ڪتاب جو نالو: نيرانا ئي نيڻ
مصنف: مريم مجيدي
ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 14 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 1559 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 432 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب “نيرانا ئي نيڻ” لاڙ پٽ جي مشهور شاعره آپا مريم مجيدي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. اسين ٿورائتا آهيون سجاول جي سهڻي دوست سارنگ حبيب چانڊيو صاحب جا جنهن نه فقط هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني. هي ڪتاب سچائي اشاعتي گهر دڙو پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • مهاڳ
  • پنهنجي پاران
  • پيم جا پروڙ!
  • غزل
  • نظم
  • گيت
  • وائي
  • بيت
  • ٻه سٽا، اڍائي اکر
  • ترويني، ٽيڙو
  • چار سٽا، پنج سٽا
  • ترائيل

  • ارپنا

    تنهن جي!!!
    اَمرت ٿڃ سُتي،
    ۽ تنهن جي!!!
    پيار جي ڇانءُ
    جن آ مون کي نريماڻ ڏنو
    سُرت ۽ ساڃاهه،
    ڏاهپ، ڏانءُ
    سو سڀ ارپيم!
    مٺڙي امان جيجل ’نورجهان‘
    عظيم بابا ’مجيدي‘ محمد خان
    ۽
    اوهان پيارن جي
    نانءُ!!!


    مهاڳ

    ڏٿ نه کَٽو ڏوٿين، جيڪي ڏُٿ ڪرين،
    اُهڃاڻيون عالم جون، اوريائين آڻين،
    تهان پوءِ ڏسينِ، پريان سندي ڳالهڙي!

    (شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح)


    پنهنجي پاران

    منهنجي سدائين اها خواهش رهي ته سنڌ جي تمام وڏي شاعرا محترمه مريم مجيديءَ جو شعري مجموعو “سچائي اشاعت گهر” پاران ڇپرايان، اڄ جڏهن سندس شعري مجموعو “نيرانا ئي نيڻ” ڇپجي پڙهندڙن جي هٿن ۾ پهچي رهيو آهي ته هڪ قسم جي خوشي ۽ اطمينان جو احساس پيو ٿيئم.
    سنڌ جي عورت شاعرائن ۾ مريم مجيديءَ جي سڃاڻپ ٻين شاعرائن کان منفرد رهي آهي، سندس شاعري نه رڳو فني لوازمات ۾، پر سندس خيالن جي اُڏام ۽ ڊڪشن به ٻين سنڌي شاعرائن جي ڀيٽ ۾ منفرد رهيو آهي. مريم مجيديءَ جي شاعريءَ جو ڪئنواس نهايت وسيع ۽ مريم مجيديءَ جي شاعري جو لينڊ اسڪيپ سنڌ جو لينڊ اسڪيپ آهي.
    محترم مريم مجيديءَ نه رڳو هڪ ڪُهنه مشق شاعرا آهي، پر پاڻ هڪ بهترين مقالا ۽ مضمون نگار پڻ آهي، وٽس لڳ ڀڳ ٻن ڪتابن جيترو نثر جو مواد پڻ موجود آهي، جيڪو پڻ جلد ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪبي.
    محترم مريم مجيديءَ جو پهريون شعري مجموعو “سروم دکم دکم” اڄ کان ٽيهارو کن سال اڳ ڇپيو هو ۽ جيڪو پڻ هاڻ مارڪيٽ ۾ موجود ڪونهي. اسان ڪوشش ڪنداسين ته جلدئي “سروم دکم دکم” جو ٻيو ڇاپو به پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪجي.

    يوسف سنڌي
    2012-07-16
    03013640468


    پيم جا پروڙ!

    منهنجي پهرئين شعري مجموعي، “سروم دکم دکم” کان هينئر تائين وڏو وقت واريءَ جيئن هٿن مان وهي ويو آهي، انهيءَ وچ واري وٿي ۾ ڪڏهن ڪلا جي تخليق رُٺل رهي ته ڪڏهن وري وسڪاري وانگر وسندي رهي، ائين ڏات جي سفر جو پريت ڀريو پورهيو، “نيرانا ئي نيڻ” جي شعري مجموعي سان پنهنجن سڀني سلڇڻن ۽ سڀاويڪ پاٺڪن کي اَرپي رهي آهيان!
    آئون پنهنجي وجود وانگر، پنهنجي شاعري جي صنف تي پڻ ششدر رهندي آئي آهيان، شاعري آهي ڇا ۽ ڇو ٿي ڪئي وڃي؟ اهو ڪهڙو جذبي جو ساهس ۽ صنفي فن آهي، جو نثر جي وڏي وستار کي غزل جي رڳو ٻن اَمر ساهتڪ سٽن ۾ سموئي ڇڏي ٿو، اشارن ڪناين جي ڪونئري رمز رکندي سچ ۾ حقيقت جون حڪايتون ۽ تُز تلميحون رچي وڃي ٿو، آئون اهو به ويچاريندي آهيان ته ڪلاکيتر جي پهرئينءَ ڪوي ڪهڙي ريت ۽ ڪهڙي اَڻ جهل اُڌمي هٿان پروس ٿي يا ڪنهن حسين تصور تي هرکجي شعر جوڙيو هوندو! ڪيئن في البديهه ادراڪ کي اسلوب جا اکر ارپيا هوندا ۽ پوءِ ان لا شعوري احساس کي شعوري ڪوشش سان ڪنهن رچنا جي شڪل ۾ جوڙي ۽ جانڪي ويو هوندو! اهڙا کوڙ خيال مون لاءِ اڪثر مونجهه ۽ ماندڪائيءَ جو ڪارڻ ٿيندا رهن ٿا. پر منهن جو ان ڳالهه تي پختو ويساهه آهي ته شاعري جو بي اختيار عمل هئڻ ۾ ڪو به شڪ نٿو رکي سگهجي، هي بنهه انوکو، اَڻ ڏٺو ڇهاءُ رکندڙ عشق جهڙو اثر آهي، جو اوچتو اندر پيهي مون کان ڪجهه لکائي وڃي ٿو.
    جيئن هوائن کي مُٺ ۾ ڀڪوڙڻ ممڪن نٿو ٿئي!
    جيئن خوشبو کي ساهن ۾ سنڀالي نٿو رکي سگهجي!
    تيئن هن اُڌمي / اُمنگ جي ابتدا کي پسڻ ۽ پروڙڻ ممڪن ناهي، البت محسوسات جي انتهائي اونهائيءَ تائين آتما هن جي هئڻ جي دليل کي مڃي وٺي ٿو. جيڪو جذبو تخليقڪار جي اندر ۾ اوسر وٺي شاعري جي ارتقا جو منطق ۽ مظهر ٿيو پوي. جنهن کي ڏات ڌڻيءَ جي خود شناسي جو عمل اُجاري وڃي ٿو. بهترين ذاتي تصور، مشاهدو مثبت مثالي سوچ شاعري جو سرمايو ۽ سونهن ثابت ٿين ٿا. لوڪ فطرت جي ساڃاهه وري فني اسلوب جي اظهار کي آدرشي انداز بخشي ٿو. ائين ڪويتا، قلم ڌڻيءَ جي اندر توڻي ظاهري شخصيت جي عڪاس / سمبل بنجي وڃي ٿي.
    بلاشڪ! شاعري جي صنف جماليات جي سونهن، ضمير جوسچ ۽ احساس جي موسيقي جي اهڙي ڌُن آهي، جا انساني دلين ۾ ڌمال جيئن وڄي ٿي، ميران جي پوڄا واري پڪار آهي، جا سوچ ۽ لوچ جي يڪتاري تي وجدان جا سُر وکيري ٿي، انساني زندگي جي ارتقا ۽ وشالتا تائين آزاديءَ جو اُتساهه، غلامي لاءِ ڪروڌ، ڪڌاين لاءِ نفرت، ماڻهپي جي مڃتا، ذهني سجاڳي، انساني عظمت جو حسن، پيار، مانَ، مريادا، نياءُ، اَمن، سک، شانتي، خوشحالي ۽ حب الوطني جهڙن اڪيچار اعليٰ / آدرشي قدرن جي اُپٽار، عشق ۽ وڇوڙي جو ورد، مظلوم ۽ ظالم جو فرق، محڪوم ۽ حاڪم جي سڃاڻپ، درد ۽ پيڙا جي ماجرائن جون سموريون تخليقي صلاحيتون ۽ صفتون، ڏات جي جرئت ۽ سونهن جو فلسفو ٿين ٿا. ان ۾ شامل انقلابي سچو اجتماعي قوميت جو نظريو هن کي دائمينت / آفاقيت جو درجو ڏيئي ڇڏي ٿو.
    منهنجو ديس جيڪو صدين کان سورن جي سنگهرن ۾ سوڙهو ڪيو پيو وڃي، منهن جي سنڌ ڌرتي جنهن جي مقدس مٽي جي تلڪ سان ئي قلم جي ڏاتارن کي تحرڪ ۽ مزاحمت جو ڏانءُ ملي ٿو. هن سرزمين جي مهانتا آڏو هر سرجڻهار سيس نمائي ان کي چمڻ جي چاهنا کي بندگي بنائيندو رهيو آهي، ان هوندي سنڌ امڙ جي نڀور نيڻن ۾ لڇندڙ سالن جي نا اميدي / نراسائي ۽ دل جي دانهن جو هينئر تائين ڪو حلِ، ڪو دارونِ، ڪو درمان نه لهي سگهيو آهي. استحصالي قوتن جي ڏاڍاين ۽ ڌارين جي دلبي، دهمان کان نجات ۽ روڪ جو ڪو دڳ پڻ ڳولي ناهي سگهيو.
    هاڻي حالتن جي ڳنڀيرتا ويتر ويساهه وسوڙيل سنڌواسين کي ورچائي ۽ وياڪل ڪندي وڃي. سنڌي ماڻهون ۽ ٻولي سان سنئون سنواٽو ٻه اکيائي روا رکي پئي وڃي ۽ قومي وحدت تي وار ٿي رهيا آهن. پر قوم ۾ ايڪتا ۽ ٻڌي جو ٻَل پيدا ٿي نه سگهيو آهي. ديس تي ڇانيل ڊگهي ڪاري رات، صبح جي اُجڙيل سينڌ ۽ سنڌي / مارو ماڻهن جا هَڄيل هانوَ، هيڻا حال ۽ مايوس مُک ڏسي سچو قلمڪار قلب جي ڪينواس تي ڀور ڀور ٿيندڙ من ڀاونائن کي ميڙي پنهنجن مڙني ذاتي مسئلن ۽ مونجهارن کان پرانهون ٿي رڳو قومي مقصد ڪارڻ عوامي سجاڳي جا سانباها ڪري ٿو. حق ۽ سچ جي سوڀ جو اڻ ڌريو سالار بنجڻ هن جو بنيادي فرض بنجي پوندو آهي، اهڙي وقت ڏونگر ڏوريندڙ ڏات کي رڳو وندر / ورونهن ۽ رڌم / لئي جي سرتال تي سنڀالڻو ناهي، پر زميني حقيقتن پٽاندڙ اکين ۾ چڀندڙ انساني عذابن تي احتجاج ڪرڻو، سماجي صدمن جي سنگينن کي ساهن جي اونهاين سان سهيڙڻو ۽ اِتهاس جي المين جي لقاءُ کي پوري ريت پروڙڻ، اَڻوڻت روينَ خلاف مزاحمت ڪرڻ ۽ قومي سگهه جا کيپ کڻائڻ به هن جي ذميداري ۾ شامل ٿئي ٿو. پنهنجي تهذيب، سڀيتا، لوڪ ادب / ڏاهپ ۽ شهري توڻي ڳوٺاڻي ماحول جو امينَ بنجي وڃڻ پنهنجي ادبي ادراڪ، شعور، جذبي، خيال ۽ تجربي جي سچائي سان حال ۾ رهي ويچارڻ ۽ ماضي سان ڳانڍاپو قائم رکي مستقبل جي حالتن ۽ انديشن جو سونهون بنجڻ به شاعر جي فڪري دانش جو ورثو ٿئي ٿو. جنهن جي آڌار شاعري فطرت جو لڪل ڳُجهه ۽ زندگي جي تضادن جو تنقيدي تصور پيش ڪرڻ جو آڳانجهو ثابت ٿئي ٿي، سگهاري ڏات جي ڪارائتي ڪارج سان ئي انسانيت کي هاڃو رسائيندر نفرتن، دولابن، دهشتن ۽ نا انصافين کي هڪالي سگهڻ ممڪن ڪري سگهجي ٿو.
    ڌرتي جي گولي تي ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ سنڌي علم / ادب جو انوکو جهان آهي، جنهن ۾ سنڌي شاعري وري قديم کان جديد دور تائين دنيا ۾ سرس ۽ مڃتا جوڳو مقام رکي پنهنجو جدا اصول، اسلوب ۽ آهنگ اختيار ڪندي اچي ٿي. هن جون پاڙون ڌرتي جي پاتال مان اُسرن ٿيون، جن مان انساني حيات کي مليل مرڪزيت جوجوهر نمايان نظر ايندو. هن سموري وچورَ ۾ منهنجا شعر ڪهڙي ڀاڱي تي بيٺل آهن، ان جا پارکو ۽ نقاد پڙهندڙ ٿيندا، آئون ايترو چونديس ته مون ليکڪا جي ذميداريءَ سان جيڪي ۽ جيئن ڏٺو، ٻڌو ۽ سرجڻهاري سگهه سان محسوس ڪيو، ان کي انهيءَ ايمانداري سان بنا ڪنهن رک رکاءُ جي شاعري جي صورتگري جو سنيهو بنائي اوهان اڳيان آندو آهي، جن کي منهنجي ڏات جو سچ ۽ احساسن / نظرين جو اولڙو چئي سگهجي ٿو. البت ڪو وڏو فلسفو ڪَا مبالغي جي حد تائين ڳوڙهي ڳالهه ناهي، منهنجي ڏات مون کان ڌار اوپري ناهي، جنهن خواب، خيال ۽ مقصد کي منهنجي ڏات غلط يا صحيح سمجهيو آهي، ان کي منهنجي ذات ائين ئي دل سان قبوليو آهي. مون پنهنجي انفرادي ۽ اُڇت واٽ ورتي آهي، جيڪا ليکڪ جي پنهنجي خاص سڃاڻپ ٿئي ٿي.
    مون سنڌ ڄاين کي شاهه جي سورمين جهڙن جيئرن روپن ۾ پسيو آهي ۽ ميران وانگر وِهه جا ڍُڪ ڀريندي، مرندي ۽ جيئندي ڏٺو آهي، مون وڇوڙي جي بي انت سنسار کي پنهنجي ڏات آڌار اُڪري پار ڪيو آهي. هاڻ منهنجي ڏات مون کي موت کان ڏاڍو بنائي ويئي آهي. ها! هيءَ منهنجي شاعري مون کي هن بي بقا ڀونءَ تي اَمرتا ۽ اهڙي دائمي حيات بخشي رهي آهي، جيڪا مون پڄاڻان به لافاني ۽ هن جڳ ۾ جيئري رهندي، ازل تائين منهنجي ٻولي ۽ سنڌ ڌرتي سان گڏ!
    پنهنجي پياري ڀاءُ ڊاڪٽر سهيل مجيّدي ۽ احترام لائق وڏي ڀيڻ حنيفه مجيّدي جن جون سهڻيون صلاحون ۽ دلچسپي شعري مجموعي جي سهيڙڻ جو سبب ثابت ٿيون آهن. سنڌيا جتوئي جون هن ننڍي ڄمار ۾ منهنجي شعرن کي ميڙڻ سهيڙڻ ۾ محبت جو هٿ ونڊائڻ مون کي حوصلو ڏيندو رهيو آهي. ان سلسلي ۾ گهڻن ڀائرن جون نيڪ تمنائون پڻ ڀاڱي ڀائيوار رهيون آهن. جن ۾ خاص ڪري اياز امر شيخ جو نالو سڀ کان مٿاهون آهي. وڏا ڀال پنهنجي ڀاءُ يوسف سنڌيءَ جا مڃبا جنهن جو پورو ساٿ ۽ پنهنجائپ جو سهڪار هن ڇپائي جي مرحلي ۾ مون سان رهندو اچي. اڄ منهنجو ٻيو شعري مجموعو “نيرانا ئي نيڻ” اوهان جي نيڻ نهار ۾ آهي!

    ساٿ سلامت! جيئي سنڌ!

    مريم مجيدي
    سجاول
    27 مئي 2012ع


    غزل

    چپن کان وڇوڙيون ڪهاڻيون، ڪٿائون،
    رڳو لفظ گونگا اسان جون صدائون.

    اسان جي اڱڻ تي اُداسي جا سانوڻ،
    ورهه ڇانورا ۽ اُڃايل گهٽائون.

    ڪيئي خواب نيڻن ۾ ڄاپن مرن پيا،
    ائين ساڀيان کي ڏين پيا سزائون.

    اڃا تون مسافر پڄاريل پَڊن جو،
    اڃا ڀاڳ ڀٽڪن پيون ڀاوَنائون.

    اوهان پت ڪيڏي جفا جي رکي آ!
    اوهان کان ڌڪاريون سدائين وفائون.

    اڙي! او زمانا! رُسن اڄ ڀي راڻا،
    مرن موملون ۽ ٻَرن پيون چتائون.

    اسان جي پَتيءَ ۾ ازل جون شڪستون،
    وياڪل ڄمارون، مڃايل خطائون.

    تڏهن آس سرحد ڏکن جي لتاڙي،
    جڏهن سج چميون پي شفق جون جٽائون.



    چنڊ تارن ۾ زندگي آهي.
    رات ۾ ڪجهه ته روشني آهي.

    ڇو وڇوڙي جا سمنڊ تانگهيون پيا؟
    پنهنجي وچ ۾ به ڪا وٿي آهي!

    هيڏيون ويران دل جون دنيائون!
    ڄڻ ته دردن جي رُت لٿي آهي.

    سوجهرن کي سڏيو ته روئي وٺون،
    اک ۾ پاڻي جي لپ بَتي آهي.

    ڪيڏيون ڪاهون صدين کان عزت تي،
    سنڌ پوءِ ڀي سَتي جتي آهي.

    سچ تنهنجي وشال جهولي ۾،
    پنهنجي جذبن جي اک لڳي آهي.



    اسين جي ٿڪاسون، سهارا ٿڪي پيا،
    بنا جر نديءَ جا، ڪنارا ٿڪي پيا.

    گمانن ۾ گم ٿي اسان کي نه ڳوليو،
    اسان کي وڃائي، سگهارا ٿڪي پيا.

    جڏهن ٿي وياسون، اسان چنڊ چوڏهين،
    عرش تي اُڏامي، ستارا ٿڪي پيا.

    رتوڇاڻ جذبا لڪائي رکون ڇو؟
    ڪري گهاءُ دل جا، اشارا ٿڪي پيا.

    نڪي جوت جهرمر نڪا مڌ اسان وٽ،
    کڻي نيڻ ڏٺوسين، نظارا ٿڪي پيا.

    اچو هاڻ ماڻيون سکن جي ڪا سورٺ،
    زخم جي قفس ۾ پنارا ٿڪي پيا.



    سچ کي انسان ۾ ڳوليون پيا،
    ڪوڙ ڄڻ ايمان ۾ ڳوليون پيا.

    سڪ جون ڏس گهورپون ڪيئن پيا رکون!
    قرب قبرستان ۾ ڳوليون پيا.

    پهر، پل، گهڙيون ۽ ٽاڻا سک جا،
    ڏک جي شمشان ۾ ڳوليون پيا.

    چيٽ کان چانڊوڪيون وڇڙي ويون،
    چنڊ ڪنهن چوءَگان ۾ ڳوليون پيا.

    لوچ پهتي سوچ جي پاتال ۾،
    درد کي درمان ۾ ڳوليون پيا.

    چاهتن جي چنگ کان وسريو وڄڻ،
    تند ڪا طوفان ۾ ڳوليون پيا.

    ڀونءَ جي ڀاڪر ۾ ڀڙڪي باهه ٿي،
    آشتي گهمسان ۾ ڳوليون پيا.

    وقت جي ڏس ڏاڍ مڙسي، اي سڄڻ!
    اُلفتون احسان ۾ ڳوليون پيا.



    ڀني بهار ۾ چميون،
    اسان گلاب جون اکيون.

    اسان جي دل اڃا گُهري،
    حسين گهڙيون سي چلوليون.

    تڪي پئي نينهن جي نظر،
    سِڪن ٿيون ساهه جون گهٽيون.

    سنيها چنڊ کي چئي،
    ٽِڙي، ٽڙيو ٿا گل ٿيون.

    جتي ٿي ماٺ وڃي ٻڏي،
    اسان اُتان ٿا سڏ ڏيون.

    جنونَ ياد ۾ اسين،
    وڃايو پاڻ ٿا جيون.

    غزل وٺن پيا جوڳ سڀ،
    سچار سوچون بي چيون.

    خواهشن جي راڄ ۾،
    اميدون هاڻ اڌ چريون.

    تو نگري آ عشق جي،
    عقل رڳو ٺلهيون ٺڳيون.


    ساجهر کان پئي ڦرڪي اک،
    جهونا جذبا مار نه جک.

    ساروڻين ۾ شرمائن ٿا،
    ٻانهياري کي ٻيلي ٻک.

    چِپ چٿر ۾ چٿيل چت،
    چهري تي ڪيڏي چک مک!

    گل سڳنڌ آ جوڀن ونت،
    سواس سمورا پوڙها کک.

    سام رکي وئي ساعت ڪا،
    سڪ جا ڪي اَڻ ڳڻيا لک.

    ڀٽ ڌڻيءَ جي سٽ جي آڏو،
    ڏيهه سڄي جي ڏاهپ رک!




    ڳلن تان جي ڳڙن ڳوڙها، لڪيرون درد جون آهن،
    نظم کي پيو نکاري نينهن، تحريرون درد جون آهن.

    اکين ۾ عڪس اُداسي جو، چپن تي مرڪ اُڌاري،
    ڏکن جي شاهوڪاري آ، جاگيرون درد جون آهن.

    نئين دنيا ڇا اڏبي؟ ڊهن پيا شهر خوشين جا،
    سهيڙيون ڪئين ڀلا ساڀيان، تعبيرون درد جون آهن.

    چُمي ويا پير ڇولين کي ڪنارا ٿي پيا زخمي،
    سمونڊي سير جا سجدا ۽ ويرون درد جون آهن.

    ٺڳي تهذيب کي پيو وقت، ڏسو تاريخ جون ڊوڙون،
    ٿئي ويساهه پيو قيدي، زنجيرون درد جون آهن.

    اسان جي ديس جي ناري، اڃا ڀڳوان پئي ڳولي،
    کٽي ڪيئن ڀاڳ جي بازي، تقديرون درد جون آهن.

    محبت جو صنم ٿي وئين، ڪڏهن منهنجو خدا ٿي ڏس،
    ثوابن تي گناهن جون تعذيرون درد جون آهن.

    اسان جي هر ڪويتا جو استعارو تون ئي تون آهين،
    مٺي اي! سنڌ تنهنجون سڀ تصويرون درد جون آهن.


    باغي اڄ ويساهه بنيو آ،
    سچ جو ڪوڙ پناهه بنيو آ.

    سج جو سارو سينو ڪارو،
    اوندهه جو گجگاهه بنيو آ.

    ڇلڪن ڇيرا ڇاتيون ٻيرا،
    گولين ساڻ نباهه بنيو آ.

    جُوف وڪوڙ يا سوچون، جذبا،
    پيسو ساهه پساهه بنيو آ.

    سمجهي ڪير ۽ سمجهائي ڇا؟
    چور چڱو ٿي شاهه بنيو آ.

    دل جي ڌرتيءَ دوزخ هاڳون،
    درد دکي آڙاهه بنيو آ.

    پاڇولن سان پيار ڪيوسين،
    پنهنجو چاهه گناهه بنيو آ.



    نه ڪعبو نه ڪليسا نه ئي مندر سمجهو،
    دل خدا جو نه، پنهنجو گهر سمجهو.

    وقت جي جاودان جهنم ۾،
    درد کي روح جو ثمر سمجهو.

    گهر، دريون، در مئل آهن،
    پنهنجون وستيون سڀئي پڌر سمجهو.

    ڄاڻ جي ڄّر ٿي چٽي تارون،
    خوف هر رات جو سحر سمجهو.

    ماڻهپي جي بي انت مرگهٽ ۾،
    عشق کي ڪجهه ته معتبر سمجهو.



    پاڻ هن دور جي مقدر ۾،
    ڄڻ ڏيئو ڪو اداس مندر ۾.

    ها، انڌيري جو انت ڳولي پيو،
    ڪو بتيلي تي شاهه بندر ۾.

    ڪنهن جي نيڻن جي رول ڀاڳن جيان،
    سانوڻيون شل رُلي وڃن ٿر ۾!

    سچ جي سج کي ڪيستائين ڀلا!
    ڪو لڪائي رکي برف جي گهر ۾!




    عشق جي ارڏائي اسين
    نصيب جي نهٺائي اسين.

    غمن جي ڇانيل رات آ
    اميد جي اُجرائي اسين.

    انا، هٺ ۽ اهنڪار تون،
    پريت جي پسورائي اسين.

    ڏکويو سامراجي سکن،
    سهپ جي سرهائي اسين.

    اسان جَڳ کي جوڙيون جنت
    جنون جي گهٽتائي اسين.

    سچل جي ڪافي ۽ غزل
    وِرهه جي پڻ وائي اسين.

    رقابت جي ماحول ۾
    قبر جي تنهائي اسين!



    سار تنهنجي، چاهه منهنجو،
    سڪ اوکي، ساهه سهنجو.

    هر خوشي ۽ ڪاميابي،
    آهي اُن جي، تون به جنهنجو.

    بي رخي جون ڀاونائون،
    ڪو به ناهي ميت ڪنهنجو.

    ڳالهه ڪر مون ساڻ منهنجي،
    ڇا؟ پُڇو ٿا هِن جو، هُن جو!

    پاڻ کي پيا پاڻ ڳوليون،
    ڏس مليو ڪو ناهه پنهنجو.



    سکن ڏانهن ڏکن جي پڄاڻان وڃون ٿا.
    اسان ماڳ پنهنجي ڏي پاڻان وڃون ٿا.

    اسان سونهن، ساڀيان ۽ سچ جي سفر تي،
    ٻڌل چئوکنڀا ته به اُڏاڻا وڃون ٿا.

    ڪبيون پاڻ ۾ پيهي پنهنجون پُڇائون،
    اوهان کان اوهان جا ٿي ماڻا وڃون ٿا.

    نه مارن ۽ جهانگين، نه سانگين سنڀارون،
    سڄي لوڪ کان ڪيئن لڪاڻا وڃون ٿا.

    چرئي چاهه سان گڏ ڪو ويساهه آهي،
    ڪلهن تي کڻيو پاڻ گهاڻا وڃون ٿا.

    سزائن جزائن جي دنيا ته اڳتي،
    حشر جا ڏئي هت پُڇاڻا وڃون ٿا.

    اڙي عشق! ڏس تهمتن جي ننگر ۾!
    وڏي ڳاٽ ڪيئن وڏ گهراڻا وڃون ٿا.



    بي لباس خوابن کي ڪا ريشم جي تقدير ڏئي وڃ،
    سڀ ڪو سپنو ساڀيان ماڻي، اک اک کي تعبير ڏئي وڃ!

    ڀاڳ اڀاڳ جي صحرا ۾ ڪا اَڻ جهل آس اُمنگ ڦٽي،
    سج ارادن جو ڪو اُڀري، باغي ڪا تدبير ڏئي وڃ.

    ماڻهن جي ويرانَ جهنگل ۾ جيون ويڳاڻپ ۾ وڃايو،
    ٿوري ئي پر پنهنجائپ جي کل، خوشي ۽ اُڪير ڏئي وڃ!

    وعدن جي هت موسم بدلي هيل وفا جي پت جهڙ آهي،
    قربن جرڳو ڪوٺايو آ، شاهد عشق اسير ڏئي وڃ!

    ڪالهه ڪتابن ۾ جو پڙهيوسين، جذبن ۾ اڄ دفن ويو ٿي،
    ورق ورائي ڳولي ڦولهي، هڪڙو لفظ ضمير ڏئي وڃ!

    نينهن نيارو پنهنجو ناهي، ساڳيا تون ۽ مان ڀي سائين!
    مانَ رڳو آ مٽيءَ جو، پاڻان خاڪ خمير ڏئي وڃ!

    آدرشن جي اوکي پنڌ ۾ ڪيڏيون مُرڪون قتلام ٿيون،
    انالحق چئي انالحق جو نعرو ۽ تڪبير ڏئي وڃ!


    پيار تنهنجي پچار ۾ جاڳون،
    ڪنهن ڳجهي اختيار ۾ جاڳون.

    دار تي جا ڏيئا ڏيئا ٿي ٻري،
    تنهن سڀاڳي قطار ۾ جاڳون.

    ڪوڪ ڪوئل جو ڪرب ڄاڻون ٿا،
    زندگيءَ جي پڪار ۾ جاڳون.

    ٿر جي مڙني اُداس راتين ۾،
    ڀونءَ ڀٽڪيل بهار ۾ جاڳون.

    مست موکي بنايون جي به هتي،
    تنهن اک جي خمار ۾ جاڳون.

    ڪونج ڪرڪي ٿي جا به ڪانڀي تي،
    او سکي! ان سنڀار ۾ جاڳون.


    سنڌ جهڙو آدرشي عڪس،
    منهنجي لکڻين جهڙو شخص.

    آس ڏسي ٿي آرس موڙي،
    جذبا جهومي ڪن ٿا رقص.

    پاڻ گلابن وانگر مهڪي،
    صبح جهڙي سوچ وٽس.

    هو ته بلاشڪ! پارس آهي،
    سون ڪري وئي سڪ سندس.

    دل ٿي سار صحيفو پنهنجي،
    تات تلاوت ورد اٿس.

    قيد اکين کي ڪيو اوجاڳن،
    ڳالهه ڳوڙهن جي ٿي بيوس.

    وقت ڀلي ڌونڌاڙي ڪيڏو!
    عشق کٽيندو سوڀ اوس!


    ساهه کان معصوم سڪ جون ساعتون ڇو ٿا کسيو؟
    زندگيءَ جي ڳاڙهي ڳل تان چاهتون ڇو ٿا کسيو؟

    رات جي سنگين اک مان ڪو ٽٽي تارو پيو،
    مات جو ڏک مختصر پر آٿتون ڇو ٿا کسيو؟

    هٿ تري طوفان جي تي ڏاڍ جو ٻاري ڏيو،
    چوڪ کان چانڊوڪين جون عادتون ڇو ٿا کسيو؟

    آيتن جهڙين اکين جا غزل ٿا ڳوڙها لکن،
    ياد جي هي بندگي ۽ عبادتون ڇو ٿا کسيو؟

    المين جي مند ۾ جي محبتون قضا ٿيون،
    قرب سانڍيون ساهه ۾ سي امانتون ڇو ٿا کسيو؟

    هر نگر ناموس جو ۽ تهذيب جي هرڪا گهٽي،
    تهمت مڙهي تاريخ تي، عظمتون ڇوٿا کسيو؟


    رات جون پاڙون کُتل پاتال ۾،
    ڏينهن ناهي ڏيهه جو سُر تال ۾.

    چور ڪهڙو آ سوجهرا چورائي ويو،
    راڄ کي شڪ آ رڳو رکپال ۾.

    سور پوکي ٿا اچون ڪيئن چيٽ ۾،
    پور پنهنجا ٿا پَچن ڪيئن پال ۾!

    ڪنجهه ڪولهي جي ائين چئونرن منجهان،
    جيئن سُهاين جو چڙو ڪنهن چال ۾.

    ڏاگهه تي چاڙهي وفا جون موملون،
    عشق کي واري اچو هر حال ۾.

    زندگي تاريخ جو ڄڻ باب آ،
    ڪيئن سگهجي ٿي پروڙي سال ۾!.



    چنڊ خوابن جي غار ۾ مست،
    سج پنهنجي خمار ۾ مست.

    سور پنهنجي ڪکين ۾ پاليون ٿا،
    ايئن حياتي قرار ۾ مست.

    ڪنهن پن ڇڻ جو انت آ پاتو،
    ڪنهن جو ڀاڪر بهار ۾ مست.

    گيت ڪنهن درد جي صدائن جيئن،
    ڏس، تنبوري جي تار ۾ مست.

    چئوڏسائن ۾ روئي چانڊوڪي،
    ڪيڏي اونداهه ڌڪار ۾ مست.

    اوءِ! سسئي ٻروچ هر ڪو پنهون،
    توسان وعدن جي ڄار ۾ مست.



    ڳوٺ جا چارا ۽ گهر گم ٿي ويا،
    رات کان پنهنجا پهر گم ٿي ويا.

    هيل سانوڻ لئي به امبر اوپرو،
    وڄ وراڪا ۽ ڪڪر گم ٿي ويا.

    زندگي جو وقت ويو کيسو ڪپي،
    ساهه ها سونا، مگر گم ٿي ويا.

    ننڊ نگري نانءُ منهنجي گام جو،
    جاڳ جا سارا سمر گم ٿي ويا.

    ايڪويهون جُڳ اچي آڏو ويو،
    ماڳ ڏانهن سانباهه پر گم ٿي ويا.

    جن مان جوڙيون ٿي ڦڪيون تون قوم لئه،
    ويڄ تو کان سي وکر گم ٿي ويا.

    وقت سان گڏ دل جي ديوارن مٿان،
    عاشقي جا سڀ اکر گم ٿي ويا.



    ضميرن جي صحيفن تي جڏهن چانڊاڻ جاڳي ٿي.
    اکين ۾ انقلابن جي تڏهن ڳاڙهاڻ جاڳي ٿي.

    بهارن جي بخيلي ڏس، هوائون بي هڳاءُ بڻيون،
    گلابن جي چمين سان پر سڳنڌ سرهاڻ جاڳي ٿي.

    مسافر ڏينهن جا ماريا وڃن پيا واٽ اوندهه ۾،
    انهن جي رت شهادت مان ڪُٺل لالاڻ جاڳي ٿي.

    اَسارو عشق جو آڪاس، سڏڪي سڪ جي ڌرتي،
    وفا جي اعتبارن ۾ ڳُتيل نرماڻ جاڳي ٿي.

    ڦٽن ٿا زندگي مان پيا دغا جي ڌوڙ جا نغما،
    صدائن ۾ ڪڪوريل ڪرب جي ڪلياڻ جاڳي ٿي.

    ڏکويل ڏيهه ۾ پوکي خوشي جي ڪهڪشان جو ٻج،
    ڪلا جي نرم آنچل ۾ نکٽ اڇّاڻ جاڳي ٿي.


    رکون خواب ڪهڙا اکين ۾ سنڀالي،
    اميدن ڪيو خود فريبي حوالي.

    اُداسي ۾ ماريل نهارون هزارين،
    اپاهج ڪئي مُرڪ جيون ڪشالي.

    نسل مفلسيءَ جو وکر جيئن وڪامي،
    ڪٺو ماڻهپو اڄ ڳڀي جي اُڀالي.

    ارادن ۾ نفرت ۽ بي رحم سوچون،
    هٿي رهزني کي ڏني ڏاڍ پالي.

    جتي پاڻ منصف هجي من ميرو،
    اُتي ڇا نبيرو ٿئي نياءُ نالي؟

    هراسيل زبانون سوالن ۾ اُلڪا،
    سرابن وڪوڙي وڌو منجهه مڏالي.

    هتي طلسماتي هوائون گُهلن ڪي،
    ڌڪي معجزو ڪو ڏکن کي هڪالي.


    ڀونءَ تي خود غرضي جي ڪاهه،
    دل جي سرحد تي ڀڃ ڊاهه.

    احساسن جي آتم هتيا،
    ماڻهو ساڻ بغاوت آهه.

    شهر سڃي ۾ ڳوليون ويٺا،
    ويل، ويلَ جا ڏوهه گناهه.

    ڏينهن ڏٺي جا ڀرم رکن پيا،
    ڪيڏو راتين تي ويساهه.

    ڪهڙي ڪونج اُڏار گگن ۾!
    ڪهڙي ڌرتيءَ جاءِ پناهه!

    مند جفا جي ٽاڪ منجهند ۾،
    الف اُگهاڙو ساهه پساهه.

    پوڄا سان ڪئين پٿر جاڳن!
    اڻ ٿيڻي ڪا ٿيڻي ناهه.

    شام غريبان بنجي ويا هن،
    پنهنجا جذبا پنهنجو چاهه!


    اوهان کي وسارڻ ڏکيو آ ڏکيو،
    اسان هانوَ هارڻ ڪٿي آ سکيو.

    سدا مند سپنا انهن کان رُسيا،
    اوهان جي اکين جن اکين کي ڪکيو.

    ڪريو سار سنگسار دل کي وڃي،
    اچي حوصلو پيو وڇوڙا چکيو.

    انهن سان شڪايت ڪٿي ٿي ٺهي،
    جنهنَ کي اسان هو لکن مان لکيو.

    ڀلي درد دستور پنهنجا هلي،
    اسان عشق کي معتبر آ رکيو.

    جدوجهد ناهي ته جنت به ڇا؟
    ٺلهو ڪيسين رهبو چکيو ۽ مکيو.

    اميدون اُجهاڻيون ۽ سُڏڪا سُتا،
    اڃا من اوسيئڙي ۾ آهي ٻَکيو.

    رڳو مان ته ناهيان سڄو ڏيهه ڏس!
    فقط مُرڪ هڪ لاءِ ڪيڏو بکيو!

    ڌراوت اسان جي اوهان نانءُ سڀ،
    غزل، گيت ۽ زندگيءَ جو لکيو.



    اُماوس ٻاٽ ۾ ٽمڪي، ٽانڊاڻو ٿي کڙيا آهيون،
    سياري جي سياڪن ۾ اُتت اُس جئن سڙيا آهيون.

    نڪي سرمد، بلاول ۽ عنايت ٿي سگهياسون پر،
    اسين طوفان جي تک ساڻ هاڙهو ٿي لڙيا آهيون.

    پروڙي لوڪ سارو ويو، اوهان کي ئي خبر ڪانهي،
    پسي ڏس درسي دل جي اوهان جي جيءُ جڙيا آهيون.

    زمانا، تون اسان تي ڇو رکين ٿو اڄ به اک ميري؟
    اسان تنهن جي سُڃي ڪک مان گلابن جئن ٽڙيا آهيون.

    جڏهن گوندر ڇڏيو ڳوهي تڏهن ادراڪ جي چڪَ تي،
    مٽيءَ جي ٿانوَ وانگر سڀ اسين شاعر گهڙيا آهيون.

    اسان کي موت جي هر مام بخشي هي حياتي آ،
    اسان هِت ٿا اَڏيون جنت هُتان کان جي تڙيا آهيون.


    پنهنجي دل ڪا دوزخ آهي.
    چين سڪون جو نالو ناهي.

    اخبارن ۾ خبرون پڙهندي،
    سوچون روز چڙهن ٿيون ڦاهي.

    ڊوڙون ڊوڙ اجائي ڇو پيا؟
    ڳالهه نه سمجهائي ڪنهن ڏاهي.

    ڏينهن جي اُس ڪري اڳرائي،
    رات پرهه جا پيرا ڊاهي.

    دهشتگردي پاڻيءَ وانگر،
    ڀونءَ تي بيهڪ پيئي ٺاهي.

    درد اوهان جيان ارڏو، اوکو،
    ماريندو پر ساهي، ساهي!



    اڃا ٿري ٿو سمهي بکايل،
    مُئي نه راڪاس رات ٿر ۾.

    غريب قسمت رکي ويو گروي،
    سگهيو نه موٽي هيهات ٿر ۾!

    دنيا وئي ٿي آڙاهه غم جو،
    اُداس لامن ۾ لات ٿر ۾.

    گهٽا وسي ٿي ڀِٽن، برن تي،
    وٺي سکن جي نه ڏات ٿر ۾.

    اها ڏهر ۾ جا روشني آ،
    نئين نسل جي ته ڇات ٿر ۾.

    ٿڪا نه ٿوهر اڃا رُڃن مان،
    مڃي نه مورن به مات ٿر ۾.



    مرڪ منهنجي ٽوڪ ٿي، هر آس بڻجي وئي پٿر،
    موت کان اڳ خواب مرندا، مون نه ڄاتو هو مگر.

    سچ جي انگ انگ ۾ اوزون وانگر انگهه پيا،
    سوجهرن جي لڄ لٽي آ، روشني پيتو زهر.

    پير پٽ تي ڪيئن ڌريون، ڌرتي ڌٻي ٿي ڄڻ پئي،
    ڀِٽ هرڪا ڀروسي جي، ائين ڀُري جيئن ڪو ڀتر.

    قربتن جي قافلن آ ڪربلا ۾ ڪيو پڙاءُ،
    قاتلن جا هٿ چمي ٿي، زندگي ڏس بي خبر.

    سون جهڙي سوچ ۾ هيرن ڪڻيون هر گهاءُ آ،
    هر زخم کي سوڀ سمجهي درد جو جهاڳيون سفر.

    ها! سڻون پيا سڏڪا آهن ساهه جي پڙلاءُ ۾،
    روڄ جو آ رقص جاري هر اڪيلي من اندر.

    وقت جو هر واهرو، پاڻان وڃايل واٽ ٿيو،
    ڪير ڳولي ڪنهن کي پيو، هرڪو هتي آ دربدر.


    محروميون ۽ زخمي رستا،
    قوم لتاڙي پئي سربستا.

    ملهه مهانگيون پنهنجون خوشيون،
    پنهنجا ساهه سدائين سستا.

    ڪالهه رڳو ڪشڪول هو هڪڙو،
    هاڻ ڏسون هٿ هٿ ۾ ڪستا.

    پاڇولن جو قد آ ڪهڙو،
    نٽهڻ اُس ۾ ننڍڙا پستا.

    پاڻ پُکي ۾ اُڃ جي پياسون،
    ڊيم پيا اڏجن هت برجستا.

    اعلان اکر هي ڪوڙا سڀ،
    قانون سمورا بي لستا.

    ويڄ ڪويڄ اسان جا آهن،
    ڀونءَ جا سڏڪا ناهن نستا.

    ڪيڏي انهن جي ادا نياري،
    گولين سان گڏ ڏين گلدستا.



    جدائي کان ڇڏائي جند، ڪي گهڙيون ملي ڏسون،
    حياتي ڀر رُنا آهيون، وري مُرڪي کلي ڏسون!

    اُڏامڻ جي رکيسون آس، ويو وسري هلڻ پاڻان،
    اچو ڀونءَ تي ڊُڪي ڪنهن ڊيل جيئن ٻيهر ٽلي ڏسون!

    ڏسون ڳولي گهٽي هرڪنڊ جذبن جي جواني جي،
    اَڌوري جا رهي سا اڄ اوهان سان ڳالهه سلي ڏسون!

    نه هو ممڪن اسان جو ساٿ ڪا منزل نه ماڻيسون،
    اڃا ڪجهه وقت آهي، ماڳ پنهنجو هل هلي ڏسون!

    ڌڳائي آڳ جا ڌُوتن ٻرن پيا ٻاٻرا ٽانڊا،
    اسان وٽ سچ ڏکن جو آ بنا ڪنهن ڀؤ جلي ڏسون!


    لوچ اسان جي سورهه ٻل،
    جذبا جاڳن جاڳ مثل.

    ٿاڪ نه ڪنهن تي ٿا نيڪيون،
    سوچون جوڳين جيئن اجهل.

    پيار اسان جو پانڌيئڙو،
    پيرن هيٺان ڀونءَ تتل.

    جُهڙ جُهڙالي وانگر آ،
    نانوَ سڄڻ جو ڇانوَ بڻيل.

    ياد نه آهي ڪهڙي رات!
    ڳوڙهن ڪونه پُسائي ڳل!



    پورن ۾ اڻ پورا ٿي ويا،
    چهرا چنڊ اڌورا ٿي ويا.

    رات ڄڻي پئي ڪاريون چڻنگون،
    ڏينهن جا ڏِڻ پورا ٿي ويا.

    ذهن وفا کي وڪڻي ويٺو،
    عشق اُجهاڻل کورا ٿي ويا.

    صدين جيڏا ڏک اجهاڳي،
    گيت اسان جا مورا ٿي ويا.

    تعبيرن جا خدا ڳولي،
    خواب اجنتا، الورا ٿي ويا.

    ڪشڪول دعا جا سکڻا سڀ،
    سانت ورد سمورا ٿي ويا.

    پنهنجا ثواب گناهن جهڙا،
    تنهن جا ڏوهه سڳورا ٿي ويا.



    ويهه صديءَ ويچاري جڳ ۾،
    سال به سال مياري جڳ ۾.

    چاهه سياست جي ڪوٽا تي،
    قربت ڪاروباري جڳ ۾.

    سانت ۾ سڏ پيو ڪو اُڇلي،
    ڪانهي ها، هاڪاري جڳ ۾.

    نانگ نگاهن جا ڏنگي ويا جي،
    سونهن سراپيل ڪاري جڳ ۾.

    هر دم هت غمگين هوائون،
    هرڪا مند ڏکاري جڳ ۾.

    ڀونرن ڀيليون من جو مُرڪون،
    جذبن جي ڦر ماري جڳ ۾.

    ذهنن کان ادراڪ رٺو آ،
    ڏاهپ برهما چاري جڳ ۾.

    سچ کان ڌرتيءَ کسجي پيئي،
    آ جنگ مهاڀاري جڳ ۾.


    اسان نينهن سان پت پاري ڇڏي آ.
    حياتي اوهان جي اشاري ڇڏي آ.

    رڳو جاڳ گهرجي، جيئون جاڳ جي لئه،
    اسان ننڊ نيڻان اُٿاري ڇڏي آ.

    نڪو ڏينهن آهي نه ڪا رات آهي،
    اسان رُت هرڪا بيهاري ڇڏي آ.

    وفا وقت جي ڪنهن غفا ۾ نه گم ٿي،
    رکي سام سچ جي پناري ڇڏي آ.

    ڀلايون برهه جون پُڳا ماڳ آهيون،
    ائين سڪ سکڻي سنواري ڇڏي آ.

    نه ڪي تڙ اوتڙ ڏٺاسي ڪڏهن ڀي،
    اسان نائو سک جي ڌتاري ڇڏي آ.

    پرهه کي پڇائي ٿڪاسون نه ٿڪجون!
    اسان ڳهر ڳاري پگهاري ڇڏي آ.

    جُڳن کان جيئڻ جي رکي جنگ جاري،
    اسان ڏات هرڪا جيئاري ڇڏي آ.




    زندگي زهر پر،
    پوءِ به آ معتبر.

    خوبصورت خواب کان،
    اک رهي بي خبر.

    عشق جا قافلا،
    سُڃ ۾ دربدر.

    مرڪندڙ هر خوشي،
    اڄ به آ مختصر.

    هت وفائون رهن،
    منتظر، منتظر!

    ماڻهپي جو رڳو،
    ڪر قدر، بي قدر.



    اوهان کان ايئن، پري ٿي ڪيئن، اسان جي آسري ويئي.
    غريبي سرد اوگهڙ ۾ ڊسمبر جيئن ٺري ويئي.

    الائي مند ڪهڙي ۾ ٿيو من سرڳواسي هو،
    دغا جون موسمون آيون ڪنواري سڪ مري ويئي.

    اسين رولاڪ راهون ٿي، رٺل ڪي روح جهاڳيون پيا،
    نصيبن کان پري پر پيار جي ٿيندي پري ويئي.

    نهارن کان نمازون نينهن، دعا جا ٻُڪ قضا ٿي ويا،
    اميدن جي اُمامت ڀي نگاهن کان ٽري ويئي.

    ضعيفن تي لڳي جي ضرب هيڻن حال پڇيو آ،
    ٻُڏل ٻيڙي ٻَڌي سان اڄ بنا ناکي تري ويئي.

    محبت کي خدا مڃجي، پراڻي رسم يا، پيارا،
    وفا تي درد جي واري وڇوڙو ٿي وري ويئي.

    مهانگيون خواب جون اکيون، اَڻ ملهه آرزو جي دل،
    اڄوڪي دور حاضر وٽ رکي گروي چري ويئي.

    نه آهي راند ٻاراڻي، چيو ڏاهي لطيف سائين!
    اکر هڪ عشق پروڙڻ ۾ کپي هستي ڳري ويئي.



    ڌماڪا ۽ ڌاڙا رڳو موت منظر،
    سلامت نه لوئي نڪا لڄّ چادر.

    ڏٺو ڪالهه “يوسف پلازه” ۾ ڪربل،
    متو هاڻ ماتام ڪولهين ۾ گهر گهر.

    دراوڙ جي ڌرتيءَ مٿان رقص راوڻ،
    ڦري برڙ باڪاس ٿر، بر، شهر.

    يزيدي رِيا جي رکن سوچ ڪاري،
    بمن سان اُڏائن مسجدون ۽ مندر.

    جهالت، جنونيت ۽ وحشت وڙهي پئي،
    عنايت ۽ منصور جهڪندا نه ڪنهن پر.



    جوڙيون عشق عبادت گاهون.
    انسانن جون پيار پناهون.

    مايوسي جي ماڪ ڀنل مان،
    سوچون للڪاري ڪن ڪاهون.

    چهرن تي چانڊاڻ چٽي ٿي،
    مُرڪن ڳوليون منزل گاهون.

    سار اسان جي جوڀن ماڻيو،
    ويساهن سان ٻکي ٻانهون.

    ضبط جڏهن ٿي من جي موسم،
    پن ڇڻ ڇانگيون نينهن نگاهون.

    هرڪو پنهنجو راڳ الاپي،
    سڀ ڪو سمجهي پاڻ مٿاهون.

    ڏات اسان کي ڏيکاري وئي،
    پنڌ نٽهڻ جو، اُڃ جون راهون.


    ڏکن جو ڏڌ ڏمر ڪيڏو!
    سکن ڪاٽيو سفر ڪيڏو!

    بکايل هت بهارون ڏس،
    اُڃايل آ ابر ڪيڏو!

    هڏن تان ماس ٿو اُلڙي،
    متارو ٿيو جبر ڪيڏو!

    مئا وسڪار، واچوڙا،
    هوائن ۾ زهر ڪيڏو!

    نگاهون ڪينسر واڳيون،
    نظر جو بدنظر ڪيڏو!

    سچاين کي به ٿا ڀيلين،
    ڪٺورن وٽ ڪفر ڪيڏو!

    زڪاتون ۽ عُشر اڳرا،
    اگهاڙو پر اَجر ڪيڏو!

    لکي پيو آيتون اڄ جون،
    ڪوي پيغامبر ڪيڏو!


    عشق اجهاڳي اڃا پيو صحرا،
    سونهن مٿان سرداري پهرا.

    ساڃاهپ جون بند زبانون،
    آڙاهن جا نياءُ اُٻهرا.

    ڪاڪ اسان وٽ ڪاري اڄ ڀي،
    ڪارا ٿين پيا سّج سنهرا.

    شهر وفا جون قيد هوائون،
    گم سم گهٽيون، باندي چهرا.

    سنڌو جي ساهن ۾ اُسرن،
    ڏاڍاين جا کرپٽ کهرا.

    فطرت جي هر سونهن امر آ،
    لوڪ سياڻپ جا چٽ گهرا.

    چيچ اسان جي سچ جي هٿ ۾،
    پيچ ازل جا پينا نهرا.


    آڙاهن جا نياءُ - چرٻيلي تي هلڻ وارو فيصلو



    ساهه جيڏو سڙيو،
    روح تيڏو رڙيو.

    پيار پنهنجو سڄڻ،
    جڳ سڄي سان لڙيو.

    سونهن چُرپُر ڪئي،
    پير پيري ڪڙيو.

    هُو ته آزاد هو،
    پَر پساري ڦڙيو.

    ڪو سزا ۾ مگن،
    ڪو جزا ۾ اڙيو.


    اسان سان ڪئي عشق ڪيڏي ٻيائي،
    جمهوري رکي راڄ، ڪري پيو خدائي.

    ستارن جي ٽم ٽم، گلابن جي خوشبوءَ،
    ڏياريو وڃي ياد ڪنهن جي سچائي.

    ڪلا قرب کي جا به ارپي ڇڏيسون،
    اسان جي اَمر ٿي حياتي اهائي.

    اڙي چنڊ! پرچي پئو هاڻ تون ڀي،
    اسان ڀي ڇڏي آهه ڪاوڙ اجائي.

    جتي پيار مهڪي، وڃي سونهن ڦلاري،
    اها جوءُ سڀاڳي اها رُت سجائي.



    خوشبو وانگر وکري وڃبو،
    هوريان، هوريان وسري وڃبو.

    جيون هولي، پيار پرولي،
    سڀ رنگ ميڙي نکري وڃبو.

    نينهن نٺر هي پوکيون ويٺا،
    سُنڍ دلين مان نسري وڃبو.

    انسانيت جي آڳ امر تي،
    پاڻ پگهاري وگهري وڃبو.

    پاڻ مسافر، انڌيون واٽون،
    دل جي ڏڍ تي نبري وڃبو.

    سج لٿي جو پنڌ عذاب آ،
    ساري ساجهر نڪري وڃبو.


    قلم جا ڪاليداس لُڇن پيا،
    ڌرتي ۽ آڪاس لُڇن پيا.

    سونهن، سڳنڌ جو سڏڪو ساڻو،
    سپنا ڪي بي آس لڇن پيا.

    روح اميدن جا سڀ رڻ پٽ،
    ڀرم ڀريو، وشواس لڇن پيا

    لفظ اُجهاڻل تيلي وانگر،
    تخليقي احساس لُڇن پيا.

    جذبن جي بي ست ڀاڪر ۾،
    سڪ جا نيڻ اُداس لُڇن پيا.

    ڌرتي تنهنجي شهر نگر جا،
    آدرشي اِتهاس لُڇن پيا.

    نانوَ سڄڻ جو لب تي ايندي،
    اکڙين جا الماس لُڇن پيا.



    وهي وقت جي وئي وٿين مان وهي،
    اڃا سور سنجرن اٿن ڪا کهي.

    بتاوا بهانا ڀلا ڪيستائين،
    چڱو يا لڱو پر نبيريو سهي.

    وِرهه جي وڄن ۾ وڪوڙيل اسين،
    برهه جي نه برکا اسان سان ٺهي.

    ميساري ڇڏيوسين سڄو ساهه پر،
    چٽيل نانءُ دل تان نه سگهيو ڊهي.

    ڦرن سج ۽ ڌرتيءَ جيئن محور مٿان،
    ڪڏهن نيٺ ايندا اوهان ڀي ڪهي.

    پساهن جي رُڃ ۾ اميدن جي اَڇّ،
    بکي ٿي اڃا توڙي سج ويو لهي!



    اڃا درد دل جو ڪفر پيو ڪري،
    هُري هانءُ هر هر اوهان کي گُهري.

    بهارن ۾ ڀونءَ جي خوشي ۾ رهون خوش،
    ڪُٺل موسمن ۾ ڀلا ڪيئن سري!

    ٻري ڪاڪ جا سڀ اُجهاڻا ڏيا،
    اڃا موٽ کاڌي نه آ مينڌري.

    متان خواب وڪڻو رکو آسرو،
    سسئي جي سڏن سان جبل ٿو ڏري.

    اُٿو، سنڌ واسي، سڏي سنڌ ٿي،
    اوهان کان هي ڌرتي ڌاريو پيو ڦري.



    خوشي جي ڀير وڄايو،
    وياڪل من ڏکي ڏاڍو!

    لڳي ٿو سار جو اوٿر،
    اسان جو ساهه وارياسو.

    اوهان بن روح جي اجرڪ،
    بنا رنگ پور جو ڇاپو.

    اُجهامي رک ٿيون آسون،
    وري ڪنهن ڪونج ڪرلايو.

    ڪري ڪو پيار ۾ پرڻو،
    ڪُهي ڪو ڀيڻ پيو ڪارو.

    سڏي پيو لاڙ لاکيڻو،
    اسان تان غم ڪڪر لاهيو،

    اسان سنڌو مٺي وانگر،
    زمانو ڄڻ سمنڊ ٻاڙو.



    پاڻ اُتاهان ڪارونجهر،
    ساهه اسان جو اڇڙو ٿر.

    غربت جي گدلي سينور ۾،
    نسرن ڪيڏا نرڄا سر!

    ناري ناهي ٻير پڪل ڪا،
    ڌُوڻ نه ڌُوتا، هڻ نه ڀتر.

    سڱ چٽي ۾ معصوم اگهامي،
    بي حس جڳ جي عام خبر.

    انسان ڦري حيوان ٿيو آ،
    احساسن جون اکيون بنجر.



    تون ۽ آئون وهائو تارو،
    جڳ سڄو اونداهو سارو.

    ڀاڪر منجهه ڀري وٺ مون کي،
    ماري ويندو هيل سيارو.

    هاڻ صليبن تان ڀي سپنا،
    مرڪي ڪن ٿا جيت اشارو.

    تنهنجي سار بنا ڪو هڪڙو،
    ساهه به پنهنجو آهه ڪفارو.

    وڌوا ناهي منزل پنهنجي،
    جيئرو آهي جيون چارو.



    اڪيلا، اڪيلا، توائي، توائي.
    نڪو ٻانهن ٻيلي نڪو حال ڀائي.

    رڳو آس نٽهڻ اسان جي ڇپر ۾،
    ڪڏهن ڀي نه ڀلجي ٿڌي ڇانءُ آئي.

    دعا ڀي ڏنا خوب دوکا اسان کي،
    نه مولا نه ماڻهو جي ئي در اگهائي.

    ڀلا ڀال پنهنجا ڀلايا اُداسي،
    سدا گهر اسان جي تي آئي سوائي.

    گنهگار، ڏوهي، دروهي سي سڏجن،
    جنهين جي جهوليءَ ۾ سمائي سچائي.



    پتنگن جيان جيءَ جلايو ته مڃجي،
    تپي لوهه تيئن تن تپايو ته مڃجي.

    سوين سور سختيون ۽ هاڃا هجن ڀل،
    ڪُڏي ڪنڌ سچ تان ڪپايو ته مڃجي.

    بلاشڪ! سچائي جي پرکا ڏکي پر،
    اکين ساڻ اکڙيون ملايو ته مڃجي.

    بلاول ۽ منصور کٽڻا نه کُٽندا،
    اوهين دار چاڙهي کٽايو ته مڃجي.

    سکن ۾ سلامي، ڪلامي ٿين سڀ،
    ڏکن ۾ به ساٿي سڏايو ته مڃجي.

    پلڻ دل وڏي ڳالهه ناهي مڃوسين،
    تڙي سار دل مان تڙايو ته مڃجي.

    ڏيو ڏوهه اسان کي خطا ۽ جفا جو،
    وفا پر اوهين جي نڀايو ته مڃجي.

    برهه باهه ساڙي سڪا توڙي آلا،
    اها سڪ ڪسوٽي سهايو ته مڃجي.

    چپن تي چُپاتا ٻرن من ۾ کورا،
    ڪڙي قيد سوچون ڪرايو ته مڃجي.

    ازل کان ائين اُڀ سڪايو پسون ٿا،
    زمين ساڻ ان کي ملايو ته مڃجي.


    خوشين جي ڪينجهر کسي وئي آ،
    رنگن کان هولي رُسي وئي آ.

    سمهي پيو آ چاهه چپن جو.
    مُرڪن ۾ ننڊ وسي وئي آ.

    سچ سيکاري جرح اسان کي،
    ڳالهه جي غلط ڏسي وئي آ.

    رات، پرهه جي سرخ اکين ۾،
    پنهنجو انت پسي وئي آ.

    دهشت ٿيو دستور سياسي،
    جمهوريت ٿي ڪسي وئي آ.


    گُهرجن جي گوندر ۾ رهون ٿا.
    اڌ اڏيل ڪنهن گهر ۾ رهون ٿا.

    سانڀر ۾ سنڀارون جن جون،
    تن سان ئي ويسر ۾ رهون ٿا.

    سوچ سهاڳڻ، آس ڏهاڳي،
    پاڻ ٻنهي سان پَر ۾ رهون ٿا.

    جيون جي هر جوءُ اڻانگي،
    رستن ساڻ سفر ۾ رهون ٿا.

    سک جي ڇانوَ وڃي ٿي ساڙي،
    ڏک جي ڀر، ڀاڪر ۾ رهون ٿا.

    پيار اسانجو لُڪ لوساٽيل،
    سڪ اُساٽيل بر ۾ رهون ٿا.

    هن ڌرتيءَ جا سقراط اسين،
    اوندهه جي آڳر ۾ رهون ٿا.

    هر ڪنهن لفظ جي معنيٰ وانگر،
    پنهنجي شعر، نثر ۾ رهون ٿا.



    مون آڳ جو اوڇڻ اوڍيو آ،
    مون چنڊ اڱڻ تان لوڌيو آ.

    مون پوٿيون اُپٽي پيڙهين جون،
    نُک نسلن جي کي ڳوليو آ.

    مون چيٺيا ڏنگ پراون جا،
    ۽ پيار منن ۾ پوکيو آ.

    مون ماڻهو ڄاتو ماڻهو کي،
    جنهن ماڻهو ڪارڻ سوچيو آ.

    مون سانڀي سڪ سچائي جي،
    ڄڻ سورن کان سُک سوديو آ.

    مون ارڪو ترڪو اَرپي سڀ،
    سنڌ مٿان پاڻ به گهوريو آ.

    مون پوڄيو عشق پناهن کي،
    معبود وفا کي ڪوٺيو آ.



    سانوڻ، خوشبو ۽ چانڊوڪي،
    اڄ ٿي ويا، ڳالهه ڪالهوڪي.

    رابيل اکين جا شرمائن
    سار سکي وٽ آ راتوڪي.

    پنهنجو عشق ازل جو ساجن
    مهين دڙو تاريخ هاڻوڪي

    خيال اسان جا آيتون آهن،
    سوچ سڀيتا جئن ٺاهوڪي

    ڳوٺاڻو آ پيار اسان جو،
    پنهنجو روح به ڄڻ راهوڪي.

    ڇوهه منجهاران ڇال ڏئي ٿي،
    هي جا سر جي سِٽ سانجهوڪي




    من جا گهاءُ اُڌارا نڪتا،
    نانو سڄڻ جي سارا نڪتا.

    چنڊ جي جَهڙ تِي سج ورتي آ،
    ڏوهاري سڀ تارا نڪتا.

    ڪيڏيون تقديرن جون گهوٻيون،
    ڪيڏا ڀاڳ اَ سارا نڪتا.

    پيار اسان جو پيرين اُگهاڙو،
    پٿر نينهن نظارا نڪتا.

    چپ تي چاهه چمين جون آهون،
    زخمي انگل آرا نڪتا.

    محروميون رنگين اسان جون،
    دل جا جوڳ نيارا نڪتا.

    گيت اسان جي توکي ارپيا،
    قومي سي ڪيڏارا نڪتا.



    پنهنجا سڏ پراڻا ٿي ويا.
    يا هي لوڪ سياڻا ٿي ويا.

    ذهنن جي نگري ۾ نستا،
    اکرن جا آڏاڻا ٿي ويا.

    سپنن پويان ڊوڙي، ڊوڙي،
    جذبا سنڍ ۽ ساڻا ٿي ويا.

    مالڪ منهنجي ڌرتيءَ جا اڄ،
    پنهنجي ڀونءَ ڌڪاڻا ٿي ويا.

    پنڊ پهڻ سوچن جا ساجن،
    نيڻن منجهه نه ڄاڻا ٿي ويا.


    نظم

    معبود

    ڪوئي نه ڄاڻي تنهن جي ڄاڻ،
    پاڻ سڃاڻين پنهنجو پاڻ،
    تون ئي اوکو، تون ئي سوکو،
    تون ئي اوکي، سئوکي ساڻ.

    فطرت جو معبود سڏائين،
    ڏاهپ کي ڀي تنهن جي ڏاڻ،
    جيون، جوڀن، جوت ۽ جلوو،
    تون ئي ڪارڻ تون ئي ڪاڻ.

    پارهيڙي، پرواز ۽ پنڇي،
    تون تاڪائو تڪ ۽ تاڻ،
    ڊاهين، ٺاهين، پاڻ سڃاڻين،
    تون ئي واهر تون ئي وڃاڻ.

    منهن جي ڏات ۾ سمجهه ۽ ساڃاهه
    او! آڻيندڙ تون ئي آڻ!



    امر انقلابي اسان جو ڀٽائي!

    سڄي ڏيهه جي ڏات جو واهرو هو،
    تصور ڏنو جنهن وطن سان وفا جو،
    ۽ ڀونءِ جي مٽي کي به ايمان سمجهي،
    ڀِٽن جي بدن تي لکي آيتون ويو،
    سٽن ۾ سٽي جنهن عوامي خدائي!
    امر انقلابي،
    اسان جو ڀٽائي!
    جُڳن کان ڪوي هي جبر سان لڙي پيو،
    اميدن، اصولن ۾ جوتون جڙي پيو،
    پرهه کي پروئي سجاڳي جي تند ۾،
    کڻي خواب آزاد، اوندهه تڙي پيو،
    محبت جو منشور، ڏاهپ، سچائي!
    امر انقلابي،
    اسان جو ڀٽائي!
    اسان ڀٽ ڌڻيءَ کي پروڙيو ڪٿي آ،
    سندن فلسفي ڪاڻ ووڙيو ڪٿي آ،
    ڏئي حوصلن جو ڪو امتحان سچ پچ،
    اُٿي پير ڌرتيءَ تي کوڙيو ڪٿي آ،
    ڪري عشق عبادت، ٻڌي، سورهيائي!
    امر انقلابي،
    اسان جو ڀٽائي!



    سنڌڙيءَ کي ايمان چيو آ

    اي پيار! اسان پنهنجو جيون،
    هر حال ۾ توتان گهوريو آ.
    اي سار! اسان سچائي سان،
    هر دور ۾ ڪنڌ ڪڪوريو آ.
    اي دوست! اسان پنهنجي دل ۾،
    دنيا جو درد سمايو آ.
    اي ميت! اسان ڀي ساهن جي،
    هر زخم کي ديپ بنايو آ.
    اي نينهن! اسان هر ناتي کي،
    نوري تان قربان ڪيو آ.
    اي عشق! اسان تنهنجي آڏو،
    هر آشا جو اپمان ڪيو آ.
    اي جند! اسان هر جهوريءَ ۾،
    جذبن جو جهرمر ڪاڪ اڏيو آ،
    اي سنڌ! اسان منصور جيان،
    هر سوري کي محبوب سڏيو آ.
    اي جاڳ! اسان ساڳيا ڏاهر،
    جن ديس مٿان سردان ڪيو آ.
    اي ڏات! اسان ساڳيا شاعر،
    جن سنڌڙيءَ کي ايمان چيو آ.



    سنڌ جي سڃاڻ مجيدي!

    انسانن جي آزاديءَ ۽
    عظمت جو اهڃاڻ مجيدي،
    قومي ڪاڪ ڪويتا ۾ آ،
    جاڳرتا ٿيو پاڻ مجيدي!

    هن آدرشن جا ڏس ڏنا،
    هن ماڳ رسڻ جا گس ڏنا،
    سنڌ سڄي ۾ نانوَ ڪري ويو،
    ٻولي جو سرواڻ مجيدي!

    جاکوڙيو هن وستي واهڻ،
    ماڻهو، ماڻهو کي جاڳائڻ،
    سوراج سچائي جو سچ پچ،
    اُڌمن جو اڳواڻ مجيدي!

    مور نه جابر جي ڪاڻ ڪڍي،
    ۽ نه ڪنهن آمر جي آڻ مڃي،
    سرجڻهار سجاڳي جو هي،
    ڏاهپ، ڏات سڄاڻ مجيدي!

    هاري، پورهيت، ورڪر سارا،
    جهوريل جهانگي هن جا پيارا،
    ڏيهه ۾ سکّ اَمن جو ساکي،
    ڏاڍن ۾ مانڌاڻ مجيدي!

    ماروئڙن جي جيءُ ۾ جايون،
    جي هن جذبن ساڻ جڙايون،
    انقلابي عزم سراپا،
    مٽيءَ جي سرهاڻ مجيدي!

    ڌرتي تنهنجي تون ڌرتيءَ جو،
    انت نه ڪڏهن عشق جو ٿيندو،
    جُڳ جُڳاندر جئڻو آهين،
    تون سنڌ جي سڃاڻ مجيدي!



    ڪڏهن رات کُٽندي!

    هي ڪارا ۽ ميرا، انڌيرا انڌيرا،
    سڀئي پنڌ پيرا، انڌيرا انڌيرا.

    نه ٽيڙو ٽڙن ٿا نه ڪي گل کڙن ٿا،
    نه ئي ڀونئر ڀيرا، انڌيرا انڌيرا.

    سوين سور سيني ۾ سرنگهون هڻي ويا،
    ٻريا پر نه ٻيرا، انڌيرا انڌيرا.

    اسان وٽ حياتي سڄي ويا گذاري،
    اڱڻ تي انڌيرا، انڌيرا انڌيرا.

    ڪڏهن رات کُٽندي ڪڏهن باک ڦٽندي،
    رُسي ويا سويرا، انڌيرا انڌيرا.



    جذبن جي عدالت

    ضمير منهن جو وڪيل آهي،
    قلم سان قومي ويڙهه وڙهي ٿو،
    ۽ پڻ آهي جاڳ سفر ۾،
    بي رياءُ جج جذبن جو،
    معاشرتي متڀيد مِٽائي،
    اعتبارن جي اکين سان،
    استحصالي ايوانن کان،
    انساني انصاف گُهري ٿو،
    وچن ٿو ائين ورجائي
    يقين سان ايمانداريءَ جو،
    تڏهن هي ڌنوانَ ڏات منهنجي،
    فڪر جي سچائي جو سرچشمو ٿي،
    سُرهي صندل سوچ کڻي،
    سنڌ جي سندر صبح جهڙيون،
    ڪونج ڪويتائون لکي ٿي،
    محبتن جا منشور ٺاهي،
    سنڌ وارن کي اَرپڻ لائي !!




    اڙي او! سنڌ جا واسيو!

    سدائين ڀٽ ڌڻي تي ٿي ڌڳي پئي روشني دل جي،
    عبادت ٿي ڪري سجدا، ٿئي ٿي بندگي دل جي،
    لطيفي لات جو پيغام حق، سچ بي خودي دل جي،
    ڏئي ٿي ڏات سڏ قومي ٻڌي جو ۽ خوشي دل جي،
    اڙي او! سنڌ جا واسيو!
    اچو هڪ ٿي ۽ سڀ گڏجي،
    سڏي جيجل پئي پنهنجي!
    وٺو حق پاڻ پنهنجا هاڻ، غاصب کان ڦري زوري،
    ڪري دهشت به جو پيو شان شوڪت ساڻ مغروري،
    اُگهو ڳوڙها ڪراچي جا، ٿيو وارث ڇني ڇوري،
    جتي هرڪو وڃي سنڌي سڏيو مهمان مجبوري،
    اڙي او! سنڌ جا واسيو،
    ڪريو ڪا مالڪي ڀونءَ جي،
    چوي جيجل پئي پنهنجي!
    اڃا ڪي ڊيم پيا اَڏجن، نه ڪالاباغ ٿا رد ڪن،
    اڃا لِڱ لاڙ جا تڙپن، ڍنڍون ڍورا ٿيون آهن،
    نه سنڌو آ پُسايو من، ترايون ڀي ڀريون ناهن،
    اڃا ساگر پيو ڪاهي، اڃا پيا لوڪ ٻاڏائن.
    اڙي او! سنڌ جا واسيو،
    ويو ڪئنال ٿل اُڏجي،
    لُڇي جيجل پئي پنهنجي.
    کلي کڙيا نه ڪونڀٽ ۽ روهيڙي ٽهڪ وساريا،
    ٿين چئونرا پيا قيدي، وتن ٿا ڦوڳ ڦلاريا،
    پيو پيري کڻي پيرا، ڀُڻنَ ڀوتار ٿيو ڀاڳيا،
    اڃا بي باڪ ڀوميءَ تي سماجي سانگ سڀ ساڳيا،
    اڙي او! سنڌ جا واسيو!
    متان! مارئي وڃي کنڀجي،
    ڏکي جيجل پئي پنهنجي!
    وٽي جا واڻ هُو ويٺي، نماڻي نار ڪاڇي ۾،
    جتي ناهي پلر پاڻي، حياتي بار ڪاڇي ۾،
    اُڃايل ۽ بکايل ٿو سمهي اڄ ٻار ڪاڇي ۾،
    زهر وهنوار جيون جو ۽ هرهڪ ڪار ڪاڇي ۾،
    اڙي او! سنڌ جا واسيو!
    ذميواري اها ڪنهن جي،
    پُڇي جيجل پئي پنهنجي!
    هوائن جيان گُهلي گولي، اُتي ڇا حال ماڻهن جو؟
    قبيلا ويا جنوني ٿي، اُتي ڇا حال ماڻهن جو؟
    اَڇي اُجري ٿئي ڪاري، اُتي ڇا حال ماڻهن جو؟
    وڪامي موت جي ٻولي، اُتي ڇا حال ماڻهن جو؟
    اڙي او! سنڌ جا واسيو!
    وڃن ڪونڌر جتي ڪُسجي،
    رُئي جيجل پئي پنهنجي!
    سڀاڳا سورميون سوڍا اوهان کان ڪير آ ڏاڍو؟
    کڙا ڄڻ کير ٿر آهيو، اُڀا ارڏو اَٽل هاڙهو،
    اڃا دشمن اَيامن جو هڻي پيو ديس تي ڌاڙو،
    وجهو ڦڙ ڦوٽ ويرين ۾ وڃو ٿي پاڻ پڙِ پاڏو.
    اڙي او! سنڌ جا واسيو!
    هڻو ڪا هام هوشو جي،
    ڏسي جيجل پئي پنهنجي!
    سفر آهي سجاڳي جو کڻون وک انقلابي ٿا،
    اسان جو خواب آزادي رکون اک انقلابي ٿا،
    ڏسون ساڻيهه ۾ خوشحالي سڏيون سٿ انقلابي ٿا،
    سڄي هي قوم آ جاڳي هلون گڏ انقلابي ٿا.
    اڙي او! سنڌ جا واسيو!
    اڏاوت ڪا ڪريون سنڌ جي،
    جئي جيجل اَمڙ پنهنجي،




    تضادن جي ڀڃ ڊاهه!

    تضادن جو جهان آهي،
    رڳو هت تون ۽ مان آهي،
    ڪٺل خوشين جا لاشا هن،
    رڙيون، سڏڪا تماشا هن،
    اَمن کي آڳ ڏيئي ڪو،
    رڳو هٿڙا پيو سيڪي ٿو،
    اصولن جو قتل ٿيو عام،
    شرافت تي لڳن الزام،
    هتي روشن رهن راتيون،
    هتي ڏينهن جون ڇنل ڇاتيون،
    نه سازن ۾ صدا ساڳي،
    اڃا هر واٽ آ واڳي،
    لتاڙيل روح جي ڌرتي،
    نهوڙي نينهن ڇڏي سرتي،
    دلين تي درد جي دهشت،
    اکين مان ٿي وسي وحشت،
    جنوني ٿي پيو آ ڌن،
    نراشا ۾ تڙپيو جوڀن،
    لڳن ٿا نيش نفرت جا،
    محبت ڄڻ ته طعنو آ،
    مڏا خنجر به مارين ٿا،
    اَنائن کي جيئارين ٿا،
    اڃا هت رات جي ڏانئڻ،
    هڻي ٿي ڏنگ پئي هڻ کڻ،
    اڃا مجبور رت روئي،
    حياتي سور پئي ڍوئي،
    ڪڏهن سڪرات ۾ غربت،
    ڪڏهن جنگ، جهيڙ ۽ ڪلفت،
    ڪٿي ڪو ماڻهپو ناهي،
    ڀلا ڪو ڪيئن جيئڻ چاهي!
    ڊڄي ٿو ڀرم ماڻهو جو،
    ڏجي ڇا ڏڍ دلاسو ڪو؟
    ڏکن جا ڏاج ٿيا آهيون،
    نٿا ڇو پاڻ کي ٺاهيون؟
    رهن ڇو عڪس اڻ پورا؟
    ڪريون سڀ خواب هي پورا،
    رکي ايمان بس سچ تي،
    رڳو انسان ٿي وڃجي!
    هڻون هڪ پيار جو نعرو!
    بدلجي جڳ وڃي سارو!


    موهن، ميران پاڻ ٻئي!

    موهن هٿ ۾ بانسري،
    ميران پيرن ڇير،
    ڇمڪائي ٿي ڇيڳ مان،
    صبح، سانجهه، سوير،
    نچندا نينهن نسنگ سي،
    هوندي جنهين هير،
    صدين کان سي ساڳيا،
    سندا چاهت ڀير،
    نڪي عشق اُجهاڻو،
    نڪي بيٺا هي پير،
    موهن، ميران پاڻ ٻئي،
    ناهي ٻيو ڪو ڪير!
    تنهنجي هٿ ۾ بانسري،
    منهنجي پيرن ۾ ڇير!


    ٻوٽيل دل جي ڪليساتي

    محبتون مسيح جيان،
    سڪ جي صليب تي،
    زخم زخم آهن ٿيون،
    آس جي اُڪنڊي اُڃ،
    سرابن جو آ صحرا بڻي،
    عذابن جي اَذان تي،
    دردن چئي لبيڪ آ،
    اڃا اسان جي ساهه ۾،
    وڍّ سورن جا وڄن،
    چهڪ چڻنگن جان ٻُرِي،
    وجود کي ٿا ڪن ڀسم،
    اڃا سڀاڳ سونهن جو،
    ڇنل سڳو نه آ ڳنڍيو،
    صدائن جي دانهن سُڃي،
    ادائون اجنبي ٿيون،
    احساس جون عبارتون،
    ٻوٽيل دل جي ڪليسا تي،
    ائين آهن ڇڏي وييون،
    جيئن ’ايڌي‘ جي پينگهي ۾ ٻار!!!


    ٿيان آئون رک پيار جي...

    اڪيلي هي سوچي ويٺي!
    چڻنگ دکي پئي درد جي،
    جلي انهيءَ ۾ خاڪ ٿي،
    ٿيان آئون رک پيار جي،
    جهروڪي وقت مان وڃي،
    جڏهن اُجهاڻل ڦلي جيان،
    اوهان جي ياد ۾ ڇڻان،
    اَڇاتري ڪنهن نهار سان،
    کڻي دل جي رکدان مان،
    هٿان ساروڻين جي ڇني.
    متان! ڇنڊي ڇڏيو - پرين!

    ٻه ٽي گهڙيون ويچار جو،
    وساريل سنگي سارجو،
    اُهي لمحا ڪي ريشمي،
    شبيهه هئي ڪا شبنمي،
    جڏهن ٿي ساهن سانڍيون،
    ادائون سونهن ۽عشق جون،
    قرار ڀريون ڪي ساعتون،
    مسافتون ۽ منزلون،
    ۽ جذبن ۾ هئي جا روشني،
    متان! ڇنڊي ڇڏيو - پرين!

    تڏهن اکين ها اجهاڳيا،
    خوابن جا سڀ سفر سڃا،
    ۽ پنڊ پهڻ ڪيڏا ٿيا،
    بدن ماڳ جا هئا،
    عبادتون اوسيئڙن جون،
    وڇوڙن ۾ اسان ڪيون،
    پڙهي سيپارا سڪ جا،
    گهري ويساهن ٿي دعا،
    انتظار ٿي جا زندگيءَ.
    متان! ڇنڊي ڇڏيو - پرين!

    بهار ۾ آس اميد جا،
    سڙيا پوءِ گلاب ها،
    محبتن جي خوشبوءِ جي،
    اُڏار هرڪا زخمي ٿي،
    من مندر ۾ بس رڳو،
    ڪٺل وفائن جو واس هو،
    جڏهن اهو سڀ سارجو،
    تڏهن ئي رک اُڏارجو،
    هوائن ۾ کڻي وڃي.
    ڀلي! ڇنڊي ڇڏ جو - پرين!
    ڀلي! ڇنڊي ڇڏ جو - پرين!



    ميرو سج

    سج منهن جي راڄ جو،
    صدين کان ميرو سانورو،
    ڄڻ ته هن جي روشني،
    سالن ڪنان وهنتي نه آ،
    ڀاڳ ۾ ڀومي جي آهي،
    ڄڻ اگهاڙو ڇانورو،
    ۽ ڪڏهن وڻ ڦوٽ جي،
    رُت، وقت تي پهتي نه آ.



    ڏات جو ادراڪ

    منهنجو دين، ڌرم ۽ مذهب،
    جذبا آهن،
    رسمون ناهن!
    منهنجو ديول، مندر، مسجد،
    جذبا آهن،
    جايون ناهن!
    منهنجا گوتم، رام، ڪرشن،
    جذبا آهن،
    پٿر ناهن!
    منهنجو کائڻ، پيئڻ، پهرڻ،
    جذبا آهن،
    جنسون ناهن!
    منهنجو ڌن، ڌراوت، دولت،
    جذبا آهن،
    سڪا ناهن.
    آئون جذبن جي نگري جي آهيان واسي،
    ۽ اکرن جي نازڪ، نازڪ اپسرا سان،
    نرمل، نرمل، ڪومل، ڪومل، گيت لکان ٿي!



    مونجهه! من ۾ وئي!

    رات سان ڀي رهان،
    ڏينهن سان ڀي رهان،
    هن گهڙي پئي مران،
    هن گهڙي پئي جئان،
    اوجهرن جو اڱڻ،
    ترورا، ترورا،
    اوپرو، اوپرو،
    سوجهرن جو جهان،
    ڄڻ ستارو هجان،
    ڪو خلا جو وري.
    رقص ۾ ڀي رهان،
    پهڻ ٿيندي وڃان،
    هي حقيقت ئي آ،
    ناهه سپنو سڄڻ!
    ڪاڻ ڪنهن جي کلان،
    ڪنهن لئه ٿي رُئان،
    مونجهه من ۾ وئي،
    آهه ڄارا ڪري،
    ڇو پئي ٿي لکان؟
    ڇا پئي ٿي لکان؟


    سوين سوال ۽ هڪ جواب

    ڪربل ڀاڳ اسان جا ڪيسين؟
    ماتم ۽ عاشورا ڪيسين؟
    ڪيسين استحصالي رسمون؟
    آڻ ضمير مڃيندا ڪيسين؟
    ڀونءَ تي ڀيل ڏسي بربادي.
    گڏجي هڪ ٿيون جُوءَ جا جهانگي!
    سنڌ سڏي ٿي، اڄ او ساٿي!

    درد مڇر جي باغي ٿيا هن،
    ڪوڙ ڪُپت جا بُت پيا ڊاهن.
    ظلمن ساڻ بغاوت آهي،
    خون بها ٿا حساب چاهن،
    خواب سجاڳي جا ڇو باندي؟
    جاڳو، جاڳو سنڌڙي واسي!
    سنڌ سڏي ٿي، اڄ او ساٿي!

    بي ڏوهه سدائين سور سهون،
    گگدامن وانگر ماٺ رهون،
    هاڻ اُٿو، ڌرتي جا ڌڻيءَ،
    پاڻ بقا جي ويڙهه وڙهون،
    ڪا ماڻيون ڏک کان آزادي.
    هر جند ڏکويل آ ڏاڍي!
    سنڌ سڏي ٿي، اڄ او ساٿي!

    اونداهه جي ڪاري وحشت کي،
    هن ڏاڍ جبر جي دهشت کي،
    ساٿين ساڻ نهوڙي وڃبو،
    اُتساهي پنهنجي حشمت کي،
    پاڻ پرهه جي پنڌ جا پانڌي،
    ماڳ اسان جو صبح سڀاڳي،
    سنڌ سڏي ٿي، اڄ او ساٿي!

    هڪ ٿي قسم کڻون سڀ سنڌي،
    قوم يتيمن جيان نه جئندي،
    چنڊ نه ڪوئي ماريو ويندو،
    غريب وسندي هاڻ نه ڊهندي،
    ڪابه خوشي نه رهندي ماندي.
    جوٽيون هڪڙي جنگ بلاتي!
    سنڌ سڏي ٿي، اچ او ساٿي!



    اي سرتي!

    تنهنجا ڳوڙها، اي سرتي!
    اسڪڊ ميزائل ناهن،
    ناس ڪري سڀ وحشي،
    تنهنجي لڄ بچائن.

    تنهنجا سک ۽ سپنا،
    اڄ ڀي آهن يرغمالي،
    ٿم پيل آهن آسون،
    تنهنجو جيون خالي!

    قلم چوونجاهه هيٺ ڪڙائي،
    ٽارچر سيل ۾ ڏوهه باسائي،
    ڀاڳ ڪنان تنهنجا وٺجن،
    سڳ سوڌا سڀ خواب موٽائي!

    مايوس نه ٿي مارئي، سهڻي،
    رات ڪا ناهي سدائين رهڻي،
    ڄاڻ اجهو سڀ پنجوڙ ٽُٽندا،
    بدلجي دنيا آهه نئين ٺهڻي!


    قومي جائزو
    سالن صدين کان پاڻ سڀئي،
    هينئن هڪ ٻئي کان ڌار ٿي،
    ڇا پيا ٿا ڳوليون؟
    سچ ته هر جاءِ سچ آ،
    سونهن به ساڳي آ سدا،
    فطرت جي هر هڪ چٽ ۾،
    سن ۾ ۽ ڀٽ ۾،
    پوپٽن جي هر رنگ ۾،
    ڌرتيءَ ڌڻين جي چنگ ۾،
    چوڙيلي جي چاڳَ ۾،
    سورمن جي جاڳَ ۾،
    معصوم ٻالڪ جي مک ۾،
    تنهنجي منهن جي اک ۾،
    مينهن ۽ نينهن جي مند ۾،
    پنهنجي سانئڻ سنڌ ۾!
    پر نه سڃاڻي آهيون سگهيا،
    هڪ ڪري، هڪ مُٺ ٿي،
    سنڌ واسي هڪ ٻئي کي،
    ٻڌي ۾ آڻي ناهيون سگهيا،
    ڇو ڀلا؟
    اڄ ڏينهن تائين!
    اي! ڀٽ جا لطيف سائين!



    ڪاري آ چانڊوڪي

    ساروڻين ۾ سڏڪي،
    سچ رنو ۽ مون سان،
    ساري ديس ڌرتيءَ.

    ڪيڏي هيڪل آئون،
    اڄ ڀي نٽهڻ اُس ۾،
    ڳوليان تنهنجي ڇانئون.

    وڏو وڇوڙن ونگ،
    درد پيو ٿو پيڙهي،
    يادن جا ڪهڙا دنگ!

    ڏاها تنهنجي تات،
    ڏهه ڏهه ڳوڙها ڏينهن ۾،
    ڳاڙي ويٺي ڏات.

    هيڏو ڏيهه ڏڪار،
    ڀڻڪو ناهي ڀونءِ تي،
    ماري ٿي ماٺار.

    ساڳي رات پروڪي،
    چوڏهين چنڊ اونداهو،
    ڪاري آ چانڊوڪي.

    ساڻيهه جي سُرهاڻ،
    “مٽي منهنجي مٽي آهي.”
    جنهن ۾ مجيدي پاڻ!

    (بابا جن جي ٽين ورسي تي ڀيٽا)


    گيت سچ جو لکون

    ساهه ڳولي ٿڪو - زندگيءَ آ ڪٿي!
    ڏيهه ۾ ڏينهن ڏٺو - روشني آ ڪٿي،
    درد ميڙا ڏسي - سِٽ چپن تي لُڇي،
    ڏات ڏاڍي ڏکي - ڪا خوشي آ ڪٿي!
    هٿ هٿن ۾ ڏينَ - دل ۾ ويڇا رکنَ،
    ڪين ڪنهن جا ٿينَ - دوستي آ ڪٿي!
    چاهه، ويساهه ويا - پيار پوڄا جدا،
    پاڻ ماڻهو خدا - بندگي آ ڪٿي!
    شال ٻيهر هتي! - ڪو ته هوشو ڄمي،
    ڪو تماچي اچي - تڙ ڌڻيءَ آ ڪٿي!
    سنڌ: سَرهي ڏسون - ساز سڪ جو کڻون،
    گيت سچ جو لکون - شاعري آ ڪٿي.


    وڃايل موسم!

    جُهڙ ڦُڙ مند ملهار ۾ ساجن،
    پنهنجو ماندو، ماندو هي من،
    ڇا ٿو سوچي، ڇاٿو چاهي؟
    پنهنجي ڪائي موسم ناهي!
    پنهنجي ڪائي،
    موسم ناهي.
    ٿي ميگهه محبت جي مينهوڳي!
    وَسڪاري جيئن سار وسي ٿي،
    جذبن جو آ جُهڙ جهڙالو،
    دل جو ارڏو انگل آرو،
    دردن جي ٿي کنوڻ کنوي،
    احساسن جو آرهڙ آهي.
    پنهنجي ڪائي،
    موسم ناهي.
    ڪا، ڪاري ڪڪري مڪليءَ تي،
    ڪو ڀورو بادل ٿر مٿي،
    هُو ڀوڏيسر جي ڀٽ سڃي،
    شل! ڇيڄ وجهي بوندن ۾ ڀڄي،
    سانوڻ، سنڌو کي پرچائي،
    دمدمي تائين پاڻي ڪاهي!
    پنهنجي ڪائي،
    موسم ناهي.
    لاڙ، اتر، ٿر، ڪاڇو جيئي،
    جيئي سنڌ، سدائين جيئي!
    مهڪي ديس مٽي جي خوشبو،
    شام صبح پيا مرڪن مارو،
    سارنگ سڀن جي سار لهي،
    ڀونءِ تي سک اوهيرا واهي!
    پنهنجي سائي
    موسم آهي.
    پنهنجي سائي موسم آهي!



    نيري نُڀ سان نياءُ نبيري

    لهندڙ سج چڙهي جي ايندو،
    رات پگهاري ڏينهن گهڙيندو،
    ڳاڙهي ڳوڙهي باک منهنجاران،
    ڪرڻن جا ڪي ڪوٽ اڏيندو،
    پهر پهر جي پرکا ڏيئي،
    ڀونءَ سان ناتو نينهن ڳنڍيندو،
    مايوسين جون مهلون روڪي،
    آشائن کي آهڃون ڏيندو،
    نيري نُڀ سان نياءُ نبيري،
    ڌرتيءَ جا هو ڌڪ سيڪيندو،
    لهندڙ سج!
    چڙهي جي ايندو!



    ڳوڙها ڪير اُگهي!

    اڌ چمي جيڏي ويرم،
    صدين جيڏا سَريا غم،
    پيار صدائون ڪن ماتم،
    ڪنهن جا ڳوڙها ڪير اگهي!
    دردن جي هن وستيءَ ۾!
    پٿر پٿر هيٺ حياتي،
    چيڀاٽي آ وادي، واديءَ،
    ماکي کان وڌ مٺڙا ماڻهو،
    موت ڳيهي وئي مستيءَ ۾!
    ڪنهن جا ڳوڙها ڪير اُگهي!
    دردن جي هن وستيءَ ۾!
    1205ع وارو زلزو
    ربّ زِدني علمن جا،
    خواب دعائون ساٿ ستا،
    ڳوڙهن جي تاريخ لکي،
    “بالاڪوٽ” جي بستي ۾!
    ڪنهن جا ڳوڙها ڪير اُگهي!
    دردن جي هن وستيءَ ۾!
    سونهن لُٽي جت نيلم جي،
    “جهلم” جا ويا ٽهڪ کُٽي،
    “مانسهره” جو جوڀن هو،
    گم ٿيو ڀيانڪ پستي ۾!
    ڪنهن جا ڳوڙها ڪير اُگهي!
    دردن جي هن وستيءَ ۾!
    نين سُک، جا نيڻ ڏسو،
    رت رئن پيا هاڻ رڳو،
    ڏتڙيل جيون ڏولاون ۾،
    ڏک جي زبردستي ۾!
    ڪنهن جا ڳوڙها ڪير اُگهي!
    دردن جي هن وستيءَ ۾!
    سوڳ ۾ سڏڪي ڀونءَ سڄي،
    پٽ پهاڙن ۾ ڪيڏي،
    باغ يتيمي آهن پوکيا،
    لاغرضي جي سُستي ۾،
    ڪنهن جا ڳوڙها ڪير اُگهي!
    دردن جي هن وستيءَ ۾!
    ٻاتا ٻول، مٺيون لوليون،
    ڦٿڪي لاشا سرد ٿيون،
    لاوارث ٿيا گيت ۽ گل،
    ڪهڙي راز الستي ۾،
    ڪنهن جا ڳوڙها ڪير اُگهي!
    دردن جي هن وستيءَ ۾!
    زخمي دل جي دنيا جا،
    ميڙي گهايل سڀ جذبا،
    نسلن کي ڪو ڏڍ ڏيون،
    ساهس ڀريون هستي ۾!
    ڪنهن جا ڳوڙها ڪير اُگهي!
    دردن جي هن وستيءَ ۾!


    سڏ!
    ساهه سڏي ٿو آءُ ڀٽائي!
    منهنجي من تان ڏک لُڻي وڃ!
    ڀاڳيا پنهنجي ڀونءِ ڀُڻي وڃ!

    چوڏهين جي چانڊوڪي جهڙي،
    اونداهيءَ ۾ جوت اُڻي وڃ!
    ڀاڳيا پنهنجي ڀونءِ ڀُڻي وڃ!

    سک جون سارون سڏڪن پييون،
    تن جا صدما سور چُڻي وڃ!
    ڀاڳيا پنهجي ڀونءِ ڀُڻي وڃ!

    قرب قرابت وسريا جڳ کان،
    اَرٽ اڏي ڪو پيار پُڻي وڃ،
    ڀاڳيا پنهنجي ڀونءِ ڀُڻي وڃ!

    اَڻ سونهنَ آ ماڳ وڃايو،
    سُونهان ڪائي واٽ ڌُڻي وڃ،
    ڀاڳيا پنهنجي ڀونءِ ڀُڻي وڃ!

    مون کي حق جي ڳالهه ٻڌائي،
    مون کان سچ جي ڳالهه سُڻي وڃ!
    ڀاڳيا پنهنجي ڀونءِ ڀُڻي وڃ!



    اَ ويساهه!

    پرهه جا ڳوڙها اُگهي،
    رت ورني شام ٿي،
    ڏاڍ کان گهٻرائجي،
    سج ويو اُڀ ۾ لڪي،
    ڏينهن تي ڌاڙو لڳو،
    رات ٿي نپٽ انڌي،
    ترورا ٽڙڪي پيا،
    سوجهرن سائي لڳي،
    ڇو سويرا ديس جا؟
    مُورون ويا پاڻان رسي،
    ڪوڙ ڪيا ڪامڻ وڏا،
    يا بدنظر جي آ ٺگي!!!


    رواجن جي دنيا

    هي به وني آهي وريتي،
    جوڀن ماڻيل ۽ گهر، گهريتي،
    اُڊڪي، اوني ۾ ٿي گهاري،
    ڳڻتين ۾ پئي جيون گهاري،
    جُنگ جوان جي جيڏو ٿيندو،
    ڇا ڪو منهن جو روپ به رهندو؟
    ڳاڙهو جوڀن جهولاڻي جيئن،
    روڪي سگهبو نيٺ ڀلا ڪيئن!

    هي به وني آهي وريتي،
    ٻالجتي ۾ ٿي گهر، گهريتي،
    ڪهڙا سپنا، ڇا جون سوچون؟
    ڪين ٿي سمجهي من جون موجون،
    جوڀن جنهن دم جهومي ايندو،
    ساٿ سهاڳ نه تڏهن رهندو،
    هيڪل گهاري سگهندي ڪيئن!
    جبل جهڙا جيون ڏينهن!

    نار نماڻي هاءِ! نياڻي!
    رسمن گهاڻي ۾ جا گهاڻي.

    ريت وڏن جي اڃا اهائي،
    پنهنجي پر مان نه وڃي ڄائي.

    هي آهه عذابن جي دنيا،
    ريتن ۽ رواجن جي دنيا.

    مون هٿ کنيو هو!
    موهن دڙي جي،
    ويران آثارن ۾ گهمندي،
    قديم گهٽي جي هڪ سوڙهي لنگهه تان،
    صدين جي پنڌ تان،
    ٻڌم هڪ پڙاڏو،
    “تون ڪاري آن، تون ڪاري آن”
    مون ڇرڪي، هراسيل نگاهون کڻي،
    ڌرتي جي پرت ۾ لٽيل ۽ ڪاراٽيل،
    ماضيءَ جو منظر چتائي ڏٺو،
    ڪنهن ناري کي ڪاري ڪري پئي ڪٺو ويو!
    هزارن ورهن جي اڳ کان،
    تصور ۾ گم ٿي،
    احساس جي اک سان،
    تڏهوڪو هي خوني،
    ۽ قهري نظارو پسي،
    پروڙي مون ورتو هو،
    موهن دڙي جي تباهي جو ڪارڻ!
    ۽ سماجي ڪٺورتا جي ابتدائي نُک کي!
    انهيءَ دم - ها انهيءَ دم!
    پنهنجي هن قومي ورثي جي،
    تاريخي تهذيب، تمدن جي،
    عظمت تان!
    مون هٿ کنيو هو!
    ۽ ننڊ منجهاران ڇرڪ ڀريو هو!



    شاهه، سيد ۽ سنڌ!

    مون وٽ گيت - قومن جي آزادي آهن،
    جُهڙ ڦڙ مند گلابي ناهن!
    مون وٽ بيت - ڀٽ ڌڻيءَ کي ڀيٽا آهن،
    لفظ ڪتابي سکڻا ناهن!
    مون وٽ سوچون - ’مجيدي‘ جيئن عوامي آهن،
    وڏ، وڏيرا شاهي ناهن!
    مون وٽ لوچون - ٻارهو سورهيه سيلاني آهن،
    سيلابي يا باراني ناهن!
    مون وٽ نظريا - شاهه، سيد ۽ سنڌ آهن،
    تنهنجي منهنجي جند ناهن!



    يادن جي ورلاپ جي موسم!

    سڀاڻ به ساڳي موسم هوندي،
    يادن جي ورلاپ جي، او پيارا!
    ساڳيو سورن جو
    سج اُڀرندو
    ساڳيون گوندر گهٽائون اُٿنديون،
    بوند برهه سان،
    غم جا بادل ايندا،
    جهرڪيون گيت جدائي جا،
    جهونگارينديون ۽ ڳائينديون.
    پيار جا پوپٽ،
    ريشم جهڙن نرم اوسيئڙن جي،
    انڊلٺ آڳ دکائي دل ۾
    سڪ جا ٻارڻ ٻاري
    توکي ساهن سان ساريندا
    ڪين وساري سگهندا،
    هن حياتيءَ ۾
    توکي جيڏا!
    سڀاڻ به ساڳي موسم هوندي،
    يادن جي ورلاپ جي،
    او! پيارا!



    وڇوڙي جي ڀت!

    اڌ صديءَ کان پنهنجن ساريو،
    ڌرتيءَ کان ئي ڏور گذاريو،
    ڪيئي چنڊ ۽ سج لهي ويا،
    چانڊوڪيون ۽ چيٽ ڪهي ويا،
    ساڻيهه جو ويراڳ ٿي وياسون،
    بند اکين جا خواب ٿي وياسون،
    دنگ وِرهه جا ڏسندي، ڏسندي،
    سڪ جي سڳنڌ ويئي وڌندي،
    وقت ڏني پر آٿت دل کي،
    آس ڇڏيسون سرحد تي پوکي،
    پاڻ سڀن وٽ ثواب هو هڪڙو،
    علم، ادب، احساس هو هڪڙو،
    ماءُ مٺي جي مٺڙي لولي،
    جيئي سنڌ! ۽ سنڌي ٻولي.
    شاهه، سچل ۽ سامي ساڳيا،
    سڀني ساهن ۾ ٿي سانڍيا،
    نيٺ سالن جا بند ٽُٽي پيا،
    آشائن جا ورد کَٽي ويا،
    اهڃاڻ امن جو بنجي ويئي،
    “1 سونهري رنگ جي ڪاراڻ”، هي،
    “2 سروم دکم دکم” به سکي!
    پيار امر جي آ واٽ ڏسي،
    گڏجي هاڻ جمالو ڳائن،
    سنڌ امڙ سان نينهن نڀائن،
    پاڻ “ومي” اچ ڀاڪر پايون،
    جيجل آڏو سيس نمايون!
    جيجل آڏو،
    سيس نمايون!

    * ڊسمبر 2004ع تي هند مان آيل هندو اديبن سان مڪلي ٺٽي ۾ ملڻ واري ڪيفيت
    1. هند جي شاعره ومي سدارنگاڻي جو شعري مجموعو.
    2. منهن جو (مريم مجيدي) جو شعري مجموعو.


    هارايل لفظن جا لشڪر

    تنهنجي وڇوڙِي جي خاموشي،
    منهنجي قلم کي ماٺ ڏئي ويئي،
    تخليق جو تختو اونڌو ٿي ويو،
    هارائي ويا سڀ لفظن جا لشڪر،
    کنڀي کڻي وئي سوچ کي اونداهه،
    جذبن پيتو جام - شهادت،
    ڏات جي ڪک مان ڪو سج سگهيو نه اُڀري،
    ڪائنات ڪلا جي ڪاري ٿي وئي،
    ڪارا ٿي ويا سارا اکر،
    منهنجي قلم کي ڪيڏي گهري ماٺ،
    تنهنجي وڇوڙي جي خاموشي ڏيئي ويئي!


    هڪ سال نئون هي آيو وري
    ڪجهه اسان وساري ڇڏيو پرين،
    ڪجهه اوهان نه ساريو سڏيو پرين!
    ٿي خواب ويا خاموش صدمو،
    ٿي آس ڦري اُداس لمحو،
    بي رخي جي پئي باهه ٻري،
    بي چين اکيون ٿيون ميڻ ڳري،
    هر ڏينهن اسان جو هو زخمي،
    هر رات ٿي گذري لڙڪ ڀني،
    ڪنهن ڏنڀ ڏنا، ٿي گل پيا،
    ڪنهن ڪنڊن جهڙا ڏڍ ڏنا،
    ڪي دؤر ويا ڪي سال ٿيا،
    ڪي سج ٻڏا، ڪي چنڊ لٿا،
    ڇاڇا نه سٺو مون تو کانسوا؟
    ڇا ڪين وڃايم تنهنجي بنا؟
    نه جيت هئي نه هار هئي،
    نه ميت لڌي ڪا سار هئي،
    بس هڪڙي وائي وات رهي،
    بس تنهنجي هردم تات رهي،
    شل! منهنجي دعا ڪا ربّ ٻڌي،
    شل! توکي ڪوسو واءُ نه لڳي،
    هڪ ڀيرو ملون شل! پاڻ ٻئي،
    هڪ سال نئون هي آيو وري!



    لکبي ڪا تاريخ...!

    چنڊ شهادت ماڻين پيا،
    هت اونداهي جا هٿ وڏا.
    مهڻي هاب چپن جي خوشبو،
    الزام گلابن تي به لڳا،
    رهزن ٿي آ پاڻ پرستي،
    وحشت جا جهنم جاڳي پيا،
    آدرشن جو ڀيليو تقدس،
    احساس ضمير سڀ پٿر ٿيا.
    قتلام ٿين پيون سهڻي، مارئي،
    هو ڀٽ تي ڏک جا ڏوهيڙا،
    بي سُرت جياپي کان آسون،
    چيهاڙيل دامن خوشين جا،
    پنهنجون پاڻان ارٿيون ساڙي،
    جذبن جا جوڀن رک ٿي ويا.
    مظلوم اکيون ٿيون ماتم ڪن،
    خواب لٽيل ٿا ڳاڙين ڳوڙها،
    اُجڙيل من ۽ زخمي وستيون،
    درد ۾ ورتل دل جا قصا،
    ذهنن جي هن باغيءَ ڀونءَ تي،
    پل پل چٽجي پيئي ڪٿا،
    هر روح جي اذيت گهر ۾ اڄ،
    انسانيت تڏو وڇايو آ،
    انصاف جي آهي عُذر خواهي،
    معصوميت جا بيوس سُڏڪا،
    هن جُڳ کان قيامت تائين!
    ساڃاهه، سچ جا ساکي ٿيندا.
    انساني حيوان پڻي جي،
    ماڻهپ جي بي موت مرڻ جي،
    نياءُ هٿان انياءُ ڪرڻ جي،
    لکبي ڪا تاريخ جڏهن هت،
    تاريخ جڏهن هت لکبي ڪا!!!


    ديس جي اٺين سورمي
    پنهنجي نالي جي تصوير، مٽ نه هن جو ڪو به نظير،
    سنڌ جي نياڻي شهيد راڻيءَ، مظلومن جي آس اُڪير.
    جيئي، جيئي بينظير!
    هن جا سڏ پڙاڏا ٿيا، دشمن جو هانءُ هڄائي ويا،
    هرڪو ٻول عوامي ٻولي، انقلابي هر تقرير.
    جيئي، جيئي بينظير!
    وحشي رهزن، قهري قاتل، ڏيهه سڄي کي ڪيو جن گهائل،
    رت جي خوشبو ساڻ لکي وئي، عشق جي ڌرتي جي تقدير.
    جيئي، جيئي بينظير!
    ڪونج قطاران وڇڙي وئي، تاري وانگر ڄاڻ کڙي وئي،
    سڏڪن جا سمنڊ اُٿلي پيا، زخمي خوابن تاڻيا تير.
    جيئي، جيئي بينظير!
    مات ڏني هن مردن کي، سسئي جي سورن، دردن کي،
    جمهوريت کي جيون ڏيئي، ٽوڙيا آمريت جا زنجير.
    جيئي، جيئي بينظير!
    ڪربل جي هن ريت نڀائي، “ڀٽو ازم” جي ساک مڃائي،
    سورهيه پيءُ جي دلير ڌيءَ، آزاديءَ جي ارڏي هير.
    جيئي، جيئي بينظير!
    پاڻان ارپي امر ٿي آ، سچ کي ڏيئي عزت وئي آ،
    تدبيرن کي هن ماڳ ڏسيو جڳ جا جاڳايا ضمير
    جيئي، جيئي بينظير!
    ديس جي اٺين سورمي آهين، قوم سڄي جي ڀيڻ سڏائين
    هر ڪو من اڄ ماتامي آ، تاريخ رچي ريٽي تحرير
    جيئي، جيئي بينظير!

    محترمه جي شهادت 27 ڊسمبر 2007ع تي



    ڪالهه ۽ اڄ!

    ڪالهه ٻڌوسين “سچ ته بيٺو نچ”
    اڄ ڏسون ٿا، سچ تي ڪيڏو مچ!
    ڪالهه ٻڌوسين، “ست قرآني سنڌ نياڻي”،
    اڄ ڏسون ٿا، هر جاءِ ڪاري آهي نماڻيءَ،
    ڪالهه ٻڌوسين، “ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ”،
    اڄ ڏسون ٿا، سڀ نسورو ڪوڙ،
    ڪالهه ٻڌوسين، “عشق نه پُڇي ذات”،
    اڄ ڏسون ٿا، ذات بنا ڪا ناهي ڏات،
    ڪالهه ٻڌوسين، “سائين ڪرين سنڌ سُڪار”!
    اڄ ڏسون ٿا ڊيم اڏڻ سان ٿيل ڏڪار!


    اها اصل ڪهاڻي آ

    وقت ارڏي، اڊنبر مان
    مون کي چيو هو، ٽوڪ هڻندي،
    آءٌ آهيان، ’وقت بادشاهه‘،
    سدا امر ۽ سدا حيات!
    تنهنجي آهي حقيقت ڪهڙي،
    جرَتي پاڻيءَ جي ڦوٽي جهڙي،
    صبح ڄمي ڄڻ شام مرين ٿو،
    جهڙوڪر هڪ ڏينهن جو،
    اُڀرندڙ آهين سج اڪيلو،
    ماٺ ميٺ ۾ پرهه ڦُٽي جو
    ڪائنات جي ڪک مان جنمين ٿو
    هوريان، هوريان زورا ور ٿي،
    سگهه وٺي، وقتي ساري ڌرتيءَ کي،
    تاءُ تکي سان تائين ٿو،
    ۽ تون سج وانگر ڀانئين ٿو،
    پنهنجو پاڻان جيءُ جياپو،
    ساري جڳ جي جيوت جو،
    شام ٿيندي، رت اوڳاڇي،
    ساڻو ٿي، سهڪي سهڪي،
    رات جي هنج ۾ منهن لڪائي،
    مري وڃين ٿو، ڪنهن ڪاري،
    ۽ اونداهي ٽڪري پويان،
    ٻئي ڏينهن تي صبح ڄڻي ٿي،
    نئون ڪو سج وري،
    تنهنجي ٿو والاري جاءِ!
    ان جي هام هٺيلي کي،
    هوڏ ڪوٺيندي، مون هو وراڻيو،
    ڪيڏو تون آهين ڀورو،
    آءُ اُتم ’انسان‘ آهيان،
    ازل کان ابد تائين ٿو جيئان!
    ديس جي مٽي منهنجو آهي ماڳ،
    ان جي خوشبوءَ جي ’مهانتا‘
    منهنجو بنجي ٿي سڀاڳ،
    منهنجو جيون تعمير ڪري ٿو،
    قومن جي، تدبيرن جي
    ۽ تهذيبن جي تقدير ٿئي ٿو،
    منهنجو موت وري
    اي وقت!
    تنهنجي ٿي تاريخ وڃي ٿو،
    تڏهن تون سڏجين ٿو، ’بادشاهه‘!
    تنهنجي سوچ سراپا هي،
    ڪيڏي نه ٻاراڻي آ،
    ساٿ سلهاڙيل پاڻ ٻنهي جي،
    اها، ’اصل ڪهاڻي آ‘!


    دنيا بدلجي پيئي...

    دنيا بدلجي پيئي - تون به بدلجي وڃ!
    او بابل!
    تون به بدلجي وڃ!
    ڇڏي اڀيمانَ، اَنا پرستي،
    هي ٽانءِ ڀريل هوڏ ۽ هستي،
    هي ڪُڌيون رسمون ڀوري ڀَڃ!
    او، بابل!
    دنيا بدلجي پيئي - تون به بدلجي وڃ!
    هي جا تنهنجي ڄائي آهي،
    ڪوڏن ساڻ نپائي آهي.
    جيجل بخشي پنهنجي ٿڃ!
    او، بابل!
    دنيا بدلجي پيئي - تون به بدلجي وڃ!
    جا ست قرآني ڌيءَ نياڻي،
    ڀاڳ ڀري جا سڏين سياڻي،
    تنهن جون آزيون منٿون مڃ!
    او، بابل!
    دنيا بدلجي پيئي - تون به بدلجي وڃ!
    پڙهڻ ۽ لکڻ کان رکن جي عاري،
    ڪوڙ دغا سان ڪن جي ڪاري،
    تون سڀني تي آڱر سڃ!
    او، بابل!
    دنيا بدلجي پيئي - تون به بدلجي وڃ!
    او، بابل - او، بابل!


    ساروڻين جو ثواب

    دل جي اُڊوڙيل ڌاڳن کي،
    آس اميدن ۾ ٻڌي جُهوڙي.
    مون جذبن جي پڪ ڀروسي تي،
    ڏڍ دلاسا پاڻان ڏيندي،
    چاهت جي ڳڻ ڳوت ڌري ڪا،
    سورن کي سو سيبا ڏيئي،
    اوسيئڙن جا ٽانڪا هڻي.
    سک جو اَڀرو سڀرو ڪو،
    سڪ جي ست رنگ ريشم جو،
    جيون تي هر مچ آهه ڀريو،
    احساسن جو آ ساٿ رهيو.
    قربن جي هن ڪرت ۾ سائين!
    ثواب رهيو آ شامل جيڏا.
    ثواب رهيو آ،
    شامل جيڏا.
    تنهنجي ساروڻين جو سدائين!



    آزادي ٿي نوحو ڳائي!

    اولهه، اوڀر، ڏکڻ، اُتر،
    ابو غريب جا اذيت گهر.
    انصاف لتاڙيل آباديون،
    ۽ قيد ضميرن سان تعديون.
    ڪنڌ مروٽيل حق انساني،
    طاقت جو آسيب غلامي.
    سچ جي هر جاکوڙ اجائي،
    گولي کاڌل آهه سچائي.
    ڪوهلو، وانا، بيروت ۾ هي،
    تخليق خدا جي چٿجي پئي.
    هِت چچريل جيون ڦٿڪي پيو،
    هُت سڏڪو زخمي ڌرتيءَ جو،
    ڏاڍ جلاد جا هيڏا هاڃا،
    ڪوس اَمن جو، رت جا راڱا.
    بم اڏارون، بارودي دڳ،
    ويڙهه وڙهي پيو مهذب جڳ،
    دنيا ڏاڍن آڏو هيڻي،
    ڊنل انسانيت هيسيل ٻيڻي،
    آدرشن جو ماتم آهي،
    آزادي ٿي نوحُو ڳائي!


    ڀيٽا، پنهنجي بابا کي

    سنڌ جا اي! سڄڻ، سار تنهنجي اچي.
    ديس توکي سڏي، سور ڪيئن ڀر مچي!

    ماتمي موسمون،
    درد جون دهشتون،
    وحشتون ڀونءَ مٿان،
    اڄ به ساڳيون اڃان،
    ڪوس جا ڪربلا،
    درد جا سلسلا،
    شعر رت سان رچي،
    سار تنهن جي اچي!
    سور ڪيئن ڀرمچي!!!
    بي بلو آجپو،
    ماڻهپو بي وضو،
    بندگي بند ۾،
    زندگي ڏنڊ ۾،
    لفظ گونگا گهمن،
    ڏس ڪوي جو پڇن،
    ڪاڄ قومي مچي،
    سار تنهن جي اچي!
    سور ڪيئن ڀرمچي!!!
    هت امن ۽ خوشي،
    روز ڪن خودڪشي،
    هر نئون سوجهرو،
    مات ميرو ڪيو،
    وقت رهزن هٿان،
    رات راڪاس کان،
    ڪيئن ڀلاڪو بچي!
    سار تنهن جي اچي!
    سور ڪيئن ڀرمچي!!!
    چئو ڏسائون ڪڙيل،
    انڌا، انياءُ اَجهل،
    سنڌڙي آهه اُڃي،
    هي چيهاڙيل چُني،
    جام جهوڪون ڊهن،
    قيد ڳڀرو ڳهن،
    سوچ سيخون پچي.
    سار تنهن جي اچي!
    سور ڪيئن ڀرمچي!!!
    ديس جا رهگذر،
    جاڳ جا ڳوٺ، گهر،
    ايڪتا جو ڀرم،
    انقلابي عزم،
    سڀ ڪٺا ٿي پون،
    سچ بيٺو نچي.
    سار تنهن جي اچي!
    سور ڪيئن ڀرمچي!!!
    ديس توکي سڏي،
    سنڌ جا اي سڄڻ!


    اَمن جي واٽ

    تنهنجي منهنجي،
    گهر جي وچ مان،
    امن جي واٽ،
    ڊهي وئي آهي.
    موت جو ڪارو ڪاريهر،
    پنهنجي ڦڻ تي،
    بارودي پل اَڏي،
    ٻنهي گهرن کي،
    ڳنڍڻ جي ڪوشش ۾،
    ڪيئن نه رُڌل آهي!


    خاموشي جي اميد!

    تنهائي جي ويراني ۾،
    خاموشي جي اميد ٻري ٿي،
    مايوسي جي ڳاڙهي ڳل تي،
    گلاب چپن جي آهي،
    خوشبوءِ وکريل،
    چاهت جي چنچلتا ۾،
    ٽهڪن جا رابيل ٽڙن پيا،
    اڄ ڀي!
    منهنجي من ۾ آهن،
    محبت جي امانت جا
    ايئن!
    جانڪيل سارا پل،
    ڊائري جي ورقن ۾،
    جيئن،
    سالن کان،
    سنڀالي رکيل گل!


    اي! بينظير شهزاديءَ!

    اي! بينظير شهزادي!
    هن ديس اُداس جي آزاديءَ!
    تو بن آهي ننڌڻڪي ٿي،
    هي سورهن ڪروڙ آباديءَ،
    اي بينظير شهزادي!
    اڄ جاڳرتا جي نسلن جون،
    سڀ تحريڪون قتلام ٿيون،
    تدبيرن کي کاٽ لڳي ويا،
    جمهوريت ڏي اوڇنگارون،
    ويساهن آ گولي کاڌي.
    اي! بينظير شهزادي!
    پل ۾ موسم ٿي غم واري،
    دل ڌڪي ٿيون هنجون جاري،
    ڳوٺ نگر سڀ سوڳ ۾ سُڏڪيا،
    ٻار ٻُڍي ۽ پٽيو هر ناري،
    گهر گهر کان ڄڻ وڇڙيو ڀاتي!
    اي بينظير شهزادي!
    ڳوڙها ڳاڙيا ڪيٽي بندر،
    ڦٿڪيو قمبر ۽ ڪارونجهر،
    شان عظمت راڻي کٽيو،
    هارائي ويو ويري ڪانئر،
    ڏيهه سڄو آهي فريادي!
    اي! بينظير شهزادي!
    سونهن مقدس شهيد وئي ٿي،
    ڌرتي رت کي چُمي ڏيئي،
    مظلوميت جي مٽي ۾ آ،
    پوکي تنهنجي روشني،
    قومي سوچون انقلابي،
    اي! بينظير شهزادي!
    تون شاهه ڀٽائي جي وائي،
    تون سنڌ سڀاڳي جي ڄائي،
    بي باڪ بهادر سورمي تون،
    بيشڪ! تون انعام خدائي،
    تنهنجو نياپو، پيار عوامي!
    اي! بينظير شهزادي!
    امر ۽ اڻ مٽ تنهنجو نام،
    سنڌ ڪري ٿي سرخ سلام،
    منهنجا تون تي لک ڪلام.
    اي! بينظير شهزاديءَ!
    هن ديس
    اُداس جي
    آزاديءَ


    تنهنجي ڪارڻ

    تنهنجي ڪارڻ
    منهنجا جيڏا،
    مون هي ڪيڏا،
    سانگ سجايا،
    جوڳ پچايا،
    توکي ماڻڻ،
    منزل ڄاڻڻ،
    لاءِ سدائين،
    هن پل تائين!
    صدمن سامهون،
    صدين کان مون،
    اوسيئڙن جا،
    انبور سٺا!
    پر نه لڌي ڪا،
    پر گهور سڄڻ!!!


    پنهنجن ۾ پرمارو!

    ڪالهه پراون ساٿ وڇوڙيا،
    ڌرتيءَ ڌارين دنگ اکوڙيا.
    سرخ سرحد جي ريت نباهي،
    لال لهو سان ليڪ هئي ٺاهي.
    اڄ هت ڪو به پرائو ناهي،
    ڏوهي، ڊوهي، ڌاريو ناهي.
    رت ۾ ڇو پوءِ ڄيرو آهي؟
    ڌڪيل امن جو ڳيرو آهي.
    پرماريت جي ريت به ساڳي،
    ڳاڙهي، ريٽي ليڪ به ساڳي،
    ساڳيو قهر ۾ قمبر پسجي،
    ڪنهن جي هٿ سان ڪير پيو ڪسجي!
    ڇا تو اُن جو ڪرب سٺو آ؟
    جيڪو نيڻن رت رنو آ.
    سا تو ۾ ساڃاهه ڪٿي!
    سنڌ امڙ تنهن جي ماءُ ڪٿي!
    اڃا تائين! ناهين جاڳيو،
    مئل ضمير به تنهنجو ساڳيو.
    ڪالهوڪو قاتل ۽ ڪروڌي،
    ڄڻ ڪو ڌاريو ويري، وحشي.
    پنهنجن تي تون پنهنجو مارو،
    پنهنجن ۾ ئي تون پرمارو!


    اسان سنڌ جي جاڳ آهيون...

    اسان سنڌ جي جاڳ آهيون سڄڻ!
    اَجهڻ ننڊ جا نيڻ ناهيون سڄڻ!
    سدا سج وانگر سجاڳي رکيون،
    جُڳن کان اوجاڳيل اسان جون اکيون،
    اسان جوڳ کي جيءُ جو ڀانيو سمر،
    ازل کان اسان جو آ جاري سفر،
    شعور ۽ فڪر جون لتاڙي حدون،
    تخيل جي دنيا کان اڳتي وڌون،
    تصور جون تڪڙيون ٻرانگهون ڀري،
    ڏيون مات ظلمات جي رات کي،
    سوين سوجهرن جا سهيڙِي ڪٽڪ،
    ڪريون ننڊ ولاتن تي لشڪر ڪشي.
    اونداهي جون ڊاهي گفائون، پناهون،
    ٽوڙي لات منات جا بُت سڀئي،
    ڀوريون ڪوڙ جا ڪوٽ، ڪُفر جا قلعا،
    جبر جي جٿن کي شڪستون ڏيئي،
    فتح جي ڪري ماڳ تي روشني،
    جنجهيل جوت سان ٿا جڙيون رهگذر،
    اَڏيون سک جون وسنديون ۽ سچ جا شهر،
    چانڊوڪي سا چلڪيل جاڳرتا جا گهر،
    ڀٽائي جي پيغام جهڙا ننگر!
    اسان سنڌ جي جاڳ آهيون سڄڻ!
    صبح ڏانهن اسان جو آ جاري سفر!


    جيون جهنمي گهنگهر!
    هن جديد دؤر ۾
    منهنجي دقيانوسي دل جي
    هي آهي دعا!
    شل! ڪنڊن هاڻي ٽاريءَ تي
    ڪومل گونچ گلابن جو
    ڦوٽهڙو نه ٿئي
    ۽ نه وري ڪا ناري ڀي
    جوڀن جو ميويدار وڻ بنجَي!
    جنهن جي خوشبوءِ
    آوارهه اکين جي عياشيءَ جو
    ٻارڻ ٿي،
    سونهن جي معصوميت
    ۽بهشت جهڙن جذبن جو
    وڃائي تقدس
    بنجي وڃي ٿي جهنمي
    جيون جو گهنگهر!
    تڏهن انسانيت روئي ساري ٿي
    گذري ويل ڪالهه جي
    ساهه ڪانڊاريندڙ ان اذيت کي،
    جڏهن قديم عرب جي صحرائن ۾
    ٽهڪندڙ واري هيٺ
    دفنايو ويندو هو
    جيئري پنهنجين نياڻين کي!


    سچو سرويچ سنڌڙي جو!

    ٻڌندي سنڌ جو سڏڪو،
    اُٿيو ٿي ڏيئي جو ڀڙڪو،
    ڏنو دشمن کي ٿي دڙڪو،
    بنهه اڻ موٽ ۽ اڙٻنگ،
    وساري ڪين ڪي سگهبو،
    سچو سرويچ سنڌڙيءَ جو!
    سراپا سچ هن سوديو،
    هڻي ويو حق جو هوڪو،
    نڪي ورچيو، نڪي ويٺو،
    مسلسل جنگ قومي ۾،
    رکي ويو ننگ ڌرتيءَ جو،
    سچو سرويچ سنڌڙيءَ جو!
    رهي ڪيئن، رات هٺيلي؟
    وڃي ڇو ڀونءَ ڪا ڀيلي؟
    سدا مارن سان ٻانهن ٻيلي،
    مهاڏو ڏاڍ سان جوٽي،
    رچي شعرن ۾ ٿيو شعلو،
    سچو سرويچ سنڌڙيءَ جو!
    اُملهه ڳالهيون هيون هُن جون،
    اکيون آليون رهيون اُن جون،
    رهيون وارن ۾ اڻڀايون،
    ڏهين مهيني جي ٻاويهه تي،
    هو ويهه سو ست ۾ وڇڙيو،
    سچو سرويچ سنڌڙيءَ جو!
    “ٻئي مهراڻ جون ڪنڌيون،”
    صدين تائين پيون سارينديون،
    عقيدت سان جهونگارينديون،
    عوامي هو عوامن سان،
    نڀائي نينهن ويو پنهنجو،
    سچو سرويچ سنڌڙيءَ جو!
    سدا جا ساهه سان سانڍي،
    اها اڄ ڏات آ ماندي،
    وياڪل ساٿ جا پانڌي،
    سڏي تنهنجو “نگر” توکي،
    ڪيڏانهن هُو انقلابي ويو،
    سچو سرويچ سنڌڙيءَ جو!
    وساري ڪين ڪي سگهبو!


    جذبن جو جيئدان

    آڪاش جي ڇاتي تي،
    سڃاڻپ جو پٿر کوڙي،
    وقت وفا جي،
    ويڙهه وڙهي ٿو،
    جيون ڦيٿو،
    موت جي رٿ ۾،
    ڦرندي گهرندي،
    ڪنهن کان،
    پنهنجو پاڻ گهري ٿو،
    جذبن جو جيئدان گهري ٿو.


    سنڌو!

    جيون جوت جياپو آهين، تون ئي نيڻن ٺار مٺي!
    موج نه مستي تنهنجي مک تي، ايڏي ڇو ماٺار مٺي؟
    سنڌو هانوَ نه هار مٺي!
    تڙ وڃن ٿا تاڪيا سارا، ڏم جڏهن ڪو ڏمريو آ،
    سهڻي سان گڏ سير ٻڏي ڇا؟ ڀاڱا ٿي تک تار مٺي.
    سنڌو هانوَ نه هار مٺي.
    فرعون نڪو هت موسيٰ ڪو، ڇر ڇڄي ٿيو ڦاڪون ڇو؟
    ڇوهه ۽ ڇوليون قيدي بنيون، لهر لهر سنگسار مٺي.
    سنڌو هانوَ نه هار مٺي.
    سج ڀلا ڪيئن چهرو ڌوئي، جر پيو ٻُڪ ۾ واري ڍوئي!
    چنچل وير اُڃايل تنهنجي، سو ڪهڙو اسرار مٺي!
    سنڌو هانوَ نه هار مٺي.
    شاهه، سچل ۽ سامي سوڌو، سُنهن کڻون ٿا ڌرتيءَ جو،
    ڏاڍائي جا ڊيم نه اڏبا، ڊهندي هر ديوار مٺي.
    سنڌو هانوَ نه هار مٺي.
    ويري ونگ وجهنَ ڀل ڪيڏا، تون سان ساهه سريکا رکبا،
    ڏاهي ٿي ڏس! ڏاهي ٿي، منٿون مڃ هڪوار مٺي!
    سنڌو هانوَ نه هار مٺي.
    امرت ڌارا جي تون وارث، سنڌ امڙ آ تنهن جي وارث،
    پنهنجن جي آ توکي پارت، سنڌين جي لهه سار مٺي.
    سنڌو هانوَ نه هار مٺي.
    ڀونءِ جا ڀاڳيا سڀ آهن جاڳيا، پاڻي، پاڻيءَ چاهن ٿا،
    لاڙ سڄو ماڻيندو موجون، جل ٿل تنهنجو پيار مٺي.
    سنڌو هانوَ نه هار مٺي.
    تنهنجون ڇوليون ڇيرون پائي، گجگوڙن سان اينديون ڪاهي،
    لهرن جي هر لوڏ ۾ ٻُڏبي، جهانگين جي جهونگار مٺي.
    سنڌو هانوَ نه هار مٺي.


    ٻاگهل جهڙي ڌيءَ مٺي .....!

    ڪري سنڌ امڙ ماتام الا!
    وو - واويلا، وو - واويلا!
    نار نماڻي ابهم پياري - ڪونج ڪاتاري هوس شڪاري،
    وحشين جي ڦاٿي دام الا!
    وو - واويلا، وو - واويلا!
    هي ٻاگهل جهڙي ڌيءَ مِٺي - هي مارُل وانگر معصوم مُٺي،
    ڪنهن ڪِيس ڪيو ڪهرام الا!
    وو - واويلا، وو - واويلا!
    انسان ڦري آ شيطان ٿيو – ديو ڪام جو ٿي آ غلام ويو،
    ٿي ڪاري پوءِ قيام الا!
    وو - واويلا، وو - واويلا!
    بي لڄ نه ڪنهن جو ڀاءُ سياءُ - ڪا هن جي ناهي ڀيڻ ۽ ماءُ،
    بدڪار برو بدنام الا!
    وو - واويلا، وو - واويلا!
    ڪهڙي ته عدالت ۽ فتويٰ - سو ڦاهيون ڏيو ۽ هڻو ڦٽڪا،
    سر - عام ڪريو قتلام الا!
    وو - واويلا، وو - واويلا!
    ڪري سنڌ امڙ ماتام الا!

    معصوم ابهم نياڻين سان ٿيندڙ ڏاڍائي خلاف

    بيوسي جون ڀوڳنائون

    جڏهن بيوسي انتها تي
    رسندي آهي
    تڏهن سونهن ماڻيندي آهي
    ۽ خوشي ڏک جي
    سوڳ ۾ ورتل بهارن جا
    سڀئي ڇڻيل ڳهه ڳٽا ۽
    سڪي ويل ڇانورا
    لاچاري جي هٿن کي
    سونپي چوندي آهي
    رولاڪ نصيب کان
    وڇوڙيل سُکن جي
    ڀوڳنا جو بار
    هر دل کي پاڻ ڍوئڻو
    ۽ هنڊائڻو مقدر آهي!


    ڪُٺل ڪٿائون ڌرتيءَ جون

    سکڻي دنيا سکڻا ماڻهو، هر ڪا جهولي،
    ڪائو ڪچ!
    ٻنڀي ٻنڀي تي ٻاڪاري پيو، ٻار نڌڻڪي،
    وانگر سچ!
    پهتيون ڪين پڄاڻي تائين، چين سڪون جون،
    آکاڻيون!
    احساسن ۾ دهشتگردي، ڪيئن مچائي،
    ويٺي مچ!
    قومي شعور آ هٿين خالي، ڏيهه ۾ ڏاهپ،
    ڏوهي آ!
    آزاديءَ جو اظهار گهري ٿي، ڏات اسان کان،
    ڪيڏو ڳچ!
    رت رئاري روز وڃن ٿيون، ڪٺل ڪٿائون،
    ڌرتي جون!
    سورن جهنگ ۾ باهه ڏيون پيا، هٿ ونڊائڻ،
    لائي اچ!
    هٿ ونڊائڻ،
    لائي اچ!



    واه! پليجو!
    مشرق تي احسان پليجو،
    ڌرتي تي انسان پليجو،
    دنيا کي جاڳائڻ وارو،
    ڄائو سنڌ امڙ جو آهي،
    سنڌين جو آ ساهه پليجو!
    قومي قائد واهه! پليجو!

    ڏاهپ، ڄاڻ، فڪر ۾ يڪتا،
    سوچ سمنڊ کان گهرا نُڪتا،
    ڏاڍا ڏونگر ڏارڻ وارو،
    ڏاهو ڏيهه نگر جو آهي،
    جذبو، جلوو، جاهه پليجو!
    قومي قائد واهه! پليجو!

    هي خلق خدا جو پيارو آ،
    آواز عوامي نعرو آ،
    جاڳرتا کي آڻڻ وارو،
    راڻو ديس دولهه جو آهي
    رهبر، رهنما، راهه پليجو!
    قومي قائد واهه! پليجو!

    ڪوڙ ۽ سچ کي پرکي ويٺو،
    سوڀ کٽي ۽ مَرڪي ويٺو،
    مُرڪِي منزل ماڻڻ وارو،
    ڀاڳيو بهادر ڀونءَ جو آهي،
    تحريڪ ۽ اُتساهه پليجو!
    قومي قائد واهه! پليجو!

    ون يونٽ جا وڪڙ وڍائي،
    وستي، واهڻ واٽ بنائي،
    ڊيم دغا جا ڊاهڻ وارو،
    سرواڻ سچائي جو آهي،
    نٽهڻ ۾ وڻراهه پليجو!
    قومي قائد واهه! پليجو!

    ويرين تي هي وار ڪري ٿو،
    ڌارين کي هي ڌار ڪري ٿو،
    ڏوٿين تان ڏک لاهڻ وارو،
    پنهنجن جو هي پنهنجو آهي،
    اَٽل ۽ ارڏو چاهه پليجو!
    قومي قائد واهه! پليجو!
    ظلم تي ڪا ڪاهه پليجو!

    (21 فيبروري 2012ع
    پليجي صاحب جي 82 هين سالگرهه تي)


    قيدي آهيون!

    عشق اسان کي سزا ڏني جا،
    ڪاري پاڻي،
    جنب قيد،
    ڪاٽڻ جي،
    اڄ عجب انصاف ٿيو آ،
    ڪارو پاڻي،
    اسان جي،
    اکين ۾،
    پاڻ اچي ٿي قيد ويو آ،
    ڪارو پاڻي،
    ۽ آئون،
    قيدي آهيون،
    هاڻ ٻئي ڄڻ اکين جا.


    بغداد ٿيو آ

    سنڌي ۾ هڪڙي،
    عام آهي چوَڻي!
    “ڪيڏو هي بغداد ٿيو آ!”
    سال صدين کان پوءِ ڏس!
    رت رڱيل ڳاڙهي، ريٽي،
    ڀونءَ مٿان!
    بارود بمن جي وسڪاري سان،
    قتلام ٿيو آ ڪربل جهڙو،
    بيداد ٿيو آ بين الاقوامي!
    اڄ حقيقت ۾ پرماريت جو،
    ڪيڏو هي بغداد ٿيو آ،
    بغداد سان ٿي بغداد ويو آ!


    سرد دونهان

    اڃا تائين - دل جا ڊهن پيا ٿا ديول،
    اڃا تائين - ساهن ۾ سرجن سور ساڳيا،
    اڃا تائين - اُتت جيئن اُڃارو آ ارواح،
    اڃا تائين - وڇوڙن جا مذڪور ساڳيا،
    اڃا تائين - دانهون سُڄن ديس ۾ ٿيون،
    اڃا تائين - ڪونجن جا ڪٺل ماڳ ساڳيا،
    اڃا تائين - سنڌ جو آ گهايل بدن ڀي،
    اڃا تائين - ڀونءَ جا ڀيليل ڀاڳ ساڳيا،
    اڃا تائين - ذهنن ۾ ٿو اهنڪار گونجي،
    اڃا تائين - بڇڙاين جا بحران ساڳيا،
    اڃا تائين - نه جلاوطن سگهيو ٿي ظلم آ،
    اڃا تائين - نه بدليو جڳ نه انسان جاڳيا.
    تڏهن گيت سمورا، ’اي ساجن‘
    مون سڀ ڇڏيا ساڙي آهن،
    اڄ رک رکي آ ميز مٿان،
    پيا اُڏرن جنهن مان سرد دونهان!


    چنڊ چاهه جو!

    چنڊ منهن جو چاهه جو،
    مون کان رهيو ڪيڏو اوپرو!
    آءُ ڳهيلي هانو هٺيلي ساڻ هيڪل،
    جُڳ جُڳن کان آس لڳائي،
    نينهن نهارن ۾ سمائي،
    واٽ ۾ ويٺي رهيس،
    هو دل جي ڌرتي مٿان،
    پيار جا پيرا مٽائي، منهن ڦيرائي،
    ڪنهن ڏوراهين دنگ تان،
    ايئن پراون جيئن سدا،
    ايندو رهيو، ويندو رهيو،
    جڳ ۾ وکيرڻ روشني!
    پر مون کي اَرپي ڪين سگهيو،
    هڪڙو ڪرڻو قرب جو،
    ڪيڏو نه ڏس!
    ڪنجوس نڪتو!!!
    چنڊ منهن جو چاهه جو!
    چنڊ منهن جو چاهه جو!


    هڪ بي معنيٰ اڌورو جياپو!

    چاهت جزيرن ۾ ويرون چڙهن ٿيون،
    تڏهن يادن جي ٻيٽن ۾ ٻوڏون اچن ٿيون.
    تُرها آسرن جا سڀئي لڙهن ٿا.
    دردن جي لهرن تي بيوس وڇوڙا،
    اُداسي جا اَڻ کُٽ عنوان بنجي،
    جيون جي جذبن جي ماٺي ڪُن مان،
    ايئن موڙي آرس جاڳي پون ٿا،
    عشق بلاول ۽ سرمد کي سوچي،
    پوءِ زندگي جي گلابي بدن کي.
    وفا جي امرتا سان اَرپي وڃي ٿو،
    تتل دل جي ٽهڪندڙ تاءُ تي،
    ساهن سان سيڪي خوشين کي،
    پگهاري ۽ ڳاري، نماڻا نير هاري،
    اکين جي اُٿل سان وهائي ڇڏي ٿو.
    تڏهن جيءُ سگهي ٿو جڳت ۾،
    هڪ بي معنيٰ، اڌورو جياپو!


    12 مئي جو سانحو

    اي زمانا تنهنجي ڪُک ۾،
    ڪيڏا سپجن سور ٿا،
    سور جي ناسور بڻيا،
    قوم جي تاريخ جا،
    ڪيئي گهائل، ڳاڙها ڳڀرو،
    ڪيئي ونيون ۽ چنيون،
    چٿيل، چيهاڙيل ۽ ڪٺل،
    ڀڙڀانگ ۽ ڀنڀور وستيون،
    ڀون جون اُپٽيل اکيون،
    پولار ۾ اٽڪي پيون.
    سالن ڪنان هن ڏيهه جي،
    هر سک ۾ کيڏيون، وڌيون،
    نفرتن جا نيش سهندي،
    اڄ رنيون، ڏاڍو رنيون،
    ڪِيس ڪلاچيءَ ۾ ڏسندي،
    اڄ رنيون، ڏاڍو رنيون!


    مها ٻوڏ 2010ع

    روح ۾ روڻيون پيون ۽ ساهه ۾ گهارا لڳا،
    منزلن کي کنڊ کنڀي ويا، دربدر چارا لڳا.

    قيد ٽوڙي مانسرور کان هلي سنڌو مٺي،
    واهرُو پرهت به ويري دشمنن پارا لڳا.

    ڪوڙڪي ۾ ٻوڏ جي درياءُ شاهه ڦاٿو وڃي،
    ڀونءَ ڏتڙيل ڏيهه پنهنجي ۾ به ويچارا لڳا.

    ائين مڪلي ۽ ڪراچي ۾ ٿيا مارو ڪٺا،
    هر ڏسا ڪاري قيامت جا ٿي نظارا لڳا.

    زندگي جي هر خوشي کان زندگي کسجي وئي،
    ور، ونيون ۽ ٻار اَبهم سڀ درد جا ڌارا لڳا.

    منگلي من کي هڻي پئي بند نيڻن جا ٻڌم،
    بي اَجها ٿيا مور ماڻهو، لڙڪ منهن زورا لڳا.

    آزمائش هئي اسان تي سازشن جي ڇيهه جي،
    جيءُ جهريل ڍول جهانگي همتن وارا لڳا.

    هاڻ پٽبا ڪين ٻُوڙا، سانَ ڀل ڪيڏا وڙهن!
    سنڌ ۾ سنڌي سٻاجها، جاڳ جا نعرا لڳا.


    اهو، ها هڪڙو شاعر آ

    سچي تاريخ جو ڪاتب،
    سڄي تهذيب جو وارث،
    ضميرن جي سچائي سان،
    خميرن جي سهائي مان،
    سهيڙي سنڌ جا سڏڪا،
    چٽي ٿو درد زخمن جا،
    عجب دنيا عذابن جي،
    اکين سان جنهن اَجهاڳي آ.
    اُهو ها هڪڙو شاعر آ.
    اکر هن وٽ ثوابن جا،
    رڳو قومي عبادت آ،
    اُميدون، خواب، آزادي،
    ڌراوت هن وٽ قومن جي،
    چيهاڙيل چنڊ آ ڀونءَ جو،
    خوشيون کسيل ستارو ڪو،
    اَڏي اوجهڙ آڏو ٿو اَڏ،
    ڪلا جي چڻنگ جاڳي آ.
    اُهو ها هڪڙو شاعر آ.


    اُسڙڪي اُڃ ۾ ڌرتي،
    سڏي سنڌو پئي سرتي،
    ٻڌي مظلوم ڪيٽي جا،
    اڃا به ٺٽو پيو سڏڪا،
    ڌڻيڪي سنڌ پنهنجي جو،
    اڃا سنڌي نڌڻڪو ڇو؟
    خماريل ننڊ نيڻن مان،
    ڪوي اُڇلي تياڳي آ.
    اُهو ها هڪڙو شاعر آ.
    پرهه جا پاند اڃا ڪارا،
    اڃا موتون ۽ پرمارا،
    اڃا تائين نه هن ڀون جي،
    بهارن مند ڪا موٽي،
    اڃا هت ڏات ڏوهاري،
    ڏکن ۾ ڏيهه جو هاري،
    اڻانگي عشق جي پنڌ ۾،
    اواڳي واٽ واڳي آ،
    اُهو ها هڪڙو شاعر آ.


    ڪڏهن ٿيو نظم “مجيدي” جو،
    ڪڏهن “منشي” جو هو نعرو،
    ڪٿي ٿي “اياز” هي آيو،
    ڪٿي هي “سرويچ” سڏايو،
    “همايوني”، “بخاري” ٿيو،
    “وفا” جو پڻ غزل ٿي ويو،
    “سچل ۽ ويندي سامي” کان،
    “ڀٽائي” جي اَجهل نينهن سان،
    صديون هن جوءُ سجاڳي آ.
    اُهو ها هڪڙو شاعر آ. اهو سانگي يا ساگر آ،
    مگر سچ جو پيغمبر آ. اهو ها هڪڙو شاعر آ.

    جنت ڏانهن موٽ

    ڪالهه!
    هڪڙو اُن جو داڻو
    کائڻ عيوض
    آدم!
    تڙيو ويو هو
    جنت مان!
    وري ساڳيو
    آدم!
    ٻوڏ ستايل
    بک جو ماريل
    حشام ماڻهن جي
    پيهه ۾ پيهي،
    ڌڪجي، ڇڪجي،
    لٺيون کائي،
    هيٺ ڪري ٿو،
    پٽَ تي ڪريل،
    داڻا ميڙيندي،
    مڇريل ماڻهن جي،
    پيرن ۾ وچڙي،
    چپجي، چٿجي،
    لتاڙجي،
    اَن ڪڻي جي عيوض،
    شهادت ماڻي،
    وڃي پهتو آ،
    جنت ۾!
    اڄ!!!


    قلم جو ماتم

    اي! سنڌ جي راڻيءَ شهيد،
    تون سورمي آن شاهه جي!
    آدرش تنهنجي زندگي،
    تاريخ هي قومي لکي،
    ست جُڳ ڪئي تون روشني،
    سک، آجپي جي راهه جي.
    تون سورمي آن شاهه جي!
    قائد عوامي ڏيهه ۾،
    تون بي مثل پرڏيهه ۾،
    سرهاڻ هن ساڻيهه ۾،
    سچ، سونهن ۽ ساراهه جي.
    تون سورمي آن شاهه جي!
    سنڌو سڀيتا جو حسن،
    تون انقلابن جو ذهن،
    تحسين لک سوچون چون،
    مڃتا مڃنَ ويساهه جي.
    تون سورمي آن شاهه جي!
    تون ڀر جهلو ڀونءَ جو ڀرم،
    ارڏن ارادن جو عزم،
    بي باڪ، باغي ڪو نظم،
    هر ڏات نتهن جي واهه جي!
    تون سورمي آن شاهه جي!
    توکان وڇوڙيل گهر رئن،
    مسجد رئي، مندر رئن،
    انسان جا اندر رئن،
    ڀيٽا ڏين ساڃاهه جي.
    تون سورمي آن شاهه جي!
    ڳولا ۾ تنهنجي سج اڃان،
    اُڀري پيو آڪاش مان،
    موهن دڙي، مڪلي مٿان،
    ڪنهن آس ۾ اُتساهه جي.
    تون سورمي آن شاهه جي!
    ماڻهو، گلاب ۽ موسمون،
    تنهنجي وفا جون منزلون،
    شل! ماڳ ماڻينَ محبتون،
    نٽهڻ کُٽي اونداهه جي.
    تون سورمي آن شاهه جي!
    سڀ گيت ڪيڏار ٿيا،
    ڳائي خوشي ٿي مرثيا،
    لڙڪن نوان نوحا لکيا،
    ڌرتيءَ ڌڏي هر ساهه جي.
    تون سورمي آن شاهه جي!
    منهن مٽ ويا ٿي سڀ وچن،
    قاتل هنبوشي پيا هڻن،
    سڏڪا ضميرن جا سُڄن،
    دل ۾ ڄڀي آڙاهه جي،
    تون سورمي آن شاهه جي!
    ماتم قلم جو ڇا لکون؟
    اکرن نٿا پورا پئون،
    سگهه کي سهيڙڻ ٿا گهرون،
    هي بندگي آ چاهه جي.
    اي! سنڌ جي راڻيءَ شهيد،
    تون سورمي آن شاهه جي!


    سونامي

    پنهنجي
    ماتر ڀومي
    سنڌ امڙ
    جي
    ڀونءَ ڀلاري
    تي
    ڌارين جي
    “سونامي”
    کي ڏسندي
    اُلڪو ٿئي ٿو
    ساهه مُنجهي ٿو
    سوچ فڪر ۾
    گم ٿي جڏهن
    ساڻائيءَ مان
    آءٌ سڏيان ٿي
    اي! ڀٽ ڌڻيءَ،
    سچل، سامي
    سونهان ٿيو!
    اي! شهيد عنايت،
    مخدوم بلاول،
    ۽ آخوند صالح
    واٽ ڏسيو!
    ڌرتيءَ بچايون
    ڌارين جي
    يلغارن کان
    ۽ ديس دروهي
    پرمارن کان!
    ائين پنهنجي
    ٺوٺ چپن تي
    سڪل زبان سان
    ورد ڪريان ٿي
    جيئي - سنڌ!
    سنڌ - جيئي!
    ذهن جي اُمالڪ
    پسمنظر ۾
    نانءُ اُڀرن ٿا
    ڏاهر کان پوءِ
    دودو - دولهه
    ٻاگهل ٻائي
    ڄام تماچي
    هوشو - هيمون
    سورهيه بادشاهه
    روپلو ڪولهي
    حيدر بخش جتوئي
    جي - ايم - سيد
    مائي بختاور
    فاضل راهو
    بينظير ڀٽو
    بشير خان قريشي
    ابراهيم جويو
    ۽ سوڀي کان
    پليجي تائين
    ائين .... اڃا
    وقت وٿي مان
    مسلسل اڳتي
    اَڻ ڄاتل ۽ اڻ ڳڻيا
    نالا لاڳيتا
    هلندا ئي رهن ٿا
    تڏهن سرير ۾
    ست اچي ٿو
    پنهنجي
    ايندڙ پيڙهي تي
    ويساهه وڌي ٿو
    سنڌي سلامت!
    سنڌ سلامت!
    جيئي سنڌ!


    نئين نسل کي نصيحت

    کُڙ کٻيتن وانگر ٻار،
    چمڪو اوندهه ۾ چوڌار.

    سونهن اوهان سان ڌرتي جي آ،
    بڻجو عظمت جا مينار.

    شاهه، سچل جا ساٿاري ٿيو،
    هوشو جهڙا سورهيه سالار.

    علم پڙهو، اخلاق پرايو،
    انسانيت جو ڪريو وهنوار.

    سائنس ٽيڪنالاجي ۾ پڻ،
    ٻالڪ پاڻ ٿيو هوشيار.

    ملڪ سڄو جيئن مڃتا ماڻي،
    اهڙا ٿيو قومي معمار!


    مر ويسون پر سنڌ نه ڏيسون!

    ڀٽائي ڏس! اڃا هن ڀونءَ پنهنجي تي هرهر هيڏا،
    دکن دردن جا دونهان، هَڄن هاڃا پيا ڪيڏا،
    دغا جي دشت جا گهوڙا ڊڪن، ڊوڙن، لتاڙين پيا،
    پنهنجي بدمست سُنبن سان چٿي ڀومي ڇڏي جن آ،
    ڇني ڇاتي، ڪري ڇيهون، چيهاڙيو ساهه آ ڌرتي جو،
    وطن جي چئوڏسائن جي هنن آزاد واٽن تي،
    غلامي جو اڃا ساڳيو صدين جو چيڙهه چهٽيل آ،
    وقت جي واڇ ۾ پڻ ڪي لڳل آهن لغامون ڄڻ،
    مرضي سان موڙي تن کي ڇڪين پيا هٿ غدارن جا،
    اڃا پرماريت ساڳي پينا پٿر چُٽي ويٺي،
    غلبي جي غليلن سان اَمن جي روز اکين ۾،
    دوکي جي ڌڳي دهشت هوائن ۾ اُٿاري پئي،
    نوان دهمان، دڙڪا ۽ رهزني جا هنگاما هُل،
    جذبن جي جونا ڳڙهه جون ڀڃي ڀوري سڀئي ڀتيون،
    ويساهه گهات ڇڏيون ڊاهي، ٿيون آهن سي کنڊر،
    دلاسن، آسرن جي اکين جي اڄ آکيرن ۾،
    سُرن ٿا نانگ نفرت جا سوين بي گرا زهري،
    آزادي جي اُمنگن ۽ آوازن ۾ وري ساڳيو،
    اُڊڪن ۽ اُلڪن جو ويو ٿي دور آ شامل،
    اڃا تائين اُميدن جو نٻل ساڻو ٿو اُڀري سج،
    ڪراچي ۾ خوني مانگر ڪري پيو ناچ ٽانڊو جيان،
    ڪروڌي جون پولارن مان اڃا ٻڌجن قاتل ڊاڍون،
    مگر سرڪار سياست جي سرابن ۽ سرورن ۾،
    خماريل نيڻ گهيرٽ مان اڃا اُپٽي سگهي ناهي،
    اڃا مطلب جي مڪاري ۾ مُٺل،خاموش ڄڀن پويان،
    ارادن جا سڀ ئي اُوتار اپراڌي ڏسجن ٿا،
    مفاهمت جي منڊي منڊلي سي سمجهو تن جي سودن ۾،
    ڪري ونگار ونڊ سمجهي، ورهائڻ سنڌ کي ويٺا،
    منافقت جا سنگهر ٽوڙي سڄي هي قوم جاڳي آ،
    ڌرتي ڌڻين جي دل ڪيو اعلان بغاوت جو،
    برهه جي باهه اُٿي ڀڙڪي سا بنڀٽ ٿي ٻري آهي،
    چپن جي چائنٺ جا چيري منن جي قيد مان نڪتي،
    اها ماٺار وڏي واڪي ڪري احتجاج ۾ ماتم،
    پنوهارن جي تنوارن جا تپي تارون هڻن نعرا،
    سنڌو جي سوڪ سيني تان واري جا ٿي سي واچوڙا،
    پنهنجي تاريخ قومي جا زندهه ساکي بڻيا آهن،
    دودي ۽ ديس دولهه جا دلاور سورميون، سوڍا،
    هيمون جي همتن جا هماليه ٿي آيا ڪاهي،
    هٿن ۾ کڻي ڳاڙها، رتل جهنڊا پيا ڦڙڪائن،
    ڪري للڪار هوشو جي وچن زر، زر ٿا ورجائن،
    “مرويسون، مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون”
    ازل کان ابد تائين “جيئي سنڌ” سدائين!
    اهو مول متو مقصد ۽ حياتي اسان جي آ،
    اسان جو دين، عشق ايمان ۽ آهي عبادت هي،
    اسان جي جند ۽ جان آهي ديس جي ڌرتي،
    سچائي جا اسين مالڪ رکون ٿا وارثي جو حق،
    اسان جو آهي ڀونءَ ورثو ۽ اسان جي آهي پڻ وارث،
    نٿا ڊڄون نٿا ڊڄون اسين ڪنهن ڀَر نٿا ڊڄون!
    ڪنهن ڌارئين ديس ڊوهي کان نه وحشي کان،
    اسان جي وحدت ۽ بقا جو جيڪو دشمن رهيو آهي،
    نٿا مڃون، نٿا مڃون اسين ڪنهن پر نٿا مڃون!
    ڪنهن بدشڪلي جي بدشد ڀاونائن کي،
    اسان جي قومي روايت کان جو انڪاري رهيو آهي،
    نٿو سنڌي جو ڳالهائي نه ثقافت ئي سکيو آهي،
    جنهن وٽ ناهه محبت، مان ۽ مرتبو ماءُ جو،
    جيجل سنڌ! جي ننگ، ناموس ۽ نه عظمت جو،
    اهڙي پليت پاپي کي ٻڌائي ٿا اسين ڇڏيون،
    هت ارغون ۽ ترخان يا انگريز وانگر ڪو،
    رهي سگهيو نه ڪڏهن ڪو هت رهي سگهندو،
    نٿو سنڌي جو بنجي، اهو هي ديس ڇڏي وڃي،
    لڏي وڃي، بلاشڪ سو سانئڻ سنڌ!
    ڇڏي وڃي!!!
    ڇڏي وڃي!!!

    (7 آگسٽ 2011ع تي ٿيل سنڌ جي انتظامي ورهاڱي تي احتجاج)


    قومي سنڌي ٻولي

    اسان جي عظمت پنهنجي ٻولي،
    اسان جي ساهت سهڻي ٻولي،
    اسان کي لولي ڏني جنهن ٻولي،
    اسان جي سا آ قومي ٻولي،
    اسان جي قومي سنڌي ٻولي،
    سدا جيئي سا مِٺڙي ٻولي،
    اَمان جي ٻولي سنڌي ٻولي!



    جيجي

    توبن گيت اُڃارا جيجي!
    قومي ٻول ڪيڏارا جيجي!

    تنهنجي جدوجهد جاڳايا جي،
    جاڳرتا جي جذبن جا سي،
    ڳاڙها خواب آسارا جيجي!

    سوڳ ۾ ورتل سوچ سڄي آ،
    لوچ به سور ۾ ساڻي ٿي آ،
    ماٺ ۾ لفظ سچارا جيجي!

    سنڌ اڃا پيئي سڏڪي ساڳي،
    قوم سموري ڏاڍ ۾ واڳي،
    مارو، ڏيهه، ڏکارا جيجي!

    انقلابي پيغام اوهان جا،
    جن مچايا هُل پڙاڏا،
    سورهيه ۽ سگهارا جيجي!

    سنڌڙي ساري توکي تنهنجي،
    ڳائي وري اچ، مٽي منهنجي،
    ’جيئي سنڌ‘ ٻي هارا جيجي،

    توکي ڳولين تنهنجا پيارا،
    سرتيون، سوڍيون، ديس دلارا،
    ڳولين چنڊ ستارا جيجي!

    توبن گيت اڃارا جيجي!
    قومي ٻول ڪيڏارا جيجي!

    25( آڪٽوبر جيجي زرينه بلوچ جي ڇهين ورسي تي ممتاز آڊيٽوريم ۾ پڙهيو ويو)


    تو سوا ڪجهه نه آ...

    زندگيءَ تو سوا،
    ڪجهه نه آ،
    اي! سڄڻ!،
    وقت جي ويڙهه ۾،
    يا ڀونءَ جي ٿيڙ ۾،
    ڀڙ ڀانگ ٿي ڄڻ ويل،
    ڪو ڊٺل ۽ ڦٽل،
    هڪ کنڊر شهر آ.
    اي! سڄڻ،
    زندگي تو سوا،
    يا آهي وري ڪو،
    سڪل کوهه ساٺيڪو،
    جنهن جي سيني منجهان،
    سُڃ وسي ٿي پئي،
    اُڃ رسي ٿي پئي،
    سا اُڃايل اُڃ آ،
    زندگي تو سوا،
    اي! سڄڻ،
    ڪجهه نه آ - ڪجهه نه آ.


    چاهت جا گلاب

    چاهت جا پيا گلاب پوکيون،
    خوشبوئن جي اُڏام سنڌ ۾
    ايڪتا جو اڄ ڏينهن آ قومي،
    هڪ ٿي ايندو عوام سنڌ ۾
    ڏيهه ۾ ثقافت جا رنگ کڙندا،
    هنڌين، ماڳين هر گام سنڌ ۾
    اجرڪ، ٽوپي ۽ ڳاڙها ڳڀرو،
    سورهيه ساٿي سرعام سنڌ ۾
    هٿ هٿن ۾ ڏيئي سڀ سنڌي
    خلق جو آڻيندا نظام سنڌ ۾
    آس اُمنگ ۽ جاڳرتا ڏيندي
    پيار امن جو پيغام سنڌ ۾
    انقلابي هي سوچون جاڳيون
    اٽل ارادن جي هام سنڌ ۾
    شاهه سچل جي سنڌ جيجل
    جُڳُ جُڳ جيئن مدام سنڌ ۾

    روشنيءَ جي شهر جو درد...

    هوائون زخمي، فضائون زخمي،
    زخمي روڊ ۽ رستا،
    گولين جي گهٽين جون،
    ڊنل ڀتيون ۽ ٻوٽيل در،
    گهرن جا اڱڻ سڀ مايوسي ۾،
    خوف جا ڄڻ کنڊ لڳن ٿا،
    دونهاٽيل دلين جو ڌڙڪو سهميل،
    زخمن جو جهنم بنجي دکي پيو،
    ساهن ۾ ڏک جي رسڪڻ ڦاهي،
    روز وڃي ٿي سوڙهي ٿيندي،
    راتا هو لڳي پيو رونق جي هر رمز مٿان،
    اَمن اڏيءَ تي ڪُسجي پيو،
    ۽ اورنگزيب ٻيهر هڪ ڀيرو وري،
    تتل سرائي سان انڌيون ڪري ويو آ،
    روشني جون اکيون!
    هاڻ ڪراچي، “اونداهو ڪُن”،
    ۽
    لاشن جي بازار لڳي ٿي!


    بشير خان قريشي

    ڳاڙهي جهنڊي هيٺ سمهي پيو،
    هو ڳاڙهو ڪونڌر ڌرتي جو،
    سنڌين جو دودو، دولهه پٽ
    هو هڪڙو هو لکن جو مَٽ
    دشمن جو ويو هانوَ ڏڪائي
    بشير قريشي ڪير سڏائي
    سام جهلي جنهن ڪراچي جي
    سنڌ بچائڻ، جي هام هنئي
    سو مڙس قدآور وڇڙي ويو،
    بي باڪ بهادر وڇڙي ويو
    سانگين جا ورلاپ ٻُڌون پيا،
    سُڏڪا، سُڏڪا ڏيهه سڄو آ.


    اسان کي ڀلا ڇو؟

    اسان کي ڀلا ڇو......
    اڃا مت نه آئي؟
    ڏجهن ۾ اباڻا، بکيا ڀينگ ڀونگا،
    اڃا حق اسان جا هتي ڀيلجن پيا،
    نه خوشحال مڪليءَ، نه ڪينجهر هندورو،
    سُڪل پيٽ سنڌو، ڪنارا اڀوڳا،
    مٺي ماٺ ۾ آ......
    وئي ماٺ کائي!
    اسان کي ڀلا ڇو......
    اڃا مت نه آئي؟
    گرهه ڪاڻ ماڻهو آ ڪشڪول پاتو،
    هتي ونڊ قومي ۾ ڀاڱو نه کاتو،
    ڳهر ۾ ڳڱاٽيل ستل قومي ساڳي،
    پڙهڻ سين ڪڙهڻ جو فڪر ڪين ڄاتو،
    اگهي سوچ پنهنجي ......
    وڃائي سگهائي.
    اسان کي ڀلا ڇو......
    اڃا مت نه آئي؟
    ڪڏهوڪو وئي ٿي! ڪراچي پرائي،
    اسان آ وساري ڇڏي مالڪي ئي،
    مڙيا کوڙ مانگر ڪٿي مورڙو آ،
    ڪري ناس ڪوڙا......
    ۽ ڪُپتي خدائي.
    اسان کي ڀلاڇو......
    اڃا مت نه آئي؟
    پٽي پار ڪڍيو، اجاڙيل وسندي،
    اڃا سنڌ ڄائي هتي مارجي ٿي،
    سچا ٻول ٻُٽجن ۽ اُڌما مرن پيا،
    امن آستي ۾ وسن شال سنڌي!
    ڏسون سنڌڙيءَ ۾......
    سکن جي سهائي.
    اسان کي ڀلاڇو......
    اڃا مت نه آئي؟
    اسان کي ڀلاڇو، اڃا مت نه آئي؟


    اڄ جي سهڻي...

    آئون اڄ جي سهڻي آهيان،
    روز ملڻ لاءِ ميهار سان
    سوڪ سنڌو جي سيني تي
    واريءَ ۾ ٿي ڪاهيان!
    پر نه ڄاڻان؟
    هاڻي ساهڙ، مينهون ڪاهي
    پاڻيءَ خاطر،
    ڪهڙي پاسي هليو ويو آهي؟


    لپ اسٽڪ جا شيڊز
    سامهون لپ اسٽڪ جا شيڊز رکي،
    ڪيڏو هوءَ سوچي ويٺي!
    ڪهڙي رنگ جي لالائي،
    ڏيندي سونهن ۽ سرهائي،
    وڳي سان جا ٺهڪي ايندي،
    چپن کي ڏيندي خوشحالي،
    سندر ساهن مان اچي سرهاڻ،
    ٿئي چهرو پڻ چانڊاڻ،
    گولڊن بهتر آهه يا گلابي،
    پنڪش لڳايان يا وري ڳاڙهي،
    اي! منهنجي مٺڙي ’سنڌيا‘ راڻي،
    ڪيڏي ڏاهي، تون سياڻي،
    هي سڀ سوچ اجائي آ،
    مڙيئي فيشن جي پورائي آ،
    تنهنجي معصوم مک جي لاءِ،
    هي سڀ سانگ اڌورا آهن،
    تنهنجي سوڀيا سيرت اڳيان،
    سارا رنگ اڻ پورا آهن،
    تنهنجو آهي حُسن الهامي،
    پنهنجو مٽ پاڻ ۽ مثالي.
    اي! منهنجي مٺڙي ’سنڌيا‘ راڻي!


    شهيد عاشق سنڌڙي جو

    سن جو سڏ ٿي اُڀريو هو!
    جنهن ڳاڙهو جهنڊو جهولائي ٿي،
    سانگين کي سُک جي ساک ڏني،
    ۽ آجپي جي اُجيارن سان،
    نينهن ڪري نروار هُو بيٺو!
    سنڌين جا من موهي ورتا،
    سنڌو جي ٿي سونهن پيو،
    اٽل ارادن جو شهزادو.....
    سازش جي طوفانن آڏو،
    هوشو جهڙي همت سان،
    ڪارونجهر جي ڪور مثل
    منهن مقابل ٿي بيٺو هو
    قومي شعور جو ديس دلاور!
    ڪُمهلو اسان کان موت کسي وئي،
    سچ جو سوڍو وڇڙي ويو،
    جنهن جوت ڏني ٿي جاڳرتا جي،
    سوراج نه ماڻي سوڀ سگهيو.
    امن جون اکيون اُجهامي ويون!
    اڄ هر ڪا دل ماتامي آهي.
    اُداسين جا ٿا سڏڪا اُڀرن،
    ساهه پيو ڦٿڪي سڪونن جو،
    خوشحالي جا خواب رُلي ويا!
    ڪيڏو قهري ڪانَ لڳو آ،
    روحن مان پيو رت ٽمي!!!
    وڍ ڏنو جو ويرين آهي.......
    گهاءُ نه ڪڏهن ڀرجي سگهندو
    سنڌ جيجل جي ساهن ۾.....
    هي زخم جُڳن تائين چِڳندو رهندو
    ۽ تاريخ ۾ امر ٿي هي جيئندو!
    شهيد عاشق سنڌڙيءَ جو!

    (شهيد بشير خان قريشيءَ جي شهادت تي)


    گوندر جي گرهڻ!

    ڪي سال سمورا
    هن سنسار ۾ تنهنجي
    رُوپا، سونا روپ ڏٺم.
    پوءِ اُمالڪ
    هر مُک جي چانڊوڪي ۽
    سندر، سهڻي صورت پويان.
    ڪوڙن جذبن
    سڙيل سوچن
    ۽ پاڻپڻي جي پستي ۾ پاهه
    بد خواهي جي بک جا ماريل
    ڪوجها، ڪوڙهيل،
    بنهه ڀوائتا
    ڀوتن جهڙا بد روح
    انساني احساس کان پالها
    ڪروڙين ٻهروپ پَسي!
    گوندر جي گرهڻ ۾
    ڪاراٽي هئي
    سندم دل، اي خدا!!


    پيار جو پيچرو

    آئون ڄاڻان ٿي!
    تون!
    محبت جي ماڳن جو،
    ناهين مسافر،
    جي آهين،
    ته به تنهنجي پيار جو،
    ڪوئي پيچرو،
    مون تائين!
    پهچي نٿو!



    ڪمال جهڙي زندگي!

    چاهه ۾ ڪنهن ڇيڳري،
    جي چال جهڙي زندگي!
    يا هراسيل هرڻ جي،
    آ ڇال جهڙي زندگي!

    سنڌ جي ٿي سورمي،
    بيشڪ! لڳي هر رنگ ۾،
    ٿي ڪڏهن تلوار ٿئي،
    هي ڍال جهڙي زندگي!

    روز گذري ٿي ائين!
    بس مرڪندي ۽ روئندي،
    جا سدا مظلوم جي،
    احوال جهڙي زندگي!

    اعتبارن ۾ رُلي ٿي،
    قول ۾ قابو ڪڙيل،
    ترشنا ۽ تانگهه ۾،
    غزال جهڙي زندگي!

    پوپٽن وانگر اُڏامي،
    آهه هلڪي هير ڄڻ،
    جوڳ ۾ جانٺو جبل،
    ڀونچال جهڙي زندگي!

    محبتن جي مام ۾ ٿي،
    نفرتن جا ننگ ڍڪي،
    پر رهي هر حال ۾،
    بدحال جهڙي زندگي!

    وسوسن ۾ ٿي جئي،
    وشواس ۾ وکريو وڃي،
    ڪو وڏو آ معجزو،
    ۽ ڪمال جهڙي زندگي!


    سنڌ سڄي جو آ سرواڻ

    حيدر ارڏن جو ايمان
    حيدر جهانگيئڙن جي جان،
    حيدر دردن جو درمان
    حيدر ڌرتي جو ڌنوان
    اونداهي ۾ آ چانڊاڻ
    حيدر هارين جو اڳواڻ!
    سنڌ سڄي جو آ سرواڻ!
    هي ساٿي ساٿ سچارن جو،
    هي رهبر ديس دلارن جو،
    هي پوکي رانهين وارن جو،
    هي دشمن ڏاڍ، ڏهڪارن جو،
    ظالم ڪارڻ تير ڪماڻ!
    حيدر هارين جو اڳواڻ!
    سنڌ سڄي جو آ سرواڻ!
    محبت جنهن منشور بنايو،
    نعرو ’جيئي سنڌ‘ بنايو،
    حق ۽ سچ جو راڄ بنايو،
    هارين کي حقدار بنايو
    شاهه، سچل جو اهڃاڻ
    حيدر هارين جو اڳواڻ!
    سنڌ سڄي جو آ سرواڻ!
    حيدر بخش جتوئي جيئي!
    هر دم جام، محبت پيئي،
    هيڻن جو همراهي ٿيئي،
    آدرش اصولن جا ٿو ڏئي،
    اڄ ڀي آهي سانگين ساڻ!
    حيدر هارين جو اڳواڻ!
    سنڌ سڄي جو آ سرواڻ!

    (باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جي 42هين ورسي تي 21 مئي 2012ع تي پڙهيو ويو.)


    جذبن جي ارڏائي!

    سانول! تنهنجي پيار منجهان،
    آس پلي مون ناهي اڃان،
    توکي مون کان ڌار ڪري،
    سا ڪيئن آئون ڳالهه مڃان!
    جڳ جا ٺاهي ليڪ وڇوڙو،
    سا ڪا لڇمڻ ريکا ناهي،
    منهنجي چاهت راوڻ وانگر،
    ويندي سارا ليڪا ڊاهي،
    جي تون دل جا دنگ وڌايا،
    آئون اورانگهي اُڪري ايندس.
    جبل هماليه، چين ديوار به،
    اُڀ اُتاهون اُڏري اينديس.
    اينديس آئون تون وٽ ائين،
    هير گهلي جيئن مکڙين ۾،
    ٽوڙي سارا ٻنڌڻ ائين،
    سار اچي جيئن دلڙين ۾.
    ڪير نه سگهندو ڪنهن پر روڪي،
    جوڙي ناتا نيارا وينديس،
    جُڳ جُڳاندر جوت رهي،
    اهڙا ڏيئي اُجيارا وينديس!


    انڌ جي جهان ۾!

    انڌ جو گهوڙو، انڌ جو هسوار
    مجبوري جي ڳل تي
    ڏاڍ جي هڪ ڪرڀ ڀري چماٽ
    شرافت جو شوڪيس ٽوڙي
    انسانيت جي تذليل ڪري وئي!
    معصوميت کاڌي مات
    تعدي جي تلوار اڳيان
    ماٺ رهي مظلوميت
    ۽ بوتو بڻجي ڏسندو رهيو
    قانون اسان جو
    نابينا جيئن
    انڌ جي هن جهان ۾ !


    ڪونڌر ڄايون!

    سنڌ اَمڙ جون شهيد نياڻيون،
    ڌرتيءَ جون هي ڌڱ ڌڃاڻيون!
    محبت سنڌ سنديون سرواڻ،
    بختاور جو ٿي اُهڃاڻ،
    سنڌياڻيون ڀونءَ بهادر جون،
    سوڍيون، جوڌيون، ڪونڌر ڄايون،
    بيٺيون دشمن کي للڪاري،
    پاڻان اَرپي وييون واري،
    گولين جي گونجار ۾ گونجيون،
    ’ڀائن سان گڏ ڀيڻون هونديون‘
    ظالم آڏو ساهس ساهي،
    سچ جي قومي ريت نباهي
    جيجل ڪارڻ گهوري جند،
    ساٿ غزالا سَرتين سنڌ!
    تاريخ ۾ ريٽي رت سان لکبي،
    اَمر ڪهاڻي قربانيءَ جي!

    (22 مئي 2012ع تي ڪراچي ۾ محبت سنڌ جي سلامتي جون پهريون شهيد ڀينرون غزالا بتول صديقي، آمنه عبدالرحمٰن پليجو ٺٽو، شريفان زال شمشير لياري.)


    اڃا....؟

    ٿورو
    کاڌو
    هٿ
    گهڻا
    دربدر
    ڪيڏو
    ماروئڙا
    پيرن
    هيٺان
    ڀونءَ
    نه
    باقي!
    ناهي
    مٿي
    تي
    ڇانءُ
    اڃا!


    يادن جا گنبذ!

    تنهن جي هجر ۾
    غم جون هوائون
    جڏهن گُهلن ٿيون دل جي اڱڻ تي
    تڏهن تنهن جي کلڻ جي خوشبوءَ
    آواز جو اُجالو ٿي
    ڇم ڇم ڪري ڇڻي پوي ٿي
    ساهن جي سُر ٻاٽن مان
    پوءِ يادن جا گم گنبذ
    من جي محور تي
    ڌرتي جي گولي وانگر
    ڦيرا پائن ٿا، ڦرموٽي جيان
    جيئن ٻارڙا رهن راند
    لال ڦيري، گل ڦيري!


    پاڪ پوتر رمتا جوڳي

    ڌوتي پوتي، اڇّي پوتي،
    پاڪ پوتر، رمتا جوڳي،
    بين وڳي ۽ پير ٿڙيا،
    ٺمڪڻ لڳا، پاپي ٺوگي
    روز الاپين سُر نئون ٿا،
    ڪرسي ڪارڻ سياسي روڳي
    جنتر منتر، ڇو منتر سان
    ساعت ماڻين جلد سڀوڳي
    چونڊن جو ٿا جاپ جهپين،
    ساڻ اليڪشن جي مينهوڳي
    يا ڦٻون جي ورد ۾ ترڪيا،
    انصاف، اُڪاري سهيوڳي،
    تبديلي جي آس اڻانگي.
    سکڻا نعرا، سوچ اَڀوڳي.
    روپ ٻهروپي، پرڪار پروٿا
    پرت نوان پر هڪڙي دوڳي
    سياست جي ڪٽ جوڙ نياري
    قوم سدائين ماندي موڳي
    جهڙي ڇالي، تهڙي پني
    ذات اصل اقتدار ۾ اوڳي
    ڌوتي پوتي، اڇي پوتي
    پاڪ پوتر رمتا جوڳي!


    آئندهه جو اونو

    حال ۾ هلندڙ سارا ماڻهو،
    بي ڪل، ماندا ۽ بي حال،
    توڙي ماضي تي ٿا مَرڪن،
    چهرن تي چهٽيل پوءِ به ملال،
    آئندهه جي اونَ ۾ هي ڦاٿل،
    ڳڻتي ۾ ڳرندي ڪن سوال،
    پنهنجو مستقبل آهي ڪهڙو،
    قوم سنڌيءَ جو ڇا ٿيندو حال؟؟؟


    عياري جي سرابن ۾!

    الائي! ڇو هن ديس جي ناري؟
    اڃا اڻ سونهين آهي اڻ ڄاڻ
    سڃاڻي رڳو جا سگهي ناهي
    اڃا تائين هوءَ پنهنجو پاڻ!
    پروڙي سا سگهي ٿي ڪيئن؟
    ايڪهين صدي جي رياڪار سياڻپ کي،
    ۽ هن سماج جي حرفتي خيانت کي،
    اڃا جا واٽ وصل تي وياڪل آ
    ۽ پڻ انڌ جي رسمن ۾ گهائل رهي ٿي
    اڄاتل پيار جي پنڌ ۾ ٿي ويساهه وسوڙيل
    اڀاڳي سڪ عياري جي سرابن ۾
    دل جي بيابان سرد پوٺن تي ڀٽڪي
    سُڪل سنڌو جي خوابن جيئن
    رڻ واهيءَ جي روڳ ۾ رُلي ٿي
    جڏهن قرب جو ڪو سمنڊ ٻاڙو
    سوڪَ ساهن جي خالي پڻي ۾ اُٿلي
    پنهنجي پالوٽ سان دل کي پائي وڃي ٿو
    اميدن جي اَياڻي اک پرکي سگهي نٿي
    آرزو جي املهه سچ کان آ اڻ واقف
    اڃا ڪنهن سقراط هن کي سَڃيو ناهي
    لطيفي لات نه وري ڪو رنڱيو آهي!
    جا ٻاگهل کي وساري آهي ويٺي
    ۽ بختاور کي ڪين ڪي ساري ٿي
    جوڀن رُت ۾ جا جذبن جي
    جڏهن ننڍپڻ جي چلولاين کان
    ڇڏائي هٿ اچي بيٺي اجهو آهي
    اڳيان اُڌمن جي عدالت جي
    ڪفن ڪارو مک تي پائي
    ڪٿي رينڪل ۽ لتا سِڏجي
    ڪڏهن حميده ۽ حوا بنجِي
    اَگِلي سوچ ۾ ڪنهن لمحي جي
    ڪري ٿي پيار جو پرڻو
    تڏهن ڪوڙ ڪامڻ جو کَٽي ٿو!
    هوءَ اکيون احساس جون ٻوٽي،
    اگهاڙي ڇانءُ جي هيٺان
    تتل لفظن جي طعنن سان
    ازل جي اعتبارن جا
    عزازت جي نينهن جا ناتا
    خود غرضي جي هڪ ڌڪ سان،
    وڍي ٿي وڃي روح جا رشتا،
    لاڳاپا، پريت ٻنڌڻ سڀ
    ڇني جيجل کان سياپا سڱ
    ڌڪاري ٿي ٿڃ جي لڄ کي
    اکين پور زماني جيئن
    بنهه ڇنو ڇورو ڪري ڇڏي ٿي
    هي ايندڙ وقت جي ڳوڙهن کي
    ۽ پنهنجي نصيب جون هٿ ريکائون!
    ڪڙم سارو وڃي ٿو ڪارو ٿي
    پاڻ مهڻي هاب ٿي جڳ ۾ جئي ٿي
    تهمت ’ڀاڄوڪڙ‘ جي من تي ويڙهي
    حياتي ڀر ڏوهي ۽ ڏاميچ بنجي
    سدا سڏجي ٿي پوءِ ڄمار ساري پئي
    هي “ڪاري” پنهنجي ڪل ۾!
    پوءِ پڇتائي ٿي پل پل ۾!!!


    احتجاج

    اي! سنڌ امڙ جي وياڪل ڌيءُ!
    شل! جيڏل ماڻين آزاديءَ!
    ڳوڙهو ڳڙيو اک مان تنهنجي،
    نوڪ قلم ۾ اٽڪي منهنجي،
    اُڌمن ۾ پيو طوفان اُٿاري،
    جذبن ۾ ويو ڀنڀٽ ٻاري،
    اوندهه ۾ ڄڻ لاٽ بڻيو آ،
    ڳوڙهو ڳوڙهو واٽ بڻيو آ،
    جا سوچ سموري پيڙا جي،
    سا درد وفا کان باغي ٿي،
    آ گيتن گونگو گوڙ ڪيو!
    هي لانگ مارچ آ لفظن جو!
    اي! سنڌ امڙ جي وياڪل ڌيءَ!
    شل! جيڏل ماڻين آزاديءَ!


    گيت

    ويرانَ انڌيرين راتين ۾،
    ۽ مست جوان پرڀاتين ۾،
    مون دل جا روشن ديپ ڪيا.
    ۽ سنڌڙيءَ تولئه گيت لکيا.
    مون جگنو بنجي جوءُ اندر،
    پهرن جا پهر اوندهه ۾ سفر،
    جهولي ۾ کڻي ٿي چڻنگ ڪيا.
    ۽ سنڌڙيءَ تولئه گيت لکيا.
    ادراڪ جي پياري ديوي کان،
    آزين، نيازين ۽ منٿن سان،
    مون سوچن جا موتي بيک وتا.
    ۽ سنڌڙيءَ تولئه گيت لکيا.
    هن ڀونءَ ڀلي جي ساک کڻي،
    ۽ ماروئڙن جي آس کڻي،
    مون اکر اکر ۾ جوڙي ڪٿا.
    ۽ سنڌڙيءَ تولئه گيت لکيا.



    منهنجو پيار اَمر آ سائين!
    تون ڀانئين جيڪر نا ڀائين،
    تون چاهين جي يا نا چاهين،
    پنهنجي مرضيءَ وارو آهين،
    پر منهنجي اک جو اوسيئڙو،
    تنهنجي اچڻ جي آس ۾ هوندو،
    جڳ جڳاندر هر جُڳ تائين،
    هردم، هر پل ائين سدائين،
    هر مند وڇوڙيل ويندڙ کان،
    هر هڪ ايندڙ موسم تائين!
    منهنجو پيار اَمر آ سائين!


    اسا ڏي پيار، او سانول!
    لائي هٻڪار، او سانول!
    کٿوري خوب ڇٽڪاري- عشق اظهار، او سانول!
    اسا ڏي ڏيک لاچاري،
    ڪرن اکيان ڀي آهه زاري،
    ٿيان بي اختيار، او سانول- اسا ڏي پيار، او سانول!
    جدائي ڏي جدا ٿي ڳيا،
    صنم ڀي هي خدا ٿي ڳيا،
    ڪران انتظار، او سانول- اسا ڏي پيار او سانول!
    نهين دنيا دا ڀئو ڪوئي،
    نڪا پرواهه جندڙي دي،
    رکو اعتبار، او سانول- اسا ڏي پيار، او سانول!
    اسا ڏي دل نه هڻ ٽوڙو،
    عقل دي ڳالهه هڻ ڇوڙو،
    آئو هڪوار، او سانول- اسا ڏي پيار، او سانول!
    لائي هٻڪار، او سانول!



    الا! هڪ ڳوٺ جي ڳوري!
    لڳائي پيار جي ميندي، لڪائي لوڪ کان ڀوري!
    اکين ۾ پريت جو سرمو، لڳي ٿي چنڊ ڄڻ ڇوري!
    سڳي ۾ ٽونئر جوڀن جا، ٽلي ٿي ڊيل جيان گوري!
    ڊڄي ڇرڪي پئي ڪيڏو، جڏهن کان لنئون لڳس لوري!
    ٿيندي چؤٻول گهر گهر ۾، ٻريل جي باهه ڪنهن سوري!
    ڪري ڪاري هي ماريندا، يا پرڻائن زبر زوري!
    سڄڻ! وسري نه لڄائي لڄ، ڀلي جندڙيءَ وڃي گهوري!
    الا! هڪ ڳوٺ جي ڳوري!



    مومل آهيان، سسئي آهيان.
    جڳ ڇڏي ٿي،
    توکي چاهيان!
    چاهه نکاري من جي موسم،
    جذبن جي ڪا ارڏي موسم،
    ساهن ۾ ٿي سا سيبايان.
    جڳ ڇڏي ٿي،
    توکي چاهيان!
    عشق ازل کان مند ملهاري،
    نٽهڻ ٿر جي آءُ اُڃاري،
    بوند برهه سان اُڃ اجهايان!
    جڳ ڇڏي ٿي،
    توکي چاهيان!
    خوشبوءَ، چنڊ، گلاب سڄڻ! تون،
    چاهت بي حد حساب سڄڻ! تون.
    سڀ ڪجهه تون، مان ڪجهه ناهيان!
    جڳ ڇڏي ٿي،
    توکي چاهيان!
    اچ! ڪينجهر ڪنول ڦلاريا هن،
    دل آرا، انگل ساريا هن،
    آئون نوري جيان نينهن نڀايان!
    جڳ ڇڏي ٿي،
    توکي چاهيان!



    مڪلي جي چئوواٽي ڀر ۾،
    پارڪ جي ڪنهن پٿر تي!
    ساروڻين جي سنگ ميل ۾،
    تنهن جون نانءُ اُڪيريل آ،
    منهن جو من ڀي لفظن وانگر،
    تنهنجي ياد ۾ گهيريل آ،
    ناهي اڄ ڀي آس اُجهاڻي،
    جنمان جنم رهي آ ساڳي،
    ساجهر کان وڌ اُجرا سپرين!
    سڪ سانڀي رکيم سڀاڳي،
    مهڻي هاب حياتي ڀانيان،
    تو بن ساهه سڌير ۾ ناهي،
    مايوسي جي مانڊاڻن ۾،
    پريت ازل جي ريت نباهي،
    ميت! ملڻ جي مند به ايندي،
    وصل جون گُهلنديون نيٺ هوائون،
    رُت رابيل ۾ گلابن سان گڏ،
    پاڻ وٽ هونديون قرب هڳائون!
    مڪلي جي چئو واٽي ڀر ۾،
    پارڪ جي ڪنهن پٿر تي!


    آ تاريخ مقدس عشق جي،
    جا سونهن جي سجدن جڙي،
    سرهاڻ محبت جي کڻي!
    منهنجو پرين!

    ڪاڪ ڪڪوريل ڇانوَرو،
    من جو ڀرم ۽ سوجهرو،
    ساهن ۾ سڪ جي مينهن ڪڻي!
    منهنجو پرين!

    مون سان ورهه جا قافلا،
    ۽ طور سينا سلسلا،
    ناهيان هيڪل هڪ ڄڻي!
    منهنجو پرين!

    سارا ثوابن جا شهر،
    سڀني وسايا ٿي پٿر،
    هڪڙو ويو هو گل هڻي!
    منهنجو پرين!

    ڪهڙي حسابن کي مڃون،
    ڪهڙا لکي ليکا رکون،
    ڪس کائبي بيشڪ گهڻي!
    منهنجو پرين!



    سِگها آوين سانول- مين خوشيان ڪري سان.
    ڳانوڻ ڳيچ، سهري- ڪاڻ سکيان سڏي سان.
    سِگها آوين سانول!
    ويندا جو پيا هين- متان دير لاوين،
    اسان هون تساڏي- متان دل چاوين،
    ڀُلاجي تون ٻيٺين- مين ڀي نه جيءَ سان.
    سِگها آوين سانول!
    ڏاڍي ڏينهن لڳي هُڻ- ماندا من ٿيا هي،
    ميندي هٿان دي- جهڪي ٿي جا ڳئي هي،
    ڪڏهان ولسو سانول- ٻيٺي واٽ جهلي آن!
    سگها آوين سانول!
    وڏي مينهن پئي هِن- ول سانوڻ وٺا هي،
    تيڏي آنوڻ دي- اجها ويل مٺا هي،
    اڱڻ آؤسو جڏهان- مين اکيان وڇئي سان.
    سگها آوين سانول!
    مين خوشيان ڪري سان!



    او! منهنجا پرين!
    ڪيڏا چاهه رکين!
    اچي ڀر ۾ ويهين،
    مٿان منهنجي اکين،
    پنهنجا نيڻ ڌرين،
    ڪا ڳالهه ڪرين،
    ڪا سوچ ڀرين،
    آئون گهوري ڏسان،
    تون مرڪي پوَين،
    آئون ڇرڪيو پوان،
    تون اَلوپ ٿئين،
    ائين وکريو وڃين،
    ڄڻ خيال هجين،
    ائين گم ٿيو وڃين،
    ڄڻ خواب هجين،
    او! منهنجا پرين!
    شل! منهنجي جيئي،
    ٻه ٽي پير ڀري،
    تون پاڻ اچين!
    اچي پاڻ ملين!
    او! منهنجا پرين!!!



    آس سچي اميد کڻي اچ!
    اهڙي ڪائي ديد کڻي اچ!
    جيئن تون مون کي
    سگهين سڃاڻي!
    ڍوليا!
    رات ڇڏي تون ڏينهن کڻي اچ!
    نفرت کان وڌ نينهن کڻي اچ!
    جيئن تون مون کي
    سگهين سڃاڻي!
    ڍوليا!
    سهڻي جو ساهس ساڻ کڻي اچ!
    سچ جو پارک ماڻ کڻي اچي!
    جيئن تون مون کي
    سگهين سڃاڻي،
    ڍوليا!
    ڪسوٽي يا باهه کڻي اچ!
    ساگر جيڏو چاهه کڻي اچ!
    جيئن تون مون کي
    سگهين سڃاڻي!
    ڍوليا!
    مُرڪ مٺي، ميٺاج کڻي اچ!
    سنڌڙيءَ جو سوراج کڻي اچ!
    جيئن تون مونکي،
    سگهين سڃاڻي!
    ڍوليا!
    آءٌ ايامن کان اڄاتل آهيان،
    ڄاڻي وڃ تون ساجن! هاڻي!
    جيئن تون مون کي،
    سگهين سڃاڻي!
    ڍوليا!
    جيئن تون، مونکي سگهين سڃاڻي ڍوليا!


    جڏهن ڪونج ڪرڪي ۽ ڪوئل ٿي ٻوليو،
    اسان جي اميدن اوهان کي ٿي ڳوليو،
    اُجالن ۾ اوندهه جي تصوير هئاسون.
    اسين بس رهياسون عذابن جي اک ۾

    بهارن جي مند کان وڇوڙيون رهاڻيون،
    الهڙ زندگي جون اُجهاڻيون ڪهاڻيون
    ڀڄي ڀور بنجي، ڊٺاسون، ٺهياسون.
    اسين بس رهياسون عذابن جي اک ۾

    اسان جي منن ۾ رهي ڪا نه آشا،
    نهارن ۾ اڏيا سوين شهر نراشا،
    اسين اُڃ اُساٽيل جو سڏڪو ٿياسون.
    اسين بس رهياسون عذابن جي اک ۾

    روح جو روهيڙو رهيو ڪين ڳاڙهو،
    پريت پن سڪي ويا، خوابن ٻور ڇاڻيو،
    لڪائي اُداسيون ٿي مرڪي پياسون.
    اسين بس رهياسون عذابن جي اک ۾

    محبت سفر ۾ ٿڪا ڪين آهيون،
    جفائن جي جوءِ ۾ جدايون اجهاڳيون
    مري ڪين سگهياسون، جيئڻ کان به وياسون.
    اسين بس رهياسون عذابن جي اک ۾


    وائي

    صبح کان سومهڻي تائين،
    تنهن جي سار ستائي.
    عشق جي اُپٽيل هٽ تان ساجهر،
    ٻن نيڻن جي ٻُهڻي تائين.
    تنهنجي سار ستائي.
    تارن جي ٽمٽار امبر کان،
    ڏوڀارن جي ڏهڻي تائين!
    تنهنجي سار ستائي.
    موتئي مک تي ماڪ ڦڙي جي،
    ڪومل، ڪومل ڇهڻي تائين!
    تنهنجي سار ستائي.
    جهونجڪڙي جو جهالارن ۾،
    ’شاهه‘ کي پڙهندي سهڻي تائين!
    تنهنجي سار ستائي.


    ڪير ٿيو ٻلهار!
    برهه رُت بسنت ۾!
    نيٺ ڀنا ڀونءَ جا، اڻڀا نيڻ ٻيهار،
    برهه رُت بسنت ۾!
    سيڪيندي ڇا سونهن کي، نمائشي نهار،
    برهه رُت بسنت ۾!
    خوابن جي ڀنڀور جا، ڀيليا ڀاڳ بهار،
    برهه رُت بسنت ۾!
    جُهري سا ڪيئن جهوڪ، اڏي جا جهونجهار،
    برهه رُت بسنت ۾!
    اَرپي ويٺو آرائين، ڳاڙها گُل ٻه چار،
    برهه رُت بسنت ۾!



    ڇم ڇم ڇمڪي ڇير،
    هوريان ڌر پير- متان لوڪ لکي!
    چانڊوڪي سان چاهه ۾،
    پنهنجو پاڻ نه هير- هوريان ڌر پير،
    متان لوڪ لکي!
    ماڪ ڀنل هن مند ۾،
    جهول نه ڀر ٻير- هوريان ڌر پير،
    متان لوڪ لکي!
    ٻيلهڙ ڌري سر تي،
    سکي! وڃ نه سوير- هوريان ڌر پير،
    متان لوڪ لکي!
    سُڻ سُڻ ٿي ڳوٺ ۾،
    وات بنديندو ڪير- هوريان ڌر پير،
    متان لوڪ لکي!


    اُتساهي ٿي جاڳ شعور کي، سوڀن کي سرچائي ٿي.
    هي جا تنهنجي شاعري!
    ٻهڳڻ ٻول ۾ قومي معنيٰ، سنڌيت جي سمجهائي ٿي.
    هي جا تنهنجي شاعري!
    ڏور گگن ۾ آلاپ ايئن، ڄڻ پرهه کي پرچائي ٿي.
    هي جا تنهنجي شاعري!
    هر ميري اک منافق کان، سچ جي آڻ مڃائي ٿي.
    هي جا تنهنجي شاعري!
    گگهه اوندهه جي ماٺارن ۾، جوت جو الا جاڳائي ٿي.
    هي جا تنهنجي شاعري!
    عشق ڀري هي ڀيٽا ڀونءَ کي، ڪا وَٽ ڪري ورهائي ٿي.
    هي جا تنهنجي شاعري!
    منهنجي من کي آٿت ڏي ٿي، منهنجا نيڻ ڀڄائي ٿي.
    هي جا تنهنجي شاعري!

    (بابا جن جي ٻي ورسي تي ڀيٽا)


    جهونجڪڙي سان جوڳ ۾ رهي ٿي ولوڙ،
    سُتي لوڪ سرير ۾.
    اڏي ويٺيون اکڙيون، اوندهه جا اروڙ،
    سُتي لوڪ سرير ۾.
    ويا سُهائي سوڀ جا، مُرجهائجي موڙ،
    سُتي لوڪ سرير ۾.
    سنڌو سانوڻ رُت ۾، تڪي پئي توڙ،
    سُتي لوڪ سرير ۾.


    ڍنگ هر ۽ هنڌ ۾، رهزني وچڙي پئي.
    اچو ته ڪو بلو ڪريون!
    زندگيءَ جي سَنڌ ۾، خودڪشيءَ وچڙي پئي.
    اچو ته ڪو بلو ڪريون!
    عاشقي جي پنڌ ۾، بزدليءَ وچڙي پئي.
    اچو ته ڪو بلو ڪريون!
    سونهن ۽ سڳنڌ ۾، خود سري وچڙي پئي.
    اچو ته ڪو بلو ڪريون!
    هر خوشي جي ڪنڌ ۾، هر غمي وچڙي پئي.
    اچو ته ڪو بلو ڪريون!
    هاءِ! منهنجي سنڌ ۾، بي حسي وچڙي پئي.
    اچو ته ڪو بلو ڪريون!


    ڳائي آزادي،
    آڻيون انقلاب!
    سونَ پرکي ڪسوٽي، باهه پرکي چاندي،
    ڳائي آزادي،
    آڻيون انقلاب!
    ڳاڙها ڳڀرو ديس جا، ڪامن پويان باندي،
    ڳائي آزادي،
    آڻيون انقلاب!
    سنڌي ويهو نه ويسلا، مرڻو هجي يا شادي،
    ڳائي آزادي،
    آڻيون انقلاب!
    نِرڄا، نِردئي، نڪ ڪپيل، ڪري تن جي بربادي،
    ڳائي آزادي،
    آڻيون انقلاب!

    نڪ ڪپيل: غدار
    نوٽ: قادو مڪراني، ’مجاهد‘، انگريزن سان ساٿ ڏيندڙن جا سزا طور نڪ وڍي ڇڏيندو هو. اهڙن غدارن لاءِ نڪ ڪپيل، جو اصطلاح عام ٿيو.


    کڻي ڪو ڪٽارو، اسين ڍال ٿيون ٿا،
    هٻڪون نڪي هٽون ٿا.
    چڻنگ ڪا اُڏامي، اسين جهول جهليون ٿا،
    ٻرون نڪي لڇون ٿا.
    لڳي تيز طوفان، اسين ڪانڀو ٿي بيهون ٿا،
    ڀُرون نڪي ڀڄون ٿا.
    ڏاڍن جي آڏو، اسين ڏاڍا ٿي وڃون ٿا،
    ڊڄون نڪي جُهڪون ٿا.

    جت سونهن سرجي سانوري،
    ۽ مڌ متيون گُهلن هوائون.
    سو لاڙ لاکيڻو الا!
    ڪينجهر ڪنڌي تي ڪامڻيون،
    ڄڻ آرڪاڻين اپسرائون.
    سو لاڙ لاکيڻو الا!
    هر من جي ماڃر ۾ سٿيل،
    هت بانٺ جهڙيون ڀاونائون.
    سو لاڙ لاکيڻو الا!
    روز دل جي دمدمي تي،
    آس آڙي جون ادائون.
    سو لاڙ لاکيڻو الا!
    وينگس جي سرتي چنڊ چُنري،
    گج ۾ ستارن جون ڌڄائون،
    سو لاڙ لاکيڻو الا!
    چنگ چڻنگن جا ٻُرن جت،
    سنڌڙيءَ جون سرڪش صدائون.
    سو لاڙ لاکيڻو الا!


    دل جي هڪ هڪ ڌڙڪي سان،
    توکي ساهه ۾ ساريو آ- ۽ توسان نينهن نڀايو آ.
    پل پل جي پورن ۾ پڄري،
    پاڻ جياريو، ماريو آ- ۽ توسان نينهن نڀايو آ.
    تارن جي جهرمر ۾ ساجن!
    هيکل چنڊ ٿي گهاريو آ- ۽ توسان نينهن نڀايو آ.
    مون ڇاڇا نه ڀلا هن جيون ۾؟
    توتان گهوريو، واريو آ- ۽ توسان نينهن نڀايو آ.


    آهيان نه آهيان جي!
    وچ ۾ آهيان!
    جڳن کان جا جاڳي ٿي،
    متل تنهن آڳ جي،
    مچ ۾ آهيان!
    ڪلا نگر جي ڏيهه ۾،
    اڏيل هر ڪوٽ جي،
    ڳچ ۾ آهيان!
    سنڌڙيءَ سان سانڍيل،
    عشق ۽ ادراڪ جي،
    سچ ۾ آهيان!
    سنسار ۾ ’مدهوش‘ اڃا،
    وقت سان اچ، وڃ جي،
    اچ ۾ آهيان!
    آهيان نه آهيان جي، وچ ۾ آهيان!

    ’احمد خان مدهوش‘، جي وفات کان ٿورو اڳ پڇيل سوال جي جواب ۾ اُچاريل اکر، “آهيان نه آهيان جي، درميان آهيان”، ڏانهن منسوب.


    دولهه جي ڌرتي تي،
    مٺي امڙ جي لولي.
    اَمر آهي، اَمر رهندي.
    ’سمبارا‘ جي سونهن جي،
    ڳجهارت پرولي.
    اَمر آهي، اَمر رهندي.
    آزاديءَ جو اهڃاڻ،
    ڌڻيڪي ۽ ڌڙولي،
    اَمر آهي، اَمر رهندي.
    سنڌي زبان1’صالح‘ جي،
    پنهنجي قومي ٻولي.
    اَمر آهي، اَمر رهندي!


    1 آخوند صالح ٺٽي وارو.


    رهبيون روح رچنديون،
    هيل نئين سال ۾.
    ڇولين مٿان ڇر جي،
    سانوڻيون نچنديون.
    هيل نئين سال ۾.
    موٽي مند گلاب جي،
    پکاڙڪون پچنديون.
    هيل نئين سال ۾.
    ويندا ورهه واهوندا،
    قربتون بچنديون.
    هيل نئين سال ۾.
    پوئين پهر پيار جون،
    محفلون مچنديون.
    هيل نئين سال ۾.

    پکاڙڪون - ايراضي - زمين جو خطو



    جڙيم جوڳ جڙاءُ،
    ٻريا وڍّ ورهه جا.
    نڪا پروڙ پرين کي، نڪي لوڪ لکاءُ!
    ٻريا وڍّ ورهه جا.
    ساهن سين سرير ۾، سهسين گوندر گهاءُ.
    ٻريا وڍّ ورهه جا.
    نيرا نا ئي نيڻ مون، اندر منجهه اُهاءُ.
    ٻريا وڍّ ورهه جا.



    دل تي نانءُ لکيل،
    مُک تي ماٺ مڪلي جي.
    مندائتي مُرڪن جا، جوڀن چنڊ مئل.
    مُک تي ماٺ مڪلي جي.
    ڪاڙهي، ڪاڙهيو قربن جي، اُسڙڪي ساهه تتل،
    مُک تي ماٺ مڪلي جي.
    جڳ ۾ سونهان سڏجون، پنهنجي گم منزل.
    مُک تي ماٺ مڪلي جي.


    تون ۽ آئون،
    ڀٽائي جي ڀونءَ تي.
    ديس جي درد جون
    ٿيون دارون، دوائون،
    تون ۽ آئون،
    ڀٽائي جي ڀونءَ تي.
    ڀڙڪي چؤطرف باهه تي
    پنهنجو گهر ڪکائون،
    تون ۽ آئون،
    ڀٽائي جي ڀونءَ تي.
    سانڍي رکون ساهه ۾
    صوفين جون صدائون
    تون ۽ آئون،
    ڀٽائي جي ڀونءَ تي.
    ڏات ڏسي ٿي پئي
    ڏهر ۾ ڏِسائون،
    تون ۽ آئون،
    ڀٽائي جي ڀونءَ تي.


    ساريو سڏڪي پيو ’مهراڻ‘، ساگر تنهنجي ڪاڻ!
    ڌرتيءَ هنجهون هاري ويٺي!
    عشق اِجهاڳيل جاڳرتا جو،
    سندرتا جا، اي! سرواڻ، ساگر تنهنجي ڪاڻ!
    ڌرتيءَ هنجهون هاري ويٺي.
    تنهنجون ڳالهيون، گيت ۽ وايون،
    سچ، اَمرتا ۽ چانڊاڻ، ساگر تنهنجي ڪاڻ!
    ڌرتيءَ هنجهون هاري ويٺي.
    هيل بهارن پت جهڙ آندي،
    روح ۾ ڪيڏي آ پن ڇاڻ، ساگر تنهنجي ڪاڻ!
    ڌرتيءَ هنجهون هاري ويٺي.
    ڇيت جدائي من ۾ چڀي آ،
    ساهه نه ماپي ساهن ساڻ، ساگر تنهنجي ڪاڻ!
    ڌرتيءَ هنجهون هاري ويٺي.
    ڪيڏو نيارو، ارڏو، پيارو،
    ريت نياري جو نرماڻ، ساگر تنهنجي ڪاڻ!
    ڌرتيءَ هنجهون هاري ويٺي.
    ’سنڌ خدا ۽ ڪينجهر ڪعبو‘،
    لاڙ سمورو هيڪل هاڻ، ’ساگر‘ تنهنجي ڪاڻ!
    ڌرتيءَ هنجهون هاري ويٺي!

    5 اپريل 1998ع تي ارشاد ’ساگر‘ جي چاليهي تي، “سنڌ خدا ۽ ڪينجهر ڪعبو”، ارشاد ساگر جي سٽ،’مهراڻ‘ ساگر جو پٽ.


    ساريندي رات سڄي،
    ننڊ نه آئي- مون کي!
    ڏسي، ڏسي آڌي جا،
    ويا ٻارهن وڄي.
    ننڊ نه آئي- مون کي!
    چانڊوڪي جو ڀاڪر ڪيڏو!
    تارا ٿين لڄي.
    ننڊ نه آئي- مون کي!
    چئني پهرن پاند پسايا،
    ويئي رات ڀڄي.
    ننڊ نه آئي- مون کي!
    ڪير چوي ٿو، وقت سان!
    ويندي دل کڄي،
    ننڊ نه آئي- مونکي!


    محبت جو ساهس ڇاهي؟
    پاڻ تي ويساهه اٿس!
    ساٿ وڃايل هيڪل ماڻهو،
    پنهنجي منهن پيو ڪاهي،
    پاڻ تي ويساهه اٿس!
    پاڻ عوامي انگل شاهي،
    عشق عجب دستور نباهي،
    پاڻ تي ويساهه اٿس!
    دل ناهي ڪا سنڌي وسندي،
    سرڪار ڇڏي جا پل ۾ ڊاهي،
    پاڻ تي ويساهه اٿس!
    ڪڪرن جي راتاهي مان،
    چنڊ لُڇي ٿو رستو ٺاهي،
    پاڻ تي ويساهه اٿس!
    ورد اکين جو روز اوسئڙا،
    باب ڪڏهن هي کُٽڻو ناهي.
    پاڻ تي ويساهه اٿس!



    رهڻي ناهي رات،
    تارن جي آ تڙپ اجائي.
    سانجهي جا سڀ خواب ڀُري پيا،
    ساڀيان ٿي پرڀات.
    تارن جي آ تڙپ اجائي.
    دل جي ٻوٽيل در کان ٻاهر،
    سچ جي ڪهڙِي لات،
    تارن جي آ تڙپ اجائي.
    چانڊوڪي جو درد نيارو،
    اونداهه کائي مات.
    تارن جي آ تڙپ اجائي.



    ڏاڍن جو ڏهڪاءُ!
    ڏاريندو نه ڏيهه کي!
    ڀونءَ جي ڀڻڪي مان، سُڄي ٿو سهڪاءُ!
    پاڻ ڦرئي کان پوءِ ڀلا، ڪهڙو رک رکاءُ!
    واسجي ايندي آزادي، منجهان رت هڳاءُ!
    ڏاريندو نه ڏيهه کي!
    ڏاڍن جو ڏهڪاءُ!


    ساهه نه آ ٿانيڪو،
    وائڙا ويڄ اسان جا.
    اَڀرن جي اُڻ تڻ جو،
    ڪَٿ نه ڪوئي ڳاڻيٽو.
    وائڙا ويڄ اسان جا.
    زخم جي موسم اڃا نه بدلي،
    اَمن لڏي ويو لاڳيتو.
    وائڙا ويڄ اسان جا.
    آواز جون بتيون، اُجهاڻيون،
    لوڪ سڄو ٿيو ماٺيڻو.
    وائڙا ويڄ اسان جا.


    مند ڪروڌي مارُو ٻوڙيا،
    ڪيڏي سنڌ ڏکاري- الا! اکيون اَرتو آگم!
    ڪونه رهيو ڪو ساٿ سڱيڻو،
    هيڪل هاري ناري- ڪيڏي سنڌ ڏکاري!
    الا! اکيون اَرتو آگم!
    ڪامورن ڪئي ڪرپا ويتر،
    ڪڙڪي قيامت ڪاري- ڪيڏي سنڌ ڏکاري!
    الا! اکيون اَرتو آگم!
    پُوک ٻڏي ۽ نجهرا ڊهي ويا،
    مينهن مري وئي پياري- ڪيڏي سنڌ ڏکاري!
    الا! اکيون اَرتو آگم!
    ناهي ڇپر جي ڇانوَ ڪٿي ڪا،
    ڇرئي ڇر چوڌاري- ڪيڏي سنڌ ڏکاري!
    الا! اکيون اَرتو آگم!
    تپ ۾ تڙپي ٻالڪ پيو ٿو،
    گيسٽرو ۾ گهرواري- ڪيڏي سنڌ ڏکاري!
    الا! اکيون اَرتو آگم!
    ڀونءَ تي بي آسرا بکايل،
    امداد نه ملي سرڪاري- ڪيڏي سنڌ ڏکاري!
    الا! اکيون اَرتو آگم!
    اين جي اوز جي عيد مچي وئي،
    بي گهر بڻيا بکاري- ڪيڏي سنڌ ڏکاري!
    الا! اکيون اَرتو آگم!
    دربدري جي دؤر جي هرڪا،
    ڪٿا آ دردن واري- ڪيڏي سنڌ ڏکاري!
    الا! اکيون اَرتو آگم!
    چوماسي آهن لاش لتاڙيا،
    سانوڻ آهي مياري- ڪيڏي سنڌ ڏکاري!
    الا! اکيون اَرتو آگم!

    (2011ع واري برساتي ۽ هٿراڌو ٻوڏ)


    سنڌ منهنجي امان! جيئي جيجل سدا!
    شل! نه ڪانئر ڄمي،
    ڪڙم تنهنجي منجهان، سنڌ منهنجي امان.
    جيئي جيجل سدا!
    سڦل زندگي ٿئي،
    گيت تنهنجا لکان، سنڌ منهنجي امان،
    جيئي جيجل سدا!
    هر جنم ۾ امڙ،
    ڄائي تنهنجي هجان، سنڌ منهنجي امان،
    جيئي جيجل سدا!
    جُهڪان تنهنجي آڏو،
    مٽي تنهنجي چمان، سنڌ منهنجي امان،
    جيئي جيجل سدا!



    ٿي گهائل گهٽائون،
    اسين هلندا رهياسون!
    گُهليون منهن مقابل، مخالف هوائون.
    اسين هلندا رهياسون!
    پٿون پيار پنهنجو، رتو ڇاڻ صدائون.
    اسين هلندا رهياسون!
    چپ چاپ سهي سڀ، سنگسار سزائون.
    اسين هلندا رهياسون!
    اسان ساهه سلهاڙي، رکيون بس وفائون.
    اسين هلندا رهياسون!
    اسين هلندا رهياسون!


    بيت

    جي تون پسين پاڻ کي، تو ۾ مان موجود،
    منهنجو ناهه وجود، تون ئي سڀ ڪجهه سپرين!


    منهنجو تون اُهڃاڻ، منهنجي ساڃاهه توسين،
    جي تون ڳولين پاڻ کي، ٿئي مون سڃاڻ
    اڃا تون اڻ ڄاڻ، پاڻ نه لهين پاڻ کي.


    جتي ڪوٽ نه ڪُنگرا، اُتي ستيون ستَ رکن،
    پنوهاريون پکن ۾، ڄڻ ڪي چنڊ بکن،
    لکن مان لکن، لوئي ڪنهن نه لڄائي.


    سنڌڙي تنهنجا سور، وڃن روز ٻيڻا ٿيو،
    انساني احساسن جا، آدرش سڀ بي نور،
    مارو، ماندا، ملور، ڏکن ڇڏيا آهن نهوڙي.


    ايندو نيٺ ڀُومي تي، مجيّدي تنهنجو انقلاب،
    لهندا سڀ نقاب، ٿُلهن، موٽن جي مُک تان!


    سرمائيداري نظام جا، ڀُرن پيا ڏاڪا،
    “تحرير اسڪوائر” ۾ واڪا، پڙاڏو “وال اسٽريٽ” تي.


    ڌرتي جي گولي تي، بي روزگاري ٻي بُک،
    “راجا” ڪن خودڪشيون، راڻيون ڏسن ڏک،
    ڪڏهن ڏيندين سک، مالڪ! مارو لوڪ کي.


    ڀونگر جي ڀونءَ تي، وڙڪن چنيسر چريائپ جا،
    خبر ڏيو دودي کي، ڪريو ديس بلي،
    ڌرتي ٿئي ڌڻيڪي، ڌارين کي ڌڪي،
    قوم پئي سڏي، ڪڍو ڪٽڪ علاؤ الدين جو.


    منهنجي هي ڏات، آزادي جو سنيهو،
    اونداهي دل ۾، ٻاري ٿي ڏيئو،
    جيئو، جيئڻ ڏيو، خدا جي هن خلق کي.


    مون کي ڏئي ڏات ٿي، ڏک ۾ ڏاڍو ڏڍ،
    اندر منهنجو اڌ، جبر ڏسان ٿي جڳ ۾.
    درد اسان جي دل سان کيڏي، جيئن کيٽائي ٻار،
    ڏک، ڏک هي سنسار، مُرڪ چپن تي ڪوڙي.


    ڏاڍا تنهنجي ڏاڍ کان، اسين آهيون ڏاڍا،
    ونڍيندين ڇا واڍا؟ اسان جون پاڙون پاتال ۾.


    منهنجا بيت وايون، ويهي سنڌو ڪپ تي،
    ماروئڙن جي ڳايون، لهندو قرض ڌرتيءَ جو.


    گيڙو ويس ڪري، منهنجا هي غزل،
    ماڻيندا منزل، ديس هن دلدار ۾.


    سُچت ڪري سوچ، اَڏيون جهوڪ ’عنايت‘ جئن،
    ساهه ۾ سانڍي ’لطيف‘ جي، انقلابي لوچ،
    ’بگٽي‘ ٿي بلوچ، آڻيون آجپو ديس جو!


    جذبن تي شبنم، روح ٿا رڙيون ڪن،
    ڀيلي ويا ڀونءَ کي، همدرد ۽ همدم،
    رهبر ڦري رهزن ٿيا، هيڻن تي ستم،
    هيڏا ڏسي ظلم، آڻيو اَجگر انقلاب.

    اَرپي ويٺيس آئون، ’نيرانا ئي نيڻ‘،
    سڄڻ ڏيئي ويڻ، وڌو مَرم مامري.


    اَرپي ويٺيس آئون، ’نيرانا ئي نيڻ‘،
    ماڪ ڀڄائي ريڻ، اکين لڙڪ وڃايا.


    نيرانا ئي نيڻ کڻي، ووڙيان وِرهه رُڃ،
    هڪ سِڪ ٻي سُڃ، ٽي آس اُڪنڊي ساجن!


    نيرانا ئي نيڻ مون، سِڪ جا اُڀري سج لٿا،
    پسڻ ڪارڻ پرين جي، جذبا ڪين ٿڪا،
    ساهه ۾ سور سٿا، اکيون مُرڪن آس ۾!


    پنهنجو پيار ريجالو، ورهه ۾ وڙڪي،
    ياد دُکي دل ۾، باهه ٿيو ڀڙڪي،
    تڙپي ۽ ڌڙڪي، سڄڻ، تنهن جي سار ۾


    جُڳ جُڳاندر سدا، جيئي منهنجي سنڌ
    جيجل جي ناموس تان، واري ڇڏيان جند،
    آزاديءَ جو پنڌ، اُڪلايان اکين سين!


    ٻه سٽا، اڍائي اکر

    اسين بدلجي وياسون، نُنهن کان چوٽي تائين،
    اڃا توکي سارڻ جي عادت آ ساڳي سائين!

    اسان جي وجود جا ڇڻن پيا ٿا پن،
    اُگهاڙو ڪيڏو اڄ هي ٿي پيو آ من!

    اڃا ظلم ساڳيا جڳ ۾ اڃا ظالم ڀي ساڳيا،
    پر هاڻ نه رهندا ماروئڙا مظلوم ٿي ساڳيا.

    اسان جي ديس ۾ وهنوار وڌي ويو ڪوڙ جو آهي،
    سنَدَ ڪوڙي، چهرا ڪوڙا ۽ سچ ڀي ڪوڙ پيو ٺاهي.

    اي دوست! عشق ۾ رکي ليکا،ڳڻين هڪ، ٻه، ٽي، چار تون پيارا،
    پنهنجو ڇڏ پاڻ تون اَرپي رکين ڪهڙا ويچار تون پيارا.

    صبح جي سينڌ ۾ سينڌر ڳاڙهو، شام گلابي گل آهي،
    چاهه سڳنڌيو سڳداسي، ساهه سرنهن جو گل آهي.

    رات سُتي ۾ خواب سندر، ڏينهن ڏٺي جو سراب تنهنجا،
    ڌرتي ساري سوال آهي، اُبتا سُبتا جواب تنهنجا.



    ڇو پيار ڪري پڇتايان، ويٺي نينهن نڀايان؟
    هي ته حياتي هڪڙي ، اهڙيون لک وڃايان!

    هئا جي خواب نيڻن ۾ پاڻيءَ جان ڪومل ڪونئرا،
    نه ٿيا پورا ڳڙيا اک مان پيا ٿي درد جا ڳوڙها.

    اُجري آس ۾ هو عڪس ڪنهن بي لوث محبت جو،
    ويو ٿي زهر ڇو شامل اميدن ۾ آحسرت جو؟

    اوهان جي دل هئي پٿر وئين تون ديوتا بنجي،
    اسان جو من مکڻ مثل، رڳو ماڻهو سگهياسين ٿي.

    ڏات اسان جي نياري، سنڌ اسان جي پياري،
    تکيون مٺيون ڳالهيون، سوچ سڀن تي ڀاري.

    اسان پيار جي پوک پوکي ڇڏي آ،
    ڇڏيو ڀيلي يا ڪريو لاڀ پيارا.

    اسين تيز طوفان آڏو ڏيئو ٿي ٻرياسون،
    ڪڏهن ڪوڪ ڪوئل ڪُٺل ڪڏهن عشق جي آڳ ٿياسون.


    اسان ڀي سَٺو آ،
    اسان ڀي رنو آ،
    اوهان جي غمن کي ڏسي او سکي!
    اسان جي هي دل آهي ڏاڍي ڏکي!


    جواڻ جذبا،
    بهار جهڙا،
    خوشين کي ڀاڪر وجهي هلن پيا،
    نٿا هو ڄاڻن فريب جڳ جا.


    اسان جو اڱڻ،
    اوهان بن سڄڻ!
    لڳي ڪيڏو هيڪل سُڃو ۽ اُداس!
    اسين آهيون ڌرتي، اوهين چنڊ آڪاس!




    جن سگهه ڏني،
    ۽ ساڃاهه ڏني،
    سي درد نه آهن اڄ جا پيارا،
    هي گدو بندر آهن صدين جا.


    ڏات ڏکويل ڏيهه جي،
    سچ جي ساڻيهه جي،
    ڀيٽا لاءِ جا مون آندي.
    آهي بقا هن قوم سَندي!


    توکي سنڌ سڏي،
    اچ مفاهمت ڇڏي!
    ڪو قومي فرض نباهي وڃ!
    جيجل جو قرض به لاهي وڃ!



    ويو وقت گذري،
    ائين هٿ مان نڪري،
    زندگي تدارڪن جي ڳوٺ ۾ وئي رُلي،
    ڄڻ گهٽي جي دز هئي جا ڌُوڙ ۾ وئي ملي.


    نڪي ساهه ٿڪيو،
    نه ويساهه ڀٽڪيو،
    ڪين ٿڪاسون تانگهه ۾ توڙي،
    روح ويو ٿي رت ڇاڻ سڄو ڙي!


    صوفين جو ازم،
    سنڌ جو آ ڀرم،
    عشق، اَمن ۽ انسانيت جي هي آ سرزمين،
    ويري تون ڀائيچاري کي ٿو ڪانئرتا سمجهين.






    ڌرتي ڪارڻ جهيڙا،
    ڪونڌرن ڪنڌ ڪپايا،
    صدين کان پيا هي نڀائن رسم،
    سنڌ امان تنهنجي سينڌ جو قسم!


    ڀيليل ڀاوَنائن ۾،
    ۽ گوندر گهٽائن ۾،
    اسان جا ساهه سورن جا سنگهر ٿيا هن،
    ڊٺل بي روح تاريخي کنڊر ٿيا هن!


    ترويني، ٽيڙو

    قومون آزاد به ٿينديون آهن،
    قومون ته غلام به ٿينديون آهن،
    پر اسان قوم نه آهيون ٿي سگهيا اڃا.


    گوريلا ٿي شعر وڙهن ٿا،
    سوچن ۾ بارود ڀرين ٿا،
    ٻوليءَ ماءُ جي لولي ڪارڻ.


    آڪاش جي اُجري جوڀن جهڙي،
    آس اکين ۾ اُسري اهڙي،
    جو سقراط سڏياسون جڳ ۾!


    ڀڪوڙيل مُٺ جمهوريت جي،
    پروڙي سگهياسون نه پرولي،
    حيراني ۾ اڄ هرڪو آهي.


    دردن ۾ ٿيا خود ڪفيل آهيون،
    وڏو احسان اوهان جو آهي،
    ڪهڙا، ڪهڙا ٿورا مڃيون اسين.


    مڙيا مڇ مانگر ڪلاچي جي ڪن تي،
    پيون روز ورڇڻ جون هامون لڳن،
    مفاهمت جي ماٺار ۾ اسين گم آهيون.


    عشق ازل کان آهي الهام،
    ضرورت هٿان ٿي ضرورت غلام،
    تڏهن هي به خسيس ٿي ويو آ.


    اکيون اسان جون اڃا، اُڃايون،
    ’نيرانائي نيڻ‘ اسان جا،
    اوهان نه آيا، اوهان نه آيا.


    آواز بهادر ٿي پيا آهن،
    ساهن ۾ ٿا سج ڄمّن،
    مايوس منن جي عمارت ۾.


    ٻول ٻُٽين ٿو، آواز گهٽين ٿو،
    ٻولي ماءُ جي لولي ڪارڻ،
    ويري توسان جهيڙو آهي.


    چهريون، ڳهريون ڳالهيون ناهن،
    خيال خماريل خوشيون گم،
    جڏهن کان آ رٺو ساجن!


    سنڌ منهنجي ماءُ،
    مارئي منهنجي ڀيڻ مِٺي،
    هوشو آهي ڀاءُ!


    ڪبيرا تنهنجي واڻي،
    ائين مون لاءِ آهي جيئن،
    پوَتر سنڌو پاڻي.


    باهو جي ڀونءَ،
    دهشت جي دونهين ۾
    بمن جي بدبونءَ.


    تنهنجو منهنجو گهر،
    ڀتين هوندي بي آسرو،
    اُپٽيل سارا در.


    سيڪي مڪئي سنگ،
    جيئڻ ڪارڻ جيڏيون،
    جوٽي ويٺو جنگ!

    سائين جو سلام،
    ووٽ وڌو پيتي ۾،
    ماڻهو ڄڻ غلام.


    آزاديءَ جو اگهه،
    سوڍا چُڪائن سنڌ جا،
    ڪانئر ڪهڙي سگهه!



    ڳڙي پيا ڳوڙها،
    ڏکويل جيجل ماءُ جڏهن،
    ٻچا سنڌو ۾ اُڇلايا.



    ڪنهن جا ڪونئرا پير،
    گهمي آيا ڳوٺ مان،
    ڳولي ڳاڙها ٻير.


    اسان جي سڃاڻ،
    هي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي،
    عظمت جا اهڃاڻ.


    ماڻهو ناهي مهان،
    عمل ٿو ٺاهي ان کي،
    سڏجي ٿو انسان.



    ڪيڏو ڏاهو مهان،
    ٻاري لالٽين ڏينهن جو،
    ڳوليو ٿي انسان،


    ڪهڙا پٽ ڄڻيا،
    ماءُ جي ڪُک لاءِ آهن،
    جيڪي گار بڻيا.


    لڪي لياڪا پائي،
    چنڊ ويهي تارن وچ ۾،
    ڪيڏو پاڻ پڏائي!


    آئون ۽ غزل،
    ٻئي ڳولائو موتين جا،
    آهيون هنجهه مثل.


    منهنجا هي اباڻا،
    پنهنجي ئي ڏيهه ۾،
    ڪيڏا آهن ويڳاڻا.


    رلي ڇانئون بڻي،
    ٽنگين- ٽياس تي ٻارن مٿان،
    اصل ڌرتيءَ ڌڻي!


    دل جي ڌوڻ سان،
    اڱر دُکايان پيار جا،
    توسان جي ملان!

    پورهيت جو پگهر،
    پيو جنساري جڳ سارو،
    پاڻ اُڃارو اَبر.


    آهين تون تُرخان،
    اَرغونن وانگر تنهنجو هت،
    رهڻو ناهي نشان.


    بيشڪ! اڃا آهين ڌاريو،
    تڏهن، سُنڌي قومي ٻولي جو بل،
    تو ناهي منظور ڪرايو.

    پسي عمرڪوٽ،
    اندر منهنجو اڌ ٿيو،
    وقت کاڌي موٽ.


    يادن جا جُهڙ،
    لهن نٿا روح تان،
    هر وقت ڦُڙ ڦُڙ.


    مون کان وسرين ڪين،
    وقت اها ڏيندو ثابتي،
    منهنجو ٿي امينَ!


    پاڻ ٿيون ڀر جهلو
    گڏ جي هلون هڪ ٻئي سان
    وقت ويندو هليو!


    اسيمبلي جو هال
    ڪرسين تي ويٺل قبرون
    موروثي، مايا مال.


    چار سٽا، پنج سٽا

    ڀوري ڇو ٿي آهين گوري؟
    اڃا ٿي سڏجين تون ڪمزوري،
    سي ئي جڳ ۾ ٿين سوڀارا،
    پاڻ مڃايو جن آ زوري.


    اسان جي سڀيتا ۾ سوڀيا الا!
    ڪلهي تي اجرڪون ۽ کهنبا ڀلا،
    وڻي واه! دل کي ٿي دانگي ڪُني،
    چڙهن روز جن ۾ پيا ڪرڙا، پلا!


    تنهنجي چاهت ۽ نڪ ڦُلي،
    ڪانئر ويو آهه گروي رکي،
    لڄّ بچائي ڪين سگهيو هُو،
    ڪنڌ بچائي ويو آ سکي!


    اُتي ماڳ ملندو جتي پنڌ پُڄندا،
    سچايون کڻي جي اوهان ساڻ هلندا،
    متان چئو مري ويا سويرا ۽ سوڀون،
    پرهه باک ڦٽندي اجهو رنگ رچندا.


    مينهن پوَڻ کان پوءِ جانب،
    تڙڪي ۾ آ ڪيڏو تجلو،
    نيڻ وَسن پيا سالن کان پر،
    جيون ساڳيو ميرو گدلو.


    سنڌ! جي ساک سڳنڌ چوان،
    يا ماروئڙن جي جند چوان،
    سچ جا سورهيه ساٿي! توکي!
    رند چوان يا سنڌ چوان!


    1.ست اپريل ويهه سو ٽي ۾ هو،
    ڪو وڻ جهوريو طوفان گُهليو،
    منهنجي دنيا ڪک پن ٿي وئي،
    مون کان وڇڙي ويو ساهه سڳو.


    سنڌ اسان جي، سنڌ اوهان جي،
    سڀني سنڌين جو آهي ماڳ،
    ڪو ڏور رهي ڪو ڀاڪر ۾،
    پنهنجو، پنهنجو ٿئي ٿو ڀاڳ!


    2.تنهنجي پڄاڻان سج رنو،
    دم روشنيءَ ڦٽڪي ڏنو،
    تڙپيو ضميرن جو ذهن،
    سچ وري ٿيو ڇورو ڇنو.
    1. بابا جن جو وڇوڙو 7 اپريل 2003ع
    2. محترمه جي شهادت 27 ڊسمبر 2007ع


    نصيب جون غريب اکيون،
    ڏک ڏسي، ڏسي ٿڪيون،
    سک وٺي ويا روڊ وڏو،
    نعرا هڻنديون رهيون گهٽيون!


    جي لنڊن ۾ تون آهين،
    انگريزي ۾ ٿو ڳالهائين،
    سنڌ جو ڄائو سڏائين،
    سنڌي ڇو نه ٿو ڳالهائين؟


    نه مايوس نه اُداس آهيان،
    نه ئي ڪو وري حشاش آهيان،
    رڳو بس هڪ انسان آهيان،
    ۽ ماڻهپي جو واس آهيان.


    احتجاج ڪري ٿي خاموشي،
    احساسن جا نعرا تڙپن،
    “تراتاني” جي ڳوڙهن ۾ اڄ،
    اعلان بغاوت جا ٿا ڀڙڪن!


    دل جي حدن تي اوهان جي خدائي!
    دل جي اندر ۾ اوهان جي جدائي،
    ٻئي ڳالهه هڪڙي ته ناهن سڄڻ!
    پر ٻنهي مان ٿي پسجي اوهان جي وڏائي!

    دعا

    منهنجي پياري، سهڻي ساراهه،1
    ڪهڙِي ڪريان تنهنجي ساراهه،2
    جنهن واٽ مٿان تون وک ڌرين،
    توکي ماڳ رسائي سا راهه!3

    1 نالو 2 واکاڻ 3 اها واٽ

    اي ! زندگي تو وٽ اچي،
    ڇو؟ موٽ کائي ٿي وڃان،
    موج آهيان ڄڻ سمنڊ جي
    وير وانگي ٿي وران!


    ساري جڳ کي جاڳ ڏياري، پوءِ آئون سمهي پونديس
    ڪائنات کي سُک ڏياري، پوءِ آئون سمهي پونديس
    سنڌ امڙ جي هنج سدوري ۾ پاڻ لڪائي، پيارا،
    توکي پنهنجي ياد ڏياري، پوءِ آئون سمهي پونديس!

    1سنڌ امڙ جو سورهيه پٽ سوڍو،
    واهه! بشير خان قريشي جوڌو،
    سرواڻ فريڊم مارچ جو آ،
    هي اڄ جو هوشو، اڄ جو دودو!

    ڪڏهن رات سان نينهن لائي ڏسو،
    انهيءَ درد کي آزمائي ڏسو،
    ڏنو زندگي واڪ نيلام جو آ
    جيئڻ جو به ڪو اگهه چڪائي ڏسو،

    ’امان جندو‘ جي جذبي کي آ جس
    ڪو خوف نه لالچ جهڪائي سگهيس،
    جابر آڏو پاڻ جبل ٿي بيٺي،
    مات ڏئي آمر کي ڪيائين بيوس!

    2لياري لڙڪ تنهنجا اُگهي ڪير سگهندو؟
    وفاداري ۾ ايئن وڍ سهي ڪير سگهندو؟
    کڻي ٿي لاش پنهنجي ٻچن جا ماءُ پيه
    اکين کان سڀ وڏا ٿيا ڏسي ڪير سگهندو؟
    ______________________________
    1، 23 مارچ 2012ع تي ڪراچي ۾ فريڊم مارچ،
    2، حڪومت پاران لياري (ڪراچي) ۾ ڪيترن ڏينهن کان هلندڙ ناحق آپريشن 2012ع.

    قومي جذبو ۽ لوچ هئي،
    هُوءَ جاڳرتا جي سوچ هئي،
    سنڌ امڙ جو آواز بڻي،
    جيجي زرينه بلوچ هئي!


    ’پليجو‘ انقلاب آهي،
    فڪر ۾ لاجواب آهي،
    سپه سالار سنڌڙيءَ جو،
    سڀن ۾ گُل گلاب آهي.


    سڄي سنڌ ۾ جا سچي سوچ جاڳي،
    جدوجهد، تحريڪ ۽ لوچ جاڳي،
    جڏهن ٿي آزادي جو آواز قومي،
    هئي جيجي زرينه بلوچ جاڳي!


    ڏکويل ڏات ٿي ڏسجي،
    لطيفي لات ٿي ڏسجي،
    پُڄاڻي سوڀ تي ٿيندي،
    هينئر جي مات تي ڏسجي.


    ٻوڏ اَجها، گهر ٻوڙي ويئي،
    رشتا، ناتا ٽوڙي ويئي،
    مال متاع ۽ ميڙي، چونڊي،
    ساوڪ، ساهه اُکوڙي ويئي.

    تبديلي جا پاڻ سفير ٿيون،
    روشن منزل جي تقدير ٿيون،
    ووٽن سان هي بدلايون دنيا،
    ڀوتارن جا ڪين اَسير ٿيون!

    نينهن تنهنجي جون نمازون،
    قرب تنهنجي جا قيام،
    سڪّ جا سجدا ڪياسون،
    عشق هو پنهنجو امام!


    وفائن جي گس تي وياڪل ٿياسون،
    مئاسون، جئاسون ته به توسان رهياسون،
    ڀُري ڀينڊ بڻجي ڀنڙ ۽ بنجهو جئن،
    ائين سڪّ جي سينور ۾ ڀُرندا وياسون.


    ساڻيهه ۽ سڄڻ! وسرڻ ممڪن ناهي!
    ساهه کڻڻ کي ڇا وساري سگهبو آ؟
    ڇا؟ اُس اُتت کي ڪو ٺاري سگهبو آ،
    سج جو رات ۾ نڪرڻ ممڪن ناهي!
    ساڻيهه ۽ سڄڻ! وسرڻ ممڪن ناهي!


    چانڊوڪي ۾ جيئن ديپ وياڪل،
    اُجڙيل پن ڇڻ ۽ سرد سيارا،
    پنهنجو جيون اهڙو پيارا،
    ڪوڪ ڪوئل جي گهائل، گهائل،
    چانڊوڪي ۾ جيئن ديپ وياڪل!


    اوهان جي اسان وٽ رهي آ نشاني،
    ڇلڙو نه گل ڪو نه ڪوئي ڪتاب،
    لکيل خط به ڪونهي نه ڪو آهه خواب،
    اَڌورا ٻه پل ۽ رُٺل هڪ ڪهاڻي،
    اوهان جي اسان وٽ رهي آ نشاني!


    توکان وڇڙڻ جو نه سبب ڄاڻي سگهياسون،
    عشق ۾ جي پل پنهنجا شبنمي ڪومل هئا،
    سي لمحا تو بن سڄڻ! اجنبي بنجي ويا،
    آلاڻ اکين ۾ نه اسين آڻي سگهياسون،
    توکان وڇڙڻ جو نه سبب ڄاڻي سگهياسون.

    اچ! گڏجي درد ونڊايون پيارا،
    هي صديون سنڌ سنڀاليا آهن،
    تاريخ ڪُکن ۾ پاليا آهن،
    آڪاش ۾ جيئن ڄڻ کير ڌارا،
    اچ! گڏجي درد ونڊايون پيارا.


    تاريخ جو رخّ نه موڙي سگهندين،
    ٻُڌ اي ڪانئر! سنڌين جا ويري،
    سنڌ اَمڙ ڏانهن نه کڻ اک ميري،
    مڪلي کي ڪين اُکوڙي سگهندين،
    تاريخ جو رخّ نه موڙي سگهندين!


    سڄڻ! توکان شڪايت آ،
    نڪو سمجهي سگهي آهيان،
    نه سمجهائي سگهان ٿي مان!
    مگر هڪڙي شڪايت آ،
    سڄڻ! توکان شڪايت آ.


    ترائيل

    سانگ ڪريو پيا ڪيڏو هر هر!
    هٿ جون ٺاهي ڪاريون، ڪارا،
    انسانيت جا ٿا ٻوٽيو در،
    سانگ ڪريو پيا ڪيڏو هرهر!
    ڏاهپ جا ٿا سڏجو گهر،
    قول فعل ۾ ڪوڙ نسورا،
    انسانيت جا ٿا ٻوٽيو در،
    هٿ جون ٺاهي ڪاريون، ڪارا.

    (جرڳائي فيصلن خلاف)


    لڙڪ لتاڙي نظرون موٽيون،
    توکي جڳ ۾ جت ڪٿ ڳولي،
    سال، مهينا، مندون موٽيون،
    لڙڪ لتاڙي نظرون موٽيون!
    ساڳيا ڏِڻ ۽ عيدون موٽيون،
    باب وڇوڙيل ڏک جا کولي،
    لڙڪ لتاڙي نظرون موٽيون!
    توکي جڳ ۾ جت ڪٿي ڳولي!!!

    (بابا محمد خان مجيدي جن جي پنجين ورسي تي)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 756
    ڪتابن جو مشاهدو: 1267707
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 387995
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ