي شاعري، مون کي چيو ڪَن ۾.

    سنڌ ٿيندي سوجهرو، ويندو انڌارو،
    پرهه جو تارو، اڀريو آ آڪاش تي.
    آئون جاڳان ٿو پرين! ستو آهي لوڪ،
    مون وسايو جهوڪ، وري شاهه عنايت جيئن.

    آزاديءَ جي او پرين! سيد ڏئي ويو ساک،
    اجها ڦٽي باک، آيو سنڌ تي سوجهرو.

    ڄاڻ پڳاسون ماڳ تي، ڪونهي پنڌ پري،
    ڪوئي ڪين ڏري، اونداهي جي ديوَ کان.

    اڀري ايندو اوچتو، آزادي جو نانءُ،
    متان لاهيو هانءُ، ڄاڻ پڳاسون ماڳ تي.

    ڇاجي لاءِ پيئان، آئون توسان ڇيڳرا!
    جڳ جڳ ڇو نه جيئان، اکڙين مان پيالا ڀري.

    آنءُ اُنهي جو آهيان، اُهو منهنجو آ،
    رڳ رڳ منجهه رچيا، اسان پرين پاڻ ۾.

    متان سمجهين تون، منهنجا گيت کٽي ويا،
    اڃا هاڻي مون، آهي بسم الله ڪئي.

    جاڳيو تولئه شاعري، آهيان سڄي رات،
    تون به ٿي برسات، وٺي آهين مون مٿان.

    هاڻي ننڊ اچي پئي، ڇڏ ته آنءُ سمهان،
    ٻيهر جيئن رچيان، تازائي سان شاعري.

    مڌُ جيان مون ڏي، اچي ٿو منهنجو پرين،
    وڃي روح گڏي، منهنجو پنهنجي جند سان.

    ٻچن جي هي مند آ، پکي مار نه تون،
    ڇڏ ته ڪن چُون چُون ، چوڻو وجهي وات ۾.
    واءُ وڻندڙ ٿي وئي، وڻ ٽڻ ڌوتا مينهن،
    نکري فطرت اِيئن، ڄڻ تو ڌوتا انگڙا.

    نيٺ اچي وئينءَ تون، منهنجي اوتاري،
    ڏيئا مون ٻاري، رکيا تو لئه روح جا.

    ڪيٽي بندر تي ڪڏهن، ٿيندا سونهن ميلا،
    آئيندي ويلا، آڻيندي ڪئين سوجهرا.

    لٿي شام سمونڊ تي، اڏري پئي آڙي،
    چِتر هي لاڙي، منهنجو من موهي ويا.

    آڌي رات سمونڊ تي، ڪراچيءَ ميلا،
    سونهن سندا ريلا، موهي ويا من کي.

    آئون ازل، تون ابد، توڏي ٿو ڪاهيان،
    توکي ٿو چاهيان، تون ئي منهنجو ماڳ آن.

    آئون ئي روڪ صدين تي، آئون ئي پلاڻيان،
    آئون ئي آڻيان، اونداهين ۾ سوجهرا.

    منهنجو من مندر، منهنجو من مسيت،
    منهنجي آهه پريت، سوين روپ روز جا.

    سوين روپ روح جا، سوين مايا ڄار،
    آهي فقط پيار، رستو ڪنهن نجات جو.

    آئون ازل، آئون ابد، آئون ئي منزل ماڳ،
    آئون ئي پنهنجو ڀاڳ، آئون ئي سور سرير جا.

    آئون ازل، آئون ابد، آئون ئي منزل ماڳ،
    آئون ئي وقت اجهاڳ، ڦهليس هن ڪائنات تي.
    منهنجي من ۾ مارئي، سدا جاڳي ٿي،
    سدا واڳي ٿي، مارن سان هن روح کي.

    خوشبو ٿي تاريخ وئي، مينڍا نه ڌوتا تو،
    منهنڙو مارن جو، مٿي سدا لاءِ مارئي!

    جاڳائي ٿي سنڌ کي، اڄ به تنهنجي چيخ،
    خوشبو ڪئي تاريخ، مارئي! چيڙهه چڳن جي.

    بختاور کان پوءِ سڃو، ٿي ويو آهه کرو،
    ورو وانگي! ورو، اَنُ بچايو ڌارين کان.

    اڃا ماڳ پري، آهي تنهنجي پنڌ کان،
    اکڙيون پير ڪري، هل ته منزل ماڻيين.

    سڀ ڪجهه سجايو آ پرين! جي تو ڪئي پريت،
    هونئن ته هار ۽ جيت، ساڳي معنا ٿا رکن.

    جيون جو هڙ حاصل، آهي بس پريت،
    باقي هار ۽ جيت، ڪائي معنا ڪا نه آ.

    ڇاجي لاءِ قرار، مون کي اچي ڪونه ٿو؟
    دلڙي کي سئو وار، سمجهايم، سمجهي نه ٿي.

    ڇاٿي پيو جي اڄ پرين! آهيون ٻيئي دور،
    ٿيندو ملڻ ضرور، هڪڙي ڏينهن حيات ۾.

    اسان تنهنجي سونهن جا، ڏاڍا ڳاتا گيت،
    پرين! تنهنجي پريت، امر ڪري وئي شاعري.

    او! ڪهڙي مٽيءَ مان، ٺهيو آهين تون،
    هيڏيون هي سختيون، پوءِ به پيرا پنڌ ۾.
    سرتا! توکي ٿي سجهي، ڇو رڳي ٺٺولي،
    مون ته ڀري جهولي، آندي آ رابيل جي.

    ڪيڏا جُڳ لنگهي ويا، آءُ پرين تون آءُ!
    سونهڻ جيئين ساءُ، مَٽيو نه منهنجي پيار جو.

    سڀ ڇڏي ويا ٿئي، مڙين پوءِ به ڪونه ٿو،
    ڇاجي لئه لاٿئي، مانجهي! ٻيڙي سير ۾.

    ٻوڪي ٻڌي ٻار کي، ڀت چاڙهيائين،
    ڄڻ ته واڙيائين، من کي گهر جي پيار ۾.

    تن جان خوشنصيب نه ڪو، ڪئي جن پريت،
    ڇا هار، ڇا جيت، نه مليو، ته به پاتو پرين.

    ڪجليا نيڻ پرينءَ جا، مون کي ويا موهي،
    کنڀڙا ٿو کوهي، هينئڙو هاڻي پيار ۾.

    کنڀڙا کوهي هينئڙو، ڪڏهن شال ملين،
    ڊيل جيان ٽلين، منهنجي من جي ريت تي.

    ڳولين ٿو ڇا لاءِ تون، منهنجون ڪمزوريون،
    آءُ ته گڏ ڏوريون، سرتا! پنهنجي ديس لئه.

    دل جي ڪناري تي تون، ڇولين جيئن آئين،
    مون سان ٽڪرائين، ۽ پوئتي ڪيئه پيرڙا.

    اکڙيون ڪامڻِ مئي جيئن، چهرو جهڙو چنڊ،
    مُنڌ به ڄڻ ڪو منڊ، پٿرائي وئي جيءَ کي

    هر دل تي ڇائي، آزاديءَ جي ڳالهڙي،
    اِجها ئي آئي، رُت بسنتي ديس تي.
    ***


    وايون

    نازبوءَ ڀاڪر ڀري-

    نازبوءَ ڀاڪر ڀري-
    تون ٿي سُمهِين.
    آنءُ تنها آهيان،
    ڪيئن هي ٽاڻو ٽري؟
    تون ٿي سُمهِين.
    ڪا نه آ آڌي لڙي،
    جوت تارن جي ٻري-
    تون ٿي سمهين.
    آهه هو جو تانگهه ۾،
    اچ اتان پيرا ڀري-
    تون ٿي سمهين.
    چنڊ ۾ ڇوڙي چڳون،
    ۽ اڱڻ خوشبو ڪري-
    تون ٿي سمهين.
    ڏس ڪَتين جو قافلو،
    ڪوئي پيو تو ڏي وري-
    تون ٿي سُمهِين.


    ڪيڏو پنڌ پري-

    ڪيڏو پنڌ پري-
    آهي آزاديءَ جو.
    متان لاهي هانءَ کي،
    ويهو ماٺ ڪري-
    ڪيڏو پنڌ پري،
    آهي آزاديءَ جو.
    تيسين ڪاهيو ڪرها،
    جيسين دل ٻري-
    ڪيڏو پنڌ پري،
    آهي آزاديءَ جو.
    جيڪو موٽي واٽ تان،
    تنهن جو کير کري-
    ڪيڏو پنڌ پري،
    آهي آزاديءَ جو.
    اچو! ڌرتي ماءُ سان،
    وچن اڄ پَري-
    ڪيڏو پنڌ پري،
    آهي آزاديءَ جو.
    هونئن حياتي جاڙ آ،
    ڪو ته معنيٰ ڀري-
    ڪيڏو پنڌ پري،
    آهي آزاديءَ جو.
    رت مان اڀاريون سج کي،
    جئن هيءَ رات ٽري-
    ڪيڏو پنڌ پري،
    آهي آزاديءَ جو.


    ڪهڙي پليتائي!؟

    ڪهڙي پليتائي!؟
    جي تو من ميرو نه آ.
    ڪهڙا مهٽا بت کي، تون سارو صفائي-
    جي تو من ميرو نه آ.
    خوشبو هن سنسار جي، آ تو ۾ سمائي-
    جي تو من ميرو نه آ.
    جيئن هو پکي اڀ ۾، تون ايئن اوچائي-
    جي تو من ميرو نه آ.
    ڳالهيون تنهنجون ڳائبيون، ڪُوتا جيئن ڀٽائي-
    جي تو من ميرو نه آ.


    رات جي جادوگري نيڻ ويئي کسي-

    رات جي جادوگري نيڻ ويئي کسي-
    ڏينهن چالاڪ هو، ماري ڇڏيئين.
    وقت جي هيءَ رهزني ڪير سمجهي نه ٿو،
    ڇو نه ٿو ڪو منزلن تي ڪڏهن ڀي رسي-
    رات جي جادوگري نيڻ ويئي کسي،
    ڏينهن چالاڪ هو، ماري ڇڏيئين.
    راهه جا کوٻا کڏون ڪا رڪاوٽ نه هن،
    الميو آهي ڊٺاسين ته رستي لسي-
    رات جي جادوگري نيڻ ويئي کسي،
    ڏينهن چالاڪ هو، ماري ڇڏيئين.
    جي نه بينائي هجي باهه معنا نه آ،
    پيون ڦٽن باکون مگر ڪيئن ڪوئي پَسي-
    رات جي جادوگري نيڻ ويئي کسي،
    ڏينهن چالاڪ هو، ماري ڇڏيئين.


    جوڀنُ پَلن اڏامَ-

    جوڀنُ پَلن اڏامَ-
    هڪ گهڙيءَ ۾ صديون گذريون.
    سرڪش گهوڙو وقت جو، روڪيو ڪنهن نه لغام-
    هڪ گهڙيءَ ۾ صديون گذريون.
    سج اڃا مس اڀريو، مٿان آئي شام-
    هڪ گهڙيءَ ۾ صديون گذريون.
    ڪيسين بسيرو ان تي؟ جيوَنُ ڪچيءَ لام-
    هڪ گهڙيءَ ۾ صديون گذريون.
    رات ستارن سُس پُسون، ڪجي چنڊ غلام-
    هڪ گهڙيءَ ۾ صديون گذريون.
    عبث آريءَ ڄام ري، سسئيءَ سارا گام-
    هڪ گهڙيءَ ۾ صديون گذريون.
    ڪَوِتا ڪَنٺا ڪيترا، پاتا منهنجي نام-
    هڪ گهڙيءَ ۾ صديون گذريون.


    ڪچو، ڍڳي گاڏڙي،

    ڪچو، ڍڳي گاڏڙي،
    ان تي ننڍڙي ٻارڙي-
    گاڏِيرَ ڀر ۾ ويٺي آهي.
    سج لهي ويو ٽڪرين پويان،
    هڻي شفق کي لالڙي.
    اڀ پاتي آهي چادري،
    گس ۾ پهتي راتڙي.
    اوسيئڙي ۾ ڏيئن-اک سان،
    جهوپا پائين جهاتڙي.
    ڪچو، ڍڳي گاڏڙي،
    ان تي ننڍڙي ٻارڙي-
    گاڏِيرَ ڀر ۾ ويٺي آهي.


    ڪا اڄاتي جي پڪار-

    ڪا اڄاتي جي پڪار-
    روز ٿي مون کي سڏي.
    تون وڃي مون کان پري، ڇا ڪو نه ايندئين هت ٻيهار!؟
    نازبوءَ جيئن مهڪ ڏين ٿي، تو بدن ڄڻ ڪا بهار.
    تون اکيون کولين صراحيءَ جيئن، چڙهن ڪيڏا خمار!
    ڄڻ چميون آڇي پئي هيءَ جا ستارن جي قطار،
    ٿا چون گهوڙا شفق جا: اچ! آهي رَٿُ تيار.
    چاندني تنهنجون چڳون ۽ تون پرهه جا آنهِه پار.
    ڪا اڄاتي جي پڪار-
    روز ٿي مون کي سڏي.


    ماءُ کي ڀاڪر وجهي-

    ماءُ کي ڀاڪر وجهي-
    ٻارڙو مُرڪي پيو.
    پيار ڪيڏو مامتا ۾!
    ساءُ کي ڀاڪر وجهي-
    ٻارڙو مُرڪي پيو.
    سنڱ کي ٿو سنڱ سڃاڻي،
    ڀاءُ کي ڀاڪر وجهي-
    ٻارڙو مُرڪي پيو.
    وار هن جا پيا اڏن ۽
    واءُ کي ڀاڪر وجهي-
    ٻارڙو مُرڪي پيو.
    آ خدا آيو لهي ڄڻ،
    اُهاءُ کي ڀاڪر وجهي-
    ٻارڙو مُرڪي پيو.


    اُڀ جا سڀ ئي نيڻ-

    اُڀ جا سڀ ئي نيڻ-
    توکي تڪينِ ٿا پيا.
    ڦڻ کڻي هت ڪيترا،
    ڪاريهر جان ويڻ-
    توکي تڪينِ ٿا پيا.
    ها! هي پنهنجا شهر هن،
    دشمن جهڙا سيڻ-
    توکي تڪينِ ٿا پيا.
    اوسيئڙي ۾ ڳوٺڙو،
    ڀائر توڙي ڀيڻ-
    توکي تڪينِ ٿا پيا.


    نازبوءَ جي مهڪ اڄ-

    نازبوءَ جي مهڪ اڄ-
    ڪيتري مون کي وڻي ٿي!
    لال چهرو، هيٺ اکڙيون،
    هي ڇڏ ڇڏاءُ، تنهنجي لڄ-
    ڪيتري مون کي وڻي ٿي!
    جيتري مون ۾ کُلين ٿي،
    اوتري مون کان ئي ڪڄ-
    ڪيتري مون کي وڻي ٿي!
    پيار ۾ پاڻان نکارين،
    تنهنجي دلڙي ڄڻ ته ڇڄ-
    ڪيتري مون کي وڻي ٿي!


    لاڙُ، لَهرون، سمنڊُ-

    لاڙُ، لَهرون، سمنڊُ-
    سانجهيءَ سپنا سرمئي.
    ڪيٽي بندر راتڙي،
    يادون زلفن- چنڊ-
    سانجهيءَ سپنا سرمئي.
    ڪيڏي آهي چنڊ لئه،
    هر هڪ وِير اڪنڊ-
    سانجهيءَ سپنا سرمئي.
    هئه هئه ڪونج اڏارَ، ڏس!
    پاڻيءَ، پاڇو، منڊ-
    سانجهيءَ سپنا سرمئي.
    پيالو آڇ به شفق جو،
    ساقي! ڇڏ گهمنڊ-
    سانجهيءَ سپنا سرمئي.
    ڪنهن جي ڀاڪر ۾ ستين؟
    او اونداها کنڊ!
    سانجهيءَ سپنا سرمئي.
    قتل، غلامي، شڪستون،
    تاريخ گُهري ڏنڊ-
    سانجهيءَ سپنا سرمئي.
    اَڙِي هڻ تون وقت کي،
    ساريون صديون ونڊ-
    سانجهيءَ سپنا سرمئي.


    اڃا مغروري-

    اڃا مغروري-
    وئي آهه نه ماڻهوءَ مان.
    اڃا دولت پاڻ لئه، ٿو سمجهي ضروري.
    زندگي پَٽ کوهه ۾، ٿي وڃي ٿي پوري.
    حُسنَ عشقَ وچ ۾، آهي اڄ به دوري.
    اڃا مغروري-
    وئي آهه نه ماڻهوءَ مان.


    ڪيسيتائين تون-

    ڪيسيتائين تون-
    دور گذارِيندِينءَ!؟
    اتر وڍ وجهي، راتيون سياري جون.
    توڏي تاڻي من، تنهنجون ئي يادون!
    توکان پري گهڙيون، آيون ٿي ڪاتيون.
    توکي تانگهه نه آ، توکان وسرياسون!؟
    ڪيسيتائين تون-
    دور گذارِيندِينءَ!؟


    ايڏي جهٽ پٽ!

    ايڏي جهٽ پٽ!
    ويئي سارَ وِسارَ ٿي!
    ڪنهن چَيئي او چري!
    سيڻ سونَ تي مَٽ-
    ايڏي جهٽ پٽ-
    ويئي سار وسار ٿي!
    پيار نديءَ جيئن هو پر،
    هاڻ اڏامي لٽ-
    ايڏي جهٽ پٽ-
    ويئي سار وسار ٿي!
    سوچي توتي سانوري!
    روح ۾ اُٿي سٽ-
    ايڏي جهٽ پٽ-
    ويئي سار وسار ٿي!
    اڄ به ڪا جا انگ اڙي،
    پيا ڇُڙي ڇُٽا ڦٽ-
    ايڏي جهٽ پٽ-
    ويئي سار وسار ٿي!


    رات اڀ تي چنڊَ، ڏس!

    رات اڀ تي چنڊَ، ڏس!
    ڪيترا واڪا ڪيا ها.
    جيئن داڻا پيسيا پي،
    ڪرب وچان پي جنڊَ، ڏس!
    ڪيترا واڪا ڪيا ها.
    هو بمن جون بارشون ٿيون،
    رات ننڍي کنڊَ، ڏس!
    ڪيترا واڪا ڪيا ها.
    عشق ڦيرايون اکيون جيئن،
    حسن جي هن منڊ، ڏس!
    ڪيترا واڪا ڪيا ها.
    بيوفا ٿيا جو ستارا،
    هيکلي پوءِ چنڊَ، ڏس!
    ڪيترا واڪا ڪيا ها.


    رات ڀر تنهنجا خيال-

    رات ڀر تنهنجا خيال-
    روز ايندا ٿا رهن.
    ماڪ پياڪن جي مٿان، يا
    ٿي وسي ڪوءِ ڪلال-
    رات ڀر تنهنجا خيال.
    ڇا ته ڏاڙهونءَ منهن ڦلاريا،
    هاءِ جوڀن ۽ جمال-
    رات ڀر تنهنجا خيال.
    ڪيستائين دور رهبو؟
    ٿئي ڪڏهن هاڻي وصال-
    رات ڀر تنهنجا خيال.
    شام جي چهري مٿان هي
    ڪنهن مکيو آهي گلال-
    رات ڀر تنهنجا خيال،
    روز ايندا ٿا رهن.


    ترڇي نيڻ نهار سان-

    ترڇي نيڻ نهار سان-
    ڳنڍيون کول نه ڳالهه جون.
    اکڙيون هيٺ جهڪائي ۽،
    مرڪي، چپن ڪنار سان-
    ڳنڍيون کول نه ڳالهه جون.
    ويهي ماڻهن وچ ۾،
    آڱر جي ته اشار سان-
    ڳنڍيون کول نه ڳالهه جون.
    توڙي رات ڪٽي هئي،
    جوڀن کيپ خمار سان-
    ڳنڍيون کول نه ڳالهه جون.
    ڪيڏا توتي موهيا!
    عاشق قول قرار سان-
    ڳنڍيون کول نه ڳالهه جون.
    هُن ڀر ڪهڙيون چاندنيون؟
    وينگس! ٻئي رخسار سان-
    ڳنڍيون کول نه ڳالهه جون.
    دور ستارا مرڪيا،
    سرتي! ٽيڙوءَ هار سان-
    ڳنڍيون کول نه ڳالهه جون.
    اسان اجرڪون عشق جون،
    رڱيون ڏاڍي پيار سان-
    ڳنڍيون کول نه ڳالهه جون.


    ٽيڙو

    ڪيٽي بندر تي

    ڪيٽي بندر تي
    ڪونجون اچي لٿيون
    ڪالهه سَمندر تي.
    *
    شاهبندر ۾
    پکين جيئن گيت اُڏن پيا،
    منهنجي اندر ۾.
    *
    سرنهن کيت کڙيا
    وري سڳنڌون واءُ ۾
    وري گل ٽڙيا.
    *
    ٻهراڙي ٻهڪي
    کيت لڏن ٿا واءُ ۾
    گهٽي گهٽي مهڪي.
    *
    ڪري تيل ڦليل
    مهڪ وسائي نينگريءَ
    هئي ڄڻ رابيل!
    *
    پاڻيءَ ۾ لهرون
    ڪيڏيون سهڻيون ٿيون لڳن
    قطارون پکين جون.


    هئي ته اڪيلائي

    هئي ته اڪيلائي
    پوءِ به تنهنجي ڳالهڙي،
    مون سان گڏ آئي.
    *
    اڃا تازيون هانوَ ۾
    جيڪي ڪيونسين ڳالهڙيون
    تنهنجي زلفن ڇانو ۾.
    *
    اُڀري، لِڪي ٿي
    اڃا ڪائي آرزو
    توڏي ڇڪي ٿي.
    *
    تو چيو: وڪيل؟
    مون چيو: گهرجي ڪو نه ٿو؛
    عشق خود دليل.
    *
    چئو! منهنجي ٿيندِئين!
    پونم جهڙا پيار ڏئي
    کٽ تي تون کِڙندئين!
    *
    رات جي ٽاريءَ ۾
    تارا لڙڪن ٿا پيا،
    ڄڻ انب بَهاريءَ ۾.
    *
    ڪهڙو جيئان آنءُ!
    مون تي رهي ناهي ڪا
    هاڻي تنهنجي ڇانءُ.
    *
    ڪلانگر، پاڻي، ڀٽون
    ڪيڏي سونهن وسي پئي
    ٻهڪن ٿر جون مِٽون.
    *
    در تي کڙڪو
    بنا سبب ويو وڌي
    دل جو ڌڙڪو


    سالن پڄاڻان

    سالن پڄاڻان
    ملياسين ته چانهه پيئڻ لئه
    ڪيائين پئي ماڻا.
    *
    سمنڊ ڪنارو، سانجهي
    لهرون رتوڇاڻ ٿيون
    موٽيا ٿڪل مانجهي.
    *
    مَڌَم روشني، ريسٽورنٽ
    تنهنجون ڌيميون ڌيميون ڳالهڙيون
    دل تي ٿي ويون اڻمٽ.
    *
    صبح ويل، موتيو
    جيئين کليون پنکڙيون
    ڀئونر اچي ويٺو.
    *
    آڌيءَ رات، اوسيئڙو
    توکي ڏسڻ لاءِ چنڊَ
    پاتو دريءَ مان ليئڙو.
    *
    شاخ ڪناري ڳوٺڙو
    ٿڌي چانڊوڪي پاڻيءَ ۾
    مٿان اڀري چنڊ کڙو.


    شاخ ڪناري ڳوٺڙو

    شاخ ڪناري ڳوٺڙو
    شام، هِير، پسيل بدن
    نينگريءَ ڀريو گهڙو.
    *
    پئي ٽڙي ڪنول جان،
    واهه مان نڪتي نينگري
    جِيئن پسيل چولي سان.
    *
    شاخ، ڪنارو، ٻٻر،
    سامهون سرنهن کيت ۾
    اچي لٿا ڪبوتر.
    *
    اڪيلائي، عذاب،
    ها، پر هاڻي ٿي ويا
    دل جا گهاءَ گلاب.
    *
    تو بن آنءُ اداس،
    دک لڳي ٿي هر دِشا
    هاڻي ڪهڙي آس!؟
    *
    ڄمڻ آهي انت
    ساري پيڙا زندگي،
    ماڻهو هونئن اننت.
    *
    گوتم: جوڀن ونت
    سروم دکم دکم،
    ڄمڻ ڪارڻ انت.


    جوڙا رستن تي

    جوڙا رستن تي
    اڄ به ساريون ٿا پيا
    ڄامشوري کي.
    *
    آرٽس فيڪلٽي
    ڏاهپ، علم، سونهن- گهر
    سنڌ يونيورسٽي.
    *
    ڪيڏي آ هٻڪار!
    گلابن جي کيت ۾
    بيٺل ڪائي نارِ.
    *
    مارُن سَرهايون
    آيا سانوڻ مينهڙا
    ڀريون ترايون.
    *
    جوڀن ڦاٽي ٿو
    اکيون کڻي کيپ مان
    آرسَ ڀڳي تو!
    *
    مرڪي ڏسين ٿي
    کڻي اکيون چاهه مان
    دلڙي کسين ٿي.
    *
    آرسَ ڀڳي تو!
    اڀريا ارهه سَٽ سان
    اڊڙي پيو چولو.
    *
    ببو ڏئي ٿي
    ممتا آڻي منهن تي
    سَرهي ٿئي ٿي.


    ٻار روئي ٿو

    ٻار روئي ٿو
    اچي ماءُ هنج ۾
    شانت ٿئي ٿو.
    *
    پهاڙن ۾ گونج
    اڪيلِي آڪاش ۾
    رات اڏاڻي ڪونج.
    *
    ڀڳو ٽوڙو
    ڏڍ هيو سنڌ جو
    سن جو پوڙهو.
    *
    جي-ايم-سيد!
    صديون توتي مَرڪندي
    هيءَ جا پنهنجي سنڌ.
    *
    تو جو ڏنو ساهه!
    پختو ٿي ويو سچ ۾
    ماڻهوءَ جو ويساهه.
    *
    تبديلي ايندي،
    اچي ساريءَ سنڌ کي
    سرهائي ڏيندي.
    *
    مون ۾ رهندين تون!
    خوشين جي هر ڪنڊ ۾
    سدا جيئندين تون!
    *
    ميندي هٿن تي
    سوچي رات سهاڳ جي
    ڪُنوار لڄ اچي.


    هن جو پير کنيا

    هن جو پير کنيا
    انب لڏن جئن واءَ ۾
    ايئن ارهه لڏيا.
    *
    سارين جي خوشبو
    اچي پيئي زمين مان
    هارين جي خوشبو.
    *
    چؤڏس ڏٺائين
    ويهي پوءِ نياڻ تي
    ڪپڙا لاٿائين.
    *
    اکڙيون ٻوٽيائين
    وجهي پاڻي بت تي
    ڇاتيون مليائين.
    *
    آجو نه ڪوئي فرد
    پاتارن پولار ۾
    رڳو درد ئي درد.


    جيون دک آهي

    جيون دک آهي
    ها، پر پوءِ به ان ۾
    ڪوئي سک آهي.
    *
    تيسين ماڻين ٿو
    دک سک هن جهان جا،
    جيسين ڄاڻين ٿو.
    *
    سڀ ڪجهه فاني آ،
    پوءِ به ماڻهو روح ۾
    ڪجهه لافاني آ.
    *
    ڪجهه به ته ناهي
    جِيوَنُ ڪچي ڏور آ
    ڪو به نه ساڃاهي
    *
    اڳتي ڇاهي!؟
    سارا سانگ حياتيءَ سان
    موت ته ڪجهه ناهي.
    *
    وڇوڙي جي ويلَ
    ڪڏهن ايذائي ٿا وڃن
    ماڻهو جي رابيلَ.
    *
    گهنڊ مندر ۾
    درد اڄاتو جاڳي ٿو
    هيکلي اندر ۾.
    *
    شام، سنڌوءَ گهنڊ
    جيءُ نه آهي قرار ۾
    دردَ نه آهي ننڊ.


    شام، مال، ٽِليون

    شام، مال، ٽِليون
    کڻي چروُڙيون هٿ ۾
    ڀاڳياڻيون کِليون.
    *
    شام، ٽليون، مال،
    سانجهي لٿي آ ڳوٺ تي،
    ٻارن جي سنڀال.
    *
    ٽٽل چوڙيءَ ٽڪرو
    ڪير ڇڏي وئي خوشبو
    ڳالهائي نه شيشو.
    *
    هلچل آ جر ۾،
    ڪيرَ ڇڏي وئي خوشبو
    وهنجِي ڪينجهر ۾!؟
    *
    هر ڪنهن کي سڏي ٿو
    الصلواتُ خير مِن النوم
    آواز فجر جو.
    *
    هر ڪنهن سڏي ٿو
    سنجها ٽاڻي سوز مان
    گهنڊ مندر جو.
    *
    هڪ دل، هڪُ آئون
    کُٽي کُٽن ڪو نه ٿيون
    جيئري تمنائون.


    ڇا لئه لوڙيون ٿا؟

    ڇا لئه لوڙيون ٿا؟
    ڊاهي هن سماج کي
    نئون نه جوڙيون ٿا.
    *
    نُوريون مهاڻيون
    اڄ به ڪينجهر جر ۾
    ڪيئي ڪهاڻيون.
    *
    تون به ته آهين ڪو نه،
    پرين منهنجي پِيڙ جو
    ڪنهنکي ڪو به پتو نه.
    *
    دلڙي ٿي آتي
    زلف اڏامن واءَ ۾
    فضا مڌ ماتي.
    *
    وهنجي ويون جر ۾
    ڪنهنجي ڪنهنجي خوشبو
    آهي ڪينجهر ۾.
    *
    ڀڳو ٽوڙو
    ڇا ڇا سپنا سنڌ لئه
    ڇڏي ويو پوڙهو.
    *
    اوچو آ آڪاس
    ان کان به مٿي ٿو وڃي
    ماڻهوءَ جو وشواس.
    *
    پٿر ٿي ويا آهيون،
    ماڻي تنهنجي درد کي
    ڄڻ ته مري ويا آهيون.
    *
    پٿر ٿي ويا آهيون
    ڪهڙو لوڪَ لکاءُ ڏيون
    ڳوڙها پِي ويا آهيون.
    *
    سرءُ جي موسم
    ڏاڍي شام اداس آ
    سروم دکم دکم.
    *
    ڪڏهن ايندينءَ تون!؟
    ايندا ڏينهن وصال جا
    ٽڙنديون اميدون.
    *
    تارا چمڪن ٿا
    چانڊوڪيءَ ۾ گلن جا
    ٻارا چمڪن ٿا.


    تارا چمڪن ٿا

    تارا چمڪن ٿا
    اويري مسافر لئه
    چارا چمڪن ٿا.
    *
    گهايو زميندار،
    هارياڻي جي گهُور سان،
    هاڻ نوان آزار.
    *
    شراب جيئن ڪڙيون
    پوءِ به تن ۾ خمار آ
    وڇوڙي جون گهڙيون.
    *
    منهنجي دل ۾ تون
    ٽڙينءَ ڏاڙهونءَ گل جيئن،
    چاهه ڏئي مهڪون.
    *
    چنڊ اڪيلو
    تري پيو آڪاش ۾
    ڄڻ ته بتيلو.
    *
    اڀ آ سمنڊ جان
    چنڊ جي ٻيڙيءَ تي چڙهي
    مان ٻِئي پار وڃان.
    *
    ٻهه ٻهه يار ٻري،
    ڪائي تشبيهه ڪا نه آ
    جيڪا ڀيٽ ڪري.


    اکڙيون ڪنول جان

    اکڙيون ڪنول جان
    لڙڪ پنبڻين ۾ رڪيل
    ڏسن ڏک منجهان.
    *
    رڻ جهڙي هيءَ رات،
    ڪيئن چئجي ڪڏهن ايندي
    وصل جي پرڀات.
    *
    هنجون هارين ٿو
    ڪير ويا ٿئي ويسلا!
    ڪنهن کي سارين ٿو.
    *
    سونهن جهپي ٿو
    پِيريءَ ۾ ڀي روح کي
    پيار کپي ٿو.
    *
    ڏسي کلي ٿي
    ڇوري ڏاڍي کيچلي؛
    پر نه ملي ٿي.
    *
    سدائين وهي ٿو
    هي حسن جو آبشار
    ڪيڏانهن ڪهي ٿو.
    *
    هڪ دوست هئين تون
    سو ٻئي پار هليو ويو آهين؛
    هاڻي هي اڪيلايون.
    *
    ماڪ گلڙن تي
    ايئن وسن ٿيون چميون
    ڳاڙهن ڳلڙن تي.
    *
    نيٺ ته بدلجندو
    ماڻهو هاڻ تاريخ کان
    ڪجهه نه ڪجهه سکندو.
    *
    ساڳيا تجربا
    آهن اڄ به جهان ۾
    جنگيون ۽ واڪا.


    ساري امرتا

    ساري امرتا
    ماڻهوءَ لوڙهي آ ڇڏي
    پنهنجي- نمرتا.
    *
    پاڻ پُسائي ٿي
    برکا رت ۾ بانوري
    باهه لڳائي ٿي.
    *
    ڪونجون ٿيون ڪَرڪن
    سانجهيءَ جي آڪاس تي
    تارا ٿا جَرڪن.
    *
    او وڇوڙيل يار!
    ڪونجون ڪرڪن اڀ تي
    آئي تنهنجي سار.
    *
    ڪنهن کي ڳولي ٿو؟
    نڪري سَر جي اوٽ مان
    تتر ٻولي ٿو.
    *
    سهڻي چِتر کي
    ڊاهين تون بندوق سان
    متان تتر کي.
    *
    چَتون لڏن ٿا
    ويهي وڻ جي لام تي؛
    انب ٽُڪن ٿا.
    *
    ڪوئي ڪوئي خال
    ڪڏهن ڀرجي ڪو نه ٿو
    گذرئي صديون سال.
    *
    گوڙ ٻڌي ٿي،
    جهرڪين جا ڇت ۾ ڪيل
    ڏر پوري ٿي.
    *
    سج لٿو، خوف
    گهر ۾ بند ٿيا ٻارڙا
    جاڳي ڪلاشنڪوف.


    مينهن ڏُهي ٿي

    مينهن ڏُهي ٿي
    ڄڻ ته پنهنجو مال سان
    پيار ڇهي ٿي.
    *
    پنهنجي سرتيءَ کي
    ڪيڏو چاهيون ٿا
    پنهنجي ڌرتيءَ کي.
    *
    صبح ٿو جرڪي
    سياري جي اس ۾
    ٻارُ پيو مرڪي.
    *
    مهڪي مگرال
    خوشبو سان ويا واسجي
    ٻني ۽ ٻڪرال.
    *
    پڪا کاٽو نبا
    هارياڻيءَ نِوڙي هيٺ
    پٽيا ڪجهه ڇڳا.
    *
    سئونفن جي کيت مان
    ڄڻ ته خوشبو پئي اچي
    ڀٽائيءَ جي بيت مان.
    *
    سرنهن جي ڦولار
    جيئن ڪي بيت ڀٽائيءَ جا
    گلڙن جي قطار.


    قِل قِل پاڻيءَ جي

    قِل قِل پاڻيءَ جي
    ڇِڪي آئي اُٺ کي
    لغار لاڻِي جِي.
    *
    گهوڙو وڃي پيو
    لس ئي لس خمار ۾؛
    جوڙو وڃي پيو.
    *
    سرهيل واسي ٿو
    واهوندي ۾ ڳوٺڙو
    سُرهو ڀاسي ٿو.
    *
    ٻير ٿا ڌوڻين
    ۽ پوءِ پٽ تان ٻارڙا
    جهولي ٿا ڀرين.
    *
    لڪي لڪي پهتي
    وڻ جي هيٺان ڇوڪري
    ڄمون ميڙي ٿي.
    *
    ڳچيءَ تي گلڙا
    ڇاتيون گل گلزار ٿيون
    ڀرت رنگ رچيا.
    *
    ڦُٽي جيئن سحر
    سجايو هُن چوٽلو
    ٽڙيا گل مهر.
    *
    جهرڪين جي چُون چُون
    مٿان گوڙ ٻارن جو؛
    پوڙهي کي جُجهڪيون.
    *
    اڱڻ ۾ مايون،
    نم جي ڇانو، ٻپهري
    رليءَ تي ڳالهيون.
    *
    رلڪو سبي ٿي
    ايندو ڪڏهن ٻارڙو؟
    ڏينهن ڳڻي ٿي.
    *
    ٻٻر ۾ پلڙا،
    ڌنار جهڪائي ٽارڙي
    ڊڪي پڳا ڇيلڙا.
    *
    رلڪو ٽاڪي ٿي
    ڄڻ ته مستقبل ۾
    اڳتي جهاڪي ٿي.
    *
    سَرهي ٿئي ٿي
    سور وساري وياءُ جا
    بالڪ چمي ٿي.


    کنڀ ڦهلائي ٿي

    کنڀ ڦهلائي ٿي
    ڏسي ڪڪڙِ باز کي
    چوزا لڪائي ٿي.
    *
    ٻپهريءَ جي ويل
    نڪتا پکي مارڻ لئه
    نينگر کڻي گليل.
    *
    اڀ چنري بدلائي
    جاڳيا جادو شفق جا؛
    سانجهي اِجها آئي.
    *
    سانجهه لٿي آهي
    نيرِي چادر ڪلهن تي
    اڀ وڌي آهي.
    *
    سُتي اڱڻ تي
    بيهي چنڊ مٿان
    ڏسي ٿو ان کي.
    *
    ڊيل نه آئي ڪور
    ڪيڏو رات ٽهوڪيو
    ڪارونجهر تي مور.
    *
    سدائين ڦُڙ ڦُڙ
    ڪنهن لئه اکين ۾ ٿي رهي؛
    اڄ به ڇانيو جهڙ.
    *
    وڻيا ٻارن کي
    پوپٽ ڇڏي آ ويو
    رنگ هٿن تي.
    *
    ڪڪر ڊوڙن ٿا
    آزاديءَ سان آڪاس ۾
    چِتُرَ جوڙن ٿا.


    ڪيستائين تون

    ڪيستائين تون
    رهندين مون کان دور!؟
    گڏجي ڇو نه جِيُون!
    *
    مومل ماڙيءَ تي
    روئندي، راڻي جِي
    ويٺي راهه ڏسي.
    *
    سومل ٿي پڇي:
    ”ڇا آهي مينڌرو!؟“
    مومل ٿي لڇي.
    *
    کير کير وٽولڙي
    ٻار نڪتا آهن کيڏڻ لئه،
    برسات جيئن بيٺي.
    *
    برسات جيئن بيٺي
    چؤڏس ويئي پکڙجي
    خوشبو مٽيءَ جي.
    *
    ماني کڻي گهران
    مڙس لاءِ ٻنيءَ تي
    آئي چاهه منجهان.
    *
    اڃا اچن ٿيون
    سڳنڌون سرير جون
    مون ۾ نچن ٿيون.


    ڪيڏانهن ڪَهي ٿي؟

    ڪيڏانهن ڪَهي ٿي؟
    توڙي پري آهه ته به
    مون ۾ رهي ٿي.
    *
    ماڻهو! مٽيءَ جي
    تنهنجي پور پور مان
    سڳنڌ اچي ٿي.
    *
    جيئن ئي ستي هوءَ
    سارو بسترو ٿي ويو
    خوشبو ئي خوشبوءِ.
    *
    سدائين سارين!
    هوءَ جا تنهنجي جوئڙي
    متان وسارين!
    *
    ڏاڍا ڪشالا
    جيونُ وٺ وٺان رڳو؛
    وقت ڄڻ ڀالا.
    *
    لهرون اٿيون جر مان
    آڙيون لٿيون ڍنڍ تي
    ڦيرو ڏيئي مٿان.
    *
    آڪاش وڻي ٿو
    پکين وڳر واءَ ۾
    کنڀڙا هڻي ٿو.
    *
    ڪُڪڙ لڳي ٿو،
    زندگي داڻن جيئن؛
    وقت چڳي ٿو.


    روشنيون ترن ٿيون

    روشنيون ترن ٿيون
    عڪس وجهي پاڻيءَ تي
    بتيون ٻرن ٿيون.
    *
    چارا سڏين ٿا
    مون کي تنهنجي روح جيئن
    تارا سڏين ٿا.
    *
    آڪاش ٻري ٿو
    ستارن سان سونهن ۾
    جادو ڀري ٿو.
    *
    آڪاش ٻري ٿو
    ڪيڏي سهڻي ڪائنات!
    روح ٺري ٿو.
    *
    آڪاش ٻري ٿو
    ستارن جي سمنڊ ۾
    چنڊ تري ٿو.
    *
    آڪاش ٻري ٿو
    کير ڌارا جي پويان چنڊ
    ننڊڙي ڪري ٿو.
    *
    اڀ نه گهمن ٿا
    تاڻي چادر رات جي
    ماڻهو سمهن ٿا!
    *
    آهن سڀ اَمُل،
    ڪهڪشان جي باغ ۾
    تارو تارو گل.
    *
    تارا کڙن ٿا
    ڪهڪشان جي باغ ۾
    گلڙا ٽڙن ٿا.
    *
    ڪيئي چارا هن
    ڪهڪشان جي باغ ۾
    لکين ٻارا هن.


    سڀ ڪجهه هوءِ مٽي،

    سڀ ڪجهه هوءِ مٽي،
    وري ويئي من تي
    توکانپوءِ مٽي.
    *
    آدرش ڀڃن ٿا
    مڻئي مٿان ماڻهوئڙا
    موهجي وڃن ٿا.
    *
    پهاڙ مٿان چنڊ
    چاندي جيئن آبشار
    گرجيو من-سمنڊ.
    *
    پهاڙ مٿان چنڊ
    اڀري آيو جيءَ تي
    ڪوئي نڪورو منڊ.
    *
    سياري جي ٻپهري
    اجهو شام مٿان لٿي
    هر شئي سونهري.
    *
    ڀئونر اچي ويٺو
    بدن جي ٽاريءَ تي
    عشق نچِي ويٺو.
    *
    ڪيئي تمنائون
    آهن پنهنجي جيءَ ۾
    سوين ڪهڪشائون.
    *
    ٿڪي پيا آهيون
    توکان پري رهي پرين!
    مري ويا آهيون.
    *
    آرزوئن جي اڏار
    روز ٿي تو تائين پهچي
    دل عجب آ شهسوار.
    *
    سمورا مانجهي
    وريا آهن گهاٽ ڏانهن
    لٿي آ سانجهي.
    *
    ايڏا رساما!
    توبن جيون پَرُ ڪٽيل؛
    آءُ! ته اڏامان،
    *
    ويهي تڙڪي تي
    سياري جي صبح ۾
    بدن ٿي سيڪي.


    بتيون ٻرن ٿيون

    بتيون ٻرن ٿيون
    شاهراهه تي قطار ۾
    گاڏيون وڃن پيون.
    *
    در تي وڳي گهنٽي
    ٻڌي سگهيو ڪينڪي
    ڏٺئين پئي ٽي وي.
    *
    منهن موڙي وئين
    دل ۾ تير جدائيءَ جا
    تون کوڙي وئين.
    *
    وڏي شهر ۾
    ماڻهو آهي هيڪلو
    هر هڪ پهر ۾.
    *
    ماءُ مَرڪي ٿي
    لال گلاب وانگيان
    ڪنوار جرڪي ٿي.
    *
    اکڙيون ملن ٿيون
    پيار ڦُٽڻ کانپوءِ ئي
    دلڙيون کِلن ٿيون.
    *
    چنڊ چمڪي ٿو
    پر هو بند فليٽ مان
    ڪو نه ڏسي ٿو.
    *
    سڀ ڪجهه مصنوعي
    جيڏو وڏو شهر آ
    ايڏي آ دوئي.
    *
    چمڪن ٿا چارا
    سياري جو آڪاش
    ڪيڏو اجرو آ.
    *
    ڪئي آ ورکا
    ڦلواڙي جي مٿان
    اچي اڄ برکا.
    *
    شبنم گلن کي
    چميون ڏنيون پيار مان
    ڄڻ ته ڳلن تي.
    *
    ضد ڪري ٿي
    ماءُ اڳيان نينگري
    شئي لئه رڙي ٿي.


    رڳو رت ولوڙ

    رڳو رت ولوڙ
    شهر پالها پيار کان
    بچيو وڃي گوڙ.
    *
    ڪتو ڀؤنڪي ٿو،
    ڪونهي ڪوئي راهرو ،
    رستو سمهي پيو.
    *
    ننڊ ۾ مرڪي ٿي
    ڄڻ ته ڪوئي سهڻو
    خواب ڏسي ٿي
    *
    تنهنجا سپنا
    اڄ به ڏسي ٿي سنڌ
    موهن ڪلپنا!
    *
    سنڌو جو پاڻي
    ساري ويٺو اڄ ڀي
    ڪيرت ٻاٻاڻي.
    *
    مريم طيبي!
    فرشتي جهـڙي دلڙي
    چئه ڪيئن تو سان لڳي.
    *
    اوءِ تراڪي!
    وَسايئي دل جي ديس کي
    هئه هي عاشقي!
    *
    سپاهملاڻي ڄيٺي
    سيد، سنڌ جي دل ۾
    تون هڪ ئي وقت پيٺي.
    *
    امڙ ايلسا
    اڄ به تنهنجي پيار جا
    آهن هت قصا.


    آيو آهين تون

    آيو آهين تون
    ايڏو پنڌ ڪري پرين!
    جاڳيون اميدون.
    *
    تو ڏي تاڻي دل
    روز ملڻ جا سوين
    سپنا آڻي دل.
    *
    پورهيو ڪري ٿو
    پوءِ به ٻچڙو پورهيت جو
    بکن مري ٿو.
    *
    مون تي ڪر نه چٿر،
    آئون وڻ ميوائتو
    تڏهن لڳن پٿر.
    *
    هوريان ٿي گهمي
    ندي جي بدن کي
    هوا ٿي چمي.
    *
    ڪائي ڪائي نديءَ
    آهي سندس ديس کي
    ڄڻ ڪو هار ڳچيءَ.
    *
    سنڌو نديءَ،
    ڄڻ ته سنڌو ديش کي
    آهي هار ڳچيءَ.
    *
    پنهنجي ڌرتيءَ کي
    ڪوئي ڪوئي پهاڙ
    جهومر پيشانيءَ تي.


    سنڌ ڌرتيءَ کي

    سنڌ ڌرتيءَ کي
    آهي پنهنجو کيرٿر
    جهومر پيشانيءَ تي.
    *
    ڪنن ۾ جهومڪيون
    اڇل کائي ڳلن کي
    ڏين پيون چميون.
    *
    درد دکائي وئي
    اچي رات هيکلي
    دل ڏکائي وئي.
    *
    ٽيڙو ويا ٽاڻي
    هاءِ پرين! هيءَ دلڙي
    توڏي ئي تاڻي.
    *
    ننڊ نه اکين ۾
    پرين پنهنجي پيار جون
    ڳالهيون سکين ۾.
    *
    آرسَ ڀڳي تو
    ننڊ ڦٽي آڪاس جي
    پاتو چنڊ ليو.
    *
    شال ڳلي لائين
    اڳتي وڌي پيار لئه
    تون وار وڇائين.
    *
    ڇاهي لڙڪن ۾!؟
    بيهي ڪئين صديون ويون
    تنهنجي اکڙين ۾.


    من جي پينگهي ۾

    من جي پينگهي ۾
    آءُ! ته توکي لوڏيان
    دل جي چينگهي ۾.
    *
    ڇو پاڻ رلائينءَ!؟
    ڪهڙي ڪارڻ ور کان
    ڪاوڙ جي آئينءَ.
    *
    ڪهڙي ڪجي ڀيٽ
    توکي ڇاتيءَ تي پيو
    چميون ڏي لاڪيٽ.
    *
    پرهه ڦٽي ويئي
    ڪڪڙن دس هنيا
    اک کلي ويئي.
    *
    لهر لهر کي
    آهي پنهنجو رنگ
    ڏهر ڏهر کي.
    *
    ڪيئه اشارا
    ٻَري پيا دل ۾
    سوين ستارا.
    *
    توکي ساريو سي
    مڌ جيان آهين تون
    کيپ اکين تي.
    *
    تنهنجو نانءُ
    جيئن ئي ورتم سپرين!
    هلڪو ٿيو هانءُ.
    *
    نارائڻ شيام!
    آهي تنهنجي شاعري
    پرهه جو پيغام.


    متان ورهائينءَ

    متان ورهائينءَ
    هر ڪنهن سان هيءَ راتڙيون؛
    وفا لڄائينءَ!
    *
    رنگ اٿن گيڙو
    آهن ڪونج اڏار جيئن
    پنهنجا هي ٽيڙو.
    *
    توکي چميو چمان
    ڇڪي آئينءَ هنج ۾
    مون کي پيار وچان.
    *
    ڀئونرن پيو پتو
    مهڪ اڏاڻي واءَ ۾
    بدن تو ڌوتو.
    *
    اکيون ٿيون چار
    ڏٺئي عجب گهور سان
    انڪار هيو يا اقرار!؟
    *
    لڙڪ ڪري پيو
    آئي تنهنجي سار
    ڀيڄ ڀنيءَ جو.
    *
    برکا رت ۾ واڙي
    ائين لڳي من موهڻي
    عورت جيئن لاڙي.
    *
    ڪڏهن ايندينءَ تون؟
    اچي باک بسنتيءَ جا
    گل ڇٽيندينءَ تون.
    *
    سمهي پئينءَ تون
    مون ساري رات چنـڊ سان
    ڪيون رهاڻيون.


    نظم

    ساڏوري تي سج لهي ٿو

    ساڏوري تي سج لهي ٿو
    ٽڪرين تي هو ٻڪريون ڊوڙي
    گهر ڏي واپس موٽيون آهن
    اڄ به پراڻا چارا ساڳا
    ماروئڙن تي مارا ساڳا
    اونداهي جي چادر اوڙهي
    جهوپن جي دل ڌڪ ڌڪ ڌڙڪي
    ڇڪ ڇڪ ڇڪ ڇڪ ريل وڃي ٿي
    ٻار ڏسن ٿا ڪانه بيهي ٿي
    هيءَ ته ڪراچي جاڳي آهي!
    صديون گذريون اونداهي ۾
    هن جي قسمت ساڳي آهي!
    وينگس چَپ تي چُپ چهٽائي
    پيار سوا ٿي سياري ٿڙڪي
    پوڙها پَن جي ٻيڙي وانگي
    ساڙي، ويا اڇلايا آهن
    ۽ هي ويهين ٽيهين واري
    سا به جواني ڪا نه لڳي ٿي
    سارا ڏينهن ٻُسا ٿا گذرن
    اڀ ڪشادي چادر وانگر
    تِن جي اوگهڙ ڪو نه ڍڪي ٿو،
    وقت موالي پيءَ جئن آهي
    بک ۾ پنهنجا ٻار ڇڏي هو
    ابدي اوتاري ڏي ڪاهي،
    ٽڪريون ساڳي خالي دل سان
    ماڻهو تن تي مونجهي من سان
    گهاڻي ۾ ڄڻ روز ڳهن ٿا
    قطرو قطرو ڏک پيئن ٿا
    ڦُريل هر سَرهائي آهي
    ڪا به نواڻ نه آئي آهي
    درد رڳو ڏينهن رات رهي ٿو
    ساڏوري تي سج لهي ٿو.
    *


    خواب

    رات ڏُور ڏُور کان،
    خواب سڀ اُڏي اچي،
    منهنجي من تي ڇانئيا؛
    يار جي خيال سان،
    پيار ڀاڪرين ڀري،
    لڱ لڱ رانئيا!
    *


    دوستي مونسان نه رک

    دوستي مونسان نه رک

    ماڪ جي ڪنهن ڀي ڦڙي
    توکي اڃا ناهي ڇهيو
    ڪو به ڀئونرو مست ٿي
    توتي اڃا ناهي ڀريو
    واس تنهنجو بند آهي
    پنکڙين جي قيد ۾
    تون ٿي لڳين
    ڄڻ ته ڪا ڪومل ڪلي
    او من چلي، او چنچلي، او کيچلي!
    عشق تون مون سان نه ڪر!
    دوستي مون سان نه رک!
    تون انوکي مڌ آهين
    ڪنهن شرابي جي جواني
    ۾ وهين ٿي
    کيپ ۾ جيڪا ٿڙي ٿي
    سا خماريل سڌ آهين
    وڌ کان ڀي وڌ آهين
    ڪاڪ جي ڪنوارين ڪڪوريل
    ڪن اکين جي خواب وانگر
    ٿي لڳين ڏاڍي ڀلي
    او من چلي، او چنچلي، او کيچلي!
    عشق تون مون سان نه ڪر
    دوستي مون سان نه رک.
    آنءُ پنهنجي هن اڀاڳي ديس جو
    دربدر ڪو فرد هان
    درد ئي بس درد هان
    قيد خاني جون ڪڙيون ۽
    دار جي ڪا دلبري
    مون کي ڇڪي ٿي
    ۽ پهاڙي پٿرن جي اوٽ هر ڪا
    راهه ٿي منهنجي تڪي
    مون لئه سڪي ٿي
    ٿي پرانهين کان سڏي
    هو ريت جا منهنجي رلي
    او من چلي، او چنچلي، او کيچلي!
    عشق تون مون سان نه ڪر
    دوستي مون سان نه رک.
    راتيون جاڳڻ
    لڙڪ ڳاڙڻ
    درد پالڻ ڏي ڇڏي
    ۽ وڇوڙي کي ڏئي ليڪون سکي!
    تون وصل جي واٽ وٺ
    سادڙي ۽ سودڙي ڪنهن ڇوڪري
    جي جواني مان ڦٽندڙ
    نئين پرهه جي واٽ وٺ
    مون سان نڀائڻ آ ڏکيو
    جوڀن جلائڻ آ ڏکيو
    مرڪ تي جيڪا کُٽي
    ٿي زندگي جي سا ڳلي
    او من چلي، او چنچلي، او کيچلي!
    عشق تون مون سان نه ڪر
    دوستي مون سان نه رک.


    تنهنجو گُل

    تنهنجو گُل

    زماني جي ستمگيري دوران،
    ماڻهن جي هٿن ۾ پٿر هيا،
    ۽ سامهون جسم منهنجو هيو
    پٿرن رڳو جسم کي ڇلي ڇڏيو،
    روح تائين ڪا به رهنڊ نه پهتي؛
    سنگباري جي قطار جي
    آخري ڇيڙي ۾ تون هئين!
    خوشي ٿي ته
    ان ميڙي ۾ تون هئين!
    ۽ تنهنجي هٿ ۾ ڪو به پٿر نه هو،
    جي هو ته ڪوئي گل هو
    ڏسندي ئي ڏسندي،
    تو اکين ۾ وحشت ڀري،
    ڪاوڙ وچان گل اڇلائي هنيو؛
    گل منهنجي سيني تي لڳو،
    ۽ گهاءُ گهاءُ جسم جو،
    درد وسري ويو؛
    ڇو ته تنهنجي گل،
    روح کي رتورت ڪري ڇڏيو هو.


    ڇيڳري ڇوڪري

    ڇيڳري ڇوڪري

    پيار جسمن جي خيرات ناهي
    او ڇيڳري ڇوڪري!
    عشق کي روح جي،
    اوچائين تائين کڻي وڃ
    نه ته ڏاڍا ڏک پرائيندِينءَ.
    هيءَ دنيا
    ڏاڍي لالچي دنيا آهي،
    تَن جو چشمو ڏاڍو مٺو آهي
    هر ماڻهو
    ان تي گوڏن ڀر جهڪي ٿو.
    پر جوٺو ڪوئي ڪوئي ٿو پيئي.
    من جي ميراڻ ڪوئي نه ٿو ڏسي
    پر جڏهن تن جي چشمي ۾
    ميراڻ لهي ٿي اچي
    تڏهن ماڻهو منهن مَٽيو وڃن.
    ان ڪري
    من به سنڀال
    پر تن به سنڀال
    وقت کان اڳيئي
    پوڙهي ٿي وئينءَ
    ته ڏاڍا ڏک پرائيندينءَ
    او ڇيڳري ڇوڪري!
    پيار جسمن جي خيرات ناهي.


    روءُ نه دلڙي

    روءُ نه دلڙي

    سارا سانگ سجايا آهن، روءُ نه دلڙي، روءُ نه دلڙي!
    پاتا ڀي ته وڃايا آهن، روءُ نه دلڙي، روءُ نه دلڙي!
    جي ڪير ڇڏي ويو راهن ۾، جي مونجهه لٿي ڪا ساهن ۾،
    تون ڳاءِ انهي کي ڳاهن ۾، ۽ پنهنجي پيار پناهن ۾،
    ڳول، اُهي ئي سايا آهن، روءُ نه دلڙي، روءُ نه دلڙي!
    تو ورتي راهه اڄاتي جي ۽ ڀٽڪئين پئي هر سانجهه سمي،
    شفق پکيڙي سرخي توتي جئن ڪائي مينديءَ ٽارِ نمي،
    تو ڇا ڇا رتبا پايا آهن، روءُ نه دلڙي، روءُ نه دلڙي!
    اڄ ڪهڙي آئي وير چڙهي، جو تُنهنجا پيا هيءَ نيڻ ڀڄي،
    تون ڪنهن کي سارين پيئي ٿي، ويو اهڙو آهي ڪير ڇڄي!؟
    هيءَ يار به ڪائي مايا آهن، روءُ نه دلڙي، روءُ نه دلڙي!
    اُڀ تي ڪيئي ڪايا آهن،
    جن ۾ نيڻ سمايا آهن،
    جڳ مان ڪي به نه ڍايا آهن،
    ”پاتا ڀي ته وڃايا“ آهن- روءُ نه دلڙي، روءُ نه دلڙي!


    ڪجهه ته اڳتي وڌو.

    ڪجهه ته اڳتي وڌو.

    اجنبي ڪير آ؟
    ٿو سڏي دور تان-
    ڪجهه ته ويجها اچو
    جيءُ منهنجي نچو
    ٿا ٻڙو ۽ ٿڙو
    جي ڪِرو ٿا ته ٻيهر اُٿو
    لڙکڙائي بچو
    پيا ته اڳتي وڌو
    زندگي هار ۽ جيت کان
    اڄ مٿانهين ڪري
    ويجهڙي هو پرانهين ڪري
    منزلن کي چمو
    ڪجهه ته اڳتي وڌو
    هو ستارا ڇهو
    آجپي جا اشارا ڇهو
    هاءِ آزاد چارا ڇهو
    پوئتي پر گهڙيءَ لاءِ موٽو متان
    هار ڳاڙها کڻي
    منتظر ڪائي تقدير آ
    آئون بيٺو ڏسان
    سوڀ جي ڪهڪشان
    بس پڄڻ جي رڳو دير آ...
    اجنبي ڪير آ
    ٿو سڏي دور تان.


    سهاڳ رات

    سهاڳ رات

    سهاڳ رات آ، سکيءَ کي ڪجهه ته چئو!
    اچي نه ياد، ٿو وڌي ڌڙڪو دل جو.
    نيون نيون صفا نيون هيءَ ڪيفيتون،
    ٽڙان ٿي يا ڪومائجان، ڪيئن سمجهي ڪو!؟
    اتاولي ته آنءُ ڀي هان هن لئه پر،
    ڊڄان به ٿي جڏهن سمائي ٻانهن ٿو.
    ڪڪورجي ويا پرينءَ جا سڀ انگڙا،
    رتائجي ويو جڏهن منهنجو هيءَ کهنبو.
    رهي نه ڀٽ يا ترائيءَ ڪابه اڃي،
    مٿان پئي ٿي رات ڄڻ سانوڻ برسيو!
    سرور هي عجيب آ رونءَ رونءَ ڇانيو،
    ڪلي جيان هيو بدن اڄ ته گل ٿئو،
    سهاڳ رات آ، سکيءَ کي ڪجهه ته چئو!


    شام پيالڙو

    شام پيالڙو

    ڀرجي شام- پيالڙو،
    ڇلڪي پيو آ واٽ تي.
    ڳالهه سلي ويو پيار جي،
    هن جي ڪَن جو والڙو.
    ڳوڙها پي وئي، پوءِ ڀي
    ڳل لڳي ٿو آلڙو.
    روز ڏسان ٿو کيس مان،
    کولي جيءَ جو جالڙو.
    سينو چيري آ ويو،
    وڇوڙي جو ڀالڙو.
    ٿڪجي پيو آ پنڌ ۾،
    پيرين ٿيو ٿس ڇالڙو.
    ڀرجي شام-پيالڙو،
    ڇلڪي پيو آ واٽ تي.


    غزل

    لاڙَ هو، لهرون هيون ۽ سمنڊ هو،

    لاڙَ هو، لهرون هيون ۽ سمنڊ هو،
    رات اُڀ ۾ مَڌَماتو چنڊ هو.
    ڪير پي ويئي اڪيلي واٽ سان؟
    وارَ، رخ تي ڄڻ ته ويڙهيو جُهنڊ هو.
    چنڊ چوڏهينءَ جو مٿان ۽ تون هئينءَ!
    ڀاڪرين منهنجي، ته ڇا ڇا مَنڊ هو.
    لذتون ڏاڍيون مٺيون هون پيار جون،
    تو بدن ڄڻ کير هو ۽ کنڊ هو!
    ٿي وئي سانجهي سُريلو گيت ڪو،
    دور مندر ۾ وڳو جئن گهنڊ هو.
    رات ساري هئي خدائي رقص ۾،
    تو پئي پيٺو ڀلا ڇا جنڊ هو!؟
    شاهبندر! اڄ اداسيون ڇو اٿئي!؟
    سنڌ کي توتي ڪڏهن ڪو گهمنڊ هو.


    نگاهه تو جڏهن کنئي، سڄي انا اُڏي وئي!

    نگاهه تو جڏهن کنئي، سڄي انا اُڏي وئي!
    اکين سندي درياهه ۾ اسانجي دل ٻُڏي وئي.
    جڏهن به پيار جا پکي، انهيءَ مٿان اچي لٿا،
    ته من جي ٽارڙي سڄي لُڏي لُڏي لُڏي وئي.
    نه گڏ هيا ڪڏهن اهي، نه ڌار ئي ٿيا وري،
    جي عشق ٿاٻڙيو ته پوءِ سونهن ڀي ڌُڏي وئي.
    نه زندگي رهي، پريت ۾ نه موت ڀي مليو،
    جي ڪنڌ ڏانهن ڪاتڙي وئي ته پو مُڏي وئي.
    ڪڏهن ته مات ۾ ملي، ڪڏهن ته جيت ۾ ملي،
    جوا هئي نه زندگي، ته ڀي ايئن ڪڏي وئي.
    اروپ جو ته رنگ هو اماس رات وانگيان،
    ڪڏهن ڪٿي گُڏو ڪُٺو، ڪڏهن ڪٿي گُڏي وئي.


    اکين کي، ڳلن کي، چپن کي چمي ٿي،

    اکين کي، ڳلن کي، چپن کي چمي ٿي،
    هوا هرنديءَ جي بدن کي چمي ٿي.
    ڪڏهن چيٽ سان کيت ۾ ڀاڪرين،
    اڏامي ڪڏهن پربتن کي چمي ٿي.
    جڏهن تون وڃين ٿي اڪيلو ڪري پو،
    اداسي اندر جي ڪَپن کي چمي ٿي.
    اها دل اسان جي اڀاڳي، نڀاڳي،
    اڌورين سدا حسرتن کي چمي ٿي.
    ڪڏهن رات راڻي اڏاري سڳنڌون،
    وڃي عاشقن جي غمن کي چمي ٿي.
    ٿڌيري هوا ۾ مَڌَم چاندني ڀي،
    پڌر ۾ پِريَن جي لڱن کي چمي ٿي.


    جيئن لٿا هِي انگَ اکين ۾،

    جيئن لٿا هِي انگَ اکين ۾،
    انڊلٺ جا سڀ رنگَ اکين ۾.
    رڳ رڳ مان ڪي گيت ٻُري پيا،
    توکي ڄڻ ڪي چنگَ اکين ۾.
    گم ٿي وئي دل ٻارن وانگر،
    جذبن جا هي جهنگ اکين ۾.
    وجدان هيو يا نور هيو!؟
    مَلڪُ هئا يا ملنگ اکين ۾!؟
    ونءُ ويندي به وڃي ڦاٿي دل،
    البيلا ها ونگَ اکين ۾.
    زهر ته پوئين ويرا آهي،
    پهريون پهريون ڏنگ اکين ۾.
    سگهندا ڪو نه ٻَڌي ڦٽَ ڪڙيون،
    رات ڏٺاسين سنگَ اکين ۾.


    ڪائي اداسي ٿي رچي هر شام جي مهڪار ۾،

    ڪائي اداسي ٿي رچي هر شام جي مهڪار ۾،
    سروَم دُکم سروَم دُکم، پيو ٿو ٻُري هر پار ۾.
    ايڏو وڏو هي جڳَ آ، پو ڀي اڪيلو آدمي!
    دل درد ئي بس درد آ، ڪو دُکَ آ سنسار ۾.
    تڙپي ٻري ڇو آدمي، وک وک مري ڇو آدمي،
    اچ! ڪو نئون جوڙيون جهان ۽ دل سمايون پيار ۾.
    جنهن جي ڪنارن دوستي، تنهن کي ڀلا ڪهڙي خبر!؟
    ڇو سير ۾ سهڻي گهڙِي، ڇا ٿس ڏٺو ميهار ۾!؟
    احساس جي ٻولي هئي، خاموش اظهارِي وئي،
    سمجهيوَ نه ڇو؟ ڇاهي ڀلا ٻيو عشق جي اظهار ۾.
    ڪيڏي اجائي ٿي وڃي، ڪيڏي سجائي ٿي وڃي!
    هيءَ زندگي ڪنهن نينهن ۾، ڪنهن سونهن ۾، تڪرار ۾.
    تو ۾ وڃايون هي اکيون، ڪيڏيون اڃايون هي اکيون!
    جيوَن سُڃايون، هي اکيون بس قيمتي بازار ۾.
    ڄڻ ڪا ڇُري هئي زندگي، پو ڇا بُري هئي زندگي!؟
    مون ۾ ٻُري هئي زندگي، هر موڙ تي هر وار ۾.
    هو ٿا چون: ”سيني اندر، مونکي نه آ دل، آ پٿر،“
    اکيون ڀنل ناهن، ته ڄڻ ڪنهن بي نه هان آزار ۾!
    جنهن مهل ٿي مون ڏي اچين، جنهن وقت ٿي مون ۾ نچين!
    احساس، جذبا، تازگي، ڇا ڇا نه دل بيمار ۾!
    تون چنڊ جئن چمڪين سدائين عشق جي آڪاش تي،
    ٿا عڪس تنهنجي سونهن جا، دل جي پون پاتار ۾.
    ”مان تون ٿيس تون مان ٿئين، مان تو ۾ تون مون ۾ جيئين!“
    ڪو فرق هاڻي ڪو نه آ انڪار ۾ اقرار ۾.


    روح توڙي جسم ڊوڙيا ٿي خدا ڏي،

    روح توڙي جسم ڊوڙيا ٿي خدا ڏي،
    پاڻ پيرا روز موڙيا ٿي خدا ڏي.
    چنڊَ پنهنجي چاهه جا ٿي روز اڀريا،
    ۽ افق پڻ هٿَ جوڙيا ٿي خدا ڏي.
    عشق جي بي انت ساگر ۾ اسان ڪلهه،
    مست ٿي هي نيڻ ٻوڙيا ٿي خدا ڏي.
    پيار ۾ دل ايترا سجدا ڏنا ها،
    جو عبادت رنگ ڇوڙيا ٿي خدا ڏي.
    دوزخون ۽ جنتون هُو سڀ لتاڙي،
    ڪالهه خيما صوفِي کوڙيا ٿي خدا ڏي.


    جڏهن دلربا ياد آئي،

    جڏهن دلربا ياد آئي،
    خوشين جي فضا ياد آئي.
    ڏنو درد ڪوئي زماني،
    اوهانجي وفا ياد آئي.
    کنيا جي مٿي نيڻ ڪنهن ڀي،
    پرين جي ادا ياد آئي.
    ڏٺاسين جي ڏاڙهون، ڳلن تي-
    هو سرخيءِ حيا ياد آئي.
    ڪڏهن ڀي حسن جي اسان کي،
    نه ڪائي سخا ياد آئي.
    هٿين پاڻ خالي وياسين،
    گهڙي پل قضا ياد آئي.


    تون ملي جو هئين هڪ لِڱان سانوري!

    تون ملي جو هئين هڪ لِڱان سانوري!
    ياد ۾ مان اڃا دل رڱان سانوري!
    ساهه ۾ سا اڃا ٿي ته محسوس ٿئي،
    مهڪ جا پي اٿي تو لڱان سانوري!
    نيڻ ڏيئا هيا، روشني هو بدن،
    مون ڏياري ڏٺي تو سنڱان سانوري!
    تون پکي جئن اڏامي وَئينَ، پر اڃا،
    دل چوي ٿي ته توسان منڱان سانوري!
    هونءَ آوارگي آهه ورثي ملي،
    عشق ۾ پو به شاعر چڱا سانوري!
    عام مڱڻو نه هان، سئن سمجهي ته ڏس!
    آنءُ ٻيجل جيان سر منڱان سانوري!


    نه ظالم کان جي چٿجن سي مٿا آهيون،

    نه ظالم کان جي چٿجن سي مٿا آهيون،
    اجهل هن ديش ڀڳتي جا جٿا آهيون.
    سدائين وقت پيرن ۾ لتاڙيو آ،
    کري ۾ ڪڻڪ جا ڄڻ ڪي سٿا آهيون.
    چپن تنهنجن نه جهونگاريو ڪڏهن جنهن کي،
    لڙهي ويل ۽ وساريل سا ڪٿا آهيون.
    دنياءِ عشق ڀي ڄڻ ڪوڙڪي آهي،
    اسين جنهن ۾ پکيءَ وانگي ڦٿا آهيون.
    چپن تي هي چمين جا وهڪرا سانڍي،
    بدن تنهنجي، ندي وانگر لٿا آهيون!


    تو اکيين پاتو ڪجل،

    تو اکيين پاتو ڪجل،
    هاڻ ڏي هينئون نه جهل.
    تو ڏٺو مرڪي مٺي!
    ڄڻ ته سِرجيا ڪي غزل.
    سانوڻي درياهه جئن،
    آهه جذبن ۾ اٿل.
    نفرتون ڀي ٿيون ٿين،
    چاهتن جو رد-عمل.
    پاڙ ٿي پختي ٿئي،
    پو ڦُٽن پاڻيءَ ڪنول.
    تون به آهين، پر اداس-
    اڄ الئه ڇو آهه دل !؟
    موتيا مهڪن نه ٿا!
    يا ٽٽي سپنن جي ول!؟
    جئن ڪڍيو يادن جلوس،
    دل وئي ٿي مشتعل.
    رات جي سواري وئي،
    باک رستي پنڌ هل!
    ها! ڪراچي روشنيون،
    پر انڌيرا ٿس لڪل!
    چنڊ جون ڳالهيون نه ڪر!
    آ اها وادي ڏٺل.
    اچ ته ڌرتي پوڄيون!
    زندگي ماڻيون سڦل.
    اڄ مياڻن مُنهن کُليا،
    ڇا پڪو آ ڪو فصل!؟
    ٿو گهمين ڳڀرو ڪٿي؟
    ٿا سڏين توکي جبل!
    ايترا دوکا! نواز،
    پو به آهين تون اٽل!
    ***


    زنجير ۽ زندان منجهه کٿوريون اهڙيون هيون،

    زنجير ۽ زندان منجهه کٿوريون اهڙيون هيون،
    ڇڪجي وياسين پاڻ خود هي سوريون اهڙيون هيون!
    ها زندگي پياري هئي، پر دار ٿي منزل ڏني،
    مان ڪيئن ٽوڙيان ها وچن؟ مجبوريون اهڙيون هيون.
    ڪٿ تون هئين، ڪٿ مان هئس، ڪٿ هو هئو، ڪٿ هوءَ هئي،
    ڪو تن جليو، ڪو من جليو، ڪي کوريون اهڙيون هيون.
    ماڻي سگهياسين ڪين ٻئي، جوڀن سنديون سڀ راحتون،
    جذبا ٽٽا، ڪجهه خواهشون اڻپوريون اهڙيون هيون!
    هو دور هوندي گڏ هيو، احساس جو ڄڻ سڏ هيو،
    پر گڏ هيو ته به گڏ نه هو، ڪجهه دوريون اهڙيون هيون.
    هر هڪ گهٽي خوشبو هئي گهري چڪايل مڌ جي،
    اکڙيون پرين جون ڄڻ وليون، انگوريون اهڙيون هيون!
    ٿي چاندني وانگر ڇڪيو ماکي ٻڏل هر هڪ چميءَ،
    تنهنجي چپن ۾ چاشني جون چوريون اهڙيون هيون.
    تارا هئا سڀ سينڌ ۾، آڪاش جو ڄڻ سير هو،
    ڪنهن ڪامڻيءَ ڪجهه دير اکڙيون پوريون اهڙيون هيون!
    ”ڄارا ڪلهي تي ڄام کي“، هاڻي نه عشق ايئن ڪري،
    ڪينجهر ملي ها ٿي بها، ڪي نوريون اهڙيون هيون.


    ڪنهن کي ڳولين نيڻ هوا جا!

    ڪنهن کي ڳولين نيڻ هوا جا!
    وڇڙيا ڇا ڀاءُ ڀيڻ هوا جا!؟
    ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڪنهن جون ڳالهيون؟
    ڪهڙا آهن سيڻ هوا جا!
    سج تاءُ ڏنو گل مرجهايا،
    رشتا ڄڻ هي ميڻ هوا جا!
    ننڊ لئه لولي، جاڳ لئه ٿڦڪي،
    ڪير ڏسي ڀانئيڻ هوا جا!
    صديون پنڌ پنو ڇو ناهي؟
    ڪٿ آهن آسيڻ هوا جا!؟
    سانجهيءَ توڙي باک اچن ٿا،
    سلام هوا جا، ويڻ هوا جا.


    چنڊ تارن جي خدائيءَ پي سڏيو،

    چنڊ تارن جي خدائيءَ پي سڏيو،
    عشق جي ٿڌڙي سهائيءَ پي سڏيو.
    پي ٻري چاهت اکين ۾ يا پرين!
    ڪهڪشان جي روشنائيءَ پي سڏيو.
    مان ته ڊوڙيس پي وصل جي واٽ تي،
    ۽ پريان کان هن جدائيءَ پي سڏيو.
    ٿي ڪِريا ڪنهن جا قدم اوجهڙ اندر،
    پو به ان کي ڄڻ سڻائيءَ پي سڏيو!
    دربدر هو جو هِتي، اتهاس ۾-
    ان کي عظمت ۽ وڏائيءَ پي سڏيو.
    هيکلو مان جيئن ٿيس، ٻانهين ٻَکِي!
    ڪنهن غزل، ڪنهن بيت، وائيءَ پي سڏيو.
    روح توڙي تَنُ خدا ڏي ٿي ڊڪيا،
    يا تمر کي هو ڀٽائيءَ پي سڏيو!
    ڪيئن ڊوڙان ڪين ها مان سنڌ ڏي،
    نينهن ۾ مونکي سنائيءَ پي سڏيو.


    تارن ڪيا سجدا، پرين ڳوڙها ٽمايا جي ڪٿي،

    تارن ڪيا سجدا، پرين ڳوڙها ٽمايا جي ڪٿي،
    پئي چنڊ ات چميون ڏنيون پيرا گهمايا جي ڪٿي.
    ايڏي مڳي ناهي چڱي، آڪاش! رهندين پوءِ ڇا!؟
    هي سج تارا گود ۾ ڌرتي سمايا جي ڪٿي.
    چاهت سندين راهن مٿي انسان ٿو وڌندو رهي،
    نفرت! ڪندئين پو ڪيئن تون؟ مون پيار پايا جي ڪٿي.
    جن وٽ رڳو چٿرون هيون سي ڪيئن ڪندا اغيار اڄ،
    سڀ جهنڊ کولي يار اڄ انگ انگ پسايا جي ڪٿي.
    تو آنهه منهنجي ٻک ۾، پو لڙڪ ڇو تو اک ۾ !؟
    سوچي اهو ڇا تون ڊنينءَ، رستا ورهايا جي ڪٿي!
    ها آنءُ سانوڻ مينهن جئن تو تي وُٺس ٿي رات ڏينهن،
    ڪٿ سو مزو، تو چپ هي ٻئي کان چمايا جي ڪٿي!؟
    اڄ تون به آهين ڪا نه ڪا ۽ ناهه ساڳي شاعري،
    سڀ ويا هوا ۾ لهر ٿي ڪلهه گيت ڳايا جي ڪٿي.
    ڪيڏانهن ويا سي ڏينهڙا، جن ۾ هيا ڪي مينهڙا،
    ڳوليون پيا سي نينهڙا، جوڀن وڃايا جي ڪٿي.
    ڪوئي هوا ۾ درد آ، هر ڦول دل جو زرد آ،
    ٻوٽا سڙيا سڀ ٽهڪ جا، مون ها لڳايا جي ڪٿي.
    ڪا تشنگي تڙپي پئي، دل سان وڙهي جهڙپي پئي،
    پو ڀي اڃا ڌڙڪي پئي، ڌڪ ڌڪ ٿمايا جي ڪٿي!
    گلڙا ٽڙيا، خوشبو اٿي، چوٽو ڪٿي؟ ڪا سار ٿي،
    بيچين دل هٿڙا کڻي، در کنکنايا جي ڪٿي.
    وجدان ٿو مون تي لهي، مان ڀي بُلهي جو ڀاءُ هان،
    ايندي خدائي رقص ۾ گهنگرو وڄايا جي ڪٿي.
    ويهي ڀٽائي ڀٽ تي مون سان ڪچهري ڪالهه ڪئي،
    سيد به هو اُت ساٿ ۾، گفتا ٻڌايا جي ڪٿي!
    سياست پهاڙن جئن هئي، پو ڀي اُنهيءَ تي دل مئي،
    اڳتي وڌي هن پيرڙن، ڏونگر جهڪايا جي ڪٿي!


    آنءُ اڪيلو، سياري رات،

    آنءُ اڪيلو، سياري رات،
    تن ۾ آهي تنهنجي تات!
    تارن رڦڻي، پاڻيءَ برف،
    سج جيان تون وجهه ڪا جهات.
    هيڪل جوڀن آ اونداهه،
    جي تون مرڪين ٿئي پرڀات!
    آءُ! حياتي ٿئي گلزار،
    آءُ! ته عشق ڪري ڪا لات.
    اڀ ۾ گهوٽ جيان آ چنڊ،
    جنهن سان تارن جي بارات.
    جوڀن تي نه هڻي ٿي دل،
    ڪرفيو جهڙا ڪي حالات.
    توکي ڪانهي ڪائي سار!
    ڳاڙها ڳوڙها منهنجي ذات.
    ٻيو سڀ سانگ اجايو آهه،
    آءُ! ته ماڻيون هيءَ حيات.


    دل ته توسان به آهي اڃان پيارڙي!

    دل ته توسان به آهي اڃان پيارڙي!
    ڪيئن توکي ڇڏي مان وڃان پيارڙي!
    ڪونج ڪيٽي مٿان رات ڦيرا ڏنا،
    ڪي ٽهوڪا اٿيا دل- رُڃان پيارڙي!
    بت نه ڪوئي خدا دل جي ڪعبي ۾ آ،
    عشق کي ديوتا ٿو مڃان پيارڙي!
    جيءُ جڪڙيل سندم، ڏڍ ڏي آزادگي!
    ڀول ڀوَ جا سمورا ڀڃان پيارڙي!
    پيار کان ڀي وڏا فرض ٻيا ڪي به هن،
    سنڌ سان روح کي ٿو سَڃان پيارڙي!


    ”کلي نيڻ گهرا گلابي کنيائون،“

    ”کلي نيڻ گهرا گلابي کنيائون،“
    خماري ويا سڀ خدايون خدائون!
    اڏاڻي ڏکڻ جي هوا مست ٿي اڄ،
    گلن جيئن جهومي فضا کي ڏٺائون.
    ڀني رات، تارا نشي ۾ ٿڙيا پي،
    چڳون چاندني ۾ جو ڇوڙي ڇڏيائون.
    عجب ناز انداز سان مسڪرائي،
    ڪنين کي جياريو، ڪنين کي ڪٺائون.
    وري نينهن نکريو، وري عشق اڀريو،
    ڳلين مان پئي رات آيون صدائون.
    وري سونهن ماڻا ڪيا اڄ دلين سان،
    وري اڄ اڏيءَ تي پڳيون هن وفائون.
    وري ڪين ٻُوٽيون اکيون هي اسان جون،
    جڏهن کان اهو چنڊ لالڻ لڌائون.
    پرين! موتئي جيئن لڱ هي اوهان جا،
    ويون واسجي ڏس! سموريون ڏسائون.
    وري وار ڇوڙي وسڻ آئيون هن،
    اڄاتيون اڄاتيون اهي ئي گهٽائون.
    ستارن ڀريو اُڀ جاڳي پيو هو،
    پڌر ۾ جڏهن کٽ پنهنجي وڌائون.
    دليون هي جي اجڙيون ته سڀ خير آهي،
    رهن شال آباد تنهنجون ادائون!
    پرين! سينڌ تُنهنجي سجائي وڃون ٿا،
    ڪروڙين ستارا، سوين ڪهڪشائون.
    وفا جي مسلڪ سلامت رکڻ لئه،
    ڪنهين سڃ سان ٿي لڌيون رات لانئون.
    جڏهن سونهن تي ڪي ڪيا تاءَ نٽهڻ،
    اسان جون جلي ويون سموريون دنيائون.
    وڇوڙو اڃا ڪو نه کٽندو ڀلا ڇا؟
    ڀلا ڪيستائين هي رهنديون جفائون!؟
    وڌيا جو اڳيان هو، لتاڙيئون اسان جون،
    سوين آرزوئون، سوين التجائون؛
    نه روڪي سگهياسين ڪڏهن ڀي انهن کي،
    رڪيا پير تن جا ته پاڻهي روڪيائون.
    لڳي دل ته ويا پاڻ ٽوڙي، اڳي ٿي-
    نڀائڻ جون ڪيڏيون نه هامون هنيائون!
    خساري جي گس تي هليا اهلِ دانش،
    ڪڏهن ڪو نه دل جو چيو ڪو مڃيائون.
    سٺا ها، برا ها، ڏٺو ڪو نه دلڙي،
    ڏنائين سدا دوستن کي دعائون؛
    ڪري اڄ ته ڪنهن جون ڪري اڄ گلائون
    وساري ڇڏيائين جي دوکا ڏنائون.
    زمانن تي غالب اچي نيٺ ويون ڏس!
    اِنهيءَ عشق جون ڪي انوکيون ڪٿائون.
    جسم جي سمنڊ ۾ هٿن ٿي ڳالهايو،
    ڪي لهرون چڙهيون ۽ ڪناري ڇڏيائون.
    انگن جي ونگن ۾ جڏهن کوئجي ويا،
    چمين سان بدن جون پروليون ڀڃيائون.
    جِئين تن تي کُهنبا پرينءَ جي کڙيا ها،
    سڄي رات ويهي اسان کي رنڱيائون.
    بدن نازبوءَ جو اسان ڀاڪرين آ،
    ويون روح ويڙهي پرينءَ جون هڳائون.
    محبت عجب جاءِ آڻي ڇڏيو هو،
    نه هي هو، نه هُو هو، نه تون ۽ نه آئون!
    ڪڏهن گُل، ڪڏهن چنڊ، ڪڏهن لهر ۾ ها!
    سوين روپ تن جا، سوين تن جٽائون.
    اسان جن جي ڳولا ڪئي روز و شب ٿي،
    جواني سڄي پي پري ئي ڌڪيائون.
    ”اسان ساهه جي رڳ ڪنان ويجهڙا هون،“
    جڏهن پي مئاسون، تڏهن ٿي چيائون!


    تنهنجي ڪرائي سرخ ڪنگڻ،

    تنهنجي ڪرائي سرخ ڪنگڻ،
    دل کي لڳو آ ڏس ته ونگڻ!
    قوسِ قزح اڀريِ اکين ۾،
    منهنجي اڳيان تنهنجو هي لنگهڻ!
    ويون ڌڙڪنون ڪو ڌڪ گسائي،
    نظرون لڳيون ته به روح رنڱڻ!
    فطرت وئي ٿي دوستن جي،
    ڪنهن نانگ وانگر يار ڏنگڻ!
    سائل! گهڙي کن ماٺ ڪر تون،
    آيو هتي ڇا آنهه منڱڻ!؟
    اڀري، ڇني، الري، ڦري وٺ!
    سونهي نٿو هيءَ هٿُ ٽنگڻ.


    کڙي ٿي ايئن چمي ڳل تي، سمنڊ تي سج لهي ٿو جيئن،

    کڙي ٿي ايئن چمي ڳل تي، سمنڊ تي سج لهي ٿو جيئن،
    جواني پوءِ جرڪي ٿي، ڪليءَ مان گل ٺهي ٿو جيئن.
    نئين آهي، اچي ٻانهين، حيا کان هوءَ ڇڏائي ٿي،
    ڏئي ڦيرا ڪنڍي کي ڪئين مڇي جو من ٽهي ٿو جيئن.
    نظارا هي عجب آهن، ادائون ڀي غضب آهن،
    ڪجل جي ريک مرڪي ٿي ڳلن ڳوڙهو وهي ٿو جيئن.
    پڇيم: دلڙي اوهانجي ۾ اسان جو ڇا مقام آهي!؟
    چيائون: گهر پنهنجي ۾ سدا ماڻهو رهي ٿو جيئن.
    چيم: ساڳي وفا آهي، اسانجو سڀ اوهين آهيو!
    اوهان ڏي حسرتون ڪاهن، دريا ساگر ڪهي ٿو جيئن.


    ڪو ستارو سار جو منهنجي پڌر جاڳيو پئي،

    ڪو ستارو سار جو منهنجي پڌر جاڳيو پئي،
    درد دل ۾ چنڊ وانگر رات ڀر جاڳيو پئي.
    ڪيئن چئجي خواب هو؟ تون جنهن گهڙي آئين پرين!
    ها ستل مان هوس پر منهنجو اندر جاڳيو پئي.
    سنگباري تون ڪري واپس هليو وئين سانورا!
    گهاءُ هر هڪ ۾ سدا تنهنجو پٿر جاڳيو پئي.
    هو مسافر ها، هليا ويا منزلن ڏي، پوءِ ڇو؟
    اڄ به ڪنهن اوسيئڙي ۾ ڪوئي گهر جاڳيو پئي.
    راتڙي ويئي لڙي ۽ پيو سمهي سارو شهر،
    ڪو ديوانو هو ڳلين ۾ جنهن لئه در جاڳيو پئي.
    هي هٿن جون سڀ لڦون ڦلڙيون هيون آڪاش جون،
    ٿي ٻنيءَ خوشبو وئي بُت تي پگهر جاڳيو پئي.
    هيل سانوڻ ڪيترا آيو کڻي آ داستان،
    ڦول، ٻوٽا، ڇوڪريون، خوش خوش ڏهر جاڳيو پئي.
    دل اڏامي پي گهميون ساريون گهٽيون ڪنهن سونهن جون،
    عشق منهنجو، هن ڏٺو جو هڪ نظر جاڳيو پئي.
    ديوداسيون پيون سُمهي ٻوٽي اکيون اڌ رات جو،
    ڪنهن پوڄاري جي اداسيءَ ۾ مندر جاڳيو پئي.


    ڪڏهن هي دل سُڃي رهي، ڪڏهن اکيون اڃيون رهيون،

    ڪڏهن هي دل سُڃي رهي، ڪڏهن اکيون اڃيون رهيون،
    دکن جي هن درياهه ۾ سڀئي سکيون اڃيون رهيون.
    اڀاڳ ڪو ڄميل رهيو سدائين دل جي راهه تي،
    خواهشون ملڻ سنديون جي من رکيون، اڃيون رهيون.
    جڏهن به مست ٿي کڄيون ديدار جي ته جام لئه،
    اسان پري ڪنان اهي اکيون لَکيون اڃيون رهيون.
    هي ماڪ ماڪ رات هئي، ڪليون ته ڀي اڪيلڙيون،
    بهار باغ باغ هو ۽ مڌ-مکيون اڃيون رهيون!
    پرين ويا وديش ڏي، ڇڏي پٺيان پيارڙيون،
    بسنت رات، هيکليون، ٻيلِي-ٻکيون اڃيون رهيون،
    سياهه سرد رات آ بدن ۾ بک جاڳائي وئي،
    ۽ ولهه ۾ ته ڪام جون ڪئين ڪکيون اڃيون رهيون.


    ستارا ڏٺاسين اوهين ياد آيا!

    ستارا ڏٺاسين اوهين ياد آيا!
    نشي ۾ وري هي قدم لڙکڙايا.
    اِها بيقراري جيئڻ ڪا نه ڏيندي،
    ڀلا جي ڪڏهن ٿئي قرارن جي ڇايا!؟
    وڇوڙو عجب جا اثر ٿو وجهي پيو،
    سنجها جو رناسين، پرهه گيت ڳايا.
    محبت رڳو سڏ بدن جو ئي ناهي،
    هتي روح ڀي هن سوين روپ پايا.
    دنيا جي سمنڊ ۾ مڇيءَ جيئن ڦٿڪون،
    ڪري ويئي سوگهو اها سونهن مايا.
    سکي! کير ڌارا لڳي سينڌ تُنهنجي،
    وري نيڻ آڪاس ۾ اڄ سمايا.
    اچي عشق آڏو، ڪري چاڳ چنچل،
    ڳرا شرط دل کان وري ڪي مڃايا.
    هي سانوڻ جي سانجهي، وِڄن جا وراڪا،
    اهي پل اوهان ڇو اجايا وڃايا!؟
    ڪَتيون ڪين مُرڪن نه ٽيڙو ئي ٽَهڪن،
    اسان رات-پئي نيڻ پنهنجا ٽمايا.
    ندي عشق جي ۾ سدا لئه ٻُڏاسين،
    اسان سانگ سر جا سڀئي اڄ وڃايا.
    تصوف جيان هي اکيون ٻئِي پرين جون،
    ڪروڙين جنين روپ مون کي پسايا.
    ڇُهون پير تُنهنجا او سائين فريدڻ!
    رهن شال تُنهنجا اسان تي هي سايا.
    بلها شاهه آيو اسان جي اڱڻ تي،
    اسان رات گهنگهرو وجد ۾ وڄايا.


    ڪهڙيون ميارون ٿي ڏئينءَ هن رات جي رولاڪ تي!؟

    ڪهڙيون ميارون ٿي ڏئينءَ هن رات جي رولاڪ تي!؟
    وحشي جگر زخمي اٿم، رک تون پٽيون هر چاڪ تي!
    ها پنڌ پيرن جا سدا اوچن پهاڙن ڏي مگر،
    دلڙي ڇڪي آئي اسانکي حسن جي ڪنهن هاڪ تي.
    مومل هئي ۽ بس رڳو مومل هئي، ٻيو ڪجهه نه هو،
    ڏس پاڻ پهتاسين اچي اڄ عشق جي هن ڪاڪ تي.
    خوشبو ڏنائين رات کي ۽ رنگ سڀ پرڀات کي،
    واريون وفائون گل سڀئي نڪري مٽيءَ مان ماڪ تي.
    اڳئين جنم ۾ گڏ هئاسون؟ ڪجهه نه مونکي ياد آ،
    ڀلجي پئي آن ڪيئن تون؟ مون لاابالي پياڪ تي.
    ڳوڙها پرين تنهنجي اکين، مونکي اصل ماري وڃن،
    روئي نه رک تون امتحان اڄ ايترا مشتاق تي.
    پنهنجي ڏسيل ڪنهن واٽ تي ڪنهن کي هلائڻ ٿا گهرو!؟
    پئجي سگهي ٿي ڪين ڪا ڀي روڪ دل بيباڪ تي.
    گهرائيون، اوچائيون، ساريون ڏٺيوسين اڄ گهمي،
    ها پير ڌرتيءَ تي کتل ۽ هئي نظر افلاڪ تي.


    وڙهي ٿي اسان سان وري دل چري،

    وڙهي ٿي اسان سان وري دل چري،
    ڪئي سونهن آ ڇا ته جادوگري!
    وَئي ساهه ۾ هوءَ ڳنڍيون ڪي ڳُتي،
    ڪڏهن ڪو نه ان کان سوا ڪا سري.
    لهي چنڊ پونم جِئيِن نياڻ ۾،
    ايئن هوءَ اسان جي اندر ۾ تري.
    جڏهن عشق آڪاش وانگي اٿيو،
    ستارا ستارا هوءَ مون ۾ ٻَري.
    اسان جام تي جام لاٿو مگر،
    وڌيو درد پئي رات جئن ٿي ٺري.
    ڪڏهن تو اکين مان پياريو پَئي،
    ڪٿي آهه تنهنجي اها دلبري!؟
    حسن جي سڳنڌ تي مڙياسين ڪڏهن،
    مگر اڄ نه گل ڪو، نه ڪا جل پري.
    اڪيلا اڪيلا رهون ٿا اسان،
    اداسي ولين جيئن دل تي وَري.
    تمنائون سڀ وقت پيڙي وَيو،
    ڪمند جان وَيو آ جسم هي ڳري.
    جتي نينهن آهي، هلون ان نگر،
    سڏن ٿيون هوائون، سڏي شاعري.
    جتي ٽهڪ هر دم ٽڙن راهه تي،
    ۽ چهرا جتي ڪن کِلي رهبري.
    نواز اڄ ڏٺي”مارئي“ ڏينهن ٿيا،
    اچي ياد ٿي سنڌ ورسٽي وري.


    جِئين رات جوڳڻ پکيڙيو پَڙو،

    جِئين رات جوڳڻ پکيڙيو پَڙو،
    ٻُري ڄڻ پَيو چوڏسائن چڙو.
    ڀريوسين انهي کي حُسن سان سدا،
    سُڪل ٿو لڳي پو به دل جو گهڙو.
    نه دل جي مندر ۾ ڏيئا ٿا ٻَرن،
    هجي ڄڻ ته ويران ڪوئي ڀڙو.
    وڌا چنڊ هن تي جِئين پَرتوا،
    سڄي پرٿوي ٿي وئي اولڙو.
    گهڙيا دل جي گهر ۾ اچي اڄ پرين،
    ڪري چاڳ کولي اکين جو ڪڙو.
    اسان چپ پرين جا چمون ٿا پيا،
    کرو! جي سڙو ٿا ڀلي پيا سڙو.


    ڪنهن ڪنواري بدن ۾ ڪهاڙي لٿي،

    ڪنهن ڪنواري بدن ۾ ڪهاڙي لٿي،
    ڪا اڳياڙي لٿي، ڪا پڇاڙي لٿي.
    لوڪ پهرا سوين، پر نه روڪي سگهيو،
    ها، لٿي پيار ۾ هوءَ ڏهاڙي لٿي.
    ڇا ته خوشبوءَ هئي هُن جي آواز ۾،
    واءُ ۾ ڄڻ ته گلڙن جي واڙي لٿي!
    سمنڊ تي ڪيترا چٽ چٽيا پکين!
    شيڪلو جو اڏي ويو ته آڙي لٿي.
    اڄ ته سرهيل ڀي ويو سُڪي آ صفا،
    ٻار وهنجن ڪٿي؟ هاڻ گهاڙي لٿي.
    ڇو نه مومل هئي اڄ انهي ماڳ تي،
    ڇو اکين ۾ رڳو اڄ ته ماڙي لٿي!؟
    رات دلڙي صفا خاڪ ئي خاڪ هئي،
    ياد جي ڪا اچانڪ اماڙي لٿي.
    وقت کان ئي اڳي ڏس وَياسين ڇڻي،
    درد جي ول بي باڙي بي پاڙي لٿي.
    ڄامشورو ڇڏي گهر پڳاسين جڏهن،
    سج لٿي جو اندر ۾ پهاڙي لٿي.
    ها اُتر سان سوين واسطا، پوءِ ڀي،
    هانءُ ۾ ڇوڪري ڪائي لاڙي لٿي.
    ها حيا جي سبب ڳل ڳاڙها جنهين،
    رات بستر ۾ بلڪل اگهاڙي لٿي.
    کيپ مان ٿو ڏسي ڪيئن هن کي نواز،
    ڪجهه ته نيرو چڙهيس، ڪجهه ته تاڙي لٿي.


    زندگي جي مئڪدي ۾ مئڪشي ٿيندي رهي،

    زندگي جي مئڪدي ۾ مئڪشي ٿيندي رهي،
    پير ٿڙندا ئي رهيا ۽ هوءَ مئه ڏيندي رهي.
    لوڪ پهرا عشق تي ڪيڏا ويهاريا پوءِ به هوءَ،
    روز اوچي ڳاٽ سان مون سان ملڻ ايندي رهي.
    چنڊ جان چهرو کڻي مرڪي پکيڙئين روشني،
    زلف چهري تي وڌئين جو چاندني ويندي رهي.
    روڪياسين يار پنهنجي جي ڳلي کان پيرڙا،
    پو به هي دلڙي سدائين ان طرف نيندي رهي.
    ڪيتريون ٿين هت ڪهاڙيون روز اڀيون سونهن تي!
    پو به هي ڌرتي هميشه پيار جنميندي رهي.


    چاندني، جهنگ ۽ شاعري،

    چاندني، جهنگ ۽ شاعري،
    روح جو رنگ ۽ شاعري.
    ڪو ڪَوي رات ڀٽڪيو پئي،
    سار جا ونگ ۽ شاعري.
    مند دل جي پوي اڄ ٽڙي،
    تون هجين سنگ ۽ شاعري.
    درد آهي اُڏيو اُڀ تي،
    جئن چُريو چنگ ۽ شاعري.
    رات پويون پهر، ياد تون،
    عشق جا ڏنگ ۽ شاعري.
    وير ڪهڙي چڙهي اوچتي؟
    پيا روئن ملنگ ۽ شاعري.
    دل اڪيلي، زمانو قهر،
    وقت آ تنگ ۽ شاعري.
    مون فقيري کنئي پاڻ ئي،
    تو هنيا ٻنگ ۽ شاعري.


    جيئن مون وٽ هوءَ رهي وئي آهي،

    جيئن مون وٽ هوءَ رهي وئي آهي،
    شاعري دل ۾ لهي وئي آهي.
    ڇوڪري جيڪا گلاب وانگي هئي،
    عشق ۾ ڇا ڇا سهي وئي آهي!
    دهشتون درياهه جون نه جنهن روڪن،
    سير کان ڪيئن سا ٽهي وئي آهي!؟
    ڪالهه پيرا ٿي پڳا پهاڙن تي،
    چنڊ ڏي اڄ دل ڪهي وئي آهي.
    سار جا پنڇي به کنڀ کوهي ويا،
    تون نه آئينءَ هيءَ وهِي وئي آهي!
    يادگيريون هاڻ ڳولجن ڪهڙيون!؟
    دل عمارت ئي ڊهي وئي آهي.


    رات جي سانت ۾ ڪي ستارا ٽڙيا،

    رات جي سانت ۾ ڪي ستارا ٽڙيا،
    ڄڻ ته مدهوش ٿي دل وارا ٽڙيا.
    هورڙيان هورڙيان پئي ڇڻي روشني،
    هي صدين کان ستل باک جارا ٽڙيا.
    ڳل تنهنجا پرهه کي جنم ٿا ڏين،
    ٿي اجهو رات، جي زلف ڪارا ٽڙيا!
    مند آئي رساما ڪيا يارڙن،
    عاشقن لئه ڳچيءَ ڳل ڳارا ٽڙيا.
    ڪيئي ڪينجهر ڪنڌيءَ تي ٽلن نوريون،
    اڄ ته ٻيڙيون ٽليون، اڄ ته کارا ٽڙيا.
    گُل ڌرتي جي سيني تي جهومن پيا،
    ها! جي رابيل ناهن ته ٽارا ٽڙيا.
    چيٽ آيو کڻي مڌ مهڪار جي،
    هاءِ ٻنيون ٽڙيون هاءِ ٻارا ٽڙيا.
    پير ها چنڊ جان، جئن ڇهيا ڌرتتي،
    چپ ٺاهي چمي جيئن چارا ٽڙيا.
    شاعري سان اسان گڏ فقيري کنئي،
    جاهه تنهنجا ٽُٽا ۽ مون پارا ٽڙيا.
    ڪالهه جن تي زماني ٿي چٿرون ڪيون،
    سي ڌڪاريل، وساريل، ڏکارا ٽڙيا.
    شهنشاهي غرورن سندو انت ٿيو،
    نيٺ منصور، سرمد ۽ دارا ٽڙيا.


    نگاهن سندو تير جلوا هيو،

    نگاهن سندو تير جلوا هيو،
    سڄو روح ۽ سرير جلوا هيو.
    جڏهن هُن چپن تي پيالو رکيو،
    نڙيءَ مان لڳو کير جلوا هيو.
    هو ڪومل ڪراين ۾ سڳڙين جيان،
    ٻڌائون ته زنجير جلوا هيو.
    جڏهن هُن وڇوڙي جا ورلاپ ڪيا،
    ڏٺوسون ته فقير جلوا هيو!
    ٻه ٽي نينگريون جو سِراندي لٿيون،
    جواني چيو: پِير جلوا هيو.
    هو ٻيڙيون کنيو پي ويون ڄڃ کي،
    تڏهن چنڊ وچ سير جلوا هيو.
    چميس پير ڪينجهر پئي چاهه مان،
    سوين رات جهمپير جلوا هيو.


    جڏهن هوءَ ڀاڪر ۾ آئي لهي،

    جڏهن هوءَ ڀاڪر ۾ آئي لهي،
    تڏهن وئي هي رنڱجي اسان جي وهي.
    بدن کان وٺي روح تائين ڏنا،
    عجب کيپ هن جي چپن جي مهي.
    ڪچهري ڪري بس ڪئيسين جڏهن،
    لڳو ڳالهه آ ڪا اڃا اڻ ڪهي.
    الئه ڇو رساما ٿين عشق ۾؟
    انهي جي نه ڪنهن کي به ٿي آگهي.
    ڪڏهن چاڳ هُن ٿي اجايا ڪيا،
    ڪڏهن دل به ڪجهه ڪاوڙيل ٿي رهي.
    ستارا ستارا نگاهون کڻي،
    ڏٺائين ته ضد جون ڀتيون پيون ڊهي.
    عجب جا اشارا هئي زندگي،
    نه سمجهي سگهياسين ويو سج لهي.
    جواني گذاري جئين تو نواز،
    اهو سڀ تون ڪوتا ۾ سگهندين ڪهي!؟


    جڏهن تو هٿن ڪي اشارا کنيا،

    جڏهن تو هٿن ڪي اشارا کنيا،
    اسان پير اوڏنهن اڃارا کنيا.
    هي دل جي اڱڻ تي اونداهيون رهيون،
    تڏهن ڀي توهان لئه ستارا کنيا.
    دريا عشق جو هو پياسين ڪڏي،
    نه سيڻاهه جا ڪي سهارا کنيا.
    سڀئي منزلون ڀي اوهانکي ڏنيون،
    اسان يار اڻ کٽ هي چارا کنيا.
    جڏهن تو خوشين کي ڀريو ڀاڪرين،
    ته دل درد سارا ڏکارا کنيا.
    زماني کي ٺوڪر بِلاتي هڻي،
    اسان بس رڳو يار پيارا کنيا.
    اسان کي اڪيلو ڇڏي سير ۾،
    وڃي پاڻ لئه هن ڪنارا کنيا.
    هو مڪلي تي راتيون اکين ۾ ڪٽيون،
    اسان اڄ پٿر جا پنارا کنيا.
    دعا ڇو نه هُن جي قبولَي خدا،
    محبت منجهان هٿ ڪنوارا کنيا.
    پهاڙن پٺيان سج ميندي هنئي،
    پَريان موڙ لئه رات تارا کنيا.
    خدائي سڄي جت هئي ناچ ۾،
    اکين لئه عجب سي نظارا کنيا،
    ڀٽائي! سدائين ڪجان پيو ڪرم،
    ٻه ٽي ٻول توکان اڌارا کنيا.


    لهي ويو چنڊ ۽ هاڻي ڏسو ٿا ڇا انڌاري ۾!

    لهي ويو چنڊ ۽ هاڻي ڏسو ٿا ڇا انڌاري ۾!
    مٿان چئونرن ٽڪي پيا هن ڏکن پاڇا انڌاري ۾.
    پري هن سنڌ کان ڪيڏو اڃا راتيون سهائي جون!
    روئي ٿو ٿر، اتر، وچ ۽ روئن ڪاڇا انڌاري ۾.
    ستارن جي اها ڇايا، سمندر جون اهي لهرون،
    لڙن ٿا لاڙ جا ڳوڙها، تڪيو ٿا ڇا انڌاري ۾!؟
    ڪراچي ۾ ٻرن بتيون ته ڀي دليون انڌيريون هن،
    رڳو هڪ ريک مرڪن جي، اُها آڇا انڌاري ۾!
    ڦٽيل آ پيار جو سينو، وهي ٿي ڌار هي رت جي،
    ڪهاڙي ٿي سسيون ڳولي، مليا پاڇا انڌاري ۾.
    ٻڏون ٿا وقت ۾ لڙهندي، وڃي ٿو وهڪرو وهندو،
    سوين هت سال ۽ صديون، ٻڏو ڇا ڇا انڌاري ۾!
    متان ٿيو شاعرو! ماٺا، سڀاڻي ديس هيئن پڇندو:
    لنگهي هو لنگهه ڪي آڏا، وڌيا ها ڇا انڌاري ۾!؟


    پوئين رات جو آيو آهين،

    پوئين رات جو آيو آهين،
    من بدن تي ڇايو آهين.
    ڌرتي وانگر منهنجي دل آ،
    تون ڄڻ اڀ جو سايو آهين.
    تارا جهل مل، چنڊ به مرڪي،
    اک ڀڃي شرمايو آهين!
    گلڙن وانگي آئون ٽڙيو هان،
    ماڪ جيان مهڪايو آهين.
    رُت بسنتي، هير گهلي ٿي،
    خوشبو جيئن اڏايو آهين.
    تنهنجي ايندي انڊلٺ کڙندي،
    رنگن جو سرمايو آهين.
    بيحس بستي سنگ هڻي ٿي،
    ڪجهه ڪجهه تون به وڃايو آهين.
    ڪيڏاري جئن منهنجو من آ،
    تون ته امن جو لايو آهين.
    تعمير نئين جيئن اڀري تون،
    هيئنڙي منجهه سمايو آهين.
    شاهه جي واين وانگر جانان!
    دل سان ويو تون ڳايو آهين.
    سنڌوءَ جي پوتر پاڻي جيئن،
    چشمن تي ويو چايو آهين.
    ڀاڳ نواز وڏا هن تنهنجا،
    دردن-ديس ۾ ڄايو آهين.


    اڃاري رهي دل نگاهن جي مڌ جي،

    اڃاري رهي دل نگاهن جي مڌ جي،
    اکين سان اکيون هي پيون يار ٻڌجي.
    اسان عشق خاطر زمانو ٿڏيو آ،
    رهي آرزو ڪا سڄي جي نه اڌ جي.
    خدايون سموريون لتاڙي وياسين،
    نه ڪي يار ننڊون، نه ڪي سار سڌ جي.
    جڏهن من ۾ ميهار ديرا اڏي ٿو،
    ڏسي سهڻي دريا، نه پرواهه ٿڌ جي.
    اهي نيڻ امرت، بدن مڌ شالا،
    ڏيون سر، ملي جي وٽي ڪا به وڌجي.


    چون ٿا جڏهن لڙڪ اکڙين ڀري ٿي،

    چون ٿا جڏهن لڙڪ اکڙين ڀري ٿي،
    تڏهن عاشقن جي دلين کي ڏري ٿي.
    چون ٿا کلي هوءَ کڻي نيڻ پنهنجا،
    ته چوڏهن طبق دل جا روشن ڪري ٿي.
    چون ٿا گلابن جيان مرڪ هن جي،
    چون ٿا ستارن جيان هوءَ ٻري ٿي.
    چون ٿا زنجيرن جيان لفظ هن جا،
    چون ٿا نه ڪنهن جي به ان بن سري ٿي.
    اسين ڀي ملڻ ٿا گهرون مهه لقا سان،
    چون ٿا ملڻ سان قيامت ڪري ٿي.
    چون ٿا سدائين دلين ۾ رهي ٿي،
    چون ٿا سدائين اکين ۾ تري ٿي.
    چون ٿا زمانو مري ٿو اُنهيءَ تي،
    چون ٿا اُها ڀي ڪنهين تي مري ٿي.
    چون ٿا صبح سان ڏٺي منهن انهيءَ جي،
    مصيبت، رڪاوٽ ۽ بوريت ٽري ٿي.
    چون ٿا جواني جي چولي مٿان هوءَ،
    پئي عشق جا ڪي نوان رنگ ڀري ٿي.
    چون ٿا سراڻ آ سڄو حسن هن جو،
    چون ٿا ته پو ڏات ٻيهر وري ٿي.
    ڏسون سنڌ جي پيا اسان سينڌ اجڙيل،
    چون ٿا سهاڳڻ ته ٻهه ٻهه ٻري ٿي.
    چون ٿا ته آ سونهن آزادگي ۾،
    چون ٿا غلامي ۾ صورت کري ٿي.
    وطن ۽ سڄڻ تي ڏين ساهه جيڪي،
    چون ٿا انهن جي سدا پت پري ٿي.


    لٿي سج اجهل هي هوائون مليون،

    لٿي سج اجهل هي هوائون مليون،
    ڪنارا پري ۽ گهٽائون مليون.
    ٽٽا سڙهه، دلين جون هي ٻيڙيون لڏيون،
    سمنڊ جي سفر ۾ سزائون مليون.
    ويا سڀ سهارا، چڪاسين ٻڏي،
    تڏهن هون اوهانجون صدائون مليون.
    ڪناري ڇڏيائين کڻي سير مان،
    سمنڊ جون انوکيون ادائون مليون.
    سڀن جوکمن مان بتي زندگي،
    اوهانجون هيون جو دعائون مليون!
    جڏهن باهه وانگر وڇوڙو ٻريو،
    ته يادن جو گهاٽيون هي ڇانئون مليون.
    جڏهن ڀي اوهان جي تمنا ڪئي،
    اوهان کان اڳي هي ڪوتائون مليون.


    ازل کان اسان جي پناري پئي،

    ازل کان اسان جي پناري پئي،
    تڏهن دل محبت پڪاري پئي.
    ڪتين ۾ نه ڪجلي اسان وٽ پڳي،
    ۽ ٽيڙو جا ٽاڻا به پاري پئي.
    اسان جي اَٿوَ دل سورج مُکي،
    سدا سج پنهنجو نهاري پئي.
    اسان قول واريا جي تنهنجي مٿان،
    لٿي توڙي اڀرئي هو پاري پئي.
    جدائي جا ڀالا اکين ۾ ٽُنبي،
    انڌي رات هيڪل هي ماري پئي.
    سدا ناوَ جئن آ اها شاعري،
    غمن جي ندي مان اڪاري پئي.


    ملو ها سنجهي، چنڊ وانگر کڙون ها،

    ملو ها سنجهي، چنڊ وانگر کڙون ها،
    پرهه جو اچو ها گلن جان ٽڙون ها.
    اکين کي ڪڙا ها، دلين کي ڪڙا ها،
    محبت جي گهر ۾ ڀلا ڪيئن گهڙون ها!؟
    الڳ ٿي مرون ڇو ۽ واپس ورون ڇو؟
    سُٺو آ ته منزل جي رستي رڙهون، ها!
    سدا عشق جي هن سمنڊ ۾ هجون ها،
    ڳنڍيون ها، ٽٽن جي دلين جون سڙهون ها.
    ڏني سر جڙي ها جي سودو پرينءَ سان،
    اچي مڌ مکين جيئن انهيءَ تي مڙون ها.


    هوءَ وارِي پنهنجي يار مٿان،

    هوءَ وارِي پنهنجي يار مٿان،
    اڄ پيار اچي ويو پيار مٿان.
    جيئن ڪئي عشق پڪار مٿان،
    دل لوڪ ڏٺي ٿي دار مٿان.
    هن لڄ رکي هر وعدي جي،
    ۽ ساهه ڏنئين اقرار مٿان.
    زنجير محبت تي نه هجي،
    پهرا نه هجن اظهار مٿان.
    نفرت ويئي نيٺ اڏامي،
    اڄ حاوي چاهه ترار مٿان.
    لهر لهر ۾ ڏيئي ٽٻيون،
    چنڊ چمي سنڌو ڌار مٿان.
    جي ديس سڄو آ اونداهي،
    تون پنهنجا نيڻ ئي ٻار مٿان!
    هونءَ نواز ڀلا ڇا لکندو!
    ٿي روز ٿئي گونجار مٿان.


    گلن جان سندءِ هيءَ سجل نيڻ ها،

    گلن جان سندءِ هيءَ سجل نيڻ ها،
    کلڻ سان لڳو ٿي ڪنول نيڻ ها.
    صبح رنگ انهن جو گلابي هيو،
    سنجهي ڀي وڻيا پي ڪجل نيڻ ها.
    ڇڙي راڳڻي رات سنسان ۾،
    ٻُري پيا پرين جا غزل نيڻ ها.
    اُفق ڀي، شفق ڀي انهن ۾ ٻڏو،
    ابد نيڻ ها ۽ ازل نيڻ ها.
    صحيفي جيان ڪائي صورت لٿي،
    اسان جا ٻئي ڄڻ رحل نيڻ ها.
    جڏهن ٿي کڄيا، ٿي ڏٺائون پرين،
    محبت ۾ ڪيڏا اَٽل نيڻ ها!


    تو ڪئي جئن چٿر اوچتو،

    تو ڪئي جئن چٿر اوچتو،
    ڄڻ لڳو ڪو پٿر اوچتو.
    نيڻ رلندي پَيا اڄ ڀِڄِي،
    ياد پيو جيئن گهر اوچتو.
    مون ته مايون ڏٺيون پئي پَريان،
    تون اچي وئينءَ نظر اوچتو!
    مان پياسو، ملئينءَ تون ايئن،
    رُڃ ۾ جيئن جر اوچتو.
    پيار مان اڄ کنيون تو اکيون،
    زندگي ٿي سحر اوچتو.
    تو ڇهيو، ڄڻ جسم ۾ ڊڪي،
    ڪا ئي بجلي- لهر اوچتو.
    رات آئينءَ ستارن جيان!
    ايتري ڇو مهر اوچتو!؟
    اڄ به تازو لڳي ٿو اڃا،
    پيار جو هُو پهر اوچتو.
    چاندني چاندني ياد آ،
    ڄڻ ٻريا ڪي ڏهر اوچتو.
    وهنجندي وقت ويئي چُمي،
    واءُ تنهنجا سٿر اوچتو.
    تون نه بادل جيان جو وُٺين،
    ٿي ويو روح ٿر اوچتو.
    ڪا جدائي ڪلر جيئن لڳي،
    پيو ڊهي دل-شهر اوچتو.
    وئين جُوانيءَ مري ڇو نواز!
    ڪنهن ڏنو هي زهر اوچتو!؟


    هيءَ ڳهيلي دنيا ڄاڻي ڇا،

    هيءَ ڳهيلي دنيا ڄاڻي ڇا،
    هو سيج ڇڏي ڇو پنڌ پيا؟
    ڇا ڪاڻ سڏيائون سوريءَ کي،
    ڪنهن لاءِ جوانيءَ منجهه مئا؟
    آ تنهنجي هيءَ جا آزادي،
    اُن ڪاڻ ملي جي ڪالهه ڪُٺا.
    پيار وچان سنڌو سِير ٻُڌا،
    جي سڏ هيا ڪلهه تارن جا.
    اڄ ڪنهن ڏي تاڻي تانگهه پئي،
    ڇا لاءِ ڀري هي دل سڏڪا!؟
    جي رات پرهه جي پنڌ پيا،
    پوئين پهر هئا ڇو نستا؟
    هيءَ عشق ڳلِي آباد رهي،
    ۽ سونهن سدائين ڏي جهلڪا.
    چنڊ منڊي جن رات ڇڏيو هو،
    ڇا ويس ورن هي تنهنجا ها!؟


    بيچين دل، بيقرار دل!

    بيچين دل، بيقرار دل!
    ڪنهن جو اٿئي انتظار دل!
    ٿڙندي وتين ڇو ڳلي ڳلي؟
    ناهي چڱو هي خمار دل!
    ڪنهن بيوفا لئه روئون به ڇو،
    ڇو پاڻ ٿيون هت خوار دل!
    ڪنهن کان نه ڪر تون شڪايتون،
    کڻ پاڻ تي هر ميار دل!
    عاشق سدائين اداس هن،
    ڪنهن کي مليو هت قرار دل!
    موسم سرءُ جي لهي جتان،
    آهي اتي ئي بهار دل!
    ڇيڙو نه گر آهه درد جو،
    ته خوشي به آ بي شمار دل!
    ويساهه ڪرتون اکين وري،
    دوکا سمورا وسار دل!
    ڪيڏي وڏي ڪائنات آ،
    ڏس هو پکين جي قطار دل!
    خوشبو هوا ۾ وکير اڄ،
    ڪجهه ٽهڪ ڀي تون اڏار دل!
    ڪنهن جي اکين ۾ وري ٻڏئين!؟
    ڪهڙي چڙهي هي جوار دل!
    هل ٿا هلون اڄ پرين جي گهر،
    تون اٿ ڀلا ٿي تيار دل!


    هوءَ مون کان جڏهن مُک موڙي اٿي،

    هوءَ مون کان جڏهن مُک موڙي اٿي،
    هانءُ ۾ چَڪ پيو، دل ٽوڙي اٿي.
    ڇا ته خوشبو اٿي معطر ٿي فضا!
    مسڪرائي جڏهن وار ڇوڙي اٿي.
    عشق ۾ دل ڪڏهن ڪو نه ليکو ڪيو،
    ڇا هو پائي اٿي، ڇا هو لوڙي اٿي!؟
    سوچ هئي مانڌڻي، ذهن ماٽي هيو،
    سار پنهنجي پرين جي ولوڙي اٿي.
    جت پکيءَ پير ها ۽ نه ڪا باهڙي،
    ات عَلم پيار جا دل کوڙي اٿي.
    جئن جواني وئي، بيوفا عمر هيءَ،
    تئن بدن تان رتا گل روڙي اٿي.


    بت ۾ جوڀن رس ڀريو آ ائن جئن وڻ ۾ انب پچي،

    بت ۾ جوڀن رس ڀريو آ ائن جئن وڻ ۾ انب پچي،
    ونءُ به وڃي ۽ هينئون به هرکي، مُنڌ لڱن ۾ واءُ نچي.
    شرم پنن جئن ڪو نه ڍڪي ٿو، دل جا انگ اگهاڙا هن،
    عشق ازل جي سڏ جيان آ، تنهن کان ڪوئي ڪيئن بچي!
    صحرا ۾ ڄڻ سينڍ هيا، هو نيڻ ازل جي نينڍ هيا،
    دل تي مستي لائي ويا، ٿي سياري ۾ جئن مڌ رچي.
    رات پرهه جي ڪانڍ اُٿي ۽ آئون دلڙي ٻاريان ٿو،
    ڪجهه پتنگا تنهن تي ڄرڪن ٿا، هاڻي وڌ ٿو مچ مچي.
    روز اول کان ڌرتي جاڳي، تارا تنهن کي اک ڀڃن،
    سج، چنڊ، نديون، ڪومل ڪامڻِ، وک وک تي ٿي سونهن نچي.
    زلف ورائي مُنهن تان جئن هڪ وار سرشٽي مرڪي ٿي،
    ٽهڪ خوشين جا گونجن ۽ چوڌار فضا ۾ رنگ رچي.
    بي انت سحر جي ڪل نه ڪا، ڄاڻو ڪنهن به نه ڄاتو آ،
    ڏينهن وڃي ڪيڏانهن ٿو، ٿي ڪهڙي ڏس کان رات اچي!؟
    فطرت جا سڀ ڳجهه ڦلهوريان، اندر ڳوليان، ٻاهر ڳوليان،
    آءُ! خدا تون مونکي هٿ ڏي، تو بن ڏات نه ٿي سرچي!


    ڏينهن ستو ۽ بتيون جاڳيون،

    ڏينهن ستو ۽ بتيون جاڳيون،
    ٽيڙو جاڳيا، ڪَتيون جاڳيون.
    آسون انڊلٺ جيئن ٽڙيون يا،
    دلڙي تي هيءَ چتيون جاڳيون.
    هِن جي لئه هو گهر ڇڏيو مون!؟
    هاڻي ڇوريءَ متيون جاڳيون.
    ڌيميون ڌيميون تَن جون باهيون،
    لوڪ سُتي اڄ ستيون جاڳيون.
    سرخ سويرو عشق جو پکڙيو،
    اکڙيون هيءَ رت رتيون جاڳيون.


    عشق مونکي ڏٺو ڄڻ ته مان ڇيڙجي ويس،

    عشق مونکي ڏٺو ڄڻ ته مان ڇيڙجي ويس،
    ڪنهن اڄاتي ڪشش ۾ وڌي ريڙهجي ويس.
    پيار مونکي ڏنا حوصلا راهه راهه تي،
    هيکلي زندگي گهاءُ هئي، جهيڙجي ويس.
    هو مليو، دل ئي دل ۾ گل جيان ٽڙيس،
    هن ڇُهيو، پاڻ ئي پاڻ ۾ ويڙهجي ويس.
    آنءُ وکريل هيس اَنُ داڻن جيان اڳي،
    هن چپن سان چميو، انگ انگ ميڙجي ويس.
    هاڻ لذت نه ڪا آرزو پاڻ ڏي سڏي،
    هو ويو، مان سڄي جڳ منجهان ٿيڙجي ويس.


    اوهان پيار ڪرڻا ڏنا جو ڪڻون،

    اوهان پيار ڪرڻا ڏنا جو ڪڻون،
    نه هاڻي ٽٽون ٿا نه ڪي ٿا ڇڻون.
    نگاهه ناز جي، مرڪ انداز جي،
    اسان لئه اهو ئي گهڻون آ گهڻون.
    تڻي سج ڏي جيئن سورج مکي،
    اسين روز سپرين! اوهان ڏي تڻون.
    جئين تو ڇهيو اڄ اسانکي پرين!
    پيا هاڻ خود کي به ڏاڍو وڻون.
    اها عشق طاقت اسان کي ڏني،
    کڻي ٿا سگهون، جي سرشٽيءَ کڻون.
    نئين سر خدا کان ڀلو ٺاهيون،
    جهان کي ورائي جي پٽ تي هڻون.


    وڻن لئه ٿڌيري فضا جو نياپو،

    وڻن لئه ٿڌيري فضا جو نياپو،
    هوا آهي آندو گهٽا جو نياپو.
    پکيءَ جئن گگن تي اُڏيا رات هاسين،
    جڏهن هو مليو اپسرا جو نياپو.
    سوين چنڊ لکندا مِٽيءَ جي بدن تي،
    اڌوري وڃايل ڪٿا جو نياپو.
    فصل آهه اوڍي ڏسو سائي چادر،
    ڏنو جيئن پاڻي دريا جو نياپو.
    پرين جي پڇڻ لئه اچن، ٺيڪ ٿيندا،
    مليو عاشقن کي شفا جو نياپو.
    سدا نور ڌرتيءَ تي وهندو پيو هيءَ،
    ڏنو رات تارن خدا جو نياپو.
    گلي عشق لايو، محبت ورهايو،
    اهو آ اسان جي ڪلا جو نياپو.


    جڏهن جاڳي پوي ٿو يار سرجڻهار اندر ۾،

    جڏهن جاڳي پوي ٿو يار سرجڻهار اندر ۾،
    ڪنول ڪيئي ٽڙن ٿا پو کِلي پنهنجي ڪلا- سر ۾.
    لباس آ اڄ سڀن ساڳيو، لڳن ٿيون لال سڀ لهرون،
    گلابي ڪو بدن مرڪي لٿو آهي عريان جر ۾.
    ڪڪر آيا نه کنوڻيون هن، نه ڪوئي مينهن پيو آهي،
    ته ڀي ترسي پيا آهن پرين اڄ رات هن گهر ۾.
    ڪڏهن دوري، ڪڏهن ميلو، ڪڏهن ڪاوڙ ۽ پنهنجائپ،
    عجب جون عادتون آئون ڏسان ٿو پنهنجي دلبر ۾.
    لٿو آ روح ۾ ڪوئي، ٿياسين بُت کان آجا،
    وڃي ان سان مليا آهيون سمائي کيس ڀاڪر ۾.
    مٿان آڪاش تان تارا وجهن ٿا پرتوا پنهنجا،
    ڏياريءَ ڏڻ جيان ڏيئا ٻرن پيا ڄڻ ته ساگر ۾.
    لڳي ٿو اڄ وڌي ڌرتيءَ وڌو ڀاڪر آ لهرن کي،
    سمنڊ خاموش آ ليڪن اٿي پيو شور بندر ۾.
    اُهي ٻيڙيون، اُهي بتيون، اها ئي سرمئي سانجهي،
    مهاڻيون وار ٿيون کولين وکيري مهڪ منڇر ۾.
    روئي ٿو گهنڊ سنجها جو، پُڄارڻ ڪا پڳي ناهي،
    قراري جاپ ڪنهن ڪونهي، اداسي آهه مندر ۾.
    ڪڏهن وسعت نگاهن ۾، ڪڏهن پاتال ۽ بلندي،
    سدائين مون ڏٺي آهي سرشٽي هيءَ سراسر ۾.
    مسيتون دل ته اُڪري وئي، اکيون معراج کان اڳتي،
    رهيو ويڇو نه آهي ڪو نظر، ناظر ۽ منظر ۾.
    اڳي آدم ڪنان آهيون، اسان ئي ڪُن چيو هو اُت،
    اسان ئي ڪُل حقيقت ۽ اسان ئي ڪل تصور ۾.


    هيءَ دل ته منهنجي هئي مگر اختيار سڀ تنهنجا هيا!

    هيءَ دل ته منهنجي هئي مگر اختيار سڀ تنهنجا هيا!
    دنيا وساري مون ڇڏي هي پيارَ سڀ تنهنجا هيا!
    دل جو سڙي ويو کيت هو، جيون تتلُ ڄڻ ريت هو،
    ان وقت آيا جي ڪڪر ٿِي وار سڀ تنهنجا هيا!
    مون ٿي کنيون جيڏانهن اکيون، تون ئي اڳيان آئينءَ پرين!
    کوليم جڏهن دل جي دري، ديدار سڀ تنهنجا هيا!
    تون ڪنهن گهڙيءَ مرڪي پئينءَ ۽ ڪنهن گهڙي روئي ڏنئي،
    توکي سڃاتو مون پرين، هي پار سڀ تنهنجا هيا!
    تون ٿي لنگهيين مهڪيون گهٽيون، ٿي سونهن سان ٻهڪيون گهٽيون،
    ماڻهن پئي ڇٽڪيون گهٽيون، لاچار سڀ تنهنجا هيا!
    تو نيٺ ناتا غير سان جوڙي ڇڏيا، مان وِيُس مري،
    منهنجي جسم ۽ روح تي هي وار سڀ تنهنجا هيا!
    هي ميرڙا، هي ڪوجهڙا، تنهنجي اڳيان هٿُ جن ٽنگيو،
    ڇا لئه ڌڪاري تو ڇڏيا، سي ٻار سڀ تنهنجا هيا!
    ڪنهن پاڻُ ٻاري رات ڪئي مقتل مٿان هئي روشني؟
    سِر ها اسان جا ۽ ستونِ دارَ سڀ تنهنجا هيا!


    اسانکي عشق اجرڪ جئن سدائين پيو ڇُري ٿو ڄڻ،

    اسانکي عشق اجرڪ جئن سدائين پيو ڇُري ٿو ڄڻ،
    پُڙن جان زندگي جوڙي، وچان ڀر تون ڀري ٿو ڄڻ.
    خدا جي نانو جئن آهي، اسان تي ڇانو جئن آهي،
    افق جي هانو جئن آهي، جهان روشن ڪري ٿو ڄڻ.
    اندر ۾ سڪ ساگر جان، نه ڇيڙو آهه ڪو اِن جو،
    ازل جو قول آ ڪوئي ابد سان جو پري ٿو ڄڻ.
    جهڪايو ڏينهن سر پنهنجو، چمي پئي رات چَپ اُن جا،
    ستارا سانجهه جا ٻچڙا اکين ۾ اُڀ ڀَري ٿو ڄڻ.
    نه ڪوئي سونهن جو سج آ، نه ڪا ديدار جي گرمي،
    وسي پئي ولهه جدائي جي، هينئون سڪڙي ٺري ٿو ڄڻ.
    پتڻ سڀ ننڊ جا ريٽي لٿي آ رات جوڀن جي،
    اڪيلائي دريا جئن آ، غمن ۾ من تري ٿو ڄڻ.
    پکيڙي رات پئي ٻانهون، بتيلو ڪو اڪيلو آ،
    ندي جا نيڻ جاڳن ٿا، ڏيئو لهرن ٻري ٿو ڄڻ،
    رُلي خانا بدوشن جان، اُڏي ٿِي رک وانگر دل،
    سڄو آڪاش خيمي جئن مٿان ان جي وري ٿو ڄڻ.


    آخري پنو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 535
    ڪتابن جو مشاهدو: 556861
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 213953
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ