ڪتاب جو نالو: گونگي تاريخ جا فرد
مصنف: نثار کوکر
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2009
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 06 مئي 2017 ع
پڙهيو ويو: 634 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 214 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”گونگي تاريخ جا فرد“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ صحافي نثار کوکر جي صحافتي لکڻين، ڪالمن ۽ مقالن جو مجموعو آهي. نثار لکي ٿو ته :
”تاريخي جبر مان گذرندڙ نڌڻڪا ماڻھو پنھنجو آواز دٻائي، اکيون بند ڪري ۽ چپ سبي وقت گذاريندا آھن اھي پنھنجي پاران پيدا ڪيل اھڙيءَ خاموشيءَ کي اونداھي ۾ تبديل ٿيل سمجھي، اھڙيون حرڪتون ڪرڻ لڳندا آھن، جيڪي پنھنجي ماڻھن جو ماس پٽڻ برابر ھونديون آھن.
ھي ڪتاب سنڌي سماج جي اھڙي خاموش دور جي ڪھاڻين تي مشتمل آھي جنھن ۾ تاريخ جي گونگن فردن جون چالاڪيون ۽ حسناڪيون شامل آھن.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • گونگي تاريخ جا فرد (ليکڪ پاران ٻه اکر)
  • باب پھريون : حسناڪيون

  • يار دي خبر نه ڪائي
  •   گھر جو سُک!
  •   گونگي تاريخ جا فرد
  •   لڪيرن جي چڪر ۾ ڦاٿل زندگي!
  • ٿڪل ڪامريڊ. . . !
  • اڪيلائين جا ماريل ماڻھو!
  •   ٽائيٽينڪ وانگر تباھ ٿيندڙ ھڪ اسڪول
  • اڳ ۾ خطا تي غور ڪجو، پوءِ سزا ڏجو
  •   چولستان جي چائنٺ ۽ فريدي عشق
  • غريب جي ٻار جا اميراڻا شوق!
  •   اي آواره ڇوڪري
  •   حمام. . . . . . . . . !
  •   اسان گورگ جي خاموشيءَ ۾ ڇا پئي ڳوليو؟
  •   خواھشون، ڪي معصوم ڪي قاتل
  •   باغين جا روح ۽ لاوارث سردي
  •   وحشت ۽ محبت ۾ وٿي ئي ڪيتري آھي؟
  •   ڀوتارن جي ڀيڙ ۾ بيٺل ارڏو وڏيرو
  •   ساھ جي ڳڻتي ويساھ جو اُلڪو
  • باب ٻيو : چالاڪيون

  • روجھاڻ جي راڻي جي اقتدار جي مومل کان محرومي
  •   ڪرمنل قبيلا ۽ سرچ آپريشن
  •   جرڳائي سياست جي گھيري ۾ آيل سنڌ
  •   بينظير ڀٽو جي قبر تي ”وَلين“ جھڙو ھجوم
  • نئين ديري جا بدلجندڙ منظر
  •   بينظير ھاڻي ھڪ ”براند نيم“ بڻجي وئي آھي
  • ڪينواس تي 27 ڊسمبر جو منظر
  •   خيابانِ سحر جو خاموش مري
  • ڊيرا بگٽي وڃڻ منع آھي؟
  • نصيرآباد ۾ قبر جھڙي خاموشي
  • عورتن جو قتل نصيرآباد ۾ ماٺار
  • بي گھر بگٽين کي برھمداغ جو انتظار
  • ڪارٽون اشو، صدر بش، ۽ جنرل مشرف جي مقبوليت!
  • قومپرستي جي لھر ۽ ووٽن جي شرح
  • جرڳا جرڳا ھي جھان!
  • ڳوٺ تي رعب!
  • مھدي آرمي، مرر ۽ ديسي گوريلا
  • ڏوھارين جون ڪاروائيون ۽ پوليس جون ڪاريون رڍون
  • پاڻي جو ڪاروبار ۽ آبپاشي جو راز
  • ايڊز جي مريضه جو سماجي بائيڪاٽ
  • بيوفا بلوچ. لڄ جو ڌوٻي گھاٽ ۽ ”ويچارا سنڌي . . .“
  •   دربدريءَ جو درد
  • . . . . . . ۽ ھاڻي توھين آميز ڪارٽون
  • عورت جي ڪمائي تي پلجندڙ نڪما خواب
  •   شدي جي ٽڪري، شور ڪوٽ جا شودا ۽ شڪارپور جو امن
  • قمبر گولين جو کاڄ بڻيل بنيادي جمھوريت!
  •   ڪيڏانھن ويندا ڌرتي ڌڪاڻا ؟
  • ڪيمپن جا ھاري سياسي جلسن ۾ ڪيئن ٿا پھچن
  •   جنيوا ڪانفرنس ۽ بي زمين ھاري
  •   ڪالاباغ ڊيم ۽ افواھن جي بازار جون نيون ٿيوريز
  • چمڪي تي بندوق ۽ سنڌ پوليس جو مورال
  •   ليکڪن مان انقلاب جو رومانس ختم ٿي ويو آھي : نورالھدى شاھ
  •   ڪاميڊي سيريل ”آپريشن آپريشن“

  • ارپنا

    امڙ شھزاديءَ نالي


    نثار کوکر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”گونگي تاريخ جا فرد“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ صحافي نثار کوکر جي صحافتي لکڻين، ڪالمن ۽ مقالن جو مجموعو آهي.

    نثار لکي ٿو ته :
    ”تاريخي جبر مان گذرندڙ نڌڻڪا ماڻھو پنھنجو آواز دٻائي، اکيون بند ڪري ۽ چپ سبي وقت گذاريندا آھن اھي پنھنجي پاران پيدا ڪيل اھڙيءَ خاموشيءَ کي اونداھي ۾ تبديل ٿيل سمجھي، اھڙيون حرڪتون ڪرڻ لڳندا آھن، جيڪي پنھنجي ماڻھن جو ماس پٽڻ برابر ھونديون آھن.
    ھي ڪتاب سنڌي سماج جي اھڙي خاموش دور جي ڪھاڻين تي مشتمل آھي جنھن ۾ تاريخ جي گونگن فردن جون چالاڪيون ۽ حسناڪيون شامل آھن.“

    هي ڪتاب روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران 2009ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    گونگي تاريخ جا فرد (ليکڪ پاران ٻه اکر)

    تاريخي جبر مان گذرندڙ نڌڻڪا ماڻھو پنھنجو آواز دٻائي، اکيون بند ڪري ۽ چپ سبي وقت گذاريندا آھن اھي پنھنجي پاران پيدا ڪيل اھڙيءَ خاموشيءَ کي اونداھي ۾ تبديل ٿيل سمجھي، اھڙيون حرڪتون ڪرڻ لڳندا آھن، جيڪي پنھنجي ماڻھن جو ماس پٽڻ برابر ھونديون آھن.
    ھي ڪتاب سنڌي سماج جي اھڙي خاموش دور جي ڪھاڻين تي مشتمل آھي جنھن ۾ تاريخ جي گونگن فردن جون چالاڪيون ۽ حسناڪيون شامل آھن.
    پاڻيءَ جي ڪاروبار ۾ آبپاشي ڪامورن جو ڪيترو ھٿ آھي ۽ ڌاڙيلن کي پيدا ڪرڻ ۾ پوليس جي ڪارين رڍن ۽ ڀوتارن جي ڪمدارن جا ڪيترا ڪردار آھن، اھو ته توھان کي چالاڪين واري باب منجھان پتو پئجي ويندو. پر ھن سينواريل سماج ۾ خيابان سحر جي خاموش مري کان وٺي باغين جي روحن تي پوندڙ لاوارث سرديءَ تائين جون ڪھاڻيون به حسناڪيون بڻجي توھانجي سامھون اينديون.
    سنڌ سماج جي خاموشيءَ واري سالن ۾ رڳو سياسيءَ ماھرن ۽ باغين جي روحن جھڙين ڪھاڻين جنم ڪونه ورتو، پر ”آواره ڇوڪري“ ۽ ”يار دي خبر نه ڪائي“ جھڙن ڪردارن پڻ پنھنجي وجود جو احساس ڏياريو.
    منھنجي ڪالمن پڙھڻ کان پوءِ اڪثر حجائتا دوست روبرو يا فون ڪري انھن ڪالمن ۾ ذڪر ھيٺ آيل ڪردارن بابت پڇائون ڪندا رھندا آھن جيڪي گھٽ حجائتا پڙھندڙ آھن سي وري منھنجي ويجھن دوستن کان اھڙي معلومات وٺندا رھندا آھن. اھڙن پڙھندڙن کي دلچسپي ڪالمن جي صرف ڪردارن جي نالن ۾ ھوندي آھي. پر اڪثر آءُ سوچيندو رھندو آھيان ته ڇا واقعي نالا ايترا اھم ھجن ٿا ڇا اھو ڪافي ناھي نٿو ھجي ته جنھن روايتي حجابن جي پردن ۾ اسان جون حياتيون گذرن ٿيون انھن پردن پويان ڪيتريون نه دلچسپ ۽ عجب لائق ڪھاڻيون نئين سر جنم وٺنديون رھن ٿيون.
    ٻين ماڻھن جي زندگين جون ڪھاڻيون پڙھڻ ۽ انھن ۾ جھاتيون پائڻ انسان جي بنيادي ڪمزوري آھي. اھا ڪمزوري رڳو سنڌي ماڻھن ۾ نه، پر ھر ان سماج ۾ موجود آھي جتي چالاڪين ۽ حسناڪين کي پرکڻ جي اک عام آھي.
    سنڌي سماج ھڪ وڏي تبديلي طرف وڌي رھيو آھي ۽ ان جي اڳتي سفر دوران نئين سر، نين ڪھاڻين جو جنم وٺڻ فطري عمل آھي ۽ اھڙين ڪھاڻين کي بيان ڪرڻ منھنجي اولين ترجيح رھي آھي. لکڻ ۾ ھميشه استادن چواڻي ته لکجي ته ڀير تي ڏؤنڪو ھڻي لکجي ... نه ته خاموش رھجي .
    سياسي ۽ سماجي ڪھاڻين سان گڏ ھن ڪتاب ۾ اھي لکڻيون به شامل ڪيون ويون ھن جيڪي محبتن جي مامرن بابت آھن. اھي دلين جون ڳالھيون دل سان پڙھڻ جي ضرورت آھي، ڇو ته اھي دنياداريءَ کان گھڻو دور آھن. ھي ڪتاب توھان تائين پھچائڻ ۾ پياري دوست ممتاز بخاريءَ جي ڪوشش شامل آھي، جنھن جي اسرار کانسواءِ ھي ڪتاب توھان جي ھٿن تائين پھچي نه سگھي ھا. سنڌ جي نئين سرجندڙ صحافتي ادب کي يقينن اڃا وڌيڪ دلچسپ ۽ معلوماتي ڪتابن جي ضرورت آھي، پر ان سلسلي جي ھيءَ ڪوشش اوھان کي ڪيترو پسند اچي ٿي، ان جو اظھار اوھان ھيٺ ڏنل اي ميلز تي ڪري سگھو ٿا.
    ڪجھه ماڻھن کي منھنجي چند ڪالمن تي اعتراض رھيا آھن، ڪجھه ماڻھن کي انھن ۾ اگھاڙپ ٿي نظر اچي ۽ ھو ”مقدس“ سنڌي سماج جا حوالا ڏيئي تنقيد ڪندا رھيا آھن. اھڙن سمورن دوستن کي صرف ھڪ ئي نماڻي گذارش ڪندس ته، سنڌ اندر ھر شعبي ۾ وڏيرا ۽ ڀوتار ويٺل آھن ۽ اھي تمام گھڻا بدبودار به آھن. مھرباني ڪري ادب ۽ صحافت جي اندر وڏيرڪا رويا متعارف نه ڪرايو ۽ نه ڪو دوست اھڙو ڀوتار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري، ڇو ته ڀوتارن اسان جي سماج جي اڳ ئي گھڻي ڀڃ ڊاھ ۽ ڀينگ ڪئي آھي.

    مھرباني

    نثار کوکر
    7.3.2009


    باب پھريون : حسناڪيون

    يار دي خبر نه ڪائي

    اھا ڪراچيءَ جي نارمل موسم واري شام ھئي. جڏھن اسان سندس بنگلي جي وڏي گيٽ ٽپي اندر ٿياسين. ان وقت ھوءَ خوبصورت ڇٻر واري لان تي رکيل پلاسٽڪ جي ڪرسيءَ تي ويھي پنھنجي ڀورن وارن ۾ آھستي آھستي ھٿ ڦيري انھن کي نرميءَ سان سڪائي رھي ھئي. توڻي جو منھنجي ساڻس ڄاڻ سڃاڻ ڪيئي سال پراڻي ھئي، پر سندس نئين گھر ۾ ملڻ جو خيال منھنجي ھڪ معزز خاتون دوست کي تڏھن آيو، جڏھن اسان سمنڊ ڪناري بيٺي بيٺي چڪن بروسٽ کائي بس ڪيا ھئا. ھن جو گھر ويجھو ھئڻ ڪري ھن وٽس چانھه پيئيڻ جو پروگرام ٺاھيو. ڊرائنگ روم اندر داخل ٿيندي ئي مون تڏھن شڪر ڪيو، جڏھن ھن مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندي پنھنجي سھيليءَ سان خوب دل جون ڳالھيون ڪيون. آئون چانھه جي ڪوپ ۾ غرق ٿي ننڍڙي شھر جي غريباڻي گھٽيءَ ۾ رھندڙ ان معصوم ڇوڪريءَ بابت سوچڻ لڳس،جيڪا ھر ڀيري فون تي اھو ئي ورد ڪندي ھئي ته، ”ميري ليئي بھي ڪيا ڪوئي اداس بيقرار ھي.“ ان زماني ۾ اسان جو ھڪ ليڪچرار نما پروفيسر دوست کيس مشھور خاتون ٿيڻ جا گر سيکاريندو ھو. پر ھاڻي شايد ھوءَ سڀ ڪجھه وساري ويٺي آھي، ڇو ته سندس اباڻي شھر ۾ اھا ئي خبر پھتل آھي ته ھن ڪنھن وڏي ماڻھو سان شادي ڪري ھميشه لاءِ ڪراچي وسائي ورتي آھي.“ پر پگلي اھو سڀ ڪجھه آخر ڪيستائين ھلندو، جيترو جلد ٿي سگھي تون شادي ڪري ڇڏينس، نه ته اھو پوڙھو ايم اين اي توکي ڪٿان جو ڪونه ڇڏيندو.“ کليل وارن واري اپسرا کي سندس سينئر سھيليءَ صلاح ڏيندي چيو. ھن ڪاوڙ ۾ اچي عياش مردن کي ڪمينو سڏيندي کيس ڄڻ ته پنھنجو تجربو ٻڌايو. ”اھي ڄور وانگي تيستائين چنبڙيل ھوندا جيستائين جسم سڊول اٿئي. جڏھن جسم لانجھو ٿيڻ شروع ٿيئي ته پنھنجو پاڻ کي ھنن سمورن ٺٺ ٺانگرن کان فارغ سمجھه.“ ھنن ڪي ڪچھريءَ مان اھوئي لڳو ته ان ايم اين اي (جنھن کي ھو بار بار پوڙھو چئي ڄڻ ته سندس استحقاق مجروح ڪري رھيون ھيون) ھن معصوم چھري واري چالاڪ بڻجي پيل ڇوڪريءَ سان ڪا شادي نه ڪئي آھي، پر کيس سريت (ويھاريل) يا .... ڪري رکيو آھي، جنھن سان اھو پنھنجو فرصت جو وقت گذارڻ ته ايندو رھندو آھي، پر کيس پنھنجو ننگ مڃڻ لاءِ شايد ڪڏھن به تيار نه ٿئي.
    ڇا تو ڪڏھن سوچيو آ؟
    جوڀن ڪنھن جو چوڙي چوڙي،
    ........ جذبا ٽوڙي مروڙي،
    ان کي ڌار ڪبو ناھي،
    نروار ڪبو ناھي،
    نينھن به آھي ننگ پرين،
    ان تي ساه ڏبو آھي!
    پر اھا ڳالھه شايد سريت رکڻ جي شوقين اڪثر مردن کي سمجھه ۾ نه اچي سگھي آھي، ھر رشتو، جيڪو روزانو نفرت ۽ پيار جي پلصراط تان ٿيندو رھي ٿو. اھڙو پاپ جنھن کي دوکي ۽ مجبوري وچان عورتون عشق سمجھنديون رھن ٿيون، جڏھن ته مرد ان کي ڪنھن لالچي وياج خور جيان وياج جا پئسا ڏينھون ڏينھن تيزيءَ سان وصول ڪرڻ وارو واپار سمجھن ٿا. اھا ته ھاڻي پوري پاڪستان ۾ ٺيڪا کڻندڙ فرم جي سربراه بڻجي ويل ھمراه کي خبر ھوندي ته سکر وارو سندس بنگلو ڪيترو مھانگو آھي. پر ان مھانگي بنگلي ۾ ھن ھڪ اپسرا کي ائين قيد ڪري رکيو آھي، جيئن سوني پڃري ۾ ڪا ڪوئل قيد ھجي. ھن جو آواز واقعي به ڪوئل جھڙو بڻجي پوي ٿو. جڏھن ويران بنگلي جي بالڪونيءَ ۾ ڪين روڊ جي ڪرسيءَ تي ويھي لھندڙ سج جا منظر ڏسي ٿي. ھوءَ اصل ۾ ڪنھن گائڪ گھراڻي سان ته واسطو نٿي رکي پر ڪاليج ڪامپيٽيشنز ۾ ھوءَ سريلي آواز جي مالڪ ضرور ليکي ويندي ھئي. ھوءَ جنھن ڇوڪري کي ھاڻي بيوفا سمجھي ٿي ان کيس ايئر ھوسٽس ٺاھڻ جو آسرو ڏئي ڪراچي جي فليٽن ۾ ڪاروبار ڪرايو. ان دوران کيس محفل ۾ اھو ٺيڪدار ملي ويو، جنھن کيس صرف پنھنجي لاءِ مخصوص بڻائي ڇڏيو، ھوءَ اڄ به اھو چئي سندس ٿورا مڃيندي آھي ته،
    جب تک بکا نه تھا ڪوئي پوچھتا نه تھا
    توني مجھي خريد کر انمول کرديا.
    ”اڪثر وڏا ماڻھو سريت (ويھاريل) ڇو ٿا رکن؟“ ڪافيءَ جي ڍڪ کان پوءِ اھو سوال مو کان اھڙي بولڊ ڇوڪريءَ پڇيو، جنھن جو حقيقي پروفائيل لکجي ته سنڌ اندر وڏو ٻڙڌڪ مچي سگھي ٿو. ھن کي مون سنڌي سماج اندر ننڍپڻ جي شادي ۽ بي جوڙ شادين جا حوالا ڏيڻ کان پوءِ پڙھيل لکيل ۽ اڻپڙھيل عورتن جي زندگيءَ ۾ آيل عذابن جا حوالا ڏئي ”سريت“ رکڻ وارو منطق سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي. ھن ڪجھه دير سانت ۾ رھڻ کان پوءِ پنھنجي اسٽائيل سان سگريٽ جو ڪش ھڻندي چيو ”يار ڪجھه به ھجي، پر اھو مرد ۽ عورت جي گڏيل ڪميڻپ کانسواءِ ڪجھه به ناھي. ڇا اھو به ڪو پيار ٿي سگھي ٿو ته توھان نڪاح نه ڪريو، پر زال جيان سک ڏئي رکو يا وري عورتن کي ڏسو ته ھڪ ماڻھوءَ جي عيش آرام لاءِ سينگارجي ۽ سيڙجي ويھن ٿيون پر ڇا لاءِ؟ صرف ۽ صرف پئسن لاءِ؟“ پر ھن يورپين اسٽائيل ڇوڪريءَ کي ڪھڙي خبر ته سنڌي سماج ۾ اڪثر عورتون پنھنجي آزادي سستي اگھه وڪڻي، سونا زيور ۽ آسائشون خريد ڪنديون رھن ٿيون ۽ باقي دنيا جي ھر بازيءَ لاءِ ھو ان کي پيار جھڙي پُر فريب ناٽڪ جو نالو ڏئي ڇڏين ٿيون.
    مان ته اھڙيون سوين آزاديون لٽائي ڇڏيان ھن غلامي تان،
    جيڪا چاه بڻجي، مون سان چھٽي پئي آ ............
    چند ماڻھن جون ھڪ ئي وقت ٻه ٻه ڇوڪريون مختلف شھر ۾ ”رکيل“ بڻايل آھن، نه ته عام طور ھڪ ئي سھڻي سجيلي ڇوڪريءَ کي سريت بڻايو وڃي ٿو. جنھن جا خرچ پوري گھر کان به ڪڏھن ڪڏھن مھانگا پون ٿا. پر ھڪ بزنس ٽا.يڪون چواڻي ته ”جيترو سڪون سريت جي گھر ۾ آھي، ايترو ته اصل گھر ۾ به ناھي، ھي ھر روز ائين ئي مھمان نوازي ڪن ٿيون، ڄڻ ته وڏي عرصي کان پوءِ ھو وٽس آيو ھجي.“
    ڳچي ۾ مون ھيو پاتو ۽ سيني ساڻ ھو لاتو،
    منھنجو محبوب ڪلھه مون کي ھٿن ۾ ھار وانگي ھو.
    سريت جي گھر نه ٻارن جو شور نه زال جو ڪروڌ نه سمھڻ جي جلدي نه اٿڻ جي تڪڙ. ھر پاسي پيار جي پالوٽ ايتري ٿئي ٿي جو دنيا جا جنجھٽ چائنٺ کان ٻاھر ئي بيھي رھن ٿا. بس الميو صرف اھو ئي ٿئي ٿو ته سريت جي عمر تمام ٿوري ٿئي ٿي. اھميت طوائفن کان وڌيڪ عمر انھن جي جوڀن ڏينھن جيتري، ھونئن ته اڪثر اھو مھانگو شوق امير امراءِ ڪندا رھن ٿا، پر ڪڏھن ڪڏھن مڊل ڪلاسي ڪنگلا پارٽين جي قسمت جو در به ان طرف کلي پوي ٿو. ھو پنھنجي پيار جي خرچن جو پورائو ته ڪندا رھن، پر الڳ جڳھه ۾ رھائڻ مشڪل مرحلو ٿئي ٿو. جنھن ڪري اھڙين ڇوڪرين سان سنگت رکي کين پيءُ ماءُ جي گھر ۾ ئي ترسڻ جي تلقين ڪندا رھن ٿا. پر جڏھن اھا مھانگي محبت سان گھر جو در کڙڪائي ٿي ته ھو گھر ڀاتين سان سندن تعارف دين جي ڀيڻ طور ڪرائن ٿا. ڀلي ته دوستن ۾ ھو ان جي محبوبا ھئڻ جو دعوائون ڪندا رھن.
    ھو ڪيڏو ڪيس ڪري ٿو،
    ڪنھن جي ڪومل ڪومل جذبن سان،
    زال جي آڏو ڀيڻ چوي ٿو،
    دوست جي آڏو محبوبا!
    اھو ڪيس اسان جي ان پروڊيوسر دوست به سالن تائين پنھنجي انائونسر ”ڀيڻ“ سان ڪيو، جنھن جون تصويرون ته ھو وڏي چاھسان ٻٽونءَ ۾ رکندو ھو۽ پيئڻ کان پوءِ وڦلندي اھي سڀني کي ڏيکاريندو به ھو. پر ھن ڪڏھن به ان ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ جي جرئت نه ڪئي، جيڪا ريڊيو ته سالن تائين صرف سندس رومانٽڪ لٻاڙ ٻڌڻ لاءِ ايندي رھندي ھئي. پروڊيوسر صاحب جڏھن محبت م به ھمت نه ڏيکاري ته ھن وڃي انجنيئر سان شادي ڪئي. جنھن جي غم ۾ اھو ريڊيو پروڊيوسر اڪثر اھو ئي ڪلام ھلائيندو رھندو ھو ته،
    سڄڻ بي سبب تون جدا ٿي ويو آن،
    کسي دل او جاني خفا ٿي ويو آن.
    اھي عورتون بقايا سمورو وقت شاپنگ ڪندي ۽ پارٽيون اٽيند ڪندي گذارين ٿيون. ڪڏھن سريت عورتن جا عجيب اتفاق اھڙا به ٿي پون ٿا، جو ھڪ ئي وقت ٻن دوستن سان سندن ھم آھنگي ھلندي رھي ٿي. اھو ڪم تمام ٿورڙيون ۽ آزاد معاشي مقام رکندڙ عورتون ڪن ٿيون، نه ته اڪثر ڇوڪريون پيار جي امانت ۾ خيانت جو تصور به گھٽ ڪن ٿيون. جيئن جيئن اسان جي سماج ۾ انڌي ڦرلٽ واري ڪمائي (ڪرپشن) جو ڪلچر وڌندو رھي ٿو، تيئن ئي نئين ماڊل گي گاڏين ۽ نئين جوانيءَ وارين ويڪائو پيار جھڙين ڇوڪرين جا اگھه چوٽ چڙھي وڃن ٿا. اھا تمام گھٽ ماڻھن کي خبر ھوندي ته سريت ٿي رھيل ڇوڪرين جي پوڙھپڻ ڪيئن ٿو گذري. اھو وري ڪنھن ٻئي ڀيري جو قصو ڪري ٿا ڇڏيون.في الحال ان سياسي واپاريءَ جا لفظ ٿا دھرايون.جنھن چيو ھو ”يار عشق لاءِ ٽائيم ناھي، پوءِ ڀلا پئسا ڀري اھو عشق به نه ڪريون ڇا؟“

    نيڻ ملايون، وقت ڪٿي آ،
    چوٽون کائون، وقت ڪٿي آ،
    ڳالھه ڊگھيري، وقت ذرا ڪم،
    ھي ڪم ھو ڪم، ھي غم ھو غم!


      گھر جو سُک!

    راجندر سنگھه بيديءَ جي اھا ڪھاڻي تله گنگ ويجھو لوڻياٺي زمين تي تڏھن ياد آئي، جڏھن اسان جي گاڏي اتفاق سان معمولي نقص سبب خراب ٿي پئي. گھڻا ئي سال اڳ ۾ پڙھيل اھا ڪھاڻي ان ڪري به شدت سان ياد آئي جو ان ڪھاڻي جو ھيرو به دربدر ڀٽڪندڙ سڙڪ ڊرائيور ھو ۽ تله گنگ ويجھو ويراني ۾ اسان کي رات رھڻ جي صلاح ڏيندڙ شخص به ڊرائيور ھو. ”سائين سوير ھلي به گھر پھچنداسين نه، گھر وري ڪھڙا طعام تيار ھوندا. گھر ڀي ٿاڻا لڳا پيا آھن. ھڪ رات به انھن ٿاڻن کان ٻاھر چڱي.“ ڊرائيور پنھنجي اندر ۾ ڇپ ھڻي ويٺل شديد مايوسي کي چند بناوٽي ٽھڪن ذريعي ٻاھر ڪڍي رھيو ھو. پر سندس جملي پل کن اندر ڪيترن ئي ماڻھن جي محبوب شھر حيدرآباد جي انھن اڌ آباد ۽ اڌ اجاڙ فليٽن ۾ مون کي پھچائي ڇڏيو، جتي اسان ڏھاڪو سال اڳ ائين روپوشي جي زندگي گذاريندا ھئاسين، جيئن پنھنجي وطن کان دور ڪنھن ويراني ۾ ڪنسٽرڪشن ڪمپنيءَ جا ملازم حياتي جا ڏينھن گذاريندا آھن.
    انھي عمارت جي چند آباد فليٽن منجھان ھڪ فليٽ اسان ان درزيءَ سان شيئر ڪندا ھئاسين، جيڪو شاعريءَ جي شوق ۾ جنون جي حد تائين پھتل ھو، سندس مھمانن ۾ ھڪ مستقل مھمان اھو بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ شاعر به ھو، جنھن جون ننڍي عمر ۾ ئي 2 شاديون ٿيل ھيون، پر ھو ھفتي جا مجموعي چار ڏينھن اسان جي فليٽ تي ڪتاب پڙھندي ۽ ميوزڪ ٻڌندي گذاريندو ھو. اھا ته خبر کيس بعد ۾ پئي ته جنھن شاعراڻي مزاج واري ڇوڪريءَ سان ھن پيار جي لڪل شادي ڪئي، تنھن جو سڄو خاندان کيس پالڻو پيو. پر پوءِ به نه ملي سگھيو ته کيس گھر جو اھو سک نه ملي سگھيو، جنھن جي تلاش ھو شادين جا ڳرا خرچ ڀريندو طوائفن جي انھن ڪوٺن تائين پھتو جتي کيس سُر ٻڌايو ويندو ھو ته ”آوان کي ھوا بڻ ڪي......“ پر ڪا به اھڙي ھوا سندس من اڱڻ تي گھلي نه سگھي.
    اھڙي ئي ھوا جي تلاش ۾ اھو لاڙ جو سريلو شاعر به سرگردان رھيو، جنھن پنھنجي پھرين گھر واري جي جنجھٽن کان بيزار ٿي اڌ رات تائين ھلندڙ گھريلو جھيڙي کان پوءِ گھر جي اڱڻ ۾ پنھنجو انت آندو ھو. ھاڻي روئڻ لاءِ ان عورت وٽ ڳوڙھا به ناھن، جنھن جي روين کان تنگ ٿي ھن حساس جيون جو انت آندو. ھاڻي ھو اڪيلي گھر ۾ ماڻھن کي سڏي سڏي ويھاري ٿي. پر پوري شھر ۾ ڪير به ساڻس ڪچھري ڪرڻ لاءِ تيار ناھي ھو مختلف شڪايتن جا بھانا بڻائي ٽيليفون عملي ۽ ٿاڻي وارن سان ڳالھائڻ کان ٿڪجي ٿي ته پنھنجي ڊيڪ جو واليم فل ڪري بقايا گھر جون لائيٽون آف ڪري اھي ئي گانا ٻڌندي رھي ٿي.
    ڪيون ڪسي ڪو وفا ڪي بدلي وفا نھين ملتي
    ڪيون ڪسي ڪو خوشي ڪي بدلي خوشي نھين ملتي
    جڏھن به گھر ھوندي بي گھر بڻيل ماڻھن لاءِ مون سوچيو تڏھن ميرپورخاص جو اھو ڪامريڊ وڪيل مون کي بار بار ياد ايندو رھيو، جنھن شايد پنھنجي طرز جي گھر جو سک ماڻڻ لاءِ يارنھن شاديون ڪيون ۽ سڀني کي طلاق ڏيندو رھيو. ھاڻي خبر ناھي ته ھو اڃا تائين شادي ٿيندي ئي ديسي سائي ٿاڌل جو گلاس پيئي ٿو الاءَ نه. پر ڪجھه سال اڳ جڏھن آئون سندس ڪمپيوٽر ڪمپوزر نما آفيس ۾ساڻس مليو ھئس ته ھو اسٽيل جي گلاس ۾ ”غير قانوني قومي مشروب“ جا ڍڪ ڀري رھيو ھو. ساڻس ملاقات ۾ سياسي موضوع به حاوي رھيا. پر آئون اڪثر وقت اھو ئي سوچيندو رھيس ته يارنھن شاديون کان پوءِ به ھن شخص کي ڪڏھن به گھر جي ماني ڇو نه نصيب ٿي؟ ھو 60 سالن جي عمر تائين ماني ھوٽل تان ۽ ڪپڙا ڌوٻي کان استري ڪرائيندو رھيو. ”مون پنھنجي ٿيڻ واري گھر کي واضع ٻڌائي ڇڏيو آھي ته ھوءَ ڀلي ٻيو ڪجھه نه ڪري، پر جڏھن آئون شاور وٺي باٿ روم کان ٻاھر ٿيان ته ڪپڙا استري ٿيل ۽ سٿڻ ۾ اڳٺ پيل ھجي“ شاگردي واري زماني جي ان روم ميٽ ٻڌايو ھو، جنھن کي اڳتي ھلي سٺو ڪاروباري ۽ مذھبي اڳواڻ بڻجڻو ھو. ھر عمر ۽ ھر طبيعت جي ماڻھن جون طبقي آھر گھر جي سک بابت پنھنجو توقعات آھن. گھر جو سک بظاھر ته ان سيٺ کي رتبي موجب حاصل آھي، جنھن جون سڀ ڪوٺيون ڊفينس طرف تعمير ٿين ٿيون، پر ڇا واقعي کيس حقيقي معنى ۾ ڪڏھن گھر جو سک نصيب ٿيو آھي؟ ”گھر جو سک صرف گھر جي ديوارن، انٽيريئر ڊيڪوريشن سان ته سلھاڙيل ناھي، اھو سک اھي مھانگا پردا، فرينچ يا اٽالين اسٽائيل فرنيچر ته ڪونه ٿو ڏئي سگھي، اھو ڪٿي ٻئي ھنڌ تي ڳوليندو آھيان.“ اھو گڙنگ سيٺ شھر جي ان مھانگي ھوٽل جي ڪمري ۾ ٻڌائي رھيو ھو، جيڪو ھن سالن کان پنھنجي لاءِ بڪ ڪرائي ڇڏيو آھي. ان ھوٽل جي ڪمري منجھان ھو صرف ان وقت نڪري ويندو آھي، جڏھن کيس ننڊ جا جھوٽا چاڻ شروع ٿيندا آھن.
    اھڙن ماڻھن سان ملي آئون اڪثر سوچيان ٿو ته جيڪڏھن راجندر سنگھه بيدي ملي وڃي ھا ته کيس اھو ضرور ذھن نشين ڪرائجي ھا ته ”گھر جو سک“ صرف ٽرڪ ڊرائيورن جو مسئلونه پر ھر ان ماڻھو جو مسئلو آھي، جيڪو مصلحتن جي پٿرن تي پير رکي حياتي جا سال پٿر دل گھر ڀاتين سان ائين خاموشي سان گذاريندو رھي ٿو، ڄڻ ته ھو حياتيءَ جا نه، پر گناھن جا سال گذاريندو ھجي. ”مون کي گھر ۾ گھڙڻ سان عجيب ڪوفت ٿئي ٿي، ننڍي ڀيڻ جي شادي کان پوءِ ڪو گھر ڀاتي اھڙو نه بچيو آھي، جنھن سان دل کولي ڪچھري ڪرڻ تي دل چوندي ھجي. گھر واپس اچي آئون ڄڻ قبر جھڙي خاموشيءَ ۾ ملي ويندي آھيان.“ لاڙڪاڻي جي اھا نوڪري پيشه خاتون ٻڌائي رھي ھئي، جيڪا گھريلو مصلحتن تحت شادي جا سال بنا ڪنھن دھل شرنائين واري خوابن جي گذاري چڪي آھي. ھاڻي ھوءَ فون ۽ انٽرنيٽ کي پنھنجو جيون جي آڪسيجن سمجھي جيئندي رھي ٿي، جنھن دوست کي يونيورسٽي واري زماني ۾ بي گھر ھئڻ جو شديد احساس ٿيندو ھو. سو ھاڻي گھر مالڪ ھوندي به بي گھر بڻجڻ چاھي ٿو. اھا رات ھن ڄامشوري جي پٿرن سان روئندي گذاري ھئي، جنھن رات ھاسٽل جي چوڪيدارن دير سان اچڻ ڪري کيس ھاسٽل اندر داخل ٿيڻ نه ڏنو ھو. ان رات کان ھڪ سھڻي گھر جوڙائڻ جو خواب ھن پنھنجي اکين ۾ سجايو. پر کيس اھا خبر ھاڻي پئي ته گھر صرف سيمينٽ جا بلاڪ ۽ آر سي سي ڇت جو نالو ناھي، گھر ته ڪنھن گھاٽي نم جي وڻ جي ڇانو جو نالو ٿئي ٿو، جتي پاڻ سان گڏ پکين کي به آرام ملي، گھر جو سک انھن بي جوڙ شادين سان به ڳنڍيو وڃي ٿو، جيڪي اسان جي سماج ۾ عام جام ٿين ٿيون. بي جوڙ شادين سبب ذھني سطح نه ملي سگھڻ تي عذاب ھيٺ اھا ڌر اچي ٿي، جيڪا وڌيڪ حساس ھجي. عذاب عورت يا مرد تائين محدود ناھي. عذاب ته اھا شاعره اڃا به ڀوڳي ٿي، جنھن جي شادي سندن سرن جي بٺن واري مالڪ سان ٿي. ھوءَ جڏھن به ساڻس ڪچھري ڪرڻ شروع ڪري ٿي ته ھو ڪلڪيوليٽر کڻي کيس سمجھائيندو رھي ٿو ته اڄ ھيترا ھزار سرون وڪرون ٿيون. ان ڪري ۽ خريداري کان بيزار ٿي ھن کانئس اھو چئي طلاق ورتي ته انساني جسم ۽ سوچون ڪي سرون ناھن، جن جي بيھڪ ۽ بناوٽ جيئن سيٺ چاھي، تيئن بڻائجي. اھڙي عذاب واري شادي کان بھتر آھي ته اڪيلو گذارجي.
    سوچون ته اسان جي ولايتي وسڪي پيئندڙ صحافي دوست جون به ساڳيون آھن، پر ھو چوي ٿو ته گھر جي سک خاطر ٻچن جو سک ڇو وڃائجي؟ شادي جھڙي غلطي حياتيءَ ۾ ھڪ ڀيرو ٿي ڪجي ته بھتر، بار بار ڪرڻ سان اھا نيڪي نه، پر ساڳي غلطي ئي رھي ٿي.

    فکر دنيا ۾ سر کھپاتا ھون
    مين کھان اور يه وبال کھان.


      گونگي تاريخ جا فرد

    گھٽ ٻوسٽ واري دور ۾ چون ٿا ته تخليقڪارن جو ساه منجھندڙ ۽ ھانءُ ڪُرندو آھي. ان گھُٽ ٻوسٽ واري ماحول کان نفرت جو اظھار پنھنجي آرٽ، شاعريءَ ۽ ڪھاڻين ۾ ڪندا آھن. پر لاڙڪاڻي ڀرسان سنڌو ڪناري عاقل ڳوٺ ۾ ھڪ شاعر پاڻ ان سماجي بيحسي ۽ گھُٽ ٻوسٽ جو اھڙو ته شڪار ٿي ويو آھي جو شاعري سندس ھٿن مان ورھين کان ايئن ڪري پئي آھي، جيئن سندس نظم جي ھڪ سٽ آھي ”خدا جي ھٿن مان ھا ڪريا سڀيئي اسان جي ڪھاڻيءَ جا صفحا تي.“
    سعيد ميمڻ پنھنجو جنون ۽ جواني سنڌي شاعري کي ارپي ڇڏي ھن خوبصورت فطرتي رنگن وارا ”پنجڪڙا“ لکي شاعري ۾ نئين صنف جو اضافو ڪيو. ھن شاعر بڻجي زندگي گذارڻ جا خواب ڏٺا پر غلامي ۽ انسان جي تذليل واري سنڌي معاشري ۾ ھو، پنھنجي خواب جي ساڀيان ماڻي ڪونه سگھيو. سعيد جنھن جڏھن جنون ۾ اچي ھن جھڙا ڪيئي شعر لکيا ته شيخ اياز جھڙي شاعري جي معتبر نالي به ڪر کڻي کيس ساراھڻ شروع ڪيو. سعيد ھڪ ھنڌ ڄڻ ته پنھنجي پوري نسل جي ترجماني ڪندي لکي ٿو؛

    ”اسان جي ڪھاڻي جا صفحا سڀئي،
    دريائن جي ڇولين ۾ اڇليا ويا،
    ڪي بيدرد پيرن ۾ ڪچليا ويا
    خدا جي ھٿن مان ھا ڪريا سڀئي
    اسان جي ڪھاڻي جا صفحا سڀئي“

    جنھن گھُٽ ٻوسٽ سعيد جو ساه منجھائي وڃي کيس بيمارين ڀيڙو ڪيو ان بابت لکي ٿو ته ؛

    ”اسان گونگي تاريخ جا فرد آھيون،
    اھي ساز جن جون ٻڌيون ڪنھن نه تانون،
    ٽٽل دل جا خاموش ٿيل درد آھيون،
    اسان گونگي تاريخ ها فرد آھيون.“
    ان ڏينھن سعيد جي مک تي مرڪ آڻڻ لاءِ ڪجھه دوستن چيو ته سعيد کي عشق جي چوٽ لڳي ان مان سنئين لڱين نه بچي سگھيو، پر اسان سڀني کي خبر ھئي ته جنھن غربت، اجتماعي محرومي ۽ محبت جي ڪنگال پڻي ھي شاعر گذريو، ان مان بچي نڪرڻ مشڪل ھو.
    سعيد ميمڻ گذريل چند سالن کان بيمار آھي، ھو شگر، ھاءِ بلڊپريشر ۽ ھلڪي دل جي تڪليف جو ته مريض آھي پر دماغي بيماري کيس ھلڻ کان لاچار بڻائي رکيو آھي. شروع ۾ جڏھن دوست ٻڌائيندا ھئا ته سعيد کي ڪا اھڙي بيماري ٿي پئي آھي جو جڏھن ان بيماري جو دورو پويس ٿو ته سندس ھٿ ۽ ڄنگھه ڪنٽرول مان نڪري وڃن ٿا. ھو عجيب غريب حرڪتون ڪندو ٿو رھي، ڪجھه دوستن جي موٽر سائيڪلن تي ويٺي ويٺي کيس اھڙا دورا پيا ۽ ڪنھن ايڪسڊنٽ کان ذري گھٽ بچي ويا.
    سعيد ميمڻ کي ڪراچي جي دماغي مرضن واري ھڪ ماھر ڊاڪٽر وٽ نيو ويو. دوائون مليون پرچا مليا. ٽيسٽون ڪرائڻ لاءِ چيو ويو پر شاعر وٽ لفظن کانسواءِ پيسو ٿوروئي ھو جو ھو سخاوت سان پنھنجو علاج ڪرائي.

    وڃايل اکين جا اسين خواب آھيون،
    اکيون جيڪي رڻ جي تتل ريت جھڙيون
    ۽ گھريون ڀٽائي جي بيت جھڙيون،
    ڪنھنجي نظر جا اسين ماڳ ناھيون،
    وڃايل اکين جا اسين خواب آھيون.

    سعيد ميمڻ شاگردي واري زماني کان محنت ڪئي ھن جا ھٿ اکر به سھڻا ھئا، ھن سنڌي ۾ ماسٽرس ڪئي پوزيشن سان پر سنڌي شاعري کيس اھڙو ٻک ھڻي بيٺي جو ھو دنياداري سان ھوندي به ان کان ڌار رھيو.
    معاشي مجبورين کيس پرائمري ماستري سان گڏ پارٽ ٽائيم طور شھر ۾ رڪشا ھلائڻ تي مجبور ڪيو ھڪ دفعي خيالن ۾ گم شاعر پل کن لاءِ رڪشا ڊرائيور نه ھو ۽ سواري کي نظر محلي بدران وڃي لاھوري محلي ۾ لاٿائين. خبر پئي ته ھڪ شعر ٺھي ويو پر سواري ڪاوڙجي پئي چانھه چُڪو پئي چيائين ”وڃ! ڪٿي شاعري ڪٿي رڪشا ڊرائيوري“
    سعيد جي زندگي ۽ شاعري جا اکين ڏٺا شاھد ان جا ننڍپڻ جا ڳوٺائي دوست احسان، يامين ۽ قاسم آھن. انھن جي چوڪڙي ڪنھن زماني ۾ ھر روز درياءَ ڪناري ضرور لڳندي ھئي ۽ سعيد پنھنجي تازي شاعري ٻڌائيندو ھو.
    سعيد شاعري واري ڪيريئر ۾ ھڪ تجربو ”جيون ڇا ھي ۽ فن ڇاھي“ جھڙو ٽڪڙو لکي ڪيو ھو. جنھن ۾ نظم ترائيل، غزل، وائي، بيت ۽ ھائڪوواريون، سموريون صنفون شامل ھيون پر اھو پاڻ ھڪ طويل نظم ھو.
    اھو سعيد ھاڻي ڪوھيڙي ۾ ڪٿي گم ٿي ويو آھي، ھن جي دوستن کي نه ملڻ جو شڪايتون آھن پر خود سعيد کي پنھنجي حال ۾ گذرندڙ لمحن کان سؤ شڪايتون آھن. سعيد پاڻ اقرار ڪري ٿو ته ھاڻي ھو شاعري جي ڪوشش به ڪري ٿو ته اھو جنون اھو ادارڪ سندس لفظن کان ڪٿي ٻاھر ئي رھجي وڃي ٿو. تازو ھن لکيو ته
    الائي ڇو نٿا جاڳن اھي گرم جذبا،
    ڪٿي ڪجي وڃي ھاڻي جنون جي ڳولا.
    يا وري پنھنجي بور ڪندڙ روٽين زندگي بابت ٻڌائي ٿو ته نه شاعري جو شغف آ، نه دل ڪتابن سان، نه دوستن سان ڪچھريون نه ڀوڳ کل چرچا.

    الائي ڪيئن حياتي مٽي وئي رستا،
    رڳو آ واسطو گھرجي کنڌن حسابن سان
    نه شاعري جو شغف آ، نه دل ڪتابن سان.

    ڪٿي اھو شاعر جنھن جي شاعري ۾ تيز پاڻي جي رواني ھوندي ھئي ۽ کيس لکڻ جو جنون به اھڙو جو رات جو جيڪڏھن ٻھراڙي جي اونداھي رات م کيس قلم ھٿ نه ايندو ھو ته ڪوئلي جو ٽڪرو کڻي في الحال پني ته خيال اڪري وٺندو ھو ان کي فيئر وري صبح جو ڪندو ھو ۽ ڪٿي ھي سعيد جيڪو بيماري سبب اھڙو ته سوڙھو ٿي ويو آھي جو کيس ھميشه فڪر پنھنجي چاليهه سالن جو ٿيڻ ۽ سرڪاري نوڪري منجھان ”جي پي فنڊ “ جي رقم وٺڻ جو رھي ٿو.
    جيڪڏھن جان ڇڏائڻ لاءِ چئجي ته ان حالت تائين پھچڻ ۾ ڏوھ سمورو سعيد جو آھي ته ايئن به چئي سگھجي ٿو مگر جيڪڏھن اسان صرف وڏا وزير/ وزيرياڻيون ٿي سوچون ۽ جيئن مھذب ھجڻ جي دعوى ڪريون ٿا تيئن مھذب ٿي سوچيون ته پوءِ ڏوھ ورھائي اڌو اڌ ڪبو.
    ٺيڪ آھي سعيد جي بيماري جو سبب سرڪار ناھي، ھن مصيبتن جي ماريل شاعر جي دل ۽ دماغ جا پنھنجا خلفشار ھئا. پر ھاڻي جڏھن بيمار آھي ته کيس دوستن سان گڏ سھاري جي به ضرورت آھي، سرڪاري سھاري جي غلامي جي ور چڙھيل سنڌي معاشري ۾ غربت ڪيتريون ئي حياتيون روز ڳڙڪائيندي پئي وڃي پر اسان ھڪ تخليقڪار ڇو وڃايون؟ سعيد جي شاعري ۽ تخليقن جي سنڌي سماج کي ضرورت آھي ان ڪري سعيد ميمڻ جو صحتياب ٿيڻ تمام ضروري آھي، جنھن ملڪ ۾ سنڌ جي معدني وسيلن جي ڏوڪڙن مان ڪرپٽ ڪامورن ۽ گمنام اسيمبلي ميمبرن جي پراڻن علاجن تي ڪروڙين روپيا پرڏيھه ۾ خرچ ٿيندا ھجن، ان ملڪ ۾ ھڪ سنڌي شاعر جو علاج ڪرائڻ تمام سستو موجود آھي.
    سعيد کي ڪنھن ماھر نيورو لاجسٽ کي ڏيکارڻ ۽ ان جي گھٽ ۾ گھٽ سال کن جي دوائن جي ضرورت آھي، جيڪا ضرورت سنڌ سرڪار خوشي سان اکيون ٻوٽي بيھي ته پوءِ اھل دل ۽ اھل علم، دوست اھو خرچ ڀري سگھن ٿا. صرف ڏھن دوستن جو گڏيل فنڊ به سعيد جي حياتي ۾ ٻيھر جنون ۽ جذبا پيدا ڪري سگھي ٿو. سعيد کي ھڪ پٽ ۽ پنج نياڻين جو اولاد آھي. پاڻ پرائمري ماستر ۽ پٽ کي پڙھائڻ سان گڏ عاقل ڳوٺ ۾ ھڪ مانڊڻي کولي ڏني اٿائين، جنھن سان سندس گھر جو گاڏو ھلي ٿو. سعيد پاڻ ڪھڙي ڪنھن کي اپيل ڪري، ھو ته گونگي تاريخ جو فرد آھي. پر جمھوري حڪومت گونگي ناھي ٿيندي اھا سڀني کي خبر آھي.


      لڪيرن جي چڪر ۾ ڦاٿل زندگي!

    اھا اپريل جي ھڪ عام صبح ھئي جڏھن ھو معمول کان ٿورو دير وارو ناشتو ڪرڻ ويٺا. ڀينڊيون ۽ تريل پٽاٽا ڪڻڪ جي ڦلڪي (روٽي) سان کائيندي اوچتو ھن کيس پنھنجي ھٿ جون لڪيرون ڏيکارڻ لاءِ چيو، ھو لڪيرون ڏسڻ لاءِ بيتاب ھئي پر ھو کيس مسلسل ٽاريندو رھيو. اھا ھنن جي لڳ ڀڳ تيرنھن سالن جي وڇوڙي کان پوءِ واري ملاقات ھئي، ھو ايم بي بي ايس فائينل ۾ ھئي جو ميڊيڪل ڪاليج سان گڏ ھن کي به ڇڏي وئي ھئي. ان وقت ته بظاھر ڪو به سبب نه ھو پر ھو تيرنھن سال کان پوءِ ھن کي ان وڇوڙي جو سبب ٻڌائڻ تڏھن آئي ھئي جڏُھن ھو ٽي شاديون ڪري ۽ ختم ڪري چڪي ھئي. 2 ٻار سندس ھر فيصلي سان ھاڻي وابسته ٿي چڪا ھئا 2 مرد دوست الڳ ھئا.
    ان ناشتي کان اڳ واري ھڪ رات ھنن ڄڻ ته پنھنجي داغدار ماضي کي ڌوئڻ لاءِ روئي گذاري ھئي، ھو ٻئي سنڌي سماج جا اھڙا اوپرا ڪردار بڻجي چڪا ھئا، جن جي حقيقتن کي ترقي پسندي وارو دور به قبولڻ لاءِ تيار نه ھو ۽ منافقي سان جيئڻ کيس نه پئي آيو.
    ”توکي خبر آھي پنھنجي ٽنھي مڙسن ۽ سڳي پيءُ سان به ڪجھه ڳالھيون شيئر نه ڪري سگھندي ھيس پر تنھنجي سامھون ڪو رشتو نه ھوندي به بي ڌڙڪ چئي ڇڏيندي آھيان.“ان ڊاڪٽر کيس چيو جيڪا نه پنھنجي ڪلينڪ کولي سگھي نه ڪٿي ڊاڪٽرياڻي بڻجي سگھي.
    ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙھائي دوران ھو سياسي ڪارڪن به رھي پر اھا سموري تعليم شايد مٿس ايترو اثر نه ڪري سگھي جيترو سندس جاھلاڻي ساھرن جو ڪرايل نام نھاد ڪارو علم ڪري سگھيو. ھن پنھنجي پھرين مڙس بابت دوست کي ٻڌايو ته ”اھو بابي جو ڀاڻج ھو، پر جاھل اھڙو جو پھرين رات جون ڪچھريون دوستن ۾ ڪرڻ ويٺو ۽ دوستن جون ڳالھيون مون کي وڏي فخر سان ٻڌايائين ته دوست پڇن پيا زال زيرو ميٽر ملي اٿئي يا؟ اھي جملا چئي ھو روئڻ ويٺي ۽ ڄڻ تيرنھن سالن جي باھ ڳوڙھن سان گڏ اکين مان ڪڍڻ لڳي.
    ”ان وقت مون کي تون ڏاڍو ياد آئين، دل چيو ته تو کي وٺي اچي ڏيکاريان ته پڙھيل لکيل زالن جي سنڌي سوسائٽي ۾ اصل عزت ڪيتري ٿئي ٿي. ھن سُڏڪندي ڳوڙھا اگھيا ۽ وارن کي ڪنڌ جي جھٽڪي سان چھري تان ھٽائي چوڻ لڳي اھا شادي 3 مھينا مس ھلي بابي جي گھر واپس ٿي ويس پر بابا ناراض ٿي ويو.“
    پيءُ جي ناراضگي ھوءَ ڏسي نه سگھي.
    ڪجھه عرصي کان پوءِ ھوءَ پنھنجو مختصر سامان بئگ ۾ وجھي ڪراچي ھلي ويئي ڪنھن نجي ميڊيڪل سينٽر ۾ ڊاڪٽرياڻي ٿيڻ لاءِ پنھنجي ابي جي گھر مان ھوءَ وئي ته ڊاڪٽرياڻي بڻجڻ ھئي پر جڏھن واپس ٿي ته ھو ھڪ جعلي عامل ۽ نجومي جي زال ھئي.
    ”اھو سڀ ڪاري علم زور ھو جيڪو منھنجي پھرئين مڙس جي ساھرن منھنجي مٿان ڪيو ھو. ڪارو علم انسان کي چرڻ پرڻ نه ڏيندو آھي ان مان جند تڏھن آجي ٿي جڏھن ھڪ عامل دوست مليو.“
    وقت گذرڻ سان گڏ ھوءَ ڊاڪٽرياڻي ۽ سياسي ڪارڪن واري شخصيت وڃائيندي وئي. عامل دوست کيس سيڪس اپيل ۽ سيڪس جي گھرج تي ليڪچر ڏيندي سمجھائيندو رھيو ته ڪاري علم جي زور تي ڪڏھن ڪڏھن سيڪس جي گھرج حد کان وڌي ويندي آھي ۽ پنھنجي جسم تي شادين جون اڌوريون چميون کڻي گھمندڙ چري ڇوڪري ان عامل اڳيان اقرار ڪري ويٺي ته ”ھا ھا بلڪل مون سان به ڪڏھن ڪڏھن ائين ٿيندو آھي.“
    ھن کي جڏھن عامل ھٿ جي لڪيرن مان سمجھايو ته سندس ٻي شادي لکيل آھي ته ھن اھو ئي بھتر سمجھيو ته جيڪڏھن ٻي شادي ڪرڻي آھي ته ان ئي عامل نجومي سان ڇو نه ڪري ڇڏجي.
    ھڪ عام سڌي سادي ڇوڪري جي ذھني ڀڃ ڊاھ ۽ نفسياتي مونجھارن ھن کي لڪيرن جو اسير بڻائي ڇڏيو. ان ڏينھن ناشتي کان اڳ واري رات ھن پنھنجي پراڻي ڪتاب جھڙي محبوب کي روئندي ڀاڪر پاتو، اکين مان ڳوڙھا ڳاڙيندي چيو ”زندگي جي ھر موڙ تي تو وٽ موٽي اچڻ چاھيو پر ھميشه اھو ئي سوچيم ته تنھنجي نڪاح واري پھرين گھر واري تباھ ٿي ويندي، مون کي ڪھڙي خبر جاني، ھڪ اڻ ڏٺي عورت کي بچائيندي بچائيندي مان پاڻ ايترو ٽٽي پوندس جو وري جڙي نه سگھنديس.“
    ان رات ھن پنھنجي پراڻي عاشق کي اھو ٻڌايو ته ”ان عامل نجومي مٿس ٻيھر ڪاري علم جو اثر ڪيو ۽ ھن شادي لا ءِ ھائوڪار ڪري ورتي. ھڪ ٻار پيدا ٿيو پر رات جي اونداھي ۾ ھن کيس زور جي ڀاڪر ۽ ڪجھه روئڻ کان پوءِ اصل سچ ٻڌايو ته اھو ٻار عامل نجومي سان شادي کان اڳ ڪيل سيڪس وارو ٻار ھو. مون اميد سان ٿيڻ کان پوءِ گھڻو ئي پڇتايو پر منھنجي اکين تي ڪاري علم جي پٽي ۽ منھنجي چرپر تي ھڪ حصار چڙھيل ھو. مان چاھيندي به تو وٽ نه پئي اچي سگھيس ۽ چاھيندي به تو کي فون ڪري نه پئي سگھيس. نجومي سان شادي کان اڳ منھنجي ھڪ شڪارپوري ڊاڪٽر سان مختصر شادي ٿي پر ھڪ سال جي شادي کان پوءِ ھو مون کي تنھنجي ڪري ڇڏي ويو.“
    ڇوڪرو حيران ٿي ويو ۽ کانئس پڇيائين پر منھنجو ته توسان رابطو ئي نه ھو، منھنجي ڪري ڪيئن توھان جي اھا مختصر شادي ٽٽي. ھن کلي کيس اطلاع ڪيو اوچريا تون مون کان جدا ڪٿي ۽ ڪڏھن ٿيو آھين؟ تون منھنجي روح ۽ جسم جو حصو رھيو آھين مان ھر وقت ان ڊاڪٽر مڙس سان ويٺي تنھنجيون ڳالھيون ڪندي ھيس نيٺ تنگ ٿي ان ويچاري چيو لڳي ٿو توھان جو جسم منھنجي بيڊ تي پر روح ڪٿي ٻئي ھنڌ رھي ٿو. سٺو آھي ھڪٻئي کي الوداع چئون وقت جي تيزرفتاري ھن کي بدلائي نه سگھي ھوءَ سچي ۽ سادي رھي ٽي مڙس ٻه دوست ڪرڻ کان پوءِ نيٺ ھن اھو فيصلو ڪيو ته دنيا ۾ ھن کي ان چرئي کان سواءِ ڪوبه سمجھي ۽ سک نه ڏئي سگھندو، جيڪو ميڊيڪل ڪاليج ۾ به کيس پنھنجي ڇپر ڇانو سڏيندو ھو.
    ”توکي خبر آھي ته جان ته مان ڪيترا ڀيرا اھو سوچي روئندي رھي آھيان ته ڪاش تنھنجو اڳواٽ نڪاح ٿيل نه ھجي ھا؟ پر شادين جي ذلت ڀوڳڻ کان پوءِ مان اھو سوچيندي رھيس ته ڪيترو نه ڀلو ٿئي ھا ھا جيڪڏھن تنھنجيون ٻه شاديون ٿين ھا ۽ منھنجي صرف ھڪ ٿئي ھا. پر ائين نه ٿي سگھي ھا، نه جان منھنجي ھٿ ۾ شادي جون ٽي لڪيرون آھن ته اھو ممڪن ئي نه ھو ته مان توسان ھڪڙي شادي ڪري ويھي رھان ھا.“
    رات کان جاري اھا گفتگو ننڊ جو جھوٽو اچي ويو. ننڊ مان اٿڻ کان پوءِ ھنن ھڪٻئي کي صبح جون ننڊاکڙيون چميون ڏنيون ۽ ڇوڪري کيس پنھنجي فرمائش تي ڇاتي واريون چميون ڏياري مٿس سمھي رھڻ جو چيو. ان وقت ھن کيس اسپيني شاعري جي اھا سٽ ٻڌائي ته ”تون مون کي ايئن پياري آھين جيئن صبح واريون چميون تيرنھن سالن جون ڳالھيون ڪندي ٻنھي اڃان ناشتو ختم نه ڪيو ھو جو ڇوڪري سندس ھٿ پڪڙي لڪيرون ڏٺيون ھٿ جون لڪيرون ڏسڻ کان پوءِ ھن سندس چھري طرف ڏٺو ۽ خاموشي سان ٽوڙيندي صرف ايترو چيو ته ”ھاڻي سمجھي ويس ته پنھنجي شادي ڇو نه ٿي سگھي.“ ايترو چئي ھن ناشتي مان ھٿ ڪڍيا ۽ پنھنجو بئگ سنڀالڻ لڳي.
    ھن حيرانگي مان سبب پڇيو پر بار بار چوندي رھي ته جانان تنھنجو ڏوھ ناھي تنھنجي ھٿ ۾ ٻي شادي جي لڪير ئي ناھي ته تون مونسان ڪيئن شادي ڪري سگھندين؟
    ھن کيس ڊاڪٽري جي نوڪري اين جي او ۾ ڪيريئر ۽ ميڊيا جي نوڪرين کان آگاه ڪندي چيو ته ھو نوڪري ڪري بار بار شادين جي شيطاني چڪر کان آجي ٿي سگھي ٿي. ھن کيس عورتن جي غلامي جي بنيادي سبب مالي خودمختياري جا مثال ڏنا پر ھو ھٿ جي لڪيرن ۾ ڦاٿل رھي. ھن کي ايلاز ڪندي رھي ته ڏس دنيا ۾ شايد مون کي ڪير نه سمجھي سگھي ۽ مون کي سھاري خاطر اڇي مٿي ۾ متان چوٿين شادي ڪرڻي پوي، ته اھا شادي تون ئي ڇو نٿو مونسان ڪري وٺين.
    ڊاڪٽرياڻي پنھنجو بيگ ٺاھڻ کان پوءِ نوڪر کي پيسا ڏئي سني پلاسٽ، ڊيٽول، ڪپھه ۽ ھڪ بليڊ وٺي اچڻ لاءِ موڪيلو، جڏھن سامان اچي ويو ۽ ھو به ناشتي مان ھٿ صاف ڪري پھتو ته ھن کيس بليڊ ڏيکاريندي چيو جيڪڏھن تو ۾ اڃا به پنھنجو پيار زندھ آھي ته پوءِ اچ ته تنھنجي ھٿ ۾ ھڪ ٻي شادي واري لڪير ٺاھيان ته جيئن پاڻ گڏرھي سگھون، بنا ڪنھن روڪ ٽوڪ جي ڇا تون ايئن ڪري سگھين ٿو.


    ٿڪل ڪامريڊ. . . !

    ان پراڻي سنگت هي ياد ھن کي تڏھن شدت سان اچڻ لڳي جڏھن ھو نواب شاه کان واپس ڪراچي وڃي رھيو ھو، پنھنجي اين جي او جي فور ويل گاڏي ۾ ھو ان وقت ڍول فقير جي آواز ۾ مست ٿي ويو، جڏھن کيس خبر پئي ته ھوءَ اڃا به حيدرآباد ۾ رھي ٿي.
    پرديسين جا پيار
    دم دم دلڙي، او ياد ڪري ٿي
    حيدرآباد ته ھن کي ھميشه ماڪ ڀنل راتين جي خماريل خوابن جھڙو شھر لڳندو آھي، جتي ھن پنھنجي جواني ۽ سياست جي سنگيتيءَ جا ڪيئي تتا ٿڌا پھر گذاريا ھئا. ھن جي گاڏيءَ جيئن ڀٽ شاه ڪراس ڪيو ته ھن ٻيھر ڪنفرم ڪرڻ لاءِ کيس فون ڪيو. پر شرط به رکيائين ته تنھنجي فليٽ بدران گيسٽ ھائوس تي ملبو. ان جھڙالي مند جھڙي اڌڙوٽ عمر جي عورت کي الاءِ ڇا ٿي ويو ۽ ھن به کڻي ھا ڪئي.
    نواب شاه کان تڪتل ھمراھ قومپرست سياست جي انھن چند نالن منجھان ھڪ ھو، جنھن ڪڏھن بندوق تي نه ڀاڙيو، جڏھن سندس سياسي ساٿين جي ٿيلھن مان ٽي ٽي پستول ۽ مائوذر نڪرندا ھئا، تڏھن به ھن جي شولڊر بيگ منجھان نفيس شاعرن جي نظمن وارا پنا نڪرندا ھئا. جيڪڏھن ھو چاھي ھا ته پاڻ به ڪو چڱو خاصو ٺيڪيدار، پاٿايدار، يا ڀتا خورن جي بابو ٿي پئي سگھيو، پر ھن پنھنجي اندر جي آدميءَ کي سياسي گدلاڻ ۾ رھندي به ڪڏُھن گھُٽو نه ڏنو ھو. تڏھن ئي ھن کي عزت سان ٽي ويلا روزي ڪمائڻ لاءِ ڪنھن اين جي او جي ڇت نصيب ٿي. ھن حيدرآباد پنھنجي پراڻيءَ سنگتياڻي کان فون تي ايڊريس ورتي ۽ سڌو گاڏي اچي سندس فليٽ جي ھيٺان بيھاري، ھن تڪڙ ۾ ھار ڪيو نه سينگار، راتوڪن ڪپڙن ۾ ئي صرف وار سنواري اچي سندس ڀرسان ويٺي. زماني جون صعوبتون سھندي به ھن منجھان اھا ارڏائپ، خودداري ۽ پنجھائپ نه وئي ھئي. ويھڻ شرط ساڻس حجت برقرار رکندي ھن کيس چيو ھو، ”ڇورا صفا مٽجي ويو آھين؟ ڊرائيو ڪري ٿو وڃين نه،“جڏھن گاڏي ھلڻ لڳي ته ھن پڇيو ڪٿي ھلون، اين جي او واري ھمراھ جواب ڏنو گيسٽ ھائوس ٿا ھلون، ان اڌڙوٽ عمر جي عورت ٿوڙي ڪاوڙ ڪندي چيو؛ توھان سنڌين کي ان ڌنڌي خفي کان سواءِ ٻيو ڪو ڪم به سُجھي ٿو يا نه نڀاڳا ھل ته لانگ ڊرائيو تي ٺٺي ٿا ھلون، پر اين جي او واري ھمراھ کي ٽائيم مينجيمنٽ واري ٽرينگ ياد اچي وئي. ھو کيس سڌو انڪار نه پئي ڪري سگھيو. نيٺ ھن کي چيائين، پھريائين گيسٽ ھائوس ٿا ھلون، پوءِ لانگ ڊرائيو تي ھلبو. ان اڌڙوٽ عمر عورت کلي ھن کي چيو، گيسٽ ھائوس جو نالو ئي حيدرآباد ۾ بدنام ٿي ويو آھي. ٻي ڪنھن جڳھه تي ڇو نه ھلون؟ انھن جو اھو بحث جاري ئي ھو ته گاڏي اچي گيسٽ ھائوس جي در تي بيٺي. ھن ڪُرڪي ڪار مان پير ٻاھر ڪڍيو ۽ ڪمري تائين پھچي وئي.
    اھو ڪچڙيءَ منجھند جو ٽائيم ھو ۽ ٻنھي کي اڃا بک نه لڳي ھئي ۽ شروعاتي ڪچھريءَ ۾ ٻنھي ھڪٻئي کي ٿورو گھڻو پنھنجو ماضي ياد ڏياريو ته ھن وڏي پيار مان پڇيس؛
    ”ڇورا ڪٿي گم ھئين ايترا سال ھاڻي ڇو اچي اڇي مٿي ۾ خوار ڪيو اٿئي.“
    اين جي او جي ڪرتا ڌرتا ھن کي ياد ڏياريو ته ھو جڏھن سياسي جلسن ۾ ڪڏھن قومپرست اڳواڻ سان گڏ اسٽيج تي ايندي ھئي ته ھو مٿس موھت ٿي پوندو ھو. ڏاڍين ڪوششن جي باوجود ھو انھن سالن ۾ ھن جي ھٿ نه چڙھي سگھي ھئي ۽ ھاڻي اھا پنھنجي اندر جي پراڻي حسرت پوري ڪرڻ لاءِ وٽس ڪھي آيو آھي. ائين ڪچھري ھلندي ھو صوفي تان اٿي جڏھن بيڊ تي پھتا ته حسن درس واري ”ننگا ٻُڌا ھئاسون آواز عورتن جا“ واري شاعري بڻجي پيا.
    ھن سندس ڀوري بدن تي پيل ڪاري برا جي تعريف ڪئي ۽ ھٿ مسلسل اڳتي وڌائيندو رھيو. وڌندڙ عمر به انسان سان اھڙي جٺ ڪري سگھي ٿي اھو انڪشاف ان ڏينھن ھن جي آڏو ٿيو! پشيمانيءَ ۽ پريشاني جا پگھر ھو پنھنجي پيشاني تان اڃان اگھي ئي رھيو ھو ته ھوءَ واش روم ۾ ھلي ويئي. جلد ئي واپس ايندي کلندي خنجر وھائي ڪڍيائين ته “ڇو ڀلا پيارا اڄ ٿڪل ٿو لڳين ، رات ڪاٿي ھئين.“
    سياست ۾ سالن جا سنگت جو تجربو رکندڙ عورت زخمي شينھڻ ٿي پئي. ھي کي تسلي ڏنائين ته ڪا ڳالھه ناھي تون فڪر نه ڪر اسان جا اڪثر اڳواڻ به ڪمزوري جو شڪار آھن. ھي ته صرف بيڊروم جي ڪمزوي آھي، ھو ته سياسي دنگن ۽ ڌرتيءَ جي حقن وارين ميراٿن تي ھارائڻ کان پوءِ به پشيمان ناھن. توکي ھڪ اڪيلي عورت اڳيان ھارائڻ تي ايتري پشيماني ڇو ٿي ٿئي. اين جي او واري ھمراھ جا پگھر لھن چڙھن پيا. ھن ۾ ٻيھر ڪوشش ڪرڻ جي ته ھمت ڪونه رھي پر سياسي بحث ۾ ھو منجھي پيو. اڌڙوٽ عمر جي عورت کيس واش روم طرف ويندي ڏسي چيو، تون فڪر نه ڪر! ايئن ڪيترن ئي اڳواڻن جا ڪپڙا لھندي مون ڏٺا آھن. ڪڏھن مون سان بيڊ روم اندر ته ڪڏھن ٻئي ھنڌ، تون به ڪو الڪو نه ڪر. اڌڙوٽ عمر جي عورت ھن کي ٻڌايو ته ھوءَ پنھنجي آتم ڪھاڻي لکڻ چاھي ٿي. جنھن ۾ چڱن ڀلن اڳواڻن ۽ دانشورن جا ڪپڙا لٿل ھوندا، پر ھن ان لسٽ ۾ شاعرن کي ڪٿي ڇڏيو آھي. ڇو ته بقول ان عورت جي سنڌي شاعر شھر ۾ پھتل ڳوٺاڻن جي معصوم ۽ عورتن جي معاملي ۾ يتيم ھوندا آھن، انھن کي احتساب جي ڪٽھڙي کان پرڀرو بيھارجي ته بھتر آھي. ھن پنھنجي درد ڪھاڻي ٻڌائيندي کيس ياد ڏياريو ته ان قومپرست سياست جي ڪري ھن کي پنھنجي مڙس گھران ڪڍي ڇڏيو آھي. سياسي اڳواڻ کيس پنھنجي سريت ڪري گھمائڻ ۾ ته فخر محسوس ڪندا ھئا، پر ھن کي زھر سمجھي ھميشه پنھنجي گھرن کان پري رکندا ھئا.
    ھو يتيم قسم جي سياسي جلسن ۾ جڏھن قومپرستن لاءِ ٻارڻ ٿي ٻرندي ھئي. تڏھن سندس گھر جو چلھو بند رھندو ھو. ھن ڪولڊڊرنڪ کي به زھر جھڙي دوا سمجھي نڙي کان ھيٺ لاھيندي، ھن کي گار ڏني؛ ”ڪڃر! توھان جو ھاڻي پيسن نوڪرين واري ٿي ويا آھيو ته منھنجي گھر مان غربت ڇو نٿي وڃي. تنھنجي پڙھائيءَ کان مان به واقف آھيان پوءِ منھنجي ضرورت ڇو نٿي محسوس ڪئي وڃي. شايد ھاڻي مان پوڙھي ٿيندي پئي وڃان، ايئن نه؟ الاھي وقت خاموشي کان پوءِ اين جي او واري ھمراھ کيس ورندي ڏني؛ ”اھڙي ڳالھه ناھي، تون اڃان به پرڪشش اھين. تنھنجي حسن ۾ عمر جي اضافي سان نکار ٿو اچي.“
    اڌڙوٽ عمر جي عورت کي مذاق سُجھي ۽ ھن کيس چيو؛ ”اڙي ڏي ته خبر! توھان مردن جي مردانگيءَ جو سڄو دارومدار پنجن منٽن جي طاقت تي ھوندو آھي نه؟ اھا به ختم، تڏھن به مرد ٿا سڏايو. حيرت آھي!! ان ڏينھن ھوءَ پائولو ڪولو جي ناول ”يارھن منٽ“ واري ھيروئن لڳي پئي ھئي. جنھن وٽ جنسي آسودگي جو مطلب مرد جي يارھن منٽن جي اداڪاري کا سواءِ ڪجھه به نه ھو.
    ٻنھي جو تعلق ماضي توڙي حال ۾ قومپرست ساست سان رھيو، تنھنڪري ٻنھي پنھنجي پنھنجي تجربن جي آڌار ھڪٻئي کي نوان اطلاع ڏنا. ھن کيس شگر جي مريض ھڪ سياستدان جي پنجين شادي جو اطلاع ڏنو ۽ اين جي او واري ھمراھ کيس ٻي شاديءَ واري لاڙي کان آگاه ڪيو. ھنن اھڙن ماڻھن جون لسٽون به ٺاھيون جن کي بقول ھنن جي ھاڻي پاڻمرادو مرڻ کپي يا کين ماريو وڃي. بعد ۾ ٻئي ان راءِ تان ھٿ کڻي ويا.
    ٻنھي ڄڻن جڏھن جسم تي ڪپڙن جو لبادو پھريو ته ھڪٻئي کي آٿٿ ڏيڻ لڳا. ”يار، مردانه ڪمزوري جو ھاڻي ڪھڙو علاج ڪرايان، توکي پارت آھي، ڳالھه ڪٿي نه ڪڍجانءِ! باقي ٻئي ڀيري شغل چڱرو ڪنداسين.“ اڌڙوٽ عمر جي عورت کلندي ھن کي چيو. اھو رڳو تنھنجو الميو ناھي، اھا رڳو سيڪس جي ڳالھه ناھي، پرمون کي لڳي ٿو ته اڄڪلھه سنڌ جي چڱن ڀلن دانشورن، مزاحمت ڪارن، سياستدانن کي اھڙي بيماري لڳي آھي. جو ھاڻي ڪو پاڻ کي ابوجھاد يا چي گويرا ته ڪونه ٿو سڏائي، پر ڪو شاعر به اھڙي سٽ چئي بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر ڪونه ٿو اڇلي ته؛
    سنڌڙي تنھنجو نانءُ وتم
    ڄڻ ڪاريھر تي پير پيم.


    اڪيلائين جا ماريل ماڻھو!

    ان رات ھن جي بيماريءَ جو ٻڌي اسان آفيس کان سڌو ان ميڊيڪل سينٽر تي پھتاسين جتي ھو زير علاج ھو. ميڊيڪل سينٽر جي ننڍڙي ڪمري واري کٽ تي ھو پنھنجي ڌيءُ ۽ پوٽي جي سھاري ويٺل ھو. سامھون ٻيا مائٽ به تسلي ڏيڻ لاءِ موجود ھئس. کاٻي ڌر جي ڪارڪنن جي وڏي اڪثريت لاءِ مني صديءَ کان ھڪ عزم ۽ حوصلي جي علامت بڻيل ڪامريڊ سوڀو ان وقت ھڪ گھر جو عام پيرسن ڀاتي بڻيل ھو، جنھن کي الائي ته ڪھڙا پور پئي پيا. جو ھن جي اکين مان ڳوڙھن جي آلاڻ ختم نه پئي ٿي. ڪيترن ئي شھرن جي لاتعداد جلسن وارين اسٽيجن تي پنھنجي ھٿن جا مُڪا ٺاھي ”ڪو انقلاب ساٿيو“ چوندڙ ھي ڪامريڊ ھاڻي ساھ ۽ ويساھ جي نفيس نقطن کي ڇيڙڻ تي به نه رڳو ڇاڻ روئي پئي پيو، پر اسان جھڙن ڪمزور دل ماڻھن جا به ھانءُ ڳاري رھيو ھو. ان وقت مون سان گڏ وڏين مُڇن وارو ڪھاڻيڪار اخلاق انصاري به موجود ھو، جنھن جي ڪتاب جي مھورتي تقريب ۾ ڪامريڊ، تقرير ڪندي اخلاق کي سندس وڏين مُڇن جي ڪري ميڪسم گورڪي سڏيو ھو. پر ان اخلاق جو چھرو به ان ڏينھن ڪامريڊ کي ڄڻ ته ڪا تسلي ڏئي نه سگھيو ۽ ھو روئندو رھيو. سندس نياڻي، پوٽي ۽ ٻيون عورتون کيس سمجھائينديون رھيون ته حوصلو ڪريو. بابا حوصلو، توھان جو ائين ڪندا ته ننڍن جو ڇا ٿيندو، پر ڳوڙھا ھئا، جيڪي ڪامريڊ جي اکين مان بند ئي نه پئي ٿيا ھو اسان سڀني کان اکيون چورائي آر سي سي ڇت ۾ نھاري رھيو ھو. تمام خوبصورت پر پٿر دل محبوبا جھڙي آر سي سي ڇت نه ڪنھن جي اڌمن جو ارمان نه ڪنھن جي احساسن جو خيال. ھو ڇت ۾ اکيون وجھي شايد اھا سٽ ورجائي رھيو ھو ته ”منھنجي قسمت ۾ اي جاني الاءَ ڇا لکيل آھي؟“ وقت جون سموريون تلخيون، بي رخيون بيچينيون ۽ ستم ظريفيون سھي، عمر جي مني صديءَ جي چائنٺ تي اچي بيٺل ڪامريڊ کي ان رات جيئڻ جو ڪو اتساھ نه ھو. چون ٿا پنھنجي پٽ جي بيرحم حالت واري وڇوڙي ھن اڏول انسان کي جھوري وڌو آھي. پر سندس ڪجھه گھڻ گھرن جو خيال آھي ته پوڙھپڻ جي اڪيلائي کيس روز ماري ۽ روز جيئاري ٿي. ھاڻي ھو سول اسپتال ڪراچي جي يورالاجي وارڊ ۾ عمر جا آخري پل ڳڻي رھيو آھي. پيرسن مريض گھر کان اسپتال ۾ پاڻ کي وڌيڪ بھتر سمجھندو آھي. اھي پوڙھا گھرن ۾ اڪيلائي جي عذاب ۾ تڏھن اچي وڃن ٿا، جڏھن ھر ڀاتي ساڻن ڳالھائڻ کان لنوائيندو ھجي.
    ”اصل ۾ ماڻھوءَ کي وقت پوڙھو نٿو ڪري اڪيلائي پوڙھو ٿي ڪري ڇڏي.“ پوڙھپڻ جي اڪيلائي ۾ گذاريندڙ گريس فل پوڙھي حليم بروھيءَ سندس گھر آيل ھڪ دوست کي چيو، حليم جنھن کي ھاڻي سندس جونيئردوست دادا حليم چون ٿا، سو حيدرآباد جي صدر ۾ به نيويارڪ جھڙي اوپرائپ ۽ اڪيلائي گذاري ٿو. ”حلميات“ جھڙو مزاح لکي سنڌ جي ٽن چئن پڙھيل لکيل پيڙھين کي کلائي کلائي کيرو ڪندڙ حليم اڄڪلھه ڇا پيو سوچي ۽ ڇا پيو ڪري؟ ڪنھن کي ايتري فرصت پئي آھي جو اھڙن بخيل پوڙھن جون وتي پڇائون ڪندو. سنڌي سوسائٽي جو زمانو اڄڪلھه ڏاڍو تيزي سان تبديل ٿي رھيو آھي. ٻھراڙيءَ ۾ رھندي به موسٽ اربن ويليوز اپنائڻ جديد دور جي تقاضا بڻجي پئي آھي. جديد دور جتي منافقت ٻچاپڙائي، چاپلوسي ۽ ذھني ڏيوالپڻي جي نمائش اڪثر آفيس ۽ گھر ۾ 24 ڪلاڪ جاري ھجي. اھڙي ٻطرفي منافقت واري ماحول ۾ حليم بروھيءَ جھڙن پوڙھن کي سندن حياتين جي محنتن جو مان آخر ڇو ڏجي؟ ڪنھن محفل (ڀلي ادبي ھجي يا سوشل) ۾ گھرائي حيلم جي قدرداني ڪير ڪري ۽ ڇو ڪري؟ حليم جنھن عمر گذاري جھيڙن ۾، ادبي پنڊتن کي جاھل ثابت ڪرڻ ۾، رومن سنڌي اسڪرپٽ سمجھائڻ ۾، سنڌي انگريزي ڊڪشنري ٺاھي ساڙڻ ۾، اھڙي بخيل پوڙھي جي آخر ڪھڙي قدرداني ڪجي؟ ھو جيڪڏھن بيمار آھي، اڪيلو آھي. پوڙھو ٿي ويو آھي ته ان ۾ ادبي ادارن فورمن ۽ حلقن جو ڪھڙو ڏوھ؟ ٺيڪ آھي اڃا ڪجھه سال جيئڻ ڏيوس. پوءِ کڻي تعزيتي بيان جاري ٿيندا. منافقت جي مخمل ۾ ويڙھيل اھا سوچ اپنائيندڙ پيڙھيءَ ئي اسان جي گريس فل پوڙھن جو وقت کان اڳ ساھ منجھائي ڇڏيو آھي. ھاڻي ته ان اردو غزل جي ٽڪري ۾ ئي ڪو فرار وٺن ٿا ته
    ميري تنھائيو تم ھي لگالو مجھه ڪو سيني سي
    که ميرا گھبرا گيا ھون اس طرح رو رو کي جيني سي
    بھت رنگين ھين راھين پيار کي اور زندگي کم ھي
    گھٽا بھي تيز آئي ھي دئي کي لو بھي مدھم ھي
    کنارا دور ھوتا جارھا ھي پھر سفيني سي
    که مين گھبرا گيا ھون اس طرح رو رو کي جيني سي

    ريڊيو ٻڌندڙن جي ھڪ ٽھيءَ کي اھو دٻدٻي ۽ رعبدار آواز وارو ڪردار ضرور ياد ھوندو، جيڪو ريڊيو حيدرآباد تان نشر ٿيندڙ ڊرامن ۾ بادشاھن ۽ شھزادن جا ڪردار ادا ڪندو ھو. اھو آي آر بلوچ جي آواز جو جادو ھو، جيڪو ڪيترن ئي ٻڌندڙن جي لونءَ ڪانڊاري ڇڏيندو ھو. ڪو گھڻو نه، پر ھڪ ڏيڊ ڏھاڪا اڳ جڏھن سيٽلائيٽ ٽي ويءَ چئنلز جي اڃا ايتري ڀرمار نه ھئي، تڏھن اي آر بلوچ جو ڪو ثاني نه ھو. سموري اداڪاريءَ واري ڪيريئر ۾ پنھنجي آواز ذريعي بادشاه رھندڙ آرٽسٽ ھاڻي ڪسمپرسيءَ واري اھڙي زندگي پيو گذاري، جو سندس حالتن کي ڏسي سندس نسل مان ڪير به اداڪاري طرف شايد اچڻ نه چاھيندو. اھو پوڙھپڻ اھا اڪيلائي صرف اي آر بلوچ جي حصي ۾ ناھي، پر ڪراچي کان ڪوھين پور ٽالپر وڏا ۾ مينديءَ رتا وار ڪري فقيرن جي ويڙھي ۾ ويٺل فقير سھراب به اڄ اڪيلو آھي پنھنجي جادو ڀرئي آواز ذريعي جھڏي کان جرمني تائين مداحن کي موھيندڙ فقير ھاڻي آلاپ به نٿو ڪري سگھي. ھو پنھنجي اندر جو آواز ھميشه راڳ سان ساز سان اوريندو ھو. پر ھاڻي اندر جا اڌما اندر ۾ ئي رھن ٿا. ھو راڳ جي ويل روئي نه ٿو ”پر روئڻ سان جي رھن سپرين ته مان نيڻن نير نه روڪيان ھا“
    پوڙھپڻ طرف وڌندڙ سماجي بيچيني ڏسي ھاڻي اڪثر پوڙھا سگھو ئي ساه جو سڳو ٽٽڻ جي تمنا ڪن ٿا. ”ڪٿي ائين نه ٿئي ته عمر دراز ٿي وڃي ۽ گھر ڀاتين منجھان به ڪو ڳوڙھا ڳاڙڻ گوارا نه ڪري“ چاليھارو ساکن کان ٽپي ھليل ھڪ حساس دوست تڏھن چيو ھو جڏھن اسان جي ھڪ صحافي دوست ھڪ بيباڪ شاعر جي موت جو منظر ٻڌايو ھو. قومپرست جلسن جي اسٽيجن تان ھميشه سنڌ سنوارڻ جي ڳالھه ڪندڙ ان شاعر جو جيون ڪافي سالن کان اڪيلائيءَ ۾ پئي گذريو. شايد سندس ٻه شاديون ٿيل ھيون، پر مان جڏھن ان فليٽ ۾ گھڙيس ته ڊرائينگ ھال ۾ ويٺل گھر ڀاتين جي ڳالھين مان اندازو ئي نه پئي ٿيو ته ڪو عظيم شاعر جو موت ھن فليٽ ۾ ٿيو آھي. صحافي دوست ٻڌايو ۽ وڌيڪ چيو ته ”پڇا ڪرڻ تي ھڪ عجيب لاتعلقي سان ٻڌايو ويو ته لاش اندرئين ڪمري ۾ پيل آھي تدفين شام جو ٿيندي“ڇا سڄي عمر ماڻھو پنھنجي گھر ڀاتين سان ان ڪري پيار ڪري ٿو ته جيئن آخر ۾ لاش اندرئين ڪمري ۾ رکي ڪچھريون ڪندا رھن؟ ان دوست افسوس وچان چيو.
    پر شايد کيس خبر نه ھئي ته ھاڻي سنڌ اندر اھڙو ڳڀرو نسل به جوان ٿي چڪو آھي، جيڪو پنھنجي ئي پيرسن مائرن ۽ ڀينرن کي ڪھاڙيون ھڻي قتل ڪري ٿو ڇڏي. سبب اھي نام نھاد پيار جا پرڻا نه ڪرائڻ يا 2 جريب زمين واري ملڪيت نه لکي ڏيڻ آھي. پوڙھپڻ جي اڪيلائي به عجيب شيءَ آھي گھر ۾ ھوندي به ڄڻ ته اھو ڀاتي گھر جو حصو ناھي. زماني کان ناراض پوڙھا کنگھي کنگھي پنھنجي موجودگيءَ جو احساس بار بار ڏيارين ٿا، پر سندن پٽ پوٽا ان ڪارنر کان ايترا ته ٻوڙا ٿي وڃن ٿا جو انھن بخيل پوڙھن جي ڳالھه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ٿا ڇڏين، پنھنجي ئي ارمانن کي بيان نه ڪري سگھندڙ اھي پوڙھا اسان جي گھرن ۾ پراڻي اسٽائيل جي فرنيچر جيان پيل رھن ٿا جن جي اڪيلائي ڪڏھن ڪڏھن ڀڻڪي پوي ٿي ته

    تم نھين غم نھي، شراب نھين
    ايسي تنھائي کا جواب نھين

    ٻيو احساس ته ڪنھن کي ٿئي الائي نه، پر اھڙيون ناياب شيون اوچتو ساه جو سڳو ٽٽڻ کان پوءِ جڏھن ھليون وڃن ٿيون ته سڀني گھر ڀاتين کي اھا ڪنڊ ھانٽ ڪندي رھي ٿي، جتي ھاڻي ڪو به بخيل ۽ گاريال پوڙھو کنگھي کنگھي ڪنھن جي به آرام ۾ خلل نه وجھندو ڇو ته ھاڻي ھو سانت ھڪ گھري سانت ۾ ھليو ويو. ھاڻي کِڻي ڪير ڪيترو به روئي، پر ان پوڙھي جون اھي التجائي اکيون واپس ناھن اچڻيون، جيڪو شايد موت جي فرشتي سان اڪيلو ويندي گھٻرائي رھيو ھو، جوان ٿي ويل اولاد ۽ ڏينھون ڏينھن پوڙھو ٿيندڙ والدين جي المين تي ڇا صرف ھڪ انڊين فلم ”باغبان“ ئي ڪافي آھي؟ چون ٿا ته فلم ڪامياب به ان ڪري ٿي جو ان فلم ۾ جوان ۽ پوڙھن، ٻنھي نسلن جي احساس جي ترجماني بھتر انداز ۾ ٿيل ھئي. بدلجندڙ وقت اھو سوال ڪيترن ئي ذھنن کان ڪري رھيو آھي ته پوڙھا واقعي اسان جي گھرن تي بار ٿيندا وڃن؟ ڇا ھنن کي صرف اسان اھو سوچڻ ۽ گنگائڻ تي ڇڏي ڏيون ته؛
    يه ميري خود کي دنيا نھين سھي ليکن
    اب آگيا ھون تو دو دن قيام کرتا چلون.


      ٽائيٽينڪ وانگر تباھ ٿيندڙ ھڪ اسڪول

    ھاڻي جڏھن ھاءِ اسڪول به حد جي ٿاڻن جيان منٿلين تي ھيڊ ماستريءَ لاءِ ملڻ لڳا آھن ته ان دور ۾ لڳ بڳ اڌ صدي پراڻي ھن اسڪول جي ھيڻن حالن لاءِ ڪنھن کي ويھي ڏوھي قرار ڏجي؟ طوفان جي تباھي جي سٽ ۾ اچي ويل غريب جي گھر جھڙي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ڏوڪريءَ جي سموري عمارت کنڊرات ۾ تبديل ٿي چڪي آھي. اھا ته اڳتي ھلي خبر پوندي ته ان شاندار عمارت کي ھٿ وٺي ڪنھن تباھيءَ جي ڪناري پھچايو. پر ھاءِ اسڪول جي موجوده حالت اھا آھي ته عمارت جي ھڪ محدود حصي اندر پنجن اٺن ڪلاس رومز ۾ لڳ ڀڳ 12 سؤ شاگرد محاورتن نه پر حقيقتن واڙي ويھاريا وڃن ٿا. فرنيچر اڻپورو ھجڻ ڪري شاگردن کي ڪلاس رومز جي درين ۾ به ويھي پڙھڻو پوي ٿو. اسڪول جو سالن کان اھو ئي حال آھي، جنھنڪري شاگرد استاد ته شايد ھري مري وياھجن. پر ڪيترن ئي سالن کان پوءِ جڏھن اسڪول ۾ پير پائجي ٿو ته ھوش ان ڪري به خطا ٿي وڃن ٿا ته اسڪول جي ڪا به شئي سالم حالت ۾ نظر نٿي اچي. ڪٿي آھي اھو خوبصورت سائنس ھال جتي پڙھائڻ وقت استاد قاضي صبغت الله پنھنجي مخصوص انداز ۾ شاگردن کي دڙڪو ڏيندو ھو ته ”ٿُڪ لعنت لاءِ وڳڻين موڪلجيئي.“ ان سائنس ھال ۾ ھاڻي 6 اي ڪلاس ھلي ٿو. ڪولمبو پلان تحت 1956ع ۾ جڙي راس ٿيل ھاءِ اسڪول آرڪيٽيڪچر جي حوالي سان اڄ به عاليشان عمارت آھي. جنھن جي گرائونڊ فلور تي ڪلاس ۽ فرسٽ فلور تي استادن ۽ شاگردن جي رھائش لاءِ ھاسٽل ھوندي ھئي. ھر ڪلاس جو در وڻن ٻوٽن ۽ گلن سان جنجھيل پارڪ طرف کلندو ھو، اسيمبلي به ان پارڪ ۾ گذر گاھن تي ئي لڳندي ھئي. ھاڻي ته ڪلاس رومز ۾ نه اھي در رھيا آھن ته دريون ۽ نه ئي ڪو پارڪ نظر اچي ٿو. پارڪ جي جاءِ تي ھر طرف ڊڀ ڦٽي پيا آھن. اسڪول جي اڳوڻي ايڊمنسٽريشن بلاڪ کي ڇڏي سڄي اسڪول جي ڪلاس رومز جا در ۽ دريون ائين پٽجي ويا آھن، جيئن ڪنھن لاوارث عمارتن مان پٽيا ويندا آھن. اھڙي حالت محمد خان جوڻيجي پاران پنج نقاطي پروگرام ھيٺ غريبن لاءِ ٺھرايل گھرن سان ته ھر ھنڌ ڏٺي آھي، پر ڪنھن پراڻي تعليمي اداري سان اھڙي ويڌن ڪٿي ڪونه ٿي.
    اھو پارڪ جتي ويھي شاگرد ڊرائنگ ڪري مختلف گل ۽ ٻوٽن جا پن ٺاھيندا ھئا. ان ۾ ھاڻي ڀنجوءَ جو ڀراءُ ڏئي خوامخواه مٽي جو ڍير ڪيو ويو آھي. جتي ھاڻي نه ڪا ڊرائنگ آھي نه ئي اھو سدائين ڪلين شيو رھندڙ ۽ شاگردن سان ڪچا چرچا ڪندڙ ڊرائنگ ٽيچر سائين پيرل آھي. اڳ ۾ جيڪا اسڪول جي ميس ھوندي ھئي ان کي ھاڻي ليبارٽري بڻايو ويو آھي. ان ڏھين بي ڪلاس کي ھاڻي ھيڊ ماستر جي آفيس بڻايو ويو آھي. جتي ماضيءَ جي شرير شاگردن جون حرڪتون اڃان به قيد آھن. تمام وسيع عمارت واري ھاءِ اسڪول ۾ ھاڻي صرف 9 ڪلاس رومز استعمال ھيٺ آھن، جنھن ڪري شاگردن جي داخلائن وارو انگ به گھٽجي يارھن سؤ شاگردن تائين وڃي پھتو آھي. ھلندڙ ڪلاسن کي ڇڏي باقي سموري عمارت ڀوت بنگلو بڻجي چڪي آھي. جنھن کي شھر جا موالي ھاڻي نشو پتو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا. ان ۾ تعجب جي ڪا به ڳالھه نه ھجڻ کپي ته جڏھن دنيا بھتر کان بھترين طرف ڊوڙي رھي آھي ته پوءِ ماضيءَ جي ھن شاندار ھاءِ اسڪول جا اھڙا حال ڇو؟ اھو شايد ان ڪري به ٿيو آھي جو اھو اسڪول ڏوڪري ۾ آھي ۽ ڏوڪريءَ ۾ ائين ئي ٿيندو آھي جتي شھري ھر مسئلي کان لاتعلق، بي حس بڻجي ويندا آھن. تباھي سر تي اچي ويندي آھي تڏھن به نه ڪڇندا آھن ۽ ھو مسئلن تي چپ چورڻ کان به ائين خاموش ھوندا آھن، ڄڻ ته ٻه لفظ ڳالھائڻ سان به سندس بل اچي ويندو. اھو ان بي حسيءُ جو ئي نتيجو آھي ته ھاءِ اسڪول گرائونڊ تي جڏھن ساليانو ميلو لڳندو آھي ته فقير پنھنجا رڇ ۽ ڀولڙا اسڪول جي بنا در درين وارن لاوارث ڪلاس رومز ۾ ٻڌندا آھن. اڳوڻي ھاءِ اسڪول ۾ 3 نلڪا (ھئنڊ پمپ) لڳل ھوندا ھئا. پر ھاڻي ترقي ڪري صرف ھڪ ھئنڊ پمپ بچايو ويو آھي. تعليم جي تباھيءَ تي فڪرمند ماڻھو اھو پڙھي ھرگز پريشان نه ٿين ته ھاڻي ھاءِ اسڪول ڏوڪري ۾ پڙھندڙ ھڪ ھزار کان وڌيڪ شاگردن لاءِ ڪوبه واش روم يا ٽوائليٽ ناھي. اسڪول ۾ صرف ھڪ ئي باٿ روم آھي جيڪو ھيڊماستر ۽ ٻيا اسٽاف وارا استعمال ڪن ٿا. ھا البته شاگردن کي اوپن حاجت پوري ڪرڻ لاءِ ڀرڀور سھولت حاصل آھي. ھاءِ اسڪول کي ڪمپيوٽر ته سالن کان مليل آھن، پر مستقل مسئلو اھو رھندو آيو آھي ته اھي ڪمپيوٽر ھلائي ڪير ۽ شاگردن کي سيکاري ڪير؟ اھڙي مونجھاري سبب ڪمپيوٽرن کي ھڪ ڪمري ۾ خطرناڪ ڏوھارين جيان بند وارد ڪيو ويو آھي ته جيئن نه اھي پاڻ ٻاھر اچي سگھن ۽ نه ئي ٻيو ڪير ساڻن ملاقات ڪري سگھي!!
    اسڪول جي چوديواري ڦھليل وسيع گرائونڊ تي به ھاڻي قبضا ايترا ٿي ويا آھن جو اسڪول کي اچي سوڙھو ڪيو اٿن، جنھن گرائونڊ تي شاگردن جي پي ٽي ٿيندي ھئي ۽ سائين الھڏنو سيٽي ۽ سوٽي ساڻ کني پيو رائونڊ ڪندو ھو، اھو گرائونڊ ھاڻي گرلز اسڪول جي نئين ٺھيل عمارت ھيٺ اچي ويو آھي. ھاڻي ان گرائونڊ تي نه اھو ديدار ڇولن وارو ريڙھو ھڻي بيھي ٿو نه ئي راندين جا سامان نظر اچن ٿا. اسڪول کي چوديواري اچڻ کان پوءِ عمارت جي پوئين پاسي راندين واري گرائونڊ ۾ اسڪول جا فنڊ وڌائڻ خاطر جوئر ۽ ڪڻڪ جا فصل ڪيا وڃن ٿا ڇا ته لاجڪ آھي آمدني وڌائڻ جي؟ ھاءِ اسڪول جي حالتن متعلق اسڪول جي ھاڻوڪي اسٽاف (جيڪي اڪثر ان ئي اسڪول جا اڳوڻا شاگرد پڻ آھن) سان ڪيل ڪچھرين مان پتو پيو ته جڏھن ھاسٽل وارا ڪمرا ٽوڙائي ڪلاس رومز ٺھرائڻ شروع ڪيا ويا ته اسڪول جي آر سي سي ڇت ان ڪم جي سٽ نه سھي سگھي. مٿئين حصي تي ٺھندڙ ڀتين ڇت کي به ٽوڙي ڇڏيو. ان بحث ڇيڙڻ مان ھاڻي شايد ڪو فائدو نه ٿيندو ته مختلف وقتن ۾ رھندڙ ھيڊ ماسترن جا گھر ڪيئن بھتر ٿيندا ۽ ااسڪول ڪيئن بدتر ٿيندو ويو. پر اسڪول جي اڳوڻن شاگردن کي ڏک اھو آھي ته ھاءِ اسڪول کي ڪو پيار ڪندڙ ھيڊ ماستر نه ملي سگھيو. اھو سائين مورج مل به ته ھاڻي ڪسمپرسي وارين حالتن ۾ حياتي جا آخري ڏھاڙا پيو گذاري جيڪو پڙھائڻ سان پيار ڪندو ھو. اھو سائين غلام عمر کونھارو به ته ھاڻي حيات نه رھيو آھي، جيڪو پڙھائڻ ۾ چست ھئڻ سان گڏ اسڪول جي بدتر ٿيندڙ حالتن لاءِ به دل ۾ درد رکندو ھو. اھو درد ھو رڳو دل ۾ نه رکندو ھو، پر جيئن ته سندس انگلش سٺي ھوندي ھئي ان ڪري مختلف وقتن تي اختيار ڌڻين کي خط ۽ تارون به موڪليندو رھندو ھو. شايد اھو سندس ئي موڪليل تارن جو نتيجو ھو جو سرڪاري انجنئير ٻه ٽي دفعا وزٽ ۽ سروي ڪري ويا پر عمل اڃان تائين ڪو به ظاھر نه ٿيو آھي. ائين ته اڳوڻي ڊي سي لاڙ ڪاڻي به ھاءِ اسڪول کي ماڊل اسڪول بڻائڻ جو ارادو ڪيو ھو. پر ٻين جيان سندس ارادو به اڌرو رھجي ويو. اسڪول جي عمارت ٽائيٽانڪ جيان آھستي آھستي تباه ٿي رھي آھي. ان کي بچائڻ لاءِ اڃان ڪو به ھٿ اڳتي نه وڌيو آھي. ھڪ اڳوڻي شاگرد جو خيال ھو ته اھا عمارت ڊاھي ڀلي نئين ٺھرائين. پر اسڪول جي عمارت جي پراڻي خوبصورتي ڪٿان آڻيندا؟ فوٽ جيڏين ڳاڙھين سرن سان ونگ ڏنل ورانڊي وارا در ۽ دريون ڪيئن جياري سگھندا؟ اھا ته حيدرآباد جي واپارين جي حسن کي جانچڻ واري حس آھي، جن اولڊ ڪيمپس ۽ بسنت ھال کي نئين ڪشش ڏئي ڇڏي آھي. ڏوڪري ۾ اھڙا واپاري ڪٿان آڻجن جيڪي اسڪول جي عمارتن سان ته ڀلي محبت نه ڪن. پر گھٽ ۾ گھٽ سٺو ورتاءُ ته ڪن؟
    تباھي طرف ويندڙ عمارت جي ٻاھران چٽن اکرن ۾ گورنمينٽ ھاسٽل 1956ع اڃان به واضع لکيل آھي جڏھن ورانڊي ۾ رنگ سان لکيل اھا سٽ به ملي ٿي ته ”احتياط علاج کان بھتر آھي“ اھا سٽ انسپيڪشن جي انھن ڏينھن طرف کڻي وڃي ٿي، جڏھن ڪلاس رومز سينگارڻ جا مقابلا ٿيندا ھئا، جنھن رستي کي روزانو ڇڻڪار ۽ چوني جون لڪيرون ڪڍيون وينديون ھيون. ان تي دٻن ۾ بيٺل پاڻيءَ کان پاڻ بچائيندي جڏھن واپس ٿيون ٿا ته اھي سمورا ڪلاسي اچانڪ ياد اچي وڃن ٿا ۽ ويچار ۾ وجھن ٿا ته ڇا ھاڻي به ھاءِ اسڪول جي

    ڪالم جو آخري صفحو ڪتاب ۾ موجود ناھي


    اڳ ۾ خطا تي غور ڪجو، پوءِ سزا ڏجو

    ڪالم جو پھريون صفحو ڪتاب ۾ موجود ناھي

    جي نظر ۾ ھڪ سؤ ڪن ڪوشين ۽ ھڪ سؤ ڀيرا ملڪ جا نعرا ھڻن سان ڀلي ته اھو الزام لھي ويو ھجي، پر ان الزام جو پڙاڏو اڄ به اسلام آباد جي ايوانن ۽ تخت لھور (لاھور) جي بادشاھن جي بيانن ۾ ٻڌي سگھجي ٿو. اھا نفرت جنھن جو طعنو ڪالھه تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪامريڊن، سن جي سيد ۽ بي ايس او جي بلوچن کي ڏنو ويندو ھو. اڄ اھو سڀني سنڌين کي پاڻ ڏئي رھيا آھن، جڏھن ملڪ ۾ سيٽلائيٽ چئنلز جو نالو نشان به نه ھوندو ھو. سئنيمائن ۾ فلمون به بليڪ اينڊ وائيٽ لڳنديون ھيون. ان زماني ۾ تڏھوڪي من موھڻي ھيروئن نورجھان جا ٿيٽر لڳندا ھئا، جنھن کي تڏھوڪا جوان ۽ اڄوڪا پوڙھا ”زنده ناچ“ سڏيندا ھئا. ”ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان جيڪو ڪجھه ٿي رھيو آھي، ان کي ڇا چئجي؟ ھاڻي جي کڻي ماڻھن کي ٻڌايو ويو ته ”توھان بي عقل آھيو، ننڍڙي ڳالھه کي سمجھي نٿا سگھو. ملڪي مفاد اھم آھن. ننڍن صوبن جي ھجڻ نه ھجڻ واري سوال کان به اھم ۽ ڪروڙين ماڻھن جي حياتين کان به اھم آھن اھي ملڪي مفاد، جيڪي صرف واپڊا جي بريفنگ ۾ ظاھر ٿين ٿا ۽ پنجاب جي اسٽيبلشمينٽ جي ٽيبل تي سجايل آھن.“
    ”ڪالاباغ ڊيم ته پٺاڻن لاءِ به سنڌين جيترو ئي ناقابل قبول آھي، ته پوءِ اتفاق راءِ جو سمورو زور سنڌين مٿان ڇو ٿو وڌو وڃي.“ ڪنھن صحافي نما پوليس عملدار پڇيو. جنھن کي اھو ئي ٻڌايو ويو ته جيڪڏھن پٺاڻن تي اتفاق راءِ جو ايترو زور بار وڌو وڃي ھا ته ھن وقت تائين ٻنھي مان ڪنھن ھڪ جو مٿو ڦٽيل ھجي ھا. اھو ته پٺاڻ به سمجھن ٿا ته ڪالاباغ ڊيم جي تعمير سان مردان ۽ چارسده جون سرسبز زمينون سم ڪلر جو شڪار ٿي تباه ٿي وينديون. نوشھره جھڙو پختونن جو تاريخي شھر تباه ٿي ويندو. اھو خدشو ھنن کي ان ڪري به وڌيڪ آھي جو پشاور جي آس پاس وارن علائقن ۾ ڊيم جي تعمير سبب پاڻي اچي چار فوٽ زير زمين تان پھتو آھي. ”پٺاڻن جي ھر معاملي کي ھٿيارن ذريعي حل ڪرڻ واري سوچ حاڪمن کي مردان، چارسده ۽ نوشھره ڏانھن وڃڻ کان روڪي رکيو آھي. حالانڪه سڀ کان پھرين حاڪمن کي اتفاق راءِ لاءِ ان طرف وڃڻ گھرجي.“ ھڪ اڳوڻي ڪامريڊ چيو، اڳوڻا ڪامريڊ به عجيب ماڻھو ھئا جيڪي ھاڻ ته بلڪل به باياب ٿيندا پيا وڃن، بلڪل ائين جيئن اردو شاعر چيو؛
    نوگي اگر ملڪون ملڪون
    ملني ڪي نھين ناياب ھين ھم.
    مورن ۽ ھرڻن جا نسل بچائڻ لاءِ به ادارا ٺھيل آھن. پر ڌرتي کي تحرڪ ۾ رکندڙ انھن ڪامريڊن جو سنڌ ۾ نسل بچائڻ لاءِ ڪنھن به ڪا ڪوشش نه ڪئي ۽ انھن منجھان ڪي ناياب ته ڪي ڪمياب ٿي ويا. اڳي ساڳيا ڪامريڊ ھئا، جيڪي بکن ڏکن ۾ اھوئي سمجھائيندا ھئا ته منزل ڏاڍو ڏور آھي ۽ پنڌ اڻانگو آھي. ھاڻي جڏھن پنجاب جي سياستدانن، ميڊيا ۾ موجود سرڪاري لابيءَ ۽ وردي وارن ڪالاباغ ڊيم کي ملڪي مفادن جو چولو پھرائڻ شروع ڪيو آھي تڏھن ڪو، ھالا جو پراڻو پوڙھو قومپرست به نظر نٿو اچي. جيڪو اسٽيج تي تقرير بدران گاريون ٻڌائي به خوب داد حاصل ڪندو ھو. ”ھن جي نگاه ۾ سنڌ جون سڀئي سياسي ڌارائون ھڪ ھيون ھو رسول بخش پليجي کي پنھنجو محبوب ۽ جي ايم سيد کي پنھنجو مرشد سڏيندو ھو. ھاڻي جڏھن حاڪم در تي اچي پنجاب جا دڙڪا ڏيئي ٿا وڃن، تڏھن واقعي جواب لاءِ اکيون ڪنھن حفيظ قريشيءَ کي ٿيون ڳولھين“ ھڪ سياسي ڪارڪن چيو.
    جنرل مشرف ھاڻي جڏھن پاڪستان تي حڪمرانيءَ جي ھڪ رات تان پردو کڻي چڪو آھي ته پنجاب جي حمايت کانسواءِ پاڪستان تي ڪوبه حڪومت نٿو ڪري سگھي. ڄڻ ته ھن قومپرستن جي ان اصطلاح ۽ ٿيوريءَ کي سچ ثابت ڪيو آھي جيڪي زمانن کان پنجابي پناھگير ڳٺ جوڙ جي ڳالھه ڪندا اچن ٿا. پنجاب وٽ راجا رنجيت سنگھه کان پوءِ جڏھن ڪو به پاپولر ليڊر ناھي، ته پوءِ آخر پنجاب وٽ ڪھڙي قوت آھي، جيڪا سڀني جي راءِ مٿان ڀاري آھي؟ اھو راز ڄاڻڻ لاءِ ڪنھن وڏي تحقيق جي ضرورت نه آھي. چون ٿا ته 1819ع ۾ جڏھن رانجيت سنگھه جي فوجن کي برطانوي فوجن شڪست ڏني ته سمورو پنجاب سخت صدمي ۾ اچي ويو. ان صدمي کي ڪنھن ڪروڌ ۾ تبديل ٿيڻ کان اڳ ئي برطانوي فوج ٻن قومن کي ”مارشل ريز“ قرار ڏنو، جن ۾ پنجاب جا مسلم جٽ ۽ پختون شامل ھئا. گڏيل ھندستان جي پاڪستان واري حصي مان ٻنھي قومن منجھان فوج لاءِ ايتري ڀرتي ڪئي ويئي جو اھا وڏي برطانوي فوج جي ھڪ حصي سان گڏ پاڻ به ھڪ پوري ۽ مڪمل فوج بڻجي پئي. پاڪستان جي آزادي کان پوءِ 1947ع ڌاري جڏھن نئين ملڪ جي فوج ٺھي ته ان ۾ 77 سيڪڙو فوج پنجاب مان 19.53 سيڪڙو فوج پشتونستان مان جڏھن ته باقي گڏيل سڏيل آباديءَ منجھان ھئي.
    ڳالھه کي توڙ تائين پھچائيندي ھن چيو، ”جيڪا ڌمڪي حڪمران سنڌين کي ڏئي ويا آھن. اھڙي ڌمڪي ھو پشاور ۾ پٺاڻن يا ڪوئيٽا ۾ بلوچن کي ڏئي سگھن ٿا؟ ڪڏھن به نه. ڇو ته ٻنھي صوبن ۾ ڪنھن نه ڪنھن حوالي سان ھٿياربند تحريڪون ھلندڙ آھن.“ سندس اھا ڳالھه ٻڌڻ کان پوءِ مونکي ڪوھلو جا جبل ياد اچي ويا، جتي مري قبيلي جا ماڻھو پاروٿو ڍوڍو ۽ ٻڪريءَ جو کير پيئندي به ھٿيار تاڻيو ويٺا آھن. ڪڏھن ھيلڪاپٽرن تي فائرنگ ڪن ٿا، ڪڏھن حاڪمن جي جلسن دوران راڪيٽ فائر ڪن، پر سنڌين کي اڃا تائين بي عقلي ۽ خودڪشي ڪرڻ جا مھڻا ملن ٿا. ھاڻي ھڪ ڀيرو ٻيھر پنجاب جا ڌڙڪا ڏئي سنڌين کي ڊيڄاريو ۽ ھيسايو پيو وڃي. تڏھن ”صوبائي ھم آھنگي“ سان ڪھڙا ڇٽ جھلندا؟ ھر ڪوئي ڄاڻي ٿو. ڄاڻون ٿا ته سنڌ اندر اھو سياسي تحرڪ ناھي رھيو، پر ان جي باوجود حالتن پلٽو کاڌو ته ھڪ دفعو ٻيھر سنڌ جي شھرن جا اسٽيڊيم ”محرمن“ کي ڪوڙا ھڻڻ لاءِ سجائي سگھن ٿا جتي ڪو مارشل ريس جو حوالدار محرم کان اھو ئي نعرو ھڻڻ جي گھر ڪري سگھي ٿو، جيڪو راڌڻ اسٽيشن ڀرسان ڪجھه سال اڳ شاگردن کان ھڻايو ويو ھو.“
    مين مجرم ھون مجھي اقرار ھي جرم محبت کا
    مگر پھلي خطا پر غور کرلو پھر سزا دينا.


      چولستان جي چائنٺ ۽ فريدي عشق

    چوڏھين جي چانڊوڪي روھيءَ جي واري کي چمڪائي ڇڏيو ھو. ھزارين روھيلا خواجه فريد جي عشق ۾ جڪڙجي اچي ”فريد دا ڪنڊا“ وٽ گڏ ٿيا ھئا. اھي ڄڻ ته محبت موٽائڻ آيا ھئا. جيڪا خواجه فريد پنھنجي حياتي جي 81 سال روھي ۾ رلندي ورھائي ھئي. اھو اڃا تائين خود خواجه جي گادي نشينن لاءِ به وڏو سوال بڻيل آھي ته خواجه فريد کي ڪھڙي ڪشش محسوس ٿي جو ھن پنھنجي حياتي جا پورا 81 سال روھيءَ جي ريگستان ۾ گذاري ڇڏيا اھو سوال مريدن، محققن ۽ گادي نشينن تي ڇڏي اسان ھزارين ماڻھن جي ان ميڙ کي (جيڪو روھي ۾ پنھنجي نوعيت جو پھريون ميڙ ھو) ڇڏي ڪجھه اڳڀرو ھليا وياسين. پيرن ھيٺان ڦھليل ٿڌي واري جيتري فرحت ڏيئي رھي ھئي. ايترو ئي سرائيڪي لوڪ فنڪارن جا پري کان پھچندڙ اھي ٻول مزو ڏئي رھيا ھئا ته
    ”سن اٺي دا جتوال دل اڙ ڳئي تيڏي نال“
    جيتوڻيڪ اھا اصل روھي ڪونه ھئي. اھا ته صرف چولستان جي اھڙي چائنٺ ھئي. جيئن پاڻ وٽ ماڻھو مٺيءَ ۾ پھچي سمجھندا آھن ته ٿر پھچي وياسين. تيئن ئي اسان به ”فريد دا ڪنڊا“ جنھن کي ھاڻي جھوڪ فريد چون ٿا. پھچي سمجھيو ته چولستان اچي ويا آھيون، جيتوڻيڪ ٿر ۾ نانگ بلائون عام جام ھونديون آھن، پر ھتي شايد ايتريون ناھن ڇو ته ھزارين روھيلا واري کي ئي طول وھاڻا سمجھي ٽيڪ لڳايو ليٽل ھئا. ڪيترا اسرار، راز ۽ ڪيتريون ڪھاڻيون ھن روھيءَ ۾ ڦھليل ھونديون. روھي اندر 6 تاريخي قلعا آھن،جيڪي اڃان ڏسڻا آھن ۽ ھاڪڙي درياھ جا به قصا آھن. پر اڄ صرف خواجه فريد جا قصا ٻڌڻا آھن. چون ٿا ته خواجه فريد سدا بي چين ۽ اھڙي آواره دل رکندڙ عاشق ھو جنھن کي عشق جي تڪميل جي تلاش ھئي. ان تڪميل جي تمنا کانئس ٺٺ ٺانگر واري اباڻي زندگي ڇڏرائي، کيس روھيءَ جي رڻ ۾ گھلي آئي، جنھن ڪنڊي جي وڻ جي ڇانو ۾ اچي ھن ديرو ڄمايو. اڄ ھزارين روھيلا ان تي باسون باسن ٿا. خواجه فريد جا وڏڙا اصل سنڌ جا ڪوريجا ھئا. ڪي چون ٿا ته قاضي احمد جا ھئا، ڪي چون ٿا ته ٺٺي جا ھئا. پر خواجه فريد جي نصيب ۾ ته روھيءَ جو رڻ جھاڳڻ لکيل ھو. ان زماني ۾ لالو لاڙ ۽ ڇٽا لاڙ وارن جي ھڪ ھٺيلي ھرڻ جھڙي ڇوڪري خواجه جو چين چورائي وئي. فريد دا ڪنڊا جي آسپاس ئي رھندڙ ان ڇوڪريءَ جي مائٽن کي خواجه شادي جو پيغام موڪليو. روھيلن وراڻي ڏني ته اسان جو رواج آھي وٽا سٽا (ڏي وٺ) ڇوڪري ڏيو، ڇوڪري وٺو. نيٺ لالو لاڙ جي مرشد کي گھرايو ويو، جنھن اچي مريدن کي آڇ ڪئي ته خواجه کي سڱ ڏيو عيوضي ۾ اھل بيت ڇوڪري وٺو ته منھنجي ڌيءُ حاضر آھي نه ته ٻيا مريد سڱ ڏيندا. عجب ناھي خواجه ان زماني ۾ به پنھنجو پيار ماڻڻ ۾ ڪامياب ويو پر اسان وٽ اڃا تائين پسند جي شادي ڪرڻ روھي جو رڻ جھاڳڻ برابر بڻيل آھي. جنھن وقت ھزارين روھيلن کي خواجه فريد جي ساھراڻي گھر ۾ سانڍيل شادي جا تير ڪات ڏيکاريا پئي ويا، تنھن وقت مونکي اوچتو خيال آيو ته ڇا خواجه فريد جا پونئير اھي زيور ۽ ھار سينگار به ائين ئي سرعام ڏيکاريندا جيڪي خواجه فريد ملتان جي بازار حسن مان ڪيل چوٿين گھر واري کي ڏنا ھئا. ”خواجه ملتان جي جنھن سدا سھاڳڻ سان شادي ڪئي ھئي، تنھن کي ھار سينگار جو ايترو شوق ھو يا خواجه جو حڪم ھئس جو خواجه جي وفات کان پوءِ به ھو ھر روز وھنجي سھنجي ھار سينگار ڪري شايد خواجه جو اھو ڪلام ياد ڪندي ھئي ته ”ميڏا عشق وي تون ميڏا يار وي تون“ ڪوٽ مٺڻ جي گادي نشين خواجه معين الدين محبوب ڪوريجو مسجد جي احاطي ۾ ڪچھري دوران ٻڌايو. اھا ڳالھه روھي ۾ به ٻڌڻ لاءِ ملي ته ڀٽو ڦاھي گھاٽ اندر آخري ڏينھن دوران خواجه فريد جو اھو ڪلام ٻڌندو ھو. جنھن کي پٺاڻي خان کانسواءِ ڪير به پرسوز آواز ۾ نه ڳائي سگھيو آھي. خواجه فريد جون ھڪ ھزار ڳئون روھي ۾ ائين چرنديون ھيون جيئن روايت مطابق گندا واھ جي چيزل شاھ جون ڏاچيون جھر جھنگ چرنديون وتن ٿيون. عجيب ڳالھه آھي ته گندا واھ ۾ چيزل شاھ جي ڏاچين جي کير بدران ڪجھه سال اڳ اسانکي ٺرو پياريو ويو ھو پر روھيءَ ۾ خواجه فريد جي روايت شايد اڃا جيئري جو اسان جي آجيان چانھه نه پر کير جا گلاس پياري ڪئي ويئي.
    روھي جي يادگيريءَ ۾ اھو پھريون ڀيرو ٿيو ھو جو خواجه فريد کي منظم نموني سان وڏي سطح تي ياد ڪيو ويو ھو. ڇو ته خواجه فريد کان پوءِ درگاه ڪوٽ مٺڻ جي سجاده نشينن روھي اچڻ ئي ڇڏي ڏنو ھو. پر روھيلا ڪوٽ مٺڻ ايندا رھيا. خواجه فريد فائونڊيشن پاران ٿيل ان پروگرام ۾ ھڪ سؤ سالن کان پوءِ خواجه فريد جو ڪو سجاده نشين روھي آيو ۽ اچي واري جي ٽٻي تي پلٿي ماري ويٺو. مريد کيس نذرانو ڏئي رھيا ھئا. ھاڻوڪو سجاده نشين خواجه فريد جي ڌيءَ مان شروع ٿيل تسلسل جو حصو آھي ڇو ته خواجه کي پٽ جو اولاد نه ھو. جڏھن کانئن پڇيم ته ”خواجه جي خاندان مان ڪنھن ٻئي شاعري شروع ڪئي آھي؟ ته ھن منطقي جواب ڏيندي چيو ته ”خواجه فريد ته صدين ۾ پيدا ٿيندا آھن.“ جيتوڻيڪ خواجه فريد جي خاندان ۾ عشق ته ڪنھن نه ڪنھن ڪيو ھوندو، پر ڪو خواجه فريد جھڙي سٽ اڃان نه ڏئي سگھيو آھي. رات ڪافي گذري وڃڻ کانپوءِ به روشن ھئي ۽ رات واري محفل ۾ سجاده نشين مسلسل روئي رھيو ھو. خبر ناھي ھو خواجه فريد جي خاندان جا ڳوڙھا روھي جي واري ۾ ملائڻ جو جتن ڪري رھيو ھو يا ان غم ۾ روئي رھيو ھو ته روھيلن کي ھڪ سؤ سال تائين سندن خاندان ڇو اڪيلو ڇڏي ڏنو. چون ٿا ته خواجه فريد پنھنجي عشق جي تڪميل واري ڪوشش ۾ ايترو ته رڌل ھيو جو دنيا داري کان بلڪل ڪٽيل ھو. جڏھن ماڻھن کيس بھاولپور رياست جي نواب صادق جي زيادتين جون دانھون ڏنيون ته ھن رياستي نواب کي مختصر پر معنى خيز خط لکيو ته ”صادق زير ٿي زبر نه ٿي متان پيش پوئي.“
    نيٺ نه چاھيندي به روھي کي الوداع چيوسين.
    ڇو ته اسان روھي، پائو ڪوھيلو واري ناول الڪيمسٽ جي ھيري وارو خواب کڻي نه ويا ھئاسين نه ئي خواجه فريد جي دل. چون ٿا ته ريگستان جي واري ڏاڍي رازدان ٿئي ٿي. ھوءَ چورن جا پير به ڍڪي ٿي ڇڏي. شايد خواجه فريد جي روھي لاءِ ڪشش جو سبب اھو به ھجي تنھنڪري روھي جي پٽن وچ ۾ ٿيل ان ميڙ جو ھڪ راز اسان به روھيءَ ۾ ٿا دفن ڪريون.


    غريب جي ٻار جا اميراڻا شوق!

    ھو جڏھن پھريون ڀيرو منھنجي ميزباني ۾ ٿيندڙ ھڪ ٽي وي ٽاڪ شو ۾ آيو ھو ته پورا ويھه منٽ ميڪ اپ روم ۾ ويھي رھيو. ان دوران منھنجي ۽ ھن جي چھري جو ميڪ اپ ته ٿي چڪو ھو مگر ھن ٻانھن کا روڪي چيو ھو ”ڏسو سائين اسان آھيون غريب جا ٻار مسڪين ماستر جو پٽ آھيان ھن عھدي تي پھتو آھيان سڀ وڏيرا سڙن ٿا پر ھاڻي مونکي اھو ٻڌايو ته چوڻو ڇاھي پروگرام ۾.“ ان غريب جي ٻار جيڪو ھاڻي ھڪ اھم کاتي جو وزير آھي ۽ متحده سان لاڳاپيل وزير کي اھڙو سوڙھو ڪيائين جو مون پروگرام ھلندڙ بحث دوران بند ڪيو.
    ان پروگرام کان پوءِ ھن روبرو توڙي فون تي مونکي پنھنجو استاد سڏڻ شروع ڪيو. منھنجي منع ڪرڻ تي ھن جو چوڻ ھو ته استادن جي عمر ناھي ڏسبي توھان ڀلي پنھنجو شاگرد نه سمجھو پر توھان منھنجا استاد آھيو. کلڻو ملڻو ۽ ڏسڻو وائسڻو اھو شخص ڪڏھن ڪراچي ايئرپورٽ تي، ته ڪڏھن ھاءِ ڪورٽ جي احاطي ۾، ڪڏھن ھلندڙ جھاز ۾ گڏ سيٽون ملڻ مھل ان جي چھري کي ڏسي آءُ خوش ٿيندو ھوس ته واقعي جيڪڏھن پرائمري ماستر جو پٽ پنھنجي اھليت جي بنياد تي ھڪ وڏي اقتداري سياسي جماعت جو ضلعي چڱو مڙس ٿي وڃي ٿو ته ان ۾ حرج ناھي. ان غريب جي ٻار جي ججن جي گھر وارين کي شاپنگ ڪرائي من پسند فيصلا وٺڻ جھڙين چالاڪين جا ذڪر ٿيندا ھئا. مگر گھڻا ماڻھو ڪن نه ڏيندا ھئا، منھنجي ھڪ وڪيل سنگتياڻي ان جي عورتاڻي اسٽائيل کان سڙندي ھئي، پر جڏھن شوڪت عزيز پنھنجي وزارت عظمى جي دور ۾ ان خاتون جي حسن جي تعريف ڪئي ته ھن به ميڪ اپ ۽ ھيئر اسٽائيل بدلائي ڇڏيا ۽ غريب جي ٻار سان سڙڻ ڇڏي ڏنو. اھو غريب جو ٻار ھاڻي تازو مونکي بار بار تڏھن ياد ٿو اچي جو ھن کي سکر ايئرپورٽ تي پي سي او تحت حلف کڻندڙ چيف جسٽس عبدالحميد ڏوگر جي آجيان ڪندي ڏٺو ۽ ھن اھو اعلان ڪيو ته چيف جسٽس ڏوگر کي مڪمل پروٽوڪول ڏنو ويندو.
    پنھنجي ان غريب جي ٻار وزير کي اقتداري ڀوتارن ۽ وڏيرن کان به وڌيڪ چالاڪيءَ اسان اھڙو ڪم ڪندي ڏٺو جو ھاڻي معزول چيف جسٽس افتخار چوڌري بابت ڪو به پروگرام ڪامياب نٿو ٿي سگھي. منھنجي حيرانگي جو ھڪ سبب اھو آھي ته عام چونڊن کان اڳ وڪيلن جي تحريڪ دوران اھو غريب جو ٻار گرفتار به ٿيو ھو. لاڙڪاڻو بار کي پوليس جي 3 ڪلاڪ ڪڙو چاڙھڻ کان پوءِ جڏھن ھو پنھنجي چيمبر مان نڪرڻ وارو ھو ته ھن مونکي چيو، استاد ھاڻي پاڻ وينداسين سڌو جيل پوءِ جي پارت ھجيئي. ھن معزول چيف جسٽس افتخار چوڌري جي بحاليءَ واري تحريڪ ۾ جيل ڀوڳيو ھڪ رات جيل مان فون ڪيائين ته استاد جيل وارن ظلم ڪري ڦاھي گھاٽ ۾ رکيو آھي. ٻئي ڏينھن ڦاھي گھاٽ پھتاسين ته سياسي ڪارڪنن ۽ وڪيلن جا پرجوش گروپ مليا. لڳ ڀڳ سڀني ڪوٺڙين مان بسڪيٽ کائيندا اچي غريب جي ٻار جي ڪوٺڙيءَ تي پھتاسين ته لاڙڪاڻي جون ٻئي بيڪريون ۽ فروٽ جا ٽوڪرا پيل ھئا. غريب جي ٻار کي ڦاسي گھاٽ ۾ مڇرن جي آزار ۽ باٿ روم جي نه ھجڻ جون شڪايتون ھيون. ان ئي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ ھن ٻڌايو ته معزول چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کيس گھڻو ڀائيندو آھي. ھن سان سنڌي ۾ دعا سلام ڪندو آھي. ھو معزول چيف جسٽس مان گھڻو متاثر ۽ پراميد پئي لڳو، اھو جج بحال ٿيڻ سان گھڻا مسئلا حل ٿي ويندا. غريب جي ٻار جي ترت رھائي ٿي وئي چونڊون ٿيون حڪومت ٺھي ۽ ھو وزير بڻجي پيو. وزير ٿيڻ شرط ھن جي وڏي وزير سان ويجھڙائي وڌي وئي. ھن پنھنجي عزيزن کي اھم پوسٽ تي لڳرائي ڇڏيو. سموري ڪابينا مان پھرين چاليھن لکن واري گاڏي غريب جي ٻار ڪڍرائي ۽ گاڏي تي جھنڊو ھڻي اچي جسٽس ڏوگر جو استقبال ڪيائين چون ٿا ته ماڻھن مان جيتريون اميدون ۽ توقعات گھٽ رکندو اوترو ئي گھٽ مايوس يا نا اميد ٿيندئو. تنھنڪري مونکي عزيزن جي پوسٽنگ تي اعتزاز ناھي پر ٿيو ڇاھي، اھو فلمي گانو ته ”ايک چھري پي ڪئي چھري لگا ليتي ھين لوگ“ ان فلمي گاني جي وڊيو ڪلپ ڄڻ ته ھاڻي ان غريب جي ٻار جي سرگرمين ذريعي ڏسڻ جو موقعو مليو.
    اسان جي غريب جي ٻار سميت ڪابينا جا اڪثر ميمبر ۽ وڏيريون، وزيرن ۽ اقتداري ڀوتارن تي ڏاڍا ڇوھ ڇنڊيندا رھيا آھن پر ھاڻي لڳي ٿو ته نظريه ايمانداري اھو وڃي بچيو آھي ته جيڪڏھن وارو نه ملي ته ڀوتاڙ بڇڙا! پر جي پاڻ کي وارو ملي ٿو ته پاڻ ئي ڀوتار بڻجي پئون. اسان جي غريب جو ٻار وزير چون ٿا ته اڳوڻي حڪومت جي ڀوتارن کان به گوءِ کڻي ويو آھي. ڀلا ڪنھن کي اعتراض ڇو ھجڻ گھرجي. اسان جي سونھري سنڌ جي ڪابينا ئي ايتري ڀاڳن واري آھي جو ڀلي نگران وزير ٿيڻ لاءِ ڪو رڪشي ۾ چڙھي گورنر ھائوس پھچي پر ٽن مھينن کان پوءِ واپس ڳوٺ ھو نئين ماڊل جي پجارو ۾ ئي ويندو.


      اي آواره ڇوڪري

    لاڙڪاڻي جي ”ڌنڌوڙي“ عورتن کي اھا خبر ناھي ته سندن حقن لاءِ به ھانگ ڪانگ ۾ ڪانفرنس ٿي رھي آھي، جتي جسم فروشي واري پورھئي کي غير قانوني قرار ڏيڻ خلاف قرار دادون پاس ٿي رھيون آھن. پر اھي ڏينھن رات محنت ضرور ڪري رھيون آھن. اھي عورتون باقاعده ان بازار ۾ ته نٿيون ويھن جنھن ۾ ھاڻي ڪا ڳاڙھاڻ ته نه رھي آھي پر پوءِ به خبر ناھي ان کي ”ڳاڙھي بازار“ ڇو ٿو چيو وڃي؟ ان بازار ۾ سينگار جي سنوارجي منجي رکي موڙي تي چوٿين گيئر ۾ سگريٽ پيئندڙ ۽ گراھڪ جي آسري ويھندڙ سيڪس ورڪر، سچ ته انھن عورتن کان بيزار ٿي پيون آھن، جن سندن سوين سال پراڻ اداري ۽ ڪم کي ”پرائيويٽائيز“ ڪري ڇڏيو آھي. ”سچ پڇو ته ھاڻي اسان جون ڇوڪريون به رڪشا کڻي ڪم جي ڳولا ۾ شھر جي چوراھن ۽ بازارن ۾ ڦرنديون ٿيون وتن. روزگار ۾ اھڙي تنگي اڳ ۾ اسان جي ڪنھن نسل ڪونه ڏٺي.“ چار ڏھاڪا اڳ خانيوال کان اچي لاڙڪاڻي جي بازار وسائيندڙ اھا ماضيءَ جي خوبصورت عورت ٻڌائي ٿي جيڪا ھاڻي به ھڪ ڪنجوس سيٺ جي سريت بڻيل آھي.
    لاڙڪاڻي جي گرمي ۾ ساھ ٻوساٽيندڙ شامن کان ھميشه ڊڄندڙ ماڻھن کي اھو ته لاڙڪاڻي ۾ اچي نوڪري ڪرڻ سان پتو پيو ته اتر سنڌ جي اڀرندي شھري مرڪز جي شام ڪيڏي نه رنڱين ٿئي ٿي. شام ٿيندي ئي مخصوص طبقو ھر اھو ڪم ڪرڻ شروع ڪري ٿو، جيڪو قانون جي ڪتابن ۽ پوليس ڊائرين ۾ غيرقانوني آھي. رنڱين شيشن وارين ايئرڪنڊيشنڊ گاڏين ۾ سي ڊي پليئر ھلائي بيئر سان گڏ ھڪ ”سنگتي ساڻ کڻي ھو جڏھن شھر جي اڪيلي اوور ھيڊ برج تان لھن ٿا ته پاڻ کي نيويارڪ پھتل سمجھن ٿا. توھان کي خبر آھي ته لاڙڪاڻي ۾ ايتري ايڊز ڇو ڦھلجي رھي آھي. اتي جسم فروشي سرعام آھي،جتي پري پري کان ماڻھو چڪر ھڻن اچن ٿا. ڪراچي جي ھڪ وڏي ھوٽل جي لابي ۾ انگريزي اخبار جو صحافي پوري پاڪستان کان آيل صحافين کي بريف ڪري رھيو ھو، پر حقيقت ۾ شايد ائين نه ھجي، ڇو ته لاڙڪاڻي ۾ ايڊز رڳن ۾ نشي جون سيون ھڻندڙ ھيرونئين جي ذريعي ڦھلجي رھي آھي. ”ايڊز ويڊز جو خير آھي، پاڻ کي گھرجي ”سنگت“ پوءِ ڇا ٿو ٿئي، ڪنھن مڙي ڏٺو آھي؟ ھڪ ڪاروباري شخصيت چيو، جنھن کي لاڙڪاڻي ۾ پھريون ڀيرو وياگرا آڻڻ جو اعزاز حاصل آھي. پر اھو ڪيئي پڪڙجي پيو. سو اڃا رپورٽ نه ٿيو آھي. رپورٽ ته لاڙڪاڻي جي مقامي ھوٽل جي اھا گرائونڊ پارٽي به نه ٿي، جنھن ۾ ”خواتين“ لاءِ اسلام آباد کان اسپيشلي سوئمنگ ڊريسز سرڪاري خرچ تي گھرايون ويون . آفيس ڪيڊر ۾ پھتل ھاڻوڪي اولڊ از گولڊ خاتون ان محفل جي ڄڻ ته مک مھمان بڻيل ھئي. ”رڪشائي سيڪس ورڪرز عورتون“ رڳو حيدرآباد جي آٽوڀان ۽ واڌو واھ روڊ سان ”گشت“ ڪونه ٿيون ڪنديون وتن پر لاڙڪاڻي جي ريشم بازار، جناح باغ جي آس پاس اھڙيون عورتون وافر مقدار ۾ ملي وڃن ٿيون. ھڪ رڪشا واري جو اھو جملو ته، ”سائين لاڙڪاڻو ته اسٽائيل ۾ ڪراچيءَ سان ڪلھو ٿو ھڻي.“ تڏھن سمجھه ۾ آيو، جڏھن پاڻ کي اسپيشل برانچ جي اھلڪار سڏائيندي ھڪ عورت سان ملاقات ٿي. ھن چرس ڀريل سگريٽ پنھنجي پرس مان ڪڍي لطيف آباد جي نوجوان ڪاروباري بابت احوال ٻڌائڻ شروع ڪيو. ھن پنھنجي ان گھر جي ماڙيءَ تي اھا ڪچھري ڪئي، جيڪا شھر جي پوليس سربراه جي گھر کان چاليھه قدم به مشڪل سان پري ھوندي سندس پروفيشنل تڪڙ واري انداز کان سخت چڙيل شاعر شايد تڏھن ئي ھن کي ڏسي چيو ھو ته
    روح ته جسمن ۾ ملن ٿا
    خالي کوکا ڇا ڪبا.
    ان سوئمنگ پول جو پاڻي ته ھاڻي سڪي ويو آھي پر ھن جي وارن جي چمڪ ۽ آلاڻ اڃان ساڳي آھي. تڏھن ته اتر سنڌ ۾ ڊي سي مان ڊي سي او بڻجي ويل جھونو عملدار اڃا پنھنجا اڇا وار ھن جي مساج ڪيل پيرن ھيٺان جھڪائيندو رھي ٿو. انھن محفلن ۽ انھن رنڱينن ۾ شايد عجيب ڪشش آھي جو صوبائي وزير بڻجڻ کان پوءِ به ھو موٽي سکر جي ان ھوٽل ۾ ترسيو، جتي پوسٽنگ ملڻ جي خوشي ۾ ھڪ انجنيئر کيس ”ٽريٽ“ ڏني.
    پرزا ۽ پميز جي وھان ۾ ان خانو ڪاربيءَ کي ڪيئن وسارجي جيڪو ڳوٺاڻي اسٽائيل ۾ پنھنجو ديرو ڄمائي ويٺل آھي. خانو ڪاربيءَ جي ڳوٺ ۾ جڏھن ھڪ ايس ايڇ او ايڊوانس رقم ڏئي پنھنجي صاحبن لاءِ بڪنگ ڪرائي ويو ته خانوءَ پنھنجي ھڪ جگري يار صحافي کي چيو، ”دنيا وتي ٿي اسان کي ڌونڌوڙي چوندي پر اصل ڌنڌا ته ھي صاحب ٿا ڪن.“ ھن جھان ۾ ٻھراڙين جون اھي عورتون به ڪاھي پيون آھن. جن کي واڌو خرچ کپي ٿو. اھي ڪارن برقعن واريون نقاپ پوش خواتين روزانو اسپتال ۽ ڪجھه ھوٽلن جا چڪر ضرور ھڻن ٿيون. لاڙڪاڻي جي ھوٽلن جا فيملي رومز اھڙين عورتن سان منجھند ٿيندي ئي ڀرجي وڃن ٿا. اھڙين ڌنڌوڙي عورتن جي اڃ وڃ ڏسي ڪجھه فقيرياڻيون به ان راھ تي ھلي پيون آھن، جيڪي پھريان خيرات گھري سامھون واري جو رخ ڏسي پوءِ پنھنجو چئنل بدلائن ٿيون.“ سائين منھنجي سروي موجب شھر جي ھر ھڪ پاڙي ۾ ڪونه ڪو ھڪ گھر اھڙو ضرور آھي، جتي اھي ڌنڌوڙي عورتون رھن ٿيون.“ ھڪ باريش ۽ سرگرم ڪاروباري اڳواڻ چيو. ھو شروع ۾ جڏھن پنھنجي اھا سروي ٻڌائي رھيو ھو ته مون کي يقين نه ٿيو ته ڪو ھي بزرگيءَ جھڙو ڏيک ڏيندڙ شخص به ان لمس واري لپيٽ ۾ آيل ھوندو.
    اھا اڌڙوٽ عمر واري عورت شھر جي سمورن شونقينن کي سٺي لڳي، جيڪا ھر ماڻھو سان ابا پٽ ڪري پنھنجائپ ۾ ڳالھائيندي ڊيل ڪري ٿي، ”ته ابا ھاڻي توھان ٻچن سان ڪھڙو ڪوڙ، ڇوڪري ته نئين آھي، پر آئي اڃا اڄ آھي حيدرآباد کان“ ھن راشي کاتي جي ڪلارڪن جي ھڪ گروپ کي چيو، جيڪي چندو ڪري ھر مھيني جي پھرين تاريخن ۾ اھا محفل ائين مچائيندا آھن، ڄڻ مٿن ڪو فرض عائد ٿيل ھجي. ڌنڌوڙي عورتون ڇوڪرين جي ھر گروپ کي ائين پنھنجي ڪمرن ۾ رھائن ٿيون، جيئن افغاني مزدور ڪراچي جي دڪانن ۾ رھندا آھن. اڌڙوٽ عمر کان پوءِ اھڙو ڪاروبار شروع ڪندڙ عورتون گھر جو ھڪ ڪمرو سنگل بيڊ، صوفن ۽ ڪارپيٽ سان سجائي اي سي لڳائي ھر ھڪ شيءِ جي چارج وٺڻ شروع ڪن ٿيون.“ موبائيلن به ڪم خراب ڪري ڇڏيو آھي، ڇورين جا ڊائريڪٽ رابطا ٿي وڃن ٿا ته اسان کي کنگھن ئي ڪونه ٿيون.“ لاڙڪاڻي ۾ ھڪ اخباري آفيس جي نالي ۾ ڌنڌو ھلائيندڙ بظاھر معزز شخصيت چيو. اھا تنبيھه به انھن آواره عورتن کي ڄڻ پذيرائي ٿي لڳي ته؛
    اي آواره ڇوڪري
    ڏکيا لڳندئي ڇوڪرا.


      حمام. . . . . . . . . !

    اھا گرل فرينڊ ۽ جولي جھڙيون تڪراري انڊين فلمون اچڻ کان گھڻو اڳ جي ڳالھه آھي جڏھن آءُ انڊس ھاءِ وي تان ڪي اين شاه کي ڪراس ڪري ڪنھن ڀرپاسي واري ڳوٺ ڏانھن وڃي رھيو ھئس. ٽيڪسي ڊرائيور ھونئن ته خاموش ھيو پر جڏھن پنھنجي ھڪ واقفڪار کي مونکان پڇڻ کان سواءِ ئي لفٽ ڏنائين ته ھو به ٽانگي وارن جيان حوالن ۾ لڙھي ويو. منھنجي ڪن لاٽار ڪرڻ باوجود ھو مسلسل ڪچھري ڪندا رھيا. سندن ڪچھري جڏھن اعتراض جوڳين فلمن بابت شروع ٿي ته مون پنھنجي ڪن لاٽار جو سلسلو بند ڪيو. ”ڪالھه کڻي ويس وي سي آر، گھر ٻار ته ٻه فلمون ڏسي سمھي پيا مون جو ”اصلي“ فلم ڪڍي پاڻ واري مائي کي به ڏيکاري ته اھا صفا بگڙي پئي ابا اصل جھيڙو گھر ۾ وجھرايو ھيئي؟“ سانوري رنگت واري ڀريل بدن جي مالڪ ٽيڪسي ڊرائيور پنھنجي دوست کي چيو ۽ پنھنجي ڊرائيونگ جھڙي لاپرواھيءَ وارو ٽھڪ ڏئي ھن کان پڇيائين ”تو ڪيئن ھيرايو اٿس. مون کي ته اصل موچڙا پئي ھڻي“. ڪجھه ئي سال اڳ ٽيڪسي ڊرائيور ۽ سندس دوست جي اھا گفتگو ٻڌي آءُ ڪيترائي ڏينھن ان اچرج ۾ ورتل ھئس ته سنڌي سوسائٽي ۾ ھاڻي اھي فلمون عورتن کي به ڏيکاريون وڃن ٿيون، جيڪي شھرن ۾ پاپندي پيل شراب جي بوتلن جيان ورن ۾ وجھي لڪائي کنيون وينديون ھيون. اھا اسي واري ڏھاڪي جي انھن آخري سالن جي ڳالھه آھي جڏھن وي سي آر جو ڪاروبار عروج تي پھتل ھوندو ھو. شھري ڇوڪرا ته ڪمرو بند ڪري اعتراض جوڳين فلمن واريون ڪيسٽون مزي سان ڏسندا رھن ٿا پر مڙندا ٻھراڙين جا اھي شوقين به ڪونه ھئا، جيڪي وي سي آر ٽي وي ۽ وڊيو ڪيسٽن واري سموري سيٽ کي ڳوٺ جي مريض جيان گڏھ گاڏي ته کڻي ويندا ھئا. ۽ ڪارنر گڏجاڻي جھڙن اجتماعن ۾ فلمون ڏسندا ھئا. جڏھن اميتاب ۽ ڌرميندر جون فلمون ختم ٿينديون ھيون ته وي سي آر جو انچارج ننڍن ڇوڪرن کي اوطاق مان اھو چئي ڪڍي ڇڏيندو ته ھاڻي وڏن واري فلم ھلندي پوءِ ويھي اسان غريباڻي حال واريون ڪپڙن لان آجيون فلمون ڏسندا ھئاسين. ھڪ يونيورسٽي ۾ پڙھائيندڙ شخص پنھنجي ڳوٺ جون يادون اوريندي چيو، انٽرٽينمينٽ جي دنيا ۾ جيئن زمانو بلئڪ اينڊ وائيٽ کان ترقي ڪري رنگين بڻيو تيئن ئي اھي تڪراري فلمون وڊيون ڪيسٽن کان ترقي ڪري وڊيو سي ڊيز تائين پھتيون آھن. ھي سي ڊيز اڪيلائي ۾ ڪير ڪھڙي جوڙ سان ڏسي ٿو اھو ته ذڪر ٿورو اڳي ھلي ڪريون ٿا پر انھن سئنيمائن جو ڇا ڪجي جن جو ھاڻ گذارو ئي فحش فلمون ھلائڻ تي وڃي بچيو آھي. ايم اي جناح روڊ ڪراچي واري پرنس سئنيما تي ھڪ صوبائي وزير جي سربراھيءَ ۾ لڳل ڇاپو ته ڪھاڻي اڃا اڳتي وڃڻ طرف اشارو ڪري ٿو. صبح جو يارھين وڳي سئنيما اسڪوپ پردي تي ھلندڙ فحش فلمن دوران اھڙين عورتن جي فراھمي جن مٿان زندگيءَ ۾ ھڪ ئي فحش اشارا ڪرڻ وارو ڪيس بار بار لڳندو آھي. سئنيما تي ڇاپو ھڻندڙ صوبائي وزير توڙي پوليس عملدارن جو ڌيان سئنيما اندر ھلندڙ انھن عورتن واري ڪاروبار طرف ھو. تنھنڪري شايد کين فحش فلمن جا ٽوٽا نظر ئي نه آيا. اھوڇاپو اھڙي ته دکتي رڳ تي ھٿ برابر ھو جو لنڊن کان به فونون کڙڪڻ لڳيون ۽ ڇاپي دوران موجود پوليس عملدارن کان صوبائي وزير جي پيسا وٺڻ يا نه وٺڻ بابت پڇائون ٿيون. ”ڪراچي جي ھڪ مخصوص سئنيما تي ڇاپو ھڻندڙ صوبائي وزير کان سنڌ جون اھي 50 کان وڌيڪ سئنيمائون ڇو ٿيون وسرن، جيڪي ھاڻي فحاشي جا کليل اڏا بڻجي چڪا آھن، جتي عورتون ته کڻي فراھم نه ٿيون ٿين، پر فحش فلمون ڏينھن ۾ ٽي دفعا ضرور ھلن ٿيون. ”ڪنھن زماني ۾ پرنس سئنيما کي پنھنجي حدن اندر ھلائيندڙ ھڪ اڳوڻي ٿاڻيدار چيو ھن وڊيو سي ڊيز جي مرڪز ريمبو سينٽر ۽ ڪراچي جي فلم ڊسٽريبيوٽر جو به ذڪر ڪيو جيڪي ھاڻي فحش فملون فراھم ڪرڻ جا اھم مرڪز بڻجي پيا آھن.
    سالن کان ٻاھرين دنيا کان ڪٽيل ۽ بند پيل اھڙي سنڌي سوسائٽي جتي تعليم جي شرح تمام گھٽ ۽ غربت جي شرح ڏينھون ڏينھن وڌندڙ ھجي. اھڙي سماج ۾ ميڊيا جي گھڻ پاسائين يلغار اھڙو ته طوفان برپا ڪري ڇڏيو آھي جتي روايتي اخلاقي قدر سامونڊي طوفان ۾ پرزا ٿيل ھوڙھن جيان لڳن ٿا. جن جو طوفان گذري وڃڻ کان پوءِ به پرزو پرزي سان نه ملندو ھجي. فحش فلمن بابت پھريون عوامي بحث ٻڌائيندڙ اھو ٽيڪسي ڊرائيور ۽ اھو گھڻن ڏينھن وارو اچرج تڏھن ھميشه لاءِ ختم ٿيو جڏھن فيملي پلاننگ واري اھا ليجنڊري خاتون ملي جيڪا پنھنجي حلقه احباب ۾ اڌڙوٽ عمر ھئڻ جي باوجود اڃان به ”مس ميڊونا“ طور مشھور آھي. ”منھنجي مڙس کي ھوندو ھو سي ڊيز جو دڪان، روزانو رات جو ڪا اھڙي سي ڊي ضرور کنيون ايندو ھو پھريان ته مونکي به بڇان وٺندي ھئي پر پوءِ ٻيئي شوق سان ڏسندا ھئاسين.“ مس ميڊونا ٻڌايو ۽ وڌيڪ چيو ته ”آڻيندو ته ھو جانورن واريون به سي ڊيز ھو پر اھي ته ٿيا ڪافر، اھي ايئن ڪري سگھن ٿا پر اسان پنھنجو ايمان ڇو خراب ڪريون.“
    ھن ڀريل سگريٽ مان آخري سوٽو ھڻندي چيو. قانوني ڪتابن ۽ اخلاقي دائرن ۾ ته انھن کي اعتراض جوڳيون/ فحش فلمون چيو وڃي ٿو پر ھر شھر جي ھر سي دي ڪارنر وٽ انھن جا نالا مختلف آھن ڪي انھن کي غريبن واري فلم ته ڪي جوان ڪرڻ واري سي ڊي چون ٿا. ڪجھه ھمراھ ان کي چاڪليٽ ته ڪجھه وري ان کي اصلي سي ڊي سڏين ٿا. سکر ۾ سي ڊيز جو ڪاروبار ڪندڙ دوست اتر سنڌ جي ھڪ معتبر صوفياڻي درگاه جي نوجوان گادي نشين جو ساڻس فحش فلم واري سي ڊي سٺي نه ھجڻ تي جھيڙو ٿيو. ”صبح جو اچي ھن چيو ھي ته صفا بيڪار آھي سائين ھن ۾ مزو ناھي.“ مون به بخيل ٿي چيو مانس سائين اسان سي ڊي تائين ٻڌل آھيون، باقي فلم جي ھيروئن سٺي آھي يا نه اسان جو ان سان ڇا“ سي ڊي دڪان تي احتياط سان اھڙيون سي ڊيز ھلائيندڙ دڪاندار چيو. اھو قصو وري ڪنھن ٻئي واري ته قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي اھلڪارن کان وٺي سي ڊي سي او سطح ها عملدار ڪيئن سي دي سليڪشن دوران ڪا جوان بنائڻ واري شئي چئي پنھنجو ارادو دڪاندار کي ٻڌائين ٿا. پر انھن عورتن جو قصو ڪير بيان ڪري جيڪي بظاھر مجرن جون سي ڊيز وٺن ٿيون ، پر انھن لاھور مجرن جي سي ڊيز جي جھرمٽ ۾ ھو ھڪ اڌ سي ڊي اھڙي به کڻي وٺن ٿيون جنھن کي زمانو اعتراض جوڳي فلم چئي ٿو.
    فحش فلمن جو سيلاب صرف سئينمائن ۽ سي ڊيز تائين محدود ناھي پر ھاڻي اڪثر شھرن جا ڪيبل آپريٽرز به ان ۾ نھايت سرگرميءَ سان ھٿ ونڊائي رھيا آھن ھر رات ٻارھين وڳي کان پوءِ ڪجھه انڊين چينلز بند ڪري نام نھاد ”لو اسٽوريز“ وارا چينلز ھلائيندڙ انھن آپريٽرز کي پنھنجي ايريا مان ”رات جي ڪاروائي بابت ڪا به شڪايت نٿي اچي. اسان جي ايريا ۾ فيشن ٽي وي ته 24 ڪلاڪ ھلي ٿو پر رات جو دير سان پلي بواءِ به ھلائي ڇڏيندا آھيون. شڪايت ته ڪابه نٿي اچي جنھن رات اھو چئنل نٿا ھلايون ته ڪيتريون فونون اچن ٿيون، جنھن ۾ عورتن جون به فونون ھونديون آھن ته اڃا اھو چئنل ڇو نٿو ھلي.“ لاڙڪاڻي ۾ ھڪ وڏي پاڙي کي سالن کان ڪيبل سپلاءِ ڪندڙ ڪيبل آپريٽر ٻڌايو. ڪراچي ۽ لاھور جھڙن وڏن شھرن جي ڪجھه علائقن ۾ ته ھر آچر رات کان اڳ اھو اطلاع ھلايو وڃي ٿو ته فلاڻو چئنل فيملي سان نه ڏسندا. اھو انھن ڪيبل آپريٽرن جو سنڊي شو سڏيو وڃي ٿو. جنھن کي خاموشي سان ھزارين ماڻھو قبول ڪري رھيا آھن.
    عربانيت جو اھو گھڻ طرفو نماءُ اسان جي سماج کي ھوس پرستي جي اھڙي ڌٻڻ طرف ڌڪي رھيو آھي، جنھن جي ٿوڙي جھلڪ ڪراچي جي انھن نيٽ ڪيفيز مان ملي ٿي جتي ڇوڪرا پنھنجين گرل فرينڊز سميت اچن ٿا ۽ ڪيفي جي ڪيبن اندر نيٽ بدران پنھنجي جسم کي استعمال ڪن ٿا. ڪراچي جي انھن انٽرنيٽ ڪيفيز ۾ ھلندڙ جسم جي اھڙي جھان جون جھلڪيون مختلف ٽي وي چئنلز تي به اچي چڪيون آھن. ٽي وي چئنلز تي آيل اھڙين وڊيو ڪلپز منجھان جيڪي سين سينسر ڪيا ويا اھي مختلف فحش ويب سائيٽس تي فراھم ڪيا ويا.
    کليل ذھن ۽ کليل جسم واري ھن دنيا اندر اھو ته شايد ڪو مونجھارو نه به ھجي پر اسان لاءِ مشڪل مرحلو ضرور آھي ڇو ته اھو سڀڪجھه ڪٿي ٻئي ھنڌ نه پر ان اسلامي جمھوري وطن اندر ٿي رھيو آھي جتي اسلامي اخلاقي قدرن ۽ پاسداريءَ جا روزانو نه ڄاڻ ڪيترا قسم کنيا وڃن ٿا. اھو مسئلو ڏينھنون ڏينھن سنگين ٿيندو پيو وڃي شايد تڏھن ئي سرحد جي مذھبي اڳواڻن واري حڪومت عرياني ۽ فحاشي جي روڪٿام لاءِ ائين ھڪ الڳ ايس پي مقرر ڪيو آھي، جيئن پاڻ وٽ انويسٽگيشن ۽ آپريشن جا ڊي پي اوز الڳ بڻيل آھن. سرحد حڪومت جو تازو عمل ۾ آندل اھو فيصلو ان ڪري به دلچسپ لڳي ٿو جو پاڪستان ۾ ڪيترائي شوقين عريانيت جي شروعات پشتو فلمن کي سڏين ٿا. سئنيمائن تي لڳندڙ ڇاپن ۽ سرحد حڪومت جي فيصلن کان ھٽي ڪري جيڪڏھن عام خلق جي اک سان ڏسجي ته اھڙين فلمن حوس پرستيءَ جو ھڪ ڄار جوڙي ورتو آھي. جنھن ۾ نسل در نسل ماڻھو ڦاسندا وڃن ٿا. اھا وڌندڙ حوس پرستي ئي آھي جڳ رات جو عريان فلمون ڏسي اٿندڙ ماڻھن کي رڪشا ۾ اڪيلي ويندڙ ھر عورت وئيشا لڳي ٿي. ان حوس پرستيءَ جي سماج اندر اھڙي ته ڪشمڪش ھلندڙ آھي، جو بازي ڪنھن ھڪ پاسي ٿي نه ٿي سگھي. ھڪ طرف سئنيما، سي ڊيز ۽ ڪيبل جا ليٽ نائيٽ وارا چئنلز سالن کان ھڪڙو نسل تيار ڪري رھيا آھن ٻئي پاسي عريانيت جي ان نمائش کي روڪڻ لاءِ ڪوبه ادارو ڪا اٿارٽي نه ھجي ته پوءِ سکر جي ستين ڪلاس واري شاگردياڻي صائمه ابڙو جھڙا ڪيس ته ٿيندا رھندا. حوس پرستيءَ جي اھڙي ماحول ۾ جيئن حيدرآباد جي نوجوان کي ھوش نٿو رھي ته معصوم ٻارڙي اڃان 5 سالن جي آھي تيئن ئي سکر جي ٽولي کي ڪو خيال نٿو رھي ته صائمه اڃان معصوم آھي. ٻنھي واقعن ۾ متاثر نياڻيون جن جي خلاد دانھين ٿيون، انھن جو اکيون حوس سان ڀريل ۽ حياءُ کان خالي ملن ٿيون، پر اھو سڀڪجھه آخر ڪيستائين ھلندو؟ ذھن ۾ اوچتو اڀري آيل ان سوال في الحال لکڻ کان روڪي ورتو آھي. پريشان ڪندڙ ان سوال جو جواب اڃان تائين نه ملي سگھيو.


      اسان گورگ جي خاموشيءَ ۾ ڇا پئي ڳوليو؟

    گورگ طرف وڃڻ لاءِ جيڪو جبل جھاڳڻو پوي ٿو ان جو ھونئن ته ھر پيچر، گس ۽ گھٽ گھيڙ ڪو آسان ڪونھي، پوءِ به سڀني کان خطرناڪ ھنڌ ”خارو لڪ“ آھي، جتان جبل جي چوٽي کي ڪٽي ھڪ سرنگھه نما پيچرو ڪڍيو ويو آھي، جنھن جي ڇت کليل آھي. ان ڏينھن واھي پانڌي کان ٻاھران سر سبز زمين منجھان ٿيندا، جڏھن اسين پھاڙين جي پاڇي ۾ پھتاسين ته شام ٿيڻ جا سانباھا شروع ٿي چڪا ھئا،پر اسان جو پنڌ سو به اڙانگو اڃا 2 ڪلاڪ باقي ھو. اھو پنڌ کٽائڻ لاءِ توڙي جو گاڏيءَ ۾ استاد محمد جمن جي ڪيسٽ ھلي رھي ھئي، پر ان جي باوجود سڀني جون نظرون انھن پھاڙين طرف کڄيل رھيون، جيڪي فطري رنگ استعمال ڪندڙ ڪنھن آرٽسٽ جي پينٽنگز جيان نوان نياپا کڻي نروار ٿي رھيون ھيون.
    انھن پھاڙي منظرن جي خوبصورتي تي ڊپ ۾ تڏھن تبديل ٿي جڏھن گاڏي جابلو چاڙھين جي اوچاين ۽ لاھين جي اونھارين کي ڇھڻ شروع ڪيو. خوفائتي خاموشيءَ ته ”خارو لڪ“ وٽ اچي ورايو، جتي لڳ ڀڳ چار ھزار فوٽ واري بلنديءَ تي پھچي سوڙھي رستي تان لڪ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ گاڏيءَ موڙ ڪاٽيو ان موڙ کان سڌي رستي سرنگھه ۾ اچڻ لاءِ ڊرائيور گاڏيءَ کي ٿورو پوئتي ڪيو، سنگدل پھاڙن مٿان ٺھيل ان پيچري تي گاڏيءَ کي ريورس ڪرڻ جي ڪا گنجائش ئي ڪونه ھئي. ڊبل ڪيبن گاڏيءَ جي پوئين حصيءَ ۾ ويٺل ھڪ ڍولڪ نواز ته ٽپو ڏئي پنھنجي پر ۾ پنھنجو سر پئي بچايو. پر ٻئي ھمراھ کيس سوگھو ڪري ورتو اھڙي خطرناڪ چاڙھيءَ وارو موڙ گذارڻ کان پوءِ ھر ڪنھن شڪرانا ادا ڪيا.
    جنھن روڊ سان اسين گورگ طرف وڃي رھيا ھئاسين اھو روڊ جڏھن تعمير نه ٿيل ھو. تڏھن اڪثر سرڪاري ڪامورا ۽ سرڪاري ڪارندا فيضو آلکاڻي جي اٺ جون خدمتون حاصل ڪندا ھئا. پھاڙن جي ئي پنڌ ۾ جڏھن سج صفا لھڻ لڳو ته ”آئون نه گڏيس پنھونءَ کي تون ٿو لھين سج.“ واري ڪار ھئي. سج لھڻ کان پوءِ جبلن ۾ ھڪ پراسرار خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي. جنھن کي ڪڏھن اسان جا ٽھڪ ئي وڃي ٽوڙين ٿا.
    جڏھن اونداھي ھر طرف ڇانئجي ويئي ته اسان به وڃي گورگ ھل اسٽيشن جي انھن ٻن ڪمرن تائين پھتاسين، جن مٿان سرڪاري ريسٽ ھائوس ھئڻ جو الزام آھي. لاڙڪاڻي دادو ۽ جوھيءَ مان ته اسان گرمي گرمي ڪندا گاڏين ۾ اي اسي ھلائيندا پئي وياسين، پر گورگ ھل اسٽيشن پھچڻ شرط ٿيلھن مان سرديءَ کان بچڻ جو سامان نڪري پيو. ھر ڪنھن کي جئڪيٽون، سوئيٽر ۽ گرم لويون ۽ مفلر ويڙھجي ويا. ڪچھري باھ جي مچ تي انھن ڪمرن اڳيان متي، جتي ڪڪڙ ۽ ڇيلي جي گوشت جا دور به ھليا پر ٿڌ ۾ اضافو ٿيندو رھيو ۽ اسان وڃي انھن ڪمرن جو ورانڊو وسايو، جيڪي ھنگامي بنيادن تي تڏھن تعمير ڪرايا ويا ھئا جڏھن تڏھوڪي وزيراعظم نواز شريف ھن جبل تي اچي رات رھڻ جو پروگرام ڏنو ھو. ھاڻي جلاوطن زندگي گذاريندڙ پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم جي پروٽوڪول ۾ اھو فيضو الکاڻي به شامل ھو جيڪو جبلن ۾ وڌندڙ ترقياتي ڪم ڏسي اھي سڀئي جبل پنھنجي ملڪيت تصور ڪري ٿو. ”اسان جو ابن ڏاڏان کان ھتي رھون ٿا ته نيٺ اھي جبل به اسان جا ٿيا نه سائين.“ وڏن شھپرن وارو اھو فيضو آلکاڻي ٻڌائي ٿو، جيڪو سنڌي ڳالھائڻ ۽ سمجھڻ به گورگ تي تعميراتي ڪم شروع ٿيڻ کان پوءِ سکيو آھي. ڪجھه وڏن وزيرن، وزيراعظم ۽ وزيرن جي پروٽوڪول ۾ رھڻ سبب فيضو آلکاڻي ھاڻ پنھنجي راڄ ۾ ائين اڻ چونڊيل چڱو مڙس آھي، جيئن پنھنجي ملڪ جا حڪمران ھجن. مستقبل ۾ فيضو آلکاڻي گورگ ھل اسٽيشن جو شايد باقاعده اھڙو گائيڊ ھجي جھڙو ننگر پارڪر وارو جھونو کوسو.
    فيضو آلکاڻيءَ جي ھڪ ڳالھه تي سڀني کان ٽھڪ نڪري وڃن ٿا جڏھن ھو صوبيدار کي اٺ تي کڻي اچي خارو لڪ پھتو ”اسان جا ابا ڏاڏا سپاھين کي ڏسي ھي جبل ڇڏي ٻئي جبل تي چڙھي ويندا ھئا پر جڏھن خاور لڪ تان ترڪي صوبيدار ھيٺ ڪري رھيو ھو ته کيس ڪلھو ڏيئي اڳتي ڪيم ۽ رات جو ڳوٺ اچي شڪرانو ادا ڪيم ته جنھن پوليس کان اسان جا ابا ڏاڏا ڊڄندا ھئا. ان کي اڄ فيضو پاڻ ڪلھو ڏيئي بچايو آھي.“
    فيضو ۽ سندس ڀائر جبلن جي اوٽ ۾ جھوپڙيون ٺاھي نسلن کان دنيا جھان کان ڪٽيل ويٺا آھن. اٺن ۽ خچرن تي ھيٺ لھي جڏھن سيڌو سامان وٺڻ ويندا ھئا ته کين واھي پانڌيءَ تائين 2 ڏينھن پنڌ ۾ لڳي ويندا ھئا. ھڪ عجيب ڳالھه فيضوءَ اھا به ٻڌائي ته جبلن ۾فاصلا طئه ڪرڻ ايترو اڙانگو ڪم آھي جو ڪڏھن ڪڏھن فوتگيءَ جي صورت ۾ ميت کي اڳ ۾ ئي دفنائي ڇڏيندا آھن. سندس جنازي نماز بعد ۾ پڙھندا آھن، جڏھن ٻئي جبل تان مولوي کي وٺي اچن. اھڙي ڏکي زندگيءَ سبب ھر گھر ۾ ھڪ ڪفن احتياط طور ھميشه پيل رھي ٿو. فيضو ان ريسٽ ھائوس اڳيان ٻڌائي رھيو ھو، جتي ھاڻي بجلي به پھچي چڪي آھي ۽ واٽر سپلاءِ جون لائنون وڇائجي رھيون آھن. ان ڪري امڪان اھي ئي آھن ته فيضو آلکاڻي جي نسل کي ھاڻ وڌيڪ تبديليون ڏسڻيون پونديون. ڪيئن چئجي ته ھاڻي ھي جابلو ماڻھو سياحن جي اھا رش نه ڏسندا جيڪو ھنن لاءِ وڏو ھجوم ھوندو. جڏھن ورانڊي ۾ عاشق نظاماڻي محفل کي گرمايو ويٺو ھو ته آئون گرم لوئي ويڙھي ڪجھه وقت لاءِ ٻاھر نڪري آيس جتي آسپاس جي پھاڙن تي خاموش سردي ڇانيل ھئي ۽ ماحول ڪجھه اھڙو ھو جيئن:
    چنڊ اڀ ۾ رلي رھيو آ
    شھر سارو سمھي رھيو آ
    اھا خاموشي رڳو جبلن کي ئي نه پر مستقبل واري سنڌ جي ھن ٿڌ تفريح گاه تي آيل ھل ھنگامي کي به ورائي وئي ۽ آھستي آھستي سموري پارٽي کونگھرن ۽ ننڊ جي جستجو ۾ ھلي وئي. ٻن اڍائي ڪلاڪن جي ننڊ کان پوءِ جڏھن منھنجي اک کلي ته ھر طرف سانت ھئي ھڪ خوبصورت لڳندڙ خاموشي ان خاموشيءَ جي سرگوشي ٻڌڻ لاءِ آئون آسپاس جي انھن پھاڙن طرف ھليو ويس. فيضو کي سندس وڏڙا ٻڌائي ويا ھئا ته ھڪ انگريزياڻي گھوڙي تي چڙھي آئي ھئي، جيڪا ڪيترائي ڏينھن ھنن سان جبل گھمي واپس ھلي ويئي ھئي. کيس ھتان جا آلکاڻي اڃان به گھوڙي واري راڻيءَ جي نالي سان ياد ڪن ٿا. گورگ جي ھن خاموشيءَ ۾ ٻڌ جا ڪي ڀڪشو ھجن. جن کي گيان ۾ ھتي ڪو رخنو محسوس نه ٿيندو. ڇو ته عجيب ڳالھه اسان جي ان عجيب دوست به محسوس ڪئي . جيڪو اھڙي ٿڌ ۾ به ٽي شرٽ ۽ چڍو پائي ويٺو ان اھو محسوس ڪيو ته گورگ تي ڪنھن به پکيءَ جي ٻولي يا جانور جو آواز ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي. ھر ڪنھن گورگ جي خاموشيءَ ۾ ڪجھه ضرور ڳوليو ھوندو. اسان ته محبوب ديس جي اھڙي وڻندڙ منظر تي بس چند سپنا ئي ياد ڪري سگھياسين. سپنا به اھي جيڪي پيا ھجن سڙي.
    ”گھڻو وقت اڳ پيا ھئا سپنا سڙي،
    اڃان تائين پنھنجيون ڪرن ٿيون اکيون،
    چمڻ بعد جيئن ئي کلن ٿيون اکيون،
    سڄي عمر پوءِ بس رلن ٿيون اکيون.“


      خواھشون، ڪي معصوم ڪي قاتل

    شھدادپور ڀرسان بقا ڏاھري ڳوٺ جي فضائن ۾ اڄڪلھه ان فضا ڏاھري جو ذڪر عام ھلي رھيو آھي، جنھن پنھنجي مڱيندي خادم ڏاھري سان پيار جو پرڻو ڪرڻ خاطر پنھنجو اباڻو گھر ڇڏيو. ارڙھن سالن جي فضا کي اھا خبر ته ھرگز ڪونه پئي ته ھوءَ جڏھن پيار ۽ پرڻن جي چڪر ۾ پنھنجو گھر ڇڏيندي ته سندس والد ھي جھان ئي ڇڏي ويندو ۽ کيس ان جو آخري ديدار به نصيب نه ٿي سگھندو. ريٽائرڊ ماسٽر جي غريب نياڻي پنھنجي چاچي اسلم ڏاھري جي ارادن ۽ ظلمن کان تنگ ٿي (جيئن ھن پاڻ مقامي عدالت ۾ ٻڌايو) ان نوجوان سان ھلي وئي، جنھن کي سندس پيءُ رشتو ڏيڻو ڪيو ھو، پر اھو چاچو سندس راه ۾ رڪاوٽ بڻيل ھو، جنھن جي گھر ۾ ھو رھندا ھئا. پيار جي پرڻن جي دنيا کان واقف ماڻھن کي اھو اندازو چڱي طرح ھوندو ته اھا راھ ڪيڏي نه عذابناڪ آھي. فضا جي حصي ۾ آيل ان عذاب ۾ وڌيڪ اضافو تڏھن ٿيو، جڏھن عدالت جي احاطي ۾ ڪنھن مايوس مائٽ اچي کيس پيءُ جي خودڪشي جي خبر ٻڌائي. ان وقت تائين عدالت کيس پوليس حوالي ڪري چڪي ھئي ۽ پوليس کيس دارالامان حيدرآباد پھچائڻ جا انتظام ڪري رھي ھئي ته ڪورٽ احاطي ۾ ئي فضا اوڇنگارون ۾ پئجي ويئي. فضا جيڪڏھن پنھنجي بُرن توڙي ڀلن ڀيئرن سان پيار ڪندڙ ڇوڪرين مان ھڪ آھي ته کانئس اھو لمحو ۽ اھا ڪورٽ ڪڏھن به نه وسرندي، جتي ھوءَ خوشين جي سفر واري ابتدا جي اجازت گھرڻ آئي ھئي پر کيس پيءُ جي آخري ساھ کڻڻ جي خبر ملي. شھدادپور کان حيدرآباد ڪو ايترو به پري ناھي. پر سڏڪندڙ فضا جڏھن پوليس موبائيل ۾ اھو سفر پئي ڪيو ته ھن لاءِ اھو طويل ترين سفر ٿي پيو ھو. ڇو ته سندن منٿن جي باوجود پوليس کيس پيءُ جو آخري ديدار ڪرڻ جي به اجازت نه ڏني ھئي. ڪي گھڙيون ۽ ڪي عمل ڪڏھن ڪڏھن انسان لاءِ عمر ڀر جو پڇتاءُ بڻجي پون ٿا. جيئن انڊيا کي آزادي ڏياريندڙ اڳواڻ مھاتما گانڌي لاءِ اھو لمحو عمر ڀر پڇتاءُ جو سبب بڻيو رھيو، جنھن لمحي ھو پنھنجي زال سان ھمبستر ھو ۽ سندس پيءُ آخري ھڏڪيون ڏيئي رھيو ھو. نوڪرياڻي پاران بار بار سڏڻ جي باوجود به جڏھن ھو نه ويو ته آخري اطلاع کيس پيءُ جي گذاري وڃڻ وارو مليو، جنھن گانڌيءَ کي ايترو ته ڌوڏي ڇڏيو، جو ھن 35 سالن جي جوان عمريءَ ۾ ئي زال کي واضع ٻڌائي ڇڏيو ته ھاڻي جنسي تعلق ختم آئنده اھڙو عمل نه ڪبو.
    خبر ناھي شھدادپور جي فضا پنھجي پيءُ جي خودڪشي جو ذميوار پنھنجي پيار ۽ پرڻي کي ئي سمجھي يا ان چاچي اسلم کي جنھن پاران ڌڪا ڏيئي گھران ڪڍڻ کان پوءِ ھن وڃي خودڪشي ڪئي، ھونئن ته مري ويلن سان ڪي شڪايتون نه ڪبيون آھن. دستور به اھوئي آھي ته روايت به اھائي، پر ھڪڙي ڳالھه ايوب سان ھر ڳوٺائي ڪرڻ پيو چاھي ته خواھشون صرف پيءُ ماءُ جون نه، پر اولاد جون به ٿين ٿيون. ريٽائرڊ ماستر ايوب غريبي حال ھوندي به ڪجھه سال اڳ ھڪ عيسائي طلاق يافته عورت سان شادي ڪئي جنھن کي ھڪ جوان ڌيءُ به ساڻ ھئي، چيو وڃي ٿو ته ايوب جي ننڍي ڀاءُ اسلم جي خواھش ھئي ته ھو ان ڇوڪري سان شادي ڪري جنھن جي ماءُ سندس وڏي ڀاءَ جي گھر واري بڻجي چڪي ھئي، ايوب جي انڪار کان پوءِ ڀائرن ۾ ڪجھه فاصلا وڌيا. چون ٿا ته فضا ۽ خادم ڏاھري جي پرڻي ۾ ھونئن ته ايوب به ايترو راضي نه ھو، پر ڪجھه وقت اڳ ٿيل حادثي سبب ھو جڏھن معذور ٿي اسپتال پھتو ته ان نوجوان خادم پنھنجي نالي جھڙي ھن جي خدمت ڪئي. جنھن کان متاثر ايوب ڪجھه راضي به ھو، پر ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ کيس ٻڌائڻ کان سواءِ وڃي ڪورٽ ۾ پيشي ڪئي. جنھن تان ڪاوڙجي ننڍي ڀاءَ وڏي ڀاءُ ايوب کي گھر مان ئي ڪڍي ڇڏيو. شايد مايوسي ۾ ايوب ڏاھري پنھنجي سالي جي گھر وڃي جيت مار دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي. سندس خودڪشي جو ذميوار ڪجھه ماڻھو سندس ننڍي ڀاءُ اسلم کي قرار ڏين ٿا ۽ ڪجھه ماڻھو فضا کي حقيقت ۾ ٻنھي جون معصوم خواھشون ريٽائرڊ ۽ معذور ايوب جي قتل جون سبب بڻيون. اھي ماڻھو جيڪي سرد پٿر جھڙن قاتل روين جي ڪري پنھنجو موت پاڻ مري وڃن ٿا. انھن جي قتل جي ڪا به ايف آءِ آر ڪنھن به خلاف نه ڪٽي ويندي آھي. ڇو ته اھڙن ڪيسن ۾ مارڻ واري کان وڌيڪ مرڻ واري جو قصور ھوندو آھي ان ڪر ي اھو ڪيس به ايوب خلاف داخل ٿيو ھوندو ته ھو پنھنجي ڀاءَ ۽ نوجوان ڌيءُ جي روين کان دل ڇو ھاري ويٺو.
    دل ته موري جو اھو مسيحا جوڙو به ھاري ويٺو آھن، جن جي شادي موري ڀرسان سولنگي ذات جي ڪجھه فردن لاءِ دنيا جو اھم ترين مسئلو بڻيل آھي. عراقي ۽ آمريڪي اقتدار جي منتقلي تي ٺھي وڃن. يا انڊيا پاڪستان ائٽمي ھٿيارن بابت معاھدا ڪرڻ لڳن. پر موري جي چند ماڻھن لاءِ ڊاڪٽر آمنت سولنگي ۽ ڊاڪٽر مصطفي سولنگي جي شادي سڀني کان اھم ۽ ٻرندڙ مسئلو آھي. ھونئن ته اھو معاملو ڪجھه وقت کان صرف زباني ڌمڪين ۽ اعتراضن جي حد تائين ھلندو پئي آيو، پر ھاڻي نوبت ھڪ ٻئي جون عورتون اغوا ڪرڻ تائين پھچي چڪي آھي. جنھن جو ذميوار ڊاڪٽر آمنت جي ان ڀاءُ کي قرار ڏنو پيو وڃي جيڪو مقامي پبلڪ سيفٽي ڪميشن جو چيئرمين به آھي.
    توڻي جو پنھنجي درياه سڪي سم نالي جيترو ٿي پيو آھي، پوءِ به درياھي ڪنارن سان ويٺل ماڻھن جي زندگيءَ تي اڃا تائين ان جون تشبيھون لاڳو ٿين ٿيون. سنڌ اندر زندگي اڄ به درياھي چاڙھن جيان مختلف وھڪرن ۾ وھي ٿي اھي وھڪرا ڪٿي ڪنھن موڙ تي گڏجي نه سگھيا آھن. ذاتي انائن، قبيلائي سوچ ۽ محدود مفادن انھن وھڪرن کي تازي پاڻيءَ جي وھڪري بدران گندو سينواريل پاڻي بڻائي ڇڏيو، جيڪو اسان روز پيئون ٿا ، روز مرون ٿا، پر خسيس خواھشون ماريءَ جيان وري اڀري اچن ٿيون، ڪنھن خوب چيو ته آخر انھن کي اھي پيار کان پوءِ خبر پئي پئجي وڃي ته ان جوڙي وٽ پرڻو باقي رھيو آھي يا پيار. پر خواھشون جيڪي ڪٿي ڪنھن ويڪسين سان به ته ڪونه ٿيون گھٽجن خواھشون جيڪي بيوفا محبوبا جيان قاتل به بڻجن ٿيون ۽ معصوم به سي خواھشون ڪٿي ٿيون سڪون سان پاڻ به ويھن ۽ ٻين کي به ويھڻ ڏين.
    اسان وٽ مائٽن جون مجبوريون ھجن يا جرڳن جا فيصلا ڀائرن جي ”غيرت“ ھجي، يا ڪنھن پوڙھي پيءُ کي ٻي شادي ڪرڻي ھجي. انھن سمورن معاملن ۾ جيڪا جنس گھڻي کان گھڻو ڀوڳي ٿي، سي نياڻيون ئي ھجن ٿيون، جيڪي ڪڏھن پنھنجي ڪنھن ڀاءُ جي ڪيل غلطي جي ازالي لاءِ چٽيءَ ۾ دشمنن حوالي ٿين ٿيون ته ڪڏھن پئسن عيوض وڪري جو ذائقو به انھن جي نصيب ۾ ئي اچي ٿو. اھا انساني حقن جي انحرافيءَ جي انتھا آھي جو ھڪ انسان کي پنھنجي مرضيءَ جي ابتڙ ڪنھن اھڙي معاملي جو ٻارڻ ٿيڻو ٿو پئي، جنھن معاملي ۾ ھن جو ڪوبه ھٿ نٿو ھجي. اسان وٽ ھر معاملي جي باھ لاءِ نياڻين کي سُڪين ڪاٺين جيان جلايو ٿو وڃي. اوھان اندازو ھڻو ته ڪا نياڻي جيڪا چٽيءَ ۾ ڪنھن اھڙي ڌر حوالي ڪئي ٿي وڃي جيڪا ڌر ان نياڻيءَ جي وارثن سان دشمنيءَ ۾ آھي. پوءِ ان نياڻي جي سڄي حياتي جنھن عذاب ۾ ھوندي، جنھن ڪرپ ۾ ھوندي، جنھن اذيت ۾ ھوندي، ان جو ته رڳو تصور ئي ڪري سگھجي ٿو. فاتح لشڪر ڪنھن جنگي قيديءَ سان ڪھڙو سلوڪ ڪندا آھن. ان سلوڪ ۽ ھن قسم جي اذيت ۾ شايد ئي ڪو فرق ھجي، جنگي قيدي ۽ چٽيءَ ۾ ڏنل نياڻيءَ جي حيثيث ساڳي ئي ھجي ٿي.


      باغين جا روح ۽ لاوارث سردي

    ڊسمبر ۽ جنوريءَ جي سرد راتين ۾ شاعرن ۽ ڇڙھن کي ھميشه محبوبائون ياد اينديون رھنديون آھن. پر ان رات ھن کي ڇا ياد اچي رھيو ھو ڪا خبر ناھي ڇو ته ھو شاعر ته ھو پر ڇڙھو نه، ھو شادي شده شاعر. ان رات سندن ٽرين کي لوڻي ڪوٽ ڀرسان رڻ پٽ ۾ روڪي ڏيڊ ڪلاڪ جي تلاشي کان پوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو. نواز خان زنئور کي جڏھن سندس ساٿي ذوالفقار ڪولاچي سميت گرفتار ڪيو ويو ته ان وقت ھن کان ڇا پڇيو ويو؟ ڪا خبر ناھي. اھا بي خبري ھاڻي ھڪ لاوارثي بڻجي پيئي آھي، جيڪا سنڌ جا ماڻھو انھن باغي روحن کان ڏيکارين ٿا، جيڪي تاريخ جي تسلسل سان سالن پڄاڻان ڪڏھن ڪڏھن ستل روحن جي رڻ ۾ اچي وارد ٿين ٿا. انھن باغي روحن کان سواءِ جيڪي سنڌ جا سال گذرن ٿا انھن ۾ اياز جھڙن شاعرن کي اھا ئي شڪايت رھي ٿي ته؛
    ”ڏينھن ٿيا ڪنھن شينھن اسان وٽ ناھي ڪئي گجگوڙ.“
    نواز زنئور جو شمار به اڄوڪي سنڌ جي انھن باغي روحن ۾ ٿئي ٿو، جن کي ڪو قبولڻ لاءِ (شايد مائٽن کان سواءِ) تيار ناھي، ھاڻي جڏھن ڪراچي کان حيدرآباد ايندي ھي 2 نوجوان گرفتار ٿيا آھن ته سندن گم ٿيل ساٿين جي انگ ۾ اضافو ٿيو آھي. انھن جي گرفتارين جي خبر تڏھن پوي ٿي جڏھن سندس مائٽ مظاھرا ڪري روڊن تي نڪري اچن ٿا. نواز زنئور ۽ ذوالفقار ڪولاچيءَ کان اڳ ۾ ڪير ھئا؟ مظفر ڀٽو، ستار، ذوالفقار خاصخيلي، احمد خان تيوڻو ۽ ٻيا جن جي رياست جي ڪنھن به اداري ڪڏھن گرفتاري ظاھر نه ڪئي آھي، پر سندس پيرسن امڙيون، ڀينرون ۽ ٻارڙا لڳاتار روڊن تي اچي رڙيون واڪا ڪندا رھن ٿا ته سندن نوجوانن کي ڳجھين ايجنسين ۽ پوليس گرفتار ڪيو آھي. پر انھن جو رڙيون ھر روز اختيار ڌڻين جي ڪنن تي بي اثر ثابت ٿين ٿيون. ھاڻي ته ڪافي ڏينھن ٿي چڪا آھن پر انھن سيوھڻ کان ڪراچيءَ تائين ھر شھر ۾ وڃي ماڻھن جي ضمير ۽ دلين جا دڙ کڙڪايا، پر ڪير انھن جو سڏ ورنائي به ته ڇو؟ مظفر ڀٽو جي حياتيءَ لاءِ در در ڦرندڙ لاچار ۽ مجبور ڀينرن کي جڏھن به ڪنھن چوڪ تي مظفر جو فوٽو کڻي نعرا ھڻندي ڏسندو آھيان ته الاءِ ڇو دل وسامي ويندي آھي انھن ڏينھن ۾ آئون زلزلي واري اسٽوري ڪرڻ لاءِ مظفر آباد ويل ھئس. واپسيءَ تي اسلام آباد ۾ ھن کي ڪي ٽي اين تي ڏٺم ته خبرن جي ھڪ بليٽن ختم ٿيڻ کان ٿورو اڳ حيدرآباد ۾ احتجاج ڪندي مظفر ڀٽو جي ڀيڻ روئيندي چئي رھي ھئي ته ”اسان کي ڪو ٻڌائڻ وارو ناھي ته اسان جي ڀاءُ کي ڪيڏانھن گم ڪيو اٿن، خدا واسطي اسان کي پنھنجو ڀاءُ بچائي ڏيو.“ الاءِ ڇو روئڻھارڪي ڀيڻ جا اھي لفظ ٻڌي لونءَ ڪانڊارجي ويئي ھئي ۽ گلو خشڪ ٿي پيو ھو. ان وقت دنيا جي خفن ۾ گم ٿي ويل سنڌ جي ذھين ٽھيءَ جي سريلي شاعر مظھر جون اھي سٽون ذھن تي ڦرڻ لڳيون ته؛
    اھي جسم سگريٽ جن تي وساڻا،
    جنين جو مقدر بڻيا جيل ٿاڻا
    انھن جي ملاقات لاءِ ڀيڻون ۽ مائون نه روڪيو
    ھوائون نه روڪيو، ھوائون نه روڪيو.
    ڇا ڪڏھن ڪنھن سوچيو آھي ته روزانو جن نوجوانن جون وارث عورتون مختلف شھرن ۾ مظاھرا ڪنديون وتن ٿيون اھي آخر آھن ڪير؟ انھن کي ڪھڙي ڏوھ جي سزا ۾ گرفتار ڪيو؟ ڪنھن به عدالت ۾ آخر کين پيش ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ اھو ڪو ايڏو وڏو راز به ڪونھي ، جو اسان جي لڪل رھي. پر اسان جي گھڻائي شايد اھو ڄاڻن ئي نه پئي چاھي اھي سڀ جا سڀ گرفتاريءَ کان پوءِ گم ٿيل نوجوان جيئي سنڌ متحده محاذ جا عھديدار ۽ ڪارڪن آھن. جن ۾ ڪجھه جسقم جا ڪارڪن به شامل آھن. جسمم جي ھن گرفتار ٿيل کيپ کان اڳ ۾ جيڪا کيپ گرفتار ٿي ھئي. اصغر شاھ، منصور ۽ ڪجھه ٻيا نوجوان شامل ھئا، جن کي اعلى پوليس عملدارن ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تربيت يافته دھشتگرد ۽ ڀارتي ايجنٽ قرار ڏنو ھو، جيڪي سنڌ اندر بم ڌماڪا ڪري ريل پٽڙين ۽ بجلي جي ٿنڀن کي نقصان پھچائڻ پيا چاھين. ڪراچيءَ ۾ پوليس عملدارن جي ان پريس ڪانفرنس کان اڳ اصغر شاه جو پيءُ غلام مصطفى شاه بيماريءَ جي حالت ۾ پنھنجي پوٽي سميت مون وٽ آيو ھو. انھن کي اصغر شاھ جي حياتي بچائڻ لاءِ پريس ڪانفرنس ڪرڻي ھئي. انھن سان ڳالھين دوران آئون اھو ئي سوچي رھيو ھئس ته اصغر شاھ جھڙو سينئر سياسي ورڪر ڇا ھاڻي پنھنجي سياسي رھبر سائين جي ايم سيد جي عدم تشدد واري پر امن سياسي راھ تي ھلندي ٿڪجي پيو آھي يا کيس اھو يقين ٿي ويو آھي ته سنڌين جا ستل روح تقريرن، نعرن ۽ جلوسن سان نه پر بم ڌماڪن سان سجاڳ ٿيندا. اصغر شاھ، مظفر ڀٽو ۽ سندن پارٽي پاران ڪڏُھن به بم ڌماڪن جي ذميواري توڙي جو ڪڏھن به قبول نه ڪئي وئي آھي، پر سرڪاري ذريعن جو اھوئي اسرار آھي ته مذڪوره سياسي ڪارڪن سنڌ اندر ريل جي پٽڙين ۽ بجلي جي ٿنڀن ۾ ٿيندڙ انھن بم ڌماڪن ۾ ملوث آھن، جن جي جاءِ واردات تان ھميشه ”سنڌ لبريشن آرمي“ جي ڪنھن چانڊيو ڪمانڊر جو خط ملندو رھيو.
    ڪجھه سرڪاري ذريعن جي دعوى آھي ته جسمم جي انھن ماڻھن کي سبيءَ لڳ انھن ”فراري“ ڪئمپن ۾ ٽريننگ ملندي ھئي، جن مٿان اڄڪلھه سرڪاري جھاز بمباري ڪري رھيا آھن. ڇا سنڌ اندر وري ڪا نئين ”سوڍا سنگت“ ٺھڻ پئي وڃي يا ھن دور ۾ به ھو ڀڳت سنگھه ۽ چندر شيکر آزاد ٿيڻ چاھين ٿا. اھي نوجوان به عجيب بي چين روحن جا مالڪ آھن. ھو اھڙي سورھيه بادشاه جي ڏسيل واٽ ٿي پيا ھلڻ چاھين، جنھن تي سندن اولاد به نٿو ھلي اھي سمورا گرفتار ڪري ظاھر يا گم ڪيل نوجوان سنڌ جي سياسي ڪارڪنن واري محدود سرڪل ۾ ته ڄاتل سڃاتل آھن پر انھن منجھان ڪو به اڃان تائين عوامي فگر بڻجي نه سگھيو. سياسي پاڙ مضبوط ڪرڻ کان اڳ ئي ھنن اھڙو رستو ورتو، جيڪو پرخار ۽ اڪيلائين کان ٿيندو ڦاھي گھاٽن طرف وڃي ٿو.
    ان ڏينھن ڪي ٽي اين تي بلوچ قومپرست اڳواڻ عطاءُالله مينگل جو اھو چوڻ ته بلوچ لبريشن آرمي وارا اسان جا پنھنجا آھن. انھن کان لاتعلقي ڪيئن ٿو ڏيکاري سگھان، جيڪي اڀري سڀري حال آھر بلوچن لاءِ وڙھن ٿا. پنھنجي ٻڪري يا ڍور ڍڳي لاءِ ته ڪونه ٿا وڙھن. اھو چئي ھن چانھه جو ڪپ تي پروگرام جي ميزبان علي قاضي سميت سمورن ڏسندرن کي حيران پئي ڪيو ته انھن کان لاتعلق نٿو ٿي سگھان. ھن ساڳي ئي پروگرام ۾ انھن کي به شاباشون ڏنيون، جن پرويز مشرف جي ڪوھلو واري دوري دوران راڪيٽ فائر ڪيا. ”انھن جي ته پيئرن کي به سلام جن وڏي دٻ دٻاءَ سان آيل جنرلن کي ائين وڃڻ نه ڏنو ۽ کيس ٻڌايو ته بلوچ زندھ آھن.“ بلوچ قومپرست اڳواڻ جون اھڙيون کريون ڳالھيون ٻڌي آئون سنڌ جي قيادت ڏانھن واجھايان پيو، جن تازو گرفتار ٿيل نوجوانن کي ائين مرڻ ۽ سڙڻ لاءِ جيلن ۾ ڇڏي ڏنو آھي، ڄڻ ته اھي سياسي ورڪر نه پر ڪنھن گھٽيءَ ۽ چوڪ جا بدمعاش ۽ شودا ھجن جن کي ائين ننڌڻڪو ۽ لاوارث ڇڏيو ويو آھي ته جيئن ڪير به سندن وارثي نه ڪري ۽ انھن جي مٿان به لڪي چور جي ماءُ جيان روئن ۽ پشيمان ٿين. اصغر شاھ، مظفر ڀٽو، نواز خان زنئور ۽ ٻيا گرفتار ٿيل سياسي ورڪر ھيٺيئن وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ اھڙا ڪردار آھن، جيڪي پنھنجيون صلاحيتون دنيا داريءَ لاءِ استعمال ڪن ھا ته ھن وقت خوشحال گھريلو زندگيءَ گذارين ھا، پر ھنن جو مقدر ڪو سياسي رڻ ۾ رڙھندي لکيل ھو. حالانڪه کين خبر ھئي ته سنڌ اندر ڪو به اھڙو گلزار ناھي، جيڪو مٿن ”ماچيس“ جھڙي فلم ٺاھي، جيڪا ھن سکن جي مزاحمت تي ٺاھي ھئي، نه ئي ھنن لاءِ ڪو ”ھزار چوراسي ڪي مان“ جھڙي فلم ٺاھيندو. فلم ته ڇا ھو ته پنھنجي گھر ٺاھڻ کان به ويا، پر ڪنھن لاءِ ھي اڄ به سنڌ کي اھوئي چون ٿا ته؛
    تيري در کي فقير ھين ھم لوگ
    دونون عالم کي قيد سي آزاد
    ايڪ تيري اسير ھين ھم لوگ
    سنڌ اندر ھونئن ته لا تعداد آپريشن ٿيندا رھيا آھن، پر نوي واري ڏھاڪي ۾ جيڪو آپريشن ٿيو، ان ۾ ٻين کان علاوه ٿر ۾ پنھنجي گھر سڪون جي ننڊ ستل عبدالواحد آريسر به گرفتار ٿيو. ان گرفتاريءَ دوران سندس اکيون ٻيو ڪو ڪپڙو نه ھجڻ ڪري سندس گھر واريءَ جي پوتيءَ سان ٻڌيون ويون ھيون. جيڪا قرض طور ھو انھن وٽ ڇڏي آيو ھو. آريسر صاحب پاڻ ئي لکيو آھي ته عمرڪوٽ قلعي واري ڇانوڻيءَ ۾ جڏھن کيس پٽ تي ويھاريو ويو ته ٻئي آفيسر اھڙو حڪم ڏيندڙ آفيسر سان تڪرار ڪندي چيو ھو ته”ڇا ممتاز ڀٽو کي گرفتار ڪري تون پٽ تي ويھاري سگھين ٿو. ھو به ته اھڙيون ڳالھيون ٿو ڪري جھڙيون آريسر ٿو ڪري“ سياست جي پرخار رستن تي غريبي سموري سفر دوران بدنما داغ ٿي چنبڙيل رھي ٿي. شايد تڏھن ئي غريب سياسي ڪارڪن جوزف اسٽالن جي انقلاب لاءِ ھنيل ڌاڙن جي ڍال ڏئي پاڻ به بئنڪون ڦرين ٿا، ڪارون چوري ۽ ماڻھو اغوا ڪن ٿا. ان طرح سان ھو انھن ئي ماڻھن کان لاتعلق ٿي وڃن ٿا. جي جي آجپي خاطر ھو ڪجھه ڪرڻ، وڙھڻ ۽ وڙھي مرڻ چاھين ٿا. ھيلوڪيون سرديون جڏھن ھو جيلن ۽ اذيت گھرن ۾ گذاريندڙ ته سندن قافلي مان ڪنھن جي ڇڄڻ جو به خطرو کين رھندو. انھن کي ته ڀلي ڪير نه سنڀالي، پر سندن گھر جا ڀاتي کين ڪيئن وساري سگھن. باقي رھي سنڌ، اھا سنڌ ته ان وقت به ڪو نه اٿلي پئي ھئي، جڏھن سرموڙ شاعر شيخ اياز کي ساھيوال جيل وٺيو پئي ويا. ھن کان موڪلائيندي شايد سندس زال زرينه يا ڌيئرن پڇيو ھو ته اھڙي شاعري ڇڏي ڇو نٿا ڏيو. ڪيئن چئجي ته ھنن گرفتار نوجوانن سان سندن مائٽن اھڙن حجت ڇو نه ڪئي ھوندي.


      وحشت ۽ محبت ۾ وٿي ئي ڪيتري آھي؟

    زمانو بدلجڻ سان ڇا ٿو بدلجي؟ ھا شايد بدلجي ته گھڻو ڪجھه ٿو. پر انسان جي اندر جي چڱائي ۽ برائي وري به ساڳي رھي ٿي. زمانو بدليو ته وحشي پڻي جو روپ به بدليو. مظلوميت جي تصوير به بدلي. ڪڏھن ته خنجر جو وار به وڏي ڳالھه ھئي پر اڄڪلھه تيزاب جي بوتل پنھنجي محبوب مٿان ھاريندي به ھانءُ نٿو ٺري. پراڻي زماني جي عاشقن ۽ شاعرن خنجر جي وار کي ايترو ته رومانوي بنائي ڇڏيو، جو محبوب جي وارن جي جھٽڪي کي به ماڻھو خنجر جو وار سمجھڻ لڳا، پر اڄوڪن بدليل سماجي روين ۽ تيزيءَ سان ماڊرن بڻجندڙ سنڌي سوسائٽي ۾ رشتن جا ڪيڏا نه ڀوائتا روپ سامھون ٿا اچن، اھو سوچي ان تي اسان به اچرج ۾ اچي وياسين، جنھن ڏينھن اسان امانت سان ملڻ جو ارادو ڪيو ھو، ڪي ٽي اين جي اسڪرپٽ ايڊيٽر طارق قريشيءَ ۽ ممتاز بخاريءَ سان گڏجي جڏھن لياقت نيشنل اسپتال جي برنس وارڊ پھتاسين ته امانت اسان کي سڄو سارو پٽين ۾ ويڙھيل مليو، ھن جي ھڪ اک کليل ھئي، جنھن وسيلي ئي ڏسي ھو ماڻھو ۽ موبائل فون جا نمبر سڃاڻي رھيو ھو. اھو ڪراچيءَ جي روايتي روڊن واري گھما گھمي ۽ ڪمرن جي اندر اداسيءَ واري شام جو پھر ھو. امانت سان گڏ سندس مٿان تيزاب ھارڻ واري الزام ھيٺ آيل ننڍڙو ڀاءَ، والد ۽ امڙ به گڏ ھئا. طارق ھن کي مذھبي طرز جي دلداري ڏئي رھيو ھو ته الله ڀلو ڪندو. سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. مالڪ توکي سھڻو ٺاھيو آھي، تون وري سھڻو ٿي ويندين وغيره. جڏھن ته ممتاز پنھنجي سيريل ”بالي“ جي حوالي سان گفتگو ڪري رھيو ھو. ڇو ته امانت پنھنجي والدين سان ھن جو تعارف ئي اھو ڪرايو آھي. اھو سائين ممتاز بخاري آھي. جنھن بالي سيريل لکي ھئي. اسپتال جي ننڍڙي ڪمري ۾ موجود سڀ ماڻھو واري واري سان گفتگو ۾ شريڪ ھئا. پر مان خاموشيءَ سان امانت جي امڙ کي ڏسي رھيو ھئس. جيڪا پٽ تي ويٺي پٽ جي صحتيابي ءَ لاءِ ٻاڏائي رھي ھئي. امانت پنھنجي زال پروين بابت ٻڌايو ته ھوءَ اڄ پي ٽي وي تي ڊرامن ۾ ڪم وٺڻ لاءِ وئي ھئي.
    ٻھراڙين ۾ عشق ڪندڙ نوجوانن کي اڃان تائين جھونا عاشق اھا نصيحت ٻڌائين ٿا ته محبوبه اھا ڏند ڪٿائي ڏائڻ به ٿي سگھي ٿي، جنھن ھڪ ڀيري پنھنجي محبوب سان سندس ماءُ جي دل ڪڍڻ اچڻ وارو انگل ڪيو ھو. چون ٿا ته عشق جي انڌي گھوڙي تي سوار ان عاشق جڏھن اگھور ننڊ ستل ماءُ جي سيني ۾ خنجر ھڻي رت ڳاڙيندڙ دل ڪڍي پنھنجي محبوبا طرف ڊوڙ ڪئي، تڪڙي ھجڻ ڪري ٿاٻڙجي ڪرڻ لڳو، ته ماءُ جي جسم مان نڪتل دل مان آواز آيو ”بسم الله پٽ، سنڀالي ھل، ڪٿي ڌڪ نه لڳئي.“ محبت جو چون ٿا ته اھو ئي معراج آھي، پر بدقسمتيءَ سان امانت اھا معراج ماڻڻ ۾ ناڪام رھيو، تڏھن ته ھن ”دل شڪسته دل شڪسته آھيون“ جھڙي شاعري لکي.
    امانت مغل کي نئين ديري ۾ ننڍڙي وڊيو شاپ ھلائڻ واري وقت کان سڃاڻندڙ چند ماڻھن جو خيال آھي ته ”امانت ڪنھن مظلوم ڇوڪريءَ سان بيوفائيءَ جي سزا ڀوڳي رھيو آھي.“ ڪنھن زماني ۾ امانت تي اڪن ڇڪن ٿي مرندڙ ان اپسرا ھاڻي جڏھن ڪنھن ميڊيسن وارڊ جو رائونڊ ڪرڻ کان پوءِ امانت جو سڙيل چھرو ڏٺو ھوندو، ته ڇا ھوءَ گھڻو خوش ٿي ھوندي؟ ائين ٿي به سگھي ٿو، پر آزاد نظمن جھڙا لو ليٽر لکندڙ اھا ڇوڪري گھايل به ضرور ٿي ھوندي، ڇو ته سندس پيار شرطيه/ ڪنڊيشنل نه ھو. ھن امانت کان پروين جيان نڪاح ۾ پنج اٺ لک روپيا حق مھر نه لکرايو ھو. پر گليمر گرلز جي چھرن ۾ شايد انڌو بنائيندڙ اھا اٽرڪيشن آھي، جو لوڪل افيئرز جو سياڻو کلاڙي امانت به ٻه ٽنگو ڦاسي پيو، چون ٿا ته لاڙڪاڻي جي ھڪ ھوٽل ۾ شوٽنگ دوران ٿيل ان شادي جي پھرئين صبح تي ئي ڪنوار پنھنجي گھوٽ امانت کي ڌمڪيءَ ڏيندي چيو ھو ته ”ھاڻي ڪا به ڳڙ ٻڙ ڪيئي ته طلاق ڏيندي دير نه ڪنديمانءِ.“ اسان وٽ گھر ۾ به اچي انسانن جيان ترسي. مو سان يا منھنجي ڌيئرن سان ھن جو رويو ڳالھائڻ ٻولھائڻ ڪو سٺو نه ھو. ھوءَ محسوس ڪرائيندي ھئي ته اسان ھن جي ڳالھائڻ جھڙيون نه آھن.“ امانت جي والده اسپتال ۾ ٻڌائي رھي ھئي. ”اسان ھر ڀيري ھن جي حمل سان ٿيڻ جو ٻڌي خوش ٿيندا ھئاسين ته ھاڻي پوٽا پالڻ جو موقعو ملندو، پر وري ڪجھه ڏينھن کان پوءِ ٻار ڪيرائڻ جون خبرون پونديون ھيون. امانت سان ھن کي رھڻو ئي نه ھو، تڏھن ته ھن ھر ڀيري ائين ڪيو.“ امانت جو والد ٻڌائي رھيو ھو. ڪجھه ماڻھن جو ته امانت ۽ پروين جي شاديءَ وارن شروعاتي ڏينھن کان اھو ئي خيال ھو ته اھا شادي ڪونه ھلي سگھندي، پر ان رات ڇھرو سڙڻ کان پوءِ شايد امانت کي به شيڪسپيئر جيان اھائي پڪ ڪرڻي پيئي ته ”بيوفائي! تنھنجو ٻيو نالو عورت آھي.“ شرطيه پيار ۾ ته اھو ئي ٿيندو. ھزار روپين جي شاپنگ ڪرايو ته کلي کلي ڳالھائڻو آھي، نه ته موڊ آف. ڪيڏيون نه مطلبي ٿي وڃن ٿيون محبتون، فون تي به تڏھن ڳالھائبو. جڏھن ڪنھن ڪالنگ ڪارڊ جو ڪريڊٽ اھي انگ ٻڌائي روانو ڪريو.
    ان رات امانت کي بيئر ته اڳ ۾ ئي پيتل ھو مٿان ھن زال کي آرام ڪرائڻ واري گوري چئي، اھا ھڪڙي گوري ڏيڻ بدران ھن کيس لاڳيتو پنج گوريون ڏيندي چيو؛منھنجي ڪري ھي چار گوريون وڌيڪ به نه کائي سگھندي ڇا؟ امانت ۽ پروين جي نڪاح ۾ شاھد بڻيل سندن گڏيل دوست خدا بخش ميتلو موجب پروين پروين جي اھڙي فرمائش تي امانت آرام ڏيڻ واريون سموريون گوريون کائي، پاڻي جو گلاس پيئي سمھي پيو. اوچتو اڌ رات جو ھو رڙيون ڪري اٿيو ته سندس جسم سڙي رھيو آھي. ٻئي ڪمري ۾ ستل سندس ننڍو ڀاءَ به اٿي آيو، جيستائين ھو کيس سرڪاري اسپتال کڻي وڃن،تيستائين پروين کيس اھوئي چوندي رھي ته ”خير آھي، ڪو ري ايڪشن ٿيو آھي.“
    امانت جي اھڙي وارتا ٻڌي مون کي نئين ديري جو ئي ھڪ ٻيو ڳڀرو ياد اچي ويو. جيڪو ھيو ته بادشاه جو پٽ، پر حالتن کيس گوريلا ليڊر بڻائي ڇڏيو ھو. پنھنجي فيملي جي ڪافي سالن کان پوءِ پئرس ۾ گڏجڻ واري رات جڏھن ھو زال کي فليٽ تي ڇڏڻ ويو ته وري نه موٽيو. بينظير ڀٽو پنھنجي ان پياري ڀاءُ شاھنواز جي موت جو اشارو پنھنجي ڪتاب ۾ صرف ايترو ڏنو آھي ته جنھن فليٽ ۾ شاھنواز جو لاش پيل ھو ان ئي فليٽ جي ڪچڻ ۾ انڊو پچائڻ لاءِ ڪٽيل ٽماٽا به پيل ھئا، ھن حيران ٿيندي لکيو آھي ته ”شاھنواز جنھن وقت پنھنجا آخري پساھ کڻي رھيو ھو. ان وقت ڪير ھو، جنھن کي ايتري بک لڳي جو ھو آمليٽ ٺاھڻ لاءِ ڪچن طرف ويو. ھن شاھنواز ڀٽو جي گھر واريءَ کي لڳل تازي لپ اسٽڪ جو به ذڪر ڪيو آھي. اھڙي ئي تازي لپ اسٽڪ جو ذڪر ڪي ٽي اين تي انٽرويو ڏيڻ لاءِ آيل پروين بابت ھلي رھيو ھو. مڙس مٿان تيزاب ھارڻ جي الزام ھيٺ آيل عورت خود ڪئميرا وارن کي تڏھن حيران ڪيو. جڏھن انٽرويو کان اڳ ھن کانئن ميڪ اپ صحيح ھجڻ بابت پڇيو، ڇا ان وقت ھن کان پنھنجي مڙس جي تڪليف کان وڌيڪ لپ اسٽڪ جي لائينز جي ڳڻتي ھئي؟ ڪي ٽي اين تي ئي ڪم ڪندڙ ھڪ ڇوڪريءَ بي ساخته سوال ڪيو.
    امانت وارو ڪيس انوکو ۽ اچرج ۾ وجھندڙ ان ڪري ٿو لڳي، جو ھڪ ته ٻنھي جي پيار واري شاديءَ ھئي ۽ ٻيو ته ٻئي ڄڻا شوبز جا ستارا ھئا. (شوبز جي چمڪندڙ چھرن پويان اونداھي جا ڪيڏا نه غار آھن) اونداھين جي انھن غارن ۾ سندن ذاتي زندگيءَ جو سموريون ذلتون، سازشون ۽ بيوفيائون غائب ٿي وڃن ٿيون. ڀلا ڪنھن کي خبر ھئي ته ”سيلي بارش“ جھڙي سيريليز ڏيندڙ فاروق مينگل به ائين ڪري سگھندو، جو سندس زال جو قتل ڪيس مٿس ئي اچي لڳندو. چون ٿا ته آفرين بيگ جي دولت تي ئي ھن جي نظر ھئي، جنھن کي پنھنجي بروھي ملازم کي آفرين بيگ جي شراب پيئڻ ۽ آواره گرديءَ جا حوالا ٻڌائي، پئسن ۾ اڌ شيئر ڏيڻ جو آسرو ڏئي کانئس اھو قتل ڪريو، پر امانت وار ڪيس ۾ نه ته ڪروڙن جو ڪو معاملو ھو، نه ئي ڪو نوڪر چاڪر ملوث، ته پوءِ پروين کي ڪنھن ڀڙڪايو؟. ”صرف ٻه ڏينھن اھا اداڪاره جيڪڏھن مون کي حراست ھيٺ ڏني وڃي ھا ته سڀ سچيون پڌريون ٿين ھا.“ امانت سان ھمدردي رکندڙ ھڪ ٽي پي او سطح جي آفيسر چيو. پر امانت پنھنجي الڳ رھندڙ زال تي بيوفائي کان سواءِ ڪا به ايف آءِ آر ڪٽرائڻ نٿو چاھي. ”ڇا به ھجي، پر آھي ته منھنجو ننگ، وري اھا پئي ٿاڻن تي گھلجي، جيل ۽ ڪورٽن جا چڪر ڪاٽي، مان اھا خواري برداشت نٿو ڪري سگھان.“ امانت جي اھڙين ڳالھين کان پوءِ اسان سڀ خاموش ٿي وڃون ھا. ڪجھه سيڪنڊن جي سانت کان پوءِ ممتاز کانئس طلاق بابت پڇي ٿو، ته ھو ھڪ بااختيار مڙس جيان اھا وراڻي ڏئي ٿو.“ ”طلاق ته مان به ڪونه ڏيندو سانس، ڀلي پاڻ الڳ رھي، باقي طلاق نه ڏيندو مانس“ پروين خلاف ايف آءِ آر نه ڪٽرائڻ ۽ طلاق ڏيڻ واريون متضاد ڳالھيون ٻڌي، ڪجھه دوستن جو خيال ھو ته امانت يا ته حق مھر وارا پئسا ڀرڻ کان خائف آھي يا ڪنھن رشتي ناتي جي ڪري پروين اڳيان اھڙو بليڪ ميل ٿيل آھي جو ھاڻي کيس معاف ڪرڻ کان سواءِ ڪا وٽ نٿي سجھيس.
    تيزاب صرف جسم ئي نٿو ساڙي، پر اندر کي به گھرا گھاءَ ڏئي ٿو. اھو مون سکر جي گلان کوسو۽ گمبٽ جي جيونتي سان ملندي محسوس ڪيو ھو. سکر جي گلان کوسو جو ان ۾ ڪو قصور ڪونه ھو. جيڪڏھن ھوءَ پنھنجي مڙس کان عمر ۾ ننڍي ۽ وڌيڪ خوبصورت ھئي، ائين ئي جيونتي جو ڪھڙو قصور جيڪڏھن ھو سھڻيءَ ۽ ڪجھه نخريلي ھئي، ٻئي لڳ ڀڳ اڻپڙھيل ڇوڪريون ھيون، پر الڳ الڳ وقتن تي ۽ الڳ الڳ ميڊيا لاءِ ورتل انٽرويوز ۾ ھنن اھو ئي چيو ته جوابدارن کي ڪنھن قيمت تي نه بخشيو ويندو. انھن ٻنھي ڇوڪرين جا ڪيس ميڊيا ۾ رپورٽ ڪرڻ جي مون کي ذاتي خوشي ان ڪري به ٿي ھئي، جو ٻنھي تيزاب سان ساڙيل عورتن لاءِ علاج جا رستا نڪري پيا ھئا. جيونتيءَ جو علاج نالو راز ۾ رکندڙ ڪراچيءَ جي ھڪ سرمائيدار، پنو عاقل ڇانوڻيءَ ۾ مقرر پنھنجي دوست فوجي آفيسر معرفت ڪرايو. جڏھن ته سکر جي گلان کوسو جو علاج سنڌ جي ھڪ ڄاتل سڃاتل پوليس آفيسر ھڪ سرمائيدار سيٺ معرفت ڪرايو. ھاڻي ٻنھي جا ڪافي آپريشن ٿي چڪا آھن ۽ ٻئي ڄڻيون جيون جھنم بنائيندڙ تيزاب واري عذاب مان ڪجھه جند ڇڏائي چڪيون آھن.
    چند ھفتن کان ان انتظار ۾ اخبار پڙھندو ھئس ته امانت مغل وارو ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد ڪنھن نه ڪنھن ڪنڊ مان خدا واسطي سندس علاج ڪرائڻ جو ڪو اعلان نظر مان گذرندو. ڇو ته ھو ڊرامن ۾ ته کڻي رياست جو والي ھجي پر سندس حال فقيراڻا آھن، پر ڪنھن به ڪنڊ کان امانت جي امداد نه ٿي، شايد امداد به (جنس) ڏسي ڪئي ٿي وڃي. شايد اھا سادي حقيقت سمجھڻ ۾ به اسان جا امدادي ڪارڪن عرف اين جي اوز ڪجھه سالن وٺن ته تيزاب کي ڪي اکيون ناھن ھونديون. جو اھو عورت يا مرد جي تميز ڪري سگھي. ھن کي جنھن جسم تي اڇلايو، اھو جسم ڳاريندو. پوءِ اھو جسم ڳاريندو. پوءِ اھو جسم جيونتيءَ جو ھجي، گلان جو ھجي يا امانت مغل جو!


      ڀوتارن جي ڀيڙ ۾ بيٺل ارڏو وڏيرو

    اسي واري ڏھاڪي ۾ جڏھن ته ٽي وي ڊرامن ”وڏيري“ جي ڪردار کي گار جھڙو بڻائي ڇڏيو ھو، تڏھن اڪثر ڀوتار وڏيري لفظ تان ئي ھٿ کڻي ويا ھئا. پر ان دور ۾ به سنجر جوڻيجي وارو ھي ھمراھ فخر سان ”وڏيرو شاھنواز جوڻيجو“ سڏائيندو ھيو. ”وڏيرو لفظ ته خراب ناھي، پر ان لفظ سان لاڳاپيل ماڻھو جو جيڪڏھن ڪردار درست ناھي، ته پوءِ ان لفظ جو ڪھڙو ڏوھ.“ وڏيرو شاھنواز جوڻيجو ڪجھه سال اڳ پنھنجي ڳوٺ واري اوطاق ۾ ٻڌائي رھيو ھو. ڪاوش اخبار لاءِ ڪيل سڄي ڏينھن واري ان ڪچھريءَ ۾ ھن راڄ ڀاڳ بابت تفصيل ٻڌائيندي چيو ھو ته ”راڄ نصيبن وارن ماڻھن کي ڀاڳ ۾ ملندا آھن. راڄن جو لجپال ۽ رکوال ٿيڻ ڪا سولي ڳالھه ته ناھي. وڏيري لفظ کان شرمائين اھي ٿا، جن جون اکيون راڄ جي عزتن ۽ مال ۾ ھونديون.“ پنھنجي تيز ۽ تکي لھجي ۾ ھن انتھائي سنجيدگيءَ سان چيو. شاھنواز جوڻيجو پنھنجي وڏيرڪي ڪميونٽيءَ جو غدار ته نه ھو، پر ھو ان ڪميونٽيءَ جي ڪوتاھين جو نقاد ضرور ھو۽ وڏيرڪي ڪميونٽيءَ کي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تباھڪارين جو ذميوار سمجھندو ھو. خوش قسمتيءَ سا بدقسمتيءَ سان ھو پاڻ به ان ئي ڪميونٽيءَ جو ميمبر ھو. سنڌ جو ھر دور ۾، ھر سطح جوڪاروھنوار اھائي ڪميونٽيءَ ھلائيندي رھي آھي. محدود تعليم ھوندي به جڏھن کيس سنجر جوڻيجو جي راڄ ڀاڳ ۽ آسپاس جي روايتن جي پاسداريءَ جي تربيت ملي ته ھوپنھنجي باقي ٽن ننڍن ڀائرن کي به پوئتي ڇڏي ويو. فوڪ وزڊم جي اھڙي راجائتي مھارت سبب ھو حياتي جي آخري ڏينھن تائين مقبول رھيو. اھا ھن جي اراڏائي ۽ شخصيت جا تضاد ھئا، جن کيس ڪا به پارٽي نه ھوندي به چڱين موچارين پارٽين جي سربراھن کان وڌيڪ مقبول بڻائي رکيو ھو. سرداري نظام جو سرگرم حصو ھوندي به ھن کي جوڻيجن جو سردار سڏائڻ جو ڪو شوق نه ھو. ھن ڪڏھن به پنھنجو پاڻ کي چڱ مڙسيءَ جي پڳ ٻڌرائڻ لاءِ جوڻيجن جو ڪٿ نه سڏايو ھو. حالانڪه سندس ذات ڀائي ننڍا ننڍا وڏيرا مختلف ڳوٺن ۽ شھرن ۾ پاڻ کي سردار سڏرائين ٿا پر ھن جا ان لاءِ دليل ئي الڳ ھئا. ”عزت اھڙي شئي ناھي، جيڪا زبردستي ۽ گھري ورتي وڃي. توھان جا ڪم ڏسي ماڻھو پنھنجو پاڻ عزت ڪرڻ لڳندا. ھاڻي جڏھن ھر ذات جا ماڻھو منھنجي عزت ڪن ٿا، ته پنھنجو پاڻ کي صرف جوڻيجن تائين محدود ڇو رکان؟“ ھو پنھنجي طبيعت کان مجبور ٿي، ھميشه سچو ۽ کرو رھيو سندس اھڙي بي چين روح واري طبيعت کيس جيل جا در به ڏيکاريا ته اقتدار جا ايوان به گھمايا.
    اھي ڳالھيون تڏھن ڏاڍيون مقبول ٿيون، جڏھن شاھنواز جوڻيجو مملڪتي وزير ھجڻ ڪري اڪثر اسلام آباد رھندو ھو، پر پنھنجي شوق جي پورائي خاطر ھو ھر روز صبح جو ڳوٺ فون ڪري گھوڙن جا حال احوال وٺڻ کان پوءِ پنھنجي پسنديده ڪڪڙن جون ٻانگون به فون تي ٻڌندو ھو. جيئن ھر دور ۾ رولاڪ قبيلن واري جيڪي انگريزي ميڊيا لاءِ اٽريڪشن جو سبب رھيا آھن، تيئن ئي تضادن سان ڀرڀور زندگي گھاريندڙ ھي کرو وڏيرو به انگريزي ميڊيا لاءِ ھاٽ ڪيڪ بڻيل ھو. اھو وڏيري شاھنواز جو ئي ڪمال ھو، جو ھو اتر سنڌ جي سخت گير سردارن ۾ به ايترو ئي مقبول ھو، جيترو سنڌ جي پڙھيل لکيل ماڻھن ۾. ھڪ ئي وقت ٻن مخالف رخ وارن وھڪرن ۾ ملڻ جو ھنر زماني ساز شاھنواز کي ئي ايندو ھو. اھو ھنر ھر وڏيري جي مقدر ۾ ڪٿي ٿو لکجي اچي ته ھو شڪارپور جي ضلعي ڪائونسل ھالا ۾ ھلندڙ جرڳي دوران ڊنگ سردارن جي به دڙڪي دھمان سان اٿاڙي ويھاري ۽ ساڳئي وقت سيڙجي وڃي حيدرآباد جي اھا پاڻي ڪانفرنس به اٽينڊ ڪري، جنھن ۾ نورالھدى شاھ جي آزاد نظم تي ھال تاڙين سان گونججي وڃي ۽ وڏيري جو پنبڻيون به آليون ٿي وڃن. ھاڻي جڏھن سنڌ جا سياسي ڀوتار پنھنجي ”وڏن صاحبن“ جي خوشنوديءَ خاطر سنڌ جي پاڻيءَ جو سودو ڪرڻ کان به نه پيا ڪيٻائين، تڏھن اھو وڏيرو ڪيئن ياد نه ايندو، جيڪو 70 سالن جي عمر ۾ به پاڻيءَ خاطر جيل ڀوڳي آيو ھيو. ھو سردارن پيرن ۽ وڏيرن سان ته رھايون ايندو ھو، پر سيڙجي سن وڃڻ ۽ پليجي وٽ پير ڀرڻ ۾ به ھن ڪڏھن نه ڪيٻايو. ”جنھن ڏانھن دل ڪڍي اتي ته پاڻ ھلجي وڃجي ، دعوتن جا انتظار ڪھڙا ڪجن.“ ھو اڪثر پنھنجين ڪچھرين ۾ چوندو ھو.
    ڪجھه ماڻھو اھڙا به ٿين ٿا، جن کي شھرت زندگيءَ جي آخري ڏھاڪن ۾ نصيب ٿئي ٿي. شاھنواز جوڻيجو جو ڪو به اھڙو پبلڪ فوٽو ظاھر نه ٿي سگھيو آھي، جنھن ۾ ھو جواني کان سرگرم ڏٺو ويو ھجي. ”وڏيرڪا ٻار، مائٽن جا دادلا، ان ڪري شوق شڪار ۾ گھڻو وقت وڃايم، پر ان مان به مزو ماڻيوسين.“ وڏيرڪي ٻار واري دادلائپ کان ٻاھر ايندي ايندي، شاھنواز کي گھڻو وقت لڳي ويو. پر ھو اھڙو سياڻو ماڻھو ٿي اڀريو، جيڪو وقت سان گڏ پاڻ کي تبديل ڪرڻ لاءِ ھر وقت تيار ھو، سياسي مفاھمت شاھنواز جي وس جي ڳالھه نه ھئي. چون ٿا ته مرحوم شاھنواز جوڻيجو جن ماڻھن سان عشق جي حد تائين محبت ۽ عزت ڪندو ھو، تن مان مخدوم امين فھيم، ڄام صادق ۽ فدا ڏيرو کيس اھي ڏينھن به ڏيکاريا، جو شاھنواز جوڻيجو ناڪامين ۽ جيل جي ڪال ڪوٺڙين حوالي ٿي ويو. اھي راڄائتي مڙس جا ئي ڪمال ھئا، جو دوستن جون ايتريون ارڏايون سھڻ باوجود ھن سڀ معاملا تڏھن درگذر ڪري چڏيا. جڏھن ڄام صادق پنھنجي حياتي جي آخري ڏينھن ۾ کيس ان اسپتال سڏايو، جتي ھو بستري داخل ھو، ٻنھي ھڪ ٻئي کي ڏسي روئي ڏنو ۽ ڀاڪر پائي رنجشون ڳوڙھن ۾ لوڙھي ڇڏيون. سنڌ ۾ جن روايتن ۽ ريتن جي مرڻ جو ماتم اسان جا اديب ڪندا رھن ٿا، تن سڀني روايتن کي ھو پوڙھو شخص ھر وقت پاڻي ڏيندو رھيو. ھن کي پنھنجي ڳوٺ ۽ راڄ سان ايڏي محبت ھئي، جو کيس ٻئي ھنڌ آرام ئي نه ايندو ھو. ڇا به ھو، پر ھو ڪوشش ڪري رات ڪٿي به نه ترسندو ھو. کيس شڪارپور ۾ فيصلو ڪرڻو ھجي يا لاڙڪاڻي ۾. شاھنواز جوڻيجو سويل ئي ڳوٺ سنبرڻ ۾ تياري ڪندو ھو سفر ھو ڪوشش ڪري اڪيلي سر گارڊ کڻڻ کان سواءِ ئي ڪندو ھو. کيس لچ لوفر کان ڊپ گھٽ ٿيندو ھو.
    ”توھان تي ھڪ الزام اھو به آھي ته توھان جا ڌاڙيلن سان واسطا آھن؟“ انگريزي رسالي جي خاتون صحافيءَ پاران پڇيل ان سوال تي ھن ٺھه پھه وراڻيو ھو، ”ھا واسطا آھن، اھي ڪي آسماني مخلوق ته ناھن، اھي اسان جي ئي راڄ ڀاڳ مان ڪنھن نه ڪنھن جا پٽ، ڀائيٽا ۽ ڀائر آھن. انھن سان ڪيئن ٿا واسطا ٽوڙي سگھون.“ ھر سوال جي جواب ڏيڻ جو ھن وٽ پنھنجو خاص ھنر ھو. ڪجھه سال اڳ جڏھن ھو اھا ڳالھه ڪري رھيو ھو، ته کيس خدا کان سواءِ ڪنھن کان به ڊپ نه ٿيندو آھي. تڏھن مون سندس بيڊروم ۾ سندس سيرانديءَ کان پيل ڪلاشنڪوف طرف اشارو ڪندي چيو ھو، ”پوءِ اھا ڇا لاءِ؟“ ”مون وٽ ڪو به چوڪيدار ناھي، سمھندو به اڪيلو آھيان، پنھنجي حفاظت ڪرڻ به خدا جو حڪم آھي.“ اسان سندس جنھن بيڊروم اندر ويھي مانجھاندو ڪيو، ان ۾ بينظير ڀٽو جي شاھنواز سان عيادت ڪرڻ مھل نڪتل تصوير اڃان به ٽنگيل ھئي، سندس راھون پ پ کان ڌار ٿي چڪيون ھيون، پر ھن جي پارٽي اڳواڻن لاءِ محبت اڃان به قائم ھئي. شاھنواز جوڻيجو عمر جي آخري حصيءَ ۾ شايد پنھنجي ارڏي رولاڪ ۽ آزادنه زندگيءَ سبب سياسي ميدان ۾ اڪيلو ٿي پيو ھو. پر ان اڪيلائي جي باوجود ھن سانگھڙ منجھان سيٽون کڻي، پنھنجي سياسي ھنر ۽ حرفت کي مڃرايو. سياسي ميدان ته ھن پنھنجي تعلقاتن ۽ عوامي خدمتن جي بنياد تي مڃرايو ھو. پر اولاد جي غم کيس گھائي وڌو ھو جڏھن سندس پوٽن مٿان ڪراچيءَ مان ماڻھو اغوا ڪري ڀنگ وٺڻ جا ڪيس درج ٿيا ته سندس ويجھن ماڻھن موجب ھو صفا ويھجي ويو، سندس پٽن ۽ پوٽن جي جھڳٽي منجھان ڪو به اھڙي خوشبو ڦھلائيءَ نه سگھيو، جيڪا سنجر جوڻيجو جي ھن غير روايتي وڏيري ۾ ھئي. ھو آخري ڏينھن تائين زندگي جي سفر مان پوڙھن واري بيزاري نه ڏيکاريندو ھو. صبح جو اٿي ورزش ڪرڻ ۽ گھوڙا ڊوڙائڻ کان پوءِ کير ۽ جوئر جي مانيءَ جو ناشتو ڪري، شام جو دير تائين راڄ جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اوطاق ۾ ويھندو ھو. ھو سڀني شوقن باوجود گھڻي ۾ گھڻي محبت پنھنجي صحت سان ڪندو ھو. تڏھن ته ھر دور ۾ پنھنجي عمر کان ڏھ سال ننڍو لڳندو ھو. ”مان اڃان تائين ورزش پاپنديءَ سان ڪندو آھيان، ننڍن کي به شرمائيندو آھيان ته ننڍڙيءَ عمر ۾ پيٽ نڪري آيا اٿو ڪجھه ورزش ڪريو.“ عشق محبت جو به ڪوڏيو ھو. ڊوڙي وڃي عشق جي شادي ڪندڙ شاھنواز ھر ان سنگتي جي مدد ڪئي، جنھن عشق جي شادي ڪرڻ چاھي، عشق ۽ رولاڪيءَ جون منزلون چڙھي، ھن جڏھن سياست جي رڻ ۾ گھوڙا ڊوڙايا ه کيس اچرج کان وڌيڪ اھو پھاڪو ياد ايندو رھيو ته ”ماڻھو ۽ موسم مٽجندي دير ئي نٿا ڪن.“ ھونئن ته وڏيري شاھنواز جوڻيجو جي مرتئي تي گھڻن ماڻھن کي ڏک ٿيا ھوندا، پر منھنجي اندر ۾ اھو ئي ڏک رھجي ويو ته خواھش ھوندي به کيس اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ايئن رپورٽ نه ڪري سگھيس، جيئن کيس پرنٽ ميڊيا ۾ آندو.


      ساھ جي ڳڻتي ويساھ جو اُلڪو

    اھا اخباري خبر ان ڏينھن مون کي ڪشمور ۾ تڏھن پرھڻ لاءِ ملي جڏھن اتفاق سان آئون ھڪ پراڻي ڪامريڊ جي ڀاءُ سان ڪچھري ڪري رھيو ھئس. اخبار ۾ اھا سنگل ڪالم فوٽوءِ سميت خبر ھئي ۽ ممڪن آھي ته اڪثر پڙھندڙن لاءِ اھا ڪا ايڏي وڏي اھم خبر به نه ھجي، پر پوءِ به اھا خبر پڙھي مون کي ڪجھه لمحن لاءِ افسوس ضرور ٿيو. انھن ڪجھه لمحن جي افسوس کي آئون ايترو ڏک به نٿو لکي سگھان، جيترو ڏک ھڪ سرخي ڪامريڊ جي انقلابي راھ ڇڏڻ تي ھڪ سينئر پوليس آفيسر کي ٿيو ھو، جنھن تازوئي ھڪ ڪچھريءَ دوران ٻڌايو پئي ته ”زندگي ۾ تمام ٿوڙن موقعن تي مون کي ڏک ٿيو آھي، جن منجھان ھڪڙو موقعو ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جو ڪميونسٽ پارٽي ڇڏي پ پ ۾ وڃڻ وارو به آھي. ھو پنھنجي راھ ڇڏي جڏھن پ پ ۾ ويو ته کيس ڇا مليو؟ عبدالله شاھ جي حڪومت جي اڍائي سالن واري صلاحڪاري، پر ليکو ته ڪريو ته ھن وڃايو ڇا؟“ ھن ڏاڍي افسوس واري لھجي ۾ چيو. ھو اڳ ۾ به پوليس آفيسر ھو. ھاڻي به پوليس آفيسر آھي. ذاتي طور زميندار گھراڻي سان واسطو اٿس ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ ڪڏھن، نه ميمبر نه ئي ھمدرد رھيو آھي. پوءِ به ھن کي ڏک ڇو ٿيو. ”ڀائي ، سوسائٽيءَ ۾ ھڪڙو آوازا ھو، پر ھاڻي وڏيرن جي رش ۾ اسان ڪٿي ڳولھيون، پنھنجي ڪامريڊ کي؟“ اھا ئي چنتا مون کي تڏھن ٿي، جڏھن خبر پڙھيم ته ڪامريڊ حسين بخش ناريجي سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ڪري مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي آھي ۽ ھو وڏي وزير جي والھانه قيادت ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو آھي.
    جيئن ھر ڪنھن کي پنھنجو جيون ساٿي چونڊڻ جو حق آھي، تيئن ئي ھر ڪنھن کي پنھنجي پنھنجي سياسي راھ چونڊڻ جو به حق آھي، ممڪن آھي ته ان ۾ به ديس جي خوشحاليءَ لاءِ ڪي راز ۽ ڪي وڏيون مصلحتون لڪيل ھجن، جيڪي في الحال اسان جھڙن اڻڄاڻن کي سمجھه ۾ نه اينديون ھجن، پر حسين بخش ناريجي کي پاڻ کي ته شايد افسوس نه ٿيو ھجي، پر جن ماڻھن کيس ايم آر ڊي جي انھن اجلاسن جي صدارت ڪندي ڏٺو، جن ۾ بيگم نصرت ڀٽو، ولي خان ۽ مولانا فضل الرحمان جھڙا سياسي اڳواڻ سندس صدارت ھيٺ ڳالھائيندا ھئا، انھن ماڻھن ناريجي جي ھاڻوڪي فيصلي سبب افسوس ضرور ٿيو ھوندو. اھڙو فيصلو ھن ان وقت ڪيو آھي، جڏھن سندس اڳوڻي پارٽي عوامي تحريڪ جو جھونو سربراھ رسول بخش پليجو ھڪ شاندار لانگ مارچ جي سرواڻي ڪري پريس ڪلب ڪراچي تائين پھتو. ڪنھن دوست مذاق ۾ چيس ته ”حسين بخش کان ڀاڀي زرينه ڪاوڙيل آھي ته ھو سڄي عمر سياست ڪرڻ جي باوجود اولاد کي نوڪري ڏياري نه سگھيو، اھڙي خانداني دٻاءُ سبب ھن حڪمران جماعت ۾ شموليت اختيار ڪئي آھي.“ ڀلي ته حسين بخش جي ويجھن دوستن جي اھا مذاق ھجي پر آئون اھا ڳالھه شايد مذاق طور به قبول نه ڪريان. ڇو ته جيڪا زرينه، حسين بخش کي جيل وڃڻ لاءِ اتساھيندي ھجي، سا کيس اقتداري ويگن جي پٺين سيٽن تي ڪيئن ويھاريندي؟ ۽ واقعي وارھ ۾ حسين بخش چيف منسٽر جي پروٽوڪول آفيسر سان گڏ پٺين سيٽن تي ويٺل ھو.
    اھو ليکو چوکو ته ھو پاڻ ئي ٻڌائيندو ته بدين ۾ ھن گھڻا ڦٽڪا کاڌا ۽ ڪيترو عرصو جيل ۾ رھيو، اسان ته صرف ايترو ڄاڻون ٿا ته ھو کاٻي ڌر جو محنتي سياسي ڪارڪن ھو، جنھن مان اڃان ڪي وڌيڪ اميدون ھيون.
    ايمان سلامت ھر ڪو منگي
    اسان عشق سلامت منگدي ھو.
    عشق جي سلامتي ڏاڍي ڏکي ٿي پئي ھئي، خاص ڪري اسان جھڙن سماجن ۾ جتي نظرياتي ڀڃ ڊاھ ماڻھن جا من ڊاھي ڇڏيا آھن“ مسلم ليگ ۾ شموليت نه ڪري ھا ته ڀلا ڇا ڪري ھا؟“ حسين بخش جي ھڪ حمايتيءَ سوال ڪيو. شايد ڪجھه به نه! ڇا سڄي عمر ڪڏھن ساڄي پاسي جي، ڪڏھن کاٻي پاسي جي سياست ڪرڻ ضروري آھي؟ ھڪڙي دفعي مليل حياتيءَ ۾ ڪجھه ئي ماڻھن کي پنھنجي ڪا حيثيث ۽ ڪو وزن ٺاھڻ جو موقعو ملندو آھي. ان کي ڇو وڃائجي؟ (ھي ڪھڙا ماڻھو آھن، جيڪي پنھنجي ھٿن سان پنھنجو بت ڊاھي رھيا آھن؟!) ڪنھن دوست ٻڌايو ته چي گويرا ايشيا ۽ آفريڪا سميت يورپ ۾ تمام گھڻن آرٽسٽن، فنڪارن ۽ راڳين لاءِ اڄ به اتساه جو سبب بڻيل آھي. اھي فنڪار ۽ آرٽسٽ ھونئن ته عام رواجي سياست کان خائف ھجن ٿا، پر ماضيءَ جي مقبول گوريلا ليڊر جي اسڪيچ واريون شرٽون ۽ ٽوپيون وڏي شوق سان پائين ٿا. نيلسن منڊيلا کي ئي ڏسو، حياتيءَ جي آخري ڏاڪن تي ڪيڏي نه عظمت ۽ وقار سان اچي پھتو آھي. ڪنھن دوست چيو ته، ”اسان جي سياسي اڳواڻن واري نسل مان ھجي ھا (خدا ائين نه ڪري) ته اڃان تائين نه رڳو اقتدار کي چنبڙيل ھجي ھا، پر ”نظريه ضرورت“ تحت ايتري ڪرپشن ڪري ھا، جو آفريڪي ماڻھو انقلاب تان ئي ويساھ کڻي وڃن ھا ۽ نئين سر اھڙن جڙتو انقلابين مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ تحريڪون ھلائين ھا.“ پري ڇو ٿا وڃو، پنھنجي جھوني اشتراڪي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ کي ڏسو، جيئن به آھي جھڙي تھڙي حال ۾ به انھن انقلابين سان نڀائيندو ٿو اچي، جيڪي ھاڻي تمام ٿورائيءَ ۾ تبديل ٿيندا پيا وڃن.“ لاڙڪاڻي جي ھڪ اديب چيو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻيءَ جيئن کاٻي ڌر جي اڪثر پڙھيل لکيل نوجوانن لاءِ اتساھ جو ذريعو ھو، تيئن ئي سندس ننھن ڪلپنا ديويءَ کي به ڪجھه جوشيلن ڪارڪنن ڪامريڊ جو ھڪ جديد ۽ خوبصورت عڪس قرار ڏنو ھو، ڪلپنا جا ڪجھه اخباري مداح ته ان حد تائين لکڻ لڳا ته سنڌ ۾ ٽيگور جي شانتي نڪتين جو خواب ان ڪامريڊ جي ننھن پورو ڪندي، جيڪو جوانيءَ ۾ شانتي نڪتين پڙھڻ ويو ھو. شانتي نڪتين جي سنڌي ايڊيشن وارو خواب ان ڪري به ختم ٿي ويو جو ڪلپنا امتياز شيخ واري ايس ڊي اي کان پوءِ ان سان گڏ مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي. ھاڻي جڏھن شڪارپور مان امتياز شيخ جو ويجھو ساٿي ڀاڀل ڀيو گرفتار ٿيو ته مون ڪلپنا کي فون ڪري پڇيو ته ھاڻي سندس گرفتاريءَ جو وارو ته ناھي؟ جنھن تي ھن وراڻيو ته ”امتياز کي سک ۾ ڪونه ڇڏيم، ھاڻي ڏک ۾ ان کي ڪيئن ٿي ڇڏي سگھان. ھونئن به امتياز سان اھڙا ليکا ته نه ڪبا.“ شايد انھن لمحن لاءِ ئي غالب چئي ويو ته؛
    بازيچه اطفال ھي دنيا ميري آگي
    ھوتا ھي شب و روز تماشه ميري آگي.
    ڪشمور ۾ ئي مون کي خبر پئي ته پراڻو ڪميونسٽ گھنشام پرڪاش اڄڪلھه ممبئي ۾ رھي ٿو. شروع ۾ ڪلينڪ ھلائيندو ھو، پر ھاڻي سنڌيءَ ۾ ھڪ رسالو ڪڍي ٿو، جنھن ۾ پاڻ واري سنڌ کي ھو ”مقبوضه سنڌ“ لکي ان جا احوال شايد ڪري ٿو، جنھن تان سندس سھرو کيس ٽوڪيندو رھي ٿو ته ”تنھنجا ڦڏي جا ڪم جھڙا ھُتي تھڙا ھتي.“
    گھنشام پرڪاش کي نوي جي شروعاتي سالن ۾ تڏھن گرفتار ڪيو ويو ھو، جڏھن سنڌ اندر سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن لاءِ ھڪ ڀيرو ٻيھر ڌرتي تنگ ڪئي وئي ھئي. انھن ڏينھن ۾ ڊاڪٽر دودي مھيريءَ کي چمبڙ مان گرفتار ڪيو ويو ھو. جڏھن ته عبدالواحد آريسر کي ٿڌي ٿيل واريءَ واري اباڻي ڳوٺ منجھان تڏھن گرفتار ڪيو ويو ھو جڏھن ھو پنھنجي ڳوٺاين سان تاش راند کيڏي واپس گھر اچي آھليو ھو. عبدالواحد آريسر کان شايد اھا گرفتاري ڪڏھن نه وسري، ڇو ته ان وقت اھلڪارن سندس اکيون سندس ئي گھر واري جي گنديءَ (پوتيءَ) سان ٻڌيون ھيون. اسان جھڙن ڏتڙيل سماجن ۾ اھڙن مرحلن منجھان گذري ايندڙن کي ماڻھو وڏو پيار ۽ پاٻوھ ڏين ٿا. اتساھ جو ذريعو سمجھن ٿا پر جيڪڏھن اھي ماڻھو ڪنھن به اقتداري سياسي ويگن ۾ چڙھي پون ته ھنن جي خاندانن جون زندگيون ته سوليون ٿي پونديون. پر ماڻھن جو ويساھ............؟! ان جو ڇا ٿيندو جن ويساھ ڪيو.
    جس منزل نون عشق پچاوي
    ايمان نون خبر نه ھو.
    اولاد ۽ دنياوري مجبوريون ته ھر ڪنھن کي ٿين ٿيون، پر طمع جي تنوار ڪو ڪو ئي ڇڏي ٿو. جڏھن اھا تنوار ڇڏي ڏين ٿا، تڏھن ئي مان مرتبو ۽ ھڪ رتبو حاصل ٿئي ٿو. سنڌ اندر سياسي سرگرميءَ جي مالھا جنھن طريقي سان ٽٽي. ان ته ماڻھن منجھان ماڻھن جا ويساھ ئي کڻائي ڇڏيا. جيئن ان دور ۾ ”ڪڻو منجھه قرار، ھئا ھيڪاندا سنگ ۾“ پر ھاڻي ته ”نه ڄاڻ ٻيھار، ڪير ملندو ڪنھن سين.“ رستو الڳ ڪرڻ ۾ به جنھن وقار ۽ مان مرتبي جي تقاضا ڪئي ٿي وڃي، ھتي ته اھا به پوري مشڪل سان ٿي ٿئي.
    نئين ديري ۾ حسين بخش ناريجي جو گھر بينظير ڀٽو جي گھر جي بلڪل سامھون آھي. جڏھن ته ڪچي ۾ سندن زمينون به ھڪ ٻئي ڀرسان آھن.عوامي تحريڪ جھڙي ماڊل تنظيم منجھان جڏھن اسماعيل راھو ۽ ٻين سميت ھو ڌار ٿيا ته ڪجھه وقت جي سرگرميءَ کان پوءِ ناريجي پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي. آخري ڏينھن م ھو پ پ (ش ڀ) جو ڪارڪن ٿي ڪم ڪندو رھيو پر اقتدار جو مزو نه کيس پ پ ، نه ئي پ پ (ش ڀ) ڏياريو. شايد آخري پ پ حڪومتي دور ۾ سندس صلاحڪاري جو آرڊر به جاري ٿيو ھو. پر ان تي عمل ٿيڻ کان اڳ ئي حڪومت ھلي وئي، جنھن ۾ کيس اھا صلاحڪاري ملڻي ھئي. ”جيڪڏھن وڏو وزير، ناريجي تي راضي به ٿي پئي ته وڌ ۾ وڌ ٽيھه ھزار پگھار واري صلاحڪاري، گاڏي، آفيس ۽ فون جون سھولتون ڏياري سگھي ٿو. پر حسين بخش کي اھو ناريجو ته نٿو بڻائي سگھي، جنھن لاءِ ڪاليجن جا شاگرد به ”جيئي جيئي“ جا نعرا ھڻندا ھئا ، ھڪ سياسي ڪارڪن چيو.
    ڪجھه ماڻھن جو خيال آھي ته پ پ ھجي يا مسلم ليگ اقتداري راند واري سياست ڪندڙ پارٽين ۾ پڙھيل لکيل وچولي طبقي جو ڪوبه مستقبل ناھي. اھا الڳ ڳالھه آھي ته جنھن روشن خيال اعتدال پسنديءَ جا ھوڪا اڄوڪا حڪمران ڏئي رھيا آھن، ان روشن خياليءَ جي راھ سنوارڻ لاءِ لاتعداد سنڌيءَ نوجوانن پنھنجو رت ڏيئي جي تيل جيان جلايو، پر ان سفر ۾ ڪجھه ماڻھن منزل نه ڏسي ٿڪجي وڃي اقتدار جي ڇانو ورتي.
    ان ڏينھن ڪنھن دوست ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي انڊيا ۾ ڇپيل ڪتاب جون اھي ڪاپيون ڏيکاريون، جن ۾ ڪيرت کي شاھ محمد شاھ پاران ڪابل ۾ (اجمل خٽڪ وٽان) لکيل اھي خط به موجود آھن جن کي پڙھي خوابن ۾ رھندڙ انقلابي جوشيلا به ٿي سگھن ٿا پر شاھ محمد شاھ پاڻ اھا واٽ ئي ڇڏي ڏني، جنھن تي ھلندي ويجھڙائيءَ ۾ منزل جو ڪو ڏس پتو نه ملندو. ائين به ناھي ته ڄام ساقي، حسين بخش ناريجي يا شاھ محمد شاھ جي اقتداري پارٽين ۾ وڃڻ سان ڪا آدرشي تحريڪ مري کپي وئي ۽ ان جو نالو نشان به نه رھيو، پر اڄ به ڪيترائي نوجوان پنھنجي اکين ۾ اجتماعي آجپي جا سرخ ۽ سھانا سپنا سانڍي اڳتي وڌندا رھن ٿا، جن کي اسان جو امداد روڪيندو به رھي ٿو ته؛
    عشق جي راھن مٿي ڪاوا اڀا
    تون نه ھل، جان بھاران، تون نه ھل.
    پر پوءِ به سفر ته جاري رھڻو آھي، ڪنھن جو ڪھڙي طرف ته ڪنھن جو ڪھڙي طرف، ڪجھه ماڻھن کي مايوسي پراڻن کاھوڙين جون ھاڻوڪيون سرگرميون ڏسي ٿئي ٿي، جيڪي پاڻ کي اھا ئي آٿٿ ڏين ٿا ته؛

    دل نادان تجھي ھوا کيا ھي
    آخر اس درد کو دوا کيا ھي
    ھم ڪو ان سي ھي وفا کي اميد
    جو نھين جانتي وفا کيا ھي.


    باب ٻيو : چالاڪيون

    روجھاڻ جي راڻي جي اقتدار جي مومل کان محرومي

    پاڪستان جي سٺن تعليمي ادارن ۾ پڙھڻ کان پوءِ به جاگيردانه ۽ قبائلي قدرن ۾ پختو يقين رکندڙ ظفر الله خان جماليءَ جي حصي ۾ نيٺ اھا حاصلات اچي پھتي، جنھن لاءِ لاھور جي ھڪ انگريزي اخبار جي ايڊيٽر 2 مھينا اڳ ئي لکيو ھو ته جمالي صاحب جي حاصلات اھا ئي ھوندي ته ھو روجھاڻ جمالي جھڙي پٺتي پيل علائقي ۾ به ”پاڪستان جو اڳوڻو وزيراعظم“ فخر سان سڏائي سگھندو. اسلام آباد جي سٽ سٽيندڙ ٽولن ۾ ڀلي ته خوش خوشيءَ واري لھر ۽ سُس پچاري ھجي پر جمالي حڪومت وڃڻ کان پوءِ روجھاڻ جمالي ۾ ڏک جي لھر ڇانيل ھئي. شايد بلوچستان ۾ ان پاسي جي جمالين جو ھاڻي انتظاميا تي اھو دٻدٻو نه رھيو، جيڪو نالي ۾ ئي سھي، ظفر الله خان جي وزارت عظمى وارن ڏينھن دوران ھو ڪجھه ماڻھن لاءِ اھا ڳالھه اڃان به اچرج جھڙي ته جماليءَ خلاف ڪابه چارج شيٽ جاري نه ڪئي وئي ھئي، نه ئي ڪا نوبت گرفتاري وغيره تائين پھتي. ”جمالي جھڙا جاگيردار اصل ۾ تمام شريف، سادا ۽ ايوانن تي اصل حڪمراني ڪندڙن کان ڊنل ھوندا آھن.“ پوليس گروپ جي ھڪ سينئير عملدار چيو ته، ”انھن کي جيئن چئبو آھي، تيئن ڪندا آھن ۽ مزي جھڙي ڳالھه ته ان ۾ جيڪڏھن کين ڪو ڏک به رسندو آھي ته ٻاھر ٻاڦ نه ڪڍندا آھن. اھڙائي وفادار خادم ته ”جديد جمھوري نظام“ لاءِ گھربل آھن. ھن پنھنجي ڳالھه پوري ڪري ٿڌي پاڻيءَ جو گلاس پيتو.
    زرعي سماج ۾ پنھنجو ننڍپڻ گذاريندڙ لڳ ڀڳ ھر ماڻھوءَ اھو محاورو ضرور ٻڌو ھوندو ته ”اتم کيتي، نيچ نوڪري ۽ وڌندڙ واپار.“ پاڪستان جي سياسي شطرنج تي سالن کان قابض شاطر کيڏارين کي ھاڻي ان تبديليءَ تي ڪا حيرت ناھي ته اتم کيتيءَ ۾ يقين رکندڙ جاگيردار، عزتدار گھراڻن جا چڱا مڙس ھاڻي ”نيچ نوڪري“ جي ڪڍ ڇو پيا آھن، نوڪري سا به جديد دور جي اھڙي نوڪري جو ماڻھوءَ جو ساھ وڃي پر ڳالھه ٻاھر نه وڃي، نوڪري جون پاپنديون به اھڙيون، جو نوڪري وارن ڏينھن جي ”ڪار گذاري“ ڪنھن کي به نه ٻڌائي سگھجي ۽ صرف خلوت ۾ ئي ڀڻڪو ڪري سگھجي ته ”مجبور ھين اف الله، کجھه کھه بھي نھين سکتي“
    جنھن شخص جي عمر گذري ھجي وڏيرڪا فيصلا ڪرڻ ۽ قبيلائي تڪرار نبيرڻ ۽ ڳوٺ جي اوطاق ھلائڻ کان جنھن پنھنجي پوليٽيڪل ڪيريئر جي شروعات ڪئي ھجي. ان کي چونڊي وڃي توھان ويھاريو وزيراعظم سيڪريٽريٽ ۽ مٿان ”باس“ ھجي ان جو سگھاري اداري جو سربراھ، ته اھڙي صورتحال ۾ ڪھڙا نتيجا ملندا؟ ظفر الله خان جماليءَ جي ڪجھه حامين ھم خيال ماڻھن جو وري خيال مختلف آھي، ھو سمجھن ٿا ته چوڌري ڀائر ۽ لاھوري ميڊيا مير ظفرالله سان ڪا وفا نه ڪئي. حالانڪه ھو بار بار کين ياد ڏياري رھيو ھو ته ھن جو لاھور ۾ سٺو وقت گذريل آھي، پر ڇا ڪجي پنجاب جي پنڊ ۾ چوڌري ته ھڪڙو ئي ٿيڻو آھي نه!
    ظفرالله جماليءَ جا ڪي ڪرپشن اسڪينڊلز ته سامھون اچي نه سگھيا ته پوءِ لاھور جي اخبارن اھو به لکڻ کان گريز نه ڪيو ته جمالي صاحب ٻوڙ گھڻو ٿو کائي. ان ڪري ٻڪر جي گوشت جا ٻه ٽي ڊونگا سندس آڏو رکيا ويندا آھن. ڪجھه اخبارن ته ان ۾ به اضافو ڪيو ته جمالي صاحب کي ٽاڪرو ٻڪر گھڻا وڻندا آھن، پر ھاڻي کيس ڊائٽينگ تي ڌيان ڏيڻ گھرجي. ڪنھن وزيراعظم خلاف ان سطح تي ھلايل ميڊيا مھم جيڪو اميج جمالي صاحب جو بيھاريو، سو ڪو گھڻو بھتر نه ھو، ھن کي پنھنجي تڪ ۾ به وڏا ترقياتي ڪم ڪرائڻ جو موقعو نه ملي سگھيو. ھا البته پاڪستان ۾ اقتداري سياست کي آڱرين تي نچائڻ واري آمريڪي سفير کي ھو ڳوٺ گھمائڻ ۾ ڪامياب ضرور ٿي ويو.
    اتم کيتي جھڙن محاورن ۾ اڃا به يقين رکندڙ ماڻھن ۾ ھڪڙو قدر ڪوڙ نه ڳالھائڻ ۽ ھڪ ڳالھه ڪرڻ به آھي، پر جمالي صاحب مٿان خود پنھنجي پارٽي جا پارليامينٽرين ان ڪري ناراض آھن، جو ھن پنھنجي استعيفى واري ڳالھه انھن کي ھڪ ڏينھن اڳ ڪيل دعوت ۾ پڇڻ جي باوجود به نه ٻڌائي ھئي. ”ڳالھه ڪرڻ جھڙي ھجي ته ٻڌائجي، اھڙي ڳالھه ڪجي ته ڪنھن سان ڪجي“ ظفرالله جماليءَ استعيفا ڏيڻ کان پوءِ ھڪ ھم خيال ايم اين اي جي ميار ڏيڻ جي موٽ ۾ چيو. جمالي صاحب واري تجربي کان پوءِ ھاڻي عام ماڻھن کي به اھو يقين اچي ويو آھي ته پاڪستان اندر وزارت عظمى ٿاڻيداري ۽ تپيداريءَ جھڙي نوڪري بڻجي پئي آھي، جتي ”باس“ کي ”نو“ چوڻ جي جرئت نوڪري وڃائڻ برابر آھي، پر ظفرالله جماليءَ جي ويجھو رھندڙ ماڻھن جو چوڻ آھي ته ”جمالي ته ڪڏھن پنھنجي ”باس“ اڳيان نھڪار ئي ڪونه ڪئي ھئي. مڙئي چوڌرين پنھنجي باھ ڪڍي.“
    آزاد جمھوري معاشرن ۾ وزيراعظم ملڪ جي تمام وڏي اھم شخصيت سمجھيو وڃي ٿو. جتي قوم کي عراق جنگ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ جھڙا فيصلا به وزيراعظم ڪري ٿو، جتي ائٽمي تجربا به ان جي مرضيءَ سان ٿين ٿا. اھڙن معاشرن ۾ عام خلق کي خبر ئي نٿي ھجي ته سندن ھٿياربند فوجن جو سربراھ ڪير آھي؟ ڇو ته انھن کي پڪ ھجي ٿي ته فوجن جو سربراھ ڪير به ھجي، پر حڪم ته آخرڪار وزيراعظم جو ئي مڃيندو. ان ڪري ماڻھو وزيراعظم کي اھم سمجھن ٿا ڇو ته عملي طور ھو ئي اھم قدم کڻي سگھي ٿو، پر پنھنجي وطن ۾ شروع کان ئي گنگا الٽي وھندي ٿي اچي. پاڻ وٽ اھو اھم سوال رھيو آھي ته وزيراعظم کي گھر ڪنھن موڪليو؟ جنھن ملڪي تاريخ ۾ وانا آپريشن ۽ پاڪ ڀارت ڳالھين جھڙا اھم اموڙ ايندا ھجن. ان وقت وزيراعظم ايترو لاچار ھجي ٿو جو اصل اقتدار ڌڻين کي بيوسيءَ وچان فونن مٿان فون ڪري ته ”سر جي، آخر ميرا قصور ڪيا ھي؟“ فون بند ٿي وڃڻ کان پوءِ پنھنجو پاڻ کي ئي تسلي ڏئي ته الله ڀلي ڪندو. اھڙي معذور نوڪري ڇاھڪ خود دار سردار جي شان وٽان آھي؟ اھو ته انھن سردارن کي سوچڻ گھرجي، جن کي ڪن زمانن کان پنھنجن علائقن تي حڪمراني ڪرڻ جي ڄڻ ته عادت پئجي ويئي آھي. انھن جو شان ۽ عزت ايتري ته جلدي متاثر ٿيندي آھي جو ڳوٺ واري سڙڪ سان ڪنھن غريب غربي اور ٽيڪ ڪيو، تڏھن به سردار صاحب جو شان گھٽبو، پر ھتي ته نوبت رڳو اوور ٽيڪ جي نه پر ويڙھي سيڙھي سڄي محنت کي ئي ڊسٽ بن ۾ اڇلڻ واري ڪار آھي. وزيراعظم سيڪريٽريٽ منجھان جمالي صاحب جو ذاتي سامان جنھن شام نڪري رھيو ھو. ان شام پوليس اھلڪارن کي ڪو ايس ايس پي بدلي ٿيڻ وارو منظر ياد اچي رھيو ھو.
    جنرل پرويز مشرف کي ته ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ روزانو الائي ڪيترا دفعا ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ اسلام آباد ۾ ظاھر آھي ته ان کان ٻيڻ دفعا ياد ڪيو ويندو ھوندو. پر ڪجھه ماڻھن لاءِ عجيب ڳالھه اھا به سامھون آئي ته اسلام آباد جھڙي بيوفا موسم واري شھر ۾ اڄڪلھه سنڌڙيءَ جي مرحوم محمد خان جوڻيجي کي وڌيڪ ياد ڪيو وڃي ٿو. محمد خان جوڻيجو، جنھن شينھن جي وات ۾ به سچ چوڻ جي جرئت ڪئي. پاڪستان تي طويل فوجي ڊڪٽيٽرشپ ذريعي راڄ ڪندڙ جنرل ضياءَ الحق کي جڏھن ڪنھن سويلين بندي جي ضرورت پئي ته ھن سنگت ساٿ کي ماڻھو ڳولڻ لاءِ چيو. نوان جتوئي جو نواب غلام مصطفي جتوئي ته پاڻ ئي ٻڌائي چڪو آھي ته ھن اھڙي نوڪريءَ کان ضياءَ کي جواب ڏيئي ڇڏيو، پر پير صاحب جڏھن محمد خان جوڻيجي جي ٻانھن ڪمانڊرن حوالي ڪئي ته ھنن کيس رسمي انٽرويو لاءِ گھرايو. جنرل ضياءَالحق جنھن ڪمري ۾ ويٺو ھو، تنھن ۾ ان قصي جو رازدار فوجي آفيسر به ويٺل ھو. جنھن در مان داخل ٿيندڙ محمد خان جوڻيجي کي پيرن کان مٿي تائين ڏٺو. ھن جي پشاوري چپل جون ڪھيون کليل ھيون، ڊگھي قد ۽ پراعتماد اکين وارو ھمراھ جڏھن ضياءَالحق سان مليو ته اجائي خوشامد وارا لفظ اچارڻ بدران صرف اھو چئي ويھي رھيو ته ”ڪيئن آھيو؟ ٺيڪ آھيو؟“ ريٽائرمينٽ کان پوءِ ڪتاب لکندڙ آفيسر وڌيڪ لکيو ته ”جڏھن ڳالھه ٻولھه طئي ٿي وئي ته جوڻيجي صاحب اٿڻ کان اڳ ۾ آخري سوال اھو ڪيو ته، جنرل صاحب مارشل لا ڪڏھن ٿا کڻون. اھڙي غير متوقع سوال تي جنرل ضياءَ الحق تپي ته ويو پر ڪجھه به ڪڇيائين“ ۽ ان ڪتاب جي ليکڪ جنرل ڏانھن ڏسي نظرن ئي نظرن ۾ کيس چيو ته ”ھي ڪھڙو ماڻھو آڻدو اٿئي؟“ ڪجھه ماڻھن جو خيال آھي ته محمد خان جوڻيجي، اھو سوال پنھنجي عھدي جوقسم کڻڻ کان پوءِ ڪيو ھو. بھرحال موقعو ڪھڙو به ھو پر اھو سوال ڪنھن فوجي ڊڪٽيٽر کان عارضي نوڪري ڪرڻ لاءِ آيل سويلين پاران پڇڻ لاءِ واقعي وڏو دل گڙدو کپي ٿو. ڪجھه ماڻھو ھروڀرو به ظفرالله جماليءَ کي محمد خان جوڻيجي جي قدمن تي ھلڻ جي صلاح ڏيندا ھئا. پر ٻنھي جي حالتن ۽ ٻنھي جي ”باسز“ ۾ ڏينھن رات جو فرق آھي. جمالي صاحب اھڙو يا ان حھڙو سوال آخر ڪنھن کان پڇي ۽ ڪيئن پڇي؟ اھا ته ”بي مروتي“ مڙئي اخبار وارن کان پئي پڳي، جن ڪرسي وڃڻ کان ھڪ ڏينھن اڳ به جمالي کان اھو پئي پڇيو ته ”سائين ڇا توھان بي اختيار وزيراعظم آھيو؟“ ھاڻي ھو ڪڇي ته ڪيئن ڪڇي؟ اختياري ۽ بي اختياريءَ وارو سفر ھتي ايترو ته پراڻو آھي جيترو ھن ملڪ جو وجود اھو سوال ڪو صحافي اسڪندر مرزا جي زال کان به پڇي ھا جنھن کي اڌ رات جو اچي سپاھين اٿاريو ته سامان ٻڌو ۽ سرڪاري گھر خالي ڪريو. ھن بعد ۾ پنھنجي حياتيءَ جا پڇاڙڪا ڏينھن لنڊن ۾ گذاريا ۽ اتي ئي ھڪ اڳوڻي ملازم کي ٻڌايو ته افراتفريءَ ۾ سامان به سھيڙيان پئي ۽ رڙيون به ڪريان پئي ته واھ جو ملڪ آھي، جنھن ۾ حڪمرانن سان اھڙي حالت ڪئي ٿي وڃي.ڀلا صبح نه ٿئي ھا ڇا جو رات جو ئي سامان ٿا کڻايو؟“
    اھو اڌ رنگ جو مريض گورنر جنرل غلام محمد ڪنھن کان وسرندو، جيڪو پنھنجي حڪمرانيءَ دوران ئي بيڊ تي سمھي ٻارڙن جي راند جيان مرڻ جو ڊرامو ڪندو ھو. ملڪي حڪمران جي اھڙي حالت تي اچي جڏھن سڀ گڏ ٿيندا ھئا ته ھو ھڪ اک کولي سڀني کي ڏسي وري سمھي پوندو ھو. نيٺ پريشان بيٺل مختلف ادارن جي سربراھن کي تڏھن ساھ ۾ ساھ پيوھو، جڏھن ھو اٿي ويھي کين ٻڌائيندو ھو ته اھو مذاق ھو، جنھن ذريعي مون ڏٺو پئي ته منھنجي مرڻ واري خبر تي ڪير وڌيڪ خوش نظر ايندو. جنرل ايوب خان يا ڪو ٻيو؟ اھو اقتداري لمس جو ئي نتيجو ھو جو شراب ۾ ڌت رھندڙ جنرل به لکين ماڻھن جي قسمتن جو فيصلو ڪرڻ لڳا ۽ ملڪ جو اڌ حصو ھارائڻ کان پوءِ ھو ته گھڻو خوار ۽ بدنام ٿيا پر سندن سريتون به جنرل راڻي بڻجي مشھور ٿيون. اقتدار جي ان طويل ۽ بڇڙو ڪندڙ راند ۾ پيادي جو ڪھڙو قدم ھوندو؟ اھو ته ھر جاگيردار ۽ ان جو نئون نسل به ڄاڻي ٿو. پر اقتدار ۾ شايد ڪنھن سريت جي چپن جي ڇھاءَ جھڙو جادو آھي، جو اقتداري ايوانن جي انتظار گاھن ۾ اڃان به ڀوتارن سردارن ۽ سرمائيدارن جي لائين لڳل آھي. بند ڪمري ۾ ويٺل حڪمران صرف پٽيوالي ھٿان نياپو اماڻي ٿو ۽ ھي ڊوڙندا ڊوڙندا ان ڪمري طرف وڌن ٿا. صرف ان آسري تي ته ائين ڪرڻ سان سندس ڪيس ڪنھن نيب عدالت ۾ نه ويندا ۽ گاڏي تي جھنڊو لڳندو. پوليس پروٽوڪول ملندو، ڇا سويلين حڪمرانن جو اھوئي وڃي اميج ۽ اھوئي وڃي خواب بچيو آھي؟


      ڪرمنل قبيلا ۽ سرچ آپريشن

    قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي اھلڪارن ۽ پوليس جي گڏيل سرچ آپريشن کان پوءِ بقاپور ۾ ھڪ خوف ڇانيل آھي. الزامن ھيٺ گرفتاري کان پوءِ دليل وارو خوف! واٽ ويندي بندوق جي زور تي پڪڙجڻ پنھنجي ئي قميص لاھي اکيون ٻڌائڻ ۽ زمين تي اونڌي منھن ليٽي اھلڪارن جي بوٽن کي ڪلوز اپ ۾ ڏسڻ جو خوف. اھو خوف ته مردن جو خوف آھي پر ڳوٺ جي عورتن کي پراون مردن جا ولر گھر ۾ ڪاھي پوڻ جو خوف آھي. ڳوٺ جون عورتون شڪر ٿيون ڪن جو اھڙو ڪو بددماغ صوبيدار ھن سرچ آپريشن ۾ شامل نه ھو، جنھن سندن عزت تڪي ھجي. پر کين مُڇن کي مھٽيندڙ اھو ”صاحب“ چٽيءَ طرح ياد آھي، جنھن سندن وارن ۾ ويڙھيل سڳيون گاڏين ۾ ٻڌي کين روڊ تي گھلڻ جي ڳالھه ڪئي ھئي. ”ابا اسان کي ھٿيارن ۽ مردن جي ڪھڙي خبر، تڏھن به چون پيا ته نه ڏسيندئو ته بيعزتو ڪري روڊ تي گھيلينداسين“ بقاپور جي ھڪ عورت ٻڌايو. جيڪا شھر ۾ مسواڙي جاءِ جا ڪرايا ڀرڻ کان تنگ ٿي اچي پنھنجي ڳوٺ واري جاءِ ۾ ويٺي ھئي.
    بقاپور کي آباد ٿئي اڃا ڪجھه ئي مھينا گذريا ھئا ته اھلڪارن اچي ان ڳوٺ کي ڪڙو چارھيو ۽ مقامي پوليس به طلب ڪئي. ”اسان کان وڌيڪ توھان کي ڄاڻ ھوندي ته بقاپور ڏوھارين جو ڳڙھ بڻجي چڪو ھو شھرن مان ڦڙجندڙ سائيڪلون، موٽرسائيڪلون گاڏيون ۽ ٻيون وارداتون ڏوھاري ھن ڳوٺ مان ويھي ڪندا ھئا. اسان سندن پاڙ پٽي ڇڏي آھي“ ونگ ڪمانڊر پنھنجي ايئرڪنڊيشنڊ گاڏيءَ جو شيشو ھيٺ ڪري چوڻ لڳو ته لاڙڪاڻي جي دوزخ جھڙي گرميءَ کان بچڻ لاءِ ھن تڪڙ ۾ شيشو واپس مٿي چاڙھي ڇڏيو. سرچ آپريشن واري ڏينھن اھلڪارن جي سرگرمي لاڙڪاڻي ڀرسان ئي جنگي سلامتي جھڙي ھئي بقاپور ايندڙ رستا ته ھر طرف کان سيلڪيا ويا ھئا. گھر گھر جي به تلاشي ڪئي وئي ھئي. پر سڀ کان ڏکيو ڪم شايد 10 ايڪڙ پاڻي ۾ لڪل ھٿيار ڳولھڻ ھو. اھو ڪم شروع ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي جوانن سرانجام ڏنو. پر شام ڌاري صرف لاڙڪاڻو پوليس جا سپاھي پاڻيءَ ۾ لٿل نظر آيا. بقاپور ۾ صبح کان سرچ آپريشن وارو تماشو جاري ھو، جنھن کي بار بار ڏسڻ کان پوءِ شام ڌاري آخري چڪر ھڻڻ وياسين ته جيئن ڏسي سگھجي ته ”سنگت“ وڃڻ جا سانباھا پئي ڪري يا رات ترسندي؟ ايئرپورٽ روڊ کان بقاپور طرف ويندڙ روڊ تي واقع پيٽرول پمپ ان وقت اھلڪارن جو مرڪز بڻيل ھو، پمپ ڀرسان تعمير ٿيل ٽن خالي دڪانن جا شٽر مٿي ڪري سوين ماڻھن کي انھن ۾ اندر ۽ ٻاھر ويھاريو ويو ھو، جنھن وقت آئون انھن دڪانن وٽ پھتس ته اکيون ٻڌي زمين تي ويھاريل ڳوٺاڻن اڳيان چار پلاسٽڪ جون ڪرسيون پيل ھيون، جن تي قانون لاڳو ڪندڙ اداري جا عملدار ۽ لاڙڪاڻو پوليس جو ھڪ اي ايس پي ويٺل ھئا. انھن سوين ماڻھن جو پٺيون اگھاڙيون، اکيون ٻڌل ۽ ڪنڌ ھيٺ جھڪيل ھئا. ڪرسين تي ويٺل صاحبان اکيون ٻڌل ماڻھن کي پٺي ڏئي سامھون پاڻيءَ مان ٿيندڙ ھٿيارن جي تلاش ڏسي رھيا ھئا. ھنن ڪرسي گھرائي مون کي ويھڻ جي آڇ ڪئي پر آئون بيٺو ئي رھيس ۽ اتان ھليو وڃڻ جو سوچي رھيو ھئس. مون شايد ان منظر کان اکيون چورائڻ پئي چاھيون، پر منھنجي ٻي مجبوري ھئي. جنھن جي ڪري ڳوٺاڻن جي اھا ذلت مون کي پنھنجي ئي اکين سان ڏسڻي ھئي.
    ان سرچ آپريشن دوران رينجرز شايد پنھنجي اندازي کان وڌيڪ ماڻھو گرفتار ڪري ورتا، جنھن ڪري انھن ڪنڌ جھڪيل اکيون ٻڌل ماڻھن کي ڪيمپ تائين پھچائڻ لاءِ گاڏين ۾ چڙھڻ لاءِ چيو ويو. ان گھڙيءَ ھڪ نوجوان کين گذارش ڪئي ته اھا سائيڪل اڃا روڊ تي پئي ھوندي، جنھن تي چڙھي ھو شھر کان ڳوٺ ايندي سوگھو ٿيو، کيس اھا سائيڪل کڻڻ ڏيو. پر مفتوح ماڻھن جون ڪھڙيون فرمائشون پوريون ٿين ٿيون.کيس به کنڀي کڻي وڃي گاڏي ۾ سٿيو ويو.
    ان سموري دليرانه ڪاروائي جي بريفينگ نه، پر فوٽو سيشن لاءِ جڏھن اسان کي رينجرز لاڙڪاڻي جي ھيڊڪواٽر گھرايو ويو ته عام ماڻھن جا ھجوم به ٻاھران بيٺل ھئا. ڄڻ ڪنھن مقبول شخصيت جي ڪورٽ ۾ شنوائي ھجي. نام نھاد ڏوھارين وٽان پڪڙيل ھٿيارن سان گڏ ڊي پي او ۽ ٻين عملدارن بيھي فوٽو ڪڍرايا. اسان کانئن اجازت وٺي ٻاھر آياسين ته ھجوم ڳالھين جو سمنڊ بڻجي پيو. ھڪ چيو ته ”اسان جو ٻنھي ڌرين سان واسطو ناھي، تڏھن به اسان جا 6 ماڻھو وٺي ويا آھن، اسان ابڙا به ناھيون، مھر آھيون، تڏھن نه نٿا ڇڏين.“ ٻئي چيو ته ”اسان جا ھمراھ پن مان ٻوري چونڊي ان ۾ مٺاڻ ملائي وڪڻندا آھن. اھا ٻُوري چونڊڻ ويا ته گرفتار ٿي ويا“ ٽئين ٻڌايو ته ”اسان جا ھمراھ آھن بيگناھ، اھي سامھون زمين ٿي ويٺا اٿو توھان ئي ڪجھه ڪريو.“ اھي ڳالھيون ورجائيندا رھيا. لڳو ڄڻ ڳالھه ساڳي صرف آواز بدلجندا پئي ويا. ڏوھاري سرگرمين قبيلائي جھيڙن ۽ سرچ آپريشن سبب بقاپور ايترا دفعا ته ميڊيا ۾ دھرائجي چڪو آھي جو ھاڻي اھو ڳوٺ پنھنجي سڃاڻپ پاڻ بڻجي چڪو آھي ۽ اھو لکڻ ئي فضول ٿو لڳي ته لاڙڪاڻي ڀرسان ھڪ ڳوٺ بقاپور ۾ ھينئن ٿيو. ”بقاپور جي توھان کي خبر ناھي؟ ڪھڙو ڏوھ آھي جيڪو شھر مان ٿيو ھجي ۽ بقاپور مان ھٿ نه آيو ھجي. پوءِ به توھان انھن کي مظلوم ڪري ٿا پيش ڪريو.“ پوليس جي ھڪ سينئير عملدار چيو.
    پر لاڙڪاڻي جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ بقاپور جو ھاڻي اھو دور ڪٿي جڏھن بقاپور جا ابڙا ممبئي جي ڀائي لوگن جيان نياپي تي چندو اوڳاڙيندا ھئا. لاڙڪاڻي شھر جي ڪجھه علائقن ۾ ته بقاپور جو ابڙو سڏرائڻ ئي دھشت ڦھلائڻ برابر ھو، پر ھاڻي ان ڳوٺ کي اھڙو ته ويراني وڪوڙي وئي آھي جو بقاپور ۾ ڪنھن کي به ڇانورو نصيب نٿو ٿئي. ڪجھه ماڻھن ان ڳوٺ کي ٻيھر وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سُڪن سان گڏ ساوا به سڙي ويا. ”ابا اسان ٻنھي ڌرين جي خير گھرڻ وارا، نه ابڙا، نه انڙ، اسان پاڻ ماڇي (سولنگي) تڏھن به اسان جي مردن کي وٺي ويا آھن.“ بقاپور ۾ سولنگي برادري جي ھڪ عورت چيو. ھوءَ سرچ آپريشن کان ان ڪري به ھيسيل ھئي جو صبح جو اڃان سندن ٻارڙن به ننڊ مان اکيون نه کوليون ھيون ته قانون لاڳو ڪندڙ ۽ پوليس سندن گھرن اندر پھچي چڪي ھئي. پوليس ڇاپن دوران اھلڪارن پاران گھرن ۾ گھڙڻ دوران جيڪا دھشت پيدا ٿئي ٿي اھا معصوم ٻارڙن ۽ عورتن تي گھرا اثر ڇڏي ٿي. پر اھا دھشت پوڙھن کي به نٿي بخشي، حالانڪه بقاپور جو سرچ آپريشن ٻن نابين ڀائرن پنھنجي اکين سان ڪونه ڏٺو پر ان جي دھشت ايتري ھئي جو سرچ آپريشن جي ٻئي ڏينھن ٻئي نابين ڀائر سامان گڏھ گاڏين تي کڻي ڳوٺ مان لڏي ويا.
    جنھن موسٽ وانٽيڊ ماڻھو خاطر بقاپور ۾ اھو آپريشن ڪيو ويو، سو پيرل ابڙو چيو وڃي ٿو. رينجرز ۽ پوليس جي اٽالن کان ھو ڪيئن بچي ڳوٺ مان نڪتو. اھو ته جڏھن مليو تڏھن پڇندومانس، پر آپريشن جي وٺ پڪڙ کان پوءِ ھن مون کي فون ڪيو پيرل جو چوڻ ھو ته اسان ڏوھاري ناھيون باقي ذاتي دشمني سبب خون ٿيل آھن، ذاتي جھيڙن سبب روپوش آھيون.“ جڏھن کيس پوليس آڏو پيش پوڻ جي صلاح ڏنم ته ھن پوليس مٿان بي اعتماديءَ جو اظھار ڪيو. ”اسان مرد سڀ روپوش آھيون، گھرن ۾ صرف عورتون ويٺل آھن. مون کي گرفتار ڪري پوءِ منھنجا ننڍا ٻار ماريندا ڇا؟“ پيرل چيو، پيرل ابڙي جي ڳالھين کان وڌيڪ مون کي سندس آس پاس موجودگيءَ تي حيرانگي ٿي. قانون لاڳو ڪندڙ ۽ لاڙڪاڻو پوليس جنھن ماڻھو لاءِ جنگي علائقي جھڙو سرچ آپريشن ڪيو، سو ھتي ئي ڪٿي آس پاس ويٺل ھو، پر کين سندس موجودگيءَ بابت ڪا ڄاڻ نه ھئي. سا ڳالھه عام ماڻھو مڃڻ لاءِ تيار ئي ناھن. عام ماڻھن کي ڇڏي جيڪڏھن واقعي اھلڪارن کي پيرل جي موجودگيءَ جي پڪ نه ھئي ته اھڙو دھشت ڦھلائيندڙ سرچ آپريشن ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي؟ بقاپور جي ڪرمنل قبيلن سان گڏ عام ماڻھو جيترو خوار ٿيا. ڇا اھڙي خواري کان پوءِ ھو پنھنجي ملڪ جي سيڪورٽي فورسز سان محبت ڪرڻ سکندا؟ ڇا سندن ضمير ڪڏھن کين انھن فورسز تي اعتماد ڪرڻ جي اجازت ڏيندو؟ مون کي ته بقاپور جي نئين نسل بابت فڪر آھي. جن سدائين سرچ آپريشن ڏسي اکيون کوليون آھن. جن سدائين پنھنجي وڏن جي ھٿن ۾ ھٿيار ۽ دشمنيون ڏٺيون.
    ان نسل ته بيگاھ وقت تي پنھنجي گھرن ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نوجوانن کي ڇاپا ھڻندي ڏٺو. بقاپور جي ان نسل ڪڏھن اسڪول جو منھن ناھي ڏٺو. ھنن جي اڪثريت کي اھا خبر ناھي ته ڌاڙيل يا پوليس کان سواءِ پڙھي ڪو ڊاڪٽر يا پروفيسر به ٿبو آھي، ڇو ته سندن ڳوٺ جي نئين اڀرندڙ نسل منجھان خطرو آھي. اھڙن سرچ آپريشنن جي مھربانين سان ڪٿي ھو وڌيڪ رھزن ڏوھاري ٿي نه نڪرن.


      جرڳائي سياست جي گھيري ۾ آيل سنڌ

    ان ”جمھوري جنرل“ جي جديد روشن خياليءَ جو سج تنھن ڏينھن سکر منجھان اڀريو پئي الاءِ لٿو پئي، جنھن ڏينھن سنڌ ۾ صدر صاحب جي ڪيمپ جا سردار ويھي ھڪ خوني تڪرار جو جرڳو ڪري رھيا ھئا. اتر سنڌ جي تاريخ ۾ شايد اھو پھريون جرڳو ئي ھيو، جنھن جي نگراني سنڌ جو موجوده وزيراعلي پاڻ ڪري رھيو ھو. ”ٻن ڌرين ۾ صلح ڪرائڻ منھنجي آئيني ذميواري آھي.“ ھن صحافين ي سوالن جي موٽ ۾ چيو ھو. اھو جرڳو سکر جي ان سرڪٽ ھائوس اندر ٿي رھيو ھو، جيڪو سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ کان 2 ڪلوميٽر به پري ناھي. اھا ڪورٽ ان ڏينھن ته خاموشي ھئي. پر ان ئي ڪورٽ 23 اپريل 2004ع تي اھڙن جرڳن بابت تاريخي فيصلو ٻڌائي اتر سنڌ جي اڪثر قبائلي سردارن ۽ سياسي ڀوتارن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون ھيو، ڪجھه سردارن ته رٿيل جرڳا به ملتوي ڪري ڇڏي ھئا ۽ ڪجھه سردارن پنھنجا جرڳا بلوچستان منتقل ڪري ڇڏيا ھئا. جڏھن ته چند سردارن سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس رحمت حسين جعفريءَ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو ھو، پر ھاءِ ڪورٽ جي ان فيصلي خلاف ڪو به ماڻھو سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ نه ويو ھو. گذريل سال ھاءِ ڪورٽ پارن ٻڌايل اھڙي فيصلي سان پراڻي ڪامريڊ شبير شر جي به اھڙي ناماچاري ٿي، جھڙي وڪالت واري ڪيريئر ۾ کيس اڳ ڪڏھن نصيب نه ٿئي ھئي. شبر شر ان ڪيس ۾ پٽيشنر جو وڪيل ھو. انھن سموري وڪيلن ۽ معزز ججن جي اکين جا اوجاڳا اجايا بڻايا ويا. ”سرداري نظام ۾ آخر اھو ڪھڙو نشو آھي. جنھن جو سرور حڪومتي مزا ماڻيندڙن کان به نٿو لھي؟“ ھڪ شاعر نما بيوروڪريٽ پڇيو. جيڪو اسان جي سماج ۾ ھر قدر کي ڀڄندي ڀرندي ۽ تباھ ٿيندي ڏسي ٿو. پنھنجي آفيس ۽ سرڪاري فائيلن ۾ گم ان ويچاري بيوروڪريٽ کي جاگيرداراڻي انا جي تسڪين جو لطف ڪڏُھن سمجھه ۾ ئي نه ايندو ته ڪيئن نه سردار ٿيڻ بعد قبيلي کي ٻڪرين جي ڌڻ وانگر ھڪ لٺ سان ھلايو وڃي ٿو. اھا ڪا تعجب جھڙي ڳالھه نه پر تلخ حقيقت اٿو ته باھ جي ساک تي فيصلو ڪندڙ جيڪب آبادي سردار منظور پنھور سان ٻيا وڏيرا ساڙ کائيندا آھن ته ھو ان جھڙو ڪو ٻيو ڪم ڇو نٿا ڪري سگھن. باقي ساک وٺڻ به ايندڙ ڏينھن ۾ ايتري ئي وقت پاپولر ٿيڻ واري آھي جيتري جرڳائي سياست ٿي چڪي آھي. ايندڙ وقت ۾ اسان کي ”جنرل جي مھربانين“ سان ڪو نه ڪو اھڙو وڏو وزير ضرور ملي ويندو.“ جيڪو باھ جي ساک کي اصل فيصلو مڃيندو. اھو ڪو گھڻو مشڪل نه، پر تمام گھڻو آسان ڪم آھي، ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان جڏھن مير منطور پنھور سنڌ جو وڏو وزير ٿي وڃي ٿو ته پوءِ ھر ھفتي ڳوٺ وڃي فيصلو ڪرڻ جي کيس فرصت ڪٿي ھوندي. ڪشادي وزيراعلى ھائوس جي ڪنھن نه ڪنھن ڪنڊ ۾ باھ جي ساک (چرٻيلي) جو بندوبست ڪري وزيراعلى ھائوس ۾ ئي فيصلا ڪيا ويندا ۽ اھي ٿي به سگھن ٿا. ڇو ته اسان ”روشن خيالي“ جي ان جدت پسندي واري صورت ۾ گذاريون ٿا، جتي مولوي صاحبان به اسان سان جرڳن ۾ گڏ ويھن ٿا ۽ فتوائون پڙھي انھن جھيڙن جي خاتمي جو اعلان ڪن ٿا.جيڪي جھيڙا جرڳن سان ڪڏھن به حل ناھن ٿيڻا. عدالتن، پوليس ۽ انتظاميا جا مامرا جڏھن اڌ پڙھيل سردارن حوالي ڪيا ويندا آھن، تڏھن ھر مسئلي جو حل جرڳي ۾ نظر اچي ٿو. جرڳو سنڌ اندر ھاڻ ايترو پاپولر لفظ بڻجي پيو آھي، جو ٻه ڇوڪرا ھڪ ڇوڪريءَ جي عاشقي تان وڙھن يونيورسٽي ۾ ٿا، پر ھو پرچڻ لاءِ چون ٿا ته جرڳو ٿيندو، جيئن عدالتي ڪلارڪ ۽ ٿاڻن جا منشي لفظن جي پويان پئجي ويندا آھن. تيئن ئي ”جرڳو“ لفظ جاگيردارن جي پويان پئجي ويو آھي. ڪنھن کان به پڇو، ھو توھان کي چوندو جرڳو ڪٿي، اسان فيصلو يا راڄوڻي ڪرائي ٻن ڌرين کي راضي ڪيو. خير ۾ ته الله به راضي آھي.“ مڃيوسين خير ۾ الله به راضي آھي، پر مائي مختاران جھڙي جرڳي واري فيصلي ۾ بلڪل به راضي ناھي. اي سنڌيو! توھان ڪنھن خوف کان زبان کڻي نه چوريو، پنھنجي چپ سبي ڇڏيو، ڀلي ته توھان کي ڪو فيض واريون اچي سٽون ٻڌائي ته ”بول ڪه لب آزاد ھين تيري“ پر پوءِ به توھان پنھنجا چپ ڀلي ته کوليو، پر اھو پنھنجي دل جي ڪنھن ڪنڊ ۾ سنڀالي رکو ته جرڳا مسئلن جو حل ناھن. توھان پنھنجي ايندڙ نسل کي ضرور ٻڌائجو ته ”جرڳا جھنگ جو قانون آھن، جيڪي ڀوتارن جو سياسي سھارو بڻيل آھن.“ ايندڙ جديد دور جي انفارميشن سيڪٽر واري وھڪري ۾ انھن جي ڪا شايد جاءِ نه ھجي.
    ڏتريل سنڌي سماج جي بھتريءَ ۽ جرڳن جي اھميت کي وڌيڪ سمجھڻ لاءِ اسان ملتان جي ان ميروالي ڳوٺ ھلون ٿا،جتي ڳوٺ جي پنچائت 30 سالن جي عورت مختاران مائي کي اھڙي سزا ڏني، جيڪا اڳتي ھلي پاڪستان سرڪار لاءِ مٿي جو سور ثابت ٿئي. ڳوٺ جي پنچائت جي فيصلي موجب 4 مستوئي مردن کي مختاران مائي سان زوري زنا ڪرڻي ھئي، ڇو ته مختاران مائي جي 12 سالن جي ڀاءَ شڪور مٿان ڳوٺ جي ھڪ مستوئي ڇوڪريءَ سان ناجائز لاڳاپن جو الزام لڳل ھو. مير والا ڳوٺ ڪي گجر قبيلي سان واسطو رکندڙ مختاران مائي ھيسيل ۽ ھيٺين ذات واري ھئي. قبيلائي، پئنچائتي ۽ جرڳائي جھان موجب اھو ته درست ٿي چڪو ھو، ڇو ته فيصلي موجب مختاران سان زوري زنا ڪندڙن ۾ ھڪ جرڳائي جج به شامل ھو، جنھن پاڻ اھو فيصلو ڏنو ھو، جيئن جرڳائي جج چوندا آھن ته ڌريون کير کنڊ ٿي ويون، پر اوچتو اھا خبر به اخبارن ۾ اچي ويئي، جنھن کان پوءِ ھڪ ٻي مختاران مائي جو سفر شروع ٿئي ٿو، مختاران مائي جو اسٽار يا ڄمڻ جي تاريخ ته الائي به ڪھڙي آھي، پر لڳي ٿو ته سندس حياتيءَ ۾ جون مھيني جو وڏو عمل دخل آھي. ڳوٺ جي پئنچائت جڏھن کيس زوري زنا جي سزا ٻڌائي ته اھا به 22 جون 2002ع ھئي، جڏھن ايڇ آر سي پي سندس ڪيس کڻي (ھا اھا ئي انساني حقن جي تنظيم، جنھن جي چرپر تي سنڌ ۾ ڄام ساقيءَ ڊرامي کان پوءِ بندش پيل آھي) ان ايڇ آر سي پي مختاران جو ڪيس کڻي خاص عدالت ۾ پھچايو. خاص عدالتن جي جج 4 ڏوھارين کي موت جي سزا ٻڌائي. ھاڻي توڙي جو ھن سال 11 جون تي لاھور ھاءِ ڪورٽ جڏھن مختاران مائي ڪيس جي 3 جوابدارن کي آزاد ڪيو ته حڪومت ٻئي ڏينھن سندس نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ ڏئي ڇڏيو ته جيئن مختاران مائي جھڙي ڪمزور عورت آمريڪا وڃي پاڪستان جو پرڏيھه ۾ جڙيل ”سافٽ اميج“ خراب نه ڪري، ڪنھن ملڪ جو اميج اھڙو نازڪ ڇو ھجي، جو ھڪ ستايل عورت جي ٻاھر وڃڻ سان اھو ٽٽي پئي.“ ھڪ يونيورسٽي ٽيچر ٻڌائي رھيو ھو، جيڪو تازو ئي پرڏيھي دوري تان موٽيوآھي. ھن ھيٿرو ايئرپورٽ تي پاڪستان جي ناميارن سياستدانن کي جوتا لاھي تلاشيون ڏيندي ڏٺو. پاڪستان پرڏيھه ۾ ڪھڙو ڪنڌ کڻندو، جڏھن نيويارڪ ٽائيمز ”اھڙن دوستن ھوندي به“ جھڙا ايڊيٽوريل لکي آمريڪي سرڪار تي دٻاءُ وجھي ته جيڪي انسانن آزادين جو احترام نه ڪن، اھڙا ملڪ ۽ اھڙيون دوستون ڪھڙي ڪم جون، پاڪستان جي اھڙي اميج بابت اھي خبرون لاڳيتو شايع ٿيون ته لاھور جي عدالت مختاران مائي جي ڪيس جا جوابدار آزاد ڪري ڇڏيا. مختاران جو پاسپورٽ ضبط ڪري ڇڏيو ۽ سوني تي سھاڳو ته صدر صاحب پاڻ آسٽريليا پريس ڪلب ۾ چيو ته مختاران مائي جي پرڏيھه وڃڻ تي پاپندي مون مڙھي آھي. اسان ته کوھ جا ڏيڏر بڻجي جيئڻ جا عادي ٿي چڪا آھيون. پر ڇا ٻاھرين دنيا مان به اھڙي اميد رکون ته ھو صرف صدر مشرف کي ٻن ٻلونگڙن سميت فوٽو ڪڍرائيندي ڏسي اعتبار ڪري وٺندا ته پاڪستان ھڪ ”جدت پسند روشن خيالي“ جي راھ تي گامزن آھي؟ اھا آرمي ڊسيپلينڊ روشن خيالي گجرات جي چوڌري کان شروع ٿي کيتلاريءَ جي اربابن تائين ختم ٿئي ٿي. سنڌ جي اڀرندڙ شعور کي ڀلي ته ڪير ڪيترو به سمجھائي، جرڳن جي ڪير ڪيتري به خوبصورت تشريح ڪري پر حقيقت اھائي آھي، جيڪا جرڳن جي گڻگ ڀوتارن جي بنگلن تي نظر اچي ٿي.
    جرڳن ۾ ڏوھاريءَ جو تعين اٺ فوٽ ويڪري، 6 فوٽ اونھي ٽانڊن جي باھ چوڪري ڪري ٿي، ٽانڊن جي باھ، جيڪا پاڻيءَ جيان انڌي ٿئي ٿي. اھا ئي اسان جي ڏوھي يا بيڏوھي ھجڻ جو فيصلو ڪري ٿي
    ھو ڀنڪ ڪر جنون ڪي راھون مين
    عقل سي انتقام ليتي ھين.


      بينظير ڀٽو جي قبر تي ”وَلين“ جھڙو ھجوم

    پيپلز پارٽيءَ جي مقتول سربراھ بينظير ڀٽو جو چاليھوخميس جي صبح جو ان جي اباڻي قبرستان ڳڙھي خدا بخش ڀٽو ۾ ڪيو ويندو. چاليھي جي رسم مطابق قرآن خوانيءَ ۽ اجتماعي دعا کان پوءِ خيرات جي ماني يعني لنگر تقسيم ڪيو ويندو.
    پيپلز پارٽي جي مرڪزي ترجمان فرحت الله بابر جو چوڻ آھي ته بينظير ڀٽو صاحبه جي چاليھي جي موقعي تي پارٽي جو عام جلسو نه ڪيو ويندو، سڀني صوبن ۽ ڊويزنل ھيڊڪوارٽرن ۾ تقريبون منقعد ڪيون وينديون.
    ٻئي طرف پيپلز پارٽي جا سوين ڪارڪن قافلن جي صورت ۾ ڳڙھي خدا بخش ڀٽو پھچڻ شروع ٿي ويا آھن، انھن ۾ اھي درجنين ڪارڪن به شامل آھن، جيڪي پنھنجي اڳواڻ جي قبر تي حاضري ڀرڻ لاءِ ڏورانھين علائقن کان تمام وڏا فاصلا طئي ڪري پھتا آھن. مقامي ماڻھن جوچوڻ آھي ته چاليھي کان پھرين ئي بينظير ڀٽو جي قبر تي ولين جھڙو ھجوم ۽ ماڻھن جي رش وڌي ويئي آھي.
    ڳڙھي خدا بخش ڀٽو ھونئن ته ھڪ ننڍڙو ڳوٺڙو ۽ ڀٽو خاندان جي فردن جي قبرستان جو نالو آھي پر بينظير جي تدفين کان پوءِ قبرستان ۾ بازار لڳي ويئي آھي ۽ماڻھو ھن کي سياسي اڳواڻ کان وڌيڪ ھڪ ولي يا بزرگ طور ڏسي رھيا آھن.
    ڳڙھي خدا بخش ڀٽو ۾ لڳ ڀڳ ھڪ سؤ جي اندر مانڊين جھڙا اسٽال لڳي ويا آھن، انھن اسٽالن تي سڀ کان وڌيڪ بينظير ڀٽو جون تصويرون ۽ ان جي تقريرن واريون سي ڊيز ۽ آڊيو ڪيسٽون وڪامي رھيون آھن.
    ڳڙھي خدا بخش ڀٽو ۾ تصويرون کپائيندڙ حبيب رند جو چوڻ ھيو ته محترمه جي تدفين کان ڪجھه ڏينھن پوءِ سڀني کان پھرين ھن تصويرون کپائڻ شروع ڪيون، جڏھن محترمه جون تصويرون روزانو ھزارن جي تعداد ۾ کپڻ لڳيون ته ٻيا ماڻھو به پھچڻ شروع ٿي ويا.
    حبيب مطابق ھو بينظير ڀٽو صاحبه جو ھزارين تصويرون وڪرو ڪري چڪو آھي پر قمبر جي ھڪ بزرگ سان محترمه بينظير جي ورتل تصوير سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿي آھي. انھيءَ تصوير ۾ قمبر جو بزرگ غلام حسين شاھ پنھنجي ڪرسيءَ تي ۽ بينظير صاحبه ان جي سامھون فرش تي ويٺل آھي.
    ڳڙھي خدا بخش ڀٽو ۾ بينظير ڀٽو جي تدفين کان پوءِ گلن جي گھرج تمام گھڻي وڌي ويئي آھي. گل وڪرو ڪندڙ عزيز بي بي سي کي ٻڌايو ته ھن جا سمورا گل شام کان پھرين ئي ختم ٿي وڃن ٿا ۽ گلن جي گھرج ايتري ته وڌي ويئي آھي جو ھو اھا پوري نٿا ڪري سگھن.
    ڳڙھي خدا بخش ڀٽو ۾ بينظير ڀٽو صاحبه جي تدفين کان پھرين صرف ھڪڙو گلن وڪرو ڪرڻ وارو ھوندو ھيو، جڏھن ته ھاڻي انھن جي تعداد ۾ چاليھن ڏينھن اندر پنج سيڪڙو واڌارو اچي ويو آھي.
    ڳڙھي خدا بخش ڀٽو جي قبرستان ۾ لڳايل بازار ۾ تصويرون، سي ڊيز کان علاوه چانھن ، مشروب ۽ ميوا وغيره آساني سان ملي وڃن ٿا جيڪي پري کان آيل ماڻھن جي لاءِ غنيمت آھن.
    مقامي دانشور ۽ اديب اخلاق انصاريءَ جو چوڻ آھي ته ماڻھن ۾ ڳڙھي خدا بخش ڀٽو جي ھڪ قسم جو ولين جھڙو احترام وڌي رھيو آھي، ڇو ته ٻنھي پيءُ ۽ ڌيءُ کي ماڻھو پاڪستان جي اونداھين راھين ۾ ناحق مارجي ويل وزيراعظم سمجھن ٿا.
    بينظير ڀٽو صاحبه کي اٺاويھن ڊسمبر جي ٻيپھيريءَ جو ڳڙھي خدا بخش ڀٽو جي قبرستان ۾ سندس والد ذوالفقار علي ڀٽو جي پاسي ۾ دفن ڪيو ويو ھيو. ڳڙھي خدا بخش ڀٽو ۾ پاڪستان جا ٻه چونڊيل وزيراعظم دفن ٿيل آھن، جيڪي نه صرف رشتي ۾ پيءُ ۽ ڌيءُ آھن پر ٻنھي جو موت روالپنڊيءَ ۾ غير فطري انداز ۾ ٿيو.
    بينظير ڀٽو صاحبه پنھنجي والد جي مزار تعمير جي ھڪ شاندار طرق تي تعمير ڪرائڻ شروع ڪئي ھئي. تاج مھل سان مشابھت رکندڙ انھيءَ مزار جي باري ۾ ھن کي شايد ڄاڻ نه ھئي ته ھڪ ڏينھن ھن کي به انھي مزار جو حصو بڻجڻو پوندو.
    مقامي ماڻھن جو چوڻ آھي ته جمعي ۽ آچر جي ڏينھن بينظير ڀٽو جي مزار تي رش وڌي وڃي ٿي. ماڻھن جو چوڻ آھي ته ايندڙ ڪيترن ئي ڏينھن تائين ڳڙھي خدا بخش ڀٽو ۾ بينظير جي قبر تي ائين ئي رش ۽ ماڻھن جا ھجوم رھندا.

    (اربع 6 فيبروري 2008ع بي بي سي اردو ڊاٽ ڪام سکر)


    نئين ديري جا بدلجندڙ منظر

    پاڪستان ۾ نئون ديرو ڪنھن نئين شھر يا ڳوٺڙي جو نالو نه ناھي پر نئين ديري لاءِ آصف زرداري نئون ضرور آھي.
    بينظير ڀٽو جي قتل کان پوءِ ڀٽن جي سياسي ڳڙھ ۽ اباڻي شھر نئين ديري جا انتظام زرداري ۽ ان جي ماڻھن سنڀالي ورتا آھن. شروعاتي اطلاع آھن ته آصف علي زرداري، ڀٽو اسٽيٽ جي ھارين کي پنجاھ لک روپين جا قرض معاف ڪري ڇڏيا آھن.
    نئين ديري جا مقامي ماڻھو آصف زرداريءَ کي اھڙي ھڪ اجنبي جيان ڏسي رھيا آھن جيڪو اوچتو دوست ٿي پيو ھجي. مٿس اعتماد ڪرڻ۽ نه ڪرڻ جي وچ وارا خيال رکندڙ نئين ديري واسي ۽ پيپلز پارٽي جا ڪارڪن زرداريءَ جي سمورين سرگرمين تي ڪرڙي نظر رکڻ لڳا آھن.
    نئين ديري جو ڀٽو ھائوس ذوالفقار علي ڀٽو جي پھرين گھر واري شيرين امير بيگم جي رھائش گاھ ھئي، جيڪا ھن بينظير ۽ مرتضى جي اختلافن کان پوءِ بينظير ڀٽو کي وڪرو ڪري ڏني ھئي. بينظير ڀٽو جي آخري اقتدار وارن ڏينھن ۾ نئون ديرو ھائوس کي وزيراعظم ھائوس جو درجو به ڏنو ويو ھو. نئون ديرو ھائوس جي اندروني حصي ۾ ملاقاتين لاءِ چار ننڍا ڪمرا ٺھيل آھن. انھن سمورن ڪمرن جا دروازا ھڪ ھال ۾ کلن ٿا. پيپلز پارٽي جا اھم اڳواڻ ان ھال ۾ رکيل صوفن تي ويھن ٿا ۽ آصف زرداري سان ملاقات لاءِ پنھنجي واري يا وري ان جي نظر پوڻ جو انتظار ڪن ٿا. اھو استحقاق آصف زرداريءَ جو آھي ته ھو جنھن سان چاھي ان ھال ۾ ئي ملاقات ڪري ۽ جنھن کي چاھي ڪمري ۾ اندر ملاقات جو ٽائيم ڏئي.
    نئين ديري ھائوس جي اندروني حصي جو اھو دستور بڻجي پيو آھي ته جڏھن آصف زرداري ڪمري يا ھال ۾ داخل ٿئي ته سمورا مھمان ان جي احترام ۾ پنھنجي ڪرسين تان اٿي بيھن. ھو ڏينھن ۾ ڪيترائي ڀيرا ھال ۾ اچي وڃي ٿو ۽ اتي موجود سمورا مرد توڙي عورتون اٿندا ويھندا رھن ٿا.
    ان ھال ۾ ھڪ ڏينھن پيپلز پارٽيءَ جو ضلعي صدر اياز سومرو به منھنجي ڀرسان بيٺو ھو. ان ٻڌايو ته بينظير ڀٽو جي جيئري ھن کي ڪڏھن نئين ديري ھائوس تي ملاقات جو وقت گھرڻو پيو نه ئي ڪڏھن انتظار ڪرڻو پيو. بينظير ڀٽو سان ڪھڙا ماڻھو ملاقات ڪن ھو انھن جي چونڊ پاڻ ڪندو ھو. پر ھاڻي ھن لاءِ به حالتون بدلجي چڪيون آھن. اياز سومري ڳوڙھن ڀريل آواز ۾ چيو ته ”ڀائي جان اسان ته بي بي جا ماڻھو آھيون، جيڪا سمورن وفدن سان ملاقات کان پوءِ اسان کي ڊنر تي گھرائيندي ھئي پر نئين ديري ھائوس ۾ ھاڻي اسان جي ڪير ٻڌندو؟ ڪير اسان کي ڊنر تي گھرائيندو؟ اسان جو ته قصو ئي ڪوتاھ سمجھو ڀائي جان.“
    پيپلز پارٽيءَ جي اندروني لغت ۾ بينظير ڀٽو جا وفادار بي بي جا ماڻھو ۽ آصف زرداريءَ جا ماڻھو سڏبا آھن. بينظير ڀٽو پاڻ سان گڏ روالپنڊي جي ناھيد خان ۽ ان جي مڙس لاڙڪاڻي واسي ڊاڪٽر صفدر عباسي کي پنھنجو ويجھو رکندي ھئي. بينظير ڀٽو سان ملاقاتن ۽ جلسن جو وقت پارٽي اڳواڻن لاءِ ٻنھي زال مڙسن جي معرفت طئه ٿيندو ھو. مگر بينظير ڀٽو جي ٽيجھي کان پوءِ ٻنھي زال مڙسن کي مون نئون ديرو ھائوس جي ڪمرن ۽ اڱڻ ۾ عام ڪارڪنن جيان ٽھلندي ڏٺو.
    صفدر عباسي جو چوڻ ھو ته اسان جون خدمتون محترمه بينظير لاءِ ھر وقت حاضر رھنديون پر ھاڻي اھو آصف زرداري کي طئه ڪرڻو آھي ته ڪھڙي پارٽي اڳواڻ کي ڪھڙي زميداري سونپي وڃي. ھن جو چوڻ ھو ته ان بابت آصف زرداريءَ ئي بھتر فيصلو ڪري سگھي ٿو.
    پيپلز پارٽي جي اندروني حلقن ۾ آصف زرداري ۽ ان جا ويجھا دوست ماضيءَ ۾ ٻين پارٽي ڪارڪنن جي تنقيدن جو نشانو رھي آھن پر بينظير ڀٽو جي قتل کان پوءِ پارٽي قيادت زرداري جي ھٿن ۾ اچي وڃڻ کان پوءِ سندس اھي بظاھر خاموش ٿي ويا آھن.
    نئين ديري ھائوس جا سمورا انتظام آصف زرداري جي ويجھن دوستن ۽ پارٽي اڳواڻن آغا سراج خان دراني، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ڊاڪٽر شفقت سومرو وغيره سنڀالي ورتا آھن. آغا سراج دراني جو چوڻ ھو ته محترمه بينظير ڀٽو جو مٿس اعتماد ھو ۽ زرداري صاحب کي به مٿس اعتماد آھي. ھن جو خيال ھو ته آصف جي اڳواڻي ۾ سندن پارٽي ھر چئلينج جو مقابلو ڪري وٺندي.
    نئين ديري جي ماڻھن ڀٽو ھائوس تي سخت حفاظتي انتظام پھريون ڀيرو ڏٺا آھن. ھڪ سؤ جي لڳ ڀڳ ذاتي محافظن کان سواءِ حڪومت پاران پڻ ھڪ سؤ ڇويھه اھلڪار آصف زرداري جي حفاظت لاءِ نئون ديرو ھائوس تي مقرر ڪيا آھن. انھن پوليس اھلڪارن جو انچارچ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن سان مشوري بعد پير فريد جان سرھندي کي بڻايو ويو آھي. نئين ديري ھائوس جي چئني پاسن کان اٺ پوليس چوڪيون قائم ڪيون ويون آھن.
    ماضي ۾ آصف زرداري لاءِ نئين ديري شھر جي ايتري اھميت نه رھي آھي جيتري اڄ بڻجي وئي آھي. نئين ديري جي ماڻھن کي ته اھي ڏينھن به ياد آھن. جڏھن آصف زرداري جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ ڳڙھي خدابخش پھتو ھو. پر ھن نئين ديري ۾ رات ترسڻ بدران ڳڙھي ياسين ۾ پنھنجي دوست آغا سراج دراني وٽ آرام ڪيو ھو. ٻئي ڏينھن بينظير ڀٽو کيس سکر مان واپس نئين ديري روانو ڪيو ھو ته جيئن ھو مقامي ماڻھن سان ملاقات ڪري سگھي.
    نئين ديري ماڻھن جي آصف زرداري سان تفصيلي ملاقات ڪجھه ڏينھن اڳ ٿي آھي. ھن نئين ديري کي ماڊل سٽي بنائڻ لاءِ شھرين کان مشورا گھريا آھن. شھرين جي آصف سان ملاقات جي باري ۾نئين ديري جي ماڻھن کي ٻڌايو ته محترمه بينظير ڀٽو پنھنجي وصيت ۾ نئين ديري وارن جو خاص ذڪر ڪيو آھي. ھو انھن ماڻھن کي اڪيلو نه ڇڏيندو.
    آصف علي زرداريءَ مقامي ماڻھن ۾ پنھنجو تاثر مثبت بنائڻ لاءِ نئين ديري ۾ صنعتي يونٽ قائم ڪرڻ جو به ذڪر ڪيو آھي. ھن ڳڙھي خدا بخش ڀٽو واري قبرستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي مزار جو رھيل ڪم ٻيھر شروع ڪرڻ جون ھدايتون به جاري ڪيون آھن.
    آصف علي زرداري کي نئين ديري ۾ پنھنجو سياسي ۽ خانداني ورثو سنڀالڻ ۾ بينظير ڀٽو جي چاليھي ۽ عام چونڊن کان پوءِ وڌيڪ ڏکيائيون پيش اينديون. ھن جي سامھون ذوالفقار علي ڀٽو جو سئوٽ ممتاز علي ڀٽو خاندان جي وڏي جي حيثيث ۾ سامھون ھوندو، جنھن تازو ئي بيان ڏنو آھي ته جڏھن کان زرداري ذات مٽائي ڀٽا ٿيا آھن تڏھن کان ھو شيخ سڏائڻ جو پيا سوچين.
    جڏھن ته مير مرتضى ڀٽو جي بيواھ غنوي ڀٽو ۽ ڌي فاطمه ڀٽو جو به ھن کي مقابلو ڪرڻو پوندو. جن جو الزام آھي ته مرتضى ڀٽو جي قتل ۾ آصف زرداريءَ جو ھٿ آھي. نئين ديري ھائوس جي سخت حفاظتي پھري ۾ آصف زرداري پنھنجي زندگيءَ جي مشڪل امتحان مان گذري رھيو آھي. پيپلز پارٽي جا ڪارڪن ۽ نئين ديري جا ماڻھو ھن جي سمورين ڳالھين ۽ سرگرمين کي ويجھڙائي کان جانچي رھيا آھن. نئين ديري ھائوس جي ڀتين تي سر شاھنواز خان ڀٽو، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي لڳل وڏين تصويرن وچ ۾ ويٺل زرداري ڇا انھن جھڙو مقبول عوامي اڳواڻ بڻجي سگھندو؟ ڇا نئين ديري جا ماڻھو ساڻس بينظير ۽ ذوالفقار ڀٽي جھڙي پنجھائپ سان ملي سگھندا؟
    نئين ديري جي ماڻھن ۽ پيپلز پارٽي جي خاموشي ڪارڪنن جون ذھنن کي انھن سوالن گھيري ۾ آندو آھي، جن جا جواب آصف زرداريءَ جي آئينده قدمن سان ڳنڍيل آھي.

    (سومر 21 جنوري 2008ع بي بي سي اردو ڊاٽ ڪام سکر)


      بينظير ھاڻي ھڪ ”براند نيم“ بڻجي وئي آھي

    پيپلز پارٽي جي مارجي ويل سربراھ بينظير ڀٽو جي قتل کان پوءِ سندس تقريرن تي ٻڌل سي ڊيز ۽ تصويرن جي کپت وڌي وئي آھي. جڏھن ته سندس نالي سان پٽاٽن جا چپس ۽ ٽافيون به مارڪيٽ ۾ اچي ويون آھن. بينظير ڀٽو صاحبه جي موت جي ٽن ھفتن کان پوءِ به ڏکايل ماڻھو سوڳ ۾ آھن ۽ ڳڙھي خدا بخش ۾ سندس قبر تي روزانو تعزيتي وفدن جي آمد جو سلسلو جاري آھي. بينظير ڀٽو صاحبه جي موت جو سوڳ ملھائڻ لاءِ ماڻھن پنھنجا پنھنجا انداز ۽ طريقا اختيار ڪيا آھن. پاڪستان جي سي ڊي مارڪيٽ ۾ بينظير ڀٽو صاحبه جي تقريرن تي ٻڌل سي ڊيز رليز ڪيون ويون آھن. جن ۾ بينظير ڀٽو جي روالپنڊي، لاڙڪاڻو، نوابشاھ، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي چونڊ جلسن واريون تقريرون شامل آھن.
    جئه رام مطابق سندس اداري ڪنگز وڊيو پاران ماضي ۾ اسامه بن لادن ۽ لال مسجد سان گڏوگڏ اڪبر بگٽي جي موت ۽ خود بينظير ڀٽو جي ڀاءُ مرتضى ڀٽو جي قتل تي پڻ سي ڊيز جاري ڪيون ويون ھيون پر بينظير ڀٽو جي سي ڊيز مارڪيٽ ۾ ماضيءَ جا سمورا رڪارڊ ڀڃي ڇڏيا آھن.
    جئه رام جو چوڻ ھيو ته سندس ڪمپني جو ڪاروبار اڳ ۾ رڳو سنڌ تائين محدود ھيو. بينظير ڀٽو جي تقرير وارين سي ڊيز سندن ڪم روالپنڊي، سرڳوڌا، لاھور ۽ شيخوپوره تائين ڦھلائي ڇڏيو آھي. ڪنگز وڊيو وارن مطابق محرم جي ڏينھن ۾ نوحن ۽ مجلسن کان سواءِ ٻي ڪا به سي ڊي وڪرو نه ٿيندي آھي پر بينظير ڀٽو صاحبه جي تقريرن واريون سي ڊيز انھن ڏينھن ۾ به وڪرو ٿي رھيون آھن.
    سي ڊيز مارڪيٽ کان ٽپي تصويرن جي مارڪيٽن تائين پھچجي ٿو ته ھر دوڪان تي محترمه بينظير ڀٽو جون تصويرون نظر اينديون. مختلف سائيزن جي پوسٽرن ۾ بينظير ڀٽو کي پنھنجي ٻارن ۽ خاص ڪري بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ ڏيکاريو ويو آھي. چند تصويرن م کيس پنھنجي والد ذوالفقار علي ڀٽي جي مزار تي دعا گھرندي به ڏيکاريو ويو آھي.
    دوڪاندارن موجب بينظير ڀٽو جي راولپنڊي واري آخري جلسي واريون تصويرون ۽ ارڙھين آڪٽوبر واري ڏينھن وطن موٽڻ دوران جھاز مان لھي دعا گھرڻ لاءِ کنيل ھٿن واري تصوير گھڻي وڪامي رھي آھي سکر ۾ تصويرون وڪڻندڙ ھولسيل ڊيلر نسيم احمد بي بي سي کي ٻڌايو ته رڳو سندس دوڪان تان محترمه جون ھڪ لک تصويرون وڪامي چڪيون آھن.
    نسيم احمد جو اھو به چوڻ آھي ته پاڪستان جي سمورن سياستدانن جون گڏيل طور تي به ايتريون تصويرون نه وڪاميون آھن. جيتريون رڳو بينظير ڀٽو وڪامي رھيون آھن. سندس چوڻ موجب ماضي ۾ اسامه بن لادن ۽ صدام حسين جون تصويرون به ايڏي انگ ۾ نه وڪاميون آھن. محترمه بينظير ڀٽو موت کان پوءِ سياسي اڳواڻ کان وڌيڪ ھڪ ”برانڊ نيم“ بڻجي وئي آھي ۽ مارڪيٽ ۾ سندس نالي سان چپس، نمڪو ۽ ٽافيون به اچي رھيون آھن.

    (اڱارو 22 جنوري 2008ع بي بي سي اردو ڊاٽ ڪام سکر)


    ڪينواس تي 27 ڊسمبر جو منظر

    پاڪستان ۾ سنڌ صوبي جي ھڪ آرٽسٽ 27 ڊسمبر جي شام کي پنھنجي پينٽنگ ۾ ياد ڪيو آھي. ھن فنڪار پنھنجي ايبسٽريڪٽ مصوريءَ ۾ جيڪا تصوير ٺاھي آھي. ان ۾ ڳاڙھو رنگ سڀني رنگن تي حاوي آھي ۽ لڪيرن مان جيڪو نقش اڀري سامھون اچي ٿو، ان ۾ بينظير ڀٽو جو چھرو نظر اچي ٿو.
    اھو ڪارنامو لاڙڪاڻي جي ھڪ آرٽسٽ رضوان جو آھي.
    پنھنجي ماءُ جي ياد ۾ سنڌ جي پھرين ذاتي گيلري ٺاھڻ واري آرٽسٽ رضوان جو چوڻ آھي ته عام طور تي ھو پورٽريٽ نه ٺاھيندو آھي. جڏھن ته محترمه بينظير ڀٽو جو چھرو ھن جي لاشعور ۾ ٺھي ويو آھي ۽ اھا ھن جي شعوري ڪوشش نه ھئي.
    پنھنجي گيلري ۾ پنھنجي تخليقي فن پارن جي وچ ۾ ويٺل رضوان بي بي سي کي ٻڌايو ته 27 ڊسمبر جي شام جو جڏھن ھن جي ڀرڀاسي جا اڪثر ماڻھو پنھنجي ڪاوڙ جو اظھار ڪرڻ خاطر گاڏين ۽ شھر جي عمارتن کي باھيون ڏيئي رھيا ھئا ، تنھن وقت ھو پنھنجي گيلري جا دروازا بند ڪري پنھنجي شديد ڪاوڙ کي رنگن جي مدد سان ڪينواس تي اتاري رھيو ھيو. ڇو ته بينظير جي قتل جو ڏک ته ھن کي به ھيو.
    رضوان چوي ٿو ته ھن کي شروع ۾ خبر نه ھئي ته ھو ڇا ٺاھي رھيو آھي پھريان 27 ۽ 29 ڊسمبر جي درميان ھن جي ڪم تي ڳاڙھو رنگ حاوي رھيو. جڏھن حالتون معمول ڏانھن اچڻ لڳيون ته ھن پنھنجي پينٽنگ پنھنجن دوستن کي ڏيکاري ته ھڪ دوست کيس چيو ته ”ھي ته تو بينظير ڀٽو جي تصوير ٺاھي آھي.“
    رضوان جي ستاويھن ڊسمبر جي ياد ۾ ٺاھيل پينٽنگ ۾ ھن کي خاص ڳالھه اھا ٿي نظر اچي ته رت سان مشابھت رکندڙ ڳاڙھو رنگ سڀني رنڱن تي حاوي ھجڻ جي باوجود به بينظير ڀٽو جون اکيون کليل آھن. جنھن جو مطلب اھو ٻڌائي ٿو ته موت کان پوءِ به ھوءَ زندھ آھي.
    رضوان جو ڳاڻيٺو سنڌ جي اھڙن تخليقڪارن ۾ ٿئي ٿو، جيڪو ڪنھن يونيورسٽي ۾ فائن آرٽ جو باقاعدي شاگرد ته نه رھيو آھي پر سالن جي رياضيت سان ھن پنھنجو درجو استادن جھڙو بڻائي ورتو آھن.
    رضوان جي پينٽنگز جي نمائش نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاھور ۾ ٿئي ھئي، جنھن جو افتتاح فيض احمد فيض جي گھر واريءَ ايلس فيض 1996ع ۾ ڪيو ھو. رضوان جي شھپارن جي نمائش حيدرآباد، ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي ۾ به ٿي چڪي آھي.
    رضوان پنھنجي ذاتي زندگيءَ ۾ پنھنجي ماءُ جي تمام ويجھو رھيو ۽ ھن پنھنجي والد جي ذات ”منگي“ تي پنھنجي ماءُ جي ذات عمراڻيءَ کي وڌيڪ ترجيح ڏني ۽ پنھنجو پاڻ کي عمراڻي سڏرائيندو رھيو. ھن پنھنجي ماءُ جي ياد ۾ ”مڌر گيلري“ يعني ”ماءُ گيلري“ به تعمير ڪئي آھي. جتي ھو سن 1999ع کان گيلريءَ جو افتتاح کان پوءِ باقاعده اتي ويھندو آھي ۽ پنھنجو ڪم ڪندو آھي.
    رضوان، بينظير ڀٽو جي اباڻي شھر لاڙڪاڻي ۾ ٿيل جلسن ۾ ڪڏھن به نه ويو پر ھو چوندو آھي ته بينظير ھن جي فڪر ۽ خيالن ۾ موجود آھي ۽ ڪا به طاقت انھيءَ بينظير کي ھن کان ڌار نٿي ڪري سگھي.
    رضوان جو چوڻ آھي ته ھو 20 ڪلوميٽر پري ڳڙھي خدابخش ڀٽو بينظير ڀٽو جي قبر تي انھيءَ ڪري نه ويو آھي ، جنھن سبب جي ڪري ھو ڪڏھن پنھنجي والد جي قبر تي به نه ويو آھي. رضوان جي بقول؛ جڏھن ٻئي شخصيتون ھن سان گڏ آھن ته دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ ڳوڙھا ڳاڙڻ، دعا گھرڻ ۽ ڦوٽو ڪڍرائڻ جي ڪھڙي ضرورت آھي.
    رضوان جي خواھش آھي ته ڪنھن طريقي سان پنھنجون پينٽنگس بلاول ڀٽو زرداري کي پيش ڪري، ڇو ته ھو بلاول جي ڏک کي سڀني کان وڌيڪ بھتر ڄاڻي ٿو. ماڻھن کان انھن جي اڳواڻ ھلي ويئي آھي پر بلاول جي ته ماءُ قتل ٿي ويئي آھي ۽ ھو ماءُ جي ڏک کي سڀ کان وڏو الميو سمجھي ٿو.


      خيابانِ سحر جو خاموش مري

    اھا جمعي واري ڏينھن جي ڪچڙي منجھند ھئي، جڏھن اسان گھربل ڏس پتو پڇندي پڇندي خيابان سحر جي چوٿين گھٽي ۾ پھتاسين. ٽيڪسيءَ مان لھي جڏھن مون جاويد مينگل جي گھر جو دروازو ڏٺو ته صرف چار ماڻھو نظر آيا، جيڪي بنگلي جي ٻاھران رکيل سيمينٽ جي بئنچن تي ويٺا ھئا. ڪو ھٿياربند ماڻھو نه ھو، نه ئي ڪار در جي ڀرسان چيڪ پوسٽ ٺھيل ھئي.
    مون سوچيو ڇا ان ئي گھر ۾ بلوچستان جو اھو ”باغي“ سردار رھائش پذير آھي، جنھن جي ھڪ کان سواءِ باقي سمورن پٽن تي بلوچستان لبريشن آرمي نالي ھٿياربند جدوجھد جاري رکڻ جو الزام آھي.
    مان پنھنجي پشاور کان آيل ساٿي عبدالحئي ڪاڪڙ سان گڏ مک دروازي منجھان اندر داخل ٿيس ته بنگليجي ملازمن منھنجي ھٿ ۾ کنيل بيگ ڏانھن اشارو ڪندي چيو ته ”اھو سامان ٻاھر رکيون وڃون، نواب صاحب ڳالھه ٻولھه ڪرڻ تي راضي ٿيو آھي توھان کي ڪمري اندر توھان جو سامان ملي ويندو.“ جديد انداز ۾ تعمير ٿيل بنگلي جي سرسبز باغيچي ۾ بلوچي انداز جو خيمو کوڙيل ھو. خيمي اندر ڏھاڪو کن ھمراھن جي ويھڻ جي بندوبست ڪيل ھو، ڪجھه ئي لمحن کان پوءِ اسان کي ان ڪمري اندر سڏايو ويو، جتي نواب خيربخش مري ڪيترن ئي ورھين جي خاموشيءَ کانپوءِ ھڪ نموني جي ڪچھري لڳائي ملڻ لاءِ ايندڙن سان ڪجھه درد ونڊي ٿو.
    نواب مري جي ڪشادي ڪمري اندر به ھڪ طرح بلوچستان بڻايل ھو، ڪمري جي ٻن ڪنڊن ۾ رکيل پھاڙين جي مجسمن مٿان بوسو ڀريل پھاڙي ھرڻ بيٺل ھئا. ھڪ مري نوجوان جو چوڻ ھو ته ڪنھنجي دل ۾ وسندڙ بلوچستان ڀلا ڪير ٿو کسي سگھي.
    ڪمري اندر ھڪ مخصوص صوفي تي نواب خيربخش مري ويٺل ھو، جڏھن ته ويھارو کن مري قبيلي جا ماڻھو ھيٺ فرش تي ويھي خاموشي سان کيس ٻڌي رھيا ھئا.
    اھو چوڻ ڏاڍو ڏکيو آھي ته اھي ماڻھو نواب سان سندس پٽ بالاچ مريءَ جو ڏک ونڊڻ آيل ھئا، ڇو ته اڃا تائين نواب صاحب، بالاچ لاءِ ڪنھن کان به تعزيت وصول نه ڪئي آھي.
    سنڌي ٽوپي پائي ويٺل چاپئين ڏاڙھيءَ واري نواب خير بخش مريءَ جي چھري تي ڪنھن غم يا پريشاني جا ڪي به آثار نظر نه پئي آيا. اتي ئي لڳ ڀڳ ستر ورھين جي عمر ۾ بلوچستان جي حوالي سان سندس ڳالھين ۾ ڪائي لچڪ ڏسڻ ۾ نه پئي آئي. ھو تمام پنھنجائپ سان پنھنجي قبيلي جي ماڻھن ۽ ٻين صحافين سان ڳالھه ٻولھه ڪندو رھيو. نواب مري انھن ڳالھين دوران ماضي جا قصا ۽ لطيفا ٻڌائيندي پاڻ به کلي رھيو ھو پر پنھنجي پٽن بالاچ ۽ حريبار جي ذڪر کان ھن ڄاڻي واڻي پاسو ڪيو.
    جيڪڏھن انھن جو ذڪر ڪنھن ڇيڙي وڌو ته ھن ڪيترين ئي ڳالھين کان لاعلمي جو اظھار ڪيو. ھو پاڻ به بالاچ جي مارجي وڃڻ وارين خبرن جي تصديق جي انتظار ۾ آھي ۽ حريبار جي گرفتاري جي ھن کي ايتري ڄاڻ آھي ته جيتريون ڳالھيون ميڊيا ۾ اچي چڪيون آھن. اندرون سنڌ مان نواب خير بخش مري سان ملڻ لاءِ آيل ھڪ نوجوان ٻڌايو ته ڪيترائي ماڻھو نواب صاحب ڏانھن اڃان به تعزيت لاءِ اچن ٿا پر نواب صاحب دعا لاءِ ھٿ ئي نٿو کڻي ته ٻيا ڇا ٿا ڪري سگھن.
    چون ٿا ته جڏھن بينظير ڀٽو نواب مري سان تعزيت ڪرڻ آئي ته ھن جي به تعزيت قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ڪراچي جي ھڪ صحافي دوست چواڻي ته ڳالھين دوران بينظير جي ان جملي ته ”آمريت جي ڏينھن ۾ اھڙا واقعا ٿيندا آھن“، جي جواب ۾ کيس چيائين ته توھان جي والد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ به بلوچن سان ڪي گھٽ ظلم ڪونه ٿيا ھئا.
    جڏھن نواب مري بلوچن جي مسلح جدوجھد ۽ پنجاب جي حاڪميت جھڙن سخت موضوعن تي تمام نرم لھجي ۾ ڳالھيون ڪري رھيو ھو ته مون سوچيو پئي ته بلوچستان جو جھونو باغي آخر پاڪستاني فوج لاءِ قابل قبول ڇو ٿيندو؟
    نواب مري ھڪ مارڪسٽ بلوچ قومپرست ضرور آھي پر ھن جي ڪا به جماعت ناھي ۽ دلچسپ ڳالھه اھا به آھي ته ھو بلوچستان ۾ سياسي طرح اڪيلو به ناھي.
    نوجوانيءَ ۾ اسڪوائش راند کيڏڻ ۽ نشانو چُٽڻ جي شوقين نواب خيربخش مري زندگي جو اڪثر حصو دربدر ۽ مھاجر ٿي گذاريو آھي. ھو ڪڏھن ڪابل ته ڪڏھن مري ڪيمپ ۽ ھاڻ خيابانِ سحر ۾ بي وطني واري زندگي گذاري رھيو آھي.
    اڄڪلھه پاڪستان جا اڪثر قبائلي سردار ايندڙ چونڊن لاءِ پنھنجي پٽن، ڌيئرن، ڀائيٽن ۽ ڀاڻيجن جي ھلندڙ چونڊ مھم ۾ مصروف آھن تڏھن نواب خير بخش مري جھڙو بااثر بلوچ سردار جنگ جي حالت ۾ پنھنجي پٽن جي مارجي وڃڻ ۽ گرفتار ٿي وڃڻ واريون خبرون خاموشي سان ڏسي رھيو آھي.
    ڇا بلوچ پاڪستان کي الوداع چئي چڪا آھن؟ ان سوال جو جواب خيابان سحر جي خاموش نواب مري وٽ ويندڙ اڪثر ماڻھن اھو ئي ڏٺو ته ”بلوچن لاءِ ھي فائينل رائونڊ آھي.“ ڪيترن ئي سالن کان نواب خير بخش مري ھڪ خاموشي واري زندگي گذاري رھيو ھيو. ان جي ملاقات محدود ماڻھن سان ٿيندي ھئي پر بالاچ جي قتل کان پوءِ ھو ماڻھن سان ملي جلي رھيو آھي. ان عرصي دوران لنڊن ۾ سندس ٻئي پٽ حربيار جي گرفتاري جي خبر به اچي پھتي آھي.
    چوندا آھن ته ملڻ جلڻ سان ماڻھو جي دل جو ٻوجھه ڪجھه ھلڪو ٿيندو آھي پر ڇا اھا چوڻي نواب مريءَ جي زندگي تي ٺھڪي اچي ٿي. اھو چوڻ ڏاڍو ڏکيو آھي آھي. ڇو ته سندس ڳالھين منجھان حالتن کان گھٻرائجي پريشان ٿي ويل پوڙھي سردار جھڙي ڪا نشاني اسان کي نظر نه پئي آھي.

    (11 ڊسمبر 2007ع بي بي سي اردو ڊاٽ ڪام)


    ڊيرا بگٽي وڃڻ منع آھي؟

    پاڪستان جي اصل (فوجي) حڪمرانن، بلوچستان جي انھن علائقن ۾ ميڊيا جي نمائندن جي داخلا تي پاپندي برقرار رکي آھي، جتي ھڪ سال گذري وڃڻ کان پوءِ به فوجي آپريشن جاري آھي.
    ڪوھلو، ڪاھان ۽ پير ڪوھ جھڙن علائقن ۾ عام ماڻھن جي آزاديءَ سان اچ وڃ تي پاپندي آھي جڏھن ته سوئي ۽ ڊيرابگٽي ۾ انھن ڪلپر بگٽين ۽ ٻين ماڻھن جي اچ وڃ جاري آھي، جن کي مشرف سرڪار نواب اڪبر بگٽي جي مارجي وڃڻ کان پوءِ ٻيھر انھن علائقن ۾ آباد ٿيڻ لاءِ چيو آھي.
    سوئي ۽ ڊيرابگٽي ڏانھن وڃڻ لاءِ جڏھن اسان ڪشمور کان پنجاب جي مختصر حد پار ڪري بلوچستان ۾ داخل ٿياسين ته روڊ جي ڀرسان ٺھيل ڪجھه دڪانن تي پاڪستان جا جھنڊا نظر آيا جن اسان کي سيڪورٽي فورسز (فوجين) جي موجودگي جو احساس ڏياريو. اسان جي گاڏيءَ کي سوئي کان ڪو ٽي، چار ڪلوميٽر پري ھڪ چيڪ پوسٽ تي روڪيو ويو. ڪاري مليشيا جا ڪپڙا پھريل اھلڪارن اسان کان نالا پڇيا ته اسان به تعارف ڪرايو. اسان جي مڪمل تعارف کان پوءِ جابلو پٽي جي ويراني ۾ قائم ان پوليس چوڪيءَ منجھه چڱي خاص ھلچل مچي وئي. ھڪ کان پوءِ ٻيو اھلڪار ايندو رھيو، لاڳيتو ڪيترائي سوال ڪندا رھيا ۽ ڪيترائي تعارفي ڪارڊ گھرندا رھيا.
    انھن سمورن خفن کان پوءِ به جڏھن ھو مطمئن نه ٿيا ته اسان کي رعبدار پر مھذباڻي انداز ۾ گاڏي مان ھيٺ لھڻ لاءِ چيو ويو. آئون پنھنجي ڊرائيور ۽ علائقي جي سُد ٻُڌ رکندڙ ھڪ مقامي صحافي دوست سان گڏ گاڏيءَ مان لھي روڊ ڪناري ٺھيل پوليس چوڪيءَ ڀرسان بيھي رھيس. اتي بيٺي بيٺي اندازو ڪيم ٿيو ته بلوچستان ۾ پوليس کان وڌيڪ چوڪيون ليويز ۽ ايف سي اھلڪارن جون آھن. مون وقتي خاموشي ٽوڙيندي ھڪ ڏاڙھيءَ واري اھلڪار کان پڇيو ته توھان ايف سي ۾ آھيو يا پوليس ۾ ته ھن وڏي رازداريءَ سان جواب ڏنو ته ”اسان آرمي وارا آھيون.“ بلوچستان جي سوئي ٿاڻي جي ان نالي ماتر پوليس چوڪي تي پوليس رجمنٽ جا چار فوجي مقرر ٿيل ھئا، جيڪي سوئي ۾ ڊيرا بگٽي ايندڙ ويندڙ گاڏين جي چيڪنگ ڪري رھيا ھئا.
    ڪشمور کان اڄڪلھه ٽيڪسي ڊرائيور، مسافرن کي سوئي ۽ ڍيرا بگٽي وٺي وڃي رھيا آھن. ٽيڪسي جي سمورن مسافرن جا شناختي ڪارڊ چوڪيءَ تي لکيا وڃن ٿا ۽ بعد ۾ انھن کي اڳتي اجازت وڃڻ جي اجاز ت ملي ٿي.
    ٻين مسافرن جي مڪمل چڪاس ڪرڻ سان گڏ ان ڊولي چيڪ پوسٽ جي فوجي اھلڪارن آرمي وائرليس فون سسٽم تي پنھنجي مٿين آفيسرن کي اسان جي مڪمل تعارفن سان گڏ اطلاع ڏنو ۽ اسان کي انتظار ڪرڻ لاءِ چيو ويو.
    ڊولي چوڪيءَ وٽ جڏھن اھو انتظار اڌ ڪلاڪ کان ٽپي ھليو ته ان فوجي يونٽ جي انچارج صوبيدار شھباز اسان کي ڀرسان ئي ٺھيل فوجي ڪيمپ ۾ ھلڻ لاءِ چيو. ان فوجي ڪيمپ ۾ اسان کي پورو ڏيڊ ڪلاڪ صرف ڪمانڊر جي فون جي انتظار ۾ ويھاريو ويو، جيڪو ان صوبيدار چواڻي ته ڪوئيٽا کان فون ڪر اسان کي سوئي ۽ ڊيرابگٽي طرف وڃڻ يا نه وڃڻ جي اجازت ڏيندو.
    ان ڪيمپ ۾ انتظار دوران اسان ٻه ڪلاڪ ان فوجي صوبيدار جي اھڙن بي تڪي سوالن جا جواب ڏيندا رھياسين ته توھان بي بي سي وارا پاڪستان ۾ صرف خرابيءَ جون خبرون ڇو ھلائيندا آھيو. اھڙن اڍنگھن سوالن جا نه چاھيندي به جواب ڏيڻا پئي پيا. صوبيدار شھباز انتظار کي ڪجھه ھلڪو ڪرڻ لاءِ پنھنجي سپاھين کي اسان جي لاءِ شربت آڻڻ جو چيو. شربت کان پوءِ صوبيدار منجھند جي ماني آڻڻ لاءِ چيو اسان ماني کان معذرت ڪئي، تڏھن به ھن سپاھين کي اھو چئي ماني آڻڻ لاءِ چيو ته ”ڪڏھن ڪڏھن صحافين کي به سپاھين واري ماني ٽيسٽ ڪرڻ کپي. ماني اچڻ کان پوءِ اندازو ٿيو ته چڊي دال ۽ مٽي جھڙي اٽي واري ماني واقعي صرف ٽيسٽ ئي ڪري سگھجي ٿي.
    چوڪيءَ تي اسان جو انتظار جڏھن ٻن ڪلاڪن کان وڌي ويو ته مون اسلام آباد ۾ پنھنجي ساٿين کي ايس ايم ايس ذريعي اطلاع ڏنو ۽ صوبيدار کي پنھنجي واپسيءَ واري ارادي کان آگاه ڪيو. صوبيدار ھڪ دفعو ٻيھر فوجي فون تي ڳالھائڻ لاءِ ھليو ويو ۽ واپس اچي ٻڌايائين ته جيستائين ڪوئيٽا کان ڪنفرميشن جي فون نٿي اچي توھان نه اڳتي نه واپس وڃي ٿا سگھو.
    ڪيترن ئي ساھ منجھائيندڙ لمحن کان پوءِ صوبيدار ھڪ فوجي جي فون ٻڌڻ کان پوءِ جڏھن واپس آيو ته ھن جو لھجو بدليل بدليل ھو. ھن اچڻ سان اسان کي ائين اطلاع ڏنو ڄڻ ڪو آرڊر پڙھي ٻڌايئندو ھجي.
    صوبيدار چيو ”سر بلوچستان حڪومت اسان کي ڪو اھڙو اطلاع نه ڏنو آھي ته ڪو بي بي سي وارا علائقي ۾ اچي رھيا آھن اسان معذرت خواھ آھيون.“
    بلوچستان ۾ مقرر ٿيل فوجين وٽان علائقي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏيڻ جي معذرت به ٻن ڪلاڪن جي حراست کان پوءِ ملي ٿي؟ مان اھو سوچيندي واپس ٿيس ته ھاڻي انھن سوالن جا جواب ڪٿان ڳوليان، جيڪي ڊيرالھيار ۾ عام دربدر بلوچن سان ملاقات دوران سامھون آيا ھئا.
    مون انھن اطلاعن جي اصل حقيقت ڄاڻڻ لاءِ ڊيرا بگٽي وڃڻ پئي چاھيو، جن مطابق سنگسيلا جي علائقي ۾ سياف ۾ انھن ست بگٽي عورتن کي سندن مائٽن ڪاري قرار ڏنو آھي، جن کي فوجي اھلڪارن ھڪ گھر تي ڇاپو ھڻڻ کان پوءِ گرفتار ڪيو ھيو. ڪيترائي ڏينھن حراست ۾ نظربند رھڻ کان پوءِ جڏھن اھي واپس پنھنجي گھر پھتيون ھيون ته انھن جي مرد مائٽن انھن کي غير مردن وٽ ٻه ھفتا گذارڻ جو الزام ھڻي ڪاري قرار ڏنو ۽ گھر مان ڪڍي ڇڏيو ھئائون.
    عورتن تي تشدد وارين اھڙن خبرن جي ڊيرابگٽي جھڙي فساد سٽيل علائقي ۾ نه ته ڪير ترديد ڪري ٿو ۽ نه ثبوت سان تصديق. مون مري قبيلي جي انھن ماڻھن سان ملڻ پئي چاھيو، جن کي بقول رستم مري ڏاڙھي مڇون ڪوڙائڻ کان پوءِ آزادي ملي آھي. ڊيرالھيار جي ھڪ سماجي ڪارڪن رستم مريءَ موجب ھڪ پوڙھي مري، فوجي آفيسر کي ھٿ ٻڌندي چيو ته ”اسان جو سڀ ڪجھه لٽجي ويو آھي، بس ھڪ اڇي ڏاڙھي وڃي بچي آھي، جيڪا اسان بلوچن جي ثقافت آھي. خدا جي واسطي مون کي ان اڇي ڏاڙھي سميت ڳوٺ واپس وڃڻ ڏيو.
    بلوچستان جي دربدر بلوچن جي بستين ۾ ابھم ٻارڙن کي نئين دور جي لولين جيان جيڪي ڳالھيون ٻڌايون وڃن ٿيون، مان انھن جي حقيقت ڄاڻڻ پئي ويس پر معلوم ٿيو ته فوجي حڪم آھي ”ڊيرابگٽي وڃڻ منع آھي.“

    (13 جون 2007ع بي بي سي اردو ڊاٽ ڪام)


    نصيرآباد ۾ قبر جھڙي خاموشي

    اھا سيپٽمبر جي ھلڪي گرميءَ واري منجھند ھئي، جنھن وقت اسان نصيرآباد پھتاسين. ملڪي ۽ غير ملڪي ميڊيا ۾ بلوچستان جي ان ضلعي ھيڊڪوارٽر جو ذڪر اڄڪلھه زنده دفن ڪيل عورتن جي حوالي سان تمام گھڻو ٿي رھيو آھي. بلوچستان جو ذڪر ايندي ئي ذھن ۾ اٺن ۽ جبلن جو خيال اچي ٿو وڃي. پر نصيرآباد ۽ ڊيراه الھيار کان سبيءَ تائين بلوچستان جو اڪثر علائقو ميداني ۽ ويران آھي. انھي ويراني مان ڪوئيٽا روڊ سان سفر ڪندي ۽ جڏھن اسان نصيرآباد پھتاسين ته ماڻھن ۾ اڻ ڏٺل طاقت جو خوف محسوس ٿيو.
    ماڻھن ۾ خوف ان ڳالھه جو نه ھيو ته ٽن يا پنجن عورتن جو قتل ٿيو آھي پر انھن کي خوف ھيو ته جن سردارن، وزير يا ناظم تي انھن عورتن جي قتل جو الزام لڳو آھي، ڪٿي اھي ھنن کي قتل جي مخالفت ڪندي ڏسي يا ٻڌي نه وٺن. نصيرآباد جي بازار ۾ ھڪ پوڙھي عمراڻي بلوچ چيو ته ”اسان انھن (عورتن) کي قتل ڪنداسين. انھن ماڻھن ته ھٿ سان گھٽو ڏنو ھيو مان ھجان ھا ته گولي ھڻان ھا. پوليس ڇا ڪندو، وڌ ۾ وڌ گرفتار ڪندو، سزا ڏيندو، پر اسان انھن (عورتن) کي نه ڇڏينداسين، جيڪي ڪاريون ھجن.“
    پوڙھو پنھنجي راءِ ڏيندي جذباتي ٿي ويو ۽ ھن مون سان غيرت ۽ بي غيرتي جي معاملي تي بحث شروع ڪري ڏنو. ان دوران چونڪ تي بيٺل ان پوِڙھي جي چوڌاري ھن جي حامين جو ھجوم وڌندو ويو ۽ مان کين ”توھان جي رسم توھان کي مبارڪ ھجي.“ چئي ڳالھه ختم ڪئي.
    نصيرآباد ۾ انھن ڏينھن ۾ ”جيترا وات اوتريون ڳالھيون“ واري صورتحال ھئي. ڪنھن کي 14 جولاءِ جي رات جو قتل ٿيل عورتن جي نه صحيح تعداد جي خبر ھئي، نه وري قاتلن جي واردات جي طريقي جي خبر پر سڀني کي اھا خبر ضرور ھئي ته عورتن کي ويراني ۾ قتل ڪيو ويو.
    ڪارنھن جي الزام ھيٺ قتل ڪيل عورتن جي ڪيس کي مقامي پوليس بلائينڊ آف دي بلائينڊ ڪيس قرار ڏيئي رھي آھي. ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سبي، شبير شيخ ٻڌائي رھيو ھيو ته پوليس وٽ نه ته مدعي آھن ۽ نه ئي شاھد، اسان پريشان آھيون، انھي جانچ کي اڳتي ڪيئن وڌايون.
    ڪاريون قرار ڏنل عورتن جو جو وارث ھوندو آھي نه ئي ڪو مٽ مائٽ، جي ھوندا آھن ته بس سڀ ئي انھن جا قاتل ھوندا آھن. پوليس ٻن ڏينھن تائين علائقي ۾ اعلان ڪرايا ته جيڪڏھن انھن عورتن جو ڪو وارث آھي ته لاش اسپتال مان کڻائي وڃي. پر ڪو به نه پھتو ۽ اڄ ٽيون ڏينھن آھي، پوليس انتظار ڪري رھي آھي.
    نصيرآباد کان ٻن ڪلاڪن جي پنڌ تي عمراڻي قبيلي جي اباڻي علائقي تمبو ۾ عورتن جي قتل تي ڪو سوڳ آھي نه ئي پشيماني. مقامي سطح تي زندگي پنھنجي رفتار سان ھلي پئي. ماڻھو قتل جي اھڙين وارداتن کي عام رواجي ڳالھه سمجھي ٿو، پر ھن دفعي انھن عورتن جو قتل مقامي سردارن لاءِ نڙي ۾ ڦاٿل ڪنڊو بڻجي ويو آھي.
    انھن عورتن جي ڪھاڻي به انھن جي نالن وانگر ٻن ٽن رستن تي ھلي رھي آھي. قتل ٿيل عورتن جا نالا حميدان عرف عزت خاتون، جنت عرف رحيمان خاتون ۽ سياڻي عرف فاطمه ٻڌايا پيا وڃن.
    عورتن جي اجتماعي قتل واري واردات 14 جولاءِ جي رات ٿي ھئي ۽ اھا خبر 15 جولاءِ تي مقامي ميڊيا ۾ اچي ويئي. مقامي پوليس حرڪت ۾ نه آئي ته بلوچستان ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس امان الله خان 16 جولاءِ تي ازخود نوٽيس ورتو ۽ رپورٽ طلب ڪئي. علائقي ۾ چيو وڃي ٿو ته عورتون ٽي ھيون جيڪي پسند جي شادي ڪرڻ جي لاءِ گھران نڪتيون ھيون، جن مان ھڪ قبيلي جي سرادار جي ڀائيٽي يا ڀاڻيجي ھئي ۽ انھن کي اوستا محمد جي ھڪ ھوٽل مان سرڪاري جيپ ۾ کنيو ويو ۽ بعد ۾ قتل ڪيو ويو. ٻي ڪھاڻي علائقي ۾ عام آھي ته انھن عورتن کي قبيلي جي سردارن جي ڇوڪرن دوستي رکڻ لاءِ تنگ ڪيو ، جڏھن ھو راضي نه ٿيون ته انھن تي ڪارنھن جو الزام لڳائي قتل ڪيو ويو. عام حالتن ۾ اھڙي قتل ڪيس جي جانچ پوليس جو ڪو به انسپيڪٽر سطح جو آفيسر ڪندو آھي، پر علائقي ۾ حالتون اھڙيون بگڙيل آھن جو پوليس جي ضلعي آفيسر ھڪ مقامي صحافي کي طعنو ڏيندي چيو ته ”تون پاڻ به بلوچ آھين پوءِ مون کان اھڙا سوال ڇو ٿو ڪرين جو غيرت اچي وڃي.“
    انھن حالتن ۾ مقامي ڊاڪٽرن به پنھنجو ڪرادر ڪجھه اھڙي طرح ادا ڪيو آھي جو قبر کوٽڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پوليس جي ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل شبير شيخ جي مطابق مقامي اسپتال جا ڊاڪٽر جيئن ته پاڻ به عمراڻي قبيلي جا آھن، اھي ڪري انھن پھرين ته قبر کوٽڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو پر جڏھن ھنن کي گرفتاريءَ جي ڌمڪي ڏني ويئي ته ھو راضي ٿيا ۽ علائقي پوليس سان گڏ ويا پوليس جي ضلعي سربراھ جي آفيس ھڪ شاگردياڻي جي تصوير لڳل آھي جنھن تي لکيل ھو ته ”مون کي ڪاري ناھي ٿيڻو“ پوليس ھڪ اڻ ڏٺي دٻاءَ ۾ ڪم ڪري رھي آھي ۽ سڄو علائقو پوليس جي خلاف ٿي ويو آھي.
    ڪجھه پوليس وارن ٻڌايو ته جڏھن ھو قبر کوٽڻ لاءِ ڪوٽ بابا جي علائقي ۾ وڃڻ جي تياري ڪري رھيا ھئا تڏھن انھن کي ٻڌايو ويو ته عمراڻي قبيلي جا ماڻھو ھنن تي فائرنگ ڪندا ۽ ھنن جي رستي ۾ بارودي سرنگھه وڇائي ويندي، جيڪا ان علائقي ۾ عام ڳالھه آھي . پوليس جڏھن بابا ڪوٽ وڃي رھي ھئي ته وزيراعلى ھائوس ڪوئيٽا مان علائقي ۾ ھڪ وائرليس پيغام جاري ٿيو ته اڄ قبر جي کوٽائي نه ڪئي وڃي. صوبي جي پوليس سربراھ سان جڏھن مقامي آفيسرن رابطو ڪيو ته صورتحال واضع ٿي ته وزيراعلى اھڙو ڪوبه پيغام جاري ناھي ڪيو.
    ڊي آءِ جي سبيءَ جي مطابق جيڪڏھن ان رات قبر نه کوٽي وڃي ھا ته اھي لاش ڪڍي ڪٿي ٻئي ھنڌ دفنايا وڃن ھا. عورتن جا لاش تلاش ڪرڻ واسطي پوليس جي چئن جڳھن تي کوٽائي ڪئي ھئي انھن مان ھڪ کڏي ۾ جھنگلي جانور دفن ھيو ۽ ھڪ ٻئي کڏي ۾ ٻن عورتن جا لاش پوريل ھئا، جيڪي جانورن جا کاڌل ھيا ۽ جن کي شڪارين ٻيھر مٽي وجھي دفن ڪيو ھيو. پوليس جي مقامي سربراھ چيو ته جيڪڏھن ٻه ماڻھو شاھد ۽ مدعي ملي وڃن ته پوءِ ڪنھن به سردار جو نالو ڇو نه ھجي، ھو گرفتاريون شروع ڪري ڏيندو پر بلوچ قبائلي روايتن جي زنجيرن ۾ ٻڌل عورت ايتري بدنصيب ھجي ٿي جو ھن کي اھڙي طرح قتل ٿيڻ جي صورت ۾ نه ته پيءُ، ڀاءُ يا مڙس جو ڪلھو نصيب ٿو ٿئي نه ئي وري مدعيت يا شاھدي.
    پوليس پنھنجي جانچ مان ڏاڍو خوش ۽ مطمئن آھي. ھڪ ھڪ ٻئي کي فون تي ٻڌائين ٿا ته اھڙين ڏکين حالتن ۾ ٻن عورتن جا لاش برآمد ڪرڻ ڪنھن معجزي کان گھٽ ناھي. مان انھن جون ڳالھيون ٻڌان ٿو ۽ انھن جي آفيس مان ٻاھر ڏسان ٿو، جتي مون کي صرف مرد جي اھڙي حڪمراني نظر اچي ٿي، جنھن ۾ عورتن جي ڪيس کي اڳتي وڌائڻ ۾ شايد ئي ڪنھن کي ڪا دلچسپي ھجي.


    عورتن جو قتل نصيرآباد ۾ ماٺار

    بلوچستان جي علائقي نصيرآباد ۾ عورتن جي قتل تي اتان جون مقامي سياسي ۽ سماجي تنظيمون ماٺ ۾ آھن ۽ انھن ڪيترن ئي ڪوششن باوجود ڳالھائڻ کان پاسو ڪيو آھي.
    نصيرآباد مان موٽندي صوبائي وزير مير صادق عمراڻي سان جڏھن سندس موبائل فون تي ڳالھه ٿي ته ھن عورتن جي قتل ڪيس کي معمولي قرار ڏنو. سندس چوڻ ھيو ته ڪجھه اين جي اوز يعني غير سرڪاري تنظيمون مغربي ملڪن کان ڏوڪڙ ڪڍڻ لاءِ ان ڪيس کي کڻي رھيون آھن.
    ڪوئيٽا ۾ بي بي سي سان ڳالھائيندي صادق عمراڻي چيو ته پوليس عورتن جي قتل ڪيس ۾ جن چئن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ھو، انھن ڪرائيم برانچ ڪوئيٽا جي اڳيان پنھنجو ڏوھ مڃي ورتو آھي ۽ کين جلد ئي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو پوندو. صوبائي وزير صادق عمراڻيءَ جنھن جو نصيرآباد جي علائقي ۾ سياسي ۽ قبائلي اثر پڻ آھي چيو ته ”ملڪي قانونن سان گڏوگڏ بلوچستان ۾ پنھنجون رسمون ۽ روايتون آھن جن کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگھي. ڪاروڪاري جا واقعا ته سنڌ ۾ به ٿين ٿا. ھي روايتون صدين کان ھلنديون اچن ٿيون جن کي ڪجھه اين جي اوز غلظ رنگ ڏئي رھيون آھن.“
    ھتي ان ڳالھه جو ذڪر ضروري آھي ته ڪاروڪاري جي قبائلي رسم موجب عورت سان ڪنھن مرد جو نانءُ ضرور ڳنڍيو ويندو آھي ۽ ان ڪري عورت جو مرد مائٽ ان عورت ۽ ان مرد کي قتل ڪري ڇڏيندو آھي، جڏھن ته نصيرآباد جي واقعي ۾ عورتن جو ذڪر ھو ته ھر ھر اچي ٿو پر ڪنھن مرد جو نالو ئي ظاھر ناھي. اسان نصيرآباد جي ضلعي ناظم سردار فتح علي عمراڻي جي آفيس، انھن ڪارو ڪيل مردن جا نالا ڄاڻڻ لاءِ پھتاسين ڇاڪاڻ ته ھو قتل ڪيل عورتن جي قبيلي جو سردار پڻ آھي پر سندس آفيس بند ھئي. سندس موبائل فون تي ساڻس رابطي جي ڪوشش به ڪئي ويئي پر ساڻس ڳالھه ٻولھه نه ٿي سگھي. البت سندس آفيس ٻاھران ھڪ گاڏي ۾ سوار چئن شڪي ماڻھن اسان کي روڪي سڃاڻپ ڪرائڻ جو چيو ۽ فوٽو ڪڍڻ جو سبب پڇيو.
    نصيرآباد ۾ اسپتال ھجي يا عدالت، ضلعي ناظم جي آفيس ھجي يا پوليس جو ٿاڻو، ھر طرف ھڪ خوف جو ماحول موجود ھيو. ضلعي پوليس سربراھ جي آفيس ٻاھران بيٺل پوليس وارا انھن عورتن کي ڪچيون گاريون ڏيئي رھيا ھئا، جن سندن چوڻ موجب کين بدبودار قبرون کوٽڻ تي مجبور ڪيو ھو. اھي سپاھي ھڪ ٻئي کي چئي رھيا ھئا ته سرڪار به اسان کان ڪھڙا ڪھڙا نه بي غيرتي وارا ڪم ڪرائي رھي آھي.
    ضلعي پوليس سربراھ جي آفيس ۾ شايد بلوچ ويڙھاڪن جي ڪري خوف جو ماحول ايترو ته شديد ھيو جو مين گيٽ تي موبائل فون جي بيٽري آف ڪري پوءِ اندر جون ھدايتون به لکيل ھيون. ضلعي پوليس سربراھ جيڪو اسرار الله زھري وانگر بلوچ روايتن جو پوئلڳ ھيو، ان سان ڳالھائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سندس ھڪ جملو علائقي جي صحافين ۾ مشھور ھيو، جيڪو ھن ھڪ بلوچ صحافي کي طعنو ڏيندي چيو ته ”تون ڪھڙو بلوچ آھين جو پنھنجي غيرت جي باري ۾ مون کان سوال پڇي رھيو آھين.“
    نصير آباد ۾ عورتون يا گڏھ گاڏن تي چڙھي اسپتالن مان دوا وٺندي نظر آيون يا وري اسڪول مان موڪل وقت معصوم ڇوڪريون نظر آيون جيڪي ٿوڙي تعداد ۾، ڪتاب ھٿن ۾ کنيو تڪڙيون تڪڙيون گھرن ڏانھن ٿي ويون. نصيرآباد ۾ عورتن جي نه سڃاڻپ آھي نه وري حيثيث اھي رڳو مرد جي اھڙي غيرت آھن. جيڪي ضرورت وقت قتل ڪيون وڃن ٿيون ۽ بابا ڪوٽ جھڙن علائقن ۾ بي ڪفن، اونداھي رات ۾ دفنايون وڃن ٿيون. عورتن جي ڪھاڻي نصيرآباد ۾ نھايت مختصر نثري نظم جھڙي ٿي وڃي ٿي ۽ سندن قبر جا نشان پڻ جلد ڊھي وڃن ٿا.
    نصيرآباد ۾ سياست ھجي يا صحت، ھر طرف مرد ئي مرد ڏسڻ ۾ اچن ٿا. نصيرآباد ۾ ايندڙ ۽ ويندڙ مسافرن کي سينيٽ ۾ عورتن کي جيئرو دفن ڪرڻ کي بلوچ روايت قرار ڏيندڙ سينيٽر اسرار الله زھري جي ڀاءَ ثناءالله زھري جا وڏا وڏا فوٽو لڳل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جڏھن ته عورتن جي قتل ۾ ملوث قرار ڏنل ھڪ بااثر شخص جي ڀاءَ، صوبائي وزير صادق عمراڻي جون تير جي نشان واريون تصويرون به روڊن تي لڳل آھن. جن روڊن تان بلوچ سماج جون ھيسيل عورتون خاموشي سان لنگھي وڃن ٿيون.
    نصيرآباد جي سفر تان واپسي تي اھڙي مونجھه ورايو جو پڄاڻي تائين اسان کلي به نه سگھياسين. ھڪ ھمسفر دوست چواڻي ”اھو انھن مقتول عورتن جو سوڳ ھيو، جيڪو علائقي ۾ موجود ته آھي پر ان کي ملھائڻ وارو ڪوبه نه آھي.“

    (اڱارو 9 سيپٽمبر 2008ع بي بي سي اردو ڊاٽ ڪام نصيرآباد بلوچستان)


    بي گھر بگٽين کي برھمداغ جو انتظار

    بلوچستان ۾ فوجي آپريشن کان پوءِ پنھنجي علائقن مان تڙجڻ تي مجبور ٿيڻ وارن بي گھر بگٽين چيو آھي ته کين نئين حڪومت جي يقين دھانين تي اعتبار نه آھي. جڏھن نواب اڪبر بگٽي جا پوٽا برھمداغ ۽ مير عالي واپس ڊيرا بگٽي پھچندا ته اھي ھڪ رات به جلاوطن نه رھندا ۽ پنھنجي گھرن ڏانھن موٽي ايندا.
    سنڌ جي ضلعي خيرپور جي مختلف علائقن ۾ رھندڙ بگٽين جي اڳواڻن عيسى بگٽي، فيض محمد شبناڻي ۽ ڪالو خان مسوري بي بي سي کي ٻڌايو ته کين نئين حڪومت جا بلوچستان متعلق اعلان رڳو سياسي بيان لڳن ٿا. ڇاڪاڻ ته اھي عملي طور ڪجھه ٿيندي ڪونه ٿا ڏسن. جمھوري وطن پارٽي جي مقامي اڳواڻ عيسى بلوچ مطابق بلوچستان جي وزيراعلى نواب اسلم رئيساڻي پنھنجي ڀاءَ جي اڳواڻي ۾ گم ٿيل بلوچن جا تفصيل گڏ ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي به جوڙي آھي. پر ھڪ مھينو گذري وڃڻ باوجود اھا ڪاميٽي ڪنھن به ھڪ بي گھر يا جلاوطن بگٽي يا مري وٽ نه پھتي آھي. ھن چيو ته حڪومت جي چوڻ، بيانن ڏيڻ ۽ عملي ڪم ڪرڻ ۾ گھڻو فرق نظر اچي ٿو. سندس چوڻ مطابق بلوچستان ۾ فوجي آپريشن ختم نه ٿيو آھي بلڪه جاري آھي. عيسى بلوچ چيو ته فوجي، عام ڌنار بلوچن کي جيئرو ساڙي رھيا آھن. ڇاڪاڻ ته سندن چمڙي بلوچ جي آھي ۽ فوجي بلوچ چمڙي کان نفرت ڪن ٿا.
    عيسى بلوچ بي گھر بگٽين جي امداد لاءِ غير سرڪاري تنظيمن آڪسفيم، يونيسيف، ايڪشن ايڊ، اسلامڪ رليف ۽ ٻين کي اپيل ڪئي آھي ته اھي بلوچن جي مدد ڪن ۽ پاڻ اچي ڏسن ته ڪھڙي ريت دربدري واري حالت ۾ بلوچن جا معصوم ٻار خوراڪ ۽ دوائون نه ملڻ سبب مري رھيا آھن.
    عيسى بلوچ مطابق ڊيرا بگٽي ۾ فوجي آپريشن کان پوءِ چاليھه ھزار خاندان سنڌ ڏانھن روانا ٿيا ھئا. انھن مان ڪيترن ئي خاندانن خوف ۽ سواري نه ملڻ سبب پنھنجو سفر پيادل ڪيو ھيو ۽ جڏھن اھي سنڌ جي حدن ۾ جيڪب آباد ۽ ڪشمور جي علائقن وٽ پھتا ته کين سواري ملي.
    سنڌ جي خيرپور، روھڙي، ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شھرن ۾ ھزارين بگٽي لاڏائن وانگر حياتيون گذاري رھيا آھن. خيرپور ۾ اھي جبلن تي پٿرن ڪٽڻ ۽ ٽڪر ٽوڙڻ جو ڪم ڪن ٿا ۽ ڪڻڪ جو لابارو عام مزدورن کان اڌ معاوضي تي ڪرڻ لاءِ مجبور آھن.
    ڪالو خان مطابق مقامي زميندار جڏھن بگٽي مزدورن کي ڏسن ٿا ته مزدوري جي رقم اڌو اڌ گھٽائي ڇڏين ٿا، ڇاڪاڻ ته کين خبر آھي ته بي گھر بگٽي ڪڻڪ جي ھڪ ايڪڙ جو لابارو ٻن مڻن بجاءِ ھڪ مڻ ۾ به ڪري ڏيندا. سندس چوڻ موجب سندن جھوپڙين ويجھو پاڻي جو تلاءُ خراب ٿي چڪو آھي ۽ سندن ٻار گدلو پاڻي پيئڻ سبب گھڻي ڀاڱي بيمار آھن.
    ڊيرا بگٽي ۾ پنھنجي علائقي جو وڏيرو فيض محمد شبناڻي به بي گھر بلوچن ۾ شامل آھي . ھن جي چوڻ موجب اسان خوشي سان پنھنجي اوطاق جنھن کي بلوچي ۾ ”تگڙد“ چئبو آھي ۽ قبرستان نه ڇڏيندا آھيون، پر اسان کي پنھنجا اباڻا ڪک ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي.
    فيض محمد مطابق کين گھٽ اميد آھي ته رئيساڻي حڪومت بي گھر بلوچن کي پنھنجي علائقن ۾ ٻيھر آباد ڪري سگھندي. کين حڪومت تي اعتماد ڪونھي، پر ھو ڏسندا ته جيڪڏھن نواب اڪبر بگٽي جو پوٽا خصوصاَ ”برھمداغ“ واپس ڊيرابگٽي پھچي وڃي ٿو ته اھي به پنھنجن علائقن ڏانھن واپسي جو سفر شروع ڪندا.

    (بي بي سي اردو ڊاٽ ڪام سکر 2008ع)


    ڪارٽون اشو، صدر بش، ۽ جنرل مشرف جي مقبوليت!

    اھا ڳالھه ڀلي کڻي ڪيترن ئي ماڻھن کي حيرت زنده ڪري ته پاڪستان جي مذھبي توڙي سياسي پارٽين کي آمريڪي صدر بش جي آمد جي موقعي تي احتجاج نه ڪرڻ جو اعلان نه ڪيو آھي. پر اھا ساڳي ڳالھه ٿي سگھي ٿو ته انھن ماڻھن کي حيران نه ڪري، جيڪي سمجھن ٿا ته ھن ملڪ جون سياسي پارٽيون ھجن يا مذھبي جماعتون انھن کي اڳي پوءِ آمريڪا ئي محتاج ھجڻو پئي ٿو. پيپلز پارٽي ھجي يا نوازليگ ڇا اھي ھمت ڌاري سگھنديون ته ھو اقتدار به ماڻڻ چاھين ۽ آمريڪي صدر جي آمد جي موقعي تي احتجاج به ڪري ڏيکارين.
    اھو ڪيئن ممڪن آھي، جو اھي جيڪي پنھنجي ملڪ ۾ جمھوريت جي قيام لاءِ جدوجھد ڪرڻ بدران وري به آمريڪا وارن کي ئي منٿ ميڙ ڪن ٿيون، سي دنيا جي اڪيلي سپر پاور جي صدر خلاف پنھنجي ملڪ ۾ احتجاج جو علم بلند ڪري سگھن. جيئن صدر پرويز مشرف ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ صدر بش کي ڪو ڪردار نڀائڻ جو چوندو رھي ٿو. ايئن ئي اسان جون سياسي پارٽيون ملڪ ۾ جمھوريت جي بحاليءَ صدر بش کي ڪو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ چونديون رھيون آھن. ھڪ لحاظ کان آمريڪي صدر بش جو پاڪستان جو دورو سياسي پارٽين لاءِ امتحان جي گھڙي به ھو ته نيٺ ھو ڪنھن جي نظرن ۾ پاڻ کي بچائين؟ عوام جي نظرن ۾ يا آمريڪا جي نظرن ۾. ساڳيو حال اسان جي سياسي پارٽين جو به آھي، جو ھن مھل کڻي انھن جو وڏي ۾ وڏو دشمن آمريڪا ھجي، پر جڏھن اڃان سوويت يونين جو زوال نه ٿيو ھو، تڏھن آمريڪا ئي انھن جو وڏي ۾ وڏو دوست رھيو آھي. جنھن دوست انھن مذھبي جماعتن جي مدد سان سوويت يونين کي افغانستان کان اڳتي وڌڻ نه ڏنو. مطلب ته اسانجي سياسي توڙي مذھبي پارٽين جا رموٽ ڪنٽرول نه رڳو اڳ ۾ آمريڪا جي ھٿ وس رھيا آھن، پر ھن مھل به ڪافي معاملن تي رموٽ ڪنٽرول وري آمريڪا جي ئي ھٿ ۾ آھي.
    اھا خبر ته صدارتي ڪئمپ جي فني سياسي ماھرن کي ھوندي ته اھا ڪھڙي سروي پڌري ٿي آھي، جنھن موجب جنرل پرويز مشرف اڃان تائين ملڪ جو مقبول صدر بڻيل آھي ۽ فوج جو سربراھ ھجڻ ته ھن جي سرڪاري نوڪري آھي ۽ اھو ڪھڙو منطق ٿيو جو ھڪ سرڪاري ملازم گذريل 6 سالن کان به وڌيڪ عرصي کان ملڪ جو اھڙو صدر بڻيل آھي، جنھن جي ڇانو ۾ خود وزيراعظم به گھٽ اختيارن وارو وزيراعظم پيو لڳي. باوردي صدر جي عوامي مقبوليت جو اندازو به خود صدر کي پاڻ ئي آھي. جنھن برطانوي ٽي وي چئنل اسڪاءِ نيوز کي انٽرويو ڏيندي پھريون ڀيرو اھو واعدي جھڙو اعلان ڪيو آھي ته عوامي مقبوليت نه رھي ته اقتدار ڇڏي ڏيندس. اھو بيان ڪمانڊو ٽريننگ يافته صدر جي ارادن جي ڪمزوري ڪيتري ظاھر ڪري ٿو. ان جو ذڪر ته بعد ۾ ڪنداسين پر پھريان اچون ٿا اردو جي محاوري ”ٽوپي پارائڻ“ طرف اردوءَ ۾ ان محاوري جو مقصد آھي ڪنھن کي بيوقوف بڻائي پنھنجو مفاد حاصل ڪرڻ، جنھن کي ٽوپي پارائڻ چيو وڃي ٿو. ھونئن ته بازارن ۾ ڪيترائي ھوشيار روزانو لاتعداد ماڻھن کي ٽوپي پارائيندا رھن ٿا ڪجھه ماڻھن کي حيرانگي ان ڳالھه تي به آھي ته ملڪ جي حڪمران پرڏيھي ميڊيا کي ڪيئن نه مزي سان ويٺي ٽوپي پارائڻ مون بندوق جي زور تي پاڻ کي ٿوروئي چونڊرايو. مان اسيمبلي ميمبرن کي پسند ھئس انھن مونکي پاڻ چونڊيو. اھا پسند ۽ راضپو به اھڙو آھي، جھڙو ڳوٺاڻي ڇوڪري جي نڪاح دوران ھوندو آھي.
    ٽوپي ته مغرب کي اھا به پارائي وئي ته پاڪستان جھادين جي نرسري ناھي. نالي خاطر اھڙين تنظيمن تي پاپندي مڙھي ويئي. جيڪي مبينا طور ڪراچي، لاھور، روالپنڊي، حيدرآباس سميت مختلف شھرن ۾ دفتر کولي سرعام ھٿياربند جدوجھد جي ٽريننگ جا پروگرام ڪنديون ھيون، ڄڻ 3 مھينن وارا آءِ ٽي ڪورس ڪرائيندا ھجن. انھن پاپندي پيل تنظيمن جي چندي وٺڻ تي بندش وڌي ويئي ۽ وڏن شھرن جي لڳ ڀڳ ھر دڪان جي ڪائونٽرن تان اھي چندا پيتيون ھٽايون ويون جيڪي جھادي تنظيمن جا ڪارڪن رکي ويندا ھئا. انھن سمورين ڪوششن کان پوءِ مغربي ملڪن کي اھا ”ٽوپي“ پارائي وئي ته پاڪستان م جھادي تنظيمن جو صفايو ڪيو ويو آھي. ھاڻي اھي تنظيمون ٻيھر ڪر کڻي نه سگھنديون، پر 8 آڪٽوبر جي زلزلي سندن اھڙين دعوائن کي ائين وائکو ڪيو، جو ڪشمير ۾ ھر جڳھه تي پاپندي پيل جيش محمد ۽ لشڪر طيبه جا ڪارڪن امدادي سرگرمين ۾ مصروف نظر آيا. اھڙين رپورٽن کان پوءِ خود مقبول صدر آمريڪي ٽي ويءَ کي ٻڌايو ته اھي تنظيمون نالا بدلي ڪري چڪيون آھن ۽ في الحال امدادي سرگرميون ڪن ٿيون. ڪا به ھٿيار بند سرگرمي ٿي ته سختيءَ سان منھن ڏبو. اھا سختي آمريڪين کي اڃان تائين نظر نه اچي سگھي آھي، جنھن ڪري اسان جي مقبول صدر جي سمورين خدمتن جي باوجود آمريڪي عملدار جو اھو ئي اسرار رھي ٿو ته ”اڃان ڪجھه وڌيڪ ۽ اھم ڪم ڪريو.“
    ھاڻي جڏھن اڪيلي سپر پاور جو چڱو مڙس بش به اچي رھيو آھي ته توقع اھا ئي رکي پئي وڃي ته ھو به ان جھڙو يا ساڳيو اھوئي اسرار ڪندو ته ”جھادين خلاف جنگ ۾ اڃا ڪجھه وڌيڪ اڳڀرا ٿيو، نه ته باجوڙ جھڙيون ڪاروايون ته اسان پاڻ به ڪري سگھون ٿا.“ ان ڏينھن ڪنھن پڇيو پئي ته ڇا اسلام آباد جي دوري دوران آمريڪي صدر بش کان باجوڙ واقعي تي معافيءَ جو مطالبو ڪيو ويندو ته مون ئي پاڪستان جي پرڏيھي کاتي جي ترجمان جي اھا وضاحت ياد آئي، جنھن ۾ ھن واضع ڪيو ھو ته اسلام آباد پاران باجوڙ واقعي تي واشنگٽن کان معافي جو مطالبو نه ڪيو ويو آھي. اسان صرف احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ پئي چاھيو.
    اھا ته خبر ناھي ته پاڪستان ۾ بش جي دوري دوران اھڙا مظاھرا به ٿيندا الاءِ نه جھڙا انڊيا جي دوري داون ٿيا آھن، جتي لکين ماڻھن دھليءَ ۾ گڏجي کيس چيو آھي ته ”بش واپس ھليو وڃ.“ انڊيا ۾ اھي مظاھرا ته کاٻي ڌر جي سياسي پارٽين ۽ ڪجھه مسلمانن پارٽين ڪيا آھن. پر ڏسجي ته پاڪستان ۾ اھڙن نعرن وارا مظاھرا ڪير ٿو ڪري ڇو ته اڄڪلھه پاڪستان ۾ ڪارٽون سياست ان حد تائين سرگرم ٿي چڪي آھي جو خود مشرف کي انديشو آھي ته اھي احتجاج جيڪڏھن جاري رھيا ته سندس مظبوط حڪومت غير مستحڪم بڻجي ويندي، اھڙيون ڳالھيون آمريڪي ٽي وي اي پي سي نيوز کي انٽرويو ڏيندي به ڪيون آھن. پر اھم ڳالھه اھا به سمجھي پئي وڃي ته اھڙيون ڳالھيون ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ به ٿيون آھن، جنھن ۾ مشرف کي اھو به ٻڌندي ٻڌو ويو آھي ته توھين رسالت خلاف احتجاج جي آڙ ۾ منھنجي حڪومت ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سياسي ۽ ذاتي مفادن لاءِ عوام کي ڀڙڪائيندڙ اڳواڻن کي لغام ڏنو ويندو. سوال اھو آھي ته پرويز مشرف جو اھو اشارو ڪھڙي سياسي اڳواڻن ڏانھن آھي، ڇو ته پيپلز پارٽي نواز ليگ جا اڳواڻ ته ھن جي مٿي جو سور ڪونه بڻيا آھن، نه ئي متحده جي الطاف ڀائي سان سندس ڪا اڻبڻت ٿي آھي ته پوءِ ڪنھن کي لغام ڏيڻ جون ڳالھيون پيا ڪن؟ ڇا قاضي حسين احمد ۽ مولانا فضل الرحمان اچي ھنن جي مٿي جو سور بڻيا آھن، يا وقت جي چرپر کين ٻڌائي ڇڏيو آھي، ته گھڻو ٿيو. ھاڻي ماڻھو اعتدال پسند روشن خياليءَ جي طويل دعوائن منجھان بيزار آھن.
    اھا حڪمرانن منجھان عوامي بيزارگي ۽ ڪاوڙ جي ئي نشاني ھئي، جڏھن لاھور ٻري اٿيو. اھو اڳواٽ علم ۾ ڪنھن کي به ڪونه ھو ته تحفظ نامون رسالت صه جي ميزباني ھيٺ نڪرندڙ اھا احتجاجي ريلي ان حد تائين پرتشدد بڻجي ويندي جو ان جو متن ڪور ڪمانڊوز ڪانفرنس ۾ به ڪنھن نئين ترجمي سان پڙھيو ويندو، پرڏيھي تجزيه نگار اڃان تائين حيرانگيءَ مان پڇندا رھن ٿا ته اھو ڪھڙو اڳواڻ ھو، جنھن جي سڏ تي لاھور ۾ ايترا شديد احتجاج ٿيا، جو تاريخ ۾ شايد پھريون ڀيرو پنجاب اسيمبليءَ جي عمارت کي به باھ ڏني وئي. پر ان اڳواڻ ۽ سندس جذباتي ڪارڪنن بابت اڃان تائين ڪا ڳالھه ايتري مقبول نه ٿي سگھي آھي، جيتري مقبوليت ان کانپوءَ وارن ٿيندڙ احتجاجن جي اڳواڻي ڪندڙ اڳواڻن جي ٿي آھي حالانڪه اھو ساڳيو لاھور آھي، جتي ماضيءَ ۾ پنجاب جي شينھن طور مشھور شھباز شريف واپس اچڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پوليس انتظاميا اھڙو تڪڙو آپريشن ڪيو جو خود ميڊيا جي ھڪ فليش جيتري چرپر به نه ٿي سگھي. لاھور ته اھو ئي ساڳيو آھي، جتي پ پ سربراھ بينظير ڀٽو جي ان مڙس آصف علي زرداريءَ به لھڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن کي ڪجھه نادان دوستن اھو باور ڪرايو ھو ته چند سال جيل ڀوڳڻ کان پوءِ ھاڻي ھو پاڪستان جو نيلسن منڊيلا بڻجي ٻاھر آيو آھي. سندس استقبال لاءِ لاھور اٿلي پوندو، پر آصف جي استقبال لاءِ سنڌ مان ويل عورت توڙي مرد ڪارڪنن ڪيئن لاھور جي روڊن تي لٺيون کاڌيون اھو ذڪر به ميڊيا ۾ اچي چڪو آھي. ملڪ جي ٻن اھم ۽ وڏين پارٽين جي احتجاج کان پوءِ جيڪو مضبوط مرد نه ڊڄي سگھيو، ان کي ھاڻي ڪھڙي کٽڪي کنيو آھي ته سندس خلاف ڪارٽونن جي آڙ ۾ سازش پئي ٿئي؟
    شايد ھو پاڪستان جي لاھن چاڙھين واري سياسي تاريخ کي دھرائجندي ڏسي ٿو يا کيس پرڏيھي طاقتن کي ڪا نئين ”ٽوپي“ پارائڻ جي ضرورت پيش آئي آھي. ملڪ ۾ کنڊ ته ھاڻي به مھانگي بڻيل آھي. پر چون ٿا ته ايوب خان جي زماني ۾ جڏھن کنڊ مھانگي ٿئي ته ماڻھو مڇرجي روڊن تي اچي ويا ۽ ايوب جي ھوتي وزير کي “جيئي چور“ چوڻ لڳا. حالانڪه ايوب خان ملڪ ۾ بنيادي جمھوريتن جو نظام ڏنو، امن امان اھڙو قائم ڪيو، جنھن جا مثال اڄ ڏينھن تائين پوڙھا ماڻھو ڏيندا رھن ٿا. پر ان جي ھڪڙي خرابي بلڪه بنيادي خرابي اھا ھئي ته ھو فوجي ڊڪٽيٽر ھو ۽ ڪوبه ڊڪٽيٽر آسانيءَ سان اقتدار جي جان نه ڇڏيندو آھي، ساڳيو ئي مسئلو اسان جي ”مقبول“ صدر سان آھي، جيڪو سول ڊريس ۾ روشن خيالي ۽ اعتدال پسنديءَ جو نعرو ھڻي ميدان ۾ لٿو، پر ھاڻي کيس راند ختم ٿيندي نظر پئي اچي. پر سوال اھو آھي ته ان راند جي پڄاڻي ڪير ڪندو، منصوره ۾ قيد قاضي حسين احمد پاڻ مرادو جلاوطني گذاريندڙ بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف توھين رسالت وارن خاڪن خلاف جيڪو ممڻ متو آھي ، اھو صرف ڊينمارڪ يا مغربي ملڪن خلاف ناھي. اھو ته نظام حڪومت کان بيزارگي ۽ ڪاوڙ جو اظھار به آھي. عوام ته ممڻ مچايو آھي پر بدقسمتي سان انھن جي ترجماني ڪرڻ لاءِ ڪو مقبول عوامي ليڊر وچ ۾ پوڻ نٿو چاھي. صدر پرويز مشرف جي گھڻين خوشقسمتين منھجھان ھڪ خوشقسمتي اھا به آھي ته کيس اھڙي اپوزيشن نه ملي جھڙي جنرل ضياءُ يا ايوب کي ملي. ھن کي ته اھڙي نرم لھجي واري سھميل ۽ ھيسل اپوزيشن ملي، جيڪا اڃان تائين ڊيل ٿيڻ ۽ نه ٿيڻ بابت ترديدون ڪندي رھي ٿي، اپوزيشن جي اھڙن عملن سبب ئي گھڻا انگريزي ڪالم نگار ھاڻي مخالف ڌر جي جماعتن جي اتحا اي آر ڊي کي ڪاغذي اتحاد لکندا رھن ٿا. آخر اھڙن اڳواڻن جي آسري تي خلق خدا ڪيئن پاڻ کي مشرف مخالف تحريڪ جي آڙاھ ۾ اڇلي، مخالف ڌر جو جماعتون جيڪڏھن ھاڻي به خاموشيءَ سان رسمي احتجاج ڪنديون رھيون ته پوءِ وقت سندن ھٿن مان شايد کسڪي وڃي. عوامي ڪاوڙ کي فوجي حڪمرانن خلاف تحريڪ ۾ تبديلي ڪرڻ جو ھنر شايد ھن جي ھٿن مان ڇڏائجي چڪو آھي، تڏھن ئي مشرف اڃان تائين مقبول صدر ھئڻ جو دعويدار آھي.


    قومپرستي جي لھر ۽ ووٽن جي شرح

    ڪالاباغ ڊيم خلاف انھن ڏينھن ۾ لاڙڪاڻي جي گھٽين ۾ عوامي سمنڊ اٿلي پيو ھو، جنھن شھر جي مک رستن تي مارچ ڪري ھڪ ڀيرو ٻيھر سموري دنيا اڳيان واضع ڪيو ته گھٽ ۾ گھٽ ڪالاباغ ڊيم جي مسئلي تي سمورا سنڌي متحد ٿي سگھن ٿا. سنڌين جي انڪار جي اھا ٽين ڪڙي ھئي، پھرين ڪراچي، ٻئين حيدرآباد ۽ ھاڻي لاڙڪاڻو، ”جتي ماڻھو ايترا گڏ ٿي ويا، جو جلسي گاھ سوڙھي پئي محسوس ٿيڻ لڳو. سنڌ قومي اتحاد جي ماڻھن کي به شايد ايتري توقع نه ھئي ته سندن جلسي ۾ ائين ماڻھو گڏ ٿي سگھن ٿا.“ سنڌ قومي اتحاد جو ھونئن به اھو افتتاحي جلسو ھيو، جنھن سنڌي قوم پرست ڪارڪنن کي ھڪ جاءِ تي گڏ ڪرڻ جو موقعو فراھم ڪيو. ان جلسي ۾ گھوٽڪي ۽ جيڪب آباد ضلعن کان آيل اھڙا قوم پرست ڪارڪنن به مليا. جيڪي عام ڪچھرين ۾ قوم پرست سياست جي ڌڙي بندين کان بيزاريءَ ۽ مايوسيءَ جو اظھار ڪندا رھيا. ھونئن ته ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌ اندر ھلايل تازي ھلچل ۾ وفاق پرست پارٽيون به شامل رھيون آھن. پران ھلچل جو اھم حصو قوم پرست سمجھيون ويندڙ جماعتون رھيون. جنھن ڪري اسلام آباي تجزيه نگار پڻ ان ھلچل جي نتيجي ۾ ڪالاباغ ڊيم جي اعلان کان پوئتي ڌڪڻ جو ڪريڊٽ قوم پرست ۽ ترقي پسند ڪارڪن، جيڪي مايوسيءَ جي اٿاھ گھراين ۾ گھڙي ويا ھئا سي ھڪ ڀيرو ٻيھر نئين سر نئين آس ۽ امنگ سان اڀري آيا. اھڙي ھلچل کان پوءِ ھڪ گمان جھڙو بحث ڇڙي پيو ته سنڌ اندر سياسي ھلچل جو ورجاءُ ٿي رھيو آھي. اسي واري ڏھاڪي جي ياد تازي ٿي رھي آھي. اسلام آباد ۾ سنڌين جي وڏي ريلي ۽ مظاھري ته اسلام آبادي ڪالم نگارن کي اھو سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ته سنڌ اندر سياسي تحريڪ وارا پراڻين يادن وارا ڏينھن واپس اچي رھيا آھن.
    ڪراچي ۽ حيدرآباد وارن جلسن ۽ لاڙڪاڻي ۾ گڏ ٿيل ماڻھن کي ڏسي مونکي لاھور جي اھا ڪامورڪي گھراڻي جي فيض احمد فيض کي پڙھي ترقي پسند بڻيل خاتون ياد آئي، جنھن ھڪ ورڪشاپ دوران طعني جھڙو رمارڪ ڏنو ھو ته ”سنڌي قوم پرست ايترو ئي سنڌ ۽ سنڌين لاءِ درد رکن ٿا ته پوءِ اھي ئي ماڻھو کين ووٽ ڇو نٿا ڏين، جن جي حقن جي حاصلات لاءِ ڏينھن رات جدوجھد ڪري جي دعوي ڪن ٿا“ طبزيه سوال ورڪشاپ جي ان گروپ جي نمائندي ۽ نمايان خاتون پڇيو، جيڪو گروپ پاڪستان ۾ قوم پرستيءَ کي زھر قاتل جھڙي تشبيھه ڏئي اچاريندو آھي. پنج سال اڳ سياسي ماٺار واري زماني ۾ ان سوال جو جواب ته آئون جيئن تيئن ڪري ڏئي ويس، پر من منھنجو به مطمئن نه رھيو، اھو سوال سالن کان اسلام آباد ۽ لاھور جا طاقتور حڪمران توڻي سندن ساٿي ۽ دانشور پڇندا رھيا آھن پر ان جو ڪو به جواب نه ملي سگھيو آھي. ان ۾ ڪھڙي فارسي سمايل آھي جو منجھو ٿا. سڌي ڳالھه آھي ته سنڌي ماڻھن کي قوم پرستن مٿان اعتماد ناھي. ھڪ وفاق پرست پارٽيءَ جي سنڌي ڀوتار چيو. ”اھا رڳو سدا اقتدار ۾ رھندڙ ماڻھن جي ڳالھه نه پر ھڪ ڌر جي راءِ سمجھي وڃي ٿي جيڪي سالن کان اسلام آباد، لاھور ۽ راولپنڊيءَ جي ”وڏن چوڌرين“ کي ان راءِ جي پٽي پڙھائيندا رھيا آھن. جيڪڏھن اھا راءِ ڪجھه وقت لاءِ مڃي به وٺجي، ته پوءِ سياسي ھلچل وارن ڏينھن دوران ھي ماڻھن جا سمنڊ انھن ئي قوم پرستن جي سڏ تي ڪيئن ٿا اٿلي پون؟ ڇا اھي سنڌ جا ماڻھو ناھن، يا کين گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏيندڙ تبديل ٿي وڃن ٿا؟ آخر اھا ڪھڙي ماجرا آھي ته ٺٺي جا ماڻھو مارشل لا خلاف ڊگھي ۽ منظم جدوجھد ھلائيندڙ رسول بخش پليجي کي ته ڪاميابيءَ جيترا ووٽ ڪون ٿا ڏين پر سندس ڀاءُ غلام قادر پليجو ۽ ڀائيٽي سسئي پليجو کي پ پ جي پليٽ فارم تان ووٽ ڏئي ڪامياب بنائين ٿا؟ ڏٺو وڃي ته اھا ماجرا صرف سنڌ جي قوم پرستن سان ئي چھٽيل رھي آھي. جڏھن ته پختون ۽ بلوچ، جيڪي سنڌين کان به سخت قبائلي ۽ سرداري نظام ھيٺ گذارين ٿا. سي وس آھر پنھنجي پنھنجي قوم پرست ۽ ترقي پسند جماعتن کي ووٽ ڏيندا اچن ٿا.
    سرحدي گانڌي خان غفار خان کي پنھنجي ئي ماڻھن (پختونن) ۾ ڪو صفا آسرو به نه ھو، جو سندس مشھور چوڻي ھئي ته ”پٺاڻ عجيب قوم جا آھن، جيڪي پنھنجي اڳواڻن جو قدر انھن جي مرڻ کان پوءِ ڪن ٿا.“ اھڙين ميارن جي باوجود پختونن سندس پارٽي سان ائين توڙ نڀايو، جو پاڪستان جي ڪا به قومي اسيمبليءَ خان غفار خان جي خاندان جي فردن يا پارٽي ميمبرن کان خالي نه رھي. ساڳيو ئي حال بلوچستان جو به رھيو، جن پنھنجي قوم پرست سردارن کي ووٽ ڏيئي ھميشه اڳتي آندو، بلوچستان جي قوم پرست سياستدانن مٿان ته اڄڪلھه شر پسند سردارن واريون تھمتون پيون لڳن. پر ان کان به اڳ ملڪ جي ترقي پسند دانشورن کي بلوچستان جي قوم پرستي سردارن واري قوم پرستي لڳندي ھئي. اھو ابھام گھڻن ماڻھن کي ئي رھيو پر بلوچستان جي قوم پرست سردارن جو ھاڻوڪو ڪردار ڏسي ھڪ سياسي ڪارڪن حسرت سان دانھن ڪئي ھئي ته ”ڪاش! سنڌين منجھان به ڪو ھڪ اڌ سردار اھڙو ٿي پوي، جيڪو ستر سالن جي عمر ۾ به اصولن تان ھٽڻ بجاءِ پھاڙي پيچڙو وٺي سگھي.“
    بلوچستان جي سردارن واري قوم پرستيءَ کان ھٽي مون کي تڏھن حيرانگي ٿي جڏھن ڪوئيٽا جي نوجوان صحافي ذوالفقار گراماڻيءَ ٻڌايو ته فقيراڻي طبيعت واري حئي بلوچ جي پارٽي جا 8 ضلعي ناظم چونڊجي آيا آھن. بلوچستان جي 28 ضلعن منجھان جيڪڏھن عبدالحئي بلوچ جي نيشنل پارٽي 8 ضلعا کٽي سگھي ٿي، ته پوءِ سنڌ جي ڪابه قومپرست پارٽي ھڪ به ضلعو ڇو نٿي کٽي سگھي؟ بلوچستان جي عبدالحئي بلوچ سان منھنجي ڪا ملاقات ته ناھي، پر چيو اھو ٿو وڃي ته ھو نه ته نامي گرامي سردار آھي، نه ئي نجي فوج رکندڙ ”شرپسند سردار.“ بلوچستان ۾ اڪثر ماڻھو کيس پوٽوھار جيپ يا ان کان اڳ موٽر سائيڪل تي گھمندي ڦرندي ڏسندا ھئا. پنجاب جي ته ڳالھه ئي الڳ آھي، جيڪي مخصوص پنجابي مفادن کي پاڪستاني يا ملڪي مفاد وارو رنگ چاڙھي قوم پرستيءَ کي ھميشه ننديندا آھن. پورو پاڪستان گھمي ڦري اچڻ کان پوءِ وري به اھو ئي سوال آڏو اچي ٿو ته سنڌي قوم پرستن جي چونڊجي اچڻ ۾ آخر ڪھڙي رڪاوٽ آھي! ”سنڌي ماڻھو به بادشاھ آھن ، جڏھن ڪالاباغ ڊيم ۽ پھاڙن جيڏا بار سندن ڪنڌ تي اچي پوندا آھن ته ھو قوم پرستن ڏانھن واجھائيندا آھن، پر جڏھن پارليامينٽ لاءِ نمائندا چونڊي موڪلڻ جو وارو ايندو آھي ته ھو ووٽن جون پرچيون اقتداري ڀوتارن جي کيسن ۾ وجھي ڇڏيندا آھن.“ ھڪ سياسي ڪچھڙيءَ دوران سينئر سياسي اڳواڻ دل جي اوٻر کي لفظن ۾ بيان ڪيو ته ۽ چانھه جو پورو اڌ ڪوپ ھڪ ئي ڍڪ ۾ پئي ويو، ”پر قوم پرستن ماڻھن کان ووٽ گھريا ڪڏھن آھن؟ ھنن ته سدائين آجپي ۽ خدمات جون ڳالھيون ڪيون آھن. ووٽن جي زبان ته ھنن سنڌي ماڻھن سان ڪڏھن به نه ڳالھائي آھي.“ اسان جي ھڪ پروفيسر دوست بحث ۾ گرمجوشي آڻڻ خاطر پنھنجا رمارڪس ڏيئي ڇڏيا.
    ھونئن اھا حقيقت به آھي ته سنڌ اندر قومپرستيءَ جي شروعات ئي ووٽ کان انڪار تي مبني ھئي، جنھن ۾ ايوانن کي ٺڳيءَ جو ٺاھ سمجھيو ويندو ھو، تنھن زماني ۾ قوم پرست جماعتن جي نوجوان قيادت کي اھو اندازو ئي نه ھو ته سندن ان وقت جا نوجوان ڪارڪن بزرگ نه ٿيندا ۽ تعداد به وڌندو ته آخر انھن کي ڪھڙي ڪارج ۾ ڪتب آڻيندا. اليڪشن عمل کان دوريءَ سبب قوم پرست جماعتن وٽ اڄ به اڪثريت ۾ نوجوان عمرين وارا ڪارڪن آھن، جيڪڏھن جڏھن پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪن ٿا ته کين قوم پرست قيادت کان پنھنجي سڪ جو سڳو ٽٽندي محسوس ٿئي ٿو، قوم پرست جماعتن وٽ ھڪ وسيع حلقو ته موجود رھيو آھي، تنھنڪري ھر اليڪشن دوران ھو پاڻ ته چونڊ عمل کان پري بيٺا رھيا پر ڪجھه ماڻھن جي مدد ضرور ڪندا رھيا، اھو عمل گذريل بلدياتي چونڊن تائين جاري رھيو، سنڌ اندر قوم پرستن سان ھڪ الميو اھو به رھيو آھي ته سندن مقابلو ھر ڀيري ملڪ جي ھڪ وڏي سياسي قوت پيپلزپارٽي سان ئي رھيو آھي. ٻين صوبن ۾ قوم پرست پاڻ ھڪ وڏي قوت يا قدآور شخصيتون آھن، پر سنڌ اندر پ پ جھڙي عوامي سگھه واري پارٽيءَ سان مقابلي کين ائين چڙ ڏياري آھي، جيئن 88ع واري اليڪشن مھم جي آخري جلسي دوران ٺٺي ۾ رسول بخش پليجي کي چڙ اچي ويئي ھئي ۽ ھن ماڻھن کي ميار ڏيندي چيو ھو ته ”سونھن تي ووٽ ڏيڻا اٿو ته پوءِ ھن کان وڌيڪ ته پونم ڍلون سھڻي آھي، ان کي ووٽ ڏيو“ پر ان جي باوجود ٺٺي جي ماڻھن پ پ جي ٽڪيٽ تي بيٺل بابو غلام حسين ميمڻ کي ووٽ ڏنا ھئا.
    سنڌي قوم پرستن لاءِ عام سنڌي ماڻھن وٽ اھا راءِ رھي آھي ته ”ماڻھو سنڌي قوم پرستن لاءِ عام سنڌي ماڻھن وٽ اھا ئي راءِ رھي آھي ته ”ماڻھو ڏاڍا ڀلا آھن، پر ووٽ ڀوتار کي ڏينداسين“ ان سوچ کي بدلائڻ جي حسرت 88ع ۾ سن جي سائين جي ايم سيد کي به ھئي، جنھن جي فڪر واريون پارٽيون اڄ تائين چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ کي وقت جو زيان قرار ڏين ٿيون. ان جي باوجود به 88ع ۾ سنڌ قومي اتحاد ٺھڻ تي ضعيف عمريءَ ۾ به ھن ڊاڪٽر حميده کھڙو ۽ ٻين اميدوارن جي چونڊ مھم ھلائي ھئي، پر سنڌين جي قوم پرستن لاءِ سوچ تبديل نه ٿي سگھي. اھا ئي سوچ بدلائڻ واري حسرت ھئي يا ڪو اعتماد، جڏھن ڊاڪٽر قادر مگسي ڊگھي قيد مان آزاديءَ کان پوءِ اعلان ڪيو ته ھو سنڌ اندر ايندڙ حڪومت سندن ھوندي، ان ڳالھه کي به ڪو ڏھاڪو سال گذري چڪا آھن. پر کين پھرين ڪاميابي ھاڻوڪي بلدياتي اليڪشن ۾ حاصل ٿي، جڏھن سندن سينئر پارٽي اڳواڻ حيدر شاھاڻي نائب تعلقي ناظم چونڊجي آيو.
    ھاڻي جڏھن فلسطين ۾ حماس جھڙي ويڙھاڪ تنظيم فلسطينن جي ورايتي سياسي ڌاڪ واري گروپ ”الفتح“ کي شڪست ڏئي دنيا کي جنجھوڙي ڇڏيو آھي ته مون کي قوم پرستن جا ”عظيم جلسا“ ڏسي اھوئي خيال ايندو رھي ٿو ته گھٽين جي اھا طاقت ووٽ جي طاقت ۾ ڪڏھن تبديل ٿيندي؟


    جرڳا جرڳا ھي جھان!

    اوٻاوڙي ڀرسان ننڍڙي ڳوٺ ڦوڳ مزاري ۾ يارھين اپريل تائين ھڪ نوجوان عورت مسمات ڳوري رھندي ھئي، جنھن کي پيار مان سندس گھر ڀاتي توڏي سڏيندا ھئا، اھا توڏي ٻارھين اپريل تي پنھنجي مڙس ھٿان بصر موريءَ جيان ڪٽجي ڪٽجي قتل ٿي وئي، جنھن جي لاش کي رليءَ ۾ ويڙھي بنا پوسٽ مارٽم جي دفن به ڪيو ويو، پر پنھنجي پرڻيل ڀيڻ جو وارث اھو ڀاءَ بڻيو، جنھن کي نام نھاد جرڳي قتل جي ايف آءِ آر نه ڪٽرائڻ لاءِ پاپند بڻايو. مڙس ھٿان قتل ٿي ويل نوجوان عورت جي ڀاءٌ سلطان مزاري سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر ۾ ان قتل ۽ قتل بابت ٿيل جرڳي خلاف پٽيشن داخل ڪئي آھي، جنھن ۾ ھن ڄاڻايو آھي ته قتل جو اصل سبب شراب جي اھا محفل ھئي جنھن ۾ سندس ڀيڻوي شاھ زن مزاريءَ .ٽُن“ ٿي پنھنجي ھڪ ساٿي کي زخمي ڪيو، ٻيو فرار ٿي ويو، ان محفل ۾ ٿيل نقصان کان بچڻ خاڀر شاھ زن گھر اچي پنھنجي ڀاءٌ ھاشم ۽ ٻين سان گڏجي مسمات ڳوريءَ کي وڻ سان ٻڌي ڪاتين سان ڪھي قتل ڪري ڇڏيو. سلطان مزاري موجب ان قتل بابت مقامي وڏيري پنھل مزاري، فيضو مزاري ۽ اختيار مزاري جرڳو ڪيو، جنھن ۾ کيس ڪا ايف آءِ آر درج نه ڪرائڻ بابت پاپند بڻايو ويو. اوٻاوڙي ڀرسان ڳوٺ پنھل مزاري ۾ اھو جرڳو سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر جي جرڳن بابت تاريخ ساز فيصلي جي اعلان کان ٺيڪ پنج ڏينھن پوءِ ٿيو، پر اھو جرڳو ڪندڙ وڏيرا توڙي قتل جي الزام ھيٺ آيل ماڻھو ظاھر آھي اڃان تائين آزاد آھن، ان ڪيس جي پٽيشن به سکر جي ان ساڳئي وڪيل ڪامريڊ شبير شر داخل ڪرائي آھي، جنھن جرڳن تي پاپندي واري درخواست داخل ڪئي ھئي. اوٻاوڙي ڀرسان ھڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ٿيل جرڳو ته اخبارن ۾ رپورٽ ٿيڻ کان رھجي ويو، پر جيڪب آباد جو اھو جرڳو ته باقاعده رپورٽ به ٿيو آھي، جيڪو اڳوڻي صوبائي وزير سردار مقيم کوسو ۽ ٻين سردارن جي سر پئنجي ۾ ٿيو. جيڪب آباد ۾ پنھنجي بنگلي تي ٿيل جرڳي کان فارغ ٿي. جڏھن ھو شام وارن خمارن ۾ ھو ته مون کانئنس فون تي جرڳي بابت تصديق ڪئي، اڄ ته سائين الائي ڪنھن جون ڪنھن جون فونون آيون آھن. ”مون کان نئين ڳالھه ڪئي آھي ڇا؟ اسان جرڳو نه، پر فيصلو ڪيو آھي. ٻن ڌرين کي کير کنڊ ڪيو آھي. عدالت جو احترام ڪيو آھي.“ ھن کلندي چيو.
    جرڳن تي پاپندي ھڻڻ واري عدالتي فيصلي کي ملڪي سطح تي ميڊيا ۾ به گھڻو ساراھيو ويو، سنڌ ۾ جاگيرداري نظام ۽ سرداري سسٽم کان بيزار ويٺل لڏو ته ايترو خوش ٿيو جو ڄڻ ته ڪو سرخ انقلاب اچي ويو ھجي، جرڳا ڪري پنھنجي بنگلن جا خرچ ھلائيندڙ وڏيرن جي اڪثريت ته منجھي پئي ۽ جرڳا به ملتوي ڪري ڇڏيا. پر سردار منظور پنھور ۽ نواب شبير احمد چانڊيو جھڙا سردار انھي فيصلي تي پنھنجن تحفظات جو اظھار ڪندا رھيا. ”اھو ته صرف عدالتي فيصلو آھي. ان تي عمل ڪير ڪرائيندو؟“ ھڪ سردار اھو مبھم سوال پڇي منھنجي اکين ۾ تڪڻ لڳو. سندس اکيون منجھيل ۽ ھيسيل نه، پر اھڙو ته چمڪي رھيون ڄڻ چونديون ھجن ته عمل جيڪا پوليس ۽ انتظاميه ڪرائيندي انھن کي مقرر ڪير ڪرائيندو آھي؟ ”ڀلي توھان اخبارن ۾ رپورٽ ڪندا رھو، پر ڇا ھر جرڳي تي ڪورٽ پاڻ مرادو نوٽيس وٺندي رھندي. اھڙا ڪيترائي قانون ۽ عدالتي حڪم پيا آھن، جن تي ڪڏھن ڪڏھن ئي سرڪاري فرمائش تحت عمل ڪيو ويندو آھي. پڙھيل لکيل سردار وڪيلن جيان دليل ڏيئي پنھنجي آرامده صوفي تي ائين رليڪس ٿيو، ڄڻ چوندو ھجي. ”اجايو وڏيرا اچي پريشان ٿيا آھن“ عدالتي حڪمن ۽ فيصلن کي خاطر ۾ نه آڻيندڙ وڏيرا ۽ سردار شايد گھڻي خوش فھميءَ ۾ ھليا ويا آھن ۽ ھاڻي عدالتي منع نامي جي باوجود جرڳا ٿيڻ کان پوءِ انھن کي ڄڻ ته نئين آڪسيجن ملي وئي آھي. سنڌھاءِ ڪورٽ سکر ۾ جڏھن جرڳن کي غيرآئيني قرار ڏيڻ يا نه ڏيڻ بابت دليل ھلي رھيا ھئا ته ھڪ سينئر وڪيل عدالت کي جرڳا غيرقانوني قرار نه ڏيڻ جي استدعا ڪئي ھئي. اڳوڻو سرگرم سياسي ڪارڪن ۽ ھاڻوڪو سينئر وڪيل نظام بلوچ اڃا به پنھنجي ڳالھه تي قائم آھي. ”قصاص ۽ ديت آرڊيننس موجب مقتول جا وارث خون بھا وٺي يا بغير رقم وٺڻ جي ٻي ڌر کي معاف ڪري سگھن ٿا. ظاھر آھي خون بھا طئي ڪرڻ يا معافي بابت چار ماڻھو ويھي پاڻ ۾ ڳالھائيندا ۽ پوءِ ئي ڪجھه طئي ڪندا. اھڙو عمل غيرقانوني ڪيئن ٿيو؟ گھٽ ۾ گھٽ مان ان سان اتفاق نٿو ڪريان.“ نظام بلوچ جو وڌيڪ چوڻ ھو ته قتل کان سواءِ جيڪڏھن ٻيا جرڳا ٿين ٿا ته اھي غيرقانوني ٿي سگھن ٿا. سنگين ڏوھن بابت ٿيندڙ جرڳن کي غيرقانوني ۽ غيرآئيني قرار ڏيڻ واري عدالتي فيصلي کان پوءِ جرڳن بابت ھڪ نئون بحث شروع ٿي ويو آھي، جنھن ۾ اڪثر پڙھيل لکيل ماڻھو به جرڳن جي حمايت ۾ لڙھي وڃن ٿا. ”توھان سدائين جرڳن جي خلاف ٿا لکو، پر ڇا توھان کي خبر آھي ته انگلينڊ ۾ به آئوٽ آف ڪورٽ سيٽلمينٽ جائز آھي ۽ ائين ٿيندو رھي ٿو.“ ڪجھه سال اڳ مون کي ھڪ اھڙي سنڌي دانشور ڪنھن وڪيل کان ٻڌل دليل جو اھو ڊوز پياريو جنھن کي ھاڻي اڪثر ماڻھو نجات ڏيکاريندڙ نه پر ”ڍڪوسلو“ سمجھن ٿا. حقيقت ۾ اھا آئوٽ آف ڪورٽ سيٽلمينٽ عدالت جي معرفت ڪنھن ٽياڪڙ وٽ ويندي آھي ۽ فيصلو واپس عدالت ۾ ئي ايندو آھي، جتي ڌريون ان مان راضي ٿيڻ يا نه ٿيڻ بابت آزاد ھجن ٿيون، پر پوءِ اھا سيٽلمينٽ قتل، اغوا ۽ اھڙن سنگين ڪيسن ۾ نٿي ٿئي.
    سکر ۾ آيل تازي عدالتي سرگرميءَ کان پوءِ اھي ڏينھن شدت سان ياد اچن ٿا، جڏھن اسان صحافتي ڪم کان واندا ٿي ٿڪل قدم کڻندا اچي سکر جي ان پرين گھاٽ تي ويھندا ھئاسين جتي ھاڻي ڪوبه پرين موجود ناھي. ڪجھه سال اڳ تائين اھي جرڳا ته عام جام ھئا، پر جڏھن پرنٽ ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيڻ لڳا ته ڄڻ ڪنھن جي ڪن تي جونءُ ئي ڪا نه چري. ھاڻي ته عدالت سڳوريءَ به جرڳن کي رپورٽ ڪرڻ جي حوالي سان ميڊيا جي ڪردار کي ساراھيو آھي ، پر جڏھن خانڳڙھ جي خانگي عدالت کان موٽي اچي رپورٽ ڪندا ھئاسين ته اندر ۾ اھو احساس اڀرندو ھو ته آخر ڪنھن تي به اثر ڇو ڪونه پيو ٿئي؟
    سنڌو درياه ۾ پير پسائي پرين گھاٽ وٽ اسان لاھور ھاءِ ڪورٽ جي ”جوڊيشل ايڪٽوازم“ جي تعريف ڪندا ھئاسين جتان جي ھڪ جج ھلندڙ مسافر بس ۾ عدالت لڳائي انصاف ڪيو ھو. ٻئي جج صاحب شھر جي ھڪ چوڪ تي عدالت لڳائي ۽ نئين ايئرپورٽ تي لاھور ھاءِ ڪورٽ جي ئي ھڪ جج غريب عورت جو پٽ ايس ايڇ او پاران غائب ڪرڻ تان آءِ جي کان بيلٽ لھرايو، پر ايس ايڇ او بروقت گناه جو اقرار ڪري پنھنجي باس جي عزت بچائي. ان ساڳئي لاھور ھاءِ ڪورٽ فوجي جوان بابت اھڙا فيصلا ڏنا، جن کي شايد رپورٽ ڪرڻ کان به عام اخبارون ڪيٻائينديون رھن ٿيون. پرين گھاٽ تي ٿيندڙ ان بحث دوران سر راھ تان پيتل ٿڌي لسيءَ جو ذائقو تڏھن بگڙجندو ھو، جڏھن ڪونه ڪو ساٿي اھو عجيب سوال پڇي وجھندو ھو ته ، ائين اسان وٽ ڇو نٿو ٿئي؟“ ۽ ھاڻي جڏھن سکر ۾ اھا جوڊيشل ايڪٽوازم اچڻ شروع ٿي آھي ته نه رڳو وڏيرن پر ھر شعبي ۾ ويٺل سندن حمايتن ۾ نه رڳو ڦرڦوٽ پئجي وئي آھي، پر ھنن عجيب وغريب بحث به شروع ڪري ڏنا آھن.
    ھڪ آزاد معاشري بدران چند سردارن جي راڄ واري سڃاڻپ رکندڙ سنڌي سماج اندر پوليس واري، ڪالم نويس ۽ جج کي صرف پنھنجي ڪم خاطر استعمال ڪرڻ جيتري اھميت ڏني وڃي ٿي، پر ڇا اھا ڳالھه عام ماڻھو به ھضم ڪري سگھندو ته عدالت جي ان تاريخ ساز فيصلي پٺيان اھي ٽيئي ماڻھو سرگرم ھئا ”ايڪھين صديءَ ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ به اڻ پڙھيل وڏيرن جي اوطاقن تي عدالتون لڳن. اھو برداشت کان ٻاھر آھي ، جن وڏيرن کي عدالتي فيصلي بابت خوشفھمي آھي. اھي شائسته بلخ ڪيس ۾ عدالت آڏو سردارن جون معافيون ڏسن، عدالت جي صرف طلبڻ تي ڪيئن سمورا سردار ڦري ويا ته ھنن کي ڪو فيصلو ڪيو ئي ناھي، عدالتي حڪمن جي طاقت کي انھن وڏيرن ڪڏھن ڏٺو ئي ناھي.“ عدالتي فيصلي تي تمام گھڻو خوش ٿيل ھڪ سينئر پوليس آفيسر چيو. جرڳا اصل ۾ ڪٿان ھليا ۽ سنڌ ۾ ڪڏھن پھتا؟ جھڙا سوال ته تاريخدانن جي حل لاءِ ئي ڇڏيو ٿا، پر اھا حقيقت ھاڻي ھر ڪنھن تي عيان ٿي چڪي آھي ته جرڳا منجھيل سماج جي مت ويتر منجھائي رھيا آھن. جرڳن جي نالي ۾ ھلندڙ متبادل عدالتي نظام ٻيو ته ڇڏيو خود پوليس وارن کي به بخش نه ڪيو. جيڪب آباد، شڪارپور، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڪيترن ئي خونن جا فيصلا جڏھن ٿيا ته پوليس آفيسرن ۽ اھلڪارن اھي پيسا ڀري ڏيڻ لاءِ پنھنجي فورس منجھان چندا ڪيا. جڏھن توھان جرڳن واري سنڌ گھمو ٿا ته پوءِ پاڻ ان کي ٻار جيان دوربيني واري پٺيان ڇڏي ڏيو، جيڪو ڊگ ڊگي وڄائي ٻارن کان اٺ آنا رپيو وٺي کين فوٽو ڏيکاريندو آھي. ”ڏسو ڏسو ھي مينار پاڪستان آھي، ھي شبنم نديم آھي، ھي قائداعظم جي مزارآھي.“ گھٽي ۾ دوربيني واري جي ان دٻي ۾ ٻارڙو ٻئي اکيون وجھي پنھنجي ڳوٺ يا شھر کان بيخبر ٿي ويندو ھو. ائين ئي جرڳن واري سنڌ ۾ ڊگ ڊگي وڄائيندڙ چون ٿا ته، ڏسو ڏسو ھي سرڪٽ ھائوس خيرپور آھي. ھي سکر جو سرڪٽ ھائوس ۽ ھي شڪارپور جو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ھال جتي وڏا وڏا جرڳا ٿيندا آھن، لکين روپين جا ڏنڊ پوندا آھن، وڏا وڏا آفيسر ويھندا آھن. ڪيترائي ڪمشنر ڊي آءِ جي سطح جا عملدار جڏھن جرڳن ۾ ويھندا ۽ سردارن جون فتوائون ٻڌندا ھئا ته مون کي ھڪ پوليس آفيسر جو ٻڌايل لطيفو ياد ايندو ھو، جيڪو سي ايس ايس پاس پوليس آفيسر ۽ جاسوس ڪتي جي ذھانت بابت آھي. آخر اسان کي ڪيستائين بلائينڊ جسٽس پٺيان ڊوڙايو ويندو؟ جرڳن کان تنگ اچي ھڪ پوليس آفيسر چيو. جرڳا رڳو وڏيرن جي اوطاقن تي نه پر ھاڻي ته آفيسن، ادارن ۽ سمورين اھڙين جاين تي ٿي رھيا آھن، جتي 50 ماڻھن جي ويھڻ جي گنجائش آھي. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جو سينئر استاد ۽ پيٿالوجسٽ جو جڏھن ھڪ شاگرد تنظيم جي ڪارڪنن ڌڪ ھڻي مٿو ڦاڙيو ھو ته ڪنھن عدالت ۾ وڃي نه سگھيو. استادن ۽ ڊاڪٽرن احتجاجي جلوس، مظاھرا ۽ مطالبا ڪيا، پر ٿيو ائين جو ھڪ رات جو اصل حاڪمن جو ٻنھي ڌرين کي سڏ ٿيو، انھن حاڪمن جي آفيس ۾ ئي کين ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو، ٻن سينئر ڊاڪٽرن وچ ۾ جھيڙي جو فيصلو ھڪ جرڳائي وڏيڙي اھڙو ڪيو جو کيس انعام ۾ ڪيڪ سميت نرس ملي. ھڪ رات خاطر ھو ٻنھي کي کائي ويو. عدالتي منع نامي باوجود ھاڻي جڏھن جرڳا ٿيڻ شروع ٿيا آھن ته مون کي نواب شبير چانڊئي جا اھي لفظ ورجائڻا ٿا پون جيڪي ھن اھڙي فيصلي تي ردعمل جي اظھار لاءِ ڪيل منھنجي فون جي جواب ۾ چيا ھئا ته جڏھن فريادي ۽ جوابدار منجھان ڪا به ڌر شڪايت نه ڪندي ته ڪنھن کي ڪھڙو اعتراض، ھونئن به چوندا ناھن ته ”ميان بيوي راضي تو ڪيا گري ڪا قاضي؟“ نواب شبير پنھنجي مخصوص اسٽائيل واري ھلڪي کل کلندي چيو.


    ڳوٺ تي رعب!

    ان ڏينھن گھوٽڪي شھر ۾ گھڙڻ سان ئي حواس تيز ٿي ويا ته ڪا تبديلي ھن شھر جو مقدر ضرور بڻي ھوندي، ڇو ته گھوٽڪي تازو ئي چيف منسٽر ھائوس خالي ڪندڙ اڳوڻي وڏي وزير جو اباڻو شھر آھي، جتي مختلف ترقياتي ڪم ھلندڙ آھن. اڳوڻي نيشنل ھاءِ وي کان شھر اندر وڃڻ لاءِ روڊ تي پٿر اڃان به لٿل آھن ۽ ان جي بھتر تعمير جو ڪم ھلندڙ آھي، گھوٽڪيءَ ۾ مھر حڪومت وارن ڏينھن کان پوءِ ويندڙن کي اھي دڪان به نوان لڳندا، جيڪي پوليس ٿاڻي ڀرسان تعمير ٿيا آھن. گھوٽڪي جي ماڊل ٿاڻي جي مک در تي جناب الحاج سردار علي محمد مھر جي نالي واري افتتحاحي تختي به نئين لڳل آھي. پر ناھي ته اھا حڪومت ناھي، جنھن گھوٽڪي جي عام ماڻھن کي به چيف منسٽر ھائوس جا در ڏيکاريا. گھوٽڪيءَ ۾ سرڪٽ ھائوس به تعمير ٿي رھيو آھي جڏھن ته ٽيڪسي اسٽينڊ جو ڪم به صفا مڪمل ٿيڻ تي ھو ۽ افتتحاحي تختي جي جاءِ به ٺھيل ھئي. پر اھا تختي سکر جي ڪاريگر وٽ ئي رھجي ويئي ۽ مھر حڪومت ھلي ويئي. ڇا ڇا نه ڪيو، گھوٽڪي لاءِ علي محمد مھر ته ڪيڊٽ ڪاليج ۽ ٽيڪينڪل ڪاليج به ٺھرايو پئي پر حڪومت ھلي ويئي!
    گھوٽڪيءَ جي ھڪ ھمراھ ۽ ڪجھه ماڻھن جو خيال آھي ته جيئن گھوٽڪي جي مک بازار تان وڏي پير جي وڻ وڍجي وڃڻ سان ڇانو ختم ٿي ويئي آھي. تيئن ئي مھر حڪومت کان پوءِ گھوٽڪيءَ تان ڇپر ڇانو ختم ھلي ويئي آھي.گھوٽڪي جي روڊن سان جديد فوٽ پاٿ به ھاڻي ٺھي رھي آھي، جنھن تي پھريون ڀيرو اھي سوڊيم لائيٽون لڳي رھيون آھن. جن لاءِ مقامي ناظم ماڻھن کي فخريه انداز سان ٻڌائي رھيو ھو ته، توھان لاءِ اسان سوڍا لائيٽون گھرايون آھن. جيڪي توھان ڪڏھن ڏٺيون به نه ھونديون، پر ڳوٺ لاءِ اھو سڀ ڪجھه ڪرڻ جي باوجود علي محمد مھر کي ڇا مليو؟ پنھنجي شھر جي ماڻھن جي ناراضگي! سا به ان حد تائين جو سندس حڪومت وڃن کان پوءِ گھوٽڪيءَ جي ماڻھن ئي مٺايون ورھايون. ”اھو سمجھه ۾ نٿواچي ته علي محمد مھر ماڻھن جي مٿان ڪو ٻوجھو ته نه وڌو ھو ڪا مارشل لا ته نه ھڻي ويٺو ھو جو سندس وڃڻ کان پوءِ سنڌ اندر مختلف جاين تي مٺايون ورھايون ويون.“ سنڌ کان پري ويھي به سنڌ جي حالتن جو موچارو تجزيو ڪندڙ صحافي دوست چيو. يارن جي يار ۽ دوستن جي دوست ھن نوجوان سردار پنھنجي چيف منسٽري ڏنڊي بدران شرافت سان ھلائي ۽ ان ڪرسيءَ تي اھا شرافت کيس اھڙي ڳچيءَ ۾ پئجي ويئي جو آءِ جي پوليس لاءِ به آخري ڏينھن جي اجلاس ۾ کيس انتظار ڪرڻو پيو، اھوئي سبب آھي جو عھدي تان مستعفي ٿيڻ کان پوءِ ھن بيان ڏنو ته ، ” وڏ وزارت لاءِ رڳو شرافت ڪافي ناھي.“ ان جي اھڙي بيان جو ڇا مقصد ھو، پاڻ ھتي ان جي وضاحت نٿا ڪريون، متان ڪير چڙي پئي ۽ شرافت سان گڏ پاڻ ۾ موجود ٻيون ”صلاحيتون“ آزمائڻ لاءِ سوچي، پر ايترو ضرور چئي سگھجي ٿو ته، واقعي به وڏ وزارت لاءِ رڳو شرافت ڪافي ناھي. علي محمد مھر کي اھو اختيار شايد ڪونه ھئا جو آءِ جي پوليس کي ھٽائي سگھي، پر ھن کي پنھنجي ضلعي اندر مرضيءَ جا پوليس آفيسر مقرر ڪرڻ جي اجازت ضرور مليل ھئي. گھوٽڪيءَ ۾ ڊي ايس پيز کي ڊي پي او ۽ اي ايس آئيز کي ٿاڻن جو انچارج ڪرڻ واري وڏي وزير کي سنڌ حڪومت ھلائڻ جا کڻي ”مڪمل اختيار نه به ھئا، تڏھن به گھوٽڪيءَ جا معاملا ھن جي مرضيءَ موجب ھلندا ھئا.“ يار ھو ھڪ صوبي جو چيف منسٽر آھي. ڪراچيءَ ۾ نٿا ھلڻ ڏيوس، پر پنھنجي ڳوٺ ۾ ته رعب ڪرڻ ڏيوس، مھر حڪومت جي ھڪ ھمدرد ڳجھين گڏجاڻين دوران ”ڀائي لوگن“ کي چيو. اھو عجيب اتفاق نه، پر پنھنجي طبيعت جي رولاڪي چئجي جو لڳ ڀڳ سمورن اڳوڻن چيف منسٽرن جا اباڻا شھر يا ڳوٺ گھمي ڏٺا اٿم۽ ھر ھنڌ اھو حال ڏسڻ ۾ آيو آھي.
    ٻيٽو جتوئي کان ميھڙ تائين به اھي سوڊيم لائيٽون لڳائڻ جو منصوبو ھو، جيڪي ھاڻي گھوٽڪي ۾ پئي لڳيون ، پر لياقت جتوئي جي حڪومت وڃڻ کان پوءِ ڪم اڌ ۾ رڪجي ويو، ٻيٽو جتوئي ڳوٺ ۾ ٻاھران گھرايل فانوس نما اسٽريٽ لائيٽون لڳل آھن، ھڪ پبلڪ لائبريري ڪميونٽي ھال به ٻيٽو جتوئي ۾ تڏھن تعمير ٿيو، جڏھن لياقت جتوئي وڏو وزير ھو. ميھڙ جا عام ماڻھو اھو ننڍڙو سوال اڃان به پڇن ٿا ته اھي تعميراتي ڪم خود ميھڙ شھر ۾ ٿين ھا ته ڪھڙي برائي ھئي. پبلڪ لائبريري جو ته اتي اڃان بھتر استعمال ٿئي ھا، پر ٻيٽو جتوئي ۾ ڪيئن خبر پوي ھا ته لياقت جتوئي به وڏو وزير رھي چڪو. ھاڻي ڀلي ته ڪڪول واھ جا آبادگار واھ جي کاٽي کڻائڻ ۽ پاڻي فراھمي لاءِ ڌرڻا ھڻندا وتن پر انھن ڏينھن ۾ اھي شيون ضروري ھيون، دادو ۾ ٿورو ئي اڳتي اچي سيوھڻ ۾ ترسو، ھر پاسي توھان کي عبدالله شاھ جو روح مرڪندي نظر ايندو. سيوھڻ کي سينگارڻ تي جيترو خرچ عبدالله شاھ جي وڏ وزارت دوران ٿيو. ايترو خرچ شايد ڪنھن به ٻئي دور ۾ نه ٿيو. چون ٿا ته ولايت جي وڻن ھيٺان ويھي عبدالله شاھ اڃان به افسوس ڪري ٿو ته ھو سيوھڻ ايئرپورٽ کي شروع نه ڪرائي سگھيو ان ايئرپورٽ جي ضرورت ھئي يانه. پر ڪنھن يار دوست جي زمين ته وڪرو ڪرڻي ھئي. گھوٽڪيءَ ۾ اڃان تعمير ٿيندڙ ريسٽ ھائوس ڏسي مون کي سيوھڻ جا ريسٽ ھائوس ياد ٿا اچن، جيڪي عبدالله شاھ حڪومت دوران ٺھيا، پر قدرت جي ڪرڻي ته ڏسو ته انھن ريسٽ ھائوسز جي سينگاريل ڪمرن ۾ عبدالله شاھ ھڪ رات به اڳوڻي چيف منسٽر جي حيثيث ۾ رھي نه سگھيو. سندس حامي اڃان به منھن جي پڪائيءَ سان چون ٿا ته عبدالله شاھ رھي نه سگھيو ته ڇا ٿيو. ڳوٺ ۾ ته نشان اڃا به اٿس.
    اھڙائي نشان ڳاڙھي موري جي سيد جا به خيرپور ۾ ملن ٿا، جنھن خيرپور کي ٻيو ته کڻي ڪجھه نه ڏنو، پر لطيف يونيورسٽي جي نئين ڪيمپس اھڙي ڏني جو خيرپور جي تعليمي ادارن ۾ ڪرپشن جو اعلى مثال اڃان به شادي شھيد پراجيڪٽ بڻيل آھي. ڇا خيرپور کي واقعي اھڙي ڪيمپس جي ضرورت ھئي، ڇا ڳوٺ جو وزيراعلى پنھنجي شھر لاءِ اھو تحفو ڏيئي پئي سگھيو؟
    وڏن وزيرن جو ذڪر نڪري ته پوءِ ڄام صادق مرحوم کي ڪيئن ٿو وساري سگھجي، جنھن جي شخصيت اڄ جي ڪيترن ئي سياستدانن لاءِ رول ماڊل بڻيل آھي. پر ان ڄام صادق به جيڪي ريسٽ ھائوس ڄام نواز علي ۾ ٺھرايا، انھن جي ويراني ھاڻ کائڻ پئي اچي. اھي عمارتون علائقي جي عام خلق غريب غربي جي ايترو به ڪم نٿيون اچن، جيترو ھڪ راڳي نوجوان جي زندگي ٽرسٽ واري اسپتال شھدادپور شھر جي ماڻھن کي ڪم اچي رھي آھي يا ڪرنل واري اکين جي اسپتال ٽنڊوآدم ۽ گمبٽ جي ماڻھن کي ڪم اچي رھيون آھن.
    ڪجھه ماڻھن کي اھا ڳالھه سمجھه ۾ نٿي اچي ته اصل اختيار نه ھوندي به سنڌ جا وڏا وڏا ڍنگ جاگيردار، وڏيرا ۽ ڪجھه ڪامورا وڏو وزير ٿيڻ ڇو چاھيندا آھن؟ جڏھن سندن حڪم پوري سنڌ نه پر پنھنجي ضلعي تائين محدود ٿي وڃي ته پوءِ ھو ڪھڙا بااختيار وڏا وزير ٿيا؟ ”سردار علي محمد مھر سان ته انھن ئي زيادتي ڪئي، جن کيس آندو.“ چيف منسٽر ھائوس جي ويجھو رھندڙ ھڪ عملدار ٻڌايو، ”مھر حڪومت خلاف اھا سازش تڏھن کان شروع ٿي، جڏھن کان لاھور جي انگريزي رسالن ۽ اخبارن ۾ چيف منسٽر واريون اسٽوريون ۽ فرينچ گي ڪلب جي ميمبر شپ وارا ڪارڊ ڇپيا.“ ھن رازداريءَ ۾ چيو ۽ اھو واضع ڪيو ته ھڪ ڌر شروع کان ئي مھر حڪومت جي خلاف پروپيگندا ۾ مصروف رھي. جڏھن کان سنڌ اندر نظرياتي سياست جو صفايو ڪري نام نھاد پاور پاليٽڪس جي راند کيڏي پئي وڃي، تڏھن کان ھر ننڍي وڏي پارٽي جي اڪثر چڱن مڙسن آڏو ڄام صادق علي مرحوم رول ماڊل بڻيل آھي. ڄام صادق مرحوم جون پنھنجون حالتون ۽ وقت ھو، پر ڇا ھاڻي واقعي به سنڌ کي ڪنھن نئين ڄام صادق جي ضرورت آھي يا اھڙي وڏيري جي جيڪو مٿيئن سرڪار جا سڀ حڪم صرف ان ڪري مڃي ته کيس ڳوٺ تي رعب رکڻو ھجي. ھونئن به بدليل زمانن ۾ جڏھن چيف منسٽر ھائوس منجھان به ماڻھن کي رليف نٿو ملي ته اھڙن چيف منسٽرن جي ڪھڙي حاصلات وڃي بچي ٿي. صرف پنھنجي نالي اڳيان اڳوڻو وڏو وزير لکرائڻ جي!؟


    مھدي آرمي، مرر ۽ ديسي گوريلا

    جنھن گرانڊ آيت الله محمد صادق صدر کي 1999ع ۾ عراق جي اڳوڻي سربراھ صدام حسين جي وفادارن گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو. ان کي اڳواٽ ڪا خبر نه ھئي ته چئن سالن کان پوءِ سندس ننڍي ۾ ننڍو پٽ نجف اشرف ۾ دنيا جي اڪيلي سپرپاور ۽ سندس اتحادين کي ڏکيا ڏينھن ڏيکاريندو. اھا ته صدام ۽ سندس وفادارن کي به خبر نه ھئي ته جنھن شيعا اڳواڻ کي ھو يتيم ڪري رھيا آھن، سڀاڻي اھوئي عراق جو نئون چھرو ٿي اڀرندو ۽ صدام حسين کي سمورن پروٽوڪولز سميت تاريخ جي ڊسٽ بن ۾ اڇلي ڇڏيندو. ثابتيءَ سان ھن جي عمر جي ته ڪنھن کي خبر ڪانھي، پر چون ٿا ته 30 سالن جو مقتدى الصدر پنھنجي شعلا بيان خطيبن سبب مشھور آھي. حالانڪه آمريڪين اک تڏھن پٽي، جڏھن مقتدى جي مھدي آرمي کين ڏکيا ڏينھن ڏيکاريا ۽ پھريون ڀيرو کين گوريلا جنگ ۾ ڦاسائي وڌو.
    پرڏيھي ميڊيا ۾ اڄڪلھه پنھنجي کُپي وار ڪندڙ اکين ۽ جذباتي خطبن سبب مشھور مقتدى الصدر کي عراق مٿان آمريڪا جي قبِضي کان اڳ پرڏيھه ۾ تمام گھٽ سڃاتو ويندو ھو. پر ھاڻي دنيا جي ھر وڏي اخبار، ٽي وي چئنل ۽ ريڊيو سروس ھن کان انٽرويو ڪرڻ لاءِ پريشان آھي. عراقي مذھبي سماج، جتي عقل کي عمر ۽ اڇن وارن سان مشروط ڪيو وڃي ٿو. ان سماج ۾ ھاڻي ھي نوجوان اڀري آيو آھي. جنھن کي پنھنجا بزرگ شيعا اڳواڻ به جذباتي ۽ وات ڳاڙھو ڪالھوڪو ڇوڪرو چون ٿا. آمريڪي ميڊيا جو خيال آھي ته مقتدى الصدر بغداد جي سھولتن کان محروم انھن بيروزگار نوجوانن ۾ مقبول آھي، جن کي وڙھڻ کانسواءِ ٻيو ڪجھه ڪرڻ لاءِ آھي ئي ڪونه. اھا ڳالھه سي اين اين جي ان رپورٽر فائيل ڪئي، جنھن بغداد جي 10 لک شيعا آبادي وارو اھو علائقو گھمي ڏٺو، جنھن کي جنگ کان اڳ ۾ ”صدام سٽي“ سڏيو ويندو ھو، پر ھاڻي مقتدى جي پيءُ جي نالي پٺيان ان کي ”صدر سٽي“ چيو وڃي ٿو. مقتدي الصدر کي پنھنجا ڪارڪن پيار مان ”السيد“ ۽ ”ماسٽر“ به چون ٿا. مقتدى الصدر شروع کان ئي عراق مٿان آمريڪي قبضي جي خلاف ھو، پر ڪجھه شيعا اڳواڻن جو خيال ھو ته آمريڪي ھاڻي کين حڪمرانيءَ جو وارو ڏيندا. تڪڙ نه ڪرڻ گھرجي. اڃا ھن ھٿياربند جدوجھد شروع نه ڪئي ھئي. تڏھن به آمريڪين سندس اھا ھفتيوار اخبار ”الھورا“ بند ڪرائي ڇڏي، جنھن ذريعي ھو اتحادي قابض فوجين مٿان ڇتي تنقيد ڪندو ھو. آمريڪي فوج ھاڻي جنھن ڪيس ۾ مقتدى الصدر کي گرفتار ڪرڻ چاھي ٿي، اھو به ھڪ شيعا اڳواڻ جي قتل جو ڪيس آھي.
    برطانيا ۾ سالن تائين پناھ وٺندڙ عبدالماجد الخوئي کي بغداد جي نام نھاد فتح کان صرف 2 ڏينھن پوءِ قتل ڪيو ويو. عبدالماجد کي به آمريڪي فوج ائين ڊالرز سان ڀري موڪليو ھو. جيئن افغانستان ۾ ڪرزئي کان اڳ ھڪ پٺاڻ ايجنٽ کي موڪليو ويو، جيڪو گھوڙي تي طالبان جي تلاش ڪندي مارجي ويو ھو. عبدالماجد کي ڊالر ڏيئي ان نيت سان موڪليو ويو ته جيئن عراق ۾ ھو پنھنجي ۽ آمريڪين لاءِ حمايت حاصل ڪري سگھي. ان مخالف شيعا اڳواڻ جو قتل ڪيس مقتدى الصدر مٿان داخل ڪيو ويو. گذريل اپريل ۾ بغداد جي نام نھاد فتح دوران جڏھن عام عراقي پنھنجي ئي لائبريرين، ميوزيم ۽ محلن مان ڦڙلٽ ڪري رھيا ھئا. ان وقت مقتدى جا ماڻھو صدر سٽي ۾ بنيادي ضرورتن واريون شيون ورھائي رھيا ھئا. اھي ستايلن جي امداد ائين بيرحمي سان نه ڪري رھيا ھئا، جيئن نسلي فسادن جي متاثرين جي واھر اسان جا ديسي گوريلا ڪري رھيا ھئا، جي جي ”اضافي“ خدمت کان بيزار ٿي 5 نياڻين جو پيءُ ڌارين جي پاڙي ۾ واپس ھلي ويو ۽ در دريون کولي پاڳلن جيان رڙيون ڪرڻ لڳو. ”اچو، اي دشمنو اچو! منھنجي خاندان کي ئي ختم ڪريو.“
    ھٿياربند جدوجھد، نشي جھڙي ان نعري ڪيترن ئي سنڌي نوجوانن جون حياتيون ڳڙڪايون ۽ ڪيترن کي صحرا جي سراب ۾ پھچايو. ڪنھن ليکو ڪيو آھي ڪڏھن؟ انقلاب جي نالي ۾ بئنڪون ڦريندڙ ۽ اغوائون ڪندڙ سورھيه سنڌ اندر اھو سچ اڀاري نه سگھيا، جنھن مان اعتماد جا ڪرڻا ھن ديس جي اداس گھرتائين پھچن ھا، پر عراقي شيعا مقتدى الصدر ۾ اھو اعتماد ڏسن ٿا. شايد تڏھن ئي 10 ھزار ھٿياربند ھڪ نوجوان ڇوڪري ”السيد“ جا پوئلڳ بڻيل آھن. انھن ھٿياربند نوجوانن کي ھن ان عرب جنگجو محمد المھدي جي نالي پٺيان ”مھدي آرمي“ جو نالو ڏنو آھي، جنھن ھڪ صدي اڳ سوڊان مان برطانوري فوجن کي ڊوڙائي ڪڍڻ لاءِ پنھنجي فوج جوڙي ھئي. بغداد جي ھڪ مرحوم شيعا عالم جي ننڍي ۾ ننڍي پٽ الصدر جي مھدي آرمي به آمريڪا ۽ سندس اتحادين کي شايد ايترو پريشان نه ڪيو ھوندو، جيترو ڊيلي مرر ۾ ڇپيل ابو غريب جيل جي قيدين جي تصويرن کين پريشان ڪيو آھي. انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جھڪائيندڙ اھي تصويرون ڏسي سالن کان آمريڪا ۾ ترسي پيل اسان جي سنڌي شاعر حسن مجتبى به تڙپي پيو، جنھن ھڪ اردو ويب سائيٽ کي جيڪو ابو غريب جيل بابت نظم موڪليو ان جي شروعات ڪجھه ھينئن ھئي.
    اي بغداد جا چور، ضدي حاڪم،
    شاھي قلعي جا ڍول سپاھي
    سنڌي پوليس وارا
    پنجابي ٿاڻيدار
    تو انھن سڀني کي شرمايو آھي.
    شرمايو ته برطانيا جي پرنٽ ميڊيا کي ڊيلي مرر جي انتظاميه به آھي، جنھن پنھنجي ايڊيٽر کي فوجي دٻاءُ ھيٺ ھٽائي ڇڏيو آھي، عام طور شاھي خاندان جي عورتن، اداڪارن ۽ رانديگرياڻين جا سيڪس اسڪينڊل ڇاپيندڙ ڊيلي مرر جي ان فوٽو پوري برطانوي فوج ۾ تباھي مچائي ڇڏي، جنھن ۾ راڻي واري ريجمينٽ جي ھڪ سپاھيءَ کي ٻانھون ۽ اکيون ٻڌل عراقي قيديءَ مٿان پيشاب ڪندي ڏيکاريو ويو، پھرئين مئي کان فوٽن جو اھو سلسلو جڏھن شروع ٿيو ته 25 لک سرڪيوليشن واري اخبار مٿان فوجي دٻاءُ وڌو ويو. اخبار مالڪ ڪمپني ٽرنٽي مرر جي ھنگامي گڏجاڻي 15 ڏينھن اندر ٿي، جنھن ۾ اڻونجاھ سالن جي ايڊيٽر بائيرس مورگن کي استعيفى ڏيڻ لاءِ چيو ويو، ڊيلي مرر سان مورگن گذريل 9 سالن کان لاڳاپيل ھو، جنھن استعيفى ڏيڻ وقت چيو ته ”اسان ھڪ گندگي تان پردو ھٽايو آھي، وڌيڪ فيصلو برطانوي ماڻھن کي ڪرڻو آھي. اخبار جي پبلشر ڪمپني ٽرنٽي مرر آمريڪي صنعتڪارن جي وڏي حصيداري آھي. شايد تڏھن ئي، برطانيه ۾ اھو احساس وڌندو پيو وڃي ته برطانوي ميڊيا جا ليور پرڏينھن جي ھٿن ۾ آھن.
    ڊيلي مرر اخبار پڙھندڙ ته تڏھن حيران ٿيا، جڏھن ابو غريب جيل جي قيدين مٿان تشدد جا فوٽو ڇاپڻ تي ڊيلي مرر معافي ورتي ۽ فرنٽ پيج تي ايتري جاءِ تي معافي جا اکر لکيا، جيتري جاءِ تي عراقي قيدين مٿان پيشاب ڪندڙ سپاھيءَ جو فوٽو ڇاپيو ھو، معافي ۾ اخبار اھو واضع لکيو ھو ته ”اسان کي نقلي فوٽو فراھم ڪيا ويا. معاف ڪجو اسان سان دوکو ٿيو، ڊيلي مرر سان ڇا ٿيو، دوکو ته انھن فوجي سپاھين سان ٿيو، جن اھي فوٽو اخبار تائين پھچايا، معافي وٺڻ کان پوءِ برطانوي فوج پاران انھن ذريعن جي سڃاڻپ معلوم ڪئي ويئي، جن اھي فوٽو اخبار کي ڏنا. اخبار ۾ صرف 3 ماڻھن کي انھن نالن جي خبر ھئي، جن ٽرنٽي مرر جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي حڪم تي انھن جا نالا ظاھر ڪيا. برطانيا جي نشنل يونين آف جرنلسٽ اھڙي عمل جي مذمت ڪندي چيو آھي ته ”ذريعن جا نالا ظاھر نه ڪيا وڃن.“
    برطانوي ميڊيا ۾ ذريعن جا نالا ظاھر ڪرڻ تان ھي ٻيو ڀيرو گوڙ ٿيو آھي. پھريون ڀيرو بي بي سي ۽ حڪومت وچ ۾ ٿيو، جنھن تان ڊاڪٽر ڪيلي جي خودڪشي به ٿي ۽ اھو ايترو معاملو اڀري آيو، جو بي بي سي جي ڊائريڪٽر جنرل کي استعيفى ڏيڻي پئي. بي بي سي کي برطانوي حڪومت جي ان ڌڪ واقعي به لوڏي ڇڏيو، پر ڇا ڊيلي مرر پاران فوٽن کي نقلي چوڻ سان اھي نقلي ٿي پيا؟ ھاڻي ته نيويارڪ ٽائيمز ۽ واشنگٽن پوسٽ جھڙيون اخبارون به فوٽن جا البم پيون جاري ڪن. چون ٿا اھو آمريڪا يا برطانيا جو معاملو ناھي، فوجي جتان جا به ھجن، اھي فوجي ئي آھن ۽ آھي ائين ڪندا.
    ابو غريب جي قيدين مٿان ٿيل تشدد جون وڌيڪ تصويرون اڃا اچي رھيون آھن. ڊيلي مرر جي معافين سان اھي بند نه ٿينديون نه ٿيڻيون آھن، ڪاش ديسي گوريلن کي به اھا ڳالھه سمجھه ۾ اچي وڃي ھا ته ٻن ڏھاڪن جي ھوائي فائرنگ کان پھريان اخلاقي بلندي ۽ تنظيم ڪاري ضروري ھئي. ان سان ڪجھه نه تڏھن به ديس واسين جو مٿن ايترو اعتماد ٿي وڃي ھا. جيترو نجف جي ماڻھن جو مھدي آرمي مٿان ٿي پيو آھي.


    ڏوھارين جون ڪاروائيون ۽ پوليس جون ڪاريون رڍون

    لاڙڪاڻي جي ھڪ ھوٽل جي لان تي ٿيل ان رنگارنگ تقريب کي اڃا ايترا ڏينھن نه گذريا آھن، جو اھا رات لاڙڪاڻي واسين کان وسري وئي ھجي. ضلعي حڪومت لاڙڪاڻي پاران ان ئي تقريب ۾ پوليس جي بھتر ڪارگردگيءَ جي نه رڳو ساراھ ڪئي وئي، پر مختلف پوليس عملدارن کي لڳ ڀڳ ھڪ لک رپئي جا نقدي انعام ۽ تعريفي سرٽيفيڪٽ به ڏنا ويا. انھن ساليانه ايوارڊن جي ان رات ته لاٽري کلي ھئي جو اسان جھيڙن نڪمن کي به ھڪڙو چيڪ ۽ سرٽيفيڪٽ ڏيئي فارغ ڪيو ويو، جنھن تي ٽوڪيندي صحافي دوست منير چيو ته ”ھاڻي سپاھين ۽ صحافين واري لائين ھڪ ٿي وئي آھي.“ سوچجي ٿو ته ھي جيڪا پوليس جي تعريف آھي، سا ڪھڙي ڪم جي ثابت ٿي؟ اھا لاڙڪاڻو پوليس جي واقعي بھادري ۽ جرئت آھي، جو ھندو پئنچائت جي صدر ۽ واپاري سنتوش ڪمار کي ڌاڙيل چئن ٿاڻن جي حدن مان گذاري اغوا ڪري ويا، پر پوليس تڏھن سجاڳ ٿي، جڏھن مغوي واپاري جي ڊرائيور اچي باقراڻي ٿاڻي تي اطلاع ڏنو. ”اھا اغوا جي واردات جن ماڻھن ڪئي آھي انھن تائين پھچڻ لاڙڪاڻو پوليس جي وس جي ڳالھه ئي ناھي. اھي ماڻھو معمولي ڏوھ ڪندا ئي ناھن ۽ پوليس وري غير معمولي ڏوھارين کي پڪڙي نه سگھندي،“ ڏوھارين سان سفيد پوش ٿي ملندڙ ھڪ ماڻھو ٻڌايو.
    ان ڏينھن مغوي سنتوش ڪمار جي گھر اداس چھرن سان ويٺل ھندو برادريءَ جي ماڻھن سان ملندي ھڪ خوفائتي سانت محسوس ٿي. اھڙي سانت جيڪا عام حالتن ۾ به ساھ منجھائيندڙ ھجي. مغوي سنتوش جو ڀاءُ پوليس تي اعتماد جو اظھار ڪري رھيو ھو، پر سندن ايم اين اي ان کي رد ڪندي بي اعتماديءَ جي ڳالھه ڪري رھيو ھو. مغوي سنتوش جي مائٽن سان ملندي وڏو وزير ياد اچي ويو، جو اڃا ڪجھه ئي ڏينھن اڳ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم سرڪٽ ھائوس لاڙڪاڻي ۾ پوليس آفيسرن جي ايتري تعريف ڪئي ھئي جو ڪجھه عملدار پاڻ ئي شرمائن پيا. ”اھي ماڻھو معمولي پگھار تي اسان لاءِ جان جوکي ۾ وجھن ٿا. ھنن کي کير مکڻ ته ٺھيو ھيرا موتي چڳائڻا پون ته اھي به ڇڳائينداسين. توھان اخبارن وارن کي الاءِ ڇا آھي؟ ڌاڙيلن جون ڪاروايون وڌن ٿيون، تڏھن به تنقيد پر جي انھن ڌاڙيلن خلاف آپريشن ٿا شروع ڪريون تڏھن به تنقيد.“ ھن 8 ضلعن جي پوليس سربراھن جي بريفنگ کان پوءِ اخبار وارن سان ڳالھائيندي چيو. ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم زماني سان گڏ ھلندڙ ماڻھو آھي، جنھن کي ظاھر آھي اھا ته خبر ھوندي ته جنھن معمولي پگھار جو ھن ذڪر ڪيو آھي ان جي ته اڪثر پوليس عملدارن کي ضرورت ئي نه ھوندي آھي. بلڪه ڪجھه ٿاڻيدار ته تپيدارن جيان پگھارن جي بلن تي ھر مھيني صرف صحيح ڪن ٿا. باقي روڪ رقم ڪنھن ”ٻئي“ جي کيسي ۾ وڃي ٿي. اھو ٻيھر سوچڻ جو نقطو آھي ته پوليس ۾ معمولي پگھار ھوندي به ماڻھو ڀرتي ڇو ٿا ٿين. ان معمولي پگھار لاءِ يا انھن لامحدود اختيارن خاطر، جن جي سھاري چالاڪ ۽ سياڻا پوليس وارا پنھنجي لاءِ دبئي جا دروازا کولي ڇڏين ٿا، ڇو ته انھن لامحدود اختيارن جو ھو عوام کي ڪو رليف ڏيڻ بدران پنھنجو پاڻ کي رليف ڏيارين ٿا ۽ پنھنجي خاندانن کي صدين کان چنبڙيل غربت مان آجو ڪرائين ٿا. لاڙڪاڻي جي ئي ھڪ ايس ايڇ او کي خبر نه ھئي ته حاجي مشتاق ڪلھوڙو ڪيترو خطرناڪ ڏوھاري آھي. پوءِ ھن ڏيڊ لک روپيا وٺي ان کي آزاد ڪري ڇڏيو. ڪجھه ماڻھو اھا ڪڙي ائين ملائين ٿا ته ھڪ ڏينھن اھو مشتاق آزاد ٿيو، ٻئي ڏينھن سنتوش ڪمار واري اغوا جي واردات ٿي. ڇا پوليس کي اھا خبر نه ھئي ته مائي ڪولاچي روڊ ڪراچي وٽ جيڪو ڪنڌڪوٽ جو چانورن جو واپاري راجيش اغوا ٿيو ھو، اھو ڪيس به ان مشتاق مٿان مڙھيل آھي. اھو ڪيس ته ھڪ بااثر شخصيت مٿان به ان حد تائين مڙھيو ويو جو ڪراچي جي سگھارين ڌرين جي سيف ھائوسز ۾ ڪيترائي دفعا ھن کي گھرائي وضاحتون گھريون ويون. وضاحتون لاڙڪاڻي جي ڊي پي او کان به گھريون ويون آھن ته سنتوش ڪمار اغوا ٿيو ڪيئن ۽ موٽندو ڪڏھن؟ چيو وڃي ٿو ته ڊي پي او کي 3 ڏينھن جي مھلت ڏئي وڌيڪ محنت ڪرڻ لاءِ چيو ويو آھي. جنھن ڪري ھن پوليس تي ڀاڙڻ بدران راڄوڻي ڪوششون شروع ڪري ڏنيون آھن ۽ پنھنجن پراڻن واسطيدارن ۽ سنگتين وٽ وڃي ايلازي ٿيو آھي. سيٺ سنتوش ڪمار جي اغوا کانپوءِ ھندو برادري ۽ ڪجھه مسلمانن دوستن پاران تاثر اھو پيو ڏنو وڃي ته ھندو برادريءَ خلاف اھا ڪا وڏي سازش آھي جنھن تحت صرف اقلتين کي ٽارگيٽ بڻايو پيو وڃي. ھڪ واقعي کان پوءِ پيدا ٿيل جذباتي منظر دوران اھي جملا ڪنھن سياستدان جي بيان جي حد تائين ته سٺا لڳن ٿا. پر حقيقتون شايد ان کان دور ھجن. صبح سان ناشتو ڪري ۽ پرفيوم وغيره ھڻي اغوا جي ارادي سان نڪتل ھمراھن جي ذھن ۾ صرف ھڪ سيٺ ھو، جنھن جي اغوا کان پوءِ ڪروڙين رپيا ڀنگ ملڻ جو پڪو آسرو ھجي. ھنن کي ان سا ڪا دلچسپي نٿي ھجي ته اھو ھندو آھي يا مسلمان، پر ھندو ڪميونٽي اڃان تائين اھا ڳالھه سمجھڻ کان پري آھي. لاڙڪاڻي جي ھندو پئنچائت ته ھندو مسلم فرق کي تڏھن ٻيھر جيئاريو، جڏھن ھنن مغوي سنتوش جي بازيابي لاءِ صرف ھندو برادريءَ کي ڪاروبار بند رکڻ جوسڏ ڏنو. لاڙڪاڻي جا ڪيترائي واپاري اڳواڻ ھندو پئنچائت جي اھڙي سڏ تي حيران ٿي ويا ”اسان ته سيٺ سنتوش ڪمار کي ھڪ واپاريءَ جو اغوا سمجھون ٿا. ھو پھريان واپاري بعد ۾ اقليت آھي. اسان ته ھر احتجاج ۾ ھنن سان گڏ رھڻ چاھيون ٿا.“ واپارين جي چيمبر واري صدر ٻڌايو. ھندو ڪميونٽي کي اھو سمجھڻ ۾ اڃا وقت لڳندو ته اغوا صرف ھندو نه، پر مسلمان به ٿين ٿا. مسلمان به اھڙا جيڪي ڪجھه طبقن لاءِ رول ماڊل بڻيل ھجن. ڇا سياسي اڳواڻن مير ٿيٻو ۽ حسين بخش ناريجو کي اغوا ڪرڻ مھل پڇيو ويو ته ھو ھندو آھي يا انھن خلاف اھا ڪا سازش ھئي. ڇا سريلي راڳي منظور سخيراڻي کان اغوا ڪرڻ کان اڳ پڇيو ويو ته ھو ھندو آھي يا مسلمان؟ اغوا جي انڊسٽري ۾ ڪوبه مذھب ڪا ذات نٿي ھلي. صرف ڀنگ جي رقم يا ذاتي دشمني. اغوائون، ھندو ماڻھن جون ٿين يا مسلمانن جون باھ ته ھڪ ئي آھي. جنھن ۾ ٻئي سڙن ٿا ته پوءِ به ھندو پنچائت کي ان غلطيءَ جو احساس نه ٿيو ته جنھن گھڙي سمورا لاڙڪاڻي واسي مغوي سنتوش ڪمار جي وارثن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ ھجن ۽ ھمدردي ڪندا ھجن ان وقت سيٺ سنتوش جي اغوا خلاف احتجاج ڪرڻ لاءِ صرف ھندو ڪميونٽي کي سڏ ڏنو وڃي. ھندو پنچائت پنھنجي طاقت پاڻ ڪمزور ڪرڻ جي پويان ڇو پئي آھي، جنھن وقت پورو شھر يا پورو ضلعو احتجاج ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ تيار ھجي، ان وقت ھندو ڪميونٽي کي الڳ ڪري بيھارڻ مان آخر ھنن کي ڪھڙا نتيجا ملندا. اھي ئي ته پنجاھ سؤ ماڻھو بينر کڻي نعرا ھڻي گھر ھليا ويندا . انتظاميه جي صحت تي ڪھڙو اثر پوندو.
    اتر سنڌ ڏوھارين لاءِ ان ڪري به اڄڪلھه جنت بڻيل آھي، جو پوليس کان پڇاڻو صرف پوليس ئي ڪري رھي آھي. سکر يا لاڙڪاڻي جي ڊي سي او يا ڪنھن جسٽس کي ان سان ڪا دلچسپي ناھي يا اختيار ناھي ته ڌاڙيلن خلاف نام نھاد آپريشن کي سکر پوليس آخر گھڻي ۾ ڪيش ڪرايو آھي؟ پوليس سان ويجھو رھندڙ ماڻھن جو خيال آھي ته اھڙا فري ھئنڊ وارا آپريشن خوش قسمت پوليس عملدارن جي سروس دوران ٿيندا آھن. جن منجھان ھو پنھنجا ڪاروبار اڃان به وڌائي سگھن ٿا. اتر سنڌ ۾ توھان ڏسو ته سھي پوليس عملدار ڪھڙا مقرر ڪيا ويا آھن. جيڪب آباد، سکر، شڪارپور کان ٿي لاڙڪاڻي تائين نظر فيرايو، توھان کي اندازو ٿي ويندو ته سرڪار امن امان بحال رکڻ ۾ ڪيترو نه سنجيده آھي. اھا اسٽوري ڪنھن ٻئي ڀيري ته پوليس سروس ۾ اچڻ کان پوءِ ڪيترا نه سينئر پوليس عملدار وڏا ڪاروباري ٿي ويا آھن. اتر سنڌ ھونئن ته ڪچي جي ڌاڙيلن سبب بدنام آھي. پر ڏوھارين جي ان جھان ۾ جھاتي پائڻ سان پتو پوي ته ڌاڙيل رڳو ڪچي ۾ نه پر شھرن ۾ به اسان جي ئي آس پاس رھن ٿا. ”سفيد پوش ڪاٽڪو جي ھر جي مالدار آسامي تي نظر لڳل آھي. صرف نمبر اچڻ جي ٺھي ھلڻ جي دير آھي.“ پوليس ۾ ھوندي به ڏوھارين جا ھٿ ڌوئاريندڙ ھڪ انسپيڪٽر چيو. سيٺ سنتوش ڪمار جي اغوا کان پوءِ لاڙڪاڻو پوليس ھڪ ئي وڏو ڇاپو باڊھ ۾ ھنيو جتان ھڪ انسپيڪٽر کي ڏوھارين کي ڏوھارين جي گھر مان گرفتار ڪيو ويو ھو. اھڙي ڪاروائيءَ کان پوءِ ھاڻي ھر ڪو اھا اميد رکي ٿو ته پوليس ڏوھارين پويان وڃڻ کان اڳ پھريان پنھنجو گھر چڪاسي. پوليس اھلڪارن جي ڪاري وردي جيڪا محافظ جو نشان ھجڻ کپي سا پوليس جي ڪارين رڍن جو پردو بڻجي پئي آھي. ”مون کي ياد ٿو اچي تڏھن مان ھيڊ ڪانسٽيبل ھئس جڏھن ھڪ چوڪيءَ تان ڊيوٽيءَ دوران پھرين رشوت پنجاھ روپيا ورتي ھئي“ پنھنجي علائقي ۾ جوا جو اڏو ھلائيندڙ پوليس عملدار مفت ۾ ميل شراب جو گلاس پيئندي چيو. ھن پنھنجي ڳالھه ٽھڪ سان اڳتي وڌائيندي چيو ته ”ھاڻي ايترا پئسا وٺڻ سٺا نٿا لڳن. ڊي پي او جي چارج وٺڻ کان پوءِ ان رئنڪر عملدار جھڙي سنڌ پوليس کي ارباب رحيم ھيرا موتي چڳائڻ چاھي ٿو. ڪارين رڍن کي ھيرا موتي ڪھڙو فرق وجھندا.


    پاڻي جو ڪاروبار ۽ آبپاشي جو راز

    دادو ڪئنال منجھان نڪرندڙ سونھري برانچ جي آبادگارن ان ڏينھن ڌرڻو ھڻي، لاڙڪائو موئن جو دڙو روڊ ڪيترائي بلاڪ بندڪري ڇڏيو. ٻنھي پاسي ٽريفڪ جام ٿي وڃڻ سبب پوليس اھو ڌرڻو ختم ڪرائڻ جو آخري حل اھو ڪڍيو ته دادو ڪئنال ناردرن ڊويزن جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر فاروق چنڙ کي کنڀي کڻي اچي ڌرڻي واري ھنڌ پھچايو ۽ کيس آبادگارن سان ڳالھيون ڪري روڊ کولرائڻ لاءِ چيو. آبپاشي کاتي جي انجنيئر صاحب پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگارن کي ڏاڍيون منٿون ڪيون ته ھو سندن آفيس ھلي ساڻس ڳالھيون ڪن. پر آبادگارن سندس ھڪ به نه ٻڌي ۽ روڊ تي ئي ھڪ پني تي کيس معاھدو ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته ھو سندن شاخ ۾ گھربل پاڻي فراھم ڪندو رھندو.
    آبادگار اھڙي سرعام روڊ تي ٿيل ٺاھ تي خوش ٿي ھليا ويا ۽ روڊ به کلي ويو ته پوليس به ھٽي ويئي. ٻه ٽي ڏينھن ساڳي ماپ وارو پاڻي برانچ ۾ ھلندو رھيو. جڏھن ڳالھه ماڻھن جي ڪنن تان آئي وئي ٿي ته ساڳين آبادگارن جي اڳواڻ نثار چني ۽ ٻين رابطو ڪري چيو ته انجنيئر ٻيھر پاڻي گھٽائي ڇڏيو آھي. ھاڻي ڇا ڪريون؟ سوين ڳوٺن منجھان ھزارين ماڻھو روزانو احتجاج لاءِ ڪونه ٿا ڪڍي سگھون، نه .ئي ماڻھو ڪم ڪار ڇڏي روزانو روڊن تي بيٺا ھوندا؟ ھاڻي ڪو ڏس ڏيو ڇا ڪجي؟
    ساڳي صلاح سنڌ جي آخري ڇيڙي شھدادڪوٽ ڪچي پل واري پاسي آبادي ڪندڙ آبادگارن جي نمائيندي محمد اسحاق مغيري ڪجھه ھفتا اڳ پڇي ھئي. اسحاق مغيري سالن کان پنھنجي ساٿي سميت پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪندو پيو اچي، جنھن ڪري آبپاشي کاتي جا ڪيترائي حاضر سروس توڙي رٽائرڊ ڪامورا کيس چڱي ريت سڃاڻين ٿا. ھاڻي ھن احتجاج ڪندي اچي ڏاڙھي اڇي ٿي وئي آھي پر آپباشي کاتي جي ڪامورن منجھان اڃا اھو ٽيڙ سڌو نه ٿي سگھيو آھي.
    ”ھي احتجاج، مظاھرا، ڌرڻا ۽ پاڻ ساڙڻ جا واقعا پر اھو سڀ ڪجھه ڪرڻ کان پوءِ به ايئن ٿو لڳي ڄڻ آبپاشي کاتي ۾ ڪو اھل دل عملدار آھي ئي ڪونه، جيڪو ٽيڪس ڀريندڙ آبادگارن جي دانھن ڪوڪ ورنائي.“ اسحاق مغيري اھڙي بيوسيءَ منجھان اھا ڳالھه ڪري رھيو ھو جھڙي بيوسيءَ منجھان اڄ لکين آبادگار گذري رھيا آھن.
    آبپاشي اھڙو ته چٽيل کاتو بڻجي پيو آھي جنھن جون دانھون سنڌ جو وڏو وزير ۽ خود ان کاتي جو صوبائي وزير به ڪري رھيا آھن. ”اصل ۾ وڏو وزير ارباب رحيم ته پڇڙي جي آبادگار ھجڻ واريون ڪسرون ڪڍي ٿو پر صوبائي وزير خير سان پاڻي سٺو کڻندو رھيو آھي ته به سندن دانھون سمجھه ۾ نٿيون اچن.“ آبپاشي کاتي جي ھڪ سينئير چيو. جيئن اسيءَ واري ڏھاڪي جي سياسي ھلچل دوران آمريڪا کي وڏو استحصاليءَ ۽ پنجاب کي ننڍو استحصالي ڪري سڏيو ويندو ھو تيئن اڄڪلھه پاڻيءَ جي کوٽ جا ستايل ماڻھو پنجاب کي وڏو استحصالي ۽ سنڌ جي آبپاشي کاتي کي ننڍو استحصالي سڏي رھيا آھن. سنڌ جي آبپاشي کاتي مٿان عوامي ڪاوڙ ان ڪري به وڌندي پئي وڃي جو پاڻي ھر ڪمي ڪاسبيءَ کان وٺي ننڍي وڏي زميندار جي جيئاپي جو سھارو بڻيل آهي. پر آبپاشي کاتي وارا اھو گر ڪنھن کي ٻڌائين ڪونه ٿا ته پاڻي جو ڪاروبار ڪيئن ڪبو آھي؟ ”ڪرپشن صرف آبپاشي ۾ ناھي ٻين کاتن ۾ به آھي نيب رڳو آبپاشي وارن لاءِ نه جڙي آھي. سکر بئراج جو سيد بادشاھ چيف انجنيئر لاڙڪاڻي ۾ منھنجي ان سوال جو جواب ڏئي رھيو ھو ته وڏو وزير ارباب رحيم ھر وقت آبپاشي کاتي جي ڪرپشن ۽ نااھلي جو ذڪر ڇو ٿو ڪري، ريٽائرمينٽ کي اچي ويجھو پھتل ان چيف انجنيئر کي وري به حياتيءَ جا آخري سال ڪنھن ڪينٽ ايريا جي لگزري بنگلي ۾ گذارڻ لاءِ ملي پوندا. پر ڪچي پل جي انھن آبادگارن جو ڇا ٿيندو جن سندس تازي دوري دوران کيس پاڪ ڪتاب آڻي آڏو رکيو ۽ ھو احترام وچان پنھنجي پيچارو مان لھي پاڪ ڪتاب چمي ھنن کي سکڻي آٿت ڏئي ھليو ويو.
    توھان ھر وقت پنجاب جي ڳالھه ٿا ڪريو پر آپباشي کاتي سنڌ ۾ ڪھڙا پنجابي ويٺل آھن؟ توھان کي جيترو پاڻيءَ گڊو يا سکر تائين ملي ٿو اھو ته اھي ئي آپباشي وارا ٿا وڪرو ڪن. پاڻي بابت ھلندڙ سياسي بحث دوران ھڪ جذباتي ڪارڪن کي سندس سينئر ڇنڊ پٽي. ”آبپاشي کاتي سنڌ ۾ ته ڪنھن چوڌري گجر بدران اھي ئي پنھنجا سنڌي ملندا. توھان انھن کان ڪڏھن پڇيو آھي ته اھي ڇو ٿا پاڻيءَ جو ڪاروبار ڪن؟“ اھڙي ڳالھه کان پوءِ کن پل لاءِ ڪچھري تي سانت طاري ٿي وئي. اھڙي سانت جيڪا اڄڪلھه سنڌ جي سياسي وايو منڊل تي ڇانيل آھي. گھٽ ٻوسٽ ڏياريندڙ سانت آبپاشي کاتي کي ورھاڱي کان پوءِ ٽلومل جو ڪارخانو سمجھي ايئن مسلسل لٽيو ويو آھي، جيئن ورھاڱي جي دکدائڪ سالن دوران سوين عورتن لٽيون ويون ۽ منٽو جھڙي ڪھاڻيڪار کي ”کھول دو“ جھڙي ڪربناڪ ڪھاڻي لکڻي پئي. ھاڻي به وحشت اھا ئي ”کھول دو“ واري آھي. پر ان ۾ ٿوڙي ترميم اھا ئي آھي ته اھو لفظ آبپاشي کاتي جي ڪئنالن/ شاخن جي درن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. جتان پئسا ججھا مليا، ان حد جي پاڻي جا در کھول دو، خراب ڪاروبار جھڙي بيرحمي اچي وئي آھي.
    سنڌ جو ھڪ پڙھيل لکيل ماڻھو به ڏيڊ ڪروڙ ڏئي جڏھن آبپاشي جو سيڪريٽري ٿيو ته پاڻيءَ جو ڪاروبار رڪجي نه سگھيو ۽ عروج تي پھتو. سکر جو چيف انجنيئر پاڻي ورڇ جي حوالي سان اڌ سنڌ جو مالڪ سڏيو وڃي ٿو. پر ڪچي پل جي دوري دوران سيد بادشاھ پنھنجي ھڪ ماتحت انجنيئر کي ڪجھه به نه چئي سگھيو، جنھن جي مٿان علائقي جي معتبر زميندار 10 لک رشوت ڏئي، سپرينٽينڊيٽ انجنيئر جي اضافي چارج وٺڻ جو الزام لڳايو. ”ھڪ اھڙي ماڻھو کي اسان مٿان ٿاڦيو ويو آھي، جيڪو سوئمنگ پول واري ھوٽل جي ڪمري منجھان عورتن سميت فحاشيءَ جي الزام ھيٺ گرفتار ٿي جيل ۾ پھتو.“ ھڪ ڪاوڙيل آبادگار پنھنجي اندر جو اوبر عملدار اڳيان ڪڍيو، پر ان انجنيئر کي ڇا ٿيو؟ ڪجھه به نه، ڇو ته ھن جي پوسٽنگ پيسن عيوض ٿيل ھئي. ڀلي ته اھي انجنيئر ڪنھن بددماغ صوبيدار جيان راڄ تاراج ڪندا وتن، پر انھن کي ٿيڻو ڪجھه به نه آھي. ڇو ته ھو پنھنجي پوسٽنگ ميرٽ بدران سڻڀا نوٽ ڏئي وٺن ٿا. جڏھن ميرٽ کي نظرانداز ڪري جڏھن انجنيئرن جون پوسٽنگز ٿين ٿيون تڏھن ھو به پنھنجي آفيسن کي ٿاڻو ۽ پاڻي ماپ کي ايف آءِ آر سمجھي آبادگارن جو چند ڏوڪڙن خاطر مٿو رلائي ٿا ڇڏين،
    ”اھڙو انڌير آبپاشي کاتي ۾ اڳي ڪين ھوندو ھو، سائين، پنھنجي ڪئنالن ۽ بئراجن سان پيار ڪندڙ اھڙا انجنيئر به ھوندا ھئا. جيڪي پاڻي نه پھچڻ جي ٿوڙي شڪايت تي به انجنيئرن کي تنبيھه ڪري ان علائقي ۾ اسپيشل انجنيئر موڪليندا ھئا، جيئن آبادگارن جو اعتماد بحال ٿي سگھي.“ پاڻي خاطر جھيڙيندڙ آبادگار ٻڌايو. ھن سان ٻه ٽي ڪلاڪ ڪچھريءَ کان پوءِ آبپاشي کاتي جو پراڻو نظام ذھن ۾ اھڙو سھڻو چٽجي ويو، جتي آبپاشي وارن جا صاف سٿرا بنگلا، ٽپال بدران تار ذريعي اطلاع جو نظام، ريگوليٽرن تي وڏا گھاٽا وڻ ۽ انھن آڏو ٿيل ڇڻڪار ۽ ھاريل چونا. پر ھاڻي آبپاشي کاتي ۾ ڇا وھي واپري رھيو آھي. ھاڻي ته ڪئنالن جون اھي ٽاپون به محفوظ ناھن، جتي ٻنھي پاسن کان گھاٽا ٽالھيءَ جا وڻ ۽ انھن ھيٺان ڇڻڪار دادو ڪئنال يا رائيس ڪئنال جي ٽاپ کي شاھي سڙڪ بڻائي ڇڏيندا ھئا. ھاڻي ته بيلدارن ۽ داروغن جا ڌنارن کي اھي دڙڪا به ٻڌڻ ۾ نٿا اچن، جيڪي ھو مال کي ٽاپ تي چاڙھڻ تان ڏيندا ھئا. ڇا سنڌ جي آبپاشي پنھنجي ڪئنالن جون صرف ٽاپون ۽ داڪ بنگلا وڃايا آھن يا پورو سسٽم وڃايو آھي. جيڪو ڪنھن به زرعي معاشري ۾ پاڻيءَ جي ورھاست وارو ڪرنگھي جو ھڏو سمجھيو وڃي ٿو.
    آبپاشي کاتي جي انجنيئرن پنھنجا بنگلا ته پوش علائقن ۾ ٺھرايا، پر کاتي جي بنگلن ۽ نظام کي ڀوت بنگلو بڻائي ڇڏيو. اھو ته بي ڪلاس جي ٺيڪيدار جي منشيءَ آڏو به ڪو راز نه رھيو آھي ته آبپاشي جا ٺيڪا انڌي ڪمائي ھجن ٿا. ھاڻي ڏورانھن علائقن ۽ گرمين جي موسم ۾ ڪھڙو انجنيئر وڃي ٿو ڪم جي چڪاس ڪري ته پٿر يا مٽي درست نموني پئي آھي يا نه؟ سياسي رشوتن ۽ پنھنجا نواز واري پاليسي طور ٺيڪا ڏيڻ واري ھن دور ۾ ھاڻي به ته آبپاشي کاتي جي ڪامورن کي ڪنھن نه روڪيو. اھو ڪو ڏور نه پر خود سکر بئراج ڀرسان ڏيڊ ڪروڙ جو پٿر لاھڻ جو ٺيڪو ھو، جيڪو مقامي بااثر سياستدان پنھنجي ان گھڻ گھرئي ڪارڪن کي ڏياريو، جنھن سان ھن ايم پي اي جي ٽڪيٽ جو واعدو ڪري تعلقي ناظمي به نه ڏني، پر ھي ٺيڪو ڏياري ھن کي راضي رکيو. اھو سلسلو آبپاشي کاتي کي ھاڻي ڪنڌيءَ تي لوڙھي آيو جو سکر بئراج جي دروازن جي ٺلھن (پلرن) ۾ به کڏا پئجي ويا آھن. تمام آڳاٽي دور جي آبپاشي نظام کي ڪو سينئر انجنيئر ھلائڻ بدران جڏھن ھڪ ٽيڪنيڪشن سنڀاليندو ته پوءِ اھڙا کڏا ته پوندا. چيو وڃي ٿو ته دروازن آڏو جمع ٿيندڙ سلٽ نه ڪڍڻ سبب ھڪ دروازي اڳيان دڙو ٺاھي بيٺي، جنھن کي ان ٽيڪنيڪشن پنھنجو عقل استعمال ڪندي ڀرڀور وھڪري دوران دروازا مٿي ڪري گدڙ جي ڪرپٽي جيان لوڙھڻ چاھيو، پر پاڻي جھڙي بي پير بادشاھ وڃي ان دروازي جي تري ۾ کڏو ٺاھيو. ھاڻي ڀلي ته ڪاميٽين مٿان پيون ڪاميٽيون جاچ ڪن، پر اصل مامرو وڏ گھراڻي جي ڇوڪريءَ جي افيئر جي باھ جيان ڪارپيٽ ھيٺان دٻايو ويو آھي. ھاڻي ڀلي ته رينجرز کي آبپاشي جي چوڪيدار مقرر ڪن، پر اھو سوٽ سلجھڻو ناھي. آبپاشي کاتي جي ڪلچر جو حصو بڻجي ويل ڏوڪڙن جي ھوس ھاڻي ڪٿي ان پراڻي بئراج کي به نه کائي چٽ ڪري، جنھن سان اڃان به سکر روھڙي جي ڪجھه جھونن جون اھي يادگيرن به ڳنڍيل آھن ته ڪيئن نه ھو پنھنجي انھن پيئرن چاچن ڏانھن مٿي تي مانيون کڻي ويندا ھئا، جيڪي سکر بئراج تي ھلندڙ پٿر وارو ڪم ڪندا ھئا. ”سنڌ جي آبپاشي کاتي کي جڏھن کان ڏوڪڙ ٺاھڻ واري مشين سمجھڻ شروع ڪيو ويو، تڏھن کان ڪو سٺو انجنيئر اڀري ناھي سگھيو“ ھڪ ريٽائرڊ آبپاشي انجنيئر پنھنجي پوش بنگلي جي لش گرين لان تي پيل ڪين ووڊ جي ڪرسين تي ويھندي چيو. ”اسان وٽ ھاڻ بئراج جي کڏي وارو ڪم ته ڇڏيو، ڪو گھارو فني مھارت سان ٻڌڻ وارو قابل انجنيئر به ناھي بچيو. اسان ڏاڍو وڃايو آھي.“ سندس اھڙي جملي کان پوءِ مون کي ترت اھو خيال آيو ته توھان جھڙن انجنيئرن ئي ته ڪمايو، خوب ڪمايو. سمورين بنيادي سھولتن کان ڏور وسندڙ ڳوٺن منجھان جڏھن اھي ٻارڙا سائيڪل تي ۽ پيادا اسڪول تي ويندا ھئا ته کين ته ڇڏ، پر سندن والدين کي به خبر نه ھئي ته اھي ھڪ ڏينھن اھڙا انجنيئر ٿيندا، جيڪي پنھنجي ديس کي نيون فني مھارتون ڏيڻ بدران پاڻيءَ جو ڪاروبار اھڙي ته بيرحمي سان ڪندا، جو وڏو سامراج به دنگ رھجي ويندو. غربت جن جي خاندان جو مقدر بڻيل ھئي، انھن جي نئين نسل ته پوش علائقن ۾ اک کولي. پر سنڌ جي اڪثريت پاڻي لاءِ ٻاڪاريندي رھي. جاھل وڏيرن جي سياست جيان آبپاشي انجنيئرن معاملا ايترا ته منجھائي وڌا جو ھاڻي ان کاتي ۾ به سيڪورٽي فورس يعني رينجرز کي اچڻو پيو.
    پنھنجي ھٿ جي وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب، ھاڻي آبپاشي کاتي جا پڙھيل لکيل انجنيئر به جوابدارن جيان ڪڏھن وڏي وزير ته ڪڏھن رينجرز جي ڪٽھرن ۾ بيٺل ھوندا. خود سرڪا ر کي اھو سوچڻ کپندو ھو ته قانون نافذ ڪندڙ ادارن کي ھر درد جو دارون ڇو ٿا بڻائين؟ سول ادارن اندر پيرا ملٽري فورسز کي مقرر ڪري ڪي سڌارا آڻڻ وارو تجربو ناڪام ٿي چڪو آھي. واپڊا ۾ فورسز مقرر ڪرڻ جا جيڪي نتيجا سامھون آيا آھن، انھن کان ڪير به بي خبر ڪونھي. اڳي ته رڳو عام صارف انھن جي ڪرپشن جون ڳالھيون ڪندو ھو،پر ھاڻ سرڪاري طور تي واپڊا جي اھڙي ڪرپشن جا اعتراف ٿي رھيا آھن، ڪجھه ڏينھن پھرين ته پاڻي ۽ بجلي بابت جوڙيل اسٽينڊنگ ڪاميٽي واپڊا ۽ حيسڪو عملدارن جي اھڙي ملي ڀڳت جو ذڪر ڪيو آھي. ڪالھه واپڊا ۾ فورسز مقرر ٿيا، ڪي اي ايس سي به انھن جي نگرانيءَ ھيٺ ڏني وئي، پر انھن ادارن ۾ سڌاري بدران انھن ادارن ۾ ورھين کان ڪمائي ڪندڙ ڪامورن، فورسز جو ئي نالو استعمال ڪري پنھنجو ڪم اڳ کان به وڌيڪ منظم نموني سان جاري رکيو. بلڪل ايئن جيئن ڪجھه ڏينھن پھرين سانگھڙ ضلعي ناظم اسيمبليءَ جي چونڊيل ميمبر اھو چيو ته ”رينجرز جا دڙڪا ڏئي آبپاشي عملدار کانئن پئسا وصول ڪن ٿا.“ ھيءَ ڳالھه سمجھڻ لاءِ انتھائي سادي سمجھه جي ضرورت آھي ته فورسز جو ڪم اھو ناھي ته سول ادارن ۾ ڪي سڌارا آڻين. ان حقيقت کان انڪار ناھي ته آبپاشي کاتي کان وٺي واپڊا تائين ۽ تعليم کاتي کان وٺي صحت کاتي تائين ڪيتريون ئي اھڙيون خرابيون آھن، جن کي ٺيڪ ڪرڻ گھرجي، پر اھي خرابيون تڏھن ٺيڪ ٿي سگھنديون، جڏھن انھن ادارن جون ورھين کان ھلندڙ ڪلچر تبديل ڪيو ويندو، جڏھن ادارن ۾ اندروني سيٽ اپ جي حوالي سان مثبت حڪمت عملي جوڙي ويندي. ڇا ھر مرض جو علاج داٻوئي وڃي رھيو آھي؟ ڇا واپڊا ۽ ريلوي ۾ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي مقرريءَ کان پوءِ سمورو نظام شفاف ٿي ويو آھي. سرڪاري بريفينگز ۾ ايئن ضرور ھوندو، پر عام ماڻھن وٽ اھا ئي شڪايت آھي ته ھڪ ٿاڻو ٻيو به وڌيو. جيئن پوليس آرڊر 2002ع کان پوءِ آپريشن ۽ انويسٽيگيشن پوليس کي الڳ الڳ ڪيو ويو آھي. حالانڪه سرڪار اھو فيصلو ماڻھن جي ڀلائي لاءِ ڪيو، پر ماڻھن کي ھاڻي ٻنھي پوليس ٿاڻن جيڪي رت جون مانيون کارايون آھن، سي اڃا به اڳتي ھلي ظاھر ٿينديون.
    جڏھن کا آبپاشي نظام قانون نافذ ڪندڙ ادارن حوالي ٿيو آھي، تڏھن کان اھو ماندول وارو لطيفو ٻيھر مشھور ٿيو آھي ته قانون نافذ ڪندڙ ادارن ڏانھن اسي واري ڏھاڪي دوران ڪنھن مانڊول بابت شڪايت پھتي ته ھنن ٻي ڳالھه ٻڌڻ بدران فريادي مٿان اھو زور رکيو ته ”پھلي مانڊول ڪو ادھر لي آئو.“


    ايڊز جي مريضه جو سماجي بائيڪاٽ

    چاليھه ورھين جي ”جان بيبي“ صوبي سنڌ جي شھر شھدادڪوٽ ويجھو پنھنجي ننڍڙي ڳوٺ جي زندگيءَ کان تنگ ٿي پئي آھي.ڳوٺ وارن ان وقت کان وٺي عملي طور کانئس سماجي بائيڪاٽ ڪري ڇڏيوآھي، جڏھن کان سندس چوڻ موجب ھن جو مڙس ايڊز جي بيماري وگھي مري ويو آھي، جيڪو رازي جو ڪم ڪندو ھو. ”جان بيبي“ جو مڙس ”علي گل مگسي“ 24 جون 2005ع تي فوت ٿيو ھو، سندس موت جي تشھير “جان بيبي“ جي عام ڳوٺاڻي عورت واري زندگي بدلائي ڇڏي ۽ سندس اڳوڻي محدود حياتي ۾ زھر ڀري ڇڏيو.
    سندس گھراڻو ٽن ڀائرن جي خاندانن تي ٻڌل ھڪ ئي ويڙھي ۾ رھندڙ ٽيھن ماڻھن تي ٻڌل ھو. پر ”جان بيبي“ جي بلڊ رپورٽ ايڇ آءِ وي پازيٽو اچڻ کان پوءِ سڄي خاندان جي ڀاتين ”جان بيبي“ کان منھن موڙي ڇڏيو.
    ”جان بيبي“ بي بي سي اردو کي روئندي ٻڌايو ته: ”ھاڻي منھنجي ھٿن جي پڪل ماني ڪوبه نٿو کائي ۽ نه ئي وري مون مون سان ھٿ ملائين ٿا. سندن ڪوششن مون کان پري رھڻ جو ھوندي آھي. منھنجي سڄي حياتي ھن گھر ۾ گذري آھي. آخر مان به انسان آھيان، مونکان سندن رويو برداشت نٿو ٿئي.“
    ”جان بيبي“ پنھنجي ٽن ننڍن پٽن سان گڏ پنھنجي ئي ڳوٺ ۽ گھر ۾ اوپرن واري حياتي بسر ڪري رھي آھي سندس وڏي پٽ ”علي دوست“ جڏھن پنھنجن چاچن ۽ مامن جو ذڪر ڪيو ته سندس اکين مان ڳوڙھا وھڻ لڳا. ھن بي بي سي کي ٻڌايو ته ٻه مھينا اڳ سندس چاچي، ھن جي ماءُ کي ”نڀاڳي“ چئي گھر مان ڪڍي ڇڏيو. علي دوست مطابق جڏھن ھو، اتان نڪري پنھنجي مامي جي گھر پھتا ته مامي به اوپرائپ سان سندن استقبال ڪيو ۽ کين مال جي واڙي ۾ رھڻ لاءِ چيو ۽ پنھنجن ٻارن ۽ عورتن کي اسان کان پري رھڻ جو ھدايتون ڏنيون.
    ”جان بيبي“ مطابق ھوءَ اھڙي بيماري جو شڪار ٿي چڪي آھي، جنھن جو نالو ھن پنھنجي حياتيءَ ۾ ڪڏھن به نه ٻڌو ھيو. شھدادڪوٽ ويجھو رھندڙ ”جان بيبي“ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي ڄاڻ جي ورھين کان انتظار ۾ آھي، جنھن ۾ ڳوٺ وارن لاءِ اھو سنيھو ھجي ته ايڊز جو مريض به انسان ھوندو آھي ۽ اھو ڪو خونخوار جانور نه آھي جنھن جي ويجھو وڃڻ سان نقصان پھچي.
    ايڊز ڪنٽرول پروگرام سنڌ جي صوبائي مئنيجر ڊاڪٽر ارشد محمود بي بي سي سان ڳالھائيندي چيو ته سندس کاتي پاران گڏ ڪيل انگن اکرن موجب سنڌ ۾ 1841 ماڻھو ايڇ آءِ وي پازيٽو آھن ، جن ۾ عورتن جو انگ مشڪل سان ھڪ سيڪڙو ٿيندو. ھن ٻڌايو ته سنڌ ۾ ايڊز جي مريضن ۾ وڏو انگ انھن ماڻھن جو آھي، جن کي عرب ملڪن مان ڊي پورٽ ڪيو وڃي ٿو. سندس چوڻ مطابق ايڇ آءِ وي پازيٽو عورتن مان گھڻائي انھن جي آھي، جن کي پنھنجي مردن مان اھا بيماري لڳي ٿي ۽ سندن مرد کين پنھنجي بيماري کان اڻڄاڻ رکن ٿا. ڊاڪٽر ارشد محمود مطابق لاڙڪاڻي ۾ ايڇ آءِ وي پازيٽو مريضن جو انگ سنڌ جي ٻين ضلعن کان وڌيڪ آھي. سندس چوڻ مطابق لاڙڪاڻي ۾ ھڪ سؤ پنجويھه ماڻھو ايڇ آءِ وي پازيٽو آھن، جڏھن ته غير سرڪاري سطح تي اھو انگ ھڪ سؤ اسي ٻڌايو پيو وڃي. سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام پاران ايڇ آءِ وي پازيٽو ماڻھن جي سنڀال لاءِ ”ڪيئر اينڊ سپورٽ“ پروگرام شروع ڪيو آھي. جنھن موجب ايڇ آءِ وي پازيٽو مريضن کي مخصوص دوائون فراھم ڪيون وڃن ٿيون . ڊاڪٽر ارشد محمود وڏي فخر سان ٻڌايو ته اھي دوائون عام مارڪيٽ ۾ 30 ھزار روپين کان وڌيڪ جون آھن پر اسان جو ادارو سنڌ ۾ اھڙن 57 مريضن کي مفت ۾ فراھم ڪري رھيو آھي ، جيڪي ايڇ آءِ وي پازيٽو آھن. ڪراچي ۾ ايڊز ڪنٽرول پروگرام وارن جي ڪاڳرن ۾ اھي ستونجاھ نالا ضرور ھوندا، پر شھدادڪوٽ جي ”جان بيبي“ کي اھڙيون دوائون اڃان تائين نه ملي سگھيون آھن، جيڪي سندس حياتيءَ کي پراميد بڻائي سگھن.
    ”جان بيبي“ جو چوڻ آھي ته ”مون وٽ ڪيترائي سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ماڻھو ۽ ڊاڪٽر ايندا رھن ٿا، جيڪي کيس مالي امداد ۽ علاج جو آسرو ڏئي، فوٽو ڪڍي، انٽرويو وٺي موٽي وڃن ٿا پر ڪنھن به ماڻھو اڃان تائين کيس نه مالي امداد فراھم ڪئي آھي نه وري علاج لاءِ دوائون ڏنيون آھن.“ ايڊز ڪنٽرول پروگرام لاڙڪاڻي جي سابق فوڪل پرسن ڊاڪٽر فاروق الرحمان سومري مطابق ”جان بيبي“ جي مسئلي کي ”اين جي اوز جي نمائندن پنھنجي فنڊنگ خاطر ڪيترن ئي ھنڌن ئي ڪيش ڪرايو آھي پر سندن مدد ڪنھن به نه ڪئي آھي.“
    سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام سڄي سنڌ ۾ اٺن اين جي اوز جي سھڪار سان ايڊز جي ”ھاءِ رسڪ“گروپن ۾ جاڳرتا جو ڪم ڪري رھيو آھي، پر شھدادڪوٽ ويجھو جان بيبي وٽ اڃان تائين ڪوبه نه پھتو آھي. جان بيبي جيڪا پنھنجن مٽن مائٽن ۾ اڪيلي ٿي چڪي آھي اھا ته ھاڻي ايڇ آءِ وي پازيٽو ھئڻ جو ڪڙو تجربو بيان ڪرڻ کان به پاسو ڪري ٿي. سندس چوڻ موجب ”ھاڻي ته مونکي ڊاڪٽرن کان به ڊپ ٿو ٿئي ته ڪٿي اھي منھنجي سھري ۽ ڏير سان گڏجي زھر جي سئي نه ھڻي ڇڏين.“
    جان بيبي جو مڙس علي گل مگسي جيڪو رازڪو ڪم ڪندو ھيو ۽ ڪيترائي ورھيه سعودي عرب ۾ ڪمائڻ لاءِ رھيل ھو، فوت ٿيڻ کان اڳ اٺ ورھيه کيس ملڪ بدر ڪيو ويو ھو، سندس پٽ جو چوڻ ھو ته ڪوبه حڪومتي عملدار وٽن دوائون کڻي ڪونه آيو آھي. ھن شڪايت ڪئي ته اھي منھنجي ماءُ جي چرئي ٿيڻ يا شايد مرڻ جو انتظار ڪري رھيا آھن.
    جان بيبي سان منھنجي ملاقات گرم ٻپيھري جو ٿي، سندس وڻن کان وانجھيل ڳوٺ کان موٽڻ مھل مان سوچي رھيو ھئس ته ڇا آگسٽ جي ھيءَ ٻپھري سندس حياتي ۾ سدائين کتل ھوندي؟

    (اڱارو 7 آگسٽ 2007ع بي بي سي اردو ڊاٽ ڪام سکر)


    بيوفا بلوچ. لڄ جو ڌوٻي گھاٽ ۽ ”ويچارا سنڌي . . .“

    ان ڏينھن ڪوئيٽا جي ميزان چونڪ وٽان گذرندي، ھٿ جي ھنرن واري ھڪ دڪان اڳيان بيھي رھياسين. شھر جي مصروف ڪاروباري چوڪ وٽ ڪجھه وقت اڳ ٿيل بم ڌماڪي کان پوءِ ان روڊ تي ڪافي فاصلي تائين گاڏيون بيھارڻ (پارڪ ڪرڻ) تي بندش ھنئي وئي ھئي، تنھن ڪري ڪجھه فاصلي تي گاڏي پارڪ ڪري ان ھٿ جي ھنرن واري ڪراڙي دڪاندار سان اگھه پار تي بحث ڪرڻ لڳاسين، ڪوئيٽا جي ڪاروباري پٺاڻن جون بيزار ڪندڙ بارگيننگز واريون اسٽوريون اڳ ۾ ئي ٻڌل ھيون، تنھن ڪري بحث ڪرڻ ڪري ڪجھه ڊيگھه اسان به ڏني، جنھن تي بخيل ٿيندي ڪراڙي پٺاڻ چيو ته ”توھان پاڪستانين جي اھا ئي ڳالھه خراب لڳندي آھي جو ھر ڳالھه تي بحث ڪندا آھيو.“ سندس اھڙي جملي کان پوءِ منھنجو پھريون سوال کانئس اھو ئي ھو، ته پوءِ توھان ڪير آھيو؟ ھن وڏي فخر سان ٻڌايو ته ”آئون افغاني آھيان“ بلوچستان جي دل ڪوئيثا ۾ اسان کي اھڙا ڪيترائي افغاني مليا، جيڪي فخر سان پاڻ کي ھن شھر جو يا ھن ملڪ جو رھواسي نه سڏين پيا. ائين رھڻ لاءِ ته ڪوئيٽا ۾ حامد ڪرزئي کان وٺي ملا عمر تائين گھڻن ئي افغاني اڳواڻن جا گھر آھن، جيڪي پنھنجي پنھنجي سھولت وارن ڏينھن ۾اچي ھن شھر جو حصو بڻيا ھئا، ڪوئيٽا ۾ افغاني آباديون به وسيع پئماني تي موجود آھن، پر انھن تي اعتراض ڪرڻ وارا اسان ڪير ٿيندا آھيون؟ جڏھن ڌرتي ڌڻي بلوچن کي ڪو اعتراض نه ھجي، ته ٻئي ڪنھن کي ڪھڙو اعتراض ٿي سگھي ٿو؟ اسان ته ڀانت ڀانت جي نسلن وارن ماڻھن اندر انھن بلوچن کي پئي ڳوليو، جيڪي ھن پھاڙي ڌرتي جا وارث سمجھيا وڃڻ ٿا. پنھنجي ان مختصر تلاش ۾ اسان کي مايوسي ئي پلئه پوڻي ھئي. ڇو ته اھا سرڪاري توڙي غير سرڪاري انگن اکرن کان ھٽي ڪري، سالن کان حقيقت بڻيل آھي ته ڪوئيٽا شھر اندر بلوچ به ائين ئي اقليت ۾ آھن جيئن سنڌي پنھنجي ڪيپيٽل سٽي ڪراچي اندر ٿورائيءَ ۾ آھن. ڪوئيٽا پريس ڪلب سامھون ان روڊ سان، جنھن روڊ تي ٻه ڏينھن پوءِ اختر مينگل کي ھڪ ريليءَ کي خطاب ڪرڻو ھو، اسان اھو سوچيندا پئي آياسين ته جڏھن بلوچن جي پنھنجي گادي واري شھر ۾ به صورتحال ساڳي آھي، ته پوءِ عطاءالله مينگل جون ميارون صرف سنڌين لاءِ ڇو ٿيون لوڻ کڻي اچن؟ سنڌين جي سموري اخلاقي سياسي مدد جي باوجود سينئير بلوچ اڳواڻن بار بار اھي تڪليف پھچائيندڙ جملا دھرائڻ مان ڪھڙو مطلب ورتو وڃي. جن ذريعي ھو سنڌين کي تڇ سمجھي، اھو چوندي ٻڌجن ٿا ته ”سنڌي ويچارا بلوچن جي ڪھڙي مدد ڪندا، ھو ته پنھنجن حقن لاءِ ئي ڪو آواز نه اٿاري سگھيا آھن.“
    بلوچن جون اھڙون ميارون يا طنزون صرف سنڌين لاءِ ڇو آھن، ان تي پوءِ اچون ٿا پر پھرين بيبي ناني ۽ شيرين بيبي جي ڪوئيٽا جو ذڪر. اھا ته بولان جي پھاڙين وچان مشھور پل آھي، جنھن کي ھاڻي ناني بيبي پل چون ٿا. ناني بيبي جي حيثيث علائقي ۾ ھڪ پھتل بزرگ واري آھي.پر ان جي سلامي اڃا ايترا ماڻھو ڪونه ٿا ڀرين، جيتري ڪوئيٽا ۾ بيبي شيرين جي ھاڪ آھي. جيئن سنڌين جي پھرين سيٽلائيٽ چينل ڪي ٽي اين سنڌي موسيقيءَ کي به جديد رنگ ڏئي ڇڏيو، تيئن ئي پٺاڻن جي پھرين ٽي وي چئنل ”خيبر“ پڻ پشتو موسيقيءَ جا زمانا بدلائي ڇڏيا آھن. اھو دور گذري ويو، جڏھن پھاڙن جي ڇانو ۾ اڪيلي دھل جي دڦڪي تي ھو تلوارون کڻي نچندا ھئا. ھاڻي ڪلين شيو پشتو راڳي ھيڊ فون لڳائي مائيڪ اڳيان نماڻائيءَ سان پنھنجي محبوبا کي سڏ ڪري ٿو: ”او بيبي شيرين!“ پر انھن سڀني ڳالھين جو ڪوئيٽا جي پھاڙين تي ڪوبه اثر نه پئجي سگھيو آھي. اھي ساڳي ئي ارڏائي سان بيٺل آھن. جھڙي ارڏائي انھن سؤ سال اڳ انگريز سرڪار سامھون ڏيکاري ھئي، بلوچستان جي ارڏين پھاڙين تي ھاڻي وقت جي برف گھڻي پئجي چڪي آھي، اھا برف ڪڏھن ٿي پگھرجي؟ اھو ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو. ڪوئيٽا ماٿريءَ جي ڀرجھلو پھاڙين مٿان اڃا به اڇاڻ ڇانيل ھئي. جڏھن ته تازي برف باريءَ کان پوءِ زردالوءَ جي سڙي ويل ٻوٽن کي ڪجھه ماڻھو سنوت ۾ آڻڻ جو ڪوششون ڪري رھيا ھئا، پر اصل مسئلو جيڪو اڄڪلھه بلوچستان جو سڏجي ٿو ان کي سنوت ۾ ڪير آڻيندو؟ سوئي اھم سوال آھي. ڪوئيٽا ۾ بظاھر بلوچستان مسئلي بابت ڪي به جذباتي منظر نه ھئا، نه ئي ڪوئيٽا جون ڀتيون سياسي نعرن ۽ مطالبن سان ڪاريون لڳيون پيون ھيون.
    ڪوئيٽا ۾ بظاھر اھڙوئي امن سڪون ھو. جھڙيون انگريزي اخبارن جون ھيڊلائنز ھونديون آھن. اھا صورتحال شھر جي انھن علائقن ۾ ته وڌيڪ ھئي، جن کي فرشتن جو علائقو سڏيو وڃي ٿو. اھو فرشتن وارو علائقو عام خلق خدا لاءِ بم ڌماڪن کان پوءِ بند ڪيو ويو آھي. فرشتن جي اھڙي سختيءَ سبب ئي اسان اھو عسڪري پارڪ نه ڏسي سگھياسين، جنھن جي شھر جي فيمليز ۾ ايتري ھاڪ آھي جو بلوچستان اسيمبليءَ جو اسپيڪر به چوڻ تي مجبور ھو ته ”ڪوئيٽا ۾ ڪير ٿو چوي ته عورتن کي آزادي ناھي. اسان ھت ھر آچر يا جمعي ڏينھن سڀ گاڏين ۾ خواتين کي عسڪري پارڪ يا سرياب روڊ ويندي ڏٺو آھي. “ باقي رھيا بم ڌماڪا، جن جي ذميواري ھو آزاد بلوچ قبول ڪندو آھي، جيڪو ھميشه پاڻ کي بلوچ لبريشن آرمي جو ترجمان سڏائيندو آھي ۽ شايد بلوچن ۾ اھوئي آزاد ماڻھو آھي. بلوچ لبريشن آرميءَ جي شروعاتي ڪارواين کي ڪوئيٽا جا صحافي به لطيفي طور ٻڌائيندي چوندا ھئا، ”ھي دنيا جي واحد آرميءَ آھي جنھن جا راڪيٽ ڪوئيٽا ڪينٽ ۾ اھڙي جاءِ تي ڪرن ٿا، جتي ڪوبه نقصان نٿو ٿئي.“ ھاڻي ساڳي بلوچ لبريشن آرميءَ جي ڪارواين ۽ فون ڪالن جو ھو انتظار ڪندا رھن ٿا. ڪوئيٽا جي ڪجھه صحافين کي ته ان آرميءَ جو ننڍڙو حصو سمجھيو وڃي ٿو. ھاڻي ڪجھه بلوچ اڳواڻ سنڌين کي به اھا صلاح ڏني رھيا آھن ته ھو به پنھنجي ڪا لبريشن آرمي ٺاھي وٺن. ان جي ننڍڙي جھلڪ لاھور جي ھڪ انگريزي اخبار ۾ ڪم ڪندڙ سنڌي صحافي کي تڏھن نظر آئي، جڏھن ڊاڪٽر شازيه واري ڪيس کان اڳ ھو به ڪراچي جي ٻين صحافين سان گڏجي وڃي ڊيرا بگٽيءَ پھتو. بقول ان صحافيءَ جي ته نواب اڪبر بگٽي کيس انٽرويو ڏيڻ کان اڳ چيو ته ڇو نه پھريان تنھنجو انٽرويو ڪجي. نواب کانئس پڇيو ته ڇا سنڌ لبريشن آرميءَ جي توکي خبر آھي؟ سنڌي صحافيءَ جي انڪار تي ھن کيس ڇڙٻيندي انگريزي ۾ چيو: توکي پنھنجو پاڻ تي افسوس ڪرڻ گھرجي. سنڌي ھوندي به تون سنڌ لبريشن آرميءَ کي نٿو سڃاڻين.“ يار پر ائين ڇو آھي ته سدائين بلوچ اڳواڻ ئي اسان کي ٻڌائين ته سنڌين کي ھيئن نه، ھونئن ڪرڻ گھرجي. ان صحافي تعجب مان سوال ڪيو. اھڙي ئي تعجب وچان گھڻي ڳولا کان پوءِ جڏھن بلوچ مونکي ڪوئيٽا ۾ نه مليا، ته ڪتابن جي ھڪ دڪان تي چڙھي وياسين. جتي زلفيءَ ان دڪان جي مالڪ صحافي سان تعارف ڪرايو. جيستائين سندس چانھه اچي، تيستائين مون کانئس سوال ڪيو، جيڪو ڪوئيٽا جي روڊن رستن تي ڦرندي منھنجي اکين ۾ ترندو رھيو. ”ڪوئيٽا ۾ بلوچ اڪثريت ۾ ڇو ناھن؟ بلوچ قوم پرستن جي سياست ھن شھر تي ڇو ناھي. ان جا ھن جيڪي ٻه مک پاسا ٻڌايا. جي پشتون بلوچ ٽڪراءُ ٻيو خود بلوچ قوم پرستن جو قصور. ”سو ڪيئن؟“ اھو سوال يڪدم منھنجي ذھن ۽ زبان تي اچي ويو. ھو پڙھيل لکيل ھيو. ڪو عام رواجي صحافي نه ھو. ھن کڻي سمورا ليکا چوکا کولي آڏو رکيا. ”پاڪستان ۾ اقتداري سياست اھڙي راند آھي. جنھن کان ٻاھر ويھي ڪجھه نٿا ڪري سگھون. بلوچ قوم پرستن کي جڏھن ان راند جو حصو ٿيڻ جو موقعو مليو، تڏھن ھنن ڇا ڪيو“ ايتري ۾ سندس آڇيل چانھه به اچي وئي. ھن سگريٽ جو آخري ڪش ھڻي. سگريٽ اڇلي چانھه ٺاھڻ شروع ڪئي. چانھه سان گڏ ھو پنھنجي ٽٽل گفتگو به ٺاھڻ لڳو. ھن ڀيري سندس لھجو سخت ھو. ”معاف ڪجو، پر مان نالا کڻڻ کان سواءِ ٿو ٻڌايان. جڏھن ھڪ نوجوان بلوچ اڳواڻ چيف منسٽر ٿيو ته ھن بلوچن جي مجموعي مفاد لاءِ ڪھڙو پراجيڪٽ ڏنو، ڪو اسڪولن ۽ اسپتالن جو ڄار يا بلوچن لاءِ مخصوص نوڪرين جي ڪا ڪوٽا؟ ڪجھه به نه اھو سڀ ڪجھه ھو ڪري نه سگھيو. پر ايف سي وارن کي پنھنجي ذاتي زمينن جي معاوضي وارا چار ڪروڙ ضرور وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.“ ڪوئيٽا جي ننڍڙي گھٽيءَ ۾ موجود ڪتابن جي مختصر دڪان۾ بھتر موسم ھوندي به اوچتو گرمي پيدا ٿي ويئي. ھو بلوچ نه ھو، پر بلوچن لاءِ سندس دل ضرور ڪڙھي پئي. ان کي پلئه الاءِ ڇا پوڻو ھو. ڇو ته سنڌين جيتري بلوچن جي حقن جي لتاڙ خلاف پنھنجي دل ڪاڙھي آھي، ايتري ئي کين طنز ۽ تذليل نصيب ٿي آھي. ”سنڌي ويچارا ھمدردي ته رکن ٿا، پر بلوچن سان ميدان ۾ گڏ نه ھوندا. سنڌين ويچارن جا ته پنھنجا شھر ئي ھٿن مان ھليا ويا. اھي اسان جي ڪھڙي مدد ڪندا. سنڌي ويچارا پاڻ ئي پنھنجا حق نٿا وٺي سگھن. اسان جي حقن لاءِ ڇا آواز اٿاريندا. سنڌي ويچارا . . . . سنڌي ويچارا . . . .سنڌي ويچارا. . . . “ اھي بيان ڪي سيکڙاٽ ۽ نوان سياسي ڪارڪن نه، پر بلوچستان جا اھي سينئر اڳواڻ ڏئي رھيا آھن، جن پنھنجا وار پاڪستان ۽ خاص طور بلوچستان جي سياسي لاھن چاڙھن ۾ اڇا ڪيا آھن. انھن ڪڏھن به اھي بيان جاري نه ڪيا ته پٺاڻ ويچارا پاڻ مظلوم آھن. اسانجي ڪھڙي مدد ڪندا؟. نه ئي ھنن اھو چيو ته سرائيڪي ويچارا پاريسڙي ته آھن، پر مظلوم آھن. اھي اسان ڪھڙو گڏ ھلي سگھندا؟ جيتوڻيڪ پاڪستان جي قوم پرستن منجھان فقط ھڪ سنڌي قوم پرست ئي ھيا. جن سڀ کان پھرين بلوچن جي حمايت ۾ سنڌ اندر ھڙتال ڪرائي. اھڙي ھڙتال شايد خود بلوچستان ۾ به اڃا تائين نه ٿي ھجي. پر پوءِ به ”سنڌي ويچارا . . . . !“
    سنڌي قوم پرستن پاران بلوچن جي حمايت ۾ ھڙتال ڪامياب ڪرائيندڙ ھڪ قوم پرست اڳواڻ کان جڏھن پڇيم ته ته ڪنھن بلوچ اڳواڻ فون ڪري ٿوڙو مڃيو. ته ھن ٺھه پھه وراڻيو: ”انھن مان ڪنھن به فون نه ڪئي آھي، پر اسان جي سنڌي قوم پرستن پاڻ فونون ڪري بلوچ اڳواڻن کي ٻڌايو ته اسان اوھان جي حمايت ۾ شاندار ھڙتال ڪرائي. ان ھڙتال ۾ شھر ڪشمور به بند ڪرايو ويو. جنھن مٿان سال ڏيڊ اڳ جڏھن ھٿياربندن حملو ڪيو ھو ته ڪيترائي معصوم شھري مارجي ويا ھئا. ڊبل ڪيبن گاڏين ۾ سوار اھي ھٿياربند حملي کان پوءِ ڊيرا بگٽي سوئي طرف واپس ھليا ويا ھئا. ڪشمور واسين کي پراڻي تاريخ جا اھي ڏينھن ياد اچي ويا ھئا. جڏھن مدد خان جا لشڪر ايندا ھئا ۽ ھتان جا رھواسي گھوڙا گھوڙا ڪندا ھئا. ھاڻي گھوڙن بدران ڊبل ڪيبنون ھيون. درياھي ماڻھن جي نماڻائي ڏسو، نه ھنن مدد خان جي روايت تي عمل ڪندڙن کان معافيءَ جو مطالبو ڪيو نه بلوچن کي ڪا ميار ڏني. ڪنھن به بلوچ اڳواڻ اڄ تائين ان سانحي تي افسوس جو به اظھار نه ڪيو. پر پوءِ به سڀ ڳالھيون ڇڏي ھنن بلوچن جي حمايت ۾ ھڙتال ڪئي، پر اھڙيءَ ھڙتال کي بلوچ اڳواڻن ايترو به نه ساراھيو، جيترو ھنن متحده اڳواڻ الطاف حسين جي حڪومت کان ڌار ٿيڻ واري ڌمڪيءَ جي ڪئي. بلوچ اڳواڻ اھو ڇو نه ٿا سمجھن ته سنڌي قوم پرستن جو نه ته ڪو لشڪر آھي، جيڪو ميدان جنگ لاءِ کين موڪلجي ۽ نه ئي ڪي اسيمبلي سيٽون آھن جن تان ھو بلوچن جي حمايت ۾ استعيفائون ڏين. پوءِ به پنھنجي حال آھر ھو اخلاقي سياسي مدد ڪن ٿا، ته ان کي ساراھڻ بدران ميارن مٿان ميارون ڪيئن مناسب سڏي سگھجن ٿيون؟“ سنڌي قوم پرست اڳواڻ چيو. بقول ھن جي ته ”انقلاب لاءِ جدوجھد صرف اي ڪي 47 رائيفل جو نالو ناھي. انقلاب روين ۾ تبديلي جو نالو به آھي. درياھي ماڻھن جي اھا نماڻائي آھي، جنھن کين ھميشه لشڪري ۽ بياباني فورسز کان مارايو آھي. تاريخن ۾ ھو مارون کائيندا آيا آھن، پر حق جي ڳالھه ته چوندا آيا آھن. درياھي ماڻھن جا رويا پھاڙي ماڻھن جي روين کان مختلف ٿين ٿا، اھي درياھي ماڻھن جي درياھ دلي آھي، جو ھنن ڪڏھن به ائين ناھي چيو ته سانگھڙ ۾ به ھڪ بلوچ سردار جو پٽ نجي جيل ھلائي ٿو. اھو جيل ايترو طاقتور آھي جو انساني حقن واري ڪميشن جي مشھور زمانه ”نجي جيل ٽوڙيو“ مھم ۾ ان جيل کي ٽوڙي ھارين جا زنجير نه ڪڍرائي سگھي. پر پوءِ ڇا سانگھڙ ۾ بلوچن جي حمايت ۾ ھڙتال نه ٿي؟“
    بلوچستان اسيمبلي جي آس پاس وارن روڊن تي گھمندي، اوچتو مونکي ڳڙھي ياسين جو اھو سرخو ياد اچي ويو، جيڪو ھاڻي پنھنجي علائقي جو ناظم بڻجي ويو آھي. ضيائي مارشلا دوران جڏھن سندس ساٿين کي ڪوئيٽا جيل ۾ ئي وٺيو پئي ويا ته ھن جيل جون سيخون لوڏي چرين جيان رڙيون ڪري چيو ھو، ”لگائو ڪوڙي اپني باپ کي جاگير سمجھه ڪر لگائو، ڪتني لوگون ڪو ڪوڙي لگائوگي!“ ان سرخي جون ان دور واريون رڙيون، ڇا ڪنھن بلوچ ورنايون ھيون؟ اھي ڦاھيون ڦٽڪا ڪوئيٽا کان وٺي ڪڍڻ تائين سموري سنڌ اندر سياسي ڪارڪنن جو ڏاج بڻيل ھيون. ضيائي مارشلا جو گھڻي ۾ گھڻو زور سنڌين مٿان ھو، جن جا ڳوٺ بمباري ڪري ڊاٿا ويا. ڌرڻو ھڻي ويٺل ماڻھن کي گوليون ھڻي ٽرڪون سندن لاشن مٿان گذاريون ويون. تڏھن شايد بلوچ سردار پنھنجي پنھنجي ڊيرن تي ويٺا، جرڳا ڪري رھيا ھئا يا سرداري مسئلا نبيري رھيا ھئا، پر سنڌين منجھان ڪنھن کين اھا ميار ڪونه ڏني ھئي، ته ويچارا بلوچ . . . اسان جي مدد ڇا ڪندا.“ خيالن جو اھو سلسلو تڏھن ٽٽو، جڏھن ملتان کان آيل ھڪ کل مک سرائيڪي وڪيل وڏي ھوٽل جي بيري کي الاءِ ڪھڙي رمز سان چيو. ”او بيوفا بلوچ! جوس دا گلاس ڏيوين!“
    ڪوئيٽا ۾ جي بلوچ ائين ٽڙيل پکڙيل مليا، ته مچ ڀرسان ڪوئلي جي کاڻين ۾به ھو ورلي ئي نظر آيا، ڪوئيٽا ۾ عام تاثر اھو ھو ته بلوچن جون حالتون تبديل نه ٿي سگھيون آھن. اھي ميارون بلوچ قوم پرستن تي اچن يا نه، پر ڪيچ مڪران جي ھڪ لڄ (عورت) پنھنجي علائقي جي ٻين لڄن جي حياتين ۾ آھستي آھستي تبديلي آڻي رھي آھي. ڪيچ مڪران جي مند واري علائقي ۾ ھڪ رند ڇوڪري 80ع واري ڏھاڪي ۾ آئي ته علائقي ۾ تعليم اڻلڀ ھئي. قطر کان موٽيل جلال الدين جي ڌيءُ زبيدھ ٽيھن سالن اندر مند کي ھڪ ماڊرن شھر بڻائي ڇڏيو آھي. جتي تعليم جي اھميت توپ کان وڌيڪ اھم آھي. ان لڄ واري تاريخي پسمنظر واري علائقي ۾ ماڻھن نياڻين کي تعليم ڏيارڻ شروع ڪئي آھي. جتي ڪاروڪاري واقعن کان پوءِ چيو ويندو ھوته، ”اسان لڄ تي لڳل داغ ڌوئي ڇڏيو.“ اھڙي روايت سبب ئي بلوچ تاريخدان ڊاڪٽر شاھ محمد مري بلوچستان کي ”لڄ جو ڌوٻي گھاٽ“ لکيو آھي. ”ڇا بلوچستان جا اقتدار ۾ آيل سردار پنھنجي پنھنجي علائقي ۾ ايترو به نه پئي ڪري سگھيا، جيترو پرويز مشرف جي پيءُ جي دوست جلال رند جي ڌيئرن پنھنجي علائقي ۾ ڪيوآھي؟“ ھڪ استاد چيو، جيڪو ھميشه چوندو رھيو ته استاد جي عزت مند وڃي ڏسو. سواءِ در کڙڪائڻ جي ھو ڪنھن به گھر ۾ وڃي سگھي ٿو. ھو سدائين چوندو رھي ٿو ته زمانا بدلجي ويا آھن ھاڻي بلوچستان جي ٻين علائقن ۾ به ھٿيارن بدران ايترا ئي ڪمپيوٽر ۽ ڪتاب ھجڻ کپن، جيترا ڪيچ مڪران جي لڄن جي ڳوٺ مند ۾ آھن!


      دربدريءَ جو درد

    ان ڏينھن مظفر آباد جي پراڻي لاري اڏي ۽ بئنڪ روڊ ڀرسان پئي گذرياسين ته ماڻھن جي رش ۽ گاڏين جي پيھه ته جام ھئي. پر بازارن ۾ دڪان ڪونه ھئا. اھي سڀ دڪان 8 آڪٽوبر واري زلزلي سبب اھڙو ته ڊھي پيا، جو اڃا تائين سنوت ۾ نه اچي سگھيا. حسين قدرتي منظرن واري ھن شھر ۾ زلزلي کان اڳ جيڪي دڪان مالڪ ۽ گھر مالڪ ھئا، سي ھاڻي زلزلي کان پوءِ وارن ڏينھن ۾ ملبي مالڪ بڻجي ويا آھن. سندن ڪل ڪائنات اھي ملبي جا ڍير آھن، جن ھيٺان سندن ذات سان وابسته ھر شئي اچي وئي آھي. ڪشميري به عجيب عذابن واري زندگي پيا گذارين، جيئن سندن سياست ۽ معشيت آزاد نه رھي آھي، ڄڻ ته اھا به ڪن ڏھاڪن کان ڪنھن ملبي ھيٺ آيل ھجي. تيئن ئي ھاڻي سندس زندگين جي ڪل جمع پونجي انھن عمارتن ھيٺان اچي دٻجي وئي آھي، جن عمارتن جي تعمير سان سندن سوين خواب ٽاڪيل ھئا. مظفر آباد جي ڊھي پٽ پيل سينٽرل جيل سامھون جيڪا ٽه ماڙ عمارت ھئي، ان جي ملبي (ملبي جو ڪو سنڌي متبادل لفظ نٿو ٿي سگھي!) منجھان دڪان مالڪ ڪجھه سامان ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ رڌل ھئا. ”ھي ستون ڏينھن آھي، اسان روزانو اچي دڪانن مان ڪجھه شيون ڪڍڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا سڄو ڏينھن محنت ڪري شام جو ناڪام تي موٽي وڃون ٿا، پر آزاد (ڪشمير) گورنمينيٽ ڪا به مدد نه پئي ڪري. اسان ڪجھه سرون ۽ پلستر ته ھٽائي ٿا سگھون، پر ھي آر سي سي ڇتيون۽ وڏا پلر ڪير ھٽائي؟“ ان عمارت ۾ زلزلي کان اڳ قائم ھڪ بوڪ اسٽور جو مالڪ ٻڌائي رھيو ھو، جنھن جي مدد لاءِ سندس ڀائر ۽ دڪان ملازم به پھتل ھئا.
    مظفر آباد ۾ مشينري تمام محدود ۽ تباھي تمام وڏي پيماني تي ٿيل آھي. ان بوڪ اسٽور مالڪ ڪا ڳري مشينري ڪرائي تي به حاصل ڪرڻ چاھي، پر اھا کين ھزارين روپين جي مسواڙ تي پئجي وڃي ھا. بازار ۾ لڳ ڀڳ ھر دڪاندار پنھنجي مدد پاڻ تحت اھو ڳرو ملبو ھٽائڻ جو ڪم ڪري رھيو ھو. 8 آڪٽوبر واري سموري تباھي جي باوجود مظفر آباد اڃا به ايتروئي خوبصورت آھي، جيترو ڪشميرين جو پيار. جنھن پيار جون ڪئي ڪھاڻيون اڃان به مظفر آباد جي محلن ۾ ٻڌڻ ۽ ڏسڻ لاءِ ملن ٿيون. زلزلي واري صبح جڏھن دنيا ڌوڙ ۽ سڀ رشتا ڪوڙ ٿي رھيا ھئا، ان صبح راشده پڻ پنھنجي گھر ۾ موجود ھئي. راشده مظفر آباد يونيورسٽي ۾ ڪيميسٽري جي فائنل ايئر جي شاگردياڻي ھئي. دنيا ڌوڙ ٿيڻ واري صبح ھوءَ يونيورسٽي ڪونه وئي ھئي ۽ ڪشميرين سان منسلڪ روايتي سستيءَ سبب ھوءَ ٻين گھر ڀاتين جيان تڪڙو نڪري به نه سگھي. زلزليءَ جي آندل تباھي کان ترت پوءِ سندس گھر ڀاتين کيس ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. 3 ڪلاڪن جي ڳولا کان پوءِ ھو گھر جي ڪنڪريٽ پلر ھيٺان مئل حالت ۾ ملي. گھر ڀاتي جيترو زور لڳائي سگھيا. ايترو انھن لڳايو. پوءِ به ھو صرف سندس چھري ۽ ڪلھن تائين ملبو ھٽائي سگھيا. باقي پلر کي ھٽائڻ ھنن جي وس ۾ نه ھو.
    پوءِ مائٽن ڇا ڪيو؟ منھنجي تجسس ڀرئي سوال راشده جي ڳالھه ٻڌائيندڙ اپر محلي جي ڪشميريءَ کي پاڻي به پيئڻ نه ڏنو ۽ ان ڳالھه جاري رکي. ”راشده جي مائٽن جاءِ جي، بلڪل لاش جي ڀرسان ئي ٽينٽ ھڻي ڇڏيو. لاش جي چھري کي ھنن سفيد ڪپڙي سان ڍڪي ڇڏيو ھئو. پورا يارنھن ڏينھن سمورو خاندان راشده جي لاش مٿان ٽينٽ ھڻي ويٺو رھيو. جيستائين آرمي جي انجنيئرنگ ڪور اچي کين لاش ڪڍي ڏنو.“ جنھن ڏينھن راشده جي ڳريل لاش کي کنيو پئي ويو ته سندس پاڙي جا نوجوان سڪرات ۾ اچي ويا ھئا. ”راشده پوري پاڙي جو نڪ ھئي.“ ھن جھڙي سنھڙي ڇوڪري پوري محلي ۾ نه ھئي. ھڪ نوجوان جي چيل ڳالھه ٻولھه ھن ٻڌائي. پھاڙن اوچائين ۽ ھيلڪاپٽرن جي فضائي معائنن سان مصيبت ھيٺ آيل اھڙيون محبتون ڪٿي ٿيون نظر اچي سگھن. مظفرآباد شھر ۾ داخل ٿيڻ سان جنھن جڳھه کي دوميل چيو وڃي ٿو. ان اسان کي نيٽو جون فوجي عورتون گاڏي ھلائيندي مليون. نيلم ۽ جھلم ندين واري ميلاپ واري جڳھه دوميل، نيٽو جا فوجي شايد سمجھي نه سگھن، پر ان دوميل ڀرسان آزاد ڪشمير حڪومت پاران شھرجي تعارف واري بورڊ تي لکيل آھي ته ”دوميل شھر جو خوبصورت منظر آھي“ ان ئي ندين جي ميلاپ واري منظر کي ڏسڻ لاءِ جيڪو شھر جو بھترين ھوٽل سمجھيو ويندو، اھو سنگم ھوٽل به ھاڻي ڊھي پٽ پيل آھي. مظفرآباد جي ان سنگم ھوٽل سان ھزارين سنڌين جون ڪي سھانيون يادون وابسته آھن. تڏھن ئي لاھور ايئرپورٽ تان نڪرندي ھڪ سنڌي ڪاموري ڳڻتي واري انداز ۾ پڇيو. ”مظفرآباد کان ھاڻي موٽيا آھيو ڇا؟ ڀلا“ سنگم ھوٽل بچيو يا اھو به ڊھي پيو؟“ ڪشمير سان لاڳاپيل ھر شئي الاءِ ڇو ڀڄندڙ ٻرندڙ بڻجي پئي ٿي. اھي ٻن ملڪن جون ڳالھيون ھجن، ھٿياربند ڪاروايون ھجن يا اعتماد ھر شئي ڀورو. ”ڪشمير جا پھاڙ بلوچستان جي جيلن کان گھڻو مختلف آھن. اھي سرسبز وڻن سان ٽمٽار زرخيز پر پوري مٽيءَ جا ٺھيل آھن. جلد ڊھي پون ٿا.“ ڪيترائي جملا، ڀڻڪا، ٽھڪ ۽ گلائون ھميشه ان لاءِ سنگم ھوٽل جي ملبي ھيٺان اچي ويا آھن، جنھن کي ٻيھر تعمير ٿيڻ ۾ شايد ڪي زمانا لڳن.
    زمانا ته ڪشميرين جي ان نئين نسل کي به ٻيھر بحال ٿيڻ ۾ به لڳندا، جنھن کي تاريخ جي بدترين زلزلي کان پوءَ به اڌ پڙھيل مولوين جا اھي طعنا سھڻا پون ٿا ته ”توھان تي اھو خدا جو قھر نازل ٿيو آھي “ ملڪي توڙي بين الاقوامي ميڊيا تي اھي فتوائون جاري ڪندڙ مولوي ھاڻي ڪارٽونن جا عنوان بڻجي ويا آھن. اھو رڳو ٻھراڙين ۽ ڳوٺن جي مسجدن ۾ نه، پر خود بااختيار حاڪمن جي شھر اسلام آباد ۾ به اھي پڙاڏا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. الوداعي جمعي جي نماز پڙھي آيل دوست ان رات ٻڌايو ته، اسلام آباد جي اھم سيڪٽر جي مسجد جو مولوي خطبي ۾ ٽوئرزم تي ڪاوڙيل ھو ۽ اترين علائقن ڏانھن سير سفر لاءِ ويندڙ ماڻھن کي عياش سڏي ھن حاضرين کي اھو چئي پئي سمجھايو ته ڏسو انھن جو حشر. انھن فحاشي ۽ عرياني جي حد ڪري ڇڏي ھئي. ھاڻي کين خدا جي قھر کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي. اسلام آباد جي مسجد ۾ جمعي جي خطبي دوران اھڙي فتوى ڏيندڙ مولويءَ کي جڏھن ڪجھه نه چيو ويو ته پوءِ مانسھرھ روڊ تان لڙي ھڪ ننڍڙي شھر ڳڙھي حبيب الله جي ان ڳوٺاڻي مولويءَ کي ڪير منع ڪري ھا، جنھن زلزلي کان پوءِ فورن اھا فتوى جاري ڪئي ته اسان جي ڳوٺ ڳڙھي حبيب الله تي خدا جو قھر تڏھن نازل ٿيو آھي، جو اسان جي ڳوٺ ۾ تازو ئي ڪئبل سسٽم شروع ٿيو.
    چون ٿا ھن ڳوٺاڻن کي اپيل ڪئي ته ھو کيس پنھنجا ٽي وي سيٽ آڻي ڏين ته جيئن ھو انھن کي باھ ڏئي ڇڏي. افسوس پوري ڳڙھي حبيب الله منجھان کيس صرف 4 ٽي وي سيٽ باھ ڏئي ساڙڻ لاءِ مليا، پاڪستان جي اترين علائقن ۽ ڪشمير جا ماڻھو صرف پھاڙي بلندين تي ڪونه ٿا رھن، پر ڪنھن حد تائين ھو جھالت جي بلندين کي به ڀوڳي رھيا آھن. ھو پاڻ ته تمام سادا ۽ کلمک آھن ۽ ڪجھه سنڌين جيان سيڪيولر. مذھب ھجي يا سياست ھو ڪنھن به قسم جي انتھاپسندي کان دور. شايد تڏھن ئي ٻاھران لشڪر اچي کين ڪجھه سياست ۽ ڪجھه مذھب جي تبليغ ڪندا رھن ٿا. ھن دکدائڪ گھڙين ۾ جڏھن ڪشميرين جي خاندانن جا خاندان دربدر ٿيا آھن، تڏھن به کين ڪير اھو ٻڌائڻ وارو ناھي ته زلزلي اچڻ ۾ توھان جي ڏوھن ثوابن جو ڪو قصور نه، پر زير زمين ٽيٽونڪ پليٽن جي چرپر جو ڪمال آھي. سموري دنيا اھڙين 16 پليٽن تي بيٺل آھي اترين علائقن ۽ ڪشميرين جو ڏوھ صرف ايترو آھي ته ھو زمين مٿان اھڙي علائقي ۾ رھن ٿا، جتي ھن ڀيري انڊين ۽ يورو ايشن پليٽن وچ ۾ موتمار زلزلو آيو آھي. اسان جي علائقي ۾ اھي ٻئي پليٽون ڪروڙين سالن کان ھڪ ٻئي سان ٽڪرائبيون رھيون آھن، جنھن جي نتيجي ۾ ھماليه، قراقرم، ھندوڪش ۽ ٻيا پھاڙي سلسلا جنم وٺن ٿا. زير زمين ان چرپر جو ڀلا ڪشميرين جي گناھن سان ڪھڙو واسطو؟ پھاڙي سلسلن ۾ رھندڙ ماڻھن جي رھڻي ڪھڻي اسان درياھي ۽ ميداني علائقن جي ماڻھن کي تيستائين سمجھه ۾ نه ايندي، جيستائين پاڻ وڃي دشوار رستن، ھزارين فوٽ بلند پھاڙن جي ڪنارن سان ٺھيل رستن تان نه گذرون، ڪشميرين جي ڏکين پھاڙي چوٽين تي گذرندڙ دشوار ترين روزمره واري زندگيءَ کي ويجھو ڏسي اسان جي ھڪ سنڌي دوست سفر کان آيل پنھنجيون الٽيون روڪيندي چيو ھو، ”ھي به بادشاھ ماڻھو آھن، ھتان لھي شھرن پٽ پڌرن ۾ ڇو نٿا وڃن“ سندس اھو جملو مونکي ٻڌل ٻڌل پيو لڳو. فرق صرف ماڻھو تبديل ٿيڻ جو ھجي ٿو. باقي اھو جملو ساڳيو ئي ھو، جيڪو مٺيءَ کان ننگرپارڪر ويندي ٿر جي ڏڪاريل حالت ڏسي اسان جي عورتاڻي عملدار چيو ھو، ”ماڻھو ھتي بکن ۾ پاھ پيا ٿين، تنھن کان سٺو اٿن ته نڪري وڃن“ پر پنھنجو ديس پنھنجي گھٽي ۽ پنھنجي مٽي ڇڏڻ ڪيڏو ڏکيو آھي. اھو ميرپوري ماڻھن کان ڪير پڇي، جن جا ھزارين ماڻھو برطانيا ۾ آھن، پر اتي به ھو ميرپوري ڪشميري آھن. دربدري قدرتي ھجي يا جبري ماڻھن جي ۽ قومن جي دربدري دردناڪ ٿئي ٿي. ھاڻي مھاجر (متاثر ۽ مھاجر ۾ فرق ڪيترو آھي) ڪيمپن ۾ پھتل ڪشميري ٽمڪندڙ ستارن کي ڏسي اھوئي دھرائين ٿا ته؛
    کب ملي تھي کھان بچھڙي تھي ھمين ياد نھين
    زندگي تجھه کو تو بس خواب مين ديکھا ھم ني.


    . . . . . . ۽ ھاڻي توھين آميز ڪارٽون

    اھو اندازو ته ڪوپن ھيگن جي ٿڌين آفيسن ۾ ويٺل ڊينمارڪ جي سياسي قيادت کي ھرگز نه ھو ته ”ڪارٽون“ به اھڙي ڪايا پلٽي سگھن ٿا، جو ڊينمارڪ سڄي دنيا، خصوصن اسلامن دنيا ۾ ڦٽڪار جو نشانو بڻجي ويندو. اھو بلڪل ائين آھي، جيئن ڪنھن کي ڪابه اھميت نه ڏيڻ. ان غير اھم بڻايل اسم بابت ڪجھه به چئي ڇڏڻ ۽ پوءِ چوڻ ته اھو ”تھذيبن جو ٽڪراءُ آھي يا مفادن جو ٽڪراءُ“ جو عراق مان اڃا جند آجي نه ڪرائي سگھيا آھن ته ايران کي اچي ھٿ ڳنڍيا اٿن. ڊينمارڪ جي وزيراعظم توھين آميز ڪارٽون تي شروع ٿيل تنازعي جي شروع وارن ڏينھن ۾ عربي ٽي وي چئنل ”العربيه“ کي انٽرويو ڏيندي واضع ڪيو ھو ته سندس ملڪ ۾ اظھار جي مڪمل آزادي آھي. ھو مسلمانن جي جذبن جو قدر ڪري ٿو پر آزاد پريس کي ڪجھه نٿو ڪري سگھي، پر جڏھن بيروت ۾ ھزارين مڇريل ماڻھن پنھنجي سفارتخاني کي لڳايل باھ ڏٺائون ته سندس پرڏيھي وزير معذرت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ان کان اڳ بي بي سي ٽي ويءَ جي سربراھ اھي ”فوٽيج“ ھلڻ تي معذرت ڪئي ھئي، جنھن دوران اخبارن ۾ شايع ٿيل توھين آميز ڪارٽون پري کان ڏيکاريا ويا ھئا. ان کان اڳ فرانس جي ان اخبار جي ايڊيٽر کي ھٽايو ويو، جنھن اھي ڪارٽون ٻيھر ڇاپيا.
    گستاخانه ڪارٽون جو مامرو جنھن انداز سان اٿاريو ويو آھي. ان ۾ اظھار جي آزادي کان وڌيڪ ڪنھن مذھب خلاف پلجندڙ بغض ۽ نفرت جو عمل دخل وڌيڪ آھي ڊينمارڪ جي جنھن ”جئي لينڊز پوسٽن“ اخبار اھي گستاخانه ڪارٽون سڀ کان پھرين گذريل سيپٽمبر ۾ شايع ڪيا، ان جي ڄڻ ته دل نه ٺري سگھي ۽ ھنن ٻيھر نه رڳو پاڻ شايع ڪيا پر فرانس، پولينڊ ۽ ٻين يورپي ملڪن جي اخبارن پڻ ھڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ خاطر اھي توھين آميز ڪارٽون بار بار شايع ڪيا، انھن توھين آميز ڪارٽونن جو اوچتو شايع ٿيڻ ڀلي ته اتفاقي ھجي، پر جڏھن 12 مختلف آرٽسٽن کي ڪنھن اخبار پاران صرف”اسائنمينٽ“ ئي اھا ڏني وڃي ته ھو آخري نبي صه کي ڪيئن ٿا ڏسن ته پوءِ اھو اتفاق کان وڌيڪ ڄاڻي واڻي دھرايل عمل ٿي پوي ٿو. اصل مامرو ”ڪرٽ ويسٽر گارد“ نالي آرٽسٽ جي ٺاھيل توھين آميز ڪارٽون تي متو، جنھن کي بعد ۾ جينز جيولس ھينسين، راسمس بئنڊ ھائر ۽ ٻين ڪارٽونسٽن فالو ڪيو. اھو اظھار جي آزادي يا سھپ ۽ رواداريءَ جو مسلم دنيا لا ءِ ھرگز ٽيسٽ ڪيس نٿو ٿي سگھي، جو ھاڻي مغربي ملڪ اھو باور ڪرائين ته مسلم دنيا ھاڻي سھپ ۽ برداشت جو مظاھرو ڪري. مسلم دنيا کي ھر ڀيري ڪنھن بش ۽ بليئر جي جنگي جنون ۽ تعصب وارين اکين سان ڏسڻ به ضروري ناھي. مسلم دنيا جي مذھبي حساسيت کان اڻواقف ڪارٽونسٽ کي ڪھڙي خبر ته حضرت محمد صه جي حيثيث مسلمانن جي نظر ۾ ڇا آھي. انھن جي نظرن ۾ ڀلي ته اسامه بن لادن، ايمن الزواھري ۽ ملان عمر جا خاڪا مسلمانن طور ھجن، پر پيغمبر صه جو مان ۽ مرتبو گستاخانه ڪارٽونسٽ جي سوچ کان به گھڻو مٿانھون ٿئي ٿو.
    مذھبي حساسيت ھر علائقي ۽ ملڪ ۽ قوم جي پنھنجي نوعيت جي ٿئي ٿي، دنيا جي ثقافتي مرڪز پئرس جي سئنيمائن ۾ جڏھن حضرت عيسى عه جي زندگي تي ٺھيل فلم (لاسٽ ٽيمپٽيسن آف دَي چرسٽ) لڳي ھئي، جنھن ۾ حضرت عيسى کي ھڪ عورت سان ويجھڙائيءَ ۾ ڏيکاريو ويو ھو، ته ان سئينما کي ڪيئن باھ لڳائي وئي ھئي، جنھن ۾ ھڪ فرانسيسي به مارجي ويو ھو. فلمون ته پئرس ۾ روز ھلن ٿيون، پوءِ ان وقت ڪنھن جي سھپ ڇو ٽٽي پئي ھئي؟ مذھبي حساسيت جو اندازو مغربي حاڪمن کي ضرور گھرجي، ڇو ته ھنن دنيا تي حڪمرانيءَ کان ھيٺ ڪا خواھش نه رکي آھي. اقتصادي ۽ سياسي محڪومي ايشيا جي سمورن مذھبن وارن ماڻھن پئي صبر سان ڀوڳي پر ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي فوج ۾ تڏھن بغاوت ڀڙڪي پئي. جڏھن اھي نوجوان ڪارتوس آندا ويا، جن مٿان سوئر ۽ ڳئون جي چرٻي چڙھيل ھجڻ واري ڳالھه ھلائي ويئي. اھا چرٻي چڪ سان لاھي سپاھيءَ کي بارود بندوق ۾ ڀرڻو پئي پيو، ايسٽ انڊيا ڪمپني ھلائيندڙ برطانوي گورن کي اھا خبر نه ھئي ته ڪيترائي ٽن آفيم چين کي وڪرو ڪرڻ تي اھي انڊيا جا ماڻھو ايترو ناراض نه ٿيندا، جيترو ڪارتوس واري چرٻيءَ تي. ساڳيو ئي بي خبري ۽ غرور جو عالم اڄوڪي مغرب جو آھي. لڳ ڀڳ پنج ملين آباديءَ وارو ڊينمارڪ ڇا اھو سمجھڻ کان قاصر آھي ته اھڙن توھين آميز ڪارٽونن سان مسلم دنيا جا اربين ماڻھو ناراض ٿيندا؟ اھا ڪا 3 مھينا پراڻي به ڳالھه ناھي جڏھن يورپي يونين جي ھڪ ٻئي ميمبر ملڪ آسٽريا ۾ اشتھاري بورڊن تي اھڙا اميجز ھنيا ويا، جيڪي سڌا سنوان سيڪسي ھئا. انھن مان ھڪ اليڪٽرانڪ ھورڊنگ تي بش، بليئر ۽ راڻي ايلزبيٿ کي اميجز ذريعي سيڪس ڪندي ڏيکاريو ويو. آسٽريا ۾ مڇريل مسلمان ته ڪونه ھئا. پوءِ انھن ھورڊنگز تي ماڻھن ڇو ڦٽڪاڙ ڪئي؟ انھن ڪاوڙيل ماڻھن کي ڌوڙ ته ملي ڪونه انڪري رستي تان برف ميڙي اھڙن بورڊن کي ھڻي ويا. ڇا ڊينمارڪ جا ڪارٽونسٽ ڊينش پيپلز چرچ جي ڪنھن پادريءَ جي ٽوپيءَ تي ائين بم رکي سگھن ٿا، جيئن ھنن مسلم دنيا جي مذھبي جذبن کي مجروح ڪيو؟
    اھڙين حساس حرڪتن سان اھو نام نھاد تھذيبن جو ٽڪراءُ ھروڀرو ائين سامھون آندو وڃي ٿو، جيئن عراق ۾ موتمار ھٿيار ڳولھڻ جو ڪوڙ. ڪھڙي خبر ته ھاڻي ايران مامري تي پينٽاگون جون رپورٽون ڪوڙ نٿيون ھڻن. پوري دنيا ۾ مسلمانن جو فتني فساد وارو اميج آخر ڇو ٿو جڙي؟ لنڊن ۾ ”شوٽ ٽوڪل“ واري پاليسيءَ دوران واٽھڙو تنزانيا جو رھواسي مارجي وڃي، يا مقدونيا ۾ يورپ ڪمائڻ لا ءِ ويندڙ پاڪستاني قتل ٿي وڃن ٿا. شڪ اھو ته اھي پاڪستان جا يعني القائده جا ماڻھو آھن. ڪو سٺو تاثر نٿا جوڙين. مغرب جي بدقسمتي اھا به ٿئي ٿي ته ھنن دھشت پسندن ۽ شريف شھرين ۾ ڪوبه فرق نه ڇڏيو آھي، پر ڇا ڪجي! اسان اتحادي جو آھيون، ڪڇون به ڪيئن؟


    عورت جي ڪمائي تي پلجندڙ نڪما خواب

    تازو پنو عاقل لڳ ھڪ مواليءَ پنجاھ ورھين جي زال کي صرف ان ڪري قتل ڪري ڇڏيو جو ھن کيس نشي لاءِ ڏوڪڙ نه ڏنا. اھڙو ڪيس مارجي ويل عورت جي پيءُ ناٺي مٿان درج ڪرايو. اھا ننڍڙي خبر حقن لاءِ وڙھندڙ ماڻھن لاءِ وڏي خبر ٿي سگھي ٿي پر سنڌي سماج ۾ خبرن ۽ اطلاعن کي عام رواجي ڪري اھڙو رويو اختيار ڪيو وڃي ٿو ڄڻ ڪجھه ٿيو ئي نه ھجي. پچي راس ٿيل بيحسي جا ھونئن ته ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿا پر ھڪ سبب مردن جي وڌندڙ نڪمائپ به آھي. جنھنڪري ھن وٽ پنھنجي آمدنيءَ جو ڪو ذريعو جڏھن نٿو بچي ته ھو پيسن خاطر پنھنجي عورتن جي آمدني تي ڀاڙين ٿا ۽ ھاڻي ھنن ڄڻ ته اھو پنھنجو حق سمجھي ورتو آھي ته عورتن کي سندن چانھه کان وٺي چرس تائين ھر خرچ لاءِ پيسا ڏيڻ کپن. جي نٿيون ڏين ته وڏيون بدماش آھن. کين مارڻ کپي ۽ اھڙي تشدد ۾ ڪا زائفان مري پوي ٿي ته ھروڀرو ھاءِ گھوڙا ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناھي ڇو ته حياتي ۽ موت ته خدا جي ھٿ ۾ آھي. بندو ته صرف ڪوشش ئي ڪري سگھي ٿو.
    گلوبلائيزيشن واري دور ۾ پنھنجي پراڻي پسندي برقرار رکندڙ ٻھراڙين جا پوڙھا مولوين وانگي ڊش ۽ وي سي آر تي ڦٿڪار ڪندي اھي دانھون ڪن ٿا ته ”انھي مئي وي سي آر ھڻي ڇورن جو منھن ڪارو ڪري ڇڏيو آھي.“
    چوڻ وارا چون ٿا ته مردن جي نڪمائپ اڳ به ھئي پر جڏھن کان ڳوٺن ۾ ڊش وي سي آر جو ڪلچر پيدا ٿيو آھي تڏھن کان ڪم ڪار وارا ھمراھ به ٽوٽي بڻجي پيا آھن. نڪمائپ ۾ اڪثر اھي ماڻھو گذارين ٿا ته جن کي ٻھراڙيءَ ۾ ڪجھه ٻني ٻارو آھي ۽ ڳوٺ ۾ ڪکاوان ئي سھي، پر پنھنجا گھر آھن. اھڙن ماڻھن کي قمبر جي ان جواريءَ وانگر گھر ٻار جي ڪابه ڳڻتي نه ٿي ٿئي جيڪو پنھنجو سڄو ڏينھن جوا جي خفت ۾ گذاريندي گھر ۾ صرف رات جو سمھڻ ايندو آھي. ھن ڪڏھن به زال کان اھو نه پڇيو آھي ته گھر جو خرچ ڪيئن ھلي ٿو. سندس گھر واري ٻھڙاري جي چوڻي واري باقاعدي ”قنڌار مائي“ آھي جيڪا ھارپي جو سڄو ڪم پاڻ سنڀاليندي آھي۽ مال متاع به پاليندي آھي. ھاڻي ته کير ۽ ڇيڻا وڪرو ڪرڻ مان کيس چڱي خاصي آمدني ٿي وڃي ٿي پر بنگالي ماين جي مردن وانگر سندس سڪيلڌو مڙس جڏھن به کٽي پوي ٿو ته سندس آمدنيءَ وارا پئسا کڻي وڃي ٿو ۽ ھوءَ کيس ڪجھه به نٿي چئي سگھي.
    نڪما ۽ ٽوٽي مرد ٻھراڙين جي ”جوائنٽ فيمليز“ تي به ھڪ اھڙو مستقل بوجھه آھن، جنھن مان ڪنھن به شريف ماڻھوءَ جي ترت جند آزاد نٿي ٿي سگھي. اھڙي عذابن واري زندگي ميھڙ ڀرسان ويٺل اھو ريٽائرڊ ماسٽر به گذاري ٿو، جنھنجي ٻن جوان پٽن کي ڪو ڪم يا مزدوري ڪندي شرم ٿيندو آھي. ھو ايترو پڙھي به نه سگھيا آھن جو ڪا ھلڪي ڦلڪي نوڪري وٺي سگھن. تنھنڪري سڄو ڏينھن ڀنگ پيئڻ، تاش کيڏڻ۽ سمھي پوڻ سندن گڏيل محبوب مشغلو آھي. سندن پوڙھي پيءُ جيڪي کين شاديون ڪرايون اھي زالون به ٻارن سميت سندس ڳچيءَ ۾ آھن. ڪجھه اباڻي زمين مان کين خاندان کي کارائڻ جيتري اپت ٿئي ٿي ۽ ڌيئرون ۽ ننھرون ڪجھه سندس ھٿ ونڊائين ٿيون. ھو گھروڪم ڪار مان وڏي چستيءَ سان وقت ڪڍي ڀلا اڳٺ ۽ ٽوپ ٺاھي کيس وڪڻڻ لاءِ ڏين ٿيون. سڄو سڄو ڏينھن ۽ ڪڏھن ڪڏھن راتين جون راتيون محنت ڪن ٿيون پر پنھنجي ٽوٽي مردن کان ڪا شڪايت نٿيون ڪن. ڄڻ ته ھو سندن سڌرڻ جو آسرو ئي لاھي ويٺيون آھن. اھي ٽوٽي ھمراھ ڪڏھن ڪڏھن شھر وڃڻ لاءِ به پنھنجي زالن کان خرچ جا پيسا وٺي ٽوپي نراڙ تي ڪري نڪرن ٿا. اھڙن نڪمن ۽ ٽوٽي مردن جون گھرو زندگيون به ڏاڍي عذابن ۾ گذرن ٿيون. ھونئن ته عذاب سندن زندگين جي روزمره واري معمول ۾ شامل ٿي وڃي ٿو پر جڏھن ڪو معصوم ٻار رات جو ٻارھين وڳي اھڙي گھر ۾ بيمار ٿئي ٿو ته عورتن جا آنڊا ته منھن ڏي وري اچن ٿا پر اھي نڪما ۽ ٽوٽي ھمراھ شاندار منھن جي پڪائيءَ سان اھڙي اگھور ننڊ پئجي ويندا آھن ته ڄڻ بيماري ۾ تڙپندڙ ۽ رڙندڙ ان ٻارڙي سان سندن ڪو رشتو ناتو ئي نه ھجي.
    نڪمن مردن سان نڪاح جي رسمن ۾ ٻڌل عورتن لاءِ اڪثر ماڻھن جو گمان رھندو آھي ته سندن آمدنيءَ جو ذريعو جسم فروشي ئي ھجي ٿو پر اھڙن عذابن ۾ وقت گذاريندڙ ٻھراڙيءَ جون اڪثر عورتون ان قسم جي خيال کي ئي بيڪار سمجھن ٿيون. شھرن ۾ آرامده ڊرائنگ رومن ۾ جڙيل خيالن ۽ تصورن ۾ ڀلي سيڪس کي وڏي فطري گھرج سمجھيو وڃي پر بھراڙيءَ جي نڪمي مڙس جي ڪمائو عورت پنھنجي اھا گھرج اڪثر اڌ ننڊ ۽ اڌ جاڳ ۾ تڏھن پوري ٿيندي ڏسندي آھي، جڏھن نڪمي مڙس آڏو ھوءَ پنھنجي جان آڇي ساڻس سمھندي آھي.
    ٻھراڙيءَ جي ماحول ۾ جيتوڻيڪ زندگي ايڏي مھانگي ناھي پوءِ به محدود گھرجن جو پورائو زرعي معشيت جي گڏيل خاندان ۾ آساني سان ٿي وڃي ٿو. نڪما ۽ ٽوٽي مرد ايئن به ناھي ته رڳو ڪم ڪار نه ڪندا آھن ۽ لال جي مشھور آرسين وانگر ستا پيا ھوندا آھن پر ڪجھه صورتن ۾ اھي پنھنجو پنھنجو شوق ائين ڪيريئر ڪري کڻندا آھن. جيئن شڪارپور جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ جي زميندار جي پٽن چرس پيئڻ ۽ ڇوڪريءَ بازي کي پنھنجو ڪيريئر بڻائي ڇڏيو ھو. اھي چڱا خاصا امير ماڻھو ھئا ۽ سندن پيءُ ٽرانسپورٽ ڪمپني کولڻ وارو ھيو پر جڏھن اوچتو اھو مري ويو ته انھن شھزادن پنھنجي عورتن جا زيور ۽ گھر جون کٽون به وڪڻي به پنھنجا شوق پورا ڪيا. ھاڻي اھا وڏيرياڻي جيڪا سون سان مٿو سجائي ھلندي ھئي، تنھن کي ڀرڀاسي مان خيرات پني انھن نڪمن پٽن جي ”وزم“ جو بندوبست ڪرڻو پوي ٿو. مردن جي وزم جو به بندوبست عورتون ڪرڻ لڳيون آھن، جنھنڪري عورتن جا انداز به تبديل ٿي ويا آھن. نئون ديرو، جي اھا چرپ زبان اڌڙوٽ عورت به پنھنجي مڙس ۽ سندس ڀاءُ جي ”وزم“ جو بندوبست ڪندي ڪندي اھڙي ته ڌنڌوڙي ٿي وئي آھي جو ھاڻي گھر ۾ ٽڪاءُ ڪونھيس. صبح سان ٿڪل اچي مڙس کي پيسا ڏئي ھوءَ سمھي پوندي آھي. سندس اک جڏھن شام جو کلندي آھي ته ڪانه ڪا گاڏي کيس کڻڻ لاءِ در تي بيٺي ھوندي آھي۽ ھو سڀني گھرڀاتين سامھون تيار ٿي ڪنھن پيئڻ کائڻ ۽ فحش فلمن واري محفل ھلي ويندي آھي. ننڍن شھرن ۽ وڏن شھرن جي گھٽ ترقي وارن علائقن جي نڪمن ۽ ٽوٽي مردن جي عورتن پيسا ڪمائڻ جو آسان طريقو جسم فروشي ۾ ڳولھي ورتو آھي. انھن ۾ اڪثريت موالي ۽ نڪمن مڙسن جي عورتن جي ھجي ٿي پر بنا ڪنھن سبب جي پنھنجي ھوش حواس ۽ سالم دماغ سان ٽوٽي بڻيل مردن جون عورتون ڀرت ڀرڻ رلي ٺاھڻ جي پورھين سان گڏ بنگلن ۽ وڏن گھرن ۾ ٿانو ٻھاري ڪري پنھنجي ٻچن (نڪمن مڙسن سميت) جي پيٽ گذارڻ جو بندوبست ڪن ٿيون.
    ھونئن ته پڙھيل لکيل ماڻھن کي گھٽ نڪمو ۽ ٽوٽي سمجھيو ويندو آھي پر شھرن جي پڙھيل لکيل ۽ ڪڏھن ڪڏھن پيار جون شاديون رچائيندڙ جوڙن جا مرد به ڪم ڪار يعني ڪو آمدنيءَ جو ذريعو ڪڍڻ کان جڏھن ٺپ جواب ڏئي بيھندا آھن ته سندن پڙھيل لکيل زالون پنھنجي گھر کي تباھيءَ کان بچائڻ لاءِ ميدان ۾ اچي وينديون آھن. سکر جي ان ڊاڪٽرياڻي جنھن پيار مان ھڪ ليڪچرار سان شادي ڪئي ھئي، جي مڙس جڏھن دانشور ٿيڻ جي شوق ۾ نشو واپرائڻ شروع ڪيو ۽ ھاءِ ڪلاس جواري ٿي ويو ته سندس نوڪري چٽ ٿي وئي ۽ ھاڻي ان ھڏائين پڃري کي ٻارن سميت اھا ڊاڪٽرياڻي پنھنجي خرچ تي سالن کان ھلائيندي پئي اچي.
    اھڙا نڪما پڙھيل لکيل ڪيترائي بيوقوف آسانيءَ سان ملي وڃن ٿا. جھڙو لاڙڪاڻي جو ھڪ اڳوڻو سرڪاري آفيسر ھو. نشي جي عادت ھمراھ کان گھر ٻار وسارائي ڇڏيو ۽ جڏھن گھرو خرچ پورو ڪرڻ لاءِ سندس گھرواريءَ نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي ته ھمراھ جي ستل غيرت جاڳي پئي ۽ ھن پنھنجي باروزگار زال کي ٻارن سميت گھران ڪڍي ڇڏيو. گھرو زندگيءَ کي گھڻو چاھيندڙ اھا حسين عورت ھاڻي ھڪ ٿڪائيندڙ نوڪريءَ کي منھن ڏئي رھي آھي.
    مرد نڪما ۽ ٽوٽي ڇو ٿا ٿين اھو سوال ته لاڳاپيل موضوع جي ماھرن کان پڇڻ گھرجي پر ٽوٽي ۽ نڪمن مردن سان ڪيل ڪيترن ئي ڪچھرين مان معلوم ٿيو ت ھو چوندي اھا فشري سر تي نٿا کڻن پر ھو ويچارا مزاج ۾ ئي نڪما ھجن ٿا. واندڪائي ۽ ڪچھريون سندن محبوب مشغلو ھجي ٿو. ھو اڪثر اھڙين ھوٽلن تي ويھن ٿا جتي ويھڻ لاءِ ڪرسيون گھٽ ۽ وڏيون ڪاٺوڙيون بئنچون وڌيڪ ھونديون آھن. انھن ھوٽلن تي ھلندڙ ڪيسٽي ڪلامن ۽ چانھه مان ڀرڀور مزو ماڻي وٺن ٿا، جڏھن ته وڌيڪ مزي خاطر ھو ڇوڪرن کي به پالين ٿا. اھڙين ھوٽلن تي اڪثر نظر ايندڙ ھڪ ماستر (جيڪو يونين اڳواڻ به آھي) پنھنجي ٻين ساٿين کان ڪجھه بھتر نموني پنھنجي جذبن جو اظھار ڪري ٿو. ”سچي ڳالھه اھا اٿئي ته ماستري به رڳو ان ڪري ورتم ته جيئن پڙھائڻ نه وڃان. گھر ويٺي پئي پگھار ملي. اسان ڪڏھن ڪک ڀڃي ٻيڻو ناھي ڪيو حياتيءَ ۾. ھاڻي ڪم ڪار ڪٿي پڄندو؟“ سندس ڳالھه اڌ ۾ڪٽيندي ھڪ ٻيو ھمراھ چيو ته پنھنجي سوڀ ٻڌائي ٿو ته ٻن ڏينھن کان سندس گھر ۾ ان اٽو ناھي پر ھن کي واندڪائيءَ مان ڪا واندڪائي نٿي ملي جو گھر پيل چانور ۽ ڪڻڪ پيسائڻ لاءِ مشين تي کڻي وڃي. واندڪائي کي وندر بڻائيندڙ اھڙن نڪمن ۽ ٽوٽي مردن کي سندن ئي راڄ ڀاڳ ۾ جيتوڻيڪ ڪنھن چڱي نظر سان نٿو ڏٺو وڃي پر کين گھرن توڙي سماج اندر برداشت ضرور ڪيو وڃي ٿو. اھي پنھنجي گھراڻن جا اڌل (وڌيل) ڀاتي تصور ڪيا وڃن ٿا. انھن نڪمن ۽ ٽوٽي مردن جي اڪثريت پنھنجي ئي ڳوٺن مان چوريون ڪرائڻ ۾ ملوث رھي ٿي ته جيئن سندن اھميت ۽ حيثيث ٻين جي نگاھن ۾ نروار ٿي بيھي. ڪجھه نڪما ۽ ٽوٽي ماڻھو پاڻ به چوريون شروع ڪن ٿا ۽ جڏھن ان ڌندي سان پڄي نٿا سگھن ته پوءِ پاٿايداري وارو فل ٽائيم جاب شروع ڪن ٿا، جنھنڪري ڀرڀاسي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ سندن نام نھاد عزت ۽ نالو وڌي وڃي ٿو. ھو متاثر ڌر کان وٺي چورن تائين سڀني سان خصوصي تعلقاتن ۾ رھن ٿا. گھرن ۾ ڪجھه به آڻڻ کان ھو آزاد آھن ڇو ته ھو نڪما ۽ ٽوٽي ڀلي ھجن پر وري به آھن ته مرد انھن کان سندن عورتون ڇا پڇن ۽ ڇو پڇن؟ ڀلي پيون پاڻ ڪمائي کائن ۽ کين به کاراين.


      شدي جي ٽڪري، شور ڪوٽ جا شودا ۽ شڪارپور جو امن

    ان خبر ۾ خدا ڄاڻي ڪيتري صداقت آھي ته جنھن ڏينھن ”جاڳڻ“ جي جھوني سردار کي ھن وات ڳاڙھي پوليس آفيسر جي بدليءَ جي خبر ھئي (جنھن کيس اڇي ڏاڙھيءَ ۾ روپوشي اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪيو ھو) ته ھن خوشي وچان فائرنگ ڪري مٺائي ورھائي. اڄڪلھه گردش ۾ آيل صحافت کي نظر ۾ رکندي جيڪڏھن مٺائي ۽ فائرنگ کي خبر مان ڪڍي ڇڏيو. تڏھن به اھا حقيقت آھي ته ان ڏڪندڙ ھٿن واري پيرسن سردار کي بي انتھا خوشي ٿي ھوندي ڇو ته ھاڻي ھو سک جو ساھ کڻي ڪارين ۽ قتلن جي فيصلن واري من پسند مشغولي ۾ محو ٿي ويندو. شڪارپور مان انھيءَ آفيسر جي بدلي جي خوشي رڳوسرداري حلقن ۾ ئي نه ملھائي وئي پر اھا بدلي پنو عاقل جي آفيسرس ميس ۾ به سيليبريٽ ڪئي وئي. جتي پنھنجي ملڪ جي اصل واڳ ڌڻين کي اتر سنڌ ۾ امن امان جي بحاليءَ جو وڏو الڪو آھي.
    اھو عجيب اتفاق آھي يا ڌاڙيلن کي مليل آزادي جو نتيجو جو جڏھن ڊي آءِ جي سنڌ اتر سنڌ جي ڊگھي دوري تي آيل ھيو ته ان وقت ڌاڙيلن ھڪ ڏينھن اندر ٽن ھندن سميت 7 ماڻھو صرف شڪارپور مان اغوا ڪيا آھن. آءِ جي کي جيتوڻيڪ اھا متضاد پوليس رپورٽ به ملي چڪي آھي ته شڪارپور جي ڌاڙيلن واري صنعت ڪھڙا خان ھلائي رھيا آھن، پر ھو رات جي مانيءَ تي انھن مان ئي ڪجھه ”معززين“ سان امن امان بابت بحث ڪري ٿو. اھو ته پس منظرن ۽ روايتن جو اتفاق چئجي جو جڏھن سکر ۾ ٿيل ھڪ اعلى سطحى اجلاس ۾ ڌاڙيلن جي ڪارواين کي ٻنجو ڏيڻ واري موضوع تي خاڪي ۽ ڪاري وردي وارن وچ ۾ متضاد بحث ٿي پيو. انھن منجھان ھڪڙو لاڙڪاڻي ۾ ”شدي“ جي ٽڪريءَ تي ويھي وڏو ٿيو ۽ آفيسر بڻجي ويو. ھاڻي ”شدي“ کي به اھا شڪايت آھي ته ھو پراڻي سڃاڻپ ھوندي به سندس ڪم نٿو ڪري جنھنڪري شدي جي ٽوڪريءَ تي اھو اڳوڻو اوج ناھي رھيو. لاڙڪاڻي واري شدي جي ٽڪري کان ھاڻ ته ھو گھڻو اڳتي نڪري ويو آھي پر اڌڙوٽ عمر وارو آفيسر اڃان به پنھنجي طبيعت ۾ اھو ئي ”شور ڪوٽ“ جي شودن جو اثر کڻي گھمي ٿو جن سان فورس ۾ اچڻ کان اڳ سندس دوستي بڙ جھڙي گھاٽي ۽ خماريندڙ ھئي. سندس اھا دوستي ھاڻي پنھنجي ليول وڌائي چڪي آھي. جڏھن ته ھو آرام ده ماحول ۾ رھندي به انھن ڪردارن لاءِ بي چين ھو جن کي پوليس آفيسر ھٿ تي کنيل ڏنڊي تي نچائڻ شروع ڪيو ھو اتر سنڌ جي اصل واڳ ڌڻين ۾ پاڻ کي ڪرتا ڌرتا سڏائيندڙ ان آفيسر کي ڪير سمجھائي ته شڪارپور ۾ ڌاڙيل پنھنجون ڪاروايون ثناءالله عباسي جي بدلي ٿيڻ ۽ نادر کوسي جي ايس ايس پي مقرر ٿيڻ سان ڪونه روڪيندا آھن. جيڪڏھن ائين ھجي ھا ته ھڪ ڏينھن اندر 7 ماڻھو اغوا نه ٿين ھا. جيتوڻيڪ شڪارپور جي عام ماڻھوءَ کي سرڪار جي اھا پاليسي سمجھه ۾ اڃا به نه ٿي اچي پر ھڪ ڊي ايس پي سطح جي عملدار چواڻي ته وڏي سرڪار ھاڻي اھا پاليسي اختيار ڪئي آھي ته لوھ، لوھ کي ڪٽي. “ سرڪاري دفترن ۾ اھي رپورٽون ھاني کولڻ جي تڪليف ڪير ڪري جن ۾ انھن اڳوڻن پوليس اھلڪارن جو ذڪر ٿيل آھي، جيڪي ھاڻي ضلعي جا سرگرم ڌاڙيل ٿي ويا آھن ۽ انھن حاضر سروس اھلڪارن کي به نشاندھي ٿيل آھي جيڪي وڏن شھرن جا معروف ڪار لفٽر ٿي ويا آھن. ”حقيقت ھي آھي ته سڀ پنھنجي وڏن جي نقش قدم تي ھلي رھيا آھن ته جيئن پئسو گڏ ڪري ٽرانسپورٽر ٿي پوءِ وري سرداري پڳ پائجي. اتر سنڌ ۾ مقرر روينيو عملدار انھن پوليس آفيسرن ڏانھن اشارو ڪندي چيو جن کي نوڪرين دوران صنعتڪار ۽ سردار ٿيڻ جا شوق اچي جاڳيا آھن. شڪارپور جا ماڻھو گھڻي مٿا ڪٽ کان پوءِ به ڳجھارت ڀڃي نه سگھيا آھن ته اھا تبديلي آخر آئي ڪھڙين ڪرامتن عيوض؟ ڇا سائوٿ آفريڪا ۾ ھزارين جانورن جي ڪرايل شڪار رنگ لاٿو آھي يا اصل واڳ ڌڻين جي اشارن تي شارٽ نوٽيس تي ھڪ سياستدان پاران ڪيل پريس ڪانفرنس جو اثر ڇا به ھجي، ماڻھو اھا ڳالھه سمجھي چڪا آھن ته سرڪار جون ترجيحات ماڻھن جي مسئلن کان مٿانھيون آھن. شايد تڏھن ئي ته نوين ڪمار بابت لاڙڪاڻي ۾ جڏھن آءِ جي پوليس کان سوال پڇيا ويا ته ھن جي ڄڻ طبيعت خراب ٿي پئي ۽ ھن اھو مسئلو ايس پي سطح جو بڻائيندي چيو ته ”مين ني ايس پي ڪو بول ديا ھي“ ايئن ئي جڏھن ايس پي مسئلو ايس ايڇ او کي چئي ٿو. ايس ايڇ او وري ايس آءِ اي کي چئي ٿو ته مسئلو وڃي ترو وٺي ٿو.
    جنھن وقت حيدرآباد جي زماني ساز عملدار تي اعترافن واري شام لٿل ھئي، تڏھن اتر سنڌ ۾ پير پائڻ سان پتو پوي ٿو ته ماڻھو جيئري دوزخ ۾ ڪيئن گذاريندا آھن! سڄو ڏينھن عدالتن ۽ اسپتالن جا چڪر ڪاٽڻ کان پوءِ جڏھن ھو پريشانين جا ڍير کڻي گھر موٽن ٿا ته سڪون اتي به کين نٿو ملي. ايري چانورن کي ڳڙ واري مٺائي ۽ کير سان گڏائي نڙيءَ ھيٺ لاھڻ کان پوءِ ھو ڪٽ چڙھيل بندوق کڻي گھر مٿان موڙچي ۾ ويھن ٿا. ڇو ته زماني جا دستور بدلجي ويا آھن، ڪتن مان رسا ڪڍي پٿر ٻڌا ويا آھن. ايئن به ناھي ته ڪو اتر سنڌ جو ھر ٻيو ماڻھو ايترو امير آھي جو ڌاڙيلن کي ڀنگ خوشي سان ڏئي. ايئن ھجي ھا ته ڌاڙيل به پٽڪا، کٽون ۽ گوڏيون آڻڻ وارا مطالبا ڪري پنھنجي ليول نه ڪرائين ھا . پاڻي جي کوٽ وارن ھنن ڏينھن ۾ جڏھن چڱا ڀلا زميندار به شھرن جي ڊراءِ ڪلينرس کان به گھٽ ڪمائين ٿا ته آخر اٽريڪشن ڪھڙي آھي؟ واري سوال تي ھڪ سينئير روينيو عملدار ٻڌايو ته اھا اٽريڪشن آھي ”چورن پاٿايدارن جو نيٽ ورڪ“ ھو ڌاڙيلن کي چور چوڻ جو حامي آھي ڇو ته کيس ھاڻوڪي زماني ۾ اھي مڻيادار ڌاڙيل نظر ئي نٿا اچن. جيڪي ھيڻي جا ھمراھ ھوندا ھئا. ھو چوي ٿو ته جيستائين اھو شيطاني نيٽ ورڪ جاري رھندو تيستائين شام جو ته ڇا صبح جو به ماڻھو اغوا ٿيندا رھندا. وڏا زميندار ته نه باقي گڏھ گاڏي ۽ بٺي وارا مزدور به اغوا ٿيندا. ٿڌي مشين واري ڪمري ۾ ٻري اٿيل سندس منھن ۾ ڏسندي مونکي اھو پوليس آفيسر ياد اچي ٿو، جنھن سردارن جي سردار کي گرفتار ڪري بڪتربند گاڏي ۾ ويھاري ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪب آباد جي شھرن جو گشت ڪرايو ھو. ھاڻي جڏھن انھن آفيسرن جي حوصله شڪني ڪئي پئي وڃي ته سردار ته ڇا سندن ڪمداري ڪندڙ ڌاڙيل به مچي مواڙ ٿيندا پيا وڃن. اھو نظارو ڀل ته اسان کي سنڌين خلاف سازش نظر اچي پر ڇا ڪجي ته اتر سنڌ ۾ اغوا ۽ قتل کانسواءِ ڪاٻي خبر نٿي ملي ۽ ھر ٻئي ماڻھوءَ جي ذھن تي جڏھن خون سوار ھجي ته ان جو علاج آخر ڇا ڪجي؟
    لاڙڪاڻي جي انھن روڊن سان (جتان ٻارڙا اغوا يا گم ٿيڻ ھاڻي معمول بڻجي ويو آھي) گھمندي مونکي اھو ننگر پارڪر ياد اچي ٿو، جتان جي جھوني کان جھوني شخص جي يادگيرين ۾ اغوا جي واردات شامل ناھي پر ھتي اھو زندگي جو عام رواجي ڪاروھنوار آھي جنھن کي سرڪار نه ته گھٽائي سگھي آھي ۽ نه ئي روڪي سگھي ٿي. پوليس آپريشن ھاڻي ھتان جي ماڻھن لاءِ کل جوڳو اصطلاح بڻجي ويو آھي، جتي درجنينن ماڻھو اغوا ٿيندا ھجن اتي انھن آفتن سان گڏ جيئڻ جو ھنر ماڻھن ڳولي لڌو آھي. جڏھن ڪنھن ڳوٺ مان اغوا جي واردات ٿئي ٿي ته پوءِ ماڻھو ڏوھارين جو زيان خور ڪتي جيترو پيڇو ڪن ٿا پر پوءِ سندن پھرين منزل حد جو ٿاڻو نه پر راڄوڻي سرڪار جو ڪرتا ڌرتا مقامي وڏيرو ھجي ٿو، جنھن جو ڪو ڪمدار انھن ڏوھارين سان رابطي ۾ ھجي ٿو ۽ اھوئي اغوا ٿيل ماڻھن جا پڙيءَ تي آيل ٻڪرين جيان اگھه طئه ڪري ٿو. ڪنڌڪوٽ ۾ ڪليءَ طور مشھور سردار ته وٽس مدد لاءِ آيل ھڪ ايس ايس پي کان اھو به چئي ڀنگ طلب ڪيو ھو ته ”سائين ڌاڙيل به نانگ ناھن جو مٽي کائيندا.“ اھي ئي سردار آھن جيڪي ڀنگ طئه ڪري يرغمالي واپس ڪرائي پوليس آفيسرن تي ٿورا به ڪندا آھن. تڏھن ئي ته ھڪ ھاءِ پروفائيل ڏوھاري بڻجي ويل سردار جي ڀاءُ سکر جي ھڪ اڳوڻي ايس ايس پي کي چيو ھو ته ”ماڻھن کي ڇڏيو ته پاڻ ڀنگ ڀرين باقي جيڪڏھن توھان سان ڪو (بدليءَ جو) مسئلو آھي ته مان ڪوشش ڪريان.“ بعد ۾ ان ئي سردار جي روھڙي ۾ ويھاريل ھڪ دوشيزه جي پيءُ کي جڏھن پوليس گرفتار ڪري ورتو ھو ته ڪجھه يرغمالي به موٽي آيا ھئا. ڌاڙيلن جون وڌنڌڙ ڪاروايون ڏسي معصوم ماڻھن جو من ته وسامي ٿو پر ھن معصوم مان جند ڇڏائي ھو وڃن به ته آخر ڪيڏانھن وڃن؟ ننڌڻڪي ۽ لاوارث بڻيل سنڌ ۾ اھي اھلڪار گھمن ٿا جن کي ڌاڙيلن سان ايتري انسيت آھي جو ھو ان کي سٺي پيداور سمجھي پروموٽ ڪن ٿا. اھڙي حالت سرڪاري ڪرسي سندن آڏو رڪاوٽ بڻجي وڃي ٿي نه ته ھو ڌاڙيلن سان ون ٽو ون ملاقاتن جو سلسلو به شروع ڪري ڏين. جڏھن اھو ممڪن نٿو رھي ته پوءِ ڊائيٽينگ کي نظر ۾ نه رکندڙ رئيسن جو پاسو وٺن ٿا.
    ان سڄي ماجرا کان واقف ماڻھو ان وقت زير لب مسڪرائي وجھندا آھن، جڏھن ھو اخبارن ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪرڻ جا سرڪاري اعلان پڙھندا آھن. ڇو ته کين خبر ھجي ٿي ته پنھنجي پٽيل پوليس اھڙو ڪو به آپريشن ڪاميابيءَ سان ڪرڻ جي لائق نه رھي آھي. باقي رينجرس ۽ فوج ته ڌاڙيلن کي سدائين”پوليس کا معاملا“ سمجھندي ٽاريندي رھي آھي. ڪجھه پوليس عملدارن جوخيال آھي ته ھاڻي به ٻيھر سنڌ ۾ شايد اھو دور موٽڻ وارو آھي. جڏھن ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ فوج کي استعمال ڪيو وڃي. ھي ڏينھون ڏينھن وڌندر اغوا جون وارداتون کين ان انديشي جي اڳواٽ تياري لڳن ٿيون.


    قمبر گولين جو کاڄ بڻيل بنيادي جمھوريت!

    قمبر ۾ پوليس جي وحشياڻي ڪاروائي جي ڪنھن کي به توقع نه ھئي. ڇو ته احتجاج جو سلسلو ان ڏينھن کان ھلندڙ ھو، جنھن ڏينھن قمبر ضلعي جي نالي ۾ سنڌ سرڪار تبديليءَ جو اعلان ڪيو ھو. سنڌ سرڪار جي اھڙي اعلان تي شھري اربع ڏينھن کان ئي ڪاوڙيل ھئا. جلوسن، ڌرڻن، ٽائرن ساڙڻ ۽ رڪاوٽون کڙيون ڪري احتجاجن روڊ بند ڪرڻ جو سلسلو ھلندڙ ھو. تنھنڪري اھا ڪنھن کي به توقع نه ھئي ته ٻن ڏينھن کان خاموش بيٺل پوليس اوچتو جمعي جھڙي ڀلاري ڏينھن جاڳي پوندي ۽ گرفتاريون شروع ڪندي. کبڙي مقام واري چوراھي تان جڏھن پوليس ھڪ مزدور وزير ميڻو کي گرفتار ڪري ويئي ته ماڻھو مشتعل ٿي ويا. ھڪ ھوٽل جي مزدور جي ان گرفتاريءَ کي مشتعل ماڻھن ٿاڻي جي گھيراءُ جي دعوت سمجھي قبول ڪيو ۽ سمورا مشتعل شھري اتي گڏ ٿي ويا. شھر ۾ جيئن ته ھڙتال ھئي، تنھنڪري جلوس ۾ ھزارين ماڻھو شامل ٿي ويا. ڇو ته ان کان اڳ ٿوڙو وقت اڳ ئي قمبر شھر جي 40 کان مٿي سياسي ۽ سماجي پارٽين گڏجي قمبر ضلعو بچايو جدوجھد ڪميٽي ٺاھي ھئي، جنھن جي سڏ تي اناج منڊيءَ کان ھزارين ماڻھن جو جلوس نڪتو ھو. شھر جي اھڙي نازڪ حالت وارن ڪلاڪن دوران ھڪ پورھيت جي گرفتاري ان عوامي طاقت کي چئلينج ڪرڻ برابر ھئي. جيڪا سنڌ جي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب رحيم جي انھن بيانن تي اڳواٽ ئي ناراض بڻيل ھئي، جن ۾ ھن چيو ھو ته ”اسان کي احتجاجي تحريڪن کي ماٺ ڪرائڻ به اچي ٿو“ وڏي وزير جي اھڙن بيانن پوليس کي پنھنجي روايتي ”ڪرڙي اک“ ڏيکارڻ جي ڄڻ ته کلي ڇوٽ ڏيئي ڇڏي، اھو انھن اگرن بيانن جو ئي ڪمال ھو. جو جنھن شھر ۾ ضلعي ٿيڻ جي خوشي ۾ مبارڪبادن وارا بينر لڳايا ويا ھئا، ڪالھه ان ئي شھر ۾ پتلا سڙي رھيا ھئا.
    قمبر ٿاڻي اڳيان گڏ ٿيل شھري ان پورھيت جي آزاديءَ جومطالبو ڪري رھيا ھئا. جنھن کي پوليس بظاھر بنا ڪنھن سبب جي گرفتار ڪري آئي ھئي. ٿاڻي آڏو گڏ ٿيل ھزارين مشتعل ماڻھن کي ٿڌو ڪري معاملو ٽارڻ بجاءِ لاڙڪاڻو پوليس جي ڪجھه بدنام زمانه عملدارن شھرين کي ويتر ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيون. ان وقت ڪو به سينئر پوليس عملدار ٿاڻي تي موجود نه ھو. جنھن ڪري ھڪ سب انسپيڪٽر سطح جي عملدار ماڻھن جي ان ھجوم مٿان فائرنگ جو حڪم ڏنو، جنھن کي شايد ڊي پي او اھڙا زباني احڪامات ڏيئي ڇڏيا ھئا. پوليس جي فائرنگ پوري شھر کي عملي طور جنگ جي ميدان ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. نتيجي ۾ پوليس صرف بچائڻ ۾ پوري ٿي ويئي. ھزارين ماڻھن مٿان جڏھن گوليون ۽ آنسو گيس جا شيل ھلايا ويا. تڏھن شھر جي ھر گھٽيءَ ۾ ڀڄ ڍڪ شروع ٿي ويئي. قمبر ۾ جيئن کاڌ خوراڪ وارين شين جي کوٽ ٿي پئي ھئي، تيئن ئي ايمبولنسن جي به کوٽ ٿي پئي. لاڙڪاڻو، رتوديرو ۽ ٻين شھرن کان ايمبولنسون آڻائي، مارجي ويلن توڙي زخمين کي اسپتال پھچايو ويو. اسپتال ۾ به سھولتن جي اڻاٺ سبب شديد زخمين کي لاڙڪاڻي اسپتال پھچايو ويو.
    شھرين جي مارجي وڃڻ جي اطلاع کان پوءِ ھزارين شھرين جو ھجوم قمبر اسپتال اڳيان گڏ ٿي ويو، جتي پوليس خلاف مسلسل نعريبازي ٿيندي رھي. ”سائين اسان ماڻھن جو ھر رويو برداشت ڪيو، پر جڏھن انھن ٿاڻن تي حملو ڪري مال خاني جا تالا ٽوڙڻ شروع ڪيا ته اسان به ايڪشن ڪيو. ماڻھن ٻي ڪا واھ ئي نه ڇڏي.“ ھڪ سينئر پوليس عملدار قمبر پھتل ڊي آءِ جي سکر ريجن کي ٻڌايو. پر پوليس جي اھڙي موقف کي شھري ڪوڙو قرار ڏيئي رھيا آھن. قمبر ۾ وقفي وقفي سان شھرين ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون رات دير تائين ھلنديون رھيون. قمبر ۾ لاڙڪاڻي پوليس جي اھڙي وحشياڻي ڪاروائي خلاف شھرين روڊن تي لاش رکي ڌرڻا ھنيا۽ جلوس ڪڍيا. قمبر شھر ۾ ھر ھنڌ دونھين جي بوءِ ھئي. ڪٿي اھا ٽائرن کي احتجاج طور ساڙڻ کان پوءِ اٿيل دونھين جي بوءِ ھئي ته ڪٿي وري پوليس جي شيلنگ کان پوءِ ڳوڙھا آڻيندڙ گئس جي بوءِ قمبر واسين جي جسم ۾ اھي ٻئي دونھان زھر ڀريندا رھيا. اھو زھر غلط حڪومتي فيصلن خلاف احتجاج ۾ طاقت طور استعمال ٿي رھيو آھي. قمبر ۾ ھر جاءِ ھر چوڪ تي ھڪ منفرد مزاحمت جو منظر سامھون پئي نظر آيو، جنھن وقت پوليس ٿاڻي اڳيان گڏ ٿيل ماڻھن مٿان گوليون ۽ ڳوڙھا گئس وسائي رھي ھئي. ان وقت تعلقي ڪائونسل جو ھنگامي اجلاس به ھلي رھيو ھو . تعلقي ڪائونسل قمبر جي ڪنوينر نوراحمد بروھيءَ جي صدارت ۾ سڏايل ان اجلاس ۾ تعلقي ناظم سردار خان چانڊيو به شريڪ ھو. پوليس اٽالن تعلقي ڪائونسل اندر گھڙي نه رڳو ڀڃ ڊاھ ڪئي، پر اجلاس به ٿيڻ ڏنو. تعلقي ڪائونسل جي ميمبرن عتيق احمد شاھ ۽ محمد فاروق اھڙي پوليس ڪاروائي کان چند منٽ پوءِ ٻڌايو ته پوليس کين تعلقي ڪائونسل اندر يرغمال بڻائي رکيو ۽ سندن چرپر تي پاپندي ھنئي وئي.
    صدر مشرف جي متعارف ڪرايل اقتدار جي ھيٺين سطح تي منتقليءَ واري نظام جون قمبر ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڌڄيون اڏامندي نظر اچن ٿيون، جتي آئين ۽ قانون کي ھڪ طرف رکي فقط پوليس راڄ قائم ڪيو ويو آھي. اھو عجيب اتفاق جمعي ڏينھن ئي ٿيڻو ھو ته پوليس ھڪ طرفي تعلقي ڪائونسل قمبر کي اجلاس ڪرڻ نه ڏنو ۽ ٻئي طرف ضلعي اسيمبلي لاڙڪاڻي جو اجلاس به نه ڪرڻ ڏنو ويو. جنھن وقت قمبر ۾ پوليس ۽ ناظمن وچ ۾ تعلقي ڪائونسل ھال ۾ چڪريون ھلي رھيون ھيون. ان وقت ئي ضلعي اسيمبلي ھال لاڙڪاڻو پوليس جي گھيري ھيٺ ھو. جنھن جي مک گيٽ اڳيان اھي پوليس ۽ روينيو عملدار ناظمن کي ھال اندر وڃڻ کان روڪي رھيا ھئا. جيڪي ڪجھه وقت اڳ تائين ان ساڳئي اسيمبلي ھال اندر ناظمن اڳيان ڪٽھڙي ۾ بيٺل جوابدارن جيان سوالن جا جواب ڏيندا ھئا. لاڙڪاڻو ضلعي اسيمبلي جو اھو خصوصي اجلاس جناح باغ چوڪ اڳيان وچ روڊ تي ڪنھن تماشي کان گھٽ نه ھو، جيڪو به ان تماشي جوئي ننڍڙو حصو ھيو، جيڪو تماشو سنڌ سرڪار لاڙڪاڻي، قمبر ۽ شھدادڪوٽ جي عوام سان مسلسل ڪري رھي آھي. قمبر ضلعي جي نالي جي تبديلي کي ھتان جا ماڻھو پٽڪو پارائي، وري لاھڻ برابر سمجھن ٿا ۽ اھي ان ڪري به وڌيڪ مشتعل آھن، جو انھن سنڌ جي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي ان بيان کي چئلينج طور قبوليو آھي، جنھن ۾ ھن ماڻھن جي اٿندڙ عوامي آواز کي سرڪاري ڏنڊي جي زور تي ماٺ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آھي. قمبر ۾ ايم آر ڊي تحريڪ کان پوءِ ھي پھريون ڀيرو آھي جو ان سطح جا مظاھرا ۽ جلوس ٿي رھيا آھن، جن کي پوليس جي جي نااھل آفيسرن جي حڪمت عملي سبب ھاڻي سول نافرمانيءَ جا واقعا به چيو وڃي ٿو. قمبر جي ھڪ سينئر سياسي ڪارڪن چيو. قمبر جي ماڻھن ۾ ھڪ لحاظ کان ڪاوڙ ته سي ايم ھائوس مان جاري ٿيل اھڙي بيان تي به آھي، جنھن ۾ چيو ويو ته قمبر ضلعو نواب شبير احمد جي چوڻ تي نه ٺھيو ھو ۽ ان ضلعي جو نئون نالو شھدادڪوٽ صلاحڪار سلطان کھاوڙ جي چوڻ تي رکيو ويو آھي. ڇو ته شھدادڪوٽ ۾ ماڻھن جي احتجاج کي ماٺ ڪرائڻو ھو. قمبر واسي نالن سان سياسي اڳواڻن کي ڪريڊٽ ڏيڻ ۽ کسڻ جھڙن بيانن تي به چڙيل آھن. شايد اھوئي سبب آھي جو حڪومتي ڌر ۾ شامل ھوندي به نواب شبر احمد چانڊيو ۽ سندس ساٿي احتجاج ڪري رھيا آھن.
    قمبر جا ماڻھو حيران آھن ته سي ايم ھائوس کان وٺي قمبر ٿاڻي تائين سنڌ سرڪار جي سوچ ھڪ جھڙي ڇو آھي؟ نوان ضلعا عوامي خواھش ۽ عوامي امنگن موجب ٺاھيا ويندا آھن ته جيئن عوام جي مشڪل ڪشائي ٿئي ۽ سندن مسئلا حل ٿين،پر قمبر واسي ھن وقت سوڳ جھڙي ماحول ۾ سوچين ٿا ته ھي ڪھڙا فيصلا آھن، جيڪي کين خوشين بدران ماتم ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا. قمبر ۾ ھڪ ته ھر طرف روڊن تي سڙيل ٽائر، سرن جا ٽوٽا، لٺيون ۽ آنسو گيس جا شيل پکڙيل آھن، ته ٻي طرف قمبر واسين جي ڪاوڙ آھي. ان ڪاوڙ ۾ به ڪيئي سوال سمايل آھن، ته نئين نظام تحت اقتدار ھيٺين سطح تي منتقل ڪيو ويو آھي يا پوليس جو اھي گوليون منتقل ڪيون ويون آھن، جن کي ڪي به اکيون ناھن ۽ جيڪي ڏوھارين بجاءِ ھاڻي شھرين مٿان وسي رھيون آھن. اھڙي ڪاروائي ۾ ملوث اھلڪارن کي شايد ئي اندازو ھجي ته انھن اھڙي عمل سان قمبر ۾ حڪومت لاءِ محبت نه پر نفرت پکيڙي آھي. اھڙي نفرت جيڪا حڪومتون به لوڏي سگھندي آھي. عوامي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو ايترو اندازو شايد سنڌ حڪومت کي به نه ھو، ته ڪوقمبر جا شھري ايتري انتھا تائين وڃي سگھن ٿا. پوليس جي گولين جو کاڄ بڻيل قمبر جا معصوم شھري، جن کي ھاڻي ”قمبر جا شھيد“ ڪري ياد ڪيو وڃي ٿو، تن جي قتل جي ايف آءِ آر ڪنھن تي ڪٽي وڃي؟ ان نئين نظام تي جنھن ۾ ناظمن، پوليس ۽ روينيو عملدارن اختيارن جي جنگ وڙھي وقت گذاريو يا سنڌ سرڪار جي ھوڏ ۽ ھٺ ڌرميءَ تي؟ قمبر ۾ اھي به چوٻول ٻڌا ويا ته قمبر پھتل ڊي آءِ جي جي اڳيان سردار خان چانڊئي قمبر واسين جو قتل ڪيس ڊي پي او لاڙڪاڻو مٿان داخل ڪرڻ وارو موقف رکيو. ڇو ته اھي پوليس جي بربريت جو شڪار ٿيا ھئا. ٿي سگھي ٿو ته اھڙي ڪا ايف آءِ آر چند پوليس آفيسرن خلاف داخل ڪئي وڃي ، پر راڄوڻي سماج ۾ ڊيوٽي ڪندڙ پوليس آفيسر خون بخشرائڻ وارو ھنر ته ھاڻي چڱي ريت سکي چڪا آھن. ٿي سگھي ٿو ته اھي خون به بخشائجي وڃن. پر قمبر واسي ھن ويندڙ سال ڊسمبر واري آخري جمعي کي ڪڏھن به وساري ڪونه سگھندا، جنھن ۾ سندن شھر ڪرفيوءَ جھڙي صورتحال جو شڪار بڻايو ويو، پر ڳوٺ ھني جا اھي مائٽ ته ھن ڏينھن کي ھرگز به وساري نه سگھندا، ڇو ته سندن 10 ساله ٻالڪ فتاح تونيو سيني ۾ گولي لڳڻ سبب قتل ٿيو آھي. قمبر ۽ آسپاس جي عوام کي شايد اقتدار جي ھيٺين سطح تي منتقليءَ وارو اھو تحفي طور مليل لاش ھميشه ياد ايندو رھندو!


      ڪيڏانھن ويندا ڌرتي ڌڪاڻا ؟

    مبينا نجي جيلن مان نڪتل ھارين کي ڪيمپن ۾ چار سال پورا ٿيا آھن، ته اھو سوال پچي تيار ٿيو آھي ته اھي ھاڻي ڪيمپن مان ڪيڏانھن ويندا؟
    سم ۽ ڪلر ۾ گھيريل چونرن جا در ڍينگھرن ۽ لڪڙين سان ائين بند آھن، جيئن ڏڪار وارن ڏينھن ۾ ٿر جي ڳوٺن ۾ اڏيل چونرن جا دربند ھوندا آھن. اڪثر چونرن ۾ ويٺل پوڙھا به بک جون دانھون ڪري رھيا آھن. اھا آھي ھوسڙيءَ کان ٽي ڪلوميٽر اوڀر طرف ڳوٺ مجنون چانگ ڀرسان قائم ڪيل بي زمين ھارين وارين ڪيمپ، جيڪا مبينا طور نجي جيلن مان بازياب ڪرايل ھارين جي مک ڪئيمپ چئي وڃي ٿي. ان ڪيمپ جو جيتوڻيڪ ڪوبه باقاعدي نالو نه رکيو ويو آھي پر ان کي ھارين واري ڪيمپ سڏيو وڃي ٿو. تازو مريم آباد ماتلي واري ڪيمپ مان لڏايل ھارين کي به ھوسڙي واري ڪيمپ ۾ آڻي ترسايو ويو آھي. ماتلي واري ڪيمپ عيسائي پادرين جي زمين تي قائم ٿيل ھئي. جتي مذڪوره ھاري ڏيد کن سال ترسيل ھئا، پر ھاڻي بنا ڪنھن بظاھر سبب جي ماتلي ڪيمپ جا سمورا ھاري ھوسڙي ڪيمپ منتقل ڪيا ويا آھن. ڳوٺ مجنون چانگ جي ڀرسان قائم ڪيل ڪيمپ جو سمورو انتظام ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) جو سنڌ وارو اسپيشل ٽاسڪ فورس سنڀالي ٿو. ڪجھه سال پھريان اھا ڪيمپ ھارين سان ڀريل ھوندي ھئي، پر ھاڻي ٻه سؤ چونئرن واري ان ڪيمپ ۾ صرف ڏھ چونرا آباد آھن. ڪيمپ مان لڏي ويندڙن بابت ھڪ پوڙھو ھاري ميوو ڀيل جيڪو پنھنجي ڪراڙيءَ سميت چونري ۾ اڃان ويٺل آھي. تنھن چيو ته ”ماڻھو بک کان لڏي ويا آھن. اھي چون پيا ته بک ٿا مرون، وڃي ڪا مزدوري ڳولھيون گھڻا ماڻھو ته ٻين زميندارن وٽ ڪم ڪار لاءِ ھليا ويا آھن.“ اھو جھونو ھاري جيڪو پاڻ چار سال اڳ بقول سندس پنھنجي چئن ڀاتين سان گڏ ڍوڍاري مان ارباب غلام رحيم جي زمين تان ڀڄي آيو ھو سو چوي ٿو ته ”ماتلي واري ڪيمپ ۾ امداد جام ملندي ھئي پر ھتي ته صفا ڏڪر لڳو پيو آھي.“ ھوسڙي ڪيمپ ۾ ھاڻ اڪثريت صرف ان راڻي ڀيل جي مائٽن جي رھي ٿي جنھن شروع ۾ اچي اھا ڪيمپ قائم ڪئي ھئي. بي زمين ھارين جي ھن ڪيمپ جي اھڙي انچارج کي خبر ناھي ڪھڙي سبب کان اھي ھاري ”ڪامريڊ“ سڏين ٿا. اھو ”ڪامريڊ“ ئي انھن ڪيمپ واسين جو مئنيجر، انچارج، چڱو مڙس ھجي ٿو. ھوسڙي ڪيمپ ۾ ٻين کي ته اناج ۽ امداد جو انتظار رھي ٿو پر ان ڪيمپ ۾ راڻي ڀيل جي اھا پوڙھي ماءُ مسمات سرو به رھي ٿي، جنھن کي ھر وقت پنھنجي پٽ جي آزاد ٿي اچڻ جو اوسيئڙو رھي ٿو. ڪيمپ واسين موجب سندن ڪامريڊ راڻي ڀيل کي 8 مھينا اڳ کپرو پوليس گرفتار ڪري جيل اماڻي ڇڏيو ھو. کين اھا خبر ناھي ته ھو ڪھڙي ڏوھ ۾ جيل ڪاٽي رھيو آھي. راڻي ڀيل جي گرفتاري متعلق جڏھن ايڇ آر سي پي جي علي حسن کان پڇجي ٿو ھو وراڻي ٿو ته ”راڻي جي آزادي لاءِ باقاعدي ڪيس وڙھي سندن ضمانت ڪرائي ڇڏي آھي. پر ھاڻي اسان وٽ گھربل پيسا يا ملڪيت جا ڪاغذناھن، جيڪي پيش ڪرڻ کانپوءِ ھو آزاد ٿي سگھي.“ راڻو ڀيل مٿان داخل ٿيل ڪيس جي نوعيت بابت جڏھن علي حسن کان پڇجي ٿو ته ھو چوي ٿو ته ”اھو سوال انھن کان پڇو جن توھان کي راڻي ڀيل جي گرفتاريءَ جو اطلاع ڏنو آھي.“ اھڙي طرح راڻي ڀيل مٿان داخل ڪيس مبھم ۽ مشڪوڪ ئي بڻجي وڃي ٿو. ھوسڙي ڪيمپ جا سمورا ماڻھو ايترا ته بکيا يا امداد تي ھيرايل آھن جو اسان جيئن ئي گاڏي سندن چونرن وچ ۾ بيھاري کانئن حال احوال پڇون ٿا ته ھو ”امداد ڪڏھن ملندي؟“ وارو سوال ڪن ٿا. جڏھن اسان لکڻ شروع ڪيون ٿا ھو پنھنجي لڏي ويل مائٽن جا نالا به ان آسري ۾ لکرائڻ شروع ڪن ٿا ته شايد اسان کين امداد ڏيارينداسين، پر ھو اھو طعنو ڏين ٿا ته ” لکي ته گھڻا دفعا ويا آھيو، پر ڏيو ته اٽي جي لپ به ڪونه ٿا. رڳو پنا ڪارا ڪري ھليا ٿا وڃو. “ سندن ان طعني جھڙي سوال جو ظاھر آھي ته اسان وٽ ته ڪو جواب نه ٿو ھجي پر ھو ٻڌائين ٿا ته کين ٻه ٻه ڏينھن کائڻ لاءِ ڪجھه نه ٿو ھجي. ھو لنگھڻ ڪاٽڻ تي مجبور آھن، پر ڀرسان واري ڳوٺ مجنون چانگ جو دڪاندار کين ڪجھه سيڌو اڃان به قرض تي ڏئي ٿو. ھو چون ٿا ته شھر کان تمام پري ويٺا آھيون، ڪا مزدوري ڪونه ٿي ملي. اڪثر ماڻھو بکن کان تنگ ٿي لڏي ھليا ويا آھن، اسان وٽ ته ڀاڙي جا اھي پنج روپيا به ناھن جو وڃي حيدرآباد پھچون. ھو ڪجھه حجابن سان اھو ٻڌائين ٿا بک کان تنگ ٿي ھاڻي اسان جي ڪجھه پوڙھين عورتن ۽ ٻارن پنڻ شروع ڪيو آھي. ميوو ڀيل پاران ڪيل اھڙي اظھار تي جڏھن ڪجھه عورتون کيس ٽوڪين ٿيون ته ھو جذباتي ٿي چوي ٿو ”گذريل سال کان کان باقي ڇا ٿا کائو؟ ابا راڄن مان وڃي سير سفر ڪري پيٽ گذر ڪريون ٿا. ھاڻ ته سڄي دنيا کي خبر پئجي ويئي آھي ته اسان جوڳين وارو قصو ھلائي ڏنو آھي. بک ٿا مرون ته ٻيو ڀلا ڇا ڪريون؟“ ان ڪيمپ ۾ ھڪ ماستر مٺو ڀيل به رھي ٿو جيڪو چوي ٿو ته ”مون کي انساني حقن وارن چيو ته ٻار پڙھاءِ پگھار ملندءِ، پر چئن مھينن کان پگھار نه ملي آھي.“ ھو ٻڌائي ٿو ته ” جڏھن ڪيمپ ۾ مڪمل آبادي ھوندي ھئي ته سٺ ستر ٻار پڙھڻ ايندا ھئا.ھاڻي پنج ڇھه ٻار مس اچن ٿا.“ ڪيمپ واسي ٻڌائين ٿا ته کين آسرو ڏنو ويو ھو ته ڏھ لک روپيا امداد ملندي، جنھن مان کين زمينون، روزگار ۽ پڪيون جايون ملنديون، پر ھاڻي ته ماڻھو بکن کان ڪيمپ ئي خالي ڪري ويا آھن. مڙئي ڪکن جي ڇانو ڪري ويٺا آھيون. زرعي زمينن تان ڀڄي ايندڙ سمورين ھارين جي سنڌ اندر گھڻوتڻو مالڪي ايڇ آر سي پي ڪري ٿي. پر ان تنظيم وٽ به ھارين جي مستقل رھائش ۽ روزگار جو ڪو به جوڳو بندوبست ناھي. ايڇ آر سي پي پاران ھوسڙي ڪيمپ وٽ جيڪا ٽي ايڪڙ زمين ھارين لاءِ مخصوص ڪئي ويئي آھي، تنھن زمين بابت پڻ متضاد رايا آھن. مرزا برادريءَ جي ھڪ زميندار موجب اھا سندس زمين ملڪيت آھي جيڪا خالي ڏسي ايڇ آر سي پي وارن قبضو ڪرايو آھي ۽ قبضو ورائڻ لاءِ ھو عدالت ۾ ويندو. پر ايڇ آر سي پي جي علي حسن موجب ”ان زمين جا اسان وٽ ڪاغذ موجود آھن. ڀلي تپيدار گھرائي ماپ ڪرايو. ان مرزا ته خود اسان جي اڍائي ايڪڙ تي قبضو ڪيو آھي.“ ”ھن ڪيمپ ۾ چار نلڪا (ھينڊ پمپ) به لڳل آھن ۽ ھڪ ئي پٿر ۽ سيمينٽ سان پڪي جاءِ تعمير ٿيل آھي، جيڪا ايڇ آر سي پي جي آفيس سڏي وڃي ٿي. ھارين جي ھوسڙي ڪيمپ زرعي زمينن جي وچ ۾ آھي، جنھن ڪري سموري ڪيمپ ھر وقت سم جي پاڻي ۾ پسيل رھي ٿي. ڪيمپ واسي ڀر وارن زميندارن تي الزام مڙھين ٿا ته اھي چوڌاري پنھنجي ٻنين ۾ پاڻي ڇڏي ڪيمپ ۾ سم ۽ ڪلر وڌائين ٿا. جنھن ڪري رات جو مڇر به ڏاڍا ٿين ٿا ۽ ٻار بيمار ٿي پون ٿا. خوبصورت چونرا ٺاھي سوين ھاري اچي ھن ڪيمپ کي آباد ڪيو ھو، پر ھاڻي اھي روزگار جي تلاش ۾ مختلف جڳھين تي ھليا ويا آھن. جڏھن باقي بچيل ڪيمپ واسين کان پڇجي ٿو ته ھو آخر ڇو نٿا لڏي وڃن ته ھو چون ٿا ته ”اسان جا ڪيس ڪورٽن ۾ ھلي رھيا آھن. جيئن ئي ڪورٽن آزاد ڪيو اسان ڪيمپ خالي ڪري ھليا وينداسين. باقي ھاڻي ھن حالت ۾ ڪيڏانھن لڏي وڃون؟“ ھارين کان خالي ته ڪوٽڙي جي سڪندر آباد ڀرسان واري اھا ڪيمپ به ٿي وئي آھي، جنھن کي دادو انتظاميا غير قانوني قبضو قرار ڏيئي ڇڏيو آھي، سڪندر آباد واري ان ھاري ڪيمپ ۾ ڀيل ۽ ڪولھين کان وڌيڪ اھي ڪرسچين آباد آھن، جيڪي بظاھر ھاري نه پئي لڳا. ان ڪيمپ ۾ ٻه سو جھوپڙيون اڏيل ھيون ۽ جنھن ڏينھن اتي وياسين ان ڏينھن دادو انتظاميا ڪيمپ خالي ڪرائڻ لاءِ تنبيھه ڏيڻ واسطي پھتل ھئي، جنھن ڪري اڪثر ماڻھو سڪندر آباد وارن گھرن طرف سامان منتقل ڪري رھيا ھئا. ان ڪيمپ جو انچارج ڪامريڊ ڀورا لعل ٻڌايو ويو، جيڪو بقول سردار مسيح جي گذريل ڪجھه ڏينھن کان روپوش بڻيل آھي. ھوسڙي ڪيمپ جي ڀيٽ ۾ سڪندر آباد واري ڪيمپ شھرن کي ويجھو ۽ جابلو علائقي ۾ اڏيل آھي. جنھن ڪري ڪيمپ واسي خوش نظر اچي رھيا ھئا. ڪيمپ ۾ ھڪ پيرسن اصغر مسيح ٻڌايو ته سڪندر آٻاد ۾ 12 سالن کان مسواڙ جي جاءِ تي ويٺو ھئس. پوءِ ھتي اچي ويس، پرويز مسيح ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان به مسواڙ تي سڪندرآباد ۾ رھندا ھئاسين . بعد ۾ پتو پيو ته چوڌري آفتاب انساني حقن وارو پلاٽ ڏئي ٿو، ان ڪري کيس درخواست ڏني سين ۽ ھن ٽيھه باءِ پنجاھ جو پلاٽ رھڻ لاءِ ڏنو. منھنجا چار پٽ آھن، چارئي فيڪٽري ۾ ڪم ڪن ٿا. ھنن ڪيمپ خالي ڪرڻ متعلق چيو ته اسان کي ويھاريو به چوڌري آفتاب آھي ھاڻي ان جي ئي چوڻ تي اٿنداسين. ان ڪيمپ ۾ محمد انور جت به رھي ٿو، جنھن کي بقول سندس چوڌري آفتاب ۽ ڪامريڊ ڀورا لال زمين ماپي ڏني. ھاڻي ھو چوي ٿو ته اٿاريندا ته وڃي مسواڙي جاءِ ۾ ترسنداسين. ان ئي ڪالونيءَ ۾ مقامي ڪورٽ جي ملازم پرويز مسيح، يونيورسٽي جي سوئيپر مقصود مسيح، ڪارپينٽر امانت مسيح، راز ۽ مستري يعقوب مسيح ۽ ايوب مسيح سميت ڪيترن ئي اھڙن ماڻھن جون جڳھيون به قائم ھيون جيڪي نه ته زرعي مزدور ھئا ۽ نه ئي ھو ڪنھن نجي جيل مان بازياب ٿي آيل ھئا. ان ڪالونيءَ ۾ ترتيب واري حساب سان ٻه چرچ تعمير ڪرڻ لاءِ به جڳھه مخصوص ڪيل ھئي. ۽ ايڇ آر سي پي وارن جي آفيس تعمير ڪرڻ لاءِ به جڳھه مخصوص ڪيل ھئي. ھونئن ته ڪالونيءَ ۾ ڪرسچين ماڻھن جي اڪثريت ھئي، پر فيصل آبادکان آيل ھڪ ڪرسچين ملنگ بابا شريف ملنگ کي ھڪ پلاٽ ”في سبيل الله“ ڏنل ٻڌايو پئي ويو. بابا شريف ملنگ پنھنجي باري ۾ ٻڌايو ته ھو فيصل آباد جي ”درٻار سچ کنڊ نوا بان والا دوسو بائيس اونچا مربه“ جي درگاه جي فقير بابا فقير يا ملست قلندر لچبال پر نور نوشو سچيار گدي بابا مالن شاھ سرڪار. . . “ جو ملنگ آھي. جڏھن کانئس عيسائين ۾ ملنگ ھجڻ واري تصور بابت پڇيم ته ھمراھ ناراض ٿي چوڻ لڳو “مذھب تي نه وڃو، پنھنجي ڪم سان ڪم رکو.“ ان بابت شريف ملنگ پنھنجي باري ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته ھن حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ 18 سال ويلڊنگ جو ڪم ڪيو آھي. گذريل پنجن سالن دوران کيس فقيري رنگ لڳو ۽ ھو جڏھن ڪوٽڙي ۾ ڪائونسلر منشا وٽ گھمڻ آيو ته کيس جڳھه پسند اچي وئي ۽ منشا ڪائونسلر وٽ آفتاب ۽ نسرين بي بي اچي پاڻ جڳھه چونڊي ڏني ۽ ترسڻ لاءِ چيو. ھن چيو ته اسان جو ڪنھن جي جھيڙي ۾ ڪجھه نه وڃي. باقي ھن ڪالونيءَ تان سرڪار لڏرايو ته سندس موج ٿي ويندي ڪيمپ جي ٻه سو گھرن مان تمام ٿورا يعني ڏھ پندرنھن گھر انھن ڀيل ۽ ڪولھي ھارين جا ھئا، جيڪي ھاڻي دربدريءَ واري زندگيءَ گذاري رھيا آھن. ڪوٽڙي جي سڪندرآباد وٽ ايڇ آر سي پي پاران بي زمين ھارين جي نالي اڏيل ڪيمپ اصل ۾ سرڪاري زمين تي قائم ڪئي وئي ھئي. دادو ضلعي انتظاميا جو چوڻ آھي ته زمين خالي ڪرائڻ لاءِ آيل انتظامي اھلڪارن مٿان ڪيمپ واسين حملو به ڪيو ھو.
    مختلف ضلعي جي زميندارن جي زرعي زمينن تان اڳواٽ کنيل قرضن کان تنگ ٿي ڀڄي نڪتل ھاري ھاڻي ھزارن جي تعداد ۾ ٻارن ٻچن سميت دربدريءَ واري زندگي گذارين ٿا. پر ڪوٽڙيءَجي بابا صلاح الدين واري مزار ڀرسان بچاءَ بند ھيٺان قائم ٿيل وڏي ڪيمپ جا ھاري ڪجھه مطمئن آھن. ان ڪيمپ جو ھڪ معمولي پڙھيل لکيل چنديرام ڪولھي ٻڌائي ٿو ته ھو 2 لک قرض تان ديھه ڍاپي 206 وٽان زميندار محمد شريف راجپوت جي زمين تان ڀڄي آيا ھئا ۽ ھاڻي خوش آھن. شام جي پھر ۾ پنھنجي اولاد سان کيڏندي ھو ٻڌائي ٿو ته ڪيمپ واري زندگي ان ڪري ڀلي آھي جو ھتي ڪنھن جا غلام ته ناھيون. ھاڻي اسان آزاد آھيون. مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪريون ٿا. ان ڪيمپ ۾ به ڀيل وڏي تعداد ۾ آھن ۽ ڪيمپ جو انچارج ”ڪامريڊ“ شامون ڀيل آھي . ھو ان جي ئي اوطاق تي وڃڻ جو ڏس ڏين ٿا ۽ پاڻ گھٽ ڳالھائين ٿا. ھو ڦٽيون چونڊڻ جو ڪم ڪري ٿو. جڏھن ته سندس ڀيڻ ڀرسان واري مل ۾ ڪم ڪري ٿي، جنھن ڪري ھو مطمئن زندگي گذارين ٿا، پر سندس ڪيمپ ۾ ھروڀرو سڀ مطمئن زندگي ڪونه ٿا گذارين. ان ئي ڪيمپ ۾ سومار اوڏ به رھي ٿو، جيڪو اوڌر/ قرض تي رات جي ماني پچائڻ لاءِ سيڌو ورتيون پئي آيو. سومار ٻڌايو ته بيروزگاري ڏاڍي آھي. ملن ۽ ڪارخانن ۾ وڃون ٿا ته اھي پنجن پنجن ڏھاڙن تائين ڪم وٺي وري نيڪالي ڏيئي ڇڏين ٿا ۽ پئسا به نٿا ڏين. ھن چيو ته مان اٺ مزدور وٺي ويس، سڀني پنج ڏينھن گتي جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪيو، پر ھاڻي پئسا نٿا ڏين. زرعي شعبي سان لاڳاپيل ھزارين ھارين جي زمينن تان بيدخليءَ کان پوءِ سندن مستقبل روزگار ۽ رھائش وارو سوال گذريل چئن سالن کان کان پوءِ گردش ۾ آھي، جيڪو جڏھن ھارين کي مختلف مبينا نجي جيلن مان بازياب ڪرائيندڙ ايڇ آر سي پي جي نمائندي علي حسن کان پڇجي ٿو ته ھو واضع لفظن ۾ چوي ٿو ته ”ڪنھن جي به ٻيھر آبادڪاري، روزگار يا رھائش جو ذمو ايڇ آر سي پي جو ناھي“ حقيقت ۾ اھو اھڙو سوال آھي ، جنھن جو جواب ٻڌائڻ جي پوزيشن ۾ ڪير به ناھي. ھو چوي ٿو ته قانوني طور ايبوليشن ايڪٽ جي فقري 10 موجب اھا ڊسٽرڪن مئجسٽريٽ جي ذميواري آھي ته ھو بيدخل ماڻھن جي بحالي ڪري، پر جڏھن رياست پنھنجي ذميواري پوري نٿي ڪري سگھي ته ھڪ اين جي او اھو ڪم ڪيئن ٿي ڪري سگھي؟ ڪٿان ايترا پئسا ايندا جو ماڻھن کي رھائش روزگار ڏيون؟ اسان ته کين غلاميءَ مان نجات ڏياريون ٿا ۽ عارضي طور ڪيمپن ۾ ترسايون ٿا. ھن ايڇ آر سي پي مٿان لڳندل ھارين کي وڪرو ڪرڻ زمين تي قبضا ڪرڻ ۽ پيسا وٺي مخصوص زميندارن جا ھاري ڀڄائڻ جھڙن سنگين الزامن جي سختيءَ سان ترديد ڪندي چيو ته ”توھان ڇا ٿا چاھيو مان توھان جي ھر سوال جي موٽ ۾ اھو چوان ته اھو ڪوڙ آھي ، ڪوڙ آھي؟ مان سمجھي نٿو سگھان ته اھي الزام توھان ڪيئن پيا ھڻو؟“ علي حسن ڀائي کي اھي ڳالھيون سمجھه ۾ نه اينديون ھجن.پر حالتن ڀيل ۽ ڪولھين جي ھزارين ماڻھن کان اباڻا ڌنڌا ڇڏرائي انھن مان ڪيترن ئي کي پنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي ۽ ھاڻي ھو نون زمانن جا اھي چپسي بڻجي پيا آھن، جن کي پنھنجي سڀاڻي جو به يقين ناھي ته ھو ڪٿي ۽ ڪھڙي حال ۾ ھوندا، ڇا سندن قسمتن ۾ شاھراھن تي پنڻ ئي لکجي ويو آھي؟


    ڪيمپن جا ھاري سياسي جلسن ۾ ڪيئن ٿا پھچن

    حيدرآباد ۽ ڀرڀاسي ۾ ايڇ آر سي پي جو ڪو جلسو، جلوس ۽ بک ھڙتال ھجي يا کاٻي ڌر جي پارٽين جا عوامي ميڙ، اوھان کي اھي ڀيل ۽ ڪولھي عورتون ۽ مرد وڏي تعداد ۾ تاڙيون وڃائيندي نظر ايندا، زمينن تان بيدخل ٿيل ھارين جي عورتن جون نراليون پوشاڪون ميڊيا جي ڪيمرائن کي پاڻ ڏانھن شايد وڌيڪ ڇڪين ٿيون، جنھن ڪري ان عام رواجي جلسن، جلوسن جا فوٽو به وڏي ڪوريج سان لڳي وڃن ٿا. جيتوڻيڪ ايڇ آر سي پي جا مقامي توري مرڪزي عھديدار بار بار ان الزام جي ترديد ڪندا رھندا آھن ته ھو ڪا سياسي پارٽي ٺاھڻ يا پنھنجا تڪ جوڙڻ طرف ڪونه وڃي رھيا آھن، پر ھر ڀيري پنھنجي پروگرامن جو سٽاءُ ھو اھڙي طريقي رکن ٿا جنھن ۾ ڪيمپن جي ھارين جو عددي انگ وڌيڪ ھجي ٿو. سندن نقاد اھڙن اجتماعن کي ”عوامي دٻاءُ“ جوڙڻ جو مرحلو قرار ڏيئي رھيا آھن. ڪيمپن اندر ويٺل ھارين کان معلوم ٿيو ته ڪوبه پروگرام ٿيندو آھي ته انساني حقن واري ڪميشن جو چوڌري آفتاب کين گاڏين ۾ بنا ڀاڙي سوار ڪري پروگرام واري ھنڌ پھچائي ويندو آھي. جيڪڏھن اھڙن پروگرامن ۾ رات پئجي ويندي آھي ته پروگرام منقعد ڪرائيندڙن پاران کين ماني به کارائي ويندي آھي. باقي ھنن ان ڳالھه کان انڪار ڪيو ته ڪين ڪو پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ جا پئسا ملندا آھن. ايڇ آر سي پي جي سنڌ واري اسپيشل ٽاسڪ فورس جي نمائندن سان ان موضوع تي ڪيل ڪچھريءَ ۾ سندن موقف اھو ھو ته ھو پنھنجي مرضيءَ موجب ڪنھن به جلسي جلوس ۾ وڃي سگھن ٿا ۽ اھا سندن مرضي ۽ حق آھي ته ھو ڪنھن پروگرام ۾ شرڪت ڪن ٿا يا نه. جڏھن ته ڪيمپ جي ھارين جو چوڻ ھو ته ھو چوڌري آفتاب جي چوڻ کانسواءِ ڪنھن به پروگرام ۾ نه ويندا آھن. ايڇ آر سي پي جي نمائندن جي اھا ڳالھه مڃجي به کڻي ته ڪيمپن جا ھاري پنھنجي سياسي شعور تحت پروگرامن ۾ وڃڻ جي آزادي سان چونڊ ڪن ٿا پر ننڌڻڪي بڻيل انھن ھارين جي سياسي شعور جي خبر تڏھن پوي ٿي، جڏھن ھو ڳالھين دوران ايڇ آر سي پي جي عاصمه جھانگير کي اڃان به آصفه گھانگھير ۽ نسرين شڪيل کي نسيم بي بي سمجھن ۽ سڏين ٿا. سوال ٿو پيدا ٿئي ته انھن کي جڏھن سندن حقن لاءِ وڙھندڙ ماڻھن جي به درست خبر ناھي ته ھو سياسي مانڊاڻ کي ڇا سمجھي سگھندا ھوندا؟


      جنيوا ڪانفرنس ۽ بي زمين ھاري

    ھلندڙ سال جي ڊسمبر مھيني ۾ انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (آءِ ايل او) پاران جنيوا ۾ جبري پورھئي جي موضوع تي گھڻ ملڪي ڪانفرنس ٿي رھي آھي، جنھن ۾ نيپال ھندستان ۽ پاڪستان اندر جبري پورھيو گھٽائڻ يا ان جي خاتمي متعلق بحث ڪيو ويندو. ان ڪانفرنس ۾ آءِ ايل او پاران سنڌ جي انھن بي زمين ھارين متعلق پڻ ڊرافٽ تيار ڪرايو ويو آھي، جيڪي مختلف زميندارن وٽ جبري پورھيو ڪرڻ تي مجبور ھئا ۽ ھاڻ ڪيمپن ۾ ڪسمپرسي واري زندگي گذاري رھيا آھن. آءِ ايل او پاران جبري پورھئي جي ستايل ماڻھن جا انگ اکر گڏ ڪرڻ واسطي ڪجھه مھينا اڳ ئي ڪم شروع ڪيو ويو ھو. آءِ ايل او کي بي زمين ھارين بابت انگ اکر گڏ ڪري ڏيندڙ ھڪ اين جي او جي سربراھ ڊاڪٽر علي ارسلان سان جڏھن ان موضوع تي ڳالھايو ويو ته ھن ٻڌايو ته آءِ ايل او ڪيمپن ۾ ڪسمپرسيءَ وارين حالتن ۾ گذاريندڙ ھارين جي ٻيھر بحاليءَ واسطي ھڪ پراجيڪٽ شروع ڪرڻ چاھي ٿي، ان ڏس ۾ سھڪار حاصل ڪرڻ خاطر آءِ ايل او وارا حڪومت پاڪستان ۽ سنڌ سرڪار سان ڳالھائڻ چاھين ٿا ۽ ان ڏس ۾ ھنن ٻنھي حڪومتن سان شروعاتي لکپڙھ به شروع ڪري ڏني آھي. ھن ڪيمپن ۾ ھارين جي زندگي بابت ڪيل پنھنجي اسٽڊي کي ڳجھو رکندي چيو ته اھا صرف آءِ ايل او وارن لاءِ ڪيل آھي. ان ڪري ان اسٽڊيءَ مان حاصل ڪيل نتيجا توھان کي في الحال ٻڌائي نٿا سگھجن، پر ايترو ضرور ٻڌائي سگھجي ٿو ته ڪيمپن جا اڪثر ماڻھو ڀرڀاسي وارن شھرن ۾ مزدوريون ڪري پيٽ پالين ٿا. جڏھن ته سروي دوران ڪجھه ماڻھن اھو مڃيو ته روزگار نه ھجڻ ڪري ھو شھرن مان پني پنھنجو پيٽ گذر ڪن ٿا. ھن چيو ته ڪيمپن جي اڪثر ماڻھن جو اھو دھرايل مطالبو ھو ته جيئن ته ھو زرعي مزدور آھن ان ڪري سرڪار کين ٻئي ھنڌ زمينون ڏيئي آباد ڪري ۽ ھو واپس انھن زميندارن ڏانھن نه ويندا، جن جي ظلمن کان تنگ ٿي ھو ڀڄي نڪتا ھئا. ڊاڪٽر علي ارسلان ھارين جون ڪيمپون سنڀاليندڙ اين جي او ايڇ آر سي پي کي مشورو ڏنو ته ھو انھن ھارين کي تنظيم ڪاري سيکارين ته جيئن ھو پنھنجا حق سڃاڻي پاڻ انھن لاءِ جدوجھد شروع ڪن. زرعي زمينن تان بيدخل ٿيل انھن ھارين جي ٻيھر بحالي ھاڻي ھڪ اھم مسئلو بڻجندي پئي وڃي. ڇو ته لوئر سنڌ جا اڪثر زميندار ھاڻي ڀيلن، ڪولھين ۽ ڪرسچن ھارين کي پنھنجي زمينن تان مزدوريءَ کان کتو جواب ڏيئي ڇڏين ٿا جڏھن ته جھڏو، نئون ڪوٽ ۽ عمرڪوٽ واري پاسي زميندارن پاران مشينن ذريعي کيڙي ۽ کيتي ڪرڻ جا تجربا ڪيا پيا وڃن ته جيئن مزدور رکڻ جي وٽن ڪا گنجائش نه بچي. ٻئي طرف ٿر مان وسڪارو ٿيڻ کان پوءِ واپس ويل ڪجھه ڀيل ۽ ڪولھي ھارين کي ڪوبه زميندار زمين ۽ ڪو واپاري ٻج ڏيڻ لاءِ تيار نه ھو ته جيئن ھو پوکي ڪري سگھن. اھڙي صورتحال کان پوءِ ھارين متعلق اھڙو پينڊورا باڪس کلي ويو آھي جيڪو سميٽڻ ھاڻي ”شايد ڪنھن جي به وس ۾ نه ھجي پر ان سموري مامري تي حڪومت حيران ڪندڙ حد تائين خاموش تماشائي بڻيل آھي.“


      ڪالاباغ ڊيم ۽ افواھن جي بازار جون نيون ٿيوريز

    انھن ڏينھن چيف منسٽر ھائوس جي مک دروزاي اڳيان گذرندي اھا اخباري ترديد ياد اچي ويئي ، جيڪا ان ئي ھائوس جي ھڪ ترجمان جاري ڪئي ھئي. ان ترديد ۾ اصل خبر به سمايل ھئي ته سنڌ جي وڏي وزير ڪنھن به نجومي جون خدمتون 2 لک روپين ۾ حاصل نه ڪيون آھن، جنھن نابين شخص کي اخبارن نجومي ڄاڻايو آھي سو دراصل گھوٽڪي جي نابينن واري ايسوسيئيشن جو صدر ھو. پر ان ترديد ڇپجڻ کان پوءِ ڇا اھو اميج بدليو آھي ته سنڌ جو چيف منسٽر ئي اصل ۾ صوبي جو چيف ايگزيڪيٽو آھي. ڪراچي جي وڏين ھوٽلن لاءِ مخصوص ان ٽيڪسي ڊرائيور جي ڳالھه بعد ۾ ٿا ڪريون، پھريان وزيراعلى جي پنھنجي زباني اھي بيان ٿا ورجايون، جن جو حاصل مطلب اھوئي نڪتل ھو ته جڏھن کانئنس صحافين ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان پڇي اھو به چيو ته سنڌ جي قسمت جا فيصلا اوھان جي ھٿن ۾ آھن ته وزيراعلى اھوئي سچو ۽ کرو جواب ڏنو ته ”ڪالاباغ ڊيم جو جڏھن اعلان ٿيو ته موقف ڏينداسين. باقي سنڌ جي قسمت جا فيصلا رڳو منھنجي نه پر ڪجھه ٻين جي ھٿن ۾ به آھن.“ اھو بيان انھن افواھن جي اڏام دوران اچي رھيو ھو جڏھن سنڌ جو چيف منسٽر بدلائڻ واري ٿيوري ايتري گرم ھئي جو صدرالدين شاھ کان وٺي حميده کھڙو تائين منسٽرن ان جي ترديد ڪئي.
    انھن ئي افواھن جي بازار جڏھن گرم ھئي ته آئون ڪراچيءَ جي اھڙي ھوٽل طرف وڃي رھيو ھئس، جيڪو چيف منسٽر ھائوس جي ڀرسان آھي. ٽيڪسي ڊرائيور ان ھائوس اڳيان گذرندي بنا پڇئي پنھنجو رايو ڏنو ته ”آج ڪل ان ڪي ڀي نھين چل رھي، سارا ڪام گورنر ھائوس سي چلتا ھي، سارا حڪم گورنر ڪا چلتا ھي“ ٽيڪسي ڊرائيور جي ڳالھه ٻڌي ان ڪري به افسوس ٿيو، جو ھڪ عام غير سنڌي مزدور ھڪ اھڙي چيف منسٽر لاءِ اگرو رايو پئي ڏئي، جنھن جي خواھش ھئي ته ھو ڪجھه اڳوڻن ”طاقتور“ وڏن وزيرن جھڙي ھاڪ ويھاري پر ڇا ڪجي قسمتون ڪو نصابي ڪتاب جا سبق ته ناھن، جن کي بدلائي ڇڏجي. قسمتون ايترو ته ڪوھيڙن ۾ لڪل ٿين ٿيون، جن کي چٽو ۽ ڏسڻ جھڙو بنائڻ لاءِ نجومين جو سھارو به وٺڻو پوي ٿو. اھو صرف ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم لاءِ مشھور نه ٿيو آھي. (حالانڪه ان جي ترديد به اچي چڪي آھي) پر ماضي جي وزيراعظم ھوندي به بينظير ڀٽو سندس ور آصف زرداريءَ جا اھڙن مست ملنگ ماڻھن ڏانھن پنڌ ھوندا ھئا، جن جي ٿوڙي گھڻي اھا مشھوري ٿيل ھئي ھو قسمت کي چٽو ۽ واضع ڪري ٻڌائين ٿا. اھومست ملنگ جھڏي جو ھجي يا مڪليءَ جو پر حڪومتي خرچ تي انھن پيرين اگھاڙو گھمندڙ ملنگن جھاز جا سفر ڪيا. ھڪڙو مست ملنگ اڄڪلھه سينٽرل جيل ڪراچي ۾ قيد ٻڌايو وڃي ٿو. جيڪو حڪمرانيءَ جو شوق رکندڙ ڀوتارن کي ايترو ته پيارو ٿي پيو، جو انھن کيس قيدي ھوندي به عمرو ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر قانوني پيچدگيون وچ ۾ اچي ويون. مون کي ته ڪو اھڙو نجومي ڏسيو، جنھن کان مان سنڌ جي قسمت بابت پڇي سگھان ته ھن ڌرتيءَ جي دردن جو ڪو درمان به ٿيندو يا نه؟“ ھڪ جذباتي سياسي ڪارڪن اوچتو رڙ ڪري ڪچھري کي سانت ۾ بدلائي ڇڏيو. اھڙي سانت جيڪا اسان جي سياسي وايو منڊل تي سالن کان ڇانيل آھي. سرديءَ جي طويل رات جو ڪو انت ٿئي ٿو. بيوفا محبوبا جي انتظار جي به ڪا پڄاڻي ٿئي ٿي،پر سنڌ جي سياسي وايو منڊل جي سانت ايتري طويل ڇو ٿيندي پئي وڃي؟ اھِڙي سانت کي ٽوڙڻ لاءِ ڪي قدم اڳتي وڌي وري رڪجي وڃن ٿا. ھاڻي اھڙي سانت ٽوڙڻ جو زمانو ته اچي ويو آھي پر ڏسجي ته اڳرائي ڪير ٿو ڪري.
    ٽن صوبائي اسيمبلين جي قراردادن ذريعي رد ٿيل منصوبي ڪالاباغ ڊيم لاءِ ھاڻي جڏھن ”اتفاق راءِ“ جا نوان ڪپڙا سبرايا ويا آھن ته سنڌ کي به پنھنجي سياسي شانت ٽوڙڻ جو موقعو ملي پيو آھي. سنڌ اندر پيپلز پارٽي کي عوامي پارٽي سمجھيو وڃي ٿو. پر ڪالاباغ ڊيم جي نئين سر اٿاريل مامري کي شروعاتي طور ان پارٽيءَ عوامي امنگن موجب نه نڀايو، جنھن ڪري حڪومتي ايم پي ايز ڪالھوڪي ميڊيا ڪوريج ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ اپوزيشن ايم پي ايز لڳي رھيا ھئا. سوليءَ سنڌيءَ ۾ جيڪو وزيراعظم ”ڪالاباغ ڊيم نه کپي“ واري پوائنٽ تي بيٺل سنڌ کي ان ڊيم جا فائدا سمجھائڻ آيو. ان کي سمورا ايم پي ايز لياقت جتوئي ۽ ميان محمد سومرو جھڙا نه مليا. محمد ميان سومري ۽ لياقت علي جتوئي لاءِ اھي به افواھ پيا ھلن ته گذريل مڪاني چونڊن ۾ کين ضلعي ناظميون ته ان ڪري به ڏنيون ويون ته جيئن ھو ڪالاباغ ڊيم جھڙن مامرن تي سنڌ اندر نام نھاد اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ مدد ڪندا رھن. اڪثر حڪومتي ايم پي ايز منجھان حقيقت ۾ گھڻن ماڻھن کي اھڙي توقع نه ھئي ته ڪو ان سطح جي فورم تي ھو اگرچه مگرچه کان سواءِ کليل نموني ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪندا. حڪومتي ايم پي ايز جو ان قسم جو جذبو ڏسي ھاڻي ماڻھن اھا توقع ڪرڻ شروع ڪئي آھي ته کرو ۽ گھرو ڳالھائيندڙ وزيراعلى ارباب رحيم به ڪنھن اھڙي فورم تي اھا ڳالھه واضع ڪندو ته سنڌ حڪومت ڪالاباغ ڊيم جي خلاف آھي. حياتيءَ جا خفا لاتعداد ۽ حياتيءَ جي ڪا پڪ به نه ھجي ته ڪٿي ڪنھن موڙ تي حياتيءَ جي شام ٿيندي. اھا شام کڻي ڪٿي به ٿئي، پر اھو ته پختو ويساھ ھوندو ته منھنجو فيصلو اھوئي ھو، جيڪو منھنجي ماڻھن جو ھو. وقت جي حڪومت ۽ اسان جي ملڪ ۾ ھلندڙ نظام واري حڪومت ڪجھه به ڪري ان تي ميار نه ھوندي آھي، ڇو ته اھا عوام ڏانھن گھٽ پر ان ڪرنل جرنل ڏانھن وڌيڪ جوابده ھجي ٿي، جنھن جي مھربانين سان اھا حڪومت ھلي پئي ٿي. پر اپوزيشن ۾ ھوندي به پ پ جھڙين پارٽين تي ميارون اچي وڃن ٿيون، ڇو ته ھو عوامي نمائندگيءَ جي دعوى ڪندي رھي ٿي.
    سنڌ اندر ڪالاباغ ڊيم جي راھ ھموار ڪرڻ لاءِ ايندڙ وزيراعظم کي پيپلز پارٽيءَ ڪھڙي موٽ ڏني؟ ڇا اھڙين حڪومتن عملين لاءِ صرف اسيمبليءَ فلور ڪافي ھو؟ جيڪا پ پ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو مٿان مڙھيل ڪيسن مان ھڪ ڪيس ختم ٿيڻ جي مٺايون ورھائي جلوس ڪڍي سگھي ٿي. سا پ پ وزيراعظم جي موجودگيءَ دوران ڪراچي ۾ ڪو ھڪ به مظاھرو نٿي ڪري سگھي. جنھن سان اھو نياپو واضع ٿئي ٿو حڪمرانن ڪڏھن به ڪھڙي روپ ۾ اچي جڏھن ڪالاباغ ڊيم جي ڳالھه ڪندا ته انھن کي موٽ سنڌين واري ملندي پيپلز پارٽي کي ان طرف ضرور سوچڻ گھرجي ته حڪمرانن جي نئين سر اٿاريل ڪالاباغ ڊيم واري مامري جي ڪيئن ڀرڀور مخالفت ڪجي؟
    ٿي سگھي ٿو ڪراچي ۾ ھلندڙ ان ٿيوريءَ ۾ ڪو وزن به ھجي ته سنڌ اندر ايندڙ اليڪشن دوران مسلم ليگ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪالاباغ ڊيم جو اشو ٽيھر اٿاريو ويو آھي. ھونئن ته ان ٿيوريءَ کي غلط سمجھيو وڃي ٿو. پر ٿي سگھي ٿو اھڙي ڪا حڪومت عملي ٺاھي به ھجي ته پوءِ ڪالاباغ ڊيم جي جڏھن ڄام مدد کليل نموني مخالفت ڪندو ته ان جي مقابلي ۾ پ پ اميدوار ڪيترا ووٽ کڻي سگھندو؟ اھا ٿيوري ڀلي ته کڻي ڪنھن ڌر جي خوشفھمي ڇو نه ھجي، پر سياسي وايومنڊل سڀني جي سوچڻ لاءِ کليل آھي. ڪالاباغ ڊيم جي ڀرڀور مخالفت ئي ايندڙ اليڪشن ۾ ڪاميابيءَ جي ضمانت کڻي ڏسجي ته اقتداري راند کيڏندڙ سنڌ سان وابسته ڀوتارن ان مامري کي ڪيئن ٿا موٽ ڏين. پاڪستان جي ھڪ چئنل تان ”آج ڪامران خان کي ساتھ“ گذريل ڏينھن ڪالاباغ ڊيم تي تجزيو شامل ڪيو ويو. ان تجزئي لاءِ ساڳئي گروپ جي اخبار ”دي نيوز“ لاھور جي ايڊيٽر سليم بخاري کي فون ڪئي وئي. سليم بخاري صدر پرويز مشرف کي مشورو ڏنو ھو ته ھو ڪالاباغ ڊيم جو اعلان ڪري ڇو ته ڪا به سويلين حڪومت اھڙي غير معروف ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندي. صوبن جا اعتراض اجايا آھن. سليم بخاري جي ڳالھين مان انھن فنڊز جاري ٿيڻ جو اشارو مليو. جيڪي ڊيم جي راھ ھموار ڪرڻ لاءِ جاري ٿيڻا ھئا. اھڙي تعصب واري ميڊيا کي سنڌي ماڻھو ڪيترو افورڊ ڪندو؟


    چمڪي تي بندوق ۽ سنڌ پوليس جو مورال

    ھونئن ته عدالت ۾ روزانو الاءِ ڪيتريون پٽيشنون داخل ٿينديون رھن ٿيون، پر سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ 50 پوليس آفيسرن پاران داخل ڪرايل آئيني پٽيشن سنڌ حڪومت لاءِ ھڪ ڌماڪيدار خبر ھئي. اھڙي ڌماڪي کي منھن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت اھڙا قدم کڻڻ لڳي،ڄڻ ته صوبي جي پوليس خدانخواسته ڪنھن بغاوت جو اعلان ڪيو ھجي. ان آئيني پٽيشن ۾ مختلف چيف منسٽرن پاران پنھنجي من پسند پوليس عملدارن کي آئوٽ آف ٽرن پروموشن ڏيڻ واري سرڪاري روايت ۽ اختيارن کي چئلينج ڪيو ويو آھي. پوليس عملدارن جي اھا پٽيشن خبر ته ھونئن به بڻجي ھا. پر اھا شايد ايتري ڪوريج نه وٺي سگھي ھا. جيڪڏھن ان پٽيشن ۾ انھن ايس ايس پيز جا نالا شامل نه ھجن ھا، جيڪي سنڌ اندر پنھنجي مخصوص سڃاڻپ رکن ٿا. ان کان به ڪجھه سال اڳ تائين کين ايماندار پوليس عملدار سمجھيو ويندو ھو. ھي اھي ايس پي ھوندا ھئا، جن جي ڪراچي حيدرآباد کان ٻاھر جنھن به ضلعي ۾ پوسٽنگ ٿي ماڻھن کين ڀليڪار ڪيو ۽ جڏھن به سندن بدلي ٿي انھن ضلعن ۾ احتجاجي مظاھرا، ڌرڻا ۽ ھڙتالون به ٿيون. پر اھو منطق ڪير سمجھي نه سگھيو ته جڏھن انھن جي ڪراچي حيدرآباد ۾ پوسٽنگ ٿي ته سندن ايمانداريءَ جا چرچا ايترا عام ڇو نه ٿي سگھيا.
    آئوٽ آف ٽرن پروموشن کي چئلينج ڪندڙ 50 پوليس عملدارن ۾ 30 جي لڳ ڀڳ ايس ايس پيز شامل آھن، جن ۾ ايماندار ۽ غير ايماندار سڀ موجود آھن. ان پٽيشن داخل ڪرڻ تان بگڙجي سنڌ حڪومت جيڪو ردعمل ظاھر ڪيو، ان کي اڃا تائين ٻاراڻو عمل يا ”چمڪي تي بندوق“ سمجھيو وڃي ٿو. وفاقي گھرو کاتي جي سيڪشن آفيسر جو حوالو ڏئي بشير ميمڻ، غلام نبي ميمڻ، امير شيخ ۽ عبدالخالق شيخ کي ھڪدم ايس ائنڊ جي رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو. اھا ته ڀلائي ڪي ٽي اين وارن پوليس عملدارن مٿان ڪئي، جن وفاقي گھرو کاتي جي وزير آفتاب شيرپائو سان ڳالھائي اھو نوٽيفيڪشن جعلي ھجڻ جي تصديق ڪرائي. ”يزداني نالي، ڪوبه سيڪشن آفيسر اسان وٽ ناھي. اھو ليٽر جاري ڪين ٿيو“ آفتاب شيرپائو ڪراچي جي ڪامورن کي فون تي کڙڪايو، نوٽيفيڪشن جاري ٿيو، يا نه پر الزام ڪھڙا آھن؟ سنڌ جي تمام سينئر پوليس علمدار کان پڇيل ان سوال جي موٽ ۾ جيڪي جواب مليا، سي مختصر سھي، پر غور ڪرڻ جھڙا آھن. الزام نمبر پھريون بشير ميمڻ شھدادپور جي آس پاس زمينداري ٿو ڪري اڳتي ھلي سياست ڪندو. الزام نمبر ٻيو غلام نبي ميمڻ بدين ضلعي ۾ پيٽرول پمپ ھلائي ٿو. الزام نمبر ٽيون امير شيخ شاھراھ فيصل تي ھلندڙ ڪجھه پيٽرول پمپن جومالڪ آھي. الزام نمبر چوٿون عبدالخالق شيخ قمبر ۾ پيٽرول پمپ لڳائڻ جو سوچي ٿو. ”اھي الزام ٻڌي کل ٿي اچي. . . . “ منھنجي ان جملي کي اڌ ۾ روڪيندي ايس پيز جي گروپ ليڊر چيو. ”جيتري توھان کي کل اچي ٿي ايترو مونکي روئڻ ٿو اچي. ڇو ته ھنن کي گائيڊ ڪرڻ وارو ٻيو ڪونه پر اسان جو پنھنجو ثناءالله عباسي آھي. عباسي اسان جي گروپ خلاف اڄڪلھه پويان پئجي ويو آھي. ايس پيز جي پٽيشنر گروپ ۾ شامل سينئر پوليس عملدارن جو چوڻ ھو ته ايس ايس پيز کي ھٽائڻ وارو جعلي نوٽيفيڪشين به ثناءالله جاري ڪرايو ۽ اھڙي نوٽيفيڪشين جي خبر خانگي ٽي وي چئنل تان ان دوست ذريعي ھلرائي، جيڪو محافظ بڻجي اڄڪلھه عباسيءَ سان ناشتو ۽ مانجھاندو به گڏ ٿو ڪري. خبر ناھي ھو دوستن جي پٺيان ڇو ھٿ ڌوئي پيو آھي.“ ھڪ پٽيشنر ايس ايس پي ٻڌايو. ھو ثناءالله عباسي خلاف ايتري غصي ۾ ھئا، جو ھنن ان انڪوائري ڪميٽي آڏو بيان ڏيڻ کان به انڪار ڪيو، جنھن جو ثناءالله عباسي ميمبر ھوندو. ”شڪارپور ۾ عابد جتوئي سان تڪرار رپورٽ ٿيو ته اھو به رپورٽ ٿئي ھا ته ڪيئن نه ھن مشتاق شاھ سان گڏجي عابد جتوئي کان سندس گھر وڃي، معافي ورتي“ عباسيءَ کان ڪاوڙيل ماضيءَ جي ايماندار گروپ جي ايس ايس پيز جي ڪاوڙ ۾ چيل جملن کي آئون ٻڌندو رھيس ۽ صرف ايترو ئي چئي سگھيس.
    ڪير کڻي سامھون مڃي نه مڃي، پر پوليس عملدارن جي آئوٽ آف ٽرن پروموشنز کي رد ڪرائڻ واري پٽيشن پوليس آفيسرن کي ٻن گروپن ۾ ورھائي ڇڏيو آھي. جنھن مان ھڪ گروپ جي نمائندگي بشير ميمڻ ۽ ٻئي گروپ جي نمائندگي منظور مغل ٿو ڪري، اھو عجيب اتفاق ٿي پيو آھي ته پاڻ مٿان آيل مصيبتن وارن ڏينھن سميت ھميشه بشير ميمڻ جي پاسي ۾ رھندڙ ثناءالله عباسي ھن ڀيري نه چاھيندي به منظور مغل واري گروپ ۾ ڳڻجي ٿو. حالتن ۽ وقت جو ڦيڙو انسان ۾ عجيب تبديلي آڻي ڇڏي ٿو، جيڪڏھن پنھنجي جوانيءَ ۾ مھاديش دروھي سمجھيو ويندڙ سنڌ جو ڀلوڙ شاعر شيخ اياز به پيرسنيءَ ۾ اچي دعائون لکڻ لڳي ٿو ته ھن فقير پوليس واري عباسيءَ ڪھڙو ڏوھ ڪيو؟ آخر ڪنھن کي ڪٿي نه ڪٿي ته مٿو ٽيڪڻو پوي ٿو.
    ڪجھه سال اڳ تائين سنڌ اندر جيڪو ايماندار ايس پيز جو چرچو ھليو ته محرومين جي ماريل ۽ ذلت واري زندگي گذاريندڙ مخلوق انھن کي مسيحا سمجھي حد کان وڌيڪ اميدون ڪرڻ لڳي. ڪجھه ماڻھن ته ان ڪراڙي ڪامريد جي خواب کي ساڀيان ٿيندي ڏٺو ته سمورن ضلعن ۾ اھڙا ايس پيز اچي آجپي جو اعلان ڪندا. انھن اميدن جي اڀريل طوفان ۾ ماڻھو بشير ميمڻ ۽ سندس گروپ کي سنڌ پوليس جا منگل پانڊي سمجھڻ لڳا. انگريزن جي غلاميءَ واري دور 1857ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جيڪا فوج انڊيا ۾ ڀرتي ڪئي. ان افغانستان ۾ به وڃي گورن جو دفاع ڪيو، پر جڏھن سوئر ۽ ڳئون جي چرٻيءَ وارو ڪارتوس ميدان تي آيو ته ان انڊيا جي ناراض سپاھين منجھان ھڪڙو منگل پانڊي تيار ڪيو، جنھن ڪمپنيءَ جي فوج کي ساڙي خاڪ ڪرڻ جو اعلان ڪيو. سپاھين جي اھا بغاوت ڪچلي وئي منگل پانڊي اڪيلي سر معافي وٺڻ کان انڪار ڪندي ڦاھي چڙھي ويو. پر گورن لاءِ پٺيان ھڪ باھ ٻري ويو. جنھن ايسٽ انڊيا ڪمپني کي ھندستان مان ٽپڙ ويڙھڻ تي مجبور ڪيو، پر اسان سنڌ پوليس جي چند عملدارن مان اھڙي توقع ھروڀرو ڇو ڪريون؟ سنڌي ماڻھو ھزارين سالن جي ذلت واري سفر کان پوءِ محرومين جي اھڙي موڙ تي بيٺل آھي، جتي ڪو ايماندار ايس پي به کين اسٽيبلشمينٽ کان ناراض باغي سپاھي لڳي ٿو. پر حقيقتون اھڙين اميدن جي ڪجھه ابتڙ ٿين ٿيون.
    آئوٽ آف ٽرن پروموشنز کي عدالت ۾ چئلينج ڪندڙ پوليس عملدارن مٿان پوليس مورال ڊائون ڪرڻ جو به الزام آھي. اھو ته وقت جي حڪمرانن کي پاڻ سوچڻ گھرجي ته ھڪ انسپيڪٽر سطح جي ماڻھو کي بي تحاشا ترقيون ڏئي آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي سطح جي ڪرسين تي ويھاريندئو ته اھڙا حڪم چئلينج ته ٿيندا رھندا. حڪمرانن جي اھڙن حڪمن کي چند آفيسر ئي نه پر سنڌ پوليس جا 90 ھزار سپاھي ڪيئن ٿا ڏسن. اھو به جاچڻ گھرجي سرد راتين ۾ به صاحب لوڪن کي فل پروٽوڪول ڏيندڙ سپاھي جي ترقي ميرٽ تي ٿيڻ کپي يا خوشامد تحت؟ اھو عدالت ضرور طئي ڪندي؟ جيئن سڀاڻي ترقي جي لالچ ۾ انسپيڪٽر سطح جي عملدارن کي صاحب لوڪن جون عجيب فرمائشون پوريون ڪرڻ جي ضرورت پيش نه اچي.


      ليکڪن مان انقلاب جو رومانس ختم ٿي ويو آھي : نورالھدى شاھ

    سوال؛ ھاڻي ان ننڍڙي ڇوڪريءَ ڏانھن ڏسندي ڪيئن ٿا محسوس ڪريو، جنھن کي مشھور ليکڪا ٿيڻ تائين ڊگھو سفر ڪرڻو پيو. ان سفر ۾ڪي ڏکيائون ۽ مخالفتون جن سان توھان کي منھن ڏيڻو پيو ھجي؟
    جواب؛ مون لکڻ وارو ڪم ننڍپڻ ۾ شروع ڪيو، منھنجو ننڍپڻ لاھور ۾ گذريو آھي، جتي مائٽن جو اڪيلو ٻار ھجڻ ڪري اڪيلائپ ۾ ئي ننڍپڻ گذريو، منھنجي اڪيلائپ ۽ شين کي تصور ۾ آڻڻ واري سگھه ئي مونکي ليکڪا بڻايو. مان پنھنجي تصوراتي ڪردارن سان کيڏندي ھيس. منھنجو والد جيتوڻيڪ مذھبي ماڻھو آھي پر ان مون کي ڪڏھن به روايتي راڻين ۽ بادشاھن وارا قصا ڪونه ٻڌايا. ھن ھميشه حقيقي ۽ تاريخي ڪردارن بابت ڪھاڻيون ٻڌايون. جڏھن ته منھنجي ماءُ جي به سنڌي سٺي آھي. جڏھن اسان لاھور ھوندا ھئاسين ته ھوءَ اڪثر پنھنجي والد جي شاعري ڳائي ٻڌائيندي ھئي. اھا پنھنجي مائٽن، ڳوٺ ۽ ٻين اھڙين شين متعلق ٻڌائيندي رھندي ھئي. ھن جي ٻولي ٽکڙ واري مخصوص سنڌي آھي. جيڪا مان ٻڌي وڏي ٿيس. اھي سڀ ڳالھيون جڏھن ٻڌي ۽ پنھنجي تصوراتي ڪردارن کي ھلائيندي ھيس ته سنجيده لکڻيون لکي ويھندي ھيس. جڏھن منھنجي ماءُ منھنجي پھرين شارٽ اسٽوري پڙھيه ته ھوءَ ڏاڍو پريشان ٿي وئي ۽ بابا کي اھا ڳالھه ٻڌايائين، جنھن اھا ڪھاڻي پڙھڻ کان پوءِ چيو ته پٽ! اڃان تون ٻار آھين. ٻارن جي ڪھاڻين تي ڌيان ڏي. مون لکڻ جي شروعات اردو ۾ ڪئي ۽ جڏھن اسان ڪراچي شفٽ ٿي آياسين ته 16 يا 18 سالن جي عمر ۾ مون اردوءَ ۾ سنجيدگي سان لکڻ شروع ڪيو. مون سنڌي ڪونه پڙھي آھي، ان ڪري ھاڻي به الفابيٽ مان سنڌي نه لکي سگھنديس پر منھنجي مائٽن منھنجي اندر سنڌي ٻولي کي زندھ رکيو، جنھنڪري مان اھا پڙھي ۽ لکي سگھان ٿي. اھي ون يونٽ وارا ڏينھن ھئا ۽ ھر ڪو اردوءَ ڳالھائيندڙ ھو. چڱن خاصن سنڌي گھراڻن ۾ اردو ڳالھائي ويندي ھئي. ان دور ۾ مون کي ھڪ تلخ تجربو ٿيو ، جنھن سنڌي لکڻ ڏانھن مائل ڪيو مون پنھنجو ھڪ افسانو اردو ڊائجيسٽ ”پاڪيزه“ کي ڇپڻ لاءِ ڏياري موڪليو ته ان جي ايڊيٽر مونکي ھڪ تعريفي خط لکي منھنجي اردو سٺي ھئڻ جي ساراھ سان گڏ ٻيا افسانا موڪلڻ جي دعوت ڏني. ان جي موٽ ۾ مون کيس لکي موڪليو ته بنيادي طور اردو منھنجي مادري ٻولي ناھي، مان سنڌي آھيان پر پوءِ به ڪوشش ڪريان ٿي ته سٺي اردو لکان. ان خط سان گڏ مون ٻه ٻيا افسانا به کين ڏياري موڪليا پر پاڪيزه وارن منھنجا سمورا افسانا غائب ڪري ڇڏيا. اھي ڪڏھن شايع نه ٿيا ۽ نه ئي ھنن ٻيھر مونسان رابطو ڪيو. ان واقعي منھنجا خيال ۽ نظريا ئي بدلائي ڇڏيا. اھي ڏاڍا ھنگامه خيز ڏينھن ھئا پر مان سموري سياست کان پري ھيس. مون کي ان دور جي سياست جي الف ب جي به خبر نه ھئي پر جڏھن مان ڪراچي پھتس ته مون کي محسوس ٿيو ته سنڌي ٻوليءَ کان نفرت ڪئي پئي وڃي. اسڪولن ۾، ريسٽورانٽ ۽ پريس ۾به ان کان نفرت ڪئي پئي وڃي. پاڪيزه ڊائجسٽ وارن سان ٿيل تلخ تجربي منھنجو رخ سنڌي لکڻ ڏانھن موڙيو. شروع ۾ ڏاڍي ڪچي ڦڪي سنڌي لکندي ھيس ۽ اھا ھلال پاڪستان وارن کي ڏياري موڪليندي ھيس. ان دور ۾ جيڪڏھن ڊاڪٽر فھميده حيسن منھنجي سنڌي لکڻ ۾ ھمت افزائي نه ڪري ھا ته مان شايد سنڌي نه لکي سگھان ھا ۽ اردوءَ ڏانھن واپس ھلي وڃان ھا. ڇو ته لکڻو ته آخر ھيو ئي نه.

    سوال؛ توھان بنيادي طور تي شارٽ اسٽوري رائيٽر آھيو ته پوءِ توھان ڊرامن طرف ڪيئن اچي ويا؟
    جواب؛ جڏھن منھنجي ڪھاڻين جو پھريون مجموعو ”جلاوطن“شايع ٿي چڪو ھو ته پي ٽي وي ڪراچي سينٽر جي جنرل مئنيجر عبدالڪريم بلوچ رابطو ڪيو ۽ ڊرامو لکڻ لاءِ چيو. ھن پروڊيوسر ھارون رند کي اسڪرپٽ کڻي وڃڻ لاءِ موڪليو، جنھن اسڪرپٽ پڙھڻ کان پوءِ چيو ته ھن پنھنجي پوري ڪيرئير ۾ اھڙا اسڪرپٽ ڪڏھن ناھن پڙھيا ۽ ھارون رند موجب اھي پڙھڻ کان پوءِ سندس شگر ليول نارمل ٿي وئي. اصل ۾ مون کي ٽي وي ڊرامن ۾ منھنجي ڪا دلچسپي ناھي. مان ته عام رواجيءَ زندگي ۾ ڪڏھن ٽي وي ڏسندي به ناھيان. ڊراما سيريل ھوندي جيڪا مون مڪمل ڏٺي ھوندي. ٻي صورت ۾ ٽي وي آڏو ڪلاڪ اڌ لاڳيتو ويھڻ منھنجي لاءِ ناممڪن آھي. منھنجي لاءِ انھن ۾ ڪا ڪشش ناھي، پنھنجا ڊراما به صرف ھڪ ڀيرو ڏسندي آھيان. ھاڻي جڏھن اھو چيو وڃي ٿو ته مون کان بھتر ٽيلي پلي پاڪستان ۾ ٽيڪنيڪلي ڪو لکي ئي نٿو سگھي ته اھو صرف منھنجي سخت تصوراتي سگھه سبب آھي. آئون لکڻ کان اڳ اھي سمورا ڪردار پنھنجي تصور ۾ آڻيندي آھيان. آئون سمورا ڪردار وزيولائيز ڪندي آھيان. پنھنجو پاڻ کي ان سڄي ماحول (ڪھاڻي) جو حصو بڻائي ڇڏيندي آھيان. اھو ھارون رند ئي ھو، جنھن جنگل ٺاھيو ۽ ان جي ڪاميابيءَ کان پوءِ مان ته ڊرامن جي گھيري ۾ اچي وئي آھيان. جيتوڻيڪ انھن (پروڊيوسرن) کي مونکان اسڪرپٽ وٺڻ ۾ سخت ڏکيائيون پيش اچن ٿيون ۽ سلطانه صديقه چواڻي ته انھن کي مان بيمار ڪري ڇڏڻ واري ليکڪا آھيان. سمورن شوبز وارن ماڻھن کي خبر آھي ته مان اسڪرپٽ حوالي ڪرڻ جي معاملي ۾ ڪيتري ڏکي آھيان. پر پوءِ به سدائين ڊراما لکرائي وٺن ٿا ۽ اھي اھڙو دٻاءُ پيدا ڪن ٿا جو مان چاھيندي به پنھنجي جند آجي نٿي ڪرائي سگھان. آئون بلڪل ڦاسي پئي آھيان.
    سوال؛ انھن افواھن ۾ ڪيتري صداقت آھي ته جنگل ڊرامو بند ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي ڪجھه بااثر جاگيردارن ٽي وي انتظاميا تي دٻاءُ وڌو ھو؟
    جواب؛ذاتي طور مونکي اھڙي ڪنھن واقعي يا دٻاءُ جي خبر ناھي، ممڪن آھي پي ٽي وي وارن کي خبر ھجي. مون ڪجھه اخبارن ۾ اھڙا بيان پڙھيا ھئا. باقي وڌيڪ ڪا خبر ناھي. ذاتي طور مونکي تڏھن ڪجھه مخالفن جو منھن ڏسڻو پيو جڏھن منھنجي ڪھاڻي (حويلي شريف) ھلال پاڪستان اخبار ۾ ڇپي. ان کان وڌيڪ ڪنھن مخالفت جي مونکي خبر ناھي.

    سوال؛ ڪنھن ٻئي ڊرامي تي به نه؟
    جواب؛ نه نه اھڙي ڪا ڳالھه ئي نه ھئي. ان جي ابتڙ جنگل ڊرامي ته مون کي پنھنجي ماڻھن جي ويجھو آڻي ڇڏيو. اھو ته ٽي وي جو اھو زمانو ھو جڏھن اھڙن ڊرامن تي گھٽيون ويران ٿي وينديون ھيون. ھاڻي ته ڪيترائي چينل اچي ويا آھن ۽ اھي ريموٽ کي ھڪ ڇھاءُ سان ملي وڃن ٿا. پر ان دور ۾ ھليل جنگل ڊرامي مونکي پنھنجي ماڻھن وٽان اھڙي ڀرڀور موٽ ڏياري، جنھن لاءِ ڪيترائي ليکڪ پنھنجي حياتين ۾ دعائون گھرندا رھندا آھن. ان ڊرامي کان پوءِ ماڻھن مون کي ڇڪي پاڻ ڏانھن ڪيو ۽ پنھنجي ڏکن ۽ دردن کان وافق ڪيو. ان دوران ئي سنڌي فيوڊل سماج جي ڪجھه منفي ڪردارن به اچي اھو چيو ته اسان رڳو خراب ناھيون. اسان جي به ڳالھه (موقف) ٻڌو رڳو ھڪ طرفو نه لک. ھاڻ جڏھن مان ڏسان ٿي ته (جنگل) ٽيڪنيڪلي مون کي ڪمزور ڊرامو لڳي ٿو پر پوءِ به منھنجو بنياد اھوئي آھي. ھاڻي جيڪي پرائيويٽ سيڪٽر ۾ منھنجا ڊراما اچڻ وارا آھن، اھي توھانکي ھر لحاظ کان بلڪل ئي مختلف لڳندا، ڇو ته ليکڪ کي ھڪ ھنڌ بيھي نه رھڻ کپي. پر ان کي گليشيئرز جيان ھجڻ کپي. جيڪو مٿان کان ھلندو ھڪ وڏي سمنڊ طرف وڃي. ڇو ته ھڪ ھنڌ بيھي رھڻ سان بدبوءِ پيدا ٿيندي آھي. ھونئن اھا ھر ليکڪ جي پنھنجي تخليقي سگھه سان راند به ٿئي ٿي. اھو ان تي دارومدار آھي ته ھو ڪيتري رسڪ کڻي ٿو. پنھنجو نالو شھرت ۽ ڪيريئر ڪيئن داءُ تي ھڻي ٿو ۽ پنھنجي تخليقي سگھه جي آزمائش وٺي ٿو.
    سوال؛ توھان جي لکڻ وارو ڪيريئر ته ڏاڍو سادو ۽ سڌو سنئون لڳي ٿو پوءِ اھي افواھ ڪيئن مشھور ٿيا ته توھان جاگيرداري کان بغاوت ڪئي، جنھن جا سخت نتيجا ڀوڳيا ۽ تڪليفون . . .
    جواب؛ (کلندي) ته اھڙي ڪا ڳالھه ڪونه ھئي. جئن اھا ڦھلائي وئي آھي ته وڏي ڪا جنگ لڳي ۽ مون وڃي ھٿيار کنيا. وڏي مزاحمتي ويڙھ ڪئي ۽ انقلاب اچي ويو. (کلندي) اھڙي ڪا به ڳالھه حقيقي زندگي ۾ ته مونسان ڪونه پيش آئي، ڇاھي ته اھو دور ھو جواني جو ۽ مون عصمت چغتائي وغيره کي پڙھڻ کان پوءِ ڪجھه خوفناڪ ڪھاڻيون لکي ورتيون، جيئن ته منھنجو تعلق فيوڊل گھراڻي سان آھي. ان ڪري منھنجي لکڻين تي شروع ۾ ٿيل ان تنقيد جو بظاھر ڪو خاص اثر نه پيو، ڇو ته اھا مون تائين پھچي ئي نه پئي. باقي منھنجي لکڻ دوران جيڪو منھنجي ماءُ روئندي ھئي اھو مون لاءِ تڪليف ده ۽ وڏو مسئلو ھوندو ھو. امڙ مذھبي خيالن واري ھجڻ ڪري شروع ۾ اھو سمجھندي ھئي ته منھنجي لکڻ سان ڪجھه نه ڪجھه مونکي نقصان ٿيندو. ان خيال سبب ھوءَ منھنجي لکڻ کان ڊڄندي ھئي. جڏھن به مان لکڻ ويھندي ھيس ته ھو روئڻ شروع ڪندي ھئي. منھنجي حق ۾ عبادت ڪري تحفظ لاءِ دعائون گھرندي ھئي. منھنجو والد کيس سمجھائيندو ھو ته ھن کي ڪجھه نه ٿيندو پر ھن کي يقين نه ايندوھو. امڙ مديني ۾ به وڃي اھي دعائون گھريون ته اھڙو ڪو معجزو ٿي پوي جو منھنجو لکڻ چڏائجي وڃي ۽ مان لکڻ واري عادت وساري ويھان. مان اڄ ڏينھن تائين ردي ٿيل پنو ڦاڙي ناھيان سگھندي. اھو منھنجي ماءُ سبب آھي ڇو ته جڏھن مان امڙ کان لڪي لکندي ھيس ته رف ٿيل پنو ڦاڙيندي نه ھيس ڇو ته پنو ڦاڙڻ جو آواز امان ٻڌي وٺندي ۽ کيس خبر پوندي ته مان لکان ٿي. وري ھوءَ روئڻ ويھندي، ان ڪري پني کي ٻيڻو ٽيڻو ڪري ھٿ ۾ ئي نپوڙي اڇلي ڇڏيندي ھيم. منھنجي لکڻ آڏو حقيقت م اھا ئي ھڪ ڏکوئيندڙ مخالفت ھئي. انھن ڏينھن ۾ منھنجو لکڻ اسان جي فيملي ۾ ناپسند ڪيو ويندو ھو ۽ ويجھا مائٽ به ان کي سٺو نه سمجھندا ھئا، ان ڪري امڙ ڪنھن خراب نتيجن نڪرڻ بابت ڊڄندي ھئي. جيتوڻيڪ پنھنجي لکڻين ڪري پنھنجي ماءُ کي تڪليف ۾ ڏسي مونکي ڏک ته ٿيندو ھو پر مان به ڇا ڪريان ھا؟ اھو دکدائڪ عرصو تيستائين جاري رھيو جيستائين جنگل ڊرامو ٽيليڪاسٽ ٿيو. اھو ٽي وي جي وڏي جادوئي اثر وارو دور ھو ۽ خود اسان جي فيوڊل فيملي ۾ وڏو بريڪ ٿرو ھو. فيملي وارا حيران ھئا ته ھڪ 25،26 سالن جي ڇوڪريءَ ڪيئن اھڙو بھترين ۽ 20 قسطن وارو ڊرامو لکي ورتو. جنگل سبب ئي مون ڏانھن منھنجي پوري فيملي جا رويا تبديل ٿي ويا. اھي مونکي وڌيڪ حيثيث ۽ اھميت ڏيڻ لڳا ۽ منھنجي ماءُ به پوءِ فخريه انداز ۾ پنھنجو تعارف ائين ڪرائڻ شروع ڪيو ته مان نورالھدى شاھ جي ماءُ آھيان. ھو اڃان تائين چوندي آھي ته ”اھڙو ڊرامو وري لک نه“ ھاڻي ھوءَ منھنجي لکڻ تي خوش ٿيندي آھي. جنگل کان پوءِ منھنجي خاندان به منھنجي لکڻ جي ھمت افزائي ڪئي ۽ توھان کي اھو به ٻڌائيندي ھلان ته منھنجو نالو خاندان جي شجري ۾ شامل ڪيو ويو آھي. اھو ته توھانکي خبر ھوندي ته فيوڊل فيمليز ۾ شجرو ڪيتري اھميت وارو ٿيندو آھي ۽ اھڙن خاندانن لاءِ عورتن کي شجري ۾ شامل ڪرڻ ڏکيو ھوندو آھي پر اسان جي خاندان ۾ ڊاڪٽر آفتاب ۽ منھنجو (ٻن عورتن) نالو شجري ۾ شامل ڪيو ويو آھي.جڏھن خانداني فيصلا ڪيا ويندا آھن ته اھو سمورو مردن جو ڪاروھنوار ھوندو آھي پر انھن فيصلن ۾ ھاڻي مون کي به ويھاريو ويندو آھي. مون کان به راءِ ورتي ويندي آھي.

    سوال؛ اھا عوامي مڃتا جي ڳالھه ٿي پر ڇا توھان کي ڪڏھن ڪي سرڪاري ايوارڊ مليا آھن؟
    جواب؛ ھڪڙي ڳالھه آئون واضع ڪندي ھلان ته حڪومتي عملدارن کان ٿيندڙ آڇون ۽ دعوتون مون ھميشه ٺڪرايون آھن. مان ته انھن فنڪشنز ۾ وڃڻ به ناپسند ڪندي آھيان، جتي ڪنھن سرڪاري وزير مشير کي مھمان ڪري گھرايو ويندو آھي. ھاڻي اھا ڳالھه ڪرڻ نه کپي پر مان توھان کي اھو به ٻڌايان ٿي ته مون وزيراعظم ھائوس کان آيل دعوت ناما ۽ ٽڪيٽون به واپس ڪيون ھونديون. مون ڪڏھن به حياتيءَ ۾ سرڪاري ٽڪيٽ تي سفر ناھي ڪيو. مون آڇن جي باوجود سرڪاري ادبي ادارن جون ڪرسيون قبول نه ڪيون ھونديون، ڇو ته ماڻھو پوءِ انھن ڪرسين جي گليمر ۾ اچي ڦاسي پوي ٿو. وڏين ڪرسين جي جڏھن ھير پئجي وڃي ٿي ته پوءِ انھن کي ڇڏڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. پوءِ ماڻھو ڪيتريون مصلحتون منافقتون به ڪرسي خاطر ڪري وٺندو آھي. مان انھن شين کي پنھنجي ڪمزوري بڻائڻ نٿي چاھيان. ڇو ته جڏھن اھي شيون قبول ڪريون ٿا ته پوءِ توھان کي پنھنجي ڪمٽمينٽس کان ھٽڻو پوي ٿو. مون پنھنجي شھرت کي ڪڏھن به ڪيش ناھي ڪرايو. محفلن ۾ به مان اڳتي وڌي پنھنجو تعارف ڪنھن (معززين) سان ناھي ڪرايو. جيڪڏھن ڪير مون کي سڃاڻي ٿو، تڏھن به ٺيڪ، نٿو سڃاڻي تڏھن به منھنجي لاءِ ٺيڪ آھي.

    سوال؛ توھان جي نقادن جو خيال آھي ته توھان پنھنجي لکڻين ۾ عورتن جي حالتن کي وڌائي چڙھائي پيش ڪيو آھي. ڇا توھان فيمينسٽ آھيو؟
    جواب؛ پھرين ڳالھه ته عورتون اسان جي سماج ۾ وڌيڪ ھيسيل طبقو آھي ان ڪري مون انھن جي احساسن کي زبان ڏني آھي. باقي رھي ڳالھه فيمينسٽ جي ته، نه مان فيمينسٽ ناھيان. جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ ڪجھه عورتن فيمينزم کي کل جوڳو بڻائي ڇڏيو آھي. پر مان سمجھان ٿي ته اسان پنھنجي سماج ۾ ان قسم جي نعريبازي افورڊ نٿا ڪري سگھون. ھڪ طرف اسان جو سڄو سماج ڀڇ ڊاھ جو شڪار لڳو پيو آھي ۽ افراتفري متل آھي ته ٻئي طرف ھي خيالي انقلابي ڏورانھين ڏيھن جي خيالن ۽ نظرين جو پرچار ڪن ٿا. ھڪ ليکڪ جي حيثيث ۾ منھنجو خيال آھي ته اسان جھڙن سماجن ۾ مرد ۽ عورتون ٻئي بدترين حالتن مان گذرن ٿا. جيڪڏھن ھڪ مرد کي روزگار نه ملندو ، پوليس ۽ فوجي چيڪ پوسٽن تي مارون ۽ تعديون برداشت ڪندو، ڪٿان ڪو انصاف نه ملندس ۽ ڏٻري صحت سندس نصيب بڻيل ھوندي ته اھو پنھنجي اندر جي باھ ڪڍڻ خاطر پنھنجي زال کي نه ڪٽيندو ته ٻيو ڇا ڪندو؟ سندس سڄي ڪاوڙ پاڻ کان ھيڻي طبقي عورت مٿان پئي ھوندي. اھو سڀ ڪجھه ھن سسٽم جي ڪري آھي ۽ ان نظام کي ڏوھي قرار ڏيڻ بدران جيڪڏھن فقط ھڪ جنس کي ٽارگيٽ بڻايو ويو ته ڪوبه گھربل مقصد پورو ٿي نه سگھندو. اھڙي جدوجھد ڪي به نتيجا ته ڪونه ڏئي سگھندي پر اجايو نقصان پيدا ڪندي.

    سوال؛ لکڻ سان گڏ توھان ڪڏھن ڪڏھن روڊن رستن تي به احتجاج ڪندي نظر اينديون آھيو، سياست ڪرڻ جو ارادو آھي ڇا؟
    جواب؛ اھا ڪا سياست ناھي، جڏھن به مان ڪنھن ناانصافي خلاف احتجاج ڪريان ٿي ته اھا سياست ڪونه ٿي ڪريان. جڏھن به سنڌ جي ماڻھن تي ڏکيا ڏينھن اچن ٿا ته مونکي سخت تڪليف پھچي ٿي. مان پنھنجي ماڻھن جي تڪليف کان پاڻ کي ڌار نٿي ڪري سگھان، ڇو ته منھنجو پاڙون انھن منجھه ئي اونھيون آھن، اھي منھنجا آھن ۽ مان انھن منجھان آھيان. ته پوءِ انھن جي حالتن کان ڪيئن ٿي اکيون ٻوٽي سگھان؟ اھا ڪا نعريبازي واري ڪميٽمينٽ ناھي، انھن جو تڪليفون ئي منھنجي ترجيح آھن ۽ مان پنھنجي ماڻھن کي شوبز جي چمڪندر دنيا کان وڌيڪ عزيز ۽ ويجھو سمجھان ٿي. ان ڪري ئي جڏھن به حالتن جي گھرج ٿئي ٿي، مان بنا ڪنھن پارٽي فرق جي احتجاج لاءِ رستن تي اچان ٿي. جڏھن منھنجو ڪردار وڌيڪ گھربل نٿو رھي تڏھن مان پنھنجي لکڻين ڏانھن موٽي اچان ٿي. جيتوڻيڪ ليکڪن مان اھو انقلاب جو رومانس ھاڻ ختم ٿي ويو آھي ۽ مان پاڻ به ڪو نعريباز ادب لکڻ نٿي چاھيان، پر وري به اھا منھنجي ڪمٽمنٽ آھي. اھا ڪمٽمينٽ ڪنھن خاص سياسي پارٽي يا نظرئي واري ڪمٽيمينٽ ناھي پر اھا ھڪ فطري ڪمٽمينٽ آھي.

    سوال؛ ڪمٽمينٽ ڪنھن سان . . . . سنڌ سان؟

    جواب؛ منھنجي ڪمٽمينٽ رڳو سنڌ تائين محدود ناھي پر اھا سڄي انسانذات ۽ پنھنجي پاڻ سان به آھي پر وري به اوليت سنڌ کي آھي.

    سوال؛ جڏھن توھان سنڌ سان ڪمٽمينٽ جا ڳالھه ڪريو ٿيون ته ھاڻوڪين حالتن بابت توھان جو ڇا خيال آھي، حڪمران سنڌ سان ڪھڙو ورتاءُ پيا ڪن. ڇا اھو ماضي جو ڪو تسلسل ته ناھي؟

    جواب: ممڪن آھي ٻيو ڪو مونسان اختلاف رکي پر مان سمجھان ٿي ته سنڌ سان جيڪا روش روا رکي پئي وڃي. اھا ان ذھنيت جو تسلسل آھي، جنھن ۾ سنڌين کي گھوڙن ۽ گڏھن وارا ماڻھو ڪوٺيو ويو ھو. سنڌ سان ھاڻوڪو ورتاءُ ڪو نئون ناھي، صرف چھرا بدليا آھن. رويا ساڳيا آھن.

    سوال؛ ڇا توھان کي ضياءَ ۽ مشرف دور جي سنڌ ڏانھن رويي ۾ ڪو فرق محسوس ٿئي ٿو؟
    جواب؛ اھڙي ته ڪا ڳالھه نه ٿي آھي، جنھن اھو فرق واضع ڪيو ھجي ۽ اسان چئون ٿا ته مشرف اچي سنڌ کي ساھ پٽڻ ڏنو آھي. باقي ٻي ڪا تبديلي محسوس ناھي ٿي، سنڌ متعلق منصوبا ۽ پاليسيون سموريون ساڳيون آھن. اسان ڪڏھن به ڪنھن به دور ۾ سک جو ساھ ناھي کنيو. اھي ھڪ يا ٻن ماڻھن نه پر پوري ھڪ قوم کي ديوار سان لڳائي رھيا آھن. اھڙين حالتن ۾ مان جڏھن پنجاب ڏانھن ڏسان ٿي ته انھن جو رويو ڏاڍي تڪليف ڏئي ٿو. يعني پنجاب جا سمورا ماڻھو شاعرن، ليکڪن، صحافين ۽ دانشورن سميت سڀ خاموش آھن. انھن کي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ نظر ئي نٿي اچي. سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر اھي غاصبن سان گڏ ڇو بيٺا آھن؟ مان اھو چوڻ حق بجانب آھيان ته اھي باشعور ماڻھو پنجاب جي استحصال جي پٺڀرائي ڪن ٿا. جڏھن اھي ٻين قومن جي زندگي ۽ موت وارن مسئلن تي خاموش ھجن ٿا ته پوءِ اھي به اھڙي ئي بي واجبي ڪن ٿا جيڪا سگھارا ادارا يا ڪو ٻيو ادارو اسان سان ڪري ٿو. ھڪڙي طرف سڄي قوم ڏڪار کي منھن پئي ڏئي ته ٻئي پاسي ھن ميڊيا واري جديد دور ۾ پنجابي دانشور مڪمل بي خبر بڻيل آھن. ائين ناھي ته انھن کي خبر ناھي. انھن کي سڀ خبر پوي ٿي پر ھو ڄاڻي واڻي ڪو تحرڪ نٿا وٺن.

    سوال؛ ھر ليکڪ ڪجھه مخصوص موضوعن تي بار بار لکڻ چاھيندو آھي. توھان لاءِ اھڙو ڪھڙو موضوع آھي جنھن تي گھڻو ۽ بار بار لکڻ چاھيو؟
    جواب؛ اڄڪلھه مان ماڻھو جي اندروني ڪيفيتين کي سمجھڻ ۽ لکڻ چاھيان ٿي. ماڻھوءَ جي اندرونيءَ دنيا به ھڪ سمنڊ جيان آھي. مان ان سمنڊ ۾ گھڙڻ جي ڪوشش پئي ڪريان ته جيئن ماڻھوءَ جا اندروني احساس ۽ ڪيفيتون لکي سگھان.

    سوال؛ ڇا توھان ڪو ناول لکڻ چاھيو ٿيون؟
    جواب: اوھ . . . . . .ضرور . . . . . . . اصل ۾ ڪجھه سال اڳ مون ھڪ ناول تي ڪم ڪيو ھو پر ڊرامن جي ڪري ان کي مڪمل نه ڪري سگھي آھيان. (کلندي) اھي ڊراما ته ھاڻي منھنجي پچر ئي نٿا ڇڏين ۽ نه ئي ڪو سنجيدھ ڪم ڪرڻ ٿاڏين. مان ذاتي طور ان خيال جي آھيان ته ادب جي ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ ڊرامي جي حياتي تمام مختصر آھي. مان اھو ڪجھه لکڻ چاھيان ٿي، جيڪو مونکي لکڻ کپي. پر ھنن ڊرامن اھڙو منجھائي وڌو آھي جو انھن مان جند ئي نٿي ڇڏائي سگھان.


      ڪاميڊي سيريل ”آپريشن آپريشن“

    سکر ۽ شڪارپور جي ڪچي ۾ گذريل ٻن ھفتن کان آپريشن جي نالي تي ھلندڙ مزاحيه سيريل تي اڪثر ماڻھن جي حيرانگي ٿي آھي ته آخر ان سنگين مذاق جو سرڪار جي ڪنھن به سطح تي نوٽيس ڇو نه ٿو ورتو وڃي؟ ٻن ضلعن جي سوين پوليس اھلڪارن کي ايڏي ته وائڙي حڪمت عمليءَ تحت ڪچي ۾ لاٿو ويو آھي، جو لاڳيتو اڌ مھيني تائين ھلندڙ ”مقابلي“ ۾ ھڪ به نامي گرامي ڌاڙيل نه ته مارجي سگھيو آھي نه ئي گرفتار ٿي سگھيو آھي. پوليس جي چرپر ويتر ڌاڙيلن جي ستل ”جن“ کي ايئن جاڳائي ڇڏيو آھي جو ھاڻي ڌاڙيل صاحبان به پاڻ مرادو جلاوطن بڻيل سياستدانن جيان وتن ٿا موبائيل فونن تي پريس ڪانفرنسون ڪندا.”ڪڇي ۾ وڃي غريبن جون جھڳيون ساڙڻ ۽ ٻوڙن کي باھيون ڏئي اخبارن ۾ فوٽپ ڇپرائڻ سان ڌاڙيل ٿو روئي ختم ٿيندا. ان لاءِ پاور کپي. جيڪو اڄوڪن پوليس آفيسرن جي سينئرز وٽ به ناھي.“ ڌاڙيلن خلاف ڪيترن ئي پوليس مقابلن ۾ ذاتي طور حصو وٺندڙ ھڪ پوليس عملدار چيو.
    سنڌ اندر ڌاڙيل فيڪٽر، خاص ڪري اتر سنڌ ۾ پنھنجون سياسي، قبائلي ۽ سماجي جڙون ايتريون ته مضبوط ڪري چڪو آھي، جو ھاڻي اھو وڻ پاڙئون اکيڙڻ ڪنھن به قانون نافذ ڪندڙ اداري لاءِ مشڪل بڻيل آھي. ڌاڙيل ۽ امن امان جي بگڙجندڙ صورتحال سنڌ اندر ٻه اھڙا پاليل جن بڻجي چڪا آھن، جن کي حڪمران پنھنجي مرضيءَ واري وقت تي بوتل منجھان ڪڍي ٿو. اھي ٻئي راڪاس نه رڳو سنڌ ڏانھن ايندڙ سيڙپڪاڙيءَ کي پري ڀڄائڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا، پر خود سنڌي سماج جي اڳتي نڪرندڙ ٻيڙيءَ کي به پوئتي ڌڪڻ ۾ حال آھر حصو وٺندا رھن ٿا. ”سائين آج تو آپ صفا ڌاڙيل لگ رھي ھو!“ اسلام آباد جي مھڪندڙ اين جي او محفل ۾ اجرڪ پائي ويٺل ھڪ شھپري سنڌي جوان کي ھڪ لاھورڻ وڏي ناز و ادا سان چيو.
    اليڪٽرانڪ ميڊيا سنڌي سماج کي ڌاڙيلن ۽ ڪارو ڪاريءَ وارين اھڙين ٻن انتھائن تي ٽنگي ڇڏيو آھي. جو ڀلي ته ڪو سنڌي سڌري جنيوا ۾ وڃي ڪا لائق پوسٽنگ وٺي پر ڪارو ڪاري ۽ ڌاڙيل سندس پيڇو نه ڇڏيندا.
    اھي ويچارا پوليس وارا انھن ڌاڙيلن کي ڪيئن ختم ڪري ٿا سگھن، جيڪي اصل سرڪار جي ماڻھن کي ”چھو تتر گنديءَ ۾“ وارو شڪار ٿا ڪرائين. ڪچي ۾ زمينداري ڪندڙ ھڪ وچئين قسم جي زميندار تترن جي شڪار واري ان قسم طرف اشارو ڪيو، جنھن دوران آيل مھمانن کي خوش رکڻ لاءِ ميزبان وڏيري جا ماڻھو پڪڙيل تتر ڇڏيندا آھن، ته جيئن شڪار ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. ھو ڪچي ۾ زمينداري ڪندڙ اھڙي ڌاڙيل جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته گذريل ٽيھن سالن کان ڏوھ ته ڪندو ٿو اچي پر گرفتار ھڪ ڀيرو به نه ٿيو آھي. اھو ھاڻي ڪچي ۾ معتبر شخصيت بڻجي پنھنجي ٽيوب ويل واري اوطاق تي ويھي اغوا جي پئسن بابت ڊيل ڪري ٿو. ان ڌاڙيل مٿان ھڪ اھڙي سياسي گھراڻي جو ھٿ چيو وڃي ٿو، جنھن جا فرد ايم اين اي ، ايم پي اي ته ٿيندا رھن ٿا پر سندن ناماچاري اصل سرڪار جي ماڻھن جي ”خدمتگارن“ واري آھي.
    سکر آپريشن واري ھلندڙ ان “مزاحيه سيريل“ ۾ نئون موڙ ضلعي ناظم جي شموليت وارو به اچي ويو آھي. جنھن موجب سکر پوليس ضلعي ناظم کان وڌيڪ وڏي وزير جي سنگتيءَ جي شھرت رکندڙ ناصر شاھ کي ٻيلي ۾ وٺي وڃڻ جو فيصلو ڪيو آھي ته جيئن ڪچي جي راڄن جي چڱن مڙسن کي راضي ڪجي ته ھو ڏوھارين کي پنھنجن ڳوٺن ۾ پناھ نه ڏين. سکر پوليس جي اھڙي فيصلي کي طنزيه انداز ۾ وانا آپريشن سان ڀيٽيندڙ ھڪ سينئر پوليس آفيسر ان انتظار ۾ آھي، جڏھن سندس توقع موجب ڪچي جا ماڻھو ڌاڙيلن خلاف لشڪر تيار ڪندا. ”ڪچي ۾ ڪو شريف بندو نظر نه ايندو، اغوا ڦرون نه ڪندو ته چوري چڪاري ضرور ڪندو“ ڌاڙيلن کان بيزار ٿي ڪچي جي بندن تي پڪٽنگ ڪرائيندڙ سينئر پوليس عملدار خيرپور جي ھڪ گرم شام جو انھن پڪٽن جو معائنو ڪندي چيو ھو. عجيب اتفاق آھي ته ان پوليس آفيسر سان شام واري لانگ ڊرائيو جي گھڻن سالن کان پوءِ آئون جڏھن سيتا وليج کان ھيٺ به درياھي بند ٽپي پرو چانڊئي جي ماءُ سان ملڻ ويس ته پرو چانڊئي جي معذور ڀيڻويي به ساڳي ڳالھه ڪئي ھئي. ”چوري چڪاري ته ڪچي جي ماڻھن کي معاف آھي!“ ھن کلندي چيو ھو. ڪچي جي نظام کا واقف ماڻھن جو خيال آھي ته ڪرائيم ڪچي ۾ رھندڙ ڪيترن ئي قبيلن جي نه رڳو ڪلچر ۾ شامل آھي پر وقت گذرڻ سان ھاڻي اھو سندن واحد روزگار به وڃي بچيو آھي. اھو روزگار ٿورو اڳتي وڌي وزيرن مشيرن جي سياسي حيثيث لاءِ ته اھم بڻجي پوي ٿو. ڌاڙيلن مٿان سياسي سماجي سرداري ڇانو رکندڙ ماڻھن کي به ھٿ لڳائڻ کان سواءِ ڪچي ۾ گھڙي پيل پوليس عملدار ڪھڙا نتيجا ڏيندا؟ اھو ڌاڙيلين جي ڌمڪين مان ظاھر آھي. سکر ۽ شڪارپور جي ڪچي ۾ ايندڙ ويندڙ پوليس اھلڪارن ۾ گھڻائي ته ٿڪجي پيل عملدارن واري آھي، پر ڪجھه ڌنڌوڙي ماڻھن ان آپريشن مان پنھنجو روزگار ڳولي لڌو آھي. روزانو سوين ھزارين گوليون ھلڻ واري جاءِ تان چند اھلڪار گوليون کسڪائي ٻاھر وڪڻڻ لڳا آھن. جيڪي واپس ڪنھن جي ھٿن ۾ وينديون،اھو ته ھر ڪوئي سمجھي ٿو.
    ”ابو بالا عملدار ڊالر ميڙين ته اسان غريب گوليون به نه ميڙيون ڇا؟“ ھڪ ايس ايڇ او ڪچھريءَ دوران مذاق ۾ سچ چئي ويو. ھن ڳالھه وڌائيندي چيو ته ”ڏوھاري ويٺا آھن شھرن ۾، اسان وتون ٿا ڪچو ڪٽيندا،“ زماني شناس ايس ايڇ او جي اھا ڳالھه ٻڌي لاڙڪاڻي جو اھو دور ياد اچي ويو، جڏھن فتح علي خواجه ايس ايس پي بڻيل ھو ۽ ڪمشنر جي گاڏي ۾ چڙھي ھڪ نامي گرامي ڌاڙيل جي گھمڻ وارين خبرن سان شھر ڀريل ھو. ان وقت جا ايس ايڇ اوز ٻڌائين ٿا ته اھڙن اطلاعن کان تنگ اچي پوليس، ڪمشنر ھائوس تي ڇاپو ھنيو پر اھو ڏوھاري صاحب بھادر جي بيڊ تان ڀڄي چڪو ھو.
    پوليس ۽ ڌاڙيلن بابت ٽيڪنيڪل ڄاڻ رکندڙ ماڻھن جو خيال آھي ته ھي آپريشن به ٻين پوليس آپريشن جيان ڪاغذي ثابت ٿيندو. ”اھا خبر ڪجھه ڏينھن کان پوءِ پوندي ته اھو ڊرامو ڪروڙين روپين جي پوليس بجيٽ ھيڏي ھوڏي ڪرڻ لاءِ رٿيو ويو يا وڏي سرڪار پاڻ ٻيلن ۾ لھڻ جي ريھرسل ڪرائي رھي آھي.“ پوليس کان باخبر رھندڙ وڪيل چيو، جنھن جو اشارو ھو ته ملڪي سياسي حالتون بدلجندي سنڌ اندر ڌاڙيلن خلاف وڏو آپريشن به ٿي سگھي ٿو، جنھن جي راھ پوليس پاڻ ھموار ڪري رھي آھي.
    پوليس عملدارن جي سرگرمين کان واقف سکر جي ھڪ سينئر صحافيءَ جو خيال ھو ته آپريشن جو ڀوت صرف سکر واري ڊي پي او تيار ڪيو آھي، جنھن کي بالا عملدارن جي به ايتري گھڻي آشيرواد ناھي. ھو ان نقطي تي بار بار ڳالھائي ٿو ته ڊي آءَ جي آپريشنز کي ڄاڻي واڻي ان آپريشن سيريل کان ڇو ٻاھر رکيو ويو آھي. گذريل ڏينھن جڏھن گڏيل اجلاس جو ذڪر اخبارن ۾ آيو آھي. ڇا اھو ڊي آءِ جي کانسواءِ ٿيو؟ صرف جيڪب آباد، شڪارپور ۽ سکر جي ڊي پي اوز پاڻ ۾ ويھي معاملا طئي ڪيا؟ ھو سوالن جي ڳنڍ کولي رکي ٿو.
    ھڪ پوليس رپورٽ موجب سکر ريجن جي اٺن ضلعن ۾ صرف 3 مھينن دوران ڌاڙيلن سان 81 پوليس مقابلا ٿيا، جن ۾ 12 ڌاڙيلن جا 9 ٽولا تباھ ڪري 187 ڌاڙيلن کي گرفتار ڪيو ويو. آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري سطح تي پھتل انگن اکرن کان پوءِ ھر عملدار مطمئن ٿي ويندو ته پوليس تمام سٺو ڪم ڪري رھي آھي. پر حقيقتون شايد بريفنگز ۾ ھلندڙ سلائيڊن کان مختلف ھجن. ڀنگ خاطر اغوا سنڌ جي ڪرمنلز لاءِ سالن کان ھڪ اندسٽري بڻيل آھي، جنھن جا شيئر ھولڊرز اسيمبلين ۽ ايوانن تائين پھچن ٿا. شھري مرڪزن ۾ مافيا بڻجي ويل انڊر ورلڊ جي ڀائي لوگ اغوا ئي اوڙي پاڙي جي سيٺين کي ڪن. پر ڪچي جي ڪرمنلز جي اکين ۾ راڄ ڀاڳ ۽ چڱن مڙسن لاءِ حياءَ اڃان باقي آھي. ونگارو جھيڙا ڪرڻ، اغوا ٿيل لکين روپين واريون آساميون مفت ۾ ڇڏڻ جھڙا عمل ھو صرف تر جي نام نھاد چڱن مڙسن جي اشاري تي ڪن ٿا، سکر پوليس ڪھڙي پاٿايدار کي سوگھو ڪيو آھي، جو ھاڻي ڌاڙيل کيس ھٿ ايندا. پوليس جون دعوائون ڇا به ھجن ، ڪچي جي ماڻھن ۾ اھو آپريشن وڏو ڀوڳ بڻيل آھي. چون ٿا ڪجھه شرارتي ماڻھن ان پوليس ھيليڪاپٽر کي نشانو بڻائڻ پئي چاھيو پر سندن وڏي کين کلي چيو ”ڇڏيو ڇڏيو مڇر مار دوا ھارڻ وارو جھاز آھي.“ اھو سوال ڪچي مان نڪري پڪي تائين پھچي چڪو آھي ته سکر، شڪارپور پوليس ڌاڙيل ته ماري نه سگھي آھي. ڇا ھن آپريشن ۾ ڪچي جا مڇر پيا ماريا وڃن؟


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 345394
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 142621
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ