ڪتاب جو نالو: ڪيئن رھان جلاوطن
مصنف: ڊاڪٽر آڪاش انصاري
ڇپائيندڙ: گلشن پبليڪشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2008
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 22 مئي 2017 ع
پڙهيو ويو: 773 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 266 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
نامياري شاعر آڪاش انصاري جي شاعريءَ جو مجموعو ”ڪيئن رهان جلاوطن“حاضر آهي. ياد رهي ته آڪاش انصاري جي هن ڪتاب جا هن وقت تائين 7 ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪتاب جي ساڳي مقبوليت برقرار آهي. جامي چانڊيو لکي ٿو:
”آڪاش ھڪ مزاحمتي شاعر ھئڻ باوجود، پليجي صاحب جي لفظن ۾ ”ھڪ عام ۽ روايتي باغي شاعر کان گھڻو ۽ تمام گھڻو مٿڀرو بيٺل ٿو لڳي.“ آڪاش جي شاعريءَ ۾ اعلى سطح جو تاريخي شعور موجود آھي ۽ دراصل اھو عالمي تاريخي شعور ئي آھي، جيڪو کيس محبت ۽ مزاحمت جي گسن کان ٿيندو انقلاب جي وسيع شاھراھ ڏانھن وٺي وڃي ٿو. آڪاش جي شاعريءَ ۾ نه رڳو سنڌ ۽ عالمي انساني سماج جو تاريخي شعور پنھنجيءَ سموري شدت سان موجود آھي پر ان ۾ اھي سمورا مُحرڪ به موجود آھن، جيڪي ھر دور ۾ سٺي ۽ اعلى شاعريءَ سان گڏ سفر ڪندا رھيا آھن. آڪاش جي شاعريءَ ۾ تاريخ ھڪ ڪردار به آھي، تاريخ اتساھ جو ذريعو به آھي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ”آڪاش“
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • ڪائناتن وڌو جيڪي ڪشڪول ۾ . . .
  • آڪاش، ھڪ سپني جو سفر
  • مھاڳ (پھريون ڇاپو)
  • محبت، مزاحمت ۽ انقلاب جو شاعر
  • جلاوطن
  • پنھنجي آئيندي جي نالي
  • اسان جي مئاسين
  • جڏھين به توکي وسارڻ چاھيم
  • جيون ڀانيان ٿو
  • گھر جي گندي
  • اڄ ماڻھو! ماڻھو! مورت آ
  • اوچتو ئي اوچتو
  • جڏھن ڪنھن به بادل
  • تون ته بيدرد بي قدر آھين
  • ٿوھر جي ٿڃ
  • آکاڻي
  • وقت آ جھنگلي مڇريل گھوڙو
  • وُٺي جي ولھه راتڙي
  • تون ايندين ضرور!
  • ڪوتن کي ٻڌائي ڇڏ ماجرا!
  • جيڪي ماڻيو اٿئون!!
  • اڙي عشق!
  • موتين جھڙا ماڻھو
  • فاضل جي شھادت تي
  • بارگاهِ رسالت (صلي الله عليه و آله وسلم) ۾ ھڪ نماڻو عرض
  • مٽيءَ جي خوشبوءِ
  • بند اکڙين منجھان
  • ڪالھه لنگھي ويا قافلا
  • آفريڪي شاعر بنجمن مولانس جي قتل تي
  • واعظ
  • تنھنجي ڳچيءَ جا داغ ھي ڳاڙھا
  • اڃا پره پر ڀري
  • ڪير ٿو چئي . . . !
  • شل انھيءَ کان اڳي
  • اھو سڀ ڇا ھي؟
  • او امان!
  • وِڪجي ويا!
  • سارو ڏيھه ڏياچ
  • ھڪ سپني جي ساڀيا خاطر
  • اڙي دل!!
  • تنھنجي گھورن جي گھٽا
  • اجاڙي اجھا
  • ھي قاتِل
  • ھڪ عيد ڪارڊ
  • تون اڃان ڪڏھين ايندين؟
  • دنيا کي ڀلا ڇاھي؟
  • ڏوھ ڪنھن کي ڏيون!؟
  • مدتن کان. . .
  • جلون ۾ تنھنجي
  • نيوٽران بم جي ٺاھيندڙ ڏانھن
  • جنھن وقت ھي جوڳي جاڳيا
  • جُڳن جُڳن کان . . .
  • منھنجا مارو مُرڪن ٿا
  • ھوبھو تو جيان
  • جيئڻ لئه جڳ ۾
  • آڱريون مشعلون بنائي وٺو
  • لطيف سائين کان ھڪ سوال
  • پنھنجا گھر جا ڪتا
  • روح جي رڻ ۾. . .
  • طبيب! ڪجھه ته تپاسي ڏس تون!
  • اڌورا ۽ اڻپورا گيت
  • آخر ڪائي ڳالھه ته ھئي
  • سورج جي ڏند ڪٿا
  • رڳو ٿر جي صحرا تي. . .
  • تلاشي
  • منھنجي نگريءَ جي نينگرين کي چئو!
  • تاريخ جو ننڍڙو نقطو
  • راھوءَ جو رت ريٽو
  • اوھان ته چاھيو گھڻو،
  • توسان نه ملان ھا!
  • مان ھليو ڇو ويس؟
  • منھنجو ڪتبو

  • ”آڪاش“

    جا مُرڪ مون کان وئي کسي تنھن مُرڪ جو آھي قسم،
    مان رَتُ رُنس جو ظالمو! تنھن لڙڪ جو آھي قسم،
    جيجل جي مٺڙي ٿڃ جي، ھر سُرڪ جو آھي قسم،
    پلئه ڪندس، پلئه ڪندس، اي وقت! توسان آ وچن!
    مان ڪيئن رھان جلاوطن، مان ڪيئن رھان جلاوطن؟

    ”آڪاش“


    ارپنا

    تنھنجو ڏنو،
    توکي ارپيو.

    آڪاش


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڪيئن رهان جلاوطن“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري شاعر آڪاش انصاري جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. ياد رهي ته آڪاش انصاري جي هن ڪتاب جا هن وقت تائين 7 ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪتاب جي ساڳي مقبوليت برقرار آهي.

    جامي چانڊيو لکي ٿو:
    ”آڪاش ھڪ مزاحمتي شاعر ھئڻ باوجود، پليجي صاحب جي لفظن ۾ ”ھڪ عام ۽ روايتي باغي شاعر کان گھڻو ۽ تمام گھڻو مٿڀرو بيٺل ٿو لڳي.“ آڪاش جي شاعريءَ ۾ اعلى سطح جو تاريخي شعور موجود آھي ۽ دراصل اھو عالمي تاريخي شعور ئي آھي، جيڪو کيس محبت ۽ مزاحمت جي گسن کان ٿيندو انقلاب جي وسيع شاھراھ ڏانھن وٺي وڃي ٿو. آڪاش جي شاعريءَ ۾ نه رڳو سنڌ ۽ عالمي انساني سماج جو تاريخي شعور پنھنجيءَ سموري شدت سان موجود آھي پر ان ۾ اھي سمورا مُحرڪ به موجود آھن، جيڪي ھر دور ۾ سٺي ۽ اعلى شاعريءَ سان گڏ سفر ڪندا رھيا آھن. آڪاش جي شاعريءَ ۾ تاريخ ھڪ ڪردار به آھي، تاريخ اتساھ جو ذريعو به آھي.“

    هن ڪتاب جو چوٿون ڇاپو 2008ع ۾ گلشن پليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڪائناتن وڌو جيڪي ڪشڪول ۾ . . .

    شاعر پاران (پھريون ايڊيشن)

    پنھنجي شاعري ان جي محرڪن تي شاعر پاران لکڻ ھڪ بي سبب ڳالھه آھي. ھونءَ به خود شاعري پاڻ پنھنجي شاعر جي دردن، اُڌمن ۽ خيالن جو موثر اظھار آھي.
    ڪنھن شاعر لاءَ ھروڀرو اھو به ضروري ناھي ته ساڳئي وقت دانشور به ھجي. خود شاعري به فلسفي کان جدا شيءِ آھي جنھن جا پنھنجا منطق ۽ دليل آھن.
    منھنجي شاعريءَ تي منھنجي ڪابه مالڪي ناھي منھنجي شاعري انھن سڀني جي ۽ انھن سڀني لاءِ آھي، جيڪي مونسان سياسي ۽ نظرياتي طرح مختلف ھوندي به منھنجي شاعريءَ کي پنھنجو ٿا ڀائين ۽ ان ۾ پنھنجو درد ٿا ڳولين. جيئن ھر مٺي آبشار تي ھر پيئندڙ جو حق ٿئي ٿو.
    جيئن ھر تخليق ڪنھن نه ڪنھن حوالي سان پنھنجي دؤر ۽ ان دؤر جي ڪک مان جنم وٺندڙ سماجي، سياسي، معاشرتي ۽ فڪري محرڪن ڏانھن جوابدار رھي ٿي، ساڳي ريت منھنجي شاعريءَ کي آئون جوابدار سمجھان ٿو پنھنجي ديس، ديس جي ماڻھن ۽ پنھنجي دؤر جي عالمي تاريخ ڏانھن، جيڪا تخليق ظلم ۽ ڏاڍائيءَ سان نفرت ڪرڻ جي روش کان وانجھي آھي، اھا ڪڏھين به ھيڻي سان محبت ۽ ڪمزور جو ڀرجھلو ۽ طرفدار نٿي ٿي سگھي.
    جيئن ھر شاعر کي اظھار لاءِ ڪا خاص صنف ۽ ٽيڪنڪ وڌيڪ اپيل ڪندي آھي، تيئن مون کي به آزاد نظم وڌيڪ وڻندو آھي. ڇو ته شاعري نالوئي اظھار جي ھڪ مخصوص رويي جو آھي ۽ اظھار جي جيڪا (Relaxation ) آزاد نظم ۾ رھي ٿي اھا شاعريءَ جي ٻي ڪنھن به پاپند وصف ۾ گھُٽيل ۽ بوساٽيل رھجيو ٿي وڃي. بقول سرڳواسي ڪنول لھاڻي
    جيڪڏھن خيال ڪو مجروح ٿئي
    رديف ته ڇا، ڪافيا به ڀڃي سگھجن ٿا
    ساڳئي وقت ٻين نثري صنفن جي ابتڙ شاعري جو تاڃي پيٽو صرف پنھنجي ڌرتي، ڪلچر ۽ ٻولي جي سرچشمن مان جنم ٿو وٺي، سو جيڪو به نظم يا شاعري پنھنجي ٻولي جي مٺاس، ڌرتي ۽ ڪلچر جي رس دار سرچشمن کان پالھي رھي ٿي سو ٻيو ته سڀ ٿي سگھي ٿي پر شاعري نه.
    آخر ۾ آئون انھن سڀني دوستن جو دلي طرح ٿورائتو آھيان جن ھن ڪتاب کي توھان جي ھٿن تائين پھچائڻ لاءِ محنت ۽ جاکوڙ ڪئي. خصوصا ڊاڪٽر سارنگ ميمڻ جنھن ھن سڄي مواد کي سھيڙيو ۽ منھنجي شاعرانه سُستي تي وقت بوقت تنقيد ڪندو رھيو. عبدالحميد جوڻيجو جنھن ڪتاب کي پبلشنگ جي خوبصورتيءَ سان نوازيو، ڀاءَ خالد نظاماڻي ۽ ڊاڪٽر ايوب جروار، جن جي محبت ڀرئي اسرار ڪتاب ڇپرائڻ جي ڪم کي اڳتي کنيو ۽ مفيد مشورن لاءِ جناب نثار حسيني صاحب جو ۽ آخر ۾ دلي طرح ٿورائتو آھيان محترم عبدالغفور ڪريمي صاحب جو جيڪو پنھنجي خلوص ۽ عنايت نه ڪري ھا ته جيڪر ھيءُ ڪتاب وقت سر توھان تائين نه پھچي سگھي ھا.


    آڪاش انصاري

    جنوري 1990ع
    بدين، سنڌ


    آڪاش، ھڪ سپني جو سفر

    جلاوطن جو مھاڳ ؛ سردار شاھ

    قديم سنڌ جو جديد درد سمجھڻ چاھيو ٿا ته آڪاش انصاري کي پڙھو. جيڪو اڄوڪي دؤر ۾ انھي درد جو امين آھي ۽ اھو ڪردار آھي، جيڪو گذريل ٽن ڏھاڪن جي ڪاڪ محل جي سمورن ڏوھن ثوابن جو اکين ڏٺو گواھ آھي ته انھن ڌوڙ ڌوڙ راھن جي سفر جو مسافر به آھي، جن تي نه ڄاڻ ڪيترا خواب کُڙين جي کيھه ۾ لٽجي ويا. پر زماني جي گرد آلود گردشن کان ھُن ضرور ڪو خواب پنھنجي اکين جي آکيري ۾ بچائي رکيو آھي، جنھن جي آڌار تي ھو اڃا جيئي به پيو ۽ اسان کي به جھومائي پيو. آڪاش جي سموري شاعري مونکي انھي سپني جو سفر لڳندي آھي.
    اھو سپنو، جنھن ۾ شايد سنڌ آھي. سنڌ جو اجرو آئيندو آھي. جنھن کي ھن پنھنجي گيتن ذريعي ھر انھيءَ دل ۽ دماغ تائين پھچايو آھي، جيڪي سنڌ جي درد کي سون ورني سڀاڻي جو سونھون سمجھن ٿا. ۽ ھُن اھو ڪم پنھنجي مڪمل عشق ۽ ايمانداري سان ڪيو آھي ۽ اڄ جي اوھين سنڌ جي سياسي ۽ ادبي افق تي ڪي چند ٽڙيل وکريل تارا جھر مر ڪندي ڏسو ٿا ته انھن جي جڳمڳاھٽ ۾ آڪاش جو به ھٿ آھي. جنھن جي شاعري گذريل ٽن ڏھاڪن ۾ ھڪ زبردست انسپائريشن رھي آھي. جنھن جا گيت سياسي اسٽيجن کان وٺي جيل جي سلاخن تائين ساڳي ڌُن ۽ مستي سان ڳائبا رھيا آھن. ھن جي شاعري جيتري اديبن ۾ محبوب آھي اوتري ئي سياسي ڪارڪنن ۾ مقبول آھي. ھُن جا نظم ھڪ پاسي جيئي سنڌ ۽ عوامي تحريڪ جا ڪارڪن

    او امان او امان!
    جيڪڏھن رات جي رھزنن جي ھٿان
    مان به ماريو وڃان
    پنھنجي ساٿين جيان
    ڪين دکڙو ڪجان
    ڪين دل لاھجان
    او امان او امان!
    منھنجي ڏاھي امان!
    فلڪ شگاف آواز ۾ پڙھندا ھئا ته ساڳي مستيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جا ھزارين ڪارڪن ھڪ ئي آواز ۾
    مان تو رونا نھين
    دامن ضبط ھاتھون سي کھونا نھين
    جي ترنم سان جھونگاريندا ھئا. آڪاش جي انھيءَ مقبوليت واري دؤر جا اوھان مان به ڪيترا گواھ ھوندا، ستر ۽ اسي وارا ڏھاڪا سنڌ جي سياسي ۽ عوامي سگھه جا ڀرڀور دؤر ھئا. جڏھن سنڌ جي سياسي سجاڳي پنھنجي پوري جوڀن تي ھئي. مونکي افسوس آھي ته اڄوڪو نَوي واري ڏھاڪي ۾ ساماڻيل نوجوان نسل انھن نينھن کان نا آشنا آھي. جڏھن سنڌ تيل ڪڙاھي جيئن ڪڙھي رھي ھئي. نھائينءَ جيئن پچي رھي ھئي ۽ موئن جي دڙي جي ناچڻي سمبارا جئين نچي رھي ھئي. اھو سنڌ جو سياسي جوڀن ھو، جڏھن ون يونٽ واري دؤر جو پوکيل ٻج ايم آر ڊي جي صورت ۾ نروار ٿي آيو ھو. انھي دؤر کان نا آشنا نسل سنڌ جي سياسي سگھه ۽ مستقبل جو صحيح تعين نٿو ڪري سگھي. 90ع وارو ڏھاڪو سنڌ جي حوالي سان سياسي يتيمي وارو دؤر آھي، جنھن ۾ اڳين ڏھاڪن جي سياسي فصل جو انتھائي بي دردي سان ڀيلاڙ ٿيو آھي. جنھنجا اولڙا انتھائي بي درد مان ليڪا پائي رھيا آھن.
    آئون سمجھان ٿو ته انسان جي مڙني حسناڪ روپن ۾ بغاوت ۽ مزاحمت انتھائي حسين ۽ دلدار رويا ۽ روپ آھن. دنيا سياسي ۽ دفاعي ماھرن نه پر باغين بدلائي ڇڏي آھي. اڄوڪي ترقي يافته ۽ ايڪوھين صديءَ ۾ ڳاٽ اوچو ڪري داخل ٿيندڙ دنيا جي سموري سرڪشي ۽ دلڪشيءَ ۾ جيڏو ھٿ بغاوت جڳ آھي. ايڏو حڪمت عملين، سفارتڪارين ۽ ڊپلوميسين جو ناھي. بغاوت، تبديلي ۽ ترقيءَ جي نشاني آھي. توھان سمورو ادب کڻي ڏسو، شاعري کڻي ڏسو، جيڪا به سونھن ملندي اھا بغاوت ۾ملندي لطيف کان وٺي لورڪا تائين، سچل کان وٺي سئفو تائين، عمر خيام کان وٺي اياز تائين سڀ پنھنجي پنھنجي دؤر جا باغي روح آھن، انھن پنھنجي دؤر جي بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلائي، لھرن کي للڪار ڏئي، سماج کي سينور مان ٻاھر ڪڍيو آھي. ۽ نئين نسل کي نوان خواب ڏسڻ سيکاريا آھن. اھي پنھنجي دؤر جي مروج ۽ فرسوده روايتن جي وھڪري آڏو بند ٻڌي بيٺا، تڏھن روشن روايتن جنم ورتو. جيڪي تصوف جو سفر نفي کان شروع ٿئي ٿو ته سماج جي ترقي ۽ تبديليءَ جو آغاز اختلاف جي جرئت) Exceptional Dare ) کان ٿئي ٿو.
    تون چوين ٿو، ھينئن چئو،
    مان چوان ٿو ايئن نه چوندس
    يا
    لھورو لوڪ وھي، تون اوچو وھ اوڀار.
    آڪاش انصاري جي شاعري ھڪ ڀرڀور بغاوت جو مظھر آھي جنھن پنھنجي دؤر جي مڙني انسان دشمن روايتن ۽ ظالمن کي للڪاريو آھي. ھُن پنھنجي ڌرتيءَ تي ڌاڙو ھڻندڙ ھر انھيءَ ڌاڙيل کي ڌوڙ ڪيو آھي. پوءِ چاھي اھو جنرل ضياءَ ھجي يا ڪوئي ”عرب سڳورو لٽيرو“ پر ان سموري مزاحمت ۾ ھُن جو انداز عاشقانه ۽ جمالياتي حسن جي سمورين گھرجن کي ڀاڪر ۾ ڀري بيھندڙ آھي. جنھن ۾ مزاحمت ۽ رومانس جو حسين ميلاپ ملي ٿو. مون ڏٺو آھي ته دنيا جي سموري انقلابي ۽ مزاحمتي شاعري پنھنجي ھٿ ۾ رومانس جي رومال کي ميرو ٿيڻ نه ڏنو آھي ۽ جتي به ائين ٿيو آھي، جو جمالياتي ۽ رومانس ان شاعريءَ کان پري ٿي آھي. ڏکڻ آفريڪا کان وٺي لاطيني آمريڪا تائين، ويٽنام ۽ فلپائن کان وٺي سوڊان ۽ الجزائر تائين جي سموري انقلابي ۽ مزاحمتي شاعريءَ جا ورق ورائي ڏسو توھانکي درد ۽ دلڪشيءَ جي فريڪوئنسي ساڳي ملندي. پوءِ چاھي بنجمن مولائيس ۽ محمود درويش ھجي يا آڪاش انصاري اھائي فن جي آفاقيت ( Universalism) ۽ معراج آھي. توھان آڪاش جو نظم ”ھي قاتل“ پڙھي ڏسو، ته آڪاش جو ”قاتل“ چند انسانن جو قاتل ناھي، پر اھو فطرت جو قاتل آھي، رڳو سماج جو قاتل ناھي، پر ڪائنات جي سمورين رعنائين ۽ حسناڪين جو قاتل آھي. اھائي يونيورسلائيزيشن آھي. ھو چوي ٿو.
    ھي تھذيب اخلاق، رشتن جا قاتل
    ھي چُوڙيلي چوڙيلي ٻانھن جا قتل
    ھي گھنگھور گدلين گھٽائن جا قاتل
    ھي پوپٽ جي پرڙن ۽ ڀؤنرن جا قاتل
    ھي برکا ۾ ڀڄندڙ ڀنڀورين جا قاتل
    ھي موتئي گلابن جي پن پن جا قاتل
    ھي ميران ۽ تلسي جي دوھن جا قاتل
    ھي بُلي، ھي باھُو، فريدن جا قاتل
    ھي ميندين جا قاتل ھي موڙن جا قاتل
    نکيئي جي وڻندڙ وڇوڙن جا قاتل
    توھان سندس ”ڪيئن رھان جلاوطن“ جا سمورا انقلابي رومانوي نظم پڙھي ڏسو، ھو توھان کي فقط سنڌ ڌرتيءَ جي ڏکن ۽ سورن جو سرجڻھار نه پر سموري عالم انسانيت جو امين لڳندو،ڇو ته سندس شاعريءَ ۾ ذاتي درد کان وڌيڪ عوامي درد آھي.
    آڪاش جي شاعريءَ جو ھڪ ٻيو مضبوط پاسو طبقاتي تضاد ڏانھن سندس (Positive approach ) به آھي. ھو طبقاتي اڻ برابري کي پنھنجي اثرائتي انداز ۾ نندي ٿو. ان سلسلي ۾ ھن جو شاھڪار نظم ”خانداني وڏيري ڏانھن“ آھي. جنھن جھڙو طبقاتي تضاد تي اٽيڪ ڪندڙ ۽ ان کي وڌيڪ عيان ڪندڙ شعر مون نه پڙھيو آھي
    ھل ھلي ٿا سنڌ کان شجرو پڇون،
    خانداني تون يا مان!
    فيض چيو ھو ”شاعر جو ڪم رڳو مشاھدو ئي نه پر ان سان گڏ مجاھدو به مٿس فرض آھي. انساني زندگيءَ جي اجتماعي جدوجھد جو ادارڪ ۽ ان جاکوڙ ۾ حسبِ توفيق شرڪت، زندگيءَ سان گڏ فن جي به تقاضا آھي.“ توھان ڏسو ته اڄ اھوئي فن جيئرو آھي، جيڪو حيات انساني جي لکين سالن تي پکڙيل جدوجھد جاکوڙ، بيچيني، درد ۽ دلربائي جي سمنڊ کي قطري ۾ قيد ڪري ٿو ۽ اھوئي فن لازوال، آفاقي ۽ ڪلاسيڪي آھي. باقي ٻيو سمورو قلمي پورھيو تاريخ جي ڊسٽ بن ۾ دفن ٿي ويو. بقول غالب
    قطري مين دجله دکھائي نه دي اور جزو مين کل
    کھيل لڙکون کا ھوا ديده بينا نه ھوا
    ۽ توھان پنھنجي ھن آڪاش کي ڏسو ته ھو پنھنجي فڪر جي فريڪوئنسي سان انھن ڪوين جي قطار ۾ وڃي بيھي ٿو، جن دنيا کي بدلائڻ ۽ حسين کان حسين تر ڏسڻ جا خواب پنھنجي اکين ۾ ڪجل جي ڪاني جيئن پاتا آھن ۽ انھن سپنن کي پنھنجي پنبڻين تي پالڻ لاءِ ھنن جيترو سوچيو لوچيو ۽ ڀوڳيو آھي، اھو به سندن تخليق مان جھلڪي رھيو آھي ھو چوي ٿو؛
    خوابن جا ڏيئي موتي، تعبير خريديون ھا!
    نيڻن جي نصيبن ۾ پر ننڊ لکيل ناھي.
    يا
    ھڪ سپنو جنھنجي ساڀيان خاطر
    پنھنجي نيڻن جي صليبن تي ٽنگيل
    سوين سپنن کي گھُٽا ڏئي اسان ماريو آ
    پاڻ تي ظلم ڪري پاڻ کي جيئاريو آ
    مون چيو آڪاش جي سموري شاعري ڪنھن سپني جو سوز آھي. اھو سپنو، ھن دنيا کي حسين کان حسين تر بنائڻ جي تمنا آھي. اھا دنيا جيڪا اڄ ڪنھن ننڍڙي ٻار جيان اُتاوليون وکون کڻندي وڃي. نيو ورلڊ آرڊر ۽ گلوبلائيزيشن جي گرھڻ ۾ ڦاٿي آھي سياسي ۽ اقتصادي مفادن جي نالي ۾ بي پرواھ بگھڙ، اڄوڪي دنيا جو چھرو ڪيئن رانڀوٽن سان رھڙي رھيا آھن اسان سڀ ڏسي رھيا آھيون اتي وري به دنيا جو درد پنھنجي ھانءُ جي ھندوري ۾ رکندڙ آڪاش ئي دانھن ڪري چوي ٿو؛
    دنيا ته دلربا ھئي پر،
    وحشي ٽولن جي ور چڙھي وئي.
    ڪيٽس چيو ھو ته ”سونھن سچ آھي ۽ سچ سونھن“ ۽ اھا به حقيقت آھي ته سچ ۽ سونھن لازوال فن جا سڀ کان وڏا محرڪ آھن. اھو به سچ آھي ته انھن جو اثرائتو اظھار درد کان سواءِ ممڪن ڪونھي. ڇو ته درد، عشق جو دادلو دوست آھي. ۽ آڪاش جي شاعري جا منھنجي نظر ۾ سچ، سونھن عشق ۽ درد سڀ کان وڏا محرڪ آھن، جن تي فراق ۽ جدائي جي ڪيفيت ڇانيل آھي. پوءِ چاھي اھو فراق، انقلاب جي حسين آس ۽ انتظار ۾ ظاھرٿئي يا پنھنجي محبوب جي وصال جي آرزو ۾ اکين جو آگم ٿي اچي. فراق ئي فراق آھي. انتظار ئي انتظار آھي. ڪجھه شعر ٻڌو:

    اي اسانجا اڻ ڏٺل، صدين کان رٺل.
    خواب جھڙا ”آئيندا“
    تنھنجو ڌنڌلوڪو تصور رڳو محسوس ڪري،
    متان تون سمجھين توکي ماڻڻ لاءِ،
    اسان مقتل ۾ ڪري ماٺ رھيا ھونداسين،
    ۽ تنھنجي چاھ جي خواھش ۾ توکي ڳولڻ لاءِ
    پنھنجي ٿوھر ڀريل راھن تان ٿڙيا ھونداسين

    يا
    ٻڌاءِ! تون اڃا ڪڏھين ايندين؟
    ھزار وار، ٻاٽ جون چُنريون
    رات جي ڇاتي تان سرڪيون آھن،
    اسان جي راھ مسافر ۽ بيقرار دليون،
    پوھ جي رات کي پرھ سمجھي
    ڪُوڙي آٿٿ مٿي ڇرڪيون آھن،
    ٻڌاءِ! تون اڃا ڪڏھين ايندين؟
    يا
    ھاڻي ته آڪاش جي اوٽ ۾،
    آسماني ڏيئا پڻ اجھامي ويا
    سمھي پيا ستارا، ٿي جھيڻا جھڪا،
    ڪڏھانڪر ڪَتين ڪَر موڙي ڇڏيا،
    مگر انتظارن سندا قافلا،
    ٿيا ڪن ٿڪجي ڪڏھن چُور چُور،
    تون ايندين، تون ايندين، تون ايندين ضرور.

    يا
    وقت جي چيچ ۾ زندگي جو ڇلو، پيو ٿئي گھر گھلو، يار جلدي ملو . . . . .

    مون ڏٺو آھي ته دنيا جي لازوال ۽ حسين شاعري جن معيار تي پرکي وڃي ٿي. اھي آھن داخليت ( Subjectivity) خارجيت (Objectivity )، فطرت سان ويجھڙائي ۽ تاريخي ۽ سماجي شعور ۽ آڪاش جي شاعري ۾ انھن معيارن جو گھڻي حد تائين توازن برقرار آھي. آڪاش جو تاريخي ادارڪ ( Historical Wisdom ) ھن کي روايتپڻي کان ٻاھر ڪڍي گھڻو مٿي کڻي بيھاري ٿو. جنھنجي اڳيان اڄوڪي دؤر جي گھڻي ڀاڱي يار جي چڳن ۽ چمن جي چُنگل ۽ بلبل ۽ گلشن جي ڪاروبار ۾ ڦاٿل سنڌي شاعري گھڻي پوئتي رھجي وڃي ٿي.
    اڄ جي گھڻي قدر سنڌي شاعريءَ جو سڀ کان وڏو الميو اھو آھي ته اھا پنھنجي دؤر جي ڪڙي حقيقتن، تاريخ جي شعور ۽ ھمعصر عالمي ادب کان ناآشنا ھجڻ ڪري، ھڪ مخصوص روايتي دائري ۾ چاڪي جي ڏاند وانگر ڦيرا پائي رھي آھي. پر اتي آڪاش انھن سڀني (Stereo types ) کان ٻاھر بيٺل آھي. حقيقت ۾ اسان جا اڃا فن ۽ ڪلا کي پرکڻ جا معيار به روايتپڻي کان ٻاھر ناھن نڪتا. مخصوص نظرين جا نيئر وجھي تخليقڪار کي سوگھو ڪرڻ، ساڻس سڀ کان وڏي زيادتي آھي. جڏھن ته شاعر ڪائنات ۽ فطرت جي احساس جو اسير ھوندو آھي. ھُن جي فڪر ۽ جذباتي تبديلين ۾ جيترو ھٿ ھن جي داخلي رولاڪين جو ھوندو آھي، اوترو ئي ھٿ فطرت جي فنڪارين ۽ سماجي حالتن جو به ھجي ٿو. جيڪو مسلسل ڪيفيتن جي تبديلي مان گذري ٿو ۽ ظاھر آھي ته تخيل ۽ فڪر به مٽجندو رھي ٿو.آڪاش جي شاعريءَ جو پھريون دؤر سندس جذباتي دؤر آھي ۽ ٻيو دؤر نوي وارو ڏھاڪو ۽ ھاڻوڪو دؤر آھي. جنھن ۾ زندگي جي موجوده حقيقتن ۽ سماجي ڪيفيتن جو ڏيک آھي. آڪاش جي ھاڻوڪي شاعري سندس دل جي دنيا جو سچو عڪس ۽ اعتراف آھي. چوندا آھن ته؛
    Confession is a death of follies
    (اعتراف غلطين جو موت آھي.)
    ۽ اھو اعتراف جو دؤر ھر تخليقڪار تي اچي ٿو. جنھن ۾ ھُن جي ڇنڊڇاڻ ۽ (Filtration ) ٿئي ٿي، پوءِ چاھي ھُو ان جو اظھار پنھنجي تخليق جي صورت ۾ ڪري يا نه ڪري، نه ته پاڻ ته ڏسون پيا ته اڄ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي آکاڙي ۾ ڪيترو اندران کاڌل، مئل روح ۽ (Dead man walking ) جھڙا ڪردار گھمي ڦري رھيا آھن، جن جي زندگيءَ ۾ زندگيءَ کان سواءِ سڀ ڪجھه پر اتي آڪاش ھڪ ضمير جي قيد ڪلاڪار وانگر انھن سڀني روايتن کي ٽوڙي بيھي ٿو ۽ چوي ٿو؛
    اسين بس رھياسين اڌورا اڌورا
    اھا ڪيفيت فيض تي به آئي ھئي. جڏھن ھُن پنھنجو نظم ”کچھه عشق کيا، کچھه کام کيا“ لکيو ھو، ۽ ڪازان زاڪس ته پنھنجي پڇاڙي حياتيءَ ۾ (Report to Greeko ) لکي، انھيءَ عمل مان گذريو ھو. اھو اعتراف رڳو آڪاش جو ئي نه پر ھن دؤر جو اعتراف آھي. گذريل ٽن ڏھاڪن جي سنڌ جو اعتراف آھي، انھن سڀني آڪاش جي ھمسفر ساٿين جو اعتراف آھي، جيڪي اڄ وقت جي واڇوڙي ۾ ڪک پن جيان الائي ڪيڏانھن اڏامي ويا، انھن سڀني جو اعتراف آھي، پوءِ چاھي اھي انا جو ڪوٽ لاھين يا نه، سچ دلين جا دروازا اورانگھي ٿو اچي.
    ھُو ته اھو به اعتراف ڪري ٿو ته ھن ھن مذھبي جنونيت مُلن جي معاشري ۾ به سچل جي انھيءَ سٽ مذھبن ملڪن ۾ اچي ماڻھو مُنجھايا جو آڱر پڪڙي ھلڻ چاھي ٿو. شايد ھو آرين کان اڳ واري سنڌ جو ڪو ويراڳ ورتل دراوڙي روح آھي. جيڪو پنھنجي حياتيءَ ۾ ئي پنھنجي قبر جو ڪتبو ڏيئي ٿو وڃي.
    دوستو! ڪتبو ڏسو ٿا ته آئون ڪير آھيان؟
    مان پنھنجي سنڌ جي مٽيءَ جو ننڍڙو ڊير آھيان،
    مان دين ڌرم جي دوکن کان دور دور رھيس،
    مان ماڻھپي جي منزلن ڏي کنيل پير آھيان.


    سيد سردار شاھ
    12 نومبر 2005ع
    حيدرآباد


    مھاڳ (پھريون ڇاپو)

    فقير محمد لاشاري

    شاعر آڪاش انصاري سنڌ جي اھڙي تاريخي دؤر جي پيداور آھي، جڏھن ھتي پا مڃائڻ، نئين ماڻھوءَ لاءِ ڪٺن ڪم چيو وڃي ٿو. ڪٺن ان ڪري ته نئين شاعر کي ڀٽائي، سچل، تنوير، اياز، امداد، استاد بخاري ۽ سوين ھزارين شاعرن جي وچ ۾ پنھنجي جاءِ ٺاھڻي ٿي پوي.
    پر دليل ڏيڻ جو اھو طريقو به شايد درست نه ھجي، شيڪسپيئر کان پوءِ انگريزي شاعري بيھي نه ويئي ۽ نه وري ڪاليداس کان پوءِ ھندستاني شاعري ۾ ڪا ڪمي ٿي. رڳو سنڌ ۾ ڀٽائي ۽ اياز ۾ ٻن صدين جو خال، ٻن چئن شاعرن کي ڇڏي. ان ڪري ٿو نظر اچي، جو ان لاءِ تاريخي حالتون ذميوار آھن. شاعري ته ٿيندي رھي پر پٽائيءَ تي سنڌي شاعري ڪلاسڪ ۾ داخل ٿي ھئي، جتان وري ان لوڪ شاعري يا سگھڙن ڏانھن موٽ کاڌي، جو سنڌي سماج ۾ نَينَ پيداوري قوتن جو اوسر وارو ڪم رڪجي ويو ھو.
    پنجاب ۾ به ڪلاسيڪي شاعري پوئتي موٽ کاڌي ھئي ۽ وري جڏھن اقبال سيالڪوٽ مان شاعر ٿي اڀريو، تڏھن اتي ٿوري گھڻي صنعتڪاري ٿي چڪي ھئي، پر ان سفر ۾ اتي اردو ۽ فارسي، پنجابي زبان جو جديد ادبي مرتبو کائي چڪيون ھيون. ائين ته سنڌ ۾ به فارسي شاعري ٿيندي رھي ۽ اڄ به عجائب گھر ۾ رکڻ جھڙو ڪونه ڪو فارسي جو سٽيل شاعر ملي ويندو، جنھن جي شعر ۾ ”۽“ ”۽“ ”آھي“ کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ جو واس تيل جي کوٽائي ڪرڻ سان به نه ملي سگھندو. ھونئن به تخليق جو سفر ته زندگيءَ جي قافلي سان گڏ آھي، اھو ڪٿي به بيھڻو ڪونھي، دنيا ڀٽائي ۽ اياز تي اچي بيھي ڪونه ٿي، پاڻ اھي سندس واٽ جا نشان آھن، جتان جدوجھد جو قافلو وڌيڪ ثمر کڻي اڳتي وڌي ٿو. فنڪار ۽ جينيئس جي ذھن جا دروازا کليل ھوندا آھن ۽ اتي گھڻو ڪجھه سمائجي سگھندو آھي ته وري تخليق جي سخاوت به کليل دل سان ٿيندي آھي، ڀٽائي، اياز، ۽ آڪاش ان سخاوت جا روپ آھن ھر فنڪار ۽ ليکڪ ان سخاوت جو روپ آھي.
    تاريخ، پاڻ ماڻھن کي ڏکن ڏيڻ ۾ حاتم طائي واري سخاوت ڪئي آھي ۽ ان سخاوت اسان کي ھر دور ۾ عظيم فنڪار ۽ تخليقڪار ڏنا آھن.
    آڪاش انصاري انھن تخليقڪارن مان آھي، جنھن کي پنھنجي انفراديت، پنھنجي سڃاڻپ، پنھنجي شاعرانه سونھن، پنھنجو ردم ۽ پنھنجا فڪري رويا آھن.
    آڪاش جي شاعري ۽ لاڙ جي سياسي جاگرافي ۾ عجيب ھڪجھڙائي آھي، آڪاش جي مٽي بدين جي مٽي آھي. جنھن ۾ روپا ماڙي، وڳھه ڪوٽ، رڻ ڪڇ، سمنڊ، ٿر، يونين ٽيڪساس جو ڳولھي ڪڍيل تيل، وِلھه گاڏڙ ھوائون ۽ لاڙي چانورن جو واس سڀ شامل آھي.
    ان جا جاگرافي تي تاريخي جبر وارا پھلو به لاڳو ٿين ٿا، جن ۾ 1947ع کان پوءِ پيدا ٿيل راڪاسن جون جنگي ۽ سياسي حڪمت عمليون ۽ ان جا جاگرافي جو ٻيو لازمي پاسو ھي آھي ته بدين سنڌ آھي. ھي سڀ ڳالھيون، ھڪ پڙھيل لکيل نوجوان تائين اھڙي نموني پھچن ٿيون جو ھُو، شاعر ۽ سياسي اڳواڻ، آڪاش انصاري جي نالي سان سنڌ جي افق تي نروار ٿئي ٿو ۽ عجيب نموني نروار ٿئي ٿو. شاعراني، ملنگ مست طبيعت وارو آڪاش جنھن ۾ محبتون ئي محبتون ڀريل آھن، جيڪو تند جي سامھون راءِ ڏيارچ جو ڪو نئون روپ ۽ ڪردار ٿو لڳي سو سياست به ڪري ٿو. مروج سياست جا ماڻھن کي تلخ تجربا آھن، خود ترقي پسند سياست ۾ به ڪيئي سچ انائن جي ٽياس تي آپگھات ڪري چڪا آھن، اتي اسان جو ھي دلبر ھمراھ پنھنجي مڪمل شاعراڻي وجود سان ذري جي به رعايت ڏيڻ کان نابري واري موجود آھي، سندس اِھا موجودگي سياست ۾ سچ جي جاءِ ولارڻ جو ڏس آھي. ھوپنھنجي روين ۾ مڪمل شاعر آھي ۽ سياست ۾ به انھن روين سان موجود آھي، جيڪي بنيادي طرح انسان دوست ورتاءُ آھن.
    آئون آڪاش جي شاعراڻي سفر جو شاھد آھيان، جو مون ھلال مئگزين ۾ 1981 82 ع واري عرصي ۾ سندس شاعري ڇاپي، ان وقت ۽ ھاڻي به آڪاش جي شاعري، مونکي ناول سڌارٿ جي اھڙن ٻن ڪردارن جي ڪيل شاعري لڳندي آھي. جن ذھني يڪسوئي جي سکيا، درياھ جي لھرن تي پھرن جا پھر ۽ ڏينھن جا ڏينھن ٽڪ ھڻي مشڪ ڪرڻ ذريعي ورتي ھجي.
    سندس نظم معاملن ۽ حالتن جي تيز ۽ تکي وھڪري واري درياءُ جي ھر لھر جو تفصيلي مطالعو آھي، انھن لھرن ۾ ڪٿي دنيا جي امن جو لاش، ڪٿي آمي ۽ ڦاپي جي عصمتن جا پٽيل اُرھ، ڪٿي عقيدن جا ڀرم، ڪٿي پاڻ کي ڳولڻ جي ضرورت کان وڌيڪ سودائن جا جنازا ۽ ڪٿي ماروئن جا گھُٽيل لڙڪ لڙن ٿا.
    ھن جي شعرن ۾ درد، فلسفي ۽ جدوجھد جا گڏيل ۽ رچيل رنگ به موجود آھن، ته سياسي جلسن ۾ پنھنجي وطن جي ماڻھن کي گڏ ۽ متحد ڪرڻ واري شاعري به ملي ٿي. ھو ساڳئي وقت مست ملنگ ۽ لا ابالي شاعر آھي ته ھڪ بيباڪ انقلابي ميدان جو شھسوار پڻ. ٻي خاص ڳالھه اھا آھي ته آڪاش پنھنجي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جي فلسفاڻين پاسن کي سمجھڻ ۾ سولو به بڻايو آھي. اھا ڳالھه سندس جذبي جي واضع چٽائي ۽ فھم جو ڏس ڏئي ٿي، ته سندس شاعري جي رومانوي رنگ به اڀاري آڻي ٿي.
    آڪاش پشم جي گولن جھڙو نرم ۽ نازڪ ۽ ھيري جھڙو مضبوط شاعر آھي ۽ منجھنس تمام گھڻڳ شاعراڻو وت موجود آھي، جيڪو وقت سان گڏ سامھون ايندو رھندو.

    ف.م لاشاري
    ڪراچي
    پھرين جنوري 1990ع


    محبت، مزاحمت ۽ انقلاب جو شاعر

    ٻئي ايڊيشن جو ماڳ ؛ جامي چانڊيو

    انسان پنھنجي سموري تھذيبي سفر ۾ جيڪي عظيم ترين ۽ عجيب و غريب شعبا ۽ شيون تخليقون ڪيون آھن، انھن ۾ فن جو ۽ فن جي دنيا ۾ وري شاعريءَ جو وڏو درجو آھي. انسان جي سڄي تھذيبي سفر ۽ ان جي ھمه گير اوسر جي تھاس مان جيڪڏھن لطيف فَن کي ۽ ان ۾ به شاعري کي ڪڍي ڇڏجي ته پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته انسان نه ته ايترو اڳتي وڌي سگھي ھا ۽ نه ئي ماڻھپي جون وڏيون منزلون ماڻي سگھي ھا. ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگھجي ٿو ته انساني تھذيب جي تاريخ جي پاڇي ٻُڙي ھجي ھا. انسان، ٻين ساھوارن کان فقط ھڪڙي ڳالھه ۾ ئي منفرد ۽ ممتاز آھي ۽ اھو آھي تصور ڪرڻ، پُور پچائڻ، سوچڻ ۽ خواب ڏسڻ ۽ انسان توڙي انساني تھذيب جي تصورن پُورن، لطيف ويچارن، احساسن ۽ خوابن جي جيتري سيڙپ شاعريءَ ۾ ٿيل آھي، اوتري شايد ئي ڪنھن ٻي شعبي ۾ ٿيل ھجي. شاعري انسان جي لطيف تصورن، خوبصورت خوابن ۽ ان جي درد جي سمورن دائرن جي تاريخ آھي. ھونئن ته ھر انسان ۽ مجموعي طور ھر خطو ۽ معاشرو سوچي، لوچي ۽ خواب ڏسي ٿو پر اوڀر ننڍي کنڊ ۽ ان ۾ به خاص طور تي سنڌ جي سرشت ۾، شاعري سمايل رھي آھي. اڄوڪي دور ۾ ڀل ته اسين زندگيءَ جي انيڪ شعبن ۾ دنيا کان ۽ پنھنجي ھم عصر عالمي دور کان گھڻو گھڻو پوئتي ھجون پر ھن ننڍڙي دنيا اندر ھڪ وشال دنيا اھڙي به آھي، جنھن ۾ اسين رڳو زماني جھڙا ئي نه، پر ان کان ڪنھن حد تائين اڳتي به آيون آھيون ۽ اھا دنيا آھي دل جي، جنھن جو ڀرڀور ۽ بھترين اظھار شاعريءَ ۾ ئي ٿي سگھي ٿو.
    ان ڳالھه متعلق ته ڪي به ٻه رايا نه آھن ته، ننڍي کنڊ جون ڪلاسيڪي توڙي جديد شعري روايتون شاندار رھيون آھن. سنسڪرت، ھندي، سرائيڪي، پنجابي. سنڌي، اردو، ۽ بنگالي ٻولين جي تاريخي، عظيم شاعريءَ جي حوالي سان املھه روايتن جي امين رھي آھي ۽ وڏي ڀاڳ جي ڳالھه اھا آھي ته اِھا روايت صدين گذرڻ کان پوءِ به نه رڳو زنده آھي، پر ويرؤن وڌ آھي. اسان جو آڪاش انصاري به جديد سنڌي شاعريءَ ۾ ان روايت جو تسلسل آھي. ننڍي کنڊ جي قديم ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جا انيڪ رنگ ۽ رجحان رھيا آھن. پر ان جو محور ۽ محرڪ تصوف ھو. جيتوڻيڪ تصوف جا به گھڻا رنگ رھيا آھن ۽ ان جي ھر رنگ جون پنھنجون ڌارائون رھيون آھن پر پوءِ به پنھنجي جوھر ۾ اھي سمورا رنگ تصوف جا ھئا. ھر فڪر کي ھڪ خاص عالمي يا معروضي دور گھرجي ۽ پس و پيش ملي ٿو. ائين تصوف کي به ڪلاسيڪي شاعريءَ جي صورت ۾ ننڍي کنڊ ۾ ھڪ ڀرڀور دور ۽ ان جي زمين ملي ، ھتي ان موضوع جي تفصيل ۾ وڃڻ جي گنجائش نه آھي. پر ڳالھه کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ائين چئي سگھجي ٿو ته ننڍي کنڊ ۾ جديد شاعريءَ جو دور، ترقي پسند ادبي تحريڪ کان پوءِ آيو. اھا ترقي پسند تحريڪ، جنھن جي نتيجي ۾، ننڍي کنڊ ۾ رابندراناٿ ٽئگور، جيواننداس، اقبال، جوش، فيض ۽ شيخ اياز سامھون اچن ٿا. ننڍي کنڊ ۾ جديد شاعريءَ جي روايت ان ڪري به بي پناھ پختگي ۽ حُسناڪي سان سامھون آئي جو ان نه رڳو پنھنجي ھم عصر عالمي دور جي سگھارن قدرن ۽ فڪري روين سان پاڻ کي سلھاڙيو، پر ان کي پنھنجي عظيم ڪلاسيڪي شعري ورثي جي روايتن سان ڳنڍي، نئين شعري روايت کي ئي نه جنم ڏنو پر حقيقت ۾ ھڪ نئين دور کي تخليق ڪيو. اھو دور جنھن جو تسلسل اسان وٽ ٻين سان گڏ آڪاش انصاري به آھي.
    آڪاش انصاريءَ ، شاعريءَ جي ميدان ۾ ان وقت قدم رکيو، جنھن جي ماضيءَ ۾ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي حوالي سان لطيف جھڙو يگانو ۽ جبل جيڏو شاعر موجود ھو ته جديد دور ۾ شيخ اياز، استاد بخاري ۽ نارائڻ شيام موجود ھئا. اھڙي پس منظر ۾ ھڪ نئين شاعر جو سامھون اچڻ ۽ پنھنجي ءَ پوري انفراديت، اظھار ۽ اسلوب توڙي فڪر جي جدت سان سامھون اچڻ، ڏاڍي ڏکي ڳالھه ھئي. جيڪا آڪاش انصاريءَ ڪاميابيءَ سان ڪري ڏيکاري، جيئن اياز جي عظيم شاعري (جنھن ۾ مان ھن جي پوئين دور کي شامل نه ٿو ڪريان) ھڪ خاص دور جي پيداور آھي. اھو دور جيڪو کامڻ، پچڻ، پڄرڻ، لوچڻ ۽ لڇڻ جو دور ھو. اھو دور جنھن ۾ محبتن ۽ نفرتن پنھنجا ڇيھه ڪري ڇڏيا ھئا، جنھن ۾ محبتن جو محور انقلاب ھو ۽ انقلاب ۾ به رومانس ڳوليو ويندو ھو. اھو دور جنھن ۾ گلابي ۽ ناسي چپن تي سُرخ نعرا ۽ گيت ھوندا ھئا. اھو دور جيڪو گھڻو پراڻو ناھي، سنڌ جي بنھه ويجھي ماضيءَ جو دور آھي. اھو دور جيڪوآڪاش جي زباني پنھنجي ”آئيندي“ (جنھن کي انقلاب سان به تعبير ڪري سگھجي ٿو) سان ھيئن مخاطب ٿيندو ھو:
    ٻيجليا ڪجھه ٻول!
    سارو ڏيھه ڏياچ تون ڏسندين!
    سر سڪن جيئن اُڇلي اَچبا،
    جنھن وقت جھليندين جھول،
    سارو ڏيھه ڏياچ تون ڏسندين!

    يعني اھو دور، جڏھن سارو ڏيھه ”ڏياچ“ ھو. سياست ھجي يا ادب ۽ فن، ان ۾ ھر تشنه دور، پنھنجي تخليقي اظھار لاءِ ڪردار ڳولي ٿو. اھي دور ڀاڳ وارا آھن، جن کي پنھنجي اظھار لاءِ شيخ اياز، استاد بخاري ۽ آڪاش ملن ٿا ۽ ساڳي وقت بختاور آھن اھي ڪردار جن کي پنھنجي بي پناھ تخليقي سگھه جي انتظار لاءِ تشنه دور ملن ٿا. جيتوڻيڪ آڪاش انصاريءَ جي شاعري ننڍي کنڊ توڙي سنڌ جي جديد ۽ ترقي پسند شاعريءَ جو تسلسل به آھي. پر ان ۾ جدتن جون نيون منزلون به آھن. اھا جدت ھن جي اظھار ۽ اسلوب ۾ به آھي ته ھن جي ٻولي ۽ موضوعن ۾ به آھي. اھا جدت ھن جي فارم ۾ به آھي ته ھن جي فڪري، سماجياتي ۽ جمالياتي روين ۾ به آھي. جيتوڻيڪ آڪاش انصاريءَ منھنجو بنھه ويجھو ۽ دل گھريو ذاتي دوست آھي ۽ ھن جي شاعريءَ کي به مون سدائين ۽ بار بار وڏيءَ محبت سان پئي پڙھيو آھي. ھر سٺي ۽ يگاني شاعريءَ وانگر، مون ھن کي بار بار پڙھندي به ھميشه انجواءِ ڪيو آھي. مون ھن جي شاعريءَ جون جيڪي بنيادي خوبيون محسوس پئي ڪيون آھن، چاھيان ٿو ته ھتي انھن جو مختصر ذڪر ڪريان.
    شاعريءَ جو اڀياس ڪرڻ ھڪڙو ڪم آھي پر ان جي پرک ڪرڻ، ان مان نتيجا ڪڍڻ ۽ ان جا فڪري ۽ فني محرڪ ڳولڻ نه رڳو ھڪ فن آھي. پر ھڪ بنھه حساس ۽ ڏکيو ڪم آھي. ان ڪم کي ادب ۽ فن جي علمي دنيا ۾ ”تنقيد جو علم ۽ فن“ چئجي ٿو، جيڪو سنڌ ۾ اڃا پوريءَ ريت متعارف به ٿي نه سگھيو آھي. آڪاش انصاريءَ کي مان محبت، مزاحمت ۽ انقلاب جو شاعر سمجھان ٿو. اھي ٽيئي، انساني تھذيب جي سموري سفر جا وڏي ۾ وڏا قدر آھن ۽ جڏھن اھڙا عظيم قدر، شاعريءَ کي سنڌي ادب ۽ سنڌي سماج جو سرمايو سمجھان ٿو. آڪاش محبت ۽ مزاحمت جو شاعر آھي. ھن جي محبت ايڏي ته شديد ۽ سگھاري آھي، جو اھا مزاحمت کان سواءِ رھي نه ٿي سگھي ۽ ھن جي مزاحمت ايڏي حُسناڪ ۽ لطيف آھي، جو اھا محبت کان سواءِ ٻيو ڪوبه ھٿيار نه ٿي رکي. ھن وٽ مزاحمت آھي، ھر ان شيءَ لاءِ جيڪا محبت، حسن ۽ ماڻھپي لاءِ خطرو ھجي. ”ٿُوھر جي ٿڃ“ ، ”او امان!“، ”اڙي دل!“، ”جلاوطن“، ”رڳو ٿر جي صحرا تي . . . “، آگسٽ 1983ع ۾ ”مان ھليو ڇو ويس“ جھڙا نظم سنڌ جي مزاحمتي شاعريءَ جي آسمان تي سدا چمڪندڙ انھن ستارن جيان آھن، جيڪي ڏينھن جي چٽيءَ اس ۾ نظرن کان اوجھل ته ٿي سگھن ٿا پر اونداھ جي ھر رات کي اھو احساس ڏيارڻ جي سگھه رکن ٿا ته اھي چمڪي رھيا آھن ۽ سڄي ڪائنات جي ”اوندھ“ گڏجي به کيس وسائي نه ٿي سگھي. آڪاش جي شاعريءَ ۾ محبت جو تصور به ڏاڍو منفرد آھي ھن وٽ سنڌ جي تصور جا عجيب ۽ مختلف رنگ آھن، ڪٿي وڇوڙي کان وڌيڪ ”وصل“ ۾ ويساھ رکندڙ شاعر نظر اچي ٿو، جڏھن ھو چوي ٿو:
    ھاڻي ته آڪاش جي اوٽ ۾،
    آسماني ڏيئا پڻ اجھامي ويا.
    سمھي پيا ستارا، ٿي جھيڻا جَھڪا،
    ڪڏھانڪر ڪتين ڪَرَ موڙي ڇڏيا،
    مگر انتظارن سندا قافلا،
    ٿيا ڪين ٿڪجي ڪڏھن چُور چُور،
    تون ايندين، تون ايندين، تون ايندين ضرور.


    ساگر جي ھُن پار، ٻيڙيءَ ۾ ملاح،
    سامونڊيءَ جا سڀ بيت ڳائي ڇڏيا،
    ۽ ڪناري جي واريءَ جي لھرن اندر،
    ھوائن به سرگرم لڪائي ڇڏيا،
    ولھه ورڇي ڇڏيو، پنھنجي سارو سُرور،
    مگر دل ھي پاڳل مڃي ڪين مُور،
    تون ايندين، تون ايندين، تون ايندين ضرور.

    محبوب کي ياد ڪرڻ يا وسارڻ جي ڳالھه ڪرڻ ٻنھي ۾ حُجت جو پھلو ھجي ٿو پر ٻنھي حُجتن جو رنگ آڪاش وٽ ڏاڍو نرالو آھي، جيئن ھن چيو آھي؛
    جڏھن به، توکي وسارڻ چاھيم،
    تنھنجي ھر ياد،
    سُڪل ٻير جي ٽاريءَ وانگر،
    ذھن ۽ روح جي ريشم سان وچڙي پئي آ،
    منھنجي دل مون سان وڙھي پئي آ،
    آڪاش جي شاعريءَ ۾ محبت ۽ مزاحمت جا سڀ رستا انقلاب ڏانھن وڃن ٿا محبت ۽ مزاحمت جيان ھن وٽ انقلاب جو تصور به محدود ۽ روايتي نه آھي. انقلاب، آڪاش جي شاعري جو وڏي ۾ وڏو رومانس آھي. اھو انقلاب جيڪو سدائين انسان جي عظيم آدرش ۽ خواب رھيو آھي. اھو انقلاب جنھن کي آڪاش پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪڏھن علامتي طور پنھنجو ”محبوب“ ٿو سمجھي ته ڪڏھن ان کي ”آئيندي“ ۽ ”سپني“جو نالو ٿو ڏئي،اھو انقلاب جنھن سان ھن جي محبت ۽ حُجتن جو سُٻنڌ آھي، ھو چوي ٿو:
    ٻڌاءِ!
    تون اڃا ڪڏھن ايندين؟
    ھزار وار، ٻاٽ جون چُنريون،
    رات جي ڇاتي سان سرڪيون آھن،
    اسان جو راھ مسافر ۽ بيقرار دليون،
    پوھ جي رات کي پرھ سمجھي،
    ڪُوڙي آٿٿ مٿي جرڪيون آھن،
    ٻڌاءِ! تون اڃان ڪڏھن ايندين؟

    يا جيئن ھڪ ھنڌ چوي ٿو:
    اي اسان جا اڻ ڏٺل،
    صدين کان رُٺل،
    خواب جھڙا آئيندا!
    تنھنجو ڌنڌلو ڪو تصور رڳو محسوس ڪري،
    متان تون سمجھين،
    توکي ماڻڻ لئه،
    اسان متقل ۾ ڪري ماٺ رھيا ھونداسين،
    نه تنھنجي لاءِ ڪا ويڙھاند وڙھيا ھونداسين،
    ۽ تنھنجي چاھ جي خواھش ۾ توکي ڳولڻ لئه،
    پنھنجي ٿُوھر ڀريل راھن تان ٿريا ھونداسين،
    متان تون سمجھين، توکي پائڻ لئه،
    اسان جو روح رتوڇاڻ ڪين ٿيو ھوندو،
    ۽ تُنھنجي مُکَ کي منور ڪرڻ جي آس کڻ،
    اسان جو چاھ پي چانڊاڻ ڪين ٿيو ھوندو.

    آڪاش ھڪ مزاحمتي شاعر ھئڻ باوجود، پليجي صاحب جي لفظن ۾ ”ھڪ عام ۽ روايتي باغي شاعر کان گھڻو ۽ تمام گھڻو مٿڀرو بيٺل ٿو لڳي“ آڪاش جي شاعريءَ ۾ اعلى سطحى جو تاريخي شعور موجود آھي ۽ دراصل اھو عالمي تاريخي شعور ئي آھي، جيڪو کيس محبت ۽ مزاحمت جي گسن کان ٿيندو انقلاب جي وسيع شاھراھ ڏانھن وٺي وڃي ٿو، ڪولرج، جيڪو ھڪ وڏو مغربي ادبي نقاد ھو، تنھنجي چوڻ موجب، وڏي شاعر جي پرک جو ھڪ معيار اھو به آھي ته ڏٺو وڃي ته ان جي شاعريءَ ۾ تاريخ جو ڪيترو گھرو ادارڪ ۽ ان جا محرڪ موجود آھن. آڪاش جي شاعريءَ ۾ نه رڳو سنڌ ۽ عالمي انساني سماج جو تاريخي شعور پنھنجيءَ سموري شدت سان موجود آھي پر ان ۾ اھي سمورا مُحرڪ به موجود آھن، جيڪي ھر دور ۾ سٺي ۽ اعلى شاعريءَ سان گڏ سفر ڪندا رھيا آھن. آڪاش جي شاعريءَ ۾ تاريخ ھڪ ڪردار به آھي، تاريخ اتساھ جو ذريعو به آھي. (پڙھو نظم: تاريخ جو ھڪ نقطو) اھا چيڙائيندڙ ۽ چٿرون ڪندڙ به آھي ته اھا ھڪ احساس ۽ الميو به آھي. ھن جي شاعريءَ ۾ ”تاريخ“ سان بغاوت جا اھڃاڻ به آھن ته ان جي نئين دور جي تخليق جي اون به آھي ۽ اھو دراصل ھن جي تاريخ جو گھرو ادارڪ ئي آھي، جيڪو ”تاريخ“ بابت ايتيرا ھمه گير رويا تخليق ڪرڻ جو محرڪ بڻجي ٿو.
    آڪاش جي شاعريءَ ۾ جتي پنھنجي ديس جي درد جي دانھن آھي، اتي درد جي دلبريءَ ۽ رھبريءَ جا داستان به آھن، ڪيڏن نه سادن لفظن ۾ ھن سنڌ جي صدين جي درد جو اظھار ڪيو آھي. ھو چوي ٿو:
    پنھنجي لاءَ ته او پاڳل من،
    کاٽونڀا ڀي کارا نڪتا،
    پنھنجا ڀاڳ نيارا نڪتا.
    يا ٻئي ھنڌ ھو چوي ٿو:

    اڙي دل، اڙي دل!
    انھن ڏي به ھل!
    جن جي نيڻن ۾ ناھي ڪو سپنو سَجيل،
    جن لئه ميگھا جي رُتِ کي منع آ ٿيل،
    جن جا سڀ ڀاڳ،
    ڪاھوءَ جيان اجڙيل،
    جن جو ھر ماڳُ،
    رڻ ڪڇ جي واري تتل،
    ھا انھن ڏي به ھل.
    جن جي نيڻن جي مڪليءَ جي مدفون ۾،
    رڳو چنڊ آسن جا لاشا ڍڪيل،
    جن تي،
    دردن ۽ سُورن جا ڪتبا لکيل،
    ھل انھن ڏي به ھل.

    آڪاش جي شاعريءَ ۾ ڇاڪاڻ ته درد، تاريخ جي شعور ۽ ان جي تخليقي مُحرڪن سان سلھاڙيل آھي. ان ڪري اھو روايتي طور مايوس ڪرڻ بدران اتساھ ۽ جوت جو سبب بڻجي ٿو، تانگھه ۽ جدوجھد جو بنياد بڻجي ٿو. آڪاش جي شاعريءَ ۾ درد، سگھه جو سرچشمو ۽ سفر جو سُونھون آھي. آڪاش جي شاعريءَ ۾ درد جي موٽ، ڏاڍي مُوھيندڙ، اتساھ ڏيکاريندڙ، زندگيءَ ۾ ويساھ موٽائيندڙ ۽ نرالي آھي. ھن وٽ درد جي موٽ جا ڪجھه انداز ڏسو:

    اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي!
    ته ماڻيندا منزل پنھنجا ڍول ڍاٽي.
    جڏھن منھنجا جھانگي ، نه جھوريءَ ۾ جھرندا،
    ٻَري نه ٻڪرار جا ٻار ٻَرندا،
    سُڪي سکڻي ٿيندي نه جيجل جي ڇاتي،
    ته ماڻيندا منزل پنھنجا ڍول ڍاٽي.

    ھڪ سپنو
    جنھن جي ساڀيان خاطر،
    پنھنجي نيڻن جي صليبن تي ٽنگيل،
    سوين سپنن کي گھُٽا ڏيئي اسان ساريو آ،
    پاڻ تي ظلم ڪري پاڻ کي جياريو آ.
    آڪاش روايتي معنائن ۾ ”عوامي شاعر“ نه آھي ۽ نه ئي ھو وچين طبقي جي انھن ”انقلابي“ شاعرن وانگر آھي، جن وٽ عوام لاءِ پري کان بيٺل پاڇي جھڙي ھمدردي ۽ ڏيکاءَ وارو پيار ھوندو آھي. اھوئي سبب آھي جو آڪاش، عوام ۽ پورھيت طبقي جو ھمدرد نه پر سندن ڏُکن، ڏولارن ۽ دردن جو ڌڻي ۽ ويڄ شاعر آھي. ھن جي شاعريءَ ۾ جتي عوام جي صدين کان ھلندڙ اڻھوند، بيوسيءَ جا جيئرا احساس آھن.
    مثلا.
    . . . ۽ گھر جي گُندي،
    سَنڍ سدائين،
    ڪين ڪري ٿي پيٽ،
    لڳي ٿو ھيل به رھبو ليٽ.
    ته ساڳي وقت ان کان نجات جا چٽا گس ۽ پنڌ ۽ انھن پنڌن جا رند به آھن ۽ ظاھر آھي ته اھو پنڌ آزادي، آجپي ۽ انقلابي کان سواءِ ٻيو ڪھڙو ٿي سگھي ٿو. آڪاش جي شاعري ۾ ان اؤکي سفر جو سمورو سامان موجود آھي يعني درد، درد ۽ شعور جي ڪُکِ مان جنم وٺندڙ احساس، احساسن جي سيڙپ ۽ مقصد جي چٽائي ۽ ان ڏس ۾ پنڌ ۽ مسلسل پنڌ جنھن جي راھ ۾ ڪڏھن به ورچي نه ويھجي.
    فني لحاظ کان آڪاش جي شاعري، ھڪ پختي شاعر ۽ ميچوئر فنڪار جو سگھارو اظھار آھي. مولوي احمد ملاح جي شھر بدين ۽ لاڙ جي پس منظر سبب ھن جي ٻولي، ھونئي ئي سريلي ۽ چس واري آھي. ھن جي ٻولي ۾ لاڙ جي لھجي جو حسن ۽ ان جي ماحول جا سڀ فطري ڪردار ۽ سماجياتي توڙي جمالياتي رويا ملن ٿا. ھونئن ته ھن نظم، گيت، غزل، وائي، ٽيڙو، نثر ۽ آزاد نظم جي سمورين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آھي پر آڪاش فارم جي لحاظ کان بنيادي طور آزاد نظم جو شاعر آھي. ان وٽ اڪثر نظم، آزاد نظم ۽ نثري نظم پنھنجي فارم جي مڪمل پختگيءَ ردم، روانيءَ ۽ نازڪ مزاجي سان گڏ موجود آھن. آڪاش جا آزاد نظم نھايت خوبصورتيءَ سان ڳايا ويا آھن. ھن جي شاعريءَ فني لحاظ کان جتي ترڪيبن جا نوان نوان تجربا ملن ٿا، اتي انوکين تشبيھن ۽ منظر نگاريءَ جا رنگ ملن ٿا، ھن جون ڪجھه خوبصورت تشبيھون ڏسو:

    چاندني راتين ۾ چئونرن جي اڳيان ھا چمڪندا،
    ڄڻ ته سيوھاڻيءَ جي ميلي ۾ پيل تازا ڦلا.

    خواب سڀ سارا ٽٽا،
    وقت جي ڪا وڄ ڪري،
    تاريخ جا تارا ٽُٽا،
    ۽ آسمان ڏرڻيون ڪيون،
    ڪنھن نانگ کاڌل مڇريل گھوڙي جيان،
    ڌرتتيءَ ڌڻيون ھيون. . . .

    زندگي جي ذليل گھڙين ۾،
    ضياءَ جي موت جي خبر آھين،
    منھنجي ھوندي به تون منھنجو ناھين،
    تون به ڄڻ سنڌ جو شھر آھين.

    وقت آ جھنگلي مڇريل گھوڙو.

    اوھان جي اکين ۾ ڪي ارغون ھئا،
    اسان جي ھئي دل، سنڌ ڌرتيءَ جيان

    پنھنجي ھر آتما ڪنگال ڪري،
    ڪڍي ڏيوالو پنھنجي لُڙڪن جو،
    پاڻ کي حال مان بي حال ڪري،
    انھيءَ سپني کي،
    انھيءَ خواب کي ماڻڻ خاطر،
    اڀاڳي نينگريءَ جي،
    ڪنھن لڪل گناھ جيان،
    پنھنجي ويري شعور جي ڪُکِ ۾،
    نپايو، تاتيو، پاليو آ،
    رڳو ھڪ سپني جي ساڀيان خاطر،
    ڪيڏو دُکڙو اسان جاليو آ.

    سرءُ جي رات جي ڪنھن آخري تاري وانگر،
    ڦٽل ”پراڻ“ جي درياءَ جي ڪناري وانگر،
    اَڻ سمجھه ٻار اپاھج جي اشاري وانگر،
    تنھنجو آڪاش ھو اڻپورو، اڌورو، اجڙيل،
    رُڃن جي ماريل رولاڪ مسافر وانگر.
    وڇوڙي رات جي ويلي جيان وياڪل وياڪل.

    ڪنھن روپ ڪئي روح ۾ ريشم رفو گري،
    نه ته شام ويل مڪليءَ جو منظر ھجان ھا مان.

    سنڌ جي ويجھي ماضي جيان آڪاش جي شاعريءَ جا به ٻه مختلف دور آھن. ھڪ اھو دور آھي جنھن جو ذڪر آڪاش جي شاعريءَ جي پسِ منظر ۾، مٿي ڪيو ويو آھي. اھو آڪاش جيڪو سراپا باھ آھي، ھٺيلو ۽ بي پرواھ آھي، جيڪو پوئتي موٽڻ ته ٺھيو پر ان جي گمان تي به ويچارڻ لاءِ تيار نه آھي، جيڪو تاريخ ۽ انقلاب سان سڌيءَ ريت ھم ڪلام ٿيڻ جي ھمت ڪري ٿو ۽ انھن کان اتساھ وٺڻ بدران کين اتساھي ٿو – پر آڪاش جي ٻي دور جي شاعريءَ جو رنگ ۽ مزاج ٻيو آھي، اُھا شاعريءَ به ڪجھه ھن ڪتاب ۾ شامل ڪئي وئي آھي. ھن دور جي آڪاش جي شاعريءَ ۾، وقت جي چيچ مان زندگيءَ جي ڇلي گھر گھلي ٿيڻ جو خوف ملي ٿو. سندس ھن دور جي شاعريءَ ۾ وڇوڙن ۽ ولولي نه رھڻ جا اعتراف آھن. ”راڻي“ جي رُسڻ جون ڳالھيون آھن، ھن جي نَون گيتن ۾ ھوائون، خوشبون، ۽ بادل ماڻا نه ٿا ڪن، ٻيو ته ٺھيو آڪاش جي دل به ماڻا نٿي ڪري، ھي اھو دور آھي، جنھنجي عڪاسي، آڪاش پاڻ ھنن لفظن ۾ ڪري ٿو؛

    خبر نه آھي؟
    ڪھڙي سامريءَ جي سازش آ،
    پاڻ پنڊ پھڻ ٿي پيا آھيون،
    پنھنجي لُٽجڻ سندو احساس ڀي لُٽجي ويو آ،
    اسان ٻين کان ٻڌون ٿا ته،
    لُٽيا ويا آھيون.
    ڪو به نعرو، نڪو ماتم، نڪو ملال آ،
    اکين جي ٿر مٿان اھڙو ڏڪار ڇانيل آ،
    جو ڪوئي لُڙڪ لُڙي سان ته وڏي ڳالھه آھي!

    رڳو سُڏڪو به سُڻڻ لاءِ سڪي ويا آھيون. ۽ اھو فرق رڳو آڪاش جي شاعري ۾ ناھي دراصل اھو ھن دور جو الميو آھي. جنھن جا عڪس اسان کي ھن جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا. پنھنجي آفاقي نظم:” اڌورا اڌورا“ ۾ آڪاش علامتي انداز ۾ ان جو نھايت خوبصورت اظھار به ڪيو آھي، نظم جون ڪجھه سٽون آھن:
    نه تارڪ ٿي دنيا ھي تياڳي سگھياسين،
    جھان جو به جھنجھٽ نه جھاڳي سگھياسين،
    عمر اڌ، اڻ کٽ عبادت ۾ ويئي،
    ۽ باقي بُتن کان بغاوت ۾ ويئي،
    خدا ڀي نه مليو نه ان جي خدائي،
    او آڪاش! جندڙي ائين وئي اجائي،
    ۽ ڳولا جي رڻ ۾ رُلياسين اڌورا،
    اسان بس رھياسين اڌورا اڌورا.
    بھرحال سنڌ جي تاريخ ۽ ان جي پس منظر ۾، آڪاش جي شاعري ھڪ عجيب دور مان گذري رھيون آھن. ڪالھه آڪاش ”اڻ ڏٺل ۽ رڳو محسوس ڪيل آئيندي“ سان مخاطب ٿيندو ھو ۽ ان کان سوال ڪندو ھو ”ٻڌاءِ ڀلا تون ڪڏھن ايندين؟“ ھو پنھنجي ”منزل“ ۽ ”محبوب“ کي نه وساري سگھڻ جا اعتراف ڪندو ھو. پوپٽن کي مخاطب ٿي کين ھن دُکي ديس ۾ نه اچڻ جو وينتيون ڪندو ھو، جلاوطن، رھڻ کان سڌو انڪار ڪندو ھو، مٽيءَ جي خوشبوءَ جون ڳالھيون ڪندو ھو ۽ پنھنجي دل جي سرڪش گھوڙي جون واڳون ديس جي درد جي وارياسي ڏي موڙڻ جا وچن ڪندو ھو ، ”ھڪ سپني جي ساڀيان خاطر“ سڀ ڪجھه قربان ڪرڻ جا درس ڏيندو ھو، ”سورج جون ڏند ڪٿائون“ ۽ تاريخ جا نقطا بيان ڪندو ھو ۽ پنھنجي پرينءَ کي قيدخانن جي ڪشش ۽ دار جي درد جي لذت جا داستان ٻڌائيندو ھو اڄ اھو آڪاش اعتراف ٿو ڪري ته:
    توسان چاھت ۽ چرپڻ به گھٽبا وڃن،
    دل جا آرا ۽ ارپڻ به گھٽبا وڃن،
    ۽ وڇوڙن ۾ ناھي رھيو وَلولو،
    يارَ جلدي ملو.


    يا اھو اڃا به وڌيڪ تلخ اظھار ڪري ٿو؛
    سُور جي سرحد،
    ڏٺي آ ڪنھن ڀلا،
    ھيءَ دنيا،
    دائرو آ درد جو،
    جنھن ۾ ماڻھو،
    موت جي کوھ جي،
    مداريءَ جيئن مسلسل،
    پيو ڦري:
    ھر ڪنھن چھري تي،
    لکيل آھي فسانو فرد جو،
    ھيءَ دنيا،
    پنھنجي ڪم جي ڪين آ:
    ھي بسيرو آھي بس
    بي حس ۽ بي درد جو.
    سو زندگي!
    توسان گذاريوسين ائين،
    جيئن نڪاح
    زوري ڪجي نامرد جو.
    ھڪ فنڪار جي زندگيءَ ۾ مختلف ۽ عجيب و غريب دور ايندا آھن ۽ اِھو سڀ فطري عمل آھي. وقت جو واھڙ ڪنھن به وَھڻ کان بس نه ڪندو. ڪڏھن تيزيءَ سان ۽ ڪڏھن آھستي، دنيا ڪالھه به بدلي ھئي، اڄ به بدلجي پئي ۽ سڀاڻي به بدلبي ۽ اوس بدلبي، جن خوابن صدين تائين سفر ڪيو آھي، اھي ڪڏھن به بي معنى نه ٿا ٿي سگھن، رڳو ان کي بدلائڻ وارو درد سلامت ھجي ۽ مان پڪ سان چئي سگھان ٿو ته آڪاش جي شاعري ۾ اھو درد اڄ به سلامت آھي.

    جامي چانڊيو
    حيدرآباد سنڌ
    16 فيبروري 2000ع


    جلاوطن

    ڀٽڪي پنھنجو دڳ وڃي، جيئن ڪو پکيئڙو منجھه گگن،
    نه جنھن جو ڪوئي آھيرو، نه آشيانو ۽ چمن ،
    مان به پنھنجي ديس ۾، آھيان اڪليو اوپرو،
    جلاوطن، جلاوطن، جلاوطن، جلاوطن.

    روز ٿو زھر پيان، مرا جيان، جيان مران،
    ڄڻ ڪلاچي ڪُن ۾، ٻڏان تران ٻڏان تران،
    يا ديول جي ديپ جيئن، اجھان ٻران اجھان ٻران،
    ڄڻ صليب تي ٽنگيل، ڪو سرد مان ھجان بدن،

    نه منھنجو ڄڻ ھي ماڳ آ، نه منھنجو ڄڻ مڪان آ،
    نه منھنجي ڄڻ ھي نگري آ، نه منھنجو آستان آ،
    نه منھنجي ڄڻ ھي ڌرتي آ، نه منھنجو آسمان آ،
    ڄڻ ھجان تاريخ جي، مان لاش جو ميرو ڪفن،
    جلاوطن، جلاوطن، جلاوطن، جلاوطن.

    جا مُرڪ مونکان وئي کسي، تنھن مُرڪ جو آھي قسم،
    مان رت رُنس جو ظالمو! تنھن لُڙڪ جو آھي قسم،
    جيجل جي مٺڙي ٿڃ جي ھر سُرڪ جو آھي قسم،
    پلئه ڪندس، پلئه ڪندس، اي وقت! توسان آ وچن،
    مان ڪيئن رھان جلاوطن،
    مان ڪيئن رھان جلاوطن.


    پنھنجي آئيندي جي نالي

    پنھنجي آئيندي جي نالي

    اي اسان جا اڻ ڏٺل!
    صدين کان رُٺل،
    خواب جھڙا آئيندا!
    تنھنجو ڌنڌلو ڪو تصور رڳو محسوس ڪري،
    متان تون سمجھين،
    توکي ماڻڻ لئه،
    اسان مقتل ۾ ڪري ماٺ رھيا ھونداسين،
    نه تنھنجي لاءِ ڪا ويڙھاند وڙھيا ھونداسين،
    ۽ تنھنجي چاھ جي خواھش ۾ توکي،
    ڳولڻ لئه،
    پنھنجي ٿوھر ڀريل راھن تان ٿڙيا ھونداسين.

    متان تون سمجھين، توکي پائڻ لئه،
    اسان جو روح رتوڇاڻ ڪين ٿيو ھوندو،
    ۽ تنھنجي مک کي منور ڪرڻ جي آس کڻي،
    اسان جو چاھ ڀي چانڊاڻ ڪين ٿيو ھوندو.

    متان تون سمجھين، تو کي ڳائڻ لئه،
    اسان نه ڪيڏاري مان بيت ڪوئي جھونگاريو،
    اسان سچل جي ھر ھڪ گيت ۾ توکي ساريو،
    اسان! نقاري جي ھر چوٽ تي ديپڪ ڳائي،
    قسم آ تنھنجو، اسان پنھنجو پاڻ کي ٻاريو.

    اي اسان جا اڻ ڏٺل!
    ۽ رڳو محسوس ڪيل،
    گل جھڙا معصوم پاڪ مستقبل!
    جيئن پھرئين پيار کي،
    ڪا نينگري محسوس ڪري،
    اسان، ائين تنھنجي خوشبو ذري محسوس ڪري،
    تولئه،
    اونده سان، ھر جُڳ ۾ آھي جنگ ڪئي،
    اھڙي اونده،
    اھڙي اونده!!
    جنھن ۾ راڄ خوني چمڙن جو.
    جتي، اسان جي بدن کي،
    پٽيو آ ماڪوڙين،
    ۽ جتي،
    موت کي به، موت جي ٿي باس اچي،
    اھڙي خاموشي،
    اھڙي خاموشي!
    جتي ماٺ جو آواز اچي.
    ۽ انھيءَ ٻاٽ ۾،
    چٻرن سندا ڦڙڪاٽ ڏسي،
    تيز رولاڪ ھوا جا سوين زوزاٽ ڏسي،
    اسان نه، تنھنجي ڏيئي کي اڃان اجھايو آ،
    اسان ته تنھنجي لئه،
    ھر موڙ تي واجھايو آ.
    اي اسان جا اڻ ڏٺل!
    سپنن ۾ سجيل،
    مور جھڙا مستقبل!
    جڏھن اچين تون ھتي،
    پاڻ ئي پرڙا سوري،
    ڪي مسافر، تون پنھنجي راه ۾
    مئل جي ڏسين!
    نيري آڪاش جي ھيٺان سريون وڍيل
    جي ڏسين
    اسان جي پيار جي بي گور و ڪفن لاشن جون.
    اکيون صدين کان،
    پنھنجي ديد لئه کليل جي ڏسين!
    ته پڪ ڄاڻجان
    ته پڪ ڄاڻجان،
    ڪي تو لئه مئا واجھائي،
    تنھنجي آمد تي، انھي جشن جي خاطر آيا،
    پنھنجي اکڙين سندي مکڙين منجھان
    مالھا ٺاھي،
    ۽ رڳو، تنھنجي تمنا کڻي ويا مُرجھائي
    ۽ رڳو، تنھنجي تمنا کڻي ويا مُرجھائي.


    اسان جي مئاسين

    اسان جي مئاسين

    اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي!
    ته ماڻيندا منزل پنھنجا ڍول ڍاٽي.

    اسان جو جڏھين خون خوشبو ٿي ايندو،
    ته ويڙھا وطن جا به واسي ڇڏيندو،
    جڏھين ٻارڙي ڪنھن، ڪئي ٻولي ٻاتي،
    ته ماڻيندا منزل پنھنجا ڍول ڍاٽي.

    اسانجون ھي ٻانھون، اسان جو نگاھون،
    ازل کان لوچين ٿيون اھڙيون راھون،
    انھيءَ ڪرٽ ۾ جي ڪُسي وياسين ڪاتي،
    ته ماڻيندا منزل پنھنجا ڍول ڍاٽي.

    جڏھن منھنجا جھانگي، نه جھوريءَ ۾ جُھرندا،
    ٻَري ۾ نه ٻڪرار جا ٻار ٻرندا،
    سُڪي سکڻي ٿيندي نه جيجل جي ڇاتي،
    ته ماڻيندا منزل پنھنجا ڍول ڍاٽي.

    جڏھين وڏ ڦڙو ڪو ولھارن تي وسندو،
    مٿان پارڪر جي پنوھارن تي وسندو،
    نه رھندي ڪا مارئي، مارن لاءِ آتي،
    ته ماڻيندا منزل پنھنجا ڍول ڍاٽي.


    جڏھين به توکي وسارڻ چاھيم

    جڏھين به توکي وسارڻ چاھيم

    جڏھن به،
    توکي وسارڻ چاھيم
    تنھنجي ھر ياد،
    سُڪل ٻير جي ٽاريءَ وانگر،
    ذھن ۽ روح جي ريشم سان وچڙي پيئي آ،
    منھنجي دل،
    مون سان وڙھي پيئي آ.

    جڏھن به،
    توکي وسارڻ چاھيم
    تنھنجي ھر ياد،
    ڪنھن ڏاج جي جوڙي ۾ رچيل،
    سدا ملوڪ، شوخ، شرميلي،
    خمار گاڏھين خوشبوءِ وانگر،
    چؤطرف من ۾ ٽڙي پيئي آ،
    منھنجي دل،
    مونسان وڙھي پيئي آ.

    جڏھن به،
    توکي وسارڻ چاھيم،
    تنھنجي ھر ياد،
    ڪينسر جي وارڊ ۾
    لادوا مريض جيان،
    دلاسڙن جي دوائن تي ڌتاريل دلڙي،
    پنھنجي ويڄن سان وڙھي پيئي آ،
    منھنجي دل،
    مونسان وڙھي پيئي آ،
    جڏھن به توکي وسارڻ چاھيم.


    جيون ڀانيان ٿو

    جيون ڀانيان ٿو

    جيون ڀانيان ٿو او جيڏا!
    جذبن جي ڪا آھي جنگ،
    جنھن ۾ ڪيئي ڪسندا رھندا.

    ڪاڪ جي ھاڪ وري پئي ٻڌجي،
    ايندا شايد ڪي اڙپنگ،
    ڪيئي راڻا رُسندا رھندا.

    سوري تن لئه سيج سجائي،
    جي جو سوريءَ سان ٿيو سنگ،
    گولين کان ڪي گُسندا رھندا.

    ذات پٺيان ڪا ڏات نه ٿيندي،
    جن کي ڏات پئي ھڻندي ڏنگ،
    سي ئي ڏونگر ڏسندا رھندا.

    تن جون اکيون اوجھر آليون،
    جن وٽ نيھن جو آھي ننگ،
    سي ئي پرين کي پسندا رھندا.

    سورھيه جي ڪن سپنن جھڙو،
    آگم ڌاري پنھنجو انگ،
    ولھارن تي وسندا رھندا.


    گھر جي گندي

    گھر جي گندي
    ھو جھونو ھاري
    جاٽ پڄائي،
    جوڙو روڪي،
    واٽر مان پاڻيءَ ڍڪ ڏوڪي،
    اڌ اجھاڻل
    ٻيھر ٻاري، ستو ڪو سگريٽ،
    چپن ۾ ڀڻڪي ٿو،
    ”ڪين چڱو ٿيو چيٽ“
    ”لڳي ٿو! ھيل به رھيو ليٽ“

    مٿان ھر سال،
    نَون مھينن تائين،
    ”ڀاڳل کائي ٿي ميٽ . . . !
    لڳي ٿو ھيل به رھبو ليٽ.

    ۽ گھر جي گُندي،
    سنڍ سدائين،
    ڪين ڪري ٿي پيٽ،
    لڳي ٿو ھيل به رھبو ليٽ.


    اڄ ماڻھو! ماڻھو! مورت آ

    اڄ ماڻھو! ماڻھو! مورت آ

    اڄ ماڻھو ماڻھو
    مورت آ ڄڻ پٿر جي
    انساني احساس الائي ڪاڏي ويا.


    ھا! ڪالھه اڃان،
    چؤنرن جي مٿان،
    ٿي چانديءَ جھڙا چنڊ کڙيا،
    ڳالھه ڳالھه تي ڳوٺاڻن جا،
    ڪيڏا چنچل ٽھڪ ٽڙيا،
    ھر ھردي ۾ ھٻڪار ھئي،
    ماڻھوءَ ماڻھوءَ جي من ۾،
    ڄڻ مُگري جي مھڪار ھئي،
    اڄ وستيءَ وستيءَ ويراني آ،
    واس الائي ڪاڏي ويا،
    انساني احساس الائي ڪاڏي ويا.

    ڪلھه ڇا ته ڇپر ۾ ڇيڄ ھئي،
    ڇا تاري تاري تيج ھئي،
    آڪاش به ھو جھرمر جھومر،
    ڄڻ ڪنھن سوڍي جي سيج ھئي،
    ڇا حُب ھئي ڇا ھيج ھئي،
    اڄ اھڙائي آڪاش الائي ڪاڏي ويا،
    انساني احساس الائي ڪاڏي ويا.


    اوچتو ئي اوچتو

    اوچتو ئي اوچتو

    پاڻ سنڌو ماٿريءَ جا محبتي ماڻھو ميان!
    ڪوڙ، ڪيني ۽ ڪدورت مان نڪي ڄاڻون ميان،
    ڪالھه پنھنجو ماڳ ھو ڪيڏو ملوڪ،
    مرڪندڙ ماروئن جا مکڙا،
    جَرڪندڙ جھانگھين جا جھوڪ،
    دُوئي، دوکي ۽ دغا کان سدا خالي ھئي،
    پنھنجي ننگريءَ نفرتن جي نانءِ نيڪالي ھئي،

    ھُو ڍول مارو ڍٽ جا، ڇا تن جون آکاڻيون ھيون،
    ڄڻ کٿوريءَ ساڻ واسيل کير جون کاڻيون ھيون،
    چيڪي مٽيءَ ساڻ راڳيل،
    اھي اڱڻ، اوٽا، ٿلھا،
    چاندني راتين ۾ چئونرن جي اڳيان ھا چمڪندا،
    ڄڻ ته سيوھاڻي جي ميلي ۾ پيل تازا ڦُلا.

    ۽ رات جو صوفين جي اوتارن مٿي،
    جانجھه ۽ يڪتار جي تارن مٿي،
    ڪنھن سنت جا اشلوڪ ڳائبا ھيا،
    روح جا سڀ ٿڪ لاھيا ھيا.
    چئوسٽا ڏسا چوڙيلين جا چھچٽا،
    ۽ ٽھڪڙن جا وڏ ڦڙا ڄڻ ٿي ويا،
    ۽ تڙ مٿي ٻانھيارين جا ٻيلھڙا،
    تن جي پويان ڇانگون ڇانگون ڇيلڙا،
    ھو ڀوريون ڀٽ تي ڀٽاريون ٿي چَريون،
    گرڙ ۽ گگريون.

    رات جي پوئين پھر، ڳوٺ جون ڳھريل ڳليون،
    ڪيڏيون مُڌر، مٺڙيون لڳيون ٿي، مال جون مٽريون ٽليون،
    ٻاجھرين جي کيٽ ۾ پنھنجو ھر ڪنھن کي پيھو،
    جھار ھڪلڻ جي بھاني ڪو اشارو ۽ ليئو.

    ھُو بيل گاڏين جون قطارون ڄڃ جو شرميلو شور،
    تيز وھڙن جا چڙا ۽ جھيڻي ڳيچن جي جھڪور،
    ايءِ! منھنجو لاڏل، منھنجو بنرو، منھنجو راڻل، منھنجو مور،
    سھرو ساڳيو سڀ ڪا ڳائي، پنھنجي پنھنجي دل جو چور.

    پوءِ اوچتو ئي اوچتو!
    رات ھڪڙي خواب ۾ ڇا ٿا ڏسون!
    پنھنجي سيني ۾ لڳو، ڪيئي فوٽن جو آ ڪنڊو،
    ۽ ان مٿي ڦڙڪي پيو ڪو ”سائو“ شيطاني جھنڊو،
    ھا اوچتو ئي اوچتو،
    خواب سڀ سارا ٽُٽا،
    وقت جي ڪا وڄ ڪِري،
    تاريخ جا تارا ٽٽا،
    ۽ آسمان ڏرڻيون ڪيون،
    ڪنھن نانگ کاڌل مڇريل گھوڙيءَ جيان،
    ڌر تتيءَ ڌرڻيون ھنيون،
    ھر طرف کان ھُل ھُلا چو ھو گيا ھوڪار ٿي،
    ٻاڪر ڪٽو ٻاڪار ٿي،
    ٻارڙا مائن جي سينن سان لڳي سمھي پيا،
    منھنجي ويڙھيچن جي واديءَ جي مٿان يلغار ٿي،
    اولھه، اتر، اوڀر، ڏکڻ کان قافلا ڪاھي پيا،
    پٿرن جي دؤر جا وحشي ڪُتا،
    ياجوج ۽ ماجوج جي اولاد جا ڪي سلسلا،
    بڇڙا، ڪنا ۽ وات ڳاڙھا بي حيا،
    ھر طرف اسلام زنده باد جا نعرا ھڻي،
    منٽن اندر منھنجا سڀئي شھر،
    واھڻ، وستيون ۽ ڳوٺ ڳڙڪائي ويا،
    جيڪو پُڇي ڇا ھي ابا!؟
    تنھن تي لتون، ٺونشا چنبا،
    چئي،
    چل! بي! جاھل ڪي نسل،
    بڪتا ھي ڪيا؟

    ۽ منھنجا مارو،
    ڄڻ ته ميلي ۾ وڃايل ٻار جيئن،
    وائڙا ٿي وائڙا ڏسندا رھيا.

    سچ پڇين او سنڌ ماءُ!
    ھر گھڙي ڦٿڪون سڙون پيا،
    بيوسيءَ جي باھ ۾،
    ان ڏينھن ۽ لمحي مٿي لعنت جڏھين
    وقت آڻي اڇليو آڙاھ ۾،
    ڪيڏي ڪئي وئي رھزني
    پاڻ سان ھن راھ ۾،
    اڄ به ماتم ٿا ڪريون ان مھل تي،
    جنھن وقت پنھنجا سڀ ٻنيون ٻارا ويا،
    منھنجي ھوشوءَ جي قبر ڪاڏي وئي!؟
    مورڙي جا ماڳ موچارا ويا،
    ٻيو ٺھيو پر!
    سنڌ جي آڪاش جا تارا به ويا.


    جڏھن ڪنھن به بادل

    جڏھن ڪنھن به بادل

    جڏھين ڪنھن به بادل، ولھاريون وساريون،
    الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون ،
    جڏھين چنڊ چوڏس ڪيون چلولايون،
    الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون.

    جڏھين ڪنھن به ڪوئل اسر ويل ڳايو،
    تڏھين وِلھه ويتر وڇوڙو وڌايو ،
    جڏھين ماڪ مُکڙيون ڀنيءَ جون ڀڄايون،
    الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون.

    جڏھين کيٽ ۾ ٻاجھرين سنگ واريا،
    جڏھين چيٽ ۾ ڦول ڄانڀي ڦُلايا،
    جڏھين ٿر تي مورن ڪي ٻوليون ٻُرايون،
    الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون.

    جڏھين تو سان نيڻن جو ناتو ڇِنو ھو،
    تڏھين دور آڪاش ڪيڏو رُنو ھو،
    جڏھين جيءُ جھورڻ ھي آيون جدايون،
    الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون.


    تون ته بيدرد بي قدر آھين

    تون ته بيدرد بي قدر آھين

    تون ته بيدرد، بيقدر آھين!
    جيءَ ۾ پوءِ به جلوه گر آھين.

    زندگيءَ جي ذليل گھڙين ۾،
    ضياءَ جي موت جي خبر آھين.

    منھنجي ھوندي به تون منھنجو ناھين،
    تون به ڄڻ سنڌ جو شھر آھين.

    پڇين ٿو حال! ”ڪيئن پئي گذري؟“
    ڪيڏو سادو ۽ بي خبر آھين.


    ٿوھر جي ٿڃ

    ٿوھر جي ٿڃ

    ٻڌايو! فتوا فروشن جي پيشوائن کي،
    منافقن جي گروھن جي سربراھن کي،
    خاڪي ورديءَ جي خود ساخته خدائن کي

    وقت قيامت جو ڪين قائل آ،
    قيامتن کان ھي انصاف ڪين ٿي سگھندا،
    اسان سان ھاڻ حديثن جي ڪا حجت نه ڪريو،
    شريعتن سان ھِنيان صاف ڪين ٿي سگھندا.

    ھاڻ پٽڪن جي ورن جو اھو وچن آھي،
    سسئي جي سيج لٽڻ جو ته سور سھسايو،
    پر ڀنڀورن جا قتل معاف ڪين ٿي سگھندا،
    اسين ٿوھر جي ٿڃ پي ته سگھون ٿا ليڪن،
    ٿر جي مورن جا قتل معاف ڪين ٿي سگھندا،
    ڄام شورن جا قتل معاف ڪين سگھندا.

    (ٽوڙي ڦاٽڪ واري واقعي کان متاثر ٿي لکيل)


    آکاڻي

    آکاڻي

    ننڍپڻ ۾ ھڪ رات پاڙي جي ناني،
    سڀن ٻارڙن کي سڻائي ڪھاڻي،
    جڳا در ڪنھن جوڳيءَ جو قصو ھيو،
    رڻن جي ڪنھن روڳي جو قصو ھيو،
    والا ڪنن ۾ ۽ گيڙو جو گاؤن،
    بگريءَ ۾ جنھن جي ڀَٽون ۽ بلائون،
    ڳچيءَ ۾ ھو پائيندو نانگن جي مالھا،
    اکيون ٽامڻيون ڄڻ ته ٻرندڙ مشالا،
    ڪفني ڪلھن ۾ ڪَراين ڪڙولا،
    ڪاپڙيءَ کي خبر ناھي ڪنھن ھئي ڳولا،
    بدن تي ڀڀوتي کي زنجير زيريون،
    ھڻ کڻ ھزارين ھن پاڻ ھيريون.

    ڇھه مھينا سڄا سارا سمھندو ھيو.
    ۽ ڇھه مھينا گرنار گھمندو ھيو.
    سنگچور جو زھر پيئندو ھيو.
    زھر پي به جوڳي ھو جيئندو ھيو.
    جيتوڻيڪ ھاڻي اچي ويئي جواني،
    ڪڏھانڪر مري ويئي پاڙي جي ناني،
    مگر ساڳي ھلندي اچي ٿي ڪھاڻي.

    تون سوچين ٿو ايءَ ڳالھه آھي اجائي!
    مگر ڳالھه ۾ ڏاڍي آھي سچائي،
    اسان ڀي اھي ساڳيا جوڳي ته ناھيون؟
    پنھنجي روحن جي رڻ پٽ جا روڳي ته ناھيون؟
    اسان جي به بگرين بلائون نه آھن ؟
    اسان تي ڇا ھڻ کڻ ھلاؤن نه آھن؟
    اسان جي ڳچيءَ ۾ به واسينگ ويڙھيل،
    ۽ ڪوراڙ، کپرن ۾ گرنار گھيريل،
    ڪراين ڏي ڏس! ساڳيا ناھن ڪڙولا،
    رڻن جون رڃون ساڳيون راتيون ۽ رولا!؟
    نڪو ڀاڳ ويراڳ ۽ ماڳ جو،
    فرق آ رڳو جوڳ ۽ جاڳ جو،
    ھو جوڳي ته سمھندو ھو اڌ سال ڪُل،
    مگر پاڻ آھيون صدين کان سُتل،
    مگر پاڻ آھيون صدين کان سُتل.


    وقت آ جھنگلي مڇريل گھوڙو

    وقت آ جھنگلي مڇريل گھوڙو

    وقت آ جھنگلي مڇريل گھوڙو،
    جنھن جي ھڻڪار سان،
    ڌرتي سندو سينو ڌڙڪي.

    جنھن جي تيزيءَ کي،
    ھوائون ڪڏھين ڇُھي نه سگھن،
    جنھن جي چُستي اڳيان
    طوفان جي ھستي ڌڙڪي،
    جنھن جي دھشت اڳيان
    وحشت جو پڻ گردن لڙڪي
    جنھن جي ناسن مان ڄڻ
    ڪا باھ زال جي ڀڙڪي
    جنھن جي رفتار ڄڻ
    سيلاب ۾ سنڌو ڪڙڪي.


    ھا مگر، پوءِ به عقل جا ويري،
    فھم، فڪر ونظر جا دشمن،
    آيا آھن اڄ وري سائين!
    پنھنجي ڪوڙي انا بچائڻ لئه،
    رات جي رُٿ تي ھسواري ڪري،
    ڏينھن جي شينھن کي ڪُھائڻ لئه،
    پنھنجي خوشفھمين جا کارا کڻي،
    وقت جي سج کي لڪائڻ لئه.

    دوستو! ڪوئي ٻڌائي تن کي،
    وقت آ جھنگلي مڇريل گھوڙو،
    جنھن کي واڳڻ به ڪو چاھي ته نه واڳي سگھندو،
    وقت آ وھڪرو
    تاريخ جي سمونڊن جو،
    جنھن کي جھاڳڻ به ڪو چاھي ته نه جھاڳي سگھندو،
    وقت آ جھنگلي مڇريل گھوڙو.

    (1980ع)






    وُٺي جي ولھه راتڙي

    وُٺي جي ولھه راتڙي

    وُٺي جي ولھه راتڙي،
    ٿڌو سارو ٿر،
    ڪجليا! توبن ڪيئن ڪريان؟

    مَريڙن منھن ڪڍيا،
    ليٽي پيا لُلر،
    ڪجليا! توبن ڪيئن ڪريان؟

    ھر ڪنھن پڙو پَٽ جو،
    ھر ڪنھن واڙ ولر،
    ڪجليا! توبن ڪيئن ڪريان؟

    ڪوڙھيو ڪارونجھر لڳي،
    پوڙھو پدماسر
    ڪجليا! توبن ڪيئن ڪريان؟

    تون ڏورانھين ڏيھه ۾،
    ڪُٽين روڊ پٿر،
    ڪجليا! تو بن ڪيئن ڪريان؟

    پدماسر: ڪارونجھر جو ھڪ آپشار


    تون ايندين ضرور!

    تون ايندين ضرور!

    ھاڻي ته آڪاش جي اوٽ ۾،
    آسماني ڏيئا پڻ اجھامي ويا.
    سمھي پيا ستارا، ٿي جھيڻا جَھڪا،
    ڪڏھانڪر ڪتين ڪر موڙي ڇڏيا،
    مگر انتظارن سندا قافلا،
    ٿيا ڪين ٿڪجي ڪڏھين چُور چُور،
    تون ايندين، تون ايندين، تون ايندين ضرور.

    ساگر جي ھن پار ٻيڙي ۾ ملاح،
    سامونڊيءَ جا سڀ بيت ڳائي ڇڏيا،
    ۽ ڪناري جي واريءَ جي لھرن اندر،
    ھوائن به سرگم لڪائي ڇڏيا،
    ولھه ورڇي ڇڏيو پنھنجو سارو سُرور،
    مگر دل ھي پاڳل مڃي ڪين مُور،
    تون ايندين، تون ايندين، تون ايندين ضرور.

    ڪو پنڇي اڪيلو اڪيلو اڏامي،
    ڪينجھر، ڪنڌي تي لھي پيو ٿڪي،
    نڪو چنڊ چمڪو نه چَھڪي چڪور،
    انھن لاءِ پڻ رات گذري چُڪي،
    ۽ ڪنولن مٿان ننڊ نائي وئي نور،
    مگر دل ھي پاڳل مڃي ڪين مُور،
    تون ايندين، تون ايندين، تون ايندين ضرور.


    ڪوتن کي ٻڌائي ڇڏ ماجرا!

    ڪوتن کي ٻڌائي ڇڏ ماجرا!

    ھن ديس جي پوپٽن جي اڳيان،
    ڪنڌ ڪھڙو کڻون!؟
    ھام ڪھڙي ھڻون!؟

    ھنن کي ڏسي جيءُ جھڄندو رھيو،
    ڪيڏا پياسا ٿا ڀٽڪن اھي پتڪڙا،
    گلن جي مٺاسن کان محرومڙا،
    اٻالا رھيا ٿر جي ٻارن جيان،
    تن معشوقرن کي ڏيون ڀي ڇا؟

    لُک ھاڻيون ليون!؟
    ٿوھرن جا ڪنڊا!؟
    ڪيئن آڇيون انھن کي
    آرھڙ جا ساڙيل
    اگھاڙا، اگھاڙا ھي ڪانڊيرڙا!؟
    ڪوتن کي ٻڌائي ڇڏ ماجرا.

    اسان وٽ نه ايندا ڪريو پتڪڙا!
    اسان وٽ ته سانوڻ به صدين ڪنان،
    رڳو سور جا ٿو ڦلاري سَلا،
    ڪوبه مُگرو نه آ،
    ڪوبه موتيو نه آ،
    چنبيلي ڪڏھين
    واس اوتيو نه آ،
    ھيءَ وستي ته ورھن کان ويران آ.
    مدتن کان ھتي مند ماتام آ.
    پتڪڙا پوپٽؤ؟
    ڪين دل ۾ ڪجو!
    اسان جا سڀئي باغ ڀيلاڙ ٿيا،
    ساري ڦلواڙ ڦرجي اسان کان وئي،
    ڦول وڪجي ويا،
    اسان خود بھارن لئه ڀٽڪون پيا،
    اسان خود بھارن لئه ڀٽڪون پيا.


    جيڪي ماڻيو اٿئون!!

    جيڪي ماڻيو اٿئون!!

    وقت جو ويڻ جيسين وھاٽي نٿو،
    گھاءُ غم جو جيسين گُھماٽي نٿو،
    جيسين جيون جو پيالو ھي پَلٽي نٿو،
    زندگي! زھر ڀر، زھر ڀر، زھر ڀر.

    ان ڳڻيا آسرا، آٿتون اڻ مَيون،
    مامرا، مونجھه، منزل جون محروميون،
    ڪائناتن وڌو جيڪي ڪشڪول ۾،
    سوئي سڀڪجھه اٿئي، سوئي سمجھج ثمر،
    زندگي! زھر ڀر، زھر ڀر، زھر ڀر.

    پاڻ کي جا پُکي ۾، رڳو پياس ھئي،
    سي وره ۽ وڇوڙا، وڏي راس ھئي،
    اڃن جا املھه ڏاڍا، احساس اٿئي!
    جيڪي ماڻيو نه ٿئي، تنھنجو ماتم نه ڪر،
    زندگي! زھر ڀر، زھر ڀر، زھر ڀر.

    موت جو نيٺ محصول ڀرڻو ته آ،
    ھي جو آڪاش ويو، ھاڻ ورڻو نه آ،
    پر چُڳن تائين جڳ کان وسرڻو نه آ،
    ڏات جو ڏيھه ۾ ڪين ٿيندو ڏُُڪر،
    زندگي! زھر ڀر، زھر ڀر، زھر ڀر.


    اڙي عشق!

    اڙي عشق!

    اڙي عشق! تو وٽ وري پيو اچان،
    خودڪشي، زندگيءَ کان پري آ اڃان،

    جڏھين ڀي تو ھٿ مان آ ھٿڙو ڪڍيو،
    ھٿن جي لڪيرن سان ورچيو پوان.

    اوھان جي اکين ۾ ڪي ارغون ھئا،
    اسان جي ھئي دل، سنڌ ڌرتي جيان.

    جن جي قسمت ۾ دوزخ ڌُريان ئي لکيو،
    او خدا! ڪيئين توکي چون مھربان.

    او سقراط! ھڪ سُرڪ جي ھا ڀرين،
    زندگيءَ جي زھر جي، مڃان ھا ميان!


    موتين جھڙا ماڻھو

    موتين جھڙا ماڻھو

    پنھنجا ڀاڳ نيارا نڪتا.

    موتين جھڙا ماڻھو سائين!
    ڪوڙا ڪڄ ڪسارا نڪتا،
    پنھنجا ڀاڳ نيارا نڪتا.

    پنھنجي لاءِ ته او پاڳل من،
    کاٽونبا ڀي کارا نڪتا،
    پنھنجا ڀاڳ نيارا نڪتا.

    ڏاھن جي ھن ڏيھه سڄي ۾،
    ديوانا ڊل وارا نڪتا،
    پنھنجا ڀاڳ نيارا نڪتا.


    ڪوئي دل ۾ درد نه پوءِ به،
    نيڻن مان نيسارا نڪتا،
    پنھنجا ڀاڳ نيارا نڪتا.

    سڪ وارن جو سوڳ ملھائڻ،
    چنڊ ڪتيون ۽ تارا نڪتا،
    پنھنجا ڀاڳ نيارا نڪتا.

    پنھنجو پيار ته پاپ نه ھو پوءِ،
    دشمن ڇو جڳ وارا نڪتا.
    پنھنجا ڀاڳ نيارا نڪتا.

    کاٽونبا: ٿر جو کٽ مٺ جھنگلي ميوو.


    فاضل جي شھادت تي

    فاضل جي شھادت تي

    ھي ڪنھن جو موت ھو؟
    جنھن تي،
    سموري ڌرتيءَ جي،
    پکين پڇاڙيو ۽ پوپٽن ڀريا سڏڪا.
    ماڻھپي جي اکين جي اوٽ ۾،
    پکڙيل بادل،
    ميگھه جي مند کان اڳ برسي پيا،
    ڳلن تي گرم لڙڪ پلٽي پيا،
    گلن تي ماڪ رُني.
    ھي ڪنھن جي موت جي آ ھاڪ،
    جنھن ۾ باک رُني،

    ھي ڪنھن جو موت ھو؟
    جنھن تي سموري ڌرتيءَ جو
    عذاب ڦٿڪي پيو،
    ڊيل کان چال ۽ ھرڻين کان ڇال وسري ويا،
    سموري ڌرتي جي،
    تاريخ جي استادن کان،
    زوال لازوال جا سوال وسري ويا.

    ھي ڪنھن جو موت ؟
    جنھن تي سموري ڌرتي جي،
    لوفرن، ڪار منھن، بدمعاشن،
    پنھنجي بي ھوده ڪامرانيءَ تي،
    وڄايون بغلون ۽ خوشفھمين جا ٽھڪ ڏنا،
    ھزارين روشني کي ويڻ ڏئي،
    ٿي ڇتا، سج تي بڇيائون ڪُتا،
    ۽ ڪُتا!
    جيڪي ڳڀي جي موھ ۾،
    پنھنجي ھم نسلن کي،
    ڇڏيندا چيري ۽ ڦاڙي آھن.



    ھي ڪنھن جو موت ھو؟
    جنھن تي سموري ڌرتيءَ جي،
    وحشين، رھزنن ۽ جلادن،
    نفرتن، ذلتن ۽ خواري جي،
    آخري جام کي تجويز ڪيو،
    پنھنجي تا ابد شڪستن نالي.







    بارگاهِ رسالت (صلي الله عليه و آله وسلم) ۾ ھڪ نماڻو عرض

    بارگاهِ رسالت (صلي الله عليه و آله وسلم) ۾ ھڪ نماڻو عرض

    تون صه آمنه جي اکين جو تارو،
    تون فاطمه جو پدر پيارو!
    نبي ڀلارو!
    اسين ته تنھنجي اٻوجھه امت،
    اسان تي تنھنجو عظيم ٿورو.
    اسان لئه تنھنجي مُلڪ جو ماڻھو،
    پُريان ئي پوتر، ”عرب سڳورو“

    مگر او مرسل (صه)
    معاف رکجان.
    جڏھن به ڪوئي،
    حجاج يوسف جو ھم شڪل ۽
    شمر، يزيدن جو ھم نسل ڪو
    عرب سڳورو
    وري اسان تي ڪري ٿورو.

    جڏھن به ڪوئي،
    ابوجھل جو عمامون اوڍي
    ڪو اِبن ملجم،
    عرب سڳورو
    سخي لٽيرو
    اٻوجھه امت جي،
    ڪنھن به آميءَ جي عصمتن جا ارھ پٽي ٿو،
    ۽ مان ڏسان ٿو،
    انھيءَ آميءَ جي ڪنواري ڪک مان،
    جو ”ابِن آدم“ جنم وٺي ٿو
    سو ابن مريم ڀلي نه سڏجي،
    ڀلي نه مھدي ئي ڪوٺجي ٿو.

    پر ايترو سو ضرور ٿئي ٿو
    جو ڪجھه حديثن، ھدايتن جو،
    گھڻن عقيدن ۽ آيتن جو،
    ڀرم ٽٽي ٿو،
    ۽ دين جي جنتن مان آدم
    وري به ساڳيو ثمر پٽي ٿو.!






    جنوري 1983ع تي، جھمپير، ضلعي ٺٺي ۾ عرب سياحن، ٻن عورتن ڦاپي ۽ آمي سان زنا ڪئي، جنھن ڪري آمي (آمنه) بروقت مري ويئي، ۽ پوليس ڪيس رجسٽر ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.


    مٽيءَ جي خوشبوءِ

    مٽيءَ جي خوشبوءِ

    جنھن نه مٽيءَ جي خوشبوءِ کي ڄاتو ھتي،
    جنھن نه سانگين جي سڱ کي سڃاتو ھتي،
    تنھن سان ڪھڙو ڀلا منھنجو ناتو ھتي،
    تنھن کي چئو! منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي!

    جو نه اجرڪ جي عظمت جو قائل ھجي،
    منھنجي ٻولي ڏي جيڪو نه مائل ھجي،
    ذھن جنھن جو اڃا ڀي ورھايل ھجي،
    تنھن کي چئو! منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.

    جنھن سنگينن سان سانگين جا سينا چٿيا،
    ڄڻ محبت جا مڪا مدينا چٿيا،
    عشق عرفان جا آبگينا چٿيا،
    تنھن کي چئو! منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.

    جنھن جي اک ماروئن ڏانھن ميري ھجي،
    جيڪو وانگين جي ٻچڙن جو ويري ھجي،
    جيڪو جلاد، قاتل ۽ قھري ھجي،
    تنھن کي چئو! منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.

    جيڪو لالڻ ليارن سان نفرت ڪري،
    منھنجي پورھيت پنھوارن سان نفرت ڪري،
    درد وند ديس وارن سان نفرت ڪري،
    تنھن کي چئو! منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.


    بند اکڙين منجھان

    بند اکڙين منجھان
    يادگيرين جا سيلاب ايندا رھيا،
    بند اکڙين منجھان بَند ڀَڄندا رھيا،

    چند چٿرون ڪيون،
    دل جي تنھائي تي،
    تنھنجي آڪاش جي،
    ھن اڪيلائي تي،
    طنز سان روز تارا تڪيندا رھيا،
    يادگيرين جا سيلاب ايندا رھيا.

    وقت! تنھنجو ھي ورتاءُ،
    واجب نه ھو،
    گھايلن تي نئون گھاءُ،
    واجب نه ھو،
    وک وک تي وڇوڙا وڍيندا رھيا،
    يادگيرين جا سيلاب ايندا رھيا.

    نيڻ نينڍون ھيا،
    ويڻ وڻندا ھيا،
    تنھنجي ڇڙٻن منجھان،
    ڦول ڇڻندا رھيا،
    ھا! مگر اڄ اھي وقت ويندا رھيا،
    يادگيرين جا سيلاب ايندا رھيا.


    ڪالھه لنگھي ويا قافلا

    ڪالھه لنگھي ويا قافلا

    مون وٽ ڪو به نه ماڳ!
    ڪالھه لنگھي ويا قافلا.

    ليون لُک لوساٽيون،
    آرھڙا اوتي آڳ،
    ڪالھه لنگھي ويا قافلا.

    ڏٺم ڏينھن لڙي چُڪو،
    جنھن پل ٿيم جاڳ،
    ڪالھه لنگھي ويا قافلا.

    نڪو ڏنگو ڏيھه جو،
    نڪمي ڀُليم ڀاڳ،
    ڪالھه لنگھي ويا قافلا.

    حيف ھجئي او ھينئڙا!
    وڙ نه تو ويراڳ،
    ڪالھه لنگھي ويا قافلا.


    آفريڪي شاعر بنجمن مولانس جي قتل تي

    آفريڪي شاعر بنجمن مولانس جي قتل تي

    اداس ڌرتي جا مظلوم،
    نماڻا شاعر!
    مان تنھنجي موت جو اسرار خوب ڄاڻان ٿو،
    تنھنجي قاتل،
    تنھنجي جلاد کي سڃاڻان ٿو.

    مان تنھنجي موت جي عذاب کان،
    اڻڄاڻ سھي،
    مان تنھنجي موت جو اعزاز خوب ڄاڻان ٿو،
    اھو اعزاز،
    جيڪو ڌرتيءَ جي،
    ھر نئين نسل جي امانت آ،
    سھاڳ رات جي خوابن جي امانت وانگر،
    يا تنھنجي ڏيل ڏکويل کي ڏنل،
    سوين ڏنڀن جي عذابن وانگر.

    مان ڄاڻان ٿو ته
    جڏھين ڪو ڏاڍو
    اچي ٿو ھيڻي تي بندوق سَڃي،
    ته ڪائنات جي ضمير جيان
    حساس ذھن جي لوڻاٺيل سمونڊن ۾
    سچ جي پوپري ڦٿڪي ٿي پوي.
    مان ڄاڻان ٿو ته
    ڏات جي ديوي
    جڏھين تخليق جي
    آزر کي برغلائي ٿي
    ۽ جڏھين ذھن ۾ قيامتون ٿيون برپا ٿين،
    ۽ جڏھين قلم جي تيشي ۾ ڪا جنبش ٿي اچي،
    ته پوءِ دل جي صنم خانن ۾
    ھزارين بت تراشجي ٿا پون،
    پيار جا،
    سونھن جا،
    آزادين جا نعرن جا،
    سچ جي سوڀ سان،
    انصاف جي وقارن جا،
    امن جي رنگ جا،
    احساس جي بھارن جا،
    عقل ادارڪ جا،
    علم ۽ فڪارن جا،
    پوءِ اھي بت،
    اھي صنم خانا،
    پنھنجي تخليق جو دليل ڏئي،
    ھڻن ٿا چغلي پنھنجي خالق تي،
    ۽ موت سان مام سٽي،
    ھي به دشمن وانگر،
    يا وعدي معاف گواھن وانگر،
    پنھنجي خالق کي پنھنجي موجد کي
    وجھي گردن ۾.
    سچ جون سنگھرون،
    مقتلِ عشق ۾ گھليو ٿا اچن،
    ۽ تِھان پوءِ پنھنجي آذر کي،
    پنھنجي خالق کي، پنھنجي شاعر کي،
    وفا نگر ۾ سنسار ڪري،
    اکيون ڪڍائي، سردار ڪري،
    وڏي غرور سان مرڪي ٿا پون،
    پنھنجي تخليق جي قيمت ٿا وٺن.

    اداس ڌرتي جا مظلوم نماڻا شاعر!
    مان تنھنجي موت جو اسرار خوب ڄاڻان ٿو،
    تنھنجي قاتل،
    تنھنجي جلاد کي سڃاڻان ٿو.


    واعظ

    واعظ

    اسان جي رُت جون،
    سڀ ريتون روايتون به الڳ،
    اسان جي سھپ،
    صبر ۽ شڪايتون به الڳ،
    اسان جي دين جا خطبا
    ۽ ڌرم جون پوٿيون،
    گھنڊ گيتا به الڳ،
    ۽ قيامتون به الڳ.

    جھان ساري ۾،
    پن ڇڻ کان پوءِ بھار وري،
    اسر جي ويل،
    ماڪ جي موکي،
    گُل گُل جي اکين ۾ کيپ ڀري،
    ۽ روز
    شفق جي لالاڻ،
    تن کي تلڪ ھڻي،
    ۽ پنھنجي ڀاڱي ۾،
    آھي ته بس سرءُ آھي!؟
    گل گل جون رڳون يادون!

    ٻيا تصوف ۽ خواب،
    دل جي ڪشڪول ۾،
    ڪھڙو گلن جو دان مليو!؟
    چند سُوچن جا سڪا،
    ٻه ٽي ڪي ”حسن حُباب“
    اکين کي انتظار جي بدلي،
    رولڙي، رات ۽ رڃ ساڻ ڍڪيل
    سڃا رستا،
    ٻيو سوجھري جو سراب.

    روح جي شاھي قلعي جي،
    وفا اسيرن کي،
    مليا ته درد مليا،
    ٻيا وفا، جفا جا عذاب.

    نه ڪا به مڌ، نڪا مُرڪ
    نه ڪا ماڪ ملي،
    اکين مان اوتيون ويٺا،
    رڳو سورن جو شراب.


    ۽ روز،
    شھر جو ملان چوي ٿو واعظ ۾،
    ”اڃا به ڏينھن قيامت“
    اسان کان ٿيندو حساب!؟


    تنھنجي ڳچيءَ جا داغ ھي ڳاڙھا

    تنھنجي ڳچيءَ جا داغ ھي ڳاڙھا

    موت نه توکي ماري سگھندو،
    موت کي توئي ماريو آ،
    سچ جي خاطر سرڙو ڏئي،
    تو سوريءَ کي سينگاريو آ.

    تنھنجي خون جي خوشبو مان،
    ڦول ھزارين ڦٽندا رھندا ،
    ساري ڌرتيءَ جا دل وارا،
    واس انھن مان وٺندا رھندا.

    ڏاڍ جي اڳيان ڏونگر بنجي،
    ڏونگر کي تو ڏاريو آ،
    موت نه توکي ماري سگھندو،
    موت کي توئي ماريو آ.

    تنھنجو وڇوڙو وانگيئڙن کي،
    وڍ وجھي ٿو وير وٺڻ لئه،
    تنھنجي ڳچيءَ جا داغ ھي ڳاڙھا،
    مون کي چون ٿا جنگ ڪرڻ لئه،
    جيڪو ستم ٿيو سانگيئڙن سان،
    ٻارڻ تنھن ڪو ٻاريو آ.
    موت نه توکي ماري سگھندو،
    موت کي توئي ماريو آ.

    ھي جو بادل ڀرجي ڀرجي،
    تنھنجي قبر تي برسيو آھي،
    ماڪ ڦُڙا آڪاش وسائي،
    ڳايو تنھنجو مرثيو آھي ،
    سنڌ ديس جي ڌرتي تنھنجي،
    جھوريءَ ۾ اوڇنگاريو آ،
    موت نه توکي ماري سگھندو،
    موت کي توئي ماريو آ.


    (شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شھادت تي)


    اڃا پره پر ڀري

    اڃا پره پر ڀري
    اڃا آھ اماس
    اڃا پره پر ڀري.

    سڄڻ منھنجي سوچ جا،
    اجاريا الماس.

    ڏيھه ڏنا ھن ڏات کي،
    ويچارن جا واس.

    ماڻھوءَ ماڻھوءَ جو پٽي،
    مرونءَ وانگر واس.

    شھر سڄي ۾ سانت جو.
    رنڀي پيو راڪاس.

    جيڏو پنڌ پھاڙ جو،
    ان کان وڏي آس.

    ادل! عيسى ٿي پئون،
    ايئن نه ھوءَ انگاس.


    ڪير ٿو چئي . . . !

    ڪير ٿو چئي . . . !

    ڪير ٿو چئي ڏيھه ۾ آھي ڏُڪر!؟
    ڪير ٿو چئي آ مھانگائي ميان!؟
    مصر جي بازار آ،
    ھر طرف ھٻڪار آ،
    ڀل کٿوري جي کڻي خوشبو نه آ،
    خون جي خوشبوءِ ته آ ارزان اڃان،
    ڪير ٿو چئي ڏيھه ۾ آھي ڏُڪر!؟

    پيٽ ڀريل آھن پنوھارن جا پَلا،
    پر پُٺي کي ڏس ته ڪؤڙن ڪيئن ڪيو،
    ڄڻ ڪڍيا سورج مکي آھن سلا،
    ڪير ٿو چئي آ مھانگائي ميان!؟

    ايتريون سستيون سريون سنڀرو ڪڏھين؟
    جو اچن پيون اڏين کي الٽيون،
    اي ڏيھه!
    توکي پيا اڃان ڏوھ ڏيون!؟

    (ڄام شورو 1983ع)


    شل انھيءَ کان اڳي

    شل انھيءَ کان اڳي

    ديس پنھنجي مان ڌاريان ٿي ڌڪجي وڃون،
    پنھنجي مٽيءَ جي خوشبوءِ لئه سِڪجي وڃون،
    يا فلسطينين جيئن ڦُرجي وڃون،
    شل انھيءَ کان اڳ ڪاش وڙھندي مرون.

    پنھنجي ڏاڏاڻي قبرن مٿان ھٿ کڻون،
    پنھنجي وڏڙن جي ھڏڙن مٿان ھٿ کڻون،
    يا ڀٽائي جي سڏڙن مٿان ھٿ کڻون،
    پنھنجي تاريخ جي مُنھن تي ڪارنھن مليون،
    شل انھيءَ کان اڳ ڪاش وڙھندي مرون.

    ڪيئن ڪارونجھر ۽ ڪاڇي مٿان ھٿ کڻون،
    ڪيئن ڪينجھر ڪراچيءَ مٿان ھٿ کڻون،
    پنھنجي نوري تماچي مٿان ھٿ کڻون،
    شل انھيءَ کان اڳي ڪاش وڙھندي مرون.

    پنھنجا ايندڙ نسل دربدر ٿي رُلن،
    ذلتن ساڻ ڪيمپن ۾ پَلبار رھن،
    پنھنجي وڏڙن تي لعنت ملامت وجھن،
    مارئي جي وطن جا مياري ٿيون،
    شل انھيءَ کان اڳي ڪاش وڙھندي مرون.


    اھو سڀ ڇا ھي؟

    اھو سڀ ڇا ھي؟
    ھي جيون!
    رڳو ناھي ڪو جو ڦوٽو.
    نه واريءَ تي ليڪو،
    نڪو واءُ جھوٽو.

    مڃون ٿا!
    برابر، ته اڄ يا سڀاڻي،
    بدن جي ھي ڀنڀور،
    ڀڙڀانگ ٿيندو.
    پنھل ھي پساھن جو ويندو پلاڻي،
    مگر
    ھاڻي ھاڻي
    اھائي گھڙي جنھن ۾ تون مان جيئون ٿا
    انھيءَ جي ھجڻ کان ته انڪار ناھي!؟
    اھو سڀ ڇاھي!؟

    ھي نيڻن جا ڏيئڙا!
    ٻرن يا اجھامن،
    وڏي ڳالھه ناھي،
    مگر چئن اکڙين جي سرگوشين ۾
    بي آواز لفظن کي
    معنى ته آھي؟
    اھو سڀ ڇاھي!؟


    چمين ۽ چپن جي،
    ڪنارن جي وچ ۾،
    احساس جو،
    جيڪو ساگر وھي ٿو،
    ڇا! اھو ڪنھن به صورت ۾
    سُڪڻو به آھي!؟
    اھو سڀ ڇاھي!؟


    يا . . .. .
    جداين جي ويران
    چانڊوڪين ۾،
    ڪنھن ڏورانھين ٽيشن تان،
    مڌم سُرن ۾،
    لتا، گيت ميران جو ٿي گُنگائي
    ڇا!
    انھيءَ گيت کي موت ۽ مات آھي!؟
    اھو سڀ ڇاھي!؟
    ھي جيون رڳو ناھي ڪر جر ڦوٽو،
    نه واريءَ تي ليڪو،
    نڪو واءٌ جھوٽو.

    ٽيشن: ريڊيو اسٽيشن





    او امان!

    او امان!

    او امان! او امان!
    منھنجي جيجل امان!
    جيڪڏھين ، رات جي
    رھزنن جي ھٿان،
    مان به ماريو وڃان،
    منھنجي ساٿين جيان،
    توکي پنھنجي ئي ممتا جو آھي قسم،
    ڪين تون روئجان،
    ڪين دل لاھجان.

    سچ ۽ سونھن جي
    سوڀ خاطر ڪڏھين،
    مان شيشن مٿان
    جي سمھاريو وڃان،
    پره جي پياس ۾
    پنھنجي پيارن جيان،
    جي سَنجھي جوئي
    سوريءَ پُڪاريو وڃان
    ڪنھن به شاھي قلعي جو
    مان سينگار ٿيان،
    يا دلائيءَ جي
    ڪيمپن ۾ درڪا ٿيان
    لانگ بوٽن جي ھيٺان
    چيٿاريو وڃان.
    موت پنھنجي کان
    اڳ ۾ ئي ماريو وڃان
    ڪين تون روئجان،
    ڪين دل لاھجان.

    منھنجي راھن ۾،
    رَت جي آ خوشبو رچيل،
    منھنجي ساھن ۾ آ،
    بند جي نوءِ ڀنل،
    منھنجي سوچن تي
    صدين کان پھرا پيل،
    منھنجي نس نس ۾
    ناسور آھن کُليل،
    منھنجي گس گس ۾ پڻ،
    گرز ڀالا ٽنگيل.
    منھنجي وک وک تي،
    ويرين جون وارون ٿيل.
    منھنجي ڪُک ڪُک ۾،
    پنھنجن جا خنجر کتل،
    منھنجي تاريخ،
    صدين جي قرضي ٿيل،
    منھنجي ٻولي به آ،
    ٻاليشاھي بنيل.
    منھنجي مارئن مٿان
    موت آ مڇريل.
    منھنجي سانگين جو ڪيڏو
    ستم آ سَٺل
    ڪو آ ٽياسن ٽنگيل،
    ڪو ڪڙھاين ڪڙھيل،
    ڏس ته ڏيھه ۾،
    ڏاڍ ڪيڏو متل.
    جو به ھٿ ٿيو اڀو،
    سوئي ھٿ آ ڪپيل،
    ھيڏي ڏھڪاءَ ۾،
    ڪيس ڪھڪاءَ ۾،
    ڪيئن سڀ ڪجھه سھان؟
    ڪيئن چپ مان رھان؟
    منھنجي ڏاھي امان!
    منھنجي ڏاھي امان!
    ڪين مون کي تون جھل،
    ڪين مون کي تون پل،
    مان وڃان ٿو وڃان.
    مان وڃان ٿو وڃان.
    جي نه موٽي اچان!
    منھنجي مٺڙي امان!
    جي نه پيريءَ ۾ تنھنجو
    سھارو ٿيان
    ڪنھن عباسيءَ يا
    بوبي سينڊس جيان
    جيڪڏھن رات جي
    رھزنن جي ھٿان،
    مان ماريو به وڃان،
    منھنجي ساٿين جيان،
    توکي پنھنجي ئي ممتا جو آھي قسم
    ڪين تون روئجان،
    ڪين دل لاھجان.

    جي نه ميندي ھٿن تي،
    لڳائي سگھان
    تنھنجون آسون
    نه توکي پسائي سگھان،
    ڪنھن به ھوشوءَ جيان
    ڪنھن به ھيمون جيان
    رات جي راند ۾،
    گھوٽ ڳاڙھو ٿيان.
    توکي پنھنجي ئي ممتا جو آھي قسم!
    ڪونه دُکڙو ڪجان
    ڪين دل لاھجان!
    منھنجي ننڍپڻ جي
    يادن جي تصوير کي،
    منھنجي اکڙين مان نڪتل
    ڄميل نير کي،
    سورمي جي لھو جھڙيون لوليون ڏجان
    اڻ ڏٺل منھنجي
    خوابن جي تعبير کي،
    منھنجي ھٿ ۾ پيل
    لوھي زنجير کي،
    لال ميندي مَلي
    منھنجي شاديءَ جا
    ڳيچ پئي ڳائجان!
    پاڻ پرڀائجان!
    توکي منھنجي جواني جو آھي قسم!
    پر نه تون روئجان
    ڪين دل لاھجان.
    او امان او امان

    عباسي؛ شھيد نذير عباسي
    بوبي سينڊس: آئر لينڊ جو جوڌو 1980ع ۾ مرڻ گھڙي تائين بک ھڙتال ڪري شھيد ٿي ويو.


    وِڪجي ويا!

    وِڪجي ويا!

    کٿيرين سندا کيٽ وڪجي ويا،
    نڌڻڪن جيان نيٺ وِڪجي ويا.

    اڙي چنڊ! الھي ھليو وڃ ھتان،
    چانڊوڪين جھڙا چيٽ وِڪجي ويا.

    ٿيو سنڌ ڌرتيءَ جو نيلام عام،
    ۽ سنڌوءَ جا لس ليٽ وِڪجي ويا.

    جيڪي رھبر ھئا، سي ئي رھزن ٿيا،
    ڪري نيٺ اک ٽيٽ وِڪجي ويا.

    لولي جي لانگھي کان لُون لُون لُڇي،
    پنھوارن سندا پيٽ وِڪجي ويا.

    وڪيا سنگ سونا ۽ سايون ٻنيون،
    وڏي واڪ جي ھيٺ وِڪجي ويا.


    سارو ڏيھه ڏياچ

    سارو ڏيھه ڏياچ

    ٻيجليا ڪجھه ٻول!
    سارو ڏيھه ڏياچ تون ڏسندين!

    سِرَ سڪن جيئن اڇلي اچبا،
    جنھن وقت جھليندين جھول،
    سارو ڏيھه ڏياچ تون ڏسندين!

    ڪاڪا ڌرتي تي دان گھُري ٿي،
    ريٽو رت رتول
    سارو ڏيھه ڏياچ تون ڏسندين!

    ڪھڙو ڪانکي جنھن نه ڪيو ڪو؟
    ڪارونجھر سان قول،
    سارو ڏيھه ڏياچ تون ڏسندين!

    جيءَ جو جھونا ڳڙھ جھنجھوڙي،
    ٻول ڪو اھڙو ٻول،
    سارو ڏيھه ڏياچ تون ڏسندين!

    سپنن تي ڪي سادا ماڻھو،
    پائن قيد ڪڙول،
    ساروڏيھه ڏياچ تون ڏسندين!


    ھڪ سپني جي ساڀيا خاطر

    ھڪ سپني جي ساڀيا خاطر

    ھڪ سپنو!
    جنھن جي ساڀيا خاطر،
    پنھنجي نيڻن جي صليبن تي ٽنگيل،
    سوين سپنن کي گُھٽا ڏيئي اسان ماريو آ،
    پاڻ تي ظلم ڪري پاڻ کي جياريو آ.

    اھو سپنو!
    سھاڳ رات جي جوڙي جيان،
    ٻھڪيل ٻھڪيل.
    سھاڳ رات جي ميندي جيان،
    خوشبو، خوشبو.
    سھاڳ رات جي ڳچين جيان،
    سادو، سادو.
    سھاڳ رات جي لمحن جيان،
    جاڳيل جاڳيل.
    اھوسپنو!
    جنھن جي ساڀيا خاطر،
    پنھنجي جيون جي ھر چوسول مٿي،
    ڪنھن ٿري ٻار جي پُر پياس نگاھن جھڙيون،
    اسان پنھنجي سھاڳ جون راتيون،
    ڪنھن ننڍڙي واڪ تي نيلام ڪيون،
    سو به سِرعام ڪيون.
    پنھنجي ھر آرزو ۽ چاھ جي چاٻين جا ڳُڇا،
    سنڌوءَ جي پيٽ ۾ اڇلائي ڇڏيا،
    ۽ پنھنجي موه جا ننگا لاشا،
    پنھنجي خوشين جي جنازن وانگر
    بنا ڪفن جي دفنائي ڇڏيا.
    سرير پنھنجي ۾ صدين کان سجيل،
    صنم ڪدن کي لڳائي تيلي،
    وٺي بدلو اسان محرومين کان،
    پنھنجي ناڪامين جو جشن ڪيو،
    رڳو ھڪ سپني جي ساڀيا خاطر.

    رڳو ھڪ سپني جي ساڀيا خاطر،
    رشتن، ناتن جي رب کان منڪر ٿي،
    باغي ٿي،
    ڪفر ڪري، ڪافر ٿي،
    تتل واريءَ کي،
    پيرڦلڻن جا،
    زھر ڪٽورين کي
    چپڙن جا،
    رڻن جي رڃ کي به
    نظرن جا،
    ڪيڏا ناياب ڏناسين تحفا،
    لطيف جي ڪلام جا نسخا،
    ۽ بيقرار من جي جوڳيءَ کي،
    رات جي زخمي ڪيل روڳيءَ کي،
    لکين تنھائين جا تياڳ ڏئي،
    دل جي ھر ساز کي،
    دردن ڀريو آواز ڏئي،
    ضمير پنھنجي کي،
    ماريءَ جھڙو انداز ڏئي،
    پنھنجي احساس جي منصورن کي،
    پاڻ ئي پنھنجي ھٿن ساڻ،
    سوريءَ تي چاڙھيو،
    پنھنجي خوشين جي حقن کي ماريو.

    پنھنجي ھر آتما ڪنگال ڪري،
    ڪڍي ڏيوالو پنھنجي لڙڪن جو،
    پاڻ کي حال مان بيحال ڪري،
    انھيءَ سپني کي،
    انھيءَ خواب کي ماڻڻ خاطر،
    اَڀاڳي نينگريءَ جي،
    ڪنھن لڪل گناھ جيان،
    پنھنجي ويري شعور جي ڪُک ۾،
    نياپو، تانيو، پاليو آ،
    رڳو ھڪ سپني جي ساڀيا خاطر،
    ڪيڏو دکڙو اسان جاليو آھي.

    اھو سپنو،
    ان عذاب جيان،
    ڪنھن ڪنواريءَ جي پاپ ۽ پڃ جو،
    ڪو ڊنل راز نه آ.
    پنھنجي ناڪرده گناھن جو ھڪ انداز سھي،
    شھر جي ڪچرا، گھرن مان ايندڙ،
    ڪا دٻيل چيخ نه آ،
    ڪو گُھٽيل آواز نه آ.

    اھو سپنو!
    سھاڳ رات جي جھرمر جھڙو،
    ڏاڍو واضع، ڏاڍو روشن آھي،
    اھو سپنو آھي،
    ڏور، آڪاش جي ڀاڪر ۾ ٻکيل،
    ڪبوترن جي وڳر کي محو پرواز ڏسون.
    پنھنجي نيڻن جي خوشي جو،
    نئون انداز ڏسون.

    سج جي روشني جو مرھم کڻي،
    پنھنجي ٻوساٽيل ڦڦڙن کي ھڻون.
    سموري شڪتي کي مرڪوز ڪري سيني ۾،
    کُليل آزاد ھوائن ۾ وڏا ساھ کڻون،
    ۽ تھان پوءِ اکيون بند ڪري،
    پکيڙي مُرڪ، خشڪ چپڙن تي،
    ڏيئي جندڙيءَ کي الوداعي چُمي،
    موت جي اڻ ڏٺل منزل ڏي تڻون،
    موت جي سامھون ڳاٽ اوچو کڻون،
    ۽ ”پنھنجي آئيندي کي،
    اڄ ئي وڻون.“


    اڙي دل!!

    اڙي دل!!
    اڙي دل!
    اڙي دل!
    ايڏي به پاڳل؟
    رڳو ناھي تنھنجي
    وفائن جفائن جي
    ماتم ڪدن ۾ ھي محشر متل.
    ڏسين ڇو نه ٿي سارو ساڻيھه صدين کان
    آھي ستل.
    ڪسابن کان،
    ساري ڪُڙم جي ڪنن ۾ ڪپھه آ پيل.

    اچ انھن ڏي ھلون!
    جن جو ناھي ڪڏھين ڏور، ڇلڙو، جمالو،
    ھمرچو ٻڌل،
    جن جا سڀ گھيٽڙا،
    گھنڊڻين لئه سڪيل.

    اچ انھن ڏي ھلون!
    جن جو ناھي ڪڏھين
    چيٽ جي چنڊ جو گيت پھريون چيل،
    جن جا سڀ کيت ۽ چيٽ
    وڪجي ويل.
    اچ انھن ڏي ھلون!
    جن جي پکڙن پھين تي،
    وٿاڻن وھين تي
    ڌُريان ئي ڌڌڙ ڌوڙ آ ڄميل،
    پنھنجي تاريخ کان پڻ اوناھان ڍڪيل،
    جن جي لاڻن لين تي
    ۽ کٻڙن کھين تي
    ڌارين اٺن جا، سوين ڌڻ پليل،
    جن تي ناھي بھارن جو پاڇو پيل.
    ھا انھن ڏي به ھل
    جن جي نيڻن جي مڪليءَ جي مدفون ۾
    رڳو چند آسن جا لاشا ڍڪيل،
    جن تي،
    دردن ۽ سورن جا ڪتبا لکيل.

    اچ انھن ڏي ھلون،
    جن جا ”چُپ“ سان چپڙا به آھن سبيل.
    جن جي واتن مٿي
    ماٺ مھرون لڳل،
    جن جا سڀ قافلا
    رھنما جا ڦريل، رھبرن جا لُٽيل،
    جن لاءِ منزل مام بڻجي ويل.

    اڙي دل!
    اڙي دل!
    انھن ڏي به ھل!
    وقت ويريءَ ھٿان
    جن جا چھرا چماٽن سان آھن چٿيل،
    جن تي آھن اڃان
    جن تي آھن اڃان
    سونھن سچ جي شھادت جا منظر چٽيل.

    اڙي دل!
    اڙي دل!
    ايڏي به پاڳل!
    ڏسين ڇو نٿي؟
    لوڪ سارو اٿئي؟
    وک وک تي وڍيل،
    ڪو آ قربن ڪٺو،
    ڪو آ ڪاتيءَ ڪُٺل،
    رڳو ناھي تنھنجي
    وفائن جفائن جي
    ماتم ڪدن ۾ ھي محشر متل.


    تنھنجي گھورن جي گھٽا


    تنھنجي گھورن جي گھٽا

    جھار ھڪلڻ جُرم ٿي سمجھيو اوھان،
    بي مندا سڀ باغ پنھنجا ڀيل ٿيا.

    يا ته پنھنجا لڙڪ باغي ڪين ھا،
    يا ته پنھنجا نيڻ بنجي جيل پيا.

    ھيل واھوندن وڏو آ وڙ ڪيو،
    ھيڏا ھانبارا ھوا ۾ ھيل ٿيا.

    تنھنجي گُھورن جي گھٽا برسي جڏھين،
    روح جي رڻ ۾ ٽڙي رابيل پيا.

    ڪالھه جن عيسى ٽياسن تي ٽنگيو،
    اڄ اھي ساڳيا چُمن انجيل پيا.


    اجاڙي اجھا

    اجاڙي اجھا

    اُجاڙي اجھا،
    ڪالھه رَمي ويا ڪاپڙي.

    سڪڻ آھ سمونڊ جيئن،
    گڏجڻ آھِ گِجا،
    ڪالھه رَمي ويا ڪاپڙي.

    مُٺيءَ دل کي مامرا،
    جانب ڏيئي ججھا،
    ڪالھه رَمي ويا ڪاپڙي.

    پرھ جا ھو پارکو،
    ڏيئي سِر سنجھا،
    ڪالھه رَمي ويا ڪاپڙي.


    گِجا: سمنڊ جي گِجي


    ھي قاتِل

    ھي قاتِل

    ھي رھزن، ھي رت چوس ڪرنيل ڪاڻا،
    ھي بابر ۽ نادر جا نسلي نياڻا،
    ھي منگول تاتارين جي تخم جا،
    ھي حجاج يوسف جا نوڪر پراڻا ،
    نئين سر وري دين جا پائي چوغا،
    اسان کان نمازن جا ڪن ٿا پڇاڻا!؟

    جنين ڪعبو قبلو آھي آمريڪا،
    مھانڊن ۾ پڻ جيڪي سوئر سريکا،
    جنين ساري ڌرتي تي ڌاڙن ھڻڻ ۾،
    لتاڙيا سڀئي لانگ بوٽن سان ليڪا،
    جنين جي ھٿن ۾ نه آ، ڄائي ڄم کان،
    ڪوئي لڄ ليڪو، نڪا رحم ريکا،
    اھي اڄ خدا جا ٿي نائب نماڻا،
    اسان کان نمازن جا ڪن ٿا پڇاڻا!؟

    ھي وحشي بکيا ۽ ٽڪن تي وڪاڻل،
    سامراجين، سعودين جي ٽڪرن تي پاليل،
    ھي غدار گولا، ھي غيرت کان وانجھيل،
    بگھڙ، ھي درندا، ھي ڄاتل سڃاتل،
    ھي تھذيب، اخلاق، رشتن جا قاتل،
    ھي معصوم ٻارن جي مُرڪن جا قاتل.
    ھي بيواھ نارين جي چوڙين جا قاتل،
    ھي مجبور ٻڍڙين جي آھُن جا قاتل،
    ھي مظلوم قومن جي مائن جا قاتل،
    ھي آزاد چنچل ھوائن جا قاتل،
    فڪر ۽ فھم جي فضائن جا قاتل،
    ھي خوشين جي خالق خدائن جا قاتل،
    ھي چوڙيلي چوڙيلي ٻانھن جا قاتل،
    ھي ڌرتي ۽ ديسن جي دانھن جا قاتل،
    نماڻين نماڻين نگاھن جا قاتل،
    ھي چمين جا قاتل، ھي چاھن جا قاتل،
    ھي ساھن جي خوشبوءِ ھڳائن جا قاتل،
    حسن جا ھي قاتل، حيائن جا قاتل،
    ھي گھنگور گدلين گھٽائن جا قاتل،
    ھي وعدن، وصالن، وفائن جا قاتل.

    رومالن جي تحفن ۽ ڇلڙن جا قاتل،
    سدا گڏ گذارڻ جي قسمن جا قاتل،
    ھي راکين جي رنگين رسمن جا قاتل،
    ھي ڌرتيءَ جي سونھن، جوڀن جا قاتل،
    ھي پوپٽ جي پرڙن ۽ ڀنؤرن جا قاتل،
    ھي برکا ۾ ڀڄندڙ ڀنڀورين جا قاتل،
    ھي مکڙين تي ماڪن جي قطرن جا قاتل،
    ھي موتئي، گلابن جي پن پن جا قاتل،
    ھي سارين جي ڪڪرن ۾ لھرن جا قاتل،
    رنگن، روشنين، کڙکٻيتن جا قاتل،
    ھي ڪينجھر جي پاڪيزه ڪنولن جا قاتل
    ھي سنڌوءَ جي آب زم زم جا قاتل،
    ھي زلفن، ھي شبنم، ھي پونم جا قاتل،
    ھي سانوڻ جي رم جھم، ھي کنوڻين جا قاتل،
    ھي رڻ ڪڇ جي رولاڪ ھرڻن جا قاتل
    ھي ٿر جي سدا مست مورن جا قاتل.

    ھي گابن جي گھنڊڙين ۽ گھيٽن جا قاتل،
    کرن جا ھي قاتل ھي کيٽن جا قاتل،
    چانڊاڻ چؤنرن ۽ چيٽن جا قاتل،
    ھي پورھيت پنھوارن جا قاتل،
    پتڪڙين ٻارڙن جي سليٽن جا قاتل،
    ھي ڳيرن، ڪبوتر ۽ ڪونجن جا قاتل،
    ھي تن جي پڙاڏن ۽ گونجن جا قاتل،
    ھي سوچن جا قاتل، ھي ذھنن جا قاتل،
    ھي ڪاغذ، ھي قلمن، ھي لفظن جا قاتل،
    ھي دانائي، ڏاھپ ۽ علمن جا قاتل.

    ھي تاريخ جي سرخ بابن جا قاتل،
    نون نظرين ۽ نصابن جا قاتل،
    ھي ماڻھوءَ جي مڙني مھابن جا قاتل،
    عقل فلسفي جي ڪتابن جا قاتل،
    دليلن سان ملندڙ جوابن جا قاتل،
    ھي ڪونڌر ڪنوارن خوابن جا قاتل،
    ھي ميران ۽ تلسي جي دوھن جا قاتل،
    ايازن ۽ نذرل جي نغمن جا قاتل،
    ھي بُلي، ھي باھو، فريدن جا قاتل،
    ھي ٽيگور، ساحر، ڪبيرن جا قاتل،
    بلاول عنايت جي جھوڪن جا قاتل.

    ھي ٻاٻاڻي ٻولن ۽ ٻولين جا قاتل،
    ھي گھونگھٽ ۾ گھاگھر گھڙولين جا قاتل،
    ھي ڍاٽين جا قاتل، ھي ڍولين جا قاتل،
    ھي امڙين جي آغوش، جھولين جا قاتل،
    چار ديواري، چادر ۽ چولين جا قاتل،
    اباڻن جي عيدن ۽ ھولين جا قاتل،
    ھي لاڏن جا، لانون ۽ لولين جا قاتل،
    رس ساڻ رم جھم، کٽولين جا قاتل،
    ۽ ماتامي مارن جي مولھين جا قاتل.

    ھي شھنائي دھلن جي گوڙن جا قاتل،
    سھاڳن جي سھرن سجوڙن جا قاتل،
    ھي ميندين جا قاتل، ھي موڙن جا قاتل،
    ستارن جڙيل سُرخ جوڙن جا قاتل،
    نکيٽيءَ جي وڻندڙ وڇوڙن جا قاتل،
    ھي گھوٽن جا قاتل، ھي گھوڙن جا قاتل،
    ھي قاتل، ھي مڙسن ڀلوڙن جا قاتل،
    ھزارين، لکين ۽ ڪروڙن جا قاتل،
    ھي لاکاٽ، ميھڙ ۽ مورن جا قاتل،
    ڪراچي، ٺٺي، ڄامشورن جا قاتل،
    ھي جوڌن جي جسمن ۽ جوڀن جا قاتل،
    ھي ڪُوڙن ۽ ڦٿڪن سان ڳڀرن جا قاتل،
    ھي بجلي جي شاٽن سان بدنن جا قاتل،
    ھي پاڙن کان نڪتل زبانن جا قاتل،
    ھي شيشن جي سيجن تي سوڍن جا قاتل،
    ھي چچريل چماٽن سان چھرن جا قاتل،
    ۽ نھن بنا ھٿ پيرن جا قاتل.

    ٿُڌن سان ٿيل چور ھڏن جا قاتل،
    ھي شاھي قلعي منجھه سڏڙن جا قاتل،
    ھي سردين ۾ سڏڪن ۽ سسڪين جا قاتل،
    ھي سگريٽ داغن سان سينن جا قاتل،
    ھي سھڻن جوان حسينن جا قاتل،
    ھي اڻموٽ، ارڏن، عظيمن جا قاتل،
    ھي زلفين جا قاتل، نظيرن جا قاتل.

    ھي لت پت لھوءَ منجھه لاشن جا قاتل،
    ھي اجرڪ جي رت رنگ ڪفنن جا قاتل،
    ھي آزاد سنڌڙيءَ جي سپنن جا قاتل،
    ھي ڦاسي جي گھاٽن تي نعرن جا قاتل،
    ھي پنھنجي شھيدن سنگھارن جا قاتل،
    ھي انصاف، عدلن، امينن جا قاتل،
    جي دلين جي مذھب ۽ دينن جا قاتل،
    ھي قرآن، گيتا، صحيفن جا قاتل،
    ھي محبت جي مڪن مدينن جا قاتل.

    ھي عيسى، علي ۽ حُسينن جا قاتل،
    ھي ڪربل جي خاموش خيمن جا قاتل،
    فلسطيني ٻچڙن يتيمن جا قاتل،
    ھي آزاد ڌرتين، زمينن جا قاتل،
    ھي قومن، ھي نسلن ھي وطنن جا قاتل،
    ھي تُرڪن جي سرمست مرڪن جا قاتل،
    ھي ڪلمي گو ڀائر، بنگالين جا قاتل،
    منھنجي باغي بھادر بلوچن جا قاتل،
    پري ڇو وڃون ھي ته پنھنجن جا قاتل،
    ھي سنڌين جا قاتل، ھي سنڌين جا قاتل.

    ھيڏا قتل ڪيئن ٿيندا پراڻا،
    ٻڌو ڪن کولي، خدا جي خليفؤ!
    اوھانجي قيامت اجھا آھي اوڏي،
    اجھو ٿيا عوامن جا آڏا پڇاڻا،
    نمازن ۽ نفلن جا ناٽڪ رچائي،
    بَچي ڪين سگھندا او ڪرنيل ڪاڻا!
    بَچي ڪين سگھندا او ڪرنيل ڪاڻا!
    مولھيو: پڳ، پٽڪو
    شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد نظير عباسي
    1970ع ۾ ضياءَ ٽولي طرفان جوڙيل صلوات ڪاميٽين ٺھن تي.


    ھڪ عيد ڪارڊ



    چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي وان ڏانھن
    شھر جي مسجدن
    ممبرن ٻوليو،
    ساري وستي جي مُلن ۾ چوٻول پيو،
    مرحبا مومنو!
    مرحبا مومنو!
    عيد آھي سڀان،
    چنڊ ڏسجي ويو،
    چنڊ ڏسجي ويو.

    ڪو ھنن کي چئي،
    ڪو ھنن کان پڇي!
    چنڊ ڪنھن آ ڏٺو؟
    چنڊ آھي ڪٿي؟
    مومنو! مومنو!
    دوربينيون اکين تان ھٽائي ڏسو!
    ھيٺ ڌرتيءَ تي،
    ڇو صدين کان وٺي،
    ڪنھن به پورھيت
    ۽ ھاريءَ جي گھرڙي وٽان.
    چُلھه، دانگي ۽ ڪارنھن جي ڪڪرن منجھان،
    ڪو به ٻاجھر سندو،
    چنڊ اڀري نٿو،
    مومنو! مومنو!
    پھرين ڌرتيءَ جي چنڊ کي ڳوليو
    عيد جا پوءِ ڀلي ڍنڍورا ڏيو.


    تون اڃان ڪڏھين ايندين؟

    تون اڃان ڪڏھين ايندين؟

    ٻڌاءَِ!
    تون اڃان ڪڏھين ايندين!؟
    ھزار وار،
    ٻاٽ جون چنريون،
    رات جي ڇاتي تان سرڪيون آھن.

    اسان جو راه مسافر ۽ بيقرار دليون،
    پوھ جي رات کي پرھ سمجھي،
    ڪوڙي آٿٿ مٿي ڇرڪيون آھن؟
    ٻڌاءِ! تون اڃان ڪڏھين ايندين؟

    لکين دفعا ،
    لھوءَ لباس ڍڪي، توسان معراج ملھائڻ خاطر،
    سنت عيسى، فرض سمجھيوسين،
    اڃان به پاڻ مٿي،
    تنھنجو قرض سمجھيوسين.

    سوين دفعا،
    عقل ادارڪ جو شرير پريون،
    (اسان جي عشق جي شھر جو چريون)
    اسان جي شوق، اٻھرائي تي،
    عجيب ٽوڪ سان مُرڪيون آھن.
    ٻڌاءِ! تون اڃان ڪڏھين ايندين؟

    گھڻا دفعا،
    گھٽا جو گوڙ ٻُڌي،
    اسان جي صبر جو سڀيئي سپيون،
    سوچ ۽ سُرت جي سمونڊن ۾،
    رڳو ھڪ بوند لئه ڀٽڪيون آھن،
    ۽ پاند ۾ رڃ جي خيرات کڻي،
    نااميدين ھٿان ڍرڪيون آھن،
    ٻڌاءِ! تون اڃان ڪڏھين ايندين؟

    سچ پڇين ته او سڄڻ سائين!
    چئو طرف پيار جي دشمن جون،
    اسان تي چٿرون،
    ٻيا تنھنجا ناز و ادا،
    لاغرضي ۽ بي حَسي،
    روح جي رت ھاڻي ڦٽ مٿي،
    ھاڻ ڄڻ لوڻ ٿي ٻرڪيون آھن،
    ٻڌاءِ! تون اڃان ڪڏھين ايندين؟

    ٻڌاءِ تون ڀلا ڪڏھين ايندين!؟
    جڏھين،
    اسان جي اکين جي ھي ٿر ٻاٻيھا،
    تنھنجي ديدار جي اڃ ۾،
    شھيد ٿي ويندا...؟
    ۽ ساري عمر جا ھي اوجاڳا،
    توسان سرگوشين جي سڌ کڻي،
    ڪٿي ٿڪجي، ٽُٽي سمھي پوندا!
    ٻڌاءِ! تون اڃان ڪڏھين ايندين؟


    دنيا کي ڀلا ڇاھي؟

    دنيا کي ڀلا ڇاھي؟

    گھُورن جي گھٽائن سان، اچ ميگھه مندون ٺاھي،
    دنيا ته پيئي جلندي دنيا کي ڀلا ڇاھي.

    خوابن جا ڏيئي موتي تعبير خريديون ھا !
    نيڻن جي نصيبن ۾ پر ننڊ لکيل ناھي.

    دنيا جي خفن دل ۾ دردن کي ڇڏيو دفني،
    ورنه ڪو وڇوڙن کان ورچيو به ڪڏھين آھي؟

    مون غم کي گناھن جيئن لوڪن کان لڪايو پر،
    ڪي ڳُڻ ۽ ڳڻي ڳالھيون ڳوڙھن وڌو ڳالھائي.

    آڪاش اياڻو آن، پٿر جا صنم پوڄين!
    ھر رُت نه صبا آھي ، ھر بت نه خدا آھي.


    ڏوھ ڪنھن کي ڏيون!؟

    ڏوھ ڪنھن کي ڏيون!؟

    قاتلن جي ڪلھن ۾
    وڌئي اجرڪون
    او ويڪُو وڏيرا!
    ٿُڪون ٿئي ٿڪون.

    ٽَڪن لئه وڪيون تو
    سنڌي ٽوپيون
    سچ اھو آ ته
    سچ کي شرم ٿو اچي،
    دلاليون دليريءَ سان اھڙيون ٿيون.

    ڏيھه واسيو ڏسو!
    ڏوھ ڪنھن کي ڏيون؟
    ڪالھه ڌرتيءَ مٿي
    رت جي رقص تي
    زخم، زنجير سان
    نينھن جي نير سان
    جنم جيلن اندر
    جيڪي ڇورن ڇُريون
    عشق جون اجرڪون،
    ڪيستائين ڀلا،
    ايئن ارزان ڪيون؟
    جنين پنھنجي سينن،
    سنگينون ھنيون
    اسانجي ننگن ڏي
    نگاھون کنيون،
    ڏسي تن سِرن تي،
    سنڌي ٽوپيون،
    ۽ ٽوپين ۾ جڙيل
    چون ٿيون ٽڪون،
    او ويڪُو وڏيرا!
    ٿڪون ٿئي ٿڪون.


    مدتن کان. . .

    مدتن کان. . .

    چنڊ! تون چئجان پرينءَ کي ايترو،
    مدتن کان من اندر ماتام آ.

    ڪيئن پرچايون ڀلا ھن پياس کي،
    ھن ملڪ جو ھر ميڪدو ويران آ.

    چئو طرف آھن چتائن جا الا،
    ھي سنڌ آ، يا دوستو! شمشان آ.

    ڪنھن! جانور کان ايترا ماڻھو مئا،
    جيڏو ڪٺو انسان کي انسان آ.


    جلون ۾ تنھنجي


    جلون ۾ تنھنجي

    جلون ۾ تنھنجي ساڳي قيامت رھي نه آ،
    ۽ منھنجي دل جي پڻ اھا حالت رھي نه آ.

    تنھنجي ڪري ھئي دشمني ساري جھان سان،
    تون ويئن ڇڏي ته ڪنھن سان عداوت رھي نه آ.

    اڀري اڱڻ مٿان نه مونسان چنڊ چاڳ ڪر!
    چانڊاڻ تنھنجي سان مون کي چاھت رھي نه آ.

    تو پنھنجي پيار جا ڀلي، پير لُٽي ڇڏيا،
    آڪاش کي به توسان شڪايت رھي نه آ.


    نيوٽران بم جي ٺاھيندڙ ڏانھن

    نيوٽران بم جي ٺاھيندڙ ڏانھن

    اي نيوٽران جا خالق!
    اي قاتل انسان!
    تنھنجي بيرحم تخيل جي ڪارنامي تي،
    حيا اچي ٿو بيحيائي کي،
    تنھنجي ايجاد جي بدروح تصور سامھون،
    ماڻھپو ٿو اگھاڙو ناچ نچي،
    ۽ اھڙو ناچ! جنھن ۾،
    لئه ھجي سفاڪي جي،
    ۽ا اھڙي بوءِ جنھن ۾،
    محسوس ٿئي سڙيل لاشو،
    نه جنھن ۾ رنگ ۽ خوشبو ھجي حياتي جي.

    اونداھي سوچ جا موجد!
    اي وحشين جا خدا!
    ڪاش تون ٿوري دير جي لاءِ،
    ڪنھن به شاعر جي اک سان جاچين ھا!
    ننڍڙي معصوم پنھنجي دنيا کي،
    جنھن ۾ ڪو ٻار گُھري ھا توھان کان،
    تنھنجي بم جي بجاءِ ماني کي.
    دير ٿوري لئه، مصور جي بنجي سوچين ھا.
    ڏسين ھا! پنھنجي ئي ڌرتيءَ جي ڪينواس مٿي،
    پُر ڪشش ڦول سوين، موتئي گلابن جا،
    جٿي ٿيون رقص ڪن مکڙيون اگھاڙي ڇاتي سان،
    ڏين دعوت ھا جيڪي توکي حسن ماڻڻ جي.

    ۽ رڳو ڪجھه ته اکيون کولي جي نھارين ھا،
    ڏسي سگھين ھا اي ڪاش! ناگاساڪي کي،
    سوين اجڙيل گھرن جي شھر ھيروشيما کي،
    کليل اکيون جي ڏسين ھا، شھيد ٻارن جون،
    جنين جا روح اڃان تائين آسمانن ۾،
    ڀري ڏين ٿا توکي جھوليون ستارن جون.

    ھا مگر تون نه ڪو شاعر نه مصور آھين،
    تون نه انسان آن، آھين رڳو پٿر آھين،
    تنھنجي موجودگي ڌرتيءَ جي مٿان بار آھي،
    توکي پيدا ڪري ھوندو خدا ڀي پڇتايو،
    ڪيو انسان سان تو ڪيڏو اتياچار آھي.


    نيوٽران بم؛ آمريڪي سائنسدانن جي ايجاد جنھن جي ڦاٽڻ سان ساھ وارا ختم ٿي ويندا ۽ ملڪيتن کي ڪو نقصان نه ٿيندو.
    ناگاساڪي ۽ ھيروشيما جپان جا شھر جنھن تي ٻي مھاڀاري لڙائي وقت آمريڪا ايٽم بم اڇلايا.
    اتياچار: ظلم


    جنھن وقت ھي جوڳي جاڳيا

    جنھن وقت ھي جوڳي جاڳيا

    جنھن وقت ھي جوڳي جاڳيا،
    ھن ڀونءَ سڄيءَ جا ڀاڳيا،
    پوءِ سور نه رھندا ساڳيا،
    ڪندا جي مست قلندر،
    دمادم مست قلندر.

    بيراگين جي ڀونءَ مٿي ڪا، باھ ڀلي پئي ڀڙڪي،
    ھن ننگريءَ سان نينھن اسانجو، ننگري ناھ نڌڻڪي،
    سرمد جي سنت پارڻ لئه مارو ايندا مرڪي،
    ڪندا سڀ مست قلندر، دمادم مست قلندر.

    منھنجا مست ملنگ ھي مارو، ڏونگر کان ڀي ڏاڍا،
    نير نئين ڪا چيز نه آھي، نڪي ڪڙول ۽ ڪنٺا،
    ڪفني پائي ڪلھن ۾ ايندا، اجرڪ جي سا اوڍا،
    ڪندا سڀ مست قلندر، دمادم مست قلندر.

    تون ”آڪاش“ اياڻو آھين، در در تي ٿو دانھين،
    ڇو نه اڃان تائين تون پنھنجي ٻانھن ۾ ٻَل ڀائين،
    نيٺ پڄاڻي ٿيڻي آھي ، سورن جي او سائين!
    ڪندا سڀ مست قلندر ، دمادم مست قلندر.


    جُڳن جُڳن کان . . .

    جُڳن جُڳن کان . . .

    جُڳن جُڳن کان جشن عام ڪري،
    پنھنجي ڌرتي،
    پنھنجي ھستي،
    پنھنجي وجودگي کي نيلام ڪري،
    پنھنجي تاريخ جو ڪفن ڦاڙي،
    ڪوڙ جي ڪچرا گھرن ۾ ويھي،
    وري موئن جي دڙن ۾ ويھي،
    انا جي ڍونڍ کي ڦولھيون ويٺا.
    اڃا به پاڻ کي ڳوليون ويٺا.

    شھر ۾ سُڃ جو آ، مينھن اٺو،
    نگر نگر ۾ ماٺ جو طوفان،
    ۽ اھڙي ماٺ!
    جو چٻرا به ٿين پيا حيران
    ڪو پڙاڏو، نڪو آواز، نڪا دانھن ٻُري،
    موت جي رنڊي پيئي رقص ڪري،
    ۽ اسان!
    ننڊ جو ٺرو ڏوڪي
    ڏيون صبوح کي لوليون ويٺا.
    اڃان به پاڻ کي ڳوليون ويٺا.
    اسان جي قبر جون رکوال،
    خونخوار ڳجھون،
    سدا بکايلون ۽ ڪار گُجيون،
    پنھنجي چنبن سان،
    پنھنجي چھنبن سان،
    اسان جو آئيندو کيڪارن ٿيون،
    اسان جي ٻارڙن جي ٽولين ڏي،
    ڪيڏي لالچ، ڪيڏي وحشت منجھان نھارن ٿيون،
    ۽ اسان؟
    پنھنجي ابھمن کي اڃان،
    ٻڌايون ڳيري جون ٻوليون ويٺا.
    اڃان به پاڻ کي ڳوليون ويٺا.

    ۽ ڪڏھانڪر ڪراڙ جي ڪپ تي
    پنھنجي مرشد جي صنم خاني ۾
    ڏات جي اپسرا ڏُسڪي پيئي،
    چؤطرف ٿرٿلو برپا آھي،
    چؤطرف زلزلي جي آمد آ
    جو ڀٽ ڌڻيءَ جي قدمن ھيٺان
    زمين سنڌ جي کسڪي پيئي،
    ۽ اسان سڀ.
    مزار تي مُرڪي
    چڙھايون ريشمي چوليون ويٺا.
    اڃا به پاڻ کي ڳوليون ويٺا.


    منھنجا مارو مُرڪن ٿا

    منھنجا مارو مُرڪن ٿا

    منھنجا مارو مُرڪن ٿا،
    ساري جڳ جي جھرمٽ م،
    ساٿ ڌڻي سڏجن ٿا،
    منھنجا مارو مُرڪن ٿا.

    ڦاسيءَ گھاٽن جي ڦندن کي،
    کُنھنبا خواب چمن ٿا،
    منھنجا مارو مُرڪن ٿا.

    گاج منجھان گجگوڙ اٿي آ،
    ڀُرڻا بَند ڀڄن ٿا،
    منھنجا مارو مُرڪن ٿا.

    تازي رت سان تاريخن ۾،
    ليک نوان لکجن ٿا،
    منھنجا مارو مُرڪن ٿا.

    نگرين منجھه نظام نئين سِر،
    اور وري اڏجن ٿا،
    منھنجا مارو مُرڪن ٿا.


    (1983ع ۾ ايم.آر.ڊي جدوجھد جي حوالي سان لکيل)


    ھوبھو تو جيان

    ھوبھو تو جيان

    ٿو سورج کي مُرڪي
    مبارڪ ڏيان،
    جيئن تون رات جي وات ۾ وه وجھي
    روز اوڀر کي روشن ڪرين ٿو اڃان
    تيئن بيمار مائُن جي ڪُک ۾ پليل
    سگھن ٻارڙن جي خوابن منجھان،
    تخليق جي درد دک ۾ پليل،
    ڀٽائي جي ڪنھن بيت وائي جيان،
    ساک سان ٿو چوان،
    منھنجي ڌرتيءَ جي ڪُک
    سائي آھي اڃان.

    ڪو جنم ٿو ڏسان
    ھوبھو تو جيان،
    ٻھڪندڙ ٻھڪندڙ
    جرڪڻا جرڪڻا،
    خوشيءَ ۾ مان پاڳل ٿو بنجي پوان،
    پاڻ ئي دل جو دل ۾
    ٿو مُرڪي پوان.


    (اسپتال جي ليبر روم ۾ ھڪ ٻار جي پيدائش تي)


    جيئڻ لئه جڳ ۾

    جيئڻ لئه جڳ ۾

    جيئڻ لاءِ جڳ ۾ ڪو جذبو ته گھرجي،
    مگر ڇو اسين
    خالي خالي، رڳو کوکلا کولا،
    ڄڻ شرابيءَ جو سوچن سندا سلسلا،
    کنيو ٿا وتون پاڻ پنھنجا ئي لاشا!
    موت آھي مداري انھي جي اڳيان،
    ڪيون پاڻ ٿا روز پنھنجا تماشا.

    پاڻ پنھنجي ضميرن کان لڪندا وتون،
    پاڻ کان پاڻ روپوش رھندي سدا
    پنھنجي صورت ڏسڻ لئه به سڪندا وتن.

    سوچ ساگر ۾ صدين جي ماٺار آ،
    جيون جي جر تي ويو سينور ڄمي،
    ڪنھن به طوفان جو ڪونه آثار آ.

    خيالن جي ڌرتيءَ ۾ کارو سھي
    ڪو ته کوھر ڦُٽي
    ذھن جي ھي زمين ڀل نه زرخيز ٿئي
    ڪو ته ٿوھر ڦُٽي
    جيئڻ لاءِ جڳ ۾ ڪو جذبو ته گھرجي.


    آڱريون مشعلون بنائي وٺو

    آڱريون مشعلون بنائي وٺو

    دوستو!
    پنھنجي ڪَرائي ڏي ڏسو!
    چون ٿيون پنھنجي ھٿن جون واچون،
    ته پنھنجي آڱرين کي،
    مشعلون بنائي وٺو.

    راڄ ۾،
    رات جو راڪاس ڌوڪي آيو آ،
    شھر خاموش سُتل آه،
    ننڊ جاڳي پئي.
    چؤطرف درد،
    ڪڍيا گئونچ ۾ سلا آھن،
    ۽ دل جي ٿوھرن،
    پائي ڪنڊن جا تاج نوان،
    نراسين جي،
    اھڙي ڪئي آجيان!
    جو خزائن به سِر نوائي ڇڏيا،
    شڪستن جي ديوتا جي اڳيان،
    گھٽيءَ گھٽيءَ ۾،
    موت جي حبشي،
    ڪراھتن جي، تال تي جھومي،
    نحوس، وحشتن جو رقص ڪري،
    سچ جي سيني تي پيو مُڱ ڏري،
    سونھن ڌرتي جي،
    پيئي سام گھُري.

    چون ٿيون پنھنجي ھٿن جون واچون،
    ته انھيءَ سونھن کي،
    تاابد زندگي بخشيون
    اجھاڳ اکڙين جي گولن ۾
    لڪائي ڌرتي جي گولي کي ڇڏيون.

    انھيءَ کان اڳ،
    جو وقت جو وحشي،
    اسان جي زندگيءَ جي سرحد تي،
    موت جي مَس سان،
    لفظ ”ختم“ لکي،
    اسان جي واچ جي
    ڪانٽن کي ڇڏي بيھاري،
    دوستو!
    پنھنجي ڪرائي ڏسي ڏسو!
    آڱريون مشعلون بنائي وٺو!

    (جنرل ضياءَ جي مارشلا لاڳو ڪرڻ تي)


    لطيف سائين کان ھڪ سوال

    لطيف سائين کان ھڪ سوال

    ڀڳو آءُ نه چوان، ماريو تان وسھان،
    ڪانڌ منھن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونھان،
    تان پڻ لڄ مران، جي ڪر ھئنس پٺ ۾.
    (لطيف)

    مڃيم! منھن ۾ ڌڪڙا، تون سيڪيندي سونھين!
    پر تن کي ڪندين ڪيئن؟ جي پنھنجي ھنيا پٺ ۾؟


    پنھنجا گھر جا ڪتا

    پنھنجا گھر جا ڪتا

    پڇيو حيران ٿي مون ھاريءَ کان،
    ڪنھن ته آرڻ ھي اجاڙيا آھن؟
    چيائين ڏوھ ناھي گدڙن جو،
    پنھنجي گھر جا ڪُتا ڀاڙيا آھن.

    آرڻ: گدرن ۽ ھنداڻن جي واڙي


    روح جي رڻ ۾. . .

    روح جي رڻ ۾. . .

    سرءُ جي رات جي ڪنھن آخري تاري وانگر
    ڦٽل ”پُراڻ“ جي دريا جي ڪناري وانگر
    اَڻ سمجھه ٻار، اپاھج جي اشاري وانگر
    تنھنجو آڪاش ھو اڻپورو، اڌورو، اجڙيل،
    رُڃن جي ماريل رولاڪ مسافر وانگر
    وڇوڙي رات جي ويلا جيان وياڪل وياڪل.

    ترڪ دنيا ٿيل، تنھا، تنھا،
    جنھن جا ڳوڙھا به ھئا، بي مندي، بي جا، برکا،
    جنھن جا سڀ خواب،
    کير ٿر جي خاردار وادين ۾،
    پره جي ويل ڪنھن پياسي پھاڙ جا پاڇا.

    ھر طرف ھئا حيات جا،
    ھزارين واءُ، مينھن، واچوڙا،
    پر سچ پڇين ته او سڄڻ سائين!
    خيال خواب جي پر خوف خيابانن ۾،
    ڪنھن خانه بدوش جي
    کُليل خيمي وانگر،
    پيار تنھنجو پناھ گاھ رھيو
    وڇوڙي ۾ به منھنجي واھ رھيو،
    تنھنجو ھر روپ، مون کي راز سَلي راھن جا
    روح جي رڻ ۾ رھنماءُ رھيو.

    پراڻ: سنڌونديءَ جو قديم وھڪرو


    طبيب! ڪجھه ته تپاسي ڏس تون!

    طبيب! ڪجھه ته تپاسي ڏس تون!

    طبيب!
    ڪجھه ته تپاسي ڏس تون،
    ڇو ڀلا ماٺ جي وحشت ۾
    دل ٿي گھٻرائي.
    ڇو ڀلا ڦٽ نراسائي جو ڇٽي ئي نٿو،
    سانت جي چئوطرف سرڻين
    ويا آ ڦھلائي،
    ھي ڪھڙا درد، جن جو
    سلسلو کُٽي ئي نٿو؟
    ڇو ڀلا وقت جي منصور جي چپن تي وري،
    ڪينسر مصلحتن جي اڀري آ.
    چون ٿا،
    سچ جي گوري به ڏاڍي اگري آ.

    ڇو ڀلا؟
    سانت جي ھن شھر ۾ ھلندي ھلندي
    منھنجي جذبن جو ساھ گھٽجي ٿو،
    منھنجي شعرن، منھنجي گيتن،
    منھنجي سپنن جو ساھ گھٽجي ٿو،
    منھنجي نگري
    ۽ منھنجي ڌرتيءَ جي
    ساھوارن جو ساھ گھٽجي ٿو.
    طبيب ڪجھه ته تپاسي ڏس تون!


    اڌورا ۽ اڻپورا گيت

    اڌورا ۽ اڻپورا گيت

    جيسين منھنجي ڌرتيءَ تي ٿو رقص ڪري راڪاس،
    جيسين انسانن جي اڱ تي ماسو ناھي ماس،
    جيسين دھشت ۽ وحشت جو وستيءَ ۾ آ واس،
    جيسين جڳ ۾ جاري آھي رت وھائڻ ريت،
    تيسين اڌورا ۽ اڻپورا، رھندا منھنجا گيت.

    جيسين ھينئڙي ھول به اھي، جيسين پاڙو ٻول،
    جيسين ڪاچ ۽ ڪنڪر وڪبا، موتي ھيرن مول.
    جيسين ھر ڪنھن پير ۾ ٻيڙي، جيسين ھٿ ڪڙول،
    جيسين جذبن ۽ رشتن جي جڳ ۾ ناھي جيت،
    تيسين اڌورا ۽ اڻپورا، رھندا منھنجا گيت،

    جيسين سچ تي سئو سئو ڦٽڪا، پيار آ جيسين پاپ،
    جيسين ڪنھن سجني جو ساجن سان نه ٿيو ميلاپ،
    جيسين پنھنجي راڄ مٿان ٿي راڄ ڪري چُپ چاپ،
    جيسين ماٺ ۾ رھندا، منھنجا مارو، منھنجا ميت،
    تيسين اڌورا ۽ اڻپورا، رھندا منھنجا گيت.


    آخر ڪائي ڳالھه ته ھئي

    آخر ڪائي ڳالھه ته ھئي

    توسان نينھن نئون ڪو ناھي،
    توسان صدين کان آ سنگ،
    منھنجي پيار جي پاڇولن ۾،
    تنھنجو روپ ۽ تنھنجو رنگ.

    منھنجي ھر ھڪ گيت ۾ گُجري!
    تنھنجو چندن چاھ،
    منھنجون ڪويتائون ڪاڳر گُل،
    تن ۾ ڀريئي ھڳاءُ.

    منھنجا سپنا سڀ ھئا سکڻا،
    جن ۾ ڪو به نه واس،
    تو ئي کٿوري خواب ۾ اوتي،
    عشق ڏئي الماس.

    جنم جنم کان جيءَ ۾ ھُئي،
    ڄڻ ٻاٻيھي جي پياس،
    تنھنجي سونھن جي ساگر سان سڀ،
    اجري پيا احساس.

    مڌ ڪٽوريون تنھنجون مُرڪون،
    چپ به تنھنجا چاش،
    آخر ڪا ئي ڳالھه ته ھئي!
    جو پاڳل ٿيو آڪاش.


    سورج جي ڏند ڪٿا

    سورج جي ڏند ڪٿا

    اسان ته قصن ۾ ئي ٻڌو آ،
    يا ڏند ڪٿائن جو ڪوڙ آھي،
    ته ھتان گھڻو ڏور ولايتن ۾،
    پکين، پرين ۽ پوپٽن جي،
    گلن ۽ ٽانڊاڻن جي نگر ۾،
    ستن رنگن جو ڪو شاھزادو،
    رنگ ۽ روپ جي رٿ تي ويھي،
    اچي ٿو اوڀر جي ماٿرين مان،
    گلن جو داتا، پرين جو نيتا،

    ھا! ستن رنگن جو ڪو شھزدو،
    سنھري ھيرن جو تاج پائي،
    صبح جي ٿڌڙي ھوا سان مشڪي،
    سورج مُکيءَ سان اکيون ملائي،
    سرنھن ڦلن کي ڳلي سان لائي،
    سنھري ڪرڻن جي انڊلٺ سان،
    اتي جي ڌرتيءَ کي جڳمڳائي.

    وشا آڪاش جي سلسلن ۾،
    ۽ چھچ زيتون جي پنن ۾،
    ڪبوترن جي کليل کنڀن ۾،
    فھم فڪر جون ٿو ڏي پروليون،
    ڀري ڏئي ٿو ڀنڀورين کي،
    دَيا سان دامن، حيا سان جھوليون.

    ۽ شام جو پتڪڙن پوپٽن کي،
    حسين رابيل هي گلن کي،
    شرير ۽ ريشمي بادلن کي،
    شفق ۽ سپنن جي نرم ھنج ۾،
    سمھاري سندر سڻائي لوليون،
    اچو ڪھاڻيءَ جو انت ڳوليون!

    پر اسان ته سورج ڏٺو ئي ناھي!!
    ھتي سدا رات جو راڄ آھي،
    ھتي ته ھر ھڪ سورج مکيءَ جو،
    سدائين گردن جھڪيل ئي آھي،
    اسان جي نگريءَ جي پوپٽن جو،
    حسين رابيل جي گلن جو،
    شرير ۽ ريشمي بادلن جو،
    پرين جي پازيب جي سُرن جو،
    ڪبوترن جي کُليل کنڀن جو،
    ڀنڀوري، ڀنئورن ۽ بلبلن جو،
    شفق ۽ سپنن جو ساھ سائين!
    ڪنھن دؤس ۽ ديو جي مٺ ۾ آھي،
    ستن رنگن جو ھي شاھزادو،
    رڳو ڪھاڻين جو ڪوڙ آھي!؟


    رڳو ٿر جي صحرا تي. . .

    رڳو ٿر جي صحرا تي. . .

    مڃون ٿا،
    اسان جون زبانون به پاڙان پٽائي سگھو ٿا،
    اسان جا سڀئي،
    درد، ورلاپ سڏڪا،
    گفتا ۽ ڳالھيون،
    رکي وات تي ھٿ، دٻائي سگھو ٿا.

    مڃون ٿا، او ماري!
    ڪارونجھر مٿان جي،
    ڪئي ڪُڻڪ ڪونجن،
    انھن جا پڙاڏا ۽ ڪڻڪاٽ ڪوڪون،
    رڳو ٿر جي صحرا ۾،
    ٿورو به گونجن،
    ھا! مڃون ٿا،
    بڇي باز بحري انھن تي،
    انھن جو پک پک پٽائي سگھو ٿا.

    مگر منھنجا سائين!
    ڀلا تن جي گونجن کي گھائي سگھو ٿا؟
    لڳايو ڀلي،
    جي پڙاڏان تي پھرا لڳائي سگھو ٿا.


    تلاشي

    تلاشي

    تون
    ڪنھن جي ڪنھن جي،
    تلاشي وٺي سگھندين ڪانئر!
    ھليا مان توکي ٻڌايان،
    ته ھنن وٽ ڇا آھي،
    ڏسي سگھين ته ڀلي ڏس
    انھن جي اکين ۾،
    انھن ۾ آڳ لِڪيل آھي
    انتقامن جي،
    منھنجي معصوم دردمند ديس واسين تي،
    تنھنجي بي رحم تشدد جي،
    قيد ڪوڙن جي،
    قدم قدم تي ڪيل قھر ۽ قتلامن جي،
    ھليا مان توکي سڻايان،
    ته ھنن وٽ ڇا ھي،
    ھي جيڪي ڏيل ڏسين پيو نه تون ڏٻرا ڏٻرا،
    سو ته بارود جو ڀنڀٽ
    بدن بدن آھي،
    ماڻھوءَ ماڻھوءَ جي من ۾
    مشين گن آھي،
    ھي جيڪي اجرڪن جا ڏسين پيو پٽڪا
    سُرخ سانگين جا سِرن تي ٻڌل ڪفن آھن،
    ھليا مان توکي سڻايان،
    ته ھنن جي من ۾،
    ڪھڙي خواھش ۽ ڪھڙو خواب آھي،
    اھو ته آھي رڳو آھي انقلاب آھي.


    منھنجي نگريءَ جي نينگرين کي چئو!

    منھنجي نگريءَ جي نينگرين کي چئو!

    منھنجي نگريءَ جي نينگرين کي چئو!
    نٿن تي متان ھيريو پنھنجي نڪن.
    سا ته ڪاڻياري ٿي ڪوٺبي ڪڙم ۾،
    جيڪا بخمل سان ڀنڀلائي پنھنجو بدن،
    ڪانڌ جن جا ڪسابن کان قيدي ھجن،
    سي نڪو سينڌ، سرمو ۽ سينگار ڪن.

    متان ڪا، مليران مياري ٿئي!
    متان ڪا ھڻي ھاڻ ميندي ھٿن،
    ڏسو ڪين ٿيون؟
    مُٺ پنھنجي منجھان،
    ڪرڪ واري جيان،
    ھي وڃي پيو وطن.

    وڳھه جون وارثو!
    وقت وحشي ڏسو،
    ڪيئن نه زخمي ۽ مڇريل
    ڪنھنجي چيتي جيان،
    ڦٽ پنھنجا چٽي
    پنھنجي تاريخ جون
    عصمتون پيو لٽي.

    ستارن جڙيل سرخ چوڙا
    سڀئي ڪرايو ڪفن،
    جن جي سينن تي گولين جا
    تمغا ھجن،
    جن جي ويرن جي پيرن ھجن پيڪڙا
    تن جي ڀيڻن کي بينسر نه بُولا سونھن،
    ھاڻ پازيب پائڻ وڏو پاپ آ،
    تيسين ڪٺمال پائڻ کان کڻجو قسم!
    جيسين واري وٺون ڪين پنھنجو وطن،
    جيسين واري ولون ڪين پنھنجو وطن.


    وڳھه: ڪوٽ شھيد دودي سومري جي وقت ۾ سنڌ جي گاديءَ جو ھنڌ


    تاريخ جو ننڍڙو نقطو

    تاريخ جو ننڍڙو نقطو

    ڇا؟
    اسين تاريخ جي غارن ۾ سُتل
    قديم نسل جا وحشي آھيون؟
    جن کي درٻار جي اوبر تي پليل،
    ڪو مؤرخ،
    جڏھين به چاھي، تبرن جا طوق پائي ڇڏي!

    مڃون ٿا ماضي جي،
    ڌٻڻين ۾ گتل،
    شڪست مات جي،
    منحوس مقامن ۾ پيل،
    قبر قبر تي لڳل،
    پنھنجي پڇتاءُ جا پٿر آھيون.

    يا پارڪر ۾ پره ويل،
    پوڄا کان وانجھيل،
    اجاڙ گوڙي جا مندر آھيون.

    مان مڃان ٿو!
    وڏي واڪي ٿو مڃان،
    منھنجي تاريخ آ،
    تاتارين جي گھوڙن جي،
    سوين سُنبن سان لتاڙيل،
    شھيد ٻارن جي،
    سنڌ جي سينڌ مان،
    لُٽجي ويل ستارن جي،
    انھي تاريخ جي ھر صفحي منجھان،
    مونکي گھُوري ٿو ڪو ”مرزا باقي“
    اکر اکر ۾ ڏسان ٿو، اسانجي امڙين جي،
    ڇيھون ڇيھون ڪا اگھاڙي ڇاتي.

    ھر شڪل ۾ ڪو ”نئون“ شھسوار بيٺل آ،
    لُٽيل عصمت جي ھر ھڪ لاش مٿان،
    خوني چنبن سان ڪوئي خونخوار بيٺل آ.

    انھيءَ تاريخ جي
    جھروڪي مان ٿيون جھاتيون پائن،
    ننگر لٽي جون سڙيل بازارون،
    سوين لُٽيل دڪان موتين جا،
    ڌوڙ ۾ چُور چُور چوڙيون ۽،
    باه ۾ پاند سڙيل پوتين جا.

    قدم قدم تي ڪارا لاش ڪتبخانن جا،
    جڳھه، جڳھه تي جنازا، قرآن، پوٿين جا،
    آ ھر ھڪ تڙ مٿي، ترخان تازياني جا،
    ۽ ڏنڀيل ڏيل ٿا ڏسجن، اسان جي ڏوٿين جا،
    انھيءَ تاريخ جي ھر شام!
    آھي شام شھر ديبل جي،
    گھٽيءَ گھٽيءَ مان اچي بوءِ سڙيل لاشن مان،
    خون گاڏڙ گجين جا ڦوھارا،
    جنگي گھوڙن جي زخمي ناسن مان،
    انھن جون ھانءُ ڦاڙ ھڻڪارون،
    پتڪڙن ٻارڙن جون،
    ٻاجھه لاءِ ٻاڪارون،
    اگھاڙي سر اسانجي عورتن جون اوڇنگارون،
    ۽ ھو گھوڙن جي رڪيبن سان ٻڌل،
    منھنجي ڌرتيءَ جون نينگريون آھن،
    ڪئين نه ڦٿڪن ۽ گھلجن پيئيون،
    ڄڻ ته ڪُنڍيءَ ۾ پوپريون آھن.

    ڏُور ان شام، اڪيلو ڏاھر،
    سمورو ڏيل آ، ڏارون، ڏارون
    آ زخم زخم بدن، ۽ سامھون،
    لھو پياڪ لغورن جون وحشي للڪارون،
    ھيڪلو تن، ھزارين تلوارون.

    اھڙين وِھ پياڪ وَيرن ۾،
    ڏسان ٿو ڄڻ، ته ڪو زخمي چيتو،
    وحشي بگھڙن جي خوني گھيرن ۾،
    پسان ٿو پڳ سندس،
    ھاٿين جي پيرن ۾،
    ڄڻ ته الماس رولجي پيو ڪو،
    پنھنجي تاريخ جي انڌيرن ۾،
    مان مڃان ٿو، انھي تاريخ جي،
    ھر رات روپا ماڙيءَ ۾،
    وطن فروش، چغلخور، چنيسر جون سوين،
    ٽھڪ، چٿرون ۽ ٽوڪرون آھن.
    شھيد دودي جي شھزور شھپرن تي لڳل،
    خسيس خلجي جي بوٽن جون ٺوڪرون آھن،
    ڪَروڌ مان آ ڪشُيل،
    ڳاٽ اوچو قاتل جو،
    جنھن کان ڪنھن انتقام جي خاطر،
    وِڳھه جي ڪوٽ جي ويران کنڊرن ۾ اڃان،
    روز ڀٽڪي ٿو روح ٻاگھل جو.

    اھا تاريخ پنھنجي سيني ۾،
    ذلتن، ظلم جي زھر ۾ ٻڏل،
    ھزارين بڙڇيون ڀالا آھن،
    انھيءَ تاريخ جي،
    ھر ورق، ھر ورق تي وکريل،
    سوين بغداد جا چڪلا آھن،
    جتي نيلامي ڪئي ويئي،
    اسان جي ڀيڻن جي،
    جنھن جي ھر لفظ ۾ حوص ٿي نچي،
    قاتلن، ڪسبين، ڪميڻن جي.

    انھيءَ تاريخ جي ھر سِٽ سِٽ منجھه چٽيل،
    ھر نئين شڪل مونکي شرمايو.
    مان اھا سوچ ڀي سھي ويندس؛
    دولھه، دودو ھجي، ھيمون ھجي يا ڪو ھوشو،
    منھنجي تاريخ جي ھر ھيري آھي ھارايو.

    مگر درٻار جي اوبر تي پليل او مؤرخ!
    ھليا مان توکي ٻڌايان، اھو ننڍڙو نقطو،
    متان رھجي ڪٿي، اڻڄاڻ وڃين!
    ھزار ڀيرا وڙھياسين، ڀلي ماريا وياسين،
    مگر ٻڌاءِ ڪڏھين آ، اسان ڪا ”آڻ مڃي“!!؟


    راھوءَ جو رت ريٽو

    راھوءَ جو رت ريٽو

    نگريءَ ۾ نيٺ پنھنجي،
    نئين سر نياءُ ٿيندو.
    ھر خون کٿوريءَ جو،
    ھڪ ڏينھن ھڳاءُ ٿيندو.

    راھوءَ جو رت ريٽو،
    جو آ اڃا نه ميٽيو،
    جنھن کي اسين رکون پيا،
    سيني اندر سميٽيو،
    ھڪ ڏينھن اڀامي اٻري،
    گرجي گواه ٿيندو.
    نگريءَ ۾ نيٺ پنھنجي،
    نئين سر نياءُ ٿيندو.

    مُرڪون نه تنھنجون مرنديون،
    ۽ وير تنھنجا ورندا،
    فاضل جي رت ڦڙي مان،
    فاضل لکين نِسرندا،
    ھي قافلا به ھلندا،
    مارڳ مباه ٿيندو.
    نگريءَ ۾ نيٺ پنھنجي ،
    نئين سر نياءُ ٿيندو.

    راتين جو رھزنين سان،
    جي گھوٽ گھر کان گُم ٿيا،
    شاھي قلعن جي پويان،
    جي بيوطن دفن ٿيا،
    ”آڪاش“ تن جو اڌمو،
    آتش الاءُ ٿيندو.

    نگريءَ ۾ نيٺ پنھنجي،
    نئين سر نياءُ ٿيندو،
    ھر خون کٿوريءَ جو،
    ھڪ ڏينھن ھڳاءُ ٿيندو.


    اوھان ته چاھيو گھڻو،



    اوھان ته چاھيو گھڻو،
    ته اوھانجي حُڪم سِوا،
    ڪائناتن ۾ ڪو ڪک پن نه چُري،
    سج ساڪت ئي رھي،
    چنڊ جو بدن نه چُري،
    ڪوبه ٽيڙو،
    ڪٿي ٽم ٽم نه ڪري،
    اوھان جي حُڪم سوا.

    اوھان جي حڪم سوا
    پکي به پر نه ھڻي،
    شھر سُتل ئي رھن،
    ڳھر ھجي ڳوٺن تي،
    متان ڪو ڳيرو ڳاٽ اوچو کڻي،
    اوھان جي حُڪم سوا.

    اوھان ته چاھيو گھڻو،
    متان ھوا جو ڪو ڪومل جُھوٽو،
    قيدخانن جي ڪوٺڙين
    بغاوت نه ڀَري.

    اوھان جو حُڪم آ،
    ڪنھن جي من م،
    متان ڪو خواب يا سپنو اچي سرگوشي ڪري،
    نٿا چاھيو! ھتي ڪا ھير گھُلي،
    باک جي نرم بدن تي
    ڪري ڪا ڪتڪائي،
    آسمان تي اوھان جھڙي،
    ھجي اوندھ ڇانيل،
    ڪٿان اڀري نه ڪڪر سُرمائي.

    اوھان ته چاھيو ٿا!
    آڪاش ساڻ اک ڀڃي،
    متان ڪينجھر جو ڪو ڪنول نه کلي،
    جيڪر اوھان جو حڪم ھلي.

    اوھانکي ڪير ٻڌائي،
    ھي راز ڪير سَلي،
    اوھين چمڙن جي تخم جو،
    نئون نيپاڄ آھيو!
    اوھان ڏسو نه ڏسو،
    سج نڪرندا رھندا،
    اوھان ته موت جي،
    غليظ گھٽين جا ڪِنا ڪُتا آھيو!

    اوھان جو ڪم آ بَھڻ
    ۽ اوھان بَھندا رھندا،
    اوھان جي حڪم عدولين سا سو اعلان کڻي،
    حيات جا ھزارين قافلا ھلندا رھندا،
    ھلندا رھندا، ھلندا رھندا
    اوھان جي حُڪم سوا.

    بَھڻ: ڀؤنڪڻ


    توسان نه ملان ھا!

    توسان نه ملان ھا!

    ڀل ساري ڪائنات جو، محورُ ھجان ھا مان،
    توسان نه ملان ھا، ته گداگر ھجان ھا مان،

    سوچن جي مٿان سونھن جو، سانوڻ نه وسي ھا!
    ٿر جي اجاڙ ٿاڪ جو، ٿوھر ھجان ھا مان.

    ڪنھن پيار جي پارس ڇُھي، ڪنچن ڪري ڇڏيو،
    ورنه ڪنھن رڃي راه جو پٿر ھجان ھا مان.

    ڪا شڪل ڏسي عقل ڀي، سجدي سجود ٿيو،
    نه ته اڻ ڏٺل خدا سندو منڪر ھجان ھا مان.

    ڪنھن روپ ڪئي روح ۾ ريشم رفوگري،
    نه ته شام ويل مڪلي جو منظر ھجان ھا مان.


    مان ھليو ڇو ويس؟

    مان ھليو ڇو ويس؟
    تون پڇين ٿو پرين!
    مان ھليو ڇو ويس؟

    جڏھين شام جو جام،
    خالي نه ھو،
    رات رم جھم ھُئي،
    تنھنجي ساھن جي،
    جھيڻن سُرن سان سُتل،
    منھنجي بستر تي،
    مُنڪر نڪير موسم ھئي.

    تنھنجي ڪجلين اکين جي،
    ڪنارن مٿي،
    منھنجي چپڙن جي ٻيڙي،
    لڳي ئي لڳي،
    ھا! انھيءَ کان اڳي،
    مان ھليو ڇو ويس؟

    سچ پڇين او پرين!
    دل به چاھيو گھڻو،
    ڪا گھڙي تنھنجي،
    وارن جي ڪارين گھٽائن منجھان،
    واس وٺندو رھان!
    ٻن گھڙين لئه سھي،
    تنھنجي آغوش جي سانوري شام ۾،
    ڪنھن روپوش پياسي مسافر جيان،
    مان پناھون وٺان،
    کن پل ئي سھي،
    ٿڪ ٿورو ڀڃان.

    دل ته چاھيو گھڻو،
    تنھنجي نيڻن جون،
    نرمل ھي چانڊوڪيون،
    سدا مست نيندون نياپا کڻي،
    روح جي رڻ مٿان،
    ايئن رقصان رھن.

    دل ته چاھيو گھڻو،
    تنھنجي ٻانھن جون ڪچڙيون،
    ۽ ڪومل وليون،
    سونھن سرھاڻ جا،
    سؤ سنديسا کڻي،
    منھنجي تن تي سدا،
    ايئن وکريل رھن.

    ھا مگر ڇا ڪريون
    تنھنجي ڪاڪل جي قيدي،
    ٿيڻ کان اڳي،
    قيدخانن ۾ ڪائي ڪشش ھئي پرين!
    جيڪا ويئي ڇڪي.

    دل ته ماڻڻ گھُريون،
    تنھنجون سڀ دلبريون،
    ھا مگر ڇا ڪريون،
    دار جي درد کي،
    پنھنجي لذت ھئي،
    جيڪا ويئي ڇڪي،
    تون پڇين ٿو پرين!
    مان ھليو ڇو ويس.

    (نارا جيل 1982ع)


    ڪاڪل: زلف


    منھنجو ڪتبو

    منھنجو ڪتبو

    ڏسين ٿو قبر تي ڪتبو ته آئون ڪير آھيان؟
    مان پنھنجي سنڌ جي مٽيءَ جو ننڍڙو ڍير آھيان،
    مان دين ڌرم جي دوکن کان دور دور رھيس،
    مان ماڻھپي جي منزلن ڏي کنيل پير آھيان.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 345427
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 142669
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ