ڪتاب جو نالو: پانڌي ۽ پروڙ
مصنف: ادريس عاجز عباسي
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 29 اپريل 2017 ع
پڙهيو ويو: 603 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 195 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
نئون ڪتاب ”پانڌي ۽ پروڙ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري شاعر ۽ ليکڪ ادريس عاجز عباسي جي ادبي، تحقيقي، تنقيدي ۽ تاثراتي مضمونن جو مجموعو آهي.ادريس عاجز پنهنجي هن ڪتاب ۾ جيڪي مضمون رکيا آهن تن کي پڙهڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته وٽس ”موضوع“ جي اهميت آهي ۽ هن پنهنجي وت آهر مطالعي ۽ مشاهدي کان ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • جي ڏورين، سي ڏسن
  • ادريس عاجز عباسي جي تحقيق ۽ تنقيد
  • پنهنجي پاران
  • شخصيتون ۽ تنقيدون

  • ٻاٽ ۾ لاٽ ٻاريندڙ شاعر : استاد بخاري
  • درگاهه کهڙا شريف جي مخدوم صاحبان جو ذڪر
  • سنڌ جو مهان شاعر سيد پير علي شاهه ”ارمان“ موسوي
  • سچل سرمست: هڪ سچو عاشق
  • درگاهه درازن جو خاص خليفو ميان چنيهه فقير اُڄڻ
  • صوفي شاعر فقير صادق علي ڪنڀر
  • عاشق تنيو جي شعري مجموعي ”احساس ختم ٿي ويو“ تي تنقيد
  • اياز گل جي نثري ادب جو مختصر جائزو
  • مير عبدالرسول ” مير“ جي ڪتاب ”سونهن ورونهن“ جو جائزو
  • غني غمدل جي شاعريءَ تي هڪ نظر
  • عبدالرحمان مهيسر : شخصيت، فن ۽ فڪر تي هڪ نظر
  • ”اسين ناهيون اوپرا“ جو تنقيدي جائزو
  • شاعر وحيد محسن : غزليه شاعري جو اڀياس
  • درد دکن ٿا، ساهه ٿو ساري
  • تعلقي گمبٽ ۽ آسپاس جي شاعرن جو ذڪر
  • صوفي شاعر نظر لاکائي
  • ميان فيض محمد عباسي هڪ شاعر، اديب ۽ سياستدان
  • سچل جو ٻالڪ: صوفي نانڪ يوسف
  • آثم ناٿن شاهي هڪ باڪمال شاعر
  • ”ڏکن جي ٽياس تي“ هڪ تنقيدي نظر
  • حنيف عاطر جي شاعريءَ جي ڪتاب ”لڙڪن جو قرض“ تي هڪ نظر

  • حق ۽ واسطا

    حق ۽ واسطا

    ڪتاب جو نالو: پانڌي ۽ پروڙ
    موضوع: ادبي، تحقيقي، تنقيدي ۽ تاثراتي مضمون
    ليکڪ: ادريس عاجز عباسي
    تعداد: هڪ هزار
    ڇپجڻ جي تاريخ: جولاءِ 2014ع
    ڇاپو: پهريون
    ڇپائيندڙ : نئون نياپو اڪيڊمي،
    D-1 سچل ڳوٺ گلشن اقبال ٽائون ڪراچي
    Cell # 0346-2103811

    مُلهه: 90 رپيا








    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”پانڌي ۽ پروڙ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري شاعر ۽ ليکڪ ادريس عاجز عباسي جي ادبي، تحقيقي، تنقيدي ۽ تاثراتي مضمونن جو مجموعو آهي. الطاف اثيم لکي ٿو:

    ”ويجهڙائي ۾ سنڌ جي تاريخي ۽ محَقق ضلعي خيرپور ميرس مان گهڻي تيزيءَ سان ڪاغذن کي قلم زد ڪندڙ اسان جي باصلاحيت نوجوان ليکڪن مان ادريس عاجز به هڪ آهي. ٿورڙي عرصي اندر ڪيترن ئي ادبي، تاريخي، سماجي ۽ ثقافتي عنوانن تي لکي پاڻ کي قلم قبيلي اندر نروار ڪري چڪو آهي. جيئن ته سندس مضمونن جي زير نظر مجموعي جو نالو پاڻ تجويز ڪيو اٿئين تنهن مان ظاهر ٿئي ٿو، ته هن پاڻ کي پروڙ واري منزل جو پانڌيئڙو بڻائي ڇڏيو آهي.
    ادريس عاجز پنهنجي هن ڪتاب ۾ جيڪي مضمون رکيا آهن تن کي پڙهڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته وٽس ”موضوع“ جي اهميت آهي ۽ هن پنهنجي وت آهر مطالعي ۽ مشاهدي کان ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“

    هي ڪتاب 2014ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون نئون نياپو اڪيڊمي جي سرواڻ انعام عباسيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    جي ڏورين، سي ڏسن

    جي ڏورين، سي ڏسن

    ويجهڙائي ۾ سنڌ جي تاريخي ۽ محَقق ضلعي خيرپور ميرس مان گهڻي تيزيءَ سان ڪاغذن کي قلم زد ڪندڙ اسان جي باصلاحيت نوجوان ليکڪن مان ادريس عاجز به هڪ آهي. ٿورڙي عرصي اندر ڪيترن ئي ادبي، تاريخي، سماجي ۽ ثقافتي عنوانن تي لکي پاڻ کي قلم قبيلي اندر نروار ڪري چڪو آهي. جيئن ته سندس مضمونن جي زير نظر مجموعي جو نالو پاڻ تجويز ڪيو اٿئين تنهن مان ظاهر ٿئي ٿو، ته هن پاڻ کي پروڙ واري منزل جو پانڌيئڙو بڻائي ڇڏيو آهي. هونئن به ڏاهن چيو آهي ته ”جي ڏورين سي ڏسن.“ ادريس جنهن پروڙ لاءِ پنڌ پيو آهي سو سڀ ڪنهن جي وس جو نه آهي. اهو ڪنڊن جو پنڌ آهي جهڙو تهڙو هڪڙ شال هڻي، وڃي سخن وريءَ جي صحن تي لهي يا علم جي اڱڻ تي بالم بڻجي ويهي رهي سو سولائي سان ڪيئن ممڪن آهي، هتي نور نچوئڻ، ننڊون ڦٽائڻ، پيڙائن مان گذرڻ بعد پڄڻو هوندو آهي. تڏهن ڪو سودو صرافن آڏو اگهامندو آهي.
    ادريس عاجز پنهنجي هن ڪتاب ۾ جيڪي مضمون رکيا آهن تن کي پڙهڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته وٽس ” موضوع“ جي اهميت آهي ۽ هن پنهنجي وت آهر مطالعي ۽ مشاهدي کان ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيئن ته هي سندس ادبي سفر جي شروعات آهي ۽ مطالعي سان گڏ اهل علم جي صحبتن ۽ علمي ادبي محفلن مان فيض پڻ پرائي رهيو آهي تنهن ڪري اميد ڪري سگهجي ٿي ته جلد ئي سنڌ جا نالي وارا عالم، اديب، محقق ۽ علمي ادبي ادارا کيس مٿانهون مرتبو ڏيندا.
    اڄوڪي دور ۾ علمي ذخيرو اڻلڀ ۽ مطالعي جو شوق محدود ٿيندو پيو وڃي ته اهڙي دور ۾ هن ڪتاب ۾ آيل شخصيتن جو مطالعو نوجوانن لاءِ هڪ خاص اهميت وارو آهي پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مضمون ۽ مقالاپنهنجي گهربل بنيادي جزئيات تي مشتمل هجن. منهنجي خيال ۾ اهي اهم عنصر آهن: تمهيد، مرڪزي خيال ۽ حاصل مطلب. هنن ٽنهي جزئيات جو هڪ ٻئي سان گهاٽو ڳانڍاپو هوندو آهي.
    مضمون جي شروعات ڪجي ته اهڙي انداز سان جو پڙهندڙ خود به خود مرڪزي خيال طرف متوجه ٿئي ۽ مرڪزي خيال کي سمجهڻ بعد پڙهندڙ پاڻ ئي محسوس ڪري ته ليکڪ جي قلمي پورهئي جو اصل محرڪ ڇا آهي ۽ ان جو سماجي ڪارج ڪهڙو ٿي سگهي ٿو.
    ادريس عاجز جو قلمي پورهيو ڪهڙي درجي جو آهي، تنهن جو فيصلو ته پاڻ پڙهندڙ ئي ڪندا ليڪن مونکي هي ٻه لفظ لکندي خوشي ٿي رهي آهي ته تحقيق واري اوکي راهه جي پانڌيئڙن ۾ هڪ تازه دم مسافر جو واڌارو ٿيو آهي ۽ جي کيس ڪو نيڪ دل سونهون يا هڏ ڏوکي همسفر ملي ويو ته هڪ اڻ سونهون پانڌي پروڙ جي ماڳ تي مرڪندي پهچي ويندو ۽ کيس سفر جي صعوبتن جو ذري برابر به احساس نه رهندو.
    مان قدم به قدم آسانين لاءِ سندس دعاگو آهيان.
    الطاف اثيم
    اڳوڻو ڊائريڪٽر سچل چيئر
    شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور


    ادريس عاجز عباسي جي تحقيق ۽ تنقيد

    ادريس عاجز عباسي جي تحقيق ۽ تنقيد

    عاجز ادريس عباسي مون سان ان وقت رابطو ڪيو، جڏهن هو تنقيد جي ميدان ۾ آيو ۽ ان باري ۾ صلاح مشورو ورتائين. تنقيد جي ميدان کان اڳ سندس هڪ پهلو شاعريءَ وارو به آهي. تنقيد مان تحقيق طرف ڇڪجي آيو. هونءَ به تحقيق ۽ تنقيد جو چولي دامن وارو تعلق آهي، جنهن ۾ تنقيدي شعور نه آهي، اهو سٺو محقق نٿو ٿي سگهي، ڇو ته تنقيد ۾ حوالن ۽ ثبوتن جي ضرورت هوندي آهي جيڪي تحقيق ۾ نهايت اهم هوندا آهن.
    منهنجو خيال آهي ته تحقيق اهو اڙانگو ڪم آهي، جنهن کي هڪ محقق سرانجام ڏئي ٿو، جيئن شيشي جو ڪو رانديڪو هجي ۽ اهو ڀڃي واريءَ جي دڙي ۾ ٽڪرا گم ڪري ڇڏجن، هڪڙو ماڻهو اهي شيشي، جا ٽڪرا گڏ ڪري انهن کي اهڙي طرح ملائي ٿو جو اهو رانديڪو ٺهي پوي ٿو ته اهڙو ئي ماڻهو محقق هوندو آهي، جيڪو شيون ۽ ڳالهين جا حصا ڳولي انهن کي اصل صورت ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ڪي شاعر يا ليکڪ ان وقت ساڙ ۾ ورتل نظر ايندا آهن، جڏهن ڪو نئين ٽهيءَ جو شاعر يا ليکڪ ڪتاب ڇپائيندو آهي. چوندا آهن ته تڪڙ ڪئي اٿئين! مان نه فقط انهن ساڙ سڙين شاعرن ليکڪن مان نه آهيان پرا نهن جي مذمت ڪندي چوان ٿو ته غلطي ننڍو ڪندو آهي ته ڇا وڏو نه ڪندو آهي؟ حالانڪه هر ايندڙ نئون ڪتاب ان ٻوليءَ جي حفاظت جي ديوار جي هڪ سر هوندو آهي ۽ ان ٻوليءَ جي ڦهلاءَ واري وڻ جي هڪ ٽاري هوندو آهي. لازمي طرح ادريس عباسي تحقيق ۽ تنقيد جي ميدان ۾ ٿوري عرصي کان آيو آهي، سندس جو ڪتاب نه فقط اهڙن ساڙوڪن جي ساڙ ۾ اضافو ڪندو پر سنڌي ٻوليءَ جي ڦهلاءُ ۽ حفاظت واري عمل ۾ به اضافو ڪندو. ادريس عاجز جي هن تحقيقي ۽ تنقيدي ڪتاب جون هي خوبيون آهن:
    1. ادريس عاجز عباسي تنقيد ۾ مهذب انداز ۾ دليل وارو طريقو اختيار ڪيو آهي.
    2. تحقيق ۾ پنهنجي علائقي کي خاص ڪري کنيو اٿس، اگر اسان جا ليکڪ ساٿي پنهنجي پنهنجي علائقي جي شخصيتن ماڳن ۽ مڪانن جي تاريخ تي ڌيان ڏين ته سنڌ جي تاريخ تي وڏو ڪم ٿي سگهي ٿو.
    3. ادريس عاجز جو هي ڪتاب ڪيترن حوالن کان تاريخي حوالي طور ڪم ايندو. ادريس عاجز عباسي جو هي ڪتاب گهٽ قيمت وارو آهي، ان ڪري عوام به پڙهندو ڇو ته ڳورين قيمتن وارو ڪتاب اديب ۽ شاعر لکن به پاڻ ته پڙهن به پاڻ. آءٌ ڪو نه چوندس ته ادريس عاجز عباسي جو تحقيقي ۽ تنقيدي ڪتاب نقصان ۽ غلطين کان پاڪ هوندو. لازمي ڪي نقص هوندا، ڪي غلطيون هونديون، اهي خاميون ۽ غلطيون ٻيا محقق ۽ نقاد به پوريون ۽ درست ڪندا. البته مان ادريس جي شخصيت جي ٻن خوبين جو ذڪر ڪندس ته هو پڇڻ ۾ عار محسوس نه ڪندو آهي، فون تي ڪيترو وقت ۽ پئسو خرچ ڪري به ڳالهه پڇي وٺندو، صلاح ڪري وٺندو، ٻيو ته جڏهن کيس ڪا خامي غلطي درست ڪرڻ لاءِ چئبو ته هو يڪدم درست ڪري ڇڏيندو آهي، اهي خوبيون هن کي گهٽ غلطيون ڪرڻ ڏانهن وٺي وينديون.

    حزب الله آءِ سومرو
    چيئرمين
    علم دوست ادبي سنگت
    سومرا محلا
    لڳ ماچيس فيڪٽري خيرپورميرس


    پنهنجي پاران

    پنهنجي پاران

    مونکي چڱيءَ ريت ياد آهي ته مون ادبي ميدان ۾ شاعراڻي ذوق سان ئي پير پاتو هيو. سنڌ جي ناميارن شاعرن انعام ٻيلهاڙوي، نظر لاکائي ۽ اصغر شاهه سان گڏ مشاعرن ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ مسلسل شرڪت ئي ادبي کيتر ڏانهن ويجهو آڻي ڇڏيو، جنهن بعد مون مختلف ڪتاب ۽ مئگزين پڙهڻ شروع ڪيا. ان دوران سنڌي ادب ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ به ادب کي پڙهڻ ۽ پرجهڻ منهنجي مجبوري بڻي. انهيءَ عرصي دوران مون پنهنجي مشاهدي ۽ مطالعي آهر نظم سان گڏ نثر به لکڻ شروع ڪيو. تاريخ، تحقيق ۽ تنقيد منهنجي پسند جا موضوع آهن. منهنجو نثري مواد اوهان پڙهندڙن کان لڪل نه آهي، جيڪو ڪجهه لکيو اٿم اهو سنڌ جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندو رهيو آهي. هاڻي ان مواد کي سهيڙي هڪ ڪتاب ترتيب ڏنو اٿم.
    منهنجي هن ڪتاب ۾ ڪجهه شاعرن ۽ سندن ڪتابن تي تنقيدي مواد به ڏنل آهي، جنهن تي شايد ڪجهه دوست رنج به ٿين. ان لاءِ وضاحت ڪندو هلان ته منهنجا تنقيدي مضمون تعصب پرستي کان آجا آهن پر جيڪڏهن ڪو ذهن اها ڳالهه تسليم نٿو ڪري ته اها سندس مرضي هوندي....
    هن ڪتاب سنوارڻ، سڌارڻ ۽ ڇپائڻ تائين منهنجي ڀاءُ غلام مصطفيٰ سولنگي جو گهڻو ڪردار رهيو آهي جنهن ڪراچيءَ جي انتهائي مصروف زندگيءَ مان ڪجهه وقت ڪڍي منهنجي هن ڪتاب کي ترتيب ڏنو ۽ انعام عباسيءَ تائين منهنجو مواد پهچائي هڪ ڪتابي شڪل ڏياري. ان سان گڏ خيرپور جي صحافي شاعر، اديب ۽ ڏات رسالي جي ايڊيٽر خادم ڪلهوڙي جو ذڪر ڪرڻ به ضروري ٿو سمجهان جنهن منهنجي ڏات ۽ ذات کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪنٽريبيوشن (Contribution) ڏنو آهي. مون کي متعارف ڪرائڻ ۾ اڳ کان اڳرو رهيو آهي. ادريس عاجز عباسي کي علمي، ادبي ۽ اعصابي طور مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجي دوست حزب الله آءِ سومرو کي وسارڻ مناسب نه هوندو. تنظيمي تحرڪ وٺڻ کان وٺي صحافتي صفحا سجائڻ ۽ سنوارڻ تائين هر ڪم ۾ معاونت ڪندو رهيو آهي. علم دوست ادبي سنگت جي عام ڪارڪن کان مرڪزي عهديدار ٿيڻ تائين مون کي حزب الله آءِ سومرو جو ساٿ ياد آهي. ساٿ ڏيڻ جي حوالي سان ساٿ پبليڪيشن جي ايڊيٽر محترم دوست انور پرديسي جو پير به پوئتي نه رهيو آهي. انور پرديسي جهڙي نموني پاڻ جستجو ڪئي آهي اهڙي ئي نموني مون کي به اڳتي وڌڻ لاءِ مفيد مشورا ڏيندو رهيو آهي. جيڪڏهن صداقت ۽ امانت جي اندر ۾ عدالت لڳائي ويهان ته حيدرآباد جي امين لاکي جيءَ ۾ جايون ڏئي سنڌو مئگزين جي سيني تي منهنجي قلمي پورهئي کي سنواري سڌاري اهميت سان گڏ جاءِ ڏني. ان به مونکي متعارف ڪرائڻ ۽ مٿانهون مان ڏيڻ ۾ ڪسر نه ڇڏي آهي.
    مون هي ڪتاب ڪجهه سال اڳ ترتيب ڏنو هيو پر هيپاٽائيٽس جهڙي خطرناڪ مرض ۾ وڪوڙجڻ سبب ڪافي عرصو بستري تي پيل رهيس ۽ ان سبب ڪري ئي هي ڪتاب اوهان تائين هينئر پهتو آهي. بيماريءَ دوران منهنجي محسن دوستن مون کي نه وساريو. روبرو اچي يا فون تي طبيعت بابت پڇندا ۽ آٿت ڏيندا رهيا. آءٌ ڪنهن ڪنهن جا نانءَ کڻان. اتر ۽ ڪاڇي جي سڀني دلبر دوستن جو ٿورائتو آهيان. اميد اٿم ته منهنجي هيءَ ڪاوش اوهان دوستن کي ضرور پسند ايندي. جيڪڏهن ڪي غلطيون ۽ خاميون رهجي به ويون آهن ته ان لاءِ اڳواٽ ئي معذرت خواهه آهيان.

    اوهان جو پنهنجو
    ادريس عاجز عباسي
    (تعلقه گمبٽ ضلع خيرپورميرس)
    0301-3404704



    شخصيتون ۽ تنقيدون

    ٻاٽ ۾ لاٽ ٻاريندڙ شاعر : استاد بخاري

    ٻاٽ ۾ لاٽ ٻاريندڙ شاعر : استاد بخاري

    هن ڌرتيءَ تي اهڙا نيڪ انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن انسان ذات کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ لاءِ پنهنجون زندگيون وقف ڪري ڇڏيون. انهن امن ۽ پيار جو پيغام ڏنو. ميٺ محبت جو درس ڏيندي همت ۽ حوصلو ڏياريو. اهڙا سچا انسان معاشري ۾ اعليٰ مقام رکن ٿا ۽ پنهنجي قومن جي سڃاڻپ بڻجن ٿا. شاهه ڀٽائي کي ڏسو! جنهن سنڌي قوم جو ڳاٽ اوچو رکيو ۽ سنڌي ٻولي بچايائين، ان مان ثابت ٿيو ته پنهنجي قومي سڃاڻپ برقرار رکڻ لاءِ شاعرن ۽ اديبن جو هجڻ تمام ضروري آهي.
    شاهه ۽ سچل کانپوءِ ، سنڌ ۾ کوڙ سارا شاعر پيدا ٿيا، جن هن سماج جي هر عنصر تي پنهنجي منفرد رنگ ۽ ڍنگ سان لکيو. استاد بخاري به هڪ اهڙو ئي نانءُ آهي، جنهن ٻاٽ ۾ لاٽ ٻاري نئون سج اڀارڻ جو جتن ڪيو. کيس سنڌي قوم جي پيڙائن جو پورو پورو احساس هو، جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جا سبق پڙهائيندڙ استاد سوچيندو هو ته خلائي دور جو لکيو پڙهيو انسان وحشي ڇو هجي؟ پاڻ نهايت سولڙي ٻولي ۾ چوي ٿو ته:
    بهشت ڀونءَ بڻايو، جيو ۽ جيئڻ ڏيو
    جهان کي نه جلايو، جيو ۽ جيئڻ ڏيو
    جوان لاش تي روئن ونيون، اميون ۽ ڀيڻيون
    حسين مرڪ بچايو جيو ۽ جيئڻ ڏيو

    ترقي پسند سوچ ئي مزاحمتي اظهار جو وڏو سبب آهي، جنهن ڪري شاعر۽ اديب قومي شعور سان سگهاريون سٽيون سرجي ستل لوڪ کي جاڳائيندا آهن. هونئن به سياستدان جي ڊگهي تقرير کان شاعر جي هڪ سٽ ئي ڪارائتي هوندي آهي، جنهن ۾ غريبن جي حقن جي ڳالهه ڪيل هجي. اُستاد بخاري جي شاعري به ڏتڙيل ۽ ڏکايل معاشري کي آٿت بخشي ٿي، ڇاڪاڻ جو استاد ٻين جي درد کي پنهنجو درد سمجهي ٿو.
    سامان تباهيءَ تي ڪروڙين رقمون
    خرچن ٿيون خوشي سا ڌڙا ڌڙ قومون
    گولين ۽ بمن لاءِ خزانا کليل
    ڪو ڏوهه ڪيو آهي فقط تو ۽ مون!

    سائين جي ايم سيد زندگي جي پوين سالن ۾ ڪراچي جي تاج محل هوٽل ۾ تقرير ڪندي چيو هو ته، ”سنڌ کي آزاد ڪرڻو اٿو ته اخلاق سڌاريو. پاڻ ۾ ٽڪرا ٽڪرا نه ٿيو. مٺي مٺ ٿيو. سڀني پيغمبرن به اخلاق تي زور ڏنو آهي، جيڪو چئو سو ڪري ڏيکاريو ۽ پاڻ توڙي ٻين ۾ قومي شعور پيدا ڪيو.“ هاڻ جڏهن استاد جي شاعري پڙهون ٿا ته اسان کي استاد جي سموري شاعريءَ ۾ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد وارو فڪر جهلڪندو نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته استاد به ساڳئي منزل جو پانڌيئڙو هو ۽ سنڌ جي حقيقي عاشقن ۾ نانءُ لکايو هئائين. هڪ هنڌ لکي ٿو ته:
    ڪوبه ڪڙمي ڪنجهي، ڪوبه مانجهي منجهي،
    منهنجي لونءَ لونءَ لجهي
    ڏک سڄي ڏيهه جو ڏيج مون کي ڏجو منهنجو نالو لکو
    ها جڏهن ۽ جتي ديس جي دنگ تي جو ٽڻي جو ٽجي
    مون کي منهنجي قبر مان به ڪوٺي نجو منهنجو نالو لکو
    ڀيڙ آهي ڊگهي لسٽ آهي وڏي، وچ تي ناهي وٿي،
    ڪنهن ڪنهن ڪنڊ تي سنڌ جا عاشقو منهنجو نالو لکو

    استاد بخاري روايتي شاعري کان وٺي جديد سنڌي صنفن تي به گهڻو لکيو آهي. بنيادي طور استاد بيت ۽ وائي جو شاعر آهي. سندس بيت خون جگر ۾ ٻڏل نظر اچي ٿو. سسئيءَ جي باري ۾ چيل بيتن منجهان هڪ بيت نموني طور لکجي ٿو:
    مون لئه ماءُ مساڻ ڀنڀو شهر ڀنڀور جو
    جيجل جانب ريءَ ڪريان ڪنهن سان روح رهاڻ
    تنهنجو راڄ تساڻ، منهنجو ڪاڄ ڪوهيار ۾
    ميهر جي سهڻي جيڪا مهراڻ جي موج ۾ ترندي به موت کان نه ڊڄندي هئي، آخر ساهڙ سان گڏ ساگر ۾ سمائجي ويئي. اها سهڻي جنهن لاءِ شاهه ڀٽائي به چوي ٿو ته ”ساهڙ سندو تن گهاگهائي گهڙن جي“ ان سهڻي کي استاد به گهڻو ڳايو آهي، سهڻي جي سڪ ۽ اڪير کي پنهنجي بيتن ۾ سهڻين تشبيهن سان هيئن ٿو لکي ته:
    تڏون ڪن تر تر اڻتڻ سهڻي سوچ ۾
    تارن جي جهر مر چرپر چاهت هانو ۾
    جهڙي ريت شاهه سائين تتي ٿڌي ۾ ڪاهڻ جي صلاح ڏني آهي. ساڳي طرح اُستاد بخاري به پنهنجي سٽ سٽ ۾ پٺتي نه هٽڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. استاد جي قومي شاعري پڙهڻ سا قومي غيرت جاڳي پوي ٿي. استاد وري وري چوي ٿو ته:
    يار اڳتي وڌو ڪجهه ته اڳتي وڌو.
    پير پيا ٿَوَ ڦٽيا هانو پيو ٿو رڌو ڪجهه ته اڳتي وڌو
    جو هٽيو سو ڪٽيو، مون کي آهتي پتو، ڪجهه ته اڳتي وڌو
    زندگي جنگ جاري جيءَ جي مگر، امن، انصاف لئه
    پنهنجي قومي حقن لئه اچو ۽ مچو – ڪجهه ته اڳتي وڌو
    هي جو اجرڪ آ ويڙهيو پيو تنهن کي ڦاڙي اڌو اڌ ڪريو
    هڪڙو سر سان ڪفن ۽ ٻيو سندرو ٻڌو- ڪجهه ته اڳتي وڌو

    سنڌي شاعرن ۾ شاهه، سچل، سامي، سرڪش، منشي، باغي شيخ اياز ۽ نارائڻ کي جيڪڏهن پڙهبو ته انهن پنهنجي پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ ڌرتي جي قومي ڪردارن کي گهڻو ساراهيو آهي. استاد بخاري جي شاعري ۾ به اهڙن قومي هيرن جو ذڪر گهڻو تڻو نظر اچي ٿو، جن ۾ منصور، دودو، درياه خان، هوشو شيدي، هيمو ڪالاڻي، مخدوم بلاول شهيد، روپلو ڪولهي، ذوالفقار علي ڀٽو، پير پاڳارو وڏو ۽ ٻيا اهم ڪردار شامل آهن، جن جي نه جهڪڻ، سچ ۽ سنڌ تي سر ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي. استاد به ٻين قومي ڪردارن کي اٿينس جي سقراط ۽ عيسيٰ سان ڀيٽا ڏئي ٿو جنهن مان هڪ زهر جو پيالو ڏوڪيو ۽ ٻيو صليب تي چڙهيو. ٻئي امر ٿي ويا.
    لئمبرڪ لوڌون بڇيون ڦاهيون ٽنگيون
    وير پاڳارو وڏو ناهي جهڪيو

    سنڌ جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان اسان جو هانءُ ڏڪي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته تاريخ جو ورق ورق ان ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿو ته اسان جي سنڌ ۾ ڪيڏا نه ڪلور ٿيا آهن. عظيم انسانن جون عزتون لٽيون ويون، هٿ ٺوڪي تاريخ لکندي قاتل چٽا فاتح لکيا ويا. مطلب ته سونهاري سنڌ ۾ منڍ کان اڄ تائين ڌارين جون يلغارون رهيون آهن، سنڌ لٽجندي رهي آهي، سنڌي ڦاهين تي چڙهندا رهيا آهن، انسانيت کي لڄائيندڙ اهڙا واقعا هر هڪ دل تي اثر انداز ٿين ٿا، پر شاعر ته اڃا به حساس دلين جا مالڪ هوندا آهن ۽ انهن جي دلين تي قومي درد اڃان گهرو اثر ڇڏيندو آهي.
    اسان جو استاد به اهڙو ئي قومي شاعر آهي، جيڪو سنڌ جي سورن سببان روڳي بڻيو. زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺي به استاد وقت جي نبض تي هٿ رکي هڪ مفڪر جي حيثيت ۾ سوچي ٿو . ته، ”ديس اندر ڪالهه ڇا ٿيو؟ سڀاڻي ڇا ٿيڻو آ...........؟؟“ ڇوته استاد کي آئيندي جو اونو هو. پاڻ کي تاريخ اڳيان پيش ڪري هينئن ٿو چوي ته:
    مون کان تاريخ پڇي ته ڪٿي بيٺو هان
    زندگي موت ٻواٽو اتي بيٺو هان
    ڇا ٿيو ڇا اڃان ٿيندو سو پتو ٿم ڇو جو
    وقت جي نبض تي هٿ پنهنجو رکي بيٺو هان
    مٿئين ڪلاس جا ماڻهو پنهنجا ناتا زردار ماڻهن سان ئي جوڙيندا آهن، جن وٽ بي انداز دولت هجي، گاڏيون هجن، بنگلا هجن ۽ زماني جي هر عياشي هجي. وچين ڪلاس جا ماڻهو وري پنهنجو غم ٽارڻ لاءِ ڪو راهه رفيق ڳولهي وٺندا آهن، جنهن سان زماني جو غم اوري دل جو بار هلڪو ڪري سگهن، جيڪڏهن ڏکن جي ڏيهه ۾ ڦاٿل آهي ته بس غريب ۽ مزدور طبقو.ڳوٺ جون گهٽيون، شهر جون بازارون ۽ ملون ان ڳالهه جي شاهدي ڏيندا ته غريب ۽ مزدور طبقو سڄي عمر روزگار لاءِ تڙپي ٿو. استاد بخاري پڻ هن طبقي سان همدردي ظاهر ڪري ٿو ۽ چئي ٿو ڏئي ته:
    امير پير کي زردار يار جي ڳولا
    وچين ڪلاس کي غمٽار پيار جي ڳولا
    ملون، بزار، ٻنيون ڳوٺ جون ڳليون شاهد

    غريب لوڪ کي رڳو روزگار جي ڳولا
    امير پير کي مان شان جو اونو
    وچين ڪلاس کي ڪلچر زبان جو اونو
    مريض ملڪ جي قرضي عوام کي
    اٽي علاج لٽي ۽ مڪان جو اونو
    استاد کي اڃان به ڪي سال ، صديون جيئڻو هو، هن لکڻ پئي چاهيو. هن دور جي هر برائي تي، کوٽي سياست تي، ويڪائو وڏيرن تي، پر افسوس آهي، موت تي جنهن اسان جي ساڃاهه وند استاد جي ساهه کي نپوڙيو، ان موت کي ڪهڙي سڌ ته استاد جهڙا ارڏا انسان مري به مات ناهن ٿيندا ۽ هميشه حيات هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته سندن روح جو رشتو ڪنهن سڳي يا سنگهر جهڙو ناهي هوندو جو ڇني سگهجي، هن وقت استاد بخاري جسماني طور اسان سنڌين سان گڏ ته ڪونه آهي پر سندس پاڪ روح اڄ به پنهنجي ماڪ ۽ هير جي هڳاءُ جهڙين تخليقن سان گڏ ڪنهن اڙٻنگ، جو ڌي ۽ جوان پهريدار وانگر ممتا سنڌ جي گهٽي گهٽي ۾ ضرور گهمندو هوندو، جيئن نه ڇنڻ واري ڳالهه هن شعر ۾ ڪئي هئائين.
    سڳو به ناهي سنگهر به ناهي، ڇنا هي ناتا ڇني نه سگهندين
    رسيم سرتي، سڏيم سامي، ڌڪيم ڌرتي ته ڇا ڪريان مان
    حبيب توکان ڇڄي سگهان ٿو زمين ريءَ مان جي نه سگهندس
    وري وري ڇو ڪرين ٿي پارت غيور ٿڃ تي ويساهه ڪر تون
    ترار ڪنهن جي سهي سگهان ٿو، ميار ڪنهن جي سهي نه سگهندس
    ***


    درگاهه کهڙا شريف جي مخدوم صاحبان جو ذڪر

    درگاهه کهڙا شريف جي مخدوم صاحبان جو ذڪر

    رياست خيرپور جي هڪ تاريخي شهر کهڙا تعلقي گمبٽ ۾ مخدوم صاحبان جو خاندان صدين کان آباد آهي. هن خاندان جو سلسلئه نصب رسول اڪرم صلي الله عليه وآلهِ وسلم جن جي چاچي سيدنا عباس رضي الله عنه سان ملي ٿو، چون ٿا ته مخدوم صاحب کهڙن وارن جو وڏو ڏاڏو سيدنا ابراهيم سنه 228 هجريءَ ۾ عباسي خليفن جي دور ۾ اسلامي تبليغ ۽ شرعي حڪمن جي رواج ڏيارڻ لاءِ سنڌ ملڪ ۾ آيوهو ۽ اچڻ شرط نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) جي شمالي جبل ڪوهه ڪلور ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائين. ماڻهو کيس سيدنا ڪلور والا سڏيندا هئا. آخر گهڻي استعمال ۽ بي علم ماڻهن جي غلطيءَ ڪري ڪلور مان ڪلهوڙه نالي سان مشهور ٿيو. گهڻي مدت کان پوءِ اتي ئي سنه 348 هجري ۾ چورن هٿان جام شهادت پيتائين. جنهن کان پوءِ سندس فرزند سيدنا عبدالله صاحب دستار ٻڌي. اهڙي طرح سندس ئي اولاد شرعي مسند تي ويهندي آئي. اهڙي طرح مخدوم احمد عباسي هاشمي پڻ مسند شريعت تي اجلاس فرمايو ۽ پرڳڻي حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ قاضي مقرر ٿيو ۽ سنه 870 هجريءَ ۾ وفات ڪئي. جنهن بعد مخدوم اسدالله مسند شرعي تي مسند نشين ٿيو، اڪثر وقت رياضت ۽ عبادت خدائي ۾ مشغول هوندو هو ۽ سندس چهري مبارڪ مان هيبت اسم ذاتي ظاهر ٿيندي هئي. بادشاهه محمد همايون سان عمرڪوٽ ۾ ملاقي ٿيو جنهن کانئس دعا گهرائي هئي. بادشاهه همايون ربيع الاول سنه 962 هجريءَ ۾ ڏاڪڻ تان ڪري فوت ٿي ويو ۽ سندس وفات بعد همايون جي فرزند محمد جلال الدين اڪبر 14 سالن جي ڄمار ۾ تخت نشين ٿيو جو مخدوم اسد الله رحه جن سان دوستي ۽ دعا طلبي جو رستو گهڻو هوندو هو ۽ مخدوم صاحب شرعي احڪام جاري ڪرڻ لاءِ پروانا پڻ جاري ڪيا هئا. چون ٿا ته مخدوم اسد الله اسلامي ڪمن ۾ ايتري ڪوشش ورتي هئي جو هزارين ڪافرن کي سنئين راهه تي آڻي مسلمان ڪيو هئائين. ان وقت جي بادشاهه محمد جلال الدين اڪبر، مخدوم اسدالله جن کي سنڌ جو قاضي مقرر ڪري هڪ رقم شرعي احڪامن جي رواج ڏيارڻ بابت عطا ڪئي هئي، جنهن بعد مخدوم صاحب اڃان به اسلامي ڪمن ۾ روز بروز گهڻي ڪوشش ٿي ورتي ۽ آسپاس جي علائقن ۾ ديني تبليغ لاءِ دورو ۽ گشت ڪرڻ شروع ڪري ڏنائين. سکر ۽ بکر طرف تبليغ ۽ دورو ڪندا ٿي ويا. ان تبليغ دوران راهه ۾ پپري شهر ۾ سڪون پذير ٿيا، پپريءَ جو شهر ان وقت چڱي حيثيت ۾ هو ۽ کهڙن کان ٻن ميلن جي فاصلي تي آهي.
    مخدوم صاحب پپريءَ ۾ هڪ مسجد تعمير ڪرائي ۽ سنه 966 هجريءَ ۾ وفات ڪيائين.
    مخدوم اسدالله پپريءَ واري جي وفات کان پوءِ سندس فرزند جمال الدين محمد رحه رونق افروز ٿيو جنهن پڻ حسب دستور تعليم تدريس ۽ شرعي ڪمن ۾ گهڻي ڪوشش ورتي ۽ سنه 1027 هجريءَ ۾ وفات ڪيائين. ان جي وفات بعد سندس فرزند مخدوم يحيٰ مسند نشين ٿيو ۽ بدرالدين جي لقب سان مشهور ٿيو. سندس تصنيفات اساس المصليٰ ۽ رساله توحيد مشهور آهن. سنه 1041 هجريءَ ۾ وفات ڪري ويو. سندس مزار شريف پير شاهه جاڙيو ۾ آهي. هن بزرگ جي وفات بعد سندس فرزند قاضي عبدالخالق مسند نشين ٿيو ۽ پپري شهر مان ڪوچ ڪري شهر کهڙن ۾ اچي رهيو جتي سن 1062 هجري ۾ وفات ڪيائين سندس مزار شريف پڻ کهڙا شريف ۾ آهي. مخدوم عبدالخالق جي وفات بعد سندس فرزند قاضي عاقل مسند تي رونق افروز ٿيو. پاڻ روحانيت جو صاحب هو. چون ٿا ته کيس حضور صلعم جن طرفان ڪيتريون ئي بشارتون مليون هيون. پاڻ 1092 هجريءَ ۾ وفات ڪيائون. سندس مزار پڻ کهڙا شريف ۾ آهي.
    مخدوم قاضي عاقل جي وفات بعد مخدوم محمد رحه صاحب مسند نشين ٿيو. مجدد دين نبوي، مبدع قوانين، شرع محمدي، قاطع رسومات غير شرعي وغيره سندس لقب هئا. پاڻ 1122 هجري ۾ وفات ڪيائون. سندس مزار شريف پڻ کهڙا ۾ آهي.

    مخدوم محمد رحه سان شاهه لطيف رحه جي ملاقات:
    مخدوم محمد رحه جن جي وقت ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي پڻ سير ڪندي کهڙن جي شهر ۾ فقير ميان چنيهه اڄڻ جي کوهه تي اچي منزل انداز ٿيو. چون ٿا ته شاهه ڀٽائي سان گڏ ڪجهه خليفا ۽ گويا به طنبورن سميت گڏ هئا. مخدوم صاحب جي خليفن شاهه سائين کي ڪونه سڃاتو ۽ طنبورا هٿن ۾ ڏسي غير شرعي روش محسوس ڪري ڪي قدر ناراضگي به ڪئي هئائون. مخدوم صاحب ڳالهه مان سمجهي ويو ته اهو شخص شاهه عبداللطيف رحه آهي پوءِ کيس دعوت ڪرڻ لاءِ پنهنجو خاص ماڻهو موڪليائين. شاهه صاحب هڪ ٺڪريءَ تي ڪوئلي سان هيٺيون جواب لکي موڪليو:

    اڄ نه آيس آءُ، سڀان ايندس سپرين،
    توتي جنهن جو نانءُ کڻي بار کهين جو (شاه)

    چون ٿا ته شاهه ڀٽائي کهڙن ۾ مخدوم صاحب وٽ هڪ رات رهيا. مخدوم محمد رحه جن جي وفات بعد مخدوم عبدالرحمان گادي نشين ٿيو. مخدوم عبدالرحمان شهيد ۽ سندس ڀاءُ مخدوم عاقل شهيد پڻ دين اسلامي ڪمن ۾ دل و جان سان ڪوشش ڪندا هئا. مخدوم عبدالرحمان ۽ مخدوم عاقل سميت 222 ماڻهن کي سن 1145 هجريءَ ۾ سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي جي اشاري تي مسجد اندر مراقبي جي حالت ۾ شهيد ڪيو ويو. ٻڌايو وڃي ٿو ته شهيدن جا لاش ٻه ٽي ڏينهن مسجد شريف ۾ پيل هئا. پوءِ گهوٽڪي واري پير موسيٰ شاهه کي خواب ذريعي ارشاد ٿيو ته کهڙن ۾ وڃي شهيد ٿيلن جا لاش دفنائي اچ جنهن بعد ٽئين ڏينهن پير صاحب کهڙن ۾ پهچي مخدوم عبدالرحمان ، مخدوم عاقل، ميان حاجي شاهه ۽ ٻيا حافظ سيد قبي ۽ صفحي واري جاين تي دفن ڪرايا باقي ٻين شهيدن جا لاش اتي ئي هڪ کوهه ۾ وجهي ان کي لٽائي ڇڏيائين پوءِ پير موسيٰ شاهه ڪجهه مهينا هن درگاه تي رهيو.
    سچل سرمست ۽ پير صالح شاهه راڻيپور جو هن درگاه تي اچڻ وڃڻ ٿيندو هيو. سن 1232 هجريءَ ۾ درگاهه کهڙا شريف جي مخدوم محمد عاقل جي وفات تي سندس جنازي نماز وقت پير صالح شاهه، پير احمد شاهه جيلاني ۽ پير محمد راشد روضي ڌڻي ۽ فقير ميان سچيڏنو (سچل سرمست) موجود هيا. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته صوفي بزرگ شاعر سچل سرمست ۽ شاعر بزرگ پير صالح شاهه جيلانيءَ جن جو پڻ هن درگاهه تي اچڻ وڃڻ ٿيندو هيو.

    پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جو هن درگاهه سان تعلق:
    پير صاحب محمد راشد هڪ وڏو فاضل بزرگ ۽ اڪمل ٿي گذريو آهي. سندس پيءُ جو نالو سيد محمد بقا هيو جيڪو اصل سائدي (تعلقي گمبٽ) جو رهاڪو هيو، پير محمد راشد 14-15 سالن جي ڄمار ۾ کهڙا شريف ۾ مخدوم محمديءَ صاحب وٽ ديني تعليم حاصل ڪندو هو. چون ٿا ته هن درگاهه تي ننگر جو سمورو ڪاروبار سندس هٿ هيٺ رهندو هيو. پير صاحب روضي ڌڻي 29 رجب جمع ڏينهن سنه 1233 هجري ۾ وفات فرمائي.

    مخدوم محمد اسماعيل پريالوئيءَ سان کهڙا شريف جي مخدومن جو تعلق:
    مخدوم محمد اسماعيل لقب عبدالرسول ذات جوڻيجو اصل ويٺل ٽڳڙ ضلع لاڙڪاڻو پوءِ اُتان هجرت ڪري پريالوءِ شهر (خيرپور) ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو. وڏو ڪامل خدا رسيده بزرگ هيو ۽ هزارين مريدن جي رهبري ڪري کين فيض پهچايو هئائين. کيس قلمي قرآن لکڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هيو. پاڻ 8 ربيع الاول سنه 1174 هجريءَ ۾ وفات ڪيائين. سندس مقبرو پريالوءِ ۾ آهي. مخدوم پريالوئي جي نياڻي سان مخدوم عاقل کهڙائي شادي ڪئي هئي. اهڙي طرح ان رشتي سان کهڙا جي مخدومن جو رابطو ظاهري توڙي باطني طرح مخدوم پريالوئي سان جڙي ويو.
    احمد شاهه ابداليءَ جي مخدومن صاحبن سان ملاقات:
    احمد شاهه، نادر شاهه ايراني وٽ ابدالي قوم جو سپهه سالار هيو، سن 1160 هجري ۾ نادر شاهه جي شهادت کان پوءِ احمد شاهه ابدالي جنگيون ڪري فتحياب ٿيو ۽ مال خزانا هٿ ڪري قنڌار ۾ پهچي تخت سلطنت تي قيام فرما ٿيو ۽ پاڻ کي ابداليءَ مان ڦيري درانيءَ سان مشهور ڪرايائين. ڪجهه ڀيرا ملڪ هندستان تي حملو ڪري فتحمند رهيو. هن بادشاهه سن 1180 هجري ۾ وفات ڪئي. ٻڌايو وڃي ٿو ته احمد شاهه ابدالي دهلي ڏي وڃڻ وقت پنهنجي شاهي لشڪر سميت کهڙا شريف ٻاهران اچي منزل انداز ٿيو هو ۽ درگاهه کهڙا شريف جي گادي نشين مخدوم محمد رحه بن عبدالرحمان شهيد جو نالو ٻڌي ساڻس مسجد شريف ۾ اچي مليو، مخدوم محمدي صاحب جن جي شخصيت کان متاثر ٿي کين ڪجهه جاگيرن جا پروانه لکرائي مهر هڻي سندس خدمت ۾ تحفي طور پيش ڪيا هيائين، جن ۾ احمد شاهه پاران ڏنل ديهه مرزانپور، موسيٰ پور، منعم آباد وغيره ۾ اچي وڃي ٿي. مٿين جاگيرن واريون سندون مخدوم محمديءَ جي وفات کان پوءِ سندس ڀاءُ مخدوم احمد جي نالي تي جاري رهيون، جن جو ثمر مخدوم صاحبن جي پوين کي ملندو رهي ٿو.

    ان کان سواءِ احمد شاهه ابداليءَ کهڙن ۾ هڪ وڏي مسجد پڻ جوڙائي. بعد ۾ احمد شاهه رحه جي پٽ تيمور شاهه، شاهه زمان، محمود شاهه ۽ شاهه شجاع الملڪ پڻ هن درگاهه سان پڻ عقيدت واري سلوڪ سان پيش ايندا هئا. انهن سڀني افغاني ۽ ايراني مغل بادشاهن جا پروانا ۽ فرامين وغيره اڄ به درگاهه شريف جي قطب خاني ۾ موجود آهن.

    جامع مسجد ۽ مخدوم شهيدن جو مقبرو
    جامع مسجد مخدوم صاحبان کهڙا شريف جي تعمير جي شروعات سنه 1157 هجريءَ ۾ ٿي ۽ سنه 1190 هجري ۾ جڙي راس ٿي. مخدوم شهيدن جو مقبرو پڻ ساڳي ٻارهين صديءَ ۾ مسجد شريف کان پوءِ ٺهيو آهي. مسجد شريف جي مرمت لاءِ مير علي مراد خان ٽالپر پڻ رقم ڏني هئي. ان کان سواءِ سنڌ جي قديم درسگاهه کهڙا جي عمارت پڻ هتي موجود آهي. هن ڦٽل عمارت جي مڪمل مرمت 1994ع ۾ ٿي.


    حوالا:
    جنت السنڌ مولائي شيدائي
    تاريخ و تذڪره بزرگان سنڌ.


    سنڌ جو مهان شاعر سيد پير علي شاهه ”ارمان“ موسوي

    سنڌ جو مهان شاعر سيد پير علي شاهه ”ارمان“ موسوي

    ڪجهه منهنجي ڪجهه تنهنجي آتم هي ڪهاڻي آ
    تون روز مسافر آن مان روز گدائي هان

    سيد پيرعلي شاهه ولد قلندر شاهه سن 1948 ڌاري تعلقي گمبٽ جي ڳوٺ سيد جمن شاهه ۾ (لڳ گيڙو شاخ) پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم اڳڙا اسڪول ۽ مئٽرڪ ناز هاءِ اسڪول خيرپور مان پاس ڪيائين ۽ ان دوران خيرپور ۾ اهل تشيع جي هڪ مدرسي مان عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم پڻ حاصل ڪندو رهيو، مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ کيس زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ ليب اسسٽنٽ جي نوڪري ملي. جيڪا هن اڌ ۾ ڇڏي ڏني ۽ پوءِ واپس اباڻي ڳوٺ رهڻ لڳو. کيس ٽن پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد آهي.
    پير علي شاهه پنهنجي حياتيءَ ۾ اڻکٽ شاعري ڪئي پر هو پنهنجي عشق جي مدهوشيءَ ۾ اها شاعري گڏ نه ڪري سگهيو ۽ سندس گهڻي شاعري سندس حياتيءَ ۾ ئي ضايع ٿي وئي. هن وقت سندس 60-50 شعر انعام ٻيلهاڙوي وٽ موجود آهن. ارمان موسويءَ جي ڪلام ۾ عربي ۽ فارسي ٻولين جو اثر گهڻو تڻو نظر اچي ٿو ۽ سندس شاعري مجازي رنگ ۾ پڻ جڪڙيل نظر اچي ٿي. شاعريءَ ۾ ارمان تخلص استعمال ڪندو هيو. سندس ڪلام مان مير تقي مير جي بوءِ اچي ٿي. پاڻ 1998ع ۾ وفات ڪيائين.
    مون ناچيز جي ملاقات ساڻس صرف هڪ ڀيرو محمد واهڻ ٻيلهاڙو ۾ ٿي هئي، باقي سندس شاعري اڳ ۾ ئي دل ۾ گهر ڪري وئي هئي. سندس شاعري ڪٿي به ڪونه ڇپجڻ ڪري اهو ارادو گهڻو اڳ ڪيو هيم ته سندس ڪلام ڇپائجي. سائين انعام ٻيلهاڙوي جي مهربانيءَ سان هي ننڍڙو مضمون مڪمل ڪري ورتو اٿم. ارمان موسوي جي شاعري منهنجي لاءِ ان ڪري به مشڪل آهي جو آءُ عربي ۽ فارسيءَ کان اڻ واقف آهيان.
    ارمان موسويءَ جي شاعريءَ جو رنگ ٻين شاعرن کان منفرد آهي. سندس شاعريءَ ۾ نڪور جذبا، خوبصورت تشبيهون ۽ بلند خيال جهلڪندا نظر اچن ٿا، هڪ هنڌ لکيو اٿائين ته:
    ڌوپي ٿو مٿو لک تي قارون جي ڌرتي تي
    ڪانِي ۽ ڪرامات جي تقليد تي دلبا هن
    يا وري ٻئي هنڌ لکيو اٿائين ته هن رنگين دُنيا جا حوالا به چپ ٿي ويا آهن. ڇاڪاڻ ته هٿ ٺوڪيا اديب عقل کي تالو هڻي ويٺا آهن، شعر هن طرح آهي:
    اقدام ۽ قفل دانش هٿ ٺوڪئي اديبن کان
    تاريخ گلستان جا حوالا به ويا چپ ٿي
    ارمان هڪ حساس دل رکندڙ جي حيثيت ۾ وقت جي حاڪم جي ٻه اکيائي جهٽ پٽ ۾ محسوس ڪري ٿو وٺي ۽ اتي چئي ٿو ڏئي ته افسوس آهي وقت جي حاڪم جي اکٻوٽ تي ڇاڪاڻ ته هو پنهنجا نوازڻ ۾ پورو آهي. شعر هن طرح آهي.
    صد حيف چشم پوشي هن وقت جي حاڪم جي
    ڪانون تي ڪڏهن چٻرن تي القابِ جي مورن جا
    ڪيترن شاعرن جي شاعريءَ ۾ صرف لفظن جي مٽا سٽا هوندي آهي. باقي خيال اهي ساڳيا ساڳيا محسوس ٿيندا آهن، پر هتي ڪجهه ٻي ڳالهه نظر اچي ٿي. ارمان جي هر هڪ شعر ۾ هڪ نئون جوش ۽ جذبو. همت ۽ حوصلو نظر اچي ٿو. هڪ هنڌ چوي ٿو ته آءُ هن زماني ۾ پيار پريت جي زندگي گذارڻ پئي چاهي. مان ڪنهن ٽيڙي ماڻهوءَ سان هروڀرو پاند ڪونه اٽڪايو. باقي اها ٻي ڳالهه آهي ته راهه راسته مون سان ڪو اٽڪيو آهي. شعر هن طرح آهي:
    مان ذوق غواصيءَ کان واڳن سان وڙهيو ناهيان
    هر خار سان اٽڪيا هن دامن۽ گريبان ٻئي.
    ارمان موسويءَ کي غزل لکڻ جو سٺو ڏان هيو. هو هڪ سچو پچو شاعر هو، مون سندس ڪيفيت ڏٺي هئي. عشق ۾ چڪچور، زماني کان تنگ ۽ مفلسيءَ جي ماريل هن شاعر کي جڏهن بيوس لاچار ۽ مسڪينيءَ واري حالت ۾ پنهنجا به ڇڏين پيا. تڏهن درويش جي دل مان هيءَ دانهن نڪتي هوندي:
    بي طاقتيءَ جي باعث پنهنجا به اڄ ڇڏين ٿا
    ديوانه تنهنجي درجا ويهڻ کان پڻ وڃن ٿا
    ڪاڏي ڪري ڪريان مان هڪ جان مبتلا کي
    اغيار آشنا سڀ تاراج ٿي تڙن ٿا
    در در ملن ٿا دڙڪا مشڪل ڪشا مدد ڪر
    دلبر اسان جي دل جا دشمن جي گهر پلن ٿا
    ارمان موسوي هڪ ٻئي غزل ۾ نهايت سهڻي سليقي سمجهايو آهي. هن پنهنجو مثال ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي جهانن جي راز کي سمجهڻ جي ايتري ڪوشش ڪئي سين جو موت اچي ويو. سمجهيو سين ته نفعي نقصان جا جهيڙا اتي ختم پئي ٿيا. هونءَ به رب تعاليٰ فرمايو آهي ته “جنهن پاڻ کي سڃاتو تنهن رب کي سڃاتو” غزل هن طرح آهي:
    راز قونين کي سمجهيو سين دل خون ڪرڻ تائين
    نفع نقصان جا جهيڙا ها، بس منهنجي مرڻ تائين،
    پس ديوار به پردا ها، پردن جي مٿان پردا
    هي جان ختم ٿي وئي هڪ حرف ٻڌڻ تائين
    ساڳئي غزل جي هڪ ٻئي بند ۾ به نهايت سٺي ڳالهه ڪئي اٿائين. سندس اهو بند پڙهڻ کان پوءِ شاهه سائين جو هي شعر ياد ٿو اچي ته سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار.
    ارمان موسوي به اهڙي نموني جي ڳالهه ڪئي آهي، چوي ٿو ته منهنجي جيئاريندڙ کي منهنجي موت اها شڪايت ڪئي ته تون مظلوم بڻجي مئو آهين، تون بي همت ڇو ٿئين؟ تون ظالم سا مهاڏو ڇو نه اٽڪايو، شعر هن طرح آهي ، ته:
    هر حرف شڪايت هو هر بار مسيحا کي
    هڪ پل نه کڻين ترسين ڇو، تلوار کڻڻ تائين
    سنڌ ڌرتيءَ تي ڪيترائي اهڙا شاعر ٿي گذريا آهن جيڪي عشق محبت ڏانءَ ۽ ڏاهپ سبب گهڻو مشهور ٿيا. پر ارمان موسوي جهڙا مهان شاعر به ڪيترائي ٿي گذريا . جن کي پنهنجي حياتيءَ ۾ شهرت نه ملي ۽ گمنام رهيا. اسان جي مٿان سندن اهو قرض آهي ته سندن زندگي مبارڪ ۽ فن فڪر کي وائکو ڪري عام ماڻهن تائين پهچايون. هتي ارمان موسوي جا چونڊ شعر وري به پيش ڪجن ٿا.
    ڪو خيال جو اونهو ۽ شهباز مون کي ڄاڻي
    مان بات ڪندو ناهيان، ديوار جي شڪلين سان
    تون منظر عريان جو لاچار ستم بزدل،
    مان شاغل شب وحشت توڪل تي ڇڏيو هوندو،
    ڪوڪب ڪو تخيل جو، هن راند جو کيڏاري
    جذبات جو رهزن آ، ڌاڙيل ڪو ڌرتيءَ جو
    پردو جي کڻان اڄ ڀي، هابيل جي ميت تان
    آدم به هليو گڏجي هن تار تسلسل ۾
    هي داغ برهنه آ، هي لاش بي ڪفن ڇو،
    ارمان غريب جو آ، راهن ۾ جو مري ويو
    ***


    سچل سرمست: هڪ سچو عاشق

    سچل سرمست: هڪ سچو عاشق

    سنڌ ڌرتيءَ جي شاعرن جو ڪلام، اسان کي عوام جي دلين ۾ زندهه نظر اچي ٿو. ان جو هي سبب آهي ته هو قال ۽ حال جا شاعر آهن. هن حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته شاهه صاحب کان پوءِ سنڌ ۾ سچل سرمست جي ذات گرامي، پنهنجي عارفانه ڪلام سان ان شمع کي اجاگر ڪيو جنهن جو وقت گذرڻ سبب جهڪي ٿيڻ جو امڪان هيو.
    شاعري جيڪڏهن پنهنجي پيغام کان بدنصيب آهي ته ان جي زندگي پاڻيءَ تي فوٽي مثال آهي.ڪنهن کي ضرورت پئي آهي جو اها شاعري پڙهي، انهيءَ ڪسوٽيءَ تي سچل سرمست جي ڪلام کي وڏي اهميت حاصل آهي. محبت الاهي جي وڻجاري وٽ ويندي ئي خبر پئجي وڃي ٿي ته وٽس ڪهڙو ناياب وکر موجود آهي. سچل سرمست جي ڪلام ۾ واردات قلب کان سواءِ ٻيو ڪجهه نظر نه ايندو. جيئن هڪ هنڌ دوست جي فراق کان بيچين ٿي فرمائي ٿو.
    آءُ ڪانگا! ڪا پرين جي ڳال ڪر
    واعدو ڪيئي ڪالهه سو بر حال ڪر
    ڪيئن ڏٺو تو دوست منهنجو ديس ۾،
    خوش ڏٺئي هو ڪهڙ ي ويس ۾
    سا خبر مون ساڻ تون في الحال ڪر
    هت فراق آ ماريو ٻيو ڇا چوان،
    سور منهنجي ساهه کي نت نت نوان
    اچ اچي خاطر منهنجي خوشحال ڪر
    جي حضوري ۾ سندس حاضر ٿئين
    زاغ زاري مان اهي نياپا ڏئين
    لڳ خدا سارو سچو جو سوال ڪر
    ڪانءُ جي ڪان ڪان هر ماڻهو ٻڌي ٿو پر ڪير ائين نٿو چوي ته آءُ ڪانگا مون سان پرين جي پچار ڪر. هن شعر ۾ اندر جا اڌما موجود آهن، جيڪي نغمي جو روپ اختيار ڪري هڪ ڪانگي سان محبوب جي فراق جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ گفتگو ڪن ٿا. سچل سائين جي ڪلام ۾ صداقت جي قريب اهڙيون به حقيقتون ملن ٿيون جن کي سنڌي زبان جي موزونيت ۾ شايد پهريون شرف مليو هجي جيئن فرمائي ٿو:
    عشق عطا الاهي ملندا
    نهين ڪوئي ڪسب ڪماوڻ دا
    ڪڪر تا ڪنهن هٿ نه آندا،
    سرتي ابرو ساوڻ دا
    مين تان ڪنهن ٿو، مول نه سڻيا
    هيرا هٿ ٺها وڻ دا
    سچو سودا سردا ڪيتا
    جهڙا ڏينهن چلاوڻ دا
    هي تصوف جو پهريون اهو پيغام هيو جنهن کي شاعر پنهنجي مخصوص انداز ۾ پيش ڪيو. کانئس پوءِ هر صوفي شاعر ان جي تقليد ڪئي ۽ ساڳئي رنگ کي ڪنهن ٻي نوع ۾ پيش ڪندو رهيو.
    سر سارنگ ۾ به سچل سائين ڪيڏو نه خوب لکيوآهي. ڌڻي پاڪ کي منٿون ڪيون اٿائين، رحم جي گهر ڪندي مهر وسائڻ لاءِ چيو اٿائين ، مينهن کان پوءِ جو منظر به چٽيو اٿائين جنهن لاءِ هي ٻه بيت ڏجن ٿا.
    مهر سندامينهن شاهه وسائين شل
    جهريل منهنجي جهوپڙي بنا جهلي جهل
    ڪاهل تي ڪهل، ڪندين شال ڪريم تون
    *
    وسي پيو وڏ ڦڙو ڀنيون ڀٽ ڀريون
    ڀٽاريون ڀٽن تان وٿاڻين وريون
    کيرن جون کريون، چاڏيون ڏنئون چاهه مان
    سسئي کي شاهه سائين ته گهڻو ڳايو آهي پر سرمست سچل به سسئي جي سڪ ۽ مضبوط اداري کي ساراهيو آهي. هي بيت شاهديءَ طور ڏجن ٿا:
    هو جو ڪيچ وڻن مون وريو اچي واءُ
    ماريو تنهن مٿاءُ هي سر ڪيان صدقي.
    هي جو ڪيچ وڻن مان، واءُ ته آڻي واس
    هي سر سارو ساس، ڪوڙيئين قرباني ڪيان.
    *
    هوءَ جا ڪيچ وڻن مون اچي هير هلي
    سا ڀينر آهي، ڀلي جنهن سان ساهه سڌير ٿئي
    شعر شاعر جي دل جو آئينو هوندو آهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سچل سرمست سلوڪ جي راهه جو پورو ڄاڻو هو. حقيقت ۾ صوفياڻي ۽ عشقيه شاعريءَ ۾ به ڪافي فرق آهي. صوفياڻي شاعريءَ جو هڪ شعر جتي فاسق جي اندر نفس پرستي پيدا ڪري سگهي ٿو. اتي ساڳيو ئي هڪ زاهد جي اندر ورحاني ڪيفيت پيدا ڪري سگهي ٿو.
    سچل سائين پهريون پاڻ وڃايو ۽ پاڻ وڃائي پوءِ پنهنجي محبوب کي من ۾ ڳولي لڌائين، پاڻ وڃائي پاڻ کي ڳولڻ جو سبق ڏيندي پاڻ فرمايو اٿائون ته:
    پاڻ وڃائي پاڻ ڳولي لهج پاڻ کي
    پاڻ منجهان ئي پاڻ کي پوندي ڄاڻ سڃاڻ
    مکڻ، آکر هيڪڙو سوئي کير سٻاڻ
    اهو آهي، اهڃاڻ، ڳهلا انهيءَ ڳالهه جو.
    سچل سائين فرقيواريت کي فساد ٿو سمجهي، سندس فڪر موجب اهي مذهب ماڻهن لاءِ رسم آهن، تنهنڪري ئي ماڻهو مونجهارن ۾ ڦاسي پيا آهن، پاڻ اهڙي مونجهاري کي ڏسي فرمايو اٿائون ته:
    مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا،
    شيخي پيري بزرگي بيحد ڀلايا
    ڪي نوڙي نمازون پڙهن،
    ڪن مندر وسايا
    اوڏا ڪين آيا عقل وارا عشق کي
    اناالحق جو نعرو هڻي، منصور ثاني سڏجندڙ سچل سائين جي سرائيڪي، اردو ۽ سنڌي ڪلام کان سواءِ فارسي شاعري پڻ اعليٰ مقام جي آهي. هتي آئون سنڌي ٻولي جي نامور، اديب ۽ شاعر استاد حامي پاران ڪيل منظوم ترجمو پيش ڪيان ٿو ۽ اهو ٻڌائي ٿو ته دين اسلام کي ڇڏي. پيري بزرگيءَ کي ڇڏي عشق جو مقام حاصل ڪري ۽ پوءِ ئي رند ۽ سرمست ٿي رهه.
    سندس فارسي مثنوي جو سنڌي ترجمو پيش ڪجي ٿو:

    عشق ۾ اچ دين ۽ اسلام ڇڏ، عشق ۾ اچ پنهنجو ننگ ۽ نام ڇڏ
    عشق ۾ اچ سڀ وساري ڇڏ سبق، تون مٿان روشن ٿي ويندو نو طبق
    عشق ۾ اچ ڇڏ مسائل جي پچر، ڇو ٿو ويڳاڻو وتين ڀڄ بيخبر
    عشق ۾ اچ ڇڏ حڪايت جو حصو، ڪر نه دارا ۽ سڪندر جو قصو
    عشق وٺ ڇڏ پاڻ پيريءَ جي پچر، رند ۽ سرمست ٿي رهه بي خطر
    عشق ۾ اچ ڇڏ گناهه ۽ ڇڏ ثواب، تنهنجي دل ڪاري ڪندا تنهنجا حجاب
    ***


    درگاهه درازن جو خاص خليفو ميان چنيهه فقير اُڄڻ

    درگاهه درازن جو خاص خليفو ميان چنيهه فقير اُڄڻ

    درگاهه درازن جو بنياد ميان صاحب ڏني فاروقي وڌو. کيس موراڳي پڻ سڏيو ويندو آهي. ميان صاحب ڏني جو جنم 1192هه 1697ع ۾ ڪلهوڙن جي صاحبي ۾ ٿيو. سيد عبدالقادر جيلاني جي اولاد مان شيخ عبيدالله جيلاني جو مريد هو ۽ شاهه لطيف رحه به ساڻس ملاقات ڪئي هئي ۽ ميان چنيهه فقير اُڄڻ سندس خاص خليفو هو.
    ميان محمد چنيهه ذات اُڄڻ، خيرپور ضلعي جي ننڍڙي تاريخي ڳوٺ کهڙا ۾ سن 1127هه ۾ پيدا ٿيا. سندن والد جو نالو محمد عثمان هو. پاڻ پنهنجي والد کي پوک جي ڪم ۾ هٿ ونڊائيندا هئا. کين 40 ايڪڙ جي لڳ ڀڳ زمين هئي جنهن ۾ هڪ کوهه هو. (ان زماني ۾ نهري پاڻي جو نظام نه هجڻ سبب پوک کوهه تي ٿيندي هئي) چون ٿا ته ميان چنيهه فقير جي عمر 21 سال کن هئي، جڏهن هڪ رات باک ڦٽي مهل پوک کي پاڻي ڏيڻ لاءِ نار هلائي ڏاندن جي نگهباني ڪري رهيو هو ته ٻه نامعلوم مسافر اتان گذريا ۽ کانئن درازن ڏانهن رستو پڇڻ لڳا. پاڻ مسافرن سان ٿورو اڳتي آيا، رستي ۾ پهچي فرمايائين ته هي هاڻي سڌو رستو شاهه درازا ڏانهن ويندو. ايئن چوندي پاڻ مسافرن سان ٿورو اڳتي آيا ۽ پاڻ مسافرن کان اجازت گهري. مسافرن مان هڪ ميان چنيهه ڏانهن مخاطب ٿيندي فرمايو ته ”تون اسان کي هي (دنيا وارو) رستو ڏيکاريو آهي ۽ اسان توکي راهه رباني ڏيکاريون ٿا.“ ائين فرمائيندي ميان چنيهه ڏانهن ڌيان وڌايو، جنهن کان پوءِ ميان صاحب جن مٿان حال (استغراق) طاري ٿي ويو ۽ پاڻ بيهوش ٿي زمين تي ڪري پيا ۽ هو بزرگ (مسافر) پنهنجو رستو وٺيون هليا ويا.
    ميان صاحب جن کي جڏهن دير گذري ويئي ۽ پاڻ کوهه ڏانهن واپس ڪين وريا تڏهن سندن والد صاحب کي خيال پيو ته خبر ناهي چنيهه الائي ڇونه واپس موٽيو آهي، اهو خيال ڪندي پاڻ کيس ڏسڻ لاءِ سندن پويان آيا ۽ اچي ڏٺائون ته نينگر بيهوش آهي ۽ سندس زبان مبارڪ مان ڪجهه آواز اچي رهيو آهي. جيڪو اڻ چٽي نموني اچي پيو ۽ سمجهه ۾ نه پئي آيو، پاڻ نينگر کي کڻي کوهه تي پهتا. بعد ۾ مختلف حڪيمن سان رجوع ڪيو ويو پر کين 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود به هوش نه آيو.
    ٻئي ڏينهن تي هن بيهوش نينگر کي کهڙا ۾ مخدوم صاحبن جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو پر ٻه راتيون ۽ ٻه ڏينهن گذري وڃڻ کانپوءِ بيهوش نينگر جي حالت نه سڌرڻ سبب سندن والد ڏاڍو فڪر مند ٿي پيو ۽ سڄي رات ميان چنيهه جي مٿان ويهي گذاريندو رهيو. ايتري ۾ کين ننڊ غالب ٿي وئي ۽ ان ننڊ واري عالم ۾ هڪ آواز ٻڌائين ته نينگر کي درازا کڻي وڃو.
    پوءِ صبح ٿيندي ئي بيهوش نينگر محمد چنيهه کي شاهه درازا آندو ويو. جتي حضرت ميان صاحب ڏنو فاروقي رحه جن کي سربستو عرض رکيائون.
    ميان صاحب ڏني فاروقي جڏهن هڪ نگاهه ڪومل بيهوش نينگر تي وڌي ته اهو چچريل آواز صاف ذڪر خداوندي ۾ تبديل ٿي ويو ۽ الله الله جو آواز صاف ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳو.
    پوءِ درگاهه درازا تي ست ڏينهن رهڻ کانپوءِ ميان محمد چنيهه جن بلڪل صحيح سلامت ۽ هوش جي حالت ۾ اچي ويا. اهو جمع جو ڏينهن هو. جمع نماز کان فارغ ٿي ميان صاحب ڏني رحه ميان چنيهه جن کي تازو وضوع ڪرڻ جو حڪم فرمايو. پاڻ تازو وضو ڪري سندن خدمت عالي ۾ حاضر ٿيا ته ميان صاحب ڏني رحه کين بيعت سان شرف فرمايو ۽ چادر خلافت عطا فرمايائون ۽ فرمايائون ته چنيهه منهنجو سڀ کان اول خليفو آهي. اهڙا ارشاد ۽ هدايتون ڏيئي ميان چنيهه رحه کي اجازت ڏنائون. شاهه درازا کان واپس کهڙا اچڻ کان پوءِ پاڻ اڪثر عبادت الاهي ۾ مشغول رهڻ لڳا. پاڻ ڪڏهن ڪڏهن ڏينهن جو بنا ڪجهه کائڻ پيئڻ جي جهنگ طرف نڪري ويندا هئا. اهو به چون ٿا ته هڪ ڀيري شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه سير سفر فرمائيندا انهيءَ جڳهه تي تشريف فرما ٿيا. ۽ ميان چنيهه رحه جن کي اچي چلي مان اٿاريائون ۽ فرمايائون ته هاڻي خلق خدا جي خدمت ڪريو. اهڙي طرح ميان چنيهه رحه جي ڪمال جو چرچو پڻ آهستي آهستي عام ٿيڻ لڳو ۽ روزانو ڪيترائي سائل ۽ حاجتمند نهايت عقيدت ۽ احترام سان سندن خدمت ۾ حاضري ڀريندا رهيا. ميان چنيهه کي پنهنجي مرشد ميان صاحب ڏني رحه مٿس راضي ٿيندي اهو به چيو هو ته اڄ تو مان چ ڪڍي ڇڏيسين اڄ کان پوءِ تون نسورو نينهن آهين ميان چنيهه رحه کي ٽي فرزند پيدا ٿيا.
    (1)ميان فقير محمد (2) ميان خاوند ڏنو ۽ (3) ميان ذاڪر محمد جيڪي به سندن صحبت ۾ رهي عرفان و معرفت جون منزلون طئي ڪندي ڪمال جي درجي تي پهتا.
    چيو وڃي ٿو ته درگاهه درازا شريف جو هي خاص خليفو شعبان مهيني (سومر جي رات) سن 1207هه ۾ هن فاني دُنيا کي الوداع چئي ويو.
    سندس مزار مبارڪ شهر کهڙا ۾ آهي. ميان محمد چنيهه رح هميشه سر مبارڪ تي پٽڪو ٻڌندا هئا. جنهن جو رنگ ڪارو هوندو هو. اها پڻ روايت ڪئي ويئي آهي ته پاڻ ڪڏهن اڇي رنگ جي دستار پڻ سر تي پهريندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪاري رنگ جي ٽوپي پڻ پهريندا هئا.
    چون ٿا ته پاڻ سڄي عمر اڇي رنگ جا ڪپڙا پهريائون پر پنهنجي مرشد ميان صاحب ڏني رحه جي وصال کانپوءِ نير جا ٻڏل ڪپڙا پهريندا هئا. ڪتاب نسورو نينهن جي ليکڪ ذوالفقار اُڄڻ پنهنجي ڪتاب جي صفحي نمبر 45 تي ميان سائين جن جا اخلاق ۽ خوبيون بيان ڪندي لکي ٿو ته حضرت جن بهترين خوبين جا مجسما هئا، سندن قول ۽ فعل ۾ مطابقت هئي، پاڻ پنهنجي عملي زندگي کي قرآن ۽ سنت جي سانچي ۾ پلٽي ڇڏيائون سندن نفس تسليم و رضا الاهي لاءِ وقف هو، پاڻ خوف خدا کان ڪڏهن ڪڏهن بي اختيار روئي ڏيندا هئا.

    مددي ڪتاب:
    (1) ”نسورو نينهن.“ ليکڪ: ذوالفقار اُڄڻ
    (2) ”ساريم اڄ سنگهار“ : خادم عباسي
    ***


    صوفي شاعر فقير صادق علي ڪنڀر

    صوفي شاعر فقير صادق علي ڪنڀر

    فقير صادق علي ذات جو ڪنڀر (گلال) هو. سندس والد محترم جو نالو محمد صفر ڪنڀر هيو. پاڻ سن 1897ع ڌاران سوڀوديرو لڳ ڳوٺ ٻنڊي موٽايو ۾ پيدا ٿيا. ننڍپڻ ۾ ديني تعليم حاصل ڪيائين ۽ بعد ۾ حضرت مخدوم جهانيان فقير غلام مهدي شاهه رحه جن جو طالب ٿيو. فقير جن جو وڏو ڀاءُ الله ڏنو ڪنڀر جيڪو پڻ صوم و صلوات جو پابند، باشرع ۽ نيڪ انسان هيو، پر فقير صادق علي مجازي عشق جي اونهي درياهه ۾ گهيريل هيو.، ڪامل مرشدَ ۽ هاديءَ جي حضور مان کيس جيڪو ونڊ مليو تنهن کيس صوفياڻي رنگ ۾ رچي ڇڏيو. ان سبب ڪري صوفي ۽ ملان جو پاڻ ۾ گڏجي هلڻ ڏکيو ٿي پيو. فقير صادق علي جڏهن اهڙي حقيقت پنهنجي مرشد اڳيان بيان ڪئي. بجاءِ ان جي ته مرشد طرفان سندس ڀاءُ لاءِ ڪا جدا هدايت جاري ٿئي يا فيصلن ڦڙن جو اهتمام ٿئي. فقير کي حڪم ڪيائون ته هو هتان (ٻنڊي موٽايو) مان لڏي اچي ڳوٺ وڏا لاکا ۾ رهي، جنهن کان پوءِ فقير صاحب ٻنڊي موٽايو مان لڏي اچي ڳوٺ وڏا لاکا ۾ ڳوٺ جي اوڀرندي پاسي پنهنجو مئخانو اڏي ويٺو. تنهن لاءِ روايت آهي ته ان وقت ڳوٺ ۾ ڪنهن جاچ لاءِ پوليس آيل هئي ۽ ان دور ۾ پوليس وارا گهوڙن تي چڙهي ايندا هئا. چون ٿا ته ڳوٺ جي وڏيري فقير جي غير موجودگيءَ ۾ پوليس وارن جا گهوڙا مئخاني ۾ ٻڌرايا. فقير جڏهن واپس اچي اهو لقاءُ ڏٺو ته جلال ۾ اچي ويو ۽ مئخاني ۾ ٻڌل گهوڙن کي اتان ڇوڙايائين. فقير تيسيتائين جلال ۾ رهيو جيستيائين کيس متبادل جڳهه ويهڻ لاءِ نه ملي ۽ کيس ڳوٺ جي اولهندي پاسي قبرستان جي ڀر ۾ هڪ گهاٽي جهنگ واري زمين جو ٽڪر رهڻ لاءِ آڇيو ويو ۽ گڏوگڏ اهو به چيو ويو ته هن جهنگ ۾ مختلف قسم جا خون خوار جانور ۽ بلائون آهن پر فقير بنا خوف جي پنهنجي ٻچن سميت ان جهنگ ۾ جهوپو اڏي اچي ويٺو ۽ آهستي آهستي جهنگ صاف ڪري اتي کوهه به کوٽايو ۽ کوهه تي نار چاڙهائي پاڻيءَ جو خاصو بندوبست ڪيو ۽ ان پاڻيءَ تي هڪ باغ پوکيائين ۽ اتي هڪ مئخانو پڻ جوڙيائين.
    چون ٿا ته فقير پنهنجي مجازي عشق جون منزلون طئي ڪندي حقيقي عشق کي پهتو. ڪيترائي ماڻهو سندس وٽان فيضياب ٿيا جن ۾ هدايت علي فقير ناريجو، عنايت علي فقير کهڙو ۽ امانت علي فقير ڏهر (باگڙجي) مشهور آهن.
    فقير صادق علي ڪنڀر 58 سالن جي عمر ۾ 1955ع ڌاري ڳوٺ وڏا لاکا ۾ پيالو پيتو ۽ سندس ڳوٺ وڏا لاکا ۾ اڄ به سندس پونئرن لاءِ فيض جو در موجود آهي، فقير جي اولاد ۾ 5 پٽ ۽ 3 نياڻيون هيون، جنهن مان سندس ننڍي پٽ غلام شبير جي اولاد مان وڏو پٽ نظر علي (ادبي دُنيا ۾ جنهن جي سڃاڻپ نظر لاکائي آهي) سوئي سندس محور ٿي مسند تي ويٺو ۽ پڻ صوفي شاعر ٿي گذريو آهي.
    فقير صادق علي جو اڻ ڇپيل مواد نثر ۽ نظم ۾ ملي ٿو. نثر ۾ فقير تصوف جي انتهائي باريڪ نقطن تي مختصر پر جامع لکيو آهي. نظم ۾ ڪافي غزل، قصيده، بيت، ڏوهيڙو، ٽيهه اکريون ۽ ڇلو جهڙي سنڌي جي قديم صنف لکي آهي. ان کانسواءِ هنديءَ ۾ شبد به لکيا آهن. فقير راڳ جو پارک هيو، پاڻ پنهنجي قلمي نسخي “حاصل ولايت” ۾ غزل ۽ ڪافي کي سرن ۾ لکيو آهي جنهن ۾ سر ڀيروي پهاڙي، راڻو، تلنگ، وهاڳ، سارنگ، بروو، ڌناسري، آسا، پرڀاتي، ڪلياڻ ۽ سورٺ اچي وڃن ٿا. فقير جو قلمي نسخو سندن پوين وٽ موجود آهي، جيڪو مون ناچيز به محترم لاکائي صاحب وٽ ڏٺو هيو. منهنجي سنڌي ادبي بورڊ وارن کي گذارش آهي ته فقير صادق علي ڪنڀر جو قلمي نسخو ضايع ٿيڻ کان بچائيندي جلد ڇپايو وڃي ته بهتر ٿيندو
    بيت طالب کي مطلوب ڏي عاشق ٿي اچڻ
    گويا ۽ گفتار کي ويراڳي ٿي وٺڻ
    موکيءَ جي موج جو پريمي پيالو پيئڻ
    صادق ٿي سمجهڻ هن پيغامي پريم کي
    ***


    عاشق تنيو جي شعري مجموعي ”احساس ختم ٿي ويو“ تي تنقيد

    عاشق تنيو جي شعري مجموعي ”احساس ختم ٿي ويو“ تي تنقيد

    ادبي تخليق جي فني ۽ فڪري جاچ پڙتال کي تنقيد چيو ويندو آهي. تنقيد نظم توڙي نثر لاءِ تمام ضروري آهي۔۔. اصلاحي تنقيد بعد ئي بهترين ادب سرجيو ويندو آهي. چيو وڃي ٿو. ته سنڌي ادب ۾ هن وقت تنقيد جي شديد کوٽ آهي، جنهن سبب اسان جون نئون نسل (نئين ٽهيءَ جا شاعر / اديب) جديد سنڌي ادب ۾ تمام پوئتي آهن. اهو ئي سبب آهي جو اسان سينيئر اديبن کان اصلاح وٺڻ ۾ ڪيٻايون ٿا. يا وري اسان جا سينيئر هن سلسلي ۾ سست آهن. سنڌ مان نڪرندڙ مختلف اخبارون ۽ ميگزين / رسالا ڏسو جن ۾ نوجوان ليکڪن توڙي شاعرن جي انگ ۾ اضافو ضرور ٿيو آهي پر افسوس ٿئي ٿو ته هنن جي فن ۽ فڪر ۾ گھڻي ڪچائي آهي، ايتري قدر جو سڀني شاعرن جون اهي روايتي سٽون ”رسي نه وڃ“ ، ” ساهه سڪي ٿو“ ، ”مري ويندوساءِ“ وغيره هر ڀيري پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون سواءِ چند شاعرن جي جن وٽ ڏات به آهي ته ڏانءُ به. مون وانگر ٻيا ڪيترا ماڻهو سوچين ٿا ته نئين ٽهي جي شاعرن/ اديبن جي جيڪڏهن اصلاح نه ٿي ته سندن پورهيو پاڻي ولوڙڻ ثابت ٿيندو....!
    هر ليکڪ پنهنجي لکڻين جي تعريف ٻڌڻ لاءِ ته آتو هوندو ئي آهي، پر جڏهن مٿس ڪا تنقيد ٿيندي آهي ته کائنس برداشت نه ٿيندي آهي. اهي ئي سبب آهن جو اسان جا نقاد ڪنهن ڪتاب وغيره تي تنقيد ڪرڻ ۾ دلچسپي نه ٿا وٺن. مان سوچيان ٿو ته جيڪڏهن اسان دوستين جو ڀرم رکندي هڪ ٻئي جي لکڻين جي اصلاح نه ڪئي ته اسان جو ادب تباهي طرف ويندو ۽ غير معياري ليک لکندا رهياسين ته دنيا اسان تي چٿرون ڪندي. ان ڪري منهنجي ادب دوستن کي اها وينتي آهي ته سنڌي ادب ۾ تنقيد جي کوٽ کي پورو ڪندي نوجوان قلمڪارن جي لکڻين جي تعمير ڪئي وڃي ته جيئن موجوده ٽهي جا قلم ڌڻي به سگھارو ادب سرجي سگھن.
    دادو ضلعي جي شهر ميهڙ سان واسطو رکندڙ هڪ شاعر عاجز عاشق تنيو جنهن جو شعري مجموعو ”احساس ختم ٿي ويو“ منهنجي هٿن ۾ آهي. هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قمبر پاران شايع ٿيو آهي. 127 صفحن جي هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي ناليواري شاعر مشتاق بخاري لکيو آهي، 7 صفحن تي مشتمل مهاڳ ۾ مشتاق صاحب، عاجز عاشق جي غزلن جون سٽون ڏئي ٿورو گھڻو تبصرو ڪيو آهي ۽ آخري چئن سٽن ۾ پنهنجي راءِ هن طرح ڏني اٿائين ته عاجز عاشق ۾ شاعراڻيون خوبيون موجود آهن. عاجز جو فڪر هن کي هڪ ڏينهن سٺن شاعرن جي قطار ۾ آڻي بيهاريندو. البته هن کي فن تي ڪجھه محنت گھرجي.
    مشتاق بخاري چيو آهي ته عاجز عاشق کي شاعري جي فن تي ڪجھه محنت ڪرڻ گھرجي. اهو ٺيڪ آهي پر آئون عاجز عاشق کي صلاح ٿو ڏيان ته هو پنهنجي فڪر ۾ به پختگي آڻي ڇاڪاڻ ته سندس مجموعي ۾ شامل شاعري ۾ ڪيتريون ئي فڪري اوڻايون رهيل آهن. مون پنهنجي هن مضمون ۾ عاجز عاشق جي فڪري اوڻاين کي وائکو ڪرڻ چاهيو آهي ته جيئن سندس شعر جي اصلاح ٿي سگھي.
    هونئن به هن شاعر اسان پڙهندڙن کي راءِ جو حق ڏنو آهي ۽ صفحي 27 تي چيو اٿس ته مون کي اوهان پڙهندڙن جي راءِ جو انتظار رهندو.
    عاجز عاشق تنيو جي شعر ۾ مون کي تڪ بندي کان سواءِ ٻيو ڪجھه نظر نه ٿو اچي. هن شاعر ڪافيي جي پورائي لاءِ ته گھڻي جاکوڙ ڪئي آهي. پر فڪري سگھه کان محروم رهيو آهي. صفحي 108 تي غزل جون سٽون اٿس ته:

    اسان پاڻ ڏي ٿا صدين کان ڦيرايون،
    ڦري هو وڃن ٿا پرينءَ وار وانگر.

    مٿئين سٽ ۾ شاعر چوي ٿو ته اسان ( هن کي) پاڻ ڏي ڦيرايون ٿا پر هو وار وانگر ڦري ٿا وڃن، وار جي ڦرڻ مان ڇا مراد آهي شاعر جي وار جي ڦرڻ سان تشبيهه ڪا سريلي ته ڪانهي تنهن ڪري کيس هيئن لکڻ گھرجي:

    اسان پاڻ ڏي ٿا صدين کان ڦيرايون،
    ڇڄي هو وڃن ٿا، رٺل يار وانگر.

    ساڳئي ڪتاب جي صفحي 98 تي غزل جي آخري بند ۾ شاعر قافيو پورو ڪندي عڪاسي، لفاظي، اداسي، شناسي، اماسي ۽ تراشي کانپوءِ رهواسي ڪئي آ “ بنا سوچ سمجھه جي استعمال ڪيو آهي، جنهن مان ڪا به معنيٰ ۽ مفهوم نه ٿو نڪري. عجيب ٿو لڳي ته شاعر اهي سٽون ڪيئن لکيون آهن. سٽون هي آهن:

    اوهان يار پنهنجا هو پراڻا
    اوهان سان ته دل ڀي رهواسي ڪئي آ.
    ٻنهي سٽن ۾ هيٺين سٽ بي سود ٿي لڳي. دل جي رهواسي ڪرڻ واري تشبيهه مان شاعر جي فڪري سگھه معلوم ٿئي ٿي. شاعر کي جيڪڏهن پنهنجي يار کي احساس ڏيارڻو آهي ته هينئن لکي سگھي ٿو:
    اوهان يار پنهنجا رهيا هو پراڻا
    اسان ڀي نه پياري حياتي ڪئي آ،
    ساڳئي ڪتاب ۾ هڪ صفحي تي غزل جو هڪ بند آهي ته:
    اڄ ڪيڏي من ۾ رم جھم آ،
    جو تنهنجو مون ديدار ڏٺو.
    ڇا ديدار ڏسبو آهي.....؟؟ ديدون جڏهن خوبصورت منظر ڏسنديون آهن ته پوءِ اهو ئي ديدار ٿيندو آهي. جنهن شيءِ کي دل چاهي ۽ اکيون ڏسن اهو ديدار ٿيندو. ديدار ڪبو آهي. تنهنڪري هن شاعر جي هي سٽ ” مون ديدار ڏٺو“ غلط آهي.
    عاجز عاشق تنيو صاحب پنهنجي هن ڪتاب جي صفحي 51 تي هڪ غزل لکيو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته ”تڙپي تڙپي اگر اٿي ويندين، مان ٿو سمجھان پوءِ جي ويندين ۾ اڳتي لکي ٿو ته ڪو رُسي ٿو ته تون ايڏو نه روءُ، جي روئيندين ته صفا سڄي ويندين....! اسان وٽ سڄي وڃڻ (متارو ٿيڻ) سک جي علامت آهي، ڳري ۽ جھري پوندو آهي پر هن شاعر هينئن لکيو آهي جيڪو غلط آهي ته:
    ڪو رسئي ٿو ته تون نه روءُ ايڏو
    جي پيو روئيندي صفا سڄي ويندين.
    هن ڪتاب جي صفحي 7 تي قمبر واسي ليکڪ محترم راشد بروهي صاحب ادب دوستي جو حق نڀائيندي ڪتاب جي خالق عاشق تنيو صاحب کي وڏو شاعر پيش ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي، لکي ٿو ته ” هن جي غزل جو اسلوب جدت جو جرڪندڙ جسم رکي ٿو ۽ هن جا ڪيترائي غزل، غزل جي سماج ۾ صدين کان رائج روايتي رديف ۽ قافئيءَ جي رواجن ۾ رهندي پنهنجي نئين دنيا ۽ نوان گس ٺاهيندي نظر اچن ٿا.“
    عاجز عاشق جا غزل ڀلي پنهنجا نوان گس ۽ نئين دنيا ٺاهين پر هو جملن جي درست استعمال، تشبيهه، معنيٰ جي مفهوم طرف به ڌيان ڏئي. اهڙيون غلطيون ته سيکڙاٽ شاعر به ناهن ڪندا جھڙيون غلطيون اهل ڪتاب عاشق تنيو ڪري ٿو. هڪ صفحي تي هڪ غزل ۾ به سندس اهڙي غلط تشبيهه ڏسو:
    هو ڏس اڌ رات جو جاڳي پيو تنهنجي ڪري ڪوئي سڙي پيو سڪ ۾ ائين، جيئن سڙندي مڏي آهي. مٿين سٽ ۾ سڪ ۾ ڪنهن کي ائين سڙندي ڏيکاريو ويو آهي جيئن ڪا مڏي سڙندي آهي، سڪ ۾ سڙڻ وارو جاندار آهي کيس سڪ جو احساس آهي تڏهن ئي هو جاڳي پيو گذاري پر سندس مشابهت مڏيءَ جي باهه ۾ سڙڻ هڪ جھڙو ڪونهي تنهن ڪري اها تشبيهه سراسر غلط چئبي.... !!
    ان کان سواءِ هڪ ڪتاب مان ڪجھه هي سٽون به ظاهري طور تي ڪنهن ڪاريگر جي هٿ لڳڻ جون گهرجائو آهن:
    1ـ اسان جي اميدن کي پاڻي نه ڪر
    غمن ۾ اسانجي ڪهاڻي نه ڪر
    2ـ ڪن کي ملي نه ٿو هٿ حيلن هزار سان
    ڪنهن کي وري ملي ٿو ڪنهن باس کان بنا
    3ـ آس هڪڙي جڏهن ٽٽي منهنجي
    آس اهڙي وري مزيد نه ٿي.
    4ـ ڪٿي يار ڀاڪر ۾ آهي ڀري،
    ڪٿي يار خالي ڀري ٿا ڏسون.
    5ـ اسان کي مليو آ يقين ڪنهن کان تڏهين
    اسان نفس پنهنجو بهاري ڇڏيو آ.
    ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي سينيئر شاعر ڪوثر ٻرڙو صاحب جا جملا آهن ته:
    هن نوجوان شاعر پنهنجي جوڀن ۾ پنهنجي پيار ۽ پريت جون ڳالهيون من موهڻي انداز ۾ ڪيون آهن. سندس هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ تمام سٺي موٽ ۽ مڃتا جو حق رکي ٿو. آئون اهو حق کسڻ جي ڪوشش نه ٿو ڪريان .
    ***


    اياز گل جي نثري ادب جو مختصر جائزو

    اياز گل جي نثري ادب جو مختصر جائزو

    سنڌي ٻوليءَ ۾ نثر جي شروعات بابت ڪجھه اختلاف آهن، هڪڙا چون ٿا ته راجا ڏاهر جي لکيل خطن کي سنڌي نثر مڃڻ گھرجي. ٻيا چون ٿا ته شاهه ڪريم ۽ مخدوم نوح جي ملفوظات ۾ آيل فقرن کي سنڌيءَ جو ابتدائي نثر مڃڻ گھرجي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي مطابق سنڌي نثر جي شروعات آخوند عزير الله قرآن مجيد جو ترجمو ڪري ڪئي، منهنجي راءِ آهي ته سنڌي ادب ۾ نثر جي ابتدا انگريزي دور جي پئدائش آهي. ڇاڪاڻ ته 1856ع ۾ سنڌي زبان جي صورت خطي مقرر ٿي ۽ ان بعد سنڌي درسي ڪتاب تيار ٿيا. جن ۾ تاريخي سماجي ۽ اصلاحي مضمون (سبق) ڏنا ويا. 1861ع ۾ مرزا محمد صادق پهرين سنڌي اخبار جاري ڪئي جنهن سان سنڌ نثر کي تمام گھڻي هٿي ملي.
    شروعاتي دور جي نثر نويسن مان مرزا قليچ بيگ، محمد هاشم مخلص، مولانا فتح محمد سيوهاڻي، پير علي محمد شاهه راشدي ۽ سيد ميران محمد شاهه کانسواءِ ٻيا کوڙ نالا اچي وڃن ٿا. جن سنڌي نثر کي ترقي وٺرائي. ان کان علاوه ڊاڪٽر بلوچ، غلام علي الانا، انعام شيخ، قمر شهباز آغا سليم، امين لاکو، حزب الله آءِ سومرو، الطاف شيخ، برڪت بلوچ ۽ شريف شاد سومرو کانسواءِ اياز گل جو نالو به نثر نويسن ۾ شامل ٿئي ٿو.
    ڇهين مارچ اڻويهه سئو اڻهٺ تي اتر سنڌ جي مشهور شهر سکر ۾ جنم وٺندڙ ايار علي دل، سنڌي ادب ۾ پنهنجي شاعري طور گھڻو مشهور ۽ مقبول آهي پر نثر نويسي ۾ پڻ پنهنجو مقام رکي ٿو، هن ٽي نثر جا ڪتاب ترتيب ڏنا آهن جن ۾ سکر جون دايون پوان شل قبول شامل آهن. اياز گل جون لکيل 10 ڏهه ڪهاڻيون جن مان زنگ لڳل زندگي ۽ تڏهن ملنداسين، مشهور آهن جيڪي سهڻي رسالي جي مختلف پرچن ۾ ملن ٿيون.ان کانسواءِ اسان جي هن ڀلوڙ ليکڪ سائين اياز گل مختلف اديبن ۽ شاعرن جي لڳ ڀڳ ويهن ڪتابن جا مهاڳ پڻ لکيا آهن، جن مان عبدالواحد آريسر جي ڪتاب ” ماڻهو مينگھه ملهار“ پارس حميد جي مجموعي ”هٿ ترن تي روشن ڏک“ ۽ شاهن سمنگ جي ڪتاب ”هوا پيغام آندو آ“ جا مهاڳ شامل آهن. ان کان سواءِ سندس تحقيقي مقالا پڻ مختلف پرچن ۾ ڇپيل نظر اچن ٿا. تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ ۾ علامتون يا اهڃاڻ يا وري” لطيف سائين جي چند تارن سان رهاڻ“ جي عنوان هيٺ لکيل سندس مضمون پڙهڻ وٽان آهن.
    عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ پاران سال 2002ع ۾ ” اياز گل “ کي جيڪو تنوير عباسي ايوارڊ مليو اهو به سندس نثري صلاحيتن جي مڃتا جو ثبوت آهي، تنوير عباسي جي هڪ شعر، هرڪو ماڻهو موتي داڻو، هر ڪا دل هيرن جي کاڻ جي تشريح ڪندي اياز گل پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته: هن شعر ۾ انسان جي عظمت کي چٽيو ويو آهي، هر خرابيءَ جو خول لاهي انسان جي چهري جي خوبصورتيءَ کي پڌرو ڪيو ويو آهي، چانڊاڻ علامت آهي، اکين کي وڻندڙ عڪس ، سڪون ڏيندڙ احساس جي ۽ من مکڻ چاڻو انسان جي اندر جي اڇاڻ، نرم ۽ نازڪ سڀاءُ ۽ نزاڪت کي ظاهر ڪري ٿو. اکين تان بغض ۽ حسد جا کوپا لاهي صاف دليءَ سان ڏسبو ته هو صحيح معنيٰ ۾ اشرف المخلوقات“ نظر ايندو. ڪتاب جي شروعات ۾ پنهنجي پاران لکيل اياز گل جون سٽون پڙهڻ کان پوءِ اهو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي ته هن جي دل احساس ۽ جذبات کان خالي نه آهي. منهنجا خواب جي عنوان هيٺ هيئن لکي ٿو ته: ۽ مان خوابن کي ئي ڏسان ٿو: سان گذري ويا آهن. خوابن ڏسڻ جو عمل جاري آهي. منهنجي شاعري منهنجي خوابن جو ئي هڪ روپ آهي، اهي خواب جيڪي ڪڏهن چوريءَ اچي نيڻن ۾ رين بسيرو ڪندا آهن ته ڪڏهن وري ڏينهن ڏٺي جو انڌيءَ وانگي زوريءَ در کولي اکڙين ۾ گھري ايندا آهن، ڪوشش ڪئي اٿم انهن خوابن جي ٻنهي روپن جو لفطن ۽ احساسن جي خوبصورت گھر ۾ آڌر ڀاءُ ڪري سگھان. ( توبن ڪهڙا ڇانورا صفحو9 )
    ڪارو ڪاري وارو عمل عزت کان وڌيڪ ملڪيتون ڦٻائڻ، دشمنيون نڀائڻ ذاتي انائن کي تسڪين لاءِ آهي. ان عمل جي جيتري مذمت ڪجي گھٽ آهي، منهنجي خيال ۾ ان کي رسم چوڻ به غلط ٿيندو. باقي پريمي جوڙن جي حوالي سان اخبارن ۾ جيڪي ڪجھه اچي ٿو مان ان کي سٺو نٿو سمجھان ٻن پيار ڪرڻ وارن کي گڏ گھارڻ جو موقعو ضرور ملڻ گھرجي ۽ ٻنهين خاندانن طرفان سندن جذبن جو احترام پڻ ڪرڻ گھرجي پر فلمي اداڪارن وانگر فوٽو ڇپائي پنهنجي خاندان کي رسوا ڪرڻ وارا بيان ڏئي ڪو به پريمي جوڙو بهتر آئيندي جو ٻج ڪونه ٿو ڇٽي ( ماهوار ادب اياز گل نمبر)
    اياز گل جي نثري لکڻين جو انداز بيان ۽ زبان جو استعمال بي حد پيارو ۽ وڻندڙ آهي. هي ليکڪ جڏهن مضمونن ۾ پنهنجا خيال ۽ نظريا پيش ڪري ٿو تڏهن هن جي تحرير ۾ ڪا پيچيدگي ڪا نه ٿي ٿئي ۽ هڪ سلجھيل انداز ۾ پنهنجي نقطئه نظر کي بيان ڪري ٿو وڃي. مثال لاءِ سندس هڪ مضمون مان هي سٽون پڙهون ٿا. ”جوانيءَ جي دور ۾ هر انسان ڏکئي وقت مان گذرندو آهي. جواني جيئن جذبات جوش، جدت ۽ شدت سان زندگيءَ ۾ داخل ٿيندي آهي ته تمنائن جا طوفان کڙا ٿي پوندا آهن ۽ مجازي محبت جا مچ مچي پوندا آهن. هر شيءِ پرين جي پار جا پنڌ ۽ پيچرا پڇائبا آهن، انتظار ۽ اوسيئڙو اکين ۾ جاڳي پوندو آهي، دل ۾ درد دونهين دکائي ڇڏيندو آهي، اهڙي حالت ۾ اهو لازمي ٿي پوندو آهي ته پنهنجي دل جي ڳالهه ڪنهن طرح ٻين تائين پهچائجي.“ ( ڀٽائي تحقيقي جنرل 6 صفحو 73 )
    هونئن به هي چوڻي گھڻي مشهور آهي ته اگھي ته پاءُ نه ته مڻن کي ئي موٽ. ان وانگر ڪن ليکڪن جون ڪي سٽون من ۾ پيهي وينديون آهن، جن کي ڪڏهن به وساري ڪونه سگھبو آهي. منهنجي دعا آهي، ته اياز گل سنڌي ادب جي باغيچي ۾ سدائين رابيل ۽ گلاب وانگر مهڪندو ۽ مرڪندو رهي. آمين.
    ***


    مير عبدالرسول ” مير“ جي ڪتاب ”سونهن ورونهن“ جو جائزو

    مير عبدالرسول ” مير“ جي ڪتاب ”سونهن ورونهن“ جو جائزو

    سنڌ جي موجوده شاعرن ۾ ” ڪافي گو“ شاعر جي بهترين سڃاڻپ رکندڙ شاعر مير عبدالرسول ” مير“ جو شعري مجموعو ”سونهن ورونهن“ شايع ٿيو آهي، جنهن کي روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو وارن شايع ڪرايو آهي.
    خوبصورت ٽائيٽل پڪي جلد سميت 256 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيه رکي وئي آهي. ”سونهن ورونهن“ ۾ مير صاحب جا تقريبن 124 بيت، 21 وايون، 43 ڪافيون، 52 غزل، 10 گيت، 47 ننڍا وڏا نظم، ۽ 50 ٽه سٽا ۽ چوسٽا شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ نامياري شاعر امداد حسيني لکيو آهي. امداد حسيني هن تفصيلي مهاڳ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته مير عبدالرسول ” مير “ هڪ شاعر آهي جنهن کي لقب، القاب جي ڪا به لوڙهه نه آهي. ” مير “ هڪ منو ٿي پڙهڻ / ٻڌڻ جھڙو شاعر آهي. سنڌ جي سريلن فنڪارن سندس ڪافيون وڏي چاهه سان ڳايون آهن. جن ۾ محمد يوسف، انور حسين وسطڙو، ڦوٽو زرداري، ممتاز لاشاري، برڪت علي ڀٽ، وحيد علي، اياز علي، منظور سخيراڻي، مصري فقير، عابده پروين ۽ حميرا چنا کانسواءِ ٻيا شامل آهن. امداد حسيني لکي ٿو ته، نه ڇپجڻ ۽ ادبي تقريبن ۾ عدم شرڪت جا فائدا به آهن ته نقصان به. مير کي ان جو فائدو ته اهو ٿيو آهي ته هو ڪنهن به ڪنٽرورسي ۽ ادبي گدلاڻ کان بچي ويو آهي ۽ نقصان اهو ته شاعريءَ جي حوالي سان هن جو نالو ايترو نٿو ورتو وڃي جيترو هو لهڻي!
    هن ڪتاب جو خالق ” جوئي آهيان سوئي آهيان“ جي عنوان هيٺ لکي ٿو ته مان شاعريءَ کي ” گفٽ آف گاڊ“ سمجھان ٿو. شاعري، موسيقي ۽ مصوري انسان جون اعليٰ خوبيون ليکجن ٿيون. تخليقڪار راتين جون راتيون اوجاڳا ڪري پنهنجي خاموش آواز يعني تخليق کي قلم سان زبان ڏئي تحرير جي صورت ۾ ماڻهن تائين پهچائي ٿو. مير صاحب اڳتي لکي ٿو ته هونئنءَ ته شاعري جون سڀئي صنفون سون سريکيون آهن پر ” ڪافي“ سون تي سهاڳي مثل آهن.
    ڪافيءَ جو رشتو شاعر جي داخلي ۽ ذاتي پيڙا سان هوندو آهي. ڪافي وجداني يا بي خوديءَ جي عالم ۾ ڳائي يا لکي ويندي آهي ته ڪڏهن روئندي به لکي ويندي آهي. نامور اديب شمشير الحيدري ” سونهن ورونهن“ جي شاعر لاءِ لکي ٿو ته مير عبدالرسول ” مير“ عامياڻي نه پر عوامي شاعري ڪري ٿو. وٽس وطن جي حب به آهي ته انسان دوستي به آهي ۽ آزادي ۽ امن جا امنگ به آهن. مير مڪمل طرح سنڌ جي سجاڳ ۽ سڄاڻ شاعرن جو ساٿاري آهي. سندس ڏات ۾ سچ به آهي ته ڏانءُ به آهي.
    اديب تاج جويو هن ڪتاب جي صفحي نمبر 44 تي لکي ٿو ته مير صاحب جا بيت ثقافتي سونهن جا اعليٰ مثال آهن ۽ انهن ۾ خيال جي جامعيت به ثقافتي سونهن جيتري موجود آهي. بلاشڪ ” مير“ هن دور جي بيت لکندڙ شاعرن ۾ وڏو شاعر ليکجي سگھي ٿو. مير عبدالرسول ” مير“ جا ڪجھه بيت هن ڪتاب منجھان ڏجن ٿا:

    بيت
    کيڙيان ويٺو کيت، سوچن سندا سنڌ ۾
    هي جي منهنجا بيت، آئيندي جو آجپو،

    ساڃهه رکي سچ جي سورهيه ٿي سجاڳ،
    نيٺ ته ملندو ماڳ، سوڀيان ٿيندي سچ جي.

    ڀينر جنهن کي ڀونءِ جو خاصو آهي خيال
    اندر جو احوال ان سان اوري اورجي.

    ”سونهن ورونهن“ جي صفحي نمبر 65 تي خاڪي جاني لکي ٿو ته مير عبدالرسول ”مير“ جي ٻي شاعريءَ جيان سندس واين ۾ به سنڌ جي موجوده سماجي شعور جي ڀرپور جھلڪ ملي ٿي. سنڌي قوم کي اسان جي هن شاعر ۾ وڏيون اميدون آهن ۽ پڪ سان سندس ڏات ڏاهپ جي ڏياٽي هيٺ هن اونداهي سماج کي روشني ڏيندي.
    مجموعي ۾ شامل واين مان ڪجھه چونڊ سٽون:

    وائي
    هڪڙو ناهيان آءُ
    سنڌ سموري سور آ
    ڪان ڪان ڪري ڪانءُ
    سنڌ سموري سور آ

    وائي
    ٿڪو ناهي ٿر،
    تون ڇو ماندي مارئي
    وسندا مينهن ملير تي
    برسي پوندو بر
    تون ڇو ماندي مارئي
    ڏس هوءَ ڪني سج جي
    اڀري ٿو اوڀر
    تون ڇو ماندي مارئي

    هن مجموعر جي صفحي نمبر 90 تي سنڌ جو ناميارو شاعر تاجل بيوس پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته: ”مير جھڙي پڪي پختي ڪافي“ لکڻ هر شاعر جي وس ۾ آهي ئي ڪونه، سندس ڪافين مان مون لاڙڪاڻي جي زيتونن، ميرپورخاص جي انبن، گھوگھاري جي سڳداسي چانورن، خيرپور جي کارڪن ۽ ڀٽ شاهه جي صوفي اوتارن جي گلن جي خوشبوءِ ايندي آهي“
    هونءَ ته اڪثر شاعري پهريان ڇپجندي آهي ۽ پوءِ ڳائبي آهي پر ”مير“ جون ڪافيون هن ڪتاب ۾ ڇپجڻ کان اڳ سنڌ واسين ۾ مقبول ٿي چڪيون آهن. ”مير“ جي ڪافين مان ڪجھه چونڊ ٽڪرا پيش ڪجن ٿا:
    تنهنجو ناهي جواب
    تارن ۾ تون چنڊ لڳين ٿو
    اها آس اند ۾ يار اٿم،
    تون ڀر ۾ هين توسان پيار ڪيان،
    توکي ياد ڪري ساري رنم
    سج اڀري ويو اک ڪانه لڳم
    ”سونهن ورونهن“ جي صفحي نمبر 136 تي سنڌ ڌرتيءَ جو سريلو ۽ سيبتو شاعر ” اياز گل“ پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته: مير عبدالرسول ” مير“ جا غزل پڙهي مون کي خوشگوار ۽ خوبصورت حيرت ٿي آهي. سندس غزلن ۾ نوان سر ۽ ساز سمايل آهن. ڀرپور ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ شاعريءَ جا اولڙا چٽا ڏس ۾ اچن ٿا. پيار ان جو ڦهلاءُ، انفرادي ۽ اجتمائي پيڙائون، ڌرتيءَ وارن جا دک، ملڻ، وڇڙڻ ۽ وڇڙي ملڻ جذبن جي هڪ انڊلٺ آهي. جيڪا مير جا غزل پڙهي ذهن جي اڀ تي ٺهي ٿي وڃي. گھرائي ۽ نواڻ اهي ئي ٻه ڳالهيون آهن، جيڪي هڪ سٺي غزل جو بنياد جزو آهن. مير عبدالرسول ”مير“ وٽ اهي اسان کي عام جام ملن ٿيون.
    ”سونهن ورونهن“ ۾ شامل مير جي غزلن منجھان ڪجھه سٽون:
    اسان پنهنجا جذبا مٽيا ڪين آهن،
    اوهان ساڻ ناتا مٽيا ڪين آهن،
    ڪتن جي غريبن تي ساڳي اڃا بڇ
    وڏيرن جا واٺا مٽيا ڪين آهن.

    سونهن کي سينگارجي ڇا جي ڪري
    عطر گل تي هارجي ڇا جي ڪري
    کير جھڙي رات ۾ اي دوستو،
    ڪنهن ڏيئي کي ٻارجي ڇا جي ڪري
    ”مير“ مدهوشيءَ ۾ گذري زندگي
    هوش هاڻي ڌرجي ڇا جي ڪري.
    ناليوارو شاعر عنايت بلوچ پڻ صفحي نمبر 190 تي پنهنجي راءِ ڏيندي هينئن لکي ٿو: ”مير عبداالرسول ”مير“ جي سڀني صنفن جيان مون کي سندس گيت به نکريل، نسريل ۽ سرنهن جي گلن جيان ڦولاريل نظر اچن ٿا. ” مير“ جا گيت پڙهڻ سان پڙهندڙ جي دل ۽ دماغ م سريلو سنگيت گونجي ٿو.“ ڪتاب ۾ شامل گيتن منجھان ٻن گيتن جون سٽون حاضر آهن.
    مون کي تنهنجون سارون سهڻا،!
    ڄڻ ڪي مينگھه ملهارون سهڻا،!
    ”مير“ وصل جون واڳون واري،
    دردن جو ڪر دارون سهڻا!
    ڪتاب جي شروع ۽ آخر ۾ مخدوم ”طالب الموليٰ “ مختيار ملڪ، محمود مغل ۽ نصير مرزا جا رايا پڻ شايع ڪيا ويا آهن. ڇپائي ۽ مواد جي حوالي سان هي ڪتاب سچ پچ هڪ بهترين ڪتاب آهي. منهنجي خيال مطابق ”مير“ صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ سمورين صنفن سان انصاف ڪيو آهي. هن لفظن کي هروڀرو دٻليءَ ۾ بند نه رکيو آهي. سندس نظم، ٽه سٽا ۽ چوسٽا به پڙهڻ وٽان آهن. جن ۾ به سڪ، سونهن، سچ ۽ سنڌ جي ڳالهه آهي، مان سمجھان ٿو ته هي ڪتاب سنڌي شاعريءَ ۾ اڳتي هلي ضرور مڃتا ماڻيندو ۽ ڪارائتو ثابت ٿيندو.
    ***


    غني غمدل جي شاعريءَ تي هڪ نظر

    غني غمدل جي شاعريءَ تي هڪ نظر

    نئين ٽهيءَ جا نوجوان شاعر سٺو ٿا لکن پر سندن لکڻين ۾ فني ۽ فڪري کوٽ ڪافي حد تائين محسوس ٿئي ٿي، اهو ان ڪري جو نوجوان پنهنجون لکڻيون ڪنهن سينيئر کي نٿا پڙهائين ( اصلاح نٿا وٺن). مون سنڌو ڊائجسٽ ۾ غني غمدل جي شاعري پڙهي آهي، هي شاعر محنت ڪندي اڳتي اڀرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

    آئون سندس شايع ٿيل شاعريءَ تي بحث ڪرڻ چاهيان ٿو ته جيئن شاعر جي اصلاح ٿي سگھي.

    وائي
    نيٺ ته ملندي هوءَ، ڄامشوري جي پل تي
    هٿڙو ڏئي هٿ ۾
    مون سان گھمندي هوءَ،
    ڄامشوري جي پل تي،
    گلابن جا گل اڄ
    مون کي هڻندي هوءَ،
    ڄامشوري جي پل تي،
    غمدل تنهنجو چاهه مان،
    نالو کڻندي هوءَ،
    ڄامشوري جي پل تي
    وائيءَ جي باري ۾ جيڪي روايتون ملن ٿيون، انهن مطابق اهو هندي لفظ ”واڻي“ يا ”ٻاڻي“ مان نڪتل آهي ، يا پراڪت لفظ ” وايا“ يا سنسڪرت جي لفظ ”ورت“ يا عربي جي لفظ ”واءِ“ مان ورتو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ”ڳالهه ٻولهه“ جيئن سنڌيءَ ۾ چيو ويندو آهي ”چڱي وائي ڪر“
    مخدوم طالب الموليٰ جي چوڻ مطابق ” وائي“ بيت، مدح يا سنڌي قصيدن مان ٺهي آهي، ڇو ته انهن ٽنهي صنفن جو گھاڙيٽو ساڳيو آهي.
    غني غمدل پنهنجي مٿين وائيءَ ۾ ”ڇوڪري“ کي موضوع بڻايو آهي. وائي ۾ تمام سطحي قسم جون سوچون لکيون اٿائين، جيئن هوءَ مون سان ڄامشوري پل تي گڏجي گھمندي سو به هٿ هٿ ۾ ڏئي، گلابن جا گل هڻندي ۽ منهنجو نالو چاهه مان کڻندي سڄي وائي پڙهڻ بعد معلوم ٿئي ٿو ته هي شاعر زلف جي قيد ۽ بند کان اڃا تائين آجو نه ٿيو آهي ۽ تڏهن ئي ته سندس وائيءَ ۾ ڪي به ڇرڪائيندڙ احساس سمايل نه آهن.

    غزل
    بهار آيو نه يار آيو، اسان جي دلڙي رڙي پئي آ
    سکن اسان کان ڦٽائي ياري، اسان جي دلڙي ڀري پئي آ
    اڙي زمانا ميار توتي، اسان جي ناهي خدا ٿو ڄاڻي،
    ڏکن مٿان جي ها ڏکڙا آيا، اسان جي دلڙي ڏري پئي آ،
    وفا اوهان ۾ رهي نه آهي، اوهان تي ڪائي ميار ناهي،
    نه باهه هاڻي وسامي سگھندي، اندر ۾ جيڪا ٻري رهي آ،
    ميار ڪهڙي اوهان تي آهي، ميار ڪهڙي ڏجي انهن کي،
    نه ڳار ايڏو تون ڳڻتين ۾ اڳيئي دلڙي ڳري پئي آ.

    مٿئين غزل ۾ غمدل ابتا سبتا حوال ڪري قافين جي پورائي ڪئي آهي ۽ هروڀرو ساڳيون ڳالهيون ورجايون آهن. غزل جي شروعاتي هيٺين سٽ ۾ چيو اٿائين ته ”دل ڀري پئي آ“ واضح نه ڪيو اٿائين ته دل خوشين سان ڀريل آهي يا غمن سان، ساڳئي غزل ۾ هڪ ٻي وڏي ڪچائي هيءَ به آهي ته ميار ناهي، ميار ڪهڙي ، ميار ڪهڙي ڏجي، وارو جملو هر هر ۽ هروڀرو ورجايو آهي. جنهن مان شاعر جي ذهني وسعت ظاهر ٿئي ٿي. غمدل جو هڪ ٻيو غزل پڙهون ٿا، جيڪو پڻ ڇپيل آهي:

    غزل
    ڌاڙيلن جا يار هزارين
    چورن جا سردار هزارين
    دل جو گل ڪوماڻيل آهي،
    ڇا پو ڪندا بهار هزارين،
    سنڌو ۾ جو پاڻي ناهي،
    اس تي پيا هن ڄار هزارين،
    ڪيئي ڪونڌر ڪسجي ويا هن،
    روئندا وتن ٿا ٻار هزارين.

    هن غزل ۾ ”غني غمدل“ ديس جي درد جي ڪٿا بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. فڪري حساب سان هي غزل ايترو سٺو ڪونهي، ڇاڪاڻ ته غزل ۾ ڏنل تشبيهون تمام ساديون ۽ بي مقصد آهن، مثال سنڌوءَ ۾ جو پاڻي ناهي اس تي پيا هن ڄار هزارين، شاعر سنڌوءَ ۾ پاڻي ناهي جي ڳالهه ڪندي احساس ڏياريندي چوي ٿو ته اس تي ڄار پيا آهن، هيءَ ڪا ڇرڪائيندڙ تشبيهه ڪانهي، ڄار اس تي چوڻ بجاءِ ڌرتي اڃاري ڏيکاري ها، پوکون سڪندي سڙندي ڏيکاري ها، مال متاءُ اڃ مرندي ڏيکاري ها، ته پڙهندڙن کي سنڌوءَ جي سڪڻ جو احساس به ٿئي ها. ”غمدل“ ڄار اس ۾ پيل ڏيکاريا آهن، اها ڪا دل کي ڇهندڙ تشبيهه ته ڪانهي.
    ڪيئي ڪونڌر ڪسجي ويا هن،
    روئندا وتن ٿا ٻار هزارين.
    شاعر ڪونڌر ڪسجي وڃڻ بعد ٻارن کي روئندو ڏيکاريو آهي. ٻارن جو روئڻ ۽ کلڻ فطري عمل آهي، اڃ بک، سيءَ تپ ۾ به ٻار روئندا آهن، هونئن به ” روئندا وتن ٿا ٻار هزارين“ سٽ گردان ۾ وڌي ٿي وڃي، تنهن ڪري هنن سٽن کي هينئن لکجي ته:
    ڪيئي ڪونڌر ڪسجي ويا هن
    ٻاڪارن ٿا ٻار هزارين
    غزل جي شروعات واري تشبيهه به غلط آهي. سٽون ٻيهر لکون ٿا:
    ڌاڙيلن جا يار هزارين
    چورن جا سردار هزارين.
    مٿين سٽن ۾ هيٺين سٽ چورن جا سردار هزارين ڪا خاص معنيٰ نٿي ڏئي، جيڪڏهن هينئن لکجي ته بهتر ٿيندو. مثال
    ڌاڙيلن جا يار هزارين،
    چورن پاٿاريدار هزارين.
    جيڪڏهن نئين ٽهيءَ جي شاعرن جي لکڻين تي جائزو تنقيد/ اصلاح نه ٿي ته سندن لکڻين ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي فني ۽ فڪري ڪوتاهيون رهجي وينديون. پوءِ ائين ئي ٿيندو ته اڳتي هلي سندن سموري ڪمائي نيٺ ” پاڻي ولوڙڻ“ ثابت ٿيندي.
    ***


    عبدالرحمان مهيسر : شخصيت، فن ۽ فڪر تي هڪ نظر

    عبدالرحمان مهيسر : شخصيت، فن ۽ فڪر تي هڪ نظر

    سگهڙ عبدالرحمان مهيسر ولد حافظ محمد صالح پهرين نومبر 1945ع تي خيرپور ميرس جي ڳوٺ رفيق مهيسر ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي ديني تعليم پنهنجي والد محترم وٽان حاصل ڪيائين جتي هو ناظره قرآن شريف ۽ پنج پاره حفظ ڪري سگھيو ۽ پوءِ انگريزي تعليم ميٽرڪ تائين حاصل ڪيائين. سگھڙائپ ۾ سندس ابتدائي استاد سنڌ جو مشهور سگھڙ حاجي فقير مهيسر هو ۽ پوءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي صحبت به کيس رنگ لاتو.
    پاڻ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، خيرپور ۽ ڪراچي تان ڪيترائي پروگرام ڪندو رهيو. جڏهن ته پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي تي سنڌي پروگرامن جھڙوڪ مهراڻ رنگ، سنڌ سينگار، اوطاق، ڪچهري ۽ رس رهاڻ ۾ پاڻ ملهائي لوڪ ادب جي وڏي خدمت ڪندو رهيو. سندس اهڙي خدمت عيوض کيس حياتي ۾ ئي ڪيترن ايوارڊن سان نوازيو ويو، جنهن ۾ بهترين سگھڙ جي حيثيت ۾ سچل سرمست ايوارڊ 1994ع ۾ سنڌ سگھڙ ڪانفرنس ٽنڊوآدم سنه 1985ع ۾ لطيف ايوارڊ کانسواءِ ٻيا کوڙ ايوارڊ، ٽرافيون ۽ سرٽيفڪيٽ شامل آهن. هي فقير 7 مئي 2007ع تي وفات ڪري ويو.
    فن:
    ڪتاب مهيسر جي مام جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته سگھڙ عبدالرحمان مهيسر سنڌ جي انهن ناميارن سگھڙن مان آهي. جن پنهنجي اعليٰ سگھڙ پائي جو نالو روشن ڪيو.
    عبدالرحمان مهيسر کي بيت لکڻ تي عبور حاصل هو. هو ويٺي ويٺي پنهنجو بيت جوڙي وٺندو هو. اهڙي طرح سندس مهل موقعي جا بيت پڻ پڙهڻ جھڙا آهن. هن بيت ڪافيون، حمد، نعتون، لکيون، جيڪي سندس ڪتاب مهيسر جي مام ۾ ڏنل آهن. ان کانسواءِ ٽيهه اکري ۾ نبي سڳوري جي صفت، معجزو، هرڻيءَ وارو ڀٽائي ڀلارو، آجيان جا بيت، سينگار جي شاعري، ڏور، ڏٺ، پرولي، سريتيون ڳجھارتون پڻ تمام سهڻي نموني لکيون اٿائين. ايتري قدر جو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب سنڌي هنر شاعري ۾ به هنر جا بيت سگھڙ عبدالرحمان مهيسر جا ڏنا آهن. ان مان سندس فن جي بلندي ظاهر ٿئي ٿي.

    فڪر:
    فڪري حوالي سان هي فقير نهايت ڪشادو ذهن رکندڙ نهايت سچو انسان هو. سندس بيتن مان سڪ سونهن ۽ محبت جا موضوع جھلڪندا نظر اچن ٿا. پاڻ هڪ سچي مسلمان هجڻ جي ناتي سچي سرور محمد مصطفيٰ صه جن جي شان ۽ عقيدت ۾ هينئن لکي ٿو.
    يا محمد مصطفيٰ عاصين اڙين آڌار تون،
    انبيائن اوليائن سڀني سندو سردار تون.
    فقير عبدالرحمان کي 9 مئي 1988ع تي ( 23 رمضان المبارڪ) مديني شريف روضي پاڪ جي زيارت نصيب ٿي ۽ اتي هيٺيون سلام پيش ڪيائين. جنهن مان نموني طور ڪجھه سٽون ڏجن ٿيون.
    مٺا مير مرسل تون مدني موچارا،
    سلام توتي سائين آ سرور سونهارا.
    اهڙي طرح هن فقير جي ڪلام ۾ محبت ڀريون ڳالهيون ملن ٿيون. پاڻ محبت ڀرين محفل ۾ ويهڻ پسند ڪرڻ ڪري ٻين ماڻهن کي به اهڙين محبتي ماڻهن جي محفلن ۾ ويهڻ لاءِ نصيحتون ڪندو هو. سندس بيت ۾ به اهڙو پيغام موجود آهي.
    چوي ٿو ته:
    محبتن جي مجلس ڏي ڪڏي وڃ ڪهي،
    اجائين پيو افراد تون وڃائج ڪين وهي،
    قربدارن جي ڪچهريءَ مان ايندين لعل لهي،
    پوءِ سڏبين سگھڙ سهي اوڙي پاڙي عبدالرحمان چئي.
    هي فقير پير سائين پاڳاري جو مريد هو. پنهنجي مرشد جي

    لاءِ چيل سندس شاعري پڻ پڙهڻ جھڙي آهي. لکي ٿو ته:
    مٺو مرشد موچارو آهي منهنجو پير پاڳارو،
    اچي ٿيو نسنگ نروارو، ڪامل ڪلنگي وارو،
    جھڙس جڳ ۾ ڪونهي جاني ڏينهن سارو سندس ڏاني
    صورت ۾ ڪو ڪونهي ثاني ڀلي ڏسو ملڪ سڀ سارو.

    هن وقت فقير عبدالرحمان مهيسر جسماني طور اسان وٽ موجود ڪونه آهي پر سندس فڪر اسان سان گڏ آهي. هونئن به اهڙن سالڪن کي موت ڇا ماريندو.
    ***


    ”اسين ناهيون اوپرا“ جو تنقيدي جائزو

    ”اسين ناهيون اوپرا“ جو تنقيدي جائزو

    آڪٽوبر 2008ع ۾ نوجوان شاعر نياز ملاح جو شعري مجموعو ” اسين ناهيون اوپرا“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتو آهي. ” اسين ناهيو اوپرا“ 111 صفحن تي مشتمل شعري مجموعو آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر بشير احمد شاد لکيو آهي. جڏهن ته مجموعي جي پٺئين پاسي سرڪش سنڌي، اختر درگاهي ۽ سميع بلوچ جون ڪجھه سٽون ڏنيون ويون آهن. ڊاڪٽر بشير احمد شاد مهاڳ جي آخري سٽن ۾ لکي ٿو ته ” نياز ملاح جديد سنڌي شاعري ۾ نئين ٽهيءَ جي اڳرن شاعرن مان پنهنجي وک اڃا تيز ڪرڻ لاءِ جاکوڙي رهيو آهي پر مان کيس ايترو ضرور مشورو ڏيندس ته مقدار جي موهه ۾ ڦاسڻ بدران معيار جي موهه واري مومل تي پنهنجا نيڻ ڄمائي رکندو ته سنڌي شاعري جي تاريخ سندس نالي ۽ حوالي کي ڪڏهن به نظر انداز نه ڪندي.
    مون کي چڱي ريت ياد آهي ته 2 سيپٽمبر سال 2006ع جي رات جو گمبٽ ۾ نياز ملاح جي مجموعي ” چنڊ، هوا ۽ نياز“ جي مهورتي تقريب ٿي هئي، جتي نامياري شاعري تاجل بيوس پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته مون ”چنڊ هوا ۽ نياز“ جو مطالعو ڪيو آهي. ڪتاب ۾ هر صفحي تي نياز جي بي وزني شاعري موجود آهي، نياز کي اڃان ڇهه مهينا پڙهڻ گھربو هو. سندس شاعري ۾ جمالياتي قدر نه آهن، ٻين جو درد گھٽ آهي، نياز جيڪڏهن ڌرتي ۽ جنم ڀوميءَ کي محبوب بڻائي ها ته سندس فڪر ۾ رنگ جھلڪندو نظر اچي ها“
    هن وقت جڏهن نياز جي هن مجموعي ” اسين ناهيون اوپرا“ تي نظر ڦيرائجي ٿي ته اهو ئي معلوم ٿئي ٿو ته نياز ملاح صاحب معيار بدران مقدار پٺيان ڊوڙ پائي رهيو آهي. وزن بحر جي گھرڙ گھوٽ کان هٽي ڪري ڏسبو، تڏهن به نياز جي هن شعري مجموعي ۾ گھڻيون ئي فڪري ڪوتاهيون نظر اچن ٿيون. صفحي نمبر تي سندس وائي آهي:
    سر جي سين هڻي
    ٻيجل ٻاراڻي ڪئي
    جھونا ڳڙهه جلي ويو
    پوءِ به نه بات بڻي
    ٻيجل ٻاراڻي ڪئي
    وائي جي وراڻي ” ٻيجل ٻاراڻي ڪئي“ ڪجھه سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي، نياز کي اها به ڄاڻ آهي ته جھونا ڳڙهه جو راڄ ڌڻي راءِ ڏياچ هو، جنهن سان راجا انيراءِ سورٺ جي سڱ تي جنگ ڪئي. ( سورٺ انيراءِ جي ڌيءَ هئي) ٻارنهن مهينا گھيرو ڪرڻ کانپوءِ به جڏهن انيراءِ کي سوڀ نصيب نه ٿي ۽ آخر موٽي ٿالهه مهرن سان ڀري سڄي ملڪ ۾ هوڪو ڏياريائين ته جيڪو راءِ ڏياچ جو سر وڍي ايندو، تنهن کي هي ٿالهه ملندو. ٻيجل جي زال اهو ٿالهه وٺي رکيو ۽ وچن ڏنائين ته ” گھوڙم راءِ ڏياچ جو سر وڍي ايندو“ ٻيجل لاچار ٿي سرندو سينگاري جھونا ڳڙهه ڏانهن راهي ٿيو ۽ راءِ ڏياچ جي محل وٽ رسي تند تنواريائين. سندس سرندي جي آواز راجا جي دل کي گھائي وڌو ۽ اهڙي طرح ٻيجل سرندو وڄائي هڪ سخي انسان جو سر وڍيو.
    محترم نياز ملاح به پنهنجي هن وائي ۾ انهيءَ ئي واقعي کي مرڪز بڻايو آهي، جيڪو ٺيڪ آهي پر وائيءَ جي وراڻي ۾ ٻيجل ٻاراڻي ڪئي ـ ٻيجل ٻاراڻي ڪئي“ واري سٽ بلڪل غلط آهي، ڇاڪاڻ ته ٻار ٻارائپ ۾ ڪا غلطي به ڪندا آهن پر سندن من ميرو ناهي هوندو ۽ ٻار تنهن ڪري ئي معصوم ٿيندا آهن. ٻيجل سوچيل سمجھيل سازش تحت ئي ڪلهي منجھه ڪينرو پائي گھران نڪتو هو ۽ سرندي جي تار عيوض ڪو دان گھرڻ بجاءِ سر جي سين هنئين هئائين. ٻيجل سر جي سين هڻي ٻاراڻي ڪونه ڪئي هئي. هن ته هڪ سخي مرد سان ٻيائي ڪئي هئي ۽ ان ٻيائي کي نياز ملاح ٻاراڻي ٿو سڏي. جيڪڏهن اڳواٽ جوڙيل منصوبي کي ڪوئي ٻاراڻي ٿو سڏي ته اها سندس عقل جي گھٽتائي ناهي ته ٻيو ڇا هي..... ؟
    نيرو آسمان
    نير وهائي ٿو
    سکن جي سنسار ۾
    اڄوڪو انسان
    نير وهائي ٿو
    سکن جي سنسار ۾ ڪنهن کي لوڙ پئي آهي جو نير وهائيندو؟ سک جو سنسار هجي ۽ اتي انسان روئي ۽ نير وهائي اهو غلط آهي. نير تڏهن وهائبا آهن. جڏهن ڏک، غم ۽ تڪليف محسوس ڪبي آهي ۽ جڏهن انسان لاءِ اهڙيون ڏاکڙن واريون گھڙيون هجن، پوءِ سکن جو سنسار ڏکن جي دنيا بڻجي ويندو. تنهن ڪري مٿين سٽن کي هينئن لکڻ گھرجي ته:
    نيرو آسمان
    نير وهائي ٿو
    ڏکن واري ڏيهه ۾
    اڄوڪو انسان نير وهائي ٿو
    صفحي نمبر 38 تي غزل جي مقطع وارين سٽن ۾ نياز لکيو آهي ته: پيار جي پنڌ ۾ مون کي نياز! شاعري سو تجربا ڏيندي رهي.
    جڏهن ڪو پانڌي ڪنهن پنڌ تي راهي ٿيندو آهي، تڏهن پانڌيئڙو دڳ پيچرا پَسي ازخود سوين تجربا حاصل ڪري وٺندو آهي پر هتي ڪجھه ٻيو نظر ٿو اچي ۽ پيار جي پانڌي کي شاعري سو آسرا ڏيڻ بجاءِ سو تجربا ٿي ڏئي.
    منهنجي خيال ۾ مٿين سٽن کي هينئن لکڻ گھربو هو ته:
    پيار جي پنڌ ۾ مون کي نياز
    شاعري سو آسرا ڏيندي رهي.
    صفحي نمبر تي وائي جون سٽون آهن ته:
    تنهنجي ئي تخليق تي
    ٿو هاري ڇو خاموش تون

    هن وائي ۾ نياز ملاح صاحب خالق سان مخاطب ٿيندي. کانئس سوال ٿو ڪري ته او خالق! ڪوئي تنهنجي تخليق جي مٿان چانهه ٿو هاري ۽ تون خاموش آهين. شاعر جيڪو چانهه هارڻ وارو تخيل پيش ڪيو آهي، اهو تمام سطحي قسم جو آهي. اڄ جا ظالم ائٽم بم سان ساريءَ ڌرتيءَ تان خالق جي تخليقن کي ميسارڻ چاهين ٿا ۽ اهڙو ظلم دنيا اندر ٿي رهيو آهي. مذهب جي آڙ ۾ انسانيت جو خون وهائيندي ويرم نٿا ڪن. خالق کي اهڙي وارتا ٻڌائڻ بجاءِ چانهه جي ڳالهه ڪري شاعر پنهنجي ذهني وسعت جو ثبوت ڏنو آهي. تنهنڪري کيس هينئن لکڻ گھرجي ته:
    تنهنجي ئي تخليق کي
    ڪو ناحق ميساري
    خالق ڇو خاموش تون.
    نياز ملاح جي هن مجموعي ” اسين ناهيون اوپرا“ ۾ سندس چوسٽا به شامل آهن،جن تي پڻ هڪ نظر ڦيرائجي ٿي.

    سور سختيون سهي هليو ويندو،
    هوريان هوريان ڊهي هليو ويندو،
    ڏينهن ويندو ۽ رات ٿي ويندي،
    سج آخري لهي هليو ويندو.

    ڏينهن ويندو ۽ رات ٿي ويندي يا سج آخر لهي هليو ويندو. واريون ڳالهيون ڪندي نياز اهو نه سوچيو ته هي آئون ڇا پيو لکان، رات اچڻ سان اونداهي ڇانئجي ويندي آهي. اونداهي ظلمت جي علامت آهي. نياز پهريون شاعر آهي جيڪو رات ٿيڻ واري ڳالهه ڪندي سرخرو ٿئي ٿو. نياز جيڪا ڳالهه ڪرڻ چاهي آهي، اها کيس نه ڪرڻ آئي آهي، کيس ساڳيو خيال هنن سٽن ۾ لکڻ گھرجي ته:

    سور سختيون سهي هليو ويندو،
    هوريان هوريان ڊهي هليو ويندو،
    ڏينهن ٿيندو ۽ رات ويندي هلي،
    گھگھه اونداهه لهي هليو ويندو.

    صفحي نمبر 58 تي نياز جي هيءَ وائي پڻ ڪنهن ڪاريگر جو ڌيان طلبي ٿي:

    من هي کائي مات،
    نيٺ ته کٽندي رات،
    نيٺ ته ٿيندو سوجھرو،
    جاڳي پوندي جھٽ ۾،
    منهنجي رٺل ڏات،
    نيٺ ته ٿيندو سوجھرو.

    وائي جي مٿين سٽن ۾ نيٺ ته. نيٺ ته 2 ڀيرا استعمال ٿيل آهي، جيڪا پڻ ڪوتاهي ليکبي، ٻيو وري اهو واضح ڪونه آهي ته ڪير ڪنهن کان ٿو مات کائي ؟؟ ٽيون وري رٺل ڏات جھٽ ۾ پرچڻ بجاءِ جاڳي پوڻ جي ڳالهه ٿو ڪري. ڏات رٺل اٿس ته جھٽ ۾ پرچڻ جي ڳالهه ڪري پر جيڪڏهن جاڳي پوڻ جي ڳالهه ڪئي اٿائين ته پوءِ ڏات ستل ڏيکاربي، ڇاڪاڻ ته رٺل پرچندي آهي ۽ ستل جاڳندي آهي.
    سندس هڪ وائي جون سٽون آهن ته:

    خبر ناهي ڇاڪاڻ،
    منهنجي مونجھه لهي نٿي،
    تنهنجي آئي ٿي وئي
    چوڏهين جي چانڊاڻ،
    منهنجي مونجھه لهي نٿي.

    مٿين سٽن ۾ شاعر محبوب سان مخاطب ٿيندي چويس ٿو ته تون آيو آهين ته چوڏهين جي چانڊاڻ ٿي ويئي آهي پر پوءِ به شاعر جي مونجھه نٿي لهي، جنهن جي آئي سرهو ٿئي ۽ چوڏهين جي چانڊاڻ محسوس ٿئي پر من جي مونجھه نه لهي اها ڳالهه منهنجي سمجھه کان ٻاهر آهي، باقي نياز ملاح خود سمجھائي سگھي ٿو ته راز ڇا آهي؟
    چوندا آهن ته شاعر لاءِ هي ٻه ڳالهيون نهايت خراب آهن. هڪ ته نا آشنا جي واهه واهه ” ۽ ٻيو وري“ پارکوءَ جي خاموشي“ اهو ئي سبب آهي جو نياز جي شاعري ۾ سندس سيبتيون سٽون ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون مس ٿينديون. اسان جي هن نوجوان اڃا به جيڪڏهن پنهنجي شاعري طرف سنجيدگي سان نه سوچيو ته پوءِ سندس فڪر پڙهندڙن لاءِ لاڀائتو ثابت ڪونه ٿيندو. هونئنءَ به استاد بخاري چئي ڏنو آهي ته:
    ڪلفت ڪٺي ڪرڻ کان محبت رتي چڱي آ،
    ڪوڙا قصا کڻڻ کان هڪ سٽ سچي چڱي آ.
    ***


    شاعر وحيد محسن : غزليه شاعري جو اڀياس

    شاعر وحيد محسن : غزليه شاعري جو اڀياس

    غزل سنڌي شاعري جي هڪ اهم صنف آهي ڇو جو هن جو تعلق انسان جي لطيف جذبن سان آهي. غزل جي تعريف ڪندي علامه آءِ آءِ قاضي لکي ٿو ته: ”غزل اصلي عربي زبان مان نڪتو آهي ۽ سندس معنيٰ آهي تغزل يعني سهڻن سان محبت جون ڳالهيون ڪرڻ، پر هڪڙو ٻيو لفظ آهي جنهن ۾ تلفظ به تقريبن ساڳيو آهي. اهو آهي غزالا جنهن جي معنيٰ آهي ڪتڻ يا وٽڻ (ڌاڳي کي وٽڻ يا ڪتڻ) مون کي پڪ آهي ته تغزل جو لفظ اصل ۾ غزاله لفظ مان ورتل آهي. ڌاڳو ڪتڻ يا نوڙي وٽڻ واري معنيٰ ان پوءِ اختيار ڪئي آهي. هڪ ٻيو لفظ غزال آهي جنهن جو اچار يورپ وارا غزيل ڪندا آهن. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته غزل ان لفظ مان نڪتو آهي پر جيڪڏهن ان مان نڪتو آهي تنهن هوندي به هرڻي (غزالا) جي اڇانگ ۽ غزل گو شاعرن جي خيالن جي پرواز ۾ ڪافي هڪ جهڙائي آهي.“
    چون ٿا ته غزل اسان وٽ فارسي جي وسيلي آيو. ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ سنڌ ۾ فارسي ٻولي جوا يترو ته اثر وڌي ويو جو سنڌي شاعر پنهنجي ٻولي وساري فارسي ٻولي ۾ شاعري ڪرڻ لڳا. ڪلهوڙن جي دور ۾ ٽکڙ جي ڪجهه شاعرن سنڌي ۾ غزل جي شروعات ڪئي. غزل جو اوائلي دور ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور کي سڏين ٿا. جڏهن ته انگريزن جي دور ۾ پڻ سنڌي غزل تمام گهڻي ترقي ڪئي ۽ هن دور ۾ تمام گهڻا غزل گو شاعر پيدا ٿيا. غزل جو جديد دور ورهاڱي کان پوءِ شروع ٿئي ٿو. هن دور ۾ غزل جي صنف ۾ نوان نوان تجربا ٿيا آهن ۽ غزل کي هڪ نئون دور مليو آهي. هن دور ۾ اياز، استاد ۽ تنوير نالي وارا شاعر ٿي گذريا آهن. انهن کان پوءِ به نوجوان شاعر پنهنجي ڏات جا ڏيئا ٻاريندا رهن ٿا.
    شڪارپور سان تعلق رکندڙ هڪ نوجوان وحيد محسن به هن صنف سان سٺو نڀاءُ ڪيو آهي. ڪجهه سال اڳ ادبي کيتر ۾ مون سندس تخليق جو جائزو ورتو ته مون کي ائين محسوس ٿيو ته اڳتي هلي وحيد محسن هڪ بهترين شاعر ثابت ٿيندو ۽ ٿورڙي عرصي اندر هن اهو ثابت به ڪري ڏيکاريو.
    آئون دعويٰ سان چوان ٿو ته سنڌ ۾ ٽئلنٽ جي کوٽ ڪانهي. هڪڙي پٺيان ٻيو ۽ ٻئي پٺيان ٽيون ڏات ڌڻي جنم وٺندو رهي ٿو. هونئن به ڀاڳين جا ڀاڻ خالي ناهن ٿيندا. اسان وٽ جيڪڏهن اهڙا شاعر پيدا ٿيندا رهيا ته پوءِ جديد سنڌي شاعري کي هندي ۽ انگريزي شاعري سان ميچي سگهبو.
    وحيد محسن جي غزل ۾ سونهن جهلڪندي نظر اچي ٿي. سندس شاعري ۾ لفظن جي جوڙ، روانگي ۽ تخيل سان نڀاءُ ڪيل نظر اچي ٿو. هن پنهنجي شعر ۾ نيون تشبيهون ۽ استعارا استعمال ڪيا آهن ۽ ڪيترن هنڌن تي نوان قافيا ٺاهيا آهن.
    سادگي ۾ سکي اڄ وڻي ٿي پيئي
    نانءُ منهنجو وري هو کڻي ٿي پئي

    وار واسينگ جنهن جا ڏنگن ٿا پيا
    پوپري پيار جا گل هڻي ٿي پئي
    وحيد محسن جا غزل، بحر، وزن جي ڪڙي ڪسوٽيءَ مان نڪتل آهن. تڏهن ئي سندس هر غزل ۾ موسيقي ۽ رڌم موجود آهي وحيد محبوب بنا اٻاڻڪو نظر اچي ٿو، ائين ٿو چئي ته:
    سڄڻ اوري آ، دوري ڇڏ، ساهه سڪي ٿو، ۽ حياتي هٿن مان وڃي ٿي
    مطلب ته هي شاعر محبت جي مامري ۾ جڪڙيل نظر اچي ٿو.
    حياتي وڃي ٿي هٿن مان ته يارو
    سڄڻ آءُ اوري سڪي ساهه سارو
    اجالا ڏٺم رنگ جوڀن سندس مون
    مگر پوءِ به ايندو ڪراڙپ جو وارو.
    وحيد محسن جا غزل همت، حوصلي ۽ بهادري جا سبق ڏين ٿا. ظالم سان وڙهڻ، حق وٺڻ، عزت سان رهڻ وغيره اهڙا قدم آهن، جيڪي هر غيرتمند قوم ۾ هوندا آهن ۽ اهي سبب سندن بقا جو سبب به هوندا آهن. وحيد چوي ٿو ته
    ياد ناهي ڇڏي مون ڪڏهن سنڌ جي
    وٺ وٺان کيل ۾ ياد مون کي ڪجان
    ڌاريو جي ڪري ڪا دغا سنڌ سان
    ديس جي ڀيل ۾ ياد مون کي ڪجان.
    جيئن ته غزل جي لغوي معنيٰ آهي، عورت سان محبت جي گفتگو ڪرڻ، تنهن ڪري غزل جون خاصيتون به هن ئي موضوع مطابق هئڻ گهرجن. ماهرن جي راءِ موجب غزل کي حسن ۽ عشق جي وارداتن ۽ محبوبن جي ناز ۽ نخرن سان سينگارڻ گهرجي. غزل ۾ شيرين ۽ نرم ٻولي استعمال ڪجي. غزل ۾ نهٺائي ۽ انڪساري هئڻ گهرجي ۽ غزل ۾ هروڀرو قافين جي پورائي لاءِ لفظ ٽوڙي مروڙي نه پيش ڪرڻ گهرجن ۽ آئون سمجهان ٿو ته وحيد محسن جي غزل ۾ اهي سموريون خاصيتون موجود آهن، هڪ سکي سان عشق جا احوال اوريندي چوي ٿو:
    ڀاڳن واري آهين من تون
    سونهن به ساري آهين من تون
    ڪهڙو توکي نانءُ ڏيان مان
    الفت ڌاري آهين من تون
    غزل جو بنيادي موضوع صرف عشق ۽ حسن آهي پر عشق کان سواءِ غزل ۾ ٻين ڪيترن موضوعن سان نڀاءُ ڪيو ويو آهي. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر اياز قادري لکي ٿو ته:
    ”اها ڳالهه درست آهي ته غزل حسن ۽ عشق جي معاملن جي تصوير سهڻي ۽ وڻندڙ نموني ڪئي آهي ۽ عشق جي هر ڳالهه کي ذري پرزي بيان ڪيو آهي پر ان ۾ عشق جي موضوعن سان گڏ زندگي جي مختلف پهلوئن جو احساس ۽ انهن جي ترجماني به آهي. غزل ۾ تصوف ۽ طريقت جا راز ۽ اسرار نهايت دلنشين انداز ۾ بيان ڪيا ويا آهن ۽ اخلاق جا سبق نهايت سهڻي نموني سيکاريا ويا آهن.“ (سنڌي ادب جو مختصر جائزو: ص 98،) اياز قادري جي بيان جي روشني ۾ وحيد محسن جي غزل جو مختصر جائزو وٺجي ٿو.

    حسن ۽ عشق:
    حسن انساني زندگي جو بنيادي قدر آهي ۽ هر انسان کي حسن پاڻ ڏانهن ڪشش ڪندو آهي. چون ٿا ته عشق جو بنياد حسن آهي ۽ حسن کان سواءِ عشق نه ٿيندو آهي. عشق ۽ حسن غزل جو بنيادي موضوع آهي تنهن ڪري هن نوجوان عشق ۽ حسن جي موضوع سان گهڻو رچاءُ ڪيو آهي. وحيد محسن پنهنجي هڪ غزل ۾ هيئن لکي ٿو ته:
    مان اچان ٿو پرين گيت تو ڏي کڻي
    يار تنهنجي سڄڻ سڪ لڳي آ گهڻي
    وار کولي سکي ٿي هلي مور جان
    مان ڏيان سونهن کي ور ڦڻي ور ڦڻي
    شاعر جيئن ته نهايت حساس طبيعت جا مالڪ هوندا آهن، تنهن ڪري پنهنجي آس پاس ٿيندڙ سرگرميون، اوچ نيچ، معاشري ۾ مختلف فردن سان ٿيندڙ ورتاءُ يا وري مايوس چهرن جون مجبوريون پرکي ۽ پروڙي وٺندا آهن. وحيد محسن به هڪ حساس طبيعت جو هوشناڪ شاعر آهي.
    وٽس سماجي شعور آهي. وحيد سمجهي ٿو ته هت روز عقوبتون ٿين ٿيون. ڳوٺ جيڪي پيار پريت جا مرڪز هئا اتان ڳوٺاڻا لڏي شهرن جو رُخ ڪن ٿا. ماڻهو مايوس ٿي ويا آهن. وحيد محسن اهڙن مايوسي ماريل ماڻهن لاءِ حوصلو بڻجي ٿو ۽ هي سٽون ٿو لکي ته:
    هانءُ ڪين هاريو زندگي سڏي پئي
    ديس جي تنوار لوڪ کي گڏي پئي.
    روز هت عقوبتون ۽ انهي حال ۾
    ڳوٺ کان شهر ڏي زندگي لڏي پئي
    آئون سمجهان ٿو ته وحيد محسن کي بهترين غزل گو شاعر جيڪڏهن چئجي ته ڪو حرج ڪونهي. اهو سندس حق آهي. هو سچو پچو شاعر آهي، امن ۽ پيار جو پوڄاري آهي. ننڍي عمر ۾ کيس جيڪا به شهرت ملي آهي. اها سندس مسلسل محنت ۽ محبت جو نتيجو آهي. ڪو سينئر اديب يا ايڊيٽر ڪا دعويٰ ڪونه ڪندو ته وحيد کي وحيد محسن اسان بڻايو آهي يا کيس مقبول ڪرڻ وارا اسين آهيون.
    منهنجي دعا آهي ته وحيد محسن سنڌ جي سورن تي لکندو رهندو. مظلومن جو آواز بڻجي قلم سان اڃان به پنهنجي فڪري گهرائيءَ سان نڪور غزل لکندو رهندو ۽ مون جهڙا ڪيترائي ماڻهو سندس پرستارن ۾ شامل ٿيندا رهندا..............
    هڪ جواني نيڻ تنهنجا هن غزل ڙي
    سونهن کي ڪهڙي پئي سينگار جي آ.
    سوچ منهنجي آ سگهاري وقت کان پڇ
    ڇو ته محسن کي خبر حقدار جي آ.
    ***













    درد دکن ٿا، ساهه ٿو ساري

    درد دکن ٿا، ساهه ٿو ساري
    عظيم گلوڪاره نورجھان جي حوالي سان خاص لکڻي

    22 سيپٽمبر 1926ع تي پنجاب جي هڪ ننڍڙي شهر قصور ۾ هڪ ٻارڙي پيدا ٿي، جنهن جو نالو الله رکي رکيو ويو. ٻارڙيءَ جو پيءُ پراڻن خيالن وارو ماڻهو هيو ۽ سندس ماءُ هڪ پردي دار ۽ گھريلو عورت هئي. هن ٻارڙيءَ کي ست ڀيڻ ڀائر هئا، جن مان هڪ ڀاءُ روزگار سانگي ڪلڪتي ۾ رهندو هيو،کيس موسيقي ٻڌڻ جو ڏاڍو شوق هيو ۽ وٽس پنهنجي دور جي ڪيترن ئي وڏن وڏن گلوڪارن جا ريڪارڊ پڻ موجود هئا، جن ۾ مختار بيگم ۽ اختري ٻائي فيض آبادي به شامل هيون. هڪ ڀيري جڏهن هو موڪلون گذارڻ پنهنجي گھر آيو ته پنهنجو گرامو فون ۽ گانن جا ريڪارڊ به گڏ کنيون آيو. انهن ريڪارڊن ننڍڙي الله رکيءَ تي جادو ڪري ڇڏيو. هوءَ انهن ريڪارڊن کي ٻڌندي هئي، انهن جي آواز سان پنهنجو آواز ملائيندي هئي ۽ پوءِ پاڻ اڪيلي ڳائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي.
    جلد ئي گھر وارن ان ٻارڙيءَ جي آواز ۾ هڪ ڪشش محسوس ڪئي ۽ پوءِ کيس سکيا لاءِ استاد غلام محمد قصوريءَ وٽ وٺي ويا. تن ڏينهن ۾ ڪلڪتي جي ” ڪونٿيئن ٿيٽر“ جي هڪ ٽيم نون آوازن جي ڳولا ۾ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ گھمي رهي هئي. اها ٽيم جڏهن قصور پهتي ته کيس الله رکيءَ بابت ٻڌايو ويو. ان وقت الله رکيءَ جي عمر رڳو ڇهه سال هئي. ان ٽيم جڏهن الله رکيءَ کي ٻڌو ته کيس ڪلڪتي اچڻ جي دعوت ڏني.
    سندس والد ڪجھه ڪروڌ ڪيو، پر پوءِ الله رکيءَ کي پنهنجي وڏي ڀيڻ ممتاز سان گڏ ڪلڪتي موڪلي ڇڏيائين. سندن ڀاءُ ته اڳ ۾ ئي ڪلڪتي ۾ رهندو هيو. ڪلڪتي ۾ پنهنجي دور جي مشهور ڳائڻيءَ ڪجن بيگم کيس پاڻ وٽ رهايو ۽ سکيا شروع ڪري ڏني. پوءِ سندس نالو بدلائي نورجھان رکيو ويو. ڪلڪتي ۾ رهڻ دوران ننڍڙي نورجھان کي هڪ فلم ۾ چائلڊ اسٽار جو ڪردار مليو. ان فلم جو نالو” سسئي پنهون“ هيو. جنهن ۾ نورجھان سسئيءَ جي ننڍپڻ جو ڪردار ادا ڪيو. ان فلم کانپوءِ نورجھان لاءِ اسٽيج جا دروازا کلي ويا ۽ هن مختلف اسٽيج ڊرامن ۾ اداڪاري شروع ڪري ڏني. تنهن هوندي به هن جو پهريون شوق ” ڳائڻ“ ئي هيو. ننڍپڻ ۾ نورجھان ڪيترين فلمن ۾ چائلڊ اسٽار جو ڪردار ادا ڪيو، انهن فلمن ۾ ”فخراسلام“ ۽ ”هير سيال“ٌ جا نالا ذڪر جوڳا آهن.
    ڪجھه عرصي کانپوءِ نورجھان لاهور هلي آئي. لاهور تن ڏينهن ۾ پنجابي ۽ اردو فلمن جو مرڪز هيو، هتي هن ڪجھه پنجابي فلمن ۾ ڪم به ڪيو ۽ انهن ۾ گانا پڻ ڳايا. انهن ئي ڏينهن ۾ شوڪت حسين رضويءَ کيس پنهنجي فلم ”خاندان“ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ جي دعوت ڏني. هيروئن جي طور نورجھان جي اها پهرين فلم هئي. فلم ۾ هيرو جو ڪردار ” درپن“ ادا ڪيو هيو. فلم رليز ٿي ته ننڍي کنڊ ۾ واهه واهه ٿي وئي. ان فلم جا گانا ”پنڇي اڙ جا“ ۽ ” ميري ليئي جھان مين نه چين هي نه قرار هي“ گھر گھر گونجڻ لڳا. ان فلم جي ڪاميابيءَ کانپوءِ نورجھان ۽ شوڪت حسين رضويءَ جي شادي ٿي وئي. ان وقت نورجھان جي عمر رڳو چوڏهن سال هئي.
    ان کانپوءِ نورجھان جون ڪيتريون ئي فلمون رليز ٿيون، جن ۾ ”زينت“ ” انمول گھڙي“ ۽ ” جگنو“ خاص ذڪر لائق آهن. فلم ” زينت“ ۾ هن هڪ مسلمان بيواهه جو ڪردار ادا ڪيو هو، جنهن جو پٽ سندس مڙس جي وفات کانپوءِ پيدا ٿئي ٿو. ان فلم ۾ نورجھان جي الميائي ڪردار کيس الميائي ڪردارن جي ملڪه بنائي ڇڏيو، ” انمول گھڙي“ هڪ نغماتي فلم هئي، جنهن جي موسيقي نوشاد ترتيب ڏني هئي. ۽ جنهن جا نغما ” آواز دي ڪهان هي“ ۽ ” جوان هي محبت، حسين هي زمانا“ اڄ به موسيقيءَ جي شوقينن کان وسريا ناهن. ” جگنو“ فلم ۾ نورجھان هيروئن هئي ۽ هيرو دليپ ڪمار هيو، ان فلم ۾ نورجھان جو ڪردار يادگار هيو، اها هندستان ۾ سندس آخري فلم هئي.
    ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ نورجھان پنهنجي مڙس سان گڏ پاڪستان هلي آئي، جتي سندس مڙس شوڪت حسين رضويءَ ” شاهه نور اسٽوڊيو“ جي نالي سان هڪ فلم اسٽوڊيو قائم ڪيو، ان اسٽوڊيو ۾ نورجھان جو چاليهه سيڪڙو حصو هيو، اهو پاڪستان جو سڀ کان وڏو اسٽوڊيو هيو، جنهن ۾ نورجھان ۽ شوڪت حسين رضويءَ گڏجي ڪيتريون ئي يادگار فلمون تخليق ڪيون، جنهن ۾ فلم ” چن وي“ به هڪ آهي. ان فلم ۾ هدايتون نورجھان ئي ڏنيون هيون ۽ اهڙيءَ طرح کيس پاڪستان جي پهرين عورت هدايتڪار جو اعزاز پڻ حاصل ٿيو. شوڪت حسين رضويءَ ۽ نورجھان جي رفاقت پندرهن سال هلي ۽ هڪ ڏينهن اهڙو به آيو جڏهن ٻئي ڌار ٿي ويا.
    نورجھان جي ٻي شادي اداڪار اعجاز دراني سان ٿي. اعجاز شاديءَ کان هڪدم پوءِ نورجھان جي اداڪاريءَ تي پابندي لڳائي ڇڏي. نورجھان، جنهن دوپٽا، مرزا غالب، گلنار، انتظار ۽ ڪوئل جھڙين فلمن ۾ يادگار ڪردار ادا ڪيا هئا. ان پابنديءَ کي دل سان قبول ڪيو ۽ اهڙي طرح هن پنهنجو سمورو ڌيان موسيقيءَ تي ڏنو، موسيقي ته سندس پهريون عشق هيو.
    اداڪاري ڇڏڻ کانپوءِ نورجھان پنهنجي مداحن کي ڪيترائي يادگار گانا ڏنا. انهن ۾ هوا مين موتي برس رهي هين (فلم: آگ ڪا دريا) چلو اڇا هوا تم ڀول گئي ( فلم: لاکون مين ايڪ) لي آئي ڦر ڪهان پر قسمت همين ڪهان سي.( فلم: سالگرهه) ۽ چٺي ذرا سيان جي ڪي نام لک دي (فلم: دوستي) اهڙا گانا آهن جن تي نورجھان کي گلوڪاريءَ جو نگار ايوارڊ ڏنو ويو.
    ان کانسواءِ به هن اهڙا لاتعداد گيت ڳايا، جيڪي فلم ڏسندڙن کان اڄ به وسري نٿا سگھن. ڪيتريون فلمون ته اهڙيون به آهن، جيڪي رڳو نورجھان جي گيتن جي ڪري مشهور ٿيون. انهن فلمن ۾ ” هير رانجھا“ ۽ ”دوستي“ جا نالا سرفهرست آهن.
    1965ع جي پاڪ _ هندستان جنگ ۾ پڻ نورجھان اهم ڪردار ادا ڪيو، جنگ جي خبر ملندي ئي هوءَ ريڊيو پاڪستان پهچي وئي ۽ پنهنجون فني خدمتون پيش ڪيائين. ان جنگ دوران هن ڪافي اهڙا نغما ڳايا جيڪي جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ به ٻڌندڙن جي ذهن ۾ محفوظ رهيا ۽ هاڻي به محفوظ آهن. اهو ئي سبب آهي جو جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ عوام کيس ” ملڪءِ ترنم“ جو خطاب ڏنو ويو ۽ تڏهوڪي صدر کيس حسنِ ڪارڪردگيءَ جي تمغي سان نوازيو.
    نورجھان ڪيترن ئي سنڌي فلمن لاءِ پڻ گيت ريڪارڊ ڪرايا. اهي سمورا گيت اڄ به ڪنهن کان وسري نه ٿا سگھن.
    1. آيو سانوڻ آيو( فلم: گھونگھٽ لاهه ڪنوار)
    2. ڏاچي واليان موڙ مهاڙ وي(فلم: مومل راڻو)
    3. اي ڪاش نه اڀري ها سورج هي محبت جو (فلم: ڌرتي ۽ آڪاش)
    4. ڪيئن حياتي گذاريان ( فلم: گھونگھٽ لاهه ڪنوار)
    5. درد دکن ٿا ساهه ٿو ساري ( فلم: رنگ محل)
    6. اي هوا آئون ڇو نه کلان( فلم: گھونگھٽ لاهه ڪنوار )
    7. آءُ راڻا رهه رات ( فلم: مومل راڻو)
    8. منهنجا مديني وارا ( فلم: پنون عاقل)
    9. آءٌ توتان گھوري راڻا شال جيئن تون ( فلم: مومل راڻو)
    10. ڪل دي آس پڄاوين پڄاوين ( فلم: گھونگھٽ لاهه ڪنوار، محمد يوسف سان گڏ)
    11. منهنجي پريت نئين منهنجو پيار نئون ( فلم: گونگھٽ لاهه ڪنوار، محمد يوسف سان گڏ)
    12. سنڌڙي جو شهباز قلندر ( غير فلمي)
    نورجھان هن وقت اسان وٽ ڪونهي، پر سندس فن کي ڪو به زوال نه ٿو اچي سگھي. سندس هڪ گيت : ” گائي گي دنيا گيت ميري“ لڳي ٿو ته جڏهن هوءَ اهو گيت ريڪارڊ ڪرائي رهي هئي ته اهو دعا جي قبوليت جو وقت به هيو. نورجھان جي اها دعا قبول ٿي وئي ۽ هوءَ سدائين لاءِ امر ٿي وئي.
    ***


    تعلقي گمبٽ ۽ آسپاس جي شاعرن جو ذڪر

    تعلقي گمبٽ ۽ آسپاس جي شاعرن جو ذڪر

    تاريخ معصومي، تاريخ مظهر شاهه جھاني ۽ حزب الله آءِ سومرو جي لکڻين مان گمبٽ لفظ بابت معلوم ٿئي ٿو ته هن علائقي جي هڪ شهر جو نالو گمبذ (قبو) هو. هي سر سبز علاقو تعلقي جو مرڪز آهي. قديم زماني ۾ گمبٽ رياست خيرپور جو ٽيون نمبر شهر هو ۽ هن وقت گمبٽ اڃا به گھڻي ترقي ڪئي آهي. گمبٽ تعلقو علم ادب جو قديم زماني کان مرڪز رهيو آهي. هن علائقي ۾ ڪيترائي عالم استاد ۽ بزرگ ٿي گذريا آهن ۽ آئون پنهنجي هن مضمون ۾ تعلقي گمبٽ جي پسگردائي جي شاعرن جو ذڪر ڪيان ٿو ته جيئن ڪجھه گمنام شاعر به تاريخ جي ورقن ۾ سمائجي سگھن. ان کانسواءِ سندن ڪلام جو نمونو پڻ ڏنو اٿم.

    (1) سيد محمد بقا:
    پير محمد بقا ويٺل سائدي تعلقو گمبٽ گھڻي مدت کان پوءِ مٽن مائٽن جي بي صلح جي ڪري ڳوٺ ڪنگري ۾ وڃي رهيو. پير سيد محمد بقا جي ولادت سن 1722ع ۾ ٿي. سندس نسب جو سلسلو سيد علي مڪي سان ملي ٿو. جيڪو دلوراءِ جي زماني ۾ سنڌ ۾ آيو. پير محمد بقا شاهه سن 1198 هجري بمطابق 1783ع ۾ جام شهادت پيتو. سندس مزار شريف سنڌ جي تاريخي قبرستان شيخ طيب ۾ آهي. کيس چار فرزند ٿيا.

    ڪلام
    سج لهي سانجھي ٿي، پکي پيا وڻين،
    اڏر هينئر ڀؤنر ٿي اسهه پد مڻين،
    ٿوري ڏينهن گھڻين، ميڙو ٿيندو سڄڻين

    (2) ميان صاحب ڏنو فاروقي
    درازي درويش ميان صاحبڏنو فاروقي عرف ” حافظ“ سچل سرمست جو ڏاڏو هو ۽ شاهه ڀٽائي جو همعصر پڻ. فقير صاحبڏنو پهريان ڪلهوڙن بادشاهن وٽ ملازم هو. سندس ولادت. 1081 هجري بمطابق 1670ع ۾ ٿي. سندس بيت ۽ ڪافي جو رنگ نرالو آهي. سندس فڪر انساني وجود جو ترجمان ۽ شارح آهي. پاڻ 1192 هجري 1778ع ۾ وفات ڪيائون. سندس سلسله نسب حضرت عمر فاروق سان ملي ٿو.

    ڪلام
    ڪنين جو نينهن نهر سان ڪنين دٻايا درياهه
    صاحب ڏني جي ساهه سارو سمنڊ سمايو.

    (3) پير محمد راشد:
    پير محمد راشد سيد محمد بقا شاهه جو نينگر هو. سندس ولادت 1170 هجري بمطابق 1756ع ۾ ٿي. پير محمد راشد 14_ 15 سالن جي عمر ۾ درگاهه کهڙا شريف ۾ مخدوم صاحبن وٽ ديني تعليم حاصل ڪندو هو. پاڻ وڏو ڪامل بزرگ ٿي گذريو آهي. سنڌي ۽ فارسي ٻولين ۾ سندس شعر ملي ٿو. سنڌي شعر ۾ بيت ۽ مولود ملن ٿا. پاڻ 29 رجب جمع ڏينهن سن 233 هجري بمطابق 1818ع ۾ وفات ڪيائين.
    ڪلام
    وحدت مان ڪثرت ٿي، آهي ڪثرت وحدت ڪل،
    اندر ٻاهر سپرين، ڀول نه ٻيءَ ڪنهن ڀل،
    هو هنگامو هل مڙو ئي محبوب جو.

    (4) سچل سرمست فاروقي:
    سچل سرمست جو اصل نالو عبدالوهاب هو. ماڻهو کيس سچو، سچل ۽ سچيڏنو سڏيندا هئا. پاڻ قرآن پاڪ جو حافظ هو. کيس عربي ۽ فارسي زبانن جي ڄاڻ هئي. کيس هفت زبان شاعر به سڏيو وڃي ٿو.
    سچل سائين جي ولادت بابت ٻه رايا آهن. پهريون رايو سن 1152 هه ۾ بمطابق 1739ع ۽ ٻيو رايو 1170 هه بمطابق 1756ع آهي. پاڻ 1242 هه بمطابق 1927ع ۾ وفات ڪيائين. سندس مقبرو گمبٽ تعلقي جي ڳوٺ درازا شريف ۾ آهي.

    ڪلام
    پاڻ جله جلاله پاڻ ئي جان جمال.
    پاڻ ئي صورت پرينءَ جي پاڻ ئي حسن ڪمال.
    سڀ سچو ئي حال، منجھان ئي معلوم ٿئي.

    (5) نانڪ يوسف:
    نانڪ يوسف جي پيءُ جو نالو محمد هاشم ذات جو کوکر جھل مگسي بلوچستان جو ويٺل هو، جتي 1208هه بمطابق 1793ع ۾ پيدا ٿيو. پاڻ سچل سائين جو طالب ٿيو ۽ سن 1269هه بمطابق 1853ع ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار تعلقي گمبٽ ۾ اڳڙا ڀرسان فقير جي ڳوٺ ۾ آهي. سنڌي کان سواءِ سرائيڪي ۽ هندي ٻولين ۾ به شاعري ڪئي اٿائين.

    ڪلام
    هم گرو هم گيان، نانڪ لڇمڻ ميرا نام،
    بندرابن مين بيٺڪ ميري مدينه مين هون امام،

    (6) پيرو شاهه
    پيرو شاهه ولد شاهه محمد شاهه بخاري تعلقي گمبٽ جي رسول آباد شهر جو رهندڙ هو. جتي اڄ به سندس درگاهه شهر جي بازار جي ڇيڙي تي ڏکڻ طرف منهن ۾ آباد آهي. هو سچل سائين جو سچو طالب هو. سچل سائين به کيس گھڻو پيارو گھرندو هو. سنڌي زبان جو چڱو شاعر هو. سيد ذات سان وڏو انس هيس. سندس هڪ بيت آهي.
    ڀريو کوهه ڀوڄي جو، پيس ڏکڻ کان ڏار
    مدغي اهي مار جي سامهون ٿين سيد جي،

    ڪلام
    عشق اڏيءَ تي لکيو نوناري نالو،
    پر ڪري پيالو پيتيئن پيرو شاهه چئي.

    (7) شير خان ڀنڀرو
    شير خان ولد بيحد ڀنڀرو رسول آباد جو ويٺل هو. شهر جي اوڀر واري کڏ مٿان جتوئن جي پاڙي ۾ سندس گھر هوندو هو. ايل پنهوار هو. وٽس ٻڪرين جو وڏو ڌڻ هو ۽ سانگ ڪري ڪانائي واري ڍنڍ واريءَ جوءِ ۾ مال چارڻ ويندو هو. هڪ ڏينهن کيس اهڙي رمز لڳي وئي جو ٻڪريون پنهنجي ڀاءُ محمد خان حوالي ڪري سچل سائين جي درگاهه تي ويهي رهيو ۽ سندس وفات کان پوءِ گھڻو سير سفر ڪندي لاڙ ۾ گذاريائين. سندس ڀاءُ محمد خان رسول آباد مان لڏي ڳوٺ بچل ڀنڀري وڃي ويٺو. شير خان جي قبر ڳوٺ بچل ڀنڀرو جي قبرستان ۾ آهي. ڳوٺ بچل ڀنڀري جي وڏڙن جي روايت مطابق محمد فقير کٽياڻ هن ڳوٺ ۾ ايندو هو. شير خان ڀنڀرو بيت ۽ ڪافيءَ جو سٺو شاعر هو. سندس ٻه بيت نموني طور پيش ڪن ٿا.
    ڪلام
    موراکيون مڪڙين ۾ گوڏين ۾ گانگٽ،
    جڙي رهي جان ۾ ڇڇيءَ هاڻي ڇٽ،
    ڇلر ڦوٽيون وڇڙيون سارا پڌر پٽ،
    سمي ڄام سٽ آيو ڪينجر ڪنڌئين.
    *
    ڀوري ائين ۾ ڀانءِ تو چنيسر مٽيو،
    موهت ٿي مڻئي تي تون وني پاڻ وڪيو،
    سمجھڻ تو ٿيو، ته ڪانڌ مٽايئي ڪڻن تي.

    (8)فقير صادق علي ڪنڀر:
    فقير صادق علي ولد محمد صفر ذات جو ڪنڀر هو. پاڻ ڳوٺ ٻنڊي موٽايو ۾ 1897ع دوران پيدا ٿيو. ننڍپڻ ۾ ديني تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ حضرت جھانيان ( فقير غلام مهدي شاهه) جا طالب ٿيا. فقير صاحب ڀاءُ جي اڻبڻت ڪري پنهنجي ڳوٺ مان لڏي اچي وڏا لاکا ۾ مئخانو اڏي ويٺو. فقير پنهنجي مجازي عشق جون منزلون طئي ڪندي حقيقي عشق کي پهتو. ڪيترائي ماڻهو سندس وٽان فيضياب ٿيا جن ۾ هدايت علي فقير ناريجو، عنايت علي فقير کهڙو، امانت علي فقير ڏهر ( باگڙجي). فقير 58 سالن جي عمر ۾ 1954-55ع ۾ پيالو پيتو. سندس مزار ڳوٺ وڏا لاکا ۾ اڄ به سندس پونيئرن لاءِ فيض جو در آهي. موجودهه صوفي شاعر نظر لاکائي سندس پوٽو آهي. فقير صادق علي جو اڻ ڇپيل مواد موجود آهي، جنهن ۾ نثر ۽ نظم ملي ٿو. نثر ۾ فقير تصوف جي انتهائي باريڪ نقطن تي مختصر پر جامع لکيو آهي. نظم ۾ ڪافي، غزل، قصيده، بيت، ڇلو ۽ ٽيهه اکرين کان سواءِ هندي ۾ ڇيد به لکيا آهن. سندس اڻ ڇپيل قلمي نسخو حاصل ولايت سندس وارثن وٽ موجود آهي.

    ڪلام
    طالب کي مطلوب ڏي عاشق ٿي اچڻ،
    گوياءِ گفتار کي ويراڳي ٿي وٺڻ،
    موکيءَ جي موج جو پريمي پيالو پيئڻ،
    صادق ٿي سمجھڻ هن پيغامي پريم کي.

    (9) سيد ريجھه علي شاهه:
    سيد ريجھه علي شاهه جي ولادت سن 1319هه بمطابق 1901ع ۾ کهڙن جي شهر ۾ ٿي، جتي ٽن درجن تائين تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ اسڪول نه ويو ۽ پنهنجي منهن مطالعو ڪرڻ جي مشق ڪندو رهيو. پاڻ 20 سالن جي عمر ۾ ايران، عراق، شام وڃي زوار ٿي آيا ۽ پنجن سالن کان پوءِ حج ڪيائون. ان کان سواءِ لاهوت لا مڪان جو سفر به ڪيترا ڀيرا ڪيائون. پاڻ هر سال 14- 15 صفر تي ڀٽ شاهه ماتم تي قافلو وٺي ويندا هئا. پاڻ زندگيءَ جي گھڻي حصي ۾ ڪارو لباس پاتائون. سيد ريجهه علي شاهه پنهنجي وقت جو وڏو شاعر هو. ٽن چئن زبانن ۾ شاعري ڪيائون. قصيده، ڪافيون، بيت، رباعيون، مولود شريف ۽ مناقبا لکيا اٿائين جن جو تعداد چار هزار جي لڳ ڀڳ آهي. سيد ريجهه علي شاهه 20 صفر 1375 هه بمطابق 1955ع چهلم جي ڏينهن ڳوٺ فيضل مهر ۾ وفات ڪيائين. وصيت مطابق گمبٽ اسٽيشن روڊ تي اباڻي ملڪيت ۾ دفن ٿيا. هن علائقي کي هينئر ڪاظم آباد سڏيو وڃي ٿو.

    ڪلام
    ڪاهي آيا ڪيترا ڇڏي سکيو ساس،
    ڪل نفس ذائقته الموت ماريائون پنهنجو ماس،
    ڇڏي حرس حواس، وڃي رسيا، ريجھل شاهه چوي.

    (10) خالد فقير ڪلهوڙو:
    خالد فقير ڪلهوڙو سن 1910ع ڌاري گمبٽ تعلقي جي ڳوٺ قائم الدين ڪلهوڙي ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو راڄل ڪلهوڙو هو. ننڍپڻ کان کيس ڳائڻ جو شوق هو ۽ هڪ ڀيري اوچتو راڳ سکڻ لاءِ ڳوٺ کان هليو ويو ۽ پوءِ وارثن کيس ڳولهي لڌو ۽ کيس ڳائڻ جي اجازت نه ملي. فقير پنهنجي وڏن سان گڏ کوهه جي نار تي پوک ڪاهيندو هو، جتي رات جو کيس نانگ ڪکي وڌو ۽ هي فقير هڪ پير کان معزور ٿي ويو.
    خالد فقير سڄي عمر پنهنجي ڀرپاسي واري ڳوٺن جي ٻارڙن کي قرآن پاڪ پڙهائيندو رهيو. هن درويش مولود، ڪافيون ۽ ڏوهيڙا لکيا آهن. سندس ڪلام لکت ۾ نٿو ملي. باقي آسپاس جا ڪجھه ماڻهو ڳائين ٿا. کيس ٻن پٽن جي اولاد آهي. سندس ٻئي پٽ علي گوهر ۽ شمس الدين به شاعري ڪن ٿا. پاڻ 1994ع ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار حاجي هاشم قبرستان ۾ آهي.

    ڪلام
    ديس ڇڏي پرديس ۾ آئين، آهين مسافر تون مهمان
    هتان جو ويندين وري نه ايندين ماڳ مٽي آ تنهنجو مڪان.

    (11) ميان فيض محمد عباسي:
    فيض محمد عباسي 1917ع ڌاري گمبٽ جي ڳوٺ مهتاڻي ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو نياز حسين هو. هن ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۽ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان نو درجن تائين تعليم حاصل ڪئي. پاڻ ريڊيو ڪراچي تي پورا پنج سال انائونسر رهيو ۽ پوءِ رياست خير پور جي پهرين قانونساز اسيمبلي جو ميمبر پڻ چونڊيو . سندس اڻ ڇپيل نثر ۽ نظم ملي ٿو. سندس شاعري ۾ غزل ۽ ڪافي ملن ٿا. پاڻ سال 2001ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس مزار مهتاڻن لڳ ميان جي ڳوٺ ۾ آهي.

    ڪلام
    ڪٿي به منهنجو نه آشنا زماني ۾،
    نه آشياني کان ٻاهر نه آشياني ۾،
    علاج دل نه سگھيو ٿي، ڪنهن کان اي فيض،
    مون داغ دل توڻي ڏيکاريو زماني ۾.

    (12) ڊاڪٽر تنوير عباسي:
    تنوير عباسي گمبٽ تعلقي جي ڳوٺ سوڀوديرو ۾ 1934ع ۾ ڄائو. پاڻ 16 سالن جي عمر ۾ شاعري ڪرڻ لڳو. سندس پهريون شعر 1950ع ۾ ڇپيو. تنوير نثر ۽ نظم جا ڪيترائي ڪتاب لکيا. پاڻ 25 نومبر 1999ع تي اسلام آباد ۾ وفات ڪري ويو. سندس مزار به اسلام آباد ۾ آهي.

    ڪلام
    گھڙي گھڙي هڪ گھاءُ، آءُ پرين تون آءُ،
    وقت گلن جو ڪو ماڻل آ، سجھي نه ڪائي واٽ،
    چئني پاسي رات انڌاري ڪاري ڪاري ٻاٽ،
    ساهه کي ناهي ساهه، آءُ پرين تون آءُ.

    (13) راز راضيديرائي:
    هن شاعر جو اصل نالو رسول بخش ولد جاڙو خان ميمڻ هو. پاڻ 1935ع ڌاران گمبٽ تعلقي جي ڳوٺ راضيديرو ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ۽ فائنل مراد هاءِ اسڪول گمبٽ مان پاس ڪيائين. جنهن کان پوءِ کيس ماستري ملي ۽ پاڻ 43 سال تعليم جي شعبي سان سلهاڙيل رهيو. استاد رسول بخش ميمڻ ” مهدي جھانيان“ جو طالب پڻ رهيو . کيس شاعريءَ سان گڏ موسيقي جو پڻ شوق هوندو هو. سندس آواز ۾ رڪارڊ ٿيل ڪلام ريڊيو پاڪستان خيرپور ۽ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تان نشر ٿيندا رهن ٿا. سندس شاعري جو هڪ اڻ ڇپيل ڪتاب سندس اولاد وٽ موجود آهي. پاڻ 2006ع جي مارچ مهيني ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار اباڻي قبرستان ۾ آهي. موسيقي کان سواءِ کيس فوٽو گرافي سان به گھڻي دلچسپي هوندي هئي. کيس ست پٽ ۽ ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو. سنڌ جو مشهور فنڪار شوڪت علي ميمڻ عرف معصوم مختيار به سندس پٽ آهي، جنهن پڻ پنهنجي پيءُ کان راڳ جي سکيا ورتي.

    ڪلام
    تنهنجي سهڻي آ صورت، تنهنجي حسن جو هل،
    خدا خوش رکندئي تون آن گلاب جو گل.

    (14) سيد راحم علي شاهه
    سيد راحم علي شاهه ولد سيد هادي بخش شاهه گمبٽ تعلقي جي ڳوٺ سائدي لوئر ۾ سن 1937ع دوران پيدا ٿيو. راحم علي شاهه سنڌي چار درجا پنهنجي ڳوٺ ۾ پڙهيا. کيس ڳائڻ جو شوق ننڍپڻ کان هو.پاڻ موسيقي جو ماهر هو. مارمونيم ۽ پخواز وغيره چڱي نموني وڄائيندو هو.پاڻ ڪافيون پڻ سٺيون لکيون اٿائين. سندس سکيا هيٺ ڪيترائي شاگرد رهيا. راڳ جي راڻي عابده پروين پڻ ڪيترو عرصو راحم علي شاهه کان فن جي سکيا ورتي. سيد راحم علي شاهه پنهنجي ۽ ٻين شاعرن جي ڪلام لاءِ ڪيتريون ئي ڌنون ترتيب ڏنيون. موسيقيءَ ۾ اچڻ ڪري شاعري گھڻي نه ڪري سگھيو پر پوءِ به سندس ڪجھه ڪافيون ملن ٿيون. پاڻ 15 جنوري 2001ع وفات ڪيائين. سندس مزار پڻ سندس ڳوٺ ۾ آهي.

    ڪلام
    محبت تنهنجي دل هي منهنجي،
    کسي آ قيد ڪئي پيارا،
    منهنجي دل جا دلارا.

    (15) ڊاڪٽر ارباب شر
    هن شاعر جو اصل نالو ارباب علي ولد رحيم داد شر هو. پاڻ 1940ع جي ڏهاڪي ۾ ٺري ميرواهه جي ڀرسان ڳوٺ مولا بخش شر ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي چار درجا به اتي ئي حاصل ڪيائين ۽ 1956ع ڌاري هتان نقل مڪاني ڪري گمبٽ جي ڳوٺ راضيديرو ۾ ساڪن ٿيو. جتي حڪيم ڪريم بخش شر (مهتاڻن واري) جي صحبت ۾ ڪجھه وقت رهي پنهنجو مطب ( دواخانو) کوليائين. کيس شاعريءَ جو شوق ننڍپڻ کان ئي هو. صوم و صلوات جو پابند هجڻ سبب شروعات ۾ حمد شريف، نعت ۽ مولود لکندو هو پر پاڻ کي پوشيده رکندو هو. آخري عمر ۾ ناليواري شاعر انعام ٻيلهاڙوي جي صحبت ۾ اچڻ کان پوءِ ٻن چئن مشاعرن ۾ پنهنجو شعر پڙهيائين ۽ شعر جي پڪي پختي هجڻ سبب پنهنجي تر ۾ چڱي خاص شهرت ماڻيائين. سندس شاعريءَ ۾ تصوف جو رنگ گھڻو تڻو نظر اچي ٿو. ارباب شر جي شاعري تي مشتمل اڻ ڇپيل مواد سندس وارثن وٽ موجود آهي. پاڻ 1990ع ڌاري وفات ڪري ويو. سندس مزار اباڻي ڳوٺ مولا بخش شر ( ٺري ميرواهه) جي هڪ قبرستان ۾ آهي.

    ڪلام
    اصل کان عشق مان آهيان، حڪم هر ڪو هلايو مون،
    وري آدم بنائڻ جو بهانو ئي بنايو مون،
    مرد منصور مارايم، لهم تبريز لهرايم،
    ڪٿي ”ارباب“ چورايم اناالحق ڀي الايو مون.

    (16) سيد پير علي شاهه:
    هن شاعر جو اصل نالو سيد پير علي شاهه ولد قلندر شاهه هو ۽ 1948ع ڌاري ڳوٺ سيد جمن شاهه ( لڳ گيڙو شاخ) ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم اڳڙا اسڪول مان ۽ ميٽرڪ ناز هاءِ اسڪول خيرپور مان پاس ڪيائين ۽ ان دوران خيرپور جي هڪ وڏي مدرسي مان عربي ۽ فارسي جي تعليم پڻ حاصل ڪندو رهيو. پاڻ شروعات کان فقه جعفريه طريقي سان وابسته هو. ميٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ کيس زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ ليب اسسٽنٽ جي نوڪري ملي، جيڪا هن اڌ ۾ ڇڏي ڏني ۽ پوءِ واپس اباڻي ڳوٺ اچي رهڻ لڳو. کيس ٽن پٽن ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي. پير علي شاهه پنهنجي حياتي ۾ اڻکٽ شاعري ڪئي پر هو پنهنجي عشق جي مدهوشي ۾ اها شاعري گڏ ڪري نه سگھيو. سندس گھڻي شاعري سندس حياتي ۾ ئي ضايع ٿي وئي. هن وقت سندس پنجاهه سٺ شعر انعام ٻيلهاڙوي وٽ موجود آهن. سندس ڪلام ۾ عربي ۽ فارسي جو اثر گھڻو تڻو نظر اچي ٿو ۽ سندس شاعري مجازي رنگ ۾ پڻ جڪڙيل نظر اچي ٿي. شاعري ۾ ” ارمان“ تخلص استعمال ڪندو هو.
    سندس شعر مان مير تقي ” مير“ جي بوءِ اچي ٿي. پاڻ 1998ع ۾ وفات ڪيائين.

    ڪلام
    ڪنهن ريت راس ناهي حرس وهوا هتان جي،
    اي مرگ ناگھان ڏس قيدي ڪڏهن ڇٽن ٿا،
    باد صبا خدا لڳ دشمن وفا کي چئجانءِ،
    بيمار شام غم جا آب وغذا کٽن ٿا.

    (17) فقير عبدالرحيم ”عبد“ مڱريو:
    فقير محمد (ثاني) عرف عبدالرحيم ” عبد“ ذات مڱريو ولد گل بهار فقير مڱريو سن 1944ع ۾ ڳوٺ ملنگ مڱريو ( پڪي کوهي) ۾ پيدا ٿيو.
    فقير سنڌي ست درجا ( فائنل) پاس ڪيا ۽ ايريگيشن کاتي ۾ داروغي طور نوڪري ڪيائون. کيس هڪ پٽ ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي. فقير صاحب هن دور جو وڏو شاعر ۽ علم عروض جو ڄاڻو هو. پاڻ بزم طالب الموليٰ شاخ ملنگ مڱريو تعلقي ڪنگري جا باني هئا. فقير صاحب هن دور جو وڏو شاعر آهي. فقير صاحب 21-22 شوال تي پنهنجي ڏاڏي فقير محمد بخش رحه اول جي عرس مبارڪ جي موقعي تي هر سال ادبي ميڙاڪا ڪوٺائيندو هو، جتي طرحي ۽ غير طرحي مشاعرا ٿيندا رهندا هئا. فقير صاحب سال 2001ع ۾ هڪ ڪتاب ” سرگروهه سالڪان“ پنهنجي قلم سان لکيو. پاڻ 17 مارچ سال 2006 ع تي وفات ڪري ويو. سندس مزار درگاهه فقير محمد بخش اول ڳوٺ ملنگ مڱريو ۾ آهي. فقير صاحب جو گھڻو اڻ ڇپيل جو ڪلام سندس پونئيرن وٽ محفوظ آهي.

    ڪلام
    نهاري جڏهن ٿو ته ماري ڇڏي ٿو،
    پڪاري جڏهن ٿو ته ماري ڇڏي ٿو،
    ڀري بزم ۾ يار ترڇي نظر سان،
    نهاري جڏهن ٿو ته ماري ڇڏي ٿو،
    ڪري قربداري بلم پنهنجي ڀر ۾،
    بيهاري جڏهن ٿو ته ماري ڇڏي ٿو،
    غزل ”عبد“ جي تي مقرر! مقرر!!
    پڪاري جڏهن ٿو ته ماري ڇڏي ٿو.
    ***


    صوفي شاعر نظر لاکائي

    صوفي شاعر نظر لاکائي

    هن جھان ۾ ڪيئي اهڙا ڀلارا ٻانها به پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن اندر ۾ جھاتي پائي ” پنهنجو پاڻ سڃاڻي“ الک جو عشق اوري خدا جي خلق کي راضي رکي پنهنجو نالو قائم دائم ڇڏيو . اهڙن ئي ڀلارن مان هڪ ڀلارو انسان نظر لاکائي به آهي.
    نظر لاکائي جو اصل نالو نظر علي ولد غلام شبير گلال هيو. 16 جنوري 1956ع بروز سومر ڏينهن پنهنجي ناناڻن جي گھر سوڀي ديري ۾ ڄائو، لاکا، گمبٽ ، ڪنڊيارو ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ بي اي تائين پڙهيو. جڏهن ته ادب ۾ بزم استاد بخاري ٻيلهاڙو، بزم شعور ادب گمبٽ، سگا شاخ گمبٽ ۽ سچل يادگار ڪاميٽي کان سواءِ سنڌي ادبي سنگت ضلعي خيرپور جو رابطا سيڪريٽري چونڊيو ويو.
    نظر لاکائي لاکن جي ڳوٺ ۾ رهڻ ڪري لاکائي سڏائڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ کيس هتان جو اڻبرابريءَ وارو ماحول راس نه آيو ۽ ڳوٺ ڇڏي گمبٽ ۾ رهائش اختيار ڪيائين، جتي اڳتي هلي اتي پبلڪ اسڪول کوليائين ۽ آخري گھڙي تائين تعليم جھڙي پاڪ پوتر شعبي سان سلهاڙيل رهيو.
    نظر لاکائي جو ڏاڏو فقير صادق علي ڪنڀر ڪافي ۽ بيت جو سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. صادق فقير ڪنڀر صوفي درويش فقير غلام مهدي جھانيان جو طالب هو. تنهن ڪري نظر لاکائي ۾ به صوفي فقيرن وارا سڀ گڻ موجود هئا. سندس شاعري سچل سائين ۽ جانڻ فقير جي اثر هيٺ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. مثال لاءِ سندس چئوسٽو ڏجي ٿو.
    پهرين اکر پاڻ کي سچ جو ئي چئجي دوستو!
    ها بلاشڪ ڏوهه ٻئي تي پوءِ مڙهجي دوستو!
    پٺ ورائي ڪين ڪنهن پنهنجي ڏٺي آهي مگر
    مينهن واتان پڇ ڪاري ڳئون ٿي سڏجي دوستو!
    سائين نظر لاکائيءَ سان منهنجو واسطو 1995ع کان ٿيو ۽ ساڻس هفتي ۾ هڪ ڀيرو ملاقات ٿيندي هئي. لاکائي وٽ هڪ ڪامل انسان ۽ سيبتي شاعر واريون سموريون خوبيون موجود هيون. هن ڪيترن ئي اڀرندڙ ليکڪن/ شاعرن جي سچيءَ دل سان رهنمائي ڪئي. مون سميت ڪيترائي نوجوان کانئس اصلاح وٺندا هئا.
    لاکائي جو هڪ شعري مجموعو وکريل وجود سندس حياتيءَ ۾ ڇپيو ۽ اڻڇپيل شاعري اڃا به وٽس موجود هئي. لاکائي جو اڻ ڇپيل ڪلام ٻن ڪتابن جيترو ٻڌايو وڃي ٿو ۽ ڇپيل ڪلام انٽرنيٽ تي موجود آهي.
    سائين نظر لاکائي 25 فيبروري 2007ع بروز آچر تي شام جو گمبٽ ۾ دل جو دورو پوڻ سبب هن فاني جھان کي ڇڏي هليو ويو. سندس اوچتو وڇڙڻ تي اسان سنڌ واسين کي تمام گھڻو صدمو ٿيو آهي. سندس دوست کيس ساريندي روئي پون ٿا. لاکائي کي به سڄڻ دوست ڏاڍا پيارا هئا. هن تڏهن ئي ته هي سٽون لکيون هيون.
    مان ڪين هوندس منهنجا بيت هوندا،
    هيءَ سنڌ هوندي. هي کيت هوندا،
    جنين ساڻ جيون گڏجي مون گھاريو،
    مون کان پوءِ منهنجا سڄڻ سي ته هوندا.
    نظر لاکائي غريبن ۽ يتيمن جي ڪم اچڻ وارو هو. مون کي چڱي طرح ياد آهي. 1998ع ۾ منجھند جو جڏهن آئون ساڻس ابل واهه ڀرسان هندو پاڙي واري اسڪول ۾ مليس. ماني کارائي چيائين ”عاجز! اڄ توکي مون سان گڏ گمبٽ جي بازار مان پنڻو پوندو!“ آئون نه سمجھڻ باوجود به سندس پويان لڳي پيس. اهڙي طرح ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ بازار مان دڪاندارن کان خيرات ورتي سين جنهن ۾ ڪپڙو وغيره شامل هو. پوءِ سمورو مليل سامان هڪ ڀري ٻڌي سائين انعام ٻيلهاڙوي جي معرفت مرحوم سيد پير علي شاهه ( ارمان موسوي) جي يتيم ٻارڙن ڏانهن ڏياري موڪليائين. مطلب ته نظر لاکائي اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته يتيمن جي مدد ڪيئن ڪبي آهي. اهو ٻڌائيندو هو ته منهنجي سڀني پبلڪ اسڪولن ۾ يتيم شاگردن بنا فيس جي پڙهن ٿا. انهن کي ڊريس ڪتاب به پاڻ ڏيندو هو. هو چوندو هو ته زندگيءَ تي ڪو به ڀروسو ڪونه آهي. ڪنهن انسان جي ڪم اچجي، نياز نوڙت سان گذارجي ۽ اهو ئي زندگيءَ جو اصل وکر آهي. هن پنهنجي هنن سٽن ۾ پڻ اهڙو پيغام ڏنو آهي.
    ڪهڙو ڀروسو آ، نظر زندگي جو،
    کٽي نيٺ پوندو، سفر زندگيءَ جو،
    غريبن يتيمن جي ڪم يار اچجي،
    ڇڏي اهڙو وڃجي اثر زندگيءَ جو.
    سائين نظر لاکائي سان منهنجي آخري ملاقات 23 فيبروري 2007ع جمعي جي ڏينهن سونارڪي بازار واري سندس ايليمينٽري اسڪول واري آفيس ۾ ٿي. مون کيس هفتيوار سنڌو ڊائجسٽ جو پرچو ڏنو چيائين، ”عاجز سنڌو مون وٽ پهتو آهي. تنهنجو ” گمبٽ ۽ آسپاس جي شاعرن“ وارو مضمون به پڙهي ڇڏيو اٿم.“ هن منهنجي محنت کي ساراهيو. مون کيس چيو، ”سائين منهنجي ڪتاب بابت اوهان ٻه اکر لکيا.“ چيائين. عاجز ڏينهن ٻن ۾ لکي وٺندس. توکان اڳ بحرالدين شنباڻي جي شاعري جي ڪتاب جو مهاڳ لکڻو هو.“ ايتري ۾ هو اٿيو ۽ اندران فائيل کڻي آيو ۽ ٻه اڍائي صفحا مڪمل پڙهي ٻڌايائين جيڪي هن بحرالدين شنباڻي جي لاءِ لکيا هئا. سنڌي ادبي سنگت ۽ يادگار ڪمايٽي بابت به ڪجھه ڳالهيون ڪندا رهياسين. هو سچل يادگار ڪميٽيءَ وارن کان ڪجھه ڏکارو هو. واضع لفظن ۾ چيائين ته سچل يادگار ڪاميٽي هن وقت ڪامورن جي هٿن ۾ آهي. ڪميٽيءَ ۾ مون سميت صوفي فقيرن کي پري رکڻ هڪ سوچيل سمجھيل سازش آهي. آئون کائنس موڪلائي گھر آيس. وچ تي هڪ ڏينهن گذريو. آچر جي شام جو ڪولاب جيئل جي دوست جبار پارس موبائل تي ٻڌايو ته سائين نظر لاکائي پيالو ڪري ويو. خبر ٻڌڻ سان زمين پيرن هيٺيان ڇڏائجي وئي. اکيون لڙڪن سان ڀرجي آيون ۽ سندس محبتون ياد ڪري روئڻ لڳس. هاڻي جڏهن نوڪريءَ سانگي يا وري ٻئي ڪم ڪار سبب گمبٽ اچڻ ٿئي ٿو ۽ جڏهن شاعرن مان ڪو شاعر نذير سروهي، ساهه شيخ يا وري ڊاڪٽر يار محمد مرکنڊ ملي ٿو ته دل پنهنجي محسن استاد نظر لاکائي کي ساري اڄ به سڏڪي پئي ٿي ۽ سندس هي سٽون ياد اچن ٿيون.
    ڪيئن چوان ماکيءَ کان وڌ ان کان مٺي آ زندگي،
    هر قدم تي يار هت وهه جي وٽي آ زندگي،
    ڪالهه ڪيئي زندگيون مون کي ٿي ارپيون پئي ويون،
    اڄ نه پنهنجي اي نظر پنهنجي رهي آ زندگي.
    نظر لاکائي هن وقت جسماني طور تي اسان سان گڏ ڪو نه آهي پنهنجي بيتن ۾ زندهه آهي ۽ زندهه رهندو ڇاڪاڻ ته هن حق ۽ سچ جي واٽ ورتي هئي، جيئن پنهنجي سرائڪي ڪافي ۾ چيو اٿائين.
    حق دا نعرا زندهه باد، سچ دا نعرا زندهه باد،
    انا الحق دي وائي والا، سچل سارا زندهه باد.
    ڪيا دي ليليٰ ڪيا دا مجنون، ڪيا دي سسئي ڪيا دا پنهون
    ٺٽي تون گھن دهلي لکنو، سرمد، دارا زندهه باد،
    عشق دا علم کوڙ ڏتوسي دين ڌرم ٻيا ڇوڙ ڏتوسي،
    دل وچه ڪعبه جوڙ ڏتوسي، نينهن نظارا زندهه باد.
    ***





    ميان فيض محمد عباسي هڪ شاعر، اديب ۽ سياستدان

    ميان فيض محمد عباسي هڪ شاعر، اديب ۽ سياستدان

    ڪلهوڙا دور جي آخري حاڪم ميان عبدالنبي عباسي جي خاندان ۾ ورهاست کان اڳ 1917ع ڌاري رياست خيرپور جي هڪ ڳوٺ ۾ ميان نياز حسين عباسي جي گھر هڪ نينگر ڄائو، جنهن جو نالو فيض محمد عباسي رکيو ويو. وقت جا بزرگ ميان رحم علي ۽ ميان جان محمد عباسي جن سندس ڏاڏو ۽ پڙڏاڏو هئا.
    ميان فيض محمد عباسي ناز هاءِ اسڪول خيرپور ميرس ۽ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان 9 درجن تائين تعليم حاصل ڪئي. پاڪستان جي آزادي واري تحريڪ ۾ شاگردن سان گڏ حصو ورتو هئائين. پاڻ آزادي کانپوءِ ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي پهريان سنڌي انائونسر هئا ۽ 5 سال اتي ڪم ڪيائون ۽ پنهنجي والد جي وفات سبب ڪراچي ڇڏي اچي پنهنجي ڳوٺ مهتاڻن ۾ رهيا ۽ پنهنجي زمين سنڀالڻ لڳا. کين گل پوکڻ جو تمام گھڻو شوق هوندو هو.
    ميان صاحب کي ان وقت جي مملڪتي وزير سيد خير شاهه( نوابشاهه) جي رهنمائي حاصل هئي ۽ کين پنهنجو سياسي استاد مڃيو هئائون. تن ڏينهن ۾ رياست خيرپور جي قانونساز اسيمبلي جي اليڪشن وڙهڻ لاءِ ميان صاحب به پنهنجو فارم ڀريو هو ۽ سامهون بيٺل اميدوار ان وقت سنڌ جي وڏي وزير خان بهادر محمد ايوب کهڙو پاران بيهاريل هو. ٻڌايو وڃي ٿو ته ميان صاحب سان ان اليڪشن ۾ غلام عمر خان انڙ (لاڙڪاڻو) ۽ حاڪم علي زرداري جن گھڻي مدد ڪئي هئي ۽ اهڙي طرح رياست خيرپور جي پهرين قانونساز اسيمبلي جي اليڪشن کٽي ميان صاحب ميمبر بڻجي ويو.
    ميان فيض محمد عباسي هڪ سٺو انسان هو ۽ سچ چئي ڏيڻ وارو همت وارو مرد هو. وٽس پنهنجي برادري کان سواءِ ٻيا ماڻهو به فيصلي لاءِ ايندا هئا ۽ ميان صاحب وٽان انصاف پلئه پائي ويندا هئا.
    ميان صاحب هڪ سٺو شاعر ۽ ليکڪ پڻ هو. سندس ويجھڙائي نامياري شاعر مخدوم طالب الموليٰ، سينگار علي سليم ۽ استاد حامي صاحب جن سان هئي ۽ هڪ ٻئي سان رهاڻيون پڻ ڪندا رهندا هئا. منهنجي خيال ۾ ميان صاحب جن جي شاعري تي مخدوم صاحب جي لکڻيءَ جو اثر آهي. جيئن هڪ هنڌ لکيو اٿائين ته:
    ڪنهن ڪنهن کي مان ٻڌايان، قصو تنهنجي ستم جو
    سڀئي پڇن ٿا مون کان ته ڇو اشڪبار آهيان
    هن آ نوازيو مون کي درد جھان سان پوءِ ڀي هن لاءِ مان دعاڳو پروردگار آهيان.
    ميان فيض محمد جي شاعري درد ڀري آهي. فن ۽ فڪر سان ڀرپور پڻ. جيئن هڪ هنڌ لکيو اٿائين ته:
    ڪٿي به منهنجو نه آ، آشنا زماني ۾،
    نه آشياني کان ٻاهر، نه آشياني ۾،
    اچن ٿيون دانهون اسيرن طرف وڃي ته ڏسو،
    متان ڏني هجي ڪنهن جان قيد خاني ۾،
    خدارا حال نه پڇ تنهنجي دل دکي ويندي،
    آهي جو درد سمايل منهنجي فساني ۾.
    علاج دل نه سگھيو ٿي ڪنهن کان ” فيض“
    مون دل جو داغ توڻي ڏيکاريو زماني ۾.

    شاعري کان سواءِ هي صاحب نثر جو پڻ سٺو ليکڪ هو. 500 صفحن کان وڌيڪ ڪتاب پنهنجي حياتي ۾ خود سهيڙيو آهي. جنهن ۾ پاڪستان جي آزادي کان جنرل ضياءَ جي دورِ اقتدار تائين سڄي تاريخ لکي آهي جنهن ۾ اوڀر پاڪستان جو ٽٽڻ ، لياقت علي خان کي گولي لڳڻ، ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي ڏيڻ جي اصل حقيقت ( ڪڙو سچ) هن ڪتاب ۾ شامل آهي . ميان صاحب جو اهو تاريخي ڪتاب اڻڇپيل موجود آهي.
    ميان صاحب جن جو تمام گھڻو واسطو سائين جي ايم سيد کان سواءِ موجوده حر جماعت جي روحاني اڳواڻ پير سيد شاهه مردان شاهه (پير پاڳارو) جن سان هو. پير پاڳاري سان سندس سياسي ويجھڙائپ پڻ رهي ۽ کين به مذاق ۾ کلندي کلندي سچ چئي ڏيندا هئا.
    ميان فيض محمد عباسي جھڙو سچار، نيڪ دل انسان 84 سالن جي عمر ۾ ڦڦڙن جي تڪليف سبب سخت بيمار ٿي پيو ۽ کيس ڪراچي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو پر ڪمزور هجڻ ڪري سندس آپريشن نه ٿي سگھيو ۽ پوءِ پاڻ کڻائي پنهنجي ڳوٺ پهتو. سال 2001ع ۾ هن فاني دنيا ۾ مان لاڏاڻو ڪري ويو ۽ اهڙي طرح هڪ سچو سياستدان ، شاعر ۽ اديب اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
    ***


    سچل جو ٻالڪ: صوفي نانڪ يوسف

    سچل جو ٻالڪ: صوفي نانڪ يوسف

    رياست خيرپور جو علائقو سڄي برصغير ۾ خاص اهميت رکي ٿو. هن علائقي جو چپو چپوصوفياءِ ڪرام ۽ برزگان دين جي درگاهن ۽ خانقاهن سان آباد آهي. انهن جو فيض دنيا وارا حاصل ڪندا رهن ٿا ۽ اهو سلسلو تاقيامت جاري ۽ ساري رهندو. ڊاڪٽر نواز علي شوق لکيو آهي ته ڪنهن دور ۾ خيرپور رياست ۾ گمبٽ، راڻيپور، درازا، هنڱورجا، ٻٻرلوءِ، تجل شريف، روهڙي، ڪنڊڙي، پريالوءِ ۽ پير ڳوٺ جون درگاهون ۽ خانقاهون مشهور هيون. مطلب ته ادبي ۽ روحاني لحاظ کان اهو سونهري دور هو. (سرمست 13 صه 18-19)
    سنڌ صوفين جو ديس آهي، هتي هميشه امن، محبت ۽ ڀائيچاري جو درس تدريس هلندو رهيو آهي. هن ڌرتيءَ تي ڪيترائي صوفي شاعر بزرگ ٿي گذريا آهن. سندن اعليٰ خدمتن جي ڪري اڄ به سوين سال گذرڻ باوجود سوين ماڻهو پري پري کان اچي کين سلام ڪن ٿا. اهڙو روحاني فيض رسائيندڙن مان صوفي شاعر نانڪ يوسف به هڪ آهي.
    فقير جو اصل نالو محمد يوسف والد جو نالو محمد هاشم هو ۽ ذات جو کوکر هو ۽ جھل مگسي بلوچستان جو ويٺل هو، جتي 1772ع ۾ تولد ٿيو.
    پنهنجي والد کان علم جي تحصيل ڪرڻ بعد حق جي ڳولا ڪندي اچي درازن جي درويش حضرت سچل سرمست جو طالب ٿيو. فيض پرائڻ کان پوءِ (رنگپور) ضلعي خيرپور ۾ آستانو اڏي ويهي رهيو. خيرپور جي والي مير مراد خان سندس معتقد هو.
    1845ع ۾ وفات ڪيائين، سنڌيءَ کان سواءِ سندس سرائيڪي ۽ هندي شعر به ملي ٿو، سندس سنڌي ڪافين ۾ ڪٿي ڪٿي هندي ۽ سرائيڪي لفظ ملن ٿا.
    نانڪ يوسف جي شاعريءَ جو ڪتاب ” نانڪ يوسف جو ڪلام “ ڪافي عرصو اڳ ڇپيو هو، جيڪو هن وقت اڻ لڀ ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ منهنجي ملاقات نانڪ درگاهه جي گادي نشين سنڌي ادبي سنگت شاخ نانڪ يوسف جي سيڪريٽري خادم عباسي سان ٿي، جنهن ٻڌايو ته نانڪ جو ڪلام نئين سر سهيڙيو اٿم. انشاءَ الله ڇپائبو. ڏٺو وڃي ته ڪنهن به اداري پاران نانڪ يوسف جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي ڪا خاص تحقيق ڪونه ٿي سگھي آهي، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ قائم ” سچل چيئر “ جيڪا سچل سائين جي فڪر ۽ فلسفي کي عام ڪرڻ لاءِ هر سال مختلف موضوعن تي ڪتاب ڇپائيندي رهي ٿي، تنهن به منهنجي خيال ۾ هن صوفي شاعر تي ويجھڙائيءَ ۾ ڪو به تحقيقي ڪم ڪونه ڪرايو آهي ۽ نه ئي وري نانڪ يوسف يادگار ڪميٽيءَ وارن ڪا اهڙي همٿ ڏيکاري آهي.
    جنوري 1998ع ۾ سچل سرمست جا طالب ( شاعر) جي عنوان سان هڪ ڪتاب ڇپيو، جنهن جو محقق ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب آهي. هي ڪتاب سچل چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور پاران ڇپيو هو پر 144 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ به سچل سائين جي طالب ( شاعر) فقير نانڪ يوسف کي شامل نه ڪيو ويو آهي. منهنجو مقصد ايترو آهي ته هن بزرگ جي شخصيت ۽ شاعري بابت تحقيق ڪرائي وڃي ته جيئن نئين ٽهيءَ جا ليکڪ ۽ شاعر سندس فڪر ۽ فلسفي مان لاڀ حاصل ڪري سگھن.
    ***


    آثم ناٿن شاهي هڪ باڪمال شاعر

    آثم ناٿن شاهي هڪ باڪمال شاعر

    6 آڪٽوبر جي شام دير سان هڪ سنڌي چينل تان سنڌي ٻوليءَ جي باڪمال شآعر آثم ناٿن شاهي جي موت واري خبر ٻڌڻ شرط اکين ۾ لڙڪ لڙي پيا. افسوس جو کيس ڪينسر جي مرض مان ڪو به بچائي ڪونه سگھيو.
    استاد بخاري جو درد وچان تڙپي مرڻ اڃان وسريو ئي ناهي ته مٿان آثم جو سور ستائي ٿو.
    آثم ناٿن شاهي جو اصل نالو غلام الرسول سولنگي هو. پاڻ امڙ حبيبان جي گھر 1937ع ۾ دادو ضلعي جي هڪ ڳوٺ کاٿڙي ۾ ڄائو. ڳوٺ حاڪم ڏيپر کانسواءِ خيرپور ناٿن شاهه ۾ رهي زندگي جو ڳچ حصو گذاريائين ۽ پوءِ ڪراچيءَ ۾ رهڻ لڳو. کيس ڳلي جي ڪينسر جي تڪليف هئي . غربت سبب مناسب علاج نه ٿيڻ ڪري 6 آڪٽوبر جي شام جو دير سان ڪراچيءَ واري گھر ۾ وفات ڪري ويو.
    آثم 1962ع کان باقاعده شاعريءَ جي ميدان ۾ آيو. سندس پهريون شعري مجموعو ” جڏهن اُلا اُڀ ۾“ نالي آگسٽ 1994ع ۾ ڇپيو. سندس شاعريءَ ۾ استاد ناليوارو شاعر محسن ڪڪڙائي ٻڌايو وڃي ٿو. هن وقت تائين سندس ٽي ڪتاب شايع ٿيا آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي ڪتابن جيترو اڻڇپيل مواد موجود اٿس.
    هن جي شاعريءَ ۾ ماکيءَ جھڙو مٺاس ڀريل آهي. پوءِ اهي ڇو نه کڻي وايون، غزل يا نظم هجن، سڀني ۾ هڪ جھلڪ نظر اچي ٿي. سندس هيٺين وائي کي پڙهون ٿا، جنهن ۾ آثم سڀني کي وقت تي سجاڳڻ لاءِ واڪا ڪيا آهن.
    رستي رستي تي،
    ٻوٽو ٻوٽي تي، پوک ته گھاٽي ڇانو ٿئي،
    هو ڏس اس اچي پئي، وڌندي ويڙهي ڏي.
    ٻوٽو ٻوٽي تي، پوک ته گھاٽي ڇانو ٿئي.

    نالي واري شاعر ۽ اديب تاج جويي جو چوڻ آهي ته سچو شعر انسان ذات جي امنگن، احساسن ۽ جذبن جو ترجمان هوندو آهي يا وري سچو انسان انسانذات جي امنگن، احساسن ۽ جذبن جو ترجمان هوندوآهي يا وري سچو شاعر اهو آهي جو ماڻهن جي دل جي ڳالهه ڪري ٿو، پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ديس واسين جا ڏک سور سندن ٻوليءَ ۾ بيان ڪري ٿو. آثم ناٿن شاهي اهڙن ئي جذبن ۽ امنگن جو شاعر آهي جنهن پنهنجي شاعري ۾ ڌرتي واسين جي دردن کي ڪٿي به ناهي وساريو. مثال لاءِ سندس هڪ نظم جون سٽون پيش ڪجن ٿيون جنهن ۾ هڪ غريب هاري جي ڪيفيت بيان ڪندي عجيب احساس ڏياريندي لکيو اٿائين ته:
    لاباري جي موسم آئي،
    ڇڻڪي ڄاڻ ڇڻيو هي ڇاٽو،
    ڏند پيو ڪرٽي ڏوڪڙ ناهي،
    هاري ڪيئن ڏندائي ڏاٽو؟
    هڪڙو پنهنجي گوڏ ڳاري پيو،
    گھر واريءَ جو گھگھرو ڦاٽو،
    سچ کي سينکيو کارائيندڙ،
    آ مضبوط مڏي هڪ لابي.

    ڪو عظيم شخص هجي يا تاريخي ڪارنامو سنڌي شاعر کيس ڀيٽا ڏيڻ نه ڀليا آهن پوءِ اهي جکرا وڏوڙا هجن يا دودي جھڙا جوڌا جوان، آثم ناٿن شاهيءَ پڻ سنڌ جي هڪ نهايت ديانتدار حاڪم ڄام نظام الدين ( ڄام نندو) کي ڀيٽا ڏيندي سنڌ دشمن کي سڌو ٻڌايو آهي ته سنڌ ۾ اڃان ڄام نندي جھڙا ماڻهو آهن. ڄام نندي لاءِ تاريخ لکي ٿي ته هو 1490ع ۾ سنڌ جو حاڪم ٿيو ۽ هن رهزن رولاڪ ڳولهي لڌا ۽ سخت سزائون ڏنائين. آثم کيس ڀيٽا ڏيندي لکي ٿو ته:

    ڪي سور وندا ستا نه آهن،
    خدا جا بندا ستا نه آهن،
    او سنڌ تنهنجي ڏکن کي ڏسندي،
    هي ڄام نندا ستا نه آهن.

    آثم جي شاعريءَ ۾ گلابن جي مهڪ محسوس ٿئي ٿي. وٽس مڪمل شعر لکڻ لاءِ ڏات ۽ ڏانءُ گڏو گڏ نظر اچن ٿا. سندس غزل ۾ عشق موجود آهي. پختي تخليق سان گڏ وڻندڙ تشبيهون سندس شاعريءَ کي نهايت سهڻو بڻائين ٿيون.

    چنڊ اڀرڻ لڳي ته ڪيئن روڪيانس؟
    سونهن مرڪڻ لڳي ته ڪيئن روڪيانس؟
    هوءَ هر هر اچي اڳيان منهنجي،
    پاڻ گذرڻ لڳي ته ڪيئن روڪيانس؟

    آثم ناٿن شاهيءَ جي دوست ۽ شاعر وفا ناٿن شاهيءَ جا هي لفظ بلڪل سچ آهن ته،” آثم! انهن تمام ٿورن شاعرن مان هڪ آهي جن سنڌي شاعريءَ کي ٺيٺ سنڌي لفظ، سنڌي سڀاءُ ۽ سنڌي لهجو ڏنو.“آخر ۾ سندس هڪ وائي ڏجي ٿي.
    وائي
    هاڻي روءِ نه روءِ،
    پاڻ مئاسين پنڌ ۾،
    ڌوڙ هاڻا لاٿل لٽا،
    توڙي ڌوءِ نه ڌوءِ،
    پاڻ مئاسين پنڌ ۾،
    ڇاڪاڻ ڇو ڪنهن واسطي؟
    واڪا ڪندي ووءِ،
    پاڻ مئاسين پنڌ ۾،
    ڪهڙي ڪاريهر ڪکيو،
    آئيلي! اف! ابوءِ!
    پاڻ مئاسين پنڌ ۾،
    موت پچاڻا ڀونءِ تي،
    بٺي هوءِ نه هوءِ.
    پاڻ مئا سين پنڌ ۾،
    ***


    ”ڏکن جي ٽياس تي“ هڪ تنقيدي نظر

    ”ڏکن جي ٽياس تي“ هڪ تنقيدي نظر

    ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچي مان امرتا پبليڪيشن، حيدرآباد وارن جو ڇپايل شعري مجموعو ”ڏکن جي ٽياس تي“ منهنجي هٿن ۾ آهي. هن ڪتاب جو شاعر لاڙڪاڻي ضلعي سان تعلق رکندڙ نوجوان شاهد علي عباسي آهي جيڪو 25 سالن جي ننڍي عمر ۾ پنهنجي همٿ ۽ حوصلي سان چٽا ڀيٽي جي امتحان ۾ پاس ٿي ڪراچي پورٽ تي اسسٽنٽ ڪليڪٽر، ڪسٽمس مقرر ٿيو آهي.
    شاهد علي عباسي جو هي پهريون شعري مجموعو آهي. سکڻي ساراهه بجاءِ هن مجموعي جو تنقيدي جائزو ورتو اٿم ته جيئن اسان جو هي نوجوان شاعر پنهنجي فني ۽ فڪري ڪوتاهين کي سمجھي سگھي. ڪيترائي وڏا نالا اهڙا به آهن جيڪي سکڻي ساراهه ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ گھڻو پسند ڪندا آهن.
    هن مجموعي جي صفحي نمبر 11 تي تاجل بيوس لکي ٿو ته ”مون شاهد عباسي جي شاعري کي الف کان ي تائين يعني 120 صفحن تائين پڙهيو آهي. هيءَ شاعري خوبين جي کستوريءَ واري مانائتي شاعري آهي. اها چڱي حد تائين سماجي ڪارج سان ٽمٽار آهي. شاعري ۾ سماجي قدرن کان سواءِ فني بهتري به اوج تي نظر اچي ٿي. خاص ڪري وزن يا ردم ۽ ٺهڪي ايندڙ قافين جي حوالي سان.“
    مان ايترو چوندس ته تاجل بيوس جا هي جملا ۽ شاهد عباسي جي شاعري هڪٻئي سان نٿا ٺهڪن، ڇاڪاڻ ته شاهد جي شاعري ۾ اڃان ڪجھه اوڻايون آهن. مثال لاءِ سندس غزل جون سٽون پيش ڪجن ٿيون.

    رڻ ۾ پنهنجا سسئي وانگي،
    سارا پنڌ اجايا آهن.

    شاهد عباسي لکيو آهي ته، ”رڻ ۾ سسئي وانگر سمورا پنڌ اجايا ۽ بيڪار آهن.“ ڇا سسئي جا پنڌ اجايا هئا؟ جيڪڏهن شاهد عباسيءَ جا پنڌ اجايا ثابت ٿيا آهن ته کيس سسئي جي پنڌن کي اجايو چوڻ سراسر غلط آهي. سسئي هڪ بهادر ڪردار آهي. سسئي پنهنجي ور ڪارڻ جھنگ جبل ۽ لڪ لنگھي ٿي. هن جي بهادري ۽ سچ جا پنڌ ڏسندي سنڌ جي سرواڻ شاهه لطيف ”سسئي“ تي سڄا سارا پنج سر چيا آهن. جيڪڏهن سسئي جا پنڌ اجايا هجن ها ته شاهه سائين انهن پنڌن کي ڪونه ساراهي ها. ٻيو ته سپرين ويٺي يا ستي نٿو ملي، تنهنڪري شاهد عباسي کي سسئي جا پنڌ سجايا سمجھڻ گھرجن.
    ساڳئي غزل ۾ وري شاعر هيئن لکي ٿو ته:
    صبح کان سانجھيءَ تائين لٽجي،
    ٿي پيا بزدل ڀاڳيا آهن.

    شاهد عباسي سنڌ ڌرتي جي وارثن، ڀاڳين کي ڪانئر، سست ۽ بزدل سڏيو آهي، اها حقيقت آهي ته اسان صبح کان سانجھيءَ تائين لٽيرن هٿان لٽجون ٿا پر ڪانئر گيدي ڀاڙيا بزدل ڪو نه آهيون. بزدل ۽ ڪانئر آهن ته هتان جا سياستدان ۽ وڏيرا. ڀاڳيا هميشه هوشناڪ آهن. کين صرف ۽ صرف سچي قيادت جي ضرورت آهي. ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ دشمن منصوبن خلاف جيڪي احتجاج ٿين ٿا، ڇا انهن ۾ وڏا شامل آهن؟ نه هرگز نه! تاريخ سنڌ ان ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿي ته اسان جي غيرتمند سنڌين مهل اچڻ تي پاڻ ملهايو آهي، پوءِ ڇو نه سر جو سانگو لاهڻو پيو هجي، تنهنڪري ئي ته دودو سومرو، روپلو ڪولهي، هيمون ڪالاڻي ۽ هوشو شيدي جھڙا بهادر اڃا ياد ڪيا وڃن ٿا. اڄ به ڌرتي جو درد رکندڙ انسان موجود آهن. هونءَ به صبح کان سانجھيءَ تائين لٽجڻ کانپوءِ ماڻهو ضرور مڇربو آهي، تنهنڪري ڀاڳين جي حوصلا افزائي لاءِ هيئن لکڻ گھرجي.

    صبح کان سانجھيءَ تائين لٽجي،
    نيٺ ته ڀاڳيا جاڳيا آهن.

    راشد مورائي ڪنهن هنڌ لکيو هو ته، ”اسان جا شاعر گھڻو ڪري ادبي قاعدن ۽ قانونن جي مطالعي ڪرڻ ۽ محنت سان انهن تي عبور حاصل ڪرڻ کان لنوائيندا آهن. شايد هو سمجھندا آهن ته ان جي اٿل سببان پنهنجي جذبن کي پني تي اوتيندا ويندا ته اهو ادب بڻجي ويندو، پر ائين هرگز نه آهي. اهڙا سست ۽ ڪاهل ليکڪ سواءِ ڪن ٿورين ڌوڪي بازين جي ٻيو، ڪجھه به قوم کي ڏئي نٿا سگھن، الٽو وڃيو خود پسندي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسن، ڇو ته جڏهن مٿن تنقيد ٿئي ٿي ته هو پنهنجي اڻڄاڻائي ڪري ان کي انا جو مسئلو بڻائين ٿا.“ پر شاهد عباسي هڪ باصلاحيت نوجوان شاعر آهي، ان ڏس ۾ هن پهريائين لکيو آهي ته پنهنجي شاعريءَ بابت ڪو تنقيدي ويچار ڏنو ويندو ته آئون ان جي دل سان آجيان ڪندس.
    تون مون ۾ آن پاڇي وانگر،
    ٿر ڪارونجھر، ڪاڇي وانگر،
    تنهنجو واس آ ماکي جھڙو،
    مٺڙو يا ته پتاشي وانگر.

    شاعر واضع لفظن ۾ چيو آهي ته تون مون ۾ پاڇي وانگر آهين، پاڇي جو تعلق جسم سان هوندو آهي. جسم اصل آهي ۽ پاڇو نقل. ٻيو وري پاڇو روشني جو محتاج آهي. اوندهه وقت پاڇي جو موت ٿيندو آهي. پنهنجي محبوب کي پنهنجو پاڇو سڏڻ پهريون ڀيرو ٻڌو اٿم. ٻيو وري شاهد لکيو آهي ته تنهنجو واس ماکي جھڙو آهي، جيڪا پڻ اهم غلطي آهي. واس جو تعلق سنگھڻ سان هوندو آهي ۽ مٺاس جو تعلق چکڻ سان. ماکي چکڻ جي شيءِ آهي ۽ خوشبو سنگھبي آهي، پوءِ ماکي جو ذائقو چکبو ۽ گلن جو واس وٺبو. تنهنڪري شاهد عباسي کي پنهنجي هنن سٽن کي هينئن لکڻ گھربو هو ته:

    توسان گڏ مان پاڇي وانگر
    لاڙ، اتر ۽ ڪاڇي وانگر
    مصري، کنڊ، پتاشي وانگر

    ان کان سواءِ شاعر جون هي سٽون به ڏاڍيون عجيب آهن. هڪ ئي وقت شاعر ٻه ڳالهيون ٿو ڪري. سٽون هي آهن:
    ڪيڏي فرحت ڀانيان ٿو،
    پڪين پوڙهين قبرن کان،
    پوڙهن سان پرچاءُ نه ڪر تون،
    ڳالهه وڃي پڇ ڳڀرن کان

    مٿين سٽن ۾ چويٿو ته قديمي قبرن پڪين پوڙهين مزارن کي ڏسي فرحت ڀانيان ٿو ۽ هيٺين سٽن ۾ وري پوڙهن سان پرچاءُ نه ڪرڻ جي ڳالهه ٿو ڪري، هاڻي اسين ٻه واٽي تي آهيون ته سندس ٻنهي صلاحن مان ڪهڙي صلاح کي وٺون، ڇاڪاڻ ته شاعر خود پنهجي موقف تان ڦري ويو آهي.

    ڏئي دانهن درياءَ تي سهڻي ڀلا ڇو؟
    هيون فڪر جنهن جي ۾ ڦوٽيون ميان!

    مٿين سٽن ۾ شاعر سهڻي جي فڪر ۾ ڦوٽيون (ڏار) هجڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. شاهد صاحب کي شاهه سائين جي رسالي ۾ شامل سر ”سهڻي“ چڱيءَ ريت پڙهڻ گھرجي، جنهن ۾ شاهه سائين سهڻي جي عشق ۽ عظمت جي ڳالهه ڪئي آهي. سهڻي لاءِ شاهه جو هڪڙو بيت ئي ڪافي آهي، جنهن ۾ سهڻي جي درياءَ ۾ گھڙي پوڻ ۽ ساهڙ ساهڙ ڪرڻ جي چٽي ڳالهه ٿيل آهي.

    ڪنڌيءَ اڀيون ڪيتريون ساهڙ ساهڙ ڪن،
    ڪنين سانگو ساهه جو ڪي گهوريس ڪيو گھڙن
    ساهڙ سندو تن گھا گھائي گھڙن جي.

    شاهه جي بيت پڙهڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته درياءَ ڪنڌيءَ تي بيهي ڪيتريون ساهڙ ساهڙ پڪارين پيون انهن مان ڪن کي جان جي ڳڻتي آهي. شاهه سائين چوي ٿو ته سهڻي مرڪندي درياءَ ۾ گھڙي آهي ۽ ساهڙ حاصل ڪيو آهي.
    هاڻي ڀلا سهڻي جي فڪر ۾ ڦوٽيون چئبيون؟ ڇا سهڻي درياءَ ۾ گھڙڻ کان پوءِ اڌ مان موٽي آئي؟ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ شاهد عباسي کي اها ڳالهه واضع ڪرڻ گھرجي.
    مان سمجھان ٿو ته هن مجموعي ۾ شامل غزل ۾ هروڀرو ساڳيون ڳالهيون ورجايل آهن. مون کي سواءِ ڪجھه سٽن جي ڪي ڇرڪائيندڙ تشبيهون نظر ڪونه آيون آهن. جيئن سندس هي سٽون آهن ته:
    پرديسن سان نينهن اڙائي
    ڪٿي پيچ تو پاتا آهن.

    عباسي کي گذارش آهي ته شاعريءَ ۾ تڪڙ نه ڪري، شاعري جي ميدان ۾ جيڪڏهن کيس پاڻ مڃرائڻو آهي ته هن کي اڃا به محنت ۽ مطالعي کان ڪم وٺڻ گھرجي.
    ***


    حنيف عاطر جي شاعريءَ جي ڪتاب ”لڙڪن جو قرض“ تي هڪ نظر

    حنيف عاطر جي شاعريءَ جي ڪتاب ”لڙڪن جو قرض“ تي هڪ نظر

    حنيف عاطر جو نالو نئين ٽهيءَ جي سريلن شاعرن جي قطار ۾ متعارف ٿي چڪو آهي. عاطر جي شاعري گھڻي مقدار ۾ سنڌي رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي آهي. هن وقت عاطر جي سنڌي ۽ اردو شاعريءَ جو ڪتاب ” لڙڪن جو قرض“ ڇپجي چڪو آهي. مان چاهيان ٿو ته هن ڪتاب جو جائزو اوهان پڙهندڙن تائين پهچايان.
    ڪتاب جو نالو ”لڙڪن جو قرض“ آهي. ڪتاب 144 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ غزل ، وايون، نظم ۽ ٻيو صنفون اردو ۽ سنڌيءَ ۾ شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ لکندي موسيٰ ڏيٿو لکي ٿو ته ” آئون هن ڪتاب کي سنڌي ادب لاءِ شهه پارو ڪوٺيندس. جيڪو سنڌي ادب ۽ ٻولي جي نراڙ لاءِ بنديا ثابت ٿي سگھي ٿو.“
    هن ڪتاب ۾ شامل حنيف جي شاعري تمام سٺي آهي، هن جي شاعريءَ ۾ عشق موجود آهي. شاعريءَ ۾ فن ۽ فڪر سمايل آهي، تنهن هوندي ڪجھه سٽن ۾ ڪجھه اوڻايون رهيل آهن، جن تي جائز تنقيد جو حق رکان ٿو.
    هن ڪتاب ۾ صفحي نمبر 45 تي عاطر هڪ غزل جي سٽن ۾ هيئن لکيو آهي ته:

    ڪنڊا ايترا ڪوئي پوکي ويو،
    گسن کي اوجاڳا ۽ الڪا مليا،
    گذاريم سڄي رات لکندي غزل،
    هٿن کي اوجاڳا ۽ الڪا مليا.

    فڪري حساب سان هن شعر جي هيٺين سٽ غلط آهي، ڇاڪاڻ ته سڄي رات لکندي هٿ ٿڪجي پوندا ۽ اکين کي اوجاڳا ملندا پر عاطر هن شعر ۾ هٿن کي اوجاڳا مليا لکيو آهي،جيڪا فڪري کوٽ محسوس ٿئي ٿي.
    جيڪڏهن انهيءَ ساڳين سٽن کي هينئن لکي ته:

    ڪنڊا ايترا ڪوئي پوکي ويو،
    گسن کي اوجاڳا ۽ الڪا مليا،
    گذاريم سڄي رات لکندي غزل،
    اکين کي اوجاڳا ۽ الڪا مليا.

    ساڳئي ڪتاب ۾ هڪ صفحي تي هن شاعر جون سٽون آهن ته:

    ديپ ويا عاطر سمهي
    ۽ ضياءَ ماتم ڪيو.

    مٿين سٽن ۾ شاعر لکيو آهي ته ” ديپ سمهي ويا“ جيڪو گرامر جي لحاظ کان به غلط آهي. ديپ ويا جي بدران ديپ سمهي پيا درست ٿو لڳي پر ديپن کي سمهڻ بجاءِ شاعر کي گھربو هو ته ديپن کي وساميل يا اجھاڻل ڏيکاري ها ته شعر اڃا به مضبوط ٿئي ها. جيئن:

    ديپ ويا عاطر وسامي،
    ۽ ضياءَ ماتم ڪيو.

    مون ڪيترن هنڌن تي ڪجھه سنڌي اديبن جي واتان اهو ٻڌو آهي ته اڃا سنڌي ادب کي عالمي ادب سان نٿو ڀيٽي سگھجي. مان سوچيان ٿو ته ائين ڇو آهي.آخر ڪهڙي کوٽ آهي؟ جواب ملي ٿو ته اسان وٽ جائز تنقيد جي کوٽ آهي، سنڌي اديب تعريف ٻڌڻ لاءِ ته آتا آهن پر تنقيد ڪندڙن مٿان ڪڙڪيو پون. سنڌي ٻولي وسيع آهي. تمام گھڻا الفاظ اٿس، تنهن هوندي به اسان جا شاعر ٻين ٻولين جا لفظ سنڌي شاعريءَ ۾ هروڀرو ٿاڦڻ ۾ ڪا ڪسر نٿا ڇڏين حنيف عاطر جي مادري زبان سنڌي نه آهي پر انگريزي به ته ڪونهي هڪ هنڌ هينئن لکيو اٿائين ته:


    هرڪو گھر ۾ بند ٿيو،
    ڀرپاسي ۾ شور ڏسي،
    چنڊ لطيف جا بيت پڙهيا،
    عاطر مون کي بور ڏسي.

    مٿين سٽن ۾ بور لفظ استعمال ٿيل آهي، جيڪو انگريزي زبان جو لفظ آهي ۽ اهو انگريزي عاطر قافيي جي پورائي لاءِ اتي هروڀرو رکيو آهي. ان ساڳئي قافيي ۾ سنڌيءَ جو لفظ موجود آهي پر حنيف عاطر ان کي نه سوچيو آهي، آئون انگريزي لفظ کي ڪڍي ان بدران سنڌي ڪافيو رکان ٿو.

    هر ڪو گھر ۾ بند ٿيو،
    ڀرپاسي ۾ شور ڏسي،
    چنڊ لطيف جا بيت پڙهيا،
    عاطر کي ڪمزور ڏسي.

    چاندني لفظ اردو آهي، سنڌي ڪونهي ۽ چانڊوڪي لفظ سنڌي آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، چنڊ جي روشني. حنيف عاطر هڪ هنڌ لکيو آهي ته:

    رات جي مدهوش نيڻن ۾ لهي ٿي چاندني،
    تنهنجي ڇيرن سان اندر جا ساز جاڳي ٿا پون.

    مٿين سٽن ۾ عاطر چاندني لفظ استعمال ڪيو آهي، جيڪو ٺيڪ آهي پر اهڙي مسلسل استعمال بعد اسان چانڊوڪي لفظ کي ته وساري ويهنداسين، جيڪا سنڌي ٻوليءَ سان نا انصافي ٿيندي تنهنڪري حنيف کي هيئن لکڻ کپندو هو ته؛

    رات جي مدهوش نيڻن ۾ لهي ٿي چانڊوڪي،
    تنهنجي ڇيرن سان اندر جا ساز جاڳي پيا.

    شاعر جڏهن اندر جي احساسن کي لفظن جي مالها ۾ پوئيندو آهي ته، ان وقت هو پنهنجي شعر ۾ سهڻيون تشبيهون ڏيڻ جون پڻ ڪوششون ڪندو آهي. عاطر پنهنجي هن ڪتاب ۾ هڪ غزل لکيو آهي ته:

    هو ويو مڪان خالي ڪري،
    خوبصورت گھٽي رني ڏاڍي،
    هنن مٿين سٽن ۾ ڏيکاريل آهي ته هن جي گھر خالي ڪري وڃڻ بعد خوبصورت گھٽي ڏاڍو رني. انهيءَ سٽن ۾ گھٽي کي خوبصورت ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته گھر ڇڏڻ وارو خوبصورت آهي، تنهن ڪري گھٽي کي خوبصورت نه ڏيکارجي ۽ شاعر کي هينئن لکڻ گھربو هو ته:

    هو ويو مڪان خالي ڪري،
    هن واري گھٽي رني ڏاڍي،
    ايترا درد هن ڏنا عاطر،
    مون مٿان شاعري رني ڏاڍي.

    حنيف عاطر جي هن ڪتاب ” لڙڪن جو قرض “ جي مهاڳ ۾ لکيل هي جملا ٻيهر ورجايان ٿو ته ” هن ڪتاب کي سنڌي ادب لاءِ هڪ شهه پارو ڪوٺيندس، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي نراڙ تي بنديا ثابت ٿيندو. ” آئون چوان ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي اهڙا به شاعر موجود آهن. جن کي ميڊيا جي شهرت نه ملي سگھي آهي. حنيف عاطر کي سوجھرو وارن گھڻو ڇپيو آهي. سندس شاعري سٺي آهي پر سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي نراڙ تي بنديا لڳائڻ لاءِ کيس محنت ڪرڻ جي اڃا به ضرورت آهي ۽ ٿي سگھي ٿو ته، هو اڳتي هلي اهو ثابت ڪري ڏيکاري.
    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566012
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215599
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ