ڪتاب جو نالو: منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو
مصنف: امر رائيسنگهه راجپوت
ڇپائيندڙ: سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 07 مئي 2017 ع
پڙهيو ويو: 749 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 248 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
امر رائيسنگهه راجپوت دردوندي جي ديس جو نوجوان ليکڪ آهي، جنهن جو ڏڪاريل ڏيهه ٿر جي پسمنظر ۾ لکيل پهريون ڪتاب ”منهنجو صحرا سڏڪي ٿو!“ اوهان جي هٿن ۾ آهي. هن ڪتاب ۾ ٿر ۽ ٿر جي ماروئڙن جي ڏکن، ڏولاون، ڏڪار جي موتمار صورتحال سان گڏ وسڪاري جي اڌورين آشائن جون ڪٿائون آهن، جيڪي مضمونن ۽ تاثر جي روپ ۾ بيان ڪيون ويون آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • مهاڳ
  • دردِ دل رکندڙ سادڙو ليکڪ
  • لفظن سان زندگي جا داستان بيان ڪندڙ....
  • ميگهه وَرشا پُڄاڻان
  • منهنجو صحرا سڏڪي ٿو: مورن جي ديس جون درد ڪٿائون
  • ليکڪ پاران
  • منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!
  • سرلان، جنهن لئه سنڌ سُڏڪي ٿي...!!
  • ٿوهرن جهڙيون مُسافريون
  • هيلوڪو وسڪارو، اڌوريون آشائون ۽ ڏياري..!!
  • ٿر ۽ اُٺ
  • اڄ آکاٽي آهي!
  • سياڙي سورٺ ڀلي...!
  • قديم سنڌ جو روشنين وارو شهر ڏيپلو
  • پاڻهيارين جا پنڌ
  • سانوڻ ٽيج: هڪ رومانس ڀريو ڏڻ
  • سنڌ جي تهذيب جا ٻه اهم علائقا: ڍاٽ ۽ مارواڙ
  • اُداس دلين جو درد ۽ رات راڻي جا سُڏڪا
  • محبت بادشاهه آهي...
  • اسين خود بهارن لاءِ ڀٽڪون پيا...
  • ڏُڪارن جا ڏمر ۽ ڏياري....
  • آسمان مان ڪِريل اَٽو ڄارَ جي ٽار ۾ اٽڪي پيو...
  • دُکي دلين جو درد ۽ ديوالي
  • صحرا سوڳوار آهي....!!
  • ڏياري جو ڏيئو ڏٺو ننڍو وڏو چڀڙ مٺو
  • وسڪارو
  • سنئوڻ سڄڻ، من ويري...!!
  • ٿر جا ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻن جو ڏينهن ملهائڻ واري تجويز...!!
  • گڊيءَ کان گوڙدرو تائين...!!

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”منهنجو صحرا سڏڪي ٿو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ امر رائيسنگهه راجپوت آهي.

    امر رائيسنگهه راجپوت دردوندي جي ديس جو نوجوان ليکڪ آهي، جنهن جو ڏڪاريل ڏيهه ٿر جي پسمنظر ۾ لکيل پهريون ڪتاب ”منهنجو صحرا سڏڪي ٿو!“ اوهان جي هٿن ۾ آهي. هن ڪتاب ۾ ٿر ۽ ٿر جي ماروئڙن جي ڏکن، ڏولاون، ڏڪار جي موتمار صورتحال سان گڏ وسڪاري جي اڌورين آشائن جون ڪٿائون آهن، جيڪي مضمونن ۽ تاثر جي روپ ۾ بيان ڪيون ويون آهن.

    هي ڪتاب سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪار پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري پرڪاش ڪرمواڻيءَ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    بارش جي پهرين بوند جھڙو ڪتاب
    اسان سامروٽيءَ مئگزين جو سلسلو جديد ليکڪن کي همٿائڻ لاءِ جيئن شروع ڪيو ته اسان کي توقع کان وڌيڪ محبتون ۽ مان مليو. اُهو سلسلو برقرار رکي اسان هڪ قدم اڳتي کڻي سامروٽي پبليڪيشن کي شروع ڪري خوشي ٿا محسوس ڪريون. ڏکين حالتن باوجود اسان اڳتي وڌڻ، ادبي دنيا ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ کي اسان وڌيڪ اهميت جوڳو سمجھون ٿا. سامروٽي پبليڪيشن جو نئون سفر صرف ادبي خدمت جي جذبي تحت آهي. اسان چاهيون ٿا ته نوجوان قلمڪارن کي هڪ نئون پليٽ فارم مهيا ٿئي. ڪاروباريءَ ذهنيت کان هٽي ڪري نئين ويساھ کي ادبي ميدان ۾ اجاگر ڪجي. هن نئين سفر جي شروعات اسان ٿر جي نوجوان باصلاحيت شاعر ۽ ليکڪ امر رائيسنگھه راجپوت جي نثري مجموعي ”منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو“ سان ڪري رهيا آهيون.
    امر رائيسنگھه اڀرندڙ ۽ متاثر ڪندڙ بهترين نوجوان شاعر ۽ ليکڪ آهي. سامروٽي پبليڪيشن جو هِيءَ پهريون ڪتاب آهي. چوندا آهن ته بارش جي پهرين بُوند بيمقصد ناهي هوندي، ڇو جو اُن مان ئي مٽيءَ جي حَسين مهڪ اُڀرندي آهي. اسان هي سلسلو هي قافلو اڳتي وٺي وڃڻ جا آرزومند آهيون، ۽ اِها اُميد ٿا ڪريون ته سنڌ جون ساڃاھ وند ڌريون اسان جو ساٿ ڏينديون. اسان جي حوصلا افزائي ڪنديون. اُميد ته اسان جي هي پهرين ڪاوش دل سان قبول پوندي.
    پرڪاش ڪرماڻي
    سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر
    03333173584
    Karmanipirkash2014@gmail.com


    مهاڳ

    امر رائيسنگهه راجپوت دردوندي جي ديس جو نوجوان ليکڪ آهي، جنهن جو ڏڪاريل ڏيهه ٿر جي پيس منظر ۾ لکيل پهريون ڪتاب ”منهنجو صحرا سڏڪي ٿو!“ اوهان جي هٿن ۾ آهي.
    هن ڪتاب ۾ ٿر ۽ ٿر جي ماروئڙن جي ڏکن، ڏولاون، ڏڪار جي موتمار صورتحال سان گڏ وسڪاري جي اڌورين آشائن جون ڪٿائون آهن، جيڪي مضمونن ۽ تاثر جي روپ ۾ بيان ڪيون ويون آهن.
    ڪتاب جو پهريون تاثراتي ليک ”منهنجو صحرا سڏڪي ٿو!“ حساس دل پڙهندڙ کي سچ پچ سڏڪائي وجهي ٿو. امر رائيسنگهه ٿر جي ڌرتي، ٿر جي آڪاس، ٿر جي مسڪين ماروئڙن ۽ سندن معصوم ٻارن سان ٿيندڙ موت جي هاڃن سان گڏ ٿر جي پکين، پسوئن خاص طور مورن، ٿر جي وڻن ٻوٽن بابت بيانيه کي دل ڇهندڙ انداز ۾ لکيو آهي. هن ليک ۾ ٿر جي اُڃايل ڌرتي آڪاس کي پڪاري ٿي، پر انڌو، گونگو، ٻوڙو آڪاس نه ڏسي ٿو، نه ٻڌي ٿو، نه وسي ٿو.
    امر رائيسنگهه صحرا جا جيڪي درد بيان ڪيا آهن تن جو انت آهي ڪونه. هر درد پاڻ سان گڏ اهو سوال کڻي اچي ٿو ته ڇا صحرا جي نصيب ۾ رڳو سُڏڪڻ آهي! هر گذرندڙ پل پيئڻ نانگ وانگر سونگهي ساهه ڪڍي ٿو، هر گذرندڙ پل سان گڏ صحرا سڏڪندو رهي ٿو.
    امر رائيسنگهه جي ڪتاب ۾ صحرا جي سڏڪن جو آواز ايترو ته زوردار ۽ اثرائتو آهي جو پڙهندڙ کي اڳتي پڙهڻ جي همت نئين سر پيدا ڪرڻي پوي ٿي. ٿر بابت گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي ۽ لکيو پيو وڃي، پر ”منهنجو صحرا سڏڪي ٿو!“ جهڙي احساساتي ڪيفيتن سان ڀرپور لکڻي اڳي منهنجي نظر مان نه گذري آهي.
    امر پنهنجن سمورن مضمونن ۾ ان جادوئي بيانيه واري اسلوب کي قائم رکيو آهي. سرلا ورهين جي وڇوڙي کان پوءِ سنڌ اچڻ لاءِ لاهور جي ريلوي اسٽيشن تي ڀاءُ جي ڀاڪرن ۾ دم ڏنو، ان دل ڏاريندڙ واقعي کي امر بيحد دردمنديءَ سان بيان ڪيو آهي. ورهاڱي جي پيدا ڪيل هاڃن جو درد اڻ کٽ آهي. سرلا جي ڪٿا به ورهاڱي جي پيڙائن جو تسلسل آهي.
    ٿر جي ٿوهرن جو درد به ٿري ڄاڻن. امر رائيسنگهه اهو سچ لکيو آهي. هو انهن اداس ٿوهرن جي پلئه جي ڇانوَ ۾ پليو آهي. انهن سان گڏ ڀوڳنائن وارا سفر ڀوڳيا اٿس. انهن سان گڏ پن ڇڻ ۾ پيلو ٿي ڇڻيو آهي. ڏڪارن جا ڏنجهه ڀوڳيا اٿس.... تڏهن ته هو ٿوهرن جو درد چڱي طرح ڄاڻي ٿو.
    ٿر جي ماروئڙن جي لاءِ امر جي لکيل ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته هنن جون دليون روهيڙي جا رتا گُل آهن. هنن جا مومي مزاج ماکي جهڙا مٺا آهن. هن ديس ۾ رهي هو ٻيو ڪجهه ڄاڻن نه ڄاڻن پر سور سهڻ ۽ محبتون ونڊڻ ضرور ڄاڻن ٿا.
    آئون ڪيترا ڀيرا ٿر ويو آهيان. ٿر بابت رائچند هريجن ۽ منگهارام اوجها ۽ ٻين ليکڪن جا ڪتاب ۽ ليک پڙهيا اٿم. ٿر جي ڏڪار ۽ معصوم ٿري ٻارن جي موتن بابت اخبارن ۽ ٽي. وي. چئنلن تي خبرن مان واقف آهيان ـــ پر امر رائيسنگهه جي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ مون کي لڳو ته ٿر بابت منهنجي ڄاڻ اڻپوري هئي، منهنجا احساس مٿاڇرا هئا. ٿر بابت احساساتي ڪيفيتون مون کي ”منهنجو صحرا سڏڪي ٿو!“ ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ گھرائي سان محسوس ٿيون. مون کي پڪ آهي هر پڙهندڙ جي من ۾ هن ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ اهڙا ئي احساس پيدا ٿيندا.
    ”سانوڻ ٽيج ــ هڪ رومانس ڀريو ڏڻ“ ٿريلين جي سَرهاين ۽ خوشين بابت هڪ شاندار ليک آهي. ٿر جي ڌرتي، ان جي ثقافت، لوڪ رنگ بابت امر رائيسنگهه جا سمورا مضمون انڊلٺ جي رنگن جيان ملوڪ ۽ موهيندڙ آهن. انهن ليکن جي ليکي ڪرڻ کان بهتر آهي ته پڙهندڙن تي ڇڏجي ته اهي پاڻ امر جي منفرد لکڻيءَ جا مکياري ٿين.
    البت هڪڙي اهم ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان. سنڌي ادب ۾ مضمون نگاري جي صنف ورهاڱي کان پوءِ ڄڻ ختم ٿي ويل صنف بنجي وئي. پرمانند ميوارام، ڄيٺمل پرسرام، لالچند امرڏنو مل، مرزا قليچ بيگ، محمد اسماعيل عرساڻي سنڌيءَ جا وڏا مضمون نگار ٿي گذريا آهن. پر هنن کان پوءِ سنڌي ادب ۾ سڃ ٿي وئي. امر رائيسنگهه بلاشڪ مضمون نگاري جي صنف کي نئين سر جياريو آهي. شاعراڻي اسلوب، خوبصورت ٻوليءَ ۾ لکيل سندس مضمون سنڌي ادب ۾ بيش بها اضافو آهن.


    دردِ دل رکندڙ سادڙو ليکڪ

    راجپوتن جي رت ۾ هجڻ ته تلوار جا تجلا کپن، راجپوت سونهي ته رڻ ڀومي ۾ ٿو. رڻ ڀومي ۾ راجپوتن جون تلوارون سدائين وطن سان بي پناهه محبت ۽ عشق جي ڪري اٿنديون رهيون آهن. قلم تلوار کان تکو آهي. اها اڪابرن جي ڳالهه آهي . پر پاڻ تلوار ۽ قلم مان، جي چونڊ ڪرڻي پئي ته چونڊ تلوار جي ڪنداسين. اها هر ڪنهن جي سندي مرضي آهي. جيڪڏهن ڪير قلم جي چونڊ ڪري ته به مرضي وارو آهي. هيستائين تاريخ راجپوتن جي لکي وئي آهي. انهي سان ڪتاب ڀريا پيا آهن. اُهي کڻي چئون ته راجپوتن جي سورهيائي سپوٽائي تي چارڻن، ڀاٽن، ڀانن کان وٺي ڪيترو ئي ادب آهي جيڪو راجپوتن تي سرجيو ويو آهي. راجپوت تاريخ جا هيروز به رهيا آهن . اهو به وطن سان محبت جي ڪري. هاڻ جڏهن نه تلوارون رهيون آهن ۽ وري رڻ ڀومي جا ميدان تبديل ٿيا آهن ته راجپوتن ۾ وطن سان محبت جو اظهار قلم جي مس ذريعي ظاهر ٿيو آهي . هيستائين ٿر مان منهنجي نظر ۾ رجپوت دليپ سنگهه کانسواءِ ڪو اهڙو رائيٽر ناهي گذريو جنهن جو ذڪر هتي ڪجي . پر آئون لکڻ ويٺو آهيان امر راءِ سنگهه راجپوت جي ڪتاب منهنجو صحرا سڏڪي ٿو تي. هن ڪتاب جي نالي ۾ جيڪا پيڙاءِ ۽ درد آهي. اهو نالي پڙهندي ئي محسوس ٿئي ٿو. هي نالو پڙهندي جيڪڏهن ڪو ڀٽ تي ويٺل هجي ته اهو اهين محسوس ڪندو ڄڻ هن جي چوڌاري بيٺل وڻ ، ٻوٽا، ڀٽون ڏهرن ۾ کارا کوهه انهن کوهن تي اسڙڪندڙ مال سڪل اواڙن ۾ چهنڀون هڻندڙ پکي سنسان پير واٽون تپندڙ واري سڀ ڪجهه سڏڪي رهيو آهي . روئڻ ۾ به وري سڏڪي تي سڏڪو. انهي ڪتاب جو پهريون مضمون ئي انهي عنوان سان آهي. انهي پهرئين مضمون جي پهرئين سٽ ۾ سنئوڻ سڄڻ من ويري هن هڪڙي لوڪ ڏاهپ جي چوڻي تي ڪيترو ڳالهائجي ۽ ڪئين ڳالهائجي اهو ڪو ٿر جي پوڙهو ئي ڳالهائي سگهي ٿو . جيڪو سنئوڻ ٻولائيندو هجي. اها ئي ٿر جي ڏاهپ آهي جنهن کان هن ڪتاب شروع ڪيو آهي انهي پهرئين سٽ کان اڳتي ٿر جي پيڙا جا پيرا جئين راءِ سنگهه ليڪيا آهن . يا اُهين کڻي چئون ته هن ٿر جي درد کي لفظن ۾ محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اهو اوهين پاڻ پڙهندا ۽ پڙهندي پڙهندي جي ٿر کي پنهنجي اندر محسوس ڪندا تڏهن ئي اوهان کي خبر پوندي ته ٿر ڇا آهي . ٿي سگهي اوهين پاڻ اهو پڙهندي ڪٿي ٿر جي درد جي علامت نه بڻجي وڃو. اهي سڏڪا ڪٿي اوهان جي رڳ رڳ مان نه اٿن انهي مضمون کان اڳتي هن جو ٻيو مضمون سرلان جي سرير جي پيڙا تي آهي . جيڪا سرحدي ليڪي کان هن پاسي آهي . هن پاسي ويهي هو ڪئين پنهنجي وطن ڏانهن اچڻ جي تانگهه ۾ آهي هو اتي وڻن کي رکڙيون ٻڌي ٿي .هن اتي وڻن کي ٻوهه ٻلايا ڀاءِ به ڪيا آهن . ۽ اتان ايندي لاهور ۾ هن جا پساهه پورا ٿين ٿا ۽ هن جي مٽي وري سرحد پار وڃي ٿي . اچڻ جي باوجود به هو پنهنجي وطن کي نه ته اکين سان ڏسي ٿي ۽ نه ئي وري هن جي مٽي پنهنجي مٽي سان ملي ٿي نه وري هن جون هڏيون ساڙڌرو يا سنڌو جي لهرن ۾ لوڙهن ٿيون. هن اهو محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي . انهي کان اڳتي هن جو ٻيو مضمون ٿوهرن جهڙيون مسافريون آهي . انهي ۾ هن ٿر جي درد جا وري عڪس چٽيا آهن . انهي ۾ هن هڪڙو جملو لکيا پيا لوڙهيون ۽ ماروئڙن لئه ڳوڀ لفظ استعمال ڪيو آهي. اهين اسان جا ماروئڙا ڳوڀ آهن به سهي . انهي ئي مضمون ۾ لطيف جي هڪڙي سٽ لکي اٿس “ ڏونگا آڇ م تن منگڻ جني مهڻو” اها هڪڙي سٽ ئي ٿر ۾ ڏڪار جي ڪري بئراج ۾ لهي ايندڙ مارو ماڻهن جي عڪاسي ڪري ٿو. انهي مضمون ۾ هن ٿر جي ماڻهن جي بيمارين ۾ پنهنجا لوڪ ڏاهپ وارا ڏس به لکيا آهن . بخار ۾ ڄار جا پن ۽ اڪن جا پڙڪلا ڇاتين تي ٻڌي نم گهوٽي پئيندا ۽ جئيندا آهيون. امر راءِ سنگهه جي گهڻن تڻن مضمونن ۾ هن جي پنهنجي محسوسات آهي . هي هڪ عام نج ڳوٺاڻو ٿريو آهي . هي ٿر کي ڪئين پنهنجي اندر محسوس ڪري ٿو اهو ئي هي لکي ٿو اهو ئي ٿر ٻين کي محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش پڻ ڪري ٿو. انهي ۾ هي ڪيترو ڪامياب ويو آهي . اهو اوهين پاڻ پڙهي پوءِ ئي ڪو فيصلو ڪري سگهندا . اڳتي وري مضمون ڏياري تي آهي . انهي کانپوءِ ”بابل مونکي انهي گهر ۾ ڏجان جنهن ۾ اٺڙيون هجن ڇو جو انهن جون وکون وڏيون آهن“. هي هڪڙو طويل مضمون آهي . جيڪو اٺ جي نسل هن جي عادتن . هن جي سينگار هن جي ٻڙهي انهي تي هن تفصيل سان ۽ سٺو لکيو آهي . انهي ۾ هن لوڪ داستانن جا حوالا پڻ ڏنا آهن. جن لوڪ عشقيا داستانن ۾ اٺ جو استعمال ٿيو آهي . اها هڪڙي حوالي سان تحقيق پڻ آهي . جيڪا سڀاڻي تاريخ ٿئيڻي آهي . ڇو جو راءِ سنگهه پاڻ لکي ٿو ته اهي اٺ ٿر مان آهستي آهستي ختم ٿيندو پيو وڃي . انهي موضوع تي هڪڙو مڪمل ڪتاب به جي چاهي ته امر راءِ سنگهه جهڙو ليکڪ لکي سگهي ٿو . انهي کان اڳتي آکاٽي تي مضمون آهي . جيڪو هارين جو ڏينهن پڻ آهي . پيرون به پڪا آهن . اها ڇوڪري جيڪا پرديس ٿر ۾ ٻي ڳوٺ پرڻايل ڇوڪري لئه به پرديسڻ لفظ استعمال ٿيندو آهي . انهي تي ڳيت به آهي . هي ڏيپلي شهر جي اوج جو به اڳتي ذڪر ڪري ٿو جنهن ۾ ڪنهن زماني ۾ روڊن تي گاسليٽي فانوس ٻرندا هئا. هي انهن ميمڻن جو ذڪر به ڪري ٿو جن هاڻ وڃي حيدر آباد وسايو آهي . هن جي ليکن جا ڪي ڪي عنوان اهڙا آهن جو بس ڇا کڻي چئجي .“ اي جيجل منهنجا پير سڙن ٿا مينهن جلدي اچ ”هو اها ڳالهه به ڪري ٿو ته ٿر جي مشهور ٻانهياري ڀٽ به ڪنهن پاڻهياري جي پنڌ سان منسلڪ آهي . اهو اوهين پاڻ پڙهجو انهي ايذائيندڙ درد جو داستان .انهي کانپوءِ جيڪو سگهارو ليک آهي اهو آهي ڍاٽ ۽ مارواڙ تي هن ليک ۾ هن ڍاٽ ۽ مارواڙ تي چارڻن جي دوهن جي دليلن ۽ رسيلي شاعري سان ڳالهايو آهي . اهو پڻ اهڙو موضوع آهي . جيڪو پڻ هڪڙي الڳ ڪتاب جو گهرجائو آهي . هن ليک ۾ راجپوتن جي حاڪميت جي اوج کي به ساريو آهي ته امراڻي جي اوج جا ذڪر پڻ ڪيا آهن .گڍي کان گوڙدرو تائين طويل ليک پڻ هن ڪتاب ۾ ليڪيا آهن.
    صحرا سڏڪي ٿو جي هر هڪ صفحي تي ٿر جي ڀٽن جو هڪ هڪ سڏڪو آهي . هي ڪتاب سمورو جو سمورو ٿر تي آهي . امر راءِ سنگهه شاعر به آهي . انهي ڪري هن جي نثر ۾ به ڪٿي ڪٿي شاعري اچي ٿي وڃي . هن ڪتاب ۾ جتي هن جي محسوسات آهي . اتي هن ٿر جي لوڪ ڏاهپ جو پڻ سٺو استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي . خاص ڪري مارواڙي ۽ ڍاٽڪي دوها ۽ عام ٿري چوڻيون پڻ شامل ڪيون آهن جيڪو ٿر جو اهين کڻي چئجي ته شاهوڪار ادب آهي . ڪجهه اشوز تي پڻ ليک آهن . جتي هن جي محسوسات سگهاري آهي يا درد دل رکندڙ ماڻهو آهي . اتي هن ٿر جي پوئتي پيل علائقي ڏيپلي جي ڳوٺ ڍونڍئي مان ويهي ڄارين جي ٽارين تي پچندڙ پيروون ۽ انهن ئي ڄارين ۾ لڏندڙ سرامڻ جي ٽيج جي لوڏن جو ذڪر ڪيو آهي . راجپوتن جي مارواڙ ۽ ڍاٽ جي ڳالهه ڪئي آهي اتي اٺن جو ذڪر به آهي . ڪي ڪي مضمون پڙهڻ کانپوءِ به اندر ۾ ڪا اڃ رهجي ٿي وڃي . پر هو جنهن انداز سان ٻولي جو استعمال ڪري ٿو . انهي مان لڳي ٿو ته هن جو قلم اڳتي هلي ٿر جي سيڙهن سنڌن ۽ وڻن ۽ پکين جي حفاظت ڪندو. اڃان هن کي لکڻ واري ڪم کي وڌائڻ لئه پڙهڻ وارو ڪم به گهڻو ڪرڻو پوندو . اڃان هن کي رلڻون پوندو اوٺارين جي جهوڪ تي جئين ويو آهي . ڏاٻوري جو ٿي سگهي کير به پيتو هجي . اهين هن کي اڃان ٿر جي درد جا بنياد کوٽڻا پوندا. هي شاعر آهي. انهي ڪري نثر ۾ به منظر نگاري ڪري ٿو. جيڪو پڙهندڙ جو چس وڌائي ٿي. اڃان هن کي خوبصورت تشبيهن ۽ منظر نگاري سان گڏ ڪجهه ڪڙيون ۽ سچيون ڳالهيون ڪرڻيون پونديون . هو ڏاڍو سادو به آهي . مونکي جڏهن هو ڪلهي تي ٽواليو رکي ڳالهائيندو آهي تڏهن به وڻندو آهي . جڏهن اسٽيج تان ڊگها ڊگها نظم پڙهندو آهي تڏهن به وڻندو آهي . هن ڪتاب ۾ پڻ وڻي ٿو. هن جي چهري ۽ اکين کي پڙهي سگهجي ٿو . جنهن ۾ ٿر به اوهان کي اهين نظر ايندو جئين هن ڪتاب ۾ نظر اچي ٿو.

    خالد ڪنڀار
    نهٽو (مهراڻو) ٿر


    لفظن سان زندگي جا داستان بيان ڪندڙ....

    امررائسنگهه نئين ٽهي جي انهن سگهارن ليکڪن ۽ شاعرن منجهان آهي جن جون لکڻيون صحرا جي اونداهه ۽ سرد راتين ۾ ڏيئي وانگر ٻرن ٿيون. جيڪي پنهنجي مٽي هاڻن ماڻهن کي پيڙائن جي پنڌ ۾ تقدير تي تهمت هڻڻ جي بدران سماجي اڻ برابري مٽائڻ جي لاءِ اڪسائين ٿا. جن جون لکڻيون پڙهي ڪوبه ماڻهو پنهنجي ڌرتي جي دانش کان مايوس نه ٿيندو. هڪ احساس جي صورت ۾ هر لکڻي دل جي هڪڙي خاني ۾ موجود رهندي. جيڪي لوڪ ڏاهپ جي نقطن سان گڏ جديد ادب جا گفتا موتين جي مالها جيان پروئي پيش ڪن ٿا . جن جا آدرشي سپنا واري جي طوفان ۾ ذرڙا ذرڙا ٿي اڏامڻ کان پاڻ بچائي ساڀيا جي صبح تائين پهچڻ جي جستجو ڪن ٿا. امر رائسنگهه جا هن ڪتاب کان اڳ ۾ شاعري ۽ نثر جا ڪتاب ڇپيل آهن. مختلف سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ هڪ سرگرم ليکڪ ۽ شاعر طور لکندو رهي ٿو. هن جون لکڻيون جڏهن اخبارن ۽ رسالن جي پني تي ڇپجنديون آهن تمام گهڻي پيار سان پڙهيون وينديون آهن. ٿرجو صحرا هن جي لکڻين ۾ نه صرف ساه کڻي ٿو پردرد جي ٻولي ۾ ڳالهائي ٿو.هن ڪڏهن به تاريخ جون هٿرادو تاويلون نه ڪيون آهن. ڪوڙ جي ڪوڙڪي ٺاهي هٿ ٺوڪيا فلسفا نه گهڙيا آهن. هن کي صحرا جي درد جي زخمن کي ڳڻڻ اچي ٿو.هن جي من ۾ انهن جي مرهم جي لاءِ تڙپ پيدا ٿئي ٿي. ڏڪار جي ڏکن ۽ علاج جي اڻ هوند ۾ مري ويل معصوم ٻارن کي الوداعي چمي ارپي مظلوم مائرن کي آٿت ڏي وقت جي وس وارن کان پنهنجي پوري قلمي شدت سان سوال ڪري ٿوته هي ڌرتي جا ڌڻي ايڪويهين صدي ۾ به بي حال ڇو آهن؟ هن ڪتاب ۾ امر رائسنگهه لڙڪن ۽ لفظن سان زندگي جا داستان بيان ڪيا آهن پرساڳي وقت اهو به ڏيک ڏيکارڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ته ٿري ماڻهو سو دک درد هوندي به ڪيڏا امن پسند آهن، لک لُکاسڻا هوندي ڪيڏا ثقافتي طور شاهوڪار آهن. ٿر جي اداس ڏهرن جي گهاٽن کٻڙن تي مورن جا جڏهن ٽهوڪا ٻرندا آهن تڏهن جهنگل ۾ ڪيئن جاڳ ٿي پوندي آهي. چوئنرن جي ٻک ۾ انسانيت جي سڳنڌ ڪيئن ملير جي مٽي مهڪائيندي آهي. دل جي گهڙي تي سڪ جي سهڻي ڪيئن ٻڏندي ۽ ترندي آهي. قرب جي ڪاڪ تان شڪ جي شال اوڍي محبت جو مينڌرو ڪيئن موٽندو آهي.جڳ جي جوٺين رسمن ۽ ريتن ۾ محبتن جو موت ڪيئن ٿيندو آهي، عشق جي اڀن ڪاون تي هلندڙ سسئي کي صدمن جهڙو ساٿ ڏئي لوڪ پيار جو پنهون ڪيئن کسندوآهي. وسڪاري ۾ ڀالوا جي ڀٽ تي وڄن جا وراڪا روشن روپ ڪيئن ڪندا آهن. آديگام جي سيم ۾ ڌنار بانسري ۽ چنگ جي سرن ۾ ڌرتي جون ڌنون ڪيئن وڄائيندا آهن. لوڪ گيتن جي آلاپ تي روح ڪيئن رقص ڪندو آهي، فاقاڪشي جي ڦٽيل ماڻهن جا گوندر ڪيئن گهنگهرو ٿيندا آهن. مقامي مسئلن ۾ الجهيل ماڻهو ڪيئن عالم انسانيت لاءِ فڪرمند ٿيندو آهي. امر رائسنگهه ريڊيو پاڪستان مٺي جو بهترين ڪمپئر آهي. هن جو ٿر جي مقامي ٻولي ڍاٽڪي ۾ پروگرام ڪرڻ جو منفرد ۽ مثالي انداز آهي. جيڪو ٻڌندڙن ۾ مقبول آهي امر رائسنگهه ذاتي زندگي ۾ مٺڙو من موهيندڙ آهي، هن جي شخصيت جي سحر ۾ سڀ دوست هن سان پيار ڪندا آهن، منهنجي دلي تمنا ۽ دعا آهي ته امر رائسنگهه ڏينهون ڏينهن پنهنجي من جي منزل جي چاڙهي چڙهندو رهي. اهڙا ڪتاب تخليق ڪري اسان کي ڏيندو رهي.

    شهاب نهڙيو
    پروڊيوسر
    ريڊيو پاڪستان مٺي


    ميگهه وَرشا پُڄاڻان

    اَمر رائيسِنگهه راجپُوت جي مُتفرقه ليکن (مضمونن، ڪالمن ۽ ريڊيائي لِکيتن) تي آڌاريل هيءَ ڪتاب ’مُنهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!‘؛ ڄڻ وِشال ٿر تي ميگهه وَرشا پُڄاڻان اَڇي اُجري آڀي تي پَڌري ٿيل ”ڏانگڙي“ (اِنڊلٺ يا قوس قزح) جي ستن رنگن واري سنگم جهڙو آهي، جنهن ۾ اِنساني ڪيفيتن، تاثراتن، تجربن، ڀوڳنائن، فرحتن ۽ فرارن جا اَڪثر مُظاهراتي عَڪس عَيان آهن.
    رائيسنگهه؛ راجپُوتي ريتن رسمن، روايتن، ثقافتي اِنفراديتن، سُورهيائيءَ سان سَلهاڙيل جُونجهارن جي ورنن ۽ ’چند بَدنِي ۽ مِرگهه نينِي‘ پَدمڻين جي اُلفتي قصن کي قلمبند ڪندڙ ليکارِي طور اَدبي کيتر ۾ تڪڙيُون ٻَرانگُهون ڀري پاڻ سُڃاڻپ ڪرائيندو، اڳيان وڌندو نظر اچي ٿو.
    ٺاڪر راجپُوت؛ ڀُوميءَ جا ڀَلماڻسِيا ڌَڻي وان، راڄ پنچائيت جا رکوال ۽ خطن جي ثقافتي سُڃاڻپن جا امين ۽ آڌر به رهيا آهن ته صحرائي سرزمين جي ٻِنهي پارن اُوچ جاتيءَ جا ڪي اهڙا به اَختيار ڌڻي ٿي گُذريا آهن جن پنهنجي سَماجي مَرتبي جو جڳ موهيندڙ مانُ رکڻ بَجاءِ خلق کي خُوب روئاڙيو رَنجايو ته ڌَرتي ڌڻين کي ڌِڪاريو ۽ بيجا ونگار ۾ وهايو (آٻٿ جي سهڪارِي زرعي ڪِرت کان هٽي ڪري) به سَهي. ريگستاني تاريخ جي اهڙن بابن کي جاتيءَ جي اک سان ڏسڻ بدران؛ مَجمُوعي نُقطه نگاهه کان پيڙهيل ۽ پيڙهيندڙ طبقن جي صدين کان جارِي و سارِي ڪشمڪش طور ئي ڪٿڻ جُڳائي.
    تواريخ جي اهڙين ستم ظريفين کي دِلِ جي اک سان ڏِسبو ته نؤڪوٽي مارواڙ، مَروڌر ڏيس، گُجرات، راجسٿان ۽ سِنڌُ جي ٿر ۾ جاگيرُون جاليندڙ راڻن، مها راڻن، ڪُنوَرنَ کان ويندي عام ڳوٺاڻي ٺاڪر/ ٺڪر راجپُوت جي رَتائين جِبلتِي ٺٺ ٺانگر، اُٿي ويٺي، کيڪار ڀليڪار، ريتن رسمن، سونئڻن ساٺن، ڦينٽي ٽِريٽي واري ويسُ ۽ تلوار بازي واري شُجائتي شيل شُغل، اوتارن ۽ لوڪ ڏاهپ جا واهُڙَ وهائيندڙ ڪارِي ڪَڻِڪِي وارين ڪَچهرين يا رس رهاڻين وغيره منجهاران سِنڌُ جي شاندار ثقافتي روايتن جا اَهڙا اَمُلهه ۽ اُتساهڪ خزانا نڪري نروار ٿيندا، جن تي پرڳڻي جو هر واسي بَجا طور فخر ڪري! سو اَمر رائيسِنگهه راجپُوت به اهڙن ثقافتي اَثاثن جي وارثي ڪندڙ ۽ مُحبتن وارِي واٽ وٺي هلندڙ وجُود آهي. هن نوجوان قلمڪار جا اَڪثر ليک پُڻ اهڙي ثقافتي گُوناگُونيت سان سرشار مواد جا نِسبتي اُهڃاڻ رکن ٿا.
    هونهار اَمر راءِ جي چُونڊ ڇپيل ۽ اَڻ ــ ڇپيل ليکن (آرٽيڪلز) تي مُشتمل هن ڪِتابُ ۾ ٿر جي صحرا مان اُٿندڙ پيڙائُون ۽ پُڪارُون به آهن ته رومانس جا اَڻ ــ مَيا رنگ ۽ رُوپ به آهن. هيءُ پُستڪ وارِياسن وجُودن جو دل آويز وَستار آهي جنهن ۾ ٿر جي لوڪ ڏاهپ جا انيڪ رنگ سَمايا ويا آهن. هن ڪتاب ۾ سُڪارن جي سانگن، ڏُڪارن جي ڏولاون ۽ اَڌُورين آشائن جو ذڪر پُڻ آهي ته درد جي مُسافتن جو تجنيس حرفيءَ سان ٽُٻٽار زيبائتو بيان به! اِن ۾ هولي، ڏيارِي، سانوڻ، آکا ٽيج، عيد ۽ ٻين ثقافتي تَهوارن جو ڀرپُور تذڪرو به آهي ته ڏاگهن، ڏيرن ۽ ڏُونگرن جا ڏُک پُڻ سَلِيا ويا آهن. اُٺ بابت پيرائتو ليک پڙهندي توهان ٿر ڄائي ڪهاڻيڪار نصير ڪُنڀر جي ڪهاڻي ’چاليهين پَتِي‘ جو ساءُ ڀلي ڀت محسُوس ڪندا. هن ڪتاب جا روايتي ليک به لوڪ علم جو ڪو نه ڪو سُهڻو سنديسُ پَسائيندا؛ پُڄاڻي طرف وڌن ٿا. هن ڪِتابُ ۾ سُٺن سَنئوڻنَ ۽ خراب سَنئوڻنَ (ڪُسؤڻن) جا ماحولِياتِي ۽ اِنفرادِي تجزيا به آهن ته ٿر جي فطرت ۽ جيوت سان واڳيل آزمائشن، امتحانن، عذابن ۽ اُرھ زوراين جا ڪي قِصا پُڻ آهن. اِن ۾ روهيڙي ۽ پيرُنَ جي رُتنَ وارِي رولاڪيءَ جو به ذڪر آهي ته وَرساڙي لاءِ وِرلاپ پُڻ ـــ ڍاٽ ۽ مارواڙ جي سِنڌِي تهذيبي ورثي جو دلپذير ورنن به آهي ته گاهي بگاهي، بعضي بعضي يا جا بَجا دِل مان اُٿندڙ احساسن ۽ درد توڙي ڪَربُ وارين ڪيفيتن جو اثرانگيز بيانيه اِنشائيه پُڻ ـــ

    دِليپ ڪوٺارِي
    مٺي


    منهنجو صحرا سڏڪي ٿو: مورن جي ديس جون درد ڪٿائون

    اسين گِريور مورلا، ڪنڪر پيٽ ڀران،
    رت آوي نه ٻوليي، هئيڙي ڦاٽ مران.

    (اسين ڀٽن جا مور، ڪڪريون چڳي پيٽ ڀريون. رُت اچي ۽ نه ٽهوڪاريون ته، ته ڦاٽي مرون)
    ڪڇ ڪاٺياواڙ ۾ هيءُ دوهو اڪثر ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. ڪلاڪار، فنڪار ۽ ڪٿاڪار پنهنجي لوڪ ڪٿائن، لوڪ راڳن ۽ لوڪ منورنجن ۾ جيستائين اهو دوهو درد مان نه ڳائيندا آهن تيستائين ڪٿا يا اها رنگت ڀري رهاڻ اڌوري اڌوري پيئي لڳندي آهي. انهي دوهي ۾ پنهنجي اندر، انتر ۾ لڪل ڳالهه کي ٻاهر ڪڍڻ طرف اشارو آهي. جا ڳالهه هر شخص جي پنهنجي پنهنجي نموني الڳ الڳ ٿي سگھي ٿي. جنهن جي اظهار جو طريقو به الڳ ٿي سگھي ٿو.. خاص ڪري اهي ڳالهيون جيڪي من مستشڪ ۾ ميخ جيان چڀنديون پيڙا ڏينديون رهنديون آهن. يعني جيستائين ماڻهون پنهنجي درد کي دنيا سامهون يا دوستن ، حال محرمن اڳيان وائکو نٿو ڪري تيستائين کيس هڪ طرح جي گھٽ ٻوساٽ جو احساس ٿئي ٿو. گھڻا درد اهڙا هوندا آهن جن کي ٻين ۾ ونڊڻ سان انهن دردن جو ٻوجھو يا بار دل تان هلڪو ٿي ويندو آهي.
    مارويءَ جو ملڪ ٿر ازل کان اڀاون ، اڻهوندائين، اهنجن، سان دوبدو ٿيندي پنهنجي بقا جي جنگ لڙندو پيو ٿو اچي. اڄ جي هن جديد دؤر ۾ جڏهن دنيا وارا چنڊ تي پلاٽ وٺي، اوچي آڪاش ۾ آکيرا اڏي اتي رهڻ جا سانباها ڪري رهيا آهن. هوائي جهازن ۾ اڏامڻ هاڻي پراڻي ڳالهه ٿي لڳي. بليٽ ٽرينن ۾ ڪلاڪن جا پنڌ منٽن ۾ طيءِ ٿيڻ لڳا آهن. اهڙي دؤر ۾ به ويچارو ٿر ملڪ ته سٺن رستن لاءِ به ترسي رهيو آهي، تڙڦي رهيو آهي. ته بجلي، پاڻي، يا صحت سان لاڳاپيل بنيادي سهوليتن جو ساکي ٿيڻ لاءِ به ڪونج جيان ڪر کنيو سرڪار سامهون ڏسي رهيو آهي. جاگرافيائي طور سان ڀلي ٿر، سنڌ يا دنيا جي ٻين علائقن کان ڪنهن حد تائين ڪٽيل آهي. پر گھٽ ۾ گھٽ جديد ميڊيا جي ڪري هاڻي ٿر جي دل جي دانهن دنيا تائين پهچڻ لڳي آهي. اها درد جي داستان ڪڏهن مورن ۾ پيل ‘راڻي کيت’ بيماريءَ جي حوالي سان، ڪڏهن رڍن ٻڪرين ۾ پيل ماتا جي مرض واري معاملي جي روپ ۾، ته ڪڏهن بک جي وگھي مختلف بيمارين جو شڪار ٿيل ابهم ٻارڙن جو حياتيءَ جي جنگ هارائڻ ، وغيرهه جهڙن حوالن سان هجي، ڪئين دفعا دهرائجندي رهي آهي. اهڙي ڏکي ۽ دکي ملڪ جي درد ڪٿائن کي ڀٽائيءَ به پنهنجي دؤر ۾ سر مارويءَ جي روپ ۾ ڄڻ لوهي اکرن سان لکي ڇڏيو آهي. صفا ائين به ناهي ته قدرت ڪن جي نصيب ۾ صرف سور ئي سور لکي ڇڏيندي آهي.انهن لاءِ آنند منگل جا ڪي اَوسر ئي ڪونه ايندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن خوشيءَ جا خزانا به کلي پوندا آهن. ۽ صدين جا سور ۽ صدما کن پل ۾ سواها ٿي ويندا آهن. انهن دلربا پلن کي به ڀٽائيءَ ٿر جي ڀٽن جي سارنگ رت واري سونهن جي روپ ۾ به چٽي ڇڏيو آهي.
    هن دؤر ۾ ٿاريلي ڀوميءَ ۾ ڪئين اهڙا حساس دل ليکڪ آهن جيڪي پنهنجي قلم ذريعي دنيا سان هم ڪلام آهن. انهن مان هڪڙو نوجوان اهڙو ليکڪ امر رائسنگهه راجپوت به آهي. جنهن ٿر جي سکن ڏکن کي مضمونن جي روپ ۾ لکڻ ، چٽڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي آهي. جنهن ٿر ٻاٻيهن جي اڃارن ٻولن، يا ٿر جي ڀٽن تي سارنگ رت ۾ نرتيه ۽ ناچ ڪندڙ مورن جي ٽهووڪن کي ‘منهنجو صحرا سڏڪي ٿو’ نالي ڪتاب جي شڪل ۾ آڻڻ جا جتن ڪيا آهن. ۽ نثر واري واٽ وٺي ڀٽائيءَ جي پنڌ جو پانڌيئڙو بنجڻ جو پورهيو ڪيو آهي. ڄڻ ته هڪ طرح سان ڀٽائيءَ کي ڀيٽا ڏيڻ وارو ڪم ڪيو آهي.
    ’...... تڏهن
    منهنجو صحرا سڏڪي ٿو ....‘
    ڪتاب جي منڊ ۾ انهي عنوان سان ليکڪ پنهنجي بيحال ڀونءِ جي حال کي ٽونڪي ۾ ٽچ ڏيئي آرسيءَ جيان ٽنگي ڇڏيو آهي. جنهن آرسيءَ تي فلم جي چٽن جيان ٿر جا عڪس هڪ جي پويان هڪ پسار ٿيندا محسيس ٿين ٿا. جنهن ۾ هر پئريگراف جي پوري ٿيڻ تي ’تڏهن، منهنجو صحرا سڏڪي ٿو‘ جملي جي روپ ۾ ڄڻ ليکڪ جي دل جي دانهن يا سڏڪو قلم مان اکرن جي روپ ۾ ڪاڳر تي ڪريو ٿو پوي . جيڪو ليکڪ جو ڏيهه جي ڏوٿيئڙن، ساڻيهه جي سانگيئڙن لاءِ اپار پريم ۽ پاٻوهه جا درشن ڪرائي ٿو. عبارت جو اهو انداز، ٿر جي ڪروڻتا جو قارئين کي احساس ڪرائڻ وارو اهو ڏانو نوکو، انوکو ۽ دل کي ڇهندڙ آهي.
    اِي ميل ذريعي آيل اهو ڪتاب ڊائون لوڊ ڪري جيئن ئي پڙهڻ جي شروعات ڪيم، ته ماضي قريب جو هڪ باب از خود منهنجي من جي ميز تي کلي پيو. جنهن جو تعلق به اتفاق سان ٿر سان، ٿر جي ابهم ٻارڙي جي دانهن سان ئي آهي. ٻه هزار پندرهن جو فيبروري مهينو . ٻني علائقي جي ڌورڏو ڳوٺ جي ڀر سان سفيد رڻ (لوڻياٺو رڻ) جي ڪنڌيءَ تي لڳندڙ ”رڻ اُتسو“ يعني ڊيزرٽ فيسٽيول پنهنجي عروج تي هو. گجرات سرڪار جي سياحت کاتي طرفان جوڙايل ”تورڻ رڻ رزورٽ“ مان ڪال آئي. آفيسر گجراتيءَ ۾ ڳالهائي رهيو هو ”تمني ڪالي ياتريئو ساٿي وڳهه ڪوٽ گائيڊ طريقي هالوانو ڇي.“ (توهان کي سڀاڻي ٽورسٽس سان گڏ بطور گائيڊ وڳهه ڪوٽ هلڻو آهي) انڌو گھري ٻه اکيون. مون هميشه سنڌ جي ديدارن لاءِ واجھايو آهي ڪم نصيبيءَ سان اهو سپنو اڃان تائي ساڀيا نه ٿي سگهيو آهي. سوچيم گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي ٿر ملڪ جي ڪجهه حصي کي ته اکين جو ٺار بنائي سگهبو. مون هلڻ لاءِ ها ڪئي.
    صبح جو ستين بجي ناشتو ڪري، لنچ لاءِ به ماني ٽڪي پئڪ ڪري نڪري پياسين. سياحن کي ٻنيءَ جي باري ۾، ٻنيءَ جي ثقافت، هٿ هنرن ۽ ٻيو به جيڪو مون کي ياد آيو يا هنن ڄاڻڻ چاهيو پئي انهيءَ جي باري ۾ ٻڌائيندي روان دوان هئاسين. رات جو وڳهه ڪوٽ بابت به ڪجھ مواد ڪتابن مان پڙهي ڇڏيو هئم اهو به انهن سان ونڊيندو رهيس. کاهڙو پار ڪري پڇم علائقي جي وارياسي زمين ، ڀٽن ٽڪرين، ڪنڊين ۽ ڪرڙن کي ڇڏي انڊيا برج تائين پهتاسين. جتي بي. ايس. ايف جي پهرين چوڪي هئي. گهربل ڪاغذي ڪارروائي پورڻ ڪري اڳتي نڪري پياسين. رستي ۾ رڻ جي وچ ۾ آيل چڙيا مور، ۽ ڪريم شاهي جهڙن ٻيٽن جو مشاهدو ماڻيوسين. جيڪي واقعي حسين هئا. انهن ٻيٽن ۾ اڪ، ڪنڊيون، ڪرڙ، کٻڙيون، ڇال ڏيندڙ هرڻ هرڻيون، ڊوڙندڙ روجھ روجهڻيون ڏسي دل باغ و بهار ٿي وئي. قدرت جي انهن حسين ۽ منفرد نظارن کي ماڻيندي تقرين ٻارهين وڳي جي آس پاس وڳهن ڪوٽ، سومرن جي دور واري ڦٽل شهر جي کنڍرن تي پهتاسين. رتين سرن سان جوڙايل ماڳن مڪانن، ڪوٽن قلعن جي باقيات کي ڏسڻ جو شرف حاصل ڪيوسين. جنهن جو به مزو ڪجھ اور ئي هيو. من ماضيءَ جي محرابن ۾ مست ٿي ويو. بي. ايس. ايف جي پوسٽ اتان کان تقريبن هڪ ٻه ڪلو ميٽر اڃا پرتي هئي. جيڪا اسان جي آخرين منزل گاهه هئي. اوڏانهن ويندي ڏٺوسين ته چوڪي پوسٽ مٿي چهل پهل لڳي پئي هئي. فوجين جي گاڏين جون قطارون لڳيو پيون هيون. هڪڙيون آيون پئي ته ٻيون ويون پئي. اها هلچل رواجي ڪونه پئي لڳي. سڀني کي لڳو ته ڪجھ نه ڪجھ ته ضرور ٿيو آهي يا ٿيڻ جو امڪان آهي. سڀني کي ٿورو ڊپ به ٿيڻ لڳو. پر پوءِ به گھربل هنڌ تائين وڃڻ جو ساهس (همت) ڪيوسين. اتي پهچندي بي. ايس ايف جي ڪمپني ڪمانڊر اسان کي کلي کيڪاريو. ۽ اسان کي پلر نمبر 1111 وٽ ٺهيل واچ ٽاور تي وٺي ويو. اسان جو لفظي استقبال ڪندي هن اسان کي بي. ايس. ايف جي ذميوارين ۽ آسي پاسي وارن ٻيٽن، پٽن بابت ٻڌائڻ شروع ڪيو. ٻنهي ملڪن جي فوجي آفيسرن جي فليگ ميٽنگ به هتي ئي هن پلر وٽ ٿيندي آهي اهو به هن ٻڌايو. بلڪل اتر ۾ ڏور نظر ايندڙ ڀٽ سامهون هن آڱر سان اشارو ڪندي ٻڌايو ته هن ڀٽ جي هن پاسي ڏيپلو آهي. ڏيپلي جو نالو ٻڌي ٻائنوڪيولر اکين تي رکي ڏسڻ جي ڪوشش ڪيم ته ڏيپلي واري اها ڀٽ ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي ڀٽون اوڏڙيون سرڪي آيون ۽ سڙٻاٽن ۾ ڄڻ سرگوشيون ڪرڻ لڳيو هيون.
    ”رات اسان کي پيٽرولنگ ڪندي نو مينس لينڊ ايريا ۾ لاڻي جي ٻوٽي ۾ منهن هڻي پيل پنجن ڇهن سالن جو هڪڙو ٻارڙو مليو آهي. جيڪو هُن پاسي جو آهي. اسان هن کي وٺي آيا آهيون. سيءَ جي ڪري هن جي حالت خراب ٿي رهي هئي. ٽانڊو وغيره ٻاري ۽ گرم ڪمبل وغيره پارائي کيس گرم ڪيوسين. سندس جان بچي ويئي آهي نه ته سيءَ ۾ ٺري مري وڃي ها. صبح جو فليگ ميٽنگ ڪري رينجرس کي اطلاع ڏنو ويو آهي. ٻار جي تصوير به موبائيل تي ڪڍي هنن کي ڏني وئي آهي. ۽ سامهون وارن کي شام جو ٻار جي ماءُ پيءُ کي ڳولي وٺي اچڻ لاءِ چيو ويو آهي. اگر آيا ته ٻار کي انهن جي حوالي ڪيو ويندو. هو هڪ ته ننڍڙو آهي ٻيو ته اسان جي ٻولي به نٿو سمجھي. رات جو سمهيو پيو هو صبح کان روئيندو رهيو آهي.“ آفيسر ڳالهه پوري ڪئي، سڀئي حيرت ۾ پئجي وياسين.
    ”سر، آپڪو اگر اعتراض نه هو تو مين اس سي سنڌي ۾ بات چيت ڪر سڪتا هون. شايد ڪوئي جواب دي. مون چيو.“ آفيسر تمام ڀلو ماڻهو هو. هن ترت ها ڪئي ۽ اسان سڀئي گڏجي ان ٻارڙي وٽ وياسين. پٽ! تنهنجو نالو ڇا آهي؟ جيئن ئي مون هن کان پڇيو ته مون کي سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندي ڏسي هو اٿي حرڪت ۾ آيو ۽ مون کي چمبڙي پيو. نالي بابت ٻه ٽي ڀيرا پڇندي سڏڪندي هن پنهنجو نالو علي گل ٻڌايو. ٻي ڪا وراڻي ڪونه ڏئي سگهيو بس پوءِ روئندو، سڏڪندو ئي رهيو. الاجي ڇو ان مهل ئي پشاور ۾ آرمي اسڪول تي ٿيل حملي وارو واقعو منهنجي ذهن تي تري آيو. علي گل جي سڏڪن ۾ انهن اسڪولي ٻارڙن جا به سڏڪا پڙاڏي جيان گونجڻ لڳا. اسان کي اتان کان نڪرڻو هو سو وقت سر نڪري پياسين. پر مان سڄو وقت بي چين رهيس. ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن اخبار ۾ اها خير جي خبر پڙهيم ته ٻارڙو مائٽن کي واپس ملي ويو آهي ته دل جو بار هلڪو ٿيو. پوءِ مون ان تي هڪڙي ڪهاڻي به لکي. جا آل انڊيا ريڊيو ڀڄ تان نشر به ٿي هئي.
    لکڻ جو مطلب ته مونکي به ٿر جي انهي پيڙا جو احساس ٿيوآهي جنهن پيڙا جو احساس هن ڪتاب ۾ ليکڪ امر رائسنگهه ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. چئجي ته هن ڪتاب جو محور ئي ٿر جي، ٿرين جون پيڙائون، مصيبتون ۽ جيئڻ جون مشڪلاتون آهن. پوءِ اهي ڏڪارن جي روپ ۾ قدرتي مصيبتون هجن يا اميرن وڏيرن ۽ وزيرن هٿراڌو ارڏايون ۽ ڏنگايون هجن. . ٿرين لاءِ صابرائي ست ڳائو ئي آهي.
    امر سنگهه هن ڪتاب ۾ ٿر جي مسئلن، مصيبتن جو ته ذڪر ڪيو ئي ڪيو آهي. ڏڪار ۽ برسات جي سڪ ۽ ڇڪ جو بار بار ورڻن ڪيو آهي. پر ٻيو به هڪڙو تمام سٺو ۽ ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي. اهو آهي هر مضمون ۾ چوڻين، پهاڪن ۽ دوهن جهڙي ٿري لوڪ ادب ۽ لوڪ تواريخ جو استعمال. جنهن ڪتاب کي هڪ طرح جي نواڻ سان نوازيو آهي. سنڌ وارن لاءِ اها شيءِ ڪارآمد هجي نه هجي پر هند وارن لاءِ يقينن ڪارائتي شيءِ آهي. مونکي ڪتاب پڙهندي ٿر جي ثقافت ۾ ڪڇ جي ٻني، پڇم، لکپت، ابڙاسي ۽ واڳڙ جهڙن علائقن جا به درشن ٿيا آهن. ڪافي اهڙيون شيون آهن جيڪي ڪڇ سان هوبهو ٺهڪن ٿيون. جنهن کي وستار سان لکڻ گھرجي پر هتي ان جي گنجائس ناهي.
    هندوستان جي ليکڪن جي سنڌي ٻولي هندي گاڏڙ سنڌي ٿيندي پئي ٿي وڃي. ڪي ڪي ليکڪ ته اهڙي سنڌي لکندا آهن جنهن کي پڙهي من ۾ سوال پيدا ٿيندو آهي ته گھڻا پرسنٽيج سنڌي چئبي؟ سنڌ ۾ هندي يا سنسڪرت لفظن جي استعمال کي نواڻ جي روپ ۾ يا قبليت، ڪماليت جي روپ ۾ ڏٺو ويندو آهي. شيخ اياز صاحب جهڙن سرجڻهارن اهڙا لفظ ڪتب آندا آهن. امر رائسنگهه به هندي يا سنسڪرت لفظن جو استعمال ڪيو آهي. جن مان ڪن جا اچار ٿورا بگڙيل يا کڻي چئجي ته ٿورا ٻئي نموني جا آهن. ۽ ائين ٿيندو آهي هڪ ٻوليءَ جا لفظ ٻيءَ ٻوليءَ ۾ داخل ٿيندا آهن ته ائين ٿيندو آهي.
    سياري سورٺ ڀلو.... واري دوهي ۾ ليکڪ ”سورٺ“ لفظ کي سنڌ سان منسوب ڪيو آهي. پر منهنجي خيال سان ائين ناهي. راجائيءَ واري زماني ۾ ”سورٺ“ ڪڇ جي ڀر سان آيل هڪڙو پرڳڻو هو، اڃا به آهي. جنهن ۾ جھوناڳڙهه، سومناٿ، ۽ گِر وغيره جهڙا علائقا اچن ٿا. سورٺ ۽ راءِ ڏياچ واري لوڪ ڪٿا به هن پاسي جي ئي آهي.... سورٺ لاءِ اڄ ڪلهه گجراتيءَ ۾ ”سوراشٽر“ لفظ به استعمال ڪيو وڃي ٿو.
    انهي طرح ”چڪاسر“ لفظ ۾ ليکڪ ٿورو منڌل لڳي ٿو. چڪاسر نالي ڪڇ ۾ هڪڙو مشهور تلاءُ آهي جنهن جو ذڪر رام سنگهه راٺوڙ پنهنجي ڪتاب ”ڪڇ نو سانسڪرتڪ درشن“ ۾ لکيل ”مڻيارو گڍ“ مضمون ۾ تلاءُ جي تصوير سان گڏ ڪيو آهي. جنهن ۾ ڪڇي ٻوليءَ ۾ هِيءُ دوهو به ڏنل آهي:
    چڙهي چڪاسر پار، هوٿل جھِلي هيڪلي،
    سينڌ اکتا وار، تري ني تڪون ڏئي.
    امر رائسنگهه ٿر جو اڀرندڙ ليکڪ آهي. ٿر ڌرتيءَ جو ڄائو آهي. ماءُ جي سک دک، خامين خوبين جي باري ۾ پٽ کان وڌيڪ ٻيو ڀلا ڪير سٺو لکي سگھندو؟ مون کي آزمودو آهي ته ٻني پڇم جي علائقي ۾ هيل تائين ڪو به اهڙو ادبي شعور رکندڙ انسان پيدا ناهي ٿي سگھيو جنهن ماتر ڀوميءَ بابت ڪجهه لکيو هجي. ائين هتي جي ثقافت سان منسلڪ ڪئين اهڙين ڳالهين، روايتن، ريتين رسمن، چوڻين پهاڪن بابت ڄاڻ ڪمزور ٿيندي پئي ٿي وڃي يا صفا ميسارجندي وڃي ٿي پئي. امر رائسنگهه جهڙن اديبن جي ادبي پورهين سان گھٽ ۾ گھٽ ٿر ۾ اهڙيون شيون غائب ٿيڻ کان بچي وينديون. اهي شيون هر خطي ، وستار جون سونهن هونديون آهن.
    امر ٿر جو اهو مور آهي جنهن برسات لاءِ سڪندڙ مور جيان پنهنجي لکڻين وارا ٽهوڪا ٿر جي ڀٽن تان ڏنا آهن. جن ٽهوڪن ۾ سڪ آهي سوز آهي، فراق آهي ته فرياد به آهي. ٿر جي ڪڻ ڪڻ ۽ وڻ وڻ جي درد ڪٿا آهي. جنهن ۾ ملڪ جي مور ماڻهن کي مختلف ڪردارن ۾ ڏسي پسي سگھجي ٿو. اهي مور ڪٿي خوشيءَ مان کيڙا ڪري رهيا آهن ته ڪٿي پنهنجي پيرن سامهو ڏسي روئي رهيا آهن.
    شال ليکڪ جو قلم اويرت هلندو رهي، اهڙي انتر جي اڀلاشا ۽ منو ڪامنا.

    ــ ڪلاڌر مُتوا
    (ٻني ــ ڪڇ)


    ليکڪ پاران

    جنهن سماج ۾ اوچ نيچ واري فرسوده سوچ اڃان به حاوي هُجي. جتي محبت جو مفهوم ماسيرين ڇاتين تائين محدود هُجي. جتي شاعر ۽ اديب کي واندي جهڙا وڏا لقب ملن. جتي غريب کي گٽر جو ڪيڙو سمجهيو وڃي. جتي موسيقي سان محبت بجاءِ نفرت ڪئي وڃي. جتي ماڻهن جو قد ڪردار بدران ڪپڙن ۾ ماپيو وڃي، جتي محبت کي محظ جنسي تسڪين جو ذريعو سمجهيو وڃي. جتي پيار ويساهه گهاتين جي ور چڙهي محبوب جي در تان ڌڪارجي وڃي اُتي وٽڙيل کير جهڙي هن ڇوتا پاڻي سماج واري طبقاتي نظام ۾ توازن پيدا ڪرڻ، سفيد ڪالر سماج هٿان بي ڏوهه رُسوا ڪيل وجودن جي مايوس چهرن تي مُرڪون وکيرڻ، نا اُميدي جي رڻ ۾ رُلندڙ ن لاءِ اُميد جو ڇانورو ڪرڻ ۽ پنهنجي ويران زندگي ۾ جيئڻ جو جواز ڳولڻ لئه مون لکڻ ۽ لوچڻ ۾ پناهه ورتي. شاعري پنهنجي وسيع سمندر جيڏي سيني ۾ مونکي سمائي ورتو. ادب مونکي آشيانو ڏنو. 2004ع ۾ روزاني پاڪ اخبار ڪراچي ۾ شايع ٿيل غزل کان وٺي هن ڪتاب تائين جي طويل عرصي ۾ مون تمام گهڻو ڀوڳيو به آهي. معاشي طور انتهائي ڪسمپرسي واري قحط ۾ اٽي، لٽي ۽ اجهي لاءِ تتي ٿڌي رُلندي ڀٽڪندي به مون ادب تان هٿ ناهي کنيو. غربت جو گهاوَ اڃان به تاوَ ۾ آ، بيروزگاري جو ڀيانڪر راڪاس پيڇو ڇڏي ئي نٿو. هڪ جوتش وِديا جي ڄاڻو مهراج کان جنم ڪُنڊلي جو پتو پڇيم ته هُن چيو تو تي ڇنڇر گرهه آهي. ساڍا ست ورهيه ان ڪري هنومان ديوتا تي هر ڇنڇر جو سواءِ ڪلو تيل چاڙهه، مُرڪي وراڻيم ته پنڊت جي مون تي ته ڄائي ڄم کان پيڙائون آهن، توهان ته اڄ ٿا چئو. ڇهه سال جي عمر ۾ سائي ٿي، ڏهه سالن جو ٿيس اُرڙين واري بيماري ٿي، 19 سالن جي عمر ۾ گردن ٽوڙ بُخار مان مس بچيو آهيان. هاڻي ڇنڇر ڇا ڪندو؟ بهرحال ڏُکن ڏاکڙن کي مقدر سمجهي جيئندو رهيو آهيان ۽ اڃان به جيئندس جيسين مالڪ حياتي ڏني، ڏُک سُک حياتي جو حصو آهن.
    ”منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو“ ۾ شامل لکڻيون منهنجي اندر جو آواز آهن، مُنهنجي روح جي رڙ آهن. انهن لکڻين جي ادب ۾ ڪهڙي اهميت آهي ان جي مونکي ڪا به خبر ناهي پر ايترو ضرور احساس آهي ته انهن لکڻين ۾ احساس آهي. انهن ۾ اُنهن مائرن جا سُڏڪا آهن، جن جا ٻار بي تحاشا بُکن جي باهه ۾ ٻري ويا. اُنهن مورن جون اوڇنگارون به آهن جيڪي راڻي کيت واري روڳ ۾ موت جو کاڄ بڻجي ويا ۽ اُنهن ڪُٺل تترن جون تنوارون آهن جن کي شڪارين ڏاٺ رس جي ڪارڻ ڊوڙائي ڊوڙائي ماريا. انهن ننڍين ننڍين لکڻين ۾ ٻيو ڪُجهه هجي نه هجي پر غريبن سان محبت، پکين سان پيار ۽ سُونهن جي پوڄا جا سمورا گُڻ سمايل آهن. وڻن سان ويجهڙائپ ۽ ڌڻن سان دل لڳي آهي.
    منهنجي لکڻ جو ڪو به باقاعده وقت مقرر ٿيل ناهي، مون ڪڏهن به منصوبابندي سان ويهي ناهي لکيو. منهنجي زندگي وانگي مُنهنجيون لکڻيون به بي ترتيب ۽ بي ربط آهن. آئون جڏهن به عيد، هولي يا ڏياري جي ڏهاڙي ڪنهن غريب کي اميرن جي درن اڳيان اوبار کائيندي ڏسندو آهيان ته تڙپي اُٿندو آهيان ۽ لکندو آهيان. آئون جڏهن به ڪنهن نياڻي کي ننگي پير، پيٽ لئه ڪاٺيون ڪندي ڏسندو آهيان تڏهن لکندو آهيان. مون جڏهن به ڪنهن اُتم کي اڇُوت سان نفرت ڪندي ڏٺو آهي لکيو آهي. مون ته تڏهن به لکيو آهي جڏهن هن ديس جي ڪنهن ڌيئاري کي ريتن جي آڙ ۾ پرڏيهه اُڪاريو ويو آهي.
    مون کي اهو ڏک قطعي ناهي ته هن ماڊرن ازم واري دؤر ۾ اينڊرائيڊ موبائيل کان وٺي موٽر سائيڪل تائين جديد سهوليتون هلائي نه ٿو سگهان پر مون کي ڏک اهو آهي ته مونکي پوليس واري نوڪري به نه ملي. جنهن جي فزيڪل ٽيسٽ ۾ آئون ڀَيل جي ڊڊي جيان ڊوڙيو هئس. اُن ساهه وڃائيندڙ ڊوڙ جو احساس اُنهن کي ئي هوندو جيڪي مونسان گڏ ڊوڙيا هئا، جن کي نوڪري اڃان تائين ناهي ملي. مون کي ته هاڻي ان جي تقاضا به نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته 26 جون 2016ع تي آئون 29 سالن جو ٿي ويندس. اها مهرباني ماستر ڏاڏو جي جنهن مونکي پرائمري ۾ داخل ڪرڻ مهل منهنجي جنم جي حقيقي سال 1987ع بدران 1988ع لکيو هو. اُن کي شايد اها خبر هئي ته هن نڀاڳي کي نوڪري ته پونئان پوءِ ڪو نه ملندي، پر سال هڪڙو عمر ته گهٽائي لکان. بهرحال مايوسي ڪفر آهي جيڪو خُدا ڪيو ۽ ڪندو سو بهتر آهي ۽ رهندو. منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو جي ڪا لکڻي جيڪڏهن محبت جو موجود بڻي ۽ اوهان کي وڻي ته ڀلا ڀاڳ ڀائيندس.
    مهربانيون سائين ڪلاڌر مُتوا، شوڪت حسين شورو، خالد ڪنڀار، دليپ ڪوٺاري ۽ شهاب نهڙيو جن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي مون ناچيز جي هن ننڍڙي ڪتاب تي پنهنجا وڏا ۽ بامعنيٰ رايا لکي ڏنا. ٿورا ته انهن دوستن جا به لک جن هر ويل منهنجي سڏ کي دل سان ورنايو، انهن ۾ مير هيمراج سنڌي، وڪيل رائسنگهه سوڍو، صحافي نظام سمون، شاعر عبدالله آس هنڱورجو، ڪامريڊ سورن سنگهه سوڍو، رنڇوڙ سنگهه ششوديا، سانگي ڏان ساڏور، ميهو جي کاوڙيا، منگل سنگهه راٺوڙ، پرتاب سنگهه پڙهيار، دائود ساهڙ، راٺوڙ رامسنگهه ڪوٽڙيوم گلاب سنگهه ڪوٽڙيو، مهيش راجپوت، راجا حنيف نهڙيو، عبدالرزاق سميجو، راجا ڪنڀر، وفا گلاب سنگهه، جھان عالم سميجو، محبت سنگهه ٻيواٽو، جمال بجير، ڪيسرسنگھه سوڍو، گھنشام تيجاڻي، راجا پير بخش راهمون، محمد رحيم سميجو، دسرت ٿري، امير حسن هنڱورجو، پدمسنگهه مهر، اعجاز بلوچ، آنٻراج سنگھه راٺوڙ، وفا هريش کيتاڻي شامل آهن.

    ـــ امر رائيسنگهه راجپوت
    03463751610


    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!

    جڏهن
    سنئوڻ سڄڻ من ويري واري سٽ تي عمل ڪندي ڪو ٿاريلو هاري ڪنهن خاص ڏڻ تي سنئوڻ ٻولائڻ لئه ڪُلهي تي هر کڻي ٻنيءَ ڏي وڃي ٿو، سنئوڻ به سُٺا ٿين ٿا، سانگوڻي ٻولي ٿي! پوءِ به هر سال ڏُڪار ڏيل ڏاري ٿو.
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو!!
    جڏهن
    سانوڻ جي پهرين ٽيج تي پيڪين کان پري ساهورين گهر ٿاريلي بنان ڪاند جي تنهائي ۾ تڙڳندي لُڙڪن سان پاند پُسائي ٿي. سرتين ۽ سهيلين جي رهاڻ جي رس ۽ چس کي سنڀاري ڪو اُداس گيت گُنگنائي ٿي.
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو!!
    جڏهن
    سانوڻي مُند ۾ سڄو آڪاش عجيب رنگن ۾ رنگجي ٿو. گگن منڊل ۾ گوڙ ۽ کنوڻ جا تجلا ٿين ٿا. سُرمئي، ناسي ۽ ڀورا بادل ڏسي ڌرتي جي سيني ۾ غذب جي اُڀار اچي ٿي. هن ديس جي جل پياسي ڌرتي پلر جي هڪ بوند لئه سڪي ٿي. ٿر ٻاٻيهي جي پلر ترشنا ۾ نڙي سُڪي وڃي ٿي پوءِ به بارش سمنڊ ۾ وسي ٿي!
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو..!!
    جڏهن
    ٿر جي کيٽن ۾ ڪو ويڳاڻو پنڇي پنهنجن ٻچن جي پيٽ پورائي لئه چوڻ چُڳي ٿو ته اچانڪ ڪو باز ڀڙڪو ڏي ٿو ۽ هو ڏور آڪاس ۾ اُڏامي ٿو پر حياتيءَ لئه ڪيل اِهو حسين حيلو وئرٿ وڃي ٿو. عقاب هن جي ريشمي بدن کي پنهنجن چُهنبدار چنبن سان ڇيهون ڇيهون ڪري ٿو!
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو..!!
    جڏهن
    ٿر جي بي سمجهه ٻارڙيءَ مري ويل مور کي معصوميت مان هنج ۾ کڻي وڏي پيار ۽ پاٻوهه مان ٿڦڪي هڻي ٿي. ڊيل جي ميل بنان مري ويل اُن نڀاڳي مور جو درد انتظاميه کان وڌ هي ٻارڙي ڄاڻي ٿي جيڪا مئل مور جو مقدس کنڀ ڪنهن مندر ۾ کڻي وڃڻ بجاءِ ڪارونجهر جي هنج مان وهندڙ ڀٽياڻي نديءَ جي نانءُ ڪري ٿي، کنڀ کي تاريندي هن جي معصوم اکين مان هڪ اُداس ڳوڙهو ڳڙي پوي ٿو.
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!!
    جڏهن
    سورنهن سالن واريءَ ڪنچن وهيءَ ۾ ڪٿي ڪنهن ڪنيا سان ڪو پنجاهه سالا پوڙهو پرڻجي ٿو ۽ اَڀاڳي ڪنيا سهاڳ رات جو ڏهاڳ جهڙو ڏک ڀوڳيندي حياتي جا هڙئي درد هڪڙي ڌڪ ۾ ڏوڪي منهن تي ڦڪي مُرڪ آڻي، پوڙهي ور کي پنهنجو مجازي خدا مڃيندي پيرين پئي پرڻام ڪري ٿي.
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!!
    جڏهن
    غربت جي ڪچي گار سهندڙ غريب مزدور سڄو ڏينهن هماليه جيڏي همالي ڪرڻ کانپوءِ به مهانگائي سبب سنجها ويلي خالي هٿين گهر موٽي ٿو، گهر جي آڳر ۾ مٽي سان کيڏندڙ مٽي هاڻا ٻار پورهيت پيءَ جي آجيان لئه ڊوڙي سندس گدلي چولي سان چنبڙي پون ٿا ۽ هُو موٽ ۾ فقط کل جي خرچي ڏي ٿو.
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!!
    جڏهن
    ڪنهن غريب ٻار کي سندس ماءُ صبح سويل سنڀرائي اسڪول موڪلي ٿي انهي آس تي ته علم جا ٻه اکر سکي سندس هونهار فرزند سڀئي لُڙ لاهيندو. ٻار بنان سليٽ ۽ پين جي ذهني شعور سان تعليم پرائڻ ۽ ملڪي وقاس ۾ وک وڌائڻ لئه سرهائي سان اسڪول وڃي ٿو پر بااثر ماستر هن کي علم جا ٻه شبد سيکارڻ بجاءِ غريبي جو فائدو وٺندي بي گناهه ٻار کي شرارتي جو لقب ڏيئي وڏي بي حيائي سان ماريندي معصوم ٻار جا هٿ رتو رت ڪري ٿو.
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!!
    جڏهن
    هارايل جواري جهڙو جيون گهاريندڙ منهنجي موميءَ ماروئڙن جي ميرن وڳن، چيڙهه پيل چڳن ۽ اُگهاڙن انگن تي ڪو تونگر بنهه نه سهڻ جوڳو ڀوڳ ڪندي ٿريي جو لقب ڏيئي ٿوڪاري ٿو.
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!!
    جڏهن
    زندگي جو گاڏو گهلڻ لئه ڪنهن کان وياج تي قرض کڻندڙ غريب ڏوٿي پريشان ٿئي ٿو ته سندس پتي ورتا زال پنهنجي پتي جي پت رکڻ لئه نڪ مان نٿ لاهي ڏي ٿي ۽ غريب ڏوٿي پنهنجي پِراڻن کان پياري پتنيءَ جي نٿ وڪڻي قرض چُڪائي ٿو ته سماج هُن تي بي هودا ٺٺوليون ڪندي ڪم چور يا نڀاڳي جهڙا لقب ڏي ٿو.
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!!
    جڏهن
    تڙ تڙ تي تڙڳجڻ بجاءِ هڪڙي ئي محبت جي مانسرور مان محبت جا موتيءَ چُڳڻ جي من ڀاونا رکندڙ ڪنهن هنس سان محبوب بارشن جيان بي وفايون ڪري ٿو.
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!!
    جڏهن
    محبوب جي گرم ڀاڪر جهڙي دلربا مُند سياري ۾ سائيبريا کان اُڏامي آيل، پن پاتلين اکين جهڙن پکين تي عرب سامروٽي جي سنن ۾ بي گناهه فائر ڪن ٿا.
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!!
    جڏهن
    ڀٽ جي ڀِڪ ۾ اداس ويٺل ڌنار پنهنجي ڌڻ ڏي نگاهه ڪندي سوچي ٿو ”هيل ماتا هاڃا ڪري ڇڏيا“ هو مونن ۾ مُنهن وجهي مُقدر کي ميار ڏيڻ بجاءِ اُنهن تي سوچي ٿو جن کي پر سال هن قيمتي ووٽ ڏنو هو. هن هيڏي هاڃي تي به ٻه پير ڀري اُهي لڙي حال پُڇڻ نه آيا، انهيءَ سوچ ۽ افسوس ۾ هو اُٿي بانسري جي بدن تي سُڪل چپ رکي ڦوڪ ڏئي ٿو! بانسري نو ورني وڌوا جي اوڇينگار بڻجي آلاپ ڪري ٿي!
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!!
    جڏهن
    ڏياري جي ڏينهن دارون جي نشي ۾ ڌُت امير شرابين کي شراب پيئندو ڏسي ڪو غريب ٿاريلو ڪجهه پلڪن جي لئه زندگي جي تلخي دور ڪندي زهريلي ٺري جي ٻاٽلي ڏوڪي ٿو. زهر هُن جي نس نس ۾ ڦهلجي ٿو ۽ هو حياتي تان هٿ ڌوئي ويهي ٿو.
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!!
    جڏهن
    اوچ نيچ ۽ ڀيد ڀاوَ واري مُرده سوچ رکندڙ ڪو اُتم ذاتي هن ديس جي دادلي دراوڙ جي پاڪيزه ڌيءَ تي ڇُوت ڇاتَ واري ڇاپ هڻي اُن کي اڪ جي پُڙي يا ٻُڪ ۾ پاڻي پياري ٿو.
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!!
    جڏهن
    صحرا ٿر جي سموري تاريخ ان ڳالهه جي گواهه آهي ته ٿاريلي سراپا وفا آهي! حُسن ۽ حيا جو هماليه آهي! پوءِ به ڪٿي ڪو تر جو تونگر مڙس ڪاري جو ڪَلنڪ ڏيئي ڪنهن نردوش ناريءَ کي طلاق يا تياڳ ڏي ٿو.
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!!
    جڏهن
    آکو پايو جي ان گڏ ڪرڻ لئه در در جا بابو بيکاري بڻجي معصوم ٻارڙا تتل ڪاڙهي ۾ سڄو ڏينهن ڳوٺ ۾ ڦيري ڦرن ٿا، سُڪل تراين جا ترا ٻهارين ٿا، انهيءَ آس تي ته مولا مهر ڪندو ۽ ڌرتي جو داتا وسي پوندو اسين ڀنل دوڙ مان ڀونگلا ٺاهي مينهن وساڙن سان کيڏنداسين پر پوءِ به بارش بنان گرج برج جي هلي وڃي ٿي. معصومن جي آس نراس ٿئي ٿي.
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!!
    جڏهن
    مڃون ٿا ته پنگريو جي پڊن تي ڀوري ڀيل سان وڏو ويل ٿيو آهي. هُن جي جسد خاڪي کي جيجل جي جهولي مان ڪڍي ٻاهر اُس ۾ اُڇلايو ويو آهي. انسانيت جو ڪنڌ شرم مان جهڪيل آهي پر نمن واري شهر جي نزديڪ چند ڪلو ميٽرن تي آباد چوڻار ۾ رزاق مڪواڻي جي نوجوان رت سان ٿيل وحشياڻي راند تي پوري انسانيت کي ٻُڏي مرڻ کپي. پر هتي سڀ ڪجهه جائز آهي الئه ڇو؟ عبدالرزاق کي نوجواني جي نبور وهيءَ ۾ بنان ڏوهه جي ڪُٺو ويو. رزاق جي جيجل هر ويل پُٽ جي جهوريءَ ۾ جُهري ٿي، پل پل جيئي ۽ مري ٿي، ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ لاءِ پُڪاري ٿي.
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!!
    جڏهن
    ٿر جو فطري حُسن دنيا لئه دنگ آهي! ڏُڪار سُڪار ۾ ساوا رهندڙ هتي جا وڻ ۽ ٻوٽا ماحول کي ملوڪ بنائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا. اُنهن اُملهه وڻن ۾ نمايان نانءُ ڪجهه هن ريت آهن، ڪنڊي، ڪونڀٽ، روهيڙو، ٻير ۽ ٻٻر کانسواءِ انيڪ اهڙا وڻندڙ وڻ آهن جيڪي پنهنجي پنهنجي اهميت الڳ الڳ رکن ٿا. ڪونڀٽ جيڪو وسڪاري ۾ ڪيئي ڪوڏ ڪري ٿو. اُهو سياري جي سرد رُت ۾ بنان بارش جي پلڙا پچائي ٿو. اُهي پلڙا هِن هڏ ٺار مند ۾ مال لئه وڏي وٿ بڻجن ٿا. ڪونڀٽ کانسواءِ ڪنڊي به ٿري وڻن جي وطن جو هڪ انمول رتن آهي. ڪنڊي ڦڳڻ ۾ ٻور جهلي ٿي ۽ ويساک ۾ ڦل ڏي ٿي، سنڱريون نه رڳو مال جي منهن ۾ ڏنيون وڃن ٿيون پر انهن کي مٽي جي ڪُنن ۾ رڌي ماڻهو وڏي ڪوڏ سان کائيندا آهن. ڪنهن بنارسي ساڙهي تي سجايل ڳاڙهن ٻڙن جهڙو وڻندڙ وڻ روهيڙو جنهن جو خوبصورت گُل خوشبوءَ کان خالي هئڻ باوجود پنهنجو پاڻ ۾ الئه ڪهڙي مٺاس ۽ مڻيا رکي ٿو جو اگر ٻڪري يا رڍ هڪ دفعو به اُن کي چکي ورتو ته سڄو ڏينهن روهيڙي هيٺ وري گُل ڪرڻ جي آس ۾ بُکايل بيٺي رهندي. اهڙن عجيب ۽ حسين وڻن کي مُنافي خور ٿر جي سر زمين تان بنهه بي رحمي سان وڍي ۽ ٽُڪي وڃن ٿا.
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!!
    جڏهن چيٽي چانڊوڪي جي پونم رات، محبوب سان ميل ڪرڻ لئه دڙن تي نڪتل دلير عاشق جون ساحر اکيون انتظارن جي مسافري ڀوڳيندي جاڳ جو سمنڊ جهاڳيندي جونجهڪڙي ويل جهري پون ٿيون ان ڪري جو بي وفا محبوب پرين سان پيار جا ڪوڙا قول ڪري، وصل جي واٽ وساري ويهي ٿو. عاشق جي اکين ۾ درد جو جوت جلي ٿو!
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!!
    جڏهن
    ٿر جي مها سُندر شُشيل نياڻي مهر راڻي کي، لاکي ڦُلاڻي بنان ڏوهه جي ڏينهن ڌونئري جو سهاڳ جي مند ۾ ڏهاڳ ڏنو هو. اِها وقت جي وڏي ويساهه گهاتيءَ هُئي، هڪ اٻلا عورت سان گهور انياءِ هو! مهر راڻي جو اُداس روح اڄ به ريگزارن ۾ ڀٽڪندي انصاف لئه پُڪاري ٿو!
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!!
    جڏهن
    ٻاراتڻ جي وهيءَ ۾ پونگل گڊ جي پيار ڍولي سان دل اڙائيندڙ ڍاٽ جي ڊيل مارئل جو من ڍولي لئه لڪ لڪ تي ليلايو هو. واٽ ويندڙ مسافرن کي سنديسا ڏيندي ڍولي کي ميارن جا مڻ مُڪيا هئا، پر پوءِ به ڍولي مارڻيءَ جي مڪار محبت ۾ اچي مارئل کي صفا وساري ڇڏيو هو. ڍولاتيسين ڍور ڀلا چوندي مارئل جو روح اڄ به ٿر جي ڀٽن ۾ ڀٽڪي ٿو!
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!!
    جڏهن
    قدام جي قد جيڏيون ڊگهيون ٿاريليون مٿي تي ٻيلهڙا کڻي پيرين اُڀراڻيون پند ڪندي ٻانهياري جيڏين ڀٽن تان پاڻي لپ لئه ڪاڙهن ۾ ڀٽڪن ٿيون، انهن جي انڊلٺي انگن مان پيار جي پهرين چُمي جهڙو سڳنداسي پگهر کيهه ڀڪلين کُڙين تان وهي تتل واريءَ ۾ جذب ٿئي ٿو!
    ڌرتيءَ جي دل درد ۾ ڦٿڪي ٿي!
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!!
    جڏهن
    گرينائٽ ڪڍڻ لئه فخر ٿر ڪارونجهر جي جانٺي جسم کي زور آور مشينن سان ڌماڪا ڪندي ڇيهون ڇيهون ڪن ٿا، پکين جا آشيانا لرزن ٿا. مور دانهون ڪن ٿا. هرڻ ڇال ڏيندي بي موت مرن ٿا.
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!!
    جڏهن
    غُربت جي گهاتُو هٿان گهايل ڪا ويراڳڻ ٿاريلي بُکايل ٻچن لئه رٻ اُڌاري پنڻ لئه ڪنهن امير جي اگهاڙي در اڳيان رحل جهڙا هٿ ٽنگي ٿي. امير هن جي بُک بدران ٽُٽل چولي مان اُڀاميل اُرهه تڪيندي، هُن جي عصمت جي قيمت ڪٿي ٿو.
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!!
    جڏهن
    ڪو اڻپڙهيل ۽ اٻوجهه ٿاريلو پنهنجي وني جو سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ لئه نادرا آفيس وڃي ٿو، هُن کي بنان ڀتي جي ڪارڊ ان ڪري نه ٿو ٺاهي ڏنو وڃي ته هُن جو ڪو به سياسي سورس ناهي، جنهن جي فورس تي هُو عزت سان پنهنجي سُڃاڻپ جو سرٽيفڪيٽ وٺي سگهي! هڪڙي ڪارڊ لاءِ اڌ عمر جو ارپي پنهنجي ٻني وڪڻي به وني جو ڪارڊ نه ٺهرائي سگهڻ جي ڪرب ۾ هو پنهنجي ئي ڌرتي تي ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا مري ٿو.
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!!
    جڏهن
    15 آگسٽ تائين برسات نه وسڻ ڪري سرڪاري طور ٿر کي ڏُڪار سٽيل قرار ڏنو وڃي ٿو. سرڪاري خيرات جا خيما لڳن ٿا. اميرن کي عزت سان گهر ويٺي بنان گهرڻ جي سڪون سان سرڪاري خيرات ملي ٿي ۽ غريب قهري ڪاڙهن ۾ سڄو ڏينهن قطارون ٺاهي ڏهه ڪلي اٽي جو انتظار ڪن ٿا. پر شام جو منرل واٽر جي بوتل ۽ ڪلو دال جو ڏيئي اهو چئي روانا ڪن ٿا ته کل آنا آج مال ختم ہے. غريب پنهنجي ٻچن کي توڪل جي تُرهي تي چاڙهي اهو چئي گهر وڃن ٿا ته سواري جام جُڙسي بکايل ٻچڙا مجبور مائٽن جي اکين جي اُداسي پرکي بنان ماني جي سُمهي رهن ٿا.
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!!
    جڏهن
    چيٽ جو پيٽ لئه پرديس ويل ڪو غريب ٿاريلو وسڪاري ۾ به نٿو وري، ۽ هُن جي وفادار ونيءَ ڪکاوين چونئري ۾ اڪيلي پُسندي ڪيتڪي گُل جيان ٽڙي پوي ٿي. مجازن جي مستي ۾ موج اچي ٿي ۽ هُوءَ پنهنجي ڀتار جي ٻاٻيس ۾ لنپ وانگي ٻري ٿي.
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!!
    جڏهن
    پاريٻي جي پير ۽ ڳاڙهي ٻير جهڙي ڪا ٿاريلي جديديت جي جنون ۾ اچي ستي پنجي ڇڏي کٿيرو ئي خوب وارو ورق وساري، ڪنهن اميرزادي شهري بابُو سان ٻٽيهه دليون جوڙي ٻلهار وڃي ٿي. بدلي ۾ هُو محبت جو مذاق اُڏائيندي پلر جهڙي پويتر ٿاريلي سان گينگ ريپ جهڙو گناهه ڪندي هُن جي حياتي جي ٽائيٽنڪ کي بي وفائي جي برفاني ڇپ سان ٽڪرائي ڇيهون ڇيهون ڪري ٿو.
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!!
    جڏهن
    قحط ڏُڪارن جي قهر ۾ اميرديس جي غريب ماروئڙن جو مال مري وڃي ٿو، کير، مکڻ، لسي ڳوليا به نه ٿا ملن ۽ قوت مدافعت واري ڪمي ۾ ٿر جي گلن جهڙا معصوم مستقبل جا معمار ۽ ڏيهه جا ڏيئا مُنور ٿيڻ کان اڳ ۾ گُل ٿي وڃن ٿا. تڏهن سنڌ جي وڏي ڪُرسي تي ويٺل سائين ٿرياڻين جي سادگي تي نه سهڻ جوڳيون چٿرون ڪندي ڪڙا ويڻ چئي انهن جي عزت نفس کي مجروح ڪري ٿو.
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!!
    جڏهن
    ٿر ۾ ٻارڙا مرن ٿا، ميڊيا ۾ ٻڙڌڪ مچي ٿو ۽ سنڌ جا وڏا وڏا وزير ڪبير مٺي ۾ محفلون مچائين ٿا، هڪڙي محفل ۾ سنڌ جو هڪ وزير ٻارڙن جي موت جو ذميوار اقتدار کان ٻاهر ويٺل ٿر جي ارڏي ارباب کي قرار ڏيندي. هُن تي اُگرن اکرن ۾ ڇوهه ڇنڊي ٿو ۽ ٿر جي بودلي ٻار جهڙي جنتا ارباب جا سمورا احسان وساري بي تحاشا تاڙيون وڄائي ٿي.
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!!
    جڏهن
    لُلَر ۽ مريڙي جي ساڳ کي ڪنهن پنج ستارا هوٽل جي پيزا کان مٿي سمجهندڙ ماروئڙا، ڪن لالچي ذهنن هٿان يرغمال بڻجي ڀلي بُک ڀرم جي شال م وڃي شان واري سٽ جو ڀرم ڀُلندي ڪنهن آڙيڪاپ اين جي اوز جي ور چڙهي، امدادي گاڏين جي پويان ائين ڊوڙن ٿا جئين تسيارا مال اواڙي ڏي ڊوڙن ٿا ۽ اُنهن اٻوجهه ماروئڙن تي ڪو انگريز طنز و مزاح ۾ ڏيسوڪي جهڙا ڏڌ ڪتاب لکي ٿو.
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!!
    جڏهن
    نصيبن جي ماريل ڪا سُورن ساماڻي، اوٽي تي ڏيئي جي روشني ۾ پنهنجو پومچو ان آس تي ڀري ٿي ته هيل سال سُٺو ٿيندو، وسڪارا ٿيندا ۽ هُن جا هٿ به پيلا ٿيندا. پر سندس ستر سالن جو پوڙهو پيءَ ڇنل منجَي تي سستو سگريٽ ڇڪيندي نکٽن ۾ نهاري ڏُڪار جا آثار ڏسي پنهنجي سڪيلڌي ڌي کي کنگهندو سڏ ڪري چوي ٿو ته ڌي! هيل به مينهن مُشڪل وسي پنهنجي بابل جي واتان ڏُڪار جو سنديشو سُڻي اڻپرڻي نينگري غم جي سمنڊ ۾ ٻُڏي وڃي ٿي. نياڻي جي چهري تان اُڏامي ويل تبسمي پوپٽن کي پرکي پوڙهو پيءُ پيشاني تان پگهر اُگهندي ڳڻتين ۾ گُم ٿي وڃي ٿو.
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!!
    جڏهن
    بنان چاري جي بُک ۾ مري ويل ماڻڪي جي اوسيئڙي ۾ اڌ رات تائين جاڳي سُتل سگهڙ ٿرياڻي، اَسر ويلي اٿي پنهنجي وڍياري ڍڳي جي سُڪل ٿڻن مان کير لپ ڏُهي اڌ ڪاري چانهه پيئندي چوي ٿي اي مولا! هاڻي ته مينهن وساٰءِ.
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!!
    جڏهن
    ضلعي هيڊ ڪوارٽر مٺي جي سياسي توڙي سماجي معاملن کان بلڪل اڻواقف، مٺي کان ڪوهين ڏُور پنهنجي ڳوٺڙي جالو جي چونئري واري وڏي ڀٽ تي ويهي، پنهنجي ٽُٽل جُتي کي ٽوپا ڏيندي چاگلو چوي ٿو گاهه کي ڏٺي ڏينهن ٿيا پر هاڻي ته ٻوهه به سُڪي رهيا آهن جيڪڏهن اڃان به ڏُڪار وڌيڪ وقت جاري رهيو ته ٿر ۾ وڻ ۽ ڌڻ جو تصور ئي ختم ٿي ويندو. هن جي اهڙي ڇرَڪائيندڙ اظهار تي ڪراڙو ٿُوهر پنهنجي ۽ پنهنجي ديس جي فطري بقا طور پنهنجا منڌي هاڻا هٿ مٿي کڻي مالڪ کان دُعا گهري ٿو ته اي مولا! هاڻي ته مهر ڪر، اُن مهل ئي ڪو وڻن جو ويري سرمائيدار نوجوان ڪونڀٽ کي ڪارائي سان ڪُهي ٿو.
    تڏهن
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!!
    جڏهن
    پنهنجي بابل جي آڱر پڪڙي، ريل ۾ راند ڪرڻ لئه ويل پتڪڙو ٻالڪ سُڪل واريءَ مان ڀونگلا ٺاهڻ ۽ مينهن ماماڻا ڳولڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري ٿو. نه مينهن ماماڻا ملن ٿا ۽ نه ئي وري ڀونگلا ٺهن ٿا. هُو پنهنجي مري ويل حسرت تي پنهنجون ننڍيون نگاهون آڪاش ڏي ڪندي پاڻي سان ڀريل بادلن کي خار مان گهوري ٿو.
    تڏهن.
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!!
    منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو...!!


    سرلان، جنهن لئه سنڌ سُڏڪي ٿي...!!

    هوءِ سنڌ جي لوڪ پريي شهر لاڙڪاڻي ۾ ڄائي هُئي، هن ڄمندي سنڌوءَ جي جل سُتي پيتي هُئي. هن جي ڪٺور قسمت ۾ وطن جي وڇوڙي جو وهلور لوح قلم سان لکيل هو. هن جي ارڏي ۽ اڇوتي آتما آدجڳاد کان صرف سنڌياڻي هُئي پر مقدر جي ماريءَ کي جنم ڀومي جي جدائي ڀوڳڻي پيئي ۽ هوءِ چاليهه سال اڳ سنڌ ڇڏي وئي هُئي يا ڇڏائي ويئي هُئي..؟
    الئه ڪهڙي اتڻ تڻ هن کي وطن جي وڻن کان جدا ڪري ڇڏيو ۽ هوءِ سدا لئه سنڌ ڇڏي وڃي هند ۾ ٿانيڪي ٿي. وڻ مان جيئن ٽاريءَ ٽٽي، ائين هوءِ پنهنجي وطن ۽ ڪٽنب مان ٽٽي ويئي، سنڌو سان سنٻد جون پاڙون روح پاتال ۾ هوندي به هن پنهنجن جي وڇوٽي ڀوڳي! آلين اکين ۽ ٿڪل ٽٽل قدمن سان سنڌ کي الوداع ڪندي هن جي آتما اوڇنگار ڏني هئي ۽ هن جو رتوڇاڻ روح رهجي ويو هو، جندڙي جهڙي سنڌڙي جي ساهه سريکي سرزمين تي... هند ته رڳو هن جو جسم ويو هو. هڪ ابلا عورت جو ڏٻرو ڏيل... هوءِ هند ويئي ته سهي پر هن جو سڀ ڪجهه سنڌ ۾ رهجي ويو، هڪ جيڏين سهيلين جو سجيلو ساٿ، سڳا ڀائر، وطن جا وڻ ويڙها، اباڻا گهرڙا سڀ ڪجهه ڪجهه قربان ٿي ويا.
    هن کي هند ۾ سنڌ جي سڪ ڪڏهن به سڪون سان سڪونت پذير ٿيڻ نه ڏنو ۽ هوءَ وطن لئه ولکندي، ڦٿڪندي نيٺ سورنهن سال اڳ سنڌ وطن ڏانهن سنڀري هئي، ڪيئي آسون اُميدون کڻي آئي هُئي. پنهنجن پيارن سان ملڻ لئه چوويهه سالن جي طويل وڇوڙي کانپوءِ وري انهن پڊن تي پير ڌريا هئا جتي هن ٻالڪپڻ وارا سندر ڏينهن گهاريا هئا سنڌوءَ جي جل ڌارا ۾ پير پائيندي وڏي روحاني راحت ماڻي هئي. ساڌ ٻيلي واري ميلي ۾ هن جي الوڪڪ آتما کي وڏو آسيس ميلو هو، پنهنجي وڇڙيل پريوار سان ملي هن ڄڻ پرماتما پائي ورتو هو، پنهنجا اباڻا اجها ڏسي هن جي الماس اکڙين ۾ خوشي جا لڙڪ لڙي پيا پر افسوس ان ننڍڙي خوشيءَ جي عمر انتهائي ڪم هئي. ڇو ته هن کي واپس وڃڻو هو. هوءِ هاڻي سنڌ مان سدائين لئه ٽٽي چُڪي هئي. هوءَ هاڻي اسان لئه اوپري وطن جي هئي، ويزا ختم ٿي، ڏيئي اوڇنگار، هلي وئي هن پار.... وڇڙي ويئي پنهنجي جند جهڙي سنڌ کان هن جو وجود سنڌ جي خمير مان کڙيل هو، هن جي ماهه ۾ موهن جي دڙي جي مٽي شامل هُئي. هن جي سيني ۾ ڌڙڪندڙ دل ۾ هر وقت سمبارا سرگم سان محور رقص هوندي هئي. هوءَ گيتا جي شلوڪن بجاءِ ساميءَ جا سلوڪ ترنم سان ڳائي رام کي ريجهائيندي هئي. هوءَ هر روز سنجها ويلي آرتي بدران ڀٽائي جي وائي جونگهاريندي هئي ته آيل ماءُ منهنجو جوڳيئڙن سان سنگ.
    هن جي سرير ۾ سمايل رگت ۾ سنڌو جو پويتر جل پيوند ٿيل هو، هوءَ جڏهن سانجهه جا ستارا ڳڻيندي اتر واءَ کان وطن جي پکين جا پار پڇندي هئي. تڏهن هن جي اندر ۾ اوسيئڙي جي اڪير اٿي پوندي هئي ۽ هوءَ بي اختيار چئي ڏيندي هئي.
    پـکي پروڪا، اڃا نه آيا، اڪير تن جي، هري رهي آ،
    اداس سر تي، هوا اُٺي جي، چئي پيئي، ڪا اڏار ايندي.
    (اياز)
    پنهنجي ديس جي پنڇين جي اُڏار ته ڪو نه ايندي هئي پر هوءَ اداسي جي سمنڊ ۾ ٻڏي ويندي هئي. هوءَ جڏهن سنڌ امڙ جي بي بها ياد جي سمنڊ ۾ غوطا کائيندي هئي تڏهن هن جي ولر کان وڇڙيل ويڳاڻي پنڇيءَ جهڙي آتما ويتر وياڪل ٿي پوندي هئي. سنڌ وطن جي آدجڳادي ارجمند ديوي سرلان هر رات خوابن جي اڏند کٽولي تي پرواز ڪري ساهتي پرڳڻي سنڌ جو ڌنڌلو درشن ڪندي هئي. هن جي خيال کان وٺي خواب تائين رڳو سنڌ ئي سمايل هئي. هوءَ سراپا سنڌ هئي! آل انڊيا ريڊيو واري سروس آڪاش واڻي تان شهيد ڀڳت ڪنوررام جي ڪنٺ ۾ الک ٻيڙو تار منهنجو وارو آلاپ ٻڌندي، هن جي روح جون تندون ڀٽائي جي تنبوري سان تال ملائينديون هيون ۽ هن جي اکين جو آڪاش نمي پوندو هو، پنهنجي اباڻي وطن جي اڪير ۾ سدا ساڻي سرلان پريوار جي پيار ۽ جدائي جي جهوريءَ ۾ جهري پوندي هئي. هر رِکشا ٻنڌن تي هن کي ياد پوندا هئا. پنهنجا ڀو جا ڀورا ڀاءُ هريش ۽ مهيش...!! جن کي راکڙي ٻڌڻ لئه هن جي دل تڙپندي هئي پر ڪجهه به ڪري نه ٿي سگهي، پنهنجن ڀائرن سان ملڻ محال هو، ڇو ته هو ٻئي خاردار تارن جي هن پار هئا. رت جي رشتن وچان، انساني ستم جي ساکي سرحد هئي، جنهن کي اڪرڻ لئه اجازت جلدي ملڻ مشڪل هئي. هوءَ پنهنجن ڀائرن سان صرف محسوسات ۾ ئي ملي سگهي ٿي. تصورن ۾ ئي وير پسلي واري ورت جون سوپاريون ڀائرن ۾ بانٽيندي هئي. هر رکشا بنڌن تي سڏڪن ۾ ساڻي ۽ وطن کان ويڳاڻي سرلان رتن جڙاءَ رکڙي/ راکي کڻي ٻن وڻن ۾ ٻڌي ڇڏيندي هئي. ڀائرن جي ڀرم لئه هن انهن وڻن کي منهن ٻولايا ڀائر ڪيا هئا. ڀَوَ جي ڀائرن جي سڪ انهن وڻن مان ڪيئن پوري ٿيندي؟ پر پوءِ به اندر جي وڍ کي ڏڍ ڏيڻ خاطر هن وڻن سان ئي واسطا رکيا!
    هن جي اڳيان سنڌ جي ڪير ڳالهه ڪندو هو ته هن جو اندر اڌ ٿي پوندو هو، روح ريلو ڏيندو هو، پنهنجي ماتر ڀومي لاءِ تڏهن هوءَ پنهنجو پاسپورٽ کڻي ويزا لئه اپلاءِ ڪندي هُئي، ائين عرضيون ڏيندي ڏيندي هن کي سورنهن سال ٿي ويا پر ويزا نه ملي، چار ڀيرا ويزا رد ٿي، نيٺ 2014ع واري اپريل مهيني ۾ ويزا ملي ۽ سنڀري نڪتي پنهنجي پريتم پياري سنڌ ڏانهن، هوءَ سمجهوتا ايڪسپريس ذريعي آئي. ريل ۾ ايندي هوءِ يڪو ڀائرن سان فون تي هم ڪلام هئي، هن جي اندر ۾ وڏي اڪير هئي. سورنهن سالن کان جدائي جي جاون ۾ جلندڙ سرلان جڏهن لاهور جي سرزمين تي لٿي، تڏهن هن جون اکيون پرنم هيون. سندس آجيان لئه آيل ڀاءُ مهيش ڪمار کي ڏسندي ئي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو، ٻئي ڀاءُ ڀيڻ هڪ ٻئي کي چميون ڏيندي روئيندا ۽ سڏڪندا رهيا، پنج منٽ جي انهيءَ وصال ۾ اهڙي ڪا وير وري جو سنڌڙي جي سرلان جو وجود ئي لڙهي ويو... ڀاءُ لئه تڙپندڙ ڀيڻ سنڌڙي کان ڏور لاهور اسٽيشن تي ئي ڀاءُ جي ڀاڪر ۾ سدا لئه سمهي پيئي! شايد هو وڇوڙن جي پر پيچ مارڳن تي هلندي هلندي ٿڪي پئي هئي. هن ابدي ننڊ ڪرڻ ٿي چاهي يا قسمت وري به ڪلور ڪيو جو اباڻي اجهي ڏسڻ واري آخري اِڇا به پوري نه ٿي! سرلان جو ڀاءُ مهيش چوي ٿو ته مون کان اها بدنصيب گهڙي ڪڏهن به نه وسرندي جو ورهين جي وڇڙيل ڀيڻ ائين ملندي ۽ هميشه لاءِ جدا ئي ٿي ويندي.
    سرلان جو مڙهه آخري پلن ۾ شهيدن جي سرزمين ۾ پرويش ڪرڻ لئه واجهائيندو رهيو پر انتظامي معاملا ائين ڪٿي ٿا ڪرڻ ڏين. سرلان جو سرد سرير روڊ رستي واپس هندوستان روانو ڪيو ويو ائين اڀاڳڻ سرلان جو سفر بس 24 ڪلاڪن ۾ پورو ٿي ويو.
    هوءَ سنڌ لئه سڪندي رهي ۽ سنڌ هن لاءِ سڏڪندي رهي... ٻئي نه ملي سگهيون. هن جي ارٿي هندستان ويندي سنڌ لئه ڏاڍو واجهايو هوندو، ڇو ته پراڻ تياڳڻ وقت به کيس سنڌوءَ جو پاڻي نصيب نه ٿيو، نه ئي هوءَ ڀائرن جي پريوار سان ملي سگهي. سورنهن سالن جي وڏي وڇوٽي کانپوءِ ائين آئي ۽ پنهنجا پراڻ ڏيئي هميشه لئه هلي ويئي. مهاراشٽرا صوبي جي سرزمين تي اگني سنسڪار ٿيل سنڌڙي جي سرلان ديوي پنهنجي پويان ٻه پُٽ ۽ هڪ نياڻي سوڳوار ڇڏي آهي. انهن ئي انتم ڪرياڪرم ڪيو، جنهن ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ ڀيڻ جي آتما کي شرڌا انجلي ارپڻ لئه سرلان جا ٻئي ڀائر هريش ۽ مهيش ويزا لئه اپيلون ڪري رهيا آهن ويزا ملندي الئه نه، پر ڏک اهو آهي ته انساني سرحدون ايڏا وڏا ويڇا ڪنديون آهن جو ماڻهو نه جيئري جو ٻيلي، نه مئي جو ڪانڌي سرلان ديوي جي سپوٽ پٽن کي منهنجي وينتي آهي ته ادڙا! امان سرلان جون استيون متان گنگا ۾ وهائيو، اهي سنڌو نديءَ ۾ وهائجو، جڏهن اچڻ ٿئي. ڇو ته سرلان جي آتما جي شانتي جو سوال آهي.... هوءَ سنڌ لئه رُني هُئي ۽ سنڌ هن لئه روئي ٿي...!!


    ٿوهرن جهڙيون مُسافريون

    حُسناڪ حياتيءَ جا هڙئِي پل ڏکن سندي ٿوهر جي ٿوڪ تي ويهي، اڪ جو اڇو ڇير ڏوڪي سورج جي گرم شعاعن ۾ جيون بثر ڪندڙ وارياسن وجودن سدائين اَبر رُت جي اوسيئڙي ۾ رڻ پٽن تي رُلندي، ٿوهرن جهڙيون مُسافريون ڀوڳيون آهن. لکيا پيا لوڙهيون واري ڪار انهن ڳوڀ ماروئڙن سڀ سُور قسمت جي کاتي ڪندي، ڪڏهن به بي رحم وقت جي ڪن ۾ جهلي اهو ناهي پُڇيو ته اسان سان ايڏا مذاق ڇو؟ آخر اسين به ان ئي جهان جا مٽي هاڻا ماڻهو آهيون جنهن جهان ۾ اوهين ۽ اسين، امير، غريب، اوچ، نيچ، راجا ۽ گدا سڀ رهن ٿا. پوءِ اسان سان ضروريات زندگي جي هر اُن شيءِ ۾ ٻيائي ڇو؟ جنهن ۾ اسان جي زندگي جو سوال آهي مثلن تعليم، صحت، پاڻي ۽ روزگار جهڙن بُنيادي سهوليتن ۾ اسان کي اهو چئي وساريو وڃي ٿو ته اهي ٿريا آهن ويچارا اٻولڙا انهن کي کپي رُڳو بارش. مڃون ٿا ته بارش اسان جي زندگي آهي بارش سواءِ اسين اڌورا آهيون پر ان کانسواءِ به حياتي ۾ ٻيو به گهڻو ڪجهه کپي ٿو. جيڪو اڪثر اسان کي نٿو ڏنو وڃي. اڄ به ٿر جي 90 سيڪڙو ڳوٺن ۾ بجلي ناهي. الاجي ته ڪيترا ڳوٺ روڊن کان محروم آهن. صحت جي سهوليت ته نه هئڻ جي برابر آهي. تعليم جو ٻيڙو ٻڏل آهي بيروزگاري ته ايتري وڌيل آهي جو تقريبن ٿر جو هر ٽيون ماڻهو اين جي اوز وٽ مقروض بڻيل آهي. ڏُڪاريل ڏيهه ۾ ڏوٿين جي سُهائتا لاءِ مقرر ڪيل امداد جي ورڇ وقت جيڪا ٿاريلن جي تذليل ٿي آهي اُها هتي جا رهواسي ئي ڄاڻن ٿا. اسان جي دردوندي ديس واري ڀلي بُک ڀرم جي کي ڀيلي ڏيڻ ۾ اين جي اوز وارن ڪا به گهٽتائي نه ڪئي آهي. اُڃاري ديس ۾ رهندڙ مومي ماروئڙن کي سوئيزرلينڊ جهڙا سبز خواب ڏيکاري انهن کان اِهو وسارايو ويو ته ”ڏونگا آڇ مَ تن منگڻ مهڻو جن“ مرشد جي ڏنل انهي آئين تي سدائين عمل ڪندڙ ساڻيهه واسي هاڻي شايد ٿوهرن جهڙيون مُسافريون ڀوڳندي ٿڪجي پيا آهن جو ان دستور کي ماضي ۾ مدفون ڪري اين جي اوز واري امداد ۽ سرڪاري سوس تي هرکجي ويا آهن.
    انهن کان اِهو وسري ويو آهي ته اسين مورن جي ديس جا واسي آهيون. مور جيڪي پٿر کائي پيٽ ڀرين ٿا. اسين به ٿوهر جي ٿوڪ تي ٿڪ ڀڃي پارڪر جا پٿر کائي پيٽ ڀري سگهون ٿا، پر پنهنجي ضمير تي زنڪ هڻي امداد وٺڻ لئه پنهنجين نياڻين کي ڪاڙهن ۾ ساڙي انهن جي تذليل نٿا ڪرائي سگهون، ڇو ته اسين اُهي آهيون جن سدائين ڏُڪار ڏٺا آهن. اسين ان ٿانور ڀٽي جا ڀائر آهيون جنهن جي زال ور کي ڀاءُ ڪري به محنت مزدوري ڪئي پر ڪنهن جي اڳيان هٿ نه ٽنگيو! اسين سدائين ٿوهرن جهڙيون مسافريون ڪرڻ جا ماهر آهيون. اسين بُخارن ۾ ڄار جا پن ۽ اڪ جا پُڙا ڇاتين تي ٻڌي نم گهوٽي پيئندا ۽ جيئندا آهيون اسين مُرٽن ۽ ڀُرٽن مان اناج ڪڍي گُذران ڪندا آهيون. اسين ڪرڙ جي ڏينن کي گُلاب جامن وانگي کائيندا آهيون. اسين اُٺڙين جو کير پيءَ وڏو سڪون ماڻيندا آهيون اسين سال ڪنهن ڪروڌي راجا وانگي ڪاهي ايندڙ ڏُڪارن اسان جا هيرڻ پن جهڙا هانوَ هيڻا ڪري ڇڏيا آهن. آڱر آڱوٺي سان نٿي لڳي. بک ۾ حواس خطا ٿي وڃن ٿا.
    اڄ به جڏهن سارنگ رُت ڪنهن ريساڙو پريتم وانگي بنان ڏوهه جي رُسي ويندي آهي تڏهن اسان جون آگميل اکيون آڪاش ۾ کُپي وينديون آهن. ٻئي هٿ مٿي کڻي مالڪ کان پلر بکيا پنندا آهيون. اُڃايل ٻاٻهين جون دانهون ٻُڌي روح روئڻهارڪو ٿي پوندو آهي، ڳوڀ جانورن کي پاڻي لپ لئه سٽون کائيندي ڏسي دل تڙپي پوندي آهي. پيرين اُڀراڻا پنڌ ڪري ڪاڙهن ۾ ڪڙهي ترايون ٻُهاري آکوپايو ڪندا آهيون. رُسي ويل پريتم (بارش) کي پرچائڻ لئه وڻ وڻ ۾ وانئٽيون ٻڌندا آهيون. جَر لاءِ جاٽون ڏيندڙ اسين ٿاريلا ٿر جي ٿاڪ ٿاڪ تي ڏيئا ٻاري ميگها مُند کي ڀليڪار چوندا آهيون. پر پوءِ به هُوءِ اسان کان تقريبن رُٺل ئي رهندي آهي. ڇلر جي پلر ۾ پُسڻ لئه ٿاريليون مينهن ورت رکي اُس ۾ اُپواس ويهي الک کي آراڌنا ڪنديون آهن. کوهن ۽ تلائن ۾ اکا وجهنديون آهن ته من مُندن تي مينهن وسن ۽ اسان جون ٿوهرن جهڙيون مسافريون ختم ٿين...!!
    نئين سج نوان سور ڀوڳيندڙ دلين جي ڌڙڪن جهڙو دلربا سچ اهو آهي ته ٿوهرن جهڙيون مُسافريون اُهي بدنصيب ئي ڀوڳيندا آهن جن جي اکين جي آڳوند ۾ رُڳو سورن جا سارس سانڍيل هوندا آهن. جن جي نصيب ۾ رُڳو پن ڇڻ جهڙا پيار ئي پلجندا آهن جن جي ڀاڳن جي ڌاڳن ۾ رُڳو جوڳ جَڙاءَ جا مڻيا پويل هوندا آهن. جن جي جيون ۾ رڳو ڏک ۽ بُک جا ڏمر ثمر بڻجي ايندا آهن، جن جي سينڌن جا سِنڌور سهاڳ رات جو ئي لٽجي ويندا آهن. جن جون سڀئي سُندر آسون ۽ اُميدون نااميدي جي رُڃ ۾ اُڃ مري وينديون آهن. جن جي لاءِ زمان، مڪان، محبت، صحبت رشتا ۽ ناتا ڪا به معنيٰ نه رکندا آهن اُهي ئي ٿوهرن جهڙين مسافرين جا موجد هوندا آهن.
    ٿوهرن جهڙيون مُسافريون اُهي درماندا ڌنار به ڀوڳيندا آهن جيڪي آرهڙ جي اُسن ۾ چتيون لڳل چاکڙيون پائي ڀٽن تي ڀٽڪي ولر واريندا آهن، جن جي پيرن ۾ پيل ڇالن جو درد ڪير به ڪٿي ڏسي ناهي سگهندو..!!
    ٿوهرن جهڙيون مسافريون ته اُن اڀاڳڻ ماءَ جي ممتا به ڪندي آهي، جنهن جو معصوم پُٽ پڙهڻ واري وهي ۾ وڏيري وٽ وياج ۾ گِروي هوندو آهي، جنهن کي ٻه ويلا ماني به اوبر واري ڏني ويندي آهي، جنهن جي خاموش اکين ۾ لڪيل درد جا ڳوڙها ڪير به ڏسي ناهي سگهندو...!!
    ساهورن جا طعنا ۽ تُنڪا سهندي اُن اڀاڳڻ جي دل به ٿوهرن جهڙيون مسافريون ڪندي آهي جنهن کي پٿر دل مائٽن وٽي سٽي تي ٻليدان ڪيو. پيار تي ڏنل پهرن ۾ زندان جهڙي زندگي گذاريندڙ ڪنهن بدنصيب انسان جو روح هر چاندني رات تي محبوب جي گود ۾ گُد ڏيڻ لاءِ ٿڌا شوڪارا ڀري ٿوهرن جهڙيون مسافريون ڪندو آهي. نازڪ نفيس بدن ۾ ڇُڀندڙ ٿوهر جي ڪنڊن جهڙو ڪربناڪ درد ته اُهي وڻجارن جون ونيون سهن ٿيون. جيڪي ڪاند جي پاند بنان ڪومل ڪپاهُن ۾ ٺار ٺرندي سنجهي سيءَ مرن ٿيون جن کي اُتر جي هِير ڄر جي ڄڀن جئين لڳي ٿي. اهڙو ايذائيندڙ درد ته وسڪاري جي مُند ۾ ڪيسريي بالم سواءِ ٿاريلي به ڀوڳي ٿي جيڪا رُت اچڻ تي ڪيتڪيءَ گل وانگي ٽڙي پوي ٿي پر ڀونئر جي ڀرڻ کانسواءِ وري مُرجهائجي وڃي ٿي. روح اُداس ٿي ٿوهر جي ڪنڊن ۾ وچڙي پوي ٿو! ٿوهرن جهڙيون مُسافريون ته الئه ڪيترن سالن کان اُهي غزاه جا گُلابڙا ڪندا اچن جن کي سفاڪ اسرائيل بنان ڪنهن دوش جي پٽيندو اچي. جن جا پيارا عيد جي ڏينهن به روئي روئي پنهنجن پيارن لئه ڪپڙن بدران ڪفن خريد ڪندا آهن. جڳ خاموش تماشائي بڻيل آهي عرب ليڊرن جي ڪنن تي جُونءَ به نٿي سُري افسوس صد افسوس..!!
    پريه پاٺڪ! تو ڪڏهن صحراءِ ٿر جي سُوني سرزمين جو سفر ڪيو آهي؟ جي ها، ته پوءِ تو رُڃن ۽ ريٽن تي ڪنهن اُڃايل مُسافر جيان جَل پياسن ٿوهرن کي به ڏٺو هوندو، ٿوهر جيڪي مينهن پکيڻا گل لالا جهڙي خوبصورت منڌي جهليندا آهن. جيڪا نه رڳو مال لئه وڏي وِٿ بڻجندي آهي پر ڪکاوَن نجهرن جي سونهن سجاوٽ ۾ به نِکار آڻيندي آهي. ٿوهر هن صحرا سان صدين کان سلهاڙيل آهن، جيڪي پلر جي تِرشنا ۾ ٿر ٻاٻهين سان گڏ تڙپيا آهن. پوءِ به پنهنجي وطن جي ويران پٽن ۽ پوٺن سان وفادار آهن. ڏُڪارن ۾ سُڪارن جهڙا سينگار ڪندا آهن. پن ڇڻ ۾ به بهارون بڻجي ٽڙندا آهن. تون جيڪڏهن ڀوڳنائن جي باري ۾ ڄاڻڻ چاهين ٿو ته ٿوهرن جي وکريل وجودن جي ڪتاب زندگيءَ جا بي ترتيب پنا احساس جي اکين سان پڙهي ڏس، تو کي نه ڄاڻ ته ڪيترا اُلڪن، اُڌمن، ايذائن ۽ عقوبتن جا داستان نظر ايندا! اُهي المياتي داستان صدين جي صدا بڻجي چُڪا آهن! هي صدين جون صدائون بڻيل ٿوهرن جون مسافريون تو کان اهو ضرور پُڇنديون ته ڇا اسان ۽ اسان جي ٿر سان ڪڏهن انصاف ٿيندو؟ يا ائين ئي اسين احساسن جي اڻاٺ واري ڏُڪار ۾ پن ڇڻ جهڙو جيون گهاريندا رهنداسين؟
    تون ڀلي ٿوهرن جو درد ڄاڻين نه ڄاڻين پر مان ضرور ڄاڻان ٿو. ڇاڪاڻ ته تو ٿوهر شايد ڏٺائي ناهن ۽ نه ئي انهن جي اهنجن جي ڪا ڪَل اٿس پر آئون ته اُنهن اُداس ٿوهرن جي آنچل جي ڇانوَ ۾ پليو آهيان. اُنهن سان گڏ ڀوڳنائن وارا سفر ڀوڳيا آهن. اُنهن سان گڏ پن ڇڻ ۾ پيلو پن ٿي ڇڻيو آهيان ڏُڪارن ۾ ڏنجهه ڀوڳيا آهن. بهارن ۾ ٽڙيو آهيان، محبتن ۾ مڙيو آهيان مينهوڳي ۾ ڀڄيو آهيان ۽ چاندڻين ۾ چندرما بڻجي چمڪيو آهيان ته اوماس راتين ۾ کڙ کُٻيتي جيان کڙيو آهيان. تڏهن ئي ته مان ٿوهرن جو درد چڱي ريت ڄاڻان ٿو..!!
    ٿوهرن جهڙيون مسافريون ڀوڳيندڙ اسين ماروئڙا ٿوهرن جي ديس ۾ رهون ضرور ٿا پر اسانجون دليون ٿوهر جا ڪنڊا ناهن، اسان جون دليون ته روهيڙي جا رتا گُل آهن. اسان جا مزاج ٿوهر جي ڇير جهڙا ڪڙا ناهن پر اسان جا مومي مزاج ماکي جهڙا مٺا آهن. اسين هن ديس ۾ رهي ٻيو ڄاڻون نه ڄاڻون پر سُور سهڻ ۽ محبتون ونڊڻ ضرور ڄاڻون ٿا...!!


    هيلوڪو وسڪارو، اڌوريون آشائون ۽ ڏياري..!!

    ويندڙ وسڪاري تي ويچاريندي ايندڙ سياري جي آجيان ڪندڙ ٿاريلن جي اڌورين آشائن تي ڀلا ڇا لکجي. وسڪارو جنهن کي ٿر واسين جي زندگين جو ضامن چئجي ته به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو! ڇاڪاڻ ته ٿر واسين جي حياتي جون هڙئي حسناڪيون وسڪاري سان وابسته آهن. ڪهاوت آهي ته ٿر آهي ٿڻ تي نه ڪي ڪڻ تي، ڪکائين جهوپڙي ۾ ٻرندڙ ڏيئي جهڙي هن ڪهاوت ۾ سموري ٿر جو فلسفو سمايل آهي، جنهن کي سمجهي به اهي ٿاريلا ئي سگهندا جيڪي برسات جي هر بوند کي موتي تل سمجهندا آهن! انهن ٿاريلن جي جيئڻ جا جواز به وسڪاري جي رت ۾ رقص ڪندا آهن. وسڪاري جا آگم ٿيڻ کان اڳ ۾ ٿرواسين جا انيڪ خواب آسمان ۾ اٽڪيل هوندا آهن. جن کي تعبيرن جا روپ تڏهن ملندا آهن. جڏهن مندائتا مينهن ٻنا ٻوڙ وسندا آهن. جڏهن ڌرتي ماتا جي سيني مان سونا سونا سنڱ ڦٽندا آهن. جڏهن سوين قسمن جا ساوا گاهه ڌرتي کي ديدآور بڻائيندا آهن. جڏهن مال ڇال ڏيئي ڀٽن جي ڀر ۾ ڀاڳين جي دلين ۾ کنيانتا کوڙيندا آهن. هيلوڪي وسڪاري ۾ بارشون ته ٻنا ٻوڙ وٺيون پر ڌرتي جي سيني تي ساوڪ نه ٿي، ڪنهن اپسراءِ جي اڇي پيٽ جهڙا ريٽ ائين ئي واري اڏائيندي افسوس جو اظهار ڪندا رهيا، وڻن جا وجود پن ڇاڻيندي فطرت وٽ فريادڪندا رهيا، ته ائين ڇو ٿيو، وقت سر ميگهه راجا راضي ڇو نه ٿيو. بارش جي پويتر پيرين جا نشان هوڏي هوائن ترت ڇو مٽايا؟ ريساڙو پريتم جي ادا جهڙي هي رُت بس ڀٽائي جي سٽ بڻجي ڇو رهجي وئي؟
    ڏکي توءِ ڏڪار توڙي وسن مينهڙا..!
    هيلوڪي وسڪاري تي مسڪين ماروئڙن جا انيڪ خواب اڌورا رهجي ويا! اڌورا خواب ته ان هاري جا به رهجي ويا جنهن ڪاري رات جي اونڌاهه ۾ وسندڙ مينهن تي خوش ٿي، وڏا ٽهڪ ڏيئي پنهنجي ڪرهليي جي ڪنڌ ۾ ڳانا ٻڌي، سج اُڀرڻ کان اڳ ۾ پنهنجي ٻني تي انهي آس ۾ ويو ته هيل گوار جو اگهه چوٽ چڙهندو ۽ آئون پنهنجو سمورو قرض لاهي پنهنجي اڪيلي پُٽ کي اسڪول وڃڻ جي اجازت ڏيندس جيڪو هينئر منهنجو هٿ ونڊائي رهيو آهي، اُن هاري جي ناري پنهنجي سمايل نياڻي جي اداس نيڻن ۾ نهاريندي اندرئي اندر ۾ اهو سوچڻ لڳي ته هيل ٻاجهر به وارو ڏيندي ۽ اسين پنهنجي نياڻي جي سپنن جي ساڀيا ڪندي، هن کي سياءَ پلي لڳائي پنهنجو پاڻ تان نياڻڪو بار لاهي سڪون جي ننڊ سمهنداسين..! هن کي ڪهڙي ڪل ته نه فصل سٺا ٿيندا نه وري گوار جو اگهه وڌندو، وڌندو ته رڳو قرض ۽ قرض تي سوچي مرض...!!
    اڪيلي ڪنهن هاري جي هي درد ڪٿا ناهي پر سموري ٿر جا هيلوڪي وسڪاري ۾ خواب چڪنا چُور ٿي ويا. چڪنا چُور خواب ته ان ڳڀرو جا به ٿي ويا جنهن ٻني ۾ ٻج وهائيندي پهرين جاٽ ڀري ساهي پٽي اهو سوچيو هو ته هيل بمپر فصل لهندو ۽ آئون سر تي سهرا ٻڌي، روهيڙي گل جهڙي ڳاڙهي ڪنوار وٺي ايندس ۽ پنهنجي نئين نينٻوجهر جهڙي زندگي جو آغاز ڪندس. ان کي ڪهڙي ڪل ته هيل وٺي ڏڪار ٿيندو؟ وٺي ڏڪار ٿيڻ جي ڪل ته ان سهاڳڻ کي به نه هئي، جنهن پنهنجو ڀاڳيو ڀتار انهي بارش آڌار بئراج مان واپس گهرايو ته هاڻي گنج ٿي ويندا، ميهولا وٺا آهن. هاڻي مال ڪاهي پرديس وڃڻ جي ڪا به پرواهه نه ڪر، هيلوڪي وسڪاري تي رڳو ان سهاڳڻ ناهي پڇاتو پر مارو پٿر جهڙي اُن محبوبا جي اکين ۾ به پڇتاءُ جا ٻه لڙڪ جهلڪن ٿا، جنهن رات به مينهڙا وٺا کنوڻن کيل ڪيا واري وائي جهڻڪائيندي هُر مچ سان هٿ جو رومال ڀري پنهنجي ڪجليئي عاشق ڏي، انهي آس تي اماڻيو هو ته هو هيلوڪي وسڪاري ۾ مون ڏي ڀيرو ڀرڻ ايندو ۽ منهنجي سرامڻ ٽيج، عيد ٿي پوندي. پر هن جو اڌوري چنڊ جهڙو اڀاڳو عاشق هيلوڪي وسڪاري جي بي وفائي سبب ڀري نه سگهيو ۽ چرين وانگي ڀٽن تي ڀيرا ڏيندي اڄ به اڌورو خواب کڻي ائين چوندو رهي ٿو، بقول ڀٽائي جي؛
    ڪڪر منجهه ڪپار جهڙ نيڻئون نه لهي.
    اڄ هر ٿر واسي جي ڪپار ۾ ڏکن جا ڪڪر آهن. دردن جو جهڙ نيڻن مان لهي ئي نه ٿو. سورن جي سرلي ۾ ماروئڙا مجبور وسڪاري جي پڇاڙي پلن ۾ اداس آهن! پنهنجو اڌورو فصل، بنان گاهه ڌرتي، سڪل ٿڻن وارو بي حال مال، وڌوا جهڙا وڻن جا ويس ۽ اُڏامندڙ واري ڏسي هر ٿاريلو اداس ۽ نراس آهي، اداسي ۽ نراسي جي انهي موسم ۾ ڏياري جو ڏڻ ڀلا ڪهڙا خوشين جا مڻ کڻي ايندو؟ اڌورين آشائن تي ماتم ڪندڙ من ۽ بي رحم بک ۾ تڙپندڙ تن ڪهڙا ڏيئا ٻاري سرهاين جا سنديشا ڏيندا؟ ڏڪارن ۾ مري ويل مورن، ڍورن ۽ معصوم ٻچڙن جي سوڳ ملهائيندڙ ساڻيهه واسين جي اندر جي ايوڌيا اڄ به غم انڌيرن ۾ غرق ٿيل آهي، سکن جو رام اڃان بنواس مان موٽيو ئي ناهي، جو ٿاريلا سچي دل سان رامچندر جي روايت ملهائين. ٿر جي 70 سيڪڙو غريب جنتا فٽاڪي جي هڪ پيڪيٽ، نئين چائنا جي چمپل، ٻه نمبر ميڻ بتين جي پيڪيٽ ۽ هڪ نئون وڳو وٺڻ جي سگهه نه ٿي ساري اها ڏياري تي ڪهڙا طعام تري خوشي ملهائيندي، وسڪاري جي بي وفائي سبب ٿر ۾ چڀڙ به نه ٿيا، جنهن جي ڪري ٿر جا ٻارڙا ڏياري جو ڏيئو ڏٺو ننڍو وڏو چڀڙ مٺو، وارا ورق به وساري ويٺا آهن، وساري ته اهو به ويٺا آهن، ته ڏياري آهي ڪڏهن؟
    جا عمر تومل عيد! سا اسان سوءِ ورتي سومرا،
    ويئي ويچارن وسري خوشي ۽ خريد،
    سڪڻ ڪيا شهيد، مارو جي ملير جا.
    (شاهه)
    نئين جُتي کان نراس ٿري ٻار جي اکين جي ڪينجهر ۾ ڪومائجي ويل خوشي جي ڪنولن جو درد ڀلا ڪير ڪٿي سگهندو؟ ڀلا ان يتيم نماڻي نياڻي جي من ۾ مري ويل چوڙين جي چاهت واري تمنا جي تڪليف کي ڪو ڳلو ڳائي سگهندو؟ ڳائي ته ان پورهيت جي پگهر کي به ڪير نه سگهندو جنهن جي سڪل ڪاٺي جهڙي هاٺي سڄي ڄمار هماليه جيڏي همالي ڪندي به حياتي ۾ ڪو پل قرار جو ماڻي نه سگهي. جنهن جا معصوم بکايل ٻچا خوشين کان ائين وانجهيل رهيا جيئن خوبصورت پيرن کان مور ۽ ڦلن کان ناگر ويل نراس رهجي ويئي. ڀلا ان ٿاريلي پڻيار جي پيرين پيل لڦن جو درد ڪير محسوس ڪري سگهندو؟ جيڪا اُڀراڻي پيرين ڪوهين ڏور پيئڻ جي پاڻي لئه پنڌ ڪري ٿي، جنهن جي اکين ۾ پلر ترشنا جا تتر تڙپن ٿا، جيڪا آر.او پلانٽ جي نالي کان ئي ناواقف آهي، جنهن جي هينڊ پمپ واري حسرت به اڌوري رهجي ويئي. ڀلا اها ڪهڙي ڏياري ڪندي؟ ڏياري ته اها اڻ پرڻي هرڻي به ڪو نه ڪندي جنهن جي حسين هٿن تي حِنا ان ڪري نه مرڪي جو هن جي نصيب ۾ اهو رولو هو، جو هن جي پيرن ۾ ريتن جا نيئر لڳل هئا. پرديس پرڻائڻ واري پرمپرا نڀائيندي هن جا مائٽ هن کي سرحد پار ان ڪري نه اماڻي سگهيا جو وسڪاري وفا نه ڪئي سال سٺو نه آيو، ڏياري جي ڏڻ تي هو بنان سنڀرڻ جي آئيني اڳيان اچي، پنهنجي دُکي دل سان مري ويندي. بقول ڀٽائي جي ته:
    سورن سانڍي آهيان پورن پالياس،
    سکن جي سيد چئي آئون نه پکي پياس،
    جيڪر آئون هياس گري گوندر ول جي.
    (شاهه)
    وٺي ڏُڪار واري هيلوڪي سال تي ڏياري جو لڪشمي پوڄا ڪندي نوٽ رنگڻ واري روايت پوري ڪرڻ لئه ڪنهن ٿاريلي وٽ 10 روپئي جو نوٽ به نه هوندو، اها ڪهڙي ڪيفيت مان گذرندي؟ ڪٺور تپسيا جهڙي ڪيفيت مان ته، اها اڀاڳي ماءُ به گذرندي جنهن جو ٻچو بي روزگاري جي غم ۾ غرق ٿيڻ کانپوءِ غم کي وسارڻ خاطر ڪچي ٺري جون ٻاٽليون ڏوڪي جگر جي ڪينسر ۾ مري ويو. سرجندي ئي سور پرائيندڙ ساڻيهه واسين جي آفيم جهڙي اگري حياتي جي حصي ۾ آيا، ته رڳو درد ۽ تڪليفون جن کي ڀوڳيندي ماروئڙا ڪڏهن به نه ٿڪا، ٿڪل مسافر جهڙا ٿاريلا تتل واري تي وکون کڻندي اڄ به فخر مان چون ٿا، جتي لُڪ لڳي جتي اڪ تپن سو ديس مسافر منهنجو ڙي. انهي ديس جي دڳن تي وڳن کي واريندي سانگيئڙا ائين سرها ٿيندا آهن، جيئن پنڇي پنهنجن آکيرن ۾ خوش هوندا آهن، جيئن ڀونئر ڪنول جي گل سان عشق ڪندو آهي، ائين ماروئڙا ملير سان محبت ڪندا آهن، تتل واي سڪل ٻوهن ۽ ٻاڙن کوهن سان ٿاريلا اڄ به ائين پيار ڪن ٿا، جيئن موري مڇي ڦاڙهي جي سنڱ سان محبت ڪندي آهي. اها ئي بي لوث محبت آهي، جيڪا ڏُڪارن ڏکن ۽ بکن ۾ به وطن سان واسطا ٽوڙڻ نه ٿي ڏي. پنهنجي ڀومي جو ڀرم به وطن جي واري سان درد اوريندي ملهائيندا رهيا آهن. سواتي بونُد لاءِ سڪي سڪي ڍليار ٻٻرن جي ٻاٻرن ڪنڊن تي مري ويل تاڙي جي تڙپنا جو قسم هيلوڪي ڏياري به اڌورين آشائن ۾ ديس جي دردن تان قربان ڪري سانگيئڙا انتهائي سادگي سان ملهائيندا، اڌورين آشائن واري اماوس ۾ آيل هيلوڪي ڏياري تي منهنجي ڳوٺ ڍونڍيو ۾ ڪو به ڏيئو نه ٻرندو ڪنهن به گهر ۾ لڪشمي پوجا نه ٿيندي، ڪو به مٺو طعام نه رڌبو. ڇاڪاڻ ته منهنجي ڳوٺ جو هڪ نوجوان اچانڪ وڇڙي ويو آهي. جنهن جي سوڳ ۾ سمورو ڳوٺ شامل آهي. اسان ٿر واسين جي اهائي انمول روايت رهي آهي، جو اسان مرڻي پرڻي پنهنجي ڳوٺ جي هر ماڻهو جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ ٿيندا آهيون، روپ سنگهه ولد خانجي مهندو جي اڻ منڌائتي موت تي منهنجي ڳوٺ تي ڇانيل اونڌائي ڏسي هي درد مند دل دانهن ڪري چوندي بقول ڪوي؛
    دل روئــيندي رهي ديپ ٻاريو نه ٿيو،
    ڪلهه ڏياري هئي تو کان ساريو نه ٿيو.


    ٿر ۽ اُٺ

    ”اي بابل! مون کي اُن گهر ۾ ڏجان، جنهن ۾ اُٺڙيون هُجن، ڇو ته انهن جون وِکون وڏيون آهن.“ مچ ڪچهرين ۾ سُرندي جي سينَ تي پيرا کڻندي ڪماچ جي ڌُن ۾ ڪاڪري ڳولڻ وارن سگهڙن جو ديس ٿر، جتي ڪرهليا ڪڻڪاري، پاکڙا پلاڻي، قطاريل قافلن سان ڏور ڏيساورن مان سودا سوديا ويندا هئا. جتي ڪنوار کي ابوڇڻي اوڍائي پلاڻيل پاکڙي تي ڪيل گداز گاسيي جي اڳئين چونڪ تي چاڙهي پيهريي کان پري سيا جي پلي لڳايو ويندو هو. جتي ڄڃ کان وٺي هر ڪارج ۾ اُٺ جي سواري استعمال ٿيندي هُئي. اُتي هاڻي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڳوٺن ۾ ڪٿي ورلي اُٺ جي سواري آهي. اُٺن جو البيلو ديس ٿر به هاڻي جديديت جي جنون ۾ قديم سنڌ جي شاندار ثقافت ۽ تهذيب وساري رهيو آهي. مڃون ٿا ته نواڻ به سُٺو سنئوڻ آهي پر پنهنجي شاندار ماضيءَ کان مُنهن موڙي ان کي صفا وسارڻ به چڱو نه آهي.
    آڳاٽي زماني ۾ ٿر ۾ ڪٿي به ڪو پڪو رستو نه هو، پر ڪچو رستو به ڪو ورلي نظر ايندو هو، جنهن تي کيکڙا هلندا هئا. کيکڙن کانپوءِ جڏهن ٽويوٽا جيپ ٿر ۾ متعارف ڪرائي ويئي، تڏهن معصوم ٿريا لاري جو ٻچو چوندا هئا، اهي کيکڙا ۽ لاريون ايڏي وشال ٿر ۾ ڪو هيڪڙ ٻيڪڙ هئا. ان وقت ٿر ۾ اڪثر ڪري اُٺن ۽ گهوڙن جا پنڌ پيچرا ۽ گهيڙ گس هوندا هئا. جن کي ٿر واسي واٽون چوندا هئا. اُهي واٽون ئي ڳوٺن ۽ شهرن سان سماجي توڙي معاشي ڳانڍاپو رکڻ جو واحد ذريعو هيون. جن تي گهوڙن ۽ اُٺن جي سواري هلندي هئي. گهوڙا ته ڪنهن ڪنهن گڙنگ ماڻهوءَ وٽ هوندا هئا. پر اُٺ ته عام جام هوندا هئا. اُٺ کي ٿاريلا سڪي جو ٻيڙو چوندا آهن، اُٺ ماروئڙن لاءِ وڏي وٿ هو.
    ان وقت ٿر ۾ اُٺ کانسواءِ ٻي ڪا به اهڙي مناسب سواري نه هوندي هُئي، جنهن تي سفر ڪرڻ سان گڏ بار ڀري به کڻي سگهجي. ان وقت ڀلي ۾ ڀلي اُٺ کي هزاريو اُٺ چوندا هئا. مطلب ته اهو هڪ هزار روپين ۾ ملندو هو، توڙي جو هاڻي اُٺ جو ملهه لکن ۾ آهي. پر ان جو مانُ هزاريي کان به هيٺ آهي. ان وقت جنهن وٽ اُٺ هوندو هو، اُن جي وڏي عزت هوندي هُئي، جنهن وٽ اُٺ نه هوندو، ان کي سُڃو سمجهيو ويندو هو. اُٺ تي سواريءَ ڪرڻ يا بار ڊوئڻ لاءِ هي شيون ضروري آهن. پاکڙو، پلاڻ، تنگ، مهار، ٻڙهو، جُهل ۽ ٻه ٽي رليون وغيره.
    آڳاٽي زماني ۾ اُٺ جو وڏو مانُ ان دُوهي ۾ صاف جهلڪي رهيو آهي، جنهن ۾ ڌيءُ پنهنجي بابل کي هٿ ٻڌي هيئن عرض ڪري ٿي ته؛
    بابليا اِڻ گهر ڏيجو جِڻ گهر هُونئين سانڍڙيان،
    اڙگان نان نِيڙا ڪرين جِڪان رين لاٻين وِکڙيان.
    (اي بابل! مون کي اُن گهر ۾ ڏجان، جنهن گهر ۾ اُٺڙيون هُجن، ڇو ته انهن جون وِکون وڏيون آهن، اهي پري ويٺلن کي پلڪ جهپڪ ۾ ويجها ڪن ٿا).
    مٿي ڏنل دوهي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ماضيءَ ۾ اُٺ جي ڪيتري نه اهميت هُئي. اُٺ جي اهميت سان ته ٿر جي تاريخ ڀري پيئي آهي، امرڪوٽ جو سوڍو راڻو مينڌرو، ڪاڪ لُڏاڻي جي راٺوڙ مومل ماڻن خاطر چانگي تي چڙهي ويندو هو. ڀٽائي چوي ٿو؛
    اُڀي اُڀاريم، نکٽ سڀ نئي ويا،
    هڪ ميو ٻيو مينڌرو، سڄي رات ساريام،
    ڳوڙها ڳل ڳاڙيام، سورج شاخون ڪڍيون.
    راڻي کان سواءِ ڍاٽ جو ڍولو به پنهنجي محبوبا پينگڙ گڍ جي شهزادي مارئل سان ملڻ لاءِ لهري جي ڪُک ۾ ليٽيل ڪَرهليي کي ڪيڻڪاري ويندو هو. پهريون ڀيرو جڏهن سانگي ڊاڍي جي واتان مارئل جو سنديسو مليو، تڏهن پنهنجي ٻي سرتي مارڻيءَ کان موڪلائي ڪرليي تي چڙهي پينگڙ پڌاريو هو. تڏهن مارڻيءَ اُٺ جي پيرن ۾ ڪوڪا هڻي ڇڏيا هئا، ته جيئن مارئل تائين ڍولو پُڄي نه سگهي، پيرن ۾ ڪوڪا لڳل ڪرهيلو جڏهن سج لٿو، تڏهن ڀٽن ۾ بيهي رهيو، جنهن کي ڍولي ڏوراپو ڏيندي چيو ته؛
    ڏهيا گيا ڏونگري وهيا گيا وَڙي،
    ڪاڙي کائي ڪرهليا تين روليو رڻ ٿڙي.
    (سج لهي ويو، پکي پکڻ پنهنجن آکيرن ڏانهن واپس ويا هليا، اي ڪرهليا! تو کي نانگ کائي جو تو مون کي رڻ ۾ رولي ڇڏيو، وک به نٿو کڻين).
    ڍولي جي واتان اهو ڏوراپو ٻڌي اُٺ وراڻيو؛
    ڪڍ پگان مان ڪڪرين ڍلي ڇڏ مهار،
    وهلا پُڄان ٿانري ساسريي گهر گهر ڏيان جُهار.
    (اي ڍولا پيرن مان ڪڪريون ڪڍ ۽ مهار کي ڍري ڇڏ ته، جلدي هلي تنهنجي ساهرين پهچي، گهر گهر سلام ڪريون).
    اُٺ جي انهيءَ اصرار تي ڍولي عمل ڪيو ۽ اُٺ کن پل ۾ مارئل جي ملڪ پهچي ويو. روايت آهي ته مارئل پنهنجي ڳوٺ جي اجهور واري کوهه تي سرتين سان گڏ کينچل ڪري رهي هئي. تڏهن ڍولو پنهنجو اُٺ پيارڻ لاءِ ان کوهه جي اَواڙي تي پهتو ۽ اُٺ جيئن ئي پاڻي جي سُرڪ ڀري تيئن ئي پنهنجي ماياوي سونهن ۾ مد مست مارئل اڃايل اُٺ کي ڪام واهي ڪڍي ۽ اُٺ جو مٿيون چپ وچان ٽُٽي ويو، ان ڏينهن کان وٺي اڄ تائين هر اُٺ جو مٿيون چپ ٽُٽل آهي. چوڻ وارا چون ٿا ته مارئل کي جڏهن خبر پئي ته هي ڍولي جو اُٺ آهي، تڏهن مارئل ڏاڍو پڇتايو ۽ ميڙ منٿ کان پوءِ اُٺ کي راضي ڪيائين.
    امرڪوٽ جي حاڪم عمر سومري ملير جي مُورت مارئي جي حسن جي هاڪ ٻڌي ڀالوا جي ڀٽن جا پنڌ به اُٺن تي ڪيا هئا، مارئي کي اُٺ جي اڳئين چونڪ تي چاڙهي اَمرڪوٽ کڻي ويو هو.
    اُٺن جي تاريخي اهميت نه رڳو ٿر ۾ هُئي، پر اها سموري سنڌ کان وٺي ڪيچ مڪران جي ماڳن تائين پڻ هُئي، ڀنڀور جي ٻالي ٻولي سسئيءَ کي سُورَ، ڏيرن کانپوءِ ڏاگهن ئي ڏنا هئا، جيڪي سندس پنهل کي آڌيءَ رات جو اُٺن تي کڻي ويا هئا، ڀٽائيرح چوي ٿو ته؛
    اُٺ مَ اوري آڻ، ڏاگهن ڏڌي آهيان،
    هڻي هٿ هئين کي، پري نيئي پلاڻ،
    هوت منهنجو هاڻ، پنهون نيائون پاڻ سين.
    هي هڪ تاريخي جهلڪ هئي، جنهن ۾ اُٺن جي اهميت چٽي طرح پسي سگهي ٿي ته، پراڻي دور ۾ مولهين جو ڇا مانُ هو، اڄڪلهه اُٺ ڌارڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر ماڻهو ان جي سواري ڪرڻ ۾ به شرم محسوس ڪن ٿا. ان ڪري ٿر ۾ 90 سيڪڙو اُٺ ختم ٿي چُڪا آهن. هاڻي ٿر جي ڳوٺن ۾ ڪي ورلي اُٺ اوهان کي ملندا. اُهو به ڪو وقت هو، جڏهن ٿر ۾ اَن هجي نه هجي، پر اُٺ ضرور هجي. اُٺن جو اهو دور ختم ٿيڻ سان گڏ اُٺن جا سنج به ختم ٿي ويا. هاڻي جيڪڏهن ڪنهن وٽ اُٺ آهي ته، پاکڙو نه هوندو، پاکڙو هوندو ته تنگ نه هوندو، مطلب ته اُٺ تي سواري ڪرڻ جو رجحان ئي نه رهيو آهي.
    اڄ جي دؤر جا ماڻهو پاکڙي تي ويهڻ ۾ تڪليف محسوس ڪن ٿا. پاکڙي ۾ ڪرسيءَ نما ٻه خانچا هوندا آهن، جن تي رليون رکي گاسيو ڪيو ويندو آهي. گاسيي تي ٻن ماڻهن جي ويهڻ جي جاءِ تي چار ماڻهو ويهي سگهندا آهن. پاکڙو ڪاٺ جو ٺهيل هوندو آهي، جنهن تي پتل ۽ لوهه جي چادر چڙهيل هوندي آهي، اُن تي بهترين چٽسالي پڻ ٿيل هوندي آهي. پاکڙي جي اڳئين حصي ۾ ماڻهن جي جهلڻ لاءِ هڪ ليور نما هَٿو ٺهيل هوندو آهي. جنهن کي ڪتب چوندا آهن. پاکڙي جي ٻنهي حصن ۾ هيٺان نرم ٿڙها/گاديون ٺهيل هوندا آهن، ته جيئن ڪاٺ ۽ لوهه اُٺ جي پُٺن کي نه لڳي. ٿڙها چمڙي جا ٺهيل هوندا آهن، جن ۾ ڊڀن جو ليهه وڌل هوندو آهي.
    اُٺ تي پاکڙي پلاڻڻ کان پهرين ”جُهل“ وڌي ويندي آهي. جيڪا خوبصورت ڪٽاب ڪوريل هوندي آهي، اُٺن جي اڳئين حسي کي اَگلو چونڪ ۽ پوئين حصي کي پُٺلو چونڪ چوندا آهن ۽ وچ واري حصي کي ٿنڀي يا ٿوهي چوندا آهن. اُٺ تي پاکڙو اهڙي طرح رکندا آهن، جيئن اهو نه اڳتي وڃي، نه پوئتي وڃي سگهي ، ڇو ته ٿر جي لڪن واري لاهي چاڙهي سبب اڪثر ائين ٿيندو آهي، جيڪڏهن تنگ ڇڪي نه ڀريو ته، پاکڙو اڳتي پوئتي ٿي سگهي ٿو، پاکڙي کانسواءِ اڪيلي ماڻهوءَ جي سواري لئه ٻڙهو به ڪم آڻيندا آهن ٻڙهو چمڙي مان ٺهيل هوندو آهي، جنهن تي چانديءَ جي تند مڙهيل هوندي آهي. ٻڙهو خاص ڪري تڏهن استعمال ڪندا آهن، جڏهن اُٺ کي سوار سئُو ڪندا آهن. پلاڻ فقط بار کڻڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن. پلاڻ ڪاٺ جو ٺهيل هوندو آهي، جنهن ۾ به ٿڙها هوندا آهن. اُن تي ڪانن، ڪاٺين ۽ کپن جي لڏن کانسواءِ اَن جون ٻوريون ۽ جالنگ وغيره کنيا ويندا آهن. ٿر ۾ ڪچا رستا هئڻ ڪري اُٺ گاڏي ڪو ورلي ملندي، بار ڀري سڀ ائين پلاڻ تي کڻندا آهن. هڪڙي اُٺ جي پويان ٻيو اُٺ سلهاڙيل هوندو آهي ته اُن کي چوندا آهن ڪونتل اڪثر ڪري جڙن ڏاگهن کي سئُو ڪرڻ لاءِ پاڪيٽ اُٺ سان ڪونتل ڪندا آهن.
    اُٺن جا نسلي طور ڪيئي قسم آهن جن ۾ خاص هي آهن: ڍاٽي، سنڌي (ٻسروٽ) مارواڙي ۽ ٻه ٿنڀيا وغيره. ٻه ٿنڀيا اُٺ خاص ڪري بلوچستان واري علائقي ۾ ملن ٿا. انهن جون ٿنڀيون يا ٿوهيون ٻه هونديون آهن. باقي هر قسم جي اُٺ کي هڪ ٿوهي هوندي آهي، جنهن ۾ هُو بچت کاڌو گڏ ڪري رکندا آهن، جيئن اهو انهن کي ڏکئي وقت ۾ ڪم اچي. چوندا آهن ته اُٺ بنا کاڌي ۽ پاڻي جي 14 ڏينهن زندهه رهي سگهي ٿو. سواريءَ جي حساب سان ڍاٽي اُٺ بهترين سمجهيو وڃي ٿو. ڍاٽي اُٺ سڀني کان سهڻو به هوندو آهي. ڍاٽي اُٺ ڏيل ۾ ڏٻرا هوندا آهن اُهي مچي ماس نه ڪندا آهن. بار ڍوئڻ جي حوالي سان طاقتور اُٺ سنڌي هوندو آهي. جنهن جو رنگ ڳاڙهسرو ۽ ڪارسرو هوندو آهي. ڍاٽي اُٺ جو رنگ اڪثر ڪري اڇو ۽ ڪڻڪ رنگو ٿيندو آهي. مارواڙي اُٺ ٿر واسين کي پسند ئي نه هوندا آهن. ان ڪري هُو اُهي نه ڌاريندا آهن.
    اُٺ جا جتي قسم مختلف آهن، اُتي انهن جا نالا به مختلف اُچاريا ويندا آهن. مثال طور: ڪرهو، ڪرهليو، توڏو، مَيو، توڏيو، مولهو، مولهيو، چانگو، چانگليو، ڏاگهو، ڪنواٽ ۽ پانگڙ وغيره، اُٺ جي عمر ايتري ناهي ٿيندي، اُٺ جي سراسري عمر ويهه سال هوندي آهي، ننڍي اُٺ کي ڪنواٽ يا گونرو چوندا آهن. جڏهن ته ٻن سالن واري کي ٻگو. چئن سالن واري کي چوگو، ڇهن سالن واري کي ڇگو ۽ نَون سالن واري نيشيل چوندا آهن. اُن کانسواءِ ٻن سالن واري کي ٻيهاڻو ۽ ٽن سالن واري کي ٽيهاڻو چوندا آهن. هن عمر ۾ اُٺ اوڏنت هوندو آهي. چئن سالن کانپوءِ ان کي ڏند ايندا آهن. نيش (ڏاٺ) ٿيڻ کانپوءِ اُٺ کي پاڪيٽ چوندا آهن. پاڪيٽ اُٺ جهڙو سياڻو هوندو آهي. تهڙو ئي خطرناڪ هوندو آهي.
    سياري ۾ اُٺ مستي ڪندو آهي. روايت آهي ته سياري جي مند ۾ اُٺ کي مجنون جي عشق جو چاليهون پک مليل آهي. سياري ۾ اُٺ تارئو ڪڍي مستي ۾ لانگ هڻندو آهي، نه مستيءَ ۾ ايترو ته انڌو هوندو آهي، جو ڌڻيءَ کي به ماريندي دير نه ڪندو آهي. ان ڪري اُٺ کي ڌڻي مار به چوندا آهن. پر ڀاڳين وٽ اهڙن مست اُٺن جو علاج به هوندو آهي، اُٺ جي نڪ ۾ لوهه جي ڪوڪي نما سَيلي پيل هوندي آهي، جنهن ۾ مُهار جو چڙو وجهي اُٺ کي تاڻيو ويندو آهي. جڏهن اهو گُؤنرو هوندو آهي تڏهن هڪ خاص قسم جو اُڻيل مهارو پوري منهن تي ٻڌل هوندو آهي، جنهن ۾ ٻه فوٽن جو رسو پيل هوندو آهي جنهن کي تاڙ چوندا آهن. اهو تاڙ جڙي الڙ اُٺ کي جهلڻ ۾ ڪم ايندو آهي.
    مست اُٺ کي سيلي يا ناڪيلي بدران چپن ۾ مهار وجهندا آهن. جنهن کي تر چوندا آهن. تر ڍڳي يا گهوڙي جي پُڇ جي وارن کي پاڻي ۾ پُسائي پوءِ اُن مان رسي وٽي، اُٺ جي چپن کي ٽوپي، پوءِ وجهندا آهن. اُهي اهڙا ته اذيتناڪ هوندا آهن جو ڪهڙو به مست اُٺ هجي اهو ترن ۾ مهار وجهي هڪڙي جهاٻ/ ڇڪ ڏيڻ سان سڌو ٿي ويندو آهي. ان کانسواءِ اُٺ کي هڪ ٻه ڪلو ميندي به پياريندا آهن. جنهن سان ان جي مستي گھٽجي ٿي ويندي آهي.
    اُٺ جي سونهن ۽ سجاوٽ لاءِ ڪيئي گُر پيچ آهن، اُٺ جي وارن کي ڪٽڻ يا سوانت ۽ سجاوٽ لاءِ ڪيئي گُر پيچ آهن، اُٺ جي وارن کي ڪٽڻ يا سوات ڪرڻ جا به ڪمال جا ڪاريگر هوندا آهن، جيڪي پنهنجي هنرمند هٿن سان اٺ جي بدن تي اعليٰ قسم جا چِٽ چِٽيندا آهن. اهي لابي سان وار ڪٽيندي کيڙي سان بيٺل مور کان وٺي ٻيلهڙي سان بيٺل پاڻياري تائين خوبصورت تصويرون ٺاهي ڪلا جو عجيب نمونو پيش ڪندا آهن. ان کانسواءِ اُٺ جي ڪياڙي. ٿوهي ۽ پُڇَ تي جوڪر ڇاپ خضاب سان چٽ ڪڍي، ڪنڌ ۾ ڳانا، جنهويون رکڙيون ٻڌي پيرن ۾ نيوَر پارائي سينگاريندا آهن، ايئن جيئن نئين پرڻايل ناريءَ کي ساهيڙيون سيج لاءِ سينگارينديون آهن. اُنهن سينگاريل اُٺن کي سواريءَ جا سبق سيکارڻ لاءِ خاص سوار هوندا آهن. جيڪي بي زبان اُٺن کي پنڌ، وِک، کيڙو ۽ مُن جهڙا سواري جا سبق پڪا ڪرائي ميلن ۽ ملاکڙن ۾ اُنهن کي مقابلا ڪرڻ جي لائق بڻائيندا آهن.
    اُٺ جي ماديءَ کي سنڌي ۾ اُٺڻ يا ڏاچي چيو ويندو آهي، جڏهن ته ڍاٽڪي يا ٿريلي ٻولي ۾ ان کي سانڍ چوندا آهن. اُٺڻ هڪ سال هڪ مهيني يعني 13 مهينن ۾ ويامندي آهي، اُٺڻ جو جيڪڏهن پنهنجي ڦر تي هيڄ نه هوندو، ڪُڀيار هوندي ته مِڙندي ڪا نه، جيڪڏهن مِڙي به آئي ته، ويڻائي ويندي ۽ ٿڻن ۾ کير نه آڻيندي. اُٺين جي کير بابت هڪ روايت آهي ته جڏهن کير پير بادشاهه دعا جي دعوت ڏني هُئي تڏهن اُٺڙي سڀن جي آخر ۾ سج لٿي ويل ويئي هُئي، تڏهن کير پير بادشاهه ناراض ٿي، اُن جي کير کي (سراپ) بد دعا ڏني هئي ته ”تنهنجو کير ڪڏهن به نه ڄمندو ۽ جيڪڏهن ٻئي ڪنهن کير جي پاسي ۾ رکيو ويندو ته اهو خراب ٿي ويندو. تنهنجو کير صرف اُوٺاري ۽ واٽهڙو پيا پيئندا“ هي روايت ڪيتري قدر سچي آهي، اهو ته مالڪ ئي بهتر ڄاڻي ٿو، پر اُٺڻ جو کير واقعي ڄمندو ئي ناهي، ٿر جو هڪ مشهور لوڪ شعر آهي ته؛
    واهوندا وريا تڏهن ڳاڙهي ٿي گنوار،
    چيٽ ٻه ٽي ڏينهنڙا پڏي ٿي پنهوار،
    چلڻ ۾ چڪ ٿي تڏهن موڙون ڏئي ميهار،
    ڀاڙي جي ڀيڙئي ته گهگهلي ٿي گڏهار،
    ويچاري اوٺار ڪڏهن منهن نه مکيو مکڻ سان.
    اوٺار جي زال ڪٿان منهن مکيندي، ڇو ته کير ڄمندو ئي نه ته مکڻ ڪيئن ٺهندو؟ اُٺ جو کير پيئڻ ۾ به ذائقيدار نه هوندو آهي. البت نروئو ضرور هوندو آهي. اُٺين کي ڏاٻر ۾ ڏهندا آهن. سَوئا اُٺين کي واڻها چڙهيل هوندا آهن. واڻها رسين مان اُڻيل هڪ ٿيلهي هوندي آهي. جيڪا اهڙي نموني اوهه تي چاڙهيندا آهن جو اُن جو ڦر کير ڌائي نه سگهندو آهي. کير پيارڻ جي حوالي سان اوٺاري ويچارا ائين به هميشه خوشيءَ سان کير پيئاريندا آهن، پر ڪير روز روز تنگ ڪندو يا چوندو ته لڙهي ۾ ڏُهي ڏي، ته هو ڪاوڙجي پوندا ۽ کير ۾ اُٺڻ جو پُڇ ٻوڙي ڏيندا آهن ته اهو کير ڪڏهن به هضم نه ٿيندو آهي. اهو اهڙا جُلاب ڪرائيندو جو اُٺڻ جو کير پيئڻ تان ارواح ئي کڄي ويندو. اهو پُڇ وارو به هڪ پلڻ آهي، اُٺين جو وڳ هميشه ٽڙيل پکڙيل هوندو آهي، هڪ هنڌ نه هوندو آهي.
    جاءِ نه سارو ڏينهن، هينئڙو اوٺي وڳ جيئن.
    (شاهه)
    اُٺين جا وڳ خاص ڪري ريٻارين ۽ جَتن وٽ هوندا آهن. ٿر ۾ اُٺين جا وڳ راهمن، سميجن ۽ راجپوتن وٽ هوندا هئا. جيڪي اڃان به آهن، تنهن هوندي به ايترو چاهه نه رهيو آهي. اُٺين جو وڳ تمام تيز رفتار هلندو آهي، اُن ڪري بعضي اُٺين کي اوٺاري ڏانوڻ وجهندا آهن. باقي اُٺن کي ڏانوڻ هوندا ئي هوندا آهن. اوڏاڻا اُٺ جهلڻ ۾ تڪليف ڏيندا آهن. ڏانوڻ، اڳئين ٻنهي پيرن ۾ هڻندا آهن. بعضي اُٺ جا ٽي پير به ٻڌندا آهن. جنهن کي پڪڙاس چوندا آهن. ڏانوڻ، رسن جا هوندا آهن، ڪن ڪن وٽ سنگهرون به هونديون آهن، ڏانوڻ جيڪڏهن پيرن کان ٿورو مٿي يعني مُريي ۾ اچي ويو ته چوندا پالهي ۾ ويو، پالهي ۾ وڃڻ سان اُٺ کي نقصان ٿيندو آهي.
    ڪڏهن ڪڏهن کِپ جي تُڳين مان نوڙي وٽي به ڏانوڻ ٺاهيندا آهن. اهڙا ڏانوڻ صرف هڪ ڏينهن لاءِ هوندا آهن. اُٺين جو وڳ يا هڪ اُٺ جتي ڊاٻو ڪندو آهي، اُن کي جهوڪ چئبو آهي. اُٺ جي جهوڪ ۾ اُٺ کي ٻڌڻ لاءِ زمين ۾ ٻه فُوٽ رسو پوري پوءِ پنج فوٽ رسو ٻاهر ڇڏيندا آهن. جنهن کي پينگهي چوندا آهن. اُٺ سواري يا بار ڀريءَ کانسواءِ کيڙي پوکي ۾ به ڪم ايندو آهي. اُٺَ جي کيڙي پوکي تمام بهترين هوندي آهي، ٻاجهر، گوار ۽ جوئر جي هلر به اُٺ سان ڪندا آهن. هلر ڪري پوءِ اُٺ کي پلو هڻندا آهن. اَنُ ڳاهڻ، کيڙي پوکي ڪرڻ، سواري ڪرڻ يا بار ڀري کڻڻ کانپوءِ اُٺ کي شام جو ڪڻڪ يا ٻاجهر جي رٻ مُنهن جهلي پياريندا آهن. بعضي اِن کي ڦِٽڪي به پياريندا آهن.
    ڦِٽڪي اُٺَ جي ٿڪاوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ڏاڍي ڪارآمد هوندي آهي. اُٺن جي اهم خوراڪ لاڻو آهي. لاڻي کانسواءِ ڪَنڊي، ڪونڀٽ، آسوترو، پينجولو، مئل مال جا هڏا، گوار جي ڪُٽي ۽ وسڪاري بعد پيدا ٿيندڙ ڪجهه گاهه به اُٺ جي خوراڪ آهن. وسڪاري جي گاهن ۾ اهي وڌ ۾ وڌ رڦڙ وَل کائيندا آهن. اها وَل کائڻ سان ايتري ته سهڪ ٿيندي آهي جو اڌ ڪلاڪ کيڙي ڪرڻ يا پنج منٽ ساهيءَ ۾ پنڌ ڊوڙائڻ سان اٺ مري به ويندا آهن. اهڙا واقعا هر سال وسڪاري بعد ٿر ۾ ٿيندا رهندا آهن. اُن خطرناڪ سهڪ کي ڪنهن سُچيت ڪلي ورتو، ته نڪ ۾ يڪدم ماڻهو جو پيشاب وجهندو ته اهو اُٺ مرڻ کان بچي ويندو، اهو بعضي ٿيندو رهي ٿو.
    ٻين جانورن وانگر اُٺن ۾ به مختلف بيماريون ٿينديون رهن ٿيون، جيڪي انتهائي خطرناڪ هونديون آهن. جيئن گذريل سال سيڙا جهڙي بيماري ٿر ۾ سوين اُٺ ماري ڇڏيا، ڪي ڪي اُٺ گرمين ۾ اورسو ڪندا آهن. اُٺن ۾ ٻين مختلف بيمارين جا نالا هي آهن: رندو، ڪاروواءُ، ڪَنچِير، ٺونسو، ٺِڪريو، تير، ڪنٻري منڊل، ڇالي ليلڙ، هيرو، ماتا، سيڙا، واءِ، جل، کاجي، هاڏيو ۽ گنٺڙو وغيره انهن مڙني بيمارين جي شاهدي هڪ ڪَوي ڀوڄراج پرديسيءَ پنهنجي هڪ دلچسپ ۽ مزاحيه ڪويتا ۾ هيئن ڏي ٿو؛
    هارڙ سانڍ حاميد ري، تنِان ترڙو لڳي تير،
    چَٽي تيئن ۾ چِچڙان رِي، نڪو کُٽل ۾ کير،
    مولهي جانئين ملڪ مان، تانجو پگ ڪڍي پير،
    هاڏيو پچ هڏا ۾، ٿي گنٺڙو گنڀير،
    ٺونسو روگ ٺِڪريو، آن سُڪي تانجو سرير،
    جل کاجي جُسي ۾، آن واهه وڏو وير،
    ڇالي ليلڙ ڇتو، روڳ هيرو ڏي هير،
    ماتا سيڙا ڪنبري، منڊل ڪاڙو واءِ ڪنچير،
    تنان سميجا واهين سير، تون گِلا کڻين تي گوار ري.
    انهن مڙني بيمارين جا علاج به ٿَرين وٽ پنهنجا هوندا آهن. ڊاڪٽرن جا سائنسي علاج ڪم جي ڳالهه ناهن هوندا. اُٺ کي جيڪڏهن کاجي ٿيندي آهي ته ڄار جا پن ۽ اَڪن جو ڇير ملائي نوريندا آهن ته کاجي ختم ٿي ويندي آهي. ان بيماريءَ سان اُٺ جي سڄي جسم تان وار ختم ٿي ويندا آهن ۽ اهو ڏاڍو بد زيبو لڳندو آهي. کاجي هڪ سانگيڙو/ وائرل مرض آهي. چوندا آهن ته کاڄياري وڳ کي چَٽ ڪري. جنهن اُٺ کي رندو هوندو آهي اُن کي ڪا به سڻڀي شيءَ ناهن ڏيندا. جنهن کي هاڏيو ٿيندو آهي اُن کي لوهه جي ڪا شيءَ تپائي پوءِ ڏنڀ ڏيندا آهن ته جيئن هڏي وڌي نه سگهي. اهڙي طرح ٻين بيمارين جا به ديسي علاج هوندا آهن. اُٺ جي هڏي اَڪ جي ڪاٺيءَ وانگر نازڪ ۽ ڪمزور هوندي آهي. اها جيڪڏهن ٽُٽي ويئي ته سنڌجڻ مشڪل هوندي آهي. جُهريل اٺ آخر ڪَٽُو ۾ ئي ڪم ايندو آهي. اُٺ جي هڏي هڪ اهم ڪم ۾ به ايندي آهي.
    ٿر ۾ جڏهن ٻنيون پوکيندا آهن، جڏهن وليون مهورجي اينديون آهن ۽ ڦل کوٽا ٿي ڇڻندا آهن تڏهن اُٺ جي هڏيءَ کي ٻاري ان جو دونهون ڏيندا آهن، پوءِ وليون، ميوا ۽ ڀاڄيون جهلينديون آهن، اهو به دلربا وشواس آهي. اُٺ جي آواز کي جهير جهيرائڻ يا رَڙڻ چوندا آهن. اُن تي جڏهن وزن کڻبو آهي يا سواري ڪبي آهي ته اهو رڙندو آهي.
    اڳي اُٺ رڙن مون ڀيري ماٺ ڪئي.
    (شاهه)
    اڪثر ڪري اهي اُٺ رڙندا آهن جيڪي جڙا، ڪُڏڻا ۽ ٺيڪڻا هوندا آهن. اٺ کي سيم ۾ چرڻ لاءِ ڇوڙيندا آهن. پوءِ اُن جي ڳولا ۾ آساني لاءِ ان جي ڪنڌ ۾ مٽر يا ڊنڀري يا کرڪي ٻڌندا آهن. اُن کرڪي يا مٽر جو آواز اُهي اوٺاري پري کان پرکي ويندا آهن جيڪي وڳ مان پنهنجي اُٺ جو پير به سُڃاڻي وٺندا آهن ته هي فلاڻي اُٺ جو مٽر آهي. لوهه جي شيخن مان ٺهيل عجيب نموني جا نشان باهه ۾ تپائي اُٺ جي ڪنڌ تي ڏيندا آهن جنهن کي داغ چوندا آهن. اُٺ جي داغن جا مختلف نانءُ هوندا آهن. مثلاً پاڳوڙو، هميراڻو، ڪٽاري، ڪينچي وغيره هر علائقي ۽ ذات جا پنهنجا الڳ الڳ داغ هوندا آهن. هاڻي ته اهڙا پارکو پيري به نه رهيا آهن. نه ئي اوٺي، وقت سان گڏ هي شاندار ثقافت تاريخ جي تهه خاني هيٺ جديديت جي دز ۾ دٻجي ويئي.
    اسان جي سٻاجهي سنڌ ۾ اُٺن جي باري ۾ مختلف پهاڪا ۽ چوڻيون به عام جام آهن. جيڪي وڏيون سبق آميز آهن. مثال طور جيڏا اُٺ تيڏا لوڏا معنيٰ جيترا وڏا ماڻهو هوندا، انهن سان واقعا به اوترائي ٿيندا اُٺ ۾ اُٿِڻ ڪونهين، ڀاڙي جي صفائي معنيٰ ماڻهو ۾ همٿ ڪونهي، ته به چئي آئون هي ڪم ڪري ڏيندس. اونچا پن اُٺن ئي ڇڏيا معنيٰ پهچ کان پري شئي کي ڇڏڻ کپي. پاڪيٽ هڪ اُٺ ٻه ڪنواٽ لهي معنيٰ وڏي عمر وارو ماڻهو ٻن نوجوانن جي برابر هوندو آهي. اُٺ تڏهن پئي رڙيا، جڏهن ٻورا پي سبيا معنيٰ ڪنهن ڪم يا معاملي ۾ جن اڳ ۾ دانهون ڪيون هيون. هيءُ انهن جي حوالي سان پهاڪو ڏبو آهي. اهڙي طرح ٻيا به کوڙ سارا پهاڪا ۽ چوڻيون آهن.
    اُٺ ايڏا وڏا ته آهن،، پر انهن جو دماغ ايترو نه هوندو آهي. تڏهن پاڻ وٽ ڪنهن ڏڏ ماڻهو کي چوندا آهن ته هي اُٺ دماغ آهي اُٺ ايڏو وڏو طاقتور هوندي به جِن کان لهرائيندو آهي، رات جي سفر ۾ ڪٿي اڳيان جِن يا ڀوت ٿيندو ته اُٺ وِک به اڳتي نه وڌائيندو، اُن کان وڏي ڇرڪائيندڙ ڳالهه اها آهي ته ايڏي وڏي سرير جي مالڪ اُٺ کي هڪ تولي جيترو جسم رکندڙ وِڇُون جو ڏنگ هڪ پل ۾ پِڙ تي ئي ماري وجهندو آهي.
    سياڻي غيرتي اُٺ کي جيواڙو چوندا آهن ۽ ويڙهُو اُٺ کي کاراهي يا پاراهيو چوندا آهن، اُٺن جي ڌڻ کي جوڳڻ ذات به چوندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن اُٺ مان ڪم ڪار وٺي پوءِ اُن کي ڍوءَ تي نه کارائبو ته اهو پِٽي به ڇڏيندو، ائين جيئن مارئل جي محبوب ڍولي کي اُٺ پٽيو هو ته؛
    ڪـاڙي مـٿي رو ماڻسيو، ڌوڙي مٿي رو اُونٺ،
    بي گڻان سين گڻ ڪريا، تڏهن تاڻي ٻڌيا ٺونٺ.
    اهڙيون انيڪ عجيب ڪٿائون رکندڙ اُٺ تمام ڊڄڻا به ٿيندا آهن، اُٺ کي جيڪڏهن ڪٿي ڦرڙ، ڇرڪ يا ٽاهه پيو ته ان سيم ۾ به نه ويندو. اُٺ عادت کان به مجبور هوندا آهن.
    عادت نه مٽي عادتي، علت مور نه جائي،
    اُٺ ڇُٽو ڪڻڪ ۾، ته به چُن چُن ڪنٽا کائي.
    اُٺ جيڪڏهن سواري ڪندي يا بار کڻندي ”کوٽو“ ٿيو ته اها عادت ڪري ويندو. ان کانسواءِ جيڪڏهن سگريٽ جي دونهي جو عادي ٿيو ته پوءِ سگريٽ پيئندڙ جي جان نه ڇڏيندو. پر دونهون جتي به ڏسندو اُتي ڪاهي پُڄي ويندو. اُٺ کي وسڪاري جي لڳندڙ مک سبب ڀاڳيا دُونهي ڪندا آهن. اُٺ لاءِ هڪ مک خطرناڪ هوندي آهي جنهن کي ڏنڪ چوندا آهن.


    اڄ آکاٽي آهي!

    ”اڄ آکاٽي آهي! ڄارين جي ٽار ٽار پيرون پڪا آهن. اي پرديسڻ! تُنهنجي ماءُ توکي ساري اکين ۾ اشڪ آڻي روئي ٿي.“
    سدائين ابر تي آڌاريندڙ هن برپٽ بيابان جي مقدر ۾ ڪا خاص ميوات لکيل ئي ناهي، ڇاڪاڻ جو، جتي پيئڻ جو پاڻي به وڏي مُشڪلات سان ملي، اُتي ميوات جي گُهر به اجائي آهي. مختلف وٽامن جي واهپي کان اڻواقف هن ديس جي نصيب ۾ جيڪا ٿوري گهڻي ميوات لکيل آهي. اُها امرت سمان آهي. ڳاڙهن ٻيرن کان وٺي پڪل پيروئن تائين مڙني ميواتن ۾ شيرين سواد سمايل آهي -۽ وڏو ڪمال اهو به آهي ته اها سموري ميوات مُفت جي آهي. سڀ ميوا جهنگل جا منگل آهن. جن تي ڪا به جهل پل ڪانهي ڪا ڀٽائي چواڻي ته؛

    نڪا جهل نه پل، نڪو رائر ڏيهه ۾،
    آڻيو وجهن آهورين، روڙيو رتا گل،
    مارو پاڻ اُملهه مليرون مَرڪَڻونءِ.

    انهي مَرڪندڙ ملير جي واريءَ ڪڻن تي بنا برسات جي به ساوا رهندڙ، وڻن جا ٿڪايل وجود چيٽ جي چانڊوڪين ۾ ٻُور جهليندا آهن ۽ ويساک جي لونءَ ڪانڊاريندڙ لُڪن ۾ پچي راس ٿيندا آهن. ٻاورين ۾ پلڙا، ڪنڊين ۾ جُهٻا جهٻا سنڱريون ۽ ڄارين ۾ پيرون پچندا آهن. ڄارين ۾ پهرين ٻُور ٿيندو آهي ۽ ڪُجهه وقت کانپوءِ اُهو ٻُور ڪَڪِڙين ۾ تبديل ٿيندو آهي. ڪڪڙيون جڏهن ڪجهه پچنديون آهن تڏهن اُنهن کي ماڇڪ چيو ويندو آهي. ماڇڪ کائڻ سان ماڻهو جو وات يڪدم پچي پوندو آهي پوءِ ماني کائڻ به مُشڪل ٿي پوندي آهي. ٿري ٻارڙا پنهنجي محبوب ميوات کي چکڻ خاطر بي صبرائي ۾ ماڇڪ کائي اڪثر ڪري وات پچائي ويهندا آهن ۽ اُن پڪل وات جو علاج به فطري طور ڪندا آهن ٻاورين جا ساوا پن پٽي وات ۾ چوسيندا آهن اُنهي سان پڪل وات صحيح ٿي ويندو آهي.
    ماڇڪ جڏهن پيروئن ۾ تبديل ٿيندا آهن تڏهن هندن جو هڪ ڏڻ اکڻ ٽيج به ايندو آهي جنهن کي آکاٽي چوندا آهن. آکاٽي کي پيروئن جو مهورتي ڏڻ يا سانوڻي رُت جي آجياڻي وارو پَروَ چئجي، ته به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. آکاٽي کان هڪ ڏينهن اڳ هارين جو پرٻ نالي فطرتي تهوار هوندو آهي هن تهوار تي ڇڙيل/ ڇنڊيل ٻاجهري (اُکري ۾ وجهي پاڻي جي ڇٽڪار ڪري ڪُٽڻ کانپوءِ چُنو ڪڍي صاف ڪيل) جو ڀت رڌي ديسي گيهه ۽ ڳُڙ وجهي کائيندا آهن. اهو ڌونئري سان کائڻ ۾ به وڏو مزو ڏيندو آهي.
    هارين جي پرٻ تي صبح سوير هاري پنهنجي ٻنيءَ تي سنئوڻ ٻولائڻ ويندا آهن ته برسات وسندي يا نه؟ اَن ٿيندو يا نه؟ هارين جي پرٻ کانپوءِ ٻئي ڏينهن تي آکاٽي ٿيندي آهي. آکاٽي تي ڳوٺ جي پٽيل جي اوتاري ۾ رهاڻ رس ٿيندي آهي، جنهن ۾ سڄي ڳوٺ جا ماڻهو شريڪ ٿيندا آهن. هرڪو پنهنجي پنهنجي گهران ڀت جي پليٽ، ڳُڙ ۽ ديسي گيهه وجهي کڻي ايندو آهي، پوءِ امل ڪنسوٻن ۽ چانهه کانپوءِ اُهو ڀت سڀ گڏجي کائيندا آهن. ڀت کانپوءِ برسات جي اڳڪٿي ڪندا آهن. اُن ڏينهن جيڪڏهن بنا دعوت جي اڻ خبريو ڪو مسلمان رهاڻ ۾ اچي شريڪ ٿيو ته چوندا ٻُڏي جا ٻيڻا، مطلب ته وسڪارو بهتر ٿيندو.
    اڪثر ائين سوڻ سچا به ٿيندا رهيا آهن. ان کانسواءِ ٻيا سنئوڻ هن ريت هوندا آهن. جيڪي تقريباً ٺلا پرپڻ هوندا آهن. مٽي ڳوهي، اُن مان چار پيالا ٺاهي پوءِ انهن ۾ پاڻي وجهندا آهن ۽ انهن پيالن تي چئن مهينن (چوماسو) جا نالا رکندا آهن پوءِ جيڪو پيالو پهرين ٽُٽندو ته چوندا برسات اُن ۾ پوندي. جنهن پيالي جي مٽي ٿوري يا ڪمزور هوندي ته اهو اوس پهرين ٽٽندو، ائين اڪثر ٿيندو رهيو آهي ته جيٺ وارو پيالو ٽٽندو آهي پر برسات ته پورو چوماسو ڪو نه وسندي آهي. بهرحال جيئن به آهي پر هڪڙو دلربا وشواس ضرور آهي.
    آکاٽي جي ڏينهن ۽ هارين جي پرٻ، ٻنهي تهوارن تي ٿري سُگهڙ عورتون گهرن جي اڱڻن جي اوٽلن تي ٻاجهريءَ جون ست ڍِڳيون ڪري، ان جي پاسي ۾ پاڻيءَ جي ڪونڊي ڀري، پکين لئه رکنديون آهن ته جيئن اُهي چُوڻ ڪري پاڻي پيءِ دعائن جا درجا ڏيئي وڃن ته جيئن وسڪارو ڀلو ٿئي!
    آکاٽي جي تهوار تي نه رڳو ننڍڙا ٻارڙا گهنڊ (مٽر ۽ چنگ) کڻي ريل ۾ ناچ ڪندا آهن پر هن ڏڻ تي پيرون چونڊڻ جي مهورت به ٿيندي آهي. ننڍيون ڇوڪريون ڍاٻڙا (مٽي جا گُڏا) ۽ ننڍڙا ڇوڪرا ڍالون (مٽي جون ٿالهيون) کڻي ڳوٺ جي ڊُوهي (ڄار جو پراڻو وڻ) وٽ گڏ ٿيندا آهن پوءِ پيرون چونڊي ڍاٻري ۾ مُک تي چڙهائي، پوءِ ڍال تي رکي کائيندا آهن. نينگريون سانوڻي جا ڳيچ ڳائينديون آهن. ڇوڪرا آنٻليو راند ڪندا آهن، جيڪا تمام دلچسپ هوندي آهي. آکاٽي تي هندو پنهنجن مري ويل مائٽن کي شانتي ارپڻ لئه ڪورن دلن ۾ پاڻي وجهي برهمڻ يا نياڻي کي دان به ڪندا آهن. جنهن کي ڪرپڻيا چيو ويندو آهي.
    ڀري تُري بهار ۾جڏهن پيرون پچندا آهن جڏهن نمن ۾ نموريون لڳنديون آهن، جڏهن ڪچين انبڙين جون کٽيون چٽڻيون رڌڻن جي رونق وڌائينديون آهن جڏهن کٿوري خوشبوءَ جهڙيون ٿاريليون مٿن تي ٽُٻڪا ۽ کارا کڻي سيمن ڏي سنڀري ڍُوڙا (ٽولا) ڪري پيرون چونڊڻ وينديون آهن تڏهن اڪثر ڪري ٿر جون مائرون پنهنجي ديس توڙي پرديس پرڻايل نياڻين کي سنڀاري پُرنم نيڻن سان هوائن هٿ سنيهڙا مُڪنديون آهن بقول ڪوي ته؛
    آج آکاٽي آوي، پڪا پيلو ڏاڙي ڏاڙي،
    ولاتڻ ٿانري آيلڙي، وِلڪي آنسوڙا ڍاڙي ڍاڙي.

    (آج آکاٽي آهي! ڄارين جي ٽار ٽار پيرون پڪا آهن، اي پرديسڻ! تُنهنجي ماءُ تو کي ساري اکين ۾ اشڪ آڻي روئي ٿي).

    بهار جي خوشبودار مُند ۾ پڪل پيرون ڏسي اُداس مائرن جي اندر ۾ پنهنجين ڌيئرن لئه اُڪير جي جُوار ڀاٽا اُٿي پوندي آهي الئه ڇو؟ شايد فطرت جو هڪ رنگ آهي! ممتا جي ڇولي آهي! جيڪا هن مُند ۾ ڇُلي پوندي آهي. ڀٽائيءَ جي سُر سامونڊي ۾ جيئن وڻجارن لئه ونيون سڪنديون آهن. ائين هن مُند ۾ جيجلون پنهنجي نياڻين لئه آتيون هونديون آهن. ديس ۾ پرڻايل ڌيئرن کي ته هو ڪوٺي وٺنديون آهن يا پيرون ڪوڪَڙ يا گُڙ موڪلي به ڏينديون آهن. پر اُهي اُڀاڳيون مائرون اڪثر انهن ڏينهن ۾ جيئري مئل مثل هونديون آهن. جن جون ڌيئرون قديمي روايتن جي ڪارڻ پرديس ۾ پرڻايل هونديون آهن. اُهي اُداس جيجلون ٻين کي پيرون چونڊڻ ويندو ڏسي بي اختيار چئي ڏينديون آهن؛

    ٻيجين ڪو سهيلڙين پيلُوڙا چُنڊين، مانجي وِلاتڻ وسي ڏُور،
    ڍيٻـڪا ڍوڙي وِلــکي وطن سارون، مانجي ماڻينگر مجبور.

    (ٻيون سڀ سرتيون پيرون چونڊڻ وڃن پيون، مُنهنجي پرديسڻ پري آهي، هُوءَ لُڙڪ لاڙي وطن لئه واجهائيندي هوندي، روئيندي هوندي، مُنهنجي پَدمڻي ڌيءَ مجبور آهي).
    پيروئن جا مختلف قسم هوندا آهن؛ راتڪا (ڳاڙها)، آڇڪا (سفيد)، سيڙڪا (ڪَيلا)، ٻاندڙ يا ڦيسڙ وغيره ٿر ۾ گهڻي ڀاڱي راتڪا پيرون ٿيندا آهن. آڇڪا ۽ سيڙڪا گهٽ ٿيندا آهن. باقي ٻاندڙ يا ڦيسڙ انهن کي چئبو آهي، جيڪي چونڊڻ ۾ آسان نه هوندا، مطلب ته ٿورو زور آيو ته ڦسي پوندا. پيرون چونڊڻ ٿر جي هڪ ثقافت آهي. صدين کان اها ثقافت هلندي اچي. پيرون کائڻ سان ماڻهوءَ کي بک به ناهي لڳندي. پيروئن ۾ ڪا خاص توانائي آهي. جنهن تي سائنسي تحقيق جي ضرورت آهي. پيرون جيترا کائڻ ۾ مٺا هوندا آهن اوترا اهي گرم به آهن. گهڻا کائڻ سان معدي ۾ سخت تڪليف ٿيندي آهي. پيرون ته مرد به چونڊيندا آهن پر خاص ڪري ٿري عورتون وڏي ڪوڏ مان اهي چونڊنديون آهن.
    پيرون چونڊڻ بابت راويت آهي ته اڳئين زماني ۾ هڪ ٿاريلي پيرون چونڊڻ ويئي، جيڪا پنهنجو ننڍڙو ٻالڪ ساڻ کڻي سيم ڏي ويئي، ٻارڙي کي ڄار جي ٽار ۾ چُنيءَ جو جهولو ٺاهي سمهاريائين ۽ پاڻ پيرون چونڊڻ لڳي. پيروئن سان ٽوٻڪا ته ڀري ورتائين، پر ڇيگ رهجي ويئي. ٻارڙي کي لُڪ ۽ لُوءِ جي ڪري ڏاڍي اُڃ لڳي هُئي. ٻارڙي دانهون ڪيون، پر سندس ماءُ آڇڪن جي ڇيگ ڏيڻ لئه آڇڪي ڄار تي چڙهي ويئي، پويان ٿڃ پياڪ ٻارڙي جو دم صحرائن ۾ پرواز ڪري ويو، واپس اچي ڏٺائين تڏهن بي اختيار روئيندي چئي ڏنائين؛
    راتڪي ڀريا ٽوٻڪا، آڇڪي ڏني ڇِيگ،
    ماءِ مـري مهيريي ري، مهيريو گيو ڏور.
    (ڳاڙهن پيروئن سان ٽٻڪا ڀريا ۽ سفيدن جي ڇيگ ڏني، ايتري دير ۾ آئون مران، مهريا (ٻالڪ جو نالو ) ڏوُر هليو ويو).
    ٿر ۾ پيرون چونڊي مٿان آڇڪن پيروئن جي ڇيگ ڏيڻ واري معصوم حسرت اڄ به مروج آهي. ڪٿي ڪٿي ڪنهن سيم ۾ آڇڪي ڄار نه هوندي ته رُلي رُلي به ڇيگ ضرورڏيندا آهن. ڳاڙهن ۽ سفيدن کا وڌيڪ سوادي ۽ مِٺا سيڙڪا (ڪيلا) پيرون هوندا آهن. اُنهن پيروئن جي چس ۽ ليار پيروئن جي لالائي جا واقف اهي وطن واسي ئي آهن جن لئه ڀٽائي چيو آهي ته؛

    مٿن ٽُٻڪ ٽُٻڪڙا، چِڪندڙا اچن،
    کُڙيون کيهه ڀُڪليون، پگهر سِر پيرن،
    اي وَڙ ويڙهيچن، مُون لوڏان ئي لکيا.

    ٽُٻڪا، ميٽ ۽ ڪاغذن کي پُسائي پوءِ ڪنهن گولائي ٿانو جي پُٺ تي ٿڦي اُس ۾ ٺاهيندا آهن. کارا، ڪانين مان ٺهيل هوندا آهن. اڄڪلهه نه ٽُٻڪا رهيا آهن، نه ئي وري کارا پر پيروئن سان پريتت اڄ به ساڳي آهي، پيرون چونڊڻ وقت لوٽو يا گلاس چيلهه تي ٻڌي ان ۾ چونڊيندا آهن.
    پيروئن جي رس مان ڳُڙ به ڪڍندا آهن. تازن پيروئن کي مٽي جي ماٽي يا جست جي لوٽي ۾ وجهي پروندي (سڃي) پوءِ جهيرڻي (منڌي) سان جهُڳندا (ولوڙيندا) آهن. اهو ايستائين جيستائين پيروئن مان ڪڪڙيون (ٻج) ڌار ٿي وڃن. پوءِ ان جي رس کي ڪپڙڇاڻو ڪري اُن ۾ آهريو، سئونف ۽ ڦوٽا وجهي چُلهه تي چاڙهي پچائيندا آهن. ڌيمي باهه تي رکي لڳاتار ڏوهيلو ڦيريندا/هلائيندا آهن. گهڻي دير باهه تي رڌڻ ڪري رس گهاٽي ماکي جهڙو ٿي پوندو آهي، جنهن مان ڳُڙ ٺاهيو ويندو آهي. پيروئن جو ڳڙ تقريباَ ڏهه ڏينهن بنا فرج جي خراب ناهي ٿيندو. ٿاريلا سيڻن کي سوکڙي طور به ڳُڙ موڪليندا آهن.
    ان کانسواءِ ڪوڪڙ به پيروئن جي ڪندا آهن. جيڪا ڏٿ ۾ شمار ٿئي ٿي، پيروئن کي اُس ۾ سُڪائيندا آهن. جڏهن اهي اڌ سُڪا ٿيندا آهن. تڏهن اهي کارن ۾ وجهي رکندا آهن انهي کي ڪوڪڙ چوندا آهن. ڪوڪڙ به سيڻن کي ڀيٽا طور موڪليندا آهن. ڏُڪاريل ڏيهه ۾ ڪجهه ڏينهن لئه صحيح، پر مُرڪون مُوٽي ضرور آيون آهن. هر طرف گهُو گهُو گهو پارڪر جانءَ پيلون کان وارا ورد گونجن ٿا. سڱرين جي ڀاڄي ۽ پيروئن جو ڳڙ ٿاريلي زندگي ۾ عياشي آهي. پر پيروئن کان پڇلي جو اونو اڄ به جيءَ کي جهوٻو ڏئي ٿو..!!
    پيرون چونڊيندي ٿاريليون پنهنجن ڀتارن کي پل به ناهن وسارينديون. وسارينديون ته اُنهن ساڏوهين کي به ناهن جن جي ڏنگن ڏارن تي چڙهندي انهن جي جواني پلر جيان پالوٽون کائيندي آهي.

    تن ساڏوهين سڌ مران، ڏنگا جنين ڏار،
    ڀيڙي ساڻ ڀتار، آئون پائر پيرون چونڊيان.
    (شاهه)


    سياڙي سورٺ ڀلي...!

    سيارو پنهنجي پور جوڀن ۾ آهي. اُتر لڳي رهيو آهي، ڪنوارين جواڻين جي جوار ڀاٽا اٿلي پئي آهي، پيار پروان چڙهڻ واري هي پياري مند پنهنجيون هڙئي حسناڪيون ساڻ ڪري سنڌ وطن جي سيني تي به لٿي آهي. سياري رت ۾ ڀلي سڄو جهان دلفريب ديد پيش ڪندو هجي پر منهنجي سنڌ جي ڳالهه ئي نرالي آهي، سنڌ جيڪا هر مند ۾ نينٻوجهر جي سڳند لڳندي آهي، اها هن هڏ ٺار مند ۾ به بنهه حسين لڳندي آهي. انهي ڳالهه جي گواهي ڪجهه هن ريت آهي ته
    سياڙي سورٺ ڀلي، اونهاڙي گجرات،
    وسڪاري واگڙ ڀلو ،ڪڇڙو تو ٻارهوئي ماس.
    ڪنهن امر ڪوي جي ڪٿيل هن دلربا دوهي ۾ سورٺ منهنجي سنڌ کي چيو ويو آهي. سنڌ، جنهن جون مڙئي مندون محبوب جي ماڻي ۽ سر راڻي جهڙيون آهن پر سياري جي سرد رت جي روحاني راحت پنهنجو مٽ پاڻ آهي، انهي ڪري ئي ته هر سال سياري مند ۾ الائي ڪٿي ڪٿي جا سيلاني سنڌڙي جي سفر تي اسهندا آهن، انهن ۾ قابل ذڪر اهي ڪابلي ۽ قنڌاري پٺاڻ به آهن جن سدائين سنڌ جي ڏٻري ڏيل کي اڏوهي جيان کاڌو آهي. پر پوءِ به سنڌ پنهنجي مهمانوازي جو مان رکندي انهن تي ذرو به سيڪ اچڻ نه ڏنو آهي.
    ماٺيڻي محبوب جي ٿڌي مجاز جهڙي ٿڌڙي مند سياري ۾ ڏيهان ڏور پکين جا ٽولا به ڪهي ايندا آهن. آڙيون، لاکي ڄاڃي، چيکلا ۽ هاڙيون هن مند ۾ نه رڳو ڪينجهر ۽ منڇر جا مهمان ٿيندا آهن. پر اهي سامروٽي جي سنن جا به سيلاني ٿيندا آهن. سنڌ جي پوڃاڙي پٽن ۾ آباد علائقو ٿر، جنهن جو هڪ انتهائي حسين ٽڪرو سامروٽي آهي، سامروٽي جنهن کي شيخ اياز جهڙي امر ڪوي به پنهنجي ڪوتا ڪاڪ جي ڦلواڙي ۾ روپيو آهي!
    سامروٽي جي خوشنصيبي چئجي يا بدنصيبي پر ان جي سيني تي ڪيئي سن آهن. جيڪي جاگير ٻنين جي ڪلراٺي ٿيڻ کانپوءِ وجود ۾ آيا آهن. جن جو جل ته سمنڊ جي جل وانگي کارو آهي پر ان مان لوڻ جهڙو ناياب وکر به ملي ٿو. انهن سنن ۾ هينئر ڪيئي پرڏيهي پکي اسان جا آديسي ٿي لٿا آهن. سارڻ جي مشهور سن کان وٺي لاڏڪي ۽ لاڪوڙي جي سهڻن سنن تائين سڀئي پرديسي پکين سان پُر ٿي ويا آهن. سنجها ويلي پکين جا پاڻي تي ٽلورا ايڏا ته ماحول کي سندر بڻائين ٿا جو ڇا ڳالهه ڪجي؟ حسين منظر ڏسي اکين جا ٿڪ ئي لهيو وڃن ٿا.
    اهڙن پرديسي پکين جي آجيان لاءِ ٿر جي معصوم نياڻين پنهنجا نيڻ وڇايا، ڪنهن سنياسي جي دل جهڙن درويش صفت ٿاريلن همرچا ۽ ڪجليا ڳائي انهن جو آدرستڪار ڪيو. ساڃاهه وند شاعرن پکين جي آمد تي ٻاٻيهن جهڙا ٻول سرجيا پر قهري قاتلن انهن تي به بندوقون تاڻي ڇڏيون. انهن ظالم آهيڙين جي آنڊن ۾ وٽ به نه ٿا پون، جن معصوم پرڏيهي گگدامن سان وڏا ويل ڪيا آهن. شڪارين جا ائين ئي ستم جاري رهيا ته هڪ ڏينهن اسان جي سورٺ سياري مند ۾ وديسي پنڇين جي پيار کان محروم ٿي ويندي، باقي رڳو بچندا عرب سڳورا جيڪي سنڌ ماءُ جي سيني تي خيما کوڙي هر مند ۾ مڱ ڏريندا آهن. ان ڪري ان گنڀير مسئلي تي سرڪار کي سوچڻ کپي، نه رڳو سوچي پر ترت اهڙا قدم کڻي جيڪي سنڌ ۾ پرڏيهي پکين جي حق ۾ هجن ۽ هر سال سنڌ ۾ پکي اڳي وانگر ايندا رهن.
    سياري مند ۾ سنڌ ۾ نه رڳو مينهن ماماڻن جهڙا نوان نينهن جڙندا آهن پر سوجهاڪي تائين اوجاڳا ڏسي ڪچهريون ڪيون وينديون آهن. مچ ڪچهرين ۾ لاهوري گجر وڏي شوق سان کاڌا ويندا آهن. ڳجهارتون، ڳوڙها ۽ ڏٺ، پروليون، پهاڪا، محفلن کي وڏو مانائتو ۽ شانائتو بڻائيندا آهن. سياري مند ۾ سنڌ ۾ قسمين قسمين نيون ڀاڄيون لهنديون آهن. جيڪي صحت لاءِ تمام فائديمند هونديون آهن.
    سياري مند ۾ سنڌ ماءُ جي سيني ٽوڙ ياد ته انهن جلاوطن جندڙين جا جيءَ جهوريندي آهي جن کي ورهاڱي وقت ڌرتي کان ڌڪاريو ويو هو، موهن ڪلپنا جي آتم ڪٿا کان وٺي وينا شرنگي جي آواز جي لهرن تائين سڀني ۾ سنڌ جي سڪ ۽ ڇڪ ڪيڏي نه اڪنڊيل نظر اچي ٿي. سريچند جهڙا سوين سنڌ واسي هن مند ۾ سورٺ لاءِ سڪندي نيڻن نير هاريندا آهن ۽ روح مان رڙ نڪري پوندي آهي، بقول ايوب کوسي جي ته؛
    ڊسمبر تو بنان ڪهڙو.


    قديم سنڌ جو روشنين وارو شهر ڏيپلو

    رڻ ڀومي ۾ هارايل ڪنهن بدنصيب راجا جي نگريءَ جهڙو ڏيک ڏيندڙ هي ڀاڳِ ڀري ڀومي ڪنهن سمي ۾ سنڌ جو پئرس هئي! هن شهر جي موج تڏهن اوج تي هئي جڏهن ٿاريلين دلين جهڙين ڪشاده ڳلين ۾ پڪن سِرن سان ٺهيل روڊن جي پاسن تي گاسليٽي فانوس ڪنهن گُجر جي گج تي چمڪندڙ ڪاون جئين جرڪندا هئا. تڏهن انهن ويڪرن رستن تي پسار ڪندڙ پدمڻيون نڀ جي نولک نيڻن سان نيڻ ملائيندي راتين جي مسافر چنڊ کي پنهنجو ساکي سمجهي، پريتم سان وفا جا وچن ڪنديون هيون. انهن سونهن راڻين جي پيرن جا پدم چمي سِرن ۾ به ساهه اچي ويندو هو. رات جي سانت ۾ اُڏامندڙ ٽهڪن جا پنڇي عجيب سرگوشيون ڪندي ڏيپي ميگهواڙ جي آتما کي صدين جو سنتوش ارپيندا هئا.
    هريجن ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ ڏيپي ميگهواڙ جو وسايل هي سريلو شهر تمام قديم آهي. آڳاٽي زماني ۾ به ثقافت ۽ تهذيب يافته رهيو آهي. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ واريون عمارتون اڄ به ان ڳالهه جون گواهه آهن ته هن شهر جي هنرمند هٿن وٽ آڳاٽي زماني ۾ به اڏاوتن جو عاليشان آرٽ موجود هو. اهي عمارتون توڙي جو هاڻي زبون حالي جي زد ۾ اچي ويون آهن پر پوءِ به پنهنجي قديم حسناڪي سبب اڄ به سونهن جي شوقين نگاهن جو مرڪز بڻيل آهن. خاص ڪري شهر جي مرڪز ۾ موجود قلعي نما پوليس ٿاڻي واري عمارت! هن شهر کي هند ۽ پاڪ بلون ۾ به ايترو جوکو نه رسيو هو جيترو ميمڻن جي منهن موڙڻ کانپوءِ رسيو آهي. هن شهر کي تڏهن ميمڻن عروج تي پهچايو جڏهن سرو ڇڏي هن ۾ اچي رهيا. ڏيپلي جي اولهه ڏکڻ ۾ تقريبن 8 ڪوهه پري آباد سرو شهر هو. جنهن کي ڪڇ جي جاڙيجا ڌاڙيلن ڏينهن ڌونئري جو ٻه ڀيرا لٽيو، تڏهن ميمڻ عدم تحفظ جو شڪار ٿي ڏيپلي ۾ اچي آباد ٿيا ۽ ڏيپلي ٻانهون هار ڪري ڀليڪار ڪندي کين جيءَ ۾ جايون ڏنيون. اڄ به سرائي ميمڻ ڪجهه حيدرآباد ۾ رهن پيا. ميمڻ پڙهيا لکيا هئا. واپار جا ماهر هئا ۽ جڏهن انهن جو اوج آيو تڏهن انهن وڃي حيدرآباد جا وڻ وسايا ۽ ڏيپلو وري به لاوارثي جي لڪير هيٺ اچي ويو. هي شهر درويشن، درگاهن ۽ مندرن جي ڪري به مشهور آهي. پاڪستان ٽپال جهڙي ايماندار کاتي واري آفيس جي اولهه ۾ نمن جي گهاٽي ڇانوري هيٺ ابدي ننڊ ستل غلام شاهه غازي جي درگاهه جي اولهه ۾ قديم عيدگاهه آهي. جيڪو ڪنهن حسين پارڪ جو ڏيک ڏي ٿو. ان جي ڀر ۾ مولا علي رح جو الم کُتل آهي. جتي سنجها ويلي لگا دم مِٽي غم وارا دور به هلن ٿا، غلام شاهه غازي جي درگاهه جي ٿورو اڳيان اُتر اوڀر ۾ پير پڇمائي جو مندر آهي جنهن ۾ اڄ به هر شام ويلي پٺيا ۽ پولڪا پاتل پوڄارڻيون پنهنجون پيشانيون گسائي ايشور جي عبادت ڪنديون آهن. هن مندر جي عاليشان عمارت تي اڪريل ڪاشيءَ جو ڪم ڏيئن جي سُهائي تي ديومالائي سُونهن جهڙو درشن ڪرائيندو آهي ۽ مندر ۾ وڄندڙ جهونو گهنڊ ۽ ڀٽائي جي تنبوري جي تند من کي ويراڳي واٽ جو مسافر بڻائي ٿي.
    ڏيپلي جي ڏياوان ڀومي سنڌ ۽ سنڌي ادب کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي. 13 جون 1908ع تي حبيب الله ميمڻ جي گهر ۾ اک کوليندڙ سوين ڪتابن جي خالق محمد عثمان ڏيپلائي کان وٺي سُرن جي سودائي مصري ڏيپلائي تائين سڀئي اهڙا اُملهه ڪردار هئا جن ساري عمر سنڌ لئه پاڻ پتوڙيو ۽ پونئين نسلن لئه اهڙا اڻ مٽ نشان ڇڏيا آهن. جن جا دڳ وٺي ماڻهو ديش ڀڳتي واري من ڀاونا کي پراپت ڪري سگهي ٿو.
    ٿر جي کاهوڙي اديب مشتاق احمد مٺواڻي کان وٺي سگهڙ پائي وارا سڀئي گڻ سيني ۾ سانڍيندڙ محمد صديق شريفاڻي تائين سڀئي ڪردار هن شهر جي ملهائتي مٽي مان اپنيا هئا.
    مشتاق احمد مٺواڻي پنهنجي ڪتاب ڀٽن اڀريو سج ۾ محمد صديق شريفاڻي جي باري ۾ لکي ٿو ته؛ ماما ٻڪرين سان ڳالهيون ڪندو هو، ٻڪريون به پنهنجي دل جا آروگ ماما سان ڪنديون هيون. رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورهيه ٿيا ماما صديق ۽ ٻڪرين جو پيار ڏسي سوچڻ لڳس ته جنهن اهو پهاڪو ٺاهيو تنهن ماما صديق ڪو نه ڏٺو هو نه ته هيءَ پهاڪو نه ٺاهي ها.
    سنڌي ادب جو محقق ۽ اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 1958ع ۾ جڏهن لوڪ ادب کي سهيڙڻ لئه ٿر ڏي اسهيو هو تڏهن هن گوڏير سان به گفتگو ڪئي هيائين محمد صديق شريفاڻي ٽپاين، چوپاين، ڳوڙهن ڏٺن ۽ پرولين جا ٿان کولي ڊاڪٽر صاحب کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو. هارون هار لنگهي کان وٺي محمد صالح ڪلر جهڙا سيبتا شاعر به ڏيپلي جي ڌرتي جو گُڻ آهن. ميگهه ونس مالها جي مالڪ ۽ خالق سومجي مل ڌاراڻي کان وٺي ثريا سوز ڏيپلائي تائين بهترين اديب به ڏيپلي شهر ڏنا.
    ڊاڪٽر سڄڻ ميمڻ به ڏيپلي جو نَڪ هُيو، جيڪو غريبن جا علاج مفت ۾ ڪندو هو، اُن جي باري ۾ هڪ ڳالهه مشهور آهي ته هُو نڪاح ۾ ويٺو هو ۽ ڪو مريض سڏ ڪرڻ آيو ۽ هُو نڪاح اڌ ۾ ڇڏي. موڙي ٻڌو مريض جو علاج ڪرڻ ويو.
    دنيا جي عظيم مصورن، پال گوگين ۽ وان گوگ کي حيرت ۾ وجهي ڇڏڻ جهڙا فن پارا سرجيندڙ احمد کٽي به ڏيپلي جي مٽيءَ مُٺ آهي. جنهن پنهنجن نيرولي هٿن سان سڄو قران شريف تمام خوبصروت هٿ اکرن ۾ لکيو آهي.
    ڪنهن به ٽيسٽ کانسواءِ مريضن جي چهرن جا ڪتاب پڙهي دل جا وال فيل ٿيڻ کان وٺي ايڊز جهڙين انيڪ بيمارين کي پرکڻ وارو عظيم معالج ڊاڪٽر حاجي شفيع محمد ميمڻ به هن شهر جو سپوٽ فرزند آهي. جيڪو اولاد جي اڻهوند جي باوجود به مُنهن تي مرڪ سجائي اڄ به انيڪ مريضن جا مفت ۾ علاج ڪري ٿو.
    تعلقي هيڊ ڪوارٽر واري حيثيت رکندڙ هن شهر ۾ هڪ بوائز ڊگري ڪاليج آهي. هڪ بوائيز هاءِ اسڪول آهي ڇوڪرين جو هاءِ اسڪول ته آهي پر گرلس ڪاليج ناهي. ڇوڪرين لاءِ هنري سکيا سينٽر به آهي. هڪ پراڻو مسافر خانو آهي جنهن جي حالت آفريڪا جي جهنگلن جهڙي آهي. جنهن ۾ صفائي چنڊا چنڊ ئي ٿيندي آهي. ان کانسواءِ انساني صحت جي سهولت لئه هڪ تعلقي هيڊ ڪوارٽر اسپتال به آهي. جتي صحت جي سهولت ته ناياب آهي پر سورن جي هر سهوليت موجود آهي. مثال طور ڊاڪٽرن جو تقريبن غائب هجڻ، دوائون اڻلڀ، پاڻي جي ڪلت، جنريٽر جو صرف فائلن ۾ هلڻ وغيره. اڄ به مريض داخل ٿيڻ لئه 05 روپئي واري فائيل پاڻ وٺي ويندا آهن. ڪروڙين روپين جي بجيٽ الئه ڪيڏانهن غائب ٿي ويندي آهي. تعلقي ميونسپالٽي ۾ به وڏا گهوٽالا ٿيا، ڪروڙن جي ڪرپشن ڪندڙ ڪلارڪ سياسي سرد جنگ جو فائدو وٺي عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي باعزت بري ٿي ويو.
    ڏيپلي ۾ تفريح جي لاءِ هڪ خوبصروت پارڪ آهي جنهن جو نالو حاميد پارڪ آهي. ان کانسواءِ شهر جي ڏکڻ ۾ سفيد ريٽن وارين ڀٽن جو سلسلو آهي جتي سنجها ويلي ڪيئي جوڙا پسار ڪن ٿا. هن شهر ۾ الله وارو چوڪ به آهي. تعليم جي اڃ اجهائڻ لئه هڪ لائبريري به آهي. جيڪا سرڪاري آهي. هي شهر اڄ به مٺي پاڻي لاءِ واجهائي رهيو آهي. پاڻي واري اڃ الئه ڪڏهن اجهندي؟ جڏهن ته هن شهر مان چونڊيل سياستدان سنڌ جو وزيراعليٰ به ٿي رهيو هو!
    جئين هر شهر جي ڪا نه ڪا شيءَ مشهور هوندي آهي ائين ڏيپلي جي خوراڪ مٺائي مشهور آهي. جيڪا نج ديسي گيهه مان ٺهندي آهي ڏاڍي سواد واري آهي.
    هِن شهر جو اوج ميمڻن سان هو. ميمڻ هوندا هئا تڏهن وڻج واپار هوندو هو، تقريبن وکر وارا سڀئي هٽ ميمڻن جا هوندا هئا. ڪاڪو غلام محمد ميمڻ اڄ به اهو مائٽاڻو ڌنڌو ڪري پيو، توڙي جو هن کي هاڻي ڪنهن به شيءَ جي پرواهه ناهي. سندس پُٽ نيشنل بئنڪ جو مينيجر آهي پر پوءِ به هو مائٽاڻو ليڪو وٺي نه رڳو روايت برقرار رکي ٿو پر پنهنجي اباڻي ڏيهه ڏيپلي سان به اٽوٽ ٻنڌڻ هئڻ جو جيئرو جاڳندو مثال ڏي ٿو. ماڻهن جو ميمڻن تي ويساهه هوندي هو/آهي، ميمڻ به ٿر جي ماڻهن کي وڏو مان ڏيندا هئا. سهپ ۽ رواداري ته ڪو ڏيپلائي ميمڻن کان سکي! ڪو به متڀيد نه هوندو هو انهن وٽ.
    هل ڀل! ڏيپلي جا به ڪي ڏينهن هئا! ٻهراڙي جا ماڻهو ڪي پيادا ته ڪي اٺن تي پاکڙا وجهي، گاسيا ڪري وکر وٺڻ ايندا هئا. کڙيا ڪلهن تي، بغل ۾ سانداري، مٿي تي مولهيا ٻڌل پيرن ۾ چتين واريون چاکڙيون پائيندڙ ويچارا سوداگر، ميمڻ سيٺن جي هٽڙين ٻاهران سيمينٽ جي دڪن تي ويهي ڪانبون ڪڍي ڪچهريون ڪندا هئا. نه ڪنهن جي گلا، نه برائي، ڳالهيون هونديون هيون وکر جون. وڻج واپار جون، ماکي ۽ مکڻ جون، مينهن وسڻ جون ۽ مال جا پار پتا ۽ وڙولون وغيره. اٺن ۽ گهوڙن جي پنڌن جا پارکو رڳو پيار ڏيندا هئا ڏيپلي جي شهر کي! ميمڻ سيٺ پنهنجن گراهڪن کي گهر جا ڀاتي سمجهندا هئا. چانهه گهران ڪاڙهائي، کيرپتي پياريندا هئا. تڏهن انهن گُگدام گراهڪن کي سمجهو سيٺ مرچن ۾ سِرن جو اٽو ملائي ڪو نه ڏيندا هئا ۽ نه ئي وري چُني ۾ ڪاٺ جو ٻورو، هر شيءَ ايمانداري سان نج ڏيندا هئا. هاڻي نه اِهي گراهڪ رهيا نه ئي سيٺ، ميمڻ ويا ته انهن جا مُجيجي به ويا! قديم سنڌ جو روشنين وارو شهر هاڻي گهور اونداهي جي لپيٽ ۾ آهي. بجلي جا بلب ته کڙکٻيتي واري اک ٻوٽ سان ٻرن ٿا پر علم، ادب، پيار، محبت، سهپ ۽ رواداري وارا سدا سُهانا فانوس ميمڻن سان گڏ موڪلائي ويا! انهن جي جدائي جي جِهوريءَ ۾ ڏيپي ميگهواڙ جو روح ۽ مير ٺارو خان جو مسمار ٿي ويل قلعو اڄ به سُڏڪي ٿو...!!


    پاڻهيارين جا پنڌ

    آرهڙ جي سورج ڪرڻن جي تيج سان تپندڙ صحرا ٿر ۽ راجسٿان جي ريٽن تي رين بسيرا ڪندڙ مومي ماروئڙن لاءِ پيئڻ جو پاڻي اڄ به درد ڪهاڻي بڻيل آهي. توڙي جو اڄڪلهه جي هن جديد دنيا ۾ جديد سهوليتون موجود آهن پر هن صحرائي سرزمين تي سهوليتن جي اڻهوند اڄ به جيئن جو تيئن موجود آهي.
    جياپي جي جنگ جوٽڻ ۽ حياتي کي حرارت بخشڻ لئه جل ته اول گهرجي، پر ان جو پورائو صحرائن ۾ ڪيئن ڪجي؟ جيءَ کي جنجهوڙيندڙ هن سوال جو جواب صرف وارياسا وجود ئي ڏيئي سگهن ٿا. جيڪي هن ڀيانڪر معاملي کي مقدر سمجهي صدين کان ڀوڳيندا اچن پيا. سرير جي پڃري ۾ پراڻ پکيئڙن کي جيارڻ لئه هن بر ۾ جر جو پاڻي ئي وڏي وٿ آهي. جنهن کي حاصل ڪرڻ لئه هڙان توڙي وڙان وڏا حيلا ۽ حربا هلايا وڃن ٿا. اُهي سڀئي سور، ڪرب ۽ ڪشالا خاص ڪري ٿر جي عورت ئي ڀوڳي ٿي. عورت جنهن کي هن سماج ۾ سدائين مرد جي ماتحت سمجهيو ويو آهي.
    پنهنجي مجازي خُدا مرد جي اڳيان هميشه هارايل اڀاڳي عورت لاءِ هر هنڌ سورن جو سامان مڪمل موجود هوندو آهي، پر ٿاريلي عورت جي قسمت ۾ سُور مڙوئي سرس سمايل آهن. مُٺ مُٺ سورن سڀ ڪنهن، مون وٽ وٿاڻان وانگي ٿر ۽ بر جي عورت بنهه گهڻو ڀوڳي ٿي. هوءَ نه رڳو پاڻيءَ لئه پنهنجا پير پٿون ڪري ٿي، پر زندگي جي هر ڪٺن ڪم ۾ مرد جو هٿ ونڊائي ٿي. اهڙي وفا جي مورتي ٿاريلي جڏهن مٿي تي رنگين سينڍوڻي رکي گهاگهر ۽ گهڙولي سان ساٺيڪن ڏي سنڀري ٿي، تڏهن هن کي پاڻياري ۽ پڻيار جهڙن پيار ڀرين لفظن/ لقبن سان پُڪاريو وڃي ٿو. سردي هجي يا گرمي، هر موسم ۾ پاڻيءَ جي پورائي لئه پاڻياري ڪٿي به ٿڪ ناهي ڀڃندي! هُوءَ انهي حاصلات لئه هماليه پربت سان هٿ ملائيندڙ ڀورين ڀٽن جي ڀاڪرن ۾ ڀٽڪندي پنهنجي نصيب سان نڀائي ٿي. ٻانڌڻين ٻٽن سان سدا سونهندڙ ٿاريلي پيرين اُڀراڻي پنڌ ڪندي مٿي تي ٻيهلڙا ۽ ڪڇ ۾ ڪهلڙا ٻار کڻي به حياتي ۾ هار نٿي مڃي، مقدر جي ماريل ٿاريلي پڻيار ٿر جي لڪن، لينجهن، ڏهرن ۽ تڙڪولن ۾ تڙ تڙ تي پيئڻ جي پاڻي لئه پير گسائي ٿي.
    عاج جي اڇي چُوڙي ۾ چمڪندڙ چوڙيلي جو چت سدا سانوڻي مُند جي مينهن ۾ هوندو آهي. پلر جي ترشنا ۾ پورو سال سِڪندڙ پڻيار کي پنڌ ۾ اهي ئي پُور پوندا آهن ته من مينهن وسي ۽ سُور سنڌا ڪيو هليا وڃن. انهي اُداس پاڻياري جي قلب جي طلب ۽ تنوار تي ڍاٽڪي رس ۾ ڪيئي لوڪ ڪوتاتون چيل آهن، جن ۾ صدين جا سُور بيان ٿيل آهن.
    اُڀراڻي پڳي هون هلان تي هون جيجل پڳي ٻڙان تي،
    تپيوڙان ريٽان مٿي هون پاڻي سارو رُلان تي،
    آئو بيگو ميهولا! مَني ٿانري رُت لاگي پياري،
    هون چلي پاڻي نان پڻياري....
    گينور جيسي چال نياري.....
    (اي جيجل! آئون بنا جُتي جي هلي رهي آهيان، ريت ڏاڍو تپيل آهي، منهنجا پير سڙن ٿا، اي مينهن! جلدي اچ تُنهنجي مُند مونکي ڏاڍي وڻي ٿي. آئون پاڻياري پاڻي ڀرڻ وڃان ٿي. منهنجي هلڻي هاٿي وانگي نياري آهي).
    ڇيلڪڙي جي مڌم سرگم تي گينور چال چلندڙ پاڻياري جوڀن اوسٿا ۾جڏهن مٿي تي هيل کڻي کينچل ڪندي کوهه ڏانهن ويندي آهي، تڏهن سموري سيم سدا ملوڪ لڳندي آهي. وطن جو وڻ وڻ سدا بهار مهڪار سان واسجي ويندو آهي. پاڻيءَ تي جيئن پکي سونهندا آهن. ائين ئي ٻانهياريءَ جي مٿي تي ٻيلهڙا، بقول شاهه ڪريم رحه جي ته؛
    ٻانهياري سر ٻيهلڙو، جَرَ تي پکي جيئن،
    اسان سڄڻ تئين، رهيو آهي روح ۾.
    سامروٽي جي سُونهن ٻانهياري ڀٽ به هڪ پڻيار جي پنڌ واري ڪربناڪ قصي سان منسلڪ آهي. روايت آهي ته آڳاٽي زماني ۾ هڪ گرڀوتي پاڻياري هُئي جنهن سان پنهنجي ڏير شرط رکيو ته ”هيل کڻي هڪڙي ساهي ۾ هن جبل جيڏي ڀٽ جي چوٽي تي چڙهي ڏيکار، ته عاج جي ٻانهن وٺي ڏيان“ (عاج جو چوڙو هاٿي جي ڏند مان ٺهندو آهي). ڏير جي انهيءَ شرط کي پورو ڪرڻ لئه هٺيلي ڀاڄائي هڪڙي ساهي ۾ ٻيهلڙو کڻي ڀٽ تي چڙهڻ لڳي ۽ جڏهن چوٽيءَ تي پُڳي (پهتي) تڏهن دم پرواز ڪري ويس. ٿاريلي پڻيار پراڻ ڏيئي به پرڻ (وچن) پورو ڪيو ۽ شرط کٽي ورتو. پوءِ ڏُکايل ڏير پنهنجي پياري ڀاڄائي جي قبر به اُتي ڀِٽ جي چوٽي تي ٺهرائي ۽ عاج جي ٻانهن (چُوڙو) وٺي اُتي ڀٽ تي ٽوڙي ٽُڪرا ٽُڪرا ڪئي، جنهن جا آثار اڄ به موجود آهن.
    هيءَ ڀٽ تعلقي ڏيپلي جي ڏکڻ اولهه ۾ واقع آريا ڳڀڻ جي ويجهو قلندر ڳوٺ وٽ آهي. اهڙي هڪ ٻي به ڀٽ آهي جيڪا مٺي تعلقي جي ڳوٺ عالمسر جي ڏکڻ ۾ واقع آهي، اُن تي به پاڻياريءَ جي قبر ۽ عاج جي چوڙي جا آثار اڄ به موجود آهن. ان ڀٽ کي ڀٽياڻي ڀر چوندا آهن. ڀٽياڻي راجپوت هُئي، جيڪا ڏير سان شرط ۾ کير جي هيل کڻي ڀٽ تي چڙهي ته هانءُ ڦاٽي پيس ۽ دم ڏنائين.
    ساهه ڏيئي ويساهه ڏيندڙ اهڙين انمول پڻيارين جي پيار، پريت، سونهن، سجاوٽ، چال چلت، ناز، ادائن ۽ حجابن کان وٺي پيڙائن، ڀوڳنائن کي وقت جي ڪوين پنهنجين انمول ڪوتائن ۾جيئن جو تئين بيان ڪيو آهي. جديد سنڌي شاعريءَ جي سرتاج شيخ اياز به پاڻياريءَ جي پنڌ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ بيان ڪيو آهي.
    پاڻياري ٽُلڪي
    سينهونءَ تي سَوَ سانگ گهَڙي جا،
    پَلڪ پَلڪ ڇُلڪي،
    پاڻياري ٽُلڪي،
    آلا آلا رنگ چُنيءَ جا،
    انگ پيا اُلڪي،
    پاڻياري ٽُلڪي.
    ڪُنڀر واري ڪار ڪيائن،
    جاڙ ڪئي جهُلڪي،
    پاڻياري ٽُلڪي.
    شيخ اياز جي هن امر وائي ۾ سينڍوڻي تي گهڙي جي سونهن، ذري ذري ڇُلڪڻ ، ڀنل چُنيءَ جا ڀنا ڀنا رنگ ، پاڻياريءَ جو ڌيري ڌيري هلڻ ۽ جاڙ ڪري گهڙي جو جُهلڪڻ؛ اهي سڀئي حُسناڪيون ان ڳالهه جون گواهه آهن ته پاڻياري جي پيڙائن ۾ به سونهن سمايل آهي. انهيءَ سونهن ۽ سجاوٽ کي حياتي جي هار ۾ پوئي پيڙائن جا پنڌ جهاڳندڙ پاڻيارين جي دک ۽ درد ۾ سمورو صحرا سُڏڪندو آهي. پاڻياريءَ جي وک وک ۾ صحرا جا اُداس سُڏڪا سمايل هوندا آهن. اهي سُڏڪا اُهي ڪن ئي ڪنائي سگهندا آهن، جيڪي جنم جنم کان صحرا جا ساٿي هوندا آهن. جن جي روحن جا رشتا ريٽن جي تن ۾ تحليل ٿيل هوندا آهن، جن جا مزاج ميڻ کان به نرم ۽ صحرا کان گرم هوندا آهن!.
    ٿر ۾ پاڻياريءَ واري ريت اڄ به هلندي اچي. نئين نويلي ڪُنوار کي پهرين ريت رسم سان هيل کڻائي ويندي آهي انهيءَ رسم کان اڳ ۾ هُوءَ کوهه تي پاڻي ڀرڻ نه ويندي آهي. ٿري ڪُنوار جي ڏاج ۾ هيل ضروري هوندي آهي. جيڪا اڳ ۾ پتل جي هوندي هُئي. هاڻي مهانگائي جي ڪري اسٽيل مان به ڪم هلايو وڃي ٿو. هيل ۾ ٽي ٿانوَ هوندا آهن: هانڊو، چَروڙي ۽ موريو اِن کي رنگين سينڍوڻي مٿي تي رکرائي. پوءِ اهي ٽئي ٿانو کڻائي، پنج ست ڄڻيون گڏجي گيت ڳائينديون، کوهه تي وينديون آهن، اُتي پاڻي وارو ناريل ڦوڙي ورهائينديون آهن. ائين هيءَ شاندار رسم پوري ٿيندي آهي - ۽ نئين ڪُنوار پاڻيار ٿيندي آهي ـــ ۽ پوءِ اُها پاڻيار لُڪن ۽ جهولن ۾ پنهنجو چاندي جهڙو چم ساڙيندي به پرڻ پورو ڪندي آهي. اهڙي طرح حياءَ ۽ شرم جو مجسمو بڻيل ٿاريلي پڻيار پنهنجو چنڊ چهرو گهٽائن جهڙي گهونگهٽ ۾ لڪائي هلندي آهي - ۽ جڏهن تيز هوائون لڳنديون آهن، تڏهن ٿورڙو آنچل مُک تان پري ٿيندو آهي ته هن کي لڄ ٿيندي آهي.
    اوڍڻو اُڏتو جاوي ماوڙي مني لاج آوي،
    ٽٻ ٽٻ آنسوڙا ڍڙڪين مانرو جيءَ جُهلڪا کاوي،
    ڍوڙي ڍوڙي وِلکان ٻيٺي هُون ڍاٽ ري ڌياري،
    هون چلي پاڻي نان پڻياري.....
    گينور جيسي چال نياري.....
    (اي منهنجي آيل! تيز هوا ۾ مُنهنجي چُني مُنهن تان اُڏري ٿي. مونکي لڄ اچي ٿي. لار ڪري لُڙڪ وهن ٿا، منهنجو جيءَ تڙپي ٿو. دڙي دڙي تي اُداس ورلاپ ڪيان ويٺي. آئون ڍاٽ جي ڌيءَ آهيان. آئون پاڻياري پاڻي کي وڃان ٿي. مُنهنجي هلڻي هاٿي جهڙي آهي).


    سانوڻ ٽيج: هڪ رومانس ڀريو ڏڻ

    چوماسي واري چنچل مُند ۾ سانوڻ جي شروعاتي تاريخن ۾ ٽيج تٿ تي ملهائي ويندڙ ٽيجلڙي ڏاڍو سندر ڏڻ آهي. رتن جڙاءِ رکڙين ۾ روپيل روپونتيون هن ڏڻ تي ڏاڍيون سرهيون هونديون آهن. هي تهوار خاص ڪري عورتن ۾ گهڻو مقبول آهي. هن ڏينهن تي سامروٽي کان وٺي مارواڙ ديش (راجسٿان) تائين مرگهه نيڻن واريون پدمڻيون پيرن ۾ ڇيلڪڙا پائي، ڀنڀن ۾ باک ڀنا رابيل روپي، ٻانهُن ۾ ٻاجُو ٻند جهومائي راسوڙا ۽ لوڪ گيت ڳائينديون آهن.
    ٽيجلڙي جي رنگ منچ وارا سڀئي سُندر رنگ تڏهن نِکرندا آهن جڏهن سانوڻ جو مينهن ڀرپور وسندو آهي. هر هند ساوڪ هوندي آهي. ٽوڀا تار هوندا آهن. سمورو مروڌو ڏيهه ڦولڙن سان ڇانيل هوندو آهي. پلر پالوٽون ڏيئي پدمڻين جا پير چمندو آهي. مور مستيون ڪندا آهن. تڏهن هي سرامڻ جي پهرين ٽيج تمام رومانٽڪ رنگن ۾ رنگجي ويندي آهي. سانوڻي ٽيج وارين سندر رسمن ۾ ڀٽائي جي سر سامونڊي وارو ساءُ به ملي ٿو. هن ڏينهن تي سرتين جي سينن ۾ ساجن جي سڪ جو درياءُ پور چڙهندو آهي. ملن جي جوار ڀاٽا نس نس مان نروار ٿي پوندي آهي. جن جا وَر هن رُت ۾ گهر نه هوندا آهن انهن جي اندر ۾ آند ماند جو طوفان اُٿندو آهي ۽ ور سان ورونهن لاءِ ولکي ورلاپ ڪنديون آهن.
    ٽيج آوي ري سهيليان، جيڏليان رو تهوار،
    جڻ رو والمو گهر نهين، اوئان سين ڪڻ وهنوار.
    (اي سرتيون! ٽيج آئِي آهي، جيڏين جو کيڏڻ وارو تهوار آهي. هن ڏينهن تي جنهن جو ور گهر نه هوندو ان تي ڇا گذرندو آهي).
    ٽيجلڙي جي تهوار تي وڻجارن لاءِ ورلاپ ڪندڙ ونين جو قسم هي ڏڻ لاڙي لهجي جهڙو وڻندڙ آهي. هونئن ته هندو سڀيتا جا سڀئي ڏڻ، تهوار، ۽ پرٻ وڏا آهن، ديپاولي جي اُجالن ديپن کان وٺي هولي جي حُلواڻيل رنگن تائين سڀني ڏڻن جي پنهنجي الڳ الڳ مهانتا آهي پر سڀني کان سُندر سهائي ٽيج وارو پرٻ آهي جنهن تي عورتون خصوصن خوش هونديون آهن. وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائينديون آهن. هن ٽيج جي تهوار کي هريالي ٽيجڙي به چيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته هي چوماسي جي مند ۾ هوندي آهي بارش وسڻ ڪري هرهنڌ ساوڪ يعني هريالي هوندي آهي.
    هن ڏينهن تي ڇوڪريون ٽيجڙي ماتا جو ورت رکنديون آهن. اهڙو ورت جنهن ۾ صرف اَناج ناهن واپرائينديون. سانوڻ جي مهيني کي هندو ڌرم ۾ ورتولن وارو مهينو چيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته سانوڻ ۾ سهائي ٽيج کان وٺي اونداهي اٺم تائين مختلف تِٿن (تاريخن) تي وِرت (روزا) رکيا ويندا آهن. هي مهينو هندو ڌرم ۾ ان ڪري به مهانتا رکي ٿو جو هن ئي مها مهيني ۾ گيتا جهڙو امر اپديش ڏيندڙ ڀڳوان شري ڪرشن جو جنم مُبارڪ ٿيوهو. شري ڪرشن جي جنم شڀ تي جنم اشٽمي ملهايو ويندو آهي جنهن کي ڍاٽڪي ۾ ڪانهوڙو چوندا آهن. ڪانهوڙو سڀني وِرتن جي انت ۾ ملهايو ويندو آهي.
    سانوڻ جي پهرين ٽيج اچڻ سان سرتين ۾ خوشي جي لهر اٿيندي آهي. هي تهوار عورتون خاص ڪري پيڪين گهر ملهائينديون آهن. جيڪڏهن ڪا ڇوڪري ساهرن ۾ هوندي آهي ته ان جا مائٽ هن کي ڪوٺڻ ايندا آهن. جيڪڏهن ڪا ڇوڪري ڪنهن مجبوريءَ سبب مائٽن کان ڪوٺجي نه سگهي ته هن ڏڻ تي ڏوراپا ڏيندي آهي ۽ چوندي آهي بقول مرچو ورتيو جي ته؛
    بيرا منان بيگو تيڙڻ آئي، آوي سرامڻ ري ٽيج ري،
    هون تو جهولان وڙلي، ٻڌوڙي هينڏ ري.
    (اي ڀاءُ! مون کي جلدي وٺي وڃ، سانوڻ جي ٽيج آئي آهي. وڻ ۾ ٻڌل پينگهه ۾ لڏڻ لاءِ مُنهنجو من تڙپي ٿو).
    هي تهوار ٿر ۽ مارواڙ (راجسٿان) ۾ خاص طور تي مشهور آهي. ڍاٽ ۽ مارواڙ جي تهذيب ۽ تمدن لڳ ڀڳ هڪ جهڙي آهي. راسوڙن واري رمڻيڪ ريت کان وٺي ڏانڊيي راند تائين سڀئي سڀيتائون هڪ گريٽر سنڌ جي گواهي ڏين ٿيون. سانوڻي رت جي مڌر ماحول ۾ ملهائي ويندڙ ٽيجڙي جو پس منظر تمام رومينٽڪ هوندو آهي. چوڙيلين جي ميندي رتن هٿن ۾ چوڙين جي جهنڪار، سرتين جا سئو سئو سينگار، پن پاتلين اکين ۾ ڪجل ريک جي ڌار ۽ جوڀن جا کل کيٽا هن تهوار کي تمام خوبصورت بڻايو ڇڏين. چنچل روپي ڇوڪرين جي ڇڙواڳي تڏهن ويتر وڻندي آهي. جڏهن هينڏ (پينگهه) ۾ لڏنديون آهن. نم، ڪنڊي يا ديوي جي وڻ ۾ ٻڌل پينگهه ۾ لڏندڙ پدمڻيون هر لوڏي تي وڻ جي ٽاريءَ کي ڇهڻ جي چٽا ڀيٽي ڪنديون آهن. جنهن کي ساسو جي سونڪڻي چيو ويندو آهي. جڏهن ڪا ساهڙي ٽاريءَ کي ڇهندي آهي تڏهن ٻيون سڀئي سرتيون کِل ۾ ويڙهجي وينديون آهن ۽ هن جا محبت ڀريا رومانوي ڀوڳ ڪنديون آهن. ٽيجلڙي جي تهوار تي هر سرتي جي هِردي ۾ ساجن جي سڪ جو ساگر ڇوليون هڻندو آهي. ڍولي جي ڇڪ اندر ۾ اڃ اُساٽ پيدا ڪندي آهي. جڏهن سڀئي سرتيون آڀي ۾ اُڏامندڙ سرمئي بادلن جهڙا بانورا ويس وڳا پائي . هڪ ٻئي سان هٿڙا ملائي تاڙين جي تڙاپ ۾ راسوڙن تي رقص ڪنديون آهن تڏهن هر جوان وجود جي جيءَ ۾ ڪانڌ سان ڪچهري ڪرڻ واري تمنا ڪارونجهر جئين ڪر کڻندي آهي. نوجواني جي نبور عشق ۾ آرس موڙيندي انگ انگ مان ارگت وهي ويندو آهي. پوءِ ارهه ڏيئي اِيس ڀڄڻ واري من ڀاونا پيئان پيئان ته به نه ڍاپان واري حيرت ڪندڙ حد تي پڄندي آهي.
    سرامڻ را سترنهن ڏينهن، آوي نويلي ٽيج،
    تون برسين پِرديس پيا، مين اوپر بيج.
    (سانوڻ جا سندر ڏينهن سترنهن آهن ۽ هي ٽيج ته نياري آهي اي پريتم! تون پرديس ۾ آهين، مون مٿان کنوڻ تجلا ڏيئي رهي آهي).
    مور تو جهينگور ٻولي مور ٻـولي ون ۾،
    ٽيج رو تو نه آويو ڍولا ڌوڙ ٿانري ڌن ۾.
    (اي ڍوليا! ڌيما ڌيما مڌر مور ٻولي رهيا آهن. بنِ ۾ مورن جا ٽهوڪا آهن. ٽيج جهڙي سندر ڏڻ تي به تون نه آئين پرديس ۾ ڌن ڪمائڻ ويو آهين. پوئتي ڪنڌ به ڪو نه ورايو ته تو سواءِ ٿاريليءَ هن مند ۾ ڪئين ڪٽيندي. ڍولا! تنهنجي اهڙي دولت ۾ شل ڌوڙ پوي!)
    ٽيجلڙي جي هن تهوار تي جيڪڏهن بارش پوندي آهي ته وڻجاريءَ کان ورَ جو وڇوڙو برداشت ناهي ٿيندو ۽ هن جي دل دانهون ڪري چئي ڏيندي آهي ته؛
    گهڻ گاجي ٻيجل، کوي برسي بادل ٻَار،
    ساجن بن لاگي، سکي انگ پريوند انگار.
    (اي سکي! گج گوڙ سان مينهن وسي رهيو آهي. کنوڻ جا تجلا آهن، مينهن ڪڻين ۾ آئون اڪيلي ڀِڄي رهي آهيان. ساجن بنان هي بوندون منهنجن پياسن لنڱن تي ٽانڊن جئين لڳي رهيون آهن. منهنجي ننڊ چتا ۾ جلي رهي آهي).
    ٽيج جي ڏينهن ٽيجڙي ماتا جو روزو رکندڙ ڇوڪريون تراين ۾ گجوا تارينديون آهن. گجوا ڪڻڪ جي سلن کي چيو ويندو آهي. جيڪو ٽيج کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ ۾ مٽي جي ڪونڊي ۾ واري وجهي ان ۾ پوکينديون آهن. پلر جي پالوٽ ۾ تار تلائن جي ڪپرن تي گيتڪاريون گيت ڳائي، گجوا پاڻي تي تارينديون آهن. سامروٽي جي سيمن کان وٺي گڊ امراڻي تائين گيتن جي گونج ۾ دراوڙ دوشيزائن ۽ سوڍين جي سونهن جا تجلا ٿر کي امر بڻايو ڇڏين.
    هيلوڪي ٽيج ۽ عيد گڏ ٿيون آهن، ٿر اهڙو خطو آهي جتي هندو مسلم ايڪتا سموري سنسار لاءِ مثال آهي. اهڙي خطي ۾ ٽيج ۽ عيد جو گڏجڻ هڪ سٺو سنئوڻ آهي. الڳ الڳ تهذيبون ۽ ڌرم جڏهن بنان ڪنهن ٽڪراء جي هڪ الک ۽ آڪاش جي ڇانوري هيٺ گڏجي خوشيءَ ملهائيندا آهن تڏهن دُنيا امن جو هندورو ٿي پوندي آهي...!!


    سنڌ جي تهذيب جا ٻه اهم علائقا: ڍاٽ ۽ مارواڙ

    ڪڻڪ رنگي ۽ سفيد واريءَ جي وڏن دڙن، ڀٽن، ماٿرين ۽ ڏهرن وارو وارياسو علائقو جنهن کي ريگستان چوندا آهن. ان ٿر جي مختلف حصن جا مختلف نانءُ آهن. جن ۾ ٻه اهم آهن. هڪ ڍاٽ ٻيو مارواڙ. برصغير جي ورهاڱي وقت مارواڙ (راجسٿان) هندستان جي حصي ۾ آيو ۽ ڍاٽ ٿرپارڪر پاڪستان جي پتيءَ ۾ آيو. ڍاٽ ۽ مارواڙ ٻئي الڳ الڳ ٿي ويا. انهي ڪري ٻنهي پرڳڻن ۾ صدين کان هلي ايندڙ پرمپرا ۽ ريتي رواج ۾ به رنڊڪ پئي، پر مڪمل طور ختم نه ٿي سگهي، جيڪا اڃان تائين به قائم آهي.
    ٿر طبعي لحاظ کان 09 ڀاڱن ۾ ورهايل آهي پر گڏيل طور سموري ٿر کي ڍاٽ چوندا آهن. ڍاٽ جي راڄڌاني امر ڪوٽ (عمرڪوٽ) ۾ هئي ۽ موجود وقت راڻا جاگير آهي. ڍاٽ جا راڻا سرتاڻ سوڍا آهن. ڍاٽ جي طبعي بناوت جي باري ۾ ٿر جي کاهوڙي تاريخدان رائيچند راٺوڙ جي مستند راءِ هي آهي ته ”هي سڄي ٿر جو وچ وارو ٽڪر آهي هن ۾ عمرڪوٽ تعلقي جو ٿورو ٽڪر، ڇاڇري جو گهڻو ڀاڱو ۽ مٺي تعلقي جو ڪجهه اتريون ڀاڱو اچي وڃن ٿا. هن جي ڪري سڄي ملڪ کي ”ڍاٽ“ چوندا آهن. رهاڪن کي ڍاٽي چئبو آهي. ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي ٿر جي طبعي سجاوٽ جي باري ۾ سوچنا ڏيندي لکي ٿو ته ٿرپارڪر ضلعي جا طبعي ڀاڱا ٻه آهن هڪڙو ڍٽ يعني ٿر يا وارياسو ڀاڱو ۽ ٻيو پٽ يعني ڏاڍي زمين وارو ڀاڱو. جنهن ۾ سڄو نارو ڊويزن اچي وڃي ٿو. انهن ٻنهي مؤرخن جي راءِ کي مدنظر رکندي. اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته سمورو وارياسو ڀاڱو ڍاٽ آهي ۽ ان ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻولي کي به ڍاٽڪي چوندا آهن. ڍاٽ جي گادي جي هند امرڪوٽ جي باري ۾ تيجسنگهه سولنڪي لکي ٿو ته هن پرڳڻي جو نالو ڍاٽ آهي. تنهنڪري هتان جي واسين کي ڍاٽي سڏيو ويندو آهي. هي شهر ڍاٽ پرڳڻي جي گادي جو هند آهي. ڍاٽ جي سنهيرڙي واريءَ جهڙي سياري ۾ سرد رهي ٿي. تهڙي اونهاري ۾ تپي ٿي. بهار ۾ به لڪون ۽ جهولا لڳن ٿا. ان ڪري هتان جي ماڻهن جو رنگ سانورو رهي ٿو. تيز ڪاڙهن ۾ چمڙي جي ونڪي ۽ نور اُڏامي وڃن ٿا. ڍاٽ ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءِ وڏا ڪشالا ڪيا وڃن ٿا. پيئڻ جي پاڻي لاءِ هڪڙو ئي ذريعو آهي کوهن وارو. کوهه به تمام اونها آهن. ساٺيڪا کوهه هتان جي ماڻهن جو مقدر آهن. جن جو پاڻي اڪثر کارو آهي. ڍاٽ جي زندگي جو دارومدار برساتن تي آهي. جڏهن برسات پوندي آهي. تڏهن زندگي سمورين رونقن سان محو رقص هوندي آهي. هتان جي زمين تمام لاڀ واري آهي. جنهن ۾ فصل جام ٿيندو آهي. ٻاجهري، گوار، تر، مڱ، ڪورڙ، چونئرا، گدرا ۽ گدريون هتان جي وسيع ڏهرن ۾ وڏي مقدار ۾ ٿيندا آهن. ڍاٽين جي ڪِرت کيتي واڙي تي آهي. جيڪا برساتن تي ٻڌل آهي. ڍاٽ جي گادي واري شهر امرڪوٽ جي باري ۾ هڪ ڪِوي پنهنجن ڪٿڻين ۾ ائين ڪٿيو آهي ته؛
    امراڻو امراپري ڌرا سُرنگي ڍاٽ،
    رهي سوڍو راجوي پهه پنهنواران پاٽ.
    (امرڪوٽ سرڳ/ جنت آهي، ڍاٽ جي ڌرتي سهڻي آهي. جنهن تي سوڍو پرمار راجا گاديدار آهي). مينهوڳي لاءِ واجهائيندڙ هن وطن جا جهڙا ماڻهو سادا ۽ سٻاجهڙا آهن، تهڙا ئي کاڌا به سادا ۽ ديسي آهن. مريڙي جو ساڳ ۽ پپن جو رائتو ، ٻاجهري جي ماني سان کائيندي وسڪارن ۾ ڍاٽي ڏاڍا سرها هوندا آهن. عام طور تي روز جي ڀاڄي طور راٻڙيو هتان جي اهم ثقافتي ڀاڄي آهي. جنهن کي کاٽيو به چوندا آهن. جيڪو ڍاٽ جي هوٽلن تي به اهم طعام طور دستياب هوندو آهي. کاٽيو لسي مان ٺهندو آهي. ڍاٽ جون عورتون ڏڪارن ۾ ڏک ڏسي پنهنجو ايمان اٽل رکنديون آهن جنهن جي شاهدي هن دوهي مان صاف نظر اچي ٿي ته؛
    ڪنتا رک ڪِرڪو هِرڻ ڪِيسا گيهه کائي،
    اڪ ٻٽوڙي لوئان جهڙي تريان آگڙ جائي.
    (اي ڀتار! پنهنجو ايمان اٽل رک، ضمير تي ضابطو رکڻ هن وطن جي سونهن آهي. ڏس هرڻ ڪهڙو گيهه ٿو کائي؟ ويچارو لوئن ۽ لڪن کي منهن ڏي ٿو پوءِ به گهوڙي کان تيز ڊوڙي ٿو).
    ڍاٽ جي عورت نه رڳو ڏڪارن جا ڏک ڏسي به مرڪي ٿي پر سُڪارن ۾ کيتن جا خفا ڪندي به خوش رهي ٿي. کيتن ۾ ڪم ڪرڻ ڍاٽ جي عورتن جي سڀاويڪ سڀاءُ ۾ شامل آهي. ڍاٽ جي عورت رُتن جا به راز پرکي ٿي جيئن هڪ دوهي ۾ سس پنهنجي ننهن کي چوي ٿي ته هاڻ ماٺ ڪري پيڪين وڃ ڇو ته ڏڪار پوڻ وارو آهي کيتن جو ڪم نه هوندو.
    ساڪڙ ڪري سکري، ورانڊ لڳائي واءِ،
    ساسو ڪهي بهوئاري نان، پيهريي پري جاءِ.
    (صبح جي پهر آسمان آگمي روپ ڪري ۽ شام جو واءِ لڳائي. بادلن کي ڀٽڪائي ڇڏي. سس چوي ٿي ننهن کي تون مائٽن وڃ، هي ڏڪار جا آثار آهن).
    عمرڪوٽ شهر واقعي حسين آهي. وڻن جي وڻڪار جي ڪري سڄو شهر تمام خوبصورتي جو ڏيک ڏئي ٿو. پر وڏي بدنصيبي هتان جي آبهوا جي آهي جو صحت لاءِ هاڃيڪار آهي. تيجسنگهه سولنڪي پنهنجي ڪتاب امرڪوٽ سنڌ جو اتهاس ۾ لکي ٿو ته (شهر ۾ دائما بيماري رهڻ ڪري قلعي جو ڀر وارو لانٻو تلاءِ سال 1913ع اٽڪل 24 هزار خرچ ڪري پورايو ويو هو) هي اهو لانٻو تلاءِ آهي جنهن تي جل ڀرڻ لاءِ ايندڙ مرگهه لوچنين ۽ ڪيهر ڪٽين سوڍين جي سونهن پسي ڪوي بانڪيداس همروٽ ڇتيسي ۾ ائين چيو هو ته؛
    لانٻي سر ور پاڻي ڀري، گوري گات انوپ،
    جيان آگي پاڻي ڀري، رنگ الوڪڪ روپ.
    (لانٻي تلاءِ تي پاڻي ڀريندي گوري دل کي ڇهيندڙ گيت ڳائي ٿي، جيئن هو جهڪي پاڻي ڀري ٿي، ان جو نوراني روپ تجلا ڏي ٿي).
    شهر جي چئني پاسي موجود باغن جي بهاري مورن جا مدر ٽهوڪا، نينٻوجهر جي سڳند ۽ ڍاٽ سُرنگي گورين جي ڇيلڪڙن ۽ پڳپانن جا مڌم ڇمڪا لانٻي سر ور جي سونهن سوڀيا اڃان به وڌائيندا هئا.
    ڍاٽ سُرنگي گوريان سوڍو چتر سُڄاڻ،
    بڙ جهڪيا لانٻي تڻا آيو گڍ امراڻ.
    (ڍاٽ جون عورتون سهڻيون آهن، سوڍو هوشيار ۽ عقلمند آهي. لانٻي تلاءَ جا وڻ به جهڪي ويا آهن سوڍو امرڪوٽ واري قلعي ۾ آيو آهي). لانٻو تلاءِ هاڻي لانٻي گرائونڊ طور مشهور آهي. ڍاٽ جي عورت نه رڳو سونهن ۾ سرس آهي. پر اعليٰ گڻن ۽ حسن اخلاق واري به آهي. هوءَ گهر جي ڪم ڪار کان وٺي ڀرت ڀرڻ تائين سموري سگهڙائپ ڄاڻي ٿي، ان ڪري مارواڙ ۾ اڄ به مشهور آهي ته جيڪڏهن سنسار ۾ سک چاهين ٿو ته شادي ڍاٽ مان ڪري اچِ بقول ڪوي ته؛
    ار چوڙي ڪر پاتلي جي ڪير ري لاڻ،
    جي جيتيءَ سک ڀائين تو ڌڻ ڍاٽ ري آڻ.
    (وڏي ڇاتي ۽ سنهي چيلهه جهڙي ڪرڙ جي لام، جيڪڏهن سنسار ۾ سک چاهين ٿو ته زال ڍاٽ جي وٺي اچ).
    انهي ڪري مارواڙ جا مشهور ماڻهو ڍاٽ مان پرڻيا آهن جن ۾ هي قابل ذڪر آهن. چونئري جي چوٿين ڦيري ۾ هٿڙيا ڇوڙي، ڪنهن اٻلا جون ڍڳيون چوري ڪيل واپس ورائڻ لاءِ شهيد ٿي ويل مارواڙ جو مشهور سورهيه وير پاٻُو جي راٺوڙ ڍاٽ جي ڌيئڙي ڦول ڪنور سان پرڻيو هو.
    سوڍيءَ ڇوڙي ولکتي ماٿِي سوون موڙ،
    امل وريا آپڻو رنگ پاٻو جي راٺوڙ.
    (سوڍيءَ مٿي جا موڙ ڇوڙي روئيندي چوي ٿي پنهنجو امل ڪسونٻو ڪندڙ پاٻو جي راٺوڙ تو کي سلام آهي).
    وير پاٻو جي راٺوڙ کانپوءِ هندن جو ايشوري اوتار بابا رامديو جي (راماپير) ڍاٽ جي سوڍل نيتل سان پرڻيو هو، مارواڙ جو مشهور عقلمند ۽ دلير رڻمل جي راٺوڙ به ڍاٽ جي ماٽي مان ڏهي للاڙ ورتو هو.
    ڪاڪو جيرو ڪونپجي ڀائي جيرو ڀارمل،
    گهوڙو جيرو نَولکو او رڻ بانڪو رڻمل.
    (جنهن جو ڀاءُ راجا ڀارمل ۽ گهوڙو نولکو آهي اهو ئي جنگ ۾ وڙهندڙ وير رڻمل راٺوڙ آهي).
    ڍاٽياڻين جي حسن تي هِرکجي مارواڙ جا مشهور ماڻهو هتان پرڻيا آهن. اڃان به پرڻجن پيا. سڱاوتي لهه وچڙ اڄ به راجا واري ريل رستي (کوکراپار) جيئن جو تئين جاري آهي. ڍاٽ جا راڻا ۽ عام ماڻهو به مارواڙ ۾ ڏين وٺن پيا. پر صديون اڳ ٽاڊ راجسٿان ۾ ڪرنل جيمس ٽاڊ الائي ڇو ائين لکيو هو ته؛ مارواڙ جا راٺوڙ نه پنهنجي ڌيءَ ڍاٽ ۾ ڏيندا آهن نه ئي وٺندا آهن. ڇاڪاڻ ته ڍاٽياڻي جي سونهن جي ڪري اها واپار جي شيءَ سمجهي وڃي ٿي. اڄ ڏينهن تائين مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته ايڏي وڏي تاريخدان اهڙي هوائي ڳالهه ڇو لکي آهي؟
    ڍاٽ جي ريت رواج، پنهنجائپ، سونهن سادگي، هندو مسلم ايڪتا تمام مشهورآهي، ڍاٽي ماڻهو جهڙا هوشيار ۽ چالاڪ آهن تهڙا ئي مهمان نواز آهن. ڍاٽ ۾ مهمان نوازي صدين کان هلندي اچي. جنهن جي شاهدي تاريخ ريگستان ۾ رائچند هريجن به ڏني آهي. رائيچند هريجن لکي ٿو ته ”وڪرمي سنبت 1942 برابر 1885ع ۾ ٿر ۾ سخت ڏڪار هو. ان وقت ڳوٺ چارنور تعلقي ڇاڇري ۾ رامون نالي هڪ ميگهواڙ رهندو هو، جنهن هوند سارون غريبن کي ڏڪار ۾ جيڪا رب پياري هئي تنهن کي اڄ به ماڻهو سارين ٿا.
    ٻيتاليهه ۾ ٻوچيـئي رامي پائي رٻ،
    سيري ري سمتول راٻ ٿانري راميا.
    (ٻائيتاليهه ۾ رامي ٻوچيئي (ميگهواڙن جي نک) جيڪا رٻ پياري اها سيري جي برابر هئي).
    چيلي چارڻ واري چيلهار جي ماڻينگر سوڍي جوجهار سنگهه ساڏور کان وٺي راڻي پرشاد تائين سموري مروڌر جا ماڻهو ڏاڍا مشهور ۽ مهمان نواز ٿي گذريا آهن. جن جي مهمان نوازي جا گڻ اڄ تائين ڍاٽ جي فضائن ۾ ڪوئل جي تازي ڪوڪ وانگي گونجي رهيا آهن. اهو ڍاٽ جي ڌرتي جو گڻ آهي. جنهن ۾ جاني لنجو جهڙا مهمان نواز ٿي گذريا آهن.
    ڍاٽ جي تهذيب به انتهائي شاندار آهي، رهاڻ رس شاديون مُراديون ڍاٽي ڪلچر جو حصو آهن. امل ڪنسونٻا ۽ حقا چلم به ڍاٽ ۾ هلندا آهن. جيتوڻيڪ هاڻي حُقي جو رواج ختم ٿي چڪو آهي. پراڻي دور جا ملندڙ دوها اهو ثابت ڪن ٿا ته ڪنهن زماني ۾ ڍاٽي حُقي سان ڪيتري حُب رکندا هئا.
    حقا تيئن سين هيت گهڻو اتو جي هوئي هڙسين،
    تو کيڙي جاجها کيت ٻيٺو کاوان ٻاجهري.
    (اي حقا توسان جيتري محبت آهي ايتري جيڪڏهن هر سان محبت هجي ته آئون گهڻي ۾ گهڻا کيت کيڙي ٻاجهري ويٺو کاوان).
    هڪ ٻيو دوهو آهي ته؛
    جهڙ ڪري جهپٽ ڪري آهلي ڪري الله،
    هاري ڀرين حقا ٻڙد ڏئين ٽلا.
    (اي مولا! جلدي جُهڙ ڪر ته هاري ويٺا حقا ڀري پيئن ۽ ڍڳا ويٺا ٽلا ڏين).
    حُقي جي حب کانسواءِ دارون جا دور به ڍاٽ جي تهذيب ۾ شامل آهن. ڪچي شراب کان وٺي ولايتي وسڪي جي اعليٰ برانڊ تائين دارون جي منهوار ڍاٽ جي ڪچهرين ۾ ڪئي ويندي آهي. ڍاٽ جي سونهن ڍاٽ جي تهذيب، ڍاٽ جي کيتن ۽ ريٽن کي مد نظر رکندي ڀٽائي سُر مومل راڻو ۾ ڍاٽ جي مجموعي حسن کي هن ريت بيان ڪيو آهي ته؛
    تون ڍاٽي ڍٽ ڌڻي ڍولا! تنهنجو ڍٽ،
    پائي تراڙي توريان، ته ملڪ نه تنهنجو مٽ،
    لاهي ڪسر ڪٽ، کوڙ قناتون ڪاڪ ۾.
    سڱاوتي لهه وچڙ جي ڪري ڍاٽ جي رهڻي ڪهڻي، ويس وڳن کان وٺي رهاڻ رس تي مارواڙ جو وڏو اثر آهي. تهڙا ڪلچر ملندڙ جُلندڙ آهن ٻئي هڪ ئي مٽي آهن. هڪڙو ئي واري جو درياهه آهي جنهن ۾ رهندڙ ماڻهن جا گڻ به ساڳي آهن. هاڻ پاڻ مارواڙ جو جائزو وٺنداسين.
    هندستان جي حصي ۾ آيل راجپوتانا (راجسٿان) صوبي جي گپل حصي کي مارواڙ جو نانءُ ڏنو ويو آهي. جنهن ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻولي کي مارواڙي چوندا آهن. مارواڙي ۽ ڍاٽڪي ٻولي پاڻ ۾ گهڻي ڀاڱي ملندڙ جلندڙ آهن. مارواڙ ۾ ننڍاننڍا ڪيترائي رجواڙا آهن پر مجموعي طور مارواڙ جي گادي جو هند جوڌپور آهي جنهن جا مهاراجا راٺوڙ آهن. موجوده مهاراجا گج سنگهه آهي ۽ مهاراڻي هيملتا آهي. راجڪماري شو رنجني آهي جڏهن ته راجڪمار شورجن سنگهه آهي. جيڪي اميد ڀون پيلس جوڌپور ۾ رهن ٿا. جوڌپور وارو مهراڻ گڍ به انهي راڄ پريوار جي هٿ هيٺ آهي.
    مارواڙ جي ثقافت ۽ پوشاڪ تمام بهترين آهي. انگيو ڪڙتي پاتل ٻانهيارين کي ٻاجو ٻند ائين سونهيندا آهن جيئن روهيڙن ۾ رتا ۽ پيلا گل ڀري تري بهار ۾ من موهيندا آهن. رکڙي ٽڪي مٿان راجستاني رئو اوڍي جڏهن اهي گهاگهري جي ڪير جي گهير گهمائي نج مارواڙي نرتيه ڪلا جو ڪمال ڏيکارينديون آهن تڏهن واقعي راجستاني لوڪ ورثي تي ماڻهو کي رشڪ ٿيندو آهي. مارواڙ جو نه رڳو ناچ ڪلا وڻندڙ آهي پر حسن به هتي جي مِٽي جو مقدر بڻيو آهي. اهو حسن جڏهن لوڪ ڌنن تي راڻليو ڳائي رقص ڪندو آهي تڏهن موسيقي به مارواڙ تي فخر ڪندي آهي. ان مارواڙ کي ڪنهن وقت نوڪوٽي مارواڙ به سڏيو ويندو هو، جنهن ۾ نو 09 رجواڙا شامل هئا. مارواڙ جي ريتي رواج ۽ تهذيب نرالي نوعيت واري آهي. سادي هوندي به انتهائي سندر آهي. مارواڙ جي پوشاڪ ۽ ان کي سڀاويڪ پائڻ ته ڪير مارواڙين کان سکي! ڇو ته انهن جي نصاب ۾ به پوشاڪ بابت پڙهايو وڃي ٿو. اتم سنسڪرتي مارواڙ جو مَرڪ آهي. مهمان نوازي هتان جي هر ماڻهو جي رت ۾ شامل آهي. پاڻ ڀلي لنگهڻ سمهي رهن پر مهمان کي گيهه سان کارائيندا آهن. مارواڙ جا مشهور ۽ ثقافتي کاڌا ڪجهه هن ريت آهن. ٻاجهري جي ماني، موٺ جي دال، لاپسي، رٻ، گهاٽ، راٻڙي، گڙواڻي، سڱريون، دال ٻاٽي، جادريون، ڪاچريون، ٿُوم جي کيرڻي، گوار، کنڀي، ڀت وغيره. انهن سڀني کاڌن ۾ 90 سيڪڙو کاڌا ڍاٽ سان ملندڙ جُلندڙ آهن. ڍاٽ ۽ مارواڙ ٻنهي جي آبهوا مطابق مزاجن تمام تيز مرچن وارا کاڌا کائيندا آهن. ٻاجهر جي ٻاٽي (ڪر ۾ پچايل) ۽ موٺ جي دال هتي جو عام دسترخواني طعام آهي، جيڪو مهمان کي ڍاڪو ۾ پريسي ڏيندا آهن. ان کانپوءِ به وڌيڪ مهمان لاءِ هڪ خاص ٻاجهر رکندا آهن. پرمپرائون ڪي وراثت جو ليکڪ ڊاڪٽر مهندرسنگهه نگر لکي ٿو ته ”هتان جي جنتا مهمانن سان ايتري محبت ڪري ٿي جو مهمان کي ڀڳوان سمجهيو وڃي ٿو. ان لاءِ هڪ ٻاجهر الڳ رکندا آهن. جڏهن ٻاجهر کي لُڻي ڇڏيندا آهن. ان کان پوءِ جڏهن برسات وسندي آهي، تڏهن لڻيل ٻاجهر جي ڪانين مان جيڪي سنڱ ڦٽندا آهن، انهن ۾ جيڪا ٻاجهر پچندي آهي اها ڪيسرِ وانگر پيلي ۽ امرت جهڙي مٺي هوندي آهي، ان کي سگهڙ عورتون گهر ۾ جنڊ تي پيهي پوءِ مٽي جي دانگيءَ تي پچائينديون آهن. اِها ماني جڏهن مهمان کائيندو آهي. تڏهن ان کي ڀڳوان جا ڇٽيهه کاڌا به وسري ويندا آهن“. اهڙي سادي ۽ سٻاجهڙي مارواڙ جي سڃاڻپ هڪ دوهي ۾ ڪيڏي نه معصوميت سان بيان ڪيل آهي ته؛
    آڪڙي را جهانپڙا ڦوگن ري واڙ،
    ٻاجهري را سيگڙا موٺن ري ڏاڙ،
    ڏيکي راجا مانسنگهه ٿانري مارواڙ.
    (اڪن جون جهوپڙيون ۽ ڦوڳن جا لوڙها آهن. ٻاجهري جي ماني موٺ جي دال سان کائيندا آهن. اي راجا مانسنگهه تنهنجي مارواڙ مون ڏٺي آهي). ياد رهي ته راجا مانسنگهه مارواڙ جو مشهور راجا ٿي گذريو آهي، جنهن چريائپ جو ڍونگ ڪري پنهنجي وڃايل راجائي دشمن کان واپس ورتي هئائين.
    ڍاٽ وانگي مارواڙ جي زندگي به گهڻي ڀاڱي مال متاع ۽ کيتي واڙي تي ئي ٻڌل آهي. ان ڪري هتي به برسات خوشحالي جو وڏو وسيلو آهي. جيتوڻيڪ هتان جي سرڪار به کيتي واڙي لاءِ وڏيون سهوليتون مهيا ڪيون آهن. مارواڙ جا کيت ڏاڍا ڀلا آهن. جنهن ۾ ٻاجهر، جُوار، مُڱ، موٺ ۽ تر وڏي مقدار ۾ ٿيندا آهن. مَروڌر، مروسٿل يا مارواڙ ديس جي مٺي ٻولي مارواڙي جي شعرن ۾ هن صحرائي سرزمين کي ڪوين سچي دل سان ساراهيو آهي.
    مروڌر نپچي ٻاجهري موٺ مونگ گوار،
    ڪت هووي تل مولڪا ڪت پڻ هووي جُوار.
    (مارواڙ ۾ ٻاجهري، موٺ، منڱ ۽ گوار جام ٿيندو آهي ته ڪٿي تر ۽ ڪٿي جوار به ٿيندي آهي). مارواڙ ۾ هاري ناري هر ڪنهن جي تمنا اها ئي هوندي آهي ته مروڌر ديس ۾ ڪو نه ڪو کيت هجي. اڇي مٽي واري هن وطن جي کيتن ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي جيڪا شاعرن کي ساراهڻ تي مجبور ڪري ٿي. اهڙي سوال جو جواب ڪو مارواڙي ئي ڏيئي سگهي ٿو.
    ڏولي ماٽي مروڌر را ڌولي بالو ريت،
    ملڪي ڌورا جور را مَروڌريا را کيت.
    (سفيد مٽي مارواڙ جي ۽ هن جا ريٽ پرين جي بدن جهڙا آهن. اُن جا دڙا ملڪن ۾ مشهور آهن. مارواڙ جا کيت دنيا ۾ زور آهن).
    اهڙن کيتن سان انسيت جي حد تائين محبت ڪندڙ مارواڙي عورتن جي باري ۾ مشهور آهي ته اهي پنهنجي زندگي ۾ چاهينديون ئي فقط اهو آهن ته انهن وٽ ڍڳا ۽ کيت ضرور هجن. اهي شيون جيڪڏهن انهن وٽ آهن ته انهن لاءِ جيون تمام سکيو ۽ ستابو ٿي پوي ٿو. اهي اڪثر ڪري ڏاج ۾ مائٽن کان به اهڙي معصوم گهر ڪنديون آهن عورتن جي اهڙي اسرار ۽ تمنا کي مد نظر رکندي هڪ مارواڙي ڪوي خوب ڪٿيو آهي.
    اٺي هي پيهريو اٺي هي ساسرو،
    آنٿوڻي هوئي کيت چووي نهين آسرو.
    ندي کيت نجديڪ جٺي هڙ کولڻا،
    اِترا دو ڪرتار فري نهين ٻولڻا.
    (اي مالڪ! اتي ئي پيڪا هجن اتي ئي ساهورا هجن، الهندي پاسي ٻني هجي ۽ ان جي ويجهو ندي هجي ته جئين هر کوليندي ڍڳن کي پاڻي پياري سگهان ۽ جنهن نجهري ۾ رهان اهو برسات ۾ ٽمي نه، بس ايترو ئي ڏجان ٻيو ڪجهه به نه گهرنديس).
    مارواڙي عورت جي معصوميت، سادگي ۽ ديس ڀڳتي مٿئين شعر ۾ صاف ظاهر آهي.
    مارواڙ ۾ سانوڻي رت جي حوالي سان ڪيئي مها اتسو ملهايا ويندا آهن. جيڪي مذهبي عقيدن کان وڌيڪ تهذيبي ۽ ثقافتي هوندا آهن. جن ۾ وسڪاري جي مند کي ڀليڪار چيو ويندو آهي. انهن ڏڻن ۾ ڪانهوڙو، سرامڻ ٽيج، ويرپسلي ۽ ڳڻ ڳور مشهور آهن. سانوڻ مند ۾ هڪ جيڏيون سرتيون گجوئا ٺاهي، هار سينگار ڪري پينگهه ۾ لڏنديون آهن. ڪنهن تلاءِ جي ڪپ تي گيت ڳائي رقص ڪنديون آهن. وسڪاري جي مند انهن لاءِ خوشحالي جو سنديشو هوندي آهي. انڪري ان جي آجيان مارواڙ ۾ وڏي اتساهه سان ڪئي ويندي آهي. ڳڻ ڳور ۽ سرامڻ ٽيج تي عورتون پنهنجي ورن کان هار سينگار جو سامان گهرنديون آهن. هي ڏڻ ۽ رواج ڍاٽ ۾ به ٿوري ڦيرڦار سان ساڳي آهن. پر انهن جي اوج جيڪا مارواڙ ۾ هوندي آهي اهڙي ڍاٽ ۾ نه هوندي آهي. ڳڻ ڳور جي باري ۾ هڪ مشهور لوڪ گيت آهي جنهن ۾ مارواڙي عورت پنهنجي ور کان هار سينگار لاءِ وڏي حرس مان انگل ڪندي ڪجهه شيون گهري ٿي هن لوڪ گيت ۾ نج مارواڙي ٻولي جي مٺاس ۽ ڪچي نيٻوجهر جي خوشبوءَ اچي ٿي.
    کيلڻ ڏيو ڳڻڳور ڀنور راٺوڙي،
    ماٿي ري مينمند رکڙي ديشو تي،
    مانري رکڙي رتن جڙاءِ ڀنور ماني کيلڻ ڏيو.
    ڪانا ني دڙيا لائو....
    ٻايان ني چوڙو لائو...
    پگليان ني پائل لائو...
    (اي منهنجا راٺوڙ ڀتار! مون لاءِ ميمند رکڙي هيرا مڙهائي وٺي اچ. ٻانهن لاءِ چوڙو ۽ پيرن لاءِ پايل وٺي اچ. مان ڳڻڳور کيڏڻ وڃان ٿي. مون کي ڳڻڳور کيڏڻ ڏي) وسڪاري لاءِ ولکندڙ ۽ ڳڻ ڳور گيت ڳائيندڙ مارواڙي عورت پيئڻ جي پاڻي لاءِ به جيون ۾ وڏي جستجو ڪري ٿي. پاڻيءَ جو مسئلو ڍاٽ ۽ مارواڙ ٻنهي ۾ ساڳيو آهي، مٿي تي ٻيهلڙا ۽ ڪڇ ۾ ڪيهلڙا ڍاٽياڻين ۽ مارواڙين جي سونهن آهن.
    راجائن، مهاراجائن، نوابن ۽ راوتن جي هن مروسٿل ديس ۾ شاديون به وڏي شوق ۽ شان سان ڪيون وڃن ٿيون. شادين ۾ ادا ٿيندڙ رسمون به ڏسڻ لائق هونديون آهن. شادين جي موقعي تي هڪ اهم رسم ٿيندي آهي جنهن کي رهاڻ چوندا آهن. راجستاني رهاڻ به ڍاٽي رهاڻ جهڙي هوندي آهي. جنهن ۾ امل ڪسونٻا ٿيندا آهن ته ڳائڻ وڄائڻ به ٿيندو آهي. اڄڪلهه مارواڙ ۾ آفيم جي جاءِ تي ڪيسر پياريندا آهن جيڪو هڪ سٺو سنئوڻ آهي. ڪيسر پيئڻ وقت ڪوي امل ۽ املين کي ساراهڻ، رنگ ڏيڻ واري پرمپرا به ورجائيندا آهن.
    توڙ هلا اڪبر تڻا تيغ جلا لا توڙ،
    امل ليتا اپڻو رنگ ڪلا راٺوڙ.
    (اڪبر جي تيغ ۽ ترار کي ٽوڙيندڙ ۽ پنهنجو آفيم کائيندڙ ڪلجي راٺوڙ تو کي سلام آهي).
    پنهنجي ڌرتي ۽ آڻ ماڻ لاءِ مغلن سان مهاڏا اٽڪائيندڙ وير بهادرن کي اڄ به مارواڙ جي هر رهاڻ ۾ رنگ (سلام) ڏنا ويندا آهن.
    مارواڙ جي پرمپرائن ۾ دارون جو دور به اهم رسم آهي. ٻاجٺي تي پروسيل مارواڙي مدرا راجا مهاراجا کان وٺي عام رعيت جي به ريت ۾ شامل آهي. دارون جو دستور صدين کان هلندو اچي. ڊاڪٽر مهندرسنگهه نگر مطابق ”مختلف وقتن تي مارواڙ تي راجائي ڪندڙ راجائن پنهنجي مدرا (ڪچو شراب) جا نمونا پيش ڪيا، جيڪي ڪجهه ڦيرڦار سان اڄ به موجود آهن. جڳ موهن ۽ من موهن کان وٺي رائل چندر هاس تائين مختلف مدرائون اڄ به مارواڙ ۾ عام جام استعمال ٿين ٿيون“. دارون جي باري ۾ به مارواڙي شعر ڏاڍا دل لڀائيندڙ ملن ٿا.
    دارون پيو رنگ ڪرو رتا راکو نيڻ،
    دوکي ٿانرا جل مري سوکي رهي سيڻ.
    (مد پيو ۽ خوشي ڪيو، اکيون ڳاڙهيون رکو ته جيئن اوهان جا دشمن سڙي مرن ۽ سڄڻ خوش ٿين).
    رائل چندرهاس نالي شراب 1863ع ۾ ڪنوٺا ٺڪاڻي جي ٺاڪر جوراورسنگهه ايجاد ڪئي هئي. ياد رهي ته ڪنوٺا ٺڪاڻي مان ڍات جي راڻي راڻا هميرسنگهه جو ڪنور ڪرني سنگهه تازو پرڻجي آيو آهي. مارواڙ جي راج ڪمارن ۾ مديرا جو واهپو عام جام آهي.
    بوتل تو گڙ گڙ ڪري اور پيالو ڪري پڪار،
    سيجان ٻيٺي ڪامڻي ارج ڪري ٿي پيوو نهين راجڪمار.
    (صُراحِي گڙ گڙاهٽ ڪري پئي ۽ ڄام سڏي پيو ۽ هوءَ پلنگ تي ويٺل پدمڻي التجا ڪري پئي ته اي راجڪمار هاڻي تون نه پيءَ). راجستاني پٽڪي ڦينٽي کانسواءِ ٻي مارواڙي ماڻهن جي مشهور ۽ معروف سڃاڻپ يا نشاني آهي ڪنن ۾ وڌل ڪوڪا جنهن کي تگل چوندا آهن. مارواڙ ۾ 90 سيڪڙو ماڻهن جي ڪنن ۾ تگل هوندا آهن.
    ڪوٽن، قلعن، تهذيب ۽ تمدن واري هن ديس جا راجڪمار نه رڳو شاهي شراب جا شوقين آهن پر سونهن ۽ سُندرتا تي به سر ڏيندڙ آهن. راجڪمارن جي شاهي شوقن ۾ گهوڙي سواري ۽ پولو راند به پراچين پرمپرا رهي آهي.
    هتي گهوڙن جو وڏو مان ۽ مُلهه آهي. مارواڙي نسل جا گهوڙا تمام تيز ڊوڙيندڙ ۽ طاقتور آهن. مارواڙ واري ملاڻي خطي (جالور، سانچور، راڙڌار وغيره) ۾ ملندڙ مارواڙي نسل جون گهوڙيون هڪ ڪلاڪ ۾ ويهه کان پنجويهه ميلن جو مفاصلو طئه ڪري وٺنديون آهن. مارواڙي نسل جا اُٺ ڀلا نه هوندا آهن.خاص ڪري انهن کي ڍاٽ ۾ قدر جي نگاهه سان نه ڏٺو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته ڍاٽي اُٺ جو ڪو مٽ ناهي جهڙو ڏٺي جو ٺاهوڪو تهڙو ئي کيڙي ۽ سواري لاءِ سڀاويڪ هوندو آهي.
    ڍاٽ ۽ مارواڙ جي مٽي، موسيقي، نِرت ۽ لوڪ ورثي کان وٺي ان جي شاندار رهڻي ڪهڻي تي اڃان گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو پر مضمون جي طوالت کان بچندي آخر ۾ هڪ لوڪ شعر لکڻ ضروري سمجهان ٿو. جنهن ۾ مارواڙ ۽ ڍاٽ ٻنهي جي ملندڙ جلندڙ سادگي ۽ سونهن جلوا ڏي ٿي.
    نوي مونج ري کاٽ نه چوي ٽاپڙي،
    ڀينسڙليان دو چار ڪدو ڪي باپڙي،
    ٻاجهر هندا ٻاٽ دهي ۾ اولڻا،
    اترا دو ڪلتار ڦري نهين ٻولڻا.
    (مڃ مان وڻيل نئين کٽ هجي ۽ نجهرو نه ٽمي ٻه چار ميهون اڱڻ تي هجن ته جيئن ٻاجهر جي ماني دهي ۾ پسائي کاوان بس مالڪ! ايترو ڏجان ٻيو ڪجهه به نه گهرندس).
    اهڙي مارواڙ جي ماڻهن جا سڪ سلام به سادا ئي آهن. اهي جڏهن پاڻ ۾ ملندا آهن يا فون تي ڳالهائيندا آهن تڏهن چوندا آهن کمان گهڻي سا وري وراڻي ۾ به چوندا آهن ته گهڻي کمان. مطلب خير.


    اُداس دلين جو درد ۽ رات راڻي جا سُڏڪا

    سورن جي سج هيٺ سڄي عمر ڀوڳنائن جي ڀيانڪر اُس ۾ سڙندڙ منهنجي اکين مان ننڊ جا نيرڳ ڪڏهانڪر اُڏامي ويا آهن. غربت جو گهاو اڃان به تاو ۾ آهي. پل پل جيئندڙ ۽ مرندڙ منهنجي اُڃايل ٻاٻيهي جهڙي آتما سدائين نراسائي جي ننگر ۾ سارنگا وانگي ڀٽڪي آهي. هن کي اميدن جو سڏيونت الئه ڪڏهن ملندو..؟ دردن جي چادر وڇائي نندرا ديوي کي اکين جي اوتاري ۾ اچڻ لئه دل سان دعوت ڏيان ٿو، پر پوءِ به نندرا ديوي مومل جي ماڻي وانگر رٺل ئي رهي ٿي. اکين جي ڪجلاسر تي ٿوهرن جهڙي اوجاڳي جا اُڃارا هرڻ ئي ترسن ٿا. سڄي رات ستارا تڪي تڪي ٿڪجي ويل نيڻن سان اسر ويل اٿي ڏسان ٿو ته پرڀات جون پنبڻيون پسيل آهن. اُوفق جون اکيون آليون آهن. لڳي ٿو ته آڪاش منهنجي درد ۾ رنو آهي جو رات راڻي جو ريشمي بدن سڄو ڀنو پيو آهي! رات روئي موڪلايو آهي! رات راڻي جي نرم نيڻن مان ڪريل لُڙڪ روهيڙن ۽ ٿوهرن جي ڳلن تان ٽمي ٿر جي پياسي واري ۾ پرويش ڪري رهيا آهن. وڻن جا ويس ۽ کاهوڙين جا کيس به پُسي ويا آهن. لوڙهن ۽ ڪنڌين جي لامن تي سڪايل لٽن مان به رات جا لُڙڪ لار ڪري ڇڻي رهيا آهن. مان اوڄاڳيل اکين مان آرس موڙي سوچيان ٿو ته رات جي رولاڪ نيڻن مان وهايل هنن لڙڪن ۽ سڏڪن جو احساس ڪنهن کي ٿيو به هوندو الئه نه..!؟؟ رات جي سڏڪن جا پڙاڏا سڻي ڪنهن جي آتما اوڇينگار ڏني هوندي يا نه..!؟؟ سوچيندي منهنجي اک مان به هڪ ڳوڙهو شبنم قطري جيئان ٽپڪي پوي ٿو. ڏاڍو اُداس ٿي وڃان ٿو..!!
    ڏکايل ڏيهه ۾ ڏٿ کائي پليل منهنجو ضمير مون کي چوي ٿو ته رات جي سڏڪن جا پڙاڏا انهن رُڃن، رڻ پٽن، وڻن ۽ جبلن ضرور ٻُڌا هوندا، جن اُهي لڙڪ پيتا هوندا...! ۽ ها انهن ماڻهن به رات جو درد ضرور محسوس ڪيو هوندو جن رات سان گڏ رنو هوندو.!! ڪن وهه جهڙن وڇوڙن ۾ ونجهلي صدائون ڪيون هونديون ته ڪن وري بکئي پيٽ جي باهه ۾ پڄرندي رات کي پنهنجو همسفر ساٿي بڻائي ساڻس لڙڪن جي ڏي وٺ ڪئي هوندي، انهن کي ئي خبر هوندي ته رات، رات ايڏو ڇو رُني هئي؟ باقي دردن کان بي خبر انسان کي شب جي شبنمي لڙڪن جو ڪهڙو قدر؟ انهن احساس کان وانجهيلن کي ڪهڙي ڪل ته رات به ڪنهن جي دردن جو درمان ڪندي رني آهي. هي آسماني آنسو ڪنهن... مظلوم جي ڏکن کي ڏسي لڙيا آهن!! نيري آڪاش مان پرڀات ويلي وٺل انچل ڌار پاڻي ماڪ ناهي هوندو! اهي ڦڙيون ته رات جي اکين مان ٽم ٽم ڪري ٽمندڙ لڙڪ هوندا آهن. اهي موتي جهڙا آنسو رات ڪنهن جو ڏک ڏسي لاڙيندي آهي بقول شاعر..
    پيئي جا پرڀات، سا ماڪ مَ ڀانيو ماڻهان،
    روئي رڙي رات، ڏسي ڏکوين کي.
    رات جا نيرا نيڻ ڏسي مان وشال گگن ڏي نهار کڻي نيري آڪاش سان مخاطب ٿي پڇان ٿو ته اي آڪاش! رات ايڏو ڇو روئي ٿي!؟ رات جي وسيع سيني ۾ اهڙو ڪهڙو درد تير جيئان کپي ويو آهي، جو رات کي ايڏو بي انداز روئاڙي ٿو! مان اُڃاري ڌرتي کان به پُڇان ٿو ته اي ڌرتي! تنهنجي سرتي رات ايڏو وياڪل ڇو آهي! آئون ڏکن جو ماريل ڏٻرو ڏيل کڻي ڀالوا جي ڀٽن کان وٺي وڄوٽي جي وڻن تائين سموري فطرت کان رات جي روئڻ جو سبب پڇان ٿو. پر منهنجي هن معصوم اسرار تي نه وڻن ڪا وراڻي ڏني نه ئي گونگي گگن ڪا ڳالهه ڪئي. ڌرتي به خاموش رهي...! تڏهن مون پنهنجي دردمندانه دل کان پڇيو ته اي مصيبت جي ماري دلڙي! تون ئي ٻڌاءِ ته رات ڇو رني آهي..؟ تڏهن منهنجي ويڳاڻي پنڇي جهڙي دل ورلاپ ڪندي وراڻي ٿي ته؛
    اي دردن جا ماريل مسافر پوپٽ! رات واقعي ڪن صدمن ۾ سڙي آهي. رات، رات ڏيل ڏنگيندڙ ڏکن ۾ ڳري آهي. رات ان ڪري به رُني آهي جو ڪن معصوم بُکايل ٻچڙن جون رڙيون رات جي ريشمي بدن ۾ ٻاٻرن ڪنڊن جيان چڀيون آهن ۽ اهي اُڀ ڏار اوڇينگارون به رات جي روح کي رولي رهيون آهن. جيڪي تنهنجي پاڙي ۾ جهور پوڙهي سان پرڻايل جُواڻ جماڻ نينگري جي بارش جهڙي اُجري روح ڪيون آهن. رات ويراواهه جي ان هرڻي لاءِ به رُني آهي جنهن کي ڇلر جو پلر پيئندي ڪي ورهيه وهامي ويا آهن.
    واهوندي ولهه ۾ چوٽا ڀري ڪپور ستل سرتي لاءِ به رات رُني آهي، جنهن جي پريتم وصل جو واعدو ڪيو مگر سوجهاڪي تائين اوجاڳو ڏيئي مُور نه موٽيو! رات ته ان اڪيلي ستل ستيءَ جي سڏڪن جا پڙاڏا سڻي به رُني آهي. جنهن جو ڪانڌ پهرين رات ڌرتي خاطر رڻ ڀومي ۾ ڪُسجي ويو. رات ان مور لاءِ به ڦٿڪي آهي جنهن جي ڊيل راڻي کيت جي روڳ ۾ ڀوڳ ڪندي مري ويئي! اُماس جو چولو پاتل رات چنڊ جي وڇوڙي تي به ونجهلي آهي! رات انهن نماڻن لاءِ به نير هاريو آهي. جن جا عزيز ڌاڙيل بگهڙن بي دردي سان ماري جهنگلن ۾ اُڇلائي ڇڏيا. پٽ هٿان تذليل ٿيل ماءُ پيءُ جي درد ۾ اوڇنگارون ڏيئي روئيندڙ رات ان بيوس سنڌ ناري لاءِ به ڏاڍو رُني آهي جنهن کي ڪاروڪاري جي ڪاريهر بنا ڪنهن ڏوهه جي ڏنگي وڌو! رات ايڏو رُني جو آڪاش به روئي ڏنو. وڻن ۽ ڌڻن به رُنو ته پکين جي پرن کان وٺي ڪکاون گهرن تائين هر اک آلي ٿي ويئي. پر اهي وحشي صفت انسان مُرڪندا رهيا جن کي صرف ٻين کي ڏک ڏيڻ اچي ٿو. جن جي سفاڪ سينن ۾ ڌڙڪندڙ دليون ترڪنٽي وليون آهن. جن کي ڪنهن جي ايذائن ۽ عقوبتن جو ذري جيترو به احساس ناهي. انهن دلين ۾ رڳو حيوانيت ۽ درندگي جو ڀوسو ڀريل آهي. جن ڪڏهن درد جو روپ ڏٺو ئي ناهي. انهن کي رات جي روئڻ جو ڪهڙو قدر...!!
    رات جي روئڻ جو قدر انهن احساس وندن کي ئي هوندو، جن سانوڻي جهڙن سرتين جي هجر ۾ هنجون هاريون هونديون. جن رکي روٽي بصر جي ڇوڏي سان کائي پيٽ ڀريا هوندا. جن جگرن جي ٽڪرن کي ديس جي حفاظت خاطر سرحدن ڪناري موڪليو هوندو. جن غربت جي شديد گهاون جا تاو نه سهندي آتم هتيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي، جن راتين جون راتيون ساجن سان ملڻ لاءِ ڪنڊا لتاڙي اوڄاڳن جا پنڌ ڪيا هوندا. جن يتيم ٻارن جي من ماءُ جي ممتا لاءِ هر هر سڏڪا ڀريا هوندا... اهي ئي ڄاڻي سگهن ٿا ته رات به ڪنهن جي ڏک ۾ روئي ٿي..! پوءِ ڀلي ڪٺل ڪونجن جون ڪوڪون ٻڌي روئي يا چوماسي جي بارشن جي بيوفائي تي روئي. چنڊ جي جفا تي جلي يا ڌرتي سان پنهنجن جي ڪيل دغا تي روئي، گڊي تي وڃائجي ويل پريتم جي ڳولا ڪندڙ پدمڻي جي مايوسي تي روئي يا ديوالي تي بنا ديپ جي اونداهي ۾ ٻڏل غريب جي گهر تي روئي. ڏيوالي جا ڏيئا ٻاري پيئا جي واٽ نهاريندڙ وڻجاري جي ڀريل ٿڌڙي آهه تي روئي يا ڦٽاڪي کي حسرت سان ڏسندڙ غريب ٻار جي نراس نگاهه تي روئي....!!!


    محبت بادشاهه آهي...

    محبت ويراڳ مان اُتپن ٿيندي آهي. اهڙو ويراڳ جيڪو اندر جي عميق ۾ لڪيل هوندو آهي. اهو جڏهن ڪنهن جي سجيلي ساٿ سان نسري نروار ٿيندو آهي. تڏهن اکين جي اُڀ تي بانورو بادل ٿي جهلڪندو آهي.
    ماڻهو جو من جڏهن ويراڳي واٽ وٺندو آهي، تڏهن پنهنجو پاڻ ارپي امرتا پراپت ڪرڻ واري خوبصورت خواهش پروان چڙهندي آهي، انهي پرمسرت مارڳ وسيلي ئي عابد پنهنجي معبود تائين پهچي روح پرور راحت ماڻن جي جستجو ڪندو آهي. محبت جي سڳنڌ جڏهن انسان جي ون ۽ واس ۾ واڪو ڪندي خوشبو وکيرندي آهي، تڏهن سمورو سنسار سرهو محسوس ٿيندو آهي. حياتي سان هيج به محبت ڪرائيندي آهي، محبت کانسواءِ انسان جي اندر ۾ هڪ خالي پڻو هوندو آهي. اهو خالي پڻو ماڻهو کي زندگي کان فراريت ڳولڻ ۽ آتم هتيا جهڙو مهاپاپ ڪرڻ تي اڪسائيندو آهي.
    آتم هتيا ۾ آنند اهي ماڻهو ئي ڳوليندا آهن، جيڪي محبت جي ميوي کان وانجهيل هوندا آهن. جن جي ڪنهن سان به محبت ناهي هوندي نه انسان سان ۽ نه ئي وري فطرت سان، محبت کانسواءِ قرار ڪٿي به ناهي. محبت ئي اها شڪتي آهي، جنهن وسيلي انسان مڪتي پائي نرواڻ پد تائين پهچي ٿو.
    محبت تمام گهرو فلسفو آهي جنهن کي سمجهڻ لاءِ صديون لڳي وينديون. پر اسين محبت جي ڪتاب کي پوري طرح پروڙي نه سگهنداسين، ڇاڪاڻ ته محبت هڪ اهڙو پيچيده ڪتاب آهي. جنهن جي ڪل ڪلتار کي ئي آهي. محبت هڪ اهڙو ساگر آهي. جنهن جو ڪو ساحل ناهي. هن مها ساگر کي قطري ۾ قطعي شامل نٿو ڪري سگهجي. جيڪو به هن لامحدود ساگر ۾ هڪ دفعو گهڙي ٿو، اهو وري ورڻ جو سوچي ئي نٿو.
    ڇاڪاڻ ته محبت جي سمنڊ ۾ سنتوش جا موتي آهن. جيڪي ماڻهو جي من کي آنند جي مد پياري سدا لئه سرمست ڪري ڇڏين ٿا. محبت کي ڪن ماڻهن رڃ سان به ڀيٽيو آهي. انهن جي نظر ۾ محبت هڪ اهڙو ڀيانڪر ريگستان آهي، جنهن جي رڃ ۾ هر انسان رلي ٿو، ڀٽڪي ٿو، تڙپي ٿو، پير پٿون ٿين ٿا، لڱ لڱ سان نٿو لڳي، حواس بدحواس ٿي وڃن ٿا، پر پوءِ به محبت جي ريگزارن ۾ انسان جو روح سڪون ۾ هجي ٿو. اردو شاعري جي شاهه فرحت عباس شاهه چيو آهي ته؛
    محبت برف پرتی سردیوں میں، دھوپ بنتی ہے،
    محبت چلچلاتی گرم صحرائوں میں، ٹھندی چھائوں کی مانند،
    محبت اجنبی دنیا میں اپنی گائوں کی مانند۔
    اجنبي ۽ اوپري دنيا ۾ پنهنجائپ جو احساس ڏياريندڙ محبت کانسواءِ دنيا ۾ ڪا به شي اُتم ناهي، محبت هڪ اهڙو جز آهي جنهن ۾ ڪل سمائجي وڃي ٿو. محبت فدا ٿيڻ ۽ پساهه ڏيڻ جا هڙئي هنر ڄاڻي ٿي، ماڻهپي جا ماپا ۽ سنڱ سياڪا سولي نموني سمجهندڙ محبت بادشاهه آهي.
    ننڍي کنڊ جي وڏي مفڪر گرو رجنيش اوشو چيو آهي ته ”محبت جا گُل جتي به هجن ٿا، اُتي ڪو به ماڻهو بادشاهه بڻجي سگهي ٿو ۽ جتي انا جا ڪنڊا هوندا آهن، اُتي هر شخص فقير ۽ مصيبت ماريل ئي ٿي سگهي ٿو، محبت بادشاهه آهي ۽ انا فقيري“، گرو جي ٻڌايل انهي گپت گيان ۾ ڌيان ڌرڻ سان پتو پوندو ته محبت جي مهانتا ڇا آهي...؟ محبت روحاني راز ازل آهي، سراپا وفا آهي، پوپٽ پرن ۽ ڪکائن گهرن جهڙي پاڪيزه محبت، معصوم محبت جي ننڊ اکڙي مرڪ ۾ محور رقص هوندي آهي.
    محبت رڳو ٻن سريرن جو سنگم ناهي، پر محبت ته ٻن اُداس اکڙين جي ترنم سان ٻن الوڪڪ آتمائن جو ملن آهي، محبت رڳو چپن سان چاهه ۽ جسمن جي ماهه سان موهه کي ناهي چيو ويو پر محبت ته جڳن جي جوڳ سان سنجوگ کي چيو ويو آهي، پکين جي اکين جهڙي معصوم محبت ته ممتا جي ديوي ماءُ جي اکين ۾ ئي جهلڪندي آهي.
    محبت کانسواءِ هي سمورو سنسار بي رنگ ۽ ڦڪو آهي، اهو ئي ته محبت جي مهانتا آهي، نيل ڪنول جي نرم پتن تي ڪريل پرهه ڦٽي جي ماڪ ڦڙي جو قسم محبت جيون جي ڦلواڙي جو اهو ڦل آهي، جنهن جي سرهاڻ سان هي سڄو سنسار واسيل آهي.
    مالڪ جي طرفان مليل هن مختصر زندگي ۾ جيڪڏهن محبت ناهي ته سمجهو ڪجهه به ناهي. محبت سواءِ زندگي جو ذائقو ڦڪي چانهه جهڙو لڳندو آهي. محبت ماڻهپي جا هڙئي حُسن پسائي ٿي. محبت به شاعري وانگي ڪبي ناهي پر ٿي ويندي آهي. محبت ڪو مذاق ناهي پر محبت ته اُن مور جو ٽهوڪو آهي جيڪو هُو پنهنجي پريميڪا لاءِ سارنگ رُت جي سمي ڀنل ڀٽ تي ڪندو آهي. محبت ته اُن ڪونج جو ڪُرلاءِ آهي جيڪا پنهنجن ٻچن جي پيٽ پوُرائي لاءِ پرديس جا پنڌ ڪري ٿي. محبت اُن ٻار جي دلبند مُرڪ آهي جيڪو پنهنجي ماءُ جي ممتا ڀري هنج ۾ مُرڪي ٿو. محبت ته اُنهن پکين جي اکين ۾ جهالر وانگي جهلڪي ٿي جيڪي پرهه ڦُٽي ويلي مالڪ جو ترانو ڳائي زندگي جي شروعات ڪن ٿا. محبت اُنهن ٿوهرن جي ٿڪل وجودن سان به ويڙهيل آهي جيڪي صدين کان صحرا جا ساٿي بڻيل آهن. محبت اُن چنڊ جي چانڊوڪي ۾ به آهي جيڪو امبر تي چمڪي به ڌرتي کي روشن ڪري ٿو. محبت اُن فقير جي دل ۾ به ديپ وانگي ٻري ٿي جيڪو دنيا جي غمن کان دُور پنهنجي مستي ۾ مگن رهي ٿو. محبت اُن ٿاريلي جي دل ۾ به رقص ڪري ٿي جيڪا جديد دور جي تقاضائن کان اڻواقف هوندي، مُڪي سان مڙهيل رومال ۾ سونف سوکڙي طور پنهنجي محبوب ڏي مُڪي ٿي.
    محبت کان بنان ماڻهو هن سنسار ۾ مُئي مثل آهي. صرف ساهه کڻي جيئڻ زندگي ناهي. زندگي جو اصل حُسن ته ماڻهپي ۾ آهي ۽ اُهو ماڻهپو ماڻهن ۾ تڏهن ئي ايندو جڏهن ڪنهن سان محبت ٿيندي آهي. جڏهن به ماڻهو جي اندر ۾ محبت جا رابيل ٽڙندا آهن تڏهن سمورو سنسار سراپا حُسن لڳندو آهي. حياتي اُن هرڻي وانگي حرس ڪندي آهي. جيڪا ننگر جي تلائن ۾ برساتي پاڻي پيئڻ کانپوءِ ٽِپ ڏيندي ڪندي آهي. محبت سنڪرات ۾ به سڪون ڏيندي آهي. محبت گونگي جي اُن خواب مثل هوندي آهي. جنهن کي ڏسي هُو صرف مُرڪندو آهي ڪنهن کي ٻُڌائي نه سگهندو آهي. محبت صرف مومل جي مزاج جو موهه ناهي پر محبت ته سسئي جو اهو سڏ به آهي جنهن کي ٻُڌي ڏونگر به ڏري ويا هُئا.
    محبت ڪرڻ سولي آهي ۽ نڀائڻ ڏاڍي ڏُکي آهي پر جڏهن به ماڻهو جي ڪنهن سان محبت ٿي ويندي آهي تڏهن سنسار جي هر شيءَ ۾ سُونهن ليئا پائيندي نظر ايندي آهي. جنهن سان ماڻهو پيار جا پيچ اڙائي اکين جون وارتائون اوريندو آهي جنهن کي اکين ۾ ويهاري لوڪؤن لڪائي رکڻ جي تمنا ڪندو آهي. اُن جي هر واسطي سان محبت ٿي ويندي آهي. ديس، ويس، ٻولي، لولي، رنگ، نسل، تهذيب، ثقافت مطلب ته محبوب جي هر شيءَ ساهؤن اوڏي لڳندي آهي. محبوب سان ملندي کلندي سال به پل لگن. تن ۾ تؤنس ايڏي ٿئي جو سمنڊ به سُرڪ لڳي تڏهن ئي سمجهجي ته محبت جي موج اوج تي آهي. پيار پرواڻ چڙهي چڪو آهي. جڏهن پيار پرواڻ چڙهندو آهي تڏهن ماڻهو کي مڪمل ماڻهپي جي ڏاڪي تي هئڻ جو احساس ٿيندو آهي. دُنيا ڪينجهر هندوري جيان لڳندي آهي. هر ڏينهن، هر پل، هر شام ۽ هر رات عيد لڳندي آهي. ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ عُمر وڌي ويئي آهي. حياتي جي هر گُذري ويندڙ حَسين ڏينهن جو ڪو به احساس ناهي ٿيندو! ايئن لڳندو ڄڻ وقت جي گهڙيال جا ڪانٽا، پيار جي پنجوڙ ۾ ڦاسي هميشه لاءِ بيهي رهيا آهن.
    مڃون ٿا ته محبت اڄڪلهه جي هن جديد دؤر ۾ مُفادن جي ور چڙهي ويئي آهي. ماڻهن جي اندر مان پنجاهه سيڪڙو پرواز ڪري چُڪي آهي پر جانورن ۾ اڄ به محبت جا جلوا پسي سگهجن ٿا. شيرين ٻولي سان روحن کي راحت ڏيندڙ سارس پنهنجي جيون ساٿي جي مري وڃڻ تي اُن جي مُئل جسم مٿان پرن جو ڇانورو ڪري ويهندو آهي ته جيئن اُن کي سورج جي گرم شعاعن جي تپش نه ساڙي. مُئل سارس مٿان ويٺل جيئري سارس جي جسم کي ڪينئان کائي کائي نيٺ ماري وجهندا آهن پر هُو پنهنجي ساٿي کي ڇڏي ناهي ويندو، محبت اُن کي چئبو آهي.
    محبت جي ڪا ممتائي جهلڪ پسڻي هُجي ته اُن ڳوڀ ڳئون مان به پسي سگهجي ٿي جيڪا پنهنجي ڦر جي مري وڃڻ کانپوءِ اُن جي چَم مان ٺهيل چاکڙي/ پُوتلي کي چَٽي پيار ۾ پسوئجي پوندي آهي. ان کان به مٿي محبت ڏسڻي هُجي ته پونم چنڊ جو سمنڊ ۾ اُٿيل جُوارڀاٽا کي ڏسي سگهجي ٿو. چنڊ جي عشق ۾ سمنڊ پونم رات جو چريو ٿي مست شينهن وانگي گهوراڙون ڪندو آهي. اُن جو عشق ڪڏهن به ڪمزور ناهي ٿيو ڇو ته اُن ۾ سچائي آهي. هٺيلي چنڊ سان محبت ته چڪور به ڪري ٿو جيڪو هر پونم تي اُبتو ٿي چنڊ ڏانهن اُڏار ڪندو آهي. مُنهن چنڊ ڏانهن هوندو اٿس. جڏهن پرن ۾ پرواز جو دم پورو ٿيندو آهي تڏهن پٽ تي اچي ڦهڪو ڪندو آهي پر پنهنجي محبوب سان ملڻ جي تمنا ۾ اُن کي ذور به سور ناهي ٿيندي. چڪور جي ان بي لوث محبت تي ڪنهن ڪوي خوب چيو آهي ته؛
    چوکي پريت چڪور ڪي چندا نه ماني،
    اپني تو توڙ نڀاني اُس ڪي وهي جاني.
    (چڪور جي سچي محبت کي چنڊ نه ٿو مڃي پوءِ به چڪور چوي ٿو ته مونکي توڙ نڀائڻي آهي، مون محبت ڪئي آهي. چنڊ جي چنڊ ئي ڄاڻي).


    اسين خود بهارن لاءِ ڀٽڪون پيا...

    سنڌ پرڳڻي جو هي صديون پراڻو خوبصورت خطو ٿر جنهن جي جاڳ جهڙي ڀاڳ ۾ رُڳو ڏُک ۽ ڏُهاڳ ئي ڏاج بڻيل آهي. الوڪڪ اتهاس جي والي هن ديس جي درديلي تاريخ جو اکر اکر ان ڳالهه کي اُجاگر ڪري ٿو ته هي صحرا سورن جي شمشان گهاٽ ۾ ڪيترو سڙيو آهي. وقت جي ويساهه گهاتين، قدرت جي قهري ڪاررواين ۽ سياسي شهودن جي اُرهه زوراين سدائين هن حسين نگري سان وڏا ناحق ڪيا آهن. دُنيا ۾ دنگ جي سونهن پنهنجي سيني ۾ سمائي رکندڙ هي اڀاڳو وطن اڄ به انصاف جي اوسيئڙي ۾ آهي. هر ٽئين سال هي ساڻيهه ڪاري ڏُڪار واري قحط کي مڙس ٿي منهن ڏي ٿو. بک ۽ لڪ ۾ لڇي ٿو پر پوءِ به ڪنهن کي ميار نه ٿو ڏي مڙوئي مون ڏي هوتن ڏي هڪ به نه واري ڪار هر ڏک پنهنجو ڀاڳ سمجهي ڀوڳي ٿو.
    شهيد بختاور جي ڏاڏاڻڪي ڏيهه ۾ هيل به ڪارو ڏُڪار ڪاهي پيو آهي. هر طرف موت جو بدحواس حبشي مست هاٿي وانگي ڊوڙي رهيو آهي. تيز طوفاني هوائن ۾ اُڏندڙ واري ماروئڙن جون مَتيون ئي منجهائي ڇڏيون آهن. جَر جي ڪڙوي جَل جي ڪري پکي پياس ۾ ڦٿڪن پيا. ٿر جي معصوم ٻارڙن جا لوساٽيل لَب پاڻي جي لاءِ واجهائن پيا، ڏور ڪٿي ڪو مٺي پاڻي وارو سروَر نظر ئي نٿو اچي. سواءِ کارين ڄارين جي سموري صحرا ۾ ڪو سائَو سَلو رهيو ئي ناهي جيڪو بُکايل مال جي منهن ۾ وڃي. ڀورين ڀٽن جي پاساڙن ۾ چرندڙ چوپايو مال به چَٽ ٿي ويو آهي. چڙن جي چونگار ۾ ماٺار اچي ويئي. سڄو صحرا سُڃ بڻجي چُڪو آهي.
    انهي سموري روئداد ۾ اسان ريگستانين جا روح مٽيءَ جي رانديڪي وانگي ٽُٽي ٽُڪرا ٿي ويا آهن. اسين هيل ڏاڍا اُداس آهيون. اسانجي اُٻاڻڪين، آتمائن جون سڀئي سرهايون هن صحرا سان وابسته آهن ۽ هيل صحرا ستايل آهي. مورن ۽ ڍورن کانسواءِ ٿر جا لاک رتا گلابڙا به غذا جي پن ڇڻ ۾ ڇڻي ويا آهن.
    سارو صحرا ڪنهن جواڻ جماڻ وڌوا جي اُجڙي ويل مانگ جهڙو منظر پيش ڪري ٿو. ڍول ڍاٽيئرن جي هنيئڙن هول پيا آهن. ماروئڙا هيل ملول آهن. گُلابي گجن تي هٿرادو هُرمچ جهڙي هِن حَسين صحرا جون سموريون سيمون ڀڙڀانگ بڻجي ويون آهن. کوهن تان کينچل موڪلائي ويئي آهي. دَڙن تان ديدون ۽ اسان کان عيدون رُسي ويون آهن. وينڍليهاڻن وجودن جي ملوڪ مکڙن تان حسين مُرڪن جا پوپٽ پرواز ڪري ويا آهن. ٽڪن جهڙا ٽهڪ ۽ اگسڻي جي مهڪ به ماضي جو قصو بڻجي وئي آهي. ولوڻن ۾ وقفا پئجي ويا آهن. ڪنهن هٺيليءَ ڪامڻي جي هار سينگار جهڙيون هن ساڻيهه جون سڀئي حُسناڪيون اياڻيون لڳن ٿيون. روپلي ڪولهي جي ننگراڻي ۾ راسوڙن جا آلاپ وياڪل ورلاپ بڻجي ويا آهن. ڪڙوا چوٿ رکندڙ نارين کان ناز ۽ ميراثين کان ساز وسري ويا آهن. ڏُڪاريل ڏيهه ۾ ڏينهن رات، پاپي پيٽ جي پوڄا لاءِ وارياسن وجودن ڪاڙهن ۾ ڪڙهي سدا سُندر سريرن جي ونڪي ئي وڃائي ڇڏي آهي. بقول شيخ اياز جي ته؛
    سدا آهي ساهه کي ڳڀي جي ڳولا،
    ڍَوبنان ڍولا ناهي ساڃاهه سونهن جي.
    ڳڀي جي ڳولا ۾ حياتي سڄي هنبو ڇيون هڻندڙ اسان مارو ماڻهن جي ڪرم ۾ شايد سُک لکيا ئي ناهن. تڏهن ته هميشه هار ۾ آهيون. ڇاڪاڻ ته اسان کي پوري طرح پڪ آهي ته اسانجي قسمت ۾ ڪوڏ لکيل ئي ناهن. اسين ان ديس جا واسي آهيون جنهن ۾ واريءَ جو درياءَ وهي ٿو. جنهن ۾ ڏُڪار هر سال شڪار ڪري ٿو. جتي لُڪون ۽ جهولا بدني بناوٽ ئي ڦٽايو ڇڏين ٿا. اسين اُن بدنصيب صحرا جا واسي آهيون جنهن جي مقدر ۾ رڳو گوندر ۽ غم لکيل آهن. رسمي خوشين جي راند کان اسين ناواقف آهيون.
    اسين جيڪي پيئڻ جي پاڻي لاءِ ڪشالا ڪاٽون ٿا، اُنهن جي اُجاڙ کيتر جهڙي مقدر ۾ کنياتا ڪٿان آيا؟ اسين سدائين سورن جي سرلي هيٺ وڃايل خوشين کي ڳوليندا وتون ٿا.
    اسين هن دورنگي دُنيا جا اُهي بدنصيب ماڻهو آهيون جن لاءِ بهار به سرءَ جا سنديشا کڻي ايندي آهي. جن جي بيوسي ۽ غريبي تي چنڊ به چَٿرون ڪري هليو ويندو آهي. اسين اُهي ڀٽن جا ڀٽڪيل مسافر آهيون جن سان مندون به وڏا مذاق ڪنديون آهن، جن سان بارشون اڪثر بي وفا محبوب وانگي ماڻا ڪري رُسي وينديون آهن! گهُمڻ جو ميهه ڪري اسان جي هن غريب ڏيهه جي گهونگهٽ جي گهٽائن ۾ لڪيل چنڊ چهرن تي اوڇي نظر اُڇلائڻ لاءِ ڏور کان ايندڙ سياحن کي هيل صلاح آهي ته متان اچجو ڇو ته ڏيهه ڏُکايل آهي بقول ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ته؛
    اسان جا باغ سڀ ڀيلاڙ ٿيا،
    اسين خود بهارن لئه ڀٽڪون پيا.


    ڏُڪارن جا ڏمر ۽ ڏياري....

    سال جي ڊگهي سفر پُجاڻان هيل وري به ڏياري آئي آهي، ڪنهن وينگس جي وشال نيڻن جي نيري سمنڊ ۾ جرڪندڙ ماڻڪين جهڙن ڏيئن واري ڏياري تريتا يُگ جي ايشوري اوتار رام جي بنواس سمپورڻ تي ملهائي ويئي هُئي. جنهن کي اڄ تائين هندو سڀيتا ملهائيندي اچي. ڏياري تي نه رڳو ڏيئا ٻاري سماج ۾ سوجهرو ڪندا آهن پر صفائي سُٿرائي به ڪندا آهن. ڌن دولت جا پوڄاري هن ڏڻ تي لڪشمي ديوي جي پوڄا پاٺ ڪري نوٽن کي تِلڪ ڏيندا آهن ۽ آتش بازي ڪري وڏو سُرور ماڻيندا آهن.
    ٿاريلن جي اُداس رُوحن جي ريگستان تي لٿل ٻِٽن ڏُڪارن جي ڪاري رات واري قهر ۾ آيل هيلوڪي ڏياري تي ڀلا ڪهڙي سرهائي ڪجي؟ ايذائن ۽ عقوبتن واري اُڏوهي هٿان کاڌل، هيرڻ پن جهڙي هانو ۾ ملول من سان ڪيئن قرار ماڻجي هن پرمسرت موقعي تي...!؟ جاڙن ڏُڪارن جي جاڙ ۾ ڳڀي جي ڳولا ڪندي ڪندي پٿون ٿيل پيرن جي درد کي ڀلا ڪٿي رکجي؟ جو ڏياري ملهائجي.
    ڪٿي رکجي اُن بي رحم درد کي، جنهن جي پيڙا ۾ سمورو صحرا سُڏڪي ٿو! ڇني ۽ ڇپني وارا واڪا ڪندڙ هيلوڪي ڏڪار سبب پيٽ بُکئي جي پالنا خاطر بئراج ڏي ويل بابُو جي پتي وِرتا اِستري هيل ڪهڙي ڏياري ملهائيندي؟ ڪاند ري پانڌ بنا سنجهي سيءَ مران واري ڪار هُو پل پل جيئندي ۽ مرندي نه رُڳو مقدر کي ميارون ڏيندي پر هن سماج کي هلائيندڙ اُن سرڪار کي به دانهن ڏيندي جنهن هن جي هيلوڪي ڏڪار ۾ ذري جيتري به سُهائتا نه ڪئي ۽ هُن جو لختِ جگر ساگر غذائي ڪمي سبب سرڪاري اسپتال جي وارڊ ۾ پيلي پن جيان هميشه لاءِ ڇڻي ويو. هيلوڪي ڏياري جا ڏيئا هن جي اڇوتي آتما کي نه رڳو ڏنڀ ڏيندا پر ويتر واسينگ جيان ڏنگيندا...!!
    هيلوڪي ڏياري ملهائڻ کان اڳ ۾ اُن ٿاريلي جي ٿڪاوٽ کي به سوچن جي سفر ۾ ساڻ کڻجي جنهن جي ڪل پونجي فقط پنج رڍون هُيون جيڪي ماتا جي مرض ۾ مري ويون ۽ هُوءَ هاڻي هر روز لٿي سج ويلي وٿاڻ وڃي، رڍن کي ساري لڇندڙ رُوح کي لُڙڪن جي بارش ۾ ڀڄائي ٿي! هُن کي ڪير ٻُڌائي ته ويل ناهن ورندا.
    قسمت جي ڪجلاسر تان ڌڪاريل اُنهن ڌنارن جي به هيل ڪهڙي ڏياري ٿيندي، جن جا مال بکن ۾ بي حال ٿي بي موت مري ويا. اُنهن جا وکريل وارن جهڙا بي ترتيب وجود پسي هر مارو من جا نيڻ نياڇا پهاڙي ندي جيان وهي هلن ٿا. ڏيئن جي سُهائي سان اُماوس ۾ سوجهرو اوتيندڙ ڏياري وڻجارن جي ونين لئه ازل کان ويرڻ بڻيل آهي. ڏياري ايندي آهي ته وڻجارين جي اکين جي وطن مان ننڊ جا پنڇي اُڏامي ويندا آهن.
    ڏٺي ڏياري سامونڊين سڙهه سنڀايا،
    وِجهيو ور ونجهه کي روئي وڻجاري،
    ماريندي ماري! پرهه سُور پرين جا.
    (شاهه)
    وڻجارين لئه ويرڻ بڻيل ڏياري رامائڻ جي نائڪا سيتا لئه به سُٺو سنئوڻ نه بڻي، ايوڌيا جي نگري ۾ سيتا جي وڃائجي ويل آخري سُڏڪي جهڙو سچ اهو آهي ته مذهبن هٿان مقرر ٿيل اهڙن ڏڻن تي غريب نه رڳو احساس ڪمتري جو شڪار ٿين ٿا پر حياتي جي هماءَ تان به هٿ کڻن ٿا، ان ڪري اسان کي اهڙن ڏينهن تي پنهنجي هر سرهائي ۾ غريبن کي شريڪ ڪرڻ گهرجي. پنهنجي گهر جي ديوارن تي وڏا فانوس ٻارڻ کان سُٺو آهي ته مٽي جي ڏيئن مان ڪم وٺي ڪُجهه بچائجي ته جيئن ڪنهن غريب جي گهر ۾ ڪا ميڻ بتي ٻري سگهي. شيشي جي سُپر گلاسن ۾ رنگ برنگي مڌ پيئڻ کان سُٺو آهي ڪنهن غريب جو ٺريل چُلهه گهٽ ۾ گھٽ اهڙي شڀ ڏڻ تي ٻارجي، وڏو ڦٽاڪو وٺڻ کان سُٺو آهي ته ڪنهن يتيم جي هٿ تِري تي ٻه سِڪا خرچي لاءِ رکجن! مري ويل مورن ۽ ڍورن جي سوز ۾ سُڏڪندڙ ڍٽ ڌڃاڻيون هيل ڪهڙي ڪوڏ سان پنهنجي هٿ ريکائن تي حنا جا لال روهيڙا روپينديون ڇو ته هنن جا سڀئي حرس ڏُڪارن جي ڏمر جي نذر ٿي ويا آهن. سنهيءَ سُئي سان ٽُنبجي هُرمچ وارو هٿ رومال ڀري محبتن ۾ ويساهه هئڻ وارو ثبوت ڏيندڙ حنائي هٿ هيل هڪ به ڏيئو نه ٻاريندا ڇو ته انهن جا چڪور جهڙا چِت چنتائن جي چناب ۾ ٻُڏل آهن. اسر ويل اُٿي نگرو پوڄي پکين کي ان ۽ جل ارپيندڙ مٺي جون مها سُندريون بارشن جي بيرُخي سبب هيلوڪي ڏياري واري ٻڙ راجا جي پُتلي تي ڪو به پرشاد نه وجهنديون!
    ڪپڙي کي ڪوري ٽُڪ واري رلي ٺاهي، سنڌ جي ثقافت کي آدجگاد کان جيئاريندڙ سُگهڙ سنڌياڻيون هيلوڪي ڏياري بک وگهي مري ويل اُنهن معصوم ٻارن جي نانءُ ڪنديون جن جي اُداس مائرن جي ممتا کي مُڏي ڪاتي سان ڪُهندي سنڌ جي وڏي ڪُرسي تي ويٺل اعليٰ اختيار ڌڻي گهڻو ڪجهه ڳالهايو هو. ڏُڪاريل ڏوٿين جي ڦٽن کي ڦلهوري انهن مان وهندڙ لهو تي لوڻ ٻُرڪندڙ ان ڌر ڌڻي جو ڌيان ڇڪائڻ خاطر سموري صحرا کي سوڳ ۾ رهڻ گهرجي. هيلوڪي ڏياري تي ڪو به ڏيئو نه ٻاري ۽ ڪو به ڦٽاڪو نه ڦوڙي ڇو ته ڍٽ ڌڃاڻين جي عزت جو سوال آهي! ان کان به وڏو سوال اهو آهي ته نمن جي شهر ۾ ننڍڙي سيتا جي ننڍپڻ ۾ تين وال ٿيل عزت جي غم ۾ ڀلا ٿر ڪهڙي ڏيار ڪندو؟ ڪهڙي ڏياري ڪندي اُها اڀاڳي ماءُ جنهن جي معصوم نينگري جي مقدس عصمت کي سفاڪ انسانن لوڌين جيان لُٽيو ۽ پٽيو....!! جنهن جي داد رسائي الئه ڪڏهن ٿيندي؟
    اماوسَ رات ۾ سُهائي جو سنديشو کڻي ايندڙ ڏياري کي اُن بچان جي بيوسي جي ڪهڙي ڪل جنهن جي اڱڻ جي احاطي ۾ غربت بُکايل شينهن وانگي سُتي آهي ۽ ها ڪاري قحط ۾ آيل هيلوڪي ڏياري کي ان ساوتري جي سڌ نه هوندي جيڪا ڍولي جي چولي کي چتيون ڏيندي سوچي ٿي ته هيل به جيڪڏهن هُو نه آيو ته ڪير رٻ به اُڌاري نه ڏيندو ۽ آئون هن سپرٻي پرٻ تي پنهنجن ٻچن کي ڪهڙو جواب ڏينديس؟ ڪيئن ماٺ ڪرائينديس؟ اُن معصوم مومل کي جيڪا مُنهنجي سُڪل ڇاتي کي چنبڙي مون کان ٿڃ جي سُرڪ گهري ٿي. اُن ٻالڪڙي کي ڪهڙي ڪل ته بنا سام ڌڻي جي منهنجي ڇاتي جي ڪينجهر سانگا ڍنڍ جيان سُڪي ويئي آهي! جنهن تي ور جي وڻندڙ هٿن جا ڪبوتر الئه ته ڪيتري عرصي کان نه لٿا آهن. اهڙي قحط ۾ آيل هن ڏياري تي سواءِ ماتم جي ٻيو ڀلا ڇا ٿو ڪري سگهجي؟
    هيرن، موتين ۽ ماڻڪن جي ممتا ۾ سمنڊ جي سفر تي ويل وڻجاري جي واٽ نهاريندي، لهندڙ سج جي لالائڻ ويلي سمنڊ ڪناري بيهي اُداس روح سان عقيدت جا اکا وجهندڙ ڪنهن وينگس جي ڀنڀن وارن ۾ لڳل موتي جي مهڪ ۽ ڀالوا جي ڀٽن ۾ رهجي ويل مارئي جي ڪُنواري ٽهڪ جهڙي هن ديوالي تي ڏڪاريل ڏيهه مان لڏي ويل ڪن محبوب مُهانڊن جي ياد سانجهه جي ستارن ۾ روح ولر کي روليندي ۽ هر مارو من، ڀنڀور جي ڀڙن ۾ رهجي ويل سسئي جي آخري اوڇنگار کي ڳائي بارش جهڙا بانورا احساس سيني ۾ سانڍي سرد شوڪارو ڀري ايئن چوندو ته؛
    اڄ پڻ چڪيم چاڪَ، وَنهين ويڙهيچن جا،
    سورن اچي سومرا! اندر ڪي اوطاق،
    مارُو جي فراق، هڏ مُنهنجا ڪپيا.
    (شاهه)
    پنهنجن پيارن جي فراق ۾ هڏ ڳاريندڙ ڏوٿين لاءِ اسانجي اها ئي دعا آهي ته شل هيلوڪي ڏياري خيرن سان گُذري وڃي ڪنهن به غريب جو چُلهه اُجهاميل نه رهي ۽ ها! ڪير به احساس ڪمتري جو شڪار نه ٿئي.


    آسمان مان ڪِريل اَٽو ڄارَ جي ٽار ۾ اٽڪي پيو...

    لاڙ مان لابارو اڌ ۾ ڇڏي آيل مَروئان ڀيلڻ جو ڪُٽنب، جڏهن ڪارڊ نه هُئڻ ڪري ڪڻڪ جي ڪٽي کان محروم ٿيو ته مَروئان عارضي طور اُپٽيل چونئري کي ڪونڀٽ جي جهڪ ڏيندي چيو ”ٻچا! آپين لابارو ڪرسان تڏهن ڪڻڪ جُڙسي، هين اِٿ ٻيسي ڪي ڪرسان“ سندس اکين جي ڪنارن مان لار ڪري لڙيل لُڙڪ ڏسي سندس پنج سالن جي پُٽ چيو ”ما! وڙي پڇا ڪو ٿا هلان، پنڌ اڙگو اهي پگ ڏکين تا، اسان ني اٿ ڇڏي جا اسين گهري ٻيٺا هوسان. مُسلان ان ٺڪوران ري گانءَ مان روٽي ڇڏائي کاسان“. پُٽ جي واتان اهو ٻڌي ماءُ جي ممتا تڙپي اُٿي، اڌ ڪلاڪ ٻچن کي ڀاڪر ۾ ڀري روئڻ لڳي ۽ پوءِ نه ڄاڻ ته ڪيئن اوچتو منجهه شڪتي اچي ويئي جو پُٺي تي پوتي جي جهولي ٺاهي اُن ۾ کير پياڪ ٻار وڌائين ۽ مٿي تي ٺلهو دلو ۽ دانگي رکي، ڪڇ تي پنج سالن جي پُٽ کي ڪوٺي، بيماري ۾ ساڻي ڀرتار جي لٺ هٿ ۾ جهلي پيادي پنڌ رواني ٿي ويئي. اِها ڪهاڻي ڪنهن هڪ مروئان، پدما ۽ ويران جي ناهي پر ٿر جي هر اُن ڪُٽنب جي ڪهاڻي آهي جيڪو هر سال ڏُڪار جو شڪار ٿيڻ کانپوءِ ڦُٽيون چونڊڻ، ڪمنڊ جي ڪٽائي ڪرڻ يا ڪڻڪ جي لاباري لاءِ اباڻن اجهن کي الوداع ڪندي اُنهن جي مُنهنگڙن (درن) کي کڙها ڏيئي ڇهه ڇهه مهينا ڇڏي لاڙ لڏي ويندو آهي. پر هيل اوچتو، سُتل شينهن جهڙي سرڪار سڳوري کي ڪنهن آڙيڪاپ جاڳائي وِڌو، جنهن دعوائن جي ديڳ دم تي رکي لڏي ويل اڌ ٿر جي عوام کي آسري ۾ واپس ورڻ تي مجبور ته ڪيو پر حاتم طائي حڪمرانن جون پنهنجون ترجيحون هُيون اُن ڪري الئه ڪيترا ٿري خاندان مُفت ڪڻڪ کان محروم ٿيڻ کانپوءِ وري ساڳي پٽن ۽ پوٺن جا وڃي وڻ وسائڻ لڳا آهن ۽ هتي حاتم طائي حڪمرانن جي ورهاست وتائي ولي واري آهي. ڪنهن کي مڻ ته ڪنهن کي ڪڻ ڏيئي پُڄاڻي تي پُهتي آهي.
    هينئان ڦاڙ آواز سان چونئرن ۽ چونڪين مٿان گذرندڙ هيليڪاپٽر جي هوڪر ٻڌي ٿر جا بُکايل ٻارڙا اُداس مائرن جا آنچل پڪڙي ائين چون ٿا ته او ما! ايئي جهاج ۾ ڪي هوسي؟ اي اپان نان ڪي ڏسي ٻالڪن جي اهڙي اِصرار تي مايوس مائرون پنهنجن نيڻن جا لُڙڪ لڪائي انهن کي اجائي آٿت ڏيندي چون ٿيون ته ڏڪرا اي جهاج آپان نان جوئڻ آيو اهي، ٻيجو آسي او بسڪوٽ ڏيسي غذا جي گهٽتائي جو قهر ڀوڳيندڙ اهي ڀولا ٻارڙا مائرن جي چوڻ تي ماٺ ڪري وري ٻئي هوائي اچڻ جو اوسيئڙو ڪن ٿا. وري به ٿر جي هوائن ۾ هيليڪاپٽر جي گونج ٿئي ٿي، هوائي هُل ڪري هليو وڃي ٿو، نا اُميدي جي نوهنتري سواءِ ٻيو ڪُجهه به پلئه نٿو پوي.
    هيليڪاپٽر ذريعي اُڀ مان اُڇلايل اٽو ٿاريلن جي اُميدن وانگر هوا ۾ تحليل ٿي ويو ۽ اُن سان گڏ ڪيرايل خط ئي صحيح سلامت ملي سگهيو. جنهن ۾ لکيل هو ته ”ٿر ۾ پڪا رستا نه هئڻ ڪري زميني رستي ورهائي نه ٿا سگهون، اُن ڪري هوائن هٿ اٽو اُماڻي رهيا آهيون، اُميد ته اوهان جي بُک جو بندوبست ٿي ويندو“...
    ڏٻرو ڏيل کڻي سُگار (ٻنيءَ) جي سيڙهي تي سرڪاري سوس جي اوسيئڙي ۾ ست ڏينهن کان وياڪل ويٺل وِيران ڪولهڻ جي درد ڪٿا جو احساس هوائي ۾ ويٺل اُنهن واڳ ڌڻين کي ڪهڙو هوندو؟ جيڪي هزار فُٽ جي بلندي تان ٿر جي ڀڙڀانگ ڀٽن تي اوڇي نظر اُڇلائي اهو چئي هليا ويندا آهن ته ”هتي لهڻ جي ڪا جڳهه ئي ناهي“ ڪير سمجهائي انهن معتبر ماڻهن کي ته خُدارا! جيڪڏهن هتي لهڻ جي جاءِ ئي ناهي ته پوءِ ڇو ٿا غريب قوم جو زرمبادلو اجايو زيان ڪيو؟ هزارين ليٽر هاءِ لائيٽ پيٽرول جو هاڃو ڪري ڏُڪاريل ڏيهه مٿان ٺلها چڪر هڻڻ چريائي ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ ايڏي وڏي چريائي ڪرڻ کان ته چڱو آهي ته کيکڙن ۾ اچو، اگر امداد ڏيڻي آهي ته زميني رستي ڏيئي وڃو ڇاڪاڻ ته هتي ٻوڏ ناهي، هتي ته قحط سالي سوڪِهڙو آهي. فضائي رستي امداد ٻوڏ ۾ ئي ڏبي آهي. سرڪار سڳوريءَ کي ايتري ته سُڌ هئڻ گهرجي.
    باقي جيڪڏهن مسڪين ماروئڙن جي غربت جو اجايو مذاق اُڏائڻو آهي ته اوهانجي مرضي قِبلا سائين....!!
    مگر اهو ياد رکجو ته اسين ٿاريلا اُن آئين ۽ منشور جا مالڪ آهيون جيڪو اسان کي اسان جي مُرشد صديون اڳ ڏنو آهي. اسين اڄ به اُن تي عمل ڪرڻ جي سگهه ۽ شڪتي رکون ٿا توڙي جو اسان جا ڏيل ڏٻرا ٿي ويا آهن پر پوءِ به ضميرن کي اڃان زنگ ناهي لڳو. اسان جون اڏول آتمائون ۽ ظرف اڃان زنده آهن.
    ڪاسا جنين ڪرم ڏونگها آڇ مُ تن.
    (شاهه)
    مرڌر ڏيهه جي اسان اٻولڙن مارن جي نيڻن جي نريڙي ڊنڍ مان اُميدن جا نيرڳ هاڻي اُڏامي چُڪا آهن. اسان کي پڪ آهي ته ڀٽن ڀر ڀونگن ۾ رهندڙ ريگستاني نرڌنن تائين سرڪاري دان ڌنوان پُڄڻ ئي ڪو نه ڏيندا. ڌنوان جن کي ڀڳوان جو به ڀوءِ ناهي. انهن جا لوڀي ڀڀ ائين جلدي ڪو نه ڀربا جو ڪنهن غريب بُکايل جي مُنهن تائين ڪو ماني گرهه رسي سگهي. غريب ماڻهن جي، ميوي جي ذائقي کان نا آشنا معصوم ٻچڙن جي سريرن ۾ هاڻي جيئڻ جي سگهه سورنهن آنا سمپُورڻ ٿيڻ واري آهي پر پوءِ به جنتا سان جاڙ ڪندڙ جيالن جا جاوا ۽ ڪرپٽ ڪامورن جي ڪرپشن جيئن جو تئين جاري آهي. انهي ٻائيتال کي الئه ڪڏهن ٻُنجو ايندو...؟
    آڀي چڙهتي هوائي هوڪر منڏي ري،
    اي تان هوائي جاڻان مانجي بيري رو،
    اونچي نجر مين اوڙ کيوري،
    مانرو هوائيڙو.... ري هوائيڙو.
    ٿر جي نياڻين جي نازڪ نڙين مان ڦوڳ ڦُلار جيئن ڦٽي نڪتل هي نرالي نوعيت وارو لاکيڻو لوڪ گيت اڄڪلهه پاراڻي جي پدمڻين کان وٺي ڪنٺي جي ڪامڻين تائين سڀني جي چپن تي ٻهڪي ۽ ٻُري رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته هر ٻئي يا ٽئين ڏينهن ٿاريليون هوائي جي هوڪر ٻُڌن ٿيون. هوڪر ٻُڌي نگاهون اُڀ ڏي ڪندي ويري جي واکاڻ ۾ هي ٻول ٻهڪائينديون آهن. ڪَنڪُو ورنيون ڪُنواريون مرگهه ٽولن جيئن ڍُوڙا ڪري هوائي هوڪر تي هوائيڙو ڳائي ڪُجهه پلن لئه وجودن مان وياڪلتا جا پنڇي اُڏاري آتمائن کي آسيس ڏين ٿيون. اها آسيس ئي ٿاريلين لئه غنيمت آهي باقي امداد ته هوائي مان هيٺ ڪرندي ئي ڪرڪ واري جيئن وکري وڃي ٿي، شايد ڏُکارين ٿاريلين جي ڪرم ليک ۾ اهڙي ريک ئي رقم ٿيل ناهي جيڪا جياپي جو جواز بڻجي... باقي ڏک ۽ ڏهاڳ ته هنن جي قسمت جو کيل بڻيل آهي.
    غربت هٿان گهايل ۽ اُڃايل ٿاريلين جي اُداس گيتن جي گونجار ۾ سُوز ڀريون صدائون ٻُڌي صرف مُنهنجو صحرا سُڏڪي ٿو. ڪاش! ڪنهن انسان کي احساس ٿئي ها....


    دُکي دلين جو درد ۽ ديوالي

    ڪنهن دراوڙي دل جهڙو دادلو سچ اهو آهي ته ڏياري جو ڏڻ خوشين جو خزانو کڻي اُماس واري انڌاري ۾ سرهاين جو سوجهرو بڻجي ايندو آهي پر شامِ غريبان جهڙو ستم اهو به آهي ته ديوالي به ڌنوانن جي اجرن اڱڻن تي پنهنجا گل لالا جهڙا پير ڌريندي آهي. نرڌنن جي نراس نجهرن ۾ ڏياري به اماوس جهڙا آثار ڇڏي ويندي آهي.
    هيلوڪي ڏياري به ايئن ئي ايندي ۽ هلي ويندي، طرح طرح جا طعام تيار ٿيندا، ڦٽاڪا ڦوڙيا ويندا نوان رشتا به جوڙيا ويندا، ڪڙڪ نوٽن تي گلال جا تلڪ لڳندا، لڪشمي جي پوڄا ٿيندي پر دُکي دلين جو درمان وري به نه ٿيندو. غريبن جي معصوم ٻارڙن جا هٿ رانديڪن کان خالي رهجي ويندا. يتيم نياڻين جا ننگا سر شفقت ڀرين چُنين لاءِ واجهائيندا رهجي ويندا. غريبن جون جهڳيون ۽ جهوپڙيون فوٽن جي خوشبوءَ کان ائين خالي رهجي وينديون جيئن روهيڙي جا گل...! ڪنوارا هٿ غريبي جي ڪري مهندي جي هڳاءُ کان هيل به محروم رهجي ويندا. پراڻن لٽن ۾ لڇندڙ غريبن جا گدلا ٻارڙا هيل به ڪپڙن جي دُڪانن اڳيان مقدر جا سڪا ڳڻيندي ديوالي جو ماتم ملهائيندا بقول شاعر؛
    کپڑوں کی دکان سے دور، چند سکوں کو گنتے گنتے،
    ایک غریب کی آنکھوں میں، عید کو مرتے دیکھا ہے۔
    انهن جي معصوم اکين ۾ مري ويل ڪنواري عيد جو لاش آٿت جي اگني سنسڪار ۽ دلاسي جي ڪفن دفن لاءِ واجهائيندو رهجي ويندو پر ڪير به انهن ٻارڙن جي اکين ۾ لکيل درد جا ڪَجلا اکر پروڙي نه سگهندو. ڏياري ڏيئن ساڻ ايندي آهي ۽ انڌاري ڇڏي ويندي آهي. غمگين دلين جو درمان نه ٿيندي آهي.
    ستوادي شري رام چندر جي بنواس سماپت ٿيڻ تي وڏي ڌام ڌوم سان ملهائي ويل ديوالي جو ڏڻ اڄ به انهي ساڳئي ريت ۽ روايت سان ملهايو وڃي ٿو. شري رام چندر جي بنواس سمپورڻ تي وڌ ۾ وڌ سرهائي ته سيتا کي ٿي هئي. پر هن سان سماج ۽ هن جي مجازي خدا جيڪو سلوڪ ڪيو هو اهو اڄ به تاريخ جو تن تڙپائي ٿو. اگني امتحان کان وٺي پرٿوي پريڪشيا تائين سيتا جي سرڌ سڏڪن جو درد ڪنهن به نه ڄاتو. هو اداس نگاهن سان هر هر ائين چوندي رهي ته آئون جل جيئان پاڪ آهيان پر هن جي پاڪائي احساس کان انڌي سماج کي نظر نه آئي. اها روايت اڄ به روان دوان آهي اڄ به الئه ڪيتريون نردوش ناريون پويتر هوندي به سماج ڪاري جو ڪلنڪ هڻي بي رحمي سان رسواءِ ڪري ٿو! وري وڏي واڪي چوي ٿو ته هتي عورت جو استحصال ٿئي ئي ڪو نه ٿو.
    هيلوڪي ڏياري تي منهنجو ڏيهه ڏکايل آهي. هن ديش جا دادلا مور مري ويا ۽ هن ديش جا دلارا دراوڙ به ڏيهه ۾ ڏڪار پوڻ کان پوءِ لاڙ لڏي ويا آهن. ڏياري جو ڏڻ ملهائڻ هر هندو جو حق آهي پر پنهنجي خوشين ۾ ٻين کي شامل ڪرڻ ۽ ٻين جي ڏکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ انسانيت جو اعليٰ گڻ آهي.
    هيلوڪي ڏياري ملهائڻ کان اڳ پنهنجي پاڙي ۾ ڏسجو ته متان ڪنهن غريب جو گهر اهڙي سُپرٻي پرٻ تي روشني جي ٽمڪي کان محروم ته ناهي! طرح طرح جا طعام ڀلين رڌجو پر پهريون گراهه ڀرڻ کان اڳ سوچجو ڪٿي پاڙي ۾ ڪو بُکايل ته ناهي. ڏياري تي ڌماڪي دار ڦٽاڪو ڦوڙڻ کان اڳ خيال ڪجو ڪٿي ڳوٺ ۾ ڪا نئين نويلي وڌوا يا پُٽ جي جهوري ۾ جهريل ڪا ويڳاڻي جيجل ته ناهي. اوهان لئه اهو ٺڪاءَ صرف ٺڪاءَ هوندو پر انهن جي آتما کي ڏياري تي ڏڍ بدران وڍ ڏيندو...!!
    هيلوڪي ڏياري تي انهن ڌنارن سان به همدردي جو اظهار ڪجو جن جا وٿاڻ ماتا جهڙي مرض ويران ڪري ڇڏيا آهن. ڏياري اهو ملهائي جيڪو غريبن، يتيمن، هيڻن ۽ ڏکايلن جو احساس ڪري، پنهنجي خوشي خاطر ٻين جي زخمن تي لوڻ نه ٻُرڪي. پر انسانيت لاءِ سوچي ۽ لوچي اهو ئي ديوالي جي اصلي خوشي جو صحيح حقدار آهي. باقي رڳو آتش بازي جو اجايو ڏيکاءُ ڪري نوٽن تي رنگ هڻڻ ۽ لڪشمي چترڻ ۾ حياتي جي اصل سرهائي نه آهي. اسان جي آتمائن کي اصلي سڪون تڏهن ملندو جڏهن اسين پنهنجين سمورين سرهاين ۾ دکي دلين جي درد کي فرض سمجهي شامل ڪنداسين. اجاڙ حياتين جو احساس ڪندڙ ئي ڏياري جو ڏڻ مڪمل سرهائي سان ملهائڻ جو حق رکن ٿا. باقي پنج هزار سال پراڻي تهذيب جي وارثن، موهن جي دڙي جي مٽيءَ جي خُمير مان جنم وٺندڙ ڌرتي ڌڻين دراوڙن تي ڇوت ڇات واري ڇاپ هڻي انهن کي سماج ۾ رسواءِ ڪري نفرت ڀرين نگاهن سان ڏسندڙ ڪنهن به معتبر کي ديوالي ملهائڻ جو ڪو به حق ناهي....!!


    صحرا سوڳوار آهي....!!

    راڻي کيت جي روڳ ۾ مري ويل مورن جي سوڳ ۾ سُڏڪندڙ اسان جو اُداس صحرا اڃان ان صدمي مان نڪتو ئي نه هو تيسين سيتلا ماتا واري سونامي وٿاڻ ئي ويران ڪري ڇڏيا. رڍن ۾ پيل انهي روڳ کي به قسمت جو ڀوڳ سمجهي ماروئڙا مرڪندي ڪڙي ڏک جو ڍڪ ڏوڪي ويا. نواڻ کان ناواقف ۽ سدا سادگي ۾ جيون گهاريندڙ، ٻاٻيهي جي ٻول جهڙا ڍاٽيئڙا ڍول ان ڏک کي دفن ڪري اڃا مس ٿانيڪا ٿيا ته وري ڪالرا جهڙي موتمار بيماري قضا جو قهر بڻجي ڪڙڪي پئي ۽ نتيجاً درجنون ٻارڙا اجل جو شڪار ٿي ويا..!!
    ٽڙڻ جي مند ۾ ڇڻي ويل انهن ڍاٽ جي معصوم گلابڙن جي درد جو درمان شايد صدين تائين ٿي نه سگهي. انهن نردوش ٻارڙن جا مائٽ غربت جي لڪير هيٺ جيون گهارڻ جي ڪري پنهنجن پيارن جو صحيح علاج نه ڪرائي سگهيا. اسان جي هن ڏکايل ڏيهه ۾ بُک، بدحالي، بروزگاري ۽ غربت جي حالت اهڙي آهي جو 50 سيڪڙو ماڻهن کي هڪ ويلو ماني مس ملي ٿي. هاڻي توهان اندازو لڳايو ته اهڙي پسماندگي ۾ ماڻهو سٺو علاج ڪٿان ڪرائيندا؟ پرائيويٽ اسپتالن ۾ ته وات پٽيا واڳون ويٺا آهن اتي ڪير غريب ويندو؟ باقي سرڪاري اسپتالن ۾ وڃڻ کان سٺو آهي ڪنهن حڪيم وٽ وڃجي. ٿر جا معصومڙا سڀ سرڪاري اسپتالن ۾ اجل جو شڪار ٿيا آهن. ڪن لاٽار ڪري ويٺل سرڪار تڏهن اک کولي آهي جڏهن پاڻي پار لنگهي چڪو آهي. هاڻي آءُ نه آءُ اسان آ پليو آسرو وانگي نراس ماروئڙن سڀئي آشائون پلي ڇڏيون آهن. بُک ۽ بيماري کي پنهنجو مقدر سمجهي هارايل جُواري وانگي مايوس مارو بي يارو مددگار بڻيل آهن.
    ٻن سالن کان قحط جي لپيٽ ۾ لوڙهيندڙ صحرا ٿر جي سورن کي اوچتو هينئر سياسي پنڊتن ۽ اين جي اوز وارن ميڊيا جي آڌار هاءِ لائيٽ ڪيو آهي. اهو ان ڪري جو انهن کي مال ميڙڻو آهي. وارا نيارا ڪرڻا آهن. ريسٽ هائوسن ۾ راتيون گذاري جيون جيئڻو آهي باقي مٺيون اُهي مائرون جن جا اولاد بي دردي سان اجل جو شڪار ٿيا آهن. اُنهن معصومڙن جي حياتين جو مُلهه حڪومت هڪ هڪ لک مقرر ڪيو آهي. احساس جي حس کان محروم انتظاميا کي ڪهڙي ڪَل ته انهن مُرجهائجي ويل گُلڙن جي هڪڙي ننڍاکڙي مُرڪ جو ملهه ناهي. توهان ته حياتي جو ڪَٿيو آهي؟ وڃي پڇو اُنهن اڀاگين مائرن جي ممتا جي دکندڙ آگ کان ته اولاد جي جهوريءَ ڪيتري ڪٺن آهي؟ منهنجي ٿر جي مري ويل مورن، ڍورن ۽ معصومڙن جي لاشن تي سياست ڪندڙو! وڃي پُڇو انهن پوڙهن پيئرن کان (جن جا سهاري پيريءَ ۾ پرواز ڪري ويا آهن). ته قحط کي ڪيترا سال ٿيا آهن؟ توهان هينئر اک پٽي آهي! ڇا هاڻي اُنهن نماڻن سان نياءَ ٿي سگهندو جن جا لاڏلا رت جون الٽيون ڪري سرڪاري اسپتالن ۾ مغرور ڊاڪٽرن جي لاپرواهي سبب مري ويا آهن؟ اُنهن معصومڙن جي کُليل اکين ۾ رهجي ويل هزارين حسرتن ۽ خوابن جو حساب هاڻي ڪير ڏيندو؟
    مڃون ٿا ته سرڪار سوس ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. امداد به ملندي پر 50 سيڪڙو به شفاف نموني نه ورهائجندي. جيئن اڳ ڊيلر ۽ وڏيرا پنهنجا ڀڀ ڀريندا رهيا آهن هاڻ به ائين ئي ٿيندو. بنان سورس ۽ فورس جي ڪنهن به غريب جو چُلهه نه جلندو ڪنهن به ڪولهي يا ڀيل غريب کي ڪڻڪ جي ٻوري مفت نه ملندي ۽ ائين غذائيت جي ڪمي جي ڪري غريبن جا ٻار ڪالرا ۾ تڙپندي مرندا ويندا. اُنهن جو واهر وسيلو نه ڪڏهن ٿيو نه ٿيندو.
    ڏيهه ۾ ڪاهي پيل لوڌي ڏُڪار جي ڪري مورن ۾ راڻي کيت پئي ۽ مور مري ويا. ڍڳين ۾ سمهاڙو پيو ۽ ڍور مري ويا. اُٺن ۾ سيڙا پيئي ۽ وڳن جا وڳ چَٽ ٿي ويا. رڍن ۾ ماتا پئي ڌڻن جا ڌڻ اُجڙي ويا. ٻارڙن ۾ ڪالرا پئي ۽ ٿر جي مستقبل جا معمار مري ويا. انهن سمورن ڏکن، اهنجن، بيمارين، بُکن کي صرف فطرت محسوس ڪري ٿي. انهيءَ جهوريءَ ۾ جهُريل سمورو صحرا سوڳوار آهي. روهيڙن جا گُل ڪوماڻيل آهن. ڪارونجهر جو ڪنڌ جهڪيل آهي. مورن ۾ ماٺ آهي. منهنجو اُداس صحرا سوڳوار آهي!


    ڏياري جو ڏيئو ڏٺو ننڍو وڏو چڀڙ مٺو

    ٿر ٻاٻيهن جي پلر پياس جهڙي ٻاٻاڻي ٻوليءَ ۾ چيل هي لوڪ ڪهاوت ڏياري جو ڏيئو ڏٺو، ننڍو وڏو چڀڙ مٺو الئه ته ڪهڙي مخمور گهڙيءَ ۾ ٺاهي ويئي آهي نه ڄاڻ ته ڪهڙي روح پرور رڌم ۾ رچيل آهي. پر آهي ته ڏاڍي دل آويز! هن معصوم ڪهاوت جا ٻهڪندڙ ٻول جڏهن به چپن جي چارن تي لُڇندا آهن تڏهن يڪدم خيالن جي خوبصورت واديءَ تي ٻاجهر جي ٻُري سان واسيل خوشبودار کيٽ تري ايندا آهن. اُهي کيٽ جن جا نه رڳو چڀڙ چاشنيدار هوندا آهن پر انهن جا هنداڻا به هانوَ ٺاريندڙ هوندا آهن. اُنهن کيٽن ۾ تتي ٿڌي ڪم ڪندڙ جُواڻ ٿاريلين جي پگهر جي خوشبوءَ ۾ ڌرتي جهڙي سُڳنڌ سمايل هوندي آهي. اُنهن ٿاريلين جي سوادي هٿن جو رڌيل ساڳ به ڪنهن ڪنهن خوشنصيب جو ڀاڳ بنجندو آهي. ڏٺي ڏياري سامونڊين سڙهه سنڀايا
    وارن هنن ڏينهن ۾ اُهي کيٽ پُور رس جوڀن جيئان پچي راس ٿيندا آهن. اُنهن ۾ بيٺل هر شيءَ نه رڳو مٺي ٿيندي آهي پر قدرتي ڪمال جي ڪري وڏي ذائقيدار به ٿيندي آهي. اَسو مهيني جي آخر ۾ اُماوس رات جو ايندڙ ڏياري وارو تهوار جتي اونڌاهي جي خاتمي وارو کنياتو ۽ روشني جي نويد کڻي اچي ٿو اُتي ٿاريلين لئه ڏُٿ گڏ ڪرڻ وارو سنديسو به ساڻ کڻي اچي ٿو. ڏياري ۽ ڏُٿ واري هن مُند کي شاهه سائين به خُوب ڳايو آهي. ڏٿ چونڊينديس ڏيهه ۾ ساڻ سرتين ساڳ جهڙيون ساهه سريکيون سٽون ڀٽائي رحه اُنهن ڀٽن ڀر ڀٽڪندڙ ڍٽ ڌڃاڻين لئه چيون آهن. جيڪي ڏُڪاريل ڏيهه ۾ ڏُٿ کي وڏي وِٿ سمجهن ٿيون. جيڪي نِت روز نوان ۽ تلخ تجربا ڪري، جهنگل ۽ جبل لتاڙي پير پٿون ڪري. پاپي پيٽ خاطر پاڻ پتوڙين ٿيون. جيڪي آهورين ۾ ان بدران ڏُٿ جا ڏُونرا وجهن ٿيون. اُنهن لئه ڏُٿ زندگي جو زيور آهي. اُهو ڏُٿ نه رڳو انهن جي تن کي توانائي بخشي ٿو پر سڻيءَ جي ڦُل جهڙي اڇي اُجري ايمان کي به اٽل رکي ٿو. اُهي ٿاريليون لُلر ۽ لُنب مان ڌاڻا ڪڍي چانور ڪري رڌن ٿيون. انهن جي آونگن ۾ ڪڏهن به پُلاءَ نه ٿي پچي، پر پوءِ به هُو پنهنجي ڌرتي ۽ ديس تي فخر ڪن ٿيون. ڀٽائيرحه چوي ٿو ته؛
    آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا،
    سٿا ڪيو سيد چئي سانئون سُڪائين،
    منجهان لنب لطيف چئي چاور ڪيو چاڙهين،
    پلاءُ نه پاڙين عمر آراڙي سين.
    ”سر نسريا پاند اُتر لڳا آءُ پرين“ واري هي البيلي رُت جڏهن سنڌ پرڳڻي جي وسيع سيني تي پنهنجا پوهه پارن جهڙا پير ڌريندي آهي، جڏهن وڃايل وهين جا پيار پرواڻ چڙهندا آهن. جڏهن پرديسي پکيءَسنڌ وطن ڏي سنڀرندا آهن. جڏهن سامروٽيءَ جي سنن جي ساحلن تي اڇن ڪبوترن جا ڪارگو لنگر انداز ٿيندا آهن. جڏهن دُهلن ۽ شرناين جي گونج ۾ ڪونج جهڙيون ڪُنواريون ڳڀرو گهوٽن سان لانئون لهي جيون سُندر هُئڻ جو ثبوت ڏينديون آهن. جڏهن ٿاريليون نِرت ڪِلا جو نئون ڪمال ڏيکاريندي مَٽڪُو ۽ چروڙي ڪنديون آهن. جڏهن سنڌ جي ڳوٺن جا ڳڀرو ڏانڊيي راند ڪري وطن جي ثقافت اُجاگر ڪرڻ جو سعيو ڪندا آهن. جڏهن لاڙ پٽن تي سُڳنڌاسي ساريون لهنديون آهن. جڏهن پشاوري حسينا جي ڳلن جهڙا ڳاڙها ٽماٽا بديڻا جي منڊي ۾ منڊ منڊيندا آهن جڏهن وڻجارا وڻج تي ويندا آهن. تڏهن ڏيئن وارو تهوار ڏياري ايندو آهي. تڏهن ٿاريلا ڏُٿ چُونڊيندا آهن. ڏُٿ جيڪو ٿرواسين جي حياتي جو حصو بڻجي چُڪو آهي. باقي سرڪاري ڪڻڪ جا ڪهڙا آسرا؟ وڏيرن جي واڳون واتن مان بچيو ڪوڪڻ ملي ته واهه نه ته مڻ جو اصل سوچجي ئي نه! ڏُٿ ته پوءِ به ڏاتار جي ڏيا آهي. اُن تي ڪنهن به راءِ جو حُڪم نه ٿو هلي. ڏُٿ گهڻي ڀاڱي جهنگل جو منگل آهي. ڀٽائي صاحب چوي ٿو ته؛
    نڪا جهل نڪا پل نڪو رائر ڏيهه ۾،
    آڻيو وجهن آهورين روڙيو رتا گُل،
    مارُو پاڻ اَملهه مليرون مَرڪَڻون.
    جهنگل ۾ ٿيندڙ ڏُٿ هن ريت آهي، ڀُرٽ، مُرٽ، هرڻ چپڙي، سانئون، پپون، ڪونڍير، کُنڀيون، تينڏسيون (مهيا)، پيرون، چڀڙ، مريڙو، لُلر، لُنب، لاڻي، سنڱر، ٻير، پُسي، ڏونرا وغيره هي سڀ تقريبن جهنگلي ڏُٿ آهن. جنهن کي وڻي سو ڪري وڃي. ڪنهن جي به جهل ڪانهي ڪا، ان کانسواءِ ٻيو ڏُٿ هوندو آهي ٻنين جو اُهو پوک جي حساب سان ٿيندو آهي. اُهو ڏُٿ انهن کي ئي هٿ ايندو اهي. جن جون ٻنيون هونديون يا ڪٿي هاريپو ڪندڙ هوندا. باقي عام جام اُهو ڏُٿ مُشڪل آهي. اُن ڏُٿ ۾ چڀڙ، ڇانهيا، گدريون، گُوار، مُٺ، ڪوٽينبڙ، تينڏسيون(مهيا) وغيره هوندا آهن. چڀڙ ۽ گدرين کي چيري، ننڍا ننڍا ڳترا (ٽُڪرا) ڪري پوءِ سڻ (ٻوٽي جو قسم) تي اُس ۾ سُڪائيندا آهن. جنهن کي لاچريون/ ڪاچريون چون. اُهي لاچريون سڄو سيارو ساڳ (ڀاڄي) ۾ ڪم ڏين. اُنهن سُڪل لاچرين جو ساڳ تمام ڀلو ٿيندو آهي. گُوار جون ڦريون چُونڊي پوءِ سُڪائي ڇڏيندا آهن. اُهي به سياري ۾ ساڳ طور استعمال ٿينديون آهن ۽ اُنهن کي گيهه ۾ ڀُڳي لوڻ هڻي به کائيندا آهن.
    ڇانهين کي ٻه اڌ ڪري اُن مان ڪُريون/ ٻج ڪڍندا آهن. اُهي ڪريون اُس ۾ سُڪائيندا ته اُنهن مان رس نڪري ويندو ۽ اُهي خشڪ ٿي وينديون. پوءِ اُنهن کي آهورين (اُکرين) ۾ وجهي ڳُڙ ملائي ڪُٽندا آهن. ڪُٽڻ کان اڳ ۾ انهن کي چڱي طرح خالي برتن ۾ ڀڳندا آهن. اُهو ڪُرين جو ڪُٽو نه رڳو جسم کي اُٻيل ڏيندو آهي پر ڏاڍو لذيذ ٿيندو آهي. تينڏسين (مهيا) جون به لاچريون ٿينديون آهن. اُهي به سياري جو ڀاڄي طور استعمال ڪبيون آهن.
    اُن ڪري ان سموري ڏُٿ ۽ ڏاکڙي کي ٿَريا وڏي وٿ سمجهن. چوندا آهن ته ڪتيءَ جي ڌوڙ به ڀلي مطلب ته هن مهيني ۾ جيڪو ڪُجهه به هٿ ايندو اُهو تمام ڀلو. ڇو ته سڄو سيارو ڪَٽاءِ ٿيندو!
    هيل نه مينهن وٺا نه ئي ڪو خاص گاهه ٿيا، نه ئي وري ڪٿي ٻنيون چڱيون ٿيون. جاڙن ڏُڪارن جي جاڙ مسڪين ماروئڙن جا لاهه ئي ڪڍي ڇڏيا آهن. هيل ڏُوٿياڻين جا ڏُٿ کان خالي کارا ۽ ٽُٻڪا ڏسي اندر اڌ ٿيو پوي ٿو. خبر ناهي ته ايندڙ سيارو مارو ڪيئن ڪٽيندا...!!؟؟؟


    وسڪارو

    وسڪارو ورڻ سان نه رڳو ٿر جي جَر پياسي ڌرتي جي اُڃ اجهامندي آهي پر ٿاريلن جي زندگي به سوءِ سينگار ڪري ريٽن تي مورن جيان رقص ڪندي آهي. وسڪاري ورڻ سان نه رڳو کوهن تي کينچلون موٽي اينديون آهن پر ويران وٿاڻن جي پٽن ۽ ڌنارن جي پياسن چپن تي بانسري جا سُر ملهارين ۾ مارئي ڇيڙيندا آهن. ترائين جي تار ڪپن تي ڪانهوڙي ۽ ٽيج جا ڳيچ گورين جي نازڪ نڙين مان ائين ڦٽي نڪرندا آهن جئين ڌرتي جي سيني مان کُنڀيون ڦُٽنديون آهن وسڪاري ۾ کيت کڙندا آهن، مال مڙندا آهن، قصا ڇڙندا آهن، روح پرور رهاڻيون رچنديون آهن هرڻيون نچنديون آهن، ٻاجهريون پچنديون آهن. اُڃايل تاڙي جي اُڃ سُواتي بوند سان سيراب ٿيندي آهي. پياسا هرڻ ڇلر جو پلر پي کنوڻ کجڪي جهڙا ڇال ڏيندا آهن وسڪاري ۾ ٿر جي اداس نجهرن ۾ انڊلٺي حياتي جهڙي هڪڙي آس موٽي ايندي آهي. ثقافتي ريتون ۽ رسمون نئين سر نروار ٿينديون آهن. ليڙون لٽن سان لڱ ڍڪيندڙ ٿر جا اٻولڙا ٻارڙا پنهنجن معصوم هٿن تي مينهن ماماڻا رکي وڏي سرهائي محسوس ڪندا آهن. کيتن ۾ ليڏاڻ ڪڍندي ٿر جا هاريئڙا هڪ انداز ۾ همرچا هونگاري ٿر کي جنت جهڙي جاءِ بڻائيندا آهن. کيتن جي سيڙهن ۾ چڙن جي چينگار سان چرندڙ مال کي ديڪارا ڪندڙ ڌنارن جڏهن کير پتي چانهه ڪاڙهي اڪ جي پُڙي ۾ پيئدا ۽ پياريندا آهن تڏهن سندس ڪلهن تي پيل سانداريون به سرهيون ٿينديون آهن. اهڙي ئي محبوب وسڪاري ۾ اداس هونديون آهن اُهي ٿاريليون جن جا ڪانڌ پيار جا پانڌ وساري پاپي پيٽ خاطر بئراج ڏي ويل هوندا آهن. انهن جون وفادار ونيون وسڪاري ۾ تارٻنيون ڏسي پنهنجين ڦٿڪندڙ دلين تي هٿ رکي هئين پڪارينديون آهن بقول ڀارو امراڻي جي ته؛
    هاءِ پيارا جيءِ جيارا،
    وسڪاري ۾ ورڻي وسري،
    توکي پنهنجي پرڻي وسري،
    ڪهڙي ڪرڻي ڪهڙي ڀرڻي،
    مُنهنجي دلڙي زخمي هرڻي،
    تڙپي تڙپي مرڻي وسري،
    توکي پنهنجي پرڻي وسري.
    پاپي پيٽ خاطر پنهنجيون پرڻيون وساري پرديس جي پٽن ڏانهن ويندڙ ٿاريلا وسڪاري ۾ پنهنجو وطن سنڀاري اڌ ڪُٺل تتر وانگي تڙپي پوندا آهن. تڙپي ته اهي جيجلون به پونديون آهن جن جون ڌيئرون سماجي ريتن جو ٻارڻ بڻجي پرائي ڏيهه ۾ پرڻائجي وينديون آهن. پنهنجي پيٽ ڄاين کي وسڪاري جي ”ورتولن“ عيد، ڪانهوڙي ۽ ٽيج ۾ سنڀاري اُهي اڀاڳيون مائرون اڪثر روئنديون ئي رهنديون آهن. وسڪاري ۾ وسندڙ بادلن سان گڏ انهن جي نيڻن جا نيسارا به ندين جئين وهندا آهن. اُنهن جو دادليون ڌيئرون پرائي ڏيهه ۾ ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا مرنديون، پڄرنديون پنهنجي مائرن ڏي هوائن هٿ نياپا موڪلينديون آهن. ڪبوترن جي ڪنن ۾ هي ٻول ٻڌائي چونديون آهن ته ”بيرا منان بيگو تيڙڻ آوي آئي سرامڻ ري ٽيج“ سرامڻ واري وڏي ٽيج تي وسڪاري ورڻ سان حياتي سموري سوُنهن سان ٿر جي ٿاڪن ۾ موٽي ايندي آهي. سينڌ نموريل سرتيون، وينڍلا ويڙهي، ڪُم ڪُم جا ٽيلا ڪڍي، ڊگهين ڳچين ۾ هنسيون هار پائي جڏهن ڪنڊي جي وڻ ۾ ٻڌل پينگهه ۾ لُڏنديون آهن تڏهن سندن لُڏندڙ سڳين سان گڏ ٿر به ڄڻ جهولي ۾ جهلندو آهي. پازيبن جا ڇمڪا، چوڙين جا کڄڪا ۽ ٻاڄو بند ٻانهُن جون ادائون پسي حياتي هوشربا ٿي پوندي آهي. وسڪاري جي سرهاين ڀري ساوڪ ۾ اهڙا منظر ڏسي اکيون خمارن ۾ سرشار ٿي پونديون آهن. اکيون تڏهن به خمارجي وينديون آهن جڏهن کوهن مان پاڻي ڪڍي اواڙا اميهري، ڪپوريا ٺاهي، ڀٽاري مال کي ڌنار پاڻي پياريندا آهن. چڙن ۽ چنگن جي مدم سازن سان سينگارجي ايندڙ ڀٽاريون پنهنجي ڏوجهارڻين کي ڏسي پري کان پسوئجي پونديون آهن. ڏوجهارڻيون جڏهن کير جا هانڊا، چروڙيون ۽ موريا ڀري کوهن تان موٽينديون آهن تڏهن وسڪارو به مُرڪي پوندو آهي. سيمون به سرهيون ٿي پونديون آهن.
    وسڪاري جو ورڻ سان جڏهن ڌرتي ساوا ويس ڪندي آهي جڏهن مور جهينگور ٻوليندو آهي. ڪونڍير جي ڪمائتي ول سائي ٿي سرجندي آهي. ڳاڱيون گانگهيٽيا جهلينديون آهن. جڏهن ٿاريليون ڀتوارڻيون ڀتا کڻي بکين پيٽن سان کيتن ڏي ويندي کينچليون ڪنديون آهن. جڏهن هاري ٻنين ۾ ليڏاڻ ڪڍندي همرچو هڪ آواز ۽ هڪ انداز سان ڳائيندا آهن تڏهن ٿر بلاول اوٺي جو ملڪ امر ٿي پوندو آهي. وسڪاري ۾ وريل ٿر جو جوڀن پسي سنڌ جي امر ڪوي شيخ اياز چيو هو ته ”مون کي جي ٻيو جنم مليو ته آئون ٿر ۾ جنم وٺندس“ راهومڪي بازار جي رُڃ کان وٺي چوڙيئي ۽ ٻُهراڻي جي ٻنين تائين سموري ٿر ۾ جڏهن سانوڻي جا سرمئي ڪڪر پنهنجا وشال شاور کوليندا آهن تڏهن پلر جي پاڪ پاڻي سان نه رڳو وڻن جا وجود شنان ڪندا آهن پر ماروئڙن جا من به وهنجي پوندا آهن.
    سال جا 8 مهينا قوت جي ڪمي ۾ لوڙهيندڙ ٿري ماروئڙا وسڪاري ۾ کير ۽ مکڻ کائي وٽامن جو پورائو ڪندا آهن. وسڪاري ۾ کير، مکڻ، جهڻ ۽ ”وشنان“ عام جام ٿي پوندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن وٽ نه هوندو آهي ته پاڙي مان به ملي پوندو آهي. وسڪاري ۾ ٿرين لئه سائي ڀاڄي به ٿي پوندي آهي مريڙو، لُلر، گدريون ۽ ڇانهيان سائي ساڳ طور استعمال ڪيا ويندا آهن. جيڪي نه رڳو پاڻ پچائي کائيندا آهن پر سيڻن ڏي سوکڙي طور به موڪليندا آهن. گدرين ۽ چڀڙن مان ڪاچريون ٺاهي پڪل ڇانهين مان ڪُريون ڪڍي ٿاريليون پنهنجن پيارن لئه رکنديون آهن. انهن لئه جيڪي وسڪاري تي ٿر ۾ نه هوندا آهن. وسڪاري جو اگر ڪنهن ٿاريليءِ جو ور گهر نه هوندو آهي ته هُوءَ اڪثر اداس رهندي آهي ۽ وسندڙ مينهن سان گڏ انگوري بدن ۾ اٿليل برهه جي باهه ۾ پڄرندي تسياري تاڙي جيان تنواريندي آهي بقول شاعر:
    وسڪاري ورڻ سان سڀني ور وريا،
    پر توري ٿريا ڪئين ڪندي ٿاريلي.


    سنئوڻ سڄڻ، من ويري...!!

    واريءَ مان بجلي پيدا ڪندڙ گولڊ ميڊلسٽ سائنسدان ولي محمد راهمون وارو رنگيلو ريگستان ٿر، جتي ايڪهين صدي واري هن جديد دور ۾ به قديم زماني واريون عجيب روايتون، ريتون، رسمون، سنئوڻ، ساٺ وهم، گمان اڄ به موجود آهن. انسان جو عقل دنگ ڪرڻ جهڙين روايتن تي اڄ ڏينهن تائين ڪا به خاص تحقيق ناهي ٿي، نت روز نين دريافتن سان دنيا ڀلي وڃي چنڊ تي پهتي آهي، پر ٿرين وٽ وارياسين ڀٽن تي جيئڻ جا جتن ۽ جواز بنهه پنهنجا آهن، بلڪه سڄي جڳ کان جدا آهن! نرالي نوعيت واري انهن نظرين جي آڌار ئي ٿاريلا پنهنجي هر سفر جو سانڀاهو ڪندا آهن. گهر ۾ مهمان اچڻ، برساتون پوڻ، موت، ڪم ۾ رنڊڪ پوڻ، ڪم نه ٿيڻ جهڙيون اڻ ڳڻيون اڳڪٿيون سنئوڻ ويچاري ئي ڪيون وڃن ٿيون. ڪيئي ڀيرا سائنسدانن جون اڳڪٿيون به ڪوڙيون ٿي وينديون آهن. پر مجال آهي جو ڪنهن سمجهو (گڻواڻ) ٿاريلي سوهڻي جو ڪو سنئوڻ/ سُگن ڪوڙو نڪري! بندوق جي گولي گسي سگهي ٿي پر منڊي تي ٽڪ وانگي سنئوڻ سمجهڻ واري ڪنهن سوگني جو سنئوڻ نه ٿو ٽري سگهي.
    مڃون ٿا ته پکين جون پوشيده ٻوليون پروڙڻ، وسيئرن جا وٽ سمجهڻ، ڳوڀ جانورن جا ڳجها راز ڄاڻڻ وارا پريا مرد ۽ ساڃاهه وند سياڻا گهڻي ڀاڱي ماضي جو قصو ٿي ويا آهن پر پوءِ به سنئوڻ سڄڻ من ويري واري سٽ کي سمجهي ملهالو جي مام ۽ ڪتي جي ڪروٽ ۾ لڪيل پيغام کي پرکڻ وارا آڙيڪاپ سوگني اڄ به موجود آهن ۽ اها سنئوڻن واري ثقافتي روايت راڄن مهاجن ۾ جيئن جو تيئن مروج آهي. اڄ به ڪنهن سٺي ڪارج جي شروعات ڪرڻ وقت سنئوڻ ٻولائڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو.
    اهي سنئوڻ ساٺ ڀلي کڻي سئو فيصد سچا نه به ثابت ٿين پر پوءِ به انهن جي پيغمبري کان منهن موڙڻ وقت جي وڏي چريائي ٿيندي. اڻ پڙهيلن جي هن اُملهه علم کي سائنس الئه ڪهڙي سبق طور وٺندي پر عقل جو نڪتو انهن کان انڪار قطعي ڪو نه ڪندو!
    ڪنهن به نيڪ ڪم تي نڪرڻ مهل ٿاريلا ڏسا سول جا ڏک ساڻ کڻي ناهن نڪرندا، جنهن ڏس، جنهن ڏينهن ڏسا سول هوندو، ان ڏينهن ان ڏس/ طرف ڪم تي نه ويندا آهن.
    سٺا سنئوڻ:
    ڪنهن به سُڌ ڪارج ڪرڻ لئه ٿريا سُٺا سنئوڻ ٻولائڻ لازمي سمجهندا آهن. خاص ڪري گهر مان نڪرڻ مهل ۽ منزل تي پڄڻ وقت سٺا سنئوڻ ڪم ٿيڻ جي گارنٽي هوندا آهن.
    انهن سنئوڻن ۾ ڪجهه هن ريت آهن. گهر کان ٻاهر نڪرڻ يا ڪنهن سٺي ڪم جي شروعات ڪرڻ وقت پهريون ديدار پاڻي ڀريل مٽڪن سان ٻانهياري جو ٿئي ته پنئون ٻارنهن يا تلڪ ڏنل برهمڻ، سهاڳڻ جي هنج ۾ ٻالڪ، ڌوتل ڪپڙا کڻي ويندڙ ڌوٻي جو درشن ٿئي ته به سٺي ڳالهه سمجهي وڃي ٿي.
    تلڪيوڙو پنڊت ٻالڪ ٻائيڙي هنج،
    مَٽڪا ڀريل پدمڻي، ٽونئر ٽانڪيل کنج،
    اتنا سنئوڻ لي چلو جرا نه آوي اهنج.
    مذڪوره سنئوڻ ساڻ ڪري ڪنهن به ڪم تي ويندڙ کي ڪا به تڪليف نه ايندي.
    پرن تي ڪارن پٽن واري پياري سفيد پکي جا سنئوڻ به سماج جي ڪاريه ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا. هن پکي کي وقت جي تقاضا طور مالهاري ۽ سانگوڻي چوندا آهن، ڪنهن به سڌ ڪم تي نڪرڻ وقت هي پکي ساڄي پاسي ٻولي ته مالهاري چوندا آهن ۽ کاٻي پاسي ٻولي ته سانگوڻي چوندا آهن. ياد رهي ته سانگوڻي سٺي سنئوڻ ۾ سمايل آهي. مالهاري خراب ۾!
    پرڀات ٻولي ڪانگڙي چونئري ري چوٽي،
    ڪتو ڪروٽ بدلائي مجمان آوي اک ٻوٽي.
    پرڀات/ پرهه ڦٽي ويل گهر جي ڇت تي ڪانگ/ ڪانوَ ڪيئه ڪيئه جي آواز سان ٻولي، ڪتو اڱڻ تي پاسا بدلائي ته سمجهو اک ڦڙڪڻ جيتري دير ۾ مهمان اچي ويندو اهو به سٺو سنئوڻ آهي.
    ساڄي اک ڦڙڪي يا ساڄو ڳل ڦڙڪي ته وڏو فائدو حاصل ٿئي ۽ هر طرف واهه واهه ٿي وڃي.
    ڏائو خر کڙوڪي جمڻو ڦوڪي وسيئر مڙهو اپوٺو جائي،
    اي سنئوڻ ساٿ لي چلي، او ڪڏهي نه دوکو کائي.
    خر معنيٰ گڏهه، وسيئر معنيٰ زهريلي بلا/ نانگ. گڏهه کاٻي پاسي هينگ ڪري، نانگ ساڄي پاسي نظر اچي، لاش پٺيرو کڻي ويندا هجن، هلڻ وقت مذڪوره سنئوڻن مان ڪو به هڪ سنئوڻ ٿئي ته اهو ماڻهو ڪڏهن به خطا ڪو نه کائيندو، ڪو به نقصان وغيره ڪونه ٿيندو.
    سٺن ۽ خراب سنئوڻن ۾ ڇڪ/نڇ جو به وڏو ويچار ڪندا آهن. واٽ ۾ هلندو هڪ ڇڪ اچي ته سٺي آهي. هڪ ئي وقت ٻه يا ٽي ڇڪون به سڻائي آهن ۽ ڪانوَ ۽ ٻلي کانسواءِ چپڪلي (چچي) ڪرڙي جو ماڻهو جي بدن تي ڪرڻ به سٺن سنئوڻن ۾ شامل آهي. مٿي تي، نرڙ تي، ڪنن تي، ساڄي ٻانهن تي ۽ ٽنگن تي ڪري ته به شڀ سنئوڻ آهي.
    ڪلهن تي هر کڻي ٻني ڏي پوک جي پهرين ڏينهن ويندڙ هاريءَ کي جيڪڏهن ڀريل دلن سان سهاڳڻ ناري يا ڪنواري ڪنيا سامهون اچي ته ان جو سمجهه گيهه ۾ لولو، ٻني بحرحال ٿيڻ جو سئو سيڪڙو سرٽيفڪيٽ! تاڙي جي تنوار ٿئي ته سمجهن مينهن اجهو وٺو، ڍڳيون هڪ ٻئي کي چٽين يا ٻڪريون رات جو وٿاڻ ۾ اُٿي اڳندي مهاڙ ڪري ويهن ته به مينهن پوڻ جا پڪا پُختا سنئوڻ سمجهجن. اهڙي طرح جيڪڏهن ٻلي رات اڳيان جو مَٽي/ گذري يا نظر اچي ته ان کي چوندا آهن سٺو سنئوڻ ۽ ٻلي کي رات جو لڪشمي جو درجو ڏيندا آهن. ان کانسواءِ ٻيا به سٺا سنئوڻ آهن. مثلاً؛ گهوڙو، پالڪي، هاٿي، اڇو ڍڳو، ڳئون، مساڻ ڏي ويندڙ مڙدو، ڏائو گگهه پکي، ڏائو تتر وغيره کانسواءِ به ٻيا انيڪ سٺا سنئوڻ آهن جن جو علم سُگنين جي سوچ ۾ آهي.
    خراب يا بد سنئوڻ:
    نڇ ڪنهن به ڀلي ڪم لاءِ گهر کان نڪرڻ وقت يا ڪم ۾ هٿ وجهڻ وقت جيڪڏهن ڇڪ ٿئي ته بنهه بيڪار سنئوڻ سمجهيو وڃي ٿو. ڪتو ڪن ڦڙڦڙائي، اٺ پٺي دنڌوڻي يا ڪير پويان سڏي ته به خراب سنئوڻ آهن. ڪير سڏ ڪري پڇي ته ڪيڏانهن ٿو وڃين ته ان کي اوڪار يا مت ڪار چوندا آهن ۽ ويندڙ ماڻهو سڏ ڪندڙ يا مت ڪار ڏيندڙ کي چوندو ته وڃان ٿو ڪيڻ جا ڪن وڍڻ بعفي ايئن به چون ته ڪتي جا ڪن وڍڻ. ڪانوَ جيڪڏهن ڪرو ڪرو يا ڪٽ ڪٽ جي آواز سان ٻولي ته بدسنئوڻ آهي. ڪم ۾ مشڪلاتون پونديون آهن!
    سج اُڀرڻ مهل ڪتو دانهون ڪري سج ڏانهن نهاري، اگهاڙو مرد نظر اچي، سنڍ زال اڳيان اچي، بيواهه جو درشن ٿئي يا نور اڳيان اچي آگ ٻوٽي وڃي اهي سڀئي سنئوڻ بنهه خراب آهن. اهي سنئوڻ ٿين ۽ پوءِ به ماڻهو ڪم تي وڃي يا ڪو ڪم شروع ڪري ته سمجهو اِهو پڪو هرج ڀريندو يا ثابت واپس نه ايندو. ٻليءَ جو پاسي کان لنگهڻ يا نظر اچڻ ڏينهن جو تمام خراب آهي.
    کاٻي پاسي ڀيرب (چٻ) ٻولي ۽ ساڄي پاسي راجا (گگهه) ٻولي، اهي سنئوڻ ٿين پوءِ به جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪم تي وڃي يا شروع ڪري ته اهو وڏي خطا آهي ۽ واپس صحيح سلامت قطعي ڪو نه اچي. زندگي کي لهر لوڏو اچي. ان کانسواءِ ٻيا به خراب يا اپسنئوڻ آهن، جيڪي هي آهن. ساڄي پاسي گڏهه جي هينگ، ساڄو تتِر، انڌو ماڻهو، گرڀوتي نار، باهه، ٻلين جو وڙهڻ، الٽي ڪندڙ ماڻهو، بيمار ماڻهو، چمڙو، ڪٻڙي زال ۽ هڏي وغيره. اهڙي طرح ڪرڙي نڪ تي ڪري، کاٻي ٻانهن تي ڪري، پُٺي تي ڪري ته به بد سنئوڻ آهن. هاريءَ پهرين ڏينهن پوک تي وڃي ۽ اڳيان خالي دلن سان ٻانهياري نظر اچي يا ڪاٺيون کڻي ايندڙ ماڻهو ته به خراب ڳالهه سمجهي وڃي ٿي. ڪنهن به ڪم تي وڃڻ مهل سامهون ڄڃ اچي يا سنڍ ماڻهو گذري ته به بدسنئوڻ چوندا آهن.
    بدسنئوڻ ٽارڻ لاءِ اُپاءُ:
    ڌرمي ٽپڻي موجب ڪنهن کي جيڪڏهن بدسنئوڻ ٿئي ته ان کي ٽارڻ لاءِ به ڪجهه طريقا آهن، يارنهن ڀيرا ڊگها ساهه کڻي پوءِ وڃجي يا پگ موڙو ڪجي (ڪجهه دير ترسي پوي). پاڻي جي لپ پيئي يا ڪجهه ماني ڀور وات ۾ وجهي، چوندا آهن ته ائين ڪرڻ سان اپسنئوڻ جو گهڻي قدر دوش گهٽجي وڃي ٿو، وڌيڪ ته هنن پراسرار پيغامن جي پروڙ انهن ساڃاهه وند سوهڻين کي ئي آهي جيڪي هن ڳجهي علم جا عقابر سمجهيا وڃن ٿا، اڄ ڪلهه جديد دنيا ۾ هنن روايتن کي وهم گمان چيو وڃي ٿو پر هنن ٿرين جي پنهنجي الڳ دُنيا آهن.


    ٿر جا ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻن جو ڏينهن ملهائڻ واري تجويز...!!

    ٿر جو اصلي حُسن ته ٿر جي ٻهراڙي ۾ جهلڪي ٿو، ٿر جي ٻهراڙي جتي نه شهرن جهڙي دز، نه ڪارخانن جو دونهون، نه گاڏين جو گوڙ، نه ماڻهن جو شور، نه جديديت جو جنون، نه اجائي ٺاهه ٺوهه. اُتي بس سادن ماڻهن جي سادگي سان ڀريل شاندار تهذيب ۾ سادڙو پيار ساهه کڻي ٿو. ٿر جي ٻهراڙي ۾ آهن ته صرف سونهن ڀريا نظارا جن کي ڏسي اکين کي سڪون اچيو وڃي. ٻهراڙي ۾ آهن مورن جا مڌر ٽهوڪا، تترن جون تنوارون، سهن جو سرگوشيون، هرڻن جا ڇال، ڀٽارا مال، مال ۾ چڙا، ڪنوارين ڪڇن ۾ ڪورا گهڙا، گورن انگن تي پياجي پڙا ۽ ريلن ۾ رمندڙ گُلن جهڙا ٻارڙا. ٻهراڙي ۾ گهر ڪکاوان ۽ ڪچا آهن پر ماڻهو دلين جا صاف، سچا ۽ ارادن جا پڪا آهن. انهن ۾ بي لوث محبت ۽ سُٺي صحبت آهي. اهي نه ڪنهن جي آئي ۾ نه ڪنهن جي وئي ۾. قاضي ڄاڻي قيام ڄاڻي. هر ڪو پنهنجي روزي روٽي ۾ هٿ پير هڻي حلال جو کائي ٿو. سڄو ڏينهن ڪم ڪار ڪندي سنجها ٽاڻي ٿڪل ٽُٽل جسم سان، مُڃ جي وڻيل منجي تي ويهي ستارن سان اندر جا آروگ اوريندي وڏو سڪون ماڻين ٿا. نه کُٽڪو نه کيلي، اُلڪو هُجي ٿو ته بس اهو ئي ته صبح جو وري هٿ پير هڻنداسين تڏهن ئي ماني ملندي، نه ٺڳي نه ٺاهه، پنهنجي حق جي سچي سون جهڙي ڪمائي ٻهراڙي جو اعليٰ گُڻ آهي.ٿر جنهن جي ٻهراڙي کي سڪون جي سرڳ چئجي ته به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. ٿر جا ڳوٺ ڀرم ۽ شرم جا گهوارا آهن. جتي وڏ ننڍائي جو ادب ۽ احترام وڏي شوق سان ڪيو وڃي ٿو. جتي وڏن جي روبرو ڪير به کٽ تي ناهي ويهندو. جتي پرائي گهر جي اوٽي تي پير رکڻ کان پهرين جُتي لاهي ويندي آهي ۽ مٿي تي ٽُوال يا ٽوپي پائبي آهي. جتي جون عورتون سس ۽ سُهري، ڏيور ۽ جيٺ کي مائٽن کان مٿي سمجهن. جتي جا ڳڀرو ڳوٺ جي نياڻين کي ڀيڻن جئين ڀائن ٿا. جتي وڏن جي اڳيان سگريٽ نوشي ڪرڻ تي به سخت منع ٿيل آهي. جتي تاري اُڳي جو پرڀاتي پلن ۾ پکين سان گڏ پدمڻيون اُٿي ولوڻا ولوڙين ٿيون . جتي سج ڪُني ڪڍڻ کان اڳ ۾ گهرٽين جي گهور نڀاڳن کي ننڊ مان اُٿاري ٿي. جتي اڄ به وڻن ۽ ڌڻن سان وڏو پيار ڪيو وڃي ٿو. جتي صبح شام مورن ۽ پاريهرن کي داڻو پاڻي دان ڪيو وڃي ٿو. جتي اڄ به هولي ڏياري ۽ عيد تي بنان ڪنهن متڀيد جي هندو مسلم گڏجي هڪ ٻئي کي واڌايون ڏيندا ۽ وصول ڪندا آهن. ٿر جي ٻهراڙي جو اصلي حُسن ته آهي ئي مذهبي رواداري. نه رڳو مذهبي رواداري وارو رواج آهي پر مهمان نوازي به ٿر جي ڳوٺن جو مَرڪ آهي. پنهنجي يار، دوست ۽ عزيز کي ته هر ڪو ماڻهو مجبوري ۾ کارائي ٿو پر ڪنهن اجنبي گهوري گهتي کي جيڪو مان مريادا ٿر جي ٻهراڙين ۾ ملي ٿو ان جو دنيا ۾ شايد ئي ڪو مثال هُجي. ٿر جي ڳوٺن ۾ هيڙي ڏُڪار باوجود جهڻ مکڻ ضرور ملي ويندو. وشنان به ڳوٺن کانسواءِ ڪٿي به نه ملندو!. مچ ڪچهريون به ٿر جي ڳوٺن جي وندر ۽ ورونهن جو اهم ذريعو آهن. ڳوٺ جي هر ماڻهو وٽ پنهنجو اڀرو سڀرو اوتارو ضرور هوندو. جنهن ۾ ٻه چار کٽولا ۽ ٿڌي پاڻي جو ڪورو دلو ڀريل هر ويل موجود هوندو. شادين جو شُغل به ٿر جي ٻهراڙي ۾ جيڪو ڏسڻ وٽان آهي اهڙو ڪٿي به ناهي. پُراڻيون ريتون رسمون سنئوڻ ساٺ، لوڪ ناچ، دهل دهماما، سِهرا، لاڏا سڀ ڪجهه ڳوٺن ۾ ئي ته آهي. اهڙي سدا ملوڪ ٻهراڙي جي ماڻهن سان محبتون ونڊڻ ۽ ڳوٺاڻن جي اهميت کي اُجاگر ڪرڻ خاطر ”سال ۾ هڪ ڏينهن ڳوٺاڻن جي نالي ڪيو وڃي ته تمام بهتر رهندو“. اها تجويز اسان جي دوست اڪبر درس جي آهي جيڪو خود ڳوٺاڻو آهي. ڳوٺ پوسرڪي ۾ پيدا ٿيو آهي. پوسرڪو جنهن جي پاڻي کي ٿر جي مشهور مالوند ساري سنگهار به ساراهيو آهي. ته ڪونئرل ڪهڙيا ڪريان واکاڻ جي هجين پوسرڪي جي پاسي ۾ ريڊيو پاڪستان مٺي تي ڳوٺاڻن ۽ آبادگار ڀائرن لئه اوطاق پروگرام ۾ ملهار جو ڪردار ادا ڪندڙ اڪبر درس جي هي تجويز واقعي سوچڻ تي مجبور ڪري رهي آهي. ڇاڪاڻ ته هن ٺيڪ اُن وقت تجويز پيش ڪئي آهي جڏهن ٿر جي ٻهراڙي بلڪه سڄي دُنيا جي ٻهراڙين جا ماڻهو شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن. جيڪو ڳڻتي جوڳو عمل آهي. ڇاڪاڻ ته شهر اڳي ئي مسئلن جي ڄار ۾ ڦاٿل آهن مٿان اُٽلندو ٻهراڙين جي لوڌ ايندي ته آبادي وڌڻ سان گڏ مسئلا به وڌندا! اڄڪلهه ڏٺو وڃي ته ٻهراڙين جا ماڻهو شهرن ۾ رهڻ لئه وڏو شوق رکن ٿا. شايد اُنهن کي اها خبر ناهي ته شهرن جا وڏا خرچ آهن. بجلي جا بل، گئس جا بل، پاڻي جا بل، فونن جا بل، انٽرنيٽ جا بل، وڏيون وڏيون مسواڙون ۽ پرائيويٽ اسڪولن جون ڳريون فيون، ڀلا ٻهراڙي وارو غريب ماڻهو ڪيئن برداشت ڪري سگهندو. ڏهاڙي ٻه سئو روپيا ڪمائڻ وارو مزدور طبقو ڀلا شهرن جو خرچ ڪيئن برداشت ڪندو؟ جڏهن ته اهو ساڳيو ماڻهو ٻهراڙي ۾ سڪون سان زندگي گُذاري وٺندو. ٻيو نه ته به ڪنهن اجائي آزار ۾ نه پوندو. ڇاڪاڻ ته ٻهراڙي ۾ (آئون هتي ٿر جي ڳالهه پيو ڪيا) 90 سيڪڙو بجلي ناهي. بجلي ناهي ته بل نه ڀرڻو پوندو. ڪاٺيون مُفت جون آهن. بس رڳو بدن ڪم ڪري ۽ ماڻهون ۾ ڪجهه چُرڻ هُجي ته جهنگل مان 05 منٽ ۾ ڀري ڪري وٺندو. پاڻي به جر جو آهي. جنهن کي وڻي پيو پيئي. کارو مٺو هر ڪنهن جو مقدر آهي باقي پاڻي مفت جو آهي. کير به ناڻي جو ناهي وٺڻو، هر ڪنهن وٽ اڀرو سڀرو پنهنجو ڌڻ آهي. اسڪول به سرڪاري آهن. ماستر به تقريبن هر ڳوٺ ۾ ڳوٺاڻا (مقامي) آهن. اُنهن کي صرف هدايت ڪرڻ جي ضرورت آهي ته ادا پنهنجي ڳوٺ جا ٻار سُڌاريو. پگهار حلال جو ڪري کائو حرام نه کائو. ٻهراڙي ۾ مسواڙ جو ته تصور ئي ناهي. ڇاڪاڻ ته جيڪي صدين کان پنهنجا ڳوٺ وسايو ويٺا آهن. اُنهن جا اباڻا پلاٽ آهن. اُنهن ۾ اڏيل ڪکاون جهوپڙن ۾ سادي زندگي شهري زندگي کان سئو ڀيرا سڪون واري آهي. نه چوري چڪاري جو ڊپ نه ڦُر مار جو خطرو، نه پلاٽ جي سوڙهه، هر ڪنهن جا وڏا وڏا ڪُشاده اڱڻ ۽ ويڙها جن جي احاطي ۾ نمن ۽ ڪنڊين جا وڏا وڏا وڻ ۽ اُنهن وڻن جي ڇانوَ ۾ مور ۽ ڍور ٽلورا ڏين پاسي ۾ گدلا ٻارڙا اِٽي ڏڪر ۽ گِدي راند کيڏين. ويڙهي وارن وڻن ۾ پدمڻيون پينگهون ٻڌي لُڏن، اهڙي اُملهه ڳوٺاڻي زندگي ڇڏي شهر جو رُخ ڪرڻ وقت جي تقاضا نه پر وڏي چريائي چئبي.
    مڃون ٿا ته جديديت جي جنون واري هِن وحشي دؤر ۾ ٿر جي ڳوٺن ۾ به گهڻو ڪجهه بدلجي چُڪو آهي. مٽي ۽ ميٽ سان واسيل واسينگن جهڙا وار هاڻي جديد صابڻ جي عجيب خوشبوءَ سان سينگاريا وڃن ٿا. سانورين سينڌن کي نمورڻ بجاءِ اُنهن ۾ جديد ”جيليون“ لڳايون وڃن ٿيون. چانگن تي چڙهڻ بدران موٽرن جا مزا ورتا وڃن ٿا. ٿڌي لسي سان نيرڻ ڪرڻ بجاءِ صبح شام ڪچي ٺري جو ذهر ڏوڪيو وڃي ٿو. گاسليٽي فانوس بجاءِ چائنا جون بتيون ٻاريون وڃن ٿيون. چمڙي جون چاکڙيون پائڻ بدران رٻڙ جون نُور وڃائيندڙ جُتيون پايون وڃن ٿيون. وڙولن تي مال وارڻ بدران فونن تي ڳولا جا نوان تجربا ڪيا وڃن ٿا. ٿاريليون ٻاجهر جي ماني پچائڻ به وساري ويٺيون آهن. گهڻو ڪجهه بدلجي چُڪو آهي. مچ ڪچهرين جا موضوع بدليا آهن. تهذيب جي تاريخ تبديلين جي ور چڙهي چُڪي آهي. پر پوءِ به اڃان گهڻو ڪُجهه ٿر جي ٻهراڙي ۾ ساڳي نموني ساهه کڻي ٿو. ٿر جو ڳوٺاڻو ڪلچر ڪيڏو به نواڻ جي نانءَ ٿئي پر پوءِ به اڃان تائين ”سيلفي“ ڪلچر جهڙو سينوريل ناهي، نه ئي برگر ڪٽ جو ڪو حصو ٿيو آهي ٿر جي ڳوٺن ۾ اڄ به نياڻي کي رخصتي مهل ڏورو ڳايو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته ٿر اڃان ”مُني بدنام“ جهڙي واهيات ڳاني تي ڊسڪو ڊانس نٿو ڪري. ٿر ته اڄ به همرچي تي مٽڪو ڪري مور نچائي ٿو. ٿر جون ڳوٺاڻيون ناريون اڄ به اجنبي اڳيان گهونگهٽ ڪڍڻ ناهن وسارينديون. ڇاڪاڻ ته اُهي ”جينس پينٽ“ واري اڌ اُگهاڙي پوشاڪ کان متاثر ناهن ٿيون. ۽ نه ئي وري ”پينسِل هِل“ واري پاسي وڙڪن ٿيون. ٿر جي ڳوٺن جا ڳڀرو فحش فلمن تي قيمتي وقت وڃائڻ کان ونجهه وٽي کيڏڻ وڌيڪ بهتر سمجهن ٿا. فيس بُڪ ۽ ٽوئيٽر واري ٽرڙائپ کان پري ڀڄندڙ ٿر جا ڳوٺاڻا سگهڙن جي ڪچهري اڄ به وڏي شوق سان ٻُڌن ٿا. ٻهراڙي جا ٻارڙا وڊيو گيم واري نئين وندر بدران آکو پايو ۽ ڪارڙو ڪنڀاڙو وڏي شوق سان کيڏين ٿا. ڳوٺن جون ڳڻوان ٿاريليون ”پتي“ کي پرميشور مڃي پرڻام ڪن ٿيون. وار پرٻ ۽ شادي مُرادي وارن موقعن تي ٿيندڙ رهاڻن ۾ پن جي ٻيڙي، سُلڦي، ناس، جينور جي ٽڪي ۽ ڪاٺ سوپاري جو استعمال اڄ به عام ٿئي ٿو. اجهورن سان بي پناهه پيار ڪندڙ ٿر جا ڳوٺاڻا ڌنار اڄ به سانداري/ڏيڙڪي ۾ پاڻي کڻي سيمن ڏي وڃن ٿا. اُنهن کان سينڊن ۾ مارئي ڳائڻ اڄ به ناهي وسريو. وسريو ته ”آنٻليو“ ۽ ”لِڪ لِڪوٽي“ به ناهي، لڪ لڪوٽي واري سحر انگيز رومانس تي ٿر جي ڀلوڙ شاعر شنڪر ساگر جو شعر ياد اچي ٿو ته؛
    لڪ لڪوٽي ۾ هُن جي چوٽي ۾ منهنجو هٿ پئجي ويو.
    ڳوٺاڻن بابت اڪبر واري اها تجويز اڄ ڀلي کڻي ننڍڙي لڳي ٿي. پر وقت ان جي اهميت جو فيصلو ضرور ڪندو. ان ڪري اچو ته گڏجي سال ۾ هڪڙو ڏينهن ڳوٺاڻن جو ڏينهن Villagers Day ڪري ملهايون. ڳوٺاڻن سان ڪچهريون ڪيون. ڳوٺاڻن جون ڳالهيون ٻُڌون پنهنجي ڳوٺن جي سونهن، ثقافت، تهذيب، مور، ڍور، مذهبي رواداري ۽ لوڪ ادب بچايون. ان ڪري اسان ٿرواسين اهو حتمي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته ٻيو ڪير وليجر ڊي ملهائي يا نه پر اسين ٿر جا مارو ماڻهو پهرين اپريل تي ضرور ملهائينداسين. دُنيا ڪوڙ جي پوئيواري ڪندي ڪوڙ جو ڏينهن ملهائيندي، اسين پنهنجي ڳوٺن جي بقا لاءِ ڳوٺاڻن جو ڏينهن ملهائينداسين.


    گڊيءَ کان گوڙدرو تائين...!!

    آگسٽ خميس جي ڏينهن منهنجو ريڊيو پاڪستان مٺي تي شام 03 وڳي ڍاٽڪي پروگرام ڍاٽي مهانجا ڍول هو. آئون جيئن پروگرام ڪري ٻاهر نڪتس تيئن پنهنجو موبائل آن ڪيم، ڇاڪاڻ ته دوران پروگرام موبائل بند هوندو آهي. موبائل کوليم ته ڪال آئي، نمبر چيڪ ڪيم. مُنهنجي سالي گورڌن سنگهه جو هو جيڪو ٽنڊوڄام ۾ پرچونَ جو دُڪان هلائي ٿو. ڪال اٽينڊ ڪيم، رسمي حال احوال کانپوءِ گورڌن چيو ته اسان ٽنڊوڄام مان اچون ٿا ڪار کڻي، پنج ڄڻان آهيون، ننگر گهمڻ جو پروگرام آهي. توهان جيڪڏهن هلڻ چاهيو ته پوءِ تيار ٿي ويهجو گڏجي هلنداسين، اهو ٻُڌي منهنجو پير پٽ تي ئي نه لڳي، يڪدم وراڻيم دُهل وڄي ۽ دوسُو نه نچي سو آئون بلڪل هلندس. ائين چئي ڪال ڪٽيم ۽ سڌو شهر جو رُخ ڪيم. پهرين ڪرشن نائي جي دُڪان تي ويس ڏاڙهي ٺهرائي، وهنجي سهنجي ڪپڙا مٽائي، تيل سرما ڪري صفا بالم ٿي ويهي رهيس. گورڌن وارن سان فون تي رابطو هُيو، اُهي تقريبن رات جو 08 وڳي مٺي پهچي ويا. مٺي پهچندي اُنهن مونکي ٻُڌايو ته اسين ڊان هوٽل تي چانهه پيئون ٿا، توهان به اچو آئون اُتي ويس، سڀني سان ڀاڪر پائي مليس. گورڌن سنگهه، جالم سنگهه، اشرف خاصخيلي، رباني خاصخيلي ۽ سيٺ تُلسي داس لهاڻي کان سفر جا سماچار پُڇيم، اُنهن چيو سفر تمام سُٺو رهيو ڇاڪاڻ ته رمجهم بارش به وسي رهي هُئي. چانهه پي مون سگريٽ دُکايو ٻين کي به ٿوريم پر اشرف کانسواءِ ٻين نه پيتو. ڪنهن سوپاري کاڌي ته ڪنهن گُٽڪو، ته ڪنهن رُڳو مکين تي خار کاڌا ڇاڪاڻ ته مکيون ائين گهُمي رهيون هيون جيئن ڪنهن جنگ جي ميدان تي جنگي جهاز. ٿوري گپ شپ ڪري اُٿياسين، چانهه جو بل مون ڏنو. سنگت چيو هاڻ مٺي ۾ ڪهڙي جاءِ گهمنداسين. مون چيو مٺي ۾ گڊي ڀٽ تي هلنداسين جتي زندگي رقص ڪري ٿي، جتي سُونهن سانوڻ جهڙا ساٺ ڪري نچي ٿي. جتي صدين جي سفر جا ٿڪ لمحن ۾ لهي وڃن ٿا. جتي ڇتن جا بادل ڪنڍرون ڪري من موهي وجهن ٿا. مُنهنجي فيصلي کي سڀني سويڪار ڪيو ۽ گڊي ڀٽ تي وياسين. گڊي ڀٽ جنهن کي پيپلز پارٽي وارن منظرِ بينظير جو نالو ڏنو آهي. جيڪا سوين فوٽ اوچي ڳاٽ سان مٺي جو نالو مٿاهون ڪري ٿي. وقت جا جهوناراوي روايت ڪن ٿا ته هن ڀٽ تي نٻن سوڍن جو ننڍڙو گڍ هو، جيڪو نرن سوڍن چندو ڪرائي ٺهرائي ڏنو هو. جنهن کي ”نٻڪي گڊي“ چوندا هُئا. ان ڪري ان ڀٽ تي گڊي ڀٽ جو نالو پيو. نٻڪي گڊي جا فٽل آثار اڄ به موجود آهن پر چوڻ وارا ائين به چون ٿا ته ڀٽ تي موجود قلعي جا آثار مير فتح علي خان جي ننڍڙي گڍ جا آهن. هاڻوڪي حڪومت هن ڀٽ کي ٽوئرسٽ اسپاٽ بڻائڻ جي لئه چڱو موچارو ڪم ڪيو آهي جيڪو ساراهڻ جوڳو آهي. ٻارڙن جي تفريح لئه بهترين پارڪ جوڙايو آهي ۽ شهر کان وٺي ڀٽ جي چوٽي تائين بهترين روڊ ٺهرايو آهي. ڀٽ جي چوٽي تي هڪ ريسٽورينٽ آهي ۽ ان کانسواءِ ٿر جي دلير سياستدان امر جڳديش ڪمار ملاڻي جي نالي سان هڪ يادگار ٽاور ٺهيل آهي جيڪو هاڻي هن ڀٽ جي سُڃاڻپ بڻجي ويو آهي. جنهن تي چڙهڻ لئه سيڙهي ٺهيل آهي. اسين به ان ٽاور تي چڙهياسين، ٻه منزل اوچي ٽاور تان مٺي جو شهر ائين لڳي رهيو هو ڄڻ پڪاسو جي ڪا حسين پڪچر هُجي. رات جي وقت ٻرندڙ بلبن جي روشني ۾ ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ڌرتي تي آڪاش لهي آيو هُجي. ڏاڍو مزو آيو. 14 آگسٽ جي ڪري رش به ڏاڍي هُئي، 14 آگسٽ واري جشن جو اصل مزو ته مٺي ۾ هوندو آهي سڄو شهر سبز حلالي جهنڊن سان سائو هو. شهر کان گڊي ڏانهن ويندڙ گاڏين ۾ وڏا وڏا اسپيڪر لڳل هئا جن ۾ آزادي جا گيت گونجي رهيا هئا. مٺي جا ماڻهو وطن سان وڏي محبت ڪن ٿا. گڊي تي پهچي اسان فليش ڪئمرا سان فوٽو به ڪڍيا. ٽاور تان هيٺ لهي ڪجهه پيٽ پوجا خاطر جوس به پيتاسين. خوشگوار موسم ۽ آزادي جي عيد جي ڪري گڊي تي ماحول مهڪندڙ هو.سوين ماڻهو خُمارن ۾ کِڙي ۽ ٿِڙي رهيا هُئا. ڪي وڏي آواز سان گانا ڳائي رهيا هُئا. رات جا 09 ٿيا اسان جي دل به ”سوم رس“ لئه سٽ کاڌي. اسين به گڊي تان هيٺ لٿاسين. شهر مان مال پاڻي وٺي، رات جو گورڌن سنگهه جي ڳوٺ يعني منهنجي ساهورين عالمسر وياسين. عالمسر مٺي کان 26 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف آهي. عالم لنجي جو آباد ڪيل هي ڳوٺ اُهو آهي جنهن جي بهادر ۽ باوقار نياڻي حاجياڻي لنجو اين اي 229 تان اليڪشن وڙهي، ٿر جي تاريخ ۾ هڪ نئون باب رقم ڪيو هو. هن ڳوٺ ۾ بجلي، اسپتال، پرائمري اسڪول، مڊل اسڪول ۽ روڊ جي سهوليت موجود آهي. هن ڳوٺ ۾ لنجا، راجپوت، ميگهواڙ ۽ ڀيل رهن ٿا. اسين ڏهين وڳي رات جو عالمسر پهتاسين. جتي امل ڪسونٻا ڪرڻ کانپوءِ چانهه پيتي سين. سوم رس جي سرورن ۾ شعر و شاعري واري خوب ڏي وٺ ٿي. تنهن کان پوءِ ماني کاڌي سين ماني کائيندي اسان سالو ڀيڻويو هڪٻئي کي گراهه ڏيڻ واري رسم ادا ڪئي. روايت آهي ته آڳاٽي زماني ۾ راجپوت جنهن کي سنڱ ڏيندا هئا ان سان ڪنهن ڳالهه تي ڪا اڻوڻت/ رنجش ٿي پوندي هُئي ته پوءِ پرڻجڻ نه ڏيندا هئا بلڪه ماري ڇڏيندا هئا. جيڪڏهن ڪو زورآور هوندو هو ته اهو جڏهن ڄڃ وٺي گهوٽ ٿي ايندو هو تڏهن کاڌي ۾ زهر ملائي ڏيندا هئا. ان ڪري زهر جي پرک خاطرهي رسم اختيار ڪئي وئي ته ڀيڻويو پهرين سالي کي گراهه ڏيندو آهي ظاهر آهي جيڪڏهن زهر هوندو ته هو به ماني نه کائيندو.ساهورن ۾ ڄمائي ماني کائي برتنن ۾ پئسه وجهندو آهي جنهن کي ايٺ چوندا آهن اهي پئسه وياج سميت واپس ملندا آهن. مطلب ساهورا ڏهه ويهه روپيا مٿان وجهي واپس ڏيندا آهن مون جڏهن ايٺ واري رسم ادا ڪئي تڏهن مون کي ڏسي دوست تلسيداس ۽ ٻيا ڪجهه حيران ۽ پريشان ٿيا ته يار هي ڪهڙي مهمانوازي آهي هتي به بل ڏيڻو پوي ٿو انهن پئسا وجهڻ لاءِ کيسن ۾ هٿ وڌا ته مون کي کل آئي ۽ پوءِ مون انهن کي سمجهايو تڏهن سڀئي کليا. ٻڪر ٻوڙ کائي رات جو دير تائين رهاڻ ڪندا رهياسين. صبح جو سوير اُٿي وهنجي سهنجي ڪپڙا بدلائي، نيرن پاڻي ڪيوسين پوءِ عالمسر واري ترائي گهُمڻ وياسين. جتي مورن جا کيڙا ڏسي، ٽهوڪا ٻُڌي دل خوش ٿي ويئي. هلڪو هلڪو جهڙ وسي رهيو هو ۽ اسين عالمسر کان ڀڪوئو وارو روڊ ڏيئي ننگر لئه نڪتاسين. وچ رستي ۾ ڪچهري ڪندي ٿر جي سيمن جو جائزو وٺندا رهياسين، ٻنيون ڪٿي پوکجي رهيون هيون ته ڪٿي پوکيل هيون پر فصل ۾ ڪو به چاڙهو نه هو. گاهه به ڪٿي ڪٿي وڻن جي اوٽ ۾ نظر آيو ٿي نه ته سارو خير لڳو پيو هو. هر هند ساوڪ نه هُئي. مال ڀٽارو ڏاڍو ڏٻرو هو. مال جا ٿڻ به سُڪل هئا. باقي وڻن ۾ ڪونڀٽن ساوا ويس ڪيا هئا. ڄار ته هونئن ساوي هوندي آهي. ڳوٺ ويءَ هنڱورجا وٽ ڀريل ترائي ڏسي اسان ڪار بيهاري، ترائي مان پلر پاڻي پيتوسين پوءِ ترائي ڀرسان پپون ۽ ڪونڍير ڳولڻ لڳاسين پر نه مليا. اُتي هڪ ڌراڙ ٻڪرين ۾ بيٺو هو ٻڪرين ۾ ”وارڙيا“ (واري تي آواز ڪڍندڙ) مٽر ٻڌل هئا جن جا آواز دل کي ڇهي رهيا هئا. چيوسين ته ادا کير پياريندين، ”چيائين ڀائرو هي مال اوهانجو پنهنجو آهي، پر مينهن 04 سالن کان پوءِ وُٺو آهي،سو به ڄڻ لوڻ وٺو آهي گاهه جو حال اوهين اکين ڏسو پيا، گاهه بنان کير ڪٿان ٿيندو، مال ڀٽاري جي ٿڻن جا نارائي سُڪي ويا آهن.“ اهو ٻُڌي اسان کي ڏاڍو ڏُک ٿيو ۽ دل تي ڀٽائي جي هي سٽ چڙهي آئي ته؛
    ڏُکي توءِ ڏُڪار توڙي وسن مينهڙا.
    ويءَ کان وٺي اسلام ڪوٽ تائين، ڪٿي به ڪا خاص ساوڪ نظر نه آئي. سوا ڏهين وڳي اسلام ڪوٽ پهتاسين. جتي چانهه پي فريش ٿياسين. اسلام ڪوٽ جنهن کي نمن جو شهر سڏيو وڃي ٿو. هن شهر ۾ بيٺل نمن ۾ 90 سيڪڙو سيٺ مُکي نهالچند جا پوکايل آهن، جڪو وقت جو وڏو مهمان نواز ٿي گذريو آهي. اهو نمن جو شهر ڪنهن وقت نٻن سوڍن جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ هوندو هو. جنهن جو نالو مَئُو هو. جنهن کي نٻن سوڍن تڏهن وسايو هو جڏهن سوڍا ساڙهي يا ٻنڌياڻ ۽ جالنگ وٺندا هُئا. ساڙهي يا ٻنڌياڻ اُن کي چوندا هئا جيڪا غريب رِعيت پنهنجي ڌيءَ يا پُٽ جي شادي وقت پنهنجي راجا کي آنو يا ٻه آنا ڏيندي هُئي. اُن ۾ سوڍا پنهنجو شان سمجهندا هُئا. ان ساڙهي ۽ ٻنڌياڻ جي ڪري عمرڪوٽ جو راڻو رتنسگهه انگريزن سان مهاڏو اٽڪائي شهيد ٿي ويو هو. جنهن جي وفادار گهوڙي جي سنبن جا نشان اڃان تائين عمرڪوٽ جي قلعي ۾ نمايان نظر اچي رهيا آهن. راڻي رتن کي موجوده قلعي ۾ ڦاهي ڏني ويئي هُئي. جالنگ اُن کي چوندا آهن جڏهن به ڪنهنجو کرو بٽائي ٿيندو هو ته هُو پنهنجي تر جي پٽيل کي بنان چوڻ جي گهر ويٺي فصل جو ڪجهه حصو ڏيئي ويندو هو. اسلام ڪوٽ جي پسگردائي ۾ نٻي سوڍي جو جالنگ هلندو هو. تنهنڪري هن شهر جو پُراڻو نالو نٻڪي به هو. انگريزن کان اڳ ۾ سوڍن ميرن سان مُهاڏو اٽڪايو هو. نٻڪي جي نٻن کي سنڌ جي حاڪم ميرن چيو ته اسين اوهان کي ڪڏهن به سلام نه ڪنداسين، اُن ڪري سوڍن پنهنجي سموري ڳوٺ کي وڏو ڪوٽ ڏيرائي هڪ دروازو اهڙي ريت ٺهرايو جو ماڻهو اندر داخل ٿيڻ لئه جهڪندو هو. پوءِ سوڍن ميرن سان ٺاهه ڪري دعوت ڏني ته اسانجو شهر گهمي وڃو. مير جڏهن گيٽ مان جهُڪي داخل ٿيا تڏهن سوڍن چيو ته اسانجو مقصد پورو ٿيو اوهين سلام ڪري اندر آيا آهيو. اُن کانپوءِ شهر جو نالو سلام گڊ رکيو ويو. ڪي چون ٿا ته اسلام ڪوٽ وارو قلعو ميرپورخاص واري مير سلام خان ٺهرايو هو تنهنڪري شهر جونالو اسلام ڪوٽ پيو. بحرحال جئين به نالو پيو پر شهر ته محبوب جي ادا جهڙو وڻندڙ آهي. 1947ع ۾ پاڪستان جي وجود کانپوءِ سلام گڊ مان فري ٿيو اسلام ڪوٽ. اسلام ڪوٽ اڄڪلهه ڪوئلي جي ڪري اوج تي آهي. ڪاروباري لحاظ سان ٿر جي دُبئي آهي. هن شهر ۾ موجود درويش سنت نيڻورام جي آشرم جو درشن ڪرڻو هو. پر ويندي نه ڪري سگهياسين ڇو ته وقت گهٽ هو اسانکي اول ننگر جا نظارا پسڻا هُئا.
    اسلام ڪوٽ مان اسان پاڻي لئه ڪولر ورتو، ڪولر ۾ پاڻي وجهي برف لڳائي ڪار ۾ رکيوسين. اڄ چوڏهين آگسٽ هئي پاڪستان جي آزادي جو ڏينهن ان ڪري جهنڊا ورتاسين. ڪار ۾ جهنڊو جهولايو. آزادي جا بيج سينن تي هنياسين ۽ اڳتي ننگر لاءِ روانا ٿي وياسين. رستي ۾ اسين خاص ڪري گاهه جو جائزو وٺندا وياسين پر ڪٿي به خاص گاهه نظر نه آيو ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ٿر جي ڌرتي سنڍ ٿي ويئي آهي. رستي ۾ موجود گوڙي جو جين ڌرم وارو تاريخي مندر به ڏسڻ وياسين. تمام پراڻو قديمي ڳوٺ گوڙي جنهن جو اصل نالو گوڙيچو هو. جنهن مان ڦري ٿيو گوڙي. هن ڳوٺ ۾ اڄڪلهه ڀيل رهن ٿا. گوڙي جو مندر تمام قديمي مندر آهي جيڪو جين ڌرم وارن جو آهي. سڄو وزني پٿرن جو ٺهيل آهي. هن مندر ۾ هينئر هزارن جي تعداد ۾ چميڙ رهن ٿا انهي ڪري وڏي بدبوءِ آهي اندر ماڻهو پنج منٽ به بيهي نه سگهندو باقي ٻاهر جيڪو ورانڊي ۾ گنبذ ٺهيل آهي ان ۾ ڀيل ڀڄن به ڳائي رهيا هُئا. ڀڄن ٻڌي وڏو روحاني سڪون آيو. ان مندر جي اوڀر ۾ هڪ اهڙي سُرنگهه ٺهيل آهي جيڪا وڃي پوڻي ڏهري ڀوڏيسر سان ملي ٿي. پر اڄڪلهه سڄي بند آهي. مندر گهمي اسان اڳتي سفر جاري رکيو ۽ وڃي بريڪ ڀالوا تي ڪيوسين. هن ڳوٺ جو اصل نالو ڀيل واءَ هو. جنهن جو مطلب ڀيلن جو کوهه، اڳي هتي ڀيل رهندا هئا هاڻي هن ڳوٺ ۾ خاصخيلي رهن ٿا. هن ڳوٺ ۾ مارئي جو کوهه ڏسڻ جي وڏي سڪ هُئي. مارئي جو اباڻو ڳوٺ ڀالوا جيڪو ننگرواري روڊ جي اوڀر پاسي آهي، سريکي سرزمين تي آباد هن ڀلوڙ بستي ۾ ڪڏهن مارئي جا ٽهڪ ٽڙندا هئا. مارئي جيڪا حب الوطني جو عظيم ڪردار ٿي گُذري آهي. ڀٽائي جي سورمي مارئي عمر جي ڪنهن به آڇ کي قبول نه ڪيو. هُن ڦوڳن، ڦرن ۽ ڪچن گهرن سان قرب رکي ريٽن جي ديس جي ريت قائم رکي. مارئي جهڙي مريادا شايد ڪنهن ۾ هُجي. سون تي سيڻ نه مٽائڻ واري مارئي جي کوهه تي اسين 12 وڳي پهتاسين، ڇا ڏسون ميلو متل هو. سنجن سان سينگاريل گهوڙا، پاکڙن سان پلاڻيل، ڪٽاب ڪوريل جُهلن سان گاسيا ڪيل، ڪنڌ ۾ جنهوين وارا اُٺ، دُهل جا ڌمڪا، ڳائڻن جون دردوندي جو ديس وسي پيو بوند برهه جي بهار لڳي ويئي واريون روح پرور صدائون، خوبصورت پُڙين سان سينگاريل مانڍڻيون، ٿر جون ديسي گيهه واريون مٺايون، پرديسي ماڻهن جي پيهه، جينز ۽ پينٽ ۾ گهُمندڙ پرديسي حسينائن جو حُسن، دودهه پتي چانهه جا دور، ارجنٽ فوٽو لاءِ جنريٽر جو شور مطلب ته مارئي جي کوهه تي زندگي جون هڙئي حُسناڪيون پنهنجي پُور جوڀن تي هُيون. ڪيئي شوقين جوڙا اُٺن ۽ گهوڙن تي چڙهي فوٽو ڪڍرائي رهيا هئا ته ڪي چانهه پي رهيا هئا ته ڪي برياني کائي رهيا هئا ته ڪي پن جون ٻيڙيون ڇڪي کنگهي رهيا هئا ته ڪي مقامي ڳوٺاڻن کان مارئي جي تاريخ معلوم ڪري رهيا هئا. اسين ڪار مان لهي سڌو مارئي جي کوهه واري گرائونڊ ۾ داخل ٿياسين. جتيون گيٽ تي لاٿيوسين ڇو ته مارئي اسان لئه ستي هُئي ۽ ستين جي ٿانَ ۾ جُتي پائي وڃڻ اسان جو ڌرم ناهي ڇو ته اسين مقيم ڪنڀار جي پويتر پورهئي جا وارث وِيڙهيچا آهيون.
    مارئي جي کوهه جو مٺو پاڻي پيتوسين جيڪو سنڌو جي پاڻي جهڙو هو. مارئي جو کوهه اڃان تائين ائين صحيح سلامت آهي ڄڻ ڪالهه ٺهيو هُجي! سڄو پٿرن سان ٻڌل آهي پاسي ۾ مال کي پاڻي پيارڻ لئه ڪونڍي ٺهيل آهي جنهن کي ٿر ۾ ”نِڪ“ چوندا آهن. اُها ٿوري ٽُٽل هُئي، جنهن کي سيمينٽ لڳل نظر اچي رهيو هو. مارئي جي کوهه جي پاسي ۾ ڪلچرل ڊپارٽمينٽ جي طرفان پڪا چونئرا آر سي سي سان ٺهيل آهن. جن ۾ ايئرڪنڊيشنر به لڳل آهن، پر سڀئي چونئرا بند پيل هُئا. ڪو به سرڪاري نمائندو نظر نه پئي آيو. هونئڻ ته ائين کپي ها ته هتي هڪ بهترين ريسٽورينٽ ۽ ميوزم ٺهيل هجي ها ۽ اُن ۾ ٿر جون ثقافتي ۽ تهذيبي شيون رکيل هُجن. ٻڌو آهي ته هينئر اُتي ميوزم جو بندوبست ڪيو ويو آهي پر اڃان تائين ان جو افتتحاح ناهي ٿيو. بحرحال مارئي جي کوهه تي گُهمندي هڪ احساس ۾ وٺجي وياسين ته ويچاري ٿر جي نياڻي کي وقت جي حاڪم هتان زبرزور سان کنئي هوندي تڏهن اُن ڪيترا ورلاپ ڪيا هوندا، ڪيتريون دانهون ڪيون هونديون، کن پل لئه ائين لڳو ڄڻ مارئي جون رڙيون ڪنن جا پڙدا ٽوڙي ٿيون ڇڏين. وري ويتر درد ۾ دل تڏهن ٻڏي جڏهن کوهه تي موجود هڪ فقير پاون تي ”ڀينر مُنهنجا هجن حياتي مارن لايا ڏينهن“ واري ڌُن تمام پياري انداز ۾ ٻُڌائي. ڌُن ٻڌندي دل چيو ته ها ڀيڻ مارئي اسين واقعي تنهنجا مياري آهيون اسان تنهنجي پرگهور نه لڌي هُئي. مارئي جي کوهه تي جڏهن دوستن فوٽو ڪڍرايا تڏهن آئون کِسڪي ويس مونکي ڀوريلي جو ڀلوڙ دوست الماس نهڙيو ياد آيو، جيڪو ٻاراچ جي شوڪت نهال راڄڙ سان گڏ جڏهن مارئي جو کوهه گهمڻ آيو تڏهن اُن کي دوستن چيو ته هاڻي فوٽو ڪڍرايو تڏهن الماس چيو ته ايترا بي لڄا اسين به ناهيون جو جتان اسان جي ڀيڻ کي جابر عمر زوري اغوا ڪري اسان جي لڄ ۽ لوئي کي للڪاريو اُتي بيهه فوٽو ڪڍرايون.. الماس واري ڳالهه منهنجي چت تي چڙهي آئي آئون کوهه واري ميدان مان ٻاهر نڪري آيس ۽ مونسان گڏ آيل دوستن فوٽو ڪڍرايا. دوستن اُٺن ۽ گهوڙن تي چڙهي به فوٽو ڪڍرايا پر پاڻ اهڙو شوق رکون ئي ڪونه. ڪجهه دير هِن متل ميڙي ۾ رهياسين چانهه چُڪو پي تازا توانا ٿي اُتان نڪتاسين. هاڻ اسان جي منزل ويراواهه پوسٽ هُئي. جتي رينجرس گاڏيون چيڪ ڪندي آهي، تلسي ڪار کي آهستي آهستي هلائي رهيو هو، ڇاڪاڻ ته هِن روڊ جو واقف نه هو. ڀالوا کان پوءِ ڏانو ڌانڌل، ڪاريتل پوءِ ويئل آئي ڪاريتل جي اسٽاپ تي ننڍڙا ڇوڪرا وينجهڻا/ وينڃڻا وڪڻي رهيا هئا جيڪي مور جي پرن مان ٺهيل هئا ڏاڍا خوبصورت هئا ۽ ايترا مهانگا به نه هئا 100 کان 200 تائين ملهه هو. مور جي رنگ برنگي پرن مان ٺهيل وينجهڻا ڏسي اهو احساس ٿيڻ لڳو ته جن حسين هٿن هي وينجهڻا ٺاهيا آهن انهن تائين انهن جو مڪمل اجورو پُڄندو يا الائي نه، دل چيو ته مور جي پاڪ کنڀن مان خوبصورت وينجهڻا ٺاهيندڙ انهن مقدس پورهيت هٿن کي هزار بار چُمجي ته به گهٽ ٿيندو. ڳوٺ ويئل کانپوءِ اسان کي بهترين گاهه ۽ ساوڪ نظر آئي جنهن کي ڏسي اکين جا ٿڪ لهي ويا. اکين جا ٿڪ ته تڏهن به لٿا جڏهن ڏاني دانڌل کان اڳيان موکئي جو سن تارون تار نظر آيو. هي اهو سَن آهي جنهن جي ست رنگي لوڻ تي انگريزن ان ڪري بندش وڌي ته ان لوڻ کائڻ سان سوڍن ۾ سوراتڻ وڌي ٿي. اُنهن بيوقوف انگريزن کي شايد اها خبر نه هُئي ته سوراتڻ ته سوڍن جي رت ۾ شامل آهي. سوڍن جون مائرون سُتي ۾ دليري جي املتاس اوتينديون هُيون. اُهي لوري ۾ لاڏا نه پر رڻ ڀومي جا دوها ڳائينديون هُيون. اسانجي گاڏي جيئن ٿوري ويئل کان اڳتي وڌي تيئن ٽريفڪ جئم ٿي ويئي. سنگل روڊ هُئڻ ڪري سوين گاڏين جي هڪ ئي وقت آمدرفت سبب ايڏي رش ٿي جو ماڪوڙي جي پير رکڻ جيتري جاءِ به مُشڪل ٿي ملي سگهي. اهڙي حالت ۾ گاڏي اڳيان ڪيئن وڌي. ان رش جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ هو ويراواهه پوسٽ واري چيڪنگ، اسان ڇا ڪيو جو گاڏي مان لهي پيادل وياسين، گاڏي رباني کي ڏني ته هُو آهستي آهستي هلائيندو اچي. اسين پيادل ٻه ٽي ڪلوميٽر پنڌ ڪري ويراهه واهه چيڪ پوسٽ پهتاسين. ويراواهه تي به ڏاڍي رش هُئي. ميلو متل هو. موسم گرم ۽ خشڪ هئڻ ڪري اُڃ ڏاڍي لڳي هُئي. اُتي هڪ هينڊ پمپ لڳل هو جنهن تي وڏي ڀيڙ متل هُئي. اسان به سوچيو ته پهرين نلڪي مان پاڻي پيئون ٿڌا ٿيون، تيسين گاڏي به پهچندي. وياسين نلڪي تي پاڻي مُنهن ۾ ڇا وجهون جهڙو لوڻ، نڙي مان هيٺ نه لهي، گُرڙا ڪري، هٿ منهن ڌوتاسين. پر اُڃ وري به وڌندي رهي، وڏين گاڏين ۾ ويٺل پرديسين کان پاڻي گهُريوسين پر ڪنهن به نه پياريو. ڏُک ٿيو دل مان آنهن نڪتي واهه اجنبيو اوهان جي سخاوت! اسان پاڻ وٽ پاڻي جو بندوبست هو پر پاڻي گاڏي ۾ رهجي ويو جيڪا اڃان پوئتي هُئي. ٻه ڪلاڪ اُڃ ۾ سڙندا رهياسين، نيٺ گاڏي پُهتي ٿڌو پاڻي پيتوسين، ٻه منٽ ساهي پٽي. گاڏي ۾ چڙهي روانا ٿياسين ڇاڪاڻ ته گاڏي ۾ ماڻهن جي تعداد جي انٽري رينجرس وٽ تُلسي اڳ ۾ ڪرائي ڇڏي هُئي. رينجرس وارا ماڻهن سان تمام سُٺو سُلوڪ ڪري رهيا هُئا. فقط گاڏي جو نمبر ۽ ماڻهن جو تعداد لکي رهيا هُئا. ٻيءَ ڪا به خاص چيڪنگ نه هُئ، چيڪ پوسٽ ڪراس ڪئيسين هاڻ بلڪل پارڪري سرزمين تان گاڏي هلي رهي هُئي. پٿريلي زمين هُئي. ساوڪ به واهه جي هُئي.. وري سون مٿان سهاڳو هُئي، سانگا ڍنڍ جيڪا برساتي پاڻي ۾ تار ڀري پيئي هُئي. شاعر دوست ساگر خاصخيلي جي ڳوٺ ڄام خان وانڍئي جي اوڀر ۾ ڇوليون هڻندڙ سانگا ڍنڍ جو پُور جوڀن ڏسي کن پل لئه ڪينجهر جا ڪنارا به وسري ويا. اک کُٽي وڃي پر پاڻي نه کُٽي. ياد رهي ته هيءَ اُها ئي فرسٽ ڪلاس جاگير آهي جيڪا انگريزن سوڍن کي خاموش ڪرڻ خاطر انعام طور عطا ڪئي هُئي. جاگير اُتي ئي پيئي آهي پر سوڍا ناهن. انهن کي ساري سانگا اڄ به سڏڪي ٿي. هن ۾ پاڻي سُڪي وڃڻ کانپوءِ ڪڻڪ جي پوک ٿيندي آهي. هن ڍنڍ ۾ هڪ خاص قسم جو گاهه ٿيندو آهي جنهن کي ڪلورو چوندا آهن. جنهن مان مقامي ماڻهو کٽن جو واڻ ٺاهيندا آهن. اڳي سموري سانگا پوکبي هُئي پر هاڻ گهٽ پوکجي ٿي. هن ڍنڍ وٽ به ڪا تخطي، ڪو به بورڊ وغيره لڳل نه هو، ته جيئن پري کان آيل ماڻهن کي خبرپئي ته هي ڪهڙي ڍنڍ آهي. اها حڪومت جي بي ڌياني چئبي. جيڪا پوري ننگر ۾ نظر آئي. بهرحال آئون ته اُن ڍنڍ جو واقف هئس سو اسين لٿاسين ۽ ڍنڍ جي ڪناري تي فوٽو به ڪڍراياسين، پاڻي ۾ ترنگ سان ترندڙ پرديسي پکين کي ڏسي اکين ۾ سرهائي جو سُرمو اوتجي ويو. ٿڌڙي هوا ۽ ڇولين جو مٺڙو آواز روح کي راحت ڏيئي رهيو هو. سانگها ڍنڍ جي ڪناري تي پسار ڪنڌي مونکي سوڍي ستوجي جي ظلمن جو باب ياد اچي ويو. ويراواهه جو ظالم سوڍو ستوجي هڪ سفاڪ قسم جو انسان نه پر حيوان هو. پُراڻي پارڪر جي مصنف منگهارام اوجها مطابق سوڍو ستوجي اهو ظالم هو جنهن هن ڍنڍ جي ڪناري تي ديرو ڪندڙ برهمڻ جي ڄڃ کان لگان وصول ڪرڻ خاطر وڏو ويڌن ڪيو هو. ناري جا سڳنداسي چانور نه ڏيڻ تان هن ظالم درندهه صفت انسان گهوٽ سميت سموري ڄڃ کي ماري مساڻ ڪيو هو. ميندي رتن هٿن سان ڪنوار جا ورلاپ ٻڌي سانگا به ڪيئي سال سُڪي ويئي هُئي. مونکي کن پل لئه ائين لڳو ڄڻ برهمڻ ديوي پنهنجي بنان ڏوهه ماريل گهوٽ لاءِ ورلاپ ڪندي مونکي ميارون ڏيئي رهي آهي. ياد رهي ته سوڍو ستو جي اهو بي رحم ماڻهو هو جيڪو ماڻهن کي ڏينهن جو چوندو هو تارا ڏسو ٿا ماڻهن خوف ۾ چوندا هُئا ”ها“...!!
    ڪجهه دير سانگا جو سير ڪرڻ کانپوءِ سفر کي اڳتي جاري رکيوسين. هاڻي اسانجي منزل هُئي ڀوڏيسر جو تلاءُ. جنهن کي ڀوتن جو تلاءُ به چوندا آهن. چند لمحن ۾ ڪجهه ڪلوميٽرن جو فاصلو طئه ڪري ڀوڏيسر ڳوٺ پهتاسين. ڪچو رستو ڏيئي ڳوٺ وچان سڌا ڀوڏيسر مسجد تي ڪار بيهاريسين. پاڻي پيتوسين سگريٽ دُکائي سهائي پٽي تازا توانا ٿي جُتيون ٻاهر لاهي مسجد جي احاطي ۾ داخل ٿياسين. جتي سائي رنگ جو بورڊ لڳل هو جنهن تي مسجد شريف جي باري ۾ تاريخ لکيل هُئي. ته ڪنهن ٺهرائي؟ ڪڏهن ٺهرائي؟ اسان سڀني بورڊ کي غور سان پڙهيو. هن مسجد جو بُنياد محمود غزنوي رکيو هو جنهن کي مسجد جي شڪل 1505ع ۾ محمود بن ظفر بن غياث ڏني. گجرات جي هن حاڪم کي محمود بيگڙو به چوندا هئا. ٻه گڊ فتح ڪيا هئا. گرنارگڊ ۽ پاوا گڊ. هن کي تنهنڪري بيگڙو چوندا هئا. هي مسجد شريف سڄي سنگ مرمر جي پٿرن جي ٺهيل آهي. بنان سمينٽ ۽ مٽي جي صرف پٿرن جي ٺهيل آهي. پٿر هڪ ٻئي مٿان اهڙي طريقي رکيل آهن جو صدين جي سفر پُڄاڻان به ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ اجهو ٺهي تيار ٿي آهي. هن مسجد جا محراب نما ٽي خانا ٺهيل آهن. هن مسجد شريف جي باري ۾ پيرائتي ڄاڻ پُراڻي پارڪر ۾ محترم منگهارام اوجها واضع نموني ڏني آهي. هن مسجد جي احاطي ۾ موجود قبرن جي باري ۾ مسٽر منگهارام اوجها لکي ٿو ته ”مسجد جي ڀر ۾ موجود قبرون انهن سپاهين جون آهن جيڪي محمود شاهه بيگڙي جي فوج ۾ شامل هئا جن کي ننگر جي سوڍن ۽ کوسن ماري مساڻ ڪيا هُئا. هن مسجد جو ديدار ڪرڻ کانپوءِ مسجد جي اولهه طرف گهاٽين ديوين مان سوڙهي گهٽي اندر داخل ٿياسين ته ڇا ڏسون!!؟ واهه قدرت رب ڪريم! هڪ وڏو تلاءُ تارون تار ڇوليون هڻي رهيو هو جنهن جي ڪناري تي هزارين ماڻهن جو هجوم هو. ڪي تري رهيا هئا، ڪي ڪُندريون هڻي رهيا هئا. ها هي ئي ته هو ڀوڏيسر تلاءُ جنهن کي ڏسڻ جي وڏي تمنا هُئي. اسان به نه ڪئي هم نه تم، گوڏون پائي ڪري پياسين تلاءُ ۾، پاڻي تمام اونهون هو. اوٺي ٻوڙ پاڻي ۾ آئون اڳتي نه ويس، رباني، تُلسي ۽ گورڌن اڳتي ويا. ڪلاڪ اڌ شنان ڪري پوءِ ٻاهر نڪتاسين. پاڻي تمام شفاف هو. هن تُلاءُ جي باري ۾ راوي روايت ڪن ٿا ته هي تلاءُ ديوين، پرين کوٽرايو هو. هن تلاءُ ۾ ڀوت رهندا هئا. اُن ڪري هن کي ڀوتن جو تلاءُ به چوندا هُئا. ڪيراڪوٽ جي ڪڇي جاڙيجي ڄام اوڍي جي محبوبه هوٿل پري به هن تلاءِ ۾ شنان ڪندي اوڍي جي اکين جو ڪاجل بڻي هُئي.
    چڙهي چڪاسر پار، اوڍي ڪئي نهار،
    وڇائي ويٺي وار، پاڻي مٿي پدمڻي.
    هن دُوهي ۾ چڪاسر شايد تلاءِ کي چيو ويو آهي ڇو ته ڀوڏيسر جو نالو تاريخ ۾ ڪٿي به چڪاسر نه لکيل آهي.
    پُراڻي پارڪر ۾ منگهارام اوجها لکي ٿو ته ”هي تلاءُ ڀوڏي پرمار ڇهين صدي عيسوي ۾ ٺهرايو هو، ڀوڏي جو پورو نالو ڀڌريشر هو ان ڪري ڀوڏيسر جو اصل نالو ”ڀڌريسر“ نگري هو“. هن تلاءِ بابت کوڙ سارين روايتن مان هڪ روايت هي به آهي ته هن تلاءِ کي جوڙائيندڙ سوڍي ڀوڏي تلاءِ جو ترو ٽامي جو ٺهرايو هو، پر پوءِ به پاڻي نه بيٺو تڏهن هن ڪنهن جوتشي کان پُڇيو تڏهن جوتشي چيو ته ست ڀيلن جون سسيون هن جي تر ۾ هڻائي ڇڏ، تڏهن ڀوڏي سوڍي ڀوڏيسر جي ڀيلن جون ست سسيون هن تلاءِ جي تري ۾ هڻايون. اُن ڏينهن کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين ننگرپارڪر جي اڍائي ديهن ۾ ڪو به ڀيل نه رهيو. احتجاجن طور سڀ لڏي ويا. سسي کي ڍاٽڪي ۽ مارواڙي ۾ ڀوڏِي به چوندا آهن شايد ان ڪري هن تلاءِ جو نالو ڀوڏيسر پيو. پُراڻي پارڪر ۾ منگهارام اوجها لکي ٿو ته ”تلاءِ ۾ پاڻي نه بيهڻ ڪري جوتشين جي چوڻ تي هن پنهنجي پياري پُٽ نورچشم نارائڻ سنگهه جي سسي تلاءِ جي تري ۾ هڻائي هُئي“. هاڻي مالڪ ئي ڄاڻي ٿو ته ڪهڙي روايت سچي آهي. هن تلاءُ جي ويڪر ٻه سو فُٽ آهي ۽ ڊيگهه ان کان به ٻيڻي آهي. پراڻي زماني ۾ هن تُلاءُ جي ڪپ تي هڪ پپر جو وڏو وڻ هو جنهن هيٺ هڪ ئي وقت هزار ڍڳيون ۽ مينهون ويهي سگهنديون هُيون. اُن وڻ جي هاڻي ڪا به نشاني باقي ناهي رهي. البته هڪ سُڪل نم جو وڻ پاڻي اندر موجود آهي جنهن تي چڙهي ماڻهو ڪُندريون لڳائين ٿا. هي وڻ شايد وڄ ڪرڻ جي ڪري سُڪو آهي. ياد رهي ته هي اهو ئي تلاءُ آهي جنهن جي ڪناري تي ڀوتن کي بيوقوف بڻائي ويري گوهيل راڻي چندن لاءِ اَلک واءُ جو پاڻي ڀريو هو. جنهن ۾ وهنجڻ سان راڻي چندن ڪوڙهه جهڙي موذي مرض مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو هو. هن تلاءُ جو دل سان ديدار ڪرڻ کانپوءِ اسين تلاءُ جو ڪنارو وٺي ڏکڻ طرف موجود پراڻو مندر نمان ڏهرو ڏسڻ وياسين، جنهن کي پوڻي ڏهرو چوندا آهن. هڪ جيني مائي جو وياج جي پئسن مان ٺهرايل هي ڏهرو تمام خوبصورت آهي. جنهن جي گنبذ ۾ جيني مائي اڻ مئي دولت چُڻائي هُئي ۽ مٿان لکي ڇڏيو هو ته ماٿا واڌو مال ڪاڍو معنيٰ مٿو وڍي ڌن ڪڍو. چوڻ وارا چون ٿا ته گهڻي وقت کانپوءِ ڪو واڻيو ان گنبذ جو مٿو وڍي ڌن کڻي ويو. روايت آهي ته ڌن مائي وڏي اٽڪل سان لڪايو هو. گنبذ جو مٿو ته گهڻن وڍيو هو پر مال ڪنهن کي به نه مليو. واڻيو هوشيار هو تنهن گنبذ جي جتي ڇانو پئي ٿي اُتي کڏ کوٽي پوريل ڌن ڪڍيو هو. تلاءُ واري ڇنڊڻ پار ڪئي سين ته هڪ خوبصورت پارڪ ٺهيل هو. جيڪو ٽڪري تي هئڻ ڪري تمام ٿڌو محسوس ٿي رهيو هو. جنهن ۾ ماڻهن جي تمام وڏي رش هُئي اسين به کن پل لئه ترسياسين دم پٽي وري اڳتي وڌياسين جتي هڪ پُراڻو مندر تمام نازڪ حالت ۾ موجود هو. جيڪو 90 سيڪڙو تباهه ٿي چُڪو هو. هن ڏهري کي شايد 2001ع واري زلزلي زبون حالي جي ور چاڙهيو هو. مندر نمان ڏهري جي اڏاوت، اُن ۾ ڪُتب آندل وزني پٿر ۽ اُنهن جي جوڙجڪ ڏسي پُراڻي زماني وارن ڪاريگرن کي دل سلام ڪرڻ تي مجبور ٿي ويئي. اُنهن ڪمال جي ڪاريگري سان پٿرن کي تراشي هڪ مندر نمان ڏهري کي وجود ۾ آندو هو. ڏهري جي اڳيان تمام وڏو هڪ ٿلهو ٺهيل آهي هن اندر ٻه ٽي شو جو مورتيون پيل هُيون جيڪي ڪاغذن واريون هيون، لڳي ٿو ته هينئر ڪنهن رکيون آهن ته جئين هندو ڌرم وارا سياح ڪجهه نه ڪجهه دان طور رکي وڃن. مونکي رانگ نمبر لڳي رهيو هو. مون ٽڪو به نه رکيو. باقي نمسڪار دل سان ڪيم. هن جي ٻاهران هڪ لوهي بورڊ لڳل هو جنهن تي به ڪو اکر لکيل نظر نه پي آيو. شايد پُراڻي دور جو هو. اکر ڪاڙهن ۾ ڪاراٽجي ويا هُئا. بهرحال حُڪومت کي گُهرجي ته هن جي باري ۾ ڪا تخطي ضرور لڳرائي وڃي ته جيئن سياحن کي ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي. اسان ڏهري جي اڳيان فوٽو ڪڍرايا ۽ پوءِ واپس ورياسين، هاڻ سنگت جي اِها صلاح هُئي ته اول ننگر ۾ هلي پيٽ پوجا ڪجي پوءِ ٻي ڳالهه. واپس ڪار وٽ آياسين جيڪا مسجد شريف جي ٻاهريان ميدان تي اسڪول جي ڀر ۾ بيٺي هُئي، ڪار ۾ رکيل ڪولر مان سڀني ٿڌو پاڻي پيتوسين ڇو ته گرمي تمام گهڻي هُئي اِن ڪري اُڃ ذر ذر ستايو ٿي. پاڻي پيئندي تُلسي جي نظر ڏکڻ طرف ڄار هيٺ قبر تي پيئي چيائين هي وڏي قبر ڪنهن جي آهي جيڪا مساڻ کان بلڪل الڳ ۽ اڪيلي آهي! تُلسي جي واتان اهي لفظ ٻُڌي منهنجو اندر اڌ ٿي ويو. قبر ڏانهن نگاهه ڪيم اکيون ڀرجي آيون، جهيڻي جهيڻي آواز ۾ وراڻيم ادا هي قبر منهنجي آهي! هي قبر ڪارونجهر جي آهي! هي قبر حب الوطني جي عظيم ڪردارڪيسوٻاءِ سوڍي جي آهي. ننگر جي نزديڪ ڳوٺ پورڻ واهه جي پٽيل ڪارو ڀاءُ سوڍي جي ڪنور ڪيسوٻاءِ جي هي قبر اڄ بي ڌياني جي نظر چڙهيل آهي جنهن تي ڪنهن ڪُتبو به ناهي لڳرايو. ڀوڏيسر جاڳير جو مالڪ ڪيسوٻاءِ سوڍو پهريون گهر هندستان جي هڪ ڳوٺ مان پرڻيو هو. ڪيسوٻاءِ جي قسمت ۾ اُن راجپوتي ساهوواڙي جو ساٿ بس چند سالن تائين لکيل هو. ڪيسوٻاءِ تمام رومانٽيڪ سوڍو هو. ننگر جي هڪ ناريءَ جي نيرين اکين جي عشق ۽ ڪارونجهر جي قُرب هُن کي تاريخ ۾ امرتا بخشي ڇڏي. ڪيسوٻاءِ جي عشق جو قصو جڏهن سندس راجپوتي استري جي ڪنن تائين پهتو تڏهن هُو ناراضگي مان نٿ لاهي ڪوپ ڀُون ۾ ڇتا ڇوڙي، اُلٽي کٽ تي آرامي ٿي پيئي! سندس گهرواري جي هي حالت ڏسي ڪيسوٻاءِ کين گهڻو ئي سمجهايو ته عشق نه پڇي ذات پر هُو ترياهٺ تان نه لٿي ۽ پنهنجي پريوار وارن کي اهو سنديشو ڏنو ته ويرا همين واهر ڪر. انهن ڪيسوٻاءِ کي ڪوٺڻ لاءِ وقت جي وڏي ڌاڙيل ٻلونتسنگهه کي موڪليو. ٻلونتسنگهه ڪيسوٻاءِ کي ڪوٺڻ لئه پورڻ واهه آيو ۽ حڪم ڪيائين ته هَل هندستان، هي ڌرتي ۽ سرتي وارا عشق ڇڏي ڏي. ڪيسوٻاءِ جي خون ۾ موکئي جو لوڻ سمايل هو، تنهن مُنهن تي ست سُريون ٻُڌائيندي چيو ته ابا پنهنجي سيڻ وٺي وڃ باقي منهنجي جند ته سنڌ سان ڳنڍيل آهي، مونکي وٺي هلين ٿو ته ڪارونجهر کي ڪوري کڻي هل، آئون هلندس ته ڪارونجهر جو ڪنڌ جهڪي ويندو ڪيسوٻاءِ جي واتان ڪڙو سچ ٻُڌي ٻلونت سنگهه پنهنجي سيڻ وٺي ٻاکاسر هندستان هليو ويو ۽ پويان ڪيسوٻاءَ اڪيلو رهجي ويو. جنهن سان گڏ هئي ڪارونجهر جي ڌرتي ۽ نيرين اکين واري سرتي! پنهنجي ڪُٽنب جي جُدائي جي ڳاراڻي ۾ ڳرندڙ ڪيسوٻاءِ نيٺ پنهنجي سرتي سان شادي ڪئي جنهن مان هڪ پُٽ ۽ ست نياڻيون ٿيون. پُٽ جو نالو بابو هو. جنهن کي پاڻ ڪيسوٻاءِ پنهنجي حياتي ۾ مسلمان ڪري ويو ته جيئن هُن کي سڱاوتي طور سڀاڻي مسئلا نه پيش اچن. ڪيسوٻاءِ کي پوري ريت پروڙ هُئي ته سوڍا ڪڏهن به قبول نه ڪندا. ان ڪري هن پنهنجيون ست ئي نياڻيون مسلمانن ۾ پرڻايون جن مان ڪي اڃان جيئريون به آهن ته ڪي سندس پُٽ بابو شيخ وانگي مٽي جون مهمان بڻجي چُڪيون آهن. بابو جي هڪڙي پُٽ کي آئون به سڃاڻان ٿو جنهن جو نالو بادشاهه آهي. ان بادشاهه وٽ اسين رات رهياسين، اسانجي ڏاڍي خدمت چاڪري ڪيائين. ڪيسوٻاءِ جي جهوني اوطاق ڏسي دل خوش ٿي پيئي هُئي. پنهنجي سرتي ۽ ڌرتي سان وچن نڀائيندڙ هي البيلو عاشق پهرين اپريل 1978ع ۾ سرڳواسي ٿي ويو. جنهن کي ڀوڏيسر جي ڀر ۾ اڳني سنسڪار ڪيو ويو. ڪيسوٻاءِ ڌرتي خاطر پنهنجي ڪٽنب مان جدا ٿي ويو، ڪارونجهر جو ڪنڌ اڄ به فخر ۾ اوچو آهي جنهن کي ڏسي ڪيسوٻاءِ جو روح ڀوڏيسر جي ڀر ۾ مور جيان رقص ڪري ٿو.
    ڪسوٻاءِ وارو قصو ٻُڌائيندي آئون دوستن کي ڪيسوٻاءِ جي قبر تي وٺي ويس. جيڪا قبر پرائمري اسڪول ڀوڏيسر جي ڏکڻ ۾ هڪ ڄار جي هيٺ ٺهيل آهي. جنهن تي هندي ۽ سنڌي ٻنهي ۾ ڪيسوٻاءِ جو نالو لکيل آهي. ڪيسرسنگهه ولد ڪاروڀاءَ سوڍو ڀوڏيسر ۽ جوڙائيندڙ جو نالو لکيل آهي بابو ولد ڪيسرسنگهه سوڍو، ديهانت جي تاريخ به لکيل آهي. قبر جي حاضري ڀري فوٽو ڪڍي وري واپس ڪار وٽ آياسين. هاڻي اسانجي منزل ننگرپارڪر شهر هو. اسان ڀوڏيسر واري ڳوٺ وچان وري به ڪچي رستي ذريعي مين روڊ تي آياسين. ڳوٺ وچان گذرندي اسان ڏٺو ته هڪ ننڍڙو ڇوڪرو پاڙي مان ڀاڄي (رڌل) وٺي پليٽ ۾ کڻي وڃي رهيو هو. اسان کي ڏسي تڪڙو تڪڙو لوڙهي ۾ داخل ٿي ويو. ٿر ۾ اڄ به رواج آهي ته هڪ ٽاڻو پاڙي مان ساڳ وٺي به گُذارو ڪندا آهن. اها محبت صدين جي آهي جنهن کي شل ڪنهن جي نظر نه لڳي. اسين تقريباً 05 وڳي ننگر پهتاسين، ڏاڍي رش هئي. ننگر جو ننڍڙو شهر، ڪارونجهر جي هنج ۾ هڪ حسين جزيري جهڙو ڏيک ڏيئي رهيو هو. سوڙهيون سوڙهيون گهٽيون، ننڍيون ننڍيون عمارتون، نمن جا وڻ، پولن مارڪيٽ وارا لانڍي نما ڏهيلا جن جي ڇتين تي ديسي نڙيا ڏنل آهن. اُهي ائين ترتيب سان رکيل آهن جو انهن مان پاڻي تري ويندو آهي. جيڪي ائين لڳي رهيا هُئا ڄڻ مٽي جي دِلن جا ڪَنا هُجن. ننگر ۾ سياحن جي رش هئڻ سبب هر شيءَ مهانگي ملي رهي هُئي، ماني کائڻ لئه دل چيو پر هوٽلن تي اهڙي حالت هُئي جو ماني لئه ڪلاڪ انتظار ڪرڻو ٿي پيو، سو اسان ماني لئه وقت وڃائڻ نٿي چاهيو، ڇو ته اسان کي اڃا گهڻو ڪجهه گهمڻو هو. تنهنڪري اسان گرم گرم برياني تي گُذارو ڪيو. برياني جي 50 روپين ۾ پليٽ ملي رهي هُئي، جنهن ۾ مصالحو ۽ مرچ ته ڳوليا به نٿي مليا، زوري نڙي مان هيٺ لاهي پاڻي پيتوسين. پڪوڙا وٺڻ لئه وياسين، پر پڪوڙا مزي وارا نه هئا. برياني کائي اسين لکڻ ڀارتي مندر گهمڻ لئه وياسين. جيڪو تمام خوبصورت ٺهيل آهي. پٿر جون وڏيون وڏيون مورتيون رکيل آهن. سڄو مندر وڻن جي اوٽ ۾ هئڻ سبب تمام ٿڌو رهي ٿو. هتي مٺي پاڻي جو به بندوبست ڪيل هو. پوڄاري هڪ راجپوت هو، جنهن اسان کي چانهه ماني جي دل سان صلاح ڪئي پر اسان وٽ وقت ٿورو هو. هٿ ٻڌي اجازت ورتيسين. هن مندر وٽ ڀٽياڻي ندي ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃي ٿي جنهن جي باري ۾ پُراڻي پارڪر ۾ منگهارام اوجها لکي ٿو. ”جتي هينئر مندر ٺهيل آهي، اُتي اڳي هڪ الله لوڪ ٻاوو رهندو هو. هڪ دفعو ڏُڪار پوڻ ڪري ماڻهن وڃي هن وٽ عرض ڪيو ته ٻاوا ڪا ديا ڪيو پوءِ اُن ٻاوي ٻه ڏينهن بنان اَن پاڻي جي اُس ۾ ويهي تپسيا ڪئي جنهن تي راضي ٿي رب ٻنان ٻوڙ برسات وسائي، جڏهن ڀٽياڻي ندي ڀرپور وهي آئي تڏهن ماڻهن چيو ته ٻاوا هاڻ اُٿو ٻُڏي ويندا. پر هُو نه اُٿيو ۽ جڏهن ندي لکڻ ڀارتي ٻاوي وٽ پهتي ته ٻن حصن ۾ ٿي ويئي ۽ ٻاوو بچي ويو. پوءِ ان جاءِ تي ماڻهن مندر ٺهرايو جنهن کي لکڻ ڀارتي مندر چيو وڃي ٿو. مندر جي ٻاهريان هڪ ڪُراڙو سياح مليو، جنهن اُردو ۾ چيو ته اسان ڪراچي کان آيا آهيون، پُٽ هتي ڪهڙي جاءِ گهمڻ لائق آهي؟ مون وراڻيو چاچا هي سمورو جبل، هُو نه سمجهيو وري چيائين ڪهڙو جبل؟ ڪٿي آهي؟ مون چيو ”چاچا هُو ڏس سامهون هزار فُٽ اوچي ڳاٽ سان بيٺل ڪارونجهر جو جبل“ جنهن جو پٿر پٿر تاريخ جو تراشيل آهي، جنهن جي اوٽ ۾ انيڪ اهڙا آستان آهن جن کي ڏسي اکيون آسيس ماڻينديون آهن. هن جبل جي هنج مان وهندڙ ننديون ته ڏس. هُو ڏس جبل تان پاڻي ڪئين لهي رهيو آهي؟ مون وڌيڪ چيو ته چاچا گهمڻو هجي ته ”ساڙڌرو، انچليشور، گئومُکي، چندن گڊ، ناني گوڙا ۽ گوڙدرو ندي جا نرالا رنگ گهمي ڏسو پڪ سان اوهان کي پارڪر پسند ايندو. منهنجي وضاحت ٻُڌي هن جي اکين ۾ خوشي جا رنگ نکري پيا، ائين لڳو ڄڻ سفر جي ٿڪ ۾ مايوس مسافر کي منزل ملي ويئي هُجي. ڪراڙي کي ڏس ڏيڻ کانپوءِ اسين اڳتي وڌياسين. هاڻي اسان کي اول انچليشور وڃڻو هو. رستو وروڪڙ وارو هو ۽ ٽٽل به جام هو. رش هئڻ ڪري ٿوري مفاصلي لاءِ به وڏو وقت وڃائڻو پيو ٿي. انچليشور مهاديو ننگر جي اُتر اولهه ڪُنڊ تي جبل جي هڪ خوبصورت ٽڪري تي واقع آهي. جتي هڪ ننڍڙو چشمو به آهي جيڪو هميشه هيٺ طرف وهي ٿو ڇو ته ٽڪري مٿان ٽيڙي آهي، هن چشمي جو پاڻي هندو ڌرم وارا گنگا جل سمجهي پيئندا آهن. هن چشمي ۾ سدائين پاڻي هوندو آهي. هتي هڪ ننڍڙو مندر ٺهيل آهي جنهن کي شو جو مندر چوندا آهن. هتي هڪ مسافر خانو به ٺهيل آهي. انچليشور مهاديو جي آستان تائين پهچڻ لئه 99 سيڙهيون ٺهيل آهن. جيڪي تمام ويڪريون آهن جن تي چڙهڻ تمام آسان آهي، سيڙهين جي اوڀر طرف وڏي کاهي آهي، جنهن ۾ ڪري هڪ مختيارڪار مري ويو هو. جنهن جي باري ۾ روايت آهي ته هُن جُتين سميت چڙهي مندر جو احترام نه ڪيو هو. اُن مختيارڪار جي قبر به اُتي ئي ٺهيل آهي، انچليشور وٽ پهتاسين. مٿي چڙهي درشن به ڪيوسين، هتي به جبل جي خوبصورتي ڏسڻ وٽان آهي. انچليشورجو پاڻي پيئڻ کانپوءِ اسين اتان نڪتاسين. وري ننگر آياسين ڇو ته هتان سڌو ساڙڌرو جو رستو نه آهي، ننگر اچي وري رش ۾ ڦاسي پياسين، ٽريئفڪ جي نظام لئه ڪو به بندوبست نه هو. ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هن شهر ۾ ڪا به سرڪاري ٽرئفڪ پوليس مقرر ٿيل نه هُئي ڇو ته اُتي جا دُڪاندار ڊرائيورن کي سمجهائي رهيا هئا. حڪومت جي وڏي بي ڌياني ننگر ۾ نظر آئي. بحرحال نيٺ شهر مان نڪتاسين. هاڻي اسين ساڙڌرو جي رستي تي هُئاسين جيڪو نانگ جي ور جيان وروڪڙ وارو هو ڇو ته هي سمورو رستو هڪ جابلو ندي جي وهڪري ۾ هو. تمام ٿڌي هوا لڳي رهي هُئي، ندي ۾ هلڪو پاڻي هلي رهيو هو ڇو ته تازو مينهن وٺل هو. جبل جي اوچين ٽڪرين مٿان پاڻي هيٺ تمام پياري نموني وهي رهيو هو جنهن کي ڏسي هزارين سياح حيرت ۾ پئجي رهيا هئا. چند منٽن ۾ اسين ساڙڌرو واري وڏي ڀٽ جي اوريان ٺهيل ٿلهي تي پهتاسين. جتي گاڏي بيهارڻي هُئي. اڳ ۾ به سوين گاڏيون بيـٺل هيون، وڏا وڏا اسٽال لڳل هئا. چانهه جون عارضي هوٽلون، مانڍڻيون، ريڙها وغيره. اُتي جَڙِي ٻوٽين وارن جا به اسٽال نظر آيا. جيڪي ڪارونجهر مان پيدا ٿيندڙ جڙي ٻوٽين جو وڪرو ڪري رهيا هئا. جبل جي هڪ ڪاٺي ۽ ٻي هڪڙي ساوي ول هُئي جنهن کي پاڻي ۾ وجهڻ سان پاڻي ماکي جهڙو چڪنو ٿي پوندو آهي اُن جي باري ۾ اُهي ٻڌائي رهيا هئا ته اها ٻوٽي پاڻي ۾ ملائي پيئڻ سان معدو ڪڏهن به خراب نه ٿيندو. اسٽال تي جبل جي بصر به موجود هُئي جيڪا تمام زهريلي ٿيندي آهي جنهن جي باري ۾ وڪڻندڙ ٻڌائي رهيا هئا ته اگر ڪنهن کي وڇون کائي وڃي ته هي بصر وڇون جي ڏنگ تي رکڻ سان وڇون جو زهر ختم ٿي ويندو. ٻوٽين واري اسٽال کانپوءِ اسين لڪ تي پهتاسين هيٺ ڇا نگاهه ڪيون. هزارين فوٽ هيٺ وڃڻو هو، جتان روڊ وارو ڪم هلي رهيو هو. سي سي بلاڪ روڊ ٺهي رهيو هو. هي ڀٽ به قدرت جو عجيب ڪرشمو آهي. سموري جبل جي وچ ۾ هزارين فوٽ اوچي واريءَ جي ڀٽ ڄڻ سمنڊ ۾ ڪو ٻيٽ هجي، ڀٽ کي روڊ وارن سوين فوٽ بلڊوز ڪيو آهي پر اڃان به جام چڙهائي آهي. لڪ کان ساڙڌرو وارو مندر تمام ويجهو نظر اچي رهيو هو. پر جڏهن پيادل سفر ڪري اُتي پهتاسين تڏهن خبر پئي ته پنڌ ته اڙانگو ۽ اوکو آهي پر جبل جي خوبصورتي ڏسي سمورو ٿڪ لهي ويو. هتي جيڪا جابلو سونهن جلوا پيش ڪري ٿي. اهڙي شايد ئي ڪٿي هجي شام جو پهر هو ايڏو ته سڪون هو جو دل چيو زعفراني پوشاڪ پائي ساڌو ٿي هميشه لاءِ هتي رهي پئجي. شايد پاراشر رُشي به ان سڪون ۽ سونهن جي ڪري رڻ ڪڇ وارو سمنڊ پار ڪري هتي اچي ڏهه هزار ورهيه تپسيا ڪئي هُئي. ڀٽ تان هيٺ لهي جڏهن جابلو پٽ تي پهتاسين تڏهن اسانجي هڪ ندي آجيان ڪئي جيڪا ڏکڻ مان اچي رهي هُئي. هلڪو هلڪو پاڻي هلي رهيو هو. تمام شفاف پاڻي هو. پلر جهڙي پاڪ پاڻي ۾ پير پُسائيندي، جبل جي ساوڪ کي اکين ۾ سمائي ساڙڌرو مندر تي پهچي وياسين. اسان کي هڪ ڳالهه تمام ناگوارا لڳي ته ڪارونجهر جهڙي شاندار جبل جي تاريخي پٿرن تي ماڻهن پنهنجا نالا لکي ڇڏيا آهن. ته ڪٿي پان جون پڪون اُڇلائي ڇڏيون آهن. پهرين مرگهي ڪُن وياسين، مرگهي ڪُن پاڻي سان ڀريل هُئي. اسان هندو عقيدي موجب اُن ۾ شنان ڪيو، اشرف ۽ رباني جبل گهمندا رهيا. روايت آهي ته پاراسر نالي هڪ رُشي هندستان مان اچي هتي ڏهه هزار ورهيه تپسيا ڪئي هُئي، تپسيا جي دوران هن جي گهرواري جي سرير ۾ ڀوڳ ولاس(Sex) جي جُوارڀاٽا اُٿلي پئي تڏهن هُن هڪ ڪبوتر هٿان سنديشو اماڻيو ته يوڳيشور پاراسر کي چئجان، هاڻ ورڻ جي ڪر، رُت پياري آهي مور پپيها ٻولي رهيا آهن مونکي تنهنجي ڏاڍي سار اچي ٿي، ڪبوتر جڏهن پاراسر کي اهو نياپو ڏنو تڏهن يوڳي چيو ته منهنجي تپسيا اڃان پوري ناهي ٿي. ائين چئي هُن پنهنجي هٿ سان پنهنجو پارو (Semen Fluid) اُتاري ڪبوتر کي ڏنو ته هي وڃي منهنجي گهرواري کي ڏئي، اُن مان هن جو سنتوش ٿي ويندو. ڪبوتر واپس جڏهن رڻ ڪڇ واري سنڌي وڏي سمنڊ مٿان اُڏامڻ لڳو تڏهن هڪ عقاب مٿان حملو ڪري وڌو، عقاب جي حملي ۾ پاڻ کي بچائيندي ڪبوتر وٽان رشي وارو پارو سمنڊ ۾ ڪري پيو. جنهن کي هڪ مڇي ڳڙڪايو اُن مان مڇندار نالي هڪ خوبصورت ڇوڪري ڄائي جنهن کي مهاڻن پالي وڏي ڪئي. ڪبوتر جڏهن هٿين خالي وڃي پاراسر جي گهر پهتو ۽ سڄي ڳالهه ٻُڌائي تڏهن پاراسر جي زال پنهنجي يوڳيشور پتي کي اهو سراپ ڏنو ته تو مونکي تڙپايو آهي تون منهنجي سراپ (بددعا) مطابق پنهنجي پيٽ ڄائي ڌيءَ سان ڀوڳ ولاس (Sex) ڪندين. اُن پتي ورتا ناريءَ جو سراپ تڏهن سچ ٿيو جڏهن تپيسوي پاراسر جو تپ (عبادت) پورو ٿيو. هڪ هڪ آڱر تي بيهي هڪ هڪ هزار ورهيه تپسيا ڪندڙ پاراسر جڏهن واپس پنهنجي وطن موٽڻ لئه سمنڊ جي ڪناري تي پهتو تڏهن مهاڻا ڪنهن ڪم ۾ رُڌل هئا ۽ هنن چيو ته هي ڇوڪري ۽ توکي پار اُڪاريندي، ياد رهي ته هي ڇوڪري مڇندرا هُئي، جيڪا ان يوڳيشور جي ئي سُت مان پيدا ٿيل هُئي. ڇوڪري جڏهن وچ سمنڊ تي پهتي تڏهن اُن جي سورج جهڙي سونهن جا شعاع تپيسوي جو تن برداشت نه ڪري سگهيو ۽ هُو هوشوبا حُسن تي موهجي پنهنجي سموري ڪٺن تپسيا وساري ويهي رهيو. مڇندرا جي چيلهه تي هٿ گهمائيندي چوڻ لڳو اي مها سندري ٻاليڪا! مون سان وَر! اهڙو عجيب اصرار ٻُڌي مڇندرا حيرت ۾ پئجي ويئي ۽ سمجهائڻ لڳي ته اي يوڳيسور ڌونئري ڏينهن جو ايڏو اڌرم؟
    مگر پاراسر مُور نه مڙيو، جڏهن هيڏو مهاپاپ ڪرڻ کانپوءِ هوش ۾ آيو تڏهن ڏاڍو مايوس ٿيو پر سواءِ پڇتاءُ جي ڪجهه به نه مليو. هو پنهنجي مُلڪ پهچي ڪنهن جوتشي وٽ ويو ته هن گناهه کان پاڪ ٿيڻ جو ڪو وسيلو آهي تڏهن جوتشي چيو ته هندو ڌرم جا 68 تيرٿ (زيارتون) آهن اُنهن جو پاڻي گڏ ڪري اُن مان شنان ڪر. پوءِ هيءَ هڪ هڪ تيرٿ تي ويو ۽ اُن جو پويتر پاڻي کڻي ڪارونجهر ۾ هڪ ڪُن (کڏ) ۾ گڏ ڪندو ويو. جڏهن ايتري تڪليف کانپوءِ پاڻي گڏ ٿيو تڏهن اُن ۾ شنان ڪري پلر جهڙو پاڪ بڻجي واپس پنهنجي وطن ويو، ويندي ويندي ڪارونجهر کي اهو سراپ ڏيئي ويو ته اڄ کانپوءِ تو ۾ ڪو به رُشي پيدا نه ٿيندو. ياد رهي ته هي مرگهي ڪُن اُها ئي آهي جنهن ۾ يوڳي 68 تيرٿ جو اُتم پاڻي پنهنجي هٿن سان اوتيو هو. ان ڪري هي تيرٿ ساڙڌرو ڌام تمام اُتم (اعليٰ) آهي. هن ڪُن تان مرگهي ڪُن نالو ان ڪري پيو جو هڪ هرڻي هن ڪن جي پاڻي وٽ موجوده وڻ ۾ اٽڪي مري ويئي هُئي جنهن جا هڏا هن ۾ ڪرڻ ڪري ڳري ويا هُئا ۽ اُن جي مُڪتي (ڇوٽڪارو) ٿي ويئي هُئي جنهن جو ٻيو جنم پاٽڻ ۾ هڪ سيٺ جي گهر ڇوڪريءَ جي روپ ۾ ٿيو. اُتي هن جو مٿو سدائين ڏکندو هو. هڪ ڏينهن ننگر جا ڪي واپاري منڱ کڻي پاٽڻ پڌاريا. سيٺ منڱ ورتا جڏهن سندس ڌي جيڪا پورب جنم ۾ هرڻي هُئي. اُن منڱ کائيندي سُڃاڻي ورتا ۽ چوڻ لڳي ته هي مُنڱ ته پارڪر جي ڦلاڻي ٻنيءَ جا آهن تڏهن سندس پيءُ حيرت ۾ پئجي ويو ته هن کي ڪيئن خبر پئي؟ نيٺ هڪ جوتشي وٽ ويو، اُن پنهنجي فلڪياتي مهارت مطابق ٻڌايو ته هن جو اڳيون جنم پارڪر ۾ ٿيل هو ۽ هڪ هرڻي هُئي. جيڪا هڪ وڻ ۾ اٽڪي مري ويئي هُئي جنهن جو دڙ ته ڳري هڪ پاڪ پاڻي ۾ ڪريو پر مٿو اڃان تائين وڻ ۾ اٽڪيل آهي ان ڪري مٿو ڏُکي ٿو ۽ هن مُنڱ ان ڪري سُڃاتا آهن. سيٺ جوتشي جي ڏنل ڏس مطابق ڪارونجهر جا پهاڙ لتاڙي نيٺ ان ڪُنڊ وٽ پهتو. ڏسي ته مار! واقعي هرڻي جي سسي ٽنگيل آهي هُن سسي پاڻي ۾ ڪيرائي ته ڳري ويئي، ان ڏينهن کان وٺي هن ڪُن جو نالو مرگهي ڪُن آهي ۽ هن پاڻي ۾ اهڙي غيبي طاقت آهي جو هڏا پل ۾ ڳريو وڃن. هندو عقيدي موجب مئل ماڻهن جا هڏا هن ۾ اچي ڳاريندا آهن ته جئين مئل ماڻهو جي روح کي سڪول ملي. هر سال شوراتري جي مارچ مهيني ۾ لڳندڙ ميلي ۾ هن ڪُن ۾ تقريباً 10 مڻ انساني هڏيون (استيون) ڳاريندا آهن.. هن پاڻي جي سائنسي تحقيق ڪرڻ لازمي آهي.
    اسين شنان پاڻي ڪري ڪُن مان ٻاهر نڪتاسين، پوءِ سڀئي گڏجي ڪُن جي ڏکڻ طرف ننڍڙي ٽڪري تي موجود مندر گهماسين. جتي عورتون ۽ مرد گڏوگڏ شيوا ڪري رهيا هُئا. ڪُن جي اوڀر مان به هڪ ندي وهي ٿي، جيڪا اُتر وڃي اڌ وچ ڀٽياڻي جو روپ اختيار ڪري ٿي. اسين ڪن وارو مندر گهمي پوءِ ساڙڌرو مندر تي آياسين جتي اسان ٻاوي هنس پُري جي مندر جو به درشن ڪيوسين. اُتي هڪ راجپوت ٻاوو به گڏيو، جيڪو ڳوٺ کاروڙي پارڪر جو مالديو سوڍو هو. جنهن سان ڪچهري ڪئي سون. هُن چيو ته رام جي نام سان لوري لڳڻ کانپوءِ ڀڳوئي پائي هتي اچي ويٺو آهيان. هاڻي منهنجو نالو هيرا پُري آهي. ساڙڌرو واري مندر جي حال ۾ ڪيسوٻاءِ سوڍي جي تصوير ڏسي اکيون ڀرجي آيون.
    ساڙڌرو مندر جي اولهه ۾ ٽڪرين تي ننڍا ننڍا مندر ٺهيل آهن. ساڙڌرو مندر ۾ ڇيڻن جي رک جو وڏو ڍير نظر آيو جنهن کي ڌونپ (هوَن) چوندا آهن. اُتي شايد روزانو ڌونپ ٿيندو آهي. ساڙڌرو جي ڏکڻ ۾ 02 ميل جي مفاصلي تي گئومکي آهي. جتي هڪ پٿر ڍڳي جي شڪل ۾ موجود آهي. جنهن مان سدائين پاڻي هيٺ هلي رهيو آهي. اسان به اوڏانهن وڃڻ چاهيو پر سج لهڻ ڪري ۽ پنڌ اڙانگو هئڻ ڪري نه وڃي سگهياسين. آئون ته اڳ به ڏسي آيو هئس پر دوستن هي ماڳ (گئو مُکي) نه ڏٺو هو. گئو مُکي ۽ ناني گوڙا جا پٿر ڏسي مون کي لڳو ته هي سنگتراشي آهي. گذريل وقت جا سنگتراش وڏا ماهر هُئا. ساڙڌرو جي زيارت کانپوءِ هاڻي اسان کي واپس ورڻو هو. واپسي مهل جيڪا ڀٽ چڙهڻ ۾ تڪليف ٿي ايتري پوري سفر ۾ نه ٿي. واري ۾ پير اڳتي وڃڻ بدران پوئتي ويا ٿي، 05 منٽ جو پنڌ اسان ڪلاڪ ۾ ڪيو. ڀٽ تي پهچي واپس نگاهه ڪئي ساڙڌري واري سُونهن مان اکيون ڍاپيون نه ڍاپن، پر وقت وڏو بي رحم آهي. سج جبل جي اوٽ ۾ اولهه طرف اُلهڻ وارو هو. اسين ڪار ۾ ويهي واپس ورياسين. ڪجهه مفاصلي کانپوءِ رستي جي وچ ۾ ننگر جي نزديڪ چندن گڊ تي موجود راڻا هميرسنگهه جي ڪوٽڙي (اوطاق) تي بريڪ ڪيوسين. ڪوٽڙي جو دروازو بند هو. ليڪن اندر ماڻهو موجود هئا. دروازو کڙڪايو پر نه کوليائون. سامهون بيهي ڏسي رهيا هئا. نيٺ مون چيو ادا پنهنجا آهيون دروازو کوليو، ڪوٽڙي جو ديدار ڪرڻو آهي. تڏهن کوليائون. ڪوٽڙي ۾ ڪجهه دير ويٺاسين پاڻي ڍُڪ پيتو سين بحرحال اسان ڪوٽڙي وارن جو ”قرب“ ڏسي اُٿياسين ۽ اُن سخي راڻي جو گڊ گهمياسين جنهن هِن ساڳي جاءِ تي 24 سال سواسير سون خيرات ڪيو هو.. جي ها گووندراءِ جو سپوت ڪنور راڻو چندن.

    ڪـري سـگهيو نه ڪو ريس ڪُلان جُـهڪايا ســـيس،
    ڏن اڳي ڏان ڪريو سوا سير سون، چندن برس چوويس.
    راڻو چندن ڪوڙهه جهڙي موذي مرض ۾ مُبتلا هئڻ سبب پنهنجو راڄ ڀاڳ ڇڏي سندس ناناڻن (ڪيرٽي) ۾ وڃي رهيو. ڪيرٽي جنهن کي ڪڙلي ننگر يا ڪيرنٽي گڊ به چوندا هئا. جنهن تي اُن وقت ڪيسر مڪواڻو راج ڪندو هو. جنهن جي جنگ عمرڪوٽ جي حاڪم همير سومري سان ٿي هُئي. عمرڪوٽ جي عياش حاڪم همير سومري سان جنگ ڪندڙ ڪيسر مڪواڻي جي راڄ ڪيرٽي جي هينئر ”ٻڌي ڇوڙي“ مگجياڻي پريوار جي هٿ هيٺ آهي. راڻي چندن جي شادي ڪرائيندڙ ۽ ڪوڙهه جهڙي مرض مان نجات ڏياريندڙ سندس ساٿي ويري گوهيل بابت روايت آهي ته هُو اصل ۾ هندستان جو هو. هڪ ڏينهن بارش پوڻ سبب اُن جي ڀاڀي اُن کي طعنو ڏنو ته ”وڃي ٻني جو بند ٻڌي اچ سڄو ڏينهن واندو ويٺو آهين حرام جا ٽُڪر کائي“ ڀاڄائي جي واتان ڪڙا ويڻ ٻُڌي، ويرو اُن ئي وقت ڪُلهي تي ڪوڏر رکي ٻني جو بند ٻڌڻ لئه روانو ٿيو، ٻني تي پهچي ڏسي ته بند اڳي ڪوئي ٻڌي رهيا هئا. تڏهن اُنهن کان پُڇيائين ته اوهين ڪير آهيو؟ اُنهن وراڻيو ته اسين تنهنجي ڀاءُ جو ڪرم (نصيب) آهيون. ڪهاوت آهي ته ڪرمين جا ڀوت ڪمائين تڏهن ويري گوهيل پُڇيو ته منهنجو ڪرم ڪٿي آهي؟ اُنهن وراڻيو ته تنهنجو ڪرم پارڪر ۾ راڻو چندن آهي. پوءِ ويرو گوهيل سڌو ننگر آيو. ننگر اچي راڻي چندن جي پُڇا ڪئي، پُڇا ڪندي ڪندي نيٺ ڪيرٽي پهتو. راڻو چندن ڪوڙهه ۾ مُبتلا هو. ويري چيو آئون پنهنجي فقير دوست کان ان جو ڏس پُڇي تنهنجي ڪوڙهه ختم ڪندس. ائين چئي ويرو پنهنجي درويش دوست وٽ ويو اُن چيو ته ڀوڏيسر ۾ الک واوَ نالي کوهه آهي اُن جو پاڻي ڀري اُن ۾ شنان ڪرايو، پر ڀوڏيسر جا ڀُوت (جِن) اهو فعل ڪرڻ نه ڏيندا. تون جنهن اُٺ تي چڙهي ويندين. اُتي اُن جهڙا هزارين اُٺ ٿي ويندا ۽ تنهنجو بُڻ بنياد ڪڍي ڇڏيندا. ويري چيو اهو مون تي ڇڏيو. ويري ڇا ڪيو، جو پنهنجي اُٺ جي وات ۾ کٿوري وجهي وات ٻڌي ڇڏيو. رات جو ويو کوهه مان پاڻي ڀري ڀوڏيسر ڪپ تي پهتو ته ڏسي اُن اُٺ جهڙا هزارين اُٺ بيٺا آهن. مگر هُن کٿوري جي خوشبوءَ تي پنهنجو اُٺ سڃاڻي ورتو. پاڻي ڪاميابي سان ڀري وڃڻ کانپوءِ ويري جي دوستي ڀوتن سان وڌي وئي. الک واوَ جي شفا بخش پاڻي ۾ شنان ڪرڻ سان راڻي چندن کي ڪوڙهه ڇڏي ويئي ۽ هُو موٽي پنهنجي راڄ ڀاڳ ۾ واپس آيو ۽ سانڌهه چوويهه ورهيه سج اُڀرڻ مهل سواءِ سير سون دان ڪري پوءِ ڏندڻ پاڻي ڪندو هو.
    چوڻ وارا چون ٿا ته راڻي کي ڪوڙهه ڇڏڻ کانپوءِ هُن ويري گوهيل کي پنهنجي سموري زمين ڏيئي ڇڏي ته وڃي آباد ڪر. ويري گوهيل زمين آباد ڪئي ۽ پنهنجي ساٿي ڀوتن سان صلاح ڪري جيسلمير جي ڀاٽي راجا جي وڏڪنور ڌيءَ کي رات وچ ۾ اغوا ڪري کڻي آيو ۽ راڻي چندن سان شادي ڪرايائين. شادي ڪرڻ کانپوءِ اها ڀٽياڻي راجپوتڻي اهڙي ته وفادار هُئي جو نيٺ ستي ٿي ويئي. راوي روايت ڪن ٿا ته ڀٽياڻي ايستائين ماني نه کائيندي هُئي جيستائين راڻو نه کائي. راجپوتن ۾ اڄ به اڪثر ڪري اهو رواج هلندو اچي ته مُڙس کان اڳ ۾ زال ماني نه کائيندي آهي. راڻو چندن ڪڏهن ڪمن ڪارن ٻاهر هوندو هو ته هڪ جوتش وڌيا (علم فلڪيات) جو ماهر برهمڻ هن کي ٻڌائيندو هو ته راڻي هاڻ ماني کاڌي آهي پوءِ راڻي ڀٽياڻي ماني کائيندي هُئي. هڪ ڏينهن اُهو برهمڻ بيمار ٿي پيو ۽ هُن پنهنجي پُٽ کي موڪليو ته وڃ راڻي کي ٻڌائي ته راڻي ماني کاڌي آهي يا نه ان برهمڻ ڀٽياڻي جي پرک خاطر وڏو ڪوڙ ڳالهايو. هن امتحان ورتو ٿي ته راڻي واقعي پتي ورتا آهي يا نه. مڙوئي پئي ڍونگ ڪري، ڏسون ته ڪيترو ست اٿس، ائين سوچي هُن چيو ته اي ڀٽياڻي! راڻو رڻ ڀومي ۾ شهيد ٿي چُڪو آهي! راڻي دانهن ڪري ڪاٺيون گڏ ڪرائي، جيئري ستي چڙهڻ لڳي، جڏهن پوري ريت باهه وڪوڙي وئي تڏهن راڻو چندن به پهتو پر تيستائين پاڻي پار لنگهي چُڪو هو. ستي راڻي جو سون جهڙو جسم سمورو جلي خاڪ ٿي چڪو هو اهو لقاءُ ڏسي راڻي چندن رنج ٿي اُنهن برهمڻن کي پنهنجي ڪُل مان ڪڍي ڇڏيو ۽ جنهن جاءِ تي راڻي ڀٽياڻي ستي چڙهي هُئي، اُن جاءِ تان جيڪا ندي لنگهي ٿي اُن کي ڀٽياڻي ندي چوندا آهن.
    اسان چندن گڊ گهمياسين، جيڪو هاڻي بلڪل تباهه ٿيل نظر اچي رهيو هو، ڇو ته 1859ع ۾ ڪرنل ايونس جي ڪمانڊ ۾ ڊيسا فوج هن کي توپن سان تباهه ڪيو هو. ان ڪري جو ننگر جا سوڍا سڀئي گڏ ٿي هن ئي مورچي تان گورن سان مهاڏو اٽڪائيندا هُئا.

    چـــندن گــــڊ چاوو ڪــــريو جوڌي مـــچــــائي جنگ،
    لـــڙيو ســــاٿ ڪـلياڻ رو اوئان راجــــپوتان نان رنگ،
    رنگ ڪلا رنگ مهاسينگ رنگ، رنگ سگڙي رهاڻ.
    چندن گڊ ۾ گڏ ٿي جيڪي سوڍا لڙيا هُئا، انهن جي بهادري جا قصا اڄ به ننگر ۾ ڳائجن پيا. چندن گڊ گهُمڻ کانپوءِ اسان راڻا هميرسنگهه واري ڪوٽڙي جي ڏکڻ طرف وياسين جتي جبل جي وچ تي هڪ ماتاجي جو مندر ٺهيل آهي، اُن مندر جي ٻاهران هڪ ٿلهو ٺهيل آهي جنهن جي باري ۾ چون ٿا ته ان مندر جي اڳيان ان ٿلهي تي ويهي راڻو چندن انصاف ڀريا فيصلا ڪندو هو.
    هتي اسان کي سج لهي ويو.. هاڻي ننگر وڃڻو هو. ننگر ۾ ڪُجهه دير ترسي پوءِ پورڻ واهه پارڪر ۾ ڪيسوٻاءِ جي پوٽي بادشاهه جي اوطاق تي وياسين. جنهن اسانجو دلي آڌرڀاءُ ڪيو، تمام گهڻي عزت ڏني. اسان جو آڌر ڀاءُ ته انهن ساون وڻن به ڪيو جن کي ڪيسوٻاءِ پنهنجي هٿن سان پوکي ويو هو. جيڪي هاڻي جهونا ٿي ڏهلا ڏار پکيڙي ڇانودار درخت ٿي چُڪا آهن. اوطاق وڏي ڪُشادي ٺهيل هُئي پر ان کان به وڏي ڪُشادي بادشاهه جي دل هُئي جنهن اسان کي بي پناهه پيار ڏنو. اوطاق جي اڱڻ ۾ تمام گهڻا خوبصورت وڻ پوکيل آهن. هن اوطاق ۾ ايڏي ٿڌي هوا لڳندي آهي جو جون جولاءِ ۾ به ماڻهو رلي بنان سُمهي ناهي سگهندو. اسان به ماني کائي پوءِ ڪچهري ڪندا رهياسين، ٿڌي هوا جي هندوري ۾ روح کي روليندي ننڊ جي آغوش ۾ لهي وياسين. واهه جي ننڊ ڪئيسين. صبح جو 09 وڳي اُٿياسين. شنان پاڻي ڪري پوءِ ننگر آياسين، ننگر ۾ اول روپلهي ڪولهي جي مزار جي حاضري ڀرڻ وياسين، امر روپلو ڪولهي سوڍن جو اُهو دلير سپاهي هو جنهن وفاداري جو عظيم مثال قائم ڪيو هو. هُن گورن کي پنهنجي راڻن جو قطعي ڏس نه ڏنو ۽ پنهنجو ساهه ڏيئي ويساهه قائم رکيو. هُن کي طرحين طرحين جا ايذاءُ ڏيئي انگريزن 23 آگسٽ 1859ع ۾ ڪارونجهر جي هنج ۾ ٻٻر جي وڻ ۾ ڦاهي ڏني. اڄ ڏينهن تائين ڪولهي ٻٻر جو ڏندڻ ناهن ڪندا. اسان روپلي کي سلام ڪيوسين ۽ پوءِ وياسين تروٽ واري ٿلهي تي، جنهن کي سر ڪرڻ ۾ اسان کي تقريبن مُنو ڪلاڪ لڳي ويو. ڪارونجهر جي وڏي ۾ وڏي ٽڪري تي موجود هي 50 فُٽ ويڪرو ٿلهو انگريز تروٽ ٺهرايو هو. جيڪو گرمين جي موسم ۾ هتي ويهي ٿڌيون هوائون کائي هندستان جو ديدار ڪندو هو. جنهن کي ويراواهه جي حاڪم لڌوسنگهه ٺڪر جي پُٽ اُڌيسنگهه ڏينهن جا تارا ڏيکاري پنهنجي راجپوتاڻي روايت برقرار رکندي ڀومي جو ڀرم رکيو هو. هن تي چڙهڻ کانپوءِ رڻ ڪڇ کان وٺي الئه ڪيترن ڳوٺن جو ديدار ڪري سگهجي ٿو. ڪجهه دير ديدار ڪرڻ کانپوءِ اسان هيٺ لٿاسين. هاڻي اسانجي منزل هُئي ڪاسبو، ڪاسبو جنهن جو حُسن ڏسڻ لئه هزارين ماڻهو هر سال پنڌ ڪن ٿا. هن نگري جي نرالي سُونهن ۽ سُڳنڌ ۾ الئه ته ڪهڙي ڪشش سمايل آهي جو هر سال من جو بي لغام گهوڙو ايڏانهن وڃڻ تي انگل ڪريو بيهه رهي. ننگر کان ڏکڻ طرف ويندڙ رستو ڏيئي وياسين. ڪاسبي جي ويجهو ٽي ڪلوميٽر تائين رستو بلڪل ڪچو آهي. پٿر جهڙي واريءَ آهي جنهن تي موٽرسائيڪل ۽ ڪار هلائڻ تمام مشڪل ڪم آهي پر اسان وٽ مهراڻ ڪار هُئي جيڪا واري مان صحيح نڪري ويئي. اسان جوڪاسٻي جي سُونهن ڏسڻ لئه من تڙپيو ٿي ۽ سُونهن واقعي اسانجي آجيان ڪئي، نمن جا گهاٽا وڻ، ڪوئيل جي ڪُوڪُو، ساويون ساويون ٻنيون، مورن جي ملهاري، پلر جهڙو مٺو پاڻي، ليمن جا وڻ، زيتون جا وڻ، انبن جا وڻ، ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ ڪونج ڳچين واريون ڪامڻيون، هيڏو سارو حُسن ڏسي اکيون خوش ٿي ويون. دل چوڻ لڳي ته ڪاسٻا شل ڪارونجهر جيڏي ڄمار ماڻين. اسين ڳوٺ جي وچان ڪچو رستو ڏيئي مندر لئه هلندا رهياسين، رستي جي ٻنهي پاسي گهر هئا. گهرن کي ٻير جي ڊنگهرن جا وڏا وڏا لوڙها ڏنل هُئا. لوڙهن مان ليئا ائين لڳي رهيا هئا ڄڻ ڪارونجهر تي ڏيئا! دل خوشيءَ ۾ جهومندي پُراڻي مندر پُڄي ويئي. هي اُهو مندر هو جنهن ۾ هڪ نابين درويش يوسف فقير رهندو آهي. هُو صبح جو سوير پنهنجن ساٿين سميت باجا ۽ طبلا کڻي هن مندر جي اڱڻ ۾ رلي وڇائي الک ٻيڙو تار منهنجو واري صدا هڻي سنڌ جي صدين پُراڻي صوفيازم واري روايت کي برقرار رکندي پنهنجي فن جي شروعات ڪندو آهي. اسان مندر پُڄي اول نمسڪار ڪيو. اشرف ۽ رباني مندر جي اڏاوت ۽ اُن ۾ موجوده مورتيون ڏسي رهيا هُئا.. مندر جي اڱڻ ۾ ڄار جا وڏا وڻ بيٺل هُئا ۽ مورن جا به ميلا هُئا. اسان مندر جو ديدار ڪري فقير يوسف وٽ آياسين جنهن اسانکي ڍاٽڪي ۾ ڏورو اهڙو ته ٻڌايو جو دليون ڀرجي آيون. فقير کي داد ڏيئي اسان واپس ورياسين، ڪاسٻي جي سموري سونهن اکين جي ڪيمرائن ۾ قيد ڪري، ساروڻيون دل جي ڪتاب تي لکي واپسي لئه نڪري پياسين. ننگر مان واپس ورندي اسان ڏٺو ته رستي جي ٻنهي پاسي وڻن جي ڇانو ۾ سوين سياح اڃان به موجود هئا جيڪي ننگر جي سائي ڌرتي جي سُڳند ماڻڻ خاطر ڪچي ۾ وڻن هيٺ ويٺا هُئا. ننڍڙا ٻارڙا به گڏ هُئا جن جون سِسُو سان خراب ڪيل شلوارون سندس مائرون ڌوئي رهيون هيون. وڏو ميڙ متل هو، سوين سياح برياني رڌي ۽ کائي رهيا هُئا، ننگر گهمڻ پري کان آيل سياح کاڌي پيتي کان وٺي سمهڻ تائين سموري سامان جو بندوبست ڪري آيا هُئا، انهن کي شايد ٻه ٽي ڏينهن ترسڻو هو. سفر ۾ پنهنجي هٿ جي رڌل شيءَ کائڻ جو واقعي پنهنجو مزو آهي. هنن ڏينهن ۾ ننگر جي سيمن ۾ ماڻهن جا ميلا ڏسي ائين لڳو ڄڻ جهنگل ۾ منگل هجي. دل چيو ته سدائين شل ائين ئي ننگر جي ڌرتي ماڻهن جي مُرڪن سان آباد هجي. ننگر پهچي چانهه چُڪو پي، وري به سفر جاري رکيوسين. واپسي ۾ ويري ريٻاري جو آباد ڪيل شهر ويراواهه به ڏسڻو هو سو سانگا جو ڪنارو وٺي اوڀر ويندڙ رستي تان ويراواهه ڏانهن وياسين. رستي ۾ ڪجلاسر تلاءِ ڏسڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي سين پر ناڪامي سواءِ ڪجهه به پلئه نه پيو، ڪجلاسر جا فقط نشان رهيا آهن. هي تلاءِ هڪ جيني سيٺ ڪاجل شاهه ٺهرايو هو. هن تلاءِ ۾ پاري ننگر جون پدمڻيون صبح جو سوير پنهنجا گُلابي مُک ۽ ڪجلا نيڻ ڌوئڻ اينديون هيون. جيني جوان وينگسون پن پاتلين اکين ۾ ايڏو ڪجل اوتينديون هيون جو ڪجلاسر جي پاڻي تي ڪجل جا ڇمر ڇائينجي ويندا هُئا. هڪ ڏينهن ويراواهه جو هڪ مغرور سوڍو پنهنجو گهوڙو پيارڻ هن تلاءِ تي آيو پر سهڻين اکين تان اُتاريل ڪجلين جي ڪجل سبب گهوڙي پاڻي نه پيتو تڏهن سُونهن جي ويري سوڍي انهن پاري ننگر جي پدمڻين کي اوڇا ويڻ آڇيندي اهو چيو ته ڀڀيي پاڻي بگاڙيو پرو (وڏن پيٽن وارين پاڻي ڦٽائي ڇڏيو)، اهڙن ڪڙن ويڻن جا تير اُنهن پدمڻين جي پاڪ سينن ۾ پرونندجي ويا ۽ اُهي هميشه جي لاءِ ڪجلاسر کان رُسي ويون. چوڻ وارا چون ٿا ته ان ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڪجلاسر ڪڏهن به موج ۾ نه آيو. لڳي ٿو ته تلاءِ به انهن ساحر اکين جو عاشق هو جيڪي روز هن ۾ اچي ڪجل سان آرتي اُتارينديون هيون. انهن اکين جو رسامو تلاءِ کي به راس نه آيو ۽ هو هميشه لاءِ پٿرن ۾ پرويش ڪري ويو. ڪجلاسر جي ڦٽل آثارن جا درد کڻي اسين پاري ننگر جي پُراڻن پٽن تي پهتاسين. لوياڻي گڊ جا اُجڙي ويل آثار ڏسي اهي جيني اوسواڙا ياد آيا جيڪي راجپوتن کان رُسي هميشه لاءِ هند هليا ويا. روايت آهي ته هڪ ڏياري جي رات دارون جي نشي ۾ ڌُت راجپوتن جيني اوسواڙن کي اوڇا ويڻ چئي ستايو ۽ هُو سڀ ڪجهه مٺيءَ ماٺ ۾ سموئي ڏياري رات ٻرندڙ ڏيئا ڇڏي دُکندڙ اندر سان لوياڻي گڊ کي هميشه لاءِ الوداع چئي هليا ويا. ويندي ويندي پنهنجي وطن کي الئه ڪهڙو سراپ ڏئي ويا جو هي هيرن ۽ موتين جي واپار جو مرڪز شاهوڪار شهر ڀڙڀانگ ٿي ويو ۽ هاڻي رڳو پٿر بچيا آهن. پاري ننگر جي پٽن تي گهمندي اُن ستي سارنگا جي سار به سينو سيڪيندي رهي جيڪا سڏونت جي ساهُن ۾ هرڻي جيان هلندي هُئي. سڏونت سارنگا جي عشق ۾ وڏي سچائي هُئي جيڪي وڇڙي جڏهن مليا تڏهن هميشه لاءِ هڪ ٿي ويا. سارنگا جي سهڻي وطن کي ڏسي اڳتي وڌياسين ۽ ويراواهه ۾ بريڪ ڪيوسين. ويرواهه جي ننڍڙي شهر ۾ چانهه چُڪو پي هتي جو مشهور مائو ورتوسين ۽ ڪجهه پلن ۾ واپس ورياسين. واپسي ۾ ويراواهه چيڪ پوسٽ وارن صرف گاڏي جو نمبر لکيو ته جيئن تصديق ٿي سگهي ته جيڪا گاڏي ننگر وئي سا واپس وئي يا نه.. ويراواهه پوسٽ ڪراس ڪرڻ کانپوءِ ڏاني دانڌل کان ٿي سڌا اسلام ڪوٽ آياسين. جتي رٽائرڊ ماستر کيتسنگهه ڌانڌل وٽ ماني کاڌيسين. ماني کانپوءِ وياسين سنت نيڻورام آشرم جيڪو تمام وڏو ٺهيل آهي. هتي هر سال بڊي ۾ ميلو لڳندو آهي. هن آشرم ۾ لنگر نياز هلي رهيو هو. پکين لئه پاڻي جون ڪونڍيون ۽ داڻن جا ٿلها ٺهيل هئا. جن ۾ ڪيئي پکي چُوڻ چُڳي رهيا هُئا هتي وڏا ڪانگ به موجود هُئا جن کي ڍاٽڪي ۾ ڊوڏ چوندا آهن. آشرم جي ٻاهران گارڊ بيٺل هو. آشرم ۾ تمام وڏو ستسنگ هال ٺهيل هو. نيڻورام جون وڏيون وڏيون مورتيون لڳل هُيون، اُتي هڪ ٻُڍڙو مُراد فقير ويٺل هو جنهن اسان کي تمام پيارا ڪلام ٻُڌايا. اُن سان به ڪچهري ٿي. آشرم گهُمڻ کانپوءِ مٺي لئه نڪري پياسين، رستي ۾ ڳوٺ مالڻهور ويڻا وٽ موجود درويش ڇٽو فقير جي درگاهه تي اسان گاڏي بيهاري، سج اولهه طرف اُلهي رهيو هو اسين درگاهه اندر داخل ٿياسين، درويش جي سلامي ڀري فوٽو ڪڍياسين، درگاهه تمام سهڻي نموني سنگ مر مر جي پٿرن جي ٺهيل آهي. هن ڳوٺ جو اصل نالو مالڻهور ڀوتاريو هو. چوڻ وارا چون ٿا ته هن ڳوٺ ۾ ايترا ڀوت ”جن“ هوندا هُئا جو ڪير رهي نه سگهندو هو. پوءِ هن ڇٽو فقير نالي درويش ڀوتن کي ڀڄائي ڪڍيو. درگاهه جو ديدار ڪري روانا ٿياسين چند منٽن ۾ مٺي پُهتاسين شام ٿي ويئي....
    هاڻي اسانجي دعوت ڳوٺ لکميار ۾ جالم سنگهه وٽ هُئي، لکميار ۾ ماتا جي جو وڏو مندر ٺهيل آهي جنهن ۾ هر سال مانگهه مهيني ۾ وڏو ميلو لڳندو آهي. جالم سنگهه جي دعوت کائي لکميار مان ٻئي ڏينهن شام جو نڪتاسين. وچ تي ڳوٺ هوٿيئر جي ترائي جو درشن ڪيوسين، جتي ٿر جي سادڙي سُونهن ٻلهڙن سان ٻهه ٻهه ٻري ۽ تري رهي هُئي. اسان کن پل ترائي جي ڪپ تي پنڊ پهڻ ٿي سونهن کي اکين ۾ سمائيندا رهياسين ۽ پوءِ اُتان نڪتاسين. هاڻي سنگت منهنجي ڳوٺ هلڻ جو اسرار ڪيو. مٺي کان شام جو نڪتاسين ڏيپلو کان سڌا منهنجي ڳوٺ، رات جو ڪچهري ڪئيسين. جهڙو حال حبيبان تحت مون به ماني کارائي. ٻئي ڏينهن صبح جو سوير شنان پاڻي ڪري، ناشتو ڪيوسين. پوءِ منهنجي ڳوٺ کان اڳيان 03 ڪلو ميٽر تي آباد ڳوٺ ڊونڊڙي وارو لوڻ جو سن گهماسين، جيڪو تازين برساتن سبب سمنڊ جهڙو ڏيک ڏيئي رهيو هو. سن گهمڻ کانپوءِ هُو پنهنجي ماڳ ڏي واپس ويا ٿي، سو مون پنهنجي ٻني ڀنڊاريو وٽ اُنهن کان موڪلايو، سنگت ڀاڪر پائي ملي، کلي گاڏي ۾ ويئي گاڏي رواني ٿي منهنجي دل تي سائينداد ساند جون هي سٽون تري آيون ته؛

    هٿ اکين تان کڻان هُو تنهن کان اڳي!
    موڙ اُڪري وڃن ته ڏاڍو سُٺو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 466
    ڪتابن جو مشاهدو: 393849
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 159306
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ