ڪتاب جو نالو: ڳالهيون ڳوٺ جون
مصنف: عبدالغني شر
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 19 مئي 2017 ع
پڙهيو ويو: 664 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 312 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وارن جون“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ليکڪ ۽ ناول نگار عبدالغني شر جو لکيل ناول آهي.

امداد ڪانهيو لکي ٿو:
”مُحبت، پريم ۽ پريت سان سرشار عبدالغني شر جي اڌمن جو روپ “ڳالهيون ڳوٺ جون” نالي هي ناول سندس انهي نفيس مزاجي جو پرتوو آهي جيڪو اڄ اسان جي اڳيان ڪتابي صورت ۾ موجود آهي. جيڪو پڙهي کن پل لاءِ اسان ڳوٺ جي گهٽين، گسن، پنڌن ۽ پيچرن ۾ ضرور وڃائجي وينداسين جيڪي اسان کان ڏينهنون ڏينهن وسرنديون ئي ته وڃن ٿيون.
اهي ڳوٺ جا رواج، رسمون، طور طريقا، اٿڻ ويهڻ، قرب، پنهنجائپيون، سهپ توڙي ڪروڌ کان ويندي ڳوٺاڻي ماحول جي طرز زندگي، شهر ۾ انيڪ ورهيه رهندڙ اسان ڳوٺاڻن لاءِ تصور جي دنيا ٿيندي پئي وڃي ۽ جنهن کي پنهنجي قلم سان سهيڙي عبدالغني ڄڻ ڪُجهه وسرندڙ محفوظ ڪيو آهي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پنهنجي پاران
  • مهُاڳ
  • ڳالهيون ڳوٺ جون (ناول)

  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10
  • 11
  • 12
  • 13
  • بيڪ ٽائيٽل : رابيل بلوچ

  • حق ۽ واسطا

    ڪتاب جو نالو: ڳالهيون ڳوٺ جون
    موضوع: ناول
    ليکڪ: عبدالغني شر
    تعداد: هڪ هزار
    ڇاپو پهريون: جون 2015ع
    پاران: نئون نياپو اڪيڊمي،
    C-4 سچل ڳوٺ، گلشن اقبال ٽائون، ڪراچي سنڌ
    Ph # 021-32624153, 34690389
    Cell # 0333-32115821

    مُلهه 150/=

    ڊجيٽل ايڊيشن:

    2017ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    رابيل
    جي نانءِ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وارن جون“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ليکڪ ۽ ناول نگار عبدالغني شر جو لکيل ناول آهي.

    امداد ڪانهيو لکي ٿو:
    ”مُحبت، پريم ۽ پريت سان سرشار عبدالغني شر جي اڌمن جو روپ “ڳالهيون ڳوٺ جون” نالي هي ناول سندس انهي نفيس مزاجي جو پرتوو آهي جيڪو اڄ اسان جي اڳيان ڪتابي صورت ۾ موجود آهي. جيڪو پڙهي کن پل لاءِ اسان ڳوٺ جي گهٽين، گسن، پنڌن ۽ پيچرن ۾ ضرور وڃائجي وينداسين جيڪي اسان کان ڏينهنون ڏينهن وسرنديون ئي ته وڃن ٿيون.
    اهي ڳوٺ جا رواج، رسمون، طور طريقا، اٿڻ ويهڻ، قرب، پنهنجائپيون، سهپ توڙي ڪروڌ کان ويندي ڳوٺاڻي ماحول جي طرز زندگي، شهر ۾ انيڪ ورهيه رهندڙ اسان ڳوٺاڻن لاءِ تصور جي دنيا ٿيندي پئي وڃي ۽ جنهن کي پنهنجي قلم سان سهيڙي عبدالغني ڄڻ ڪُجهه وسرندڙ محفوظ ڪيو آهي.“
    هي ڪتاب 2015ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون نئون نياپو اڪيڊمي جي سرواڻ انعام عباسيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پنهنجي پاران

    ڪڏهن به سوچيو نه هو ته مان ايترو ڪجهه لکي سگهندس، جيڪو هڪ ڪتاب جي صورت وٺي سگهندو ۽ ائين ئي لکندو رهيس جيڪو اڳتي هلي هڪ ناول جو روپ وٺي ويو.
    هوءَ ئي منهنجي زندگي آهي. هن ئي مون کي سمجهايو هو ته ڪجهه نه هجڻ کان ڪجهه هجڻ بهتر آهي. هن پنهنجائپ ڏني پيار ڏنو. هن سان ئي ڪچهري ڪندي ڪندي اسان ماحول تي ڳالهايو هو. اجڙيل ڳوٺن تي ڳالهايو هو، پيار تي ڳالهايو هو، پنهنجائپ تي ڳالهايو هو ۽ جڏهن مون اڪيلائي ۾ ويهي غور فڪر ڪيو هو ته اسان جي سنڌ جي ڳوٺن جي حالت ڏينهون ڏينهن اجڙي رهي آهي، اڄ ڪي ورلي اوطاقون آباد آهن نه ته اوطاقن تي هاڻي ڪير سڏ به ڏيڻ وارو ڪونهي. اڳي اسان سمجهندا هئاسين ته شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن جي زندگي تمام گهڻي مصروف ٿي گذري پر هاڻي اسان جا ڳوٺ جن جا ماڻهو به ڏاڍي مصروف زندگي گذارين ٿا.
    نه وري اهي ڳالهيون رهيون آهن. جيڪي ڳوٺن جي حوالي سان ٻڌندا هئاسين ۽ اڄ جي دور ۾ جتي هر ماڻهو پنهنجي ليکي چڱو مڙس آهي. ڪير به ڪنهن جي نٿو ٻڌي جي ڪو ٻڌي ٿو ته ڪري وري به پنهنجي ٿو. اسان جي علائقي ۾ ماضي جا ڪجهه اهڙا املهه ڪردار هئا. جن ڳوٺ جي حوالي سان پنهنجو ڪردار خوب نڀايو. اهي فرد جهان ڇڏي ويا پر پنهنجن ڳوٺن ۾ اهڙيون روايتون رکي ويا جيڪي اڃان به ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺ ۾ قائم آهن. مڃون ٿا ته هن جديد دور ۾ جتي چند پل ويهي ڪچهري ڪرڻ جو وقت نٿو ملي اتي اڄ به سنڌ ۾ ڪي اهڙا ڳوٺ آهن جتي ڳوٺ جا چڱا پنهنجي ڳوٺ کي پنهنجي گهر جيئان سنڀالين ٿا.
    اسان ٻنهي اهڙا ڳوٺ گهميا جيڪي ماضي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا ۽ اڄ اهي آباد آهن پر اها رونق نه رهي آهي.
    ائين ڳوٺ گهمندي، گهمندي، منهنجي لکڻ جو موضوع ڳوٺ ٿي ويا. مان انهن ڳوٺن مان هڪ اهڙي ڳوٺ جون ڳالهيون لکيون آهن. جيڪي ڳالهيون اسان وٽ اڄ به ٿينديون رهن ٿيون ۽ جڏهن مان لکندو رهيس ته منهنجي پيارن دوستن محترم غلام ياسين شر صاحب ۽ خان محمد ابو پوٽو کي پڙهائيندو به رهيس، جيڪي به مون کي وک وک تي همٿائيندا رهيا. مان انهن ٻنهي دوستن سان گڏ پنهنجي استاد مُحترم اڪبر ايس مڱريو ۽ حسيب ڪانهيو جو پُڻ ۽ هُن جو بيحد ٿورائتو آهيان جن سڀن مون کي سنڀاليو آهي، سمجهايو آهي، پنهنجائپ ڏني آهي ته پيار به ڏنو آهي.
    جيڪڏهن هو مون کي وک وک تي نه سمجهائين ها ته مان هي ناول پورو ڪري نه سگهان ها حالانڪه خان محمد مون کي سدائين ٽوڪيندو هو ته تو لِکيو ۽ اسان پڙهيو، دوست تون ته ڏاڍو سست آهين!!
    ۽ مون جڏهن هي ناول لکي ورتو ته هُن پيار مان ٿڦڪي ڏيندي چيو دوست اسان اهو ئي پئي چاهيو ته تون لکي وڃين.
    مان اهو چاهيندس ته هن ناول کي صرف ناول ڪري نه پڙهيو وڃي پر شهمير جهڙي ڪردار مان اسان کي ڪجهه حاصل ڪرڻ گهرجي خاص ڪري اهڙا نوجوان جن وٽ ڳوٺن جون ذميواريون آهن سي صرف ڪجهه ٽائيم پنهنجي ڳوٺن کي ڏين ته اسان جي ڳوٺن جي حالت ۽ ماحول جيڪو اڪثر بگڙيل ۽ وکريل ملي ٿو ته اهو سڌري سگهي.

    عبدالغني شر
    هنگورنو


    مهُاڳ

    تخليق اڌمو آهه.
    اهو منهنجو خيال آ.
    تخليق موٽ آهه.
    اهو منهنجو گُمان آ.

    منهنجا خيال، منهنجا گُمان غلط ڀي ٿي سگهن ٿا پر مان ائين سمجهان ٿو جو ڪو اڌمو ئي موٽ بڻجي ٿو ۽ جيڪو عمل جي پيڙاءُ مان گُذري تخليق جي صورت وٺي ٿو ۽ اسان پارا اڌما کائي وٺندا آهن ته موٽ پوءِ ٿيندي آ تخيل ڏي ۽ تخيل کان پوءِ تخليق ڏي....
    تصور جي دنيا ڏاڍي خوبصورت آ ۽ حقيقت جي دنيا وڏو جوکم آ ۽ اهو اڌمو ۽ اها موٽ جا تخليق ڪري ٿي سو ڏاڍو ڏکيو عمل آهي جيڪو جيءُ ولوڙي ڇڏي ٿو پر اڌمي وارا درويش وري به اڌمي کائڻ کان مڙندا ئي ناهن ۽ ڪجهه نه ڪجهه تخليق ته ڪندا ئي رهندا آهن ته اڌما ڀي گڏ کائيندا ئي رهندا آهن.
    اڌما کائيندڙ انهن درويشن مان اسان جو پيارو عبدالغني شر به هڪ آهي ۽ سندس هڪ اُڌمو “ڳالهيون ڳوٺ جون” نالي سان ناول بڻجي ڪتابي صورت ۾ منهنجي اڳيان موجود آهي.
    هن ناول کي مون ٻه کان ٽي چار ڀيرا مسلسل پڙهيو آهي جو هي عبدالغني شر جي حُجت ۽ اسرار سبب بار بار منهنجي پڙهڻ جي ٽيبل تي مون اڳيان ايندو رهيو آهي.
    عبدالغني شر جي هن ناول تي ڪجهه ڳالهائڻ کان اڳ مان اهو ضرور چوندس ته عبدالغني شر پنهنجي مزاج ۽ سڀاءُ ۾ به درويش، ماٺيڻو، ملڻو، ملنسار، هر پل مُرڪندڙ ۽ عاجزي کي پنهنجي عادتن ۾ رکندڙ پيارو ماڻهو آهي.
    اهي خوبيون آهن سندس انمول شخصيت جون جيڪي سدائين مان هر ڪنهن لاءِ ۽ گڏ پاڻ لاءِ به پسند ڪندو رهيو آهيان پر جيئن ته ڪي شيون مزاج ۾ قدرتي ملنديون آهن سي عبدالغني شر کي مليل آهن ۽ ضروري نه آهي ته اهي عنصر مزاج ۾ هرڪنهن کي ملن يا مون کي ملن يا ٻئي ڪنهن کي ڀي ملن.....
    بس اها قدرتي ونڊ آهي جنهن ۾ عبدالغني شر خوشنصيب آهي ۽ اسان کي نٺرپڻو مليو آهي ۽ نٺر آهيون!.
    مُحبت، پريم ۽ پريت سان سرشار عبدالغني شر جي اڌمن جو روپ “ڳالهيون ڳوٺ جون” نالي هي ناول سندس انهي نفيس مزاجي جو پرتوو آهي جيڪو اڄ اسان جي اڳيان ڪتابي صورت ۾ موجود آهي. جيڪو پڙهي کن پل لاءِ اسان ڳوٺ جي گهٽين، گسن، پنڌن ۽ پيچرن ۾ ضرور وڃائجي وينداسين جيڪي اسان کان ڏينهنون ڏينهن وسرنديون ئي ته وڃن ٿيون.
    اهي ڳوٺ جا رواج، رسمون، طور طريقا، اٿڻ ويهڻ، قرب، پنهنجائپيون، سهپ توڙي ڪروڌ کان ويندي ڳوٺاڻي ماحول جي طرز زندگي، شهر ۾ انيڪ ورهيه رهندڙ اسان ڳوٺاڻن لاءِ تصور جي دنيا ٿيندي پئي وڃي ۽ جنهن کي پنهنجي قلم سان سهيڙي عبدالغني ڄڻ ڪُجهه وسرندڙ محفوظ ڪيو آهي.
    توڙي جو هن ناول ۾ عبدالغني شر تمام سادي ٻولي جو استعمال ڪيو آهي، بنان ڪنهن ڳوڙهن لفظن جي تمام سادن، سئولن لفظن واري ٻولي ۾ عبدالغني جو هي انداز بيان هر پڙهندڙ لاءِ تڪڙي سمجهي سگهڻ جي وِت آهي.
    هر لکندڙ جو پنهنجو هڪ الڳ ۽ منفرد انداز بيان ۽ اسلوب هوندو آهي، ائين عبدالغني شر جو انداز مون کي ٿورن لفظن ۾ سڌي ڳالهه چوڻ وارو اڇو اجرو بنان ڪنهن واڌو لفاظي جي عام فهم لڳي ٿو جنهن ۾ ڪابه گِهل ته نٿي ڏسجي پر ناول پڙهندي مون اڪثر ائين ڏٺو آهي ته زمان مڪان جي پيشگي يا اظهار ڪيڏي مهل ماضي ۾ ڪيڏي مهل حال ۾ آهي جيڪو منهنجي نظر ۾ ناول جي ڪمزوري آهي يا اهي ناول جا اهي پاسا آهن جيڪي ليکڪ لاءِ توجه طلب آهن، مان نٿو سمجهان ته ڪنهن ڀي ناول کي ڊائري جي نوع ۾ لکيو وڃي.
    ناول جي پيشڪش نِج ڪهاڻين تي هُجي ۽ آبشارن جيئان جيڪي رواني سان وهندا وڃن باقي ائين نه ڪي جيئن ڪنهن ڪچهري ۾ ويهي جيئن ڪا ڳالهه ڪجي يا ڪئي وڃي يا ڪا جيئن ڊائري يا يادگيري لِکي وڃي.
    “ڳالهيون ڳوٺ جون” پڙهڻ کان پوءِ ان ۾ جي مون ڪميون بيشيون ڀي ڪي ڏٺيون آهن ته ان ۾ مان قصور وار عبدالغني شر کي نٿو سمجهان. ها اها هڪ الڳ ڳالهه سمجهان ٿو ته مشاهدي سان گڏ مطالعو ڀي تمام گهڻو اهم جڳهه رکي ٿو، لکاريءَ لاءِ گهڻي کان گهڻو مطالعو ان ڪري به اهم سمجهان ٿو جو ان سان لکاريءَ کي لکڻ پڙهڻ جا نئوان ڏس، نئوان گس، نئوان نانءَ ۽ ڏانءُ ملن ٿا.
    اها کوٽ پنهنجي جاءِ تي ضرور نظر اچي ٿي پر جڏهن اسان سرسري نظر سان ڏسنداسين ته عبدالغني شر کان ويندي مڙني دوستن جا اڌما ته ساڳيا سون ورنا آهن پر ڏس ۽ ڏانءُ جا دڳ وٺرائڻ لاءِ اسان وٽ اهڙا ڪي به ادارا، سنگتون، ويهڪون، گڏجاڻيون، چٽاڀيٽيون وغيره ڪجهه به نه آهن جيڪي اسان جي نون درويشن جي تربيت ڪري سگهن ۽ دڳ لڳائي سگهن، اسان کي پنهنجن اڌمن جي بيان ڪرڻ جو اسلوب، ڏس ڏانءُ، طور طريقو، منظر نگاري، مڪالمي اندازي، انداز بيان وغيره سيکاري ٻُڌائي سگهن.
    اسان وٽ اڌما آهن پر آرٽ نه آهي.
    اسان وٽ اهو آرٽ ڪيئن اچي؟؟
    جنهن موجب اسان پنهنجا اڌما سهڻي نوع ۾ پنهنجي پڙهندڙ آڏو رکي سگهون؟، پڙهندڙ اڳيان بيان ڪري سگهون؟؟.
    ڏوهه نئين لکندڙ جو ناهي جو اسان ۽ اسان جا مڙئي ادارا ٺلها ٺوٺ آهن باقي اسان جا لکندڙ اڌمن سان ڀرپور آهن ۽ اسان ئي ڏس ۽ ڏانءُ انهن کي ڏئي نه سگهيا آهيون، اسان نه بهتر تربيت وٺي سگهيا آهيون ته نه ئي بهتر تربيت ڀي ڏئي سگهيا آهيون، اسان مناسب ايڊٽ نه ڪري سگهيا آهيون، اسان ئي سنواري سينگاري نه سگهيا آهيون نه ته هوند اسان جي لکاريءَ وٽ انيڪ تصور، خيال، ڳالهيون، وارتائون، ڪهاڻيون ۽ سچ آهن، ها اسان جي لِکاريءَ ته سُٺو لکيو آهي پر اسان ئي انهيءَ کي بهتر جاءِ نه ڏئي سگهيا آهيون، بهتر پيش ڪري نه سگهيا آهيون ۽ اسان جي ئي اها ڪوتاهي آهي.
    جيڪر اسان جي اها ڪوتاهي نه هجي ها ته اسان اهڙا پليٽ فارم جوڙي سگهون ها ته هن ناول ۾ به جيڪي اسان کي ٿوريون گهڻيون وِٿيون ڏسجن ٿيون سي نه هجن ها.
    باقي هي ناول پنهنجي موضوع جي لحاظ کان منفرد ۽ جاندار ضرور آهي ۽ رواني سان هلي پنهنجي پُڄاڻي تي پهچي ٿو پر مان سمجهان ٿو شهمير جي ڪردار کي آخر ۾ عبدالغني تڪڙ ۾ مُختصر ڪيو آهي، انهي مقام تي عبدالغني شر کي ڪجهه منظر نگاري کان ڪم وٺڻ گهرجي ها.
    ڪنهن به ڪهاڻي يا ناول ۾ منظر نگاري هڪ اهم جُز آهي جيڪو حالات سان گڏ زميني حقيقتن ڏانهن پڙهندڙ جو ڌيان مرڪوز ڪري ڇڏيندو آهي ۽ اهي منظر بيان ڪرڻ لکاريءَ جو پنهنجو آرٽ آهي جيڪو پڙهندڙ کي انهي مقام ۾ گُم ڪري ڇڏيندو آهي، عبدالغني شر جي هن ناول “ڳالهيون ڳوٺ جون” ۾ منظر نگاري جي اڪثر جاين تي مون کوٽ به ڏٺي آهي، عبدالغني ڪئي جاين تي منظرن کي چِٽڻ جي ڪوشش ڪئي به آهي پر اها مون کي منظوم ۽ مُبهم لڳي آهي جيئن اڌوري، نامڪمل وغيره...
    هن ناول ۾ هڪ ڪردار رابيل جو آهي ۽ هڪ ڪردار رُخسانه جو آهي، مان سمجهان ٿو جيڪر عبدالغني شر انهن ٻنهي ڪردارن جي انجام ۾ مٽا سٽا ڪري ها ته وڌيڪ بهتر هو، رابيل جو انجام رخسانه وارو ڪري ها ۽ رخسانه جي ڪردار جو رابيل جي ڪردار جهڙو انجام ڪري ها ته بهتر هو.........
    پر لکاريءَ جا پنهنجا مشاهدا، تجزيا ۽ منطق آهن ان ڪري اهو حق لکاريءَ محفوظ رکي ٿو تنهنڪري ائين به بهتر آ ۽ اسان چئي سگهون ٿا ته عبدالغني شر هن ناول “ڳالهيون ڳوٺ جون” سان ڀرپور نڀاءُ ڪيو آهي ۽ وسري ويل ڳوٺن جي ياد تازي ڪرائيندي مڙني مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي جنهن ۾ ڳوٺاڻي تعليم کان ويندي، اوطاق جون ڪچهريون، آئي وئي جي سار سنڀال، مهمان نوازي، ثقافتي سرگرميون، ملهه ملاکڙا، امن، خوشي، سُک، قُرب، ڀائچاري سان گڏ حسد، ڪينو، ساڙ ۽ حقن جي لتاڙ، سياسي سياه ڪارين کان ويندي هر مسئلي ۽ هر پاسي تي عبدالغني شر هن ناول ۾ ڳالهايو آهي، عبدالغني شر جي نگاهه ۾، فڪر ۾ زندگي جا انيڪ پهلو آهن جيڪي سڀ زندگي ۽ مُعاشري جا پهلو ۽ پاسا هن ناول ۾ عبدالغني شر سلهاڙيا آهن.
    عبدالغني شر هي ناول لکي بيشڪ سُهڻو ڪم ڪيو آهي ۽ انهي لاءِ کوڙ ساري جس لهڻي، پورهيو هميشه پگهر وهائيندو آ ۽ مان سمجهان ٿو عبدالغني شر پنهنجي پورهئي سان هي هڪ گُل پوکيو آ.

    دِلين ۾
    ۽
    ڌرتيءَ تي
    باهه لڳائڻ
    سئولو ڪم آهي
    پر
    گُل پوکڻ
    شايد ڏُکيو ڪم آهي!،

    گُل پوکي نٿا سگهو...........

    ته دلين ۾
    ۽ ڌرتيءَ تي

    خُدارا................

    باهه لڳائڻ ڇڏي ڏيو!!. (امداد)

    منهنجو ۽ عبدالغني شر جو انائن واري، نفرتن واري مزاجن، رواجن ۽ سماجن لاءِ بس اهو ئي پيغام آ ۽ بس مان جتي عبدالغني شر جي هن ناول لکڻ واري ڪاوش تي بيحد خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان اتي منهنجي من جي آس آهي ته عبدالغني شر جو هي پريت ۽ نِينهن سندو پورهيو شال انيڪ دِلين ۾ هڪ الڳ ۽ منفرد جاءِ ۽ سُڃاڻپ ٺاهي.

    امداد ڪانهيو

    14 مئي 2015ع


    ڳالهيون ڳوٺ جون (ناول)

    1

    اها ڪڻڪ جي لابارن جي موسم هئي، ٻنپهرن جو ٽائيم هو، ڏکڻ جي تيز گرم هوا گُهلي رهي هئي. شهمير به ڪاليج ۾ انٽر جو آخري پيپر ڏئي بازار مان ٿيندو پنهنجي ڳوٺ ڏانهن ايندڙ اسٽاپ تي اچي بيٺو.
    جتي اڳ ۾ پنهنجي گاڏي ۾ گذرندي هُن کي کوڙ ساريون چنگچي رڪشائون ۽ ڊاٽسنون بيٺل نظر اينديون هيس پر اڄ انهيءَ جڳهه تي هڪڙي به سواري بيٺل نظر نه آيس. ٿوري دير بيهڻ بعد تيز اس ۽ گرم هوا هوندي به شمهير جي دل ۾ اهو خيال اڀريو ته اڄ ڳوٺ تائين پنڌ ڪرڻو آهي. هن جو ڳوٺ شهر کان چار ڪلو ميٽر پري هو. هن پنهنجي دل جي خيال جو ڀرم رکندي پنهنجي گاڏي نه گهرائي جيڪا هن جي حوالي ٿيل هئي. انهيءَ گاڏي ۾ صبح سوير ڊرائيور هن کي ڪاليج ۾ ڇڏي ويندو هو ۽ ٻنپهرن جو انهيءَ وقت کڻي ويندو هو. جڏهن شهمير ڊرائيور کي ڪال ڪندو هو.
    ائين ئي شهمير شهر کان پنڌ نڪري پيو ته اسٽاپ تي بيٺل ماڻهو هن کي ڪاڙهي ۾ پنڌ ويندو ڏسي ۽ هن جي وڏيري واري حيثيت کي سامهون رکندي هن کي حيرت وچان ڏسندا رهن ٿا.
    پر هي اڳتي هلندو وڃي ٿو ته اتي بيٺل ۽ ڪجهه گذرندڙ رستي تان سواري وارا ماڻهو هن جي تمام وڏي خانداني حيثيت کي ڏسندي گاڏي بيهاري هن کي ڳوٺ ڇڏي اچڻ جي صلاح هڻن ٿا پر شهمير سڀني کي اهو ٻڌائي ٿو ته مون ڊرائيور کي ڪال ڪئي آهي، هو اچڻ وارو هوندو ۽ توهان جي وڏي مهرباني.
    وڏي مهرباني وارو اهو جملو ٻڌي هرڪو پنهنجي حساب سان ويندو رهي ٿو. دل ئي دل ۾ هن کي اهو احساس ذري ذري ٿيندو رهي ٿو ته هي ماڻهو مون کي مشڪل سان پنڌ هلڻ ڏيندا. تنهن هوندي به هو روڊ جي پاسي کان هلڻ لڳي ٿو. پنڌ هلندي هو روڊ جي ٻنهي طرفن کان بيٺل ڪڻڪ جي فصل کي ڏسي ٿو. جيڪو فصل پورهيت ۽ هاري پنهنجي پوري گهر ڀاتين سان لڻي رهيا هئا. هو جيئن ئي اڳتي هلندو رهي ٿو ته ڪجهه زمين جي ٽڪري ۾ آبادگار اڳواڻ ڀي وونئڻن جي فصل جي پوکائي جي تياري ۾ مصروف هئا. هو پنڌ هلندي هلندي بدن ۾ ٿڪاوٽ محسوس ڪري ٿو ۽ ڪجهه دير لاءِ ساهي کڻڻ لاءِ روڊ جي ڀر ۾ بيٺل ٻٻر جي وڻ هيٺان اچي ويهي ٿو. پاسي واري کيسي مان رومال ڪڍي پنهنجي چهري تان ٽمندڙ پگهر اگهي شهمير وري به سامهون ٻنيءَ ۾ ڪڻڪ جو لابارو ڪندڙ پورهيتن کي ڏسي ٿو. جيڪي پورهيت پنهنجي گذر سفر لاءِ اس ۾ لابارو ڪري رهيا هئا ۽ انهن پورهيتن جا ٻارڙا وڻن جي ڏارين ۾ ڪپڙي جي لوڏ ۾ آرام ڪري رهيا هئا. انهن معصوم ٻارڙن جي لوڏ کي ڇهن، ستن ورهين جون ٻارڙيون لوڏا ڏئي آرام ڪرائي رهيون هيون. شهمير وڻ جي ڇانءُ ۾ ويهي اهو سڄو منظر ڏسندو رهي ٿو. ايتري ۾ شهمير انهيءَ سامهون ايندڙ عورت کي ڏسي ٿو. جيڪا روڊ تان گذري رهي هئي. جنهن جا پير اگهاڙا هئا. جنهن سان ڇهن، ستن ورهين جي ڇوڪري به گڏ هئي. هو انهن ٻنهيءَ جا اگهاڙا پير ڏسي تعجب ۾ پئجي وڃي ٿو. اها عورت جنهن جي مٿي تي رلڪي ۾ ٻڌل ماني هئي، جنهن کي اسان عام طور تي رومال به چئون ٿا ۽ ڪڇ ۾ معصوم ٻار جيان کنيل پاڻي وارو دلو هو ۽ شهمير سوچيو انهيءَ عورت جي ڄمار ٽيهه پنجٽيهه ورهيه هوندي پر غُربت سندس سونهن اُجاڙي ڇڏي هُئي.
    جڏهن اُها عورت ۽ معصوم ٻارڙي شهمير جي ڀر مان گذرن ٿا ته اها معصوم ٻارڙي پير سڙڻ جي ڪري دانهون ڪندي، ڊوڙندي سڌو شهمير جي ڀر ۾ اچي بيهي ٿي. جڏهن شهمير انهيءَ ڏانهن نهاري ٿو ته انهيءَ معصوم جي اکين مان لڙڪ وهي رهيا هئا ۽ هن جو جسم ڏڪي رهيو هو. اڃان هوءِ کن پل مس بيهي ٿي ته هن سان گڏ ويندڙ اها عورت انهيءَ معصوم کي دڙڪن واري انداز سان پاڻ ڏانهن سڏي ٿي پر اها ٻارڙي انهيءَ عورت کي ڪو به جواب ڏئي نٿي. وري به اها عورت انهيءَ معصوم ڇوڪري کي پنهنجي پياري ڌيءَ ڪري پڪاري ٿي ته شهمير کي تڏهن وڃي هنن جي رشتي جي خبر پوي ٿي ته هي پاڻ ۾ ماءُ ۽ ڌيءَ آهن پر اها ٻارڙي ڪجهه دير لاءِ خاموش ٿي وڃي ٿي ۽ شهمير ڏانهن حسرت ڀريل نگاهن سان ڏسندي رهي ٿي. شهمير به بنا ڪنهن سوچڻ جي پنهنجي کيسي مان پنج سؤ جو نوٽ ڪڍي انهيءَ ٻارڙي کي ڏئي ٿو. نوٽ ڏئي شهمير اڃان ڪجهه ڳالهائي ئي نٿو ته اها عورت معصوم ٻار جي هٿ ۾ پنج سؤ جو ڀڪوڙيل نوٽ ڏسي وٺي ٿي ته پريشان ٿي وڃي ٿي ۽ انهيءَ معصوم کان پڇڻ لڳي ٿي ته هي تو پنج سؤ جو نوٽ ڪٿان آندو آهي. جواب ۾ اها معصوم هٿ جي اشاري سان شهمير جو نانءُ کڻي ٿي. اها عورت معصوم ڇوڪري کان پنج سؤ جو نوٽ کسي واپس شهمير طرف اچي ٿي. شهمير انهيءَ عورت کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي گهٻرائجي وڃي ٿو. اها عورت هن جي پاسي ۾ اچي شهمير کان سوال ڪرڻ لڳي ٿي ته ادا توهان منهنجي ننڍڙي کي ڇا جي لاءِ پئسا ڏنا آهن....؟ شهمير انهيءَ عورت جو سوال ٻڌڻ کانپوءِ اهو جواب ڏئي ٿو ته ادي! مان هن کي توهان ٻنهي جا اگهاڙا پير ڏسي صرف جتي وٺڻ لاءِ ڏنا آهن ۽ منهنجي من ۾ ٻي ڪا به لالچ ڪانهي. اهو جواب ٻڌڻ کانپوءِ اها عورت وراڻي ٿي ته ادا توهان جي وڏي مهرباني، اها عورت وري ڳالهائيندي چوڻ لڳي ٿي ته ادا ڪڻڪ جو لابارو يا ٻي ڪا ٻني جي مزدوري هجي ته اسان اوهان جو اهو قرض لاهي سگهون ٿا. نه ته ادا اسان اهو قرض ڪونه لاهي سگهنداسين. انهي عورت جي ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ شهمير وراڻڻ لڳو ته ادي مان اهي پئسا پنهنجي خرچي مان ڏنا آهن منهنجي من ۾ اهو احساس جاڳي پيو ته مان اهي پئسا اجايا وڃائڻ بدران اوهان کي ڏئي ڇڏيان، جيڪي اوهان جي ڪم اچي ويندا. اهو جواب ٻڌڻ کانپوءِ اها عورت اتان هلي وڃي ٿي ۽وري به ويندي شهمير جو شڪريو ادا ڪندي ۽ دعائون ڏيندي پنهنجي منزل ڏانهن رواني ٿي وڃي ٿي...
    شهمير انهيءَ عورت جو اهو جواب ٻڌي ساڳي جڳهه تي اڃان ويٺو هجي ٿو ۽ سوچڻ لڳي ٿو ته اسان ته نازن ۾ پلجي وڏا ٿيل آهيون ۽ زندگي جي هر آسائش اسان وٽ موجود آهي. پر هي به اسان جي ڌرتي جا ڪيڏا نه املهه ماڻهو آهن. جيڪي پنهنجي پيٽ گُذر ڪرڻ لاءِ پنهنجي پوري خاندان سميت سڄو ڏينهن ڪاڙهن ۾ سڙن ٿا ۽ هي عورتون به ڪيڏيون نه عظيم آهن جيڪي هنن سان گڏجي سڄو ڏينهن پورهيو ڪن ٿيون. اهو سوچيندي سوچيندي شهمير وري ڳوٺ ڏانهن پنڌ ڪرڻ لڳي ٿو. سفر ڪندي هي وري به انهن پورهيتن ڏانهن نهاريندو اڳتي وڌندو رهي ٿو. ايتري ۾ ٻن پوليس موبائلن جي وچ ۾ هڪ وڏي گاڏي تمام تکي اسپيڊ سان گذري ٿي. شمهير انهيءَ وڏي گاڏي ۾ ويٺل چهري کي سڃاڻڻ جي ڪري ٿو. هو بي ساخته چوڻ لڳي ٿو ته اڙي هي ته اسانجو موجوده اسيمبليءَ ميمبر آهي. جنهن چند مهينا پهرين هن تڪ تان چونڊ وڙهي هئي. جيڪا چونڊ هن کٽي هئي. انهيءَ اليڪشن ۾ اسان جي علائقي جا سادڙا ماڻهو پنهنجي، پنهنجي ڳوٺن جي چڱن مڙسن جي چوڻ تي نٽهڻ اس ۾ به جيئي، جيئي جا نعرا هڻي رهيا هئا. انهيءَ مهل اسيمبليءَ ميمبر سان گڏ آيل مختلف وڏيرا انهن مسڪين ماروئڙن جي پگهر هاڻن بدن کي ڀاڪر پائي ڳراٽيون ڏئي حالي احوالي ٿي رهيا هئا ۽ انهيءَ ٽائيم انهن جون جذباتي تقريرون دل کي موهي رهيون هنيون. پر اڄ جڏهن اهي چونڊجي اسيمبليءَ ۾ پهتا آهن ته حال احوالي ٿيڻ ته ٺهيو پر پنهنجي وڏين ٿڌين گاڏين مان ليئو پائي ڏسڻ به پسند نٿا ڪن ته جن اسانکي چونڊرائي هن منزل تي پهچايو اهي اڄ ڪهڙي حال ۾ آهن شهمير انهن سوچن ۾ گم سم رهندي ۽ پنڌ ڪندي، ڪندي جڏهن پنهنجي ڳوٺ پنهنجي اوطاق وٽان گذري گهر وڃڻ لڳي ٿو ته ايتري ۾ هن وٽ گاڏين جا ڊرائيور ڀڄي اچن ٿا ۽ چوڻ لڳن ٿا ته شهمير سائين توهان ڪنهن سان گڏ آيا آهيو...؟ اڃان هڪ ڊرائيور اهو سوال مس ڪري ٿو ته ايتري ۾ وري ٻيو ڊرائيور وراڻي ٿو ته سائين توهان رڳو منهنجي نمبر تي مس ڪال ڏيو ها ته مان توهان کان پاڻ حال احوال وٺي توهان کي کڻڻ اچان ها. شهمير انهن ڊرائيورن جي ڳالهه کي ڪٽيندي صرف اهو چوڻ لڳي ٿو ته اڙي بابا! ڪابه ڳالهه ڪانهي دراصل مان شوق مان پنڌ ڪيو آهي، توهان گهٻرايو نه مان ڪنهن سان به توهان جي شڪايت نه ڪندس.
    ائين ئي هو ڊرائيورن مان جان آجي ڪرائي گهر پهچي ٿو. شهمير کي گهر ايندي ڏسي نوڪر ۽ نوڪراڻيون اڳتي وڌي هن کان امتحان ڏيڻ وارو ڪلپ بورڊ وٺن ٿيون ۽ هن جو ڳاڙهو چهرو ڏسي سڀ پريشان ٿي وڃن ٿا. ايتري ۾ سڀني نوڪرياڻين ۽ نوڪرن جي هيڊ ماسي سفوران سا به سهڪندي اچي شهمير جي ڀر ۾ بيهي هن کان پڇڻ لڳي ٿي ته شهمير پٽ! توکي ڇا ٿيو آهي...؟ تنهنجو چهرو ڳاڙهو لال ٿي ويو آهي. ٺيڪ ته آهين پٽ، خاموش ڇو آهين...؟ شهمير به خاموشي ٽوڙيندي وراڻي ٿو ته ماسي مان بلڪل ٺيڪ آهيان پريشاني جي ڪابه ڳالهه ڪانهي دراصل مان شهر مان پنڌ ڪري ڳوٺ آيو آهيان. انهيءَ ڪري ٿڪجي پيو آهيان. وري به ماسي سفوران شهمير کان سوال ڪرڻ لڳي ٿي ته پٽ هي ڊرائيور ڪيڏانهن ويا هئا....؟ جيڪي سڄو ڏينهن ڍورن وانگر چرن ٿا، اهي توکي کڻڻ به ڪو نه آيا...!
    شهمير وري ڳالهائڻ لڳي ٿو ته ماسي مان چيو ته مان پاڻ شوق مان پنڌ ڪيو آهي ٻي ڪابه خاص ڳالهه ڪانهي. توهان مون کي ڇڏيو مان وڃي ٿوري دير آرام ڪريان پوءِ ماني کائيندس.
    پر وري به ماسي سفوران چوڻ لڳي ٿي ته پٽ تون پنهنجي صحت جو خيال ڪندو ڪر....! شهمير ماسي کي ڪو به جواب ڏيڻ بدران خاموشي سان ڪجهه دير لاءِ بيڊ تي ليٽي پوي ٿو.
    ***

    شهمير تي شهمير خان نالو پنهنجي ڏاڏي جي نالي پٺيان رکيل هو. هن جو ڏاڏو شهمير خان هن ڳوٺ توڙي علائقي جو انتهائي معزز، شريف، همت وارو ۽ سخي مرد هو. هن جي اوطاق هر وقت مهمانن سان ۽ مسافرن سان سٿيل هوندي هئي. سڀني مهمانن ۽ مسافرن کي هڪ ئي وقت هڪجهڙو کاڌو ملندو هو. علائقي جي ماڻهن جا ڪم ڪاريون ۽ مسئلا هي پاڻ ويهي حل ڪندو هو. خاص ڪري پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪڏهن به ڪنهن کي به غلط ڪم نه ڪرڻ ڏنائين. هڪ هزار آبادي کان مٿي واري هن ڳوٺ ۾ معمولي مسئلن کان وٺي بنهه منجهائيندڙ معاملن کي هي پر امن نموني حل ڪندو هو. جنهن دؤر ۾ سنڌ جا وڏيرا غريب ٻارن کي پڙهڻ لاءِ روڪيندا هئا ۽ ٻارڙن جي مائٽن کي ڊيڄاري ڌمڪائي اسڪول مان ٻار بيدخل ڪرائي ڇڏيندا هئا. تنهن دؤر ۾ رئيس شهمير خان پنهنجي حساب سان ڳوٺ جي ٻارڙن جي تعليم تي خاص ڌيان ڏنو هو. هو پنهنجي ڳوٺ وارن تي پنهنجي ٻارڙن کي پڙهائڻ لاءِ تمام گهڻو زور ڀريندو هو. جيڪي ڳوٺ جا غريب ڇوڪرا اسڪول ۾ داخل ٿيندا هئا انهن کي ڪاپيون، ڪتاب، رسيس واري ماني سڀني کي هو پنهنجي اوطاق تي الڳ کارائيندو هو. چند ڪمرن تي مشتمل اسڪولي شاگردن لاءِ هڪ هاسٽل ٺهرايائين اتي به کائڻ پيئڻ جو جوڳو انتظام سندس پاران ٿيل هو ۽ ديني تعليم لاءِ الڳ استاد رکيو هئائين، جيڪو شام جي ٽائيم ديني تعليم ڏيندو هو ۽ ڳوٺ جي ٻاهران هڪ اسڪول جي نانءُ سان گرائونڊ جوڙيائين جنهن ۾ اسڪول جا ٻار خاص ڏينهن تي رانديون ڪندا هئا.
    ايتري تائين جڏهن ڪو غريب ٻار اڳتي محنت ڪري پڙهندو هو ته رئيس شهمير خان انهيءَ کي اتي جو باقاعده الڳ خرچ ڏيندو هو. مقصد ته انهيءَ دور ۾ هي علائقو خاص ڪري هي ڳوٺ هڪ مثالي بڻيل هو.
    وقت گذرندو رهيو ۽ هڪ ڏينهن جڏهن رئيس شهمير خان اچانڪ هي جهان ڇڏي ويو تڏهن ڪجهه وقت هي ڳوٺ توڙي هي علائقو سوڳ ۾ وٺجي ويو پر پوءِ هوريان، هوريان وقت گذرڻ سان گڏ رئيس شهمير خان جي موت کي سڀ ڪو الله جي رضا سمجهي خاموش ٿي ويو. جڏهن راڄ ڀاڳ جي چڱن ۽ راڄ وارن شهمير خان جي اڪيلي اولاد رئيس اسحاق کي پڳ ٻڌرائي ته شروع شروع ۾ هو به پنهنجي پيءُ جي نقش قدم تي هلڻ لڳو پر وقت گذرڻ سان گڏ هن جون سوچون مٽجي ويون. هن انهيءَ فلاحي ڪمن بدران ۽ اوطاق تي ٽائيم ڏيڻ بجاءِ اڪثر شهر ۾ رهڻ لڳو.
    وڏيري اسحاق جي سوچ ڪاروباري سوچ هئي. راڄ ڀاڳ تي هُن جي اک نه هُئي، پنهنجي ڳوٺ ۽ علائقي جي ماڻهن کي هو ٽائيم ڏيڻ فضول سمجهندو هو وقت گذرڻ سان گڏ جڏهن ڳوٺ وارن ۽ انهي علائقي وارن وڏيري اسحاق کي اوپرن جيان ڏٺو ۽ محسوس ڪيو تڏهن علائقي جي چار چڱن هن کي هلي اچي سمجهايو ته ٻيلي ڏاهو ٿي هي راڄ ڀاڳ ۽ هي ڳوٺ راڄ ۽ علائقي واسي تنهنجا آهن ۽ هنن جون تو ۾ رئيس شهمير وانگر لک اميدون آهن تنهنڪري تون انهن جي اميدن جو ڀرم رکڻ جي آس ڪر ۽ ماڻهن جا جيڪي به ٿورا گهڻا مسئلا آهن انهن کي حل ڪرڻ جي تون ئي ڪوشش ڪر پر وڏيرو اسحاق جيڪو ڪجهه ڏينهن هنن چڱن جي چيل چڱي ڳالهه تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر جلد ڪجهه ڏينهن بعد وري هوريان هوريان پنهنجي نموني سان ساڳي زندگي گذارڻ لڳي ٿو ۽ مهيني جا صرف چند ڏينهن ڳوٺ ۾ ترسي وري واپس شهر هليو وڃي ٿو. هو پئسي ڪمائڻ جي چڪر ۾ لڳل هجي ٿو. مهيني جي آخري هفتي ۾ ڳوٺ اچي ٿو تڏهن به صرف گهر ئي گهر ۾ موجود هجي ٿو. صرف انهن ملازمن سان ملي ٿو جيڪي هن جي زمين کي سنڀالين ٿا. انهن سان ڪجهه گهڙيون حال احوال ڪرڻ کان پوءِ وري به شهر ڏانهن نڪري وڃي ٿو. وڏيري اسحاق کي سندس گهر واري نور خاتون جيڪا تمام سلجهيل هجي ٿي سابه هن ۾ آيل اچانڪ تبديلي تي حيرت ۾ پئجي وڃي ٿي. اها به هن کي جام سارا مثال ڏئي سمجهائڻ جي ڪري ٿي ته اسحاق تنهنجا والدين ڏس ڪيڏا نه بهترين انسان هئا، مان به هتي پرڻجي ڌارئي راڄ ۾ آئي هئس پر مون کي تنهنجي ماءُ مرهيات حاجياڻي بيگم جنهن مون کي مڪمل انسان ٺاهيو، مون کي پنهنجي رت جي رشتن جهڙو پيار ڏنائين، مان ته حاجياڻي بيگم سان تمام گهٽ وقت گذاريو پر جيڪو وقت گذاريم اهو ڏاڍو بهترين وقت هو پر تون انهن جو اولاد ٿي ڪري منهنجي ڪا به ڳالهه مڃين به نٿو وڏيرو خاموش ٿي ٻڌندو رهيو. وڏيري نور خاتون وري ڳالهائڻ لڳي ٿي. اسحاق سائين توکي راڄ، ڀاڳ جو ڪهڙو قدر توکي ته پنهنجي گهر جي ڪابه خبر ناهي..!؟ جڏهن وڏيري نورخاتون اهي سٽون زبان تي اچاري ٿي ته وڏيرو اسحاق تڪڙي انداز ۾ وراڻي ٿو ته ڇا ٿيو گهر کي؟ وڏيري جي انهيءَ آڏي پڇا واري سوال جي جواب ۾ نورخاتون وراڻي ٿي هڪ ته پنهنجو اڪيلو اولاد دلاور نه ڪاليج وڃي ٿو نه وري پنهنجي گهر واري سان ٺهي ٿو. پنهنجي ننهن روئي، روئي هاڻي اڪثر بيمار رهي ٿي ۽ پاڻ واري موڀي پٽ دلاور جي ڪابه خبر نٿي پوي ته هي ڇا پيو ڪري؟ ۽ ڪنهن سان وقت پيو گذاري ڪابه خبر نٿي پوي. ڇوڪري پڙهيل لکيل ٿي ڪري پوءِ به ماٺ ويٺي آهي نه ته اڄ جو زمانو ڏاڍو تيز آهي مهرباني ڪري دلاور کي سمجهاءِ پنهنجي اوطاق ۽ زمين ۽ هارين، نارين کي وقت ڏئي ۽ گهر کي ٽائيم ڏئي، اجائي رلڻ مان ڪهڙو فائدو ٿيندو، ويتر ڇوڪرو خراب ٿيندو.
    اهو ٻڌڻ کانپوءِ وڏيرو اسحاق ڳالهائڻ لڳي ٿو ته وڏيري نورخاتون سڀ ڪم منهنجي حوالي ٿيل آهن ۽ توهان جي حوالي ڪجهه به نه آهي. اسحاق نڪ ۾ سونڊ وجهي پنهنجي گهر واري سان ڳالهائڻ لڳي ٿو. اڃان وڏيرو اها ڳالهه مس ڪري ٿو ته وڏيري جواب ۾ چوڻ لڳي ٿي مان ته هن جي ماءُ آهيان مان هن کي جام سمجهايو آهي ۽ هن جي پنهنجي گهر واري به دلاور کي جام سمجهايو آهي پر هو ته ڪنهن جي به ڳالهه نٿو مڃي، ائين ئي رلندو رهي ٿو.
    وڏيرو اسحاق خاموش ٿي وڃي ٿو ۽ ٿوري دير کانپوءِ جڏهن اوطاق جي طرف وڃڻ لڳي ٿو ته وڏيري نورخاتون هن کي اها خوشخبري ٻڌائي ٿي ته هاڻي چند مهينن کان پوءِ هن گهر ۾ پنهنجو نئون مهمان اچي رهيو آهي پر هڪ ڳالهه ٻڌ! وڏيرو اسحاق وڏيري نور خاتون کي غور سان ڏسي ٻڌڻ لڳي ٿو. وڏيري چوڻ لڳي ٿي ته وڏيرا جيڪڏهن ٿي ڇوڪري ته تون پنهنجي مرضي جو نانءُ رکجان پر جيڪڏهن پاڻ کي ڇوڪرو ٿيو ته مون سوچي ڇڏيو آهي مان پنهنجي سهري شهمير خان جو نانءُ رکندس.
    اها خوشخبري جڏهن وڏيري نور خاتون وڏيري اسحاق کي ٻڌائي ٿي ته هو ڏاڍو خوش ٿئي ٿو ۽ وڏيرو اها خوشخبري ٻڌي مسڪرائيندو اوطاق طرف وڃڻ لڳي ٿو. اوطاق ۾ اندر وڃي صوفي تي ويهي اڪيلائي ۾ سوچڻ لڳي ٿو ته نورخاتون حقيقت ۾ ٺيڪ نموني سان سمجهائي رهي آهي. پر مان جيڪا شهر ۾ ڪاروبار جو ڄار وڇايو آهي انهيءَ مان جيڪڏهن جلدي هٿ ڪڍي ڳوٺ اچي رهندس ته منهنجو سڀ ڪجهه ٺهيل ڪم ڦٽي ويندو. مان ته تباهه ٿي ويندس. اهڙيون سوچون جڏهن هن جي اندر ۾ اچن ٿيون ته هي پنهنجي گهر واري نورخاتون جون ڳالهيون ائين فضول سمجهڻ لڳي ٿو. انهن ڳالهين تي غور ڪرڻ بجاءِ وري به چند ڏينهن کانپوءِ ڪاروبار جي سلسلي ۾ شهر جو رخ ڪري ٿو.
    ***


    2

    ائين وقت گذرندو رهيو. وڏيري اسحاق چند ڏينهن ڳوٺ ۾ رهڻ کانپوءِ وڃي وري شهر ۾ رهڻ لڳو. هاڻي نورخاتون ئي هئي، جيڪا اوطاق تي آيل مهمانن ۽ مسافرن جي خدمت نوڪرن وسيلي ڪرڻ لڳي هئي پر پاڻ انهيءَ جي نگراني به ڪندي رهي حالانڪه اوطاق تي مهمان تمام گهڻا اچڻ لڳا هئا پر مسافر ۽ شيءَ وڪرو ڪرڻ وارا گهورڙيا ۽ ڪپڙو کڻي ايندڙ پٺاڻ ڀي پيا ايندا هئا ته وڏيري نورخاتون جي انهن اوطاق تي ترسيل مسافرن جي لاءِ نوڪرن کي به خاص هدايت ڏنل هوندي هئي ته انهن کي ڪڏهن به بکئي پيٽ نه موڪلجو.
    اهڙي ريت هاڻي وڏيري نور خاتون ئي هئي جنهن سان ڳوٺ وارن جون ڪيتريون اميدون سلهاڙيل هيون. هوءَ غريب عورتن جي دل کولي مدد ڪندي هئي. جنهن به غريب عورت جي تڪليف جو ٻڌندي هئي ته انهيءَ وٽ پاڻ پڇا ڪرڻ لاءِ هلي ويندي هئي. ايتري ساري ملڪيت هوندي به نورخاتون آڌيءَ جو اٿي پاڻ جنڊ پيهندي هئي. فجر نماز کانپوءِ جڏهن گهر جون سڀ نوڪرياڻيون مشين ذريعي لسي ولوڙينديون هنيون تڏهن وڏيري نوڪرياڻين جي ڀر ۾ ويٺي هوندي هئي ۽ ويٺي مهل تسبيع پئي پڙهندي هئي ۽ جڏهن سج اڀري ويندو هو ڳوٺ جون غريب عورتون ۽ معصوم ٻار لسي وٺڻ لاءِ هن جي اڱڻ تي ايندا هئا ته هي پاڻ انهن کي هٿن سان لسي ڏيندي هئي. وڏيري جي حسن اخلاق کي ڏسي ڳوٺ جون ڪجهه عورتون هر وقت هن جي حاضري ۾ هونديون هيون.
    وقت گذرندو رهيو. ڪجهه وقت کانپوءِ جڏهن وڏيري اسحاق کي ٻيو نمبر پٽ ڄائو ته گهر ۾ خوشين سندو نئون ماحول اڏجي ويو. پٽ ڄمڻ جي خوشي ۾ وڏيرو اسحاق به جلدي ئي ڳوٺ پهچي ويو. ڳوٺ جون مايون، توڙي مرد وڏيري اسحاق ۽ وڏيري نور خاتون کي مبارڪون ڏئي رهيا هئا. چند ڏينهن گذرڻ کانپوءِ وڏيري اسحاق پوري علائقي جي ماڻهن کي پٽ ڄمڻ جي خوشي ۾ دعوت ڏئي گهرايو ۽ سڀني علائقي جي ماڻهن کي پٽ ڄمڻ جي خوشي ۾ وڏي دعوت جو اهتمام ڪيائين ۽ پٽ تي پنهنجي پيءُ رئيس شهمير خان جي نالي رکڻ جي سڀني کي خوشخبري ٻڌايائين، ۽ چند ڏينهن گذرڻ کانپوءِ تمام وڏي خيرات پُڻ ڪيائين.
    ڪافي وقت کانپوءِ جڏهن هن جي ڳوٺ وارا اچي هن اوطاق تي گڏ ٿيا هئا ته هن جي اوطاق جي باري ۾ ۽ وڏيري اسحاق جي باري ۾ پاڻ تبصرا ڪرڻ لڳا هئا. ڳوٺ وارا ٽولين جي صورت ۾ ويهي ڪچهريون ڪرڻ لڳا هئا. وسايو ۽ خميسو به هن ڳوٺ جا هئا. جيڪي هر وقت نئون موضوع ساڻ کڻي پاڻ ۾ ملندا هئا. انهيءَ موضوع تي ويهي باقائده تبصرا ڪندا هئا. جڏهن تبصرو ڪري، ڪري ٿڪجي پوندا هئا ته يار پاڻ آهيون ته ڪنهن ڪم جا به نه، البته پاڻ انهن کان پوءِ به چڱا آهيون. اڄ هنن جو موضوع وڏيرو اسحاق هو. وسايو ڳالهائيندي ورائڻ لڳي ٿو ته ٻيلي خميسا...! مون ٻڌو آهي ته وڏيري اسحاق جي شهر ۾ ٻي شادي ٿيل آهي. خميسو به وسائي جي ڳالهه ۾ ها ملائيندي چوڻ لڳي ٿو ته هائو ادا وسايا ڇاڪاڻ ته وڏيري وٽ ملڪيت تمام گهڻي آهي، هن لاءِ شادي ڪهڙو مسئلو آهي. خميسو وري چوڻ لڳي ٿو پر يار مون کي ائين نٿو لڳي، جيڪڏهن شادي هجيس ها ته ورهين کان وڏيرو شهر ۾ رهي ٿو، ڪٿي نه ڪٿي ضرور ڳالهه کلي پوي ها باقي وسايا انهيءَ ننڍڙي شهمير خان کي رب پاڪ اها ساڳي مڻيا ڏي جيڪا اڳئين شهمير خان ۾ هئي باقي وڏيري اسحاق جو موڀي پٽ دلاور خان ته ساڳئي نموني پيءُ واري تي آهي نه ڪنهن سان ڳالهائي نه ڪنهن کان خبر چار وٺي، پنهنجي منهن رلندو وتندو آهي.
    اڃان هي اهي ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته ايتري ۾ مجنو به هنن جي ڀر ۾ ويهي انهيءَ ڳالهه جو سرکڻائيندي ڳالهائڻ لڳي ٿو ته ادا واقعي دلاور خراب صحبت ۾ اچي ويو آهي، سڄو ڏينهن لالڻ واري اوتاري تي پيو هوندو آهي، جتي رڳو پيو چرس پيئندو آهي. مون کي ته منهنجي گهر واري جيڪا روز وڏيري نور خاتون کان لسي وٺڻ ويندي آهي، انهيءَ ٻڌايو پئي ته دلاور ٻين کي ته ٺهيو پنهنجي لکيل پڙهيل ۽ سلجهيل گهر واري جيڪا رشتي ۾ سڳي ماسات ٿيس ٿي انهيءَ کي به بلڪل نٿو پڇي نه ڪڇي، اها به سورن ۾ آهي. ائين ئي وسائي ۽ خميسي جي ڪچهري هلندي رهي ٿي مجنو به هنن جي ڳالهين جي ها ۾ ها ملائيندو رهي ٿو.
    هي جڏهن ٽئي ڄڻا خيرات جي ماني کائين ٿا. تڏهن هڪ ٻئي کي ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ميارون ڏين ٿا. ٻيلي پاڻ هرڀرو وڏيري اسحاق جي نالي الائي ڇا ڇا پئي چيوسين. هن ته اڄ ورهين کانپوءِ به پاڻ کي ڇا پر سڀني کي ماني تمام ڀلي کارائي آهي. ايتري ۾ وري خميسو ڳالهائڻ لڳي ٿو ته دوستو اهو سڄو عقل ۽ ڀلائي وارو ڪم وڏيري نورخاتون جو رٿيل آهي اهائي ته آهي جيڪا هن ڳوٺ جي غريبن جو تمام گهڻو خيال رکي ٿي. اها مائي به مردن جو مٽ آهي نه ته وڏيرو ته ورهين کان هن ماحول ۾ رهي ٿو پر ڪڏهن به اهڙو ڪم نه ڪيائين.
    اهڙي ريت هي ٽئي دوست وڏيري جي اوطاق مان نڪري ڪچهري ڪندي ڪندي پنهنجي پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿي وڃن ٿا. خميسو، وسايو ۽ مجنو ٽئي دوست هئا. هن ئي ڳوٺ جا هئا. سڀني کي ڪجهه ڪجهه زمين جا ٽڪرا پنهنجا پنهنجا هئا. صرف مجنو ٿورو هنن کان مختلف هو. هو ننڍي هوندي دڪان هلائيندو هو. پر وقت گذرڻ سان گڏ هن کير وڪڻڻ جو ڪاروبار شروع ڪيو هو. جيڪو اڃان به اٿس. صبح جو هرڪو پنهنجي حساب سان هوندو هو پر شام ٿيندي ئي ڳوٺ جي ٻاهران ننڍڙي اسٽاپ تي اڏيل هوٽل ۾ ويهي زماني جي ڪچهري ڪندا هئا پر ٽئي پنهنجي وهي وڃائي چڪا هئا پر هنن جا تبصرا اڃان به جواني جهڙا طوفاني هئا.
    ***

    بس هڪ نجمه هئي هن گهر ۾ جيڪا صفا اڪيلي ٿي پئي هئي دلاور سان شادي کي اڃان هڪ سال مس ٿيو هو پر هن ڪڏهن پنهنجي مڙس دلاور کي پنهنجون دل جون ڳالهيون به نه ٻڌايون هيون ڇاڪاڻ ته دلاور خان هر وقت نشي ۾ خطا هوندو هو. هن لاءِ پنهنجو پاڻ کي سنڀالڻ مشڪل هو سو هو نجمه جون ڪهڙيون دل جون ڳالهيون ٻڌي سگهي ها. بس نجما هئي ۽ درد هئا. اڪيلي ئي اڪيلي پنهنجي بيڊروم تي پئي هوندي هئي. اکين ۾ جيڪي خواب هئس سي به اڻپورا رهجي ويس. هن پنهنجي دل جون خوشيون مائٽن جي خواهشن مٿان قربان ڪري ڇڏيون ته به هن کي اها خوشي نه ملي سگهي جيڪا عام ڇوڪرين کي ملي ٿي.
    ائين ئي هو دل ئي دل ۾ درد سانڍي صرف زنده رهي ٿي. هوءِ هار سينگار ڪري ته ڪنهن جي لاءِ ڪري ڇاڪاڻ ته هن جو ور پنهنجو وجود نشي ۾ وڃائي ايندو هو ۽ جڏهن گهر ايندو هو ته هن جا حوصلا خطا هوندا هئا ۽ اونڌي منهن سان اچي بيڊ تي ليٽي پوندو هو. دلاور جي دانهن هن جي گهر واري نجما ڏئي ته ڪنهن کي ڏئي. هوءِ ڪنهن ڪنهن مهل اڪيلائي ۾ ويهي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳندي هئي ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ پئي روئيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن نور خاتون هن کي اداس ڏسي هن کي آٿت ڏيندي هئي. ڳوٺ لاءِ هي گهر جڏهن هڪ اميدن جي ڏيئي مثل هو پر نجما وٽ سڀ ڪجهه هوندي به ڪجهه به نه هو. صرف ۽ صرف اڪيلائي هئي. جيڪا اڪيلائي جا عذاب سهندي سڙي رهي هئي. هن کي جيون جا سڀ رنگ اڻپورا لڳي رهيا هئا. ننڍپڻ ۾ جنهن لاڏ ڪوڏ سان کيڏي وڏي ٿي. انهيءَ جي ذري برابر جيتري سهولت هتي موجود نه هئي. هوءَ صرف پنهنجي پاڻ کي هن ڪوٽ ۾ قيدي جيان قيد محسو ڪري رهي هئي. اڳي سهليون، پڙهائي، ۽ شهر ۾ موڪل وارن ڏينهن ۾ پارڪن ۾ سهيلين سان ڪچهريون سڀ جون سڀ ياد ماضي بنجي ويون هُيون.
    بس اکين ۾ اهو هڪ ئي خواب هو جيڪو به اڌورو رهجي ويو. سهيل جيڪو هن جو پاڙيسري هو ۽ گڏ پڙهندو هو. پر تمام شريف هو. هوريان هوريان گڏ پڙهندي هو هڪ ٻئي کي چاهڻ لڳا هئا. ائين نجما کي اهي ڏينهن ياد اچن ٿا جڏهن هن هڪ دفعي سهيل سان ڪچهريون ڪندي اکيون اکين ۾ ملائيندي پڇيو هو ته مونسان نڀائي سگهندين...؟ جواب ۾ سهيل انهيءَ سوال جو ڪو به جواب ڏئي نه سگهيو ۽ هن ڪيترائي سوال سهيل کان پڇيا هئا پر سهيل هميشه هن کان ڪجهه وقت جي مهلت گهرندو رهيو. سهيل هميشه خاموش رهندو هو ۽ پوءِ اچانڪ سهيل گم ٿي ويو. هي سهيل جي اچانڪ گم ٿيڻ ۽ هن جي خاموشي جي راز کي چاهڻ باوجود سمجهي نه سگهي. هو هڪ سٺو شاعر به هو. هن جي شاعري جڏهن ڪتابن ۾ ايندي هئي ته پاڻ ڪتاب وٺي اچي هن کي شاعري ٻڌائيندو هو. هڪ ڏينهن جڏهن پارڪ ۾ ڪچهري ڪندي نجما هن کان پڇيو هو ته پنهنجي ڪلهن تي منهنجو بار کڻي سگهندين...؟ جواب ۾ هن صرف اهو چيو هو ته چري اهڙا سوال نه ڪندي ڪر....! هن جي چري لفظ چوڻ تي هن کان بي ساخته ٽهڪ نڪري ويو هو. بس هاڻي اهي ڏينهن ياد ماضي بنجي ويا آهن. سهيل جي پر اسرار خاموشي کانپوءِ هن جون ڳالهيون ئي ياد رهجي ويون آهن. تو وفا ڪئي يا بيوفائي ڪئي انهيءَ جو مان فيصلو نه ڪري سگهيس. اها حقيقت آهي ته جدايون تن کي تڙپائن ٿيون رُلائين ٿيون. اکين ۾ صرف لڙڪ باقي رهجي ويا. دل ئي دل ۾ توکي ڳولي نه وڃائڻ جو قسم کاڌم پر تنهنجي ملڻ کانپوءِ دل ۾ پڪو پهه ڪيم ته هڪ ٿي مرنداسين ۽ هڪ ٿي جيئنداسين پر دل ۾ ڪيل ارادا ته ارادا ٿي ئي رهجي ويا، توسان طئه ٿيل منزلون اڌوريون رهجي ويون، پاڻ ڪچهرين ئي ڪچهرين ۾ سوچيو هو ته جيڪڏهن پاڻ هڪ ٿي وياسين ته هن معاشري لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪنداسين. پاڻ ريتن ۽ رسمن ۾ سڙندڙ جوانين کي انهيءَ باهه کان بچائينداسين، غريب ٻارن کي تعليم جي روشني ۾ اڳتي آڻينداسين ۽ پنهنجي ڳوٺن ۾ عورتن لاءِ هنري مرڪز کولينداسين ۽ هر ظالم سوچ رکندڙ فرد سان اکيون اکين ۾ ملائي مظلوم کي حق وٺي ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين. وڏيرڪي سوچ جو تصور ڳوٺن مان ختم ڪنداسين.
    اهي گهڙيون ئي هيون جيڪي منهنجي زندگي جون قيمتي گهڙيون هُيون. وقت سان گڏ پاڻ گڏجي ملڻ چاهيو پر شايد ائين پنهنجو گڏجي ملڻ قسمت ۾ لکيل نه هو. جڏهن پهريون دفعو توسان مليس تڏهن مان توکي پنهنجو سڀ ڪجهه سمجهي ڇڏيو هو. وقت گذرڻ سان گڏ خبر پئي تون به ته مون وانگر پنهنجي معاشري جي حالتن اڳيان مجبور آهين پر تنهنجو ائين اچانڪ گم ٿي وڃڻ مون کي سمجهه ۾ نه آيو ۽ مان به وقت گذرڻ سان گڏ تنهنجو پوءِ به انتظار ڪندي رهيس. مون توکي ڏاڍو ڳوليو، ادبي فنڪشنس ۾ شاعري ۾ فوٽ پاٿن تي پر تون مون کي ڪٿي به نه ملي سگهين. تو جيڪي پنهنجي شاعري وارا ڇپيل ماهوار مئگزين ڏيکاريا هئا انهن مئگزينن جا مان تازا پرچا ورتا پر انهن ۾ به تنهنجي شاعري به ڪانه هئي نيٺ مان حالتن هٿان هار کائي ويس ۽ انتظار ڪريان ته ڪنهن جو ڪريان....؟ مائٽن جي فيصلي جو انڪار ڪري انهن سان بغاوت ڪريان به ها ته به منهنجي منزل جي مون کي ته ڪابه خبر ڪانه هئي. مان سوچي سوچي ساڻي ٿي پيس. بس منهنجي دل ۾ اهو خيال آيو. جيڪڏهن مون کي پنهنجي دل جو دلبر نه ملي سگهيو ته گهٽ ۾ گهٽ مائٽن جي ته دل رکان، پوءِ به مائٽن کي آسرن ۾ هلائيندي رهيس ته من ڪٿي تنهنجو موبائل نمبر وري کلي پئي رات ڏينهن تنهنجو نمبر ڊائل ڪندي رهيس پر تنهنجو نمبر هميشه بند ايندو رهيو. مان تنهنجو ڏاڍو انتظار ڪيو ته سهيل تون وري موٽي اچين پر الائي ڇو تون موٽي نه آئين؟ وقت گذرڻ سان مائٽن مون کي هن گهر لاءِ خوبصورت خواب ڏيکاريا، دلاور ڏاڍو سٺو آهي، محنتي به آهي، ۽ پنهنجي برابري کان به مٿي جو خاندان آهي. پوءِ به منهنجي من اهي لالچون قبول نه ڪيون مان ته وري به تنهنجي پيار لاءِ تڙپڻ لڳس پر جڏهن ڪٿان تنهنجي اچڻ جي اميد جي جهلڪ نظر نه آئي تڏهن مائٽن جي خوشي کي پنهنجي خوشي سمجهي شادي لاءِ ها ڪيم ۽ جڏهن منهنجي شادي دلاور سان ٿي ۽ هن گهر ۾ رهڻ لڳس ته مائٽن جيڪي هن گهر لاءِ مون کي سونهري خواب ڏيکاريا هئا اهي بس خواب هئا.
    ڪنوار بڻجي جڏهن هِن گهر ۾ آيس تڏهن في الحال مان پنهنجي ماضي کي ڀلائي نئين زندگي جي شروعات خوشي سان ڪرڻ چاهي ٿي. پر مون کي خوشي نصيبن ۾ لکيل نه هئي. مون سوچيو هو ته سهاڳ رات پنهنجي ور دلاور سان خوب ڪچهري ڪندي گذاريندس پر ساڳي رات ئي ڪچهري ته ٺهيو پر هو ايترو ته نشو ڪري آيو جو ملڻ کان لاچار هيو. ٿڙندو ٿاٻڙندو اونڌو منهن ڪري بيڊ تي ليٽي پيو ۽ مان صرف تعجب وچان هن ڏانهن ڏسندي رهجي ويس. ائين منهنجي سهاڳ رات به لڙڪ لاڙيندي گذري وئي ۽ پوءِ زندگي مِڙئي بس ائين ئي گذري رهي آهي، نه ڪير آهي جنهن سان ڪو حال اوريان ۽ پنهنجا سور سليان ۽ هيڏو محل جهڙو گهر جنهن ۾ زندگي جون سڀ آسائشون موجود آهن پر حال دل ڏيڻ ۽ وٺڻ وارو ڪير به نه آهي. منهنجي پياري سس جيڪا سڄو ڏينهن هن ڳوٺ وارن جي تڪليفن ۾ ورتل آهي سا سڄو ڏينهن انهن جي خيال ۾ گُذاريندي آهي ۽ اوطاق تي آيل مهمانن جو به فڪر هوندو اٿس باقي نوڪرياڻيون جيڪي ولر جيان آهن سي سڄو ڏينهن پاڻ ۾ ڪم ۽ ڪچهريون ڪندي گذارينديون آهن ۽ مان ڏينهن راتيون ڳڻي ڳڻي گذاري رهي آهيان.
    ***

    ائين وقت پنهنجي حساب سان گذرندو رهيو. ڏينهن مهينن ۾ بدلبا رهيا ۽ مهينا ورهين ۾ بدلبا رهيا. سڄو زمانو ۽ توڙي زماني جا ماڻهو ترقي جي تيز راهن تي گامزن هئا پر هي ڳوٺ ڏينهون ڏينهن اجڙندو رهيو. آبادي اڃان به تيزي سان وڌي رهي هئي پر اها روايت باقي نه رهي جيڪا وڏيري شهمير خان جي زماني ۾ هئي. شهر کان ايندڙ ڳوٺ جي رستي جي ٻنهي پاسن کان پوکيل نمِن ٽالهين جا پراڻا خوبصورت وڻ جيڪي علائقي جا نوان ٿي پيل ڏاڍن مڙسن وڍائي کڻي ويا. انهن کي ڪير چوڻ وارو نه هو. شهر کان ڳوٺ ڏانهن ايندڙ انهيءَ رستي تي شام کانپوءِ ڪو به ڳوٺ وارو توڙي علائقي وارو محفوظ نه هو. انهن کان گاڏين توڙي پئسن ۽ ايتريقدر مزدوري ڪري موٽندڙ مزدورن کان ٻه ڪلو يا ٽي ڪلو واري اٽي جي ٿيلهي به ڦرجڻ لڳي. ڪير ڪنهن کي ڪجهه به چوڻ وارو نه هيو ته ڳوٺ جي علائقي جي اهڙي حالت ڪير ڪري رهيو آهي. ڳوٺ وارن کي خبر هوندي هُئي پر ڪڇي نه سگهيا پئي. حالتون ڏينهون ڏينهن بگڙجنديون رهيون. هوريان هوريان علائقي واسين کي به خبر پوڻ لڳي ته هن ئي ڳوٺ مان ڪي فرد وڏيري اسحاق جي ڊگهي خاموشي جو فائدو وٺي چڱا مڙس ٿيڻ جي چڪر ۾ اهڙا ڪم ڪري رهيا آهن. تن چڱن مڙسن ٿيڻ ۾ آريءَ ۽ رجب وڌيڪ شوقين هئا. ڏينهون ڏينهن آريءَ ترقي ڪندو ويو. رجب وري به پوئتي ڌڪجي ويو. آريءَ وٽ ڪالهوڪو ڏينهن هو ته ڪجهه به نه هو پر هاڻي هوريان هوريان گهڻو ڪجهه هو. علائقي واسين مان جيڪڏهن ڪنهن جي گاڏي ڦرجي ويندي هئي ته سڌو آريءَ وٽ ويندا ها.
    آريءَ به ڪجهه ڏينهن جي مهلت گهري وري ڀنگ وٺي مال موٽائي ڏيندو هو حد جي ٿاڻي جو صوبيدار هر مهيني هن وٽ ايندو هو. ڏاڍيون مانيون کائي پنهنجو حصو پتي وٺي روانو ٿيندو هو آريءَ هاڻي هن ڳوٺ مان لڏي ڳوٺ جي پاسي ۾ پنهنجو الڳ گهر ٺهرايائين ۽ هڪ وڏي اوطاق ٺهرايائين جنهن ۾ چور ڊڊي خلق سڄو ڏينهن ستي پئي هوندي هئي. ڏينهن گذرندا رهيا پر آريءَ ڏينهن به ڏينهن اڳتي وڌندو رهيو هڪ ٻه دفعا پوليس کڻي به وئي هئس پر پوءِ پراڻن پوليس واسطن جي ڪري جلد آزاد ٿي ايندو هو.
    هڪ دفعي جڏهن هن کي هڪ اغوا جي ڪيس ۾ پوليس وٺي وئي هئي ۽ جڏهن هو آزاد ٿي گهر پهتو هو ته هن جي آجيان تمام ڀرپور نموني سان ڪئي وئي. ائين لڳو ڄڻ ڪو علائقي جو چونڊيل ايم. پي. اي واپس پنهنجي ڳوٺ آيو هجي. وقت گذرندو رهيو ۽ هي آريءَ جنهن جي دهشت پوري علائقي تي ڦهلجي وئي اهو زمينداري پنهنجي به جام ڪري ويو. گاڏيون مال، ٺٺ ٺانگر، باقاعده وڏيرن جيان ٿي ويس. هاڻي هو به آريءَ مان آريءَ خان ۽ پوءِ جلد ئي رئيس عارب خان سڏجڻ لڳو. ڏاڍ مڙسي جي فڪر جي ڪري سڀ علائقي واسي هن جي عزت ڪرڻ لڳا هئا.
    ***

    هن دفعي جڏهن وڏيرو اسحاق ڳوٺ طرف موٽيو هو ته ڪجهه ڏينهن بعد عيد اچڻي هئي. عيد جي ڪري ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ڳوٺ موٽي آيو هو. وڏيرو جڏهن علائقي توڙي ڳوٺ جي ماحول کان واقف ٿيو ته هو تعجب ۾ پئجي ويو ڇاڪاڻ ته قاضي ڪمدار هن کي ٻڌائين ٿا ته وڏيرا سائين پنهنجي هن پر امن علائقي کي الائي ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي. هاڻي ته اهو ڏينهن خالي نه آهي جنهن ڏينهن ڪا واردات نه ٿيندي هجي. گاڏين جي چوري ڳوٺ جي گهرن مان کاٽ ڦرون، ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آهن. اهو سڀ ڪجهه ٻڌي وڏيرو تعجب ۾ پئجي ويو پر وڏيرو انهن سڀني ڳالهين کي غور ويچار ٻڌڻ کانپوءِ خاموش رهجي وڃي ٿو. جڏهن کيس پنهنجي نوڪرن ذريعي پنهنجي وڏي پٽ دلاور جي لڇڻن جي خبر پوي ٿي ته دلاور سائين سڄو ڏينهن خانڻ موالي جي اوتاري تي هوندو آهي. رات جو ٿڙندو ٿاٻڙندو نوڪرن جي سهارن سان گهر پهچندو آهي. دلاور کي نه ڪنهن ٻني جي معاملي جي خبر نه وري ڳوٺ جي حالتن جي فڪر نه وري اڌ ۾ ڇڏيل پڙهائي تي ڪو به پڇتاءو ٿيو اٿس. صفا رولو بنجي ويو آهي. وڏيري اسحاق جڏهن اهي ڳالهيون ٻڌڻ لڳو صفا پنڊ پهڻ ٿي ويو.
    رات جو پنهنجي بيڊ تي ننڊ لاءِ آهليو ته ننڊ ڪانه آيس سوچڻ لڳو ته بزنس جي ڪري مان ڳوٺ کي ٽائيم ڏئي نه سگهيس. تنهنڪري سڄي ڳوٺ جو ماحول بگڙي ويو آهي خير انهيءَ ۾ ته منهنجي غلطي ڪانهي ڇاڪاڻ ته ڳوٺ وارا وري اسان کي ڇا ڏيندا. اهو پئسو آهي جيڪو ڏکئي وقت ۾ ڪم ڏيندو پر يار هڪ ڳالهه آهي جيڪڏهن ڳوٺ وارن کي ٽائيم ڏيان ها ته پنهنجي گهر کي ٽائيم ڏيان ها. جيڪڏهن انهن ڳوٺن وارن کي ڪجهه ٽائيم ڏيان ها ته ممڪن آهي اسان جو ڳوٺ اهڙين ڪڌين حرڪتن جي زد ۾ نه اچي ها پر ڇا ڪجي...!؟ اهڙا ڪيترائي سوال وڏيري اسحاق جي من اندر ۾ ڪنهن واچوڙي جيان اٿندا رهيا ۽ وري خاموش ٿي ويا. هن کي موڀي پٽ دلاور جي بگڙي وڃڻ جو تمام گهڻو ڏک رسيو هو.
    ٻئي ڏهاڙي هو پاڻ دلاور کي سمجهائڻ جي ڪري ٿو ته دلاور پنهنجي والد وڏيري اسحاق اڳيان ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري خاموش ٿي بيٺو رهيو. وڏيري اسحاق جو اهو ڏينهن به سوچن ۾ گذري ويو ۽ رات جو جڏهن هو پنهنجي گهر واري نورخاتون سان ڪچهري ڪرڻ لڳي ٿو ته وڏيري وري به هن کي سمجهائيندي وراڻي ٿي وڏيرا هي راڄ ڀاڳ پنهنجي ملڪيت جيان آهن هي به تنهنجو هڪ اثاثو آهي. ڳوٺ ۽ ڳوٺ جي انهن ماڻهن تي اڃان به هٿ رک جيڪڏهن تون پنهنجي حساب سان زندگي گذاريندين ته هي راڄ رلي نه ويندو ڇو ته هن راڄ جي ڪو نه ڪو وري به مالڪي ڪري وٺندو پر پوءِ توسان ڪير به گڏ نه هوندو.
    وڏيرو پنهنجي گهر واري جي ڳالهه ٻڌي اهو وراڻي ٿو ته اهي اسان مردن جا مسئلا آهن، تون ائين کڻي سمجهه ته اهو منهنجو ذاتي مسئلو آهي تنهن ۾ تنهنجو ڪجهه به نه وڃي ۽ وڏيري نورخاتون تون پهرين پنهنجي دلاور پٽ کي سمجهاءِ جيڪو نه پنهنجي گهر واري سان ڳالهائي ٿو نه وري مونسان ٺيڪ نموني سان ڳالهائي ٿو ۽ باقاعده موالي بنجي ويو آهي. سڄو ڏينهن موالين سان گڏ ڌڪا کائيندو رهي ٿو. ڪريان ته ڇا ڪريان؟ وڏيري چيو مون کي ته ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي.
    وڏيري نورخاتون سان ڪچهري ڪندي ڪافي رات گذري وڃي ٿي جڏهن وڏيري بيڊروم مان نڪري پنهنجي ڪمري ڏانهن وڃڻ لڳي ٿي تڏهن وڏيري اسحاق کي وري سوچون وڪوڙين ٿيون. منهنجي ذاتي نااهلي هئي يا منهنجي روايتي سستي هئي جنهن ڪري منهنجو وڏو ڇوڪرو دلاور غلط صحبت ۾ اچي موالي بنجي ويو پر هاڻي مان شهمير کي باقاعده سٺي تربيت ڏياريندس انهيءَ تربيت جي ذمي وري سوچڻ لڳي ٿو هن جي ذهن ۾ ڪيترائي نالا اچن ٿا پر وري هو پاڻ انهيءَ مان خاميون ڪڍڻ لڳي ٿو. سوچيندي سوچيندي سج اڀري وڃي ٿو پر هن کي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه ٿي اچي ايتري ۾ فجر جي آذان اچڻ لڳي ٿي ته هي به نماز پڙهڻ لاءِ مسجد طرف وڃڻ لڳي ٿو.
    جڏهن نماز پڙهڻ کانپوءِ واپسي ۾ رستي ۾ هن کي استاد رمضان ملي ٿو ته هن کي شهمير کي پڙهائڻ واري ڳالهه ذهن ۾ اچي ٿي. دعا سلام کانپوءِ وڏيرو اسحاق استاد رمضان کي چوڻ لڳو استاد رمضان توهان ۾ هڪ ڪم آهي. استاد نوڙت مان ورائڻ لڳو جي رئيس. نه ڪا اهڙي خاص ڳالهه ڪونهي. هينئر ڀلي توهان نماز پڙهي اچو صبح نو بجي منهنجي اوطاق تي اچجو پوءِ اتي روبرو حال احُال ڪنداسين. وڏيرو اڃان اها ڳالهه مس ڪري ٿو ته استاد رمضان چوڻ لڳي ٿو ته بابل سائين صبح جو ته اسڪول ٽائيم هوندو آهي تنهنڪري مان توهان وٽ ساڍي يارهين وڳي رسيس جي ٽائيم ايندس. ائين هي اها ڳالهه ڪري هو هڪ ٻئي کان موڪلائي هليا وڃن ٿا.
    ***

    استاد رمضان هن ڳوٺ ۾ پڙهائيندي ڪافي وقت گذاريو هو. هو تمام محنتي استاد هو. ڳوٺ جي هر ننڍي توڙي وڏي جي ٻار کي هڪ نظر سان ڏسندو هو. هن لاءِ سڀ ٻار برابر هئا. ڳوٺ وارا هن جي عزت ڪندا هئا. هو به مائٽن جو اڪيلو اولاد هو ۽ هن کي صرف هڪ نياڻي هئي. جيڪا اڃان مئٽرڪ ۾ پڙهي رهي هئي. هو تعليم جي حوالي سان ڳوٺ جي ماڻهن کي ٻڌائيندو هو. ڪو ڳوٺ وارو هن جي ڳالهه سمجهندو هو ته پنهنجا ٻار اسڪول ۾ داخلا ڪرائيندو هو ۽ ڪو نه سمجهندو هو ته وري استاد کي ماستر چئي اهو چئي ڇڏيندو هو ته ٻيلي ماستر اسان جو مٿو نه کپاءِ ته به استاد رمضان انهن ڳوٺ وارن جون اهي ڳالهيون دل ۾ نه ڪندو هو ۽ وري به پنهنجي حساب سان ڳوٺ وارن کي سمجهائيندو هو. وڏيري شهمير خان مرحوم هن جي چوڻ تي اسڪول سان گڏ هاسٽل به ٺهرائي هئي سا به هو اڃان تائين پاڻ سنڀاليندو هو. اڃان تائين وڏيرن طرفان هاسٽل لاءِ ايندڙ سامان رڌ پچاءُ جو انتظام به هو پاڻ سنڀاليندو آيو آهي ۽ ٻيا چار استاد جيڪي هن جا نائب آهن اهي به انهيءَ فلاحي ڪمن ڪارين ۾ هٿ ونڊائيندا هئا. اهڙي ريت وقت پيو گذرندو هو. وڏيري شهمير خان مرحوم جي وڃڻ کانپوءِ ۽ هن وڏيري اسحاق طرفان موٽ ملڻ نه ڪري هن اوطاق طرف اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنو هو نه وڏيرن کي هنن جي ڪڏهن ضرورت محسوس ٿي پر وري به استاد رمضان سدائين دلاور جي تربيت تي وڏيري جي روايتي سستي جي ڪري سدائين الڪي ۾ رهندو هو. هو سوچيندو هو ته شايد وڏيري شهر ۾ ٻي شادي ڪري ڇڏي آهي تنهن ڪري هنن ٻارن کي نه صحيح ٽائيم ٿو ڏئي نه وري هنن سان ڳالهائي ٿو. تنهنڪري هن جو وڏو ڇوڪرو ته هنن جي هٿن مان نڪري ويو آهي.
    اهڙي ريت ڏينهن جو ساڍي يارهين وڳي پنهنجي ڏنل ٽائيم موجب استاد رمضان وڏيري اسحاق وٽ پهچي ٿو. وڏيرو به هن جي اچڻ کان اڳ ئي هن جي انتظار ۾ ويٺل هجي ٿو. رسمي دعا سلام کانپوءِ استاد هن کان پنهنجي گهرائڻ جو سبب پڇي ٿو ته وڏيرو هن سان مخاطب ٿيندي وراڻي ٿو استاد رمضان تون ته هن ڳوٺ توڙي منهنجي گهر جي ماحول کان واقف آهين. مان وڌيڪ توکي ڪجهه نه چوندس صرف هڪڙو عرض آهي ته منهنجو ننڍڙو شهمير شهر جي اسڪول ۾ روز پڙهڻ ويندو آهي پر مان چاهيان ٿو ته تون انهيءَ کي شام جي ٽائيم ٽيوشن هتي اچي پڙهائين جيئن هو اڳتي هلي سٺي نموني سان پڙهي سگهي. وڏيري جي ڳالهه ٻڌي استاد رمضان ڳالهائڻ لڳي ٿو. وڏيرا سائين توهانجي والد مرهيات جا مون تي کوڙ سارا احسان آهن. جيڪي مان ناچيز ڳائي ته سگهان ٿو پر لاهي نٿو سگهان ۽ جيڪڏهن منهنجي اچڻ سان توهان جو شهمير سڌري پوندو ته اهو منهنجي لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه آهي. ماستر رمضان جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي وڏيرو وري ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو سائين رمضان منهنجي دل ۾ اها حقيقي خواهش آهي ته مان شهمير خان کي باقاعده اوهان جي حوالي ڪريان ته جيئن هو مڪمل طرح پڙهائي طرف ڌيان ڏي جيئن هو تربيت يافته بنجي هن ماحول کي ۽ حالتن کي سمجهي سگهي ۽ انهن حالتن جي حساب سان پنهنجي پاڻ کي چيلنج سمجهي انهن کي منهن ڏئي. مان اها ئي آس ساري توهان کي وري به عرض ٿو ڪريان ته اوهان جو اهو احسان ڪڏهن به لاهي نه سگهندس.
    نه نه سائين اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي. توهان مون کي شرمنده نه ڪريو مان پاڻهي شهمير خان لاءِ ٽائيم ڪڍندس ۽ هن کي مان پاڻهي ٺيڪ نموني سان محنت ڪري پڙهائيندس اهو سڀ ڪجهه ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کانپوءِ هو ٻئي هڪ ٻئي کان موڪلائي روانا ٿين ٿا. ماستر رمضان جڏهن رات جي ٽائيم بستري تي ليٽي ٿو. هن کي اهي ڏينهن ياد اچڻ لڳن ٿا. جڏهن هن ڳوٺ جو اوج هو. وڏيري جي اوطاق هر وقت ماڻهن سان سٿيل هوندي هئي. غريب غربي لاءِ توڙي مهمان خاص ۽ توڙي مسافرن ۽ اسڪول ۾ تعليم پرائيندڙ ٻارڙا جيڪي هاسٽل ۾ رهندا هئا سڀني جي لاءِ هڪ ئي ماني تيار ٿيندي هئي ۽ سڀني کي ٽائيم تي ماني ملندي هئي. باقاعده مڪمل پلاننگ سان هي ڳوٺ آباد ٿيو هو. ڳوٺ ۾ رات جو چورن کان بچڻ لاءِ چونڪي جو انتظام ٺهيل هو. ورهيه وهامي ويندا ها پر هن ڳوٺ مان ڪابه چوري نه ٿيندي هئي پر هاڻي ته چوريون روز جو معمول بڻيل آهن ۽ هن وقت ڳوٺ جي اجڙيل حالت تي هن کي ڏاڍي حيرت ٿيندي هئي. هو پنهنجو پاڻ ئي وڏو ٿڌو شڪارو ڀري ٿو. هاءِ اهي ڏينهن هن ڳوٺ جا هوندا هئا. عيد جي توڙي چوڏهين سڏ جي ڏينهن تي ڳوٺ ٻاهران ٺهيل ميدان ۾ ملهه مقابلا ٿيندا هئا. انهيءَ سان گڏ ٻيون رانديون جهڙوڪ ٽٽڙي، ڪوڏي ڪوڏي، ٻيلهاڙو، ۽ ونجهوٽي جهڙيون رانديون به وقت به وقت ٿينديون رهنديون هيون. خاص ڪري ڍڳي گاڏين جي ڊوڙ ڏسڻ وٽان هوندي هئي ڍڳا سينگاري مقابلي لاءِ تيار ڪيا ويندا ها. اهڙن ڏينهن ۾ سڄي ڳوٺ توڙي علائقي ۾ خوشين وارو باقاعده ماحول هوندو هو پر جيئن ئي مرحوم شهمير خان جا سؤ ورهيه پورا ٿيا تئين وقت گذرڻ سان گڏ هن ڳوٺ جي حالت به بدلجڻ لڳي. هوريان هوريان سڄو ماحول مٽجڻ لڳو. جيئن وقت گذرندو رهيو تيئن تيئن هن پوري علائقي جو ماحول مٽجي ويو هو. نه رهيا اهي خاص ڏينهن تي ٿيندڙ ملهه مقابلا ۽ ٻيون رانديون چند وقت اندر ئي سڀ جو سڀ بدلجي ويو هو. اهي ميدان جيڪي عيد توڙي خاص ڏينهن تي ڀرجي ويندا هئا. اهي هاڻي هميشه لاءِ ويران رهجي ويا هئا. اڳي ڳوٺ ڏانهن ايندڙ روڊ تي صرف ڪجهه دڪان هئا اتي هاڻ باقاعده بازارون ٺهي ويون هُيون. اتي اسٽاپ تي موجود ماڻهن ۾ سڄو ڏينهن اهي ڳالهيون ٿينديون هيون جيڪي ڪڏهن وڏيري جي اوطاق تي ٿينديون هيون. پنهنجي پر اهي قِصا جيڪي مختصر هوندي به نوجوانن انهيءَ کي وڌائي پيش ڪرڻ جي عادت بنائي ڇڏي هئي خاص ڪري رئيس عارب به اچي اتي ويهندو هو. ٻين جون ڳالهيون ٻڌندو هو. اها هوٽل واري جڳهه ڄڻ ڪا فيصلي واري جڳهه واري ٿي ويندي هئي. اهي منظر جڏهن ماستر رمضان جي اکين اڳيان گذرن ٿا ته هن جي دل ۾ اها آس جاڳي ٿي ته مان به ڪوشش ڪندس ته مان شهمير خان کي معاشري جو هڪ تمام سٺو فرد ٺاهي سگهان. ائين سوچن ئي سوچن ۾ هن کي ننڊ اچي وڃي ٿي.
    چند ڏينهن گذرڻ کانپوءِ ماستر رمضان اسڪول جي ٽائيم کانپوءِ شهمير خان کي پڙهائڻ لاءِ هن جي اوطاق تي اچڻ لڳي ٿو. شهمير شهر جي اسڪول مان پڙهي پاڻ به شوق سان هن وٽ پڙهڻ لڳي ٿو. ماستر رمضان جو محبت ڀريو انداز شهمير جي ڪچڙي دماغ کي موهي وڃي ٿو ۽ هو به وڏي چاهه سان هن وٽ پڙهڻ لڳي ٿو.
    جيئن جيئن وقت گذرندو رهي ٿو تيئن تيئن شهمير به محنت ڪندو رهي ٿو. ماستر رمضان پڙهائي سان گڏ هن کي اٿڻ، ويهڻ ملڻ ۽ مستقبل ۾ معاشري ۾ هلڻ جا طريقا به سٺي نموني سان سمجهائي ٿو ۽ هو به انهن تي ڀرپور نموني سان عمل ڪرڻ جي شروعات ڪرڻ لڳي ٿو ۽ هن کي پنهنجي خانداني ذميوارين پنهنجي وڏڙي جي نالي جو به احساس ڏياري ٿو. مستقبل ۾ ايندڙ چيلنجن بابت به هن کي آگاهه ڪندو رهي ٿو. ڏينهن ۽ راتيون پنهنجي حساب سان گذرندا رهن ٿا. ٽيوشن پڙهائيندي ماستر رمضان کي جيڪڏهن دلاور به گڏجي ويندو هو ته انهي کي به پنهنجي اولاد جيئان سمجهائڻ لڳندو هو. جيڪڏهن دلاور کي هن جون ڳالهيون ڏکيون لڳنديون هيون تڏهن دلاور ڪڏهن ڪڏهن هن کي چئي به ڏيندو هو ته ماستر رمضان تون جنهن ڪم لاءِ اچين ٿو اهوئي ڪم ڪر باقي مون کي تنهنجي انهن ڊگهن، ڊگهن ليڪچرن جي ضرورت نه آهي...! مان ڄاڻان منهنجو ڪم ڄاڻي پر پوءِ به ماستر رمضان دلاور جون ڳالهيون دل ۾ ڪرڻ بجاءِ هن کي وري وري سمجهائيندو هو پر دلاور اهي ڳالهيون هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي مان ڪڍي ڇڏيندو هو. وري به وقفي وقفي سان ماستر رمضان دلاور کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو پر انهن نصيحت آميز جملن جو دلاور تي ڪڏهن به اثر نه ٿيندو هو. ماستر رمضان شهمير کي پڙهائڻ سان گڏ وڏيري جي اوطاق جيڪا هاڻي ويراني جو واس ڏئي رهي هئي اتي موجود نوڪر ۽ ڊرائيور جيڪي ڪو به ڪم ڪار نه ڪندا هئا تن کي به نصيحت آميز جملن ۾ سمجهائيندو رهندو هو. ته ٻيلي ڏاها ٿيو. جيڪڏهن وڏيرو هتي موجود نه آهي. ته توهان اوطاق جو وڏو گيٽ به بند ڪري ويٺا آهيو. گهٽ ۾ گهٽ اهو در ته کليل رکو جيڪڏهن ڪو مهمان اچي يا ڪو مسافر اچي ته اهو آساني سان اوطاق تي اچي سگهي پر نوڪر به نوڪر هئا تن به ماستر جي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي. نيٺ ماستر مايوس ٿي حويلي ۾ وڃي وڏيري نورخاتون تائين اها ڳالهه پهچائي ته ادي هي توهان جا نوڪر توهان جي گهر واري کان به چڙهيل آهن. توهان ئي پنهنجي خاص نوڪر وسيلي هنن کي سمجهايو. جڏهن وڏيري نورخاتون اها ڳالهه ٻڌي ته هن پنهنجي گهر جي خاص نوڪر وسيلي هنن کي ٺيڪ نموني سان سمجهايو. تڏهن اهي نوڪر وڃي ڪجهه ڳالهه سمجهڻ لڳا پر اندر ئي اندر ۾ ماستر رمضان تي ڪاوڙجڻ لڳا. پنهنجي ڪچهري ۾ ماستر جي غير موجودگي ۾ ماستر بابت چوڻ لڳا ته يار هن ماستر مان چڱا ڦاٿا آهيون. اڳي ڪيڏو نه سک سان ويٺا هئاسين پر هاڻي هي ماستر ته ٿوري ڳالهه به وڃي گهر ٿو ٻڌائي يا وڏيري اسحاق کي ٿو ٻڌائي. ايتري ۾ پراڻو نوڪر ڳالهائڻ لڳو. يار ماستر مان اڙجي وينداسين ايترو سنجيده نه پيو وٺي نه ته انهيءَ ماستر مان اڙجي وينداسين ۽ پوءِ انهي ماستر مان جان ڇڏائڻ به ڏاڍي ڏکي ٿي ويندي. توهان ماستر جي ها ۾ ها ملائيندو رهو پر ڪم پنهنجي مرضي سان ڪندا رهو. ماستر رمضان به هنن جي انهن اٽڪلن کي سمجهي ويو هو. تنهن ڪري هو به هاڻي هنن کي تمام گهٽ چوندو هو. جڏهن تمام گهڻي ڪاوڙ اچي ويندي هئس. تڏهن وڏيرن کي شڪايت ڪرڻ بجاءِ هنن کي ست سريون ٻڌائيندو هو. هڪ دفعي جڏهن هڪ مسافر کي ماني کارائڻ کانسواءِ نوڪرن موٽايو هو تڏهن اهو منظر ماستر رمضان پنهنجي اکين سان ڏسي رهيو هو. سو تپي باهه ٿي ويو، نه ته اڪثر ماستر رمضان ٿڌن جملن واري لهجي ۾ ڪاوڙ جو اظهار ڪندو هو پر هن ڀيري سڀني نوڪرن کي چوڻ لڳو ته توهان ته وڏيري جي اوطاق جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. اڳي هي اوطاق ڪيتري نه آباد هوندي هئي پر توهان جهڙن نوڪرن جڏهن هن اوطاق جو انتظام سنڀاليو آهي تڏهن کان ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. هو ڪاوڙ ۾ نوڪرن کي تمام گهڻو ڪجهه چئي ويو پر نوڪر وري به حسب معمول خاموش هئا. پوءِ وقت گذرڻ سان گڏ ماستر رمضان به چوڻ ڇڏي ڏنو. ائين وقت گذرندو رهيو ۽ ماستر رمضان شهمير خان کي پڙهائيندو رهيو.
    ***


    3

    اهڙي ريت جيئن جيئن وقت گذرندو رهيو تيئن تيئن دلاور جي طبيعت بگڙجندي رهي، هن کي چرس صفا ويهاري ڇڏيو، هن جو چهرو به مٽجي ويو، هو اڪثر بيمار رهڻ لڳو، وقت به وقت هن جا ماءُ ۽ پي يعني وڏيرو اسحاق ۽ وڏيري نور خاتون هن جي بگڙجندڙ طبعيت کي ڏسي اڪثر پريشان رهڻ لڳ،. هن کي وري به ڪنهن جو احساس نه هوندو هو. مائٽ جيڪي هن کي دوائون وٺي ڏيندا هئا ته هي اهي اڇلي ڇڏيندو هو، هن جون سوچون ئي پنهنجون هيون. جڏهن هن کي پنهنجي والده به سمجهائيندي هئي ته انهيءَ ٽائيم هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي ڇڏيندو هو ۽ دوا به انهيءَ ٽائيم کائي ڇڏيندو هو پر پنهنجي هڪ ٽائيم ٽيبل سان هن ڪڏهن به دوا نه کاڌي.
    جڏهن وڏيري نورخاتون دلاور جي گهر واري کي دوا کارائڻ جو چوندي هئي ته امان هو مون کي نهارڻ لاءِ تيار ڪونهي. گڏجي ويهي ڪچهري ڪرڻ ته تمام پري جي ڳالهه آهي. سو مون سان ڪٿي دوا يا گوري وٺندو امان وڏي هو رات جو پنهنجي حساب سان چورن جيان خاموشي سان ٿڙندو ٿاٻڙندو ايندو آهي، ماني به الائي ڪٿان کائي ايندو آهي، جيڪڏهن ڪڏهن بک لڳندي اٿس ته پاڻ کڻي کائيندو آهي، مون کي سڏ به نه ڪندو آهي، نه ته اڪثر اچي خاموشي سان بيڊ تي ليٽي پوندو آهي، اهڙي انسان کي جيڪڏهن مان سمجهائڻ جي ٻه ٽي ڀيرا ڪوشش ڪئي پر هو ڪابه ڳالهه مڃڻ لاءِ ئي تيار نه آهي امان وڏي ايتريقدر نجما جذباتي انداز ۾ ڳالهائڻ لڳي ٿي ته مان جڏهن به دل سان سمجهائڻ جي ڪئي آهي. تڏهن هن مونسان جهيڙو شروع ڪري ڇڏيو آهي. مان به هن جون خبرون پئي ٻڌندي آهيان. ڪري ڪجهه به نه سگهندي آهيان. تنهنڪري توهان پاڻ هن کي سمجهايو مونکان هن وارو قصو زور آهي. امان وڏي توهان ڄاڻو توهان جو ڪم ڄاڻي اهو چئي هوءَ اتان اٿي پنهنجي بيڊ روم ڏانهن هلي وڃي ٿي جيئن جيئن ڏينهن گذرندا رهن ٿا تيئن تيئن دلاور جي حالت خراب ٿيندي وڃي ٿي. سڄي رات هن جي هاڻي کنگهندي گذرندي هئي. هن کان هاڻي اٿڻ گهمڻ به وسري ويو. هن جا حال هيڻا ٿيندا ويا، سڄو ڏينهن ۽ رات ڪمري ۾ پيو هوندو هو. هن جي گهر واري هاڻي هن کان نفرت ڪرڻ لڳي هئي بجاءِ هن سان پيار ڪرڻ جي، ڇاڪاڻ ته هن ڪڏهن به نجمه ڏانهن پيار ڀري اک سان نه نهاريو هو. تنهنڪري هن جي اندر ۾ انتقام جي باهه ڀڙڪي رهي هئي. دلاور جي اهڙي حالت ڏسي هن جي ماءُ هن کي وري به اسپتال کڻائي وڃي ٿي. جتي هو ڪجهه ڏينهن اسپتال ۾ رهي ٿو ته ڪجهه ڏسڻ جهڙو ٿي وڃي ٿو.
    جڏهن گهر موٽي اچي ٿو ته ڪجهه هفتا هو بلڪل ٺيڪ نظر اچي ٿو. ڪجهه ٺيڪ ٿيڻ بعد هو وري به پنهنجون پراڻين عادتن ڏي موٽي پوي ٿو جيڪي کيس گهيري وڃن ٿيون ۽ هوءَ اهي نشا ڇڏي نٿو سگهي ۽ پنهنجا عمل ساڳي طرح برقرار رکي ٿو.
    جيئن جيئن ڏينهن گذرندا رهن ٿا تيئن تيئن وري به هن جي حالت خراب ٿيڻ لڳي ٿي. هڪ دفعو وري به اسپتال ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو. اتي ڪجهه هفتا رهڻ کانپوءِ ڊاڪٽرن هن کي ڪابه نشي آور شيءَ کي استعمال ڪرڻ سختي سان منع ڪن ٿا ۽ پوءِ وري دلاور جڏهن گهر موٽي اچي ٿو تڏهن هو ڪجهه هفتا ته ڊاڪٽرن جي مشوري تي عمل ڪندو رهي ٿو پر پوءِ وقت گذرڻ سان گڏ وري به هو ساڳئي حالت تي اچي وڃي ٿو. هن جي ماءُ، پيءُ هن کي تمام گهڻو سمجهائين ٿا پر هو ڪابه ڳالهه مڃڻ بجاءِ پنهنجي حساب سان زندگي گذاريندو رهي ٿو.
    هڪ ڏينهن اچانڪ هن کي رت جي الٽي اچي ٿي ۽ هو بيهوش ٿي وڃي ٿو. هن جا والدين هن کي ڪراچي کڻائي وڃن ٿا پر اتي هن جي طبعيت ۾ سڌارو اچڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي وڃي ٿي. وڏيري نورخاتون پُٽ جي اها حالت ڏسي ٿي ته هن جي طبعيت به خراب ٿي وڃي ٿي پوي ٿي، سڀئي هن کي حوصلو ڏين ٿا ۽ دلاور هڪ مهينو اسپتال ۾ رهڻ بعد رات جي ٽائيم هي جهان ڇڏي وڃي ٿو. اها خبر جڏهن ڳوٺ ۾ پهچي ٿي ته سڄي ڳوٺ توڙي علائقي جو ماحول سوڳوار ٿي وڃي ٿو. هن جي ماءُ دلاور جي لاش مٿان رڙيون ڪندي چنبڙي بيهوش ٿي وڃي ٿي. ڳوٺ جون ٻيون عورتون هن کي سمجهائين ٿيون ۽ هوش ۾ آڻين ٿيون پر هوءِ هڪ ماءُ هئڻ جي ناتي تمام گهڻي ڏک ۾ وٺجي وڃي ٿي.
    جڏهن دلاور جون آخري رسمون ادا ڪيون وڃن ٿيون. تڏهن وڏيري وري به بيهوش ٿي وڃي ٿي، هن لاءِ سٺا ڊاڪٽر گهرايا وڃن ٿا. تڏهن وڃي هوءَ اٿي ٿي ۽ وڃي اهو درد سنڀالي سگهي ٿي. دلاور جي وڃڻ کانپوءِ وڏيري نورخاتون اڪثر اداس رهندي نظر اچي ٿي.
    ***

    اهڙي ريت نجمه اهي ڏينهن باقي غم ۾ ڳڻيندي گذاري ٿي ته ڪڏهن هوءِ هاڻي هن قيد مان آزاد ٿيندي ۽ وڃي ڪو سک جو ساهه کڻندي. هن کي ڪجهه ڏينهن ته پنهنجي ورجو معمولي ڏک ٿئي ٿو پر جيئن ئي وقت گذرندو رهي ٿو تيئن تيئن هن جي دل به هن گهر مان ڀرجندي وڃي ٿي. هن کي صرف وڏيري نورخاتون جيڪا هن جي سس هجي ٿي تنهن جي خلوص پيار ۽ پاٻوهه جي جڏهن هن کي ياد اچي ٿي ته هن کي پنهنجي سڳي ماءُ جهڙو پيار جو هڳُاءُ محسوس ٿيندي نظر اچي ٿو. هن کي وڏيري جي حالت ڏسي هن جي اکين ۾ ازخود لڙڪ اچي وڃن ٿا ڇاڪاڻ ته وڏيري دلاور سان تمام گهڻو پيار ڪندي هئي. هڪ طرف نجمه کي پنهنجي مستقبل جو فڪر کائي رهيو هو ته ٻئي طرف دلاور جي ماءُ جو پيار عزت ڀريو احساس به هن کي تمام گهڻو ياد اچي رهيو هو ۽ هن کان اها محبت به نه وسري هئي جيڪا هن سهيل سان ڪئي هئي. سهيل جو اچانڪ گم ٿيڻ هن کي اڃان پر اسرار راز لڳي رهيو هو. سهيل ۽ هن تمام سٺو وقت گذاريو هو. هن جي دل ۾ وري اها جستجو جاڳي پئي ته مان ڪيئن به ڪري سهيل کي ڳوليان. هوءُ رات جو لڪ ڇپ ۾ دلاور جو موبائل کڻي ٿي ۽ پنهنجي ٽي سال اڳ کڻي آيل موبائل جي سم ڳولڻ لڳي ٿي پر هن کي اها سم هٿ ڪانه ٿي اچي جنهن ۾ سهيل جو نمبر سيو ٿيل هو. هو اڪثر راتين جو جاڳي اها سم ڳولڻ ۾ رڌل رهي ٿي. هڪ رات ڳوليندي ڳوليندي هن کي اها سم پنهنجي پراڻي پرس مان هٿ اچي ٿي. هوءَ دلاور جي موبائل مان اها سم ڪڍي سندي لڳائي ٿي. هڪدم سهيل جو نمبر ڊائل ڪري ٿي پر سهيل جو نمبر وري به بند اچي ٿو. هن کي وري سوچون وڪوڙي وڃن ٿيون. هاڻي منهنجو ڇا ٿيندو مان ڪيڏانهن ويندس. هڪ اڻڄاتل خوف هن کي ورائي وڃي ٿو. هن جي سس، رات جو دير تائين هر روز ڪچهري ڪرڻ اچي ٿي ته ڌي تون منهنجي ننهن نه بلڪه منهنجي ڌي آهين. مان توسان هڪ ڳالهه ڪريان اگر ناراض نه ٿئين! ها امان تون چئه مان تنهنجي ڪابه ڳالهه دل ۾ نه ڪندس. ڌيءَ تون تمام گهڻي سلڇڻي آهين، مون کي خبر آهي، سڀ غلطيون منهنجي پٽ جون هُيون پوءِ به تو هن جي گهر جي عزت رکي ۽ وڏي ڳالهه توکي اولاد به ڪونهي جيڪڏهن توکي اولاد هجي ها ته مان توکي هتان ڪڏهن به وڃڻ نه ڏيان ها پر هاڻي تنهنجي عدت وارا ڏينهن پورا ٿي چڪا آهن، ٻه ٽي ڏينهن ۾ تنهنجا مائٽ به هتي اچڻ وارا آهن جيڪي توکي وٺڻ لاءِ ايندا. اها ڳالهه ڪندي وڏيري جي اکين ۾ لڙڪ اچي وڃن ٿا، نجما به هن جي اکين ۾ لڙڪ ڏسي پنهنجي لڙڪ به روڪي نٿي سگهي. ٻئي ڄڻيون روئينديون رهن ٿيون وڏيري اهڙي غمگين ماحول ۾ وري ڳالهه کي وڌائيندي ورائڻ لڳي ٿي ته ڌيءَ مان توکي زور بار ڪانه ٿي ڪريان جيڪڏهن تون منهنجي ڳالهه مڃين ته تون هتي رهي پئه تون جيئن چاهيندين تيئن ٿيندو. مان توسان واعدو ٿي ڪريان ته ڪجهه ورهين اندر جڏهن شهمير وڏو ٿيندو مان شهمير کي تنهنجو هٿ ۾ هٿ ڏيندس. نجما جڏهن شهمير جو نالو ٻڌي ٿي ته هن کي وري به هڪ خوف ورائي وڃي ٿو. هو سوچڻ لڳي ٿي ته شهمير ته مونکان ڏهن سالن کان به مٿي ننڍو آهي. مان هن سان ڪيئن نڀاءُ ڪندس ۽ اڃان ڪيترو انتظار ڪندس ڌيءَ ڇاٿي سوچين..! وڏيري هن جي سوچڻ جي تسلسل کي ٽوڙي ڇڏي ٿي نه امان ڪجهه به نه ائين خاموش آهيان. وڏيري هن جي خاموشي جي انداز کي سمجهي وڃي ٿي ۽ هوريان هوريان ڪمري مان ٻاهر نڪري وڃي ٿي. نجما کي وري سوچون ورائي وڃن ٿيون ته ڪٿي شهمير ۽ ڪٿي مان آهيان. هو جڏهن باقاعده سمجهدار ٿئي مون کي قبول به نه ڪري ته مان ڪٿي جي به نه رهندس ۽ جيڪڏهن مون کي قبول ڪري ٿو ۽ هي منهنجي مٿان ٻي ڪا پهاج آڻي ٿو ڇڏي ته به مونسان ڇا گذرندو! ۽ اڃان انتظار به ڪرڻو آهي ائين سوچيندي سوچيندي بيڊ تي ليٽي پوي ٿي ته وري به حسب معمول سهيل جو نمبر ڊائل ڪندي رهي ٿي ۽ وري به نمبر بند اچي ٿو.
    چند ڏينهن گذرڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن اچانڪ سهيل جو نمبر کليل اچي ٿو. جيئن ئي هن جي ڪال وڃي ٿي ته دل ئي دل هو ڏاڍي خوش نظر اچي ٿي، هو هڪدم وري هڪ ٻئي کان حال احوال وٺن ٿا، نجما گذريل ٽن ورهين جا حال احوال هن کي ٻڌائي ٿي. سهيل به هن کي ٻڌائي ٿو ته مان اڃان شادي ڪانه ڪئي آهي، مون کي تمام سٺي نوڪري ملي وئي آهي، اسلام آباد ۾ هڪ ڪمپني ۾ آفيسر آهيان.
    اهي سڀ ڳالهيون ڪرڻ کانپوءِ نجما جي روح کي راحت ملي ٿي ۽ سوچيندي سوچيندي سمهي رهي ٿي. هن جي دل ۾ هاڻي اها ئي خواهش هجي ٿي ته چاهي ڪجهه به ٿي پوي پر هاڻي پنهنجي مرضي سان زندگي گذاريندس. ائين ئي سهيل ۽ نجما وري مستقبل جي رٿابندي ڪرڻ لڳن ٿا.
    ڏينهن پنهنجي حساب سان گذرندا رهن ٿا تڏهن اهي گهڙيون نجما لاءِ ته خوشي جو باعث بڻجي اچن ٿيون پر وڏيري نور خاتون لاءِ اهي گهڙيون ڪنهن تمام دل ڏکوئيندڙ منظر جهڙيون هجن ٿيون. هوءِ هڪ ڀيرو وري به دل ۾ آس سانڍي نجما کي هت رهڻ لاءِ منٿون ڪندي رهي ٿي پر نجما آخر چپ کولي ورائڻ لڳي ٿي ته امان مون کي هاڻي تون مجبور نه ڪر جيڪي ڏينهن هتي منهنجا لکيل هئا سي مون اتي گذاريا آهن، هاڻي مون کي وڃڻ ڏي. هن کي وري به نورخاتون منٿون ڪندي رهي ٿي پر نجما هن کي جواب ڏئي پنهنجي مائٽن سان گڏ هلي وڃي ٿي.
    وڏي ڳالهه ته نجمه ڪو به سامان به نه کڻي وڃي ٿي، صرف نورخاتون کي ايترو چوي ٿي ته امان مان تنهنجو ڏنل قرب ڪڏهن به وساري نٿي سگهان، تنهنڪري منهنجي دل به نٿي چوي ته هتان مان ڪو سامان کڻي وڃان تنهن ڪري تون هاڻ مون کي مرڪي موڪل ڏي. وري به وڏيري هن کي ڀاڪرن ۾ ڀري روئيندي موڪلائي ٿي. ائين ئي نجما هي گهر هميشه لاءِ ڇڏي وڃي ٿي.
    چند مهينا گذارڻ کانپوءِ سهيل لاءِ مائٽن کي راضي ڪري ٿي، پهرين ته هن جا مائٽ انڪار ڪرڻ لڳن ٿا پر جڏهن هوءَ اها ڳالهه ڪري ٿي ته مان پهرين توهان جي عزت رکي توهان جي مرضي مطابق شاي ڪئي ۽ هاڻي پنهنجي مرضي سان شادي ڪريان ٿي. ائين ئي نجما کي سهيل سان شادي ڪرڻ جي اجازت ملي وڃي ٿي ۽ هو ٻئي شادي ڪري اسلام آباد شفٽ ٿي وڃن ٿا.
    ***

    ائين ئي نجما جي وڃڻ کانپوءِ وڏيري نورخاتون بلڪل اداس رهجي وڃي ٿي. هن کي ڳڻتيون ڳاري ڇڏين ٿيون، هوءِ صرف شهمير کي جڏهن ڀر ۾ ويهندي ڏسندي هئي ته هن سان ڪچهري ڪندي هئي ۽ هن سان مسڪرائي ڪچهري به ڪندي هئي نه ته اڪثر اداس رهندي هئي. هن کي دلاور جي وڇوڙي صفا ڳاري ڇڏيو ۽ مٿان وري نجما جڏهن هي گهر ڇڏي وڃي ٿي ته اهو فڪر به هن کي تڙپائيندو رهي ٿو.
    وڏيرو اسحاق وقت به وقت جڏهن ڳوٺ ايندو هو ته هن کي ڀر ۾ ويهاري سمجهائيندو هو ته وڏيري وڃڻ واري جي پٺيان ڪڏهن به ڪير نه ويو آهي. مون کي خبر آهي هو اسان جو اولاد هو، انهيءَ کي سنڀالڻ ۾ اسانجون به ڪوتاهيون ٿيون آهن. مون کي دلاور تمام گهڻو وڻندو هو تڏهن ته مون هن جي مٿان ڪڏهن به هٿ نه کنيو هو. مان اهو به سمجهان ٿو ته ماءُ کي اولاد جو وڇوڙو هڪ پل به نه وسرندو آهي تنهنڪري توکان دلاور ڪڏهن به وسري نه سگهندو پر پوءِ به مان توکي اهو چوندس ته توهان هن کي ايترو گهڻو ياد نه ڪريو ڇاڪاڻ ته رڳو سوچي سوچي توهان به بيمار ٿي پوندؤ تنهنڪري ڪوشش ڪري پنهنجي پاڻ کي مصروف رکو ته اهي سڀ ڳالهيون ڪجهه دير لاءِ دل کان لهي وينديون ۽ ذهن جو بار ڪجهه گهٽجي ويندو.
    وڏيرو جڏهن اهو چئي چپ ٿو ڪري ته وڏيري نورخاتون ڳالهائڻ لڳي ٿي ته شهمير جا پيءُ توکي ڪهڙي خبر ماءُ جي درد جي...!
    اها ته مون کي خبر آهي ته اولاد جو وڇوڙو ڇا هوندو آهي. هن ويچاري نه ڪڏهن پنهنجي پيءُ جو پيار پاتو نه وري هن سان پنهنجي گهر واري سان دل لڳي، نه ويچاري ڪجهه دنيا ۾ ڏٺو نه وري ڪٿي گهميو...! ائين چئي هوءَ وري سڏڪن ۾ پئجي وڃي ٿي. ٿوري دير کانپوءِ وري ڳالهائڻ لڳي ٿي. توکي ڪهڙي خبر اڙي اهي وڍ ته اهڙا هوندا آهن جيڪي زندگي ۾ ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندا آهن. مون کي به اهو درد تڏهن وسري سگهندو جڏهن منهنجي مٿان مٽي ايندي تڏهن اهو درد مونکان دور ٿي ويندو.
    وڏيرو وڏيري جي ڳالهه ڪٽيندي چوڻ لڳي ٿو. چري اهڙي ڳالهه نه ڪندي ڪر. اڳتي جو خير گهر...!
    وڏيري وري ڳالهائڻ لڳي ٿي ته شهمير جا پيءُ مون کي دلاور کان وڌيڪ نجما جي وڃڻ جو ڏک آهي. هوءِ به اسان جو گهر ڇڏي هلي وئي. اهو چئي وري هوءَ روئڻ لڳي ٿي.
    وڏيرو اسحاق هن کي روئيندو ڇڏي ڪمري مان ٻاهر نڪري وڃي ٿو. هن کي وري به سوچون ورائي وڃن ٿيون ڪيڏو نه هي خوبصورت گهر هو جيڪو ڪنهن باغيچي مثل هيو. اهو هوريان هوريان اجڙي رهيو آهي. الائي ڪنهن جي هن گهر کي نظر لڳي وئي آهي. اهو سڀ ڪجهه سوچيندي سوچيندي هن کي ننڊ اچي وڃي ٿي. ايتري ۾ شهمير خان ٽيوشن پڙهي واپس اچي پنهنجي امڙ جي ڀر ۾ ويهي رهي ٿو. نورخاتون جون اکيون کڙڪي تي کلي وڃن ٿيون. هو پيار مان ماءُ کي ڀاڪر پائي اها خوشخبري ٻڌائي ٿو ته امان مون ڏي هڪ دوست ايس ايم ايس ڪيو آهي ته مان نائين ڪلاس ۾ تمام زبردست مارڪون کنيون آهن. اهو ٻڌي هن جي ماءُ هن کي ڏسي مسڪرائي ٿي پٽ ائين ئي محنت ڪندو رهجان. هڪ ڏينهن اها تنهنجي محنت ضرور رنگ لائيندي. تون هڪ ڏينهن تمام سٺو انسان بنجي ويندين.
    امان مان جيڪو ڪجهه آهيان پنهنجي استاد رمضان جي ڪري آهيان. هو مون کي تمام سٺي نموني سان پڙهائيندو آهي. هن جي محنت هڪ ڏينهن ضرور رنگ لائيندي. ها پٽ ڇو نه...؟ جيڪڏهن توتي ايتري محنت ڪري ٿو ۽ تون جواب ۾ سٺي نموني سان پڙهي وڃين ٿو. اها ئي اسان جي گهر جي وڏي ڪاميابي آهي. هونءَ به پٽ شهمير ماستر رمضان جا اسان جي مٿان وڏا احسان آهن. هڪ ته هو تمام سٺو انسان آهي ٻيو ته هن هميشه تنهنجي ڏاڏي کي ۽ تنهنجي پيءُ کي تمام سٺيون صلاحون ڏنيون آهن. نه رڳو ڏنيون اٿس. پر انهن تي عمل به ڪرايو اٿس. اها ئي ته هن ۾ وڏي خوبي آهي، هن هميشه هن ڳوٺ واسين لاءِ خاص ڪري پنهنجي گهر لاءِ تمام گهڻو ڪجهه ڪيو آهي. هو اڄ به سڄي علائقي ۾ تعليم جي حوالي سان سڀني کي گهر گهر وڃي سمجهائيندو آهي پر ماڻهو هن جي ڳالهه ٻڌڻ بجاءِ هن تي ٺٺولون ڪن ٿا پر پوءِ به هي پنهنجي طريقي سان انهيءَ حساب سان پڙهائيندو ٿو اچي تنهنڪري پٽ تون هن کي هڪ استاد جي نگاهه سان ڏسجان، ڪڏهن اٻهرائي نه ڪجان، هو جيئن توکي سمجهائي تيئن ڪجان.
    جڏهن وڏيري شهمير سان وڏيري اها ڪچهري ڪري ٿي ته هن جي دل جو بار هلڪو ٿئي ٿو ۽ ائين شهمير راند ڪرڻ جي بهاني گهر کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو.
    ***

    اڃان سج ئي مس اڀريو هو. معمول موجب وري گهر ۾ موجود نوڪرياڻيون ٿورو گهر جو ڪم ڪار لاهي پاڻ ۾ ڪچهري ڪرڻ لڳن ٿيون. سڀني نوڪرياڻن جي اڳواڻ ماسي سفوران سڀني کي اڪثر ڪم نه ڪرڻ تي هميشه داٻا ڏيندي هئي پر الائي ڇو اڄ ٻين ٽنهي نوڪرياڻين کي هن پاڻ وٽ گهرائي انهن سان ڪچهري ڪرڻ لڳي هئي ته ادي مون محسوس ڪيو آهي ته جڏهن کان هن گهر مان نجما هلي وئي آهي تڏهن کان هن گهر مان خوشيون موڪلائي الائي ڪيڏانهن هليون ويون آهن، رڳو اداسي ئي اداسي ڇانيل آهي. وڏيري به بلڪل تنها ئي تنها محسوس ٿي رهي آهي.
    ٻي نوڪرياڻي ماسي سفوران جي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چوڻ لڳي ٿي ته هائو ادي چوين سچ ٿي ڇاڪاڻ ته اڳي ته وڏيري ڏينهن لڙڻ کانپوءِ اسان سان ۽ ڳوٺ جي ٻين عورتن سان ملڻ ويندي هئي ۽ انهن جي گهرن ۾ سج لاهي ايندي هئي پر هاڻي ته ماڳهين پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري ويٺي آهي، سڄو ڏينهن نه ڪنهن سان ڳالهائڻ نه وري ڳوٺ ۾ گهمڻ ڦرڻ بس سارو وقت صرف ڪمري ۾ گذاري ٿي.
    ايتري ۾ وري ٽئين نوڪرياڻي ڳالهائڻ لڳي ٿي ته هائو ادي بس ويچاري جي دلاور کانپوءِ دل ڀورا ڀورا ٿي وئي آهي، ٿيندي به ڇو نه؟ هوءِ به هڪ ماءُ آهي، ڀلي ڪيترو به مال ملڪيت ڇو نه هجي پر هوءِ پنهنجي اولاد کي ڪيئن وساري سگهندي، ادي پيٽ ڄاوا ڪنهن کان وسرندا آهن، جيڪي وسارڻ ڏاڍا ڏکيا هوندا آهن. وڇوڙي جو درد اها امڙ ئي ڄاڻي سگهي ٿي جيڪا جوان اولاد جو موت اکين سان ڏسندي آهي. انهيءَ کان هن جهان جون سڀ خوشيون وسري وينديون آهن، هونئن به اولاد جي جدائي ٿيندي آهي امڙ جي جهولي ڀل ڪيترن ئي ٻچڙن سان ڀريل هجي ڀل اهي به هن جا پيٽ ڄاوا هجن پر هوءِ وري به پنهنجي انهيءَ ٻچڙي جي يادگيرون سانڍي پاڻ ئي پاڻ ساريندي رهندي آهي.
    انهيءَ وچ ۾ وري سڀني نوڪرياڻين جي ليڊر ماسي سفوران جيڪا هاڻي پاڻ تي ڪم ڪرڻ کان چڙهيل هئي جو هوءَ تمام ٿلهي هئي ته هوءَ کٽ تي ٺيڪ نموني سان ويهي به ڪانه سگهندي هئي ۽ سيارو هجي تمام گهڻو پر هوءَ جڏهن به واندي هوندي هئي ته پنهنجي مٿي جي پوتي جي پلاند سان هر وقت منهن کي هوا هڻندي رهندي هئي. گهر ۾ موجود ٻيون نوڪرياڻيون اڪثر انهيءَ عادت تي هن کي ٽوڪينديون رهنديون هيون پر مجال جو هي اها پنهنجي عادت ڇڏي هوءِ هميشه جيان پاڻ به ڳالهيون ڪري رهي هئي ته ٻين جون ڳالهيون به ٻڌي رهي هئي. اڳ ۾ ته مجال ڪا نوڪرياڻي هن سان ويهي ائين ڪچهري ڪري ڇاڪاڻ ته هن جي طبعيت تمام گهڻي سخت مزاج هئي. جڏهن گهر جي ڪا نوڪرياڻي ڪم ڪار اڌ ۾ ڇڏي ڏيندي هئي ته هوءَ تپي باهه ٿي ويندي هئي. ڳالهائيندي هئي ته تمام تيز انداز ۾ ڳالهائيندي هئي. هن جي ڪنڌ ۽ نرڙ واريون نسون به ڪاوڙ ۾ ظاهر ٿي وينديون هيون. هوءِ وڏيري کانپوءِ هن گهر جي ڄڻ مالڪياڻي هئي. سڀئي نوڪرياڻيون توڙي نوڪر هن کان ڊڄندا هئا پر اڄ هن کي وڏيري جي پر اسرار خاموشي ماري ڇڏيو هو. اها ڳالهه وري وري پنهنجي ساٿياڻين سان ورجائي رهي هئي پر هاڻي ڇا ڪجي جو هن جو من وندري وڃي. اهڙا ڪيترائي خوشين سندا پلان جوڙين ٿيون پر وڏيري اڳيان اهي پلان ڪير بيان ڪري ڇاڪاڻ ته دلاور جي وڃڻ کي اڃان سال به مس گذريو آهي.
    ائين ئي وڏيري نور خاتون جي اڳيان ڪا خوشي سندي ڳالهه، بجاءِ هن کي خوشي ڏيڻ جي هن جي دل آزاري جو سبب نه بنجي پوي سو هنن سڀني جي ذهنن ۾ مختلف ترڪبيون تيار ٿين ٿيون پر وري اهي پاڻمرادو ختم ٿي وڃن ٿيون. ننڍي نوڪرياڻي انهيءَ ڳالهين کي ٽوڙيندي ڳالهائڻ لڳي ٿي ته ماسي توهان اسان سڀني جون وڏيون آهيو، جيڪڏهن توهان يا اسان گڏجي ويهي وڏيري کي سمجهايون ته شهمير به تنهنجو پٽ آهي ۽ هن سان ويهي ڪچهري ڪندي ڪر هو به هاڻي جوان ٿي ويو آهي ۽ جيڪڏهن هو ڪجهه دير ويهي پٽ سان ڪچهري ڪندي ته هن جي دل جو بار هلڪو ٿي ويندو ۽ پاڻ به گڏجي سڀ شهمير خان کي سمجهايون ته هوءِ به پنهنجي امڙ سان ڪجهه دير ويهي ڪچهري ڪري ته ائين وڏيري نورخاتون جي دل بهلجي ويندي.
    اهي سڀ انهيءَ ڳالهه اتفاق ڪن ٿيون ته پهرين شهمير خان کي سمجهايون ۽ هڪ ڏهاڙي شهمير ٽيوشن پڙهي واپس گهر اچي ٿو ته سڀ نوڪرياڻيون هن کي پنهنجي ماءُ جي حالت بابت آگاهي ڏين ٿيون. هوءِ به هنن جي ڳالهه سمجهي وڃي ٿو ۽ هو به چند ڏينهن جي انتظار کانپوءِ ماءُ کي زوري گهمائڻ جي بهاني ڪراچي وٺي وڃڻ لاءِ راضي ڪري ٿو. هن جي ماءُ پٽ جي التجا اڳيان مجبور ٿي وڃي ٿي ۽ وڃڻ لاءِ راضي ٿي وڃي ٿي.
    ***


    4

    ڳوٺ جون حالتون ڏينهون ڏينهن ويتر بگڙجنديون رهن ٿيون، هر روز رات جو چوريون پوري علائقي ۾ ٿينديون رهن ٿيون ۽ ڏينهن جون ڦرون به روز جو معمول بنجي وڃن ٿيون. جيئن جيئن ڦرن جون وارداتون وڌنديون رهن ٿيون تيئن تيئن هن علائقي ۾ رئيس عارب خان جو دٻدٻو وڌندو رهي ٿو. رئيس عارب جيڪڏهن شهر ۾ لهي ڄڻ ڪو تمام وڏو ماڻهو ورهين کانپوءِ آيو هجي. هر طرف ماڻهن جا ميڙ موجود هجن ٿا، رئيس عارب جي اڳيان پويان خلق هوندي هئي، هو جيڪڏهن ڪنهن هوٽل تي اچي ويهندو هو ته ماڻهو واري جي انتظار ڪري پوءِ هن سان حال احوال ڪندا هئا. رئيس عارب هاڻي اهو آريءَ نه رهيو هو. علائقي جو صفا معزز بنجي آريءَ مان رئيس عارب خان ٿي پيو هو. حالانڪ سڀني کي هن جي ڪرتوتن جي چڱي ريت خبر هئي پر مجال ڪير هن جي سامهون ڪنڌ کڻي نهاري، هن جي مقابلي ۾ علائقي ۾ ڪجهه ننڍا گروپ به سامهون آيا پر هن سڀني گروپن کي پاڻ ويڙهائي اتي ئي ختم ڪرائي ڇڏيو. وسايو، خميسو ۽ مجنو جيڪي هاڻي بلڪل پوڙها ٿي چڪا هئا تن کي رئيس عارب خان جو ادائون موهي وجهنديون هيون. اهي ٽئي چانهه جي اڌڙين تي ويهي عارب خان جا گڻ ڳائيندا هئا. يار مڙس ته صفا ڏهيسر نڪتو، ڪالهه ڪالهوڪو ڏينهن آهي ڪجهه به ڪو نه هئس، صفا غريب هو پر اڄ ته ڏس رڳو ماڻهو ئي ماڻهو اٿس. اهي اڃان اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته ڪنهن هنن ٽنهي دوستن کي ٻڌايو ته ڪاڪا مجنا تو واري پٽ صالو کي روڊ تان پوليس ٻڌي وئي آهي.
    ڪاڪي مجني جڏهن اهو ٻڌو ته هن جون وايون بتال ٿي ويون ۽ دوستن سان صلاح ڪرڻ لڳو ته هاڻي ڇا ڪرڻ کپي، منهنجو ڇوڪرو ته صفا غريب آهي، هو ڏسڻ ۾ به واقعي عجيب لڳي ٿو. ايتري ۾ وسايو ڳالهائڻ لڳي ٿو ته هلو پاڻ به رئيس عارب کي هلي چئون، خميسي عارب جي مخالفت ڪئي ته هلو پاڻ وڏيري اسحاق کي چئون. وڏيرو اسحاق اسان کي عزت ڏيندو. ايتري ۾ خميسي وچ ۾ ڳالهايو اڙي ابا توهان به هوا ۾ پيا لٺيون هڻو، اسان کي وڏيرو اسحاق هٿ ڪٿان ايندو جو انهيءَ کي اسان دانهن ڏينداسين ۽ جيڪو اسان جي داد ڪندو.
    بحرحال هنن جون ڳالهيون هلنديون رهن ٿيون ۽ هو سڀ هڪ انهيءَ ڳالهه تي متفق ٿين ٿا ته هاڻي رئيس عارب خان کي چئون جيڪو سان جي مدد ڪندو. ائين ئي هو ٽئي ڄڻا آهسته آهسته رئيس عارب وٽ پهچن ٿا. عارب ٺيڪ نموني هنن آيلن سان ملي ٿو ۽ هنن کان اڪيلائي ۾ حال احوال وٺي ٿو، هو به هن سان حالي احوالي ٿين ٿا، ڳالهيون هلنديون رهن ٿيون ته رئيس وارو ڪر اسان کي پوليس کان ڇوڪرو ڇڏائي ڏي. جواب ۾ رئيس هنن کي چوڻ لڳو بابا ڇوڪرو ته آزاد ٿي ويندو پر ڪجهه توهان کي خرچ ڪرڻو پوندو جيڪڏهن نه ڪندؤ ته توهان جو ڇوڪرو چالان ٿي ويندو. هو گهڻو ئي هن کي منٿون ڪندا رهن ٿا پر هو چوي ٿو ته بابا مجنا هي نئون صوبيدار آيو آهي جيڪو ڪو نه مڃنيدو تنهنڪري تون منهنجي ڳالهه کي سمجهه ۽ تون ڪٿان به ڪجهه پئسا ڪر ته تنهنجي پٽ جي جان ڇڏايون.
    هو ٽئي مجبور ٿي پنهنجي کيسن مان پنج هزار ڪڍي رئيس عارب جي حوالي ڪن ٿا. عارب وري به هنن کي سمجهائڻ لڳي ٿو ته بابا هي پئسا ٿورا آهن. هي صوبيدار ڪو نه وٺندو. مان هن ڪيس ۾ هاڻي هٿ ڪو نه وجهندس باقي توهان جي مرضي هي پئسا توهان جي امانت آهن کڻي وڃو.
    هو جڏهن واپس هنن کي پئسا ڏيڻ لڳي ٿو ته هو وري هن کي منٿون ڪرڻ لڳن ٿا ته رئيس اسان وٽ ٻيو ڪجهه به ڪونهي مهرباني ڪر هي اسان جو مسئلو حل ڪر ايتري ۾ رئيس کي ڪاوڙ اچي وڃي ٿي. هو هنن کي پئسا اڇلي منهن ۾ هڻي ٿو.
    هوءِ وري ٻي ڪا واهه نه ڏسي هن کي منٿون ڪندا رهن ٿا. جڏهن ڪافي دير تائين منٿون ڪندا رهن ٿا ته هو راضي ٿي وڃي ٿو پر وري به هو ڏهه هزار گهري ٿو. هو هن کي چند گهڙين ۾ ڏهه هزار هٿ ڪري ڏين ٿا. رئيس ڏهه هزار وٺي ڪنڊ ۾ وڃي موبائل تي ڳالهائڻ لڳي ٿو ۽ چند گهڙين کان پوءِ هنن کي چوي ٿو ته توهان شام چار بجي ٿاڻي تان وڃي پنهنجي پٽ کي وٺي اچجو. اهي سڀ شام جو انتظار ڪرڻ لڳن ٿا. شام جو چار بجي جڏهن هو ٽئي ڄڻا ٿاڻي تي پهچي وڏي منشي سان حال ڪن ٿا ته جلد ئي وڏو منشي هڪ سپاهي کي چوي ٿو ته وڏا صالو مان هاڻي هٿ ڪڍ. گهڻئي پادر کاڌا اٿس، اڄ جي ڇوڪرن خبر نٿي پوي رات جو ڪن چوريون ڏينهن جو صفا چڱا مڙس لڳا پيا آهن.
    ايتري ۾ مجنو ادب سان هٿ ٻڌي منشي جي ڳالهه جو جواب ڏيڻ لڳي ٿو ته صاحب منهنجو پٽ چور ڪونهي..! منهنجو پٽ صفا شريف آهي..! وڏو منشي هن جي ڳالهه کي ڪٽيندي رعب واري انداز ۾ چوڻ لڳي ٿو چپ ڪر پوڙها مون کي سڄي خبر آهي ته تنهنجو پٽ ڪيترو چڱو آهي مون کي ڪهڙا نوٽ ڏنا اٿوءَ؟، اهي ٽي هزار به رئيس عارب خان توهان جي ڪري اسان ڏي خرچي طور موڪليا آهن.
    اهو سڀ ڪجهه ٻڌي مجنو، خميسو ۽ وسايو اچرج وچان هڪ ٻئي ڏانهن نهارڻ لڳن ٿا پر جڏهن هو ٽئي ڄڻا صالو کي وٺي واپس اچن ٿا ته رستي ۾ پاڻ ۾ ڪچهري ڪندي چون ٿا ته يار هن رئيس ته پاڻ سان ڏاڍي ڪئي آهي، اهڙي ته ڪڏهن به ڪنهن ڪانه ڪئي. خميسو، مجنو ۽ وسايو پنهنجي اميدن تي پاڻي ڦرندو ڏسي هنن جي جملن جون معنائون مٽجڻ لڳن ٿيون. هو سوچڻ لڳن ٿا ته هن کان ته وڏيرو اسحاق چڱو جيڪو ڏئي نٿو ته ڏکئي ته ڪو نه ٿو.
    ***

    اهڙي طرح ڏينهن گذرندا رهن ٿا. شهمير به معمول موجب ٽيوشن پڙهندو رهي ٿو. شهمير پنهنجي پڙهائي تي پورو ڌيان ڏئي رهيو هو. هڪ ڏينهن جڏهن هو ٽيوشن پڙهڻ لاءِ اچي اوطاق تي ويٺو ته استاد رمضان ڪو نه آيو. هو ويهي ويهي وقت وڃائي واپس گهر هليو ويو. ٻي ڏهاڙي به هن سان ائين ٿيو ٽئين ڏهاڙي به هن جو استاد ڪو نه آيو. هن اها حقيقت پنهنجي امڙ کي ٻڌائي جنهن چيس ته سچ ٿو چوين ابا..! ڪالهه شام مون کي خبر پئي آهي ته ماستر رمضان ٺيڪ نه آهي، تنهنجو بابا به هت ڪونهي ۽ هو تنهنجو استاد به آهي تنهنڪري تون وڃي هن کان طبيعيت پڇي اچ. هو يڪدم ماءُ جو چوڻ وٺي پنهنجي نوڪر سان گڏ سڌو ماستر رمضان جي گهر پهچي ٿو. ماستر جيڪو بخار جي ڪري ٻن ڏينهن کان بيحال هو سو ڪجهه اڄ هن کي ٺيڪ ڏسڻ ۾ آيو. هو سڌو هن کي گهر وٺي وڃي ٿو ۽ نوڪر ٻاهر ئي ويٺو هجي ٿو. هو گهر هلڻ کان انڪار ڪري ٿو پر ماستر رمضان هن کي زوري گهر وٺي وڃي ٿو. هو جڏهن گهر ۾ داخل ٿئي ٿو ته ماستر رمضان جي گهر واري هن سان ملڻ اچي ٿي. ماستر رمضان پنهنجي گهر واري جو هن سان تعارف ڪرائي ٿو. ايتري ۾ ماستر جي گهر واري ماستر سان مخاطب ٿيندي وراڻي ٿي ته ماستر مان هن کي گهڻو ئي سڃاڻان مان ته ادي نورخاتون وٽ ايندي ويندي رهندي آهيان ايتري ۾ هڪ نوجوان ڇوڪري شهمير جي اڳيان ٽيبل تي پاڻي رکي وڃي ٿي، ماستر رمضان شهمير کي ٻڌائي ٿو ته پٽ هي منهنجي اڪيلي اولاد نياڻي رخسانه آهي. جيڪا مئٽرڪ پڙهڻ کانپوءِ گهر جي ٻاهران جهوپڙي نما اسڪول ۾ ڳوٺ جي نياڻين کي مفت ۾ پڙهائيندي آهي. اهو چئي استاد رمضان شهمير سان وري پنهنجي طبعيت جي باري ۾ گفتگو ڪرڻ لڳي ٿو ۽ ٻڌائڻ لڳي ٿو ته پٽ هاڻي مان ٺيڪ آهيان، ٻن ڏينهن کان گهر ۾ پيو هئس سوچيم پئي ته اڄ توسان ائين ملڻ اچان پر اڃان سوچيم پئي ته مٿان تون اچي وئين.
    اڃان هو اهي ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته ايتري ۾ وري رخسانه هنن جي سامهون چانهه رکي هلي وڃي ٿي، شهمير رخسانه کي ڏسندو رهي ٿو، هن جي سادگي سان ڀرپور سونهن ۽ هن جي اخلاق کان هو ڏاڍو متاثر ٿئي ٿو. دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳي ٿو ته ايترو اخلاق حياءُ حجاب مون ته اڳ ۾ ڪٿي به نه ڏٺو آهي، ماستر رمضان وري شهمير کي خيالن جي دنيا مان واپس آڻيندي چوڻ لڳي ٿو پٽ ڇا ٿو سوچين؟، اسان جيڪو ڪجهه به آهيون پنهنجي سچائي واري نوڪري جي ئي ڪري آهيون ۽ پنهنجي نوڪري وڏي ديانتداري سان ڪئي اٿئون انهي مان ئي هن گهر ۾ زندگي جي هر سهولت مون گڏ ڪئي آهي. مان جنهن تڪليف واري دؤر ۾ پڙهيو هئس ان جي مون کي خبر آهي، اسان پڙهڻ لاءِ باقاعده ڪشالا ڪڍيا ۽ محنت به ڪئي تنهنڪري وڃي اسان هن نوڪري جي لائق بڻياسين ۽ هاڻي ته ڊگريون وٺڻ ته ڪو مسئلو ئي نه رهيو آهي، اڄڪلهه شهمير پٽ تعليم ۾ به سياست ڪاهي پئي آهي ۽ اڳ ۾ ته ڪڏهن به ائين نه هو، اسان جنهن وقت پڙهندا هئاسين ته ان وقت استاد جو تمام وڏو احترام ڪيو ويندو هو، هاڻي ته زمانو ئي مٽجي چڪو آهي اهي سڀ شيون وقت سان گڏ تبديل ٿي ويون آهن. هاڻي ته تعليم به ڪاروبار واري صورت اختيار ڪري وئي آهي. شمهير اڌ ڳالهه ڪٽيندي آڏي پڇا ڪري ٿو ته اهو ڪيئن سر! پٽ اڳي صرف ۽ صرف سرڪاري اسڪول هوندا هئا اتي ئي ٻارن کي محنت ڪري پڙهايو ويندو هو پر هاڻي خانگي اسڪول جيڪي ڪاروبار وانگر هلن ٿا جيتري مهانگي فيس اوتري پڙهائي سٺي ٻڌائيندا آهن پر حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته اتي رڳو گهڻو ڪري ٻارن کي ڊسيپلين جو گهڻو خيال رکايو ويندو آهي باقي اتي پڙهائي مڙئي نالي جي هوندي آهي منهنجو ته اهو رايو آهي باقي تون به پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙهندو آهين وڌيڪ توکي خبر هوندي.! جواب ۾ شهمير چوڻ لڳي ٿو ها سر! توهان بلڪل ٺيڪ ٿا چئو مون کي تعليم جو ميار خانگي اسڪول ۾ وڻي نٿو ڇو ته مون جيڪو ڪجهه سکيو آهي اهو توهان جي مهربانين سان ئي سکيو آهي. ايتري ۾ ماستر رمضان وري ڳالهائڻ لڳي ٿو ته پٽ شهمير هاڻي ته تعليمي سرشتو تقريباً اپاهج ٿي چڪو آهي، هڪڙا ته تمام بهترين استاد گهٽ آهن ٻيو ته پڙهيل لکيل ۽ محنتي استاد هوندي ڀي اهي دل لڳائي پڙهائين ڪو نه ٿا، اهي به روايتي سستي جو شڪار آهن باقي ٻيا ته اسڪول جو منهن به ڪو نه ٿا ڏسن ته اسڪول ڇا هوندي آهي اهڙي ريت اسان وٽ تعليم ۾ آيل ڪاپي ڪلچر ته وڌيڪ ٻيڙو ٻوڙيو آهي ۽ هي ڪنهن اڪيلي ماڻهو جي وس جي ڳالهه نه آهي هتي ته باقاعده تعليم لاءِ مهم هلائجي تڏهن وڃي هي اسانجو معاشرو ڪجهه ٺيڪ ٿيندو. ايتري ۾ رخسانه هنن لاءِ وري ٻيهر چانهه کڻي اچي ٿي ۽ ساڳئي ادب ۽ احترام سان چانهه رکي واپس هلي وڃي ٿي. هي ٻئي استاد ۽ شاگرد ٽيبل تي پيل ٽري مان چانهه جا ڀريل مگ کڻي چسڪيون هڻڻ لڳن ٿا ۽ وري به ڪچهري ۾ لڳي وڃن ٿا. ڪافي دير تائين تعليم جي حوالي سان هي ڪچهري ڪندا رهن ٿا، پوءِ شام ڌاري شهمير پنهنجي استاد کان موڪلائڻ لڳي ٿو ته هن کي ماستر رمضان چوڻ لڳي ٿو پٽ هل ته مان به ٻاهر نڪري چڪر ڏئي اچان ايتري ۾ ماستر جي گهر واري شهمير کي ماني کائڻ جي صلاح هڻي ٿي پر شهمير استاد رمضان جي گهر واري کي مهرباني چئي موڪلائي ٿو. شهمير جڏهن مهرباني وارا جملا چپن تي آڻي ٿو ته هن کي پنهنجي ماءُ جي ڀر ۾ بيٺل رخسانا نظر اچي ٿي جنهن جو منهن اڇي چادر سان ڍڪيل هو پر هو هن جا مرڪندڙ چپ ڏسي وٺي ٿو ۽ ازخود چپن ۾ مسڪرائي پوي ٿو.
    ائين ئي هو ٻئي استاد شاگرد جڏهن ڳوٺ جي گهٽين ۾ داخل ٿين ٿا تڏهن ماستر رمضان هن کي ٻڌائڻ لڳي ٿو ته هي ڳوٺ جڏهن تنهنجي ڏاڏي وڏي شهمير خان جي اثر هيٺ هو ته ڇا ته هي ڳوٺ هو؟ جيڪي هينئر منظر اڳيان نظر اچن ٿا ته هي ڳوٺ هي خاندان مثالي هو. سڀ ڳوٺ وارا ڏک سک ۾ هڪ ٻئي جا ڀاڱي ڀائيوار هئا جيڪڏهن ڪنهن جي خوشي هوندي هئي ته انهيءَ خوشي کي هرڪو پنهنجي خوشي سمجهندو هو، نه ڪڏهن جهيڙو ٿيو نه وري ڪڏهن ڪا هتي چوري ٿي بس هڪ ئي چوري هڪ ڀيري ڳوٺ ۾ ٿي جيڪا به هڪ ڳوٺ واري ئي ڪئي هئي ۽ تنهن جي جڏهن ثابتي ملي هئي ته تنهنجي ڏاڏي مرحوم شهمير خان صرف انهيءَ چور کي ڳوٺ مان لڏائي ڇڏيو هو. سڀني جڏهن انهيءَ چور جو اهو حشر ڏٺو ته سڀئي خاموش ٿي ويا ڇاڪاڻ ته انهيءَ چور کي صرف اتان لڏايو ويو پر کڻڻ ڪجهه به نه ڏنو ويو، نيٺ آخر ۾ منٿن کانپوءِ انهيءَ کي پنهنجو سامان کڻڻ ڏنو ويو. هو ڳالهيون به ڪندا رهن ٿا ۽ اڳتي به وڌنڌا رهن ٿا، هي سامهون جيڪا ڊٺل بلڊنگ ڏسين ٿو اهو اسڪول هوندو هو، جنهن ۾ اسان پڙهندا هئاسين، هي پراڻو تلاءُ آهي جيڪو ڪنهن وقت ڏاڍو خوبصورت ٺهيل هو، هو هن کي انهيءَ ڊٺل بلڊنگ جي باري ۾، اجڙي ويل پارڪ جي باري ۾ ٻڌائي ٿو ته هن ڳوٺ جا ٻاهريان حصا جيڪي ڪنهن وقت تمام رونق وارا هوندا هئا ۽ مختلف تفريح گاهون ڀي ٺهيل هونديون هيون پر اڄ اهي اجڙي ويا آهن.
    اڄ ماستر رمضان جيڪا شهمير کي وارتا ٻڌائي رهيو هو تنهن شهمير خان جا ڪن کولي ڇڏيا ڇاڪاڻ ته پنهنجي ڳوٺ جي شاندار ماضي بابت هن ڪڏهن سوچيو به نه هو ته ڪو اسان جو ڳوٺ جڏهن سهولتن جي بلڪل اڻهوند هئي تڏهن به هيترو ترقي يافته هو ۽ هن وقت جڏهن سڄي سنڌ ترقي ۾ آهي ۽ وقت سان گڏ ٻيا علائقا به ترقي ڪري رهيا آهن پر اسان جو ڳوٺ ڏينهون ڏينهن اونداهي طرف ڌڪجي رهيو آهي. ائين زمانو جڏهن ترقي جي طرف گامزن آهي پر اسان پوئتي هلي رهيا آهيون. وقت کي اسان صرف ڌڪي رهيا آهيون. اهڙي ريت اسان پنهنجي ڳوٺ جا هي اجاڙ جڳهيون ڏسي اها ئي دعا گهرندا آهيون ته هن ڳوٺ کي وري هڪ ڀيرو موج مستي ملندي. منهنجي دل ۾ اها ئي حسرت آهي ته اسان جي هن ڳوٺ کي وري ٺيڪ نموني سان رونق ملي. ائين هلندي شهمير کي اها سوچ اچي ٿي. ڪاش! هي اسان جو ڳوٺ وري به امن جو هڪ مثال بڻجي وڃي، هو دل ئي دل ۾ ارادو ڪري ٿو ته مان هن ڳوٺ لاءِ وري جاکوڙيندس ۽ محنت ڪندس. ائين هو ڳالهيون ڪندا هڪ ٻئي کان موڪلائي پنهنجي پنهنجي گهر وڃن ٿا.
    شهمير جڏهن گهر پهچي ٿو ته هن کي ماستر جون چيل ڳالهيون ۽ ڳوٺ جي اجڙيل حالت ويتر فڪرمند بنائي ڇڏي ٿي ۽ گڏوگڏ رخسانه جو حسن اخلاق ۽ معصوميت هن کي موهي وجهي ٿي. هو دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳي ٿو ماستر ڌيءُ جي پنهنجي حساب سان پرورش ڪئي آهي ۽ هو واقعي به تمام سٺي اخلاق واري ڇوڪري آهي جيڪا پنهنجي اخلاق وارين ادائن سان ماڻهو جو من موهي وجهي ٿي.
    ***

    اهڙي ريت هن ڀيري جڏهن وڏيرو اسحاق ڳوٺ آيو تڏهن نورخاتون جي طبعيت بگڙجندي ڏسي هن کان بار بار پڇڻ لڳو وڏيري تنهنجي طبعيت ڪيئن آهي؟ جواب ۾ وڏيري به مسڪرائي ها ٺيڪ آ چئي جواب ڏئي ڇڏيو پر جڏهن نوڪرياڻين وڏيري اسحاق کي هن جي هر وقت اداس رهڻ جو ٻڌائين ٿيون ته وڏيرو پريشان ٿي وڃي ٿو ۽ هن کي زوري ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃي ٿو، ڊاڪٽر هن کي ٿوري دل جي تڪليف ٻڌائي ٿو ۽ آرام ڪرڻ جو مشورو ڏئي ٿو ۽ چند ڏينهن ته هن کي دوائن تي آرام اچي وڃي ٿو پر چند ڏينهن کانپوءِ هن جي حالت اها ساڳئي بنجي وڃي ٿي.
    ٻئي دفعي جڏهن وڏيرو اسحاق گهر اچي ٿو ته وڏيري نورخاتون جي ڪرندڙ طبعيت ڏسي وڌيڪ پريشان ٿي وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته ڏينهن به ڏينهن هُوءَ ڪمزور ٿيندي ٿي وڃي. هڪ ڏهاڙي شام جو جڏهن وڏيري نورخاتون جي باري ۾ اڪيلائي ۾ ويهي اڱڻ ۾ ڪرسي رکي هو سوچي رهيو هو ته ايتري ۾ گهر جي وڏي نوڪرياڻي ماسي سفوران ٽري ۾ چانهه ۽ پاڻي کڻي اچي ٿي، وڏيرو چانهه وٺي چانهه مان چسڪيون ڀرڻ لڳي ٿو پر گڏ ئي هن کي وري سوچون وڪوڙي وڃن ٿيون. هن جي سوچن جو تسلسل تڏهن ڇڄي ٿو جڏهن ماسي سفوران ڳالهائڻ لڳي ٿي وڏيرا سائين منهنجو هڪ عرض آهي؟، سفوران ٻڌاءِ وڏيرو چوڻ لڳي ٿو، وڏيرا سائين اهو ته مان ڪافي ڏينهن کان محسوس ڪري رهي آهيان ته اسان جي سانئڻ نورخاتون ڪافي اداس رهندي آهي، جيڪڏهن اسان هن جي دل وندرائڻ جي ڪندا آهيون ته هُوءَ اها ڪچهري اڌ ۾ ڇڏي هلي ويندي آهي. مون ته پنهنجي ليکي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ته مان ڪنهن طريقي سان هن کي خوش رکان پر منهنجون سڀ ڪوششون رائيگان ويون ۽ هن جي ڏينهن به ڏينهن طبعيت خراب ٿيندي رهي ٿي تنهنڪري توهان به هن جي باري ۾ ڪجهه سنجيده ٿي سوچيو. اڃان سفوران ڳالهائي رهي هئي ته وڏيرو ڳالهائڻ لڳي ٿو ته سفوران مان نورخاتون جي ڪري ڏاڍو پريشان آهيان، مان پاڻ سوچي سوچي ٿڪجي پيو آهيان پر مون کي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي. وڏيرا اسان سڀني نوڪرياڻين ويهي سوچيو آهي ته توهان شهمير خان جي شادي ڪرايو ته هي پاڻهين ٺيڪ ٿي ويندي. اهو سڀ ڪجهه ٻڌي وڏيرو اچرج مان سفوران ڏانهن ڏسندو رهي ٿو، ڇا شهمير جي شادي سان هو ٺيڪ ٿي ويندي.!؟، ها وڏيرا مون کي يقين آهي ته هن گهر ۾ وري خوشيون اينديون ته هوءِ بلڪل نه ته به ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٺيڪ ٿي ويندي.
    وڏيري چيو اها تنهنجي ڳالهه ٺيڪ آهي پر في الحال مان هن کي ۽ شهمير کي ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪراچي وٺي وڃان ٿو. ائين وڏيرو ڪجهه ڏينهن بعد پنهنجي پٽ شهمير ۽ گهر واري کي ڪراچي گهمائڻ وٺي وڃي ٿو.
    جڏهن هو ڪراچي مان گهمي ڦري واپس ڳوٺ اچن ٿا تڏهن وري شهمير جي شادي جو ذڪر ڏينهن به ڏينهن ٿيندو رهي ٿو پر بس هڪڙي ڳالهه سواليه نشان بڻيل هئي ته هن جي شادي ڪرايون ڪٿان؟ وڏيري نورخاتون نوڪرياڻين سميت ڳولا ۾ لڳي وڃي ٿي هن جي دل به ڪجهه خوش رهڻ لڳي هئي ۽ هنن هڪ ٻئي سان صلاحون ڪيون جيڪڏهن اسان شهر مان ڪا ڇوڪري آندي ته اها شايد هن گهر جو ڀرم نه رکي سگهي تنهنڪري اسان کي پنهنجي راڄ مان اوليت ڏيڻ گهرجي. ايتري ۾ هڪ نوڪرياڻي ڳالهائڻ لڳي ٿي ته سانئڻ تون به شهمير خان کان پنهنجي مرضي پڇي ڏس متان هن جي نظر ۾ ڇوڪري هجي، ائين اهي ڳالهيون ڪري سڀ وري پنهنجي ڪم ڪارن کي لڳي وڃن ٿيون. شام جو جڏهن شهمير خان پنهنجي گهر ۾ اچي ٿو ته وڏيري نورخاتون هن سان حال احوال ڪري ٿي. هن سان خوب ڪچهري ڪندي هوءِ ڳالهين ۾ ڳالهين هن کان دل جو راز وٺي وڃي ٿي ۽ ڊوڙندي اها خوشخبري نوڪرياڻين کي ٻڌائي ٿي ۽ نوڪرياڻيون جلد ئي رخسانه جي باري ۾ معلومات وٺڻ لڳن ٿيون ته متان هوءِ ٻئي ڪنهن کي پسند ڪري ٿي يا ڪٿي منڱايل ڪيل ته نه آهي!.
    جڏهن اها خوشخبري وڏيري نورخاتون کي ملي ٿي ته هوءِ ڪنهن کي به پسند نٿي ڪري ته هوءِ هڪ ڏهاڙي پاڻ هن سان ملڻ هن جي گهر وڃي ٿي، وڏيري به هن جي حسن اخلاق مان تمام گهڻي متاثر ٿئي ٿي ۽ هن کان به هوريان هوريان شهمير جي باري ۾ پڇا ڪري ٿي، هو به مسڪرائي ٻئي ڪمري ۾ هلي وڃي ٿي، ائين ئي هوءِ سڄو قصو وڏيري اسحاق کي ٻڌائي ٿي، وڏيرو اسحاق ۽ وڏيري ٻئي شهمير خان کي حالتن بابت آگاهي ڏين ٿا ۽ هن گهر جي خوشين خاطر اسان توهان جي شادي ڪرائڻ چاهيون ٿا، هو به پنهنجي والدين جي خوشي ۽ هن گهر جي خوشين خاطر ها ۾ ڪنڌ لوڏي ٿو.
    اهڙي ريت شهمير جي راضي ٿيڻ کانپوءِ هو هوريان هوريان ٻئي زال مڙس گڏجي ماستر رمضان سان ملڻ سندس گهر ويا، اتي ڳالهين ئي ڳالهين ۾ وڏيري ۽ وڏيريءَ نورخاتون پنهنجي اچڻ جو مقصد استاد رمضان کي ٻڌائين ٿا، استاد سوچ ۾ پئجي ويو ۽ ٿوري دير لاءِ هُوءُ سڀ خاموش ٿي وڃن ٿا. ٿوري دير بعد ماستر ڳالهائڻ لڳي ٿو ته اسحاق سائين توهان اسان جي گهر هلي آيا آهيو اسان ايترو لهون به ڪونه پر پوءِ صرف چند ڏينهن سوچڻ جا ڏيو جيئن ته اسان رخسانه جا والدين آهيون ۽ اسان تي فرض آهي ته اسان پنهنجي نياڻي جي شادي جي فيصلي ۾ نياڻي جي مرضي کي شامل ڪري سگهون، هُن کان به پُڇي سگهون ته هُن جي زندگي آ. استاد رمضان جي انهي چوڻ تي اهي سڀ متفق ٿين ٿا ۽ پوءِ هڪ ٻئي کان موڪلائي وڏيرو ۽ وڏيري نور خاتون گهر موٽي اچن ٿا.
    چند ڏينهن کانپوءِ ماستر وارن جو جواب ها ۾ وڏيري وارن کي ملي وڃي ٿو، جڏهن جواب ها ۾ اچي ٿو تڏهن هن گهر ۾ خوشين وارو ماحول شروع ٿيڻ لڳي وڃي ٿو.
    ***
    ائين خوشين سندو ماحول جڙڻ شروع ٿي وڃي ٿو، هر طرف خوشين سندا رنگ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، خوشين جي ڪري ماحول سڄو معطر بنجي وڃي ٿو ۽ ائين وري گهر ۾ خوشين جو هڪ نئون عڪس ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
    جيئن ئي شهمير جي شادي جا ڏينهن ٻڌجڻ شروع ٿين ٿا تيئن ئي باقاعده گهر ۾ خوشين وارو ماحول جڙڻ شروع ٿي وڃي ٿو، رات جو سهرا ڳائجڻ ٿا لڳن، سڄي ڳوٺ جون عورتون وڏيري نورخاتون جون مهمان بنجي وڃن ٿيون ۽ هر روز رات جو عورتن جو فنڪشن گهر ۾ ٿئي ٿو، هوڏانهن وڏيرو اسحاق به پنهنجي پٽ جي شادي جون تياريون ڌام ڌوم سان ڪرڻ لڳي وڃي ٿو ۽ باقاعده ڀت جون تياريون شروع ٿي وڃن ٿيون.
    جيئن جيئن شادي جا ڏينهن ويجها اچڻ لڳن ٿا تيئن تيئن اڃان به وڌيڪ گهر توڙي اوطاق ۾ رونق ٿيڻ لڳي ٿي، شهمير به پنهنجي شادي ۾ خوش خوش نظر اچڻ لڳي ٿو ۽ خير سان اهو به ڏينهن اچڻ لڳي ٿو جڏهن شهمير جي شادي هجي ٿي. رات جو سڄي رات گهر ۾ فنڪشن ٿئي ٿو ۽ اوطاق به ڳوٺ وارن سان ۽ مهمانن سان ڀريل هجي ٿي تمام گهڻي رش ٿئي ٿي. خوشين جي انهيءَ ماحول ۾ جيڪو ماحول هي ڳوٺ تمام گهڻن ورهين کانپوءِ ڏسي ٿو تنهن ۾ سونهن ۽ سندرتا سان سرشار ڳوٺ جون رونقون وري موٽي اچن ٿيون. مجنو، خميسو ۽ وسايو جڏهن شهمير جو انڊلٺي رنگن جهڙو سرهو ڪاڄ ڏسن ٿا تڏهن هنن کي ماضي ياد اچي ٿو هو اهي ڏينهن سارين ٿا جڏهن هن ڳوٺ ۾ هروز اهڙيون رونقون نظر اچڻ لڳنديون هيون. هنن انهيءَ وقت ۾ نه ڪڏهن ڪو جهيڙو ڏٺو هو نه وري ٻڌو هو پر هاڻي هن ڳوٺ توڙي علائقي ۾ معمولي جهيڙا به هتي روز جو معمول بنجي ويا ها ۽ بدامني به هن علائقي جو وڏو مسئلو بڻجي رهجي وئي هئي. اهڙين ڏکين گهڙين ۾ جڏهن وڏيري هي ڪاڄ رٿيو آ تڏهن ڪيڏي نه سرهاڻ اچي رهي آهي. ائين هو ڀت به کائيندا رهن ٿا ۽ ڳالهيون به ڪندا رهن ٿا ها! يار وري به وڏيري کي جس آهي جنهن اهڙي مهانگائي واري دؤر ۾ اهڙو ڪاڄ رٿيو آهي. خميسي مجني جي ڳالهه تي اتفاق راءِ رکڻ بجاءِ پنهنجي راءِ ڏيڻ شروع ڪئي هن لاءِ اهو ڪو مسئلو نه آهي ڇاڪاڻ ته وڏيري وٽ ته تمام گهڻو ڌن آهي، وڏيري کي ڪهڙي پرواهه هو ته اهڙا ڪيترائي ڪاڄ ڪري سگهي ٿو هنن جي ڳالهين رخ اچانڪ مٽجي ويو وري ماستر رمضان کي اچي کڻن ٿا ڀلا ماستر جا ڀاڳ ته ڏسو جيڪو ته بنيادي طرح مسڪين ماڻهو آهي ۽ جنهن جي ڌي اڄ هن راڄ جي تمام سٺي گهراڻي جي مالڪياڻي ٿي ويندي، ائين هنن جي ڪچهرين ۾ سڄي رات فنڪشن ۾ گذري وڃي ٿي ۽ صبح جو ڏهين بجي شهمير خان جو نڪاح ٿي وڃي ٿو.
    ***


    5

    شام جي ٽائيم جڏهن شهمير پنهنجي وني رخسانه وٺي گهر پهچي ٿو ته هنن ٻنهي جو ڀرپور نموني سان استقبال ڪيو وڃي ٿو. شهمير جي امڙ ورهين کانپوءِ ڳوٺ جي عورتن سان گڏ نچندي ڪڏندي رخسانه کي پنهنجي گهر ۾ آڻي ٿي. جڏهن رات پنهنجا پر پکيڙڻ شروع ڪري ٿي تڏهن شهمير به هن جي صورت ڏسڻ لاءِ آتو هجي ٿو، هوءَ هن جو گونگهٽ هٽائي ٿو ته رخسانه مرڪي هن کي سلام ڪري ٿي ۽ هوريان هوريان هو هڪٻئي سان حجاب ٽوڙين ٿا. شهمير هن کي پنهنجي گهر جي ماحول بابت واقف ڪري ٿو ۽ پنهنجي امڙ جي خاص ڪري پارت اٿئي چوي ٿو رخسانه شهمير جون ڳالهيون توجهه سان ٻڌندي رهي ٿي جڏهن شهمير ڪافي دير تائين ڳالهائيندو رهي ٿو ته شهمير هن کي چوڻ لڳي ٿو ته توکي ڇا ٿيو آهي؟ مان معنيٰ خالي بڪواس ڪري رهيو آهيان، تون نوابزادي جواب ۾ ها ته ڪر جيڪڏهن تون جواب نٿي ڏئي سگهين ته. ايتري ۾ رخسانه چپ چورڻ لڳي ٿي منهنجي پيارا شهمير خان مان تنهنجي ڳالهه دل و جان سان ٻڌي رهي آهيان ۽ جواب انهيءَ لاءِ نه ڏنم ته مون کي هتي توهان جي گهر جي حالتن ۽ ماحول بابت ۽ تنهنجي بابت بابا سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو آهي ۽ مون کي سمجهائي ڇڏيو آهي ۽ تون به اهي ڳالهيون ڪري رهيو آهين جيڪي يا ته بابا کي تو ٻڌايون آهن يا ته وري بابا توکي ٻڌايون آهن، ٻنهي مان ڪاهڪ ڳالهه آهي ڇاڪاڻ ته مون کي اها به خبر آهي ته توهان بابا سائين جا پيارا شاگرد آهيو بس تنهنڪري جواب نه ڏنم. رخسانه جي واتان اهو جواب ٻڌي شهمير به مسڪرائڻ لڳي ٿو ۽ ائين هو هوريان هوريان حجاب جا سڀ پردا لاهي ڇڏين ٿا ۽ پاڻ ۾ گل ڀوڳ مذاقون ڪندا رهن ٿا جو ائين ئي رات وهامي وڃي ٿي.
    صبح جو رخسانه بنا حجاب جي پنهنجي ور شهمير خان کي پاڻ اٿاري هٿ منهن ڌوئاري چانهه آڻي اڳيان رکي ٿي، هن جي خوب خدمت ڪرڻ لڳي ٿي گهر ۾ وڏيري نورخاتون سان ويهي ڪچهري ڪرڻ لڳي ٿي. هوءِ به هن گهر جي ماحول ۽ حالتن بابت جڏهن هن کي ٻڌائڻ لڳي ٿي تڏهن رخسانه هن کي به اهو ٻڌائي ٿي ته امان وڏي مون کي بابا سائين ۽ شهمير خان سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو آهي. وڏيري جڏهن رخسانه جي واتان پنهنجي پٽ جو نانءُ ٻڌي ٿي تڏهن ازخود کل ۾ وٺجي وڃي ٿي، رخسانه هن کان کل جو سبب پڇي ٿي تڏهن هوءَ ٻڌائڻ لڳي ٿي ته ڌيءَ مان شادي کانپوءِ ورهين تائين پنهنجي ور جو نالو وٺي نه سڏيو هو جو تمام گهڻو حجاب ٿيندو هو. ها امان اها ڳالهه تنهنجي صحيح آهي پر اڳي دؤر ٻيو هو ۽ هاڻي ٻيو دؤر آهي، هاڻي جديد دؤر آهي، هاڻي زمانو مٽجي چڪو آهي ۽ مون کي پنهنجي بابا ۽ انهيءَ جي شاگرد يعني منهنجي مڙس مون کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو آهي ۽ هتي جي حالتن بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، امان مان ڪوشش ڪندس ته هن گهر کي مليل ڏکن جي خال ڀرڻ جي پوري ڪوشش ڪريان ۽ مان توکي پنهنجي امڙ سمجهان ٿي ۽ پنهنجي ور کي پنهنجي جان سمجهان ٿي، هتي مان ڪجهه ڏک گهٽائڻ لاءِ آئي آهيان، هن گهر ۾ مان ڪجهه مثالي ڪردار ادا ڪرڻ چاهيان ٿي جيئن توهان جو ڪردار آهي جيڪو هر ڪنهن جي زبان تي تعريف لائق بنيل آهي ۽ مان پنهنجي پاڻ سان وچن ڪري آئي آهيان ته مان هاڻي هن گهر لاءِ ئي جيئندس ۽ هن گهر ۾ مرندس اهو منهنجو توسان امڙ وچن آهي توهان مون کي ڪا عام رواجي ڇوڪري نه سمجهو مان هڪ استاد جيڪو منهنجو والد آهي انهيءَ وٽ نه رڳو پڙهي آهيان پر انهيءَ وٽان زندگي گذارڻ جا اصول سکيا اٿم، امڙ منهنجو بابا هڪ فرد نه بلڪه هڪ اداري جيان آهي ۽ مان شهمير کي هر سٺي ڪم ۾ وس آهر همٿائيندس ۽ هن کي سمجهائيندس، اسان گڏجي هن گهر ۽ ڳوٺ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪنداسين، مان شهمير خان کي مشڪل وقت ساٿ ڏيندس، توهان جو ڪردار امڙ هن ڳوٺ لاءِ هڪ مثالي بنيل آهي ۽ منهنجي به ڪوشش آهي ته مان انهيءَ توهان جي امر ڪردار کي اڳتي کڻي هلان.
    جڏهن وڏيري نورخاتون رخسانه جا اهي محبت سان سرشار جذباتي جملا ٻُڌا تڏهن هوءِ ڏاڍي خوش ٿي خوشي ۾ هوءِ پنهنجي ننهن کي ڳلي سان لڳائي هن کي دعائون ڪندي رهي ايتري ۾ شهمير خان به اچي ويو جيڪو پڻ هنن سان مذاق ۾ ڪرڻ لڳو ته اڄ وري سس ۽ ننهن جو وڏو قرب ٿي پيو آهي جو هڪٻئي کي کڻي ڀاڪرن ۾ ڀريو آهه. جواب ۾ رخسانه ورائڻ لڳي ٿي ته اسان ٻئي توکي ٺيڪ ڪرڻ جي پلاننگ ڪري رهيا آهيون جيڪڏهن تون نه سڌرندين ته توکي اسان ٻئي ڄڻيون ڪٽ ڪڍنداسين ائين چئي هو ٽئي کل ۾ ويڙهجي وڃن ٿا.
    ***

    هڪ ڏهاڙي جڏهن شهمير خان پنهنجي اڌ ۾ ڇڏيل پڙهائي بابت سوچي رهيو هو ته وري مان ٽيوشن وٺڻ شروع ڪريان پر هن کي دل ئي دل ۾ رخسانه کي گهمائڻ جو شوق جاڳي ٿو هو اها ڳالهه پنهنجي زال رخسانه سان ڪرڻ لڳي ٿو ته هو به دل ۾ خوش ٿئي ٿي، اڃان انهيءَ ڳالهه بابت هو پروگرام ٺاهي رهيا هئا ته اچانڪ وڏيرو اسحاق شهر کان ڳوٺ اچي وڃي ٿو ۽ هو پاڻ ئي هنن کي گهمائڻ جي نيت ۽ اتي نجما جي ڀاءُ جي شادي جي دعوت ۾ هلڻ جو ٻُڌائي ٿو ته اِها شادي پاڻ گڏجي اٽينڊ ڪنداسين، اهو ٻڌي نورخاتون هڪدم پريشان ٿي وڃي ٿي ڇاڪاڻ ته نجما جو نالو هن کي وري پريشان ڪري ڇڏي ٿو، هو سوچن ۾ گم ٿي وڃي ٿي.
    ائين شهمير جڏهن هن ڏانهن ڏسڻ لڳي ٿو ته هن کي سوچن مان ٻاهر ڪڍندي وراڻي ٿو ته امان نجما هن گهر جي نُنهن هئي ۽ هن جو جيڪو وقت هتي نصيب هو اهو هُن هتي ڏنو، هاڻي هو پنهنجي ور سهيل سان گڏ خوش آهي تون وري نجما جي ڪري پاڻ کي پريشان ٿي ڪرين، امان تون ائين نه سوچيندين ڪر..! ڇاڪاڻ ته هي وقت وقت جي ڳالهه هوندي آهي، هاڻي جيڪڏهن هن اسان کي پنهنجي ڀاءُ جي شادي جي دعوت ڏني آهي ته اسان کي ضرور هلڻ گهرجي.
    ائين هو سڀ گهر جا ڀاتي حيدرآباد لاءِ روانا ٿي پنهنجي حيدرآباد واري بنگلي پُڄن ٿا ۽ اتي موجود پنهنجي بنگلي ۾ رهندي ڪجهه ڏينهن رخسانه ۽ شهمير حيدرآباد گهمڻ ڦرڻ به ويندا رهن ٿا.
    هڪ ڏهاڙي جنهن ڏينهن نجمه جي ڀاءُ جي شادي هئي ان شام جو هو تيار ٿي سڀئي گهر جا ڀاتي نجما جي ڀاءُ جي شادي ۾ وڃن ٿا. اتي شهر جون تمام وڏيون فيمليون موجود هجن ٿيون. وڏيرو اسحاق ته اتي انهن سان رلي ملي وڃي ٿو پر شهمير، رخسانه ۽ نورخاتون هڪ پاسي کان ويهي رهن ٿا ته ايتري ۾ نجما به هنن سان ملڻ لاءِ اچي ٿي جنهن سان چند ڇوڪريون ٻيون به گڏ هجن ٿيون، اهي سڀئي هنن سان اچي ملن ٿيون، جڏهن نجمه شهمير ۽ رخسانه کي گڏ ويٺل ڏسي ٿي تڏهن هن جي رويي ۾ عجيب نموني جي تلخي اچي وڃي ٿي. هوءِ ڪجهه گهڙيون هنن ٻنهي کي گهوريندي رهي ٿي ته ايتري ۾ وڏيري نورخاتون هن جي سوچن جو تسلسل ٽوڙيندي وراڻي ٿي ته نجمه ڌي هي منهنجي ننهن رخسانه آهي جيڪا شهمير خان جي گهر واريءَ آهي.
    جڏهن نجما اهو ٻڌي ٿي ته هن جو موڊ اڃان به وڌيڪ خراب ٿي پوي ٿو ۽ هوءِ بغير سوچڻ جي شهمير خان کي چوڻ لڳي ٿي ته توهان هتي ڇو ويٺا آهيو؟؟.
    شهمير خان جڏهن اهو ٻڌي ٿو ته سوچڻ لڳي ٿو هوءَ ڇا چوڻ چاهي ٿي!.
    هوءِ وري ڳالهائڻ لڳي ٿي شهمير خان توهان هتي فيملي ۾ ويهڻ بجاءِ وڃي مردن سان گڏ ويهو ۽ توهان ڏسو هتي توهان کي ويهڻ مناسب نٿو لڳي!، هن جا تيز، ڪڙڪيدار ۽ ڪاوڙ ڀريا جملا هن سان گڏ آيل ڇوڪريون ۽ رخسانه ۽ نورخاتون ٻڌن ٿيون ته هو به تعجب ۾ پئجي وڃن ٿيون، هنن کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هي ڇا چئي رهي آهي؟ هوءِ وري ڳالهائڻ لڳي ٿي ته مون توهان کي چيو نه توهان هتان اٿو ۽ هُتي وڃي ويهو..! جڏهن شهمير خان اهو جملو ٻڌي ٿو ته هوءِ ڪاوڙ مان اُٿي وڃي ٿو ۽ سڌو وڃي پنهنجي گاڏي ۾ چڙهي ٿو، جڏهن ته نجمه سان بيٺل ٻيون ڇوڪريون اهو سڀ منظر ڏسن ٿيون ته اهي سڀ چُپ ڪري وڃن ٿيون، رخسانه پڻ مڙس جي پٺيان وڃڻ لاءِ اٿي بيٺي پر اتي موجود سڀني ڇوڪرين منٿون ڪري رخسانه ۽ نورخاتون ٻنهي کي ويهاري ڇڏيو ته گڏوگڏ نجمه کي ڇنڊ پٽڻ لڳيون ته هي تو ڇا ڪيو!؟ مهمانن سان ائين ڪونه ڳالهائبو آهي.....!، جيئن ادي تو ڳالهايو آهي...! هن کي پنهنجي ننڍي ڀيڻ رابيل ته تمام سخت لهجي ۾ چوڻ لڳي ٿي.
    جڏهن نجما کي سڀ ورائن ٿيون ته هوءِ خاموش ٿي وڃي ٿي پر اهي سڀ ڇوڪريون وري به نورخاتون ۽ رخسانه کان معافي وٺن ٿيون پر ماني کائڻ کانپوءِ وڏيري نورخاتون ۽ رخسانه به جلد ئي اتان ٽيڪسي گهرائي واپس گهر وڃن ٿيون.
    وڏيرو اسحاق پنهنجي نشن ۾ گم هو ۽ هو اتي دعوت ۾ رهجي ويو هو ۽ جڏهن ٻئي ڏهاڙي شهمير رخسانه ۽ پنهنجي امڙ سان رات واري معاملي تي بحث شروع ڪري ٿو ته هو چوي ٿو هڪ ته اسان سان نجمه ڏاڍي ڪئي مٿان توهان به رهيل ڪسر پوري ڪري ڇڏي.
    ايتري ۾ نورخاتون وراڻيو ڇا ٿيو پٽ...؟، اسان توکي ڇا ڪيو؟. توهان به ته مونسان گڏ ڪو نه آيا، پٽ اسان اچڻ جي لاءِ اٿڻ جي ڪئي پر ٻين ڇوڪرين اسان کي اتان اٿڻ نه ڏنو تنهنڪري اسان مجبور ٿي وياسين، وڏيري ائين شهمير کي سمجهائيندي رهي ٿي ته پٽ ننڍڙين ڳالهين کي ائين دل ۾ نه رکبو آهي پر ڇا امان...؟ چئي شهمير وري ڪاوڙ مان ماءُ ڏانهن نهارڻ لڳو. هن جي ماءُ چوڻ لڳي پٽ اهو سڀ ڪجهه نجمه ڪيو آهي ته هوءِ توکان وڏي آهي تڏهن توکي سمجهائڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو اٿس تنهنڪري تون هن جون ڳالهيون دل ۾ نه رک پر جيڪڏهن رکين ٿو ته مان توکان هٿ ٻڌي معافي ٿي گهران. هوءِ پٽ آڏو نجمه جي ڪري معافي وٺڻ لڳي ٿي پر هو هڪدم پنهنجي ماءُ جا اڳيان ٻڌل هٿ هيٺ ڪري ماءُ کان وري پاڻ معافي وٺڻ لڳي ٿو. ائين ڪچهري ڪندي شهمير کي سوچون ورائي وڃن ٿيون ته هن مونسان ائين ڇو ڪيو؟، منهنجو ڪو اهڙو خاص ڏوهه به ڪو نه هو پر الائي ڇو هن ائين ڪيو؟، هو سوچي سوچي ٿڪجي پوي ٿو ته هن سان نجمه اهڙو بدليل رويو ڇو اپنايو؟.
    چند ڏينهن گذارڻ کانپوءِ شهمير وارا واپس ڳوٺ اچن ٿا پر هو اها ڳالهه وڏيري اسحاق کان لڪائي ڇڏين ٿا ته جيئن هو ڪو ٻيو رد عمل نه ڪري تنهنڪري خوشي خوشي سان واپس اچن ٿا.
    ***

    شهمير به چند ڏينهن بخار هئڻ جي ڪري گهر ۾ موجود هو پر ڪالهه کان هي پنهنجو پاڻ کي ڪافي ٺيڪ محسوس ڪري رهيو هو تنهنڪري اڄ رخسانه هن جي ڀر ۾ ويهندي هن کي چوڻ لڳي شهمير سائين هڪ عرض آهي مڃو ته ڪريان؟.
    نه نه چئو رخسانه اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي شهمير چوڻ لڳو. مان ڪافي ڏينهن کان بابا وارن ڏي نه وئي آهيان تنهنڪري جي اوهان موڪل ڏيو ته مان اتان چڪر ڏئي اچان ۽ ٻن ڏينهن ۾ واپس اچي ويندس. ڀلي وڃ رخسانه منهنجي طرفان به امان ۽ بابا کي سلام چئجان ائين شهمير جي اجازت ملڻ کانپوءِ هو نوڪرياڻين جي مدد سان مائٽن جي گهر هلي وئي.
    انهيءَ ڏينهن شام جي ٽائيم شهمير اڪيلو ڪمري ۾ ائين ليٽيل هو ته ايتري ۾ وڏيري نورخاتون هن جي ڪمري ۾ اچي چوڻ لڳي ته پٽ تون ٻاهر اچ ڪجهه گهر ۾ مهمان آيا آهن، انهن سان مل ۽ انهن لاءِ ڪجهه سٺي کاڌي پيتي جو انتظام ڪر!
    هو امڙ جي ڳالهه ٻڌي هڪدم اٿي چوڻ لڳي ٿو ته امان توهان هلو مان اچان ٿو. هو تڪڙو تڪڙو باٿ روم ۾ هليو وڃي ٿو، اتان ئي ٻاهر اچي هٿ منهن ڌوئي نڪري ورانڊي ۾ ويٺل مهمانن کي ڏسڻ لڳي ٿو. هن جي نظر جڏهن نجمه تي پوي ٿي ته هن کي ازخود ڪاوڙ اچڻ لڳي ٿي ته هيءَ هتي وري ڇو آئي آهي...!؟، دل ۾ سوچڻ لڳي ٿو جيڪڏهن امان مون کي نجمه جو ٻڌائي ها ته مان ڪمري کي ڪنڊي هڻي وري بخار جو بهانو ڪري سمهي رهان ها ۽ مور ٻاهر نه نڪران ها.
    هو اڃان اهو سوچي رهيو هو ته ايتري ۾ هن جي ماءُ ڳالهائڻ لڳي پٽ اندر اچ هنن سان دعا سلام ته ڪر. هو بنا ڪنهن جواب ڏيڻ جي اندر اچي هنن سان دعا سلام ڪري ٿو. نجما ته بلڪل خاموش هجي ٿي پر نجما جي ماءُ ۽ ننڍي ڀيڻ رابيل هن کان باقاعده معافي گهرن ٿيون ته هو به ماءُ جيڏي جو مان رکندي هنن کي معاف ڪري ٿو. نجمه ۽ هن جي والده کي اڳي ئي هو سڃاڻيندو هو البته اڄ رابيل کي هن پهريون ڀيرو ڏٺو هو جنهن جو تعارف هوءَ پاڻ ڪرائي ٿي. پهرين ملاقات ۾ هو چوڻ لڳي ٿي ته توهان مون کي ڪونه سڃاڻو! پر مان توهان کي نجمه واري جهيڙي ۾ ڏسي ڇڏيو هو تنهنڪري مان پاڻ توهان کي تعارف ڪرائي ڇڏيو.!، هو سڀ انهيءَ ڳالهه تي کلڻ لڳا ۽ ائين هو ڪافي دير تائين ڪچهري ڪندا رهن ٿا.
    جڏهن رات پنهنجا پر پکيڙڻ شروع ڪري ٿي ته شهمير به پنهنجي ڪمري ۾ ويهي ٽي وي کولي ڏسڻ لڳي ٿو ته اچانڪ در تي ٺڪ ٺڪ ٿئي ٿي. هو هڪدم در کولي ڏسڻ لڳي ٿو ته اها ساڳئي پدمڻي هجي ٿي جيڪا هن سان ائين فري ٿي ڳالهائي ٿي ڄڻ ڪي هن سان ورهين جا واسطا هجن. هوءِ بنا هٻڪ جي چوڻ لڳي ٿي ته شهمير سائين اندر اچڻ لاءِ نه چوندو..!، هو في الحال ته گهٻرائجي وڃي ٿو پر پوءِ پاڻ سنڀالي چوڻ لڳي ٿو ته اچو ڇو نه؟. ائين هوءِ به بنا حجاب جي ڪمري ۾ اچي ٿي ۽ اچڻ شرط ڪمري جي سيٽنگ ۽ ترتيب سان پيل سامان جي ساراهه ڪري چوڻ لڳي ٿي ته توهان جي گهر واري سگهڙ آهي؟، هوءَ پاڻ ئي پاڻ ڳالهائڻ لڳي ٿي شهمير خاموش بيٺو هجي ٿو ۽ هُوءَ هڪدم سامهون بڪ شيلف ڏانهن وڃي ڪجهه ڪتاب ڏسڻ لڳي ٿي ۽ هن کان پڇڻ لڳي ٿي ته توهان شاعري ڪندا آهيون ڇا؟. جواب ۾ شهمير وراڻي ٿو ته رابيل مان شاعري نه ڪندو آهيان البته معياري شاعري وارا سٺا ڪتاب ۽ ٻيا ادبي ۽ تاريخي ڪتاب شوق سان پڙهندو آهيان ۽ هوءِ هڪ رسالو کڻي يڪدم پنا اٿلائي هن کي پنهنجي تصوير ڏيکاري ٿي ته هي ڪير آهي....؟، هن کي سڃاڻو ٿا؟، جواب ۾ شهمير ورائڻ لڳي ٿو ته هي ته توهان جي تصوير آهي.... اڇا ته توهان شاعر آهيو...!؟، ڇاڪاڻ ته تصوير جي هيٺان رابيل جي شاعري ڇپيل هئي. هو وراڻي ٿي ها شهمير سائين هي منهنجي شاعري آهي.
    رابيل جيڪڏهن مونکي خبر هجي ها ته تون شاعرا آهين ۽ تنهنجي شاعري هن ۾ ڇپيل آهي ته مان تنهنجي شاعري پڙهان ها پر مون کي ڪهڙي خبر ته توهان ڪي ايڏا سٺا شاعر به آهيو!!.
    هاڻي هي ٻئي باقاعده ڪچهري ڪرڻ لڳن ٿا، شهمير ۽ رابيل ٻئي ڪرسي رکي هڪ ٻئي جي سامهون ويهن ٿا، شهمير هن کان سوال ڪري ٿو ته رابيل جيڪڏهن اسان سوچون ته اسان ڇا ڪري رهيا آهيون ۽ اسان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون ۽ اسان هن معاشري کي ڪيئن بدلايون...؟، ۽ انهيءَ لاءِ ڇا ڪرڻ کپي؟؟. رابيل ڪجهه دير لاءِ سوچي ٿي ۽ جواب ۾ چوڻ لڳي ٿي ته شهمير اسان کي سوچڻ گهرجي ته زندگي جا ڏينهن کٽندا وڃن ٿا، ماڻهو ڏينهون ڏينهن مون کي ويجهو ٿيندو ٿو وڃي تڏهن اسان ٿورو غور ڪريون ته اسان ڇا ڪري رهيا آهيون؟ ۽ اسان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون؟، اهڙن سوالن جا جواب اسان پنهنجي ذهنن ۾ ئي تلاش ڪري وٺنداسين ته هڪ ئي جواب ملندو ته اسان وٽ سچ يا سچائي جي کوٽ نظر اچي ٿي ڇاڪاڻ ته زندگي ۾ سچائي جا اصول کڻي جيئندڙ اسان ماڻهو ڪڏهن به پنهنجي سچائي تان پردو کڻي نه سگهيا آهيون. اسان پنهنجي مختصر زندگي ۾ ڪجهه اهڙيون غلطيون ڪندا آهيون جن تي پردي وجهڻ لاءِ اسان کي ڪافي سارا ڪوڙ هڻڻا پوندا آهن انهن ڪوڙن کي لڪائڻ لاءِ اسان اصلي منزل ڇڏي اهڙي منزل تي پهچي ويندا آهيون جتان ورڻ ناممڪن هوندو آهي ۽ جڏهن ڪنهن انسان جي اندر ۾ سچ سمائجي ويندو آهي تڏهن ماڻهو پنهنجي وجود سان پاڻ محبت ڪرڻ لڳندو آهي، ماڻهو جي اندر ۾ هڪ حقيقت سان طئه ٿيل منزل هوندي آهي اهڙين سچاين جي ڀرپور سفر ۾ حقيقي معنيٰ ۾ پنهنجي منزل ماڻي وٺندو آهي، جيئن سهڻي جي سچائي ميهار سان هئي جنهن جو سچائي واري سڪ جو سفر جيڪو پنهنجي عشق جي منزل ڏانهن ڇڪيندو رهي ٿو جنهن ڪري هو ميهار سان ملڻ لاءِ پنهنجي پاڻ کي درياءُ جي حوالي ڪري ٿي ۽ سسئي جي سچائي جنهن پنهنجي پريت جو ڀرم رکڻ خاطر ڀنڀور سان ناتا ٽوڙي اڪيلي سر پنهونءَ کي پڪاريندي پنهونءَ جا پير کڻندي جبل جهاڳي ٿي ۽ مارئي جيستائين عمر وٽ قيد هئي تيستائين هوءِ پنهنجي سچائي سان مضبوط ارادن سان اٽل رهي، پنهنجي وطن جي حب ۽ ماروئڙن جي سڪ اندر ۾ سانڍي واپس وري.
    شهمير خان اهڙي ريت ڏٺو وڃي ته اسان ماڻهو دردن ڀري دل ۾ هزارين درد دل ۾ سانڍي ڪڏهن به اصلي سچائي کي ظاهر نه ڪندا آهيون ۽ سچايئ جي پيچري تي نه هلڻ سان اسان جا وجود ڪپڙن ۾ ويڙهيل خالي کوکلا نظر اچن ٿا حالانڪه دنيا جا بدلجندڙ رنگ، روپ موسمون ۽ وقت ته ماڻهو کي سيکاري ٿو ڇڏي سچائي ته وري سچائي آهي ڇاڪاڻ ته تاريخ انهيءَ حقيقت جي گواهه رهي آهي ته دنيا جي هن ڌرتي جي جن به ماڻهن سچائي سندا ڪارناما سرانجام ڏنا ۽ حقيقت واري واٽ ورتي ۽ دوکي دولاب ۽ ڪوڙ سان جنگ وڙهي تن جا نانءُ اڄ به ڀريل اوطاقن محفلن ۽ تاريخي ڪتابن ۾ انهن جي سچائي ۽ سورهيائي ٻڌڻ لاءِ ملي ٿي ۽ پڙهڻ لاءِ به ملي ٿي، اهڙين حقيقتن کان با خبر هوندي به اسان پوءِ به سچائي کان ڪوهين ڏور آهيون، حقيقتن کي لڪائي ڪوڙي سچائي بيان ڪرڻ وارا اسان ماڻهو پنهنجي عام زندگي جي معمول جي ڪچهرين کي به هڪ عجيب رنگ ڏئي ڇڏيو آهي.
    شهمير رابيل جي ڳالهه کي ڪٽيندي چوڻ لڳي ٿو ته رابيل واقعي اها حقيقت آهي ته اسان پنهنجي ڳوٺاڻين ڪچهرين کي به محدود بنائي ڇڏيو آهي، هڪ دوست جي “گِلا” ٻئي دوست سان ڪرڻ تائين پاڻ کي محدود ڪري ڇڏيو آهي ۽ يا ڪنهن “نا پسند” ايندڙ پنهنجن ئي ويجهن کي اهڙين ڪچهرين جو محور بنائي ڇڏيندا آهيون ۽ ڪنهن جي بيوسين مجبورين کي نشانو بنائيندا آهيون، شهمير اهو چئي چپ ٿي وڃي ٿو ته رابيل وري ڳالهائڻ لڳي ٿي شهمير خان اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا اتي زندگي جا گذرندڙ لمحا اسان کي اهو سيکارين ٿا ته هتي سچ تي واقعي اوندهه آهي ڇاڪاڻ ته اسان جي پياري ڌرتي جي مٿان ظلم ۽ ستم سندا نوان داستان وقفي وقفي سان جڙي رهيا آهن، ڪافي عرصي کان سنڌ امڙ جا ڳڀرو پٽ راهه ويندي ماريا ويا آهن، ڪيترن کي ئي زنده جلايو ويو آهي ۽ ستم سندا داستان وقفي وقفي سان هلندا رهن ٿا، روڊن تي ريزه ريزه ٿيل انسانيت وکريل آهي، ٻورين ۾ ماڻهن کي اناج بدران انسانن جا لاشا ملن ٿا ۽ سچائي جي پرچارڪن کي خاص ڪري اهڙا تحفا ملن ٿا.
    ايتري ۾ شهمير به هن جي ڳالهه جي ها ۾ ها ملائي چوڻ لڳي ٿو ته ها رابيل! اها ته حقيقت آهي ۽ وڏي ڳالهه اسان پاڻ به ٻين جي مجبورين جو قدر ڪرڻ بجاءِ انهن مجبورين کي پنهنجي ڪچهرين جا محور بنائي وڏا ٽهڪ ڏيندا آهيون حالانڪه اندر جو انسان اسان کي جهنجوڙي اهو ئي احساس ڏياريندو آهي ته ائين آخر هي سڀ ڪجهه ڇو؟ پر پوءِ به اسان ماڻهو پنهنجي مفاد وارن ارادن تي اٽل رهندا آهيون ۽ جن به ماڻهن هن ڌرتي تي سچ جو ساٿ ڏنو آهي اهي اڄ به زنده آهن اڃان اهي جملا ڳالهائي شهمير خاموش ٿئي ٿو ته رابيل وري ڳالهائڻ لڳي ٿي ها سائين! اهڙا سچا انسان اڄ به سچاين جيئان زنده آهن، هيمون هوشو کان وٺي سرمد ۽ اياز تائين ۽ اڄ به سچائي جيئي ٿي پئي ۽ سچائي جو ساٿ هلندو رهندو پر اڄوڪي دؤر ۾ اسان پنهنجي معاشري ۾ نظر وجهنداسين ته اسان کي سچائي وارو حساب ڪتاب اٽي ۾ لوڻ برابر نظر ايندو ڇاڪاڻ ته هر جڳهه تي اسان کي مفادن ۽ انائن سان ڀرپور چهرا نظر اچن ٿا جيڪي پنهنجن انائن ۽ مفادن سان پيار ڪندڙ چهرا پنهنجن مفادن کي اوليت ڏيندي زنده سچائين کي لڪائيندا رهن ٿا ۽ اهي ايتريقدر جو ڪنهن کي حق ڏيڻ وارو عمل به توهين سمجهن ٿا، هن دؤر ۾ ڪنهن کي سچ چوڻ به هڪ جهاد مثل لڳي ٿو ڇو ته اسان پنهنجي پياري ڌرتي جي سيني مٿان وفا، محبت ۽ پيار بدران رڳو درد ۽ دوکا ڏسون ٿا، انهن دوکن دولابن واري ماڻهو جو هت مان مٿانهون نظر اچي ٿو ۽ اڄ به ڪيترائي وجود پنهنجي ليکي سان سچ جي ڳولا ۾ نڪتل آهن، اهي زندگيون تتل صحرا کان وٺي خوبصورت وادين ۾ سچ جي تلاش ۾ آهن، انهن جي اکين ۾ اهي ئي خواب اٽڪيل آهن ته اسان سچ جي واٽ وٺون ۽ اهائي اسان جي منزل آهي بس شهمير! مان ته پهرين ملاقات ۾ الائي ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهتس ۽ تو ته ايترو نه ڳالهايو مان ته کوڙ سارو ڳالهائي ويس.
    نه رابيل تو جيڪو ڪجهه ڳالهايو آهي سو ته تمام سهڻي انداز سان حقيقت کي بيان ڪيو آهي هونئن به شاعر ته تمام گهڻو ڳالهائيندا آهن ٻئي ڪنهن جي ٻڌنڌا ٿورئي آهن. شهمير جي انهن جملن تي هو ٻئي هلڪا هلڪا ٽهڪ ڏين ٿا، شهمير کان رابيل پڇڻ لڳي ٿي ته توهان جي بيگم صاحبه ڪٿي گم آهي؟، اسان کي توهان ۽ هن کان نجمه طرفان باقائده معافي وٺڻي آهي. نه نه رابيل اهڙي ڳالهه نه آهي، رخسانه ته پنهنجي مائٽن ڏانهن هلي وئي آهي البته منهنجي دل ۾ هاڻي ڪابه اهڙي ڳالهه نه آهي ۽ اڳتي هن قصي کي وري چپن تي نه آڻجو....!. ٺيڪ آ شهمير سائين جيڪڏهن اسان کي معافي ملي وئي آهي ته اها به توهان جي مهرباني آهي.
    هو اڃان وڌيڪ ڪچهري ڪن ها پر ايتري ۾ نورخاتون هنن کي ماني لاءِ سڏ ڪري ٿي، هو گڏجي ماني کائين ٿا ۽ ماني کائڻ کانپوءِ رابيل ٻين عورتن سان ڪچهري ڪرڻ ۾ لڳي وڃي ٿي ۽ صبح جو موڪلائي رابيل وارا واپس وڃڻ جي ڪن ٿا ته ان وقت رابيل شهمير کي ڳوليندي پڇا ڪري ٿي ته وڏيري نورخاتون ٻڌائي ٿي شهمير پٽ پنهنجي والد جي ڪنهن ڪم سان شهر طرف سوير ئي نڪري ويو آهي ۽ هُوءَ شهمير کان بنان موڪلائي هليا وڃن ٿا.
    ٻي رات شهمير بيڊ تي ليٽي ٿو ته هن کي سوچون ورائي وڃن ٿيون رابيل ته تمام ذهين ۽ خوبصورت ۽ سلڇڻي ڇوڪري آهي، جيتري سونهن اٿس اوترو ذهين ب آ پر مان ڇا ٿو ڪري سگهان هوءِ ته منهنجي ڪڏهن به ٿي نه سگهندي ڇاڪاڻ ته مان ته شادي شده آهيان ۽ هوءِ ته منهنجي گهر جي حالتن کان به مڪمل طرح واقف آهي. اهڙين حالتن ۾ هوءِ مونسان ڪيئن نڀاءُ ڪري سگهندي؟، بهرحال هوءِ جنهن وٽ ويندي اهو ڀاڳن وارو انسان هوندو، منهنجو انهيءَ باري ۾ سوچڻ به پنهنجو اجايو وقت وڃائڻ برابر آهي. هو دل ۾ دل سوچڻ لڳي ٿو ته جيڪا شيءَ حاصل ٿيڻ ممڪن نه هجي انهيءَ جي پٺيان وقت وڃائڻ يا سوچڻ بيوقوف ماڻهو جو ڪم آهي هو به رابيل جو خيال دل مان ڪڍي پنهنجي پڙهائي ۽ ڪمن ڪارين طرف ڌيان ڏيڻ جي ڪري ٿو.
    ***


    6

    جيئن جيئن وقت گذرندو رهيو تيئن تيئن پوري علائقي جون حالتون خراب ٿيڻ لڳيون، اڃان ڪاڪي مجني وارو پٽ چوري مان مس آزاد ٿي آيو هو ته وري ڳوٺ جا ۽ علائقي جا اٻوجهه ڇوڪرا پوليس هٿان ٻڌجڻ ۽ ڇڏجڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. هاڻي ته رئيس عارب وٽ هر وقت ماڻهن جي اچ وڃ هوندي هئي، اٻوجهه ۽ غريب شريف ماڻهو ته ڄڻ هن جو ٽارگيٽ بنجي ويا ها جيڪي اچانڪ کنڀجي ويندا هئا ۽ پوءِ رئيس عارب جي ٿورن ۽ ڪجهه ڏيتي ليتي بعد پيا آزاد ٿيندا هئا. مجنو، خميسو ٽئي ڄڻا وري اڄ انهيءَ موضوع تي ڳالهائي رهيا هئا ته يار اسان ڄڻ شريف ٿي ڦاٿا آهيون، هر روز اسان جي علائقي مان چوريون ۽ ڦرون ٿين ۽ مسڪين ماڻهو ٻڌجن هي سڀ ڇا آهي؟ ۽ ڪير ڪري رهيو آهي. اڃان هو ائين ڳالهائي رهيا هئا ته ايتري ۾ سڄڻ جيڪو هنن جي ڀر ۾ ويٺو هو ته انهيءَ ڳالهائڻ شروع ڪيو ته چاچا اسان سڀني کي خبر آهي ته هي حالتون اسان پاڻ بگاڙيون آهن، اسان جي پر اسرار خاموشي اسان کي ماري رهي آهي. هو وڌيڪ جذباتي ٿيندي چوڻ لڳي ٿو ته چاچا! جيڪڏهن اسان اڃان به چپ ۾ رهياسين ته اهي جيڪي اباڻا زمين جا ٽڪرا آهن اهي به سڀاڻي کپجي ويندا. مجنو جيڪو هن جي ڳالهه غور سان ٻڌي رهيو هو تنهن وراڻيو ته هاڻي پاڻ کي ڇا ڪرڻ کپي...؟ چاچا اسان کي همت سان ڪم وٺڻو پوندو تڏهن وڃي اسان ڪجهه ڪري سگهنداسين نه ته اسان ائين رهجي وينداسين. چاچو مجنو ۽ ٻيا هن جا دوست هن جي ڳالهه ٻڌي هن کي چون ٿا ته توهان واقعي ٺيڪ چئو ٿا پٽ! پر اسان وٽ ايتري همت ڪٿان آئي...؟ نه چاچا منهنجي چوڻ جو مقصد ته اسان صرف انهن ظلم ڪندڙن سان جيڪڏهن سماجي طرح بائيڪاٽ ڪريون ته انهن کي احساس ٿيندو ۽ تڏهن وڃي اسان کي ڪجهه نه ڪجهه سمجهي سگهندا نه ته اسان ته صدين کان پيڙهجي رهيا آهيون ۽ پيڙهبا رهنداسين. اهڙي ريت هن جي اهي جذباتي ڳالهيون سڀ ٻڌن ٿا پر جواب اهي ٽي جهونڙا ئي ڏين ٿا، ٻيو ڪير به وچ ۾ نه ٿو ڳالهائي. سڄڻ جيڪو پنهنجي ماءُ جو اڪيلو اولاد هو ۽ هن جي پيءُ به ڪونه هيو، هن وٽ نه زمين هئي ڪا پنهنجي پر هو هارپو ڪري پيٽ پاليندو هو ۽ هو صرف چند درجا پڙهيل هو تنهنڪري هو واندڪائي ۾ هوٽل تي اچي سڀني ڳوٺ وارن کي وقتاً به وقتاً اهو سجاڳي جو سڏ ڏيندو هو ۽ ان ڪري سندس اهڙين ڳالهين جي ڪري هوريان هوريان ڳوٺ وارا هن کي ڪامريڊ سڏڻ لڳا ۽ سندس ڳالهين کي ٻڌي سڀ ڪو ها ۾ ها ملائيندو هو.
    ان ڏينهن ائين هنن جي ڪچهري هلندي رهندي هئي، هو اهو سجاڳي جي سڏ ڏيندو رهيو هو. هن جي ماءُ هن کي سمجهائيندي هئي سڄڻ پٽ تون هن علائقي جي بااثرن خلاف ڪجهه نه ڳالهائيندو ڪر نه ته تون نقصان کائيندين. امان جيڪڏهن تون مون کي ائين ڪرڻ کان روڪين ٿي ته پوءِ منهنجو سڄڻ نالو ڇو رکيو اٿئي...؟ امان مان مڃان ٿو مون وٽ نه پئسو آهي نه پڙهيل آهيان پر پوءِ به جيڪڏهن مان سچ چوندس ته ڪجهه نه ڪجهه يا کڻي ڪنهن جو نه ڪنهن جو ضمير ته جاڳندو، مان انهيءَ ضمير کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان جيڪو اسان جي اندر ۾ ستل آهي.
    هڪ ڏينهن جڏهن صبح سوير پنهنجي گهر ۾ سڄڻ ستل هو ته ٻاهر هُل هنگامو ٿيڻ لڳو، هو به اُٿي تيار ٿي ٻني تي وڃڻ جي ڪري ٿو ته اچانڪ هن جي گهر ٻاهران هُل هنگامو وڌيڪ چِٽو ٿي وڃي ٿو. سڄي علائقي جا ماڻهو هن جي گهر اڳيان گڏ ٿي پون ٿا، ٻاهر نڪري هو اهو سڀ ڪجهه ڏسي پريشان ٿي وڃي ٿو ۽ سوچڻ لڳي ٿو ته هي هيترا سارا ماڻهو!؟، هي سڀ ڇا آهي؟، اڃان سڄڻ ٻاهر نڪري ڳالهائڻ جو سوچي ئي رهيو هو ته ايتري ۾ رئيس عارب سان گڏ گهمندڙ همراهه ڳالهائڻ لڳو ته سڄڻ اڄ ته ڦاسي وئين، اسان توکي جهليندا هئاسين ته چوري نه ڪر! پر تون اڪيلي سر ڏاڍو مڙس ٿيڻ جي چڪر ۾ هئين ۽ اڄ ته ثابتي سوڌو ڦاسي پئين. انهي چيو اسان توکي چور ڪو نه ڪيو آهي بلڪه هي کوجي ڪتا تنهنجي گهر پير کڻي آيا آهن.
    جڏهن سڄڻ ماڻهن جا ميڙ ۽ کوجي ڪتا ڏسي ٿو ته صفا سڪتي ۾ اچي وڃي ٿو ۽ هو ڳالهائڻ باوجود به ڳالهائي نٿو سگهي ته ايتري ۾ هڪ همراهه جيڪو ٻئي علائقي جو هو تنهن رڙ ڪري چيو ته صوبيدار سائين اسان جو هڪ چور اهو ئي آهي. ايتري ۾ رئيس عارب خان به اچي وڃي ٿو جيڪو چوڻ لڳي ٿو ته سڄڻ توکي شرم ڪو نه آيو جو ڀر واري علائقي مان چوري ڪري آيو آهين. عارب خان ڳالهائڻ لڳو ته صوبيدار ڏسو ڇا ٿا مينهن هوءِ سامهون فصل ۾ بيٺل آهي ۽ هن کي وٺي هلو. سڄڻ ڳالهائڻ باوجود ڳالهائي نٿو سگهي ڇاڪاڻ ته هو سڄي سازش ۽ صورتحال کي سمجهي وڃي ٿو ۽ ايتري ۾ صوبيدار حاضر عارب سائين هاڻي هي اسان جو مهمان آهي چور آهي يا چڱو آهي اها پاڻهين خبر پئجي ويندي. چئي سڄڻ کي جهلي ٿو ته ايتري ۾ هن جي امڙ سوڍي به ٻاهر اچي وڃي ٿي جيڪا پٽ کي ڇڏائڻ لاءِ هن جي بيگناهي بابت ڳالهائيندي رهي ٿي ته گڏوگڏ منٿون ۽ ايلاز به ڪندي رهي ٿي پر ڪير به هن جي ڪونه ٿو ٻڌي ۽ هُو پوليس هٿان کنڀجي وڃي ٿو ته چند ڪلاڪن اندر ئي هو چالان ٿي چوري جي ٻن ٽن ڪيسن ۾ جيل حوالي ٿي وڃي ٿو.
    سڀئي ڳوٺ وارا انهي سڄي قصي کي تعجب وچان ڏسندا رهن ٿا، هنن کي انهيءَ راز جي خبر ئي نٿي پوي ته اصل ماجرا ڇا هئي...!، ڪي ڳوٺ وارا هن جي حق ۾ ڳالهائن ٿا ته ڪي وري هن جي کليل نموني سان مخالفت ڪن ٿا ته بابا هو ڀاڳئي جي روپ ۾ لڪل چور هو جيڪو هڪ نه هڪ ڏينهن ظاهر ٿيڻو هو سو ظاهر ٿي ويو.
    ***

    اهو آچر جو ڏينهن هو شام لڙڻ لڳي هئي، وڏيرو اسحاق به ڳوٺ آيل هو، وڏيرو اسحاق ۽ شهمير خان هي ٻئي پيءَ پٽ ۽ ماستر رمضان اوطاق تي ويهي گڏجي چانهه پئين ٿا، ڪافي دير تائين ڪچهري به ڪندا رهن ٿا، جڏهن سج لڙڻ وارو هو ته هي ٻئي پيءُ پٽ ڪچهريون ڪندا گهر پهچن ٿا، سوڍي جيڪا هنن جو اڳ جهلي ٿي ته هي ٻئي پيءُ پٽ هن کي ڪمري اندر گهرائي هن کان حال احوال وٺن ٿا، هوءِ اکين مان لڙڪ هاريندي هنن کي درد ڪٿا ٻڌائي ٿي ته منهنجو سڄڻ پٽ وڏيرا سائين بيگناهه آهي، هن کي ڪيئن به ڪري ڇڏائي ڏيو!، وڏيرو اسحاق ۽ شهمير سوڍي جون ڳالهيون ٻڌن ٿا ۽ وڏيرو اسحاق ڳالهائڻ لڳي ٿو ادي سوڍي اڄ جي نوجوانن جي خبر نٿي پوي ڳالهيون ته هڪڙيون ڪندا آهن ۽ ذاتي زندگي ۾ ٻيو ڪجهه هوندا آهن، اسان اڳ ۾ ڪڏهن به لوفر جي سفارش نه ڪئي آهي ۽ نه وري انهيءَ کي پناهه ڏني آهي تنهنڪري توسان ڪو به اهڙو واعدو ته نٿو ڪريان ته توکي سڄڻ ڇڏائي ڏيندس پر پهرين انهيءَ جي ڪردار جي پڇا ڪندس ۽ انهيءَ جي آسپاس جي ماحول کان واقف ٿي پوءِ انهيءَ باري ۾ سوچيندس. اهو جواب ٻڌي سوڍي خاموش ٿي وڃي ٿي ۽ ڪجهه دير ويهڻ بعد وڏيرو ڪمري مان نڪري پنهنجي ڪمري ۾ هليو وڃي ٿو. وڏيري جي وڃڻ کانپوءِ سوڍي به آهسته آهسته اکين مان لڙڪ هاريندي اٿڻ لڳي ٿي ته شهمير هن کي چوڻ لڳي ٿو ماسي سوڍي تون لڙڪ نه هار، مان پاڻهين ٿو سڄڻ کي آزاد ڪرايان، تون اسان جي در تي اميد ساري آئي آهين مان تنهنجي انهيءَ اميد جو ڀرم رکندس، بس...! ماسي تون رڳو هن جي بيگناهي جي پڪ ڏي. جواب ۾ سوڍي ڳالهائڻ لڳي ٿي ته پٽ شهمير هو منهنجو پٽ آهي، تون به مون کي هن اڪيلي ٻچڙي جيئان آهين تنهنڪري تون دلجاءِ ڪر ته منهنجو پٽ بيگناهه آهي.
    ائين هوءِ دل ۾ اها آس سانڍي واپس گهر هلي وڃي ٿي. ٻئي ڏهاڙي صبح سوير شهمير سڄڻ بابت پڇا ڳاڇا ڪرڻ لڳي ٿو ته هن خبر پوي ٿي ته سڄڻ ته واقعي ئي بيگناهه آهي، هو دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳي ٿو ته ڪهڙي به ريت مان هن کي آزاد ڪرائيندس.
    چند ڏينهن اندر ئي هو جيل وڃي سڄڻ کان حال احوال وٺڻ لڳو، سڄڻ هن سان ملي ڏاڍو خوش ٿئي ٿو، سڄڻ هن کي پنهنجي مٿان گذريل درد ڪٿا ٻڌائي ٿو ته ڪيئن نه سازش ڪري هن کي ڪوڙي چوري ۾ ڦاسايو ويو آهي. شهمير هن جي اها درد ڪٿا ٻڌي دنگ رهجي وڃي ٿو بهرحال هو سندس آزادي لاءِ ذاتي ڪوششون وٺڻ لڳي وڃي ٿو.
    چند ڏينهن اندر ئي شهمير هن کي جيل مان ضمانت تي آزاد ڪرائي وٺي ٿو ۽ جڏهن هن کي ڳوٺ وٺي اچي ٿو ته سڀني ڳوٺ وارن جي حيرت جي حد نٿي رهي، سڀئي سڄڻ کي حيرت مان ڏسندا رهن ٿا، سڄڻ جيڪو پنهنجي گهر ۾ اچي پنهنجي امڙ سان پيرن تي ڪري ملي دعائون وٺندو رهي ٿو ته هن جي ماءُ هن کي وري به ايلاز ڪندي رهي ٿي ته پٽ وري ڪڏهن به ڪنهن سان اجايو نه ڳالهائجان، هو ماءُ جي ها ۾ ها ملائي ٿو ۽ هوءِ وري پٽ کي ٻانهون ٻڌي عرض ڪري ٿي ته هل پُٽ پاڻ شهمير خان جي گهر هلي هن جا ٿورا مڃي اچون، ايتري ۾ سڄڻ چوڻ لڳو ته امڙ مان ته شهمير سان گڏ آيو آهيان جيڪو مون کي گهر جي گهٽي وٽ لاهي ويو آهي تڏهن هوءِ خاموش ٿي وڃي ٿي ۽ ٻي ڏهاڙي شهمير جي گهر وڃي هن کي دعائون ڏيڻ لڳي ٿي ۽ هن جا ٿورا مڃڻ لڳي ٿي ۽ شهمير به هن کي چوڻ لڳي ٿو ته ماسي اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانهي، اسان هڪ ئي ڳوٺ ۾ رهون ٿا، اسان کي هڪ ٻئي جي ڏکي وقت ۾ مدد ڪرڻ گهرجي.
    ***

    اڃان سج مس اڀريو هو. رخسانه گهر جي ڪم ڪارين ۾ رڌل هئي ته اچانڪ ماسي سفوران رڙيون ڪندي شهمير جي ڪمري ۾ اچي ٿي ته ننڍا رئيس وڏيري کي الائي ڇا ٿيو آهي؟، سڏ به ڪانه ٿي ڏئي...!، نه ئي وري اٿي ٿي. شهمير يڪدم پنهنجي بيڊ تان لهي سڌو نورخاتون امڙ جي ڪمري ۾ وڃي ڏسي ٿو جتي واقعي هن جي امڙ جي حالت خراب لڳي پئي هئي. هو جلد ئي گاڏي ڪڍي رخسانه ۽ هڪ نوڪرياڻي کي ساڻ ڪري امڙ کي وٺي حيدرآباد پهچي ٿو جتي وڏيري نورخاتون کي ڏسندي ئي ڊاڪٽر اسپتال ۾ داخل ڪري ٿو ڇڏي.
    شام جي ٽائيم هن جو والد وڏيرو اسحاق به هن وٽ اسپتال پهچي وڃي ٿو جيڪو پڻ پنهنجي گهر واري جي حالت ڏسي پريشان ٿي وڃي ٿو، اسپتال ۾ مائٽن ۽ واسطيدارن جي رات تائين رش ٿي وڃي ٿي، سڀ اتي هن سان گڏ ويٺا رهن ٿا ۽ رات جو جڏهن وڏيري نورخاتون جي تڪليف وڌي وڃي ٿي ته هن کي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ رکيو وڃي ٿو. ٻئي ڏهاڙي شام جي ٽائيم رابيل ۽ هن جي امڙ به هن کان پڇڻ اچن ٿيون جيڪي هن جي طبعيت ڏسي کيس انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ ڏسي حيران ٿي وڃن ٿيون ۽ ٻاهر اچي شهمير کان حال احوال وٺڻ لڳن ٿيون ته گڏوگڏ ميار به شهمير کي ڏين ٿيون ته تون اسان کي ٻُڌايو ڇو نه؟، ٻُڌائين ها، اسان کي ته ادا اسحاق ٻڌايو آهي ته ادي جي طبعيت خراب آهي ۽ نجمه به هاڻي هتي رهي ڪانه ٿي اها مڙس سان گڏ آهي ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي آهي اهو سڀ ڪجهه رابيل جي امي شهمير کي چوڻ لڳي ٿي. شهمير ماءُ جي پريشاني ۾ بنا ڪجهه جواب ڏيڻ جي خاموشي سان هوريان هوريان قدم کڻندو اسپتال جي ٻاهران ٺهيل پارڪ ۾ اچي ويهي ٿو ته هوريان هوريان رابيل به هن سان گڏ ايندي رهي ٿي پر هن کي رابيل جي گڏ هجڻ جو احساس به نٿو رهي، رابيل هن سان ڳالهائڻ لڳي ٿي شهمير ايترو پريشان نه ٿي، رب پاڪ امان کي صحتيابي ڏيندو تون حوصلو ڪر، حوصلو نه هار اسان توهان سان گڏ آهيون. رابيل جي واتان جڏهن هو اهي جملا ٻڌي ٿو ته هن جي اکين مان لڙڪ ڪري پون ٿا. رابيل وري به هن کي حوصلو ڏئي ٿي ۽ هن جا لڙڪ پنهنجي پوتي جي پلاند سان اگهندي رابيل وري به هن کي سمجهائڻ لڳي ٿي ته اهي ڏک، خوشيون ۽ تڪليفون سڀ انسان جي زندگي جو حصو آهن، انهن ڏکين گهڙين ۾ ڪڏهن به ماڻهو کي حوصلو نه هارڻ گهرجي.
    جڏهن شهمير ڪجهه سامت ۾ اچي ٿو ته پوءِ هو ٻئي گڏجي انهيءَ پارڪ ۾ چانهه پيئن ٿا. ڪافي رات گذري وڃي ٿي تڏهن رابيل هن کي وري به آٿت ڏئي ٿي ته شهمير حوصلي کان ڪم وٺ، خود کي اڪيلو نه سمجهه ۽ ائين دلداريون ۽ آٿتون ڏيندي رات جو موڪلائي هُوءَ گهر هلي وڃي ٿي. شهمير به ماءُ کي ڏسي ڪجهه دير آرام لاءِ پارڪ ۾ ليٽي پوي ٿو ته ٿڪاوٽ هجڻ ڪري هن جي اک لڳي وڃي ٿي.
    جيئن ئي سج اڀرڻ لڳي ٿو ته هن جي ماءُ جي طبعيت اڃان به بگڙجندي وڃي ٿي ۽ پوءِ چند لمحن اندر ئي هوءِ هي جهان ڇڏي وڃي ٿي. جڏهن اها خبر ڳوٺ تائين پهچي ٿي ته سڄي علائقي ۾ باهه جيان پکڙجي وڃي ٿي، علائقي جي هر اک آلي ٿي وڃي ٿي، سڀ ڪو وڏيري نورخاتون جا ڳڻ ڳائڻ لڳي ٿو، خاص ڪري ڳوٺ جون بي سهارا ۽ لاچار عورتون هن جي لاش مٿان ائين روئينديون رهن ٿيون، ڄڻ ڪو هنن جو رت جي رشتي وارو هي جهان ڇڏي ويو هجي، آهن، دانهن ۽ سڏڪن سان وڏيري نورخاتون کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو وڃي ٿو، شهمير ماءُ جي وڇوڙي تي بي انتها لڙڪ هاري ٿو، ٽي ڏينهن ته تمام گهڻا مهمان هنن وٽ اچن ٿا پر پوءِ به رهجي ويل عزيز دوست ايندا رهن ٿا، ٽن ڏينهن کانپوءِ جڏهن هوءِ ماءُ جي ڪمري ۾ وڃي ٿو جتي پنهنجي استعمال جي شين کانسواءِ دلاور جي استعمال جون شيون به هن جي ماءُ سانڍي رکيون هيون ۽ انهيءَ سان گڏ هن جي ننڍپڻ جا رانديڪا ۽ ٻيون شيون به اتي سنڀاليل هي ڏسي ٿو ته هن کان ازخود اوڇنگارون ڏئي روئڻ نڪري وڃي ٿو. هو پنهنجي وني رخسانه سان ڀاڪر پائي پنهنجي جيجل ماءُ کي ياد ڪري روئڻ لڳي ٿو.
    چند ڏينهن کانپوءِ رابيل به هن سان ملڻ لاءِ اچي ٿي جيڪا پڻ هن کي سمجهائي ٿي ته تون شهمير پنهنجي پاڻ کي سنڀال مان توسان ڏکن، سکن ۾ ساٿ ڏيندس جڏهن شهمير هن جي چپن مان چيل اهي جملا ٻڌي ٿو ته هن جي حيرت جي حد نٿي رهي ڇاڪاڻ ته اهي جملا ڪنهن رت جي رشتي واري جا نه هئا نه بلڪه ٻئي ڪنهن اوپري جا هئا. هو تعجب مان رابيل ڏي نهاريندو رهي ٿو، رابيل به هن جي ڪلهي تي هٿ رکي پنهنجائپ جو احساس ڏياري ٿي.
    رابيل ته ڪجهه دير بعد هلي وڃي ٿي. پر شهمير جي ذهن ۾ وري طوفان کڙو ٿي وڃي ٿو، مختلف سوچون واچوڙن جيان وراڪا ڏينديون هن جي ذهن ۾ گهمنديون رهن ٿيون، هو جڏهن رات جو بيڊ تي ليٽي پوي ٿو ته اهو محسوس ڪري ٿو ته واقعي رابيل ڇوڪري ٿي ڪري ڪيتري نه حوصلي مند آهي، هن کي منهنجي ايتري ڳڻتي ڇو آهي؟، يا هوءِ منهنجي ڪري ايتري فڪرمند ڇو آهي. ائين سوچيندي سوچيندي ڪافي رات گذري وڃي ٿي هن جي ڀر ۾ ستل رخسانه جيڪا ننڊ ۾ هئي سا ته ڪم ڪار جي ٿڪاوٽ جي ڪري جلد ئي سمهي پوندي هئي پر هن کي اڄ سوچن سمهڻ نه پئي ڏنو!، اچانڪ موبائل جي رنگ وڄڻ لڳي هن فون کئنين سامهون اسڪرين تي هن کي نئون نمبر ڏسڻ ۾ آيو، هن سمجهيو ته ڪنهن جو ڪو ڪم آهي هن وقت جيڪو ڪال ڪري رهيو آهي. هن هڪدم ڪال اٽينڊ ڪئي ته سامهون رابيل هئي هلو شهمير اڃان جاڳين پيو؟. مان رابيل پئي ڳالهايان.... رابيل ائين ننڊ نه پئي اچي، پهرين ڏس رابيل هي نمبر تو منهنجو ڪٿان آندو؟. اڙي سائين مان تنهنجو نمبر ڪٿان به هٿ ڪيو آهي پر تون اڃان تائين سمهي نه سگهيو آهين ڇو .....؟ بس رابيل اهي سوچون آهن جيڪي سمهڻ نٿيون ڏين. ڇو رخسانه ڪاڏي وئي آهي....!؟. اها ته منهنجي ڀر ۾ ستل آهي. پوءِ انهيءَ کي جاڳاءِ انهيءَ سان ڪچهري ڪر ته دل جو بار هلڪو ٿي پوندو. نه رابيل نه مان ته پنهنجي ننڊ ڦٽائي ويٺو آهيان، هن ويچاري ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جيڪا سڄو ڏينهن گهر ۾ ايندڙ ويندڙ مهمانن جي خدمت ڪندي رهي ٿي، انهن سان ويهي ٿي ۽ گهر، آئي وئي ۽ منهنجو به خيال رکي ٿي، مان ته دير سمهندس ته وري صبح دير سان جاڳي پوندس سو گهٽ ۾ گهٽ هن کي ته آرام ڪرڻ ڏيان. ٺيڪ آ صاحب جيڪا تنهنجي مرضي هجي رابيل وري ڳالهائڻ لڳي ٿي ته مان هڪ توکان واعدو وٺڻ گهران ٿي. يڪدم شهمير پڇڻ لڳي ٿو ته ڪهڙو رابيل چوڻ لڳي ٿي ته هڪ ته خوش گذاريندين ۽ ٻيو ته جڏهن به هاڻي حيدرآباد ايندين ته مون کي ڪال ڪندين مان توسان اتي ملندس اتي تو ۾ منهنجو ضروري ڪم آهي. شهمير سمجهڻ لڳو ته هي ڪا وڏي ڪم جي ڳالهه ٻڌائيندي پر هن ته آسان ڪم ٻڌايو هو. اڃان هو سوچي رهيو هو ته رابيل چوڻ لڳي ته هلو ڇا ڳالهه آهي؟. شهمير ايتري ۾ خيال مان ٻاهر نڪرندي چوڻ لڳي ٿو ته رابيل اهڙي ڪا ڳالهه نه آهي مان ته سمجهيو هو ڪو وڏو ڪم هوندو پر ٺيڪ آ رابيل ٻيهر توکي اداسي جي شڪايت نه ملندي ۽ مان جڏهن به شهر آيس. ته توسان ضرور ملندس. پوءِ تون ٻڌاءِ ڪڏهن ايندين؟، شهمير چوڻ لڳي ٿو ته هن هفتي مان ضرور ايندس. پوءِ تون گهر ۾ رخسانه کي اڪيلو ڇڏي ايندين؟. نه نه انهيءَ کي مان اڪيلو نه ڇڏي ايندس بلڪه هن جا ماءُ پي منهنجي گهر وٺي هن وٽ ڇڏي پوءِ مان شهر ايندس. شهمير خان تون ته وڏو هوشيار آهين. نه رابيل انهيءَ ۾ هوشياري جي ڪهڙي ڳالهه آهي، اها ته سڌي سئين ”عام عقل“ جي ڳالهه آهي. ائين چئي هو هڪٻئي کان موڪلائي ڪال ڪٽي ڇڏين ٿا.
    ***

    شهمير چند ڏينهن کانپوءِ جڏهن حيدرآباد ڪنهن ڪم سانگي نڪرڻ لاءِ تيار ٿئي ٿو ته رخسانه هن کي ٻڌائي ٿي ته ماما اسحاق چند گهڙين ۾ ڳوٺ اچڻ وارو آهي ۽ توهان ڪيڏانهن پيا وڃو!؟. جڏهن هو بابا جو ٻڌي ٿو ته خاموش ٿي وڃي ٿو چند گهڙين ۾ وڏيرو اسحاق به اچي وڃي ٿو جيڪو هن سان حال احوال ڪري ٿو ۽ هو پاڻ هن کي چوڻ لڳي ٿو ته پٽ تون حيدرآباد وڃ اتي هي ڪجهه ڪم ڪار آهن جيڪي ڪري اچ ۽ ٻه ٽي ڏينهن اتي رهجان ۽ ٿورو گهمي ڦري وٺجان. هو دل ئي دل ۾ ڏاڍو خوش ٿئي ٿو ۽ وري وڏيرو اسحاق ڳالهائڻ لڳي ٿو ته پٽ مان ٻه ٽي ڏينهن هت رهندس ۽ جيستائين تون واپس اچين ته ماستر رمضان کي ۽ هن جي گهر واري کي هت هاڻي گهراءِ جيڪي ڌيءَ رخسانه وٽ رهن، هوءِ اڪيلي ٿي ويندي. بابا توهان فڪري نه ڪريو هو اچڻ وارا هوندا. اچڻ وارا هوندا...؟، اهو وري ڪيئن..؟، مان سمجهي نه سگهيس. بس بابا مون ائين ئي هنن کي هت گهرايو هو، اڃان هو اهي ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته ماستر رمضان ۽ هن جي گهر واري اچي وڃن ٿا، شهمير هنن کان موڪلائي حيدرآباد لاءِ روانو ٿئي ٿو. هو رستي ۾ ويندي ئي رابيل کي ايس ايم ايس ڪندو رهي ٿو جيڪا هن کي ٻڌائي ٿي ته اڄ شهمير اسان جي پاڙي واري گهر ۾ شادي آهي مان اتي هوندس باقي سڀاڻي گڏ هونداسين. اهو ٻُڌي شهمير ٿوري دير لاءِ گهٻرائجي وڃي ٿو پر پوءِ هوريان هوريان سنڀالي وٺي ٿو. هو شام جو پنهنجي بنگلي ۾ پهچي وڃي ٿو پنهنجي والد جي هدايت تي عمل ڪندي ڪم ڪار کي لڳي وڃي ٿو ۽ رات جو ٿڪجي اچي ليٽي پوي ٿو. ٻي ڏهاڙي شام جي ٽائيم هو راڻي باغ جي پارڪ ۾ ويهي ڪچهري ڪرڻ لڳن ٿا. رابيل جيڪا ڪچهري ڪندي هن کي ٻڌائي ٿي ته شهمير جنهن رات دعوت ۾ توکي ڏٺو هئم ته انهيءَ ڏينهن الائي ڇو دل هٿن مان هارجي وئي هُئي. مون کي تون ڏاڍو وڻيو هئين، مان پنهنجي پاڻ کي جام سمجهايو ته اسان جو ملڻ تمام مشڪل آهي پر پوءِ به الائي ڇو دل نه مڃيو ۽ جڏهن ادي نجمه جيڪا توهان جي اجائي بي عزتي ڪئي هئي سچ پڇو ته مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو هو. مان سڄي رات رني هئس ۽ مان پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار اجائي گوڙ بدران خاموشي سان ڪندي آهيان ۽ انهيءَ سان ڳالهائڻ ڇڏي ڏيندي آهيان ۽ ائين مان پنهنجي گهر وارن سان تنهنجي توهين جي ڪري ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو هو. جڏهن هنن مون کان پنهنجي ناراضگي جو سبب پڇيو هو ته مان هنن کي صاف ٻڌايو هو ته جيستائين توهان هنن کان معافي نه وٺندؤ ته مان تيستائين توهان سان نه ڳالهائيندس، منهنجي چوڻ تي هنن توهان کي ۽ توهان جي گهر وارن کان معافي ورتي ۽ مان جڏهن اتي پهتس ته توهان جي خدمت ۽ گهر جو ماحول مون کي ڏاڍو پسند آيو ۽ هونءَ به مون کي شهر جي بدران ڳوٺ وڌيڪ وڻندو آهي، اتي تنهنجي بيڊروم گهر جو اڱڻ گهر ۾ ماني ورهائڻ جو انداز مون کي ڏاڍو دلڪش لڳو، مان سوچن ئي سوچن ۾ اهو وساري ويٺس ته مان جنهن سان پيار ڪريان ٿي ته هو منهنجي دل جو راڻو ڪيئن بڻجي سگهندو!؟، ڇاڪاڻ ته ورهايل پيار مون کي به ناهي وڻندو تنهن هوندي به مان سوچي سوچي چري ٿي وئي هئس پر هن مجبور دل مڃيو ڪو نه ۽ پوءِ مان دل ئي دل ۾ چاهڻ لڳي هئس ۽ اڄ توهان جي سامهون آهيان. شهمير رابيل جي ڳالهه غور سان ٻڌي جواب ڏيڻ لڳي ٿو ته اها حقيقت آهي مان تڪڙ ۾ شادي ڪري ورتي، رخسانه ته منهنجو پورو گهر سنڀاليندي آهي ۽ مان به سوچيو آهي ته اسان جيڪو هي رشتو جوڙي رهيا آهيون اهو اسان پاڻ ته نه جوڙيو آهي پر هڪ روح جي رشتي جو ڳانڍاپو آهي پر اسان هينئر ئي مستقبل جي خطرن جي باري ڇو سوچيون؟. جيئن ٿيندو تيئن ڏٺو ويندو. ائين هوءِ ٻئي ڪچهري ڪندا گهمندا رهن ٿا، رات جو دير تائين هو ٻئي گڏ هجن ٿا، ٻي ڏهاڙي وري هو شام جو گڏجن ٿا اڄ رابيل هن سان تمام هجت سان ڳالهائي ٿي ته شهمير جاني زندگيءَ جا ڏينهن بس ائين گذرندا رهن ٿا زندگي جا گذرندڙ لمحا وقت به وقت گذرندڙ گهڙين جو احساس ڏياريندا رهن ٿا پر اسان الائي ڇو انهن گهڙين کي ائين ئي وڃائيندا رهندا آهيون. ويندڙ وقت جو احساس تڏهن ٿيندو آهي جڏهن سڀ ڪجهه هٿن مان نڪري ويندو آهي، خالي اندر ۾ اڻپورا احساس رهجي ويندا آهن ۽ سوچون من منجهائينديون رهنديون آهن، اهي سوچون وجود کي وڻ ويڙهي جيئان وڪوڙي وينديون آهن، انهن سوچن جو سفر من اندر ۾ اڻ تڻ پيدا ڪري ڇڏيندو آهي، ماڻهو جو من سوچي سوچي ساڻو ٿي پوندو آهي ڇاڪاڻ ته زندگي جي هن مختصر سفر ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو ملي پوندا آهن جن جي سڪ سالن کان ساهه ۾ سمايل هوندي آهي، سراپا سونهن بڻيل اهي جوانيون پنهنجي دلين ۾ دردن جو سمونڊ سانڍي به جي رهيون آهن ۽ انهن درد وندين دلين جون درد ڪٿائون ٻڌندي ائين لڳندو آهي ته انهن درد وندين دلين جي اڳيان اسان جا درد ڪجهه به نه آهن، انهن درد وندين دلين جا سانڍيل خوبصورت خواب جڏهن چڪنا چور ٿي وڃن ٿا ته پوءِ اهي جوانيون تڙپندي لُڇندي راتيون گذارين ٿيون پر ٻاهر ٻڙڪ به نٿيون ڪڍن. اهڙين جوانين جا خوبصورت احساس سڙي ڌپ ڪري وڃن ٿا ۽ انهن جون صلاحيتون به ساهه ڇڏي وڃن ٿيون. شهمير خاموشي سان هن جون ڳالهيون ٻڌندو رهي ٿو. رابيل وري ڳالهائڻ لڳي ٿي جاني! مون کي خبر آهي ته زندگي ۾ ڪيترائي ماڻهو پنهنجا ئي ٿي ملندا آهن پر انهن سان چند گهاريل گهڙيون هميشه ياد رهجي وينديون آهن پر انهن پراين تي ڪهڙي ميار رکجي جيڪي ڪجهه گهڙيون ئي سهي سچ جيئان ساٿ نڀائين ٿا. شهمير رابيل جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چوڻ لڳي ٿو ته رابيل مان نٿو چاهيان ته اسان جو رشتو ڪنهن ڪوڙ تي ٻڌل هجي ۽ انهيءَ جي شروعات به ڪوڙ سان ٿئي، مان توکي پنهنجي حقيقت ٻڌائي ڇڏي آهي. ائين ڳالهيون ڪندي موڪلائي گهر هليا وڃن ٿا ته وري ٻئي ڏينهن هُوءَ ساڳئي ٽائيم تي ساڳي ئي جڳهه تي گڏجن ٿا. رابيل وري ڪلهوڪي موضوع کي کڻي ٿي جاني جيڪڏهن تون مون کي ڇڏي وئين ته مان انهيءَ ڳالهه جو ڏک نه ڪندس مان پنهنجي قسمت جو فيصلو سمجهي خاموش ٿي ويندس، مان ته تنهنجي اها به مهرباني سمجهان ٿي ته توهان مون کي ڪجهه ٽائيم ڏنو، ڪجهه گهڙيون ئي سهي محبت ڀريون مٺڙيون ڳالهيون ڪيون، زندگي گذارڻ جو ڍنگ به توهان وٽ سکيو ڇاڪاڻ ته اها حقيقت آهي ۽ اها منهنجي ساراهه ئي صرف تو لاءِ ناهي ها توهان جهڙا ماڻهو ورلي ڪنهن کي ملندا آهن، انڊلٺي رنگن جهڙن سندر احساسن جهڙا ڳولهڻ جي باوجود به مشڪل سان ملندا آهن ۽ انهن جي لفظن ۾ نه مزاحمت نه بحث نه ضد نه وري تڪراري جملا هوندا آهن ته نه وري پنهنجي پاڻ کي سڀ ڪجهه سمجهڻ ته اسان ئي عقل ڪل آهيون، انهن ماڻهن جون مختصر من لڀائيندڙ مٺڙيون ڳالهيون جن ۾ صرف ماکي جهڙي مٺاس هوندي آهي ته انهن جا خيال تمام خوبصورت ۽ وسيع هوندا آهن. اهڙين خوبصورت سوچن وارن ساٿين کي انهن جي سوچن جهڙي زندگي جو همسفر ۽ ٺيڪ منزل ملي پوي ته زندگي سُک آ نه ته اڪثر ائين ٿيندو آهي ته وقت سان گڏ اهڙين خوبصورت سوچن وارن فردن جا من به مٽجي وڃن ٿا. پوءِ اهي مرڪندڙ چهرا به زندگي جي اصلي دڳ تان مٽجي پنهنجي مفادن کي اوليت ڏيندي مايا کي ميڙڻ لڳن ٿا پوءِ اهي مايا کي ميڙڻ لاءِ ايترو ته اڳتي نڪري ويندا آهن جو هنن کان رت جا رشتا به وسري ويندا آهن. شهمير هن جو ڳالهيون ٻڌي هن جي ويجهو اچي هن جي ڪلهي تي هٿ رکي ٿو رابيل به پنهنجو هٿ هن جي هٿ مٿان رکي ٿي. شهمير هن کي چوڻ لڳي ٿو ته رابيل تون ته تمام گهڻي ذهين آهين هاڻي ته مان به توکي ڇڏي نٿو سگهان ڇاڪاڻ ته تو منهنجي ذهن کي کولي ڇڏيو آهي ۽ مان اڳتي به تنهنجي ضرورت محسوس ڪندو رهندس ۽ هاڻي تون گهٽ ۾ گهٽ سٺيون صلاحون ته ڏئي سگهين ٿي ۽ ائين هوءِ وري کلندي مسڪرائيندي گڏ گهمندا رهن ٿا ته رات جو وري هڪ ٻئي کان موڪلائي هليا وڃن ٿا.
    ***


    7

    شهمير جڏهن واپس ڳوٺ هليو وڃي ٿو ته رابيل اڪيلائي ۾ ويهي سوچڻ لڳي ٿي ته هي مان ڪيڏانهن وڃي رهي آهيان، جتان واپس ورڻ ڏاڍو ڏکيو ۽ ناممڪن آهي ڇو ته پيار ۾ واعدا وچن جن کي پاڻي ڏئي نه سگهياسين ته اهي اسان تي بيوفائي جي ڇاپ هڻي ڇڏيندا پرهين ته مان اقرار محبت ڪري دوستي جو هٿ وڌايو آهي ۽ هاڻي مون کي بيوفا ٿيڻ سونهن نٿو ڪري. ائين سوچون هن کي ورائي وڃن ٿيون، هوءِ دل ئي دل ۾ پاڻ پچارون ڪرڻ لڳي ٿي ته محبت ڀريا احساس جڏهن اندر ۾ ويهي اندر سان اوربا آهن ته اهي احساس پر ڪيف هوائن جي هڳاءُ جيئان لڳندا آهن، سرنهن جي پيلن گلڙن جهڙيون نهاريون ايس ايم ايس جون نه کٽندڙ قطارون اکين مان ننڊ اڏاري ڇڏينديون آهن، اهي سپنا وري وري سامهون ايندا آهن ته اسان هڪ ٿي جيئون........ رکي رکي هن کي سوچون اچڻ لڳن ٿيون ته جيڪڏهن منهنجو ڪو قيمتي اثاثو آهي ته شهمير آهي جنهن کي مان چرين جيئان چاهيان ٿي ۽ انهيءَ سان گڏ چند گهاريل گهڙيون منهنجو سڀ ڪجهه آهن، جيڪڏهن هن مون کي ڇڏي به ڏنو ته مون کي خبر آهي جداين جا عذاب سهندي ۽ اوسيئڙي ۾ راهون نهاريندي نيڻ ٿڪجي پوندا. جن جا پرين پيارا اکين کان اوجهل رهن ٿا، تڏهن اهي يادن کي ڪل ڪائنات سمجهي انهن جي يادن سهاري جيئڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ اها حقيقت به آهي ته انهن يادن سهاري جيئڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ڇاڪاڻ ته پيار ۾ الائي ڇو ائين ٿيندو آهي ته جنهن سان به بي انتها دل هوندي آهي اهو ئي جيڪڏهن اچانڪ ڇڏي هليو وڃي ته ڏک اندر ۾ باقي رهجي ويندو آهي، اهي سراپا درد بڻيل دليون جيڪي ڳولا ڪن ٿيون پر پرين جي پار جون اهي يادون جيڪي وجود مٿان مڪمل طرح حاوي هجن ٿيون. پوءِ انهن يادن جي سهاري جيئڻو ٿو پوي ته ڪڏهن وري اهي سوچون واسينگن جيان وجود کي ڏنگينديون رهن ٿيون، ڪجهه ڪرڻ جي همت ساري ڪجهه به نه ڪري سگهنديون آهن. اهي يادون ۽ سوچون پاڇن پٺيان ڊوڙنديون رهنديون آهن، انهن درد وندين دلين مان ڪجهه دليون پنهنجي پاڻ کي وڃائي ڇڏين ٿيون، انهن کان هار سينگار به وسري وڃن ٿا پوءِ اهڙين دلين سان ڪو نه حال اوري ٿو نه وري انهن کي آٿت ڏئي ٿو، بس ائين هو زندگي گذارينديون رهن ٿيون، ڪو راهه گير هن کي چريو چئي هليو وڃي ٿو بس! اهي دليون وقت کي ڌڪڻ لاءِ زندگي کي ڪٽينديون رهن ٿيون، اهڙين نگاهن جا بدليل رخ ڏسي زندگي ئي بلڪل بي رنگ لڳڻ لڳي ٿي بس! اکين ۾ اهو خواب آهي شهمير جي هٿن ۾ ساهه ڏيان. هن جي سوچن جو محور وري مٽجڻ لڳي ٿو، هوءِ ڪئين به آهي پر مان هن کي دل سان چاهيان ٿي هن سان بي انتها پيار ڪريان ٿي. مون جڏهن کان هن کي ڏٺو آهي ته مون کان سڀ ڏک ڏور ڀڄي ويا آهن، هن هيڏي ماڻهن جي ميڙ ۾ مون کي اهو ئي ماڻهو وڻيو آهي، مان عام رواجي پيار ڪرڻ بدران انهيءَ پيار ۾ امر ٿيڻ ٿي چاهيان پر حقيقت ۾ ڏٺو وڃجي پيار جي بدلي پيار گهرڻ ڪنهن بازار جي سودي جيئان آهي ۽ مان پنهنجي پيار کي بازار جو سودو ٿيڻ نه ڏيندس، منهنجي زندگي جون اهي قيمتي گهڙيون آهن جيڪي چند پل ويهي اسان گڏ گهاريا آهن، جڏهن وري هن جي سامهون رخسانه جي تصوير اچي ٿي تڏهن هن جي سوچن جا رخ مٽجي وڃن ٿا، تڏهن هن جي وجود تي سڪتو طاري ٿي وڃي ٿو، دل چاهيس ٿي ته موبائل تان اهو ايس ايم ايس ڪري ڇڏيان.
    تيري الجهن ڪا، حل يي سوچا هي.
    اب بچهڙ جائين هم تو اچها هي.
    وري خيال آيس ته مان بيوفا ٿي نٿي سگهان مان رخسانه جي حق تي ڌاڙو نه هڻندس، مان پنهنجي حصي جو پيار گهرندس، جيڪڏهن هن به مونسان بيوفائي ڪئي ته به مان هن کي ميار نه ڏيندس بلڪه ڪنهن کي به ڪجهه نه چوندس، مان شهمير جي يادن جي سهاري جيئندس، هوءِ وري سوچڻ لڳي ٿي ته مون کي خبر آهي ته اڪيلي زندگي گذارڻ ڏاڍو اوکو ڪم آهي پر مان انهن ڏکن جو اڪيلي سر پهاڙ بنجي مقابلو ڪندس، اڄ جي دؤر ۾ اڪيلو جيئڻ به وڏو چيلنج آهي، مون کي جيڪڏهن شهمير جيءَ ۾ جايون ڏنيون ته ٺيڪ آهي نه ته مان هن تي ڪابه ميار ڏئي نه سگهندس ۽ مان جيئندس ته انهيءَ سهاري ته هو منهنجو آهي مان هن جي آهيان جو مان هن سان بيحد پيار ڪيو آهي، مان پنهنجي پيار جي مٿان سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيندس، هوءِ سوچڻ لڳي ٿي ته وقت کان اڳ سوچڻ به فضول آهي اڳتي ڏسون ته منهنجو پيار ڪهڙا ٿو رنگ نکاري يا مان ئي هڪ جدائي جو رنگ بنجي ويندس..... ائين سوچيندي سوچيندي هن کي ننڊ اچي وڃي ٿي.
    ***

    چند ڏينهن کان پوءِ جڏهن شهمير واپس ڳوٺ اچي ٿو ته بلڪل اداس رهڻ لڳي ٿو. هن جي اداسي جو سبب رخسانه هن کان پڇي ٿي ته هو لنوائي وڃي ٿو. ائين رات جو بيڊ تي ليٽندي هن کي سوچون ورائي وڃن ٿيون، سوچون هن کي ساڻو ڪري ڇڏين ٿيون، هن کي پهريون دفعو پيار جو احساس اندر ۾ جاڳندي محسوس ٿئي ٿو، دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳو محبت واقعي به الائي ڪئين اندر ۾ ويهي رهي ٿي، انهيءَ جو مون کي به اندازو نه هو، مون ته ڪڏهن به رابيل کي پيار جي نظر سان به ڪو نه ڏٺو هو پر هن جي ادا مون کي موهي وڌو آهي، نه چاهڻ جي باوجود به هن جون قربتون ۽ چاهتون مون کي هن ڏانهن ڇڪي رهيون آهن، هن جي سچائي واري محبت آڏو منهنجو ته ڪو به مان ڪونهي پر هن کي سڀ ڪجهه ڄاڻ هوندي به هن مون سان بي انتها محبت ڪئي آهي مان ته هن کي حالتن کان واقف ڪيو پر پوءِ به هن ڪڏهن به پنهنجو پيار مون کان نه گهريو آهي پر هر دفعي مونسان سچي محبت جو اظهار ضرور ڪيو آهي، مان ته هن جو اظهار محبت سامهون ڪو جواب به ڏئي نه سگهيو آهيان ها! حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته محبت ئي زندگي آهي، مون کي يقين ئي نه هو ته ڪو مون سان ايترو پيار ڪندو جيڪو منهنجي اچڻ جو باقاعده انتظار ڪندو، مون ته ڪڏهن سوچيو به نه هو، يادون ئي الائي ڇو هاڻي هن جون ٿيون اچن. هن جون يادون آڌيءَ رات جو تڙپائين ٿيون، ڪجهه ڏينهن ته هن سان اڳ ملاقات ٿي هئي ۽ خوب ڪچهري ڪئي هئي سين پر وري اندر ۾ ساڳئي سڪ جاڳي پئي آهي ائين لڳندو هجي ڄڻ ورهين کان ملاقات نه ٿي هجي، اڃان هي انهن سوچن ۾ گم سم هو ته اچانڪ رابيل جا ميسج هن ڏانهن اچڻ شروع ٿي وڃن ٿا ۽ هو ٻئي ايس ايم ايس تي ڪچهري ڪرڻ لڳي وڃن ٿا پر جلد شهمير هن کي دل جهلي جان ڇڏائڻ خاطر جواب ڏيڻ جو سوچڻ لڳي ٿو ته هن جي خاموشي محسوس ڪري رابيل هن کان خاموشي جو سبب پڇڻ لڳي ٿي تڏهن عين انهيءَ وقت هو لنوائي ٻيون ڳالهيون ڪرڻ لڳي ٿو ۽ ائين ڪافي دير تائين ڪچهري ڪندا رهن ٿا. رابيل جڏهن سمهڻ جو چئي ميسيج ڪرڻ بند ڪري ٿي تڏهن شهمير وري سوچڻ لڳي ٿو ته مان جيڪڏهن هن کي جواب ڏئي ڇڏيو ته ڇا ٿيندو....!، هو ته کڻي مون سان ڪو نه به ڳالهائيندي پر جيڪڏهن ڳالهائيندي ته ڇا ٿيندو!؟، اڃان جيڪڏهن ڳالهائيندي ته مان ته ڏينهون ڏينهن مسئلن ۾ ڦاسندس، هڪ گهر هلائڻ، زمين کي سنڀالڻ اگر سڀاڻي راڄ مان ڪو اميد ساري مون وٽ لڙي آيو ته انهيءَ جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ اهي سڀ مسئلا اهڙا آهن جن کي اڪيلي سر مُنهن ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. مون کي اڳتي به هن جي ضرورت پوندي ڇاڪاڻ ته هڪ ته هوءِ تمام ذهين آهي ٻيو ته هن جون صلاحون تمام وسيع آهن، هن ۾ ته ڏکئي مان ڏکئي مسئلي کي حل ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. جيڪڏهن هن جي واقعي مونسان سچي محبت آهي ته مون کي به هن جي دل ٽوڙڻ نه گهرجي، هوءِ مون کان ٻيو ته ڪجهه ڪانه گهري ٿي ڪجهه وقت ئي گهري ٿي جيڪو دل وندرائڻ لاءِ هجي ۽ جيڪڏهن منهنجي ڪجهه ٽائيم ڪڍڻ سان هن جي دل خوش ٿئي ٿي ته مان هرگز هن جي دل نه رنجائيندس ۽ مان پاڻ به پنهنجي پاڻ کي ضابطي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندس جو ڏٺو وڃي ته هن جي وسيع صلاحيتن جي سامهون مان ڪجهه به نه آهيان. ائين سوچيندي سوچيندي رات وهامي وڃي ٿي ۽ صبح جو ٽائيم هن کي ننڊ اچي وڃي ٿي.
    ***

    جيئن جيئن وقت گذرندو رهي ٿو تيئن تيئن پوري علائقي جون حالتون اڃان به بدتر ٿينديون رهن ٿيون، بدامني جا واقعا تمام تيزي سان هلندا رهن ٿا، هن ڳوٺ جي سڃاڻپ جي علامت بڻيل ڪاڪو مجنو ۽ خميسو ٻئي ڄڻا جن مان خميسو ۽ مجنو هي جهان ڇڏي ويا هئا باقي هڪ اهو جهونڙو جيڪو گهران نڪري نه سگهندو هو اهو به اتي ئي رهجي ويو پر انهيءَ جهوپڙا هوٽل تي جتي اڳي تبصرا ٿيندا هئا اتي اڄ به تبصرا ٿين ٿا سو صرف سڄڻ ئي هوندو آهي جيڪو واندو ٿي ايندو آهي ته اچي هوٽل ۾ ويٺلن کي ٽاڙيا ڏيندو هو. هو تمام ڪڙڪيدار آواز سان ڳوٺ وارن کي چوندو هو ته جيڪڏهن پاڻ کي ڳوٺ کي سڌارڻو آهي ته ڪجهه پاڻ کي پنهنجو پاڻ ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، پنهنجي سوچن کي مٽائڻو پوندو، هن ڳوٺ ته ڇا پوري علائقي ۾ جيڪڏهن ڪنهن سان ٿيندڙ ظلم ۽ نا انصافين کي پنهنجي پاڻ سان ٿيندڙ ظلم ۽ نا انصافي سمجهنداسين تڏهن وڃي اسان ڪجهه ڪري سگهنداسين جيئن چند ڏوهاري قسم جا ماڻهو ٻين کي ڦرڻ ۽ ڌمڪائڻ کانپوءِ ئي پئسا ۽ ٻيو مال ملڪيت ڦريندا آهن تيئن اسان کي متحد ٿي انهن کي في الحال ڊيڄارڻ گهرجي ۽ انهن جي پٺيان ٽوليون ٺاهي لڳجي ته تڏهن وڃي اسان جي علائقي ۾ ڪجهه امن جو ڏيئو روشن ٿيندو پر انهيءَ لاءِ اسان کي وري به هڪ ٿيڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اسان ائين ئي جدا رهنداسين ته اسان ڪڻو ڪڻو ٿي ورهائجي وينداسين ۽ انهن چند سازشي ذهنن جي ور چڙهي وينداسين ايتري ۾ وري اتي موجود هڪ جهونڙو هن جي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چوڻ لڳي ٿوته سڄڻ پٽ توهان بلڪل ٺيڪ ٿا چئو ڇاڪاڻ ته اسان جيڪڏهن ڪجهه ڪنداسين ته ڪجهه نه ڪجهه ڪوئي اسان جي به ٻڌندو نه ته اسان به ائين ڦرجندا رهنداسين، پٽ مان تنهنجي انهيءَ سوچ کي به سلام پيش ڪريان ٿو. ڇاڪاڻ ته تو ۾ ايتري همت ته آهي جو تون ايتري سچائي سان هڪ سچ کي بيان ڪري رهيو آهين ايتري ۾ وري ٻئي جهوني ڳالهايو پٽ تو ۾ جذبو به آهي، صلاحيت به آهي پر تو وٽ نه طاقت آهي نه وري تو وٽ وسيلا آهن جو انهن ڏاڍين ڌرين سان تون وڙهي سگهين پر هڪ زماني جي حساب سان توکي صلاح ڏيندس ته تون اهي سڀ صلاحون وڏيري اسحاق جي پٽ شهمير خان کي ڏي جيڪو سلجهيل به آهي، پڙهيل به آهي ۽ تمام سٺي سوچ وارو به آهي ۽ هو جيڪڏهن تنهنجي انهن راين تي عمل ڪرڻ لڳو ته ڪجهه نه ڪجهه اسان جي مصيبتن مان جان ڇٽي پوندي. ٺيڪ آ چاچا! مان توهان جي راءِ جو احترام ڪريان ٿو پر شهمير خان سان ملڻ مان اڪيلو نه ويندس بلڪه توهان سڀني کي مون سان گڏ هلڻو پوندو، پاڻ سڀ گڏ هلنداسين سڄڻ سڀني کي چوڻ لڳي ٿو ڇاڪاڻ ته پاڻ ڇهه ست ڄڻا گڏجي هلنداسين ته ڳالهه ۾ ڪجهه وزن هوندو ۽ ڪي ڳالهيون اهڙيون هونديون جيڪي مان نه ڪري سگهندس ۽ توهان ڪري سگهندا. ائين هو پاڻ ۾ صلاح ڪري ٻئي ڏينهن شهمير سان ملڻ لاءِ هن جي اوطاق تي وڃن ٿا، شهمير خان هنن سان ملي هنن جي ڳالهه غور سان ٻڌڻ لڳي ٿو ۽ هو سڀ گڏجي شهمير کي ڳوٺ توڙي علائقي جي حالتن بابت آگاهي ڏين ٿا. شهمير هنن جي ڳالهه ته سمجهي وڃي ٿو ۽ هنن کان ئي پڇڻ لڳي ٿو ته هاڻي مون کي ڇا ڪرڻو آهي؟. سڄڻ ڳالهائڻ لڳي ٿو ته شهمير خان توهان کي في الحال ڪجهه به نه ڪرڻو آهي جيستائين اسان توهان کي حالتن کان با خبر رکون پوءِ ڪجهه توهان ڪجهه اسان باقي علائقي جي ٻرندڙ مسئلن تي سوچي گڏجي ڪو حل ڪڍنداسين ۽ ٿورو توهان به مٿي انتظاميه سان ڳالهايو ته اهو بهتر رهندو. ائين ئي هو ڪافي دير تائين شهمير کي کلي طرح سان حالتن کان واقف ڪندا رهن ٿا ۽ شهمير جي حسن اخلاق مان سڀ ڳوٺ وارا ڏاڍا متاثر ٿين ٿا.
    ***
    ائين وقت جا ڪانٽا پنهنجي حساب سان هلندا رهيا، موسمون به مٽجنديون رهيون، سياري مند ختم ٿيڻ سان بهار رت جون هڳاءُ سان ڀرپور هوائون خوشين سندا جهول ڀري آيون آهن، ماحول کي معطر بنائيندڙ اهڙيون پر ڪيف هوائون نرسرين ۾ بند پيل ڪوملي ڪلين کي مرڪائين ٿيون، اهڙين خوبصورت گهڙين ۾ هن کي رابيل ڏاڍي ياد اچي ٿي. هي وري به ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان حيدرآباد وڃي ٿو اتي رابيل سان ويهي ڪچهريون ڪرڻ لڳي ٿو، شهمير رابيل کي چوڻ لڳي ٿو ته جاني! هن مند ۾ الائي ڇو اهي پياريون شخصيتون ڏاڍيون ياد اچن ٿيون جن مون کي جيئڻ سيکاريو، جنهن جو پيار پاٻوهه بلڪل نه وسرڻ جهڙو آهي. اڃان شهمير اهي جملا مس ڳالهايا ته رابيل چوڻ لڳي ٿي، ها بلڪل شهمير ائين ئي آهي، بهار رت به هيڪلين جوانين کي وڌيڪ تڙپائي ٿي، هر پل هر گهڙي اهي ياد اچن ٿا جيڪي پل پل ساهه ۾ سانڍيل هوندا آهن پر وقت جي سازشي ذهنن جي ڏور ۾ ڦاٿل اهڙيون جوانيون هن مند ۾ پنهنجي پيار کي ساري روئينديون رهنديون آهن ۽ رات جي سانت ۾ اڪيلائي ۾ تڙپنديون آهن، اها تڙپ جيڪا وجود جي رڳ رڳ ۾ ڇائنجي وڃي ٿي، اجڙيل دلين جي چمن ۾ هي مند ته رونق آڻيندي آهي، اڪير، چاهتن ۽ سڪ جا نوان سبق سيکاريندي آهي جو پيار ۾ دوکا کائيندڙ دليون جن جي حسرتن جا اڏيل اهي عاليشان محل جيڪي کن پل ۾ چڪنا چور ٿي ويا هجن ۽ جن جو من اندر جو اڱڻ جيڪو صفا اجڙي ويو هجي. اڻپورا وچن صرف دلين ۾ ميارون بنجي دفن ٿي ويا هجن، جن وٽ صرف درد دل ۾ رهجي وڃن ٿا اهڙين محبتن جا ماريل وجود ڪنهن پراڻي وڻ جهڙا ٿي ويا آهن، جنهن وڻ جي اوٽ ۾ ڪير به ويهي نه سگهندو آهي ۽ جنهن جي زرد ڪاريل پتن کي هرڪو لتاڙي ڀڃي ڀور ڪري ويندو آهي. اهڙين حالتن ۾ جيئندڙ جوانين جي وڻ ۾ وڻ رڳو درد ڪٿا باقي رهي ٿي، هو جيون جي چئواٽي تي وري به اڪيليون رهجي وڃن ٿيون، اهڙيون جوانيون وفا جي بدلي وفا کي “واپار” جي تصور سان ڀيٽن ٿيون، اهڙين سچين محبتن جا اجڙيل شهر اڄ به گواهه آهن شهمير جاني ڏٺو وڃي جيڪي دل جان سان جوانيون محبت ڪن ۽ جواب جيڪو وقت سٺو گذارڻ جو چئي معافي وٺي ڇڏي اهڙي پيار کي به ڀلا ڪهڙو نانءُ ڏئي سگهون ٿا. ها! جڏهن بهار رت هن ماحول کي پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀريندي آهي ته تڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي ته هن مند ۾ فطرت جا اهي سڀئي حسين رنگ سمايل آهن. جيڪي تڙپندڙ دلين لاءِ به ٿڌا پها بنجي اچن ٿا. هن رت جي ٿڌين شامن ۾ من ۾ مچيل مانڌاڻ کي جيڪو سڪون اچي ٿو اهو ٻئي ڪنهن به مند ۾ نٿو اچي، ٿڌڙين هوائن جي وادي مثل هي مند جنهن ۾ ماڻهو کي ماڪ ۾ وهنتل مکڙي جهڙا احساس نظر اچن ٿا، فضا ۾ اڏامندڙ رنگين پوپٽ پيار سندو سنديش ڏين ٿا، اهڙن منظرن جي عڪاسي ڪندڙ هي رت چمن ۾ به پنهنجا رنگ ڏيکاري ٿي، آنڀن تي وريل ڪڻڪ جي سونن سنگن کان وٺي باغن ۾ ايندڙ ٻُور جي خوشبوءِ ويتر ماحول کي پرڪشش بنائي ٿي، درد وندين دلين کي تسڪين بخشيندڙ هي مند ڪجهه دير لاءِ ئي سهي ڪجهه وقت لاءِ ڇانورو ته بنجي اچي ٿي. رابيل اهي ڳالهه اڃان مس ڪري ٿي ته شهمير ڳالهائڻ لڳي ٿو ته ها! رابيل هي ته مند ويچاري مند آهي جيڪا هر سال پنهنجي مقرر وقت تي اچي ٿي ماحول کان وٺي ۽ هر قسم ۽ طبقي جي ماڻهن کي پنهنجي پنهنجي خوشي سندو حصو ڏئي هلي وڃي ٿي، اچ ته رابيل پاڻ ٻئي دل ۾ اها آس رکون ته هن سنڌ ڌرتي مٿان هميشه بهار ئي بهار جو ماحول هجي، اسان جا ڳوٺ ۽ شهر هميشه بهار ۾ ڦٽندڙ ڪلين جيان مسڪرائيندا رهن، پوپٽي رنگن جهڙي بهار مند جا رنگ هر ساهه واري شيءَ پسي سگهي ڇاڪاڻ ته هن مند جا رنگ ڏسڻ سان هر جيون ۾ وري نئون اتساهه جاڳي ٿو شهمير اڃان ڳالهائي رهيو هو ته رابيل هن جي ڳالهه کي وري ڪٽيندي چوڻ لڳي ٿي ته شهمير جاني! مون کي چڱي طرح ياد آهي جڏهن اسان پنهنجي ڳوٺ ۾ رهندا هئاسين ته ڪافي سال پهرين جڏهن ننڍا هوندا هئاسين ته بهار جي موسم شروع ٿيندي هئي تڏهن اسان جي ڳوٺ جو درويش صفت نوجوان جانڻ هن مند جي پهرين چانڊوڪي رات جو پنهنجي آستاني اڳيان ميڻ بتيون ۽ اگر بتيون ٻاري ڇڏيندو هو ۽ جڏهن ڪو به ڳوٺاڻو ائين ڪرڻ جو هن کان سبب پڇندو هو تڏهن هن درويش جانڻ وٽ صرف هڪ جواب هوندو هو ته ائين ڪرڻ سان منهنجي من کي راحت ملي ٿي ۽ پوءِ جڏهن هن رنگين موسم جي پهرين خوبصورت چانڊوڪي رات ۾ جڏهن سڀ ڳوٺاڻا اهو منظر ڏسڻ لاءِ ايندا هئا تڏهن هو درويش خوشي مان جهومندو هو ۽ پوءِ هو جهومي جهومي ساڻو ٿي ڪري پوندو هو ۽ پوءِ هن پنهنجي زندگي ۾ هر سال اهو سڀ ڪجهه معمول بڻائي ڇڏيو ۽ هڪ ڏينهن اوچتو جڏهن هو هڪ روڊ حادثي ۾ جهان ڇڏي ويو تنهن کانپوءِ سندس آستاني جون رونقون هميشه لاءِ ختم ٿي ويون. ڏيئا اجهامي ويا نه وري اتي دکندڙ اگر بتين جي خوشبوءِ باقي رهي ۽ نه وري ماڻهن جو ميڙ ڏسڻ ۾ آيو ۽ هن جو آستانو هميشه لاءِ ويران ٿي ويو، شهمير جاني! مون کي مرحوم جانڻ جي اها ادا سمجهه ۾ نه آئي، منهنجي نظر ۾ اهو جانڻ ئي هو جيڪو هن مند جي رمز کي سمجهي سگهيو هو، جيڪو ٻڌائيندو ته ڪجهه به نه هو پر ڌرتي جي وسيع پيٽ تي هن جي اها انوکي اڪيلي ادا ڏاڍي منجهائيندڙ پرولي مثل لڳي، هونئن نه ته اسان کي ڪهڙي خبر ته بهار رت ڇا آهي....؟، اهڙي ريت هو ٻئي انهيءَ موضوع تي ڳالهائڻ کانپوءِ شهمير موضوع کي مٽائيندي هن سان مذاق ڪرڻ لڳي ٿو، هو مذاق ۾ ۽ مذاق وارين ڳالهين ۾ ڏاڍا ٽهڪ ڏئي کلندا رهن ٿا ۽ پوءِ ماني گڏجي کائين ٿا. ٻئي ڏهاڙي جڏهن هو ٻئي ملن ٿا تڏهن شهمير هن کي چوڻ لڳي ٿو ته رابيل جاني! چند ڏينهن پهرين منهنجي ڳوٺ جا چند فرد مون وٽ هلي آيا جن مون کي چيو ته شهمير خان اسان جي ڳوٺ جون حالتون ڏاڍيون خراب آهن، ڳوٺ ته ڇا پر پوري علائقي جون حالتون ڏاڍيون خراب آهن ۽ ٻيا ته کوڙ سارا مسئلا آهن پر بدامني هن علائقي ۾ ڳوٺ جو وڏو مسئلو بڻيل آهي تنهنڪري اسان کي ۽ هن ڳوٺ وارن کي توهان جي سخت ضرورت آهي، تنهنڪري توهان کي هن ڳوٺ وارن جو ساٿ ڏيڻو پوندو ۽ انهن کان مون پڇيو ته مون کي ڇا ڪرڻو آهي ته چوڻ لڳا ته توهان کي اسان حالتن کان واقعن کان خبردار ڪنداسين. شهمير جي ڳالهه ٻڌي رابيل چوڻ لڳي جاني! ڪجهه ڏينهن اندر پاڻ انهيءَ موضوع تي بحث ڪنداسين ۽ انهيءَ مسئلي جو ڪو حل ڳولينداسين ڇاڪاڻ ته توکي هاڻي انهن ڳوٺاڻن سان ڪيل ڳالهين جو ڀرم ضرور رکڻو آهي.
    ***


    8

    جڏهن شهمير حيدرآباد مان واپس آيو ته اڃان چند ڏينهن سڪون جا مس گذريا ته هڪڙي ڏينهن صبح ساڻ ئي رخسانه هن کي ٻڌايو ته بابا سائين جي طبعيت ٺيڪ ڪانهي مون کي نوڪرياڻي ٻڌايو آ ۽ امان به نياپو موڪليو آهي. رخسانه به جلدي تيار ٿي نوڪرياڻين سان گڏ پنهنجي والد ماستر رمضان جي گهر وڃي ٿي ۽ شام جي ٽائيم شهمير به هن کي ڏسڻ وڃي ٿو. هن جي طبعيت بگڙيل ڏسي هو حيران ٿي وڃي ٿو، رخسانه به پنهنجي والده سان گڏ پنهنجي پيءُ جي اهڙي حالت ڏسي رئيندي رهي ٿي. شهمير ته ڪجهه دير ويهڻ بعد هليو وڃي ٿو ۽ ٿوري دير کان پوءِ وري ٻي گاڏي ۾ چڙهي اچي ٿو ۽ رخسانه کي ٻڌائي ٿو ته پاڻ سائين رمضان کي حيدرآباد وٺي هلون ٿا ۽ هو انهيءَ بابت استاد رمضان کي چوڻ لڳن ٿا پر ماستر رمضان هنن کي بلڪل جواب ڏئي ڇڏي ٿو ته مان دوائون ته کائي رهيو آهيان باقي مون کي توهان ڪيڏانهن به نه وٺي هلو ۽ نه وري مان ڪنهن اسپتال ۾ ايڊمٽ ٿيندس اوهان مون کي پٽ ڇڏي ڏيو هو ٻئي جام دير تائين هن کي سمجهائيندا ۽ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا پر هو صرف اهو چوي ٿو ته توهان مون کي ڇڏي ڏيو، باقي شهمير توکي اها گذارش ڪندس پوءِ تون اها گذارش سمجهين يا منهنجو حڪم سمجهين ته تون مڃجان ته توکي پٽ رخسانه جي خاص پارت آهي، مون کي خبر آهي منهنجي زندگي جا ڏينهن هاڻي ٿورا آهن ڇاڪاڻ ته مان سمجهي رهيو آهيان ته مون کي ڪا خراب بيماري آهي رخسانه يڪدم پنهنجي والد جي وات تي هٿ رکي چوڻ لڳي ٿي ته بابا اهڙيون ڳالهيون نه ڪر! ائين ئي هو ٻئي هن کي راضي ڪرڻ ۾ ناڪام وڃن ٿا.
    شهمير هن کي اتي ڇڏي موٽي اچي ٿو، رمضان جي طبعيت ڏينهن به ڏينهن خراب ٿيندي رهي ٿي ۽ چند ڏينهن اندر هو هي جهان ڇڏي وڃي ٿو. ماستر رمضان جي وڃڻ پٺيان رخسانه روئي روئي حال وڃائي ڇڏي ٿي، شهمير هن کي جام سمجهائي ٿو ته تڏهن وڃي هو سمجهڻ لڳي ٿي پر وري هن کي پنهنجي ماءُ جي اڪيلائي جو درد جهوري وجهي ٿو. شهمير ۽ رخسانه پاڻ ۾ صلاح ڪن ٿا ۽ هن کي گڏجي مطمئن ڪري هن کي وٺي اچن ٿا. رخسانه پنهنجي ماءُ جي دل وندرائڻ خاطر انهيءَ سان گڏ ڪمري ۾ سمهي رهي ٿي ته شهمير پنهنجي ڪمري ۾ اڪيلو رهجي وڃي ٿو. هو موبائل کڻي رابيل جو نمبر ٽراءِ ڪري ٿو پر هن جو نمبر بند اچي ٿو، هو ڪجهه دير لاءِ ٽي وي کولي ٿو ته وري ٽي وي به بند ڪري ڇڏي ٿو هن کي وري سوچون ورائي وڃن ٿيون، هن کي ماستر رمضان جنهن هن کي انسان ٺاهيو انهيءَ جي ياد جڏهن هن کي اچي ٿي ته هو ازخود روئي پوي ٿو. هو سوچڻ لڳي ٿو ته هو صرف منهنجو استاد نه هو بلڪه منهنجو هڪ محسن هو جنهن مون کي زندگي گذارڻ جا ڍنگ سيکاريا، جنهن مون کي حالتن کان واقف ڪيو، جنهن منهنجي وک، وک تي رهنمائي ڪئي، هن ڳوٺ جي هن اجڙيل حالت جو هن کي ڏاڍو ڏک ٿيندو هو ڪڏهن ڪڏهن، هو مون کي پنهنجي اولاد جيان ڀائيندو هو جنهن وک وک تي مون کي پنهنجائپ جو احساس ڏنو، مون کي مستقبل ۾ هڪ سٺي انسان ۽ بلڪه ڪامياب ڪرڻ لاءِ هن وسان نه گهٽايو، هن جنهن حڪمت عملي تحت مون کي پڙهايو ۽ خاص ڪري هن ڳوٺ وارن کي تعليم بابت جاڳرتا ڏني اها به قابل تعريف آهي، هن هميشه هن ڳوٺ وارن جي تعليم لاءِ باقاعده پرچار به ڪئي ۽ اڪيلي سر ڳوٺ وارن کي چوندو رهيو ته انهن براين وارن ڪمن ۾ ڪجهه به نه آهي ۽ نه وري هوٽلن تي ويهي اجايو وقت وڃائڻ ٺيڪ آهي، توهان پنهنجي اولاد کي پڙهايو، جيڪو سڀاڻي ٻيو نه ته شعوري طور تي سگهارو ته هوندو ۽ انهيءَ ڪم لاءِ اسان جي بابا ۽ ڏاڏا سائين کي به همٿايو ۽ هاسٽل ۾ رهندڙ ٻارڙن جي سارسنڀال پاڻ ڪيائين، مان اهڙي استاد جو شاگرد آهيان ته مان به انهيءَ جي خواب جي تعبير پوري ڪندس، هو دل ئي دل ۾ هڪ وچن ڪرڻ ٿو لڳي ته مان استاد رمضان جي ڏسيل هدايتن تي عمل ڪندس ۽ هن اسان جي ڳوٺ جي ماڻهن ۽ علائقي واسين لاءِ سچي دل سان ڏکين گهڙين ۾ انهن جي مدد ڪندس، جيڪڏهن استاد رمضان نه آهي ته رابيل ته آهي جيڪا مون کي سٺي نموني سان هونئن ئي سمجهائيندي رهندي آهي، تنهن کان مان وري صلاحون وٺندو رهندس. ائين ئي سوچيندي سوچيندي هن کي ننڊ اچي وڃي ٿي.
    ***

    صبح ٿيندي ئي اها خبر ڳوٺ ۾ باهه وانگر پکڙجي وئي ته ثمينه ۽ لياقت جو ٻٽو قتل ٿي ويو آهي. سڄي ڳوٺ ۾ جڏهن اها خبر پکڙجي ٿي ته سڀ ڳوٺ ۽ علائقي وارا حيرت ۾ وٺجي وڃن ٿا ته انهن کي ڪنهن ماريو ۽ ڇو ماريو؟، اهڙا سوال اڃان ڳوٺ وارن جي ذهنن ۾ گونجي رهيا هئا ته ٿوري دير کانپوءِ خبر پوي ٿي انهن ٻنهي کي ٻئي ڪنهن نه بلڪه چاچي ميرڻ خود ماريو آهي. ميرڻ جيڪو ثمينه جو پيءُ هو ۽ لياقت هن جو سڳو ڀاڻيجو هو، هو ٻنهي کي پاڻ ماري ٿاڻي تي پيش ٿيو هو. اڃان انهيءَ واقعي کي چند ڏينهن گذريا ته اصل حقيقت جي شهمير ۽ سڀني ڳوٺ وارن کي خبر پئجي وئي ته اهو ڪارنهن جو واقعو نه هو بلڪه ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ اهو ڊرامون رچايو ويو هو. چند سال پهرين لياقت جي امڙ به پر اسرار نموني فوت ٿي وئي هئي ۽ انهيءَ کان پهرين لياقت جو پيءُ جيڪو هڪ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو هو تنهنجي بيواهه ۽ هڪ پٽ رهندا هئا. تنهن کي ميرڻ جي پيءُ پنهنجي ڌي ۽ ڏوهٽي کي پنهنجي ملڪيت مان 22 ايڪڙ زمين ڏني هئي، جڏهن ميرڻ جو پيءُ هي جهان ڇڏي ويو ته انهيءَ کان پوءِ ميرڻ جون اکيون هن زمين ۾ هيون. اصل ۾ اهو ئي قتل جو ڪارڻ هيو. هو ٻئي بيگناهه هئا، جيئن جيئن ڏنهن گذرندا رهن ٿا تيئن تيئن حقيقت جي خبر سڀني کي پوندي وئي. سڄڻ به هڪ ڏينهن شهمير وٽ اچي اهو ئي حال اوري ٿو ته پاڻ کي ڪجهه ڪرڻ کپي پر شهمير هن کي ٻڌائي ٿو ته اسان کي ڪجهه ڪرڻ کپي نه ته اهي ظلم سندا داستان ائين ئي هلندا رهندا. سڄڻ شهمير کي ٻڌائي ٿو ته انهيءَ سڄي راند پٺيان رئيس عارب عرف آريءَ جو هٿ آهي ڇاڪاڻ ته عارب ۽ ميرڻ پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته ائين تون ڪجان مان پاڻهين تنهنجي جان ڇڏائيندس پوءِ ڪجهه ملڪيت مان مون کي ڏجان باقي تون کڻجان، اها ئي زميني حقيقت اٿئي. ائين شهمير جا اها ڳالهه ٻڌي ڪن کلي وڃن ٿا، هو سوچڻ لڳو ٿي ته مون کي ڪجهه ڪرڻو پوندو. اهڙي ريت وري به جيل وڃي چاچي ميرڻ کا حقيقت ڄاڻڻ ۽ هن جي مؤقف ٻڌڻ جي ڪري ٿو پر چاچو ميرڻ پنهنجي انهي ڳالهه تي اٽڪيل رهي ٿو. چاچو ميرڻ چوڻ لڳي ٿو ته اڃان لياقت جو ننڍڙو پٽ جنهن کي منهنجي پٽ بچائي ورتو نه ته مان انهيءَ کي ختم ڪري پوءِ وڃي سک جو ساهه کڻان هان. جڏهن شهمير اها خبر ننڍڙي واري ٻڌي ٿو ته هن کي ڏاڍو ڏک ٿئي ٿو، هو اتان جلدي واپس اچي سڄڻ کي گهرائي هن سان اها حقيقت ڪري ٿو ۽ هوءِ ٻئي ٻيا سڀ ڪم ڇڏي پهرين ترجيح تي پنهنجا کوڙ سارا پئسا خرچ ڪري ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اها ملڪيت لياقت جي ننڍڙي جي نالي ڪرائي ڇڏي ٿو. اها خبر جڏهن ميرڻ ۽ رئيس عارب کي پئي ٿي ته هنن کي ڏاڍي حيرت ٿئي ٿي، هنن جو سڄو منصوبو لڙهي وڃي ٿو، هو دل ئي دل ۾ شهمير خان تي خار کائڻ لڳن ٿا پر ڪري ڪجهه به نٿا سگهن. سڄي ڳوٺ ۾ جڏهن اها خبر پوي ٿي ته هنن جي سوچن جا رخ مٽجڻ لڳن ٿا، نئين سر سان تبصرا ٿيڻ لڳن ٿا، شهمير خان ننڍي عمر ۾ تمام وڏو ڪم ڪيو آهي، ڪي چوڻ لڳا ته نالي جو اثر ٿيو اٿس هن جو ڏاڏو به ڪنڌار مڙس هو ۽ هي به خانداني آهي، هن اهڙو ڪم ڪيو آهي جيڪو اسان صرف سڀ گڏجي سوچي ته سگهون ٿا پر ڪري نٿا سگهون. انهن ڳوٺ وارن جون همدرديون شهمير خان سان وڌي وڃن ٿيون.
    ***

    هن ڀيري جڏهن شهمير سان رابيل ملي ٿي ته هو هن کي انهيءَ واقعي بابت ٻڌائي ٿو ۽ پنهنجي ڪيل ڪم جو به هن کي ٻڌائي ٿو. رابيل به هن کان اکر اکر ڪري پڇي ٿي جڏهن رابيل اهو ٻڌي ٿي ته ڏاڍي خوش ٿئي ٿي. ايتري ۾ شهمير چوڻ لڳو ته مان ڪجهه به نه آهيان هڪ ماڻهو جيڪو مون کي سيکاري جهان ڇڏي ويو ۽ ٻيو توهان آهيو جيڪي وک وک تي ساٿ ڏئي رهيا آهيو نه ته مان پاڻ ۾ ايتري همت ڪڏهن به نه ساري هئي شهمير ڳالهائڻ لڳو ته رابيل جاني! اسان جي معاشري ۾ رت جا رشتا به پنهنجي معنيٰ وڃائي چڪا آهن ته هاڻي نه رت دانگي تي وري ٿو نه وري پنهنجو ماري ڇانوءَ ۾ رکي ٿو، ماڻهو ماڻهن کي کي اذيتون ڏئي ماري رهيا آهن ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي انا خاطر معصومن ۽ بيگناهن ماڻهن کي مارڻ هاڻي هتي ڪو به مسئلو نه رهيو آهي، الائي ڇو اسان جا ذهن مفاد پرست بڻجي ويا آهن، اسان پنهنجي مفادي سوچ موجب جيئندا آهيون ۽ انهيءَ سطحي سوچ موجب مرندا آهيون، اسان وٽ رت ۽ رشتن جو ڪو به قدر باقي نه رهيو آهي، پنهنجي انا ۽ ريتن ۽ رسمن جي آڙ ۾ معصوم زندگين کي پنهنجي مقصدن ۽ انائن مٿان قربان ڪندا آهيون، اسان جي معاشري جي ماڻهن هميشه اهڙي قسم جا درد سٺا آهن، اهڙا مفادي چهرا ماڻهن جي چهرن کي ۽ دلين کي نه ڏسندا آهن. ها واقعي شهمير خان رابيل ڳالهائڻ لڳي ٿي ۽ شهمير جي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چوڻ لڳي ٿي ته جهڙي ريت اسان وٽ قبيلائي جهيڙا تيزي سان هلن ٿا ۽ اسان جي معاشري ۾ ڪارو ڪاري جو رواج موجود آهي. تنهن جو اثر ڏينهون ڏينهن گهٽجڻ بجاءِ وڌي رهيو آهي، ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين جا بهانا بنائي جيئن ماني دير سان ملڻ ۽ ٻيا ڪافي بهانا بنائي پنهنجي معصوم عورتن کي هٿن سان ماريندا آهيون، اسان جي ڀائرن جا اهي هٿ ڪنهن ڀيڻ تي شفقت جا هٿ رکڻ بجاءِ انهن تي وحشين جيان ڪڙڪن ٿا ۽ پنهنجن معمولي مفادن ۽ ذاتي دشمنين جا پلاند آجا ڪرائين ٿا، اها اسان جي معاشري جي بي حسي نه آهي ته ٻيو ڇا آهي....! هڪ خيال موجب هينئر وڌندڙ پيار جي پرڻي جو وڌندڙ رجحان مون کي ٺيڪ نٿو ڳي باقي ٻين جي ڀل الڳ راءِ هجي ڇاڪاڻ ته اڪثر عورتون پيار جي پرڻي بعد رڳو دوکا کائين ٿيون ۽ اسان جو معاشرو انهن کي “”ڪاري” جهڙا لقب ڏئي ٿو، ائين ئي اسان ماڻهو پنهنجن ناتن ۽ رشتن کي پاسيرو رکي مفادن کي اوليت ڏيندا آهيون. رابيل اهو ڳالهائي خاموش ٿئي ٿي ته وري شهمير ڳالهائڻ لڳي ٿو ته رابيل ڏس ته اسان جي معاشري ۾ ڏينهون ڏينهن سرداري تصور حاوي ٿي رهيو آهي، مختلف برداريون چڱن مڙسن جي چوڻ تي هلنديون رهن ٿيون ۽ وڏي ڳالهه جڏهن دنيا جا ٻيا معاشري جا فرد اڳتي وڌڻ لاءِ گڏجي وک وڌائي رهيا آهن ۽ اسان برادرين جي ڄار ۾ ڦاسي رهيا آهيون جيڪو سڄو عمل اسان کي پوئتي ڌڪي رهيو آهي، اسان جا سادڙا ماڻهو سردار جي حڪم کي سڀ ڪجهه سمجهي ڪنهن تي ائين ئي ڪڙڪندا آهن، ڄڻ ڪا وڏي دشمني هجي، اصل ۾ هوندو ڪجهه به نه آهي صرف انهن چڱن مڙسن جي من ۾ مايا ميڙڻ ۽ دٻدٻي ۽ اثر ڏيکارڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪرائيندا آهن ۽ اسان ڏاڍ مڙسي جي فڪر پٺيان زنده سچاين کي لڪايو آهي. وري رابيل ڳالهائڻ لڳي ٿي ته ها جاني! اسان جو سرداري نظام جي سهاري زنده رهندڙ هي معاشرو اڃان به سڌرڻ ۽ سمجهڻ بجاءِ دقيانوسي ۽ فرسوده رواجن سان نڀاءُ ڪندو ٿو اچي. هيستائين ڪارو ڪاري ۽ قبيلائي جهيڙن هيٺ ويندڙ زندگين کي ختم ڪندڙن کي ٺيڪ نموني سان سزا نه اچي سگهي آهي تنهنڪري اهي واقعا ڏينهون ڏينهن گهٽجڻ بجاءِ وڌي رهيا آهن، هتي جوانيون ريتن، رسمن، رواجن ۽ سرداري نظام جي آڙاهه ۾ سڙنديون رهن ٿيون، انهن گهٽيل ريتن ۽ رسمن رت جي رشتن کي به گهاريون وجهي ڇڏيون آهن، قبيلائي جهيڙا جيڪي خاص ڪري سنڌ امڙ جهڙي پياري ڌرتي تي پنهنجي حساب سان هلندا رهن ٿا، انهن جهيڙن ۾ الائي ڪيترين ونين کان ور وڇڙيا آهن. هزارين ڀينرن کان پنهنجا ڀائر جدا ٿيا آهن ۽ هزارين مائرن جا ڳڀرو پٽ مائرن جون جهوليون خالي ڪري ويا آهن، اسان جي هن معاشري نه انهيءَ ماءُ جو درد ڄاتو آهي جنهن جا ڳڀرو پٽ راهه ويندي ماريا ويا نه وري وڇڙي ويل ور پٺيان ڪنهن بيواهه جي ڀڄندڙ چوڙين جو درد ڄاتو آهي، دنيا گلوبل وليج بڻجي چڪي آهي ۽ اسان جو معاشرو ذات ۽ هٺ ڌرمي کي زنده رکڻ لاءِ ريتن ۽ رسمن جي پوئيواري ڪندو پيو اچي پر اسان وٽ الائي ڇو ائين سڀ ڪجهه هلندو رهي ٿو.
    ***

    شهمير خان هاڻي هوريان هوريان زمين جي ڪم ڪارين کي ڏسڻ لڳو ۽ انهي ڪم ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو، هن جو والد به هن جي انهيءَ ڪوششن کي ساراهڻ لڳو، هن پاڻ به پنهنجي قاضي، ڪمدارن ۽ مٿين کي زمين جو سڄو حساب ڪتاب هن جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. صبح جو سوير اٿڻ هن معمول بنائي ڇڏيو ۽ اٿي زمين جي سارسنڀال پاڻ ڪرڻ ويندو هو. ڪجهه ٽائيم هاڻي اوطاق تي به ڏيڻ لڳو، اوطاق تي ويهي ڳوٺ وارن جو ڳالهيون به ٻڌڻ لڳو، هن جي اوطاق تي ٽائيم ڏيڻ سان ڳوٺ وارا به هوريان هوريان هن جي ويجهو اچڻ لڳا ۽ هن جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳا. ائين ڏينهن به ڏينهن اوطاق تي شام جي ٽائيم رش وڌڻ لڳي جيڪي به ڳوٺ وارا اوطاق تي شام جي ٽائيم ايندا هئا ته انهن کي هاڻي چانهه جي ٽائيم چانهه ۽ ماني جي ٽائيم ماني ملڻ لڳي، جيڪي ڪم چور نوڪر هئا سي نوڪري ڇڏي ڀڄي ويا. هارين جو حساب ڪتاب جنهن جي هو پاڻ نظر داري ڪرڻ لڳو، جن هارين جي فصل مان بچت ٿيندي هئي انهن کي هو موقعي تي ڏئي ڇڏيندو هو، صبح جو سوير جڏهن زمين تي نڪرندو هو ته ڪمدار ڪڏهن ڪنهن هاري جي کل ڏيندي چوندو هو ته بابا سائين! هي فلاڻو هاري صفا ڪم چور آهي، ڪم نٿو ڪري توهان ئي ٿوري ڇنڊ ڏيوس. جواب ۾ شهمير خان چوندو هو ته ڪمدار اسان کي ڪم سان ڪم آهي جيڪڏهن ڪم نٿو ڪري ته هن کي ٺيڪ نموني سان سمجهائڻ تنهنجو ڪم آهي باقي اهو ڪم منهنجو نه آهي جيڪڏهن اڃان به نٿو سمجهي ته مان انهيءَ غريب کي گهٽ وڌ ڇو ڳالهايان؟، باقي تون پگهار ڇو ٿو کڻين، مان ڪمدار جي چوڻ ته نه لڳو آهيان ۽ نه وري لڳندس باقي اهڙي ماڻهو کي وچ ۾ جواب ڏيڻ بجاءِ جيئن ئي فصل لهي ته جواب ڏئي ڇڏيندو ڪر باقي اڳتي مون کي انهن جون شڪايتون نه ڏيندو ڪر. ڪمدار جيڪو پنهنجي حساب سان هارين کي ڌمڪيون ڏيندو هو ته هي وڏيرو ڏاڍو سخت ماڻهو آهي، جڏهن ڪمدار جي ڀر ۾ بيٺل هارين وڏيري جون اهي ڳالهيون ٻڌيون ته دل ٻڌي وڏيري سان ملڻ اچن ٿا، ڪمدار وائڙن جيان ڪنهن مهل وڏيري کي ته ڪنهن مهل هارين کي ڏسندو رهي ٿو. ائين شهمير پنهنجي مضبوط ارادن سان اڳتي وڌندو رهي ٿو ۽ رخسانه به هاڻي باقاعده گهر هلائڻ لڳي ٿي، ڳوٺ مان ايندڙ غريب عورتون جيڪا به ٿوري گهڻي اميد سانڍي هن وٽ اچن ٿيون ته هوءِ به انهن جي اها اميد ڪوشش ڪري پورو ڪرڻ جي ڪري ٿي، ڳوٺ جون عورتون به هن جي ساراهه ڪرڻ لڳن ٿيون ۽ رخسانه جي امڙ به هن سان هٿ ونڊائيندي رهي ٿي. وڏيرو اسحاق جڏهن به ڳوٺ ايندو هو ته ڏاڍو خوش ٿيندو هو ڇاڪاڻ ته هن جي ڪردار سان جيڪو گهر اجڙي ويو هو سو وري رونق وارو ڏيک ڏئي رهيو هو.
    ***

    اها چانڊوڪي رات هئي رخسانه به هن سان گڏ ويٺي هئي، رخسانه هوريان هوريان هن کي چوڻ لڳي ته شهمير اڄ مون کي ڏاڍو مٿي ۾ سور آهي تون ڀل هت آرام ڪر مان وڃي ٿي امان کي چوان ته مون کي ٿورا زور ڏي ۽ وڃي گوري کاوان ٿي. ائين ئي ڪجهه دير ويهڻ بعد هوءِ اتان اٿي هلي وڃي ٿي ته ڪجهه دير کانپوءِ رخسانه جي والده شهمير وٽ اچي چوڻ لڳي ٿي ته پٽ رخسانه جي طبعيت خراب آهي، هن کي ٻه ٽي الٽيون ٿيون آهن. شهمير ڪنهن ڊاڪٽر کي گهرائڻ بجاء رخسانه کي گاڏي ۾ ويهاري ڳوٺ جي ويجهو لڳندڙ شهر ۾ رهندڙ ڊاڪٽرياڻي ڏانهن وٺي وڃي ٿو. ڊاڪٽر صاحبه ڪجهه دوائون ڏيڻ بعد شهمير کي ٻاهر اچي خوشخبري ٻڌائي ٿي ته ادا پريشان نه ٿيو گهٻرائڻ جي ڪابه ڳالهه نه آهي، توهان ڪجهه مهينن بعد پيءُ ٿيڻ وارا آهيو! اها خبر جڏهن شهمير کي پوي ٿي ته خوشي سان گڏ حيرت ٿئي ٿي، هو جڏهن واپس گهر اچي ٿو ته رخسانه کي ته آرام اچي وڃي ٿو ۽ هي ڪجهه دير لاءِ بيڊ تي ليٽي پوي ٿو، هن کان ننڊ ڪوهين ڏور هلي وڃي ٿي ته هي ٻاهر نڪري اڱڻ ۾ ويهي ٿو، اڱڻ ۾ به هن کي مزو نٿو اچي هو ٻاهر اچي اوطاق جي ٺهيل بلڊنگ مٿان چڙهي وڃي ٿو ۽ چانڊوڪي جو مزو وٺندو رهي ٿو. هو سوچڻ لڳي ٿو ته چانڊوڪي ته مون کي تمام گهڻي وڻندي آهي، انهيءَ چانڊوڪي ۾ هن کي رابيل ڏاڍي ياد اچي ٿي ۽ هو موبائل هٿ ۾ کڻي هن جو نمبر ڊائل ڪري ٿو پر رابيل جو نمبر وري بند اچي ٿو، هو موبائل کيسي ۾ رکي سوچڻ لڳي ٿو ته واقعي رابيل جي بي انتها محبت مون کي به هن جي شدت ڀرئي پيار جو احساس ڏياري رهي آهي، هن جي پيار به مون کي به هن طرف ڇڪي ورتو آهي اها حقيقت آهي پيار ته ورلي ڪنهن کي ملندو آهي نه ته گهڻيون محبتون راهن ۾ رلي وينديون آهن. اڄ ئي مون کي تمام گهڻي هن جي ياد اچي رهي آهي نه ڄاڻ ڇا ٿي ويو آهي لڳي ائين پيو ته هو منهنجي من اندر ڇائنجي وئي آهي، بس اها ته سڀني کي خبر آهي ته محبتون جيڪي دلين کي وڪوڙي وينديون آهن بس جيڪڏهن اهي محبتون منزل تي نٿيون پهچن ته بس ياد ئي رهجي ويندي آهي. رابيل تنهنجي وفا مون کي توڏانهن ڇڪي وئي آهي، تو بن هاڻي مان ڪجهه به نه آهيان، اڳ ته مون کي احساس يا قدر نه هو ته محبت ڇا آهي...! پر هاڻي احساس آهي محبت زندگي آهي، تون منهنجي دل آهين تون منهنجي زندگي آهين، مان به تنهنجي ادائن ۾ زخمي ٿي پيو آهيان دل چوندي آهي ته رابيل تون مون کان پل پري نه هجين، منهنجي خوابن جي شهزادي مان تنهنجي سچي پيار آڏو هارجي ويو آهيان ۽ تون پيار جي هي راند کٽي وئي آهين، تنهنجي اعتماد جوڳيون ڳالهيون جيڪي وک وک تي مون کي مضبوط بنائي رهيون آهن، مان تنهنجي صلاحيتن ۽ اعتماد مان گهڻو ڪجهه سکيو آهي تڏهن ته ماڻهو مون مان ڪجهه اميدون رکي رهيا آهن ۽ مان به تنهنجي دعائن سان جنهن به ڪم ۾ هٿ وجهان ٿو ته اهو ٿي وڃي ٿو. مون کي دل ۾ تون ڏاڍو ياد ايندي آهين، الائي ڇو مون کي چانڊوڪي ڏاڍي وڻندي آهي، چانڊوڪي رات اڪيلائي ۾ مون کي وڌيڪ مزو ڏيندي آهي، دل چوندي آهي ته مان اڪيلي ۾ ويهي انهن راتين ۾ توسان روح رهاڻ ڪريان حالانڪه مون کي خبر آهي ته توکي حاصل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ڇاڪاڻ ته هڪ ته مون تي کوڙ ساريون ذميواريون آهن ۽ ٻيو ته مان اڳ ۾ شادي شده آهيان، رخسانه منهنجو ۽ گهر جو تمام سٺي نموني خيال رکندي آهي، هوءِ ته منهنجي سامهون اڳيان ڪا فرمائش به نه رکندي آهي، مان ته هن جو ذري برابر خيال به نه رکندو آهيان پر پوءِ به هوءِ هن گهر سان بي انتها محبت ڪندي آهي جيڪڏهن سڀاڻي رابيل مون سان شادي ڪرڻ لاءِ راضي ٿي وڃي ٿي ته مان رخسانه کي ڪهڙي ريت مطمئن ڪري سگهندس؟، هن جي اهڙي ڪابه ڪمزوري نه آهي جنهن کي مان جواز بڻائي رابيل سان شادي ڪيان تنهنڪري پنهنجي دل مان رابيل سان شادي ڪرڻ وارو خواب دل مان ڪڍي ڇڏيان ۽ هن کي سڌو جواب ڏئي ڇڏيان ته بهتر آهي پر هوءِ به ته مون سان ڪڏهن شادي واري مسئلي تي ڳالهائي به نٿي ۽ هوءِ ته مون کان ڪجهه گهري به نٿي گهري ٿي ته صرف ۽ صرف ڪجهه ٽائيم گُهري ٿي، جنهن ڪچهري ۾ هوءِ مون کي پنهنجن جيئان سمجهائي ٿي، غلط ڪمن کان روڪي ٿي، هن کي ائين ڪيئن ڇڏي ڏيان، هن ته وک وک تي هڪ عورت ٿي ڪري منهنجو ساٿ ڏنو آهي، مان ائين هن سان دوکو ته نٿو ڪري سگهان. ائين سوچيندي سوچيندي ڪافي دير ٿي وڃي ٿي هو دل ئي دل وچن ڪري ڇڏي ٿو ته جيڪڏهن هوءِ سڀني حالتن کي سمجهندي مون کي ڇڏي وڃي ٿي ته مان هن کي ڪابه ميار نه ڏيندس ۽ خاموش ٿي ويهي رهندس پر جيڪڏهن پاڻ ئي ڪو ٻيو رستو نڪري اچي ٿو ته هن کي مان حاصل ڪري وٺندس.
    ***


    9

    وري جڏهن چند ڏينهن گذرڻ کانپوءِ شهمير جو بابا وڏيرو اسحاق ڳوٺ اچي ٿو ته هن کي هلڪو بخار زڪام هجي ٿو، هو آرام ڪرڻ جي بهاني ڳوٺ اچي ٿو ۽ شهمير کي وري ڪنهن ڪم سان حيدرآباد موڪلي ٿو. شهمير حيدرآباد جو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿئي ٿو ۽ جلدي تيار ٿي نڪرڻ جي ڪري ٿو. رخسانه هن کي ماني کائڻ جو چوي ٿي پر هي رخسانه کي چوڻ لڳي ٿو ته مون کي اڃان بک ڪانهي، مان اڳتي وڃي کائيندس. شهمير اهو جواب ڏئي ٿو ته رخسانه چوڻ لڳي ٿي تنهنجو ساهه هُتي اٽڪيو پيو آهي ته توکي ڪٿي ماني وڻندي. رخسانه جو اهو جملو ٻڌي هو ڇرڪجي وڃي ٿو ڇا مقصد رخسانه تنهنجو آهي؟، ڪجهه نه سائين مان ته مذاق ڪري رهي آهيان تڏهن ائين پئي چوان ٻيو مڙئي خير آهي، توهان ڀلي وڃي سگهو ٿا. هو جڏهن گاڏي ڪڍي گهران نڪري ٿو ته رستي ۾ بک جو اندر ۾ احساس شدت سان هُن کي ٿئي ٿو ته هو رستي ۾ هڪ اسٽاپ جنهن تي رونق وارو ماحول لڳو پيو هو اُتي هو گاڏي بيهاري هڪ هوٽل ۾ اندر داخل ٿئي ٿو. هي ماني جو آرڊر ڏئي مان اچڻ جو انتظار ڪري پيو ته چند گهڙين کانپوءِ هن جي سامهون ماني بيرو رکي وڃي ٿو ۽ اڃان ٻه ٽي گرهه ماني جا مس ڀري ٿو ته ايتري ۾ ستن اٺن ورهين جو هڪ نينگر هن جي سامهون خيرات وٺڻ جي صدا هڻڻ لڳي ٿو. اوڏي مهل شهمير پنهنجي کيسي ۾ هٿ هڻي ٿو ته کليا پئسا هن وٽ موجود ڪونه هجن ٿا ته شهمير انهي نينگر کي چوڻ لڳي ٿو ته بابو پئسا کليا ته ڪونه آهن ته اهو نينگر پئسن وٺڻ بدران شهمير کي چوڻ لڳي ٿو ته ادا مون کي ماني کاراءِ! شهمير پهرين ته مذاق سمجهي ٿو ته جام ٽائيم ٿي ويو آهي هن کي بک ڪٿي هوندي، وري به هو هن جي دل رکڻ خاطر هن کي ڪجهه ماني ڪڍي ڏئي ٿو ۽ هن کي پنهنجي ڀر ۾ ويهاري کائڻ جو چوي ٿو. هو نينگر پوري ماني کائي وڃي ٿو ته وري هي ٻي ماني هن کي ڏئي ٿو ته اهو ننڍڙو اها به ماني کائي وڃي ٿو ۽ پوءِ هو پاڻي پي اٿڻ جي ڪري ٿو ته شهمير کيسي مان ڪجهه ٽافيون ڪڍي هن کي کائڻ لاءِ ڏئي ٿو ۽ هو خوش ٿي کلندو هوٽل مان ٻاهر نڪري وڃي ٿو. هن کي شهمير تعجب وچان ڏسندو رهي ٿو. جڏهن وري اهو منظر هن جي اکين آڏو تري اچي ٿو ته هن جو وجود سڪتي ۾ اچي وڃي ٿو. هو انهن ئي خيالن ۾ هوٽل مان ٻاهر نڪري ٿو، رستي ۾ گاڏي هلائيندي هن کي ائين ئي ساڳيا خيال اچن ٿا، جنهن معاشري ۾ اسان رهون ٿا ته اتي اهڙا ڏکوئيندڙ منظر ڏسڻ لاءِ ملندا جن جي باري ۾ اسان ڪڏهن تصور به نه ڪيو آهي، اسان جي معاشري جا ماڻهو جتي سماج کي سڌارڻ لاءِ مختلف نموني سان پنهنجي ليکي ٺيڪ نموني سان ڪوششون ڪري رهيا آهن، اهي ڪوششون تعليم جي حوالي سان يا صحتمند معاشري لاءِ هجن ته ٿيون پر يا ته وري ٻين ڪيترن ئي زندگي توڙي ماحول جي حوالي سان ته ڪم ڪري رهيون آهن پر اسان ماڻهن ڪڏهن ويجهي کان اسان جي معاشري جي اها ڀيانڪ تصوير ڏٺي به ڪانه آهي. هر ڪنهن سماج سڌارڪ اسٽيج تي اچي يا ويجهي ڪنهن پروگرام ۾ انهيءَ مسئلي تي ضرور ڳالهايو ته هوندو پر منهنجي مشاهدي موجب اهڙي ڀيانڪ تصوير ويجهي کان مشڪل مان ئي ڪنهن ڏٺي هوندي.
    ***

    شهمير جڏهن حيدرآباد پهچي ٿو ته اتي ڪجهه دير آرام ڪري ٿو ۽ پوءِ پهرين فرصت ۾ هو رابيل سان ملڻ وڃي ٿو. جڏهن هو رابيل سان ملي ٿو ته هو سڀ کان اڳ رابيل سان رستي ۾ هوٽل واري واقعي تي ڳالهائڻ لڳي ٿو، اڃان هو ڳالهه شروع ئي مس ڪري ٿو ته ايتري ۾ رابيل چوڻ لڳي ٿي پهرين ڪجهه به نه ٻڌندس ۽ پهرين مان پنهنجي نڪور شاعري ٻڌائيندس جيڪا جيڪڏهن ٿوري دير کانپوءِ ٻڌائيندس ته پاروٿي ٿي ويندي، انهيءَ ڳالهه تي هو ٻئي کلڻ لڳن ٿا، شهمير هن کي چوڻ لڳي ٿو ته توهان ڀل پهرين شاعري ٻڌايو ۽ رابيل پنهنجي پرس مان شاعري جو پنو ڪڍي مسڪرائيندي پڙهڻ لڳي ٿي ۽ چوڻ لڳي ٿي ته محبت تي مون هي نظم لکيو آهي، شهمير به حجاب ٽوڙيندي چوڻ لڳي ٿو ته هاڻي ڇڏ نخرن کي ٻڌاءِ ڀلا ۽ رابيل هن کي ٻڌائڻ لڳي ٿي ته:
    جان
    مان ڄاڻان ٿي،
    مون کي توسان جيڪا به محبت هئي
    سا صرف هڪ طرفي هئي.
    توتي اعتبار ڪري توکي پنهنجو سمجهي
    مان توکان ٿوري ناراض ٿي هيس
    پر او جان!
    خدا ٿو ڄاڻي،
    منهنجي دل ۾ تنهنجي لاءِ تر جيترو به غصو نه هو.
    منهنجي دل تنهنجي محبت جي احساس سان
    تنهنجي پيار جي واس سان ڀريل هئي.
    مان صرف ظاهر طور ناراض ٿي هيس
    ته ڏسان ڪيترو ڀائين ۽ چاهين ٿو،
    پر انهي لمحي مون کي
    سمجهان ٿي ڇڏيو
    ۽ مون توکي آزمائي ڇڏيو
    اگر مونسان محبت هجي ها
    ته ضرور مون کي مڃائين ها
    مون کي پرچائين ها
    ها مون کي پرچائين ها!
    شهمير اها شاعري ٻڌي ٻنهي هٿن سان تاڙيون وڄائي هن کي داد ڏيڻ لڳي ٿو رابيل واهه زبردست واهه جي شاعري ڪئي اٿئي. رابيل به هن کي مهرباني چوڻ لڳي ٿي شهمير توهان ڪجهه دير پهرين ڪجهه چئي رهيا هئا اهو هاڻي توهان چئي سگهو ٿا. ها رابيل مان سوچان ٿو ته دنيا ڪيڏانهن وڃي رهي آهي. ڇو ڇا ٿيو؟، رابيل هن کان آڏي پڇا ڪري ٿي ته شهمير هن کي رستي ۾ ٿيل هوٽل وارو واقعو چڱي ريت ٻڌائي ٿو. جڏهن رابيل هن جي ڳالهه ٻڌي ٿي ته شهمير جي ذهن مطابق هي به اهو واقعو ٻڌي مون وانگر تعجب ۾ پئجي ويندي پر هوءِ تعجب ۾ اچڻ بجاءِ ائين مسڪرائيندي رهي ٿي. شهمير وري به هن جي انهيءَ ادا کي سمجهي نه سگهيو ايتري ۾ هوءِ ڳالهائڻ لڳي ٿي ته شهمير جاني! اهو هڪ واقعو جيڪو توهان جي مشاهدي هيٺ آيو آهي پر هتي اسان جي معاشري ۾ لاتعداد خاندان آهن جيڪي مفلسي جي سمونڊ ۾ غوطا کائي رهيا آهن، نه صرف اسان جي معاشري ۾ پر خود اسان جي بلڪل آس پاس جي ماحول ڏي جيڪر نظر ڊوڙائينداسين ته اسان کي اتي به اهو حال نظر ايندو، صرف چند فرد هوندا آهن جيڪي سچائي سان اهڙين حالتن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته اسان جو ايندڙ نسل ڪنهن جو آڏو هٿ نه ٽنگي، هو بوٽ پالش نه ڪري هن جا هٿ لوهه جي پانن سان ڪارا ٿيل نه هجن ۽ نه وري هن جي اڳيان مال جو ڌڻ نه هجي، نه وري هن جي هٿ ۾ لٺ ۽ جهار هڪلڻ واري کانڀاڻي هجي، هن جي هٿ ۾ صرف ۽ صرف قلم هجي، تڏهن وڃي اسان هن معاشري لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪري سگهنداسين، جڏهن توهان وانگر اسان جي ذهنن ۾ اجتماعي شعور سجاڳي سندا احساس کڻي ايندو اسان تڏهن وڃي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جهڙا ٿينداسين، تڏهن وڃي اسان جو وجود اکيون مهٽي اٿڻ جي ڪوشش ڪندو نه ته هتي ڪير به ڪنهنجو نه آهي. اهڙين شين جي سجاڳي ڏيڻ لاءِ ادارا به آهن پر فعال نه آهن، ماڻهو به آهن پر اهي صرف وٺي ڄاڻن ٿا پر ڪجهه به محنت نٿا ڪن، انفرادي طرح ڪير اهڙن مسئلن کي سنجيدگي سان کڻي ڪجهه ڪرڻ گهري ٿو ته پهرين اسان انهيءَ جو ساٿ نه ڏيندا آهيون، اڃان به ڪو ڀرپور نموني سان ڪم ڪري ٿو ته اسان جي ناڪام ذهنن کان اهو سڀ ڪجهه برداشت نٿو ٿئي ۽ اهڙن ماڻهن کي سڌين گولين سان سندن سينا پروڻ ڪيا وڃن ٿا، تڏهن ته اسان جي معاشري ۾ اهڙا ابهم ٻارڙا به پڙهڻ بجاءِ غلط صحبت ۾ اچي وڃن ٿا، ڪڏهن اهي اسان جي ذاتي دشمنين جي باهه ۾ سڙندا رهن ٿا ته ڪڏهن وري ائين رستن تان کنڀجي وڃن ٿا. شهمير به هن جي ڳالهه ۾ ها ۾ ها ملائي چوڻ لڳي ٿو ته ها رابيل اسان سڄي معاشري کي ته سڌاري نٿا سگهون پر جيڪڏهن پاڻ صرف چند اهڙن تمام مسڪين خاندانن تي هٿ رکي ڇڏيون ۽ انهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي ڪريون ۽ انهن جي ٻارڙن کي اسڪول موڪليون ته ڪجهه نه ڪجهه بهتر ٿي ئي پوندو. رابيل به چوڻ لڳي ٿي ڪنهن به مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ عملي طرح ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ گهرجي پاڻ به اڳتي هلي انهيءَ معاملي کي سنجيدگي سان وٺي ڪجهه نه ڪجهه ڪنداسين.
    ***

    جڏهن شهمير واپس ڳوٺ اچي ٿو ته اڪيلائيءَ ۾ ويهي سنجيدگي سان غور ڪرڻ لڳي ٿو ته مون کي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هوٽل وارو واقعو هن جو ذهن کولي ڇڏي ٿو. اڪيلائي ۾ ائين ويٺي ويٺي سڄڻ کي رِنگ ڪري ٿو ته چند گهڙين کانپوءِ سڄڻ هن وٽ اچي وڃي ٿو. شهمير ۽ سڄڻ ٻئي گڏجي چانهه پيئن ٿا ۽ چانهه پيئڻ کانپوءِ شهمير هن کي هوٽل وارو واقعو وري ٻڌائي ٿو، سڄڻ جواب ۾ چوڻ لڳي ٿو ها ادا مان ته پڙهيل ڪو نه آهيان پر ايترو ضرور ڄاڻان ٿو ته اسان گيراج تي ڪم ڪندڙ ڪنهن معصوم ٻار جي ڏک ۽ تڪليف کي نه سمجهي سگهيا آهيون نه وري بک ۾ پاهه ٿيندڙ ڪنهن جُهڳين ۾ رهندڙ انهن لاڏئو خاندان جي ڏکن کي سمجهي سگهيا آهيون، هي دؤر يا هي معاشرو جنهن جا اڪثر فرد مايا کي ميڙڻ جي چڪر ۾ آهن سواءِ چند شعور رکندڙ وجود جيڪي هن معاشري جي ستم ظريفين کي سمجهي سگهن ٿا تنهنڪري توهان جيڪڏهن هن معاشري ۾ رهندڙ اهڙن فردن لاءِ ڪجهه ڪريو ٿا ته مان توهان سان گڏ آهيان. شهمير به هن سان صلاح ڪرڻ لڳي ٿو هو سوچي انهيءَ ڳالهه تي متفق ٿين ٿا ته اسان سنجيدگي سان ڪجهه ڪرڻ گهرون ٿا، هو ڪجهه دير ٻئي خاموش ٿي وڃن ٿا چند گهڙين کانپوءِ شهمير ڳالهائڻ لڳي ٿو ته توهان سڄڻ في الحال پنهنجي ڳوٺ جي انهن بيواهه عورتن جي لسٽ ٺاهيو ۽ بلڪه انهن خاندانن جي لسٽ ٺاهيو ته پوءِ اڳتي ڏسون ٿا. ائين هو موڪلائي هليا وڃن ٿا، ٻن ڏينهن کان پوءِ سڄڻ اها لسٽ ٺاهي اچي هن کي ٻڌائي ٿو درجن کان مٿي هتي بيواهون ۽ انهن سان گڏ ٻارڙا رهن ٿا. شهمير چند ڏينهن کانپوءِ انهن سڀني بيواهن کي پنهنجي گهر گهرائي ٿو ۽ انهن جي هڪ حڪمت عملي تحت وظيفو مقرر ڪري ٿو انهيءَ شرط سان ته انهن سڀني جا ٻار ڳوٺ واري اسڪول ۾ پڙهندا. اهي عورتون انهيءَ شرط تي راضي ٿي وڃن ٿيون ته هو هنن جي وس آهر مدد ڪرڻ لڳي ٿو. اهي بيواهون به ڏاڍيون خوش ٿيڻ لڳن ٿيون ته شهمير وري به انهن عورتن کي چوڻ لڳي ٿو اڄ کانپوءِ توهان جو ڪو به ٻار ڪمائڻ نه ويندو صرف ۽ صرف پڙهڻ لاءِ اسڪول ويندو ۽ شام جو هتي مدرسي ۾ پڙهڻ ايندو، انهن ٻارڙن جي خرچي به توهان کي الڳ ملندي جيئن توهان جا اها ٻچڙا اڳتي هلي ڪجهه نه ڪجهه ٿي وڃن، اها ئي منهنجي دل ۾ حسرت آهي ته پهرين اسان پنهنجي ڳوٺ کي سڌاريون. ائين ئي اهي عورتون هليون وڃن ٿيون، شهمير جي دل تان ڪجهه بار هلڪو ٿي وڃي ٿو ته گڏوگڏ سڄڻ جي جذبي کي سلام ڪري ٿو، جواب ۾ سڄڻ هن کي چوڻ لڳي ٿو شهمير ادا منهنجي دل ۾ اڃان به سٺيون تجويزون آهن، اڳتي هلي پاڻ هنن سڀني ڳوٺ وارن کي ٺيڪ نموني سان سمجهائينداسين.
    ***

    هن ڀيري جڏهن رابيل هن سان ملي ٿي ته هن کي ٻڌائڻ لڳي ٿي مان چند ڏينهن لاءِ ڪراچي وڃي رهي آهيان ڇاڪاڻ ته منهنجي پياري سهيلي جي شادي آهي، ڏهه پندرنهن ڏينهن اتي رهنداسين پوءِ اسان جا سڀ گهر وارا واپس هتي ايندا جيڪڏهن تون اتي اچين ته پاڻ گڏجي گهمنداسين ڇاڪاڻ ته مان امان کي تنهنجي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو آهي ۽ امان ته اڳ ۾ ئي توهان جي گهر جي ساراهه ۾ ماپندي ڪانه آهي. شهمير به هن کي چوڻ لڳي ٿو ته جيڪڏهن توهان وڃڻ چاهيو ته ڀلي وڃو اسان جي اجازت آهي هو ٻئي انهي جملي تي مسڪرائڻ لڳن ٿا ۽ ڪجهه هو ائين شهر جي مصروف روڊ جي فوٽ پاٿ هوريان هوريان هلندا به رهن ٿا ۽ وري واپس گاڏي ۾ چڙهي سنڌو درياءُ جي ڪناري تي اچن ٿا ۽ اتي ٿوري دير لاءِ گهمي ڦري وري به هوٽل تي چانهه جو آرڊر ڏئي ڪچهري ڪرڻ لڳن ٿا، شهمير ڳالهين ئي ڳالهين ۾ هن کي چوڻ لڳي ٿو ته هاڻي هن دؤر ۾ الائي ڇو اسان وٽ رشتن ناتن جو ڪو قدر نه رهيو آهي، صرف ۽ صرف مفاد ئي باقي رهجي ويا آهن. احساسن جي ڏور ۾ پويل ڪومل ڪلين جهڙا نازڪ حساس احساس انسان جي وجود ۾ رهندي زندگي جي موڙ تي مٽجي وڃن ٿا، رابيل به هن جي ڳالهه سان سهمت ٿيندي چوڻ لڳي ٿي ته ڏس جيڪڏهن اسان صرف اهو سوچون ته اسان پنهنجي معمولي مفادن خاطر ڇا ڇا نه ڪندا آهيون...!؟ توهان رڳو اڄ جي اخبار کڻي ڏسو ته اسان جي معاشري ۾ تيزاب هارڻ جا واقعا به تيزي سان وڌي رهيا آهن، مارا ماري ۽ قبيلائي جهيڙا ۽ ٻين واقعن کي ته ڪو به فل اسٽاپ نه آهي پر هي چند ورهين کان نئون نمونو نظر اچي رهيو آهي، اهڙن واقعن جي پس منظر ۾ وڃبو ته اتي به اهڙي ڪا خاص ڳالهه نظر نه ايندي بلڪه پنهنجا مفاد ئي نظر ايندا، ائين ئي بيگناهه جوانيون جلنديون رهن ٿيون شهمير خبر نٿي پوي اسان کي ڇا ڪرڻ کپي ۽ هي سڀ ڇا آهي....!؟ ڇاڪاڻ ته اسان ڏينهون ڏينهن دردن جي سمونڊ ۾ غوطا کائي رهيا آهيون جيڪڏهن اڃان به انسان پنهنجي سوچن جا رخ نه مٽايا ته اڳتي اسان کي ڏاڍيون ڏکيائون پيش اينديون. اڃان هو ڪچهري ڪري رهيا هئا ته رابيل جي موبائل جي رنگ وڳي ته ڪجهه دير هن ڳالهائي ڪال ختم ڪري ڇڏي. رابيل هن کي ٻڌائڻ لڳي ٿي شهمير جاني اسان جي گهر ڪجهه مهمان آيا آهن تنهنڪري امان ڪال ڪري رهي آهي ۽ هاڻي پاڻ کي اٿڻ کپي ائين هو ٻئي پنهنجي ڪچهري اڌ ۾ ڇڏي واپس پنهنجي گهرن ڏانهن موٽڻ لڳن ٿا.
    چند ڏينهن گذرڻ کانپوءِ هن رات وري به شهمير کي يادون ائين ئي ورائي وڃن ٿيون، هو سوچڻ لڳي ٿو ته فطرت سان سجيل هي وسيع خوبصورت ڪائنات ڪيترن ئي رنگن، روپن، قومن، طبقن ۽ ٻولين ۾ ورهايل آهي، عاليشان گهرن جي ڊرائينگ رومن ۾ ٻرندڙ فانوسن ۽ جهوپڙن ۾ ٻرندڙ ڏيئن جي روشني ۾ سڀ ستل جوانيون خواب ته هڪ جهڙا ڏسن ٿيون پر انهن خوابن جي تعبير جدا جدا هوندي آهي، اهڙين جوانين جا نمڪين ٿيل نيڻ ڀل ٽشو پيپر سان اگهجن يا وري پوتي جي پلاند سان پر سڀني دلين ۾ درد جو انداز ساڳيو هوندو آهي. هن جي من اندر ۾ رابيل جي يادن جا طوفان جاڳي پيا آهن، اها حقيقت آهي ته محبت جيڪا ازخود انسان جي وجود ۾ لهي ويندي آهي ۽ پوءِ اها محبت وجود جي رڳ رڳ ۾ ڦهلجي ويندي آهي پوءِ ڪڏهن انهيءَ محبت کي منزل هلي ويندي آهي ته ڪڏهن اها پيچرن تي ڀٽڪندي رهي ٿي، انهن ڀٽڪيل مسافرن وٽ سواءِ يادگيرن جي ڪجهه به نه هوندو آهي، جن يادن جي سهاري اهي زنده رهندا آهن محبت جيڪا کن پل ۾ هزار خوشيون کڻي اچي ٿي، اها ائين ئي چند لمحن ۾ جڏهن جداين جا گهاءُ ڏئي هلي وڃي ٿي ته احساسن جا ڇانورا به اس ۾ ساڙين ٿا. اهڙين حالتن ۾ ڪجهه ڪرڻ وارا ارادا پنهنجي اصلي شڪل وڃائي ويهندا آهن جداين ۾ اڪيلاين جا عذاب سهندي سهندي بدن ۾ ڀڙڪيل برهه جي باهه سَنڌَ سَنڌَ کي ساڻو ڪري ڇڏي ٿي، انڊلٺي شامون رنگين هوائون خزان جهڙو ڏيک ڏين ٿيون ۽ اندر جا سڀ سپنا سڙي وڃن ٿا. من ۾ موجود حسرتون ۽ چاهتون دردن جي سمونڊ ۾ غوطا کائينديون رهن ٿيون ۽ باقي زندگي مان جيئڻ جو احساس کڄي وڃي ٿو، تنهن زندگي کي اهي دليون ڪو نانءُ به نه ٿيون ڏئي سگهن، اڃان شهمير سوچن جي سمونڊ ۾ غوطا کائي رهيو هو ته هن جي سوچن جو تسلسل تڏهن ختم ٿيو جڏهن نوڪر هن کي چانهه ڏئي ٿو. هو نه چاهڻ باوجود ٽري مان چانهه جو ڪوپ کڻي پيئڻ لڳي ٿو ۽ وري سوچڻ لڳي ٿو ته حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته هن دؤر ۾ محبتن ۾ به سچائي گهٽ آهي ۽ ويساهه گهاتي وڌيڪ آهي پر وري به پيار ڪندڙ دليون انهيءَ ڳالهه تي يقين رکن ٿيون ته رشتا مٽي ۾ ملي وڃن ٿا ۽ خاڪ بنجي ختم ٿي وڃن ٿا پر محبت اندر مان ڪڏهن به ختم نٿي ٿئي نه وري مري ٿي بس هميشه دلين ۾ دفن ٿي وڃي ٿي. ڏٺو وڃي ته ريتن رسمن جي ٽياس تي ٽنگيل محبتون اهي ڪجهه به مزاحمت نٿيون ڪري سگهن. ريتن رسمن ۽ رواجن جي ڪارن ڪوٽن ۽ قيد ۾ اهي محبتون انائن ۽ نفرتن جي درياءُ ۾ غوطا کائيندي نظر اينديون آهن. اهڙين گهايل دلين کي وقت گذرڻ سان گڏ اندر جا احساس به اڻپورا لڳندا آهن، وقت ۽ حالتن هٿان هار کاڌل اهڙيون جوانيون جن وٽ صرف لڙڪن سنديون قطارون رهجي وڃن ٿيون ته پوءِ نه انهن اکين ۾ خواب رهن ٿا ۽ نه وري احساس باقي رهن ٿا، اندر جا سڀ جذبا خواب سڙي خاڪ ٿي وڃن ٿا ۽ انهن کي سڀ موسمون بي رنگ نظر اچن ٿيون ۽ پنهنجي محبتن جي اجڙيل شهرن کي ياد ڪندي باقي زندگي گذاري ڇڏين ٿيون، ائين ئي شهمير کي اهي سوچون ساڻو ڪري ڇڏين ٿيون. جيڪڏهن مان به رابيل کي پنهنجو نه ڪري سگهيس ته مونسان ڇا ٿيندو...؟، ڇا مان هن بنا زنده رهي سگهندس، جيڪڏهن اسان جي پيار جي ديوار آهي ته رخسانه آهي پر رخسانه جنهن به مون کي وک وک تي حوصلو ڏنو آهي، مان ته هن سان ايتري محبت نٿو ڪريان پر مان هن جي محبت آڏو مجبور آهيان، مون به هن کي گهري ورتو آهي ۽ هن ته پنهنجي دل ۾ مون کي جايون ڏنيون آهن ۽ وڏي ڳالهه ته هن اسان جي ڪشادي گهر کي ڊهڻ کان بچايو آهي ۽ هن کي مان ڪهڙي ميار رکان..؟ مان پاڻ هن جو مياري آهيان، مان ته هن جي سچي پيار ۾ ويساهه گهاتي ڪئي آهي، هوءِ ته اٽل ارادن جيئان پنهنجي حوصلي تي قائم آهي، مان ئي هن جي پيار جي امانت ۾ خيانت ڪئي آهي پر وري به هن ته ڪڏهن مون کي ڪجهه به نه چيو آهي، سوچيندي سوچيندي شهمير جون اکيون آليون ٿي وڃن ٿيون ته مان ڇا ڪريان؟ هڪ طرف رابيل جو بي انتها پيار آهي ته ٻئي پاسي رخسانه جي شرافت ۽ پنهنجائپ جو انوکو انداز آهي. هو سوچڻ لڳي ٿو ته مان ڇا ڪريان؟ ٿوري دير تائين سوچڻ جي سمونڊ ۾ غوطا کائيندو رهي ٿو ۽ ائين سوچيندي سوچيندي ٿڪل قدمن سان واپس گهر ڏانهن وڌڻ لڳي ٿو.
    شهمير ۽ سڄڻ شام جي پهر اوطاق تي ويٺا هئا، ائين ئي شهمير زمين جي باري ۾ پنهنجي قاضين، ڪمدارن کان معلومات وٺي رهيو هو، ڪمدار عادت کان مجبور وري به ڪنهن نه ڪنهن هاري جي گلا ڪرڻ لڳو، سائين فلاڻو صفا ٽوٽي آهي، ڪم بلڪل نٿو ڪري ڇا ڪريان....؟، موچڙن جو به توهانجو جهليل آهي، جيڪڏهن هڪڙي ڀڃڻي ڏني مانس ته پاڻهين ٺيڪ ٿي ويندو، اهڙو سڌو ٿي ڪم ڪندو جو وڃي ٿيا خير ۽ جڏهن ٻئي زميندار وٽ ويندو ته راڄن کي ڏس ڏيندو اڳتي ويندو. شهمير هن جا جملا ٻُڌندو رهيو جيڪي ڪمدار چئي رهيو هو سي مزو ڏئي رهي هئا پر آخري جملن تي هن کي چڙ وٺي وئي، هو تپي ڳاڙهو ٿي ويو، ڪمدار ڪيترا دفعا جهليو اٿم ته اسان جي نظر ۾ ڪنهن تي تشدد ڪرڻ تمام خراب عمل آهي ۽ هونئن به ڪنهن تي تشدد ڪرڻ صفا خراب عمل آهي، مان توکي اڳ ۾ به جهليو هو ته مهرباني ڪري اهڙو ڪو به ڪم نه ڪجان جنهن سان اسان جي خاندان ۽ اسان جي ڳوٺ جي بدنامي ٿئي، جيڪڏهن ڪو به هاري يا ڌنار ڪم نٿو ڪري ته فصل لٿي هن کي جواب ڏئي ڇڏيندو ڪر ته هن لاءِ زميندار کوڙ هوندا ۽ اسان لاءِ وري هاري کوڙ ملي ويندا، جيڪڏهن تنهنجي ذهن ۾ روايتي وڏيري جي اڳيان بيٺل ڪمدار جهڙي حالت آهي ته مان اهو زميندار نه آهيان نه وري مون کي اهڙي ڪمدار جي به ضرورت آهي جيڪو ٻني جو ڪم ڪار ڇڏي ڳوٺ جون خبرون پڙهي ٻڌائي، جيڪڏهن توکي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته تون به هليو وڃ ۽ جيڪڏهن هتي رهڻو اٿئي ته اجايون خبرون ڪرڻ بجاءِ ڪم سان ڪم رک. شهمير خان جي واتان اهڙيون ڳالهيون ٻڌي هن جون وايون بتال ٿي ويون، هو خاموشي سان اوطاق مان ٻاهر نڪري آيو ۽ پنهنجي بيٺڪ ۾ اچي ويٺو.
    ڪمدار سوچڻ لڳو ته هن وڏيري ته واهه جون ست سريون ٻڌايون آهن، ڪالهوڪو ٻار آهي پر ايڏي آڪڙ اٿس، هن کان ته وڏيرو اسحاق چڱو هو جيڪو نه ڏيندو هو ته نه وري ڏکوئيندو هو، مان ته وڏيري اسحاق وارو وقت تمام سٺي نموني سان ڪڍيو پر اڄ هن ڪالهوڪي ڇوڪري ڀري اوطاق ۾ منهنجي بي عزتي ڪئي آهي، انهيءَ بي عزتي جو به ڪو ته راز هوندو. هو دل ئي دل سوچڻ لڳو اڄڪلهه وڏيرو شهمير سڄڻ جي گهڻي ٿو ٻڌي ۽ سڄڻ کي وري ڪامريڊي جو ڀوت ذهن تي سوار آهي، سڄڻ جي گهر لوڙهو به پورو سورو آيل آهي، کائڻ لاءِ اٽو ڪونهي، هتي وڏيري جي سامهون صفا ڪامريڊ بنيو ويٺو آهي ته سائين هئين ڪريو؟، سائين اڄ هيئن ڪريو؟. ڌنڌو نه ڌاڙي واندي خلق مان اچي ڦاٿا آهيون. ڪاوڙ ۾ ڪمدار جو سڄو جسم پگهرجي وڃي ٿو. ڪمدار کي پگهر ۾ شل ڏسي سامهون ويٺل نوڪر هن لاءِ پاڻي ڀري اچي ٿو، هو يڪ ساهي ۾ پاڻي پي وٺي ٿو ته نوڪر پڇڻ لڳي ٿو ڪمدار خير ته آهي؟ صفا اصل ائين خيالن ۾ ٻڏي ويو آهين جهڙوڪر ڪو کنڊ جو جهاز ٻڏي ويو هجئي، ڪمدار خيالن جي خمارن مان ٻاهر ايندي چوڻ لڳي ٿو ته اڙي تون ته چپ ڪر! ڪهڙو اچي مٿو کاڌو اٿئي..!، تون هل هتان نه ته ڪريان نه تنهنجي به بي عزتي....! نوڪر چوڻ لڳو ڪمدار ڇا ٿيو اٿئي مان ته توکان حال احوال پئي ورتو ۽ تون ته صفا ککر بنجي ويو آهين. اڙي توکي چوان ٿو ته هل هتان منهنجو دماغ نه کاءُ...! نوڪر ڪمدار جي واتان اهڙا چڙ ڏياريندڙ جملا ٻڌي کسڪي وڃي ٿو ۽ ڪمدار کيسي مان پن جي ٻيڙي ڪڍي دکائي ڪش هڻي ٿو ته وري هن کي سوچون ورائي وڃن ٿيون ته هاڻي هتي عزت ڪانهي، تنهنڪري هتان هليو وڃجي هن وڏيري کي سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ڇاڪاڻ ته هڪ ته شهمير اڃان ٻار آهي ٻيو ته سڄڻ جي چوڻ تي هلي ٿو، سڄڻ ئي ته آهي جنهن منهنجي سڀ عزت وڃائي آهي، مان هتان ڇڏي وڃان ته بهتر آهي ۽ وڏيري عارب خان وٽ وڃي بيهان، اتي وڃي مان پهرين سڄڻ جو علاج ڳوليان پوءِ انهيءَ وڏيري شهمير خان کي ڏسان، جيڪا تو اڄ منهنجي بي عزتي ڪئي آهي مان توهان ٻنهي کان انهيءَ جو پلاند ضرور وٺندس ۽ ائين ڪمدار جذبات مان کٽ تان اٿي ٿو، پن جي ٻيڙي چپن کان لاهي ڦٽي ڪري ٿو ۽ سڌو وڏيري شهمير وٽ اچي چوڻ لڳي ٿو ته بابل سائين جيترا ڏينهن هتي نصيب هو هتي رهياسين هاڻي مونکي اجازت ڏئي ڇڏيو ته بهتر آهي. شهمير ڪجهه دير ته خاموش رهي ٿو پر ڪجهه دير سوچڻ بعد شهمير به هن کي اجازت ڏئي ڇڏي ٿو ۽ هو ٽوال ڇنڊي بنا حساب ڪتاب ڪرائڻ جي ٻاهر نڪري وڃي ٿو.
    شهمير ۽ سڄڻ ۽ ٻيا چند ڳوٺ جا ڇوڪرا شام جي پهر اوطاق ۾ ڪچهري ڪري رهيا هئا. اڄ وري سڄڻ انهن سڀني جي سامهون هڪ ايجنڊا رکي هئي ته اسان جو هت گڏ ٿيڻ جو مقصد آهي ته اسان پنهنجي هن ڳوٺ کي نفرتن کان بچايون حقيقت ۾ اهو مقصد اسان سڀني سنڌ واسين جو هجڻ گهرجي ته اسان نفرت کي پري ڀڄايون، نفرتن ۽ ماراماري واري سوچ بدران هڪ اهڙي ماحول کي جنم ڏيون جيڪو پيار ۽ پاٻوهه وارو هجي، اسان جون سوچون پنهنجن ۽ پراين لاءِ هڪجهڙيون هجن ۽ اسان اڄ انهيءَ مقصد لاءِ هتي گڏ ٿيا آهيون ته اسان جي علائقي جا ٻار ڪنهن وٽ نه ڌنار بنجن نه وري پيهي تي چڙهي فصلن جي جهار هڪلن نه وري ڪنهن گيراج تي ڪم ڪن نه وري ڪا مزدوري ڪن. اسان انهن جو سهارو بڻجي اڳتي وڌڻ لاءِ هتي گڏ ٿيا آهيون، پهرين ته اسان انهن ٻارن کي اسڪول به موڪلي رهيا آهيون، انهن جي خاندان جو سهارو بنيل اهي ٻار جن خاندانن لاءِ هو ڪمائين ٿا اسان انهن خاندانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اسان انهيءَ ڪم کي اڳتي وڌائيندي اڄ وري ڪا نئين حڪمت جوڙي ڪو ٻيو اهڙو ڪم شروع ڪريون تنهن جي لاءِ هت گڏ ٿيا آهيون هاڻي سڀ پنهنجا رايا ٻڌائين ته پوءِ آخر ۾ فيصلو ڪريون ٿا. سڀئي ڳوٺ وارا ڇوڪرا مختلف صلاحون ڏين ٿا، آخر ۾ سڀئي انهيءَ ڳالهه تي متفق ٿين ٿا ته پنهنجي انهيءَ علائقي کي بدامني جي باهه وڪوڙي وئي آهي. پنهنجا پنهنجن کان پري آهن، خير سگالي ڪچهريون به زماني جي ڳالهين ۽ ٻين ڪمن ڪارين بجاءِ هڪ ٻئي جي گلا تائين محدود آهن، اسان جو مقصد به اهو آهي ته اسان انهيءَ سوچن جا رخ موڙيون ۽ انهيءَ سوچن جا رخ موڙڻ لاءِ اسان کي پهرين فرصت ۾ هڪ ڏينهن هن ڳوٺ وارن لاءِ ملهائڻ گهرجي، اسان پنهنجي مٺڙي ڌرتي جي صدين کان شناخت جو اهڃاڻ بڻيل ملهه ملاکڙو ڪرايون ته جيئن علائقي واسين کي ڪجهه دير لاءِ تفريح جو موقعو ملي سگهي، اهي سڀ انهيءَ راند مان لطف اندوز ٿي سگهن. هو سڀ انهي ڳالهه تي متفق ٿين ٿا ته اسان جلد ئي اها راند ڪرائينداسين ائين ئي هنن جي گڏجاڻي ختم ٿئي ٿي.
    چند ڏنهن اندر هو سڀئي پهلوانن سان رابطا شروع ڪن ٿا ۽ پهلوان به شهمير خان جي اوطاق تي گڏ ٿين ٿا، انهن پهلوانن سان صلاح مشورا ٿين ٿا، پهلوان گڏجي اهو طئي ڪن ٿا ته اهو ملهه ملاکڙو اسان انهيءَ گرائونڊ تي ڪرايون جتي ورهين کان اڳ توهان جو ڏاڏو مرحوم شهمير خان ڪرائيندو هو، اتي شهمير ڊٺل گرائونڊ کي پاڻ بيهي تيار ڪرائي ٿو، سڄي علائقي ۾ اها خبر باهه وانگر پکڙجي وڃي ٿي ته اهو ملهه مقابلو واهه جو هوندو، بحث مباحثا شروع ٿين ٿا ۽ نيٺ اهو ڏينهن به اچي وڃي ٿو جنهن ڏينهن اهو ملهه مقابلو هجي ٿو، سڀ ملهه پهلوان پنهنجي زور آزمائي ڪندا رهن ٿا، علائقي جا سڀ ماڻهو اهو ملهه مقابلو ڏسڻ لاءِ اچن ٿا، تمام گهڻي رش وارو ماحول هجي ٿو، نيٺ اهو ملهه مقابلو پنهنجي بهترين نموني سان پڄاڻي تي پهچي ٿو ته آخر ۾ انعام به ورهايا وڃن ٿا. رئيس عارب به انهيءَ پروگرام ۾ شريڪ ٿئي ٿو پر شهمير خان هن کي ڪابه لفٽ نٿو ڪرائي نه وري هن سان ملي ٿو. هو ائين ويٺو هجي ٿو نه وري خاص مهمانن ۾ هن جو نالو ورتو وڃي ٿو ته عارب خان پروگرام هلندي اهو سڀ ڪجهه نوٽ ڪندو رهي ٿو. عارب سان گڏ آيل سندس ڇاڙتا عارب خان کي ڪابه عزت نه ملڻ تي ڏاڍا ناراض ٿين ٿا ۽ رئيس کي ڪن ۾ اچي چوڻ لڳن ٿا ته رئيس موڪل ڏيو ته هي پروگرام ڪرايون ختم صرف ٻن منٽن جي راند آهي توهان رڳو اسان تي ڇڏيو رڳو توهان اسان کي اجازت ڏيو. عارب خان اتي انهن پنهنجن ڇاڙتن کان پڇڻ لڳي ٿو ته توهان ڇا سوچيو آهي؟. اهي چوڻ لڳن ٿا ته اسان پنهنجي همراهن کي هتي وڙهائينداسين ٻه ٽي هوائي فائر ڪنداسين سڄي خلق خوف مان ڀڄي ويندي. رئيس عارب خان ڪجهه دير سوچ ۾ ٻڏي وڃي ٿو ۽ انهيءَ سوچ مان ٻاهر نڪرندي چوڻ لڳي ٿو ته دوستو سٺو نٿو لڳي، سڀاڻي سڀ مون کي ميارون ڏيندا ته توهان جا همراهه ئي اتي وڙهي پيا تنهنڪري ڇڏي ڏيو، جيڪو ٿيو سو سٺو نه ٿيو پر ٺيڪ آهي اڳتي ڏسنداسين. ايتري ۾ وري ٻيو همراهه رئيس جي ڀر ۾ اچي چوڻ لڳي ٿو سائين اهو سڄو ڪم انهي سڄڻ جو آهي. ڀر ۾ بيٺل ڪمدار به انهيءَ ڳالهه جو پاسو کڻائي ٿو ته ها رئيس اهو سڄڻ اسان سڀني جي اکين ۾ ڪنڊو بنيو آهي، سڄي ڳوٺ جو ماحول خراب ڪري ڇڏيو اٿس، مون غريب کي شهمير خان وٽان نوڪري مان ڪڍرائي ڇڏيائين انهيءَ جو ته ڪو بلو ڪيو اهو ڏينهن به ڏينهن سهي مان شينهن ٿيندو پيو وڃي رئيس عارب جو ڪاوڙ مان نڪ سونڊجي وڃي ٿو ۽ نرڙ ۾ گهنج پئجي وڃن ٿا ۽ هو ڪاوڙ مان اٿي وڃڻ لڳي ٿو ۽ شهمير وارا هن پروگرام ۾ ڪامياب ٿيڻ تي ڏاڍا خوش ٿين ٿا.
    ***


    10

    وڏي وڇوٽي کانپوءِ جڏهن هن ڀيري رابيل هن سان ملي ٿي ته چوڻ لڳي ٿي ته شهمير جاني! مان ڪجهه ڏينهن ڪراچي رهي هئس ته اتي شادي واري دعوت ۾ منهنجو ماسات منور به آيو هو جيڪو ٻاهرين ملڪ ۾ نوڪري ڪري ٿو تنهن مون کي پاڻ طرف ڇڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر مان هن کي صاف نموني سان جواب ڏئي ڇڏيو. اڃان رابيل ڳالهائي رهي هئي ته شهمير ڳالهائڻ لڳو ته رابيل جاني جيڪڏهن توکي اهو سڀ ڪجهه سٺو لڳي ٿو ۽ هو توسان پيار ڪري ٿو ته تون ڀل هن سان شادي ڪري ڇڏ ته مون کي ڪو به اعتراض نه هوندو ڇو ته مون به توکي چاهيو آهي پر جيڪڏهن هو دل سان توکي وڌيڪ چاهي ٿو ۽ جي هو مون کان به وڌيڪ توکي چاهيندو هجي، تنهنجو تمام گهڻو خيال رکي سگهي ته توکي منهنجي طرفان اجازت آهي. اڃان شهمير ڳالهائي رهيو هو ته رابيل هن جي وات تي پنهنجو هٿ رکي ٿي ڇڏي. جڏهن شهمير هن ڏانهن نهارڻ لڳي ٿو ته هن جي اکين ۾ لڙڪ لارون ڪري وهندا رهن ٿا نه نه شهمير نه تون ائين نه چئه ته مان ٻئي ڏي هلي وڃان ڇاڪاڻ ته مان ٻئي ڏي هلي وڃڻ بدران پنهنجي پاڻ کي موت حوالي ڪرڻ کي ترجيح ڏيندس اهو ئي منهنجو وچن آهي ڇاڪاڻ ته مون توسان بي انتها پيار ڪيو آهي ۽ منهنجي دل ۾ اها حسرت آهي ته منهنجي هن ڪنواري سينڌ کي تون ئي چُمندين پر جيڪڏهن ائين اگر قسمت ۾ لکيل نه هو ته تنهنجون ڳالهيون پئي ڳائيندس ۽ انهيءَ رمز سان روح کي ريجهائيندس پر توکي ڪجهه به نه چوندس. مان پنهنجي محبت جو ڀرم رکڻ ڄاڻان ٿي تون ڇا سمجهين بيوقوف! محبت ڇا هوندي آهي...؟ تون ته الائي ڇا ٿو سوچين پر مان سچي محبت اڳيان ڪجهه به نه ڪڇندس، مون کي يقين آهي ۽ پنهنجو پاڻ تي اعتماد آهي ته مان توکي پاڻهين حاصل ڪري وٺندس پر توکي ڪنهن به ڳالهه تي مجبور نه ڪندس ته تون منهنجي لاءِ هئين ڪر! ۽ تون منهنجي لاءِ هيئن ڪر! مون کي يقين آهي ته منهنجي سچي محبت پاڻهين ڪو نه ڪو رستو ڪڍندي، مون کي انهن راتين جو قسم جيڪي مون تنهنجي ياد ۾ جاڳي گذاريون آهن، منهنجون اهي اکيون گواهه آهن جنهن پل تنهنجي ڏاڍ سڪ لڳندي آهي تڏهن دل مان ڦٽي نڪتل احساس شاعري جو روپ وٺي پنن تي لهي ايندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن توکي ساريندي اهي لڙڪ لکڻ به نه ڏيندا آهن جيڪي سانوڻي جي مينهن جيئان پنن تي اوهيرا ڪري وسندا آهن، مان اهي لڙڪن هاڻا پنا ويڙهي ڊسٽ بن ۾ اڇلڻ بدران سانڍي رکندي آهيان، جن پيار ڪيو آهي ته انهن کي صبر آهي...!، ڇاڪاڻ ته اهي اکيون انتظار جي موسم کي سمجهي سگهن ٿيون، جن اکين کي پوري پڪ هوندي آهي ته انتظار اجايو نه آهي تنهن هوندي به ڀڄي ڀور ٿيل آسن کي وري ڳنڍڻ جون ڪنديون آهن، درد درد بڻيل اهڙيون دليون پنهنجي دل جي اک سان انهن وڃايل چهرن کي ڳولينديون رهنديون آهن، تنهاين جا روڳ ڀوڳيندڙ اهڙيون جوڳي اکيون جن وٽ وري وري به پرين سندون نهارون باقي هجن ٿيون. اهو سڀ ڪجهه چئي هو تڪڙا قدم کڻي واپس هلڻ لڳي ٿي. جڏهن هو تيز وکون کڻي پنهنجي گاڏي ۾ ويهڻ لڳي ٿي ته شهمير هن کان ٻانهون ٻڌي معافي وٺڻ لڳي ٿو مان تنهنجو ڏوهي آهيان ۽ مان تنهنجي دل دکائي آهي پر رابيل بنا ڪجهه ٻڌڻ جي اتان هلي وڃي ٿي.
    ***

    اڄ وري سڄڻ ۽ ڪجهه ڳوٺ جا ڇوڪرا جيڪي اڳ ۾ سرگرم هوندا هئا اهي وري شهمير وٽ اچي گڏ ٿيا هئا، سڀ وري نئين ايجنڊا تي ڪم ڪرڻ جو سوچڻ لڳا ها، مختلف ڳالهين تي غور ويچار ڪرڻ لڳا ته اسان کي هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي؟، مختلف نمونن سان مختلف ڳالهيون ڪرڻ لڳن ٿا، هرڪو پنهنجي پنهنجي راءِ پيش ڪرڻ لڳي ٿو، ڪي چوڻ لڳن ٿا تعليم جي حوالي سان ڪو جاڳرتا پروگرام ڪريون، ڪو ڪهڙي صلاح ڏئي ٿو ته ڪو وري ڪهڙي صلاح ڏئي ٿو پر سڀني کان مجيب تمام سٺي صلاح ڏئي ٿو ته اسان هڪ اهڙو ثقافتي پروگرام ڪرايون جنهن سان ماڻهو پاڻ ئي اسان وٽ هلي ايندا، صرف تعليم جي حوالي سان پروگرام ڪنداسين ته صرف چند سلجهيل ماڻهن کان سواءِ باقي ڪير به ڪو نه ايندو، پاڻ شام جي ٽائيم پروگرام ڪريون جيڪو ٻن حصن تي مشتمل هجي هڪ حصو يعني پهريون حصو جنهن ۾ پاڻ تعليم جي حوالي سان سيمينار ڪرايون ۽ اهو پروگرام جيئن ئي ختم ٿئي ته پاڻ سگهڙن جي ڪچهري ڪرايون جنهن ۾ ڪجهه صوفي فنڪار به گهرايون ته ماڻهو اهڙي پروگرام جو ٻڌي پاڻهين اچي ويندا ۽ اسان کي پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي ملي ويندي، ڪجهه نه ڪجهه ماڻهن جي ذهنن تي جيڪا روايتي زنگ لڳل آهي اها ته ختم ٿي ويندي. هو باقاعده پروگرام کي ترتيب ڏيڻ لاءِ سرگرم ٿي وڃن ٿا، سڀ ڪو پنهنجي پنهنجي ڪم کي لڳي وڃي ٿو ته وري تعليم جي ماهرن سان رابطا شروع ٿي وڃن ٿا ۽ سگهڙن سان ۽ صوفي فنڪارن سان رابطا شروع ٿي وڃن ٿا ته تاريخ به طئه ٿي وڃي ٿي. علائقي جي معززين کي دعوت ڏني وڃي ٿي وري به شهمير ۽ سڄڻ پاڻ ۾ صلاح ڪن ٿا ته اڳ ۾ ئي پاڻ رئيس عارب خان کي دعوت ڪانه ڏني هئي ته به آيو هو، هن ڀيري پاڻ دعوت ڏئي ڇڏيون ٿا پر سڄڻ شهمير جي انهيءَ ڳالهه تي انڪار ڪري ڇڏي ٿو شهمير سائين ائين ڪو نه ٿيندو، هن جي ڪري اسان جي ڳوٺ توڙي علائقي جو امن برباد ٿي ويو، رئيس عارب پوليس سان ٻٽ بڻيل آهي، هو ٻنهي هٿن سان علائقي واسين کي تباهه ڪري رهيو آهي، اسان وري هن کي انهيءَ محفل ۾ گهرايون ائين ڪڏهن به نه ٿيندو. سڄڻ جو جذباتي انداز ڏسي شهمير خان به خاموش ٿي وڃي ٿو. خير! پروگرام پنهنجي نموني سان تمام بهترين ٿئي ٿو، سڄي ڳوٺ توڙي علائقي واسي ڀرپور نموني سان شرڪت ڪن ٿا، تعليمي ماهر ڳالهائيندي چون ٿا ته اسان جي تعليم انهيءَ ڪري تباهه ٿي رهي جو اسان مان ڪنهن هڪ فرد جو ڪو قصور ڪونهي بلڪه اهو اسان جو گڏيل الميو آهي ڇاڪاڻ ته هڪڙا استاد آهن جيڪي محنت ڪري ٻارن کي پڙهائين ٿا ته ٻيا استاد جيڪي اسڪول وڃن ٿا پر پڙهائين ڪو نه ٿا اهي رڳو ٽائيم پاس ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن ۽ ڪجهه وري استاد جيڪي چند هزارن تي ڪنهن بيروزگار نوجوان کي چند هزار ڏئي اسڪول حوالي ڪري ڇڏين ٿا ۽ پاڻ ڪاروبار ڪرڻ ۾ پورا هوندا آهن ۽ اسان جي معاشري ۾ جنهن والدين وٽ ڪجهه ڏوڪڙ هوندا آهن ته اهي وري ڪنهن سرڪاري اسڪول ۾ پنهنجا ٻار پڙهائڻ بجاءِ پرائيويٽ اسڪولن ۾ داخلا وٺي ڏين ٿا، اتي به وڏيرن جا ٻار اڳتي نڪرن ٿا ۽ غريب جا ٻار وري به پوئتي رهجي وڃن ٿا ڇاڪاڻ جو غريب هڪ ته پنهنجي مفلسي جي ڪري پهرين ٻار کي پڙهائڻ بجاءِ پنهنجي اباڻي ڌنڌي طرف مائل ڪندو آهي ۽ صدين کان اسان وٽ ائين ٿيندو آهي ته هاري جو پٽ هاري آهي پر ڪٿي ڪو هاري يا مزدور طبقي جو فرد پنهنجي پاڻ کي بکون ڏئي پنهنجي ٻار کي پڙهائي ٿو ته اهو تمام ذهين هجي ٿو، تڏهن هن جي اڳيان وري ڪاپي ڪلچر عام آهي، انهيءَ ڪاپي ڪلچر جي سمونڊ ۾ هن جون صلاحيتون به برباد ٿي وڃن ٿيون، اهو وري اڳتي نٿو وڌي سگهي ۽ نيٺ مجبور ٿي پنهنجي اباڻي ڪرت طرف موٽي اچي ٿو، انهيءَ لاءِ هاڻي اسان کي به سنجيدگي سان ڪجهه ڪرڻو پوندو ڇاڪاڻ ته هاڻي سوچڻ جو وقت نه رهيو آهي ڪجهه ڪرڻ جو وقت آهي تنهنڪري پاڻ گڏجي جيڪڏهن ڪجهه ڪنداسين ته اسان پنهنجي تعليم کي تباهي جي ڪناري کان بچائي سگهنداسين. ائين واري واري سان سڀ تقريرون ڪندا رهن ٿا ۽ انهن تقريرن کانپوءِ سڀني جي اڳيان کاڌو رکيو وڃي ٿو، ماني کائڻ کانپوءِ سگهڙ ڪچهري شروع ٿئي ٿي، سگهڙ ڪچهري کانپوءِ صوفياڻا ڪلام شروع ٿين ٿا، سڄي ڳوٺ وارا توڙي علائقي واسي شهمير خان کي اهڙي پروگرام ڪرائڻ تي جس ڏين ٿا، سڄي علائقي ۾ واهه واهه ٿي وڃي ٿي، ڪجهه علائقي واسي جن مان ڪجهه صفا غريب هجن ٿا اهي اچي شهمير خان سان ملي چوڻ لڳن ٿا ته پٽ رب پاڪ ڪندو تون سدائين خوش رهندين اسان به پٽ تعليم جي حوالي سان توسان گڏ آهيون ۽ سڀاڻي اسان سندا ٻار هتي ڇڏي وينداسين ڇو ته اسان پاڻ به ته ڪو نه پڙهياسين پر انهن ٻارڙن کي اسان پڙهائينداسين شهمير خان ۽ سندن دوست اهو ئي سوچين ٿا ته اها ئي اسان جي ڪاميابي آهي.
    ***

    جڏهن رئيس عارب خان کي ٻئي ڏينهن راتوڪي پروگرام جي خبر پوي ٿي ۽ دعوت نه هجڻ جي خبر پوي ٿي تڏهن صفا تپي باهه ٿي وڃي ٿو ۽ جڏهن هن جا ڪجهه هم خيال همراهه اچي گڏ ٿين ٿا ته اهي به تبصرا ڪرڻ لڳن ٿا، ڪو مذاق ۾ چوڻ لڳي ٿو ته رئيس عارب خان تون راڄائتو رئيس آهين، تو ته سدائين هن راڄ واسين تي ٿورا ڪيا آهن پر شهمير خان توکي دعوت نه ڏئي ڏاڍو غلط ڪم ڪيو آهي، خود رئيس عارب خان به چوڻ لڳي ٿو ته مون هن جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو مون کي هن ايڏي وڏي سزا ڏني آهي. ڪچهري دوران هڪڙو همراهه ڳالهائيندي چوڻ لڳي ٿو ته رئيس شهمير خان تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، هن جيڪي به خير سگالي وارا ڪم ڪيا آهن تن ماڻهن کي موهي وڌو آهي يار اسان به چوويهه ڪلاڪ عوام جي خدمت ڪري رهيا آهيون. ڪنهن وٽ ڪهڙو مسئلو آهي ته ڪنهن وٽ وري ڪهڙو مسئلو آهي انهن جي ٻڌون ٿا ۽ انهيءَ کي حل ڪريون ٿا باقي ماڻهن جي مرضي آهي اسان ڇا ٿا ڪري سگهون. ايتري ۾ وري ٻئي همراهه ڳالهايو بابل سائين توهان به ڪو اوطاق تي ميڙ ميڙاڪو ڪرايو، سڀني کي دعوت ڏيو پر انهيءَ شهمير خان کي نه ڏجئو ته پاڻهين خبر پئجي ويندس. رئيس عارب خان هن ڏانهن نهاري پڇڻ لڳو ته ڪهڙو ميڙاڪو ڪرايون؟. ٻيو ڪجهه به نه بلڪ ڪڪڙن جو ميل ڪرايون. رئيس عارب خان هو ٻڌي هڪدم ڀونڊو ڏنس شرم نه اٿئي ڪا چڱي ڳالهه ته ڪندو ڪر، چڱن جي وچ ۾ ويهي رهندو آهين ڳالهيون اصل صفا پاروٿيون ڪندو آهين. رئيس جو موڊ خراب ٿيندي ڏسي هو خاموش ٿي وڃي ٿو ته ڪجهه دير لاءِ هو سڀ خاموش ٿي وڃن ٿا، ايتري ۾ وري ڪمدار ڳالهائڻ لڳي ٿو رئيس پريشان نه ٿي جنهن توکي ۽ مون کي پريشان ڪيو آهي اهو اسان ٻنهي جو هڪ ئي دشمن آهي، پاڻ انهيءَ دشمن کي ختم ڪري ڇڏيون نه هوندو ۽ نه وري رئيس شهمير خان کي مفت ۾ مشورا ڏيندو ۽ ڪجهه وري تر کي تپاءُ ته ماڻهن کي جيئن خبر پوي ته هائو ٻيلي ماڻهو اڃان به ملڪ ۾ موجود آهن ۽ اهي جيڪي کاڌي جي پٺيان وڏيري شهمير خان جي اوطاق تي ڪريا پيا آهن اهي پاڻهين تو وٽ هلي ايندا. هينئر به تنهنجي ته ساڳئي لئه لڳي پئي آهي، تون به رئيس ويتر هن واندي خلق جي چوڻ تي اجايو پريشان ٿي رهيو آهين. جڏهن رئيس عارب ڪمدار جون اهي ڳالهيون ٻڌي ٿو ته هن کي به ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ لڳي ٿي ته هاڻي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوندو اجايو وقت وڃائڻ بدران پنهنجي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو ئي پوندو ٻيو ته هن سڄڻ ۾ ڇا آهي؟ هڪ دفعو بي عزتي ڪرائي مانس پر نه سڌريو پر هاڻ انهيءَ جو مستقل علاج ڳولڻو پوندو ته ڪجهه شهمير خان کي به خبر پوي ته مڙس اڃان مئا ڪو نه آهن.
    ***

    جيئن جيئن شهمير خان هن ڳوٺ کي ٽائيم ڏيڻ لڳي ٿو ته تيئن تيئن هن جي اوطاق تي رونق وارو ماحول نظر اچڻ لڳي ٿو. صبح ۽ شام جي ٽائيم اوطاق تي وڏي رش هجي ٿي، ڳوٺ وارا وري به اتي اچي گڏجن ٿا جنهن جو جهڙو مسئلو هجي ٿو اهو شهمير خان ئي حل ڪرڻ لڳي ٿو. شام جي ٽائيم شهمير خان ڳوٺ جي ڇوڪرن سان بنا ڪنهن فرق جي پاڻ ئي عام ڇوڪرن جيئان ڪرڪيٽ راند کيڏڻ وڃي ٿو ۽ ڪڏهن ته اوطاق ۾ صرف چند مسافر هجن ٿا ته ڪڏهن وري مسافرن سان اوطاق سٿيل هوندي هئي. هُوءَ هوريان هوريان ڳوٺ کي اها ئي اوج ڏيارڻ جي ڪوششن ۾ رڌل هيو ته جيڪا هن جي ڏاڏي هن ڳوٺ کي ترقي ڏياري هئي هو به انهن ڪوششن ۾ رڌل هو ته اڃان به هي ڳوٺ توڙي علائقي واسي اها ئي ترقي ڪن ڇاڪاڻ ته هن کي وري به استاد رمضان جون اهي ڳالهيون ياد اچي رهيون هيون جيڪي هن سمجهايون هيون ته هن ڳوٺ کي پٽ توکي ئي سنڀالڻو آهي، تنهنجو پيءُ ته رڳو مايا ميڙڻ جي چڪر ۾ آهي، هن وٽ احساس آهن پر سڀ اڻپورا آهن تنهنڪري منهنجي دلي خواهش آهي ته تون هن ڳوٺ واسين توڙي علائقي واسين لاءِ ڪجهه ڪجان ته توکي پاڻهين عزت ملندي، اهو ڏينهن به ايندو جڏهن شايد مان هجان نه هجان پر تنهنجي هن ڪردار کي صدين تائين ياد ڪيو ويندو ڇاڪاڻ ته تنهنجي ڏاڏي مرهيات جو امر ڪردار جنهن سان اسان گڏجي ڪم ڪيو هن سان نڀايو. هن ڳوٺ وارن لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو ۽ انهيءَ جو رهيل مشن تون پورو ڪجان مان تو ۾ اهي صلاحيتون ڏسان ٿو، شهمير کي جڏهن رکي رکي اهڙيون ڳالهيون يادون اچن ٿيون ته هو دل ئي دل ۾ پنهنجي گهر واري رخسانه تي به ناز ڪرڻ لڳي ٿو جيڪا به هن سان قدم به قدم ساٿ ڏئي رهي هئي. شهمير خان جي هر شيءَ کي اهائي اوج ڏياريان جيڪا هن جي وقت ۾ هئي. هاڻي ته هو فارغ وقت ۾ انهي اجڙي ويل باغيچي کي به نئين سر سان آباد ڪرڻ لڳي ٿو ته چند هفتن اندر اهو خوبصورت باغيچو به تيار ٿي وڃي ٿو، مقصد ته شهمير خان رات ڏينهن زمين جي ڪم ڪارين کانپوءِ گهر ۾ ويهڻ بجاءِ اوطاق تي ويهڻ کي ترجيح ڏيڻ لڳي ٿو. ماڻهو جيڪي به ننڍڙا مسئلا کڻي اچن ٿا انهن کي هو پوري نموني سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
    ***


    11

    ڪافي رات لڙي چڪي هئي شهمير پنهنجي بيڊروم ۾ ويهي رابيل سان ايس ايم ايس ڪچهري ڪري رهيو هو، ڪچهري ڪندي ڪندي هن کي ننڊ اچي وئي اڃان هن جي اک مس لڳي هئي ته اچانڪ در تي ٺڪ ٺڪ ٿي. ٺڪ ٺڪ ٿيڻ سان هن جي يڪدم اک کلي وڃي ٿي هو جڏهن ڪمري جو در کولي ٿو ته سامهون هن جي رخسانه جي ماءُ هجي ٿي، هو جلدي ۾ پڇڻ لڳي ٿو خير ته آهي ماسي توهان هن مهل سڏ ڪيو. ابا خير آهي رخسانه جي طبعيت ٺيڪ ڪانهي تنهنڪري مان چيو توهان کي ٻڌايان ته هن کي پاڻ هينئر ڪنهن سٺي ڊاڪٽرياڻي وٽ وٺي هلون ڇو ته توکي جلدي خوشخبري ملڻ واري آهي ۽ تون جلدي پيءُ بنجڻ وارو آهين. شهمير اهو ٻڌي بنا ڪنهن دير جي جلدي گاڏي ڪڍي رخسانه کي وٺي سڌو حيدرآباد روانو ٿئي ٿو، هو حيدرآباد ۾ رخسانه کي ايڊمٽ ڪرائي ٿو، جڏهن سج اڀري ٿو تڏهن هن کي خوشخبري ملي ٿي ته هن کي پٽ ڄائو آهي، هو پٽ ڄمڻ جي خوشخبري سڀ کان پهرين رابيل کي ٻڌائي ٿو ۽ پوءِ پنهنجي والد اسحاق کي ۽ پوءِ ڳوٺ وارن کي ٻڌائي ٿو. جيئن ئي سج مٿي چڙهي ٿو سڀ هن وٽ اچي گڏ ٿين ٿا، وڏيرو اسحاق هن لاءِ، رخسانه ۽ ننڍڙي مهمان لاءِ کوڙ سارا تحفا وٺي اچي ٿو ۽ رابيل به هن لاءِ کوڙ سارا تحفا آڻي ٿي. هو سڀئي ڪمري ۾ ويهي هڪ ٻئي کي مٺائي کارائيندا رهن ٿا. رابيل به سڀ کان پهرين ڪيڪ کولي ٿي ڇري سان ڪٽي پهرين رخسانه کي کارائي ٿي ۽ پوءِ وري انهيءَ ٽڪري جو اڌ پاڻ کائي وري انهيءَ ٽڪري مان باقي رهيل حصو شهمير خان کي کارائي ٿي. سڀ ئي هڪ جاءُ تي گڏجي ڏاڍا خوش ٿين ٿا، رابيل به موقعو ڏسي ڳالهائڻ لڳي ٿي ته رخسانه ڀيڻ هي سڀ خوشيون وري وري تون ڏسندين رهين ۽ منهنجون دعائون توسان گڏ آهن پر اڄ مان هڪ سوالي بڻجي توکان هڪ سوال ڪري رهي آهيان جيڪو تنهنجي اڳيان دل سان هنن سڀني جي سامهون ڪري رهي آهيان، هوءِ اڃان اهي جملا مس ڳالهائي ٿي ته ايتري ۾ رابيل جي والده ۽ والد به مبارڪون ڏيڻ لاءِ اسپتال ۾ پهچي وڃن ٿا، مبارڪون ڏيڻ کانپوءِ هو رابيل کي چوڻ لڳن ٿا ته ڌي توکي ڏاڍي تڪڙ هئي ڪجهه اسان جو انتظار به ڪرين ها ۽ رابيل جو والد وڏيري اسحا سان مخاطب ٿيندي چوڻ لڳي ٿو ته اسحاق توهان هن منهنجي شاعره ڌيءُ کي ڇا کارايو آهي جيڪا توهان جي گهر جا هر وقت ڳڻ ڳائيندي رهندي آهي ۽ ايتري ته ساراهه ڪندي آهي جو وري وري به ساراهه ئي ڪندي آهي. اسحاق ڳالهائڻ لڳي ٿو ته ادا مان ته ڪجهه به ڪو نه ڪيو آهي بس اهي به هن جون مهربانيون آهن جو پنهنجو سمجهي هزار حجتون به ڪري ٿي پر ادا ڳالهه ٻڌ تنهنجي اچڻ کان پهرين هوءِ رخسانه کان ڪجهه پڇڻ لڳن ٿا ته ڌي ڇا گهري رهي آهي؟ جواب ۾ هو چوڻ لڳي ٿي ته بابا توهان به ٻڌو جيڪڏهن منهنجو عرض رخسانه پورو ڪري ٿي ته توهان مان ڪير به ڪوبه انڪار نه ڪندو. جڏهن اهي جملا هوءِ ڳالهائڻ لڳي ٿي ته حيرت مان سڀ هن کي ڏسندا رهن ٿا هوءِ بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي چوڻ لڳي ٿي ته ادي رخسانه تو جيڪي شهمير جي گهر لاءِ قربانيون ڏنيون سي تمام گهڻيون آهن مان ته انهيءَ بابت سڀ ڪجهه ڄاڻان ٿي ته شهمير جو جيڪو تون حد کان وڌيڪ خيال رکندي آهين تنهن جي به مون کي چڱي ريت خبر آهي پر اڄ مان توکان هي هٿ ٻڌي پنهنجي محبت جي خيرات گهري رهي آهيان، جيڪڏهن منهنجي هن منٿ کي مان ڏيئن ته مهرباني، جيڪڏهن جواب ڏئي ڇڏيندين ته به تنهنجي مهرباني ٿيندي ۽ مان وري ڪڏهن به توکي تنگ نه ڪندس. هوءِ ڀر ۾ بيٺل رابيل کي پنهنجي ڀر ۾ ويهاري پڇڻ لڳي ٿي ڇا گهرجي...؟ رخسانه جڏهن اهو جملو ڳالهائڻ لڳي ٿي ته جواب رابيل چوڻ لڳي ٿي ته رخسانه مون کي در اصل شهمير سان بي انتها پيار آهي جيڪڏهن تون چاهين ته مان شهمير سان شادي ڪريان! اهو جملو ٻين مٿان وڄ جيان ڪڙڪي ٿو پر رخسانه مسڪرائيندي رهي ٿي. ڪجهه دير خاموش رهڻ کانپوءِ هوءِ چوڻ لڳي ٿي ته مون کي ته پهرين به توهان ٻنهي جي خبر هئي ڇاڪاڻ ته مان هڪ دفعي شهمير جي موبائل مان تنهنجا ايس ايم ايس پڙهيا هئا ۽ مون هڪ دفعي نوڪرياڻي جي روپ ۾ توسان ڳالهايو به هو تڏهن توکان مون پڇيو هو ته شهمير سان تنهنجو ڪهڙو تعلق آهي؟ تڏهن توهان وراڻيو هو ته هو ته منهنجو سڀ ڪجهه آهي....! تڏهن ئي مان سمجهي وئي هئس ته تون شهمير سان بي انتها پيار ڪندين آهين ۽ اڄ تو خوشي جي ڏينهن مون کان پنهنجي خوشين جو سوال ڪيو آهي ته مان ڪير ٿيندي آهيان توکي روڪڻ واري؟، تون ڀل شهمير جي زندگي ۾ اچ مون کي ڪو به اعتراض نه آهي ۽ جنهن ڳالهه ۾ منهنجي شهمير خان جون خوشيون هجن مان به انهيءَ ڳالهه ۾ خوش آهيان. رخسانه جو مرڪندڙ انداز ۾ اهو جواب ٻڌي سڀ حيرت مان وري رخسانه کي ڏسندا رهن ٿا ۽ سڀ جا سڀ هڪ ٻئي کي حيرت مان ڏسندا رهن ٿا. رخسانه به ڀر ۾ بيٺل رابيل کي ڀاڪر وجهي ڀر ۾ ويهاري ٿي ٻيا سڀ انهيءَ قصي کي سمجهي خاموش ٿي وڃن ٿا البته شهمير بنا ڪجهه چوڻ جي ٻاهر نڪري وڃي ٿو. رابيل به شهمير جي پٺيان ڊوڙندي اچي ٿي جيڪا شهمير کان پڇڻ لڳي ٿي ته شهمير مون توکي هيتري عجيب نموني سان سرپرائيز ڏنو ۽ توکي ڪابه خوشي نه ٿي. هو جذباتي انداز ۾ چوڻ لڳي ٿو رابيل توکي هن ٽائيم اها ڳالهه ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ هي اهو موقعو نه هو جو تون ڪنهن فلمي هيروئن جيئان سڀني جي سامهون چوندي رهين...؟ اڃان شهمير اهو مس ڳالهايو ته جواب ۾ رابيل به جذباتي انداز ۾ جواب ڏيڻ لڳي جاني! جيڪڏهن مان اڄ رخسانه کان اهو سوال نه ڪريان ها ته شايد توکي مشڪل ماڻي سگهان ها، منهنجا ته بابا ٻاهر وڃڻ لاءِ ڪاغذ به تيار ڪرائي ڇڏيا ها، مون هن کي تنهنجي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو هو، امان ۽ بابا کي مون ڪيئن راضي ڪيو آهي اها مون کي خبر آهي نه ته هو نڀاڳو ته بابا کي کنيو بيٺو هو تنهنڪري مون بابا کان صرف چند ڏينهن مهلت ورتي هئي نه ته مان گهڻو ئي انڪار ڪيو هو ته ڪجهه به نه امان ۽ بابا جي منٿن آڏو بيوس بنجي ويس تنهن هوندي به مون همت نه هاري ۽ تون وري الائي ڇا ٿو سوچين....! شهمير اهو ٻڌي خاموش ٿي وڃي ٿو. رابيل ڊوڙندي وڃي ڪولڊ اسٽور کان ٻه منرل واٽر جون بوتلون کڻي هڪ پاڻ پئي ٿي ۽ ٻي هن کي ڏئي ٿي. هوءِ شهمير کي سمجهائڻ لڳي ٿي مان ته توکان ڪابه فرمائش به نٿي ڪريان مان رخسانه سان گڏ هڪ ئي گهر ۾ رهندس ۽ مان توسان شادي به بلڪل سادگي سان ڪندس تون رڳو منهنجو خيال رکجان مون کي ٽائيم ڏجان، مان تنهنجو گهر ڦٽائڻ نه بلڪه پنهنجي محبت جو ڀرم رکڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو آهي جيڪڏهن تون مون کي هاڻي وڃائڻ چاهين ٿو ته مون کي جواب ڏئي ڇڏ منهنجو توسان واعدو آهي ته وري ڪڏهن به تنهنجي نظرن جي سامهون نه ايندس. شهمير مسڪرائيندي وراڻي ٿو ته منهنجو توکي جواب!.
    هو جملو اڌ ۾ ڪٽي ڇڏي ٿو ۽ رابيل اٿڻ لڳي ٿي، رابيل چوڻ لڳي ٿي چئه جيڪو چوڻو اٿئي مرد ٿي ڪري هٻڪين ڇو ٿو....؟ شهمير وري به مسڪرائيندي وراڻي ٿو ته منهنجو توکي ڪو به جواب ڪونهي صرف اهو جواب آهي ته تون هاڻي منهنجي آهين. رابيل جيڪا وڃڻ لاءِ تيار بيٺي هئي سا پرس هيٺ اڇلي هن سان گڏ ويهي رهي ٿي ۽ شرارتي انداز ۾ هن جي نڪ کي هڪ هٿ ۾ جهلي ٻئي هٿ سان مٿي تي هلڪي ٿڦڪي ڏئي ٿي ۽ هو مسڪرائڻ لڳن ٿا.
    ***

    ڳوٺ جون حالتون وري خراب ٿيڻ لڳن ٿيون جو صرف چند ڏينهن ئي امن جا گذريا هئا. هر روز جيئان شهمير صبح سوير ئي جئين اوطاق تي اچي ٿو ته هن کي خبر پوي ٿي ته اڄ هن جي ٻڪري ڪاهجي وئي ۽ اڄ وري هن جا ڏاند کوليا ويا ۽ اڄ وري هن جو واٽ ويندي موٽر سائيڪل ڦرجي ويو. شهمير خان سڄڻ ۽ ٻين دوستن کي گهرائي ٿو ته ڇا ڪرڻ کپي....؟، هڪ پاسي پاڻ هن ڳوٺ ۽ علائقي ۾ خوشحالي سندا خواب کڻي ۽ امن ۽ ترقي وٺائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون ته ٻئي طرف هنن چند عناصرن هڻي هن علائقي جون ننڊون ۽ امن تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هو سنجيدگي سان ويهي سوچڻ لڳن ٿا ته ڇا ڪرڻ کپي؟ ۽ ائين ڪيئن ڪرڻ گهرجي جو امن قائم ٿي وڃي.
    ڪافي دير سوچ ويچار کانپوءِ هو اهو ئي فيصلو ڪن ٿا ته انتظامي حوالي سان مٿي وس وارن سان ڳالهائجي ۽ هتي ڪو سٺو عملدار آڻجي جيڪو هتي امن ڪرائي سگهي. شهمير ۽ سڀئي دوست انهيءَ ڳالهه تي متفق ٿين ٿا ته شهمير ٻئي ڏهاڙي انهيءَ مشن تي نڪري پوي ٿو. هو ساڃاهه وند ڌرين سان رابطو ڪري ۽ سفارشون ڪرائي نيٺ هڪ نيڪ نيت ۽ ايماندار پوليس آفيسر کي پنهنجي حد ۾ آڻي مقرر ڪرائي ٿو ته چند ڏنهن اندر ئي علائقو صفا امن وارو بنجي وڃي ٿو ۽ جيڪا واندي خلق رات تائين شهر جي چونڪن، چوراهن ۽ روڊ رستن تي ڌڪا کائيندي هئي اها بلڪل الائي ڪيڏانهن گم ٿي وئي نه ته شام جي ٽائيم هر روز ڪٿان نه ڪٿان ڪا گاڏي ڦرجڻ جو واقعو پيش ايندو رهندو هو ۽ سڀ علائقي واسي خوفزده ٿيا پيا ها پر جڏهن کان هي ايماندار پوليس آفيسر هتي هن علائقي ۾ آيو آهي تڏهن کان بلڪل امن واري فضا قائم ٿي وئي آهي. چند ڏينهن اندر جڏهن علائقي واسين کي اها خبر پوي ٿي ته اهو پوليس آفيسر شهمير خان رکرايو آهي تڏهن اهي سڀ ڳوٺ توڙي علائقي وارا شهمير خان وٽ اچڻ لڳا ۽ هن کي چوڻ لڳا ته رئيس شهمير خان تو ته هن علائقي واسين تي هي ڪم ڪري ٿورو ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي ته شهمير خان گهران نڪرندو هو ته ماڻهن جا ميڙ اوطاق تي هوندا هئا هرڪو شهمير خان جي واکاڻ پيو ڪندو هو ته يار شهمير خان ڏاڍو ڀلو ڇوڪرو آهي، هن ته اهڙا ڪم ڪيا آهن جو اهڙا ته ورهيه وهامي ويا پر ڪڏهن به ڪنهن نه ڪيا آهن، هرڪو پنهنجو پيٽ ڀرڻ ۾ پورو آهي، ڪنهن ڪجهه چيو ته ڪنهن وري ڪجهه چيو ته ادا هنن وٽ سڀ ڪجهه آهي، جيڪي بکيا هوندا آهن اهي ئي پنهنجي پيٽ ڀرڻ جي ڪندا آهن باقي جن وٽ سڀ ڪجهه هوندو آهي انهن مان به صرف چند سچائي سان ڪم ڪندا آهن جيئن شهمير خان آهي اهو ئي صرف سچائي سان ڳالهائي ٿو ۽ اسان جي ننڍڙن مسئلن کي اهميت ڏئي ٿو ته ڪم ٿي وڃن ٿا.
    ***

    جيئن ئي رخسانه واپس گهر اچي ٿي ته چند ڏينهن اندر هو پاڻ شهمير کي شادي لاءِ چوندي رهي ٿي، شهمير جڏهن هن جي واتان اهڙي خبر ٻڌي ٿو ته حيرت ۾ پئجي وڃي ٿو ۽ هن کان پڇڻ لڳي ٿو ته تون عورت ٿي ڪرين ٻي عورت کي ڪيئن برداشت ڪري سگهندين پنهنجي زندگي ۾....؟. جواب ۾ هو وراڻي ٿي شهمير خان مان هڪ مڃيل استاد جي ڌي آهيان، جنهن بابا اسان کي بي انتها پيار ڏنو ۽ جنهن پل پل توهان جي اسان کي پارت ڪئي، توهان جي ڇا بلڪه هن گهر جي روايتن جي پارت ڪئي، جنهن مون کي نفرت ڪرڻ بجاءِ پيار ڪرڻ سيکاريو، مان بابا سان ڪيل واعدن جو ڀرم رکي رهي آهيان، ها مان مڃيان ٿي ته عورت ۽ مرد هن سماج ۾ ٻئي برابر آهن پر هي معاشرو جيڪو عورت کي هميشه هيڻو سمجهي انهيءَ تي ظلم ڪري ٿو، ڏاڍ ۽ جبر ڪري ٿو پر پوءِ به عورت ويچاري اهڙا ستم سهندي به خاموش رهي ٿي، ڪابه مزاحمت نٿي ڪري ۽ مان مڃان ٿي ته عورت جيڪڏهن پنهنجي تي اچي ٿي ته اها ريتن ۽ رواجن جا ڪارا ڪوٽ به ڪيرائي ٿي ۽ ڪڏهن ته اها جيڪڏهن ڪنهن سان نفرت ڪري ٿي ته بي انتها ڪري ٿي، اهڙي ريت مان به پنهنجي پاڻ سان ڪيل وچن نڀائي رهي آهيان ڇاڪاڻ ته مان توهان کي ۽ هن گهر کي خوش ڏسڻ چاهيان ٿي ۽ خوشيون ڏيڻ چاهيان ٿي بس اهو ئي منهنجو مقصد آهي. تنهنڪري جيترو جلد ٿي سگهي تون شادي ڪري ڇڏ ۽ پوءِ هوءِ پاڻ شهمير جي موبائل تان رابيل کي فون ڪري حال احوال وٺڻ کان پوءِ شادي جي باري ۾ ڳالهائڻ لڳي ٿي ته رابيل جيڪا پڻ هن کي چوي ٿي ته مان ٻن ڏينهن جي اندر اتي بابا ۽ امان کي وٺي ايندس ۽ پوءِ پاڻ اتي گڏجي ويهي ڳالهيون ڪنداسين ۽ چند ڏنهن اندر رابيل پنهنجي والدين سميت هنن وٽ پهچي ٿي. جتي باقاعده ڳالهيون ٿين ٿيون ۽ چند ڏينهن اندر هنن جي شادي طئه ٿي وڃي ٿي، شهمير ۽ رابيل ٻئي سادگي سان هي پروگرام ڪرڻ جا خواهشمند هجن ٿا ۽ نيٺ اهو ڏينهن به اچي ٿو جڏهن رابيل شهمير جي ڪنوار بڻجي شهمير جي گهر ۾ قدم رکي ٿي. شهمير هن کي پنهنجي گهر جي حالتن بابت ۽ ماحول بابت ٻڌائي ٿو ته جواب ۾ رابيل وراڻي ٿي ته تون مون کي ڇا ٻڌائيندين، مان پاڻ هتي جي حالتن کان واقف آهيان ۽ مون کي سڀ خبر آهي، مان پوئتي جون سڀ ٻيڙيون ساڙي ڇڏيون آهن، هاڻي مان اتي ئي زندگي گذاريندس ڇو ته مون توسان بي انتها پيار ڪيو آهي ۽ ائين ئي چند ڏينهن اندر هوءِ هن ماحول سان رلي ملي وڃي ٿي.
    ***
    وقت پنهنجي حساب سان گذرندو رهي ٿو. اڄ الائي ڇو هن جو من اداس نظر اچي ٿو، رابيل به گهمڻ مائٽن جي گهر وڃي ٿي ۽ رخسانه پاڙي ۾ ڪنهن دعوت تي هلي وڃي ٿي، هن کي گهر ۾ اداسي کائڻ اچي ٿي، انهيءَ گهڙين من ئي من ۾ هن کي ماءُ جي ياد بي حد ستائي ٿي ته هو ڪمري ۾ نوڪرياڻين کي گهرائي ٿو ۽ نوڪرياڻين کي چوي ٿو ته هلو اڄ امان جي ڪمري جي صفائي ڪريون...؟ جواب ۾ نوڪرياڻيون چون ٿيون ته سائين اسان ته هر روز امان وڏي جي روم جي صفائي ڪندا آهيون باقي ڪمرو کوليون ٿا ۽ اوهان هلي ڏسو جلد ئي ڪمري ڏانهن کڄندڙ پنهنجا پير هو روڪي وٺي ٿو ۽ هو واپس اچي جلد ئي گاڏي ڪڍي سڌو پنهنجي امڙ جي قبر تي وڃي دعا گهري واپس گهر اچي ٿو ۽ سڌو ماءُ جي ڪمري ۾ هليو وڃي ٿو. اتي هن جون سنڀاليل شيون ڏسي دنگ رهجي وڃي ٿو، هن جي ڀاءُ دلاور ۽ پنهنجا ڪپڙا جن جي قميصن تي نالا به لکيل هئا سي ڏسي ٿو ته امڙ اسان جي استعمال جون شيون ڪهڙي ريت نه سنڀالي رکيون هيون ۽ ٻي الماري ۾ وڏيري اسحاق جا ڪپڙا ۽ پنهنجا ڪپڙا رکيل هئا، اڳتي وڌندي هن کي ٿيڙ اچي ٿي، جنهن جاءِ تي هو ٿيڙ کائي ٿو ته اتي ڏسي ٿو ته ڪنهن شيءَ جي مٿان ڪپڙو ڍڪيل آهي جڏهن هو ڪپڙو مٿان لاهي ٿو ته اتي هڪ پراڻو جنڊ پيل نظر اچي ٿو هي انهيءَ جنڊ کي هٿ لائي ٿو جو سندس ماءُ جيڪا ڪنهن ڪنهن مهل انهيءَ جنڊ کي شوق مان استعمال ڪندي هئي. شهمير کي صرف هڪ صبح ياد اچي ٿي جڏهن هن کي رات جو تيز بخار آيو هو ۽ هو سڄي رات بخار جي ڪري آرام ڪري نه سگهيو هو ۽ اسر ويل هن جي امڙ جڏهن جنڊ هلائي رهي هئي ته هوءِ ماءُ جي هنج ۾ سمهي رهيو هو. هو سوچڻ لڳي ٿو ته اهي زندگي جون ڪيڏيون نه خوبصورت گهڙيون هيون ۽ هيٺ پيل پراڻي پيتي کي کولي ڏسي ٿو ته اتي پيل پنهنجي امڙ جي استعمال جون شيون پيون هيون جن ۾ ڪجهه ٿانو رکيل هئا ۽ ڪجهه وري سون ۽ چاندي جا زيور پيل هئا، ٿانون ۾ ٺڪر جون وٽيون، پاٽڙا ۽ ڪجهه پتل ۽ ڪنجهي جا ٿانو هئا ۽ زيورن مان چاندي جو هس ۽ چاندي جون ٻانهيون ۽ ڪجهه ٻيا زيور پيل هئا. هي جڏهن انهن زيورن ٿانؤَن ۽ ڪپڙن کي ڏسي ٿو ته انهن سڀني شين سان گڏ دلاور جا ڪجهه رانديڪا به پيل هئا، رانديڪن کي ڏسي هن ڏٺو ته وڏيري نورخاتون دلاور سان ڪيڏي نه بي انتها محبت ڪندي هئي، هو وري ٻاهر اچي گهر جي پاسي کان بيٺل باغيچي کي ڏسي ٿو جيڪو پڻ اجڙي ويو هو ۽ پوءِ هو اڄ فرصت جو موقعو ڏسي پاڻ ۽ ڪجهه نوڪرن جي مدد سان انهيءَ ڪمري ۽ باغيچي جي صفائي ڪرڻ ۾ لڳي وڃي ٿو.
    وري اليڪشن جي موسم موٽي آئي، سڄي علائقي ۾ وري رونق وارو ماحول جڙي پيو هو، سياسي روايتي وڏيرا آرام جون ننڊون ختم ڪري اکيون مهٽي اٿي پيا هئا، پوري علائقي ۾ مختلف نمونن سان ڪارنر گڏجاڻيون ۽ جلسا پنهنجي حساب سان هلندا رهن ٿا، رئيس عارب خان پنهنجي ليکي سان ماڻهن کي گڏ ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو هو ته وري رئيس عارب خان جي اوطاق تي ماڻهو اچي گڏ ٿيڻ لڳا هئا، هو هاڻي هڪ هڪ سان الڳ لڳ ويهي حال احوال پڇي رهيو هو، سڀني کي چوڻ لڳو ته اڳئين دفعي اسان جي حمايتي اميدوار کي کٽرايو هو ۽ هيل به اسان انهيءَ جي حمايت ۾ ميدان ۾ نڪتا آهيون اوهان سڀني کي جيڪڏهن ڪا تڪليف هجي ۽ اسان اوهان سان گڏ نه ٿيا هجون ته ٻڌايو....؟. سڀئي چوڻ لڳا نه نه سائين اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي پر ويٺي ويٺي ڪاڪي مراد کان بي ساخته نڪري ويو ته رئيس عارب خان اهو اميدوار پورا پنج سال ڪيڏانهن لڪي ويو هو؟، ڪهڙا اسان جا ڪم ڪيا اٿس...؟ ٻيو ته ٺهيو پر سال واري ٻوڏ ۾ به اسان وٽ لڙي نه آيو جڏهن هت جا سڀ ماڻهو ٻن مهينن تائين در بدري واري زندگي گذاري رهيا هئا. اڃان ڪاڪو جذبات ۾ اچي ڪجهه ڳالهائي ها پر انهي کان پهرين ئي رئيس عارب خان چوڻ لڳي ٿو ته ڪاڪا مراد تون به پنج سال خاموش هئين ڇو نه پئي ڳالهائين...؟، اسان توکي جهليو ڪو نه هو ته تون نه ڳالهاءِ...؟ پر هاڻي جڏهن هو منهنجي هن علائقي ۾ ايندو تڏهن اسان گهر آيل مهمانن کي ويهي ڏوراپا ڏيون؟. اهو مناسب نٿو لڳي، تنهن ڪري هينئر ٻه ٽي ڏينهن ۾ جنهن وٽ مان وٺي اچان ته هن کي عزت ڏيڻي آهي اهو منهنجو حڪم آهي پر جيڪڏهن توهان ائين نه ڪندا ته پوءِ مون مان ڪابه اميد نه رکجو. اڃان رئيس عارب ڳالهائي رهيو هو ته وري ڪاڪو مراد ڳالهائڻ لڳو ته رئيس اسان توکان نه اڳ پري هئاسين نه وري هاڻي پري آهيون بس اهو ڏک آهي تنهنجي ڪري اڳ به اسان ووٽ ڏنا ۽ هاڻي به ڏئي رهيا آهيون پر اسان جڏهن هن سان ملڻ وياسين ته هي ڪڏهن به مليو نه هو البته هاڻي جڏهن اهو اميدوار هتي اسان وٽ ايندو ته ڪجهه نه ڪجهه چئون ته سهي ته صاحب ايترا ورهيه وهامي ويا توهان ڪٿي هئا؟. ايتري ۾ رئيس عارب خان وري ڳالهائڻ لڳي ٿو ته ڪاڪا مان چئي ڇڏيو آهي ته هاڻي ڪجهه به نه چوڻو آهي تنهن ڪري توهان کي منهنجي خاطر ڪجهه به نه چوڻو آهي. اهڙي ريت هوڏانهن وري رئيس شهمير خان به پنهنجي حساب سان پنهنجي ساٿين سان ميٽنگ ڪرڻ لڳي ٿو جتي سڀ ڳوٺ وارا گڏجي وڃن ٿا، هو سڀني کان واري واري سان راءِ پڇڻ لڳي ٿو ته اڪثر ويٺل ماڻهو اهو ئي جواب ڏين ٿا ته رئيس سائين اڳ ۾ جنهن اميدوار کي پاڻ ٻه دفعا ووٽ ڏنا هئا ته هو ته ڪڏهن به هتي لڙي نه آيو، ٻوڏ ٿي هئي ته به اهو اميدوار سکڻا دلاسا ڏيڻ اچي ها ته به مڃون ها پر تڏهن به لڙي نه آيو ۽ نه وري ڪڏهن اسان سان مليو، جيڪڏهن وري هتي آيو ته اسان هن کي ست سريون ٻڌائينداسين باقي وڌيڪ توهان لاءِ عزت آهي، توهان جنهن کي چوندا اسان انهي کي ئي ووٽ ڪري ڇڏينداسين. جواب ۾ شهمير چوڻ لڳي ٿو ته ووٽ ضمير جو آهي منهنجو نه آهي، توهان کي منهنجي گهرائڻ جو مقصد اهو آهي ته پاڻ گڏجي هتي ويهي ڪو فيصلو ڪنداسين ته جيڪو به اميدوار ايندو ته انهي کي پنهنجي ڳوٺ توڙي علائقي جي مسئلن کان آگاهه ڪنداسين ۽ هڪ صلاح هونداسين ته اسان جي ڳالهه ۾ وزن هوندو جيڪو ايندڙ اميدوار جو ڌيان جو سبب به بنجندو وڌيڪ جئين توهان جي مرضي هوندي ته منهنجي مرضي به اها ئي هوندي، مان اوهان سان اڳ به گڏ هئس ۽ هاڻي به گڏ آهيان. سڄڻ اتي موجود ماڻهن ۾ يڪراءُ طور ٻنهي اميدوارن جي رٿ پيش ڪري ٿو ته جنهن به اميدوار بابت اها رٿ پاس ٿي ته اسان سڀ ووٽ انهيءَ کي ڏينداسين. جڏهن ڳوٺ وارن جي سامهون رٿ اچي ٿي ته پراڻي اميدوار جي مقابلي ۾ نئين اميدوار جي حق ۾ وڌيڪ هٿ کڄن ٿا ۽ اتي ئي سڀ گڏجي اهو فيصلو ڪن ٿا ته هاڻي ڪير به ڪجهه به چئي پر ووٽ انهيءَ اميدوار کي ڏيڻا آهن، ائين هو صلاح ڪري اٿن ٿا. هو سڀ هڪ صلاح ٿي وڃن ٿا ۽ سڀ خوشي خوشي مان واپس گهرن ڏانهن وڃن ٿا.
    چند ڏينهن کانپوءِ رئيس عارب خان وٽ به اهڙي قسم جي گڏجاڻي ٿئي ٿي جنهن ۾ پڻ ڪافي ماڻهو شريڪ ٿين ٿا، اتي ڪابه راءِ نه ورتي وڃي ٿي باقي اهو زور سان چيو وڃي ٿو ته هن اميدوار جي باري ۾ جيڪا سفارش ڪري رهيا آهيون اهو سدائين اسان سان سکن ڏکن ۾ گڏ رهيو آهي ۽ اسان ۽ توهان جي گڏيل عزت آهي جيڪڏهن اسان انهيءَ ساڳئيءَ اميدوار کي اڳئين جيان کٽرائينداسين اهو سڀ اتي موجود ماڻهو خاموشي سان ٻڌندا رهن ٿا، ڪير به ڪجهه ڪڇي ڪو نه ٿو، هڪ ٻه ڄڻا ڪجهه ڳالهائڻ لاءِ اٿڻ لڳن ٿا ته انهن جي ڀر ۾ ويٺل همراهه انهن کي قميص جي هيٺين پلاند کي ڇڪي هيٺ ويهارين ٿا.
    جيئن جيئن اليڪشن جا ڏينهن ويجها ايندا رهن ٿا تيئن تيئن نئين سر سان بحث ڳوٺ جي اوطاقن ۾ ٿيندا رهن ٿا، ڪي ڪهڙي نموني سان بحث ڪن ٿا ته ڪي وري ڪهڙي نموني سان بحث ڪن ٿا پر سڀني جي گڏيل راءِ ۾ اها ڳالهه ظاهر اچي ٿي ته هن ڀيري شهمير خان جي پارٽي زور آهي. نيٺ اهي اميدوار به ظاهر ٿين ٿا جن کي هن علائقي واسين کي ڏسندي ورهيه وهامي ويا هئا پر اڄ اهي ڳوٺ جي سوڙهين گهٽين ۾ پنڌ گهمي رهيا هئا ته ڪنهن مهل واٽر جي ڪپ تان لنگهندي ماڻهن ڏانهن وڃي رهيا هئا. شهمير خان ڀرپور نموني سان ماڻهن کي سمجهائي ٿو ته جيڪڏهن اسان سڀ هڪ ٿي رهنداسين ته هميشه گڏ هونداسين جيڪڏهن جدا ٿي وينداسين ته بس ائين رهجي وينداسين تنهنڪري پاڻ سڀ ڪم سوچي سمجهي ڪيو آهي ۽ اهو پنهنجو نئون اميدوار به هتي ايندو، پاڻ گڏجي هن سان ملنداسين ۽ آجيان ڪنداسين.ٻئي ڏهاڙي جڏهن اهو اميدوار رئيس شهمير خان وٽ اچي ٿو ته هن جي ڀرپور نموني سان آجيان ڪئي وڃي ٿي.
    اتي موجود ماڻهن مان چند ماڻهو پنهنجا مسئلا ٻڌائين ٿا، خود شهمير به هن علائقي جي ماڻهن جي مسئلن بابت آگاهي ڏئي ٿو ۽ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ بابت چوندو رهي ٿو ۽ ائين ئي اهو پروگرام زبردست طريقي سان ختم ٿي وڃي ٿو.
    اليڪشن واري ڏينهن به شهمير ۽ سڄڻ سڄو ڏينهن پنهنجي حمايت يافته اميدوار جي ڀرپور نموني سان مدد ڪندا رهن ٿا ۽ ڳوٺ جا ڪافي ماڻهو ته سڌي ريت هن سان گڏ هئا ۽ ڪجهه اڻ سڌي طرح به هنن سان گڏ هئا ڇاڪاڻ ته شهمير جيڪو چند ورهين کان چوندو رهيو هو انهن مان ڪجهه عملي ڪم به هُن ڪيا هئا تنهنڪري ڏينهن به ڏينهن هن کي ماڻهو چاهيندا به رهيا ۽ نيٺ اليڪشن جي رزلٽ آئي، رات جو ڪافي دير سان خبر پئي ته شهمير خان جو نئون حمايت يافته اميدوار کٽي ويو.
    اها خبر سڄي علائقي ۾ باهه وانگر پکڙجي وئي هر طرف خوشيون ئي خوشيون ٿي ويون ۽ عارب خان پهريون ڀيرو ٻئي هٿ مٿي ڏئي سوچڻ لڳو ته هي ڇا ٿي ويو؟.
    ***


    12

    ٻئي ڏهاڙي جڏهن رئيس عارب خان کي اها خبر پوي ٿي ته اسان جو اميدوار هارجي ويو ته هو هڪ هنگامي گڏجاڻي ڪوٺائي ٿو جنهن ۾ سڀ شريڪ ٿين ٿا هو ڳالهائيندي چوڻ لڳي ٿو ته اسان هن ڳوٺ توڙي علائقي لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو آهي؟. آڌيءَ هجي يا صبح اسان کي جنهن چيو جيڪو ڪم چيو هوندو اسان انهيءَ جو چوڻ ڪيو هوندو، اسان جون خدمتون ڪنهن کان به لڪل نه آهن، اسان توهان جي ڪري ڪيترا توهان جا جهيڙا ٽاريا هوندا جيڪي وڏي تباهي آڻي پئي سگهيا، اسان انهن کي سنجيدگي سان سمجهائي اهڙن معاملن کي پر امن نموني سان حل ڪيو هوندو، اوهان جا چورايل مال متاع واپس ڪرايا هوندا، اوهان جون ڦريل گاڏيون واپس ڪرايون هونديون ٻيو ڇا ڇا نه هو جيڪو توهان ڪجهه چيو هوندو هو اهو اسان پهرين فرصت ۾ ئي ذاتي مسئلو سمجهي حل ڪرڻ جي ڪئي آهي پر بدلي ۾ توهان کان اسان صرف ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي هئي سا به توهان اسان جي ڳالهه نه رکي، مان سوچيو هو ته توهان اڳ کان به وڏي اڪثريت سان هي اليڪشن کٽرائيندؤ پر توهان ته بلڪل نه نڀايو، جڏهن هو اڃان به ڳالهائيندو رهي ٿو تڏهن انهن مان موجود هڪ همراهه ڀڙڪو کائي اٿي ٿو ۽ رئيس کي چوڻ لڳي ٿو ته رئيس تون اسان جو بابو آهين پر هينئر اهو وقت نه رهيو آهي جيڪو اڳ هوندو هو، هينئر سڀ ماڻهو سجاڳ ٿي ويا آهن، هڪ ته تو جنهن اميدوار جي حمايت ڪئي هئي اهو اڳ به هتان ئي چونڊجي ويو پر ڪڏهن به لڙي نه آيو، توهان کي چيوسين ڀلي هو هتي اچي ڪجهه ڳوٺ وارا هن کي ست سريون ٻڌائين ۽ پنهنجو دل جو بار هلڪو ڪن سو به توهان جهلي ڇڏيو ۽ ٽيون ته رئيس شهمير خان ۽ انهيءَ جا ماڻهو منظم نموني سان هن ڳوٺ توڙي علائقي جي خدمت ڪري رهيا آهن ۽ جڏهن اهي سڀئي شيون گڏجي ويون ته ماڻهن جو رجحان هن پاسي وڌي ويو توهان ڪالهه به ساڳي ڳالهه ڪري رهيا هئا ۽ اڄ به ساڳئي ڳالهه ڪري رهيا هئا ۽ شهمير خان ته سڀني کان راءِ پڇي پوءِ اڳتي قدم وڌايو آهي. اڃان اهو همراهه ڳالهائي رهيو هو ته رئيس تپي باهه ٿي ويو. انهيءَ ڳالهائيندڙ همراهه کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته هاڻي ته سڀ ليڊر بنجي ويا آهن هليو وڃ هتان، هڪ ووٽ ڪو نه ڏنا ٻيو وري ڊگهيون تقريرون ڪري اسان کي سمجهائڻ لڳا آهن. اهو همراهه اتان هليو وڃي ٿو. ڪير به ڪجهه ڪڇي نٿو سڀ خاموش رهن ٿا، جڏهن اها گڏجاڻي ختم ٿي وڃي ٿي تڏهن رئيس عارب خان جا خاص ماڻهو هن کي چوڻ لڳن ٿا ته رئيس هي ماڻهو شرافت سان ٿوروئي سڌرندا، هنن کي هميشه لٺ ساڻ هجي ته تڏهن هي ڊڄندا ۽ سڌرندا، اڃان به جيڪڏهن ڪجهه نه ڪندؤ ته هي هاڻي وڃي باقي رهيل به ڀڄي ويندا. رئيس عارب خان ڪجهه دير خاموش رهڻ بعد هوريان چوڻ لڳي ٿو يار هي مون وارا همراهه واقعي سچ چون ٿا.
    ***
    اڃان ڳوٺ ۾ توڙي علائقي ۾ شهمير خان وارا اليڪشن کٽڻ جون خوشيون ملهائي رهيا هئا ته چند ڏينهن کانپوءِ اچانڪ صبح سوير اها خبر باهه وانگر پکڙجي وڃي ٿي ته سڄڻ مارجي ويو، سڄڻ مارجي ويو. اها خبر شهمير توڙي ڳوٺ وارن کي سڪتي ۾ آڻي ڇڏي ٿي، سڄو ڳوٺ سڄڻ جي بي وقتائتي موت تي سوڳ ۾ وٺجي وڃي ٿو، جڏهن شهمير خان وارا جاءِ واردات تي وڃن ٿا ته سڄڻ جو لاش وڻ ۾ ٽنگيل حالت ۾ ملي ٿو. ڪجهه دير پهرين قتل واري خبر هاڻي ماڻهن جي ذهنن مان مٽجي خودڪشي طرف وڃي ٿي، هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي راءِ ڏيڻ لڳي ٿو، ڪي خودڪشي چوڻ لڳن ٿا ته ڪي وري قتل چوڻ لڳن ٿا پر شهمير دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳي ٿو ته سڄڻ ڪڏهن به خودڪشي نٿو ڪري سگهي، هن کي ته سڌو سنئون ماريو ويو آهي.
    هو پوليس سان گڏ لاش کڻائي پوسٽ مارٽم ڪرائي ٿو ۽ گڏوگڏ پيرين کي گهرائي ٿو پر ڪٿي به پيرن جا نشان ملن نٿا ڇاڪاڻ ته واهه جي ڪپرن تي بيٺل ڇٻر ۽ ٻين گاهن ۾ ڪابه نشاني نٿي ملي تنهن هوندي به هُو همت نٿو هاري ۽ پوليس سان گڏجي اڳتي وڌندو رهي ٿو. جڏهن سڄڻ جي لاش جي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچي ٿي ته اها به ٺيڪ طرح سان نٿي اچي، شهمير کي انهيءَ پوسٽ مارٽم رپورٽ تي به ڳڻتي ٿي پوي ٿي ڇاڪاڻ ته اها به ڏاڍي منجهيل هجي ٿي، شهمير سوچي سوچي ساڻو ٿي پوي ٿو پر هن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي. هو دوستن سان انهيءَ معاملي تي ڏاڍو صلاح مشورو ڪري ٿو پر ڪجهه به هن کي خبر نٿي پوي ته هي قتل هو ته ايتري منصوبابندي سان ڪيئن ٿيو آهي. هو رات جو رابيل سان سڄڻ جون ڳالهيون ساريندي ساريندي لڙڪ هاري ٿو ڇڏي، رابيل به هن سان گڏ روئيدي رهي ٿي ۽ شهمير کي آٿت به ڏيندي رهي ٿي.
    هو رابيل کي چوڻ لڳي ٿو ته رابيل سڄڻ جهڙا ماڻهو ورهين کانپوءِ پيدا ٿيندا آهن هو صرف چند ڪلاس پڙهيل هو پر پوءِ به هن جي همت ۽ حوصلو تمام سٺو ذهن رکندڙ ماڻهن کان مٿي هو. هن جون سوچون وسيع هيون، هو هميشه ظلم ۽ جبر خلاف وڏي واڪي وڙهندو رهيو، ذاتي طرح هن جي دشمني ڪنهن سان به ڪانه هئي پوءِ به هن سان اهڙو ظلم ڪنهن ۽ ڇو ڪيو...؟ رابيل مان سوچي سوچي ٿڪجي پيو آهيان پر مون کي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي، هو اڃان ڳالهائي رهيو هو ته رابيل ڳالهائڻ لڳي ها جاني تون ته مون کان به وڌيڪ ذهين آهين پر هن وقت تنهنجون ذهني صلاحيتون ڪيڏانهن ويون آهن؟ رابيل جي انهي سوال تي هو ڇرڪي پوي ٿو ۽ يڪدم چوڻ لڳي ٿو ڇو ڇا ٿيو؟. رابيل هن جي آڏي پڇا ڪرڻ واري سوال جو جواب ڏيڻ بدران پنهنجي ڳالهه جاري رکي ٿي شهمير خان درحقيقت ۾ هي جيڪو سڄڻ جي خودڪشي جو ڊرامو رچايو ويو آهي اها خودڪشي نه بلڪه سڌو سنئون قتل آهي ڇاڪاڻ ته سڄڻ سچو ۽ کرو ماڻهو هو، هن وٽ صرف ۽ صرف سچائي هئي ۽ هن کي هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت قتل ڪيو ويو آهي تنهن ڪري توکي هن جي قاتلن کي ڳولڻو پوندو، اهو توهان چئلنج سمجهي اڳتي اچو. اهڙي ريت شهمير خان به سوچڻ لڳي ٿو ته واقعي هن جي قتل جي پٺيان ڪي مضبوط هٿ آهن جيڪي ڪٿي به پنهنجا نشان نٿا ڇڏين ۽ رابيل جون ڳالهيون به بلڪل سؤ فيصد ٺيڪ آهن مان به في الحال ٻيون مصروفيتون ڇڏي هن جي قاتلن کي ڳوليان ٿو رب پاڪ مون کي انهيءَ ۾ ضرور ڪاميابي ڏيندو. شهمير به شام جو اوطاق تي دوستن سان صلاح ڪرڻ لڳي ٿو ته نيٺ ڇا ڪجي؟. سڀئي دوست هڪ ئي صلاح تي اتفاق ڪن ٿا ته مختلف رخن کان اسان مان هڪ هڪ فرد ٿي ڪري الڳ الڳ نموني سان جانچ ڪندو، جهڙي ريت اسان صلاح ڪري رهيا آهيون تهڙي ريت اسان پنهنجي ڪم سان سچائي ڪنداسين ته هڪ ڏينهن سڄڻ جي قاتل تائين پهچي وينداسين نه ته اهو قتل نه بلڪه خودڪشي ليکي ويندي. سڀ اها صلاح ڪري اٿي وڃن ٿا. هفتو گذري وڃي ٿو ته تڏهن وري اهي اچي هڪ هنڌ گڏ ٿين ٿا پر ڪير به ڪجهه نٿو ٻڌائي ته سڀ مايوس ٿي وڃن ٿا. خاموش ٿي ويهي وري اڳتي جي حڪمت عملي جوڙڻ جون تياريون ڪن ٿا ته ايتري ۾ مشتاق ڳالهائڻ لڳي ٿو ته رئيس شهمير خان هڪ ڳالهه ڪنهن جي واتان مون ٻڌي آهي ۽ توهان سڀني کي خبر آهي ته ڪمدار ڪڏهن به سڄڻ سان نه ٺهيو، مون کي به شڪ آهي ته اهو ڪمدار جو ڪم ٿي سگهي ٿو. ايتري ۾ شهمير خان ڳالهائڻ لڳي ٿو يار! مشتاق واهه جي ڳالهه ڪئي اٿئي، واقعي ڪمدار ڪڏهن سڄڻ سان نه ٺهيو ۽ اڳ ۾ به هڪ سازش تحت چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ سڄڻ کي ڦاسايو ويو هو جنهن کي مون ڇڏايو هو. يار مشتاق واهه جي ڳالهه ڪئي آهي هاڻي پاڻ مشتاق تي رکون ٿا ته هو وڃي عارب خان وٽ چند ڏينهن لاءِ پگهاردار بيهي ۽ ڪمدار سان ويجهڙائي رکي ته پاڻهي ڪمدار وٽان هن کي حقيقت جي خبر پئجي ويندي، انهيءَ ڪم ۾ توهان کي اتي منهنجي سخت مخالفت ڪرڻي پوندي. تڏهن وڃي توهان ڪو لاڀ حاصل ڪري سگهندؤ. ائين هو اهو سڀ ڪجهه طئه ڪري گڏجاڻي ختم ڪن ٿا.
    ***
    هڪڙي شام جو جڏهن هو پنهنجي بيڊروم ۾ ويٺو هو ته هن کي رخسانه سڏڻ آئي ۽ چوڻ لڳي ته شهمير رابيل جي طبعيت ٺيڪ نه آهي تون هلي هن کي ڏس. شهمير يڪدم اٿي رابيل ڏي وڃڻ لڳي ٿو ڇا ٿيو آهي رابيل؟. ڪجهه نه شهمير مون کي ننڍي هوندي کان ساهه جي ٿوري تڪليف رهندي آئي آهي ۽ اڄ صبح ماڪ جي ڪري وڌيڪ ٿي آهي باقي الائي ڇو مٿي ۽ بلڪه سڄي بدن ۾ ڏاڍو سور آهي. هو يڪدم رابيل کي وٺي حيدرآباد وڃي ٿو جتي رابيل جا والدين به پهچي وڃن ٿا، اهي هڪدم شهر جي تمام سٺي ڊاڪٽرياڻي کان رابيل جو چيڪ اپ ڪرائين ٿا، چيڪ اپ کانپوءِ ٻاهر اچي شهمير کي مبارڪباد ڏين ٿا ته توکي هڪ نه بلڪه جاڙا ٻار تنهنجي جهولي ۾ اچي رهيا آهن اهو ٻڌي رابيل ڏاڍي خوش ٿئي ٿي. اتان اسپتال مان رابيل سڌو مائٽن ڏانهن هلي وڃي ٿي، شهمير به اتي رهي ٿو. ٻي ڏهاڙي صبح سوير ناشتي جي ٽيبل تي جڏهن سڀ گڏ ٿين ٿا تڏهن اتي سڀ ويهي گڏجي فيصلو ڪن ٿا ۽ شهمير کي ٻڌائين ٿا ته پٽ شهمير اسان وٽ رابيل ايستائين رهندي جيستائين هو ٺيڪ ٿي وڃي توکي ڪو اعتراض ته نه آهي؟. شهمير چوڻ لڳو ته چاچا سائين مون کي ڪو به اعتراض نه آهي، مان پاڻ چاهيان ٿو ته رابيل هتي ايستائين رهي جيستائين هتي چاهي. اهو ڇو پيو چوين! ايتري ۾ رابيل جي امڙ چوڻ لڳي ٿي مان هن کي سڃاڻان ٿي ته هو ڇا پيو چوڻ چاهي، هوءِ پنهنجي ڳالهه جاري رکي ٿي ته شهمير مذاق ڪري رهيو آهي، رابيل جيستائين اولاد کي جنم ڏيندي تيستائين هتي رهندي هاڻي ته شهمير جي ڳالهه کي سمجهي ويو هوندين. هو سڀ انهيءَ ڳالهه تي مسڪرائڻ لڳن ٿا ته وري شهمير ڳالهائڻ لڳي ٿو ته ها آنٽي مان توهان کي رات به چيو هو ۽ هاڻي به چوان ٿو ته رابيل اتي رهي اها منهنجي مرضي آهي ڇاڪاڻ ته مان ڪنهن ٽائيم ڪٿي هجان ٿو ته ڪنهن ٽائيم ڪٿي هجان ٿو ۽ هن کي اچانڪ تڪليف ٿئي ته پوءِ ڪيڏانهن وينداسين اتان ڳوٺ مان ايندي سفر ۾ به ٽي ڪلاڪ لڳي وڃن ٿا تنهنڪري اتي ڪابه سهوليت نه آهي انهيءَ جي ڪري رابيل هتي رهي ته بهتر آهي....! ٺيڪ آهي جيڪا توهان جي مرضي...! جڏهن ناشتي کانپوءِ شهمير رابيل کان موڪلائي ڳوٺ هلڻ لڳي ٿو ته رابيل هن جا هٿ پنهنجي هٿن ۾ مضبوطي سان پڪڙي ٿي ۽ اکيون اکين ۾ ملائيندي چوڻ لڳي ٿي جاني....! مون کي ڪجهه سمجهه نٿو اچي شايد مان مري ويندس. جڏهن هوءِ اهو جملو چوڻ لڳي ٿي تڏهن شهمير يڪدم پنهنجو هٿ هن جي وات مٿان رکي ٿو ۽ چوڻ لڳي ٿو ته نه رابيل نه ائين نه چئه نه ته مان توکان سواءِ رهي نٿو سگهان. ٻنهي جون اکيون پرچي ويون، ڪجهه دير کانپوءِ هو پاڻ سنڀالين ٿا ۽ ٻئي هڪ ٻئي کان مرڪندي موڪلائين ٿا ته شهمير واپس ڳوٺ اچي وڃي ٿو.
    ***

    چند ڏينهن گذرڻ کانپوءِ شهمير وري دوستن سان گڏجاڻي ڪري ٿو، جيڪي پنهنجي پنهنجي حساب سان سڄڻ جا قاتل ڳولڻ ۾ نڪتل هئا، سڄڻ جو قتل هڪ صدمو بڻجي ويو هو، وري به جيڪي به ميمبر ڳولا لاءِ نڪتل هئا سي مايوس هئا، هنن سڀني کي هاڻي بس مشتاق جي اچڻ جو انتظار هو ، هڪ شام جڏهن رات پنهنجا پر پکيڙڻ شروع ڪيا ته مشتاق به الائي ڪٿان ڊڪندو ڊڪندو اچي رسيو، سلام ورائڻ کان پوءِ سڀني کان دير سان اچڻ جي معافي وٺڻ لڳو ته سڀئي چوڻ لڳا ڪابه ڳالهه ڪانهي تون رڳو اسان کي ڪجهه ٻڌاءِ ته تو ڪجهه ڪيو يا نه....؟. هو چوڻ لڳي ٿو ته ها...! دوستو مون کي وڌيڪ يا کڻي ائين چئجي ته ثبوت واري ڄاڻ ته ڪانه ملي سگهي البته اها ضرور خبر پئجي وئي ته اها سازش ڪمدار جي آهي ۽ جنهن ۾ رئيس عارب خان به ملوث آهي ڇاڪاڻ ته ڪمدار سان جڏهن شهمير خان جي گلا ڪيم ۽ هن کي شهمير جا ڪوڙا قصا ٻڌائي پنهنجو ڪيم ته ڪمدار جو مون مٿان مڪمل اعتبار ٿي ويو ۽ هن ٻڌايو ته سڄڻ اسان لاءِ هميشه اک جو ڪنڊو ٿي رهيو هو، هن کي سمجهائڻ لاءِ اسان مختلف طريقا استعمال ڪيا آهن پر هو ڪابه ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نه هو جو پوءِ اهڙي ٿيس جو اوهان سڀني حشر ڏٺو، وڏيرا هجن ته اهڙا هجن جيڪي عارب خان جهڙا ڪنڌار مڙس...!!، اهڙا ڪنڌار مُڙس ڪٿان لڀن، جيڪو چوندو آهي سو ڪري به ڏيکاريندو آهي، اسان ته صرف هن کي سڄڻ جو ڪردار ٻڌايو پر همراهه اهڙي ڪري ڏيکاري جيئن چوندا آهن ته نانگ به مري ۽ لٺ به نه ڀڄي سو جڏهن دوستو مون ڪمدار جي واتان اهڙيون خبرون ٻڌيون ته منهنجا ته حواس ئي خطا ٿي ويا تنهنڪري مون کي پوري پڪ ٿي وئي ته هي سڄو ڪم عارب خان ۽ ڪمدار جو آهي. اهو ٻڌي هي سڀ خاموش ٿي وڃن ٿا. شهمير خان ٿوري دير سوچڻ کانپوءِ ڳالهائڻ لڳو ته اسان کي هاڻي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته سڄڻ سچو ماڻهو هو، اسان کي انهيءَ سچي ماڻهو جا قاتل ضرور پڪڙڻا آهن ۽ مان ٻن ٽن ڏينهن اندر ڪنهن هوشيار ۽ ڳالهه جو ڀرم رکندڙ آفيسر سان صلاح ڪريان ٿو پوءِ انهن ٻنهي کي جيل جي هوا ته کارايون ته پاڻهين اتي اهي سڀ سچيون ڪندا.
    ***

    ڏينهن گذرندا رهيا، هڪ ڏينهن شهمير اڃان صبح جو اٿيو مس هو ته رابيل هن ڏي ڪال ڪئي، دعا سلام کانپوءِ چوڻ لڳي ته شهمير مان ٺيڪ ناهيان بابا وارا مون کي اسپتال وٺي وڃي رهيا آهن ۽ تون اتي اچ شهمير چوڻ لڳو ٺيڪ آ جاني...! مان تون وٽ اچان ٿو. شهمير باقي سڀ ڪم ڇڏي حيدرآباد وڃڻ لاءِ تيار ٿئي ٿو، هو جلدي جلدي ۾ حيدرآباد پهچڻ جي ڪري ٿو ۽ سڌو اسپتال وڃي ٿو. اسپتال ۾ پهچڻ شرط ئي هن کي سس سهرو ٻڌائين ٿا ته پٽ دعا ڪجان خير ٿي وڃي. هو يڪدم وراڻي ٿو چاچا خير ته آهي....! ۽ رابيل ڪٿي اهي؟. پٽ خير آهي ۽ رابيل اندر آهي تون ڀلي ملي اچ. هو جڏهن رابيل سان ملڻ لاءِ قدم کڻي ٿو ته رابيل جو پيءُ ۽ ماءُ وري هن کي سڏ ڪن ٿا ته پٽ! هڪ منٽ هيڏانهن اچ. هو واپس هنن ڏانهن وڃي ٿو ته هن کي رابيل جا والدين سمجهائڻ لڳن ٿا ته پٽ ڊاڪٽرياڻين جي چوڻ موجب جاڙن ٻارڙن جي ڪري ڪجهه به ٿي سگهي ٿو....!. ڇا مطلب چاچا سائين...؟. هو منجهائيندڙ سوال سمجهي نه سگهيو. ٺيڪ آهي پٽ رب سائين آساني ڪندو تون اهڙي ڪابه ڳالهه رابيل سان نه ڪجان شام جو ست بجي هن جو آپريشن آهي، بس رڳو هن کي آٿت ڏجان ٺيڪ آهي...؟. هو خاموش ٿي رابيل سان ملڻ وڃي ٿو ۽ مسڪرائيندو رابيل سان ملي ٿو. رابيل ڪابه پريشاني جي ڳالهه نه آهي، تون پريشان نه ٿي مان گڏ آهيان، رب سائين بهتر ڪندو...!. رابيل چوڻ لڳي شهمير جاني مان پنهنجي پاڻ کي سڃاڻان ٿي ته تنهنجون دعائون مون سان گڏ آهن پر جيڪڏهن مون کي ڪجهه ٿي به پوي ته رخسانه جي توکي پارت آهي ۽ منهنجي ٻچڙن جي به توکي پارت آهي باقي جي حياتي هوندي ته گڏ هونداسين. شهمير هن جي ڳالهه ڪٽيندي وراڻي ٿو ته رابيل ائين نه چئه! مايوسي واريون ڳالهيون نه ڪر حوصلو ڪر....!، اسان توسان گڏ آهيون. شهمير هن کي جام سمجهائڻ لڳي ٿو پر هو چوڻ لڳي ٿي ته هٿ ڏي، شهمير هٿ هن جي اڳيان جهلي ٿو. هوءِ پنهنجا هٿ هن جي هٿن ۾ ملائي چوڻ لڳي ٿي ته شهمير خان پنهنجا هٿ جيئن اڳ مضبوط رکيا اٿئي اڳتي به ائين رکجان ڇاڪاڻ ته مون توکي هميشه مضبوط ڏسڻ جي دل ۾ آس رکي آهي. هنن ٻنهي جي اکين ۾ لڙڪ اچي وڃن ٿا ۽ هو ٻئي هڪ ٻئي جا لڙڪ اگهن ٿا ته ٿوري دير کان پوءِ شهمير دل وندرائڻ خاطر مختلف ڳالهيون ڪرڻ لڳي ٿو. هو ٻئي ڪجهه دير لاءِ کلندا رهن ٿا ۽ جڏهن شام جو ست ٿين ٿا تڏهن رابيل کي آپريشن لاءِ ڊيوٽي ڊاڪٽرز وٺڻ اچن ٿا پر هوءِ ٻين سان وڃڻ بجاءِ شهمير کي هٿ مان جهلي هن کي پنهنجو سهارو بنائي آپريشن ٿيٽر تائين پهچي ٿي. آپريشن ٿيٽر جي در بند ٿيڻ کان اڳ مسڪرائيندي شهمير کان ۽ والدين کان موڪلائي ٿي ۽ هن جون اکيون آليون ٿي وڃن ٿيون. شهمير جو والد به اچي وڃي ٿو ۽ ٻيا به فيملي ميمبر به اچي گڏ ٿين ٿا جيڪي سڀ ٻاهر ويهي دعائون گهرڻ لڳن ٿا. وقت گذرندو رهي ٿو لڳ ڀڳ اڍائي ڪلاڪن کان پوءِ وڏي ڊاڪٽر صاحبه پاڻ ٻاهر اچي ٿي ته سڀ گهر جا ڀاتي هن کان رابيل جي خيريت پڇن ٿا ۽ جواب ۾ هو ڪجهه دير لاءِ خاموش ٿي وڃي ٿي. هو وري به پڇڻ لڳن ٿا ته ايتري ۾ هو چوڻ لڳي ٿي ته مان ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته رابيل بچي وڃي پر قدرت کي اهو منظور نه هو سو رابيل ٻن ٻارڙن کي جنم ڏئي هي دنيا ڇڏي هلي وئي آهي ۽ تنهن مان به هڪڙو ننڍڙو هو پاڻ گڏ وٺي وئي آهي. اها خبر سڀني گهر ڀاتين مٿان وڄ جيئان ڪري ٿي ۽ شهمير ته اهو ٻڌي بيهوش ٿي وڃي ٿو. انهيءَ سان گڏ رابيل جي امڙ به بيهوش ٿي وڃي ٿي، ڪافي دير کانپوءِ شهمير پاڻ کي سنڀالي ٿو، ايتري ۾ رخسانه ۽ هن جي امڙ به اسپتال پهچي وڃن ٿيون، رخسانه به اهو ٻڌي ٿي ته اها جدا ڪري پوي ٿي، ڪافي دير کانپوءِ هو هڪ ٻئي کي آٿتون ڏئي سنڀاليندا رهن ٿا جڏهن رابيل جي امڙ کي ننڍڙو ملڻ لڳي ٿو ته هوءِ يڪدم اهو ننڍڙو رخسانه جي حوالي ڪري ٿي. رخسانه لڙڪ هاڻين اکين سان اهو ننڍڙو پنهنجي هنج ۾ کڻي ٿي. جڏهن ته رابيل جي موت جي خبر ڳوٺ ۾ باهه جيئان پکڙجي وڃي ٿي.
    رابيل جي لاش کي پهرين رابيل جي مائٽن جي گهر آندو وڃي ٿو، جتي رات گذارڻ کانپوءِ صبح جو سوير ئي شهمير جي گهر آندو وڃي ٿو جتي هن جون آخري رسمون ادا ڪيون وڃن ٿيون ۽ هن کي شهمير پنهنجي اوطاق جي باغيچي جي ڪنڊ ۾ دفنائڻ جي خواهش ڏيکاري ٿو. جتي سڀ وڏا هن جي خواهش جو احترام ڪن ٿا ۽ هن کي اتي دفنايو وڃي ٿو. جيئن جيئن ڏينهن گذرندا رهن ٿا تيئن تيئن شهمير جون ننڊون اڏامي وڃن ٿيون، رخسانه به ننڍڙي کي ٽائيم ڏيڻ جي ڪري هن کي ٽائيم نٿي سگهي. هن کي سوچون پاڻ سان سلهاڙي ڇڏين ٿيون، اڪيلائي ۾ اکين مان لڙڪ ڪرندا رهن ٿا پر جڏهن هن کي رابيل جون اهي ڳالهيون ياد اچن ٿيون ته شهمير جاني! ڪڏهن ٿڪجان نه وڌنڌو رهجان نيٺ هڪ ڏينهن ضرور پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندي، اهي ذهن ۾ ڳالهيون ساري هو وري به سوچي ٿو ته رابيل مون سان هيتري سچائي ۽ وفا ڏيکاري امر ٿي وئي، مان به هن جي ڪيل ڳالهين تي اڳتي وڌي سگهان....!
    ***


    13

    اڃان شهمير هن ڏک مان مس نڪتو هو ته دوستن اچي ورايس يار ڪجهه مصروف رهندو ڪر صفا بوريت جو شڪار ٿي ويو آهين، ڪجهه پنهنجي پاڻ کي سنڀال، هوءِ هن کي موضوع مٽائڻ خاطر هن سان ٻين موضوعن تي ڳالهيون ڪن ٿا ته جيئن هن جو من ڪجهه دير لاءِ تبديل ٿي وڃي پر هن جي اداس من کي ڪير سمجهائي ته پرين بنا ڪهڙو جيئڻ جو مزو!!. ائين هن جا دوست هن جا خيال مٽائڻ خاطر هن کان سڄڻ جي قتل ڪيس بابت پڇا ڪن ٿا. شهمير چوڻ لڳي ٿو ته مان جام ڪوشش ڪئي آهي پر اڳتي ثبوت گهرجي جيڪو پاڻ وٽ ڪونهي پوءِ ڀلا پاڻ ڇا ٿا ڪري سگهون، وري به ڪجهه ڏينهن انتظار ڪريون ٿا باقي ڪجهه ايماندار پوليس آفيسر کي چيو اٿم ته جيڪو چوي ٿو ته مان تنهنجي ضلعي ۾ چند ڏينهن اندر ايس پي ٿي اچي رهيو آهيان پوءِ پهرين فرصت ۾ مان انهن ٻنهي عارب خان ۽ ڪمدار کي کڻندس جيڪي آڏي پڇا تي پاڻهين سچي ڪندا. هو اڃان اهي ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته ايتري ۾ هنن کي اتي ئي اها خبر ملي ٿي ته ڪجهه دير پهرين ڪمدار ۽ عارب خان کي پوليس سڄڻ جي ڪيس ۾ کڻي وئي آهي. جڏهن اها خبر شهمير خان ٻڌي ٿو ته هن جو چهرو ڪافي ڏينهن گذرڻ کانپوءِ مسڪرائڻ لڳي ٿو، سوچن جن هن کي ساڻو ڪري ڇڏيو هو سي من اندر ۾ ٿوري دير لاءِ هڪ تازگي محسوس ڪرائين ٿيون ۽ هو يڪدم موبائل مان نمبر ڪڍي وري به انهي پوليس آفيسر سان ڳالهائڻ لڳي ٿو جيڪو پڻ هن کي خوشخبري ٻڌائي ٿو ته تنهنجي علائقي مان هڪ معزز مهمان کڻي وڃي رهيا آهيون جنهن جي اسان دعوت جهلي آ. اهو ٻڌي شهمير جي دل کي اطمينان ٿئي ٿو ۽ هو اها خبر دوستن سان شيئر ڪرڻ لڳي ٿو. جيڪي اهو ٻُڌي پاڻ ۾ هلڪي کل ڀوڳ ڪرڻ لڳن ٿا ۽ تڏهن شهمير کان به پڇڻ لڳن ٿا ته توهان پنهنجي ٻئي ننڍڙي جو نالو ڪهڙو رکيو آهي...؟. جواب ۾ شهمير وري اداس ٿي وڃي ٿو پر وري به دوست هن جي مسڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا ته جواب ۾ هو چوڻ لڳي ٿو ته دوستو اصل ۾ رابيل کي ٻيا ته نالا سڀ وڻندا هئا هوءِ هميشه سچ ڳالهائيندڙ ۽ وفادار عورت هئي جيڪا منهنجي زندگيءَ ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ مهمان ٿي آئي ۽ هوا جي جهوٽي جيان اڏامي هلي وئي ۽ تڏهن مان پاڻ سوچيو آهي ته هن جو نالو سچل رکان تنهنڪري مان هن ننڍڙي جو نانءُ سچل رکيو آهي ۽ پوءِ ائين هو ڪجهه دير وڌيڪ ويهڻ کانپوءِ وري هڪ ٻئي کان موڪلائي روانا ٿين ٿا.
    ***

    وري چانڊوڪي رات آئي هئي رابيل جون يادون شهمير کي اندر ۾ وهه وانگر وڍ وجهنديون رهن ٿيون، چانڊوڪي رات ۾ هلڪي هلڪي ڏکڻ جي ٿڌڙي هوا گهلي رهي هئي، هو گهر جي ڇت تي چڙهي وڃي ٿو ۽ اتي موجود ڪرسي تي ويهي رهي ٿو. هن ڪڏهن پنهنجي زندگي ۾ ڪا نشي آور شيءَ استعمال نه ڪئي هئي پر اڄ هن پهريون ڀيرو گولڊ ليف جو سگريٽ پنهنجي چپن تي لڳايو هو، هن جي دل دماغ تي رابيل جون ڳالهيون ۽ گڏ گذاريل گهڙيون جيڪي هن کي پل پل ياد اينديون رهن ٿيون. هن کي رابيل جڏهن هڪ ڀيري مذاق ۾ چيو هو جاني جنهن سان روح جو ناتو جوڙيو آهي اهو مون ڳنڍڻ لاءِ رکيو آهي ڇنڻ لاءِ ڪو نه رکيو آهي. تون جيڪڏهن مون کي پيار جي بدلي پيار نه ڏنو ته به مان توکي چاهيندي رهندس، هڪ ڏينهن تون مون وٽ موٽي ضرور ايندين، مان جيڪو پنهنجي دل ۾ سچي پيار جو واعدو ڪيو آهي اهو ضرور نڀائيندس، ڀلي توکان ڪيتري پري ڇو نه هجان پر مان توکي هميشه پاڻ سان گڏ ڀائنيو آهي، جاني...! ڪنهن جي ڳالهين تي لڳي جيڪڏهن تون مون کان ڪاوڙجي هليو وئين ته مان تنهنجي ناراضگي جو ٻڌي جيئري ئي مري ويندس ۽ کلندي کلندي وري هي پنهنجون سٽون چوڻ لڳي ٿي.
    ڏي دل مون کي بيوفائي نه ڪنديس.
    خدا جو قسم آ ڪڏهن جدائي نه ڪنديس.
    سر سدائين جهڪيل رهندو
    محبت ۾ مان وڏائي نه ڪنديس.
    ۽ وري هڪ ڏينهن رابيل سان مذاق ڪندي مون چيو هو ته تون ته روايتي ڇوڪري آهين. جواب ڏيڻ بجاءِ خاموشي سان هي اٿي وڃي ٿي، شهمير هن کي جام پرچائڻ جي ڪري ٿو ته تڏهن مس وڃي پرچي ٿي ۽ چوڻ لڳي ٿي ته شهمير اڄوڪي غلطي توکي معاف آهي ٻيهر مون کي ڪڏهن ڀلجي طعنو نه ڏجان ڇو ته مان طعني کان سخت نفرت ڪندي آهيان، مان ننڍپڻ کان وٺي ڏاڍي حساس رهي آهيان، مون کي بابا صرف هڪ دفعو طعنو ڏنو هو ته مان هن سان ڇهه مهينا ڪو نه ڳالهايو هو. جيڪڏهن تون مون کي وري طعنو ڏنو ته مان قسم کڻي چوان ٿي خاموش ٿي زندگي اڪيلي سر گذاريندس باقي تنهنجي سامهون ڪڏهن نه ايندس. ٻئي ڏهاڙي جڏهن ملي هئي ته مون چيومانس ته ڪالهه واري جملن تي مان ڏاڍو پشيمان آهيان وري به توکان معافي گهران ٿو. ائين هڪ ڏينهن جڏهن گهر جي ڪنهن معاملي تي هو ناراض ٿئي ٿي شهمير هن کي جڏهن ڳراٺڙيون ڏئي پرچائي ٿو تڏهن هوءِ ڏاڍي خوش ٿئي ٿي. هوءِ چوڻ لڳي ٿي ته مون کي شهمير هي تنهنجو انداز ڏاڍو وڻندو آهي. ائين سوچيندي سوچيندي هن جون اکيون اوهيرا ڪري وسنديون رهن ٿيون، هو سڄي رات ڪرسي تي ويهي سوچيندو رهي ٿو، آخري گهڙين ۾ هن کي اهي ڳالهيون ياد اچن ٿيون جڏهن رابيل هن کي چيو هو ته شهمير جيڪا تو مشن کنئين آهي ته اها اڳتي منزل تي پهچائجان مان مڃان ٿي تون منهنجي حسرت ضرور پوري ڪندي ۽ اڳتي وڌنڌو رهجان سڀئي مشڪلاتون پاڻهين هڪ ڏينهن ختم ٿي وينديون ۽ توکي هڪ ڏينهن منزل ملي پوندي. جڏهن هو اهو سوچي ٿو ته تڏهن سوچڻ لڳي ٿو ته مان ڪجهه نه ڪجهه هن ڳوٺ ۽ علائقي لاءِ اهڙو ڪجهه ڪريان جيڪو منهنجي رابيل جو خواب هو. ائين هو آلين اکين سان اتان اٿي ٿو ۽ ڳرن قدمن سان پنهنجي بيڊروم ڏانهن وڃڻ لڳي ٿو.
    ***

    اهڙي ريت وقت گذرندو رهيو، شهمير ڏينهن به ڏينهن ڳوٺ جي ترقي لاءِ جاکوڙيندو رهيو، هن سڄڻ جي ڪيس جي ڀرپور نموني سان پوئيواري ڪئي پر هن کي پوري نموني سان پڪ ٿي وئي ته سڄڻ جي قتل ۾ عارب خان ئي مک ڏوهاري آهي تنهن ڪري وري وري هن ڪوششون ڪيون ته ضمانت تي آزاد ٿي ويل عارب خان هن ڪيس ۾ جهلجي وڃي تنهنڪري هن پنهنجي حساب سان جيڪي ڪوششون ڪيون ته هڪ ڏينهن وري عارب خان گرفتار ٿي ويو پر صرف چند ڏينهن مس گذريا ته وري عارب خان آزاد ٿي پهتو ته انهي ڏينهن هن سان گڏ مختلف ماڻهن سان انيڪ سٿيل گاڏيون هيون ۽ هو هڪ جلوس جي شڪل ۾ شهمير جي ڳوٺ ۾ چڪر ڏئي واپس پنهنجي ڳوٺ ويو. شهمير اهو سڄو لقاءُ اکين سان ڏسندو رهيو پر چاهڻ باوجود ڪري ڪجهه به نه سگهيو. شهمير جي اندر ۾ وڍ پئجي وڃن ٿا، هو ٻئي ڏهاڙي وري عارب خان تي پرچو ڪٽرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهچي ٿو ۽ وري به عارب خان ٻڌجي وڃي ٿو ته تڏهن وڃي شهمير ڪجهه ڏينهن لاءِ ٿڌو ساهه ڀري ٿو پر ڳوٺ توڙي علائقي ۾ وري باهه ٻري وڃي ٿي، هو وري ڳوٺ وارن سان گڏجاڻي ڪرڻ لڳي ٿو تڏهن اڪثر ته ڳوٺ وارا خاموش ٿي وڃن ٿا پر ڪجهه هيئن چوڻ لڳن ٿا ته شهمير خان اسان مجبور آهيون جيڪڏهن عارب خان جو چوڻ نٿا ڪريون ۽ هن جي حاضري نٿا ڀريون ته اسان سان ڪو نه ڪو مسئلو ٿيو ٿو وڃي تنهنڪري ڀائو“ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا” سو توهان به ڪجهه بدلجي وڃو، حالتن ۽ وقت جي حساب سان هلڻ سکو نه ته توهان کي هي شرافت هن دؤر ۾ ڪم ڪانه ايندي ۽ اڄڪلهه ماڻهن جا مسئلا به اهڙي قسم جا آهن ته توهان کي پنهنجي سوچ ۽ رويو بدلائڻو پوندو نه ته توهان به اڪيلا رهجي ويندا. شهمير خان ڪاوڙ مان هن کي چوڻ لڳي ٿو ته ادا اسان نه ڪنهن سان اڳ ۾ زيادتي ڪئي نه وري هاڻي ڪنهن کي ڪرڻ ڏينداسين، اسان هن رسمن مان جان ڇڏائڻ جي ڪري رهيا آهيون ته سڀ هڪ نموني سان زنده رهن ڪير به ڪنهن جو غلام نه بنجي ۽ اسان انهيءَ ڌٻڻ کان بچڻ لاءِ تعليم جو رستو اختيار ڪيوآهي، جڏهن اسان جو معاشرو پورو پڙهيل هوندو ته اسان هٿيارن بجاءِ قلم هٿ ۾ کڻي اڳتي وڌنداسين ته سڌريل معاشري جيئان هي اسان جو معاشرو بلڪل منفرد لڳندو، جيڪڏهن اڃان به اسان اهڙو رستو اختيار ڪرڻ بجاءِ فرسوده رواجن جو رستو اختيار ڪيو ته اسان نسل در نسل بغير زنجيرن جي غلامي ۾ اسان جا وجود جڪڙجي ڪڙهندا رهندا، مان گذريل اليڪشن جو توهان کي مثال ڏيان جيڪو هن علائقي مان ٽي ڀيرا هڪ فرد ئي کٽيندو آيو ۽ جڏهن اسان هڪ پليٽ فارم تي گڏجي هڪ کليل راءِ سان ووٽ ڪيو ته اهو ئي اميدوار کٽي آيو جيڪو سدائين هتان هاريندو رهندو هو، تنهن ڪري هاڻي اسان کي انهيءَ روايتن مان جان آجي ڪرائڻي آهي، تڏهن وڃي ڪجهه ڪري سگهنداسين نه ته ائين ئي ڏاڍ جي چڪي ۾ سدائين پيهبا رهنداسين. اهڙيون ڳالهيون جڏهن شهمير خان ڪري ٿو ته تڏهن هن جون ڳالهيون ڳوٺ وارا گهڻا ٻڌڻ بنا هليا وڃن ٿا ۽ هي ڳوٺ وارن جو اهڙو رويو ڏسي حيرت ۾ اچي وڃي ٿو ۽ سوچ ۾ ٻڏي وڃي ٿو ته هنن ماڻهن کي وري ڇا ٿي ويو...؟. هو اهو سوال جو جواب ڳولڻ جي ڪري ٿو پر هن کي ڪٿان به انهي سوال جو جواب نٿو ملي.
    ***

    صبح جو ٽائيم هو، شهمير معمول موجب پنهنجي ٻني تي گهمڻ جي ڪري گهران اڪيلو نڪري ٿو ته اچانڪ هن جي مٿان ٻه فائر ٿين ٿا ۽ هو پنهنجي ٻني جي فصل ۾ ڪري ڦٿڪڻ لڳي ٿو، ٻني ۾ ڪم ڪندڙ هاري جڏهن فائرن جو آواز ٻڌن ٿا ته هو به ڀڄندا شهمير ڏي اچن ٿا ۽ صرف رستي تي ڌوڙ اڏائيندڙ گاڏي کي ڏسندا رهجي وڃن ٿا.
    هو جلدي ئي شهمير جي قاضين، منشين ۽ نوڪرن ۽ وڏيري اسحاق کي اطلاع ڏين ٿا ۽ هن کي جلدي ۾ اسپتال کڻي وڃن ٿا. هو زخمي حالت ۾ اسپتال پهچي ٿو پر چند ڪلاڪن ۾ هن جو جسم ٿڌو ٿي وڃي ٿو، جڏهن اها خبر ڳوٺ وارن ۽ وڏيري اسحاق کي پوي ٿي ته هو به پنهنجا هوش وڃائي ويهي ٿو، پوري علائقي ۾ اها خبر باهه جيئان کن پل اندر پکڙجي وڃي ٿي، سڄي علائقي مٿان سوڳواري وارو ماحول ڇانئجي وڃي ٿو.
    شهمير جو مڙهه جڏهن ڳوٺ آندو وڃي ٿو ته ڪير به هن جي موت کي مڃڻ لاءِ تيار نه هو. بلڪل اداسي ڇانيل هئي، سڄي علائقي واسي هن جي موت تي سڏڪا ڀري روئي رهيا هئا، سڀني جي ذهن ۾ اهو سوال هو ته هن ته ڪڏهن ڪنهن پکي کي نه ماريو هو، هو ته معصوم هو سڀني لاءِ ڀلو سوچيندو هو ۽ سڀني کي گڏ کڻي هلندو هو پوءِ هن جو ائين بي وقتائتو مرڻ ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه آيو.
    جڏهن هن جي مڙهه کي آلين اکين سان رابيل جي ڀر ۾ دفنايو وڃي ٿو تڏهن اتي بيٺل هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو سڏڪندا رهن ٿا. اڃان رات مس ٿئي ٿي ته تڏهن وڃي وڏيرو اسحاق ڪجهه پنهنجي پاڻ کي سنڀالي ٿو، هو گهر ۾ موجود پنهنجي ننهن رخسانه کي سمجهائڻ لڳائي ٿو ۽ آٿتون ۽ دلاسا ڏئي ٿو ۽ پنهنجي ٻنهي پوٽن سچل ۽ دلاور کي سيني سان لڳائي روئندو رهي ٿو، اها سڄي رات وڏيرو اسحاق روئيندي گذاري ٿو، هو سوچي سوچي ساڻو ٿي پوي ٿو ته هن جي ڪنهن سان به دشمني ڪانه هئي پوءِ به اهڙو ظلم اسان سان ڪنهن ڪيو؟. ٻئي ڏهاڙي جڏهن اها خبر به باهه جيئان پکڙجي وڃي ٿي ته تر جي هڪ مشهور چور خيرل اهو ڏوهه قبولي ورتو آهي پر هن جا دوست اهو سڀ ڪجهه مڃڻ لاءِ تيار نه هئا ته اهو ڏوهه خيرل ڪيو آهي. هو سڀ سمجهي ويا هئا ته سڄڻ ۽ شهمير جو قاتل ڏاڍو هوشيار ۽ چالاڪ آهي، جيڪو هن ڀيري به اسان کي دوکو ڏئي ويو آهي، هن جا دوست بلڪل اداس ٿي وڃن ٿا.
    چند ڏينهن کانپوءِ وڏيرو اسحاق پنهنجي ٻنهي پوٽن کي اوطاق تي وٺي اچي ٿو ۽ سڀني کي چوڻ لڳي ٿو ته اسان کي هن ڳوٺ جي قسمت بدلائڻ لاءِ وري ڊگهو انتظار ڪرڻو پوندو جڏهن هي جوان ٿيندا تڏهن اسان مان جيڪو حياتي هوندو سو ضرور هن ڳوٺ کي وري ٽيون ڀيرو اهو اوج ڏياريندو جيڪو اڳ ۾ منهنجي بابا ڏنو ۽ ۽ پوءِ منهنجي پٽ شهمير ڏياريو جنهن ۾ اوهان ڳوٺ وارن جي مُحبت، قُرب، خلوص، ڀائپي ۽ توهان جي سچائي به شامل هئي، اسان وري به ڪوشش ڪنداسين ته هن جي مشن کي اڳتي وڌائڻ جي ڪريون پر چاهڻ باوجود اهو نٿا ڪري سگهون جيڪو شهمير خان ڪجهه ڪيو. ڳوٺ وارا ۽ شهمير جا ٻه ننڍڙا پُٽ وڏيري اسحاق جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌي هن کي تعجب مان ڏسندا رهن ٿا ۽ لُڙڪن جون قطارون وڏيري جي اکين مان وهنديون سندس اڇي ڏاڙهي ۾ ڪنهن ريگستان جي روان چشمي جيئان ڪاهينديون وڃن ٿيون.


    بيڪ ٽائيٽل : رابيل بلوچ

    بيڪ ٽائيٽل لاءِ

    ليکڪ شايد پنهنجي ڌرتي جا محافظ هوندا آهن. شاعري قومن جي ضمير جو آواز هوندي آهي ۽ ليکڪ ادب جي دنيا جي باغ ۾ ٽڙندڙ گلابن وانگر هوندا آهن جيڪي ڏات جي خوشبوءِ سان احساسن کي مُعطر بڻائيندا آهن ۽ اهڙن ئي ڀلوڙ سريلن ۽ ساڃاهه وند ليکڪن ۾ عبدالغني شر جو نانءَ به هڪ آهي. اسان جي سنڌ جي خوبصورت شهر هنڱورنو ۾ جنم وٺندڙ هي ارڏو ۽ البيلو ليکڪ جنهن “ڳالهيون ڳوٺ جون” جهڙو بهترين ناول لکي هميشه لاءِ تاريخ ۾ پنهنجو نالو رقم ڪري ڇڏيو آهي. هي نوجوان هميشه ڪجهه نه ڪجهه لکندو ته رهي ٿو ۽ هن جي لکڻي ۾ ساگر جهڙي گهرائي آهي، پڙهڻ سان ئي هن جي لکڻين اندر اهڙو گم ٿي وڃجي ٿو جو اصل دنيا جي خبر ئي ناهي پوندي. عبدالغني شر جي قلم جي جيڪا رفتار آهي سا زبردست آهي، شروع ۾ جڏهن هن جي شاعري، ڪهاڻيون ۽ ڪالم منهنجي نظرن مان گذريا ته مان هن کي هڪ عام ۽ شوقيه ليکڪ سمجهي نظرانداز ڪري ڇڏيو هو پر جيئن جيئن مون هن جي لکڻين کي غور ۽ فڪر سان پڙهيو ته هن جي لکڻين ۾ جماليات جا جلوا هئا، جن منهنجن جذبن کي محسوس ڪرايو ته ادب جي آڪاش تي هي به هڪ انمول ستارو آهي، جيڪو ڏات جو ڏيئو بڻجي ٻرندو رهي ٿو، جنهن جي جهرمر روشني ۾ ڪيترائي رنگ جرڪندا رهن ٿا ۽ هو پنهنجي هر رنگ ۾ منفرد ۽ نمايان نظر اچي ٿو، هي هڪ حساس انسان آهي، خوبصورت ناول “ڳالهيون ڳوٺ جون” اسان جي دلين، احساسن ۽ جذبن جو ترجمان آهي، جنهن ۾ امن ڀائيچاري ۽ محبت جو ذڪر ٿيل آهي، مون کي اميد آهي هي ناول سچ جي سج وانگر اڀري ايندو ۽ ادب جي دنيا ۾ وڌيڪ روشني ڪندو ڇو ته عبدالغني شر جيڪو به ڪجهه لکيوآهي اهو ڌرتي، سچ ۽ سونهن تي لکيو آهي ۽ قلم جو پورهيو ڪندڙ ڪڏهن به ناڪام ناهن ٿيندا، انهن جو هر قدم ڪامياب راهه بڻجي ٿو وڃي ۽ ائين عبدالغني شر به آهستي آهستي اڳتي وڌندو رهي ٿو. “سُتي نه سرندياءِ ڪر پچار پرين جي، وهامي ويندياءِ گهڻا هڻندي هٿڙا” هن شايد مرشد لطيف جي هن بيت کي سمجهي ورتو آهي تڏهن ئي پنهنجي منزل طرف سفر شروع ڪيو اٿس. منهنجي دعا آهي ته رب پاڪ هن کي پنهنجي محنت ۾ ڪاميابي عطا ڪري.

    رابيل بلوچ


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 465643
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 186505
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ