ڪتاب جو نالو: ڀڳت سنگهه کي ڦاسي (سنگيت ناٽڪ)
مصنف: شيخ اياز
ڇپائيندڙ: نيو فيلڊس
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 1986
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 18 مئي 2017 ع
پڙهيو ويو: 1027 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 682 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڀڳت سنگھ کي ڦاسي“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري شاعر، ليکڪ ۽ ڏاهي ڏات ڌڻي شيخ اياز جو آزادي جي ڪردارن خاص ڪري ڀڳت سنگهه تي لکيل سنگيت ناٽڪ آهي.
حميده ميربحر لکي ٿي:
”جڏهِن اسيِن شيخ اياز جي لِکِيل سنگِيت ناٽڪ ”ڀڳت سِنگھ کي ڦاسِي“ تي نظر وِجھُون ٿا ته اُن جا سڀُ ڪِردار ۽ خاصِ طور تي ناٽڪ جو مُکيه ڪِردار ڀڳت سنگھ ، ان جي زِندگِي ۽ سندس سياسِي ڪِردار ڏاڍو سگھارو نظرِ اچي ٿو. اياز تمام خُوبصُورِتيءَ سان تاريِخ جي هِن اڏول ڪِردار ڀڳت سنگھ ۽ ان جي ساٿيُن جِي آزادي ۽ وطن دوستِيءَ جي جذِبي ۽ سندن سامِراج سان جوٽِيل جنگِ کي پنهنِجي ڏاتِ ۽ ڏانءَ سان جنهِن انداز ۾ چِٽيو آهي اُهو پڙهندڙن تي گهِرو اثر ڇڏي ٿو.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • آزادي
  • سنڌ سلامت پاران
  • ڏيک پهريون
  • ڏيک ٻيو

  • آزادي

    'آزادي' مان انهيءَ خطرناڪ لفظ کي ڏنگين لِيڪن ۾ وجھان ٿو،
    جيئن ڪنهن وحشي جانور کي سڱن کان جھلبو آهي.

    _ هڪ يوناني ليکڪ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڀڳت سنگھ کي ڦاسي“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري شاعر، ليکڪ ۽ ڏاهي ڏات ڌڻي شيخ اياز جو آزادي جي ڪردارن خاص ڪري ڀڳت سنگهه تي لکيل سنگيت ناٽڪ آهي.

    حميده ميربحر لکي ٿي:
    ”جڏهِن اسيِن شيخ اياز جي لِکِيل سنگِيت ناٽڪ ”ڀڳت سِنگھ کي ڦاسِي“ تي نظر وِجھُون ٿا ته اُن جا سڀُ ڪِردار ۽ خاصِ طور تي ناٽڪ جو مُکيه ڪِردار ڀڳت سنگھ ، ان جي زِندگِي ۽ سندس سياسِي ڪِردار ڏاڍو سگھارو نظرِ اچي ٿو. اياز تمام خُوبصُورِتيءَ سان تاريِخ جي هِن اڏول ڪِردار ڀڳت سنگھ ۽ ان جي ساٿيُن جِي آزادي ۽ وطن دوستِيءَ جي جذِبي ۽ سندن سامِراج سان جوٽِيل جنگِ کي پنهنِجي ڏاتِ ۽ ڏانءَ سان جنهِن انداز ۾ چِٽيو آهي اُهو پڙهندڙن تي گهِرو اثر ڇڏي ٿو.“

    هي ڪتاب نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 1986ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون ڀيڻ حميده ميربحر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڏيک پهريون

    ويس ڌاري: ڀڳت سنگھ
    چندر شيکر آزاد
    ڪشوري لال
    سکديو
    ڊاڪٽر گيا پرساد
    راج گُرو

    سال: 1928



    راوي
    1922_ 1921


    جي عظيم عوامي تحريڪ کان پوءِ ڪانگريس ٻه اڌ ٿي وئي آهي. فقط سوراج پارٽي گانڌيءَ جي آسيس سان جُونء وانگر چُري رهي آهي. ورلي ڪوئي عوامي جلسو ٿئي ٿو. قانون ساز ادارن کان ٻاهر ڪائي سياسي چر پر نه رهي آهي. اڪثر انقلابي جيلن ۾ آهن. ساري هندستان تي نراسائي ڇانيل آهي. بمبئيءَ، ڪلڪتي ۽ ڪانپور ۾ مزدورن زبردست هڙتالون ڪيون، جن ٻاهرينءَ دنيا جو ڌيان ته ڇڪايو، ليڪن ديس ۾ ڪائي هلچل پيدا نه ٿي. انهيءَ مايوسيءَ جي فضا ۾ ڪُجھ انقلابي نوجوانن دهشت انگيزيءَ کي ئي سياسي نجات جو ذريعو سمجھيو اهي.

    وايو منڊل

    [لاهور ۾ هڪ تهه خانو، رات جو وڳڙو آهي؛ تهه خاني ۾ چوڌاري چار لالٽين ٻري رهيا آهن. ديوارن تي هندستان جو نقشو ۽ جھانسي راڻيءَ، ٽيپوسلطان، تانتيا ٽوپي ۽ نانا صاحب جون فريم ٿيل تصويرون لڳل آهن. وچ تي هڪ ميز پَئي آهي،جنهن جي هڪ پاسي ڀڳت سنگھ، ڪِشوري لال ۽ ڊاڪٽر گيا پرساد ويٺا آهن ۽ ٻئي پاسي چندر شيکر آزاد، سُکديو ۽ راج گُرو ويٺا آهن. ميز تي ڇهه بم گولا رکيل آهن، جي تهه خاني ۾ لڪل ڪارخاني ۾ تيار ڪيا ويا آهن. هڪ اخبار به ميز تي پئيِ آهي، جِنهن جي پهرئين صفحي تي ڪارين حاشين ۾ لالا لجپت راءِ جي موت جيِ خبر ڇپيل آهي.]


    ڀڳت سنگھ : هي ديس سڄو ئي اوڳو آ،
    مَنُ روڳي اُن جو موڳو آ،
    هر گيانُ اُنهيءَ جو گيڙوُ آ،
    ۽ رات مٿان جو ٽيڙوُ آ،
    تنهن ڏانهن اُڀو ترشول ڪَري
    ٿو واريِءَ تي وئراڳ ٺري _
    هر تياڳُ اُنهيءَ جو روڳي آ،
    هر جاڳَ اُنهيءَ جيِ جوُٺِي آ،
    هر لاڳَ اُنهيءَ جي لوُٺيِ آ،
    جا ڳالهه ڪري ٿو ڳُوڙهي آ،
    پر پرکَ تهَ مت جيِ موُڙهيِ آ،
    جا ڏند ڪٿا آ، ڏاهِي آ،
    ڄَڻ ڪا شيءِ چُوهي چاهي آ،
    جا ڪُتري ويٺو مَنَ مَنَ ۾ _
    هي ڀِن ڀِن جوڳي بَن بَن ۾،
    ۽ ڀِڀَ ڀَڀُوتِي واٽن جي،
    هر وقت جَٽائون جاٽن تي!
    سِندوُر لِلاٽن تي لائي،
    ۽ ڪُوڙا ڪيرت ورجائي،
    هُو تڪيا تِيرٿ ڀيِٽن ٿا،
    ۽ وَر ور من تان ميٽن ٿا،
    جو دُک اَمَٽُ آ ڌرتيِءَ تي،
    ۽ ڳورو ڳَٽُ آ ڌرتيءَ تي،
    ڪنهن ڏوُرانهين جو ڏسُ ڏئِي،
    هو پنهنجِي پيڙَ وِسارن ٿا؛
    ڪي گھَر _ گھنگھر ۾ گھارن ٿا،
    ۽ پوٿيون پُستڪ پِيئن ٿا ،
    ڪنهن جھونيِ وههَ تي جيئن ٿا،
    ۽ اُجري مَن کي لوئن ٿا،
    پر هَر هَر ڌاڳا ڌوئن ٿا؛
    ڪي جيءَ وِجھن ٿا جاڙن ۾،
    ۽ جھاڳي پنڌ پهاڙن ۾،
    ٿا شرڌا سان ڪيلاش ڏِسَن،
    ۽ اَڇَ مٿان آڪاش ڏسن؛
    ڪِن اونو ڪنچن چنگا جو،
    ڪِن جمنا جو، ڪِن گنگا جو،
    ڪي ڏِس تهَ قواليون ڳائن ٿا،
    ۽ پِيرن تي پَڙَ پائن ٿا،
    ٿا داتا جي درٻار وَڃَن،
    ۽ ڀيرو پنهنجو ڪونهَ ڀَڃَن،
    ڪي اَمرتسر واجھائن ٿا،
    گُرَ_ واڻيءَ جا ڳُڻَ ڳائن ٿا؛
    ڇا ڪيچَڙُ ڪِيڙا ڪِيڙا آ!
    جا ديس سڄي جِي پيِڙا آ،
    ڪنهن سوچِي آ ڪنهن ڄاتِي آ؟
    ڪنهن اُن ۾ جھاتِي پاتِي آ؟
    هر جِيءُ جڏهن آهي جُٺِ ۾،
    انگريز بهادر جي پُٺِ ۾،
    هِي راءِ بهادر ها ها ها!
    هي خان بهادر آ ها ها!
    هِي ويهيِ روز فرنگيءَ سان،
    سڀ ڪارا ڀُوري ڀنگيءَ سان،
    ڪي ٺاههَ ٺڳِيءَ جا ٺاهن ٿا؛
    ڇا سوچن ٿا، ڇا چاهن ٿا،
    سَوَ ٺَٺَ ڪري هِي ٺوڳِيئَڙا،
    قانونَ اُنهن جا ڪوريِئَڙا،
    جي پنهنجا ڄارَ وِڇائن ٿا،
    ۽ ديس سڄو ڦاسائن ٿا،
    ڪنهن ڪُوڙي تاڃِيءَ پيٽي ۾،
    هر ماڻهوءَ جو مَن مَکِ جيان _
    ۽ هرڪو انڌيءَ اک جيان
    ڄڻ پنهنجو چارو ڄاڻي ٿو،
    سا لٺ سهارو ڄاڻي ٿي،
    سا لٺِ ڀڃي ٿي لوءندڙيون؛
    هِي کوپريون جنهن وقت مِڙيون
    وَهنوارَ ٿيا تنهن وِيڇي جا،
    تنهن جُڙتُو آڳي پيڇي جا،
    جو ڀُونءِ سڄي ڀنڀلائي ٿو،
    ۽ ويڙهيچا ويڙهائي ٿو،
    جا ڪَسُ چڙهي وئي ڪارڻ تي،
    هر ويڙهُوءَ جي ويِچارڻ تي،
    سا ڪيئن لهي سا ڪيئن لهي؟
    هي ڍانڍو ڍانچو ڪيئن ڊهي؟
    ڪِئن جِيءَ سَمُورا جھونجھاڙيون؟


    ڊاڪٽر گيا پرساد: هر پَنڌَ مُري جِي موچَ ڏني،
    هر سوچَ اجائي لوچَ ڏني،
    هر شنڪر شنيه ڳولي ٿو،
    ڪو اُن ۾ اُلوُ ٻولي ٿو،
    ٿا گيانِي گھا ٽا بڙ ڳولن،
    ۽ ترڪڻ وارا تَڙَ ڳولن،
    ۽ انَتِ ڪال تي سوچن ٿا
    پر ڪونه حال تي سوچن ٿا!
    ڪو گوتم آ، ڪو گانڌي آ،
    پر ديس مٿان جا آنڌي آ
    سا ڪيئن ٽري ڪنهن ڪونه چيو!
    ڪيئن جوت ٻري ڪنهن ڪونه چيو!
    آ ڪيڏي ڀيڙ ڪُويچن جي،
    تن ڀوسي جهڙن ڀيڄن جي،
    جي منتر چار اُچارن ٿا
    ۽ چوري ڇاڪ نهارن ٿا،
    ٿا اهڙا اَوءٺا ڏس ڏين
    جي گھاوَ وڃي ناسوُر ٿين!
    اَڄُ تن جي پورن پنٿن کي،
    ۽ تن جي گِفَ _ گِرنٿن کي
    ڪو ڍانڍُ مچايون ڍير ڪري!
    ڪيئن راوڻ جهڙي رات ٽري
    آ باک وڃي بنواس وتو!
    هن ڪُنڀ ڪرڻ جو ناه پتو
    ڇا ننڊ نه ان جي ٽُٽِڻي آ؟
    ڇا باک ڪڏهن به نه ڦُٽِڻي آ؟
    مون ان تي هر هر سوچيو آ
    ۽ روز لهوءَ ۾ لوچيو آ!
    هِتِ گھر گھر مُنگھڻ جيئن ٿا،
    ۽ ماڻهوءَ جو رت پيئن ٿا،
    ٿا پڳ پڳ ڪارا نانگ پلن،
    ۽ هيڏا سارا نانگ پلن،
    پر تن تي جي ڪو وارُ ڪري
    ۽ وِهَه تي اتياچارُ ڪري
    هُو جنم جنم اپراڌي آ!
    ڪِئن ديس سڄي چُپ ساڌي آ!
    آ ڪيڏي برف هماليه تي،
    ڪِئن چئجي سا ڪنهن وقت رجي؟
    او شال! گھٽا گھنگھور اُٿي
    ۽ اُڀري زوران زور اُٿي،
    او شال! تکا طوفان اچن
    ۽ گاج ڪري گھمسان اچن،
    ۽ ڌُول گريءَ کي ڌڌڪائن،
    ۽ گوري شنڪر کي گھائن،
    ۽ ڇوهَه ڇِپُنِ کي ڪيرائن،
    ۽ ڦرندي ڦرندي ڦيرائن
    ڪنهن وقت اڻاسيءَ ڌرتيءَ کي،
    هن ڀُوريءَ ناسيءَ ڌرتيءَ کي،
    ۽ ان جا سارا ٿاڪ ٿُڏي،
    شل تارن تائين برف اُڏي،
    ۽ ساري ڌرتي ڌونڌاڙي
    هِي جھُو نا وڻ سڀ جھونجھاڙي!
    شل آکيرن جي اوٽ ڊهي،
    ۽ ڪَهَه ۾ هرڪو جيءُ ڪهي!
    هي گھاگھرا، گنڊڪَ ڀاڳ متي
    ۽ گنگا جمنا سرسوتي
    سڀ جيسين تارَئون تار وَهَن،
    ۽ گرجي ساگر طرف ڪَهَن،
    ۽ جيسين هيڏي برف رجي،
    اڄ تيسين ڪو طوفان ٿجي!
    گھمسان ضروري آ يارو!


    [چندر سيکر آزاد هٿ ۾
    بم گولو جھلي ڪجھ سوچي رهيو آهي
    سکديو هن ڏانهن ڏسي ٿو]


    سکديو: هي آهي ديس ڀواني جو
    ٿو تاتي خون جواني جو
    ڪو اهڙو لايو ٿي سيکر،
    جو خون سجايو ٿي شيکر!


    [چندر شيکرپنهنجي هٿ ۾
    بم گولي ڏانهن ڏسي]


    چندر شيکر: هي مُڪِتِي آ، هي ڀڳتي آ،
    هي بم گولو سا شڪتي آ،
    جا ناهي ڪنهن جَپ تَپ ۾،
    هِي بم گولو منهنجي لپ ۾،
    سو دُشُٽَ اُڏائي سگھندو آ،
    سو راوڻ گھائي سگھندو آ،
    ڪو ڌَنُشُ انهيءَ جو مَٽُ ناهي_
    هُن ڀوري باپوءَ وٽ ڇاهي؟
    هڪ ڪُوڙُو ڍونگ اَهنسا جو
    جو ڪنهن کي ڪونه ڪندو آجو!
    ٿو مَن مَن کي ميواڙُ سڏي
    پرتاب ويو ڪنهن ديس لڏي!
    ٿي،جيسين هرڪو شيوا جِي!
    هيءَ ڀونءِ نه ٿيڻي آ آجي!
    اڄُ وڙهڻو آ، اڄُ ورهڻو آ
    جي جيءَ جڏي سان وڙهڻو آ
    ڪا منزل مُور نه ملڻي آ_
    هيءَ ڏرتي نيٺ ته کلڻي آ،
    هي لڙڪ لهوءَ جا جھوليءَ ۾
    هي ٻِت ٻِت پنهنجي ٻوليءَ ۾
    هي آنا ڪانِي ڪارج ۾
    ۽ هر حيراني ڪارج ۾،
    هڪ بم اُڏائي سگھندو آ
    سو مقصد پائي سگھندو آ
    جو پوڙهي جھُور سياست جي
    هِنَ آلي نُور سياست جي
    سَوَ سالن مُور نهَ پاتو آ_
    اڄ ماڻهو ماڻهو ٻاتو آ،
    هي بم ڌماڪي سان ڦاٽِي
    ڪنهن ورلي واڪي سان ڦاٽِي
    هر تاروُنءَ کي تڙڦائيندو،
    ۽ اُڀِري هرڪو ڳائيندو،
    ڪي گيت اَنوکا ڌرتيءَ جا،
    ۽ کڻندو جوکا ڌرتيءَ جا،
    ۽ آزاديءَ جي سَئنَ هَڻي،
    هر ڏيهي ٿيندو ڏيهه ڌڻي،
    هِنَ بم گولي سان بربادي
    ٿي اوري آڻي آزادي _
    ٿا ويري هر هر هنسا ڪَن
    ۽ پنهنجا ڏيهي سنسا ڪَن،
    چي: "ڪنهن جي هتيا ناهِه چڱي"
    ڄڻ پنهنجي هتيا آهه چڱي!
    ڪلهه لالا لجپت راءِ مُئو،
    ڇا مڻيا وارو مُڻس هُئو!
    هي تنهن لئه هر هر روئن ٿا
    ۽ روئي ڏک کي ڌوئن ٿا؛
    هي گورا ٽهه ٽهه ٽهڪ ڏئي،
    ٿا رات گذارن مڌُ مَئِي
    ۽ رمڀا سمڀا ناچ ڪري،
    ۽ وسڪيءَ جھرمر جاَم ڀَري
    ٿِي ڳَهِرا ڳُٽِ ڳُٽِ پيِئَن ٿا،
    ۽ ڄوءرن وانگر جيئن ٿا،
    ۽ ڳائن ٿا، "اي برطانيا!
    ڪَر راڄ سدا اي برطانيا!
    تون ڇولُين تي" افسوس اسان
    ٿا ڳايون ساڳيا گيت اڃان،
    هُو گيت منوهَر ُمرليءَ جا
    ڪنهن گوالي جا، ڪنهن گوپِيءَ جا،
    ۽ برندا بَن ۾ گھاريون ٿا؛
    ڪنهن وقت اَيوڌِيا ساريون ٿا،
    ۽ رام راج لئه وِسڪُون ٿا
    ۽ سامراج کان کِسڪُون ٿا؛
    ڪنهن جمنا تَڙَ تي جھُولن ۾
    ڄَڻُ ڦَٽَ لُڏَڻ ٿا ڦُولن ۾ _
    ۽ پنهنجا مسلم ڀائر پڻ،
    ٿي ڏهڪائي ساڳي ڏائڻ،
    هو پنهنجي لوءِ نهَ لوچن ٿا
    ايران عرب جو سوچن ٿا،
    تن لاءِ َسنوسِي سُوڊاني،
    ڪو ابدالي، ڪو افعاني،
    ڪا جُوٺي جَنَتَ ٺاهي ٿو،
    پو هرڪو تنهن ڏي ڪاهي ٿو،
    ۽ ڪنڌُ لَتاڙي ٽِيپوءَ جو،
    ۽ رت لتاڙي ٽِيپُوءَ جو،
    ٿو پهچي خياليءَ دنيا ۾.
    ڪنهن ڀولِيءَ ڀالِيءَ دنيا ۾ _
    اَڄُ سَڀئي گڏجي قول ڪريُون،
    بس سَڀُ ڪُجھ ڊانواڊول ڪريون،
    جئن درياهن جان رَتُ وهي،
    ڪو وهم نه ريلي منجھ رهي،
    هِي ديس نماڻِيءَ رِڍَ جيان،
    ڄَڻُ آهي ساڻِيءَ رِڍَ جيان،
    ۽ ان جي چَئني طرف بگھَڙَ،
    هي چيرڻ ڦاڙڻ ۾ سڀ ڀَڙ،
    هر وقت اُلر سان اڀرن ٿا،
    ڇا اُوچي ڪَرَ سان اُڀرن ٿا،
    اَڄُ اُٿڻو آهي شينهَن جيان،
    ڪنهن آنڌيءَ آندل مينهن جيان،
    ۽ ٻُوڙان ٻوڙ اُسهِڻو آ،
    ها تابڙ توڙ اُسِهڻو آ،
    ۽ گولن سان گھمسان ڪري،
    ۽ لاشن سان ميدان ڀري،
    اَڄُ مارِي ماري ورڻو آ،
    ۽ ڏاڍا ڏاري ورڻو آ _
    ڪا بِيکَ نه آهي آزادي،
    جي ڪوئي چاهي آزادي؛
    هو مُور نه سوچي ڪانڌيءَ جو،
    اي يارو! نياپو گانڌيءَ جو
    اڄ آپگھات کان بدتر آ،
    جا ننڊ اسان جي گھر گھر آ،
    هي بم اُڏائي وڃڻو آ
    هي بم اُڏائي وڃڻو آ.


    [راج گُرو، جو سڀني کي خاموشيءَ سان ٻُڌي رهيو هو ڇهه ميڻ بتيون جلائي ميز تي رکي ٿو ۽ هر ڪوئي پنهنجي ڪرائي ميڻ بتيءَ مٿان جھلي آزاديءَ جي قوت کي پرکي ٿو. چوڌاري گوشت جي سڙڻ جي بوءِ اچي ٿي. جڏهن ميڻ بتيون وسامي وڃن ٿيون، تڏهن هرڪو پنهنجي ڪرائيءَ تي ڦٽ کي چُمي ٿو ۽ پوءِ سڀئي ميز تان اُٿي تهه خاني جي دروازي ڏانهن وڌن ٿا. ڪشوري لال هڪ گيت ڳائي ٿو ۽ ٻيا هن کي تال وٺائن ٿا]



    ڪشوري لال: منهنجو من ٻيءَ ڳولا ۾
    منهنجو من ٻيءَ ڳولا ۾
    تو جا تاتِي دُوارڪا،
    مون لئه سا اڀسارڪا؛
    منهنجو من ٻيءَ ڳولا ۾.
    ديس سڄو ئي سنگھريون،
    جن کان آجو مان نه تون؛
    منهنجو من ٻيءَ ڳولا ۾.
    ازاديءَ جو آستان،
    ڪارو پاڻي اَنڊمان؛
    منهنجو من ٻيءَ ڳولا ۾.

    (پردو ڪري ٿو)


    ڏيک ٻيو

    ويس ڌاري: ڀڳت سنگھ
    سکديو
    راج گرو

    سال: اپريل 1931



    راوي

    مرڪزي اسيمبليءَ ۾ بم ڦاٽا ۽ ڀڳت سنگھ ۽ هن جو هڪ ساٿي گرفتار ڪيا ويا. ٻنهي دليريءَ سان پنهنجي ذميواري قبول ڪئي ۽ کين جنم ٽيپ ڏني وئي. ڪجھ عرصي کان پوءِ پوليس لاهور ۾ اُنهيءَ تهه خاني جو پتو لڳايو، جتي بم ٺاهيا ويندا هئا. سکديو، ڪشوري لال ۽ ٻيا ڪيترائي انقلابي گرفتار ڪيا ويا، جن مان جئه گوپال ۽ هنسراج ووهرا باس ڏني ۽ پوءِ بهار، اترپرديش ۽ پنجاب مان ڪيئي گرفتاريون ڪيون ويون، ڪي انقلابي زير زمين هليا ويا. ڀڳت سنگھ سميت گرفتار ٿيلن تي اسپيشل
    ٽربيونل اڳيان 1929 ۾ لاهور سازش وارو ڪيس هلايو ويو. 1930 ۾ عدالت جوابدارن، انهن جي وڪيلن ۽ بچاءَ جي شاهدن جي غير موجودگيءَ ۾ جڙتو ڪاروائي ڪئي ۽ ڀڳت سنگھ، سکديو ۽ راج گروءَ کي موت جي سزا ڏني، ڪن کي جنم ٽيپ ڏئي ڪاري پاڻيءَ موڪليو ويو ۽ ڪن کي ڇڏي ڏنو.
    اڄ صبح جو چئين بجي ڀڳت سنگھ ۽ هن جي ٻن ساٿين کي ڦاسي اچڻي آهي. هن وقت ڀڳت سنگھ جي عمر چوويهه سال آهي.


    وايو منڊل

    [لاهور سينٽرل جيل ۾ ڦاسيءَ وارن قيدين جي کولي. رات جا 3 وڳا آهن. کوليءَ جي ڇت ۾ هڪ بجليءَ جي بتي ٻري رهي آهي. سکديو اڳيان گيتا ٻوٽيل رکي آهي. ڀڳت سنگھ چپ چاپ ڪجھ سوچي رهيو آهي. ۽ راج گرو اکيون ٻوٽي جاڳي رهيو آهي. ڀڳت سنگھ اُٿي کوليءَ جي لوهي جھنگلي ڏانهن اچي ٿو
    ۽ ٻاهر اوندهه ۾ ڏسي ٿو. سکديو به هن جي ڀرسان بيهي ٿو.]


    [پريان ڪوئي جيل
    جو سپاهي ڳائي
    رهيو آهي]


    اچ! رات لڙي آهي
    آ پنڌ پري پنهنجو
    تقدير کڙي آهي.
    هيءَ ويل وڇوڙي جي
    ڪيڏي نه ڪڙي آهي!
    اچ! رات لڙي آهي!


    سکديو(پاڻ کي) هيءَ لوءِ هميشهه لاءِ ڇڏڻ،
    گھر ٻار ڇڏڻ سنسار ڇڏڻ،
    بي موت مرڻ، واپس نه ورڻ،
    ۽ ڏورانهين کان ڪونه ڏرڻ،
    ڪيڏو نه اڻائو سپنو آ!
    ڪيڏو نه سڻائو سپنو آ!
    هو واهيري جي وير اڱڻ،
    ۽ چُون چُون چُون چُون سائو وڻ
    ۽ مڌم لاٽ ڏياٽيءَ جي،
    ۽ چيلهه تي چندن _ واسُ وني،
    جنهن چمپا ڪاريءَ چوٽيءَ ۾
    ۽ هٿَ تَئي تي روٽيءَ ۾
    هو پُستڪ منهنجي جھوليءَ ۾
    ڪي ٻول سُريليءَ ٻوليءَ ۾
    ۽ جاپُ جُڳن جي واڻيءَ جو،
    ڪنهن ڪويل ڪنٺ ڪهاڻيءَ جو _
    اڌ رات هندورو مِيرن جو،
    هو سرهو ساٿ سريرن جو،
    ۽ ڪومل ننڊ_ نِهارن جو،
    بن پياس ٻُجھايل پيارن جو_
    اڄ هرشيءِ مون سان مرڻي آ،
    هيءَ سار سُڳنڌ نه ورڻي آ.


    ڀڳت سنگھ ڏانهن
    ڏسي ٿو)

    اڄ ديس اُجھامي ويو آهي،
    سو سُپنو کامي ويو آهي،
    جنهن ڪالهه گلا گرمايا ها،
    ۽ من من مچ پچايا ها؛
    ڪلهه لُنءَ لُنءَ ۾ للڪار هئي
    ڇا ڌارين لاءِ ڌڪار هئي!
    اڄ ماٺ مڙهيءَ ۾ ڀُڻڪ نه آ،
    ڪنجھڪار نه آ ڪا ڪُڻڪ نه آ،
    ڄڻ سارو ديس مري ويو آ!
    اڄ منهنجو ڏڍُ ڏري پيو آ،
    مان هينئون هاري سوچيان ٿو
    هي جِيوَنُ واري سوچيان ٿو؛
    مون ڇا لئه جان گنوائي آ؟
    ڇا منهنجي ڀيٽ اجائي آ؟


    [راج گرو اکيون پٽي
    سکديو ڏانهن ڏسي،
    ڀڳت سنگھ ڏانهن ڏسي ٿو]


    ڀڳت سنگھ (سکديو کي گھُريندي):

    جي ڪوئي چاهي آزادي
    ڪا چُورِي ناهي آزادي
    جو ڳِهندو هو گِههَ ڳرنديءَ کي!
    هيءَ اَڻ سرندي هر سرنديءَ کي
    من تان ميساريندي آهي،
    ۽ اڀري ڏاريندي آهي
    اوچا ڪوٽ غلاميءَ وارا؛
    انساني آزادي پيارا!
    سِرَ جي سَٽَ سوا ڪُجھ ناهي،
    ڇو جو ڪوبه ڳِٽيءَ جئن ٺاهي
    جي توکي آزادي ڏيندو،
    توکي حاصل ڪُجھ به نهَ ٿيندو،
    دير نه لڳندي اَڙجي ويندين،
    زنجيرن ۾ جڙجي ويندين.


    ڪجھ وقت ٽٻيءَ ۾
    اچي وڃي ٿو ۽ پوءِ
    منهن مٿي ڪري چوي ٿو]



    جو جھٽ پٽ مڻڪو ساسيءَ جو
    جو ٽوڙي جھٽڪو ڦاسيءَ جو
    ۽ لاش هوا ۾ لوڏي ٿو،
    سو هن ڌرتيءَ کي ڌوڏي ٿو،
    ڪجھ صدين لئه ڀونچال جيان _
    هي پنهنجو موت سوال جيان
    ڪنهن وقت ته اُڀري اچڻو آ _
    سو مڌُ اڳي پو پچڻو آ،
    جو لهڪِي سڀ کي لال ڪري،
    ۽ جنهن سان ٻَر ٻَر ديس ٻري_
    هر ماڻهو رک نه ٿيڻو آ
    جيون جي جک نه ٿيڻو آ،
    ڪو صديون وڙهندو رهندو آ
    ۽ رَتَ ۾ رڙهندو رهندو آ
    اُن منزل ڏانهن حياتيءَ ۾
    جا پاتي هُئي هن جھاتيءَ ۾،
    ۽ جئن جئن وقت گذرندو آ،
    هُو اَڳ کان اَڳرو ورندو آ،
    ڪي ماڻهو آهن ڳاڻ _ڳڻيا،
    ٿو ارپي جن کي موت مَڻيا،
    تاريخ اندر هُو ڌرڪن ٿا،
    ڪجھ وقت اُجھامي ڀڙڪن ٿا،
    هِنَ ڀُنءِ تي ڀنڀٽ ڀنڀٽ ٿي؛
    ڪنهن وقت اچانڪ پرگھٽ ٿي،
    هُو پنهنجو ٻارڻ ٻارن ٿا،
    ۽ ڳٽ ڳچين جا ڳارن ٿا.


    سکديو جي ڪلهي تي
    هٿ رکي ٿو]



    ڇا تنهنجي ڀيٽ اَجائي آ؟
    تو جيڪا چڻنگ لڳائي آ،
    ڪو مچ اُنهيءَ مان مچڻو آ،
    سو ڏينهن اڳي پو اچڻو آ
    جو ڄَر جون اُڀَ اُڏارون ٿِي
    ۽ لُنءَ لُنءَ جون للڪارون ٿِي،
    اَنياءَ مٿان اُڀري ايندو،
    ۽ ان کان آجو ٿي ويندو،
    ٻي ماڻهو ڪهڙي کيپ کٽي!
    تو واڍيون ڪَرمن ساڻ وٽي
    تن ۾ ڪا ڇِڪَ ڇُپائي آ،
    هيءَ تنهنجي ڀيٽ سجائي آ


    [راج گرو پٽ تان اٿي
    سکديو ڏانهن اچي ٿو]:



    راج گرو: هيءَ ڪهڙِي ڀَوَ جي ڀُڻ ڀُڻ آ؟
    هيءَ تو ۾ ڇا جي اُڻ تُڻ آ؟
    مَنَ مورک توکي ٿو ڊاهي _


    [منهن مٿي ڪري
    تارن ڀري آڪاس
    ڏانهن ڏسي ٿو]



    آڪاس ته ڪوئي وڻ آهي
    ۽ ان جا پن ستارن جان
    ٿا ٽِمڪن جِھمڪن دُور مٿان
    ۽ جيون اَنڀوءَ آهه اِئين
    ڪو چُرندر پُرندڙ جيت جئين
    چوٽيءَ تي پوئين پَنَ مٿان
    ( آ جنهن ۾جَڙَ جي سَگھَ اڃان)
    پاتار ڏسِي پولار ڏسِي
    سو ٽم ٽم ڪارونڀارڏسِي
    آ هر شيءِ جنهن جي گھيري ۾
    ڪنهن آدِي جوت انڌيري ۾_
    ها، ان ۾ سڀ اَبناسي آ،
    هي ڦاسي، ڪنهن کي ڦاسي آ؟


    ڀڳت سنگھ ڏانهن
    ڏسي وري آڪاس ڏانهن
    ڏسي ٿو]


    وهه واهه پُنيءَ جا پويان پل!
    ٿا تُڙڳَن ڪيڏا نيلڏ ڪنول
    اڄ جھونجھڪڙي جي جھرڻي ۾!
    ڪا مُونجھ نه آهي مرڻي ۾؛
    آ ڪيڏي هُٻَ هوائن ۾،
    آ ڪيڏو نُور فضائن ۾،
    ڄڻ نيل_ گگن جي ٻارن ۾،
    رابيل ٽڙن ٿا تارن ۾،
    هيءَ هِير_ لهڪ، هي ماڪ مَهڪ،
    هيءَ چانڊوڪيءَ جي چنڊ چَهڪ،
    ۽ پنڇين جا ڦلوارين تي
    هي پويان سُپنا ٽارين تي!
    هي سڀ ڪُجھ مون ۾ رهڻو آ
    ۽ مون سان ڪهَه ۾ ڪَهڻو آ،
    ها، مون ۾ سڀ ابناسي آ
    هيءَ ڦاسي ڪنهن کي ڦاسي آ؟


    [ڪنجيءَ ڦرڻ جو آواز
    ٿئي ٿو، سپاهي کوليءَ جو ڪلف
    لاهي دروازو کولن ٿا ۽ ٽنهي
    کي ڦاسي گھاٽ ڏانهن وٺي
    وڃن ٿا]



    سکديو: هي نيڻ نهارا ويندن جا،
    هي ترندا تارا ويندن جا،
    ٿا چُهٽن سڀ کي چوڄ منجھان،
    ڪا مُرڪ اکين ۾ آڻن ٿا،
    ۽ پويون ڀيرو ماڻن ٿا.
    هن ساري سونهن_ سمندر کي
    ۽ جيون جي جل مندر کي.


    [ڀڳت سنگھ ڏانهن آڏي اک
    سان ڏسي ٿو، ٻنهي جون اکيون
    ملن ٿيون ته سکديو اکيون جھُڪائي
    ڇڏي ٿو]



    ڀڳت سنگهه:
    (ڏاڍيان ڳائي ٿو) جئه جَنَنِي جنم _ڀُومِي!
    جئه جَنَنِي جنم _ڀُومِي



    [راج گرو ڀڳت سنگھ کي
    سُر وٺائي ٿو ۽ ڪجھ دير
    کان پوءِ سکديو به هنن سان
    ڳائڻ ۾ شامل ٿي وڃي ٿو
    ۽ ٽيئي گڏجي ڳائيندا ڦاسي گھاٽ
    ڏانهن وڃن ٿا]


    جئه جَنَنِي جنم _ڀُومِي!
    تنهنجيءَ گود امرتا آڇي،
    مٽيءَ کي مريادا آڇي،
    تنهنجي لاءِ مري مون ماتا،
    جنم جنم جا مارڳ پاتا،
    جَئه جَئه جَنَنِي جَئه جَئه جِيجِي!
    جَئه جَئه ڌرتي، جَئه جَئه ڌرتي!
    جئه جَنَنِي جنم _ڀُومِي!

    (پردو ڪري ٿو)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 494
    ڪتابن جو مشاهدو: 471149
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 188582
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ