ڪتاب جو نالو: سنڌ جا سُورمَا (ڀاڱو پھريون)
مصنف: جي ايم سيد
ڇپائيندڙ: نئين سنڌ اڪيڊمي ڪراچي
ڪيٽيگري: سنڌ شناسي
شايع ٿيڻ جو سال: 1974
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 25 مئي 2017 ع
پڙهيو ويو: 876 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 303 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”سنڌ جا سورما“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري قومپرست رهنما، ليکڪ ۽ ڏاهي ڏات ڌڻي سائين جي ايم سيد جو لکيل آهي. سنڌ جي تاريخ سنڌ جي بهادر سورمن سان ڀري پئي آهي جن مختلف دورن ۾ سنڌ تان پاڻ کي قربان ڪري امر ٿي ويا۔ اهڙن ئي ڪردارن تي لکيل سائين جي ايم سيد جو هي ڪتاب ”سنڌ جا سورما“ هڪ مڪمل ڄاڻ وارو ڪتاب آهي۔ هن ڪتاب ۾ راجا ڏاهر، دودي سومري، دولهه دريا خان، مخدوم شاهه بلاول سمون ۽ شاهه عنايت شهيد جو ذڪر ڪيل آهي۔
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران :
  • پيش لفظ
  • راجا ڏاھر بن راجا چچ (برھمڻ گھراڻه سنڌ)
  • دودو بن خفيف سومرو سوم
  • نواب دولهه دريا خان عرف نواب مبارڪ خان
  • [مخدوم] شاھه بلاول بن ڄام حسن سمون عليه رحمت باغبان
  • شاھه عنايت الله عليه عرف شاھه شھيد صوفي جھوڪ
  • نتيجو

  • سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌ جا سورما“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري قومپرست رهنما، ليکڪ ۽ ڏاهي ڏات ڌڻي سائين جي ايم سيد جو لکيل آهي.

    سنڌ جي تاريخ سنڌ جي بهادر سورمن سان ڀري پئي آهي جن مختلف دورن ۾ سنڌ تان پاڻ کي قربان ڪري امر ٿي ويا۔ اهڙن ئي ڪردارن تي لکيل سائين جي ايم سيد جو هي ڪتاب ”سنڌ جا سورما“ هڪ مڪمل ڄاڻ وارو ڪتاب آهي۔ هن ڪتاب ۾ راجا ڏاهر، دودي سومري، دولهه دريا خان، مخدوم شاهه بلاول سمون ۽ شاهه عنايت شهيد جو ذڪر ڪيل آهي۔
    هي ڪتاب نئين سنڌ پبليڪيشن، ڪراچي پاران 1974ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين شاهنواز سومري جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پيش لفظ

    جڏھن ساڍن ستن سالن جي قيد ۽ نظربنديءَ بعد مون کي پاڪستان سرڪار ٻاھر گھمڻ ڦرڻ جي اجازت ڏني ته گھڻي غور ۽ فڪر بعد ملڪي سياست کان مون ھيٺين سببن ڪري ڪنارہ ڪشي ڪري طريقت (ڪلچر) جي راھه ۾ خدمت ڪرڻ جو ارادو ڪرو.
    (1) ملڪي حالات سياسي طرح اھڙي ڪڙيءَ تي بيٺل ھئا جو انھن جي قائم رھندي سياست ذريعي ملڪ ۽ قوم جو ڀلو ڪري سگھڻ کان مجبور ھئاسون.
    (2) گذشته چاليھن سالن جي سياسي زندگيءَ ۾ تجربي بعد معلوم ٿيو ھو ته:
    (الف) عوام ۾ قومي شعور پيدا ٿي نه سگھيو ھو.
    خواص ۾ خود مطلبي، قوم فروشي، نفاق، بزدلي ۽ فرض ناشناسي جون عادتون گھر ڪري ويل ھيون.
    سنڌ جي سياسي خودارادي ۽ اقتصادي ترقيءَ جي راھه رڪاوٽون پئجي ويون ھيون، جي ظاھري طرح نه آئيني طور ڇاڪاڻ ته اسان اقليت ۾ ھئاسون ۽ نه غير آئيني طور دور ڪري سگھياسون ٿي جو نه اتحاد، نه قومي شعور ۽ نه ھمت ھئيسون. ان ڪري سياسي خلفشارن کان ڪنارہ ڪش ٿي عوام ۾ اصلاح نفس، قومي شعور، اخلاقي درستي، حب الوطني، ايثار ۽ پراپڪاري جي پيدا ڪرڻ لاءِ بزم صوفيائي سنڌ جو بنياد وجھي ڪانفرنسون ڪوٺائي مذڪوره بالا مقصدن لاءِ پرچار ڪرڻ شروع ڪيوسون.
    ان جي پروگرام ۾ ھڪ جزو اھو به ھو ته سنڌ جي گذريل قومي سورمن جي زندگيءَ جي قربانين جو احوال لکي نوجوانن کي سندن شاندار ماضيءَ جي ڪارنامن کان واقفيت لاءِ پيش ڪيو وڃي. ان ڪم جي سرانجاميءَ جو ڪم مختلف اصحاب تي رکيل ھو، پر بزم صوفيائي سنڌ جي تعليم کي ملڪي امن لاءِ خطرناڪ سمجھي حڪومت طرفان مون تي جولاءِ 1967ع کان دوبارہ نظربنديءَ جو حڪم جاري ڪيو ويو، ان ڪري ھڪ جاءِ تي ويھڻ سبب مون کي وقت ملي ويو ته ٻين ڪتابن سان گڏ ھي ننڍڙو پمفليٽ سنڌ جي آزادي، آزاد خيالي، عزت ۽ ناموس لاءِ قربان ٿيندڙ پنجن شھيدن جي حياتيءَ تي لکي ناظرينن جي خدمت ۾ پيش ڪريان.

    “گر قبول افتد گھي عز و شرف.”

    غلام مرتضيٰ
    22 .09 .1967


    راجا ڏاھر بن راجا چچ (برھمڻ گھراڻه سنڌ)

    سورھيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وھم وسار،
    ھڻ ڀالا، وڙھه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار،
    مٿان تيغ ترار، مارِ متارو ٿئين.
    ................

    سر زمين سنڌ دنيا جي قديم مھذب ۽ متمدن ملڪن مان ھڪ آھي، ان دنيا جي عام دستور موجب گھڻا لاھا چاڙھا ڏٺا آھن، ان جي قديم عظمت جا نشان، آمري، ڪوٽ ڏيجي ۽ موھن جي دڙن جي يادگارن ۾ اڃا تائين موجود آھن.
    ان تي ڪجھ وقت ملڪي حاڪمن جي حڪومت پئي رھي آھي ته ڪو وقت ڌارين جي قبضي ھيٺ اچي ان کي ڏکيا ڏينھن ڏسڻا پيا آھن. ان جي تاريخ جي پوري طرح کوجنا نه ٿي سگھي آھي پر نزديڪ سنڌي تسلط جو دور راءِ سھاسي ۽ چچ گھڙاڻي حڪومت جو ھو.
    چچ گھراڻي کي برھمڻ حڪومت به سڏين ٿا. ان گھراڻي جو آخري حاڪم راجا ڏاھر چَچ جو ننڍو فرزند ھو. راجا چچ 52ھ مطابق 672ع تي وفات ڪئي. ان بعد راجا چندر سنڌ جو والي ٿيو. جنھن اٺ سال حڪومت ھلائي 60ھ مطابق 680ع تي وفات ڪئي. ان کان پوءِ راجا ڏاھر سنڌ جي حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو. جنھن نھايت دانشمندي، ھمت ۽ خوش اسلوبيءَ سان 32 سال حڪومت ڪئي. جنھن کان عرب بنو اميه سامراج جي سپھ سالار حجاج بن يوسف ثقفيءَ جي نياڻي محمد بن قاسم حڪومت وٺي سنڌ تي ڌاريون تسلط قائم ڪيو.
    راجا ڏاھر حڪومت جي واڳ وٺندي ھڪ سال اندر چوطرف حڪومت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ قدم کنيا. سندس گاديءَ جو شھر الور ھو، اتان ھن پھرين اڀرندي سنڌ ڏي برھمڻ آباد ۾ اچي سندس ڀاءُ ڏاھرسين کي مڪاني حڪومت سپرد ڪري پوءِ مڪران طرف روانو ٿيو، جتي مڪاني حاڪم سان لاڳاپا قائم ڪري موٽي الور آيو. اھڙيءَ طرح ھن سندس پيءُ راجا چچ جي ڏينھن واري ساري سلطنت تي ملتان سوڌو تسلط قائم ڪري ورتو. سندس دور حڪومت ۾ سنڌ اندر مضبوط حڪومت قائم ٿي ۽ امن امان رھيو.
    ان وقت عرب ۾ بني اُميه گھراڻي جي حڪومت ھئي، جن جي ھڪ ھڪ حاڪم يزيد بن معاويه رسول مقبول صلعم جي ڏھٽي حضرت امام حسين عليه السلام کي شھيد ڪرائي اُن جو لاش گھوڙن کان چٿرائي سندس سر مبارڪ نيزي تي چاڙھي مھينن تائين ملڪن ۾ گھمارايو ھو. امام حسين عليه جي فرزند ۽ خاندان جي عورتن کي قيد ڪرائي دمشق گھرايو ھو. انھيءَ گھراڻي عبدالله بن زبير کي حرم ڪعبه ۾ قتل ڪرايو ھو، ازانسواءِ ڪيئي ظلم ڪيا ھئا.
    راجا ڏاھر جي ڏينھن ۾ انھيءَ گھراڻي جو حاڪم عبدالملڪ بن مروان عرب جو بادشاھه ھو. ان جو سپھه سالار حجاج بن يوسف ثقفي وڏو ظالم، قاتل ۽ بي رحم ھو جنھن اھل بيت رسول تي اڪيچار ظلم ڪيا ھئا ۽ بي شمار مسلمانن جو سندس ھٿان خون وھيو ھو. اانھن ڳالھين کان تاريخ دان بخوبي واقف آھن.
    امام حسين عليه السلام جي شھادت کان پوءِ جي مڪاني ردعمل پيدا ٿيا ته کين سختيءَ سان دٻائڻ بعد جڏھن بنو اُميه گھراڻي جو تسلط ساري عرب تي ويھي ويو ته ھنن سندن سامراج کي وڌائڻ لاءِ چوطرف حملا ڪرائڻ شروع ڪيا.
    عربستان جو گھڻو حصو ريگستاني آھي، اتي جا رھاڪو سواءِ ٻن مکيه شھرن مڪي ۽ مديني جي بدويانه زندگي گذاريندا ھئا. ان ۾ رھندڙ قبيلا اڪثري پاڻ ۾ وڙھندا رھندا ھئا. ان ڪري جنگجويانه ذھنيت سندن سرشت ۾ سمايل ھئي. اتي جا رھاڪو گھڻو ڪري قديم قبيلائي مذھبن جا پوئلڳ ھئا جن جي خدائن جا بت ڪعبي ۾ رکيل ھئا. پر ڪي منجھان ڪرستان ۽ يھودي ھئا. ضروريات زندگيءَ لاءِ ھو شام ۽ عراق سان قافلن ذريعي واپار ڪندا ھئا.

    رسول مقبول صلعم جي پيدا ٿيڻ کان اڳ به ھنن مان روم ۽ ايران جي شھنشاھن طرفان جنگي لشڪر لاءِ ڀرتي ٿيندي ھئي. ھتي جي رھاڪن جو زيادہ تر گذران مال چارڻ تي ھوندو ھو. سندن زندگي اڪثر ڪري تنگ گذرندي ھئي. رسول مقبول جي پيدا ٿيڻ تي ھنن کي نئين مذھب جي نالي ۾ متحد ڪري ھڪ مرڪزي حڪومت ھيٺ منظم ڪيو ويو. جنھنڪري ھنن جي طاقت ۽ حوصلو وڌي ويو.
    حضرت رسول ڪريم صلعم جن جي رسالت جا ٻه مقصد ھئا:

    ھڪ ماڻھن جي ذھني تربيت، نفسياتي اصلاح ۽ اخلاقي درستيءَ جو ھو.
    ٻيو امن امان رکڻ، ملڪي نظام ۽ ماڻھن جي گذراني مسئلن جي حل ڪرڻ جو ھو.
    پيغمبرِ خدا جي موجودگيءَ ۾ ٻئي ڪم خوش اسلوبيءَ سان سرانجام ٿيندا رھيا. انھن جي انتقال کان پوءِ سندن پوئلڳ ٻن راين ۾ ورھائجي ويا.
    ھڪڙن جو رايو ھو ته مٿين ذڪر ڪيل پھرين مقصد کي جو مذھب جو بنيادي متو ھو ترجيح ڏني وڃي.
    ٻين جي راءِ ھئي ته عرب جا ماڻھو اڃا سندن بدويانه عادتون، قبيلائي اختلاف، پراڻا اعتقاد ۽ رسم ۽ رواج پوري طرح بدلائي نئين مذھب جي عقيدن ۽ دستورن سان مانوس نه ٿي سگھيا ھئا. تاريخ ۾ پھريون دفعو انھن ۾ اتحاد ۽ مرڪزيت قائم ٿي ھئي. جنھن جي قائم ڪرڻ ۾ طاقت جي استعمال جو گھڻو دخل ھو. ان ڪري سڀ کان زيادہ توجھ ٻي مقصد جي سرانجامي طرف ڏيڻ گھرجي. پھرين جو واسطو مستقبل جي ڳالھين سان ۽ ٻئي جو حال سان ھو. مستقبل جو مدار حال تي رھي ٿو. ان ڪري ٻئي گروھه کي ڪاميابي حاصل ٿي.
    عرب جا ماڻھو غريب ھئا، انھن جي يڪمشت رکڻ ۽ قبائلي اختلافن کان سندن توجھ ھٽائي ٻئي طرف ڪرڻ لاءِ ٻي راءِ جي ڪارڪنن ضروري ڄاتو ته ڀر وارن آباد ۽ سرسبز مُلڪن کي قبضي ۾ آڻي انھن جي سرمايه سان ھتي جي رھاڪن جي گذران جو انتظام ڪجي.
    نئين مذھب انھن ۾ اتحاد ۽ جذبه جنگ اڳي پيدا ڪيو ھو. ازانسواءِ ٻين سرسبز مُلڪن جي ملڪيت ۽ پيدائش گذران لاءِ ھٿ ڪرڻ جي خيال منجھن ٻاھرين ملڪن فتح ڪرڻ جي خواھش پيدا ڪئي. حضرت عمر رضه جي ڏينھن ۾ ڀر وارا سُکيا ملڪ شام، عراق، مصر ۽ ايران فتح ٿي چڪا ھئا.
    انھن فتحن عرب جي تنگدست ماڻھن کي سُکيو ھڪ طرف بڻايو ته ٻئي طرف ھنن جي جنگي قوت، قومي وقار ۽ عزت جو ڌاڪو وھاري ڇڏيو. پھرين ٻن خليفن جي ڏينھن ۾ ڪي اخلاقي معيار ۽ رسولِ مقبول صلعم جي روايات قائم رکڻ جي ڪوشش ٿي، ليڪن ملڪ ۾ ناراضگي ايتري وڌي جو ان مان ھڪ خليفو قتل ٿي ويو.
    پئسا، ملڪيت ۽ گذر جي فراواني جيڪڏھن زندگيءَ کي سھل بڻائڻ ۾ مدد ڪن ٿيون ته انھن جي ڪري ڪي خرابيون به پيدا ٿين ٿيون. نتيجو اھو نڪتو ته حضرت علي عليه السلام جي شھادت کان پوءِ قبيلائي اختلافن ۽ اقتدار جي حصول عربن ۾ خانه جنگي پيدا ڪري ڇڏي. نيٺ بني اُميه خاندان ٻين سڀني گروھن کي زور سان دٻائي سموري طاقت جو مالڪ بڻجي ويو. شيخ سعدي عليه الرحمة چيو آھي ته:

    ھفت اقليم از بگيرد بادشاہ، ھم چنان دربند اقليم دگر
    نيم نان گر خورد مرد خدا، بزدل درويشان کنديم دگر

    [ معنيٰ: بادشاھن جي ستن مُلڪن فتحن ڪرڻ بعد به طمع جھَڪي نٿي ٿئي ۽ وڌيڪ لاءِ ڪوشش ڪري ٿو. ليڪن درويش ھڪ مانيءَ مان اڌ کائي اڌ ٻئي لاءِ بچائي رکي ٿو.]

    عبدالملڪ جي ڏينھن ۾ خانه جنگي گھٽ ٿي. اندروني انتظام درست ٿيڻ بعد ھن بني اُميه سامراج کي وڌائڻ لاءِ رِٿون رِٿيون. نالو اسلام جو ھو، مقصد مُلڪ فتح ڪرڻ، ڦرلٽ ڪري ملڪيت ھٿ ڪرڻ جو ھو. ڪن مسلم تاريخدانن جو چوڻ آھي ته رسول مقبول کان پوءِ خلافت ۽ اسلامي حڪومت ئي ڪانه ٿي آھي، پر ڪن جو چوڻ آھي ته خلفاءِ راشدين جي ڏينھن ۾ٿورو گھڻو رسول مقبول جي روايتن کي خيال ۾ رکيو ويندو ھو. ان کان پوءِ حڪومتون اسلامي نه رھيون بلڪ نالي ۾ سلطان بادشاھن جي ھٿن ۾ پي رھيون جن سندن شخصي، قبيلائي ۽ گروھي مفادن لاءِ پي حڪومتن کي ھلايو.
    عبدالملڪ جي دور ۾ ان پوئين گروھه جي مفاد خاطر حڪومت ھلي رھي ھئي. تاريخدانن کي پتو آھي ته سندس سپہ سالار حجاج بن يوسف جي ظلم ۽ قتل عام ڪيا تن کان مسلمان ته ھڪ طرف ليڪن شيطان به ھوند شرمائجي وڃي.
    ان لاءِ ھڪ مثال ڪافي ٿيندو ته ھڪ دفعي جمعي نماز تي ڪوفي جي جامع مسجد ۾ ھزارھا ماڻھو نماز پڙھڻ لاءِ آيل ھئا جن ۾ حافظ قرآن، درويش، اھل بيت سڀ حاضر ھئا. اتي خطبو ڏيندي حجاج بن يوسف ظاھر ڪيو ته اڄ آئون فصل پڪل ڏسي لُڻڻ چاھيان ٿو. ان کان پوءِ مسجد ۾ قتل عام جو حڪم ڏنائين. جن ۾ ھزارھا مسلمان قتل ٿي ويا.
    سندس انتقال وقت ھڪ لک کان وڌيڪ ماڻھن کي خراب حالت ۾ جيل ۾ ڏٺو ويو.
    وڌيڪ ستم ظريفي اھا ھئي ته بنا سبب ٻين مُلڪن تي حملا ڪري ڦرلٽ مان مال ھٿ ڪرڻ، آزاد ماڻھن کي غلام ۽ ٻانھيون بڻائي انھن جي وڪري ڪرڻ کي اسلام جو ڪارنامو ظاھر ڪيو ويو.
    انھيءَ بادشاہ جي ڏينھن ۾ عربن جون جدا جدا فوجون ٽن طرف ملڪن جي فتح ڪرڻ لاءِ موڪليون ويون. ھڪ فوج جا موسيٰ اشعري جي ھٿ ھيٺ مغرب طرف موڪلي ويئي جنھن اسپين تائين فتحون ڪيون. اُتر طرف قتيبه بن مسلم جي ھٿ ھيٺ فوجون موڪليون ويون جن سمرقند ۽ بخارا تائين فتح ڪئي. اوڀر طرف حجاج بن يوسف پنھنجي نياڻي محمد بن قاسم جي ھٿ ھيٺ سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ فوج موڪلي. ان کان اڳ به سنڌ تي فتح ڪرڻ لاءِ چوڏھن ناڪام حملا ڪيا ويا ھئا.
    جڏھن محمد بن قاسم جي فوج سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ آئي ته راجا ڏاھر جي فوج نھايت جوانمرديءَ سان سان سنڌ جي حفاظت، ناموس ۽ عزت لاءِ لڙِي پر جنگ ۾ راجا ڏاھر قتل ٿي ويو ۽ مُلڪ تي عربن جو قبضو ٿي ويو. ان ۾ عربن کي ڪروڙھا روپين جي ملڪيت ھٿ آئي ۽ ڪئين ھزار سنڌي مَردن ۽ عورتن کي غلام بڻائي عرب ۾ وڃي وڪرو ڪيائون.
    ھاڻي سول اٿندو ته عربن جي اُن فتح کي جائز ۽ اسلامي فتح شمار ڪجي يا عرب بادشاھن جي سامراجي جذبي ھيٺ غاصبانه ۽ غير اسلامي مُلڪ گيريءَ جي حوس سمجھيو وڃي. اُن مسئلي کي پوريءَ طرح سمجھڻ لاءِ ضروري آھي ته اسان مسلمانن جي ٻِن جدا راين کي پيش ڪريون.
    ھڪ گروھه جو چوڻ آھي ته اسلام ماڻھن وچ ۾ مذھبن، نسلن، قومن ۽ رنگن جي نالي ۾ کڙي ڪيل ديوارن کي ڊاھي انسانذات ۾ اتحاد، امن، فلاح ۽ بھبودي پکيڙڻ لاءِ آيو ھو. اھو دين فطرت ھو جنھنجو ابتداءُ آفرينش کان سڀني پيغمبرن پيغام ڏنو ھو. اھو نئون دين ڪونه ھو بلڪ ان مطابق سڀني مختلف مذھبن جي ظاھري ڪثرت پويان بنيادي وحدت سمايل ھئي. اھڙي تعليم جو فروغ صحيح سمجھاڻي، اخلاقي درستي ۽ نفسياتي اصلاح ذريعي تاليف قلوب، رواداري ۽ باھمي گفتگو وسيلي ٿيڻ وارو ھو. تشدد، نفرت، نفاق، خود مطلبي اُن جي راھه ۾ رڪاوٽون ھيون. دين جي معاملي ۾ زور زبردستي ناجائز ھئي. پيغمبر خدا رحمةالعالمين ٿي آيل ھو. ھو غلامن کي آزاد ڪرائڻ، ڦرلٽ بند ڪرائي، انصاف جو دور قائم ڪرڻ دنيا ۾ اَمن لاءِ آيل ھو ۽ نه اُنھن ڪمن جي مروج ڪرڻ لاءِ جي پوءِ ڪِن ماڻھن اسلام جي نالي ۾ ڌارين مُلڪن کي غلام بڻائڻ، ڦرلٽ ڪرڻ، آزاد ماڻھن کي غلام بڻائڻ لاءِ ڪيا ھئا.
    ٻي گروھه جو چوڻ ھو ته اسلام ھڪ نئون مڪمل عالمگير دين ٿي آيل ھو، اُن جي اچڻ بعد ٻيا سڀ دين رد ٿي ويا ھئا. ھن نئين دين جا مکيه مَتا توحيد، نماز، حج، زڪوات، روزہ ھئا. انھن مَتن ۽ اُن دين جي شريعت (دستورالعمل) کي زوريءَ دنيا ۾ ماڻھن مٿان مُسلط ڪرڻو ھو جنھن عمل کي جھاد جي نالي سان سڏيائون ٿي. اُن ۾ ٻين ملڪن تي چڙھائي ڪري خونريزي ڪرڻ، اُن تي قبضو ڪرڻ، ڦرلٽ ڪرڻ، مَردن ۽ عورتن کي غلام ڪري ٻڪرين وانگر وڪڻڻ وغيرہ ڪمن کي جائز ڄاتو ٿي.
    انھن ٻن گروھن مان پوئين جي عقيدن ۽ ڪارگذارين کي ڏسي غير مسلم عالمن ۽ تاريخ دانن اسلام کي ڊاڪن، لُٽيرن، عيش پرستن جو مذھب ظاھر ڪيو ٿي. ھنن جو چوڻ ھو ته ماڻھو اُن ۾ تلوار جي آڌار تي زور زبردستيءَ سان داخل ٿيا ھئا نه ته اُن ۾ ڪھڙي سٺي ڳالھ ھئي جو اھڙي مذھب ۾ شامل ٿين ھا. اُن قسم جي غلط فھمين کي دور ڪرڻ لاءِ مسلم عالمن ۽ درويشن ظاھر ڪيو ته صحيح اسلام اُھو آھي جو پھرين گروھه ٿي ظاھر ڪيو. پوئين دور ۾ سر سيد احمد خان ۽ خواجه ڪمال الدين جا ڏنل جواب پڙھڻ جي لائق آھن. سندن چوڻ ھو ته اسلام جو فروغ تلوار ۽ تشدد جي ذريعي ڪونه ٿيو ھو پر تاليف قلوب ۽ بھترين اصولن ڪري اُھو ماڻھن قبول ڪيو ھو. مسلمان حاڪمن طرفان جي مُلڪ گيري، ڦرلٽ ۽ ٻيا ظلم ٿيا ھئا اُنھن جو اسلام سان ڪوبه تعلق ڪونه ھو. مُلا جي اسلامي تشريح صحيح نه ھئي.
    اڃا تائين مسلمان ساڳي طرح ٻِن راين ۾ ورھايل آھن، جن مان ھڪ کي مُلا جو گروھه ۽ ٻئي کي درويشن جو گروھه سڏجي ٿو. اسان جو واسطو درويشن جي گروھه سان آھي تنھنڪري محمد بن قاسم جي ڪارنامن کي اسلام سان واسطو رکندڙ تسليم نٿا ڪريون نه اُن کي غازي نه اسلام جو علمبردار سڏڻ لاءِ تيار آھيون بلڪ اُن کي غاصب، سنڌين جي آزادي، عصمت، مال، ملڪيت جو دشمن ۽ لُٽيرو سمجھون ٿا. ھن کي اُن گروھه جو فرد سمجھون ٿا جنھن نه صرف سنڌ جي مَردن ۽ عورتن کي غلام ڪري وڪيو ۽ ملڪيت ڦري مُلڪ تي زوريءَ قبضو ڪيو پر اھلبيت رسول جو دشمن، عياش، اسلام جي بنيادي اصولن جي خلاف ۽ مسمانن جو قتل عام ڪرائيندڙ ھو.
    اسان رسول مقبول صلعم کي رحمةالعالمين سمجھون ٿا، انھن جا ٻه قول اسان جي ڪَنن ۾ اڃا تائين گونجي رھيا آھن، ھڪ ته “حُب الوطن مِن الايمان” وطن جي محبت ايمان جو جزو آھي. ٻيو ته “سنڌ جي طرف کان کين ٿڌي ھِير ٿي لڳي.”
    ڇا ان تعليم جي ھوندي اسان سنڌ جي محبت کي جائز ٺھرائيندي اُن تي ڌارين جي تسلط ۽ ٿيل ظلمن کي جائز قرار ڏيئي سگھون ٿا!
    اسان اُن راءِ جا آھيون ته ھر ماڻھوءَ لاءِ وطن جي حُب لازمي آھي، جيڪو وطن دوست نه آھي سو بي ايمان آھي، ايمان کان سواءِ صحيح مسلمان ئي نه ٿي سگھبو.
    سنڌ پنجن ھزارن ورھين کان تھذيب ۽ تمدن جو مرڪز رھي آھي، رسول مقبول جي ڏينھن ۾ سنڌ ۾ ھڪ به مسلمان ڪونه ھو بلڪ سڀ ماڻھو ھندو ۽ ٻُڌ ھئا. پوءِ به سندن اظھار ته اُن مان کين ٿڌي ھِير ٿي آئي ڪا ته معنى رکندڙ آھي!
    اھڙي حالت ھيٺ اسان ڪھڙي طرح اُن مُلڪ جي ماڻھن تي زوريءَ قبضو ڪري انھن جي آزادي سلب ڪرڻ، اتي جي مَردن ۽ عورتن کي غلام بڻائڻ، ڪروڙھا روپين جي ملڪيت کي لُٽي ٻاھر ڪڍڻ جي ڪم کي صحيح اسلام مطابق جائز سمجھي سگھون ٿا!
    جيڪڏھن ڪي ماڻھو سندس اھڙن ڪمن کي عين اسلام سمجھن ته مرضيءَ جا مالڪ آھن، ھر ڪنھن کي سندن راءِ جو حق آھي، آخر ڪي اھڙا ماڻھو به ھئا ۽ اڃا تائين آھن جي امام حسين کي ناحق تي ۽ يزيد کي حق تي سمجھن ٿا. اھي ماڻھو يزيد ۽ انھيءَ گھراڻي جي ھر ڪاروائي عين اسلام سمجھن ٿا. ان گروھه ۾ نه صرف اُن زماني جا عالم ۽ حافظ قرآن شامل ھئا پر اڄ ڪلھ به ڪيئي ماڻھو ملي سگھن ٿا.
    کين اھڙيءَ راءِ رکڻ جو ھر ڪو حق آھي ليڪن اسان کي به پنھنجي راءِ رکڻ جو اھڙوئي حق ھئڻ گھرجي جھڙو ھنن کي ڏيڻ گھرون ٿا. اسان محمد بن قاسم جي حملي کي صحيح اسلامي تشريح جي خلاف ۽ غاصبانه سمجھون ٿا. سنڌ ۾ اڃا تائين ھزارھا ماڻھو آھن جي پاڻ کي ڏاھري سڏائڻ ۾ عيب نٿا سمجھن، سنڌ جو جيد عالم ۽ بزرگ مولانا ابوالحسن به ڏاھري سڏائڻ ۾ عيب نه سمجھندو ھو. اسان کي اعتراض نه آھي سنڌ ۾ محمد بن قاسم گروھه جا طرفدار ڀلي پاڻ کي يزيدي سڏائين. ماڻھو نطفه مان پيدا ٿئي ٿو جو رت مان جُڙي ٿو، رت کاڌي مان ٺھي ٿو. کاڌو اناج، ڀاڄين ۽ گوشت مان ٺھي ٿو. اُھي سڀ سِڌيءَ يا اڻ سِڌيءَ طرح مُلڪي زمين ۽ پاڻيءَ جي پيدائش آھن.
    مثال طور کڻي ڏسندا ته ھڪ اَن جي داڻي زمين ۾ پوکڻ بعد سَوھا داڻا پيدا ٿين ٿا. جي مِٽي ۽ پاڻيءَ مان ٺھن ٿا. تنھنڪري ھر شيءِ مُلڪ جي مِٽي ۽ پاڻيءَ مان پيدا ٿئي ٿي. ھر ماڻھوءَ جو حقيقي ماءُ پيءُ آھن، قرآن شريف به شاھدي ڏئي ٿو ته “ولقد خلقناالانسان مِن سلالة من طين.”
    معنى- تحقيق اسان ماڻھن کي مٽيءَ جي جوھر مان پيدا ڪيو آھي.
    انھيءَ نقطه نگاھه کان جو ماڻھو وطن سان وفادار نه آھي سو حلالي ٻار نه آھي. انھيءَ کي مدنظر رکندي آءٌ راجا ڏاھر کي سنڌ جي آزادي، عزت ۽ ناموس لاءِ لَڙي سر ڏيندڙ شھيد اول سڏڻ کان نٿو ڇِرڪان پوءِ ڀلي ڪن يزيدي گروھه جي طرفدارن کي مِرچون لڳن.
    اھڙن ماڻھن جي دشمنيءَ کان امام حسين عليه السلام نبيءَ صلعم جو ڏھٽو به نه ڇُٽي سگھيو آھي، آءٌ ته اُن جي در جي خاڪ مثل آھيان.
    ڪي ماڻھو راجا ڏاھر تي بُھتان رکي سندن غازين جي برن ڪارنامن لاءِ جواز پيدا ڪن ٿا. اچو ته چند بھتانن جي جانچ ڪريون. انھن مان مکيه ھيٺيان آھن.

    1- ھن ڀيڻ سان شادي ڪئي ھئي.
    2- ھن عربن جي ڪن ماڻھن کي قيد ڪيو ۽ ڦريو لُٽيو.
    3- ھن ٻڌ ڌرم ۽ غير برھمڻن سان ظلم ڪيا ھئا.
    4- ھي عياش ۽ ظالم ھو.

    اچو ته ان مان ھر ھڪ بھتان بابت تفتيش ڪري بحث ڪريون.
    اھو ھر ھڪ گروھه جو پيشو رھيو آھي ته مفتوح ڌر کي بدنام ڪري سندن ناجائز ۽ بُري فعل لاءِ جواز پيدا ڪن، تاريخ ۾ ڪيئي اھڙا مثال موجود آھن. تاريخ تي اڪثر قبضو فاتحن جي نمڪ خوارن جو رھيو آھي.
    1. يونانين کي رومن بدنام ڪيو.
    2. اڳين مذھب وارن کي عيسائين ۽ برھمڻن بدنام ڪيو.
    3. چنگيز خان، تيمور لنگ، محمود غزنوي، اورنگزيب جھڙن ظالم حاڪمن کي سندن مداحن تاريخ ۾ ساراھي وڏا لقب ڏنا.
    4. انگريزن ھندوستانين جي غلط تاريخ لکي انھن کي بدنام ڪيو ۽ پاڻ کي جاھلن ۽ پٺتي پيلن جي سڌاري جو مشنري ٺھرايو. تنھنڪري اھا ڪا نئين ڳالھ نه آھي جيڪڏھن چئجي ته عرب تاريخ نويسن راجا ڏاھر کي بدنام ڪرڻ لاءِ اُھي سڀ بھتان مٿس مڙھي محمد بن قاسم جي سياھه ڪارنامن کي ڍَڪڻ لاءِ جواز پيدا ڪيو ھجي.
    1- ھندو برھمڻ ڀيڻ ته ڇڏيو پر سوٽِ سان شادي ڪرڻ به ناجائز ٿا ڄاڻن. تنھنڪري ڀيڻ سان شاديءَ جو بھتان سراسر غلط معلوم ٿئي ٿو. ان لاءِ دليل اھو ڏنو وڃي ٿو ته ھڪ ننڍي راجا کي سَڱ نه ڏئي پاڻ وٽ ڀيڻ وھاري ڇڏيائين. اُھا ڳالھ ھر ڪنھن کي معلوم آھي ته ھندن ۾ ذات پات جا فرق ھئا. ان ڪري جيڪڏھن ھن ڪنھن ڪم ذات يا گھٽ درجي جي ماڻھوءَ کي سَڱ کان انڪار ڪيو ھجي ته ان لاءِ ائين چئجي ته ھن ڀيڻ سان شادي ڪرڻ خاطر اِئين ڪيو ھو. سراسر بد ديانتي آھي.
    2- ٻي ڳالھ جا ھن جي برخلاف ھلائي وڃي ٿي سا اِھا آھي ته سيلون جي راجا کان عرب جي بادشاھه ڏي ڪي سوکڙيون ۽ تحفا ھن ڦُرائي، ماڻھن کي قيد ڪرايو ھو. ان ڪري عيوضي وٺڻ لاءِ ھيءُ حملو ڪيو ويو. ان ڳالھ لاءِ ڪوبه ثبوت نه آھي ته راجا ڏاھر اھو ڪم ڪرايو ھو، انھن ڏينھن ۾ سامونڊي ڊاڪه زني عام ھوندي ھئي. ڪن دريائي ڊاڪن اِئين ڪيو ھجي ته ان ۾ شڪ نه ٿي سگھي ٿو. راجا ڏاھر جھڙي وڏي حاڪم کي اھڙي ڊاڪه زني مان ڪھڙو فائدو حاصل ٿي سگھي ٿو. اھو حملي لاءِ بھانو بڻائڻ سراسر ڌوڪو ۽ بھتان آھي. تاريخ جي ڄاڻ کي پتو آھي ته عربن طرفان سنڌ جي فتح ڪرڻ لاءِ اڳي چوڏھن حملا ڪيا ويا ھئا، انھن لاءِ کين ڪھڙو جواز ھو. ڇا سمرقند، بخارا، موراڪو، اسپين طرفن جا حملا عيوضي وٺڻ لاءِ ھئا؟ تاريخ جي صحيح حقيقتن کي لڪائي نٿو سگھجي. اُھا ڳالھ صاف ظاھر آھي ته عرب حڪمرانن طرفان ٻين سامراجي طاقتن وانگر مُلڪ فتح ڪرڻ جي حوس ڪري اُھي حملا ٿيا. جنھن ۾ ٻين سامراجي طاقتن وانگر ھنن به ڪُڌا ڪم ڪيا. جيڪڏھن رومن، منگولن، انگريزن، فرينچن جي سامراج کي اسان غلط ۽ ظالمانه تسلط سڏيون ته ڪھڙي طرح ساڳيو ڪم عربن جي ھٿان سرزد ٿيندي اُن کي جائز ڄاڻون، نه صرف ايترو پر اُن کي اسلام جو ڪارنامو شمار ڪريون. ڇا ان مان اسلام جي عزت وڌي ٿي يا بدنامي ٿئي ٿي؟
    3- ٽين ڳالھ ھن جي خلاف اھا چئي وڃي ٿي ته ھن ٻُڌ ڌرم ۽ ٻين غير ھِندن تي ظلم ڪيا ھئا، اُن ڳالھ جو ڪوبه ثبوت ڪونه ٿو ملي. اھا تاريخي حقيقت آھي، راجا چَچ جو ڀاءُ راجا چندرسين جڏھن تخت تي ويٺو ته ھن ٻُڌ ڌرم کي زور وٺائڻ طرف رُخ رکيو. ھن ٻُڌ جي بڪشن ۽ پوڄارين سان خاص رعايتون ڪيون ھيون، ھر ھڪ کي معلوم آھي ته برھمڻن جو مذھبي تعصب مُلن جي تعصب کان به ڪي رتيون ڪثر آھي. سندن انھيءَ پاليسيءَ ڪري ٻُڌ ڌرم مرڳو ھندوستان مان نڪري ويو. پر اُھو سنڌ جو ملڪ ئي ھو جتي ھِن راجا جي ڏينھن ۾ ٻُڌ ڌرم پوري زور تي ھو. جن جي موجودگي بنسبت ٻين ھندو حاڪمن جي راجا ڏاھر جي رواداريءَ جو ثبوت ڏي ٿو، سندس دور حڪومت ۾ ٻه گورنر ٻُڌ ڌرم جا ھئا. نه رڳو ايترو پر ھڪ مسلمان عرب محمد علافي نالي ساري قبيلي سان بني اُمين جي ظلم کان لڏي سنڌ ۾ اچي راجا ڏاھر جي پناھه ھيٺ رھيو. اُن سان راجا ڏاھر اھڙو سُلوڪ ڪيو جو سندس سِڪي جي ٻي طرف ھن جو نالو اڪيرڻ جي اجازت ڏني. اھڙي ارادي جو سُلوڪ تاريخ ۾ ڇڊو نظر ايندو.
    اھڙي منصف مزاج راجا تي متعصب ھئڻ جو بھتان اھڙن ماڻھن طرفان لڳائڻ جن جي تاريخ جو ڪيترو حصو تعصب ۽ ڪٽرپڻي سان ڀريو پيو ھجي. بدديانتيءَ کان سواءِ ڪجھ نه آھي.
    4- چوٿون بھتان راجا ڏاھر تي اھو لڳايو ٿو وڃي ته ھو عياش ۽ ظالم حاڪم ھو. خبر نه آھي انھن لفظن مان بھتان لڳائيندڙ ماڻھن جو مقصد ڪھڙو آھي. ڇا راجا ڏاھر جي ٻن نياڻين، جي بادشاھه لاءِ تحفو ڪري موڪليون ويون ھيون، سان زنا ڪرڻ جي جرم ۾ سزا کائيندڙ ماڻھو راجا جي زال ڇوڪرين جي ماءُ سان زوريءَ شادي ڪندڙ، سنڌين جي عورتن کي ٻانھيون بڻائي بنا نڪاح جي انھن سان صحبت ڪرڻ جائز ڄاڻندڙ ھزارھا سنڌي عورتن ۽ مَردن کي وڪرو ڪندڙ زيادہ گناھه گار آھي يا وطن جي حفاظت لاءِ سر ڏيئي سرھو ٿيندڙ ڏوھاري آھي.
    راجا ڏاھر 92 ھجري مطابق 712ع تي سنڌ خاطر لڙي شھيد ٿيو. ھر سچي سنڌيءَ کي اُن جي ڪارنامن تي فخر ھئڻ گھرجي. اُن لاءِ آءٌ کيس سنڌ لاءِ سر ڏيندڙ سورھين جي قطار ۾ پھريون ھيرو شمار ڪريان ٿو.
    ان کان پوءِ سنڌ 340 ورھيه غيرن جي غلاميءَ ھيٺ رھي، جيستائين وڃي سنڌ جي ھڪ سومري گھراڻي 1051ع ۾ وري سنڌ ۾ خالص سنڌي حڪومت قائم ڪئي.

    ڀڳو آءٌ نه چوان، ماريوسين وسھان،
    ڪانڌ مُنھن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونھان،
    ته پڻ لڄ مران، جي ھونس پُٺ ۾.
    (شاھه)


    دودو بن خفيف سومرو سوم

    چار تراريون چيلھ سين، ٻڌئين ٻه پاڳون،
    اڳين جون آگون، ڪانڌ قلعي ۾ موکيون.
    (شاھه)
    ...........................

    سنڌ تي راجا ڏاھر کان پوءِ جڏھين ڌارين جو قبضو ٿيو ته اھو دور 340 ورھيه ھليو. ان کان پوءِ سنڌ جي اصل رھاڪو سومري خاندان وري 1051ع سنڌ تي سندن تسلط قائم ڪيو، جن جي حڪومت اٽڪل ٽي سئو کن ورھيه ھلي.
    سومري قبيلي لاءِ ٻه روايتون مشھور آھن، ھڪ محض جذباتي آھي جنھن موجب ھن کي علوي خاندان جي عربي نسل مان شمار ڪيو وڃي ٿو.
    ھتي ڪجھ وقت کان عام دستور ٿي ويو ھو ته سڀڪو ماڻھو پاڻ کي زور مس ڪري وڃي عربن مان شمار ڪري، ان لاءِ ٻه ڪارڻ جوابدار ھئا. ھڪ ته عرب گھڻو وقت حاڪم رھيا ھئا، ٻيو ته ھاڻ ماڻھن جي اڪثريت مسلمان ٿي ويئي ھئي. ان ڪري مذھبي جذبي ھيٺ عرب سڏائڻ کي ھو فخر سمجھندا ھئا، ھنن کي ڪھڙي خبر ته عربن جا وڏا بدوي ۽ بت پرست ھئا. سندن وڏا آريه نسل مان راجپوت ۽ مھذب ھئا، پر مذھبي جنون سڀ ڪم ڪرايا ٿي. اسلام نسلن جا فرق مِٽائڻ آيو ھو نه ڪِن کي ڀلو ۽ ڪِن کي ڍلو بڻائڻ آيو ھو.
    رسول مقبول جو چوڻ ھو ته جنھن کي سندس عملن پوئتي ڌڪيو آھي ان کي سندس نسل اڳتي ڪري نٿو سگھي.
    ان ڪري مڪاني ماڻھن مان سومرن، سمن، بلوچن ۽ پٺاڻن سڀني تاريخ جي صحيح حقيقتن خلاف پاڻ کي عرب نسل مان سڏائڻ شروع ڪيو، اھو ڏوھه نه صرف رواجي ماڻھن کان سرزد ٿيو، پر سيد، پير، عالم ۽ مکيه قبيلا به انھيءَ جرم جا مرتڪب ٿيا.
    ٻي روايت آھي ته سومرا آريا نسل جي راجپوت شاخ مان ھئا. سندن قديم نالا، رسم رواج پوئين نظريه جي حمايت ڪن ٿا.
    ھنن جو دور حڪومت سنڌ لاءِ امن امان، تھذيب ۽ تمدن جو سبب بڻيو. سندن تخت گاھه محمد طور نزديڪ شاھه ڪپور جا تعلقه ميرپور بٺوري ۾ ميلن تائين نشان عظمت جو زندہ ثبوت ڏين ٿا.بدقسمتيءَ سان سنڌ جي انھيءَ سونھري دور جي پوري طرح تاريخ نه لکجي سگھي آھي. مختلف تاريخن جا چند ٽڪرا گڏي ڪجھ احوال معلوم ڪري سگھجي ٿو. ليڪن ھن ڳالھ جي ازحد ضرورت آھي ته ڪي محب وطن ان سموري مسئلي تي تفتيش (کوجنا) ڪري ان دور جي مڪمل تاريخ لکن. ان لاءِ وگھيه ڪوٽ، محمد طور ۽ ٻين سومرن جي دور وارن ڦِٽل شھرن جي کوٽائي، مختلف تاريخن جي مطالع، ڏند ڪٿائن، رسم رواج، رومانوي افسانن ۽ سماجي دستورن مان گھڻي معلومات ھٿ ڪري سگھجي ٿي.
    اھا حقيقت آھي ته سسئي پنھون، مومل راڻي، ليلان چنيسر ۽ عمر مارئيءَ جا قصا انھيءَ دور جا واقعا آھن. جن تي شاعرن خاص طرح شاھه عبدالطيف عليه رحمت سندس شعر ۾ انھن وسريل ڪھاڻين کي زنده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. اھو عام دستور ھوندو آھي ته شاعر اڪثري سندن ملڪ جي بھترين دور جي روايات زندہ رکڻ لاءِ چند مثالن کي وٺي طبع آزمائي ڪندا آھن.
    ھن قبيلي جي حب الوطني، ھمت غيرت ۽ قومي ڪردار جون روايتون زبان زد عام آھن. انھيءَ مان دودي ٽئين جي جوان مرديءَ، ھمت ۽ وطن دوستيءَ ھن قبيلي جو نالو روز روشن وانگر زندہ جاويد بڻائي ڇڏيو آھي. جنھن بابت چچ نامي جي لکڻ موجب ھن حاڪم 1331ع کان 1356ع تائين حڪومت ڪئي. ان جي دور حڪومت ۾ خانداني اختلافن ڪري ٻاھرين حاڪمن کي دست اندازي ڪري حمله آور ٿيڻ جو موقعو مليو.
    ان اختلاف جي ڪارڻ بابت ڏند ڪٿائن مان عام طرح ھيٺين آکاڻي مشھور آھي.
    چون ٿا ته دودي جي والد خفيف جي وفات بعد سندس ٻه فرزند گاديءَ لاءِ دعويدار ھئا. جن ۾ وڏو چنيسر ۽ ننڍو دودو ھو. چنيسر ڌارين عورت مان ھو ۽ دودو ڏاڏي پوٽيءَ مان ھو، ان ڪري سومرن سردارن گڏ ٿي وڏي پُٽ جو حق ريٽي دودي کي گاديءَ تي وھاريو.
    ان فيصلي تان چنيسر ناراض ٿي دھليءَ جي حاڪم وٽ ويو. عام مشھور اھو آھي ته ان وقت دھليءَ تي علاوء الدين خلجيءَ جي حڪومت ھئي. ان ھن جي دانھن ٻڌي سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي خيال کان سندس سپھ سالار، سالار خان جي ھٿ ھيٺ ھڪ وڏو ڪٽڪ سنڌ تي چاڙھي موڪليو.
    سنڌ جي حڪومت جي بنسبت دھليءَ جي حاڪمن جي معمولي حيثيت ھئي. انھن جي وڏي لشڪر سان چڙھائي ڪافي خوف پيدا ڪندڙ ھئي. دھليءَ جي سپھ سالار ويجھو اچڻ بعد سنڌ جي حاڪم دودي کي ٻه شرط وڌا، جن جي مڃڻ تي ھن جي جان آزاد ٿي سگھي ٿَي.
    پھريون شرط:- اھو ھو ته دھليءَ جي حاڪم جو حڪم مڃي وڏي ڀاءُ کي گاديءَ تي وھاريو وڃي.
    ٻيو شرط:- اھو ھو ته سندس ڀيڻ ٻاگھيءَ جو بادشاھه لاءِ سَڱ ڏنو وڃي.
    ان تي ھن جمله سومرن سردارن کي گڏ ڪري احوال پيش ڪيو. جن صلاح مشوري بعد گڏ ٿي اھو فيصلو ڪيو ته اُھي شرط مڃڻ سنڌ جي آزادي، ناموس ۽ قبيلي جي روايتن جي خلاف ھئا. جڏھين انھن اھو فيصلو ڪيو ته کين نتيجن جو پورو پتو ھو. ھو صرف لاڙ سنڌ جي ٽڪري جا حاڪم ھئا، جن وٽ ڪو مقرر ٿيل لشڪر ڪونه ھو. گھڻي ۾ گھڻو چار- پنج ھزار ماڻھو لڙائيءَ لاءِ گڏ ڪري سگھيا ٿي، جن کي ھٿيار مھيا ڪري ڏيڻ به ڏکيو ڪم ھون. ھوڏانھن دھليءَ جي حڪومت جي ويھ ھزار لشڪر گھوڙن، سٺن ھٿيارن ۽ تربيت يافته سپاھين سان مقابلو ڪرڻو ھو. اھا غير مساوي طاقتن جي لڙائي ھئي، کَٽڻ جو ڪوبه امڪان ڪونه ھو، ان ڪري ھنن پنھنجا ٻار ٻچا زالون ڪڇَ ۾ اَبل ابڙي سمي ڏي ڏياري موڪليون، پاڻ مڙس ٿي مقابلي لاءِ تيار ٿيا. ھاڻ سوال اٿندو ته ھنن حالتن مان واقف ھوندي به ڄاڻي واڻي ڇو موت منھن ڏيڻ قبوليو. ان جي جواب کي صرف اُھي ماڻھو سمجھي سگھندا جي قومن جي قومي ڪردار (Character) مان واقفيت رکندا ھوندا. ان وقت سنڌي ڪردار ۾ ڪي خاص خصوصيتون پيدا ٿي ويل ھيون، جھڙوڪ: 1- حب الوطني 2- قومي روايات جو لحاظ 3- غيرت 4- آزاديءَ جي ھوا 5- انصاف.
    انھيءَ جا مثال انھيءَ زماني جي آکاڻين مان ملي سگھن ٿا، جن کي شاھه لطيف عليه الرحمة ۽ ٻين شاعرن اسان تائين پھچائي ڇڏيو آھي، امر سومري، امر ڪوٽ جي حاڪم مارو قبيلي جي عورت مارئي زوريءَ آڻي ڪوٽ ۾ بند ڪري ھن کي راضي ڪرڻ لاءِ گھڻا حيلا ھلايا پر ھن نه وطن وساريو نه مارن جي پريت ڇڏي. امر سومري کيس راضي ڪرڻ لاءِ طرح طرح جا طعام آڇيا، ريشم ۽ زريءَ جا وڳا ڏيڻا ڪيا، محلن ۽ ماڙين ۾ رھايو. پر ھن جو روح نه ريجھيو، چي، “حيف تنين کي ھوءِ، وطن جن وساريو”؛ “مارو ڪيئن وھان مان وساري، عمر مرم مارن جو ٿو ماري”؛ “اي نه مارن ريت، جو سيڻ مَٽائن سون تي”. ھن وٽ ماڙين ۽ محلن کان پراڻا پکڙا وڌيڪ ھئا. ست رڇين طعامن کان ڏٿ ۽ ڏونرا زيادہ پيارا ٿي لڳا. سسئيءَ جي پنھونءَ لاءِ جبل جھاڳڻ، مومل جو راڻي لاءِ راتيون وھائي ڏينھن ڪرڻ، ليلان جو چنيسر کي ليلائي رضامند ڪرڻ جا قصا اُن زماني جي سنڌي ڪردار جي ساک ڀرين ٿا. امر سومري جو انصاف به مشھور آھي ته باوجود مارئي ڪيتري وقت تائين وٽس نظربند ھئي پر ھي سندس رضامنديءَ کان سواءِ ان جي ويجھو نه ويو، نيٺ موٽائي ملڪ موڪليائينس.

    جنھن قوم جي مَردن ۽ عورتن جو اھڙو ڪردار ھجي انھن کي خوف ۽ لالچ سندن ستيا ۽ سير کان مٽائي نٿا سگھن. سومرن جي اھا حالت ھئي جي سَنڱ ڏيئي جان ٿي آزاد ڪرايائون ته سَتن پيڙھين کي ٿي لڄايائون. جي ڌارين حاڪمن جي حُڪم تي پنھنجي پسنديدہ حاڪم کي گاديءَ تان لاٿائون ٿي ته سندن غيرت ۽ ھمت جي اھا ڳالھ خلاف ھئي، ان ڪري ھنن وطن جي عزت، آزادي، روايات جي برقرار رکڻ خاطر سر ڏيئي سرھو ٿيڻ کي ترجيح ڏني ۽ گيديءَ جي حياتيءَ کان عزت واري موت کي پسند ڪيو.

    امام حسين عليه السلام جي ساڳئي حالت ھئي، سندس طرف 70 ماڻھو زالن ٻارن سميت ھئا ۽ يزيد طرف ھزارھا لشڪر ھو.

    پر “سر داد نه داد دست بر دست يزيد”
    معنيٰ - سر ڏيڻ وڌيڪ پسند ڪيائين بنسبت ناحق اڳيان بيعت ڪرڻ جي.
    ھنن به سُنت حسينيءَ تي ھلندي فنا ٿي وڃڻ کي وڌيڪ پسند ڪيو. اھڙيءَ طرح ھنن سنڌين جي روايتن، غيرت ۽ حُب الوطنيءَ جي زندہ رکڻ لاءِ پاڻ کي قربان ڪرڻ پسند ڪيو. جيئن اسلامي تعليم کي زندہ ڪرڻ لاءِ امام حسين عليه السلام سر ڏنو تيئن سنڌي روايتن جي لڄ رکڻ لاءِ دودي سومري جي گروھه پاڻ موکيو. سومرن مان اڪثر مَرد ميدان تي مارجي ويا. سندن رھيل عورتن لاءِ چوڻ آھي ته دشمن جي ھٿ ھيٺ اچڻ کان راجپوتي دستور مطابق پاڻ جلائي ڇڏيائون. ڪن جو چوڻ آھي ته زمين ڦاٽي پيئي ان ۾ گھڙي ويون. ان جاءِ کي اڃا تائين ستين جو آستان سڏيو وڃي ٿو.
    ھوڏانھن ابڙي وٽ پھتل عورتن به جڏھين ڏٺو دھليءَ جو لشڪر ڪڇ ڏي ڪاھيندو ٿي آيو ته انھن پاڻ مارائي ڇڏيو.
    ان حڪايت بابت تاريخدانن جا مختلف رايا آھن، ڪن جو چوڻ آھي ته علاوالدين ۽ دودو سومرو ساڳي زماني ۾ نه ھئا وغيرہ. جيئن ته ھن گھراڻي جي دور حڪومت جي مستند تاريخ لکي نه ويئي آھي، ان ڪري تاريخي نقطه نگاھه کان ان بابت پوري حقيقت معلوم ڪرڻ ذرا مشڪل نظر پيو اچي. ليڪن ھيءَ ڳالھ پايه ثبوت تي پھتل آھي ته ٻاھرين دھليءَ جي لشڪر سان لڙندي دودي سومري خاندان ۽ قبيلي سميت قرباني ڏني. سندس تخت گاھه اجاڙ ٿي ويو. سندس اُن قربانيءَ سنڌ وارن جي دلين تي اھڙو اثر وھاريو جو اڄ تائين ڳوٺن ۾ ڀان ۽ ڀٽ ان واقعي جي آکاڻي ڳائيندا رھن ٿا. شاھه صاحب چيو آھي ته:-
    پنھون ڪارڻ پٻ ۾، مر مٿو ڏيئي،
    ته سرتيون سڀيئي، واکاڻئين ويٺيون.
    ان وانگر ھنن مقصدن خاطر سر ڏيئي پاڻ کي زندہ جاويد بنائي ڇڏيو. سنڌ جي شعر ۾ اھا پھرين رجزيه ۽ مرثيه واري شعر جي آکاڻي آھي.
    قومن جي اڪثريت ھميشہ بزدل، بي غيرت، ابن الوقت ماڻھن جي ٿئي ٿي. ليڪن ان ۾ ڪجھ اھڙا ماڻھو به پيدا ٿين ٿا جي ڏسي وائسي صرف مقصدن ۽ روايتن خاطر قربان ٿيو وڃن، شاھه سائين اھڙيءَ حالت لاءِ چوي ٿو:-
    ته ڪر ڪيئن مئي، جي سير نه گھڙي سھڻي،
    ھتي حياتيءَ ڏينھڙا، ھڏھين تان نه ھڻي،
    ھوئين ھوند مئي، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.
    (شاھه)
    ھھڙن با ھمت، با غيرت، ملڪ جي عزت ۽ ناموس، آزادي ۽ قومي روايتن جي حفاظت لاءِ لڙي پاڻ قربان ڪندڙن تي سنڌين کي واقعي فخر ڪرڻ ۽ انھن جي يادگار ملھائڻ جو حق آھي.
    پر چوڻي آھي ته صحيح راءِ ۽ حق تي ھلڻ ته جدا ڳالھ آھي پر انھن ماڻھن جي سڃاڻپ ۽ قدرداني به ٿورن ماڻھن کي ٿئي ٿي. دنيا جي چاليھ ڪروڙ مسلمانن مان پنج سيڪڙو به امام حسين عليه السلام جو يادگار مس ملھائيندا آھن.
    ھن وقت جڏھين اسان تاريخ جي نھايت مشڪل دور مان لنگھي رھيا آھيون. اسان جي سياسي آزادي ختم ڪئي ويئي آھي، اقتصادي حالت تي اثرانداز ٿيڻ کان رھي نه سگھي آھي. اسان جي ڪلچر ۽ زبان تي وار ٿي رھيا آھن. ان وقت اھڙي قسم جي سپوت ۽ سورھين جا قصا ۽ ڪھاڻيون عوام تائين پھچائڻ ۽ سندن ياد تازي ڪرڻ ، قومي غيرت، ھمت ۽ جذبه آزاديءَ کي زندہ ڪرڻ جي برابر آھي.
    دودو سومرو ۽ اُن جو قبيلو راجا ڏاھر کان پوءِ ٻيو سنڌي شھيد آھي، جنھن جي ڪارنامن تي سنڌين کي ناز ڪرڻ جو پورو حق آھي.
    ھن واقعي کان پوءِ به سومرن جي حڪومت ڪجھ وقت لاءِ رھي. پر ايترين قربانين سندن طاقت ڪمزور ڪري ڇڏي ھئي. جنھنڪري ٿوري وقت کان پوءِ انھيءَ قبيلي جي ھمير نالي حاڪم کي سَمن قتل ڪري حڪومت تي قبضو ڪيو. سما به سنڌ جا رھاڪو ۽ راجپوت نسل مان ھئا.
    *****


    نواب دولهه دريا خان عرف نواب مبارڪ خان

    سومرن جي حڪومت ڪمزور ٿيڻ بعد انھن جي آخري حاڪم ھمير کي سَمن قتل ڪري ان جي جاءِ تي سندن سردار اُنڙ پٽ ڀنڀه کي ڄام جو لقب ڏيئي سنڌ جي گھڻي ڀاڱي تي حاڪم مقرر ڪيو. جيئن ته سنڌ جي ٻنھي بھترين گھراڻن جي مستند تاريخ اڃا تائين لکي ڪانه ويئي آھي، ان ڪري انھيءَ جي حڪومت جو تفصيلي احوال معلوم نه ٿي سگھيو آھي. پر چچ نامي ۽ تاريخ تحفته الڪرام وغيرہ جي مختلف روايتن جي بنا تي 1360ع کان پوءِ ان گھراڻي جي شروعات شمار ڪري سگھجي ٿي. جا 1520ع تائين ھلي اٽڪل 160 ورھيه کن حڪومت ڪيائون. ان عرصي ۾ سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ انھيءَ قبيلي جي سردارن جو تسلط ھو جي ننڍين رياستن وانگر اندروني طور آزاد ھئا ليڪن سڀئي سلامي وڏي حاڪم ڄام جي ڀريندا ھئا.
    اھو دور به سنڌ لاءِ امن امان، ترقي ۽ تمدن جو باعث رھيو آھي. انھن جي دور حڪومت ۾ ڪيئي وڏا ڳوٺ ٻَڌا، علم پکڙيو، ھنر زور ورتو، قومي روايتون ۽ دستور به قائم رھيا. سنڌ جي غيرت، روايات، حب الوطني ۽ آزاديءَ جي حفاظت لاءِ سومرن پاڻ ملھايو ته سَمن وري تھذيب ۽ تمدن کي زور وٺائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ھِن قبيلي ۾ به ڪيترا ئي نامور حاڪم پيدا ٿيا جن مان ڄام تماچيءَ جو نالو خاص مشھور آھي. جنھن جي ڪينجھر جي مھاڻيءَ نُوريءَ سان رومانس جي قصي کي شاھه لطيف نھايت عمدہ پيرايه ۾ بيان ڪري انھيءَ دور جي عمدہ تصوير ڪڍي آھي.
    چوڻ ۾ اچي ٿو ته انھن ڏينھن ۾ سنڌ ۾ امن امان، آباديءَ ۽ ھنر جي زور وٺڻ ڪري آسودگي اچي ويئي ھئي. مدرسه به کليل ھئا. ھي حاڪم عالمن، شاعرن ۽ راڳ جي مجلسن ۽ شڪار لاءِ اڪثر ڪينجھر جي ڍَنڍ تي تفريح لاءِ ويندو ھو جتي پر لطف مجلسون ٿينديون ھيون. عمديون ٻيڙيون انھن جا رنگارنگي سڙھه ۽ ساز سامان مجلس جي رونق کي وڌائيندڙ ھئا. ڪينجھر جو نظارو نھايت عمدہ ھو. شاھه صاحب اُن لاءِ فرمائي ٿو:-

    ھيٺ جر مٿي مڃر، ڪنڌيءَ ڪونر ٽڙن،
    ور ٿي واھوندن، ڪينجھر کستوري ٿئي.
    (شاھه)
    اھڙيءَ طرح گھمندي ھن جي نُوريءَ نالي عورت تي نظر پئجي ويئي. ھوءَ ھٿين پيرين آرکيڻن ھئي. ھن جي من ۾ گيرب ۽ گاءُ نه ھو. تنھن جي نيڻن راءَ کي ريجھائي ڇڏيو. نيٺ سَمي سڃاڻي ٻيڙو ٻانھن ۾ ٻڌي کڻي راڻين ۾ شمار ڪيس پوءِ ته ڄام مُھاڻن تان مڙئي محصول معاف ڪري ڇڏيا ۽ اڪثري ڪينجھر جي ڪناري مجلسون ۽ محفلون ٿينديون رھنديون ھيون. اتي ماڙي ٺھرايائين. سندن قبرون مڪلي ٽڪريءَ تي شيخ حماد جماليءَ جي مقبري جي ھيٺان آھن.
    ان کان پوءِ انھيءَ گھراڻي جو ٻيو مشھور حاڪم ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو بن ڄام ڀنڀه ٿيو. ھي 866ھ مطابق 1462ع تي تخت تي ويٺو. سندس ڏينھن ۾ حڪومت اتر طرف وڌي بھاولپور تائين پکڙي الھندي طرف سبيءَ تائين مطلب ته ساري موجودہ سنڌ سندس قبضي ۾ ھئي. ھي پاڻ وڏو عالم ھو. عالمن، درويشن جي صحبت کي پسند ڪندو ھو. نھايت اعليٰ منتظم، مصنف مزاج ۽ سخي ھو. ھن جي حڪومت 48 سال ھلي. ان وچ ۾ نھايت امن امان قائم ٿيڻ ڪري ملڪ ترقي ڪئي. ھن اڳيون ساموئي يا سما نگر ڇڏي ان جي ٽن ميلن جي مفاصلي تي موجودہ ٺٽي جو شھر نئين سر ٻَڌايو. جنھن ٿوري وقت اندر مدرسن، واپار، ڪارخانن، عالمن وغيرہ ڪري نھايت زور ورتو. اھو سَمن جي اوج جو دور ھو.
    نواب دريا خان ھن منصف مزاج، منتظم ۽ مردم شناس حاڪم جو وزير اعظم ھو. ان بابت چوڻ ۾ اچي ٿو ته اصل ۾ ھي ڄام صاحب جي وزير لکمير وٽ نوڪر ھو. سندس اصل نسل جو پورو پتو نٿو پوي. سندس اوائلي نالو قبوليو ھو. ھڪ دفعي ڄام نندو شڪار تي نڪتو، ساڻس وزير لکمير به گڏ ھو. رستي تي ڄام صاحب کي اڃ لڳي. ڄام صاحب جو نوڪر پري ھو ان ڪري قبولي ڇوڪري کيس پاڻي آڻي ڏنو. ڄام صاحب ڏٺو ته ان ۾ ڪي ڪک پيل ھئا. ان بابت ھن کان ڄام صاحب سبب گھريو. ھن جواب ۾ ٻڌايس ته قبلا جن کي سخت اُڃ ھئي يڪدم پاڻي پي سواري ڪن ھا ته طبيعت تي خراب اثر پوي ھئا. ان ڪري ڪَک وجھي ڏنم ته سائين جن پاڻي آھستگيءَ سان پين. سندس اھڙي عقل واري جواب کان ڄام صاحب متاثر ٿي کيس پاڻ وٽ نوڪر ڪري رکيو. جتي آھستي ٿي ترقي ڪندو تعليم ۽ تربيت حاصل ڪرڻ بعد لياقت ۽ ايمانداريءَ ڪري پھرين وزير ۽ پوءِ وزير اعظم جي درجي تي پھچي نواب خان اعظم ۽ فرزند خاص جا لقب جا حاصل ڪيا کيس فوجن جي سپھ سالاري به ملي. ھاڻ نواب دريا خان عرف نواب مبارڪ خان جي نالي سان سڏجڻ لڳو. ھي انھيءَ عرصي ۾ سنڌ جي مڪاني بد امنين دور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ان ڪري ساري صوبي جي حڪومت گھڻي وقت تائين نھايت امن امان ۽ خوش اسلوبيءَ سان ھلڻ لڳي.
    انھن ڏينھن ۾ بابر بادشاھه سمرقند کان نڪري اچي قابل ۾ ديرو ڄمايو ھو. شاھه بيگ ارغون ان جي خوف کان ٻئي ملڪ وسائڻ جي خيال کان سنڌ تي سندس ڀاءُ ميرزا سلطان محمد جي ھٿ ھيٺ لشڪر چاڙھي موڪليو، جن آگرہ، چانڊڪا، منديجا ۽ ماڇين جو ڪوٽ اچي ڦريا ۽ لٽيا. ان خبر پوڻ تي ڄام نندي وڏو لشڪر نواب دريا خان جي ھٿ ھيٺ ان جي مدافعت ڪرڻ لاءِ چاڙھي موڪليو. جنھن ھلوڪر ڳوٺ وٽ پھرين جنگ ۾ ارغونن جي لشڪر کي شڪست ڏني. جنھن ۾ شاھه بيگ جو ڀاءُ سلطان محمد مارجي ويو. باقي سندس بچيل لشڪر قنڌار ڏانھن ڀڄي ويو. اھا معمولي ڪاميابي ڪانه ھئي. افغانستان کان ايندڙ سپاھين جو ھندوستان ۽ سنڌ تي ڌاڪو ويٺل ھو. انھن کي اھڙي شڪست فاش ڏيڻ ڪري وري ڄام نندي جي حياتيءَ ۾ ارغونن سنڌ ڏي رُخ نه رکيو. اھو نواب دريا خان جي بھادري ۽ قابليت جو کُليل ثبوت ھو.
    انھن ڏينھن ۾ ھڪ ٻيو واقعو سرزد ٿيو. جتوڻيڪ ظاھر ۾ خاص اھميت رکندڙ نه ھو پر اُن مان نواب دريا خان جي سياسي دانشمندي ۽ معامله فھميءَ جو پتو پوي ٿو.
    سيد محمد ميران شاھه 847ھ ۾ جونپور جي شھر ۾ پيدا ٿيو، جو علم پڙھي وڏي لياقت جي درجي تي پھتو ھو. پوءِ روزا، زھد، تقويٰ ۽ وظائف جي ذريعي صاحب ڪمال ٿيو. سندس معتقدن جو چوڻ آھي ته ھڪ دفعي حسب معمول پنھنجي ورد وظائف ۾ مشغول ھو ته کيس اھو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته “تون مھدي آھين” آخر اھو آواز مسلسل ٻڌڻ بعد ھن کي سندس مھديپڻي جو يقين ويھي ويو. مسلمانن جي ھڪ گروھه ۾ گھڻي وقت کان اھو عقيدو رھندو پئي آيو آھي ته آخر زمان ۾ امام مھدي پيدا ٿيڻ وارو آھي جو ساري دنيا جي مسلمانن کي متحد ڪري دنيا تي غلبه اسلام لاءِ بيعت وٺي جھاد ڪري ساري دنيا کي زوريءَ يا خوشيءَ سان اسلام جي دائري ۾ آڻيندو. انھيءَ طرح سان اسلام جي پيدا ٿيڻ جي مشن ته اسلام، انسانذات جي وچ ۾ اتحاد، امن ۽ ترقي آڻيندو مڪمل ٿيڻ واري آھي.
    اھو عقيدو صرف مسلمانن ۾ ويٺل نه آھي پر قريباً ھر عالمگير مذھب جي ڪن گروھن ۾ گھڻي وقت کان سندن نشاط ثانيه لاءِ ويٺل آھي ته منجھان ڪو ماڻھو پيدا ٿي انھيءَ مذھب کي ساري دنيا ۾ رائج ڪندو. ھندن مان ڪن ۾ وشنو مھاراج جي نئين سر اوتار ٿي اچڻ بعد ھندن جي دنيا تي تسلط ويھڻ جو اعتقاد ويٺل آھي.
    اھڙي طرح حضرت عيسيٰ جي وري پيدا ٿي دنيا کي دين مسيحي تي آڻڻ جو عقيدو به ڪن عيسائين ۾ ويٺل ھو. ان عقيدي کي مدنظر رکي دنيا جي مسلمانن ۾ ڪيئي ماڻھو اھڙي دعويٰ ڪندي پيدا ٿي ماڻھن ۾ وقتي اتحاد ۽ جوش جاڳائي وري ختم ٿي ويا. آءٌ ڪيترا دفعا پنھنجي تحريرن ۾ ٻڌائي آيو آھيان ته مُلا جي مذھبي تشريح واري اسلام ۾ دنيا تي غلبه اسلام جو تخيل ڪن مسلمانن تي گھڻي وقت کان ويٺل آھي. ڪن خلافت کي ان جو مرڪز بڻائي انھيءَ مقصد جي حصول لاءِ ڪوشش ڪئي، ڪن مجدد بڻجي دين کي نئين سر زندہ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪيترا مھدي سڏائي تبليغ ۽ جھاد ذريعي اسلام جي فروغ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳا، ڪن ھاڻ اُن کي پين اسلام ازم جي تحريڪ سڏي ان ڏَس ۾ مسلمانن کي متحد ڪرڻ جو آواز اٿاريو آھي. مطلب ته اھو عقيدو مختلف شڪلين ۾ مسلمانن اڳيان پيش پئي ٿيو آھي. مصر ۾ مھدوي حاڪمن جي تحريڪ شيعن جي ھڪ گروھه ۾ ٻارھين امام جي گم ٿي وري آخر زمان ۾ پيدا ٿيڻ جي اميد، شيخ سنوسي جي تحريڪ، مھدي سوڊاني جي تحريڪ سڀ انھيءَ تخيل جي پيداوار آھن جنھنجو پرچار سيد محمد ميران شاھه جونپوري ڪيو ٿي.
    ڪيترا ويساہ وسوڙل ماڻھو اڃا تائين انھيءَ اميد تي پيا ھلن ليڪن اھا به حقيقت آھي ته مسلمان درويشن، عالمن ۽ سياستدانن جو ھڪ اھڙو گروھه به پئي رھيو آھي جنھن کي نه اسلام جي اھڙي تشريح ۾ اعتقاد رھيو آھي، نه انھيءَ قسم جي تحريڪن کي ممڪن العمل ۽ صحيح سمجھيو اٿن. ھن زماني ۾ علم ۽ سائنس جي واڌاري ڪري شايد اھڙا گھڻا ماڻھو نڪرن جي اھڙن فريب ده عقيدن ۾ ويساھه نه رکن. ليڪن سنڌ جھڙي پٺتي پيل ملڪ ۾ پنج سو ورھيه اڳ اھڙا ترقي پسند خيال ته اھو عقيدو غلط ۽ اڻ ٿيڻ جوڳو آھي. حڪومت جي ھڪ مدبر نواب دريا خان طرفان ظاھر ٿيڻ غير معمولي ڳالھ ھئي.
    نائين صدي ھجريءَ جي آخر ۽ ڏھين صدي وارو زمانو ھندوستان اندر بدامني ۽ طوائف الملوڪيءَ جو ھو. باشاھيون ٺھنديون ۽ ڊھنديون رھيون ٿي. اھڙي ڪا مرڪزي حڪومت باقي نه رھي ھئي جو ھندوستاني مسلمانن جو شيرازو درست ڪري غلبه اسلام آڻي. حق تي ھلندڙ عالمِ دين گھٽ ٿي ويا ھئا. پيران طريقت جي بد عملن ڪري مسلمانن ۾ گمراھي پيدا ٿيڻ لڳي ھئي. اھڙين حالتن ھيٺ سيد صاحب جي نئين پيغام ۽ تحريڪ ماڻھن تي چڱو اثر پيدا ڪيو. ٿوري وقت اندر ھزارھا ماڻھو سندس حلقه اثر ھيٺ داخل ٿي ويا، ۽ ڪيترن ملڪن جا مسلمان حاڪم به سندس مريديءَ جي دائري ۾ داخل ٿي ويا. انھيءَ تحريڪ جا مکيه اصول ھيٺيان ھئا.
    1. حجرت ڪرڻ:- سندن چوڻ ھو ته جيستائين ماڻھو قيدِ وطن کان آزاد ٿي گھر ٻار جو آسانگو لاھي، لڳ لاڳاپا ڇڏي مھدوي تحريڪ ۾ شريڪ نه ٿيو آھي ان وقت تائين منجھس ڪا وڏي اميد رکڻ اجائي ھئي. ان راھه ۾ ترڪ وطن ضروري ھو. موجودہ زماني ۾ علامه اقبال جو وطن کي بُت سڏي، نظريه جي بنياد تي بين الاقوامي لاڳاپن جي جدا قوم بڻائڻ، ڪم و بيش ان ساڳي تخيل جي پيداوار آھي.
    2. ترڪ مال:- سندن رايو ھو ته غلبه اسلام جي راھه ۾ ٻي جا رنڊڪ ھئي سا شخصي مال ۽ ملڪيت جي محبت ھئي. ان ڪري ان تحريڪ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ھر پوئلڳ جو فرض ٿيو پوي ته ھو ساري ملڪيت مھدوي تحريڪ جي حوالي ڪري غلبه اسلام جي لاءِ، ڪم آڻڻ ۾ مدد ڪري.
    3. جھاد:- ٽيون شرط انھيءَ تحريڪ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اھو ھو ته ان جو پوئلڳ سڀ لاڳاپا لاھي سر تريءَ تي رکي خوف خطرا ڦٽا ڪري تلوار ھٿ ۾ کڻي مھديءَ جي حُڪم تي غلبه اسلام لاءِ لڙي.

    مذھب جي نالي ۾ ماڻھن کي استعمال غرضي (ايڪسپلائٽ) ڪرڻ جا تاريخ ۾ ڪيترائي مثال ملن ٿا. يورپ جون صليبي جنگيون ان جو مثال آھن، جتي نيٺ گھڻي غور فڪر ۽ تجربي بعد ماڻھو ان نتيجي تي پھتا ته ڪنھن ھڪ مذھب کي آخري ۽ مڪمل سمجھي، دنيا تي زوريءَ مسلط ڪرڻ جو خيال فرسودہ ۽ خود فريبيءَ کان مٿي نه ھو. سڀني مذھبن پٺيان بنيادي وحدت سمايل ھئي. جنھن جو مقصد اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقي ۽ فلاح بني آدم ھئا. اھي مقصد محبت، تاليف القلوب، اھنسا ۽ باھمي سمجھوته، اخلاقن جي درستي ۽ نفسي اصلاح جي ذريعي حاصل ٿيڻا ھئا، نه ڪجھ عقيدن ۽ دستورن جي مذھب کي جھاد ذريعي دنيا تي زوريءَ مسلط ڪرڻ سان.
    جڏھين سيد ميران محمد شاھه سنڌ ۾ آيو ته ڪيترا ويساھه وسوڙل ۽ پراڻي خيال جا عالم ۽ ماڻھو ان تحريڪ جي طرف ڇڪجي ويا ۽ ان جي حلقه اثر ۾ اچڻ لاءِ آمادہ ٿيا. سيد صاحب جڏھن ٺٽي ۾ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي وٽ آيو ۽ سندس تحريڪ جي مقصدن کان واقف ڪري کيس پنھنجي حلقه اثر ھيٺ آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳو ته ان وقت نواب دريا خان صحيح راءِ قائم ڪري ڄام صاحب کي ھن جي حلقه اثر ۾ اچڻ کان روڪي ميزبانيءَ جا فرضَ ادا ڪري جلد بنا مطلب حاصل ڪرڻ جي کيس اجازت ڏيئي روانو ڪري ڇڏيو. ان مان نواب دريا خان جي قوم پرست خيالن ۽ سياسي تدبر جي پختگي معلوم ٿئي ٿي.
    جيتوڻيڪ ڄام صاحب جي درٻار سان تعلق رکندڙ قاضي قاضن ۽ ٻيا ھن جا معتقد بڻجي ويا.
    ھتي ھيءَ ڳالھ ڪرڻ به ضروري آھي ته نواب دريا خان کي ڄام صاحب طرفان ڳاھن جي ڀر ۾ موجودہ ٽلٽي جي ويجھو جاگير مليل ھئي، جتي سندس فرزند رھندا ھئا، ۽ پاڻ به اڪثر اوڏانھن ويندڙ ھو.
    اتي جو مخدوم بلاول عليه الرحمة سمه خاندان مان ھو باغبان ۾ رھندو ھو. نواب صاحب ان جو عقيدتمند ۽ صحبتي ھو. تنھنڪري مخدوم صاحب جا سڀ خليفا ۽ خاص ڪري سيد حيدر عليه الرحمة سَن وارو نواب صاحب جا دوست ۽ واقفڪار ھئا. خوش قسمتيءَ سان مخدوم صاحب ۽ سندس حلقه اثر جا درويش به نواب صاحب جا ھم خيال ھئا. اھو پتو پوڻ مشڪل آھي ته اھڙا خيال نواب صاحب جي اثر ڪري مٿين درويشن تي پيا ھئا يا انھن جي صحبت نواب صاحب کي انھيءَ خيال جو بڻايو ھو.
    سيد ميران محمد شاھه ڄام صاحب کان رخصت ياب ٿي ٻيڙين جي قافلي ذريعي درياھه رستي سنڌ ۾ سندس تحريڪ جي تبليغ ڪندو سکر طرف افغانستان ڏي وڃڻ لاءِ روانو ٿيو.
    مخدوم بلاول عليه، سيد عبدالرزاق لڪياري ۽ نواب صاحب ان تحريڪ کي ملڪي سالميت ۽ قومپرستيءَ جي اصولن خلاف سمجھي مشورو ڪري سيد حيدر عليه سَن واري ھٿان سيد ميران محمد شاھه جي ٻيڙين جي قافلي کي ٻوڙائي ڇڏيو. جنھنڪري سيد صاحب سندس تحريڪ لاءِ حالتون ناسازگار ڏسي سنڌ ۾ وڌيڪ تبليغ بند ڪري سڌو خشڪيءَ رستي افغانستان ھليو ويو. ان جو وڌيڪ احوال مخدوم صاحب جي زندگيءَ ۾ ڏنو ويندو.
    سنڌ ۾ بدقسمتيءَ سان ڄام نظام الدين صاحب 914ھ مطابق 1508ع تي وفات ڪئي. سندس وفات مھل ڄام صاحب نواب صاحب کي پُٽ جي پارت ڪئي.
    ان کان پوءِ ڄام فيروز ۽ ڄام صلاح الدين ڄام سنجر جي پوٽي جي وچ ۾ گاديءَ تان تڪرار ٿي پيو جنھن ۾ نواب دريا خان جي مدد سان ڄام فيروز ڪامياب ٿيو. جنھن تي ڄام صلاح الدين گجرات طرف سندس ناٺي سلطان مظفر وٽ رھڻ لڳو.
    ڄام فيروز نوجوان ھو، گھڻو وقت راڳ روپ ٻڌڻ، ڇوڪرين جي ناچ ڏسڻ، مسخرن جي صحبت ۽ ٻين اھڙي قسم جي عياشي ڪمن ۾ گذاريندو ھو.
    حڪومت جو ڪاروبار سمورو نواب دريا خان جي مٿان وڃي پيو. پيدائش جي زيادہ ٿيڻ ڪري شاھي خاندان جا فرد ۽ دربار سان لاڳاپي وارا ماڻھو فضول خرچ ۽ ڇڙواڳ ٿي ويا ھئا. جن جي ڪارگذارين تي نواب صاحب کي سختي ڪرڻي پيئي. ان تي ڄام صاحب ۽ نواب صاحب جي وچ ۾ شڪر رنجي ٿي پيئي. تنھنڪري وزارت مان استعفا ڏيئي اچي سندس جاگير ڳاھن ۾ رھڻ لڳو. ان کان پوءِ ڄام فيروز جي رنگ رلين تي نظر ڪرڻ وارو ڪونه بچيو. ڄام فيروز ان تي بس نه ڪئي پر نواب صاحب جي طاقت ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪيبڪ ارغون ۽ ٻين ٻاھرين ماڻھن کي نوڪريءَ ۾ رکيو. ڄام فيروز ھڪ خاص محله انھن جي رھڻ لاءِ مقرر ڪيو جو مغل واڙو سڏجڻ ۾ ايندو ھو.
    انھن حالتن کي ڏسي انھن مغلن مان مير قاسم ڪيبڪ شاھه بيگ ارغون کي لکي موڪليو ته ڄام جي حڪومت ڪمزور ٿي ويئي آھي، ڄام صاحب سندس عياشين ۾ مشغول آھي. نواب دريا خان ھن کان جدا ٿي ويو آھي، ميدان خالي اٿئي، موقعي مان فائدو وٺڻ گھرجي. ان تي شاھه بيگ ارغون وري سنڌ تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا. پھرين سکر، پوءِ سيوھڻ فتح ڪيا. آخر ۾ ٺٽي تي ڪاھي ويو. تڏھين ڄام صاحب جي اک کلي، ھن نواب صاحب کي گھرائي ورتو. حالتون خراب ٿي چڪيون ھيون. باوجود ان جي نواب صاحب آخر دم تائين سنڌ جي آزادي، ناموس ۽ عزت خاطر لڙندو رھيو ۽ شھيد ٿيو. لڙائي ھلندي ڄام فيروز ڀڄي وڃي پير پٺي طرف لڪو جتان آخر شاھه بيگ کي رحم جي درخواست ڪري معافي وٺي صلح جا شرط قبولي ارغونن جي تابع ٿي ھڪ محدود ٽڪري تي رھڻ لاءِ رضامند ٿيو.
    نواب صاحب سنڌ جي آزاديءَ خاطر سر ڏيندڙ، سورمن، مدبرن ۽ صحيح رايا رکندڙ محب وطن مان مکيه ھو. ان کي تنھنڪري سنڌ لاءِ شھيد ٿيندڙن ۾ ٽيون نمبر شمار ڪريون ٿا.
    ان جي مزار سندس مربي ڄام نظام الدين جي الھندي طرف مڪلي ٽڪريءَ تي آھي.
    سنڌ جو مشھور مورخ سيد حسام الدين راشدي مڪلي نامه ۾ سندس لاءِ ھيٺين خيالن جو اظھار ڪري ٿو: “نواب دريا خان ابتدا ۾ لاوارث ڇوڪرو ھو. بادشاھه منجھس ڪارڪردگيءَ جا جوھر ڏسي پاڻ وٽ آڻي اعليٰ تربيت ۽ تعليم ڏيئي معمولي درجي جي ملازم جي درجي تان مٿي چاڙھي کيس وزير اعظم جي درجي تي آندو. سنڌ جي فوجن جي سپھ سالاري به سندس حوالي ڪئي. مبارڪ خان، خان اعظم جا خطاب ڏيئي سندس مرتبو بلند ڪري آخر کيس پنھنجي فرزندي جي لقب سان سرفراز ڪري عروج ۽ اقبال جي آخري منزل تي پھچايو.”
    مردم شناس سلطان جي منتخب ڪيل ماڻھو، سندس ڪارڪردگي سبب بادشاھه جي زندگيءَ ۾ نمڪ حلالي ۽ جفاڪشي ڪندي سموري سلطنت جو ڳاٽ اوچو رکيو. بلڪ سندس وفاتيءَ کان بعد به اھو اڪيلو امير ھو جنھن سنڌ جي آزاديءَ لاءِ مسلسل جدوجھد جاري رکي، پنھنجي جيئري مغلن کي ٺٽي ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو. اول ۾ درہ بولا خان وٽ پھچي کين شرمناڪ شڪست ڏيئي پٺتي ھٽايو. آخر ۾ ٺٽي جي چانئٺ وٽ لڙندي وڙھندي تير تلوارون ھڻندي ۽ کائيندي پنھنجو سر صدقو ڪري ڇڏيو.
    ان کان پوءِ “خرابي سنڌ” جو باب کُلي پيو. جنھن نه صرف ٺٽي پر ساري سنڌ لاءِ غيرن جي غلامي جو رستو ھموار ۽ صاف ڪري ڇڏيو. اھو واقعو 926ھ مطابق 1420ع تي سرزد ٿيو.”
    ان کان پوءِ سنڌ 1131ھ مطابق 1719ع تائين غيرن جي غلاميءَ ھيٺ رھي. جنھن کي ميان نور محمد ڪلھوڙي جي ڏينھن ۾ مٿي کنھڻ لاءِ فرصت ملي. پر سندس ڏينھن ۾ نادرشاھه جي ڪاھه وري سنڌي حڪومت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو.
    حق ته اھو آھي ته ھھڙي بھادر، سرويچ، مدبر شھيدِ سنڌ جون سال بسال ورسيون ملھائي يادگار قائم ڪريون پر جنھن صورت ۾ سنڌ وري غيرن جي غلاميءَ ۾ وڃي چڪي آھي ۽ ھر غلامي قومي غيرت، حميت، جذبه آزادي، ڪمزور ڪري ڇڏي ٿي. تنھنڪري نوجوانن جي ايمان تازي ڪرڻ لاءِ سندس حياتيءَ جو احوال لکي وٽن پيش ڪريان ٿو.
    بنا ڪردند خوش رسمي، بخون و خاڪ غلطيدن،
    خدا رحمت ڪند اين، عاشقان پاڪ طينت را.
    معنيٰ: خدا رحمت ڪري انھن پاڪ صفت عاشقن تي جن پنھنجا رت ھاري سندن بھادري ۽ قربانيءَ جا مثال قائم ڪري ڇڏيا آھن.
    وري پير حسام الدين شاھه مڪلي نامه ۾ لکي ٿو:-
    “نواب دريا خان سنڌ کي ھر لحاظ سان مضبوط ۽ محڪم ڪيو. ان جي فوجي، سياسي، خواہ سماجي ۽ اقتصادي صورت کي اھڙيءَ ڪڙيءَ تي بيھاريو جو مورخن جو متفق چوڻ آھي ته اھڙو زمانو سنڌ نه پھرين ڏٺو نه پوءِ . انھيءَ ۾ تعميري، رفاھي صلاحيتن سان گڏ منجھس آزادي ۽ وطن پرستيءَ جو جيڪو رنگ ھو اھو سنڌ جي تاريخ ۾ کيس ھميشہ زندہ ۽ پايندہ رکندو. سر جا سانگا لاھي وطن کي ڌارين جي قبضي کان آزاد رکڻ لاءِ ھن جيڪا جدوجھد ڪئي اھو حقيقتاً وطنيت جي تاريخ ۾ مثالي آھي.
    سندس سمورو خاندان انھيءَ رنگ ۾ رتل ھو. سندس سڀيئي پُٽ وطن دوست، آزادي پسند، جري جوان ۽ بھادر ھئا. علاو الدين منجھان عالم نڪتو. محمود خان ۽ موٽڻ خان سپاھي مرد ھئا. پڇاڙيءَ سوڌو ارغونن سان خوب وڙھيا. سارنگ خان چوٿون نمبر فرزند ھوس جو به پنھنجو مَٽ پاڻ ھو.

    (مڪلي نامه: پير حسام الدين راشدي)

    ********


    [مخدوم] شاھه بلاول بن ڄام حسن سمون عليه رحمت باغبان

    سوريءَ سڏ ڪيو، ڪا ھلندي جيڏيون،
    وڃڻ تن پيو، نالو نينھن ڳنھن جي.
    (شاھه)
    ..................

    مخدوم صاحب جي زندگيءَ جو قلمبند ٿيل پورو احوال ملي نه سگھيو آھي. ليڪن ڏند ڪٿائن مان ايترو معلوم ٿئي ٿو ته ھو ذات جو سمون ۽ ٺٽي جي شاھي خاندان سان واسطو رکندڙ ھو. جنھن ڪري کيس اڃا تائين “سمون سردار” جي لقب سان سڏيو ويندو آھي. سندس ڄم جي تاريخ ملي نٿي سگھي پر غالباً نائين صدي جي پوئين اڌ ۾ ڄائو ھو. انھن ڏينھن ۾ تعليم جا مکيه مرڪز ٺٽو، سيوھڻ، پاٽ، ٽلٽي وغيره ھئا. ھن ابتدائي تعليم ٽلٽيءَ جي ڳوٺ ۾ مخدوم عمر وٽ اچي حاصل ڪئي. شادي به اتي ڪيائين. پوءِ ٿوري پنڌ تي باغبان جي ڳوٺ ۾ اچي رھڻ لڳو جتي سندس مزار آھي. معلوم ائين ٿئي ٿو ته ھو مذھبي علم ۾ تفسير ۽ حديث ۾ خاص ماھر ھو. جنھن ڪري پري پري پنڌ تان طالب العلم وٽس علم پرائڻ ايندا ھئا. شروع کان وٺي سلسله طريقت ۾ دلچسپي وٺندو رھيو. سندس شجره طريقت ھٿ نه اچي سگھيو آھي. پر غالباً سھروردي طريقه سان تعلق ھوس. ھي انھيءَ وقت جي مکيه صاحب طريقت بزرگن مان ھو. جنھنجو ثبوت مخدوم نوح عليه رحمة جي پوٽي ميان غلام رسول صديقيءَ جي لکيل ڪتاب دليل الذاڪرين مان ملي ٿو. جنھن ۾ ھو ڄاڻائي ٿو ته سنڌ ۾ ان وقت ٽي مکيه طريقت جا ادارا ھئا. 1- قلندر لعل شھباز عليه 2- مخدوم بلاول عليه 3- مخدوم نوح عليه. مخدوم بلاول عليه رحمة جا ڪيئي مکيه خليفا ھئا جن جي ذريعي ملڪ جي مختلف ڪُنڊن ۾ سندس طريقه تصوف جا درس ماڻھن کي ملندا رھيا. انھن مان مکيه ھيٺيان ھئا.
    1. مخدوم ساھڙ عليه النجار، مقبرہ ويجھو انڙ پور. جنھن کان سيد رڪن الدين عليه رحمة مٽياري فيضيافته ٿي مٽياري سيدن جي خاندان تي اثر انداز ٿيو.
    2. سيد حيدر عليه سنائي، مقبرہ سن ۾. جنھن جي خليفن ڇڇرن جي ڳوٺ کان کماڻن تائين ۽ جبل ۾ سندس تعليم کي پکيڙيو.
    3. مخدوم رڪن الدين عليه عرف مخدوم مٺو، مزار مڪلي ٺٽو. ان جي وسيلي بلاولي تعليم ٺٽي تائين پھتي.
    4. مخدوم حسن عليه بلاولي، مقبرہ ڀاڻوٺ. جنھنجو اثر ڪيٽي بندر تائين پھتو.
    5. مخدوم سعد عليه عرف مخدوم ساند، مقبرہ ويجھو سڪرنڊ. جو ميان صاحب کنيارن جو جد امجد ھو.
    6. مخدوم ھنڱورو عليه، مزار تعلقو مورو. جنھن ڪري بلاولي تعليم ان طرف پکڙي.
    بدقسمتيءَ سان سندس ملفوظات يا مڪتوبات جور زماني ڪري غائب ٿي ويا آھن، تنھن ڪري سندس حياتيءَ جو بيان صرف ڏند ڪٿائن ۽ ڪن مخصوص ڪتابن تان ھٿ ڪري پيش ڪجي ٿو.
    ھي صاحب انھن بزرگن مان ھو جن شريعت اسلام جي پيروي صاحب طريقت لاءِ ضروري ٿي ڄاتي جنھن ڪري ھن جي توجھ زيادہ تر عوام جي اخلاقي درستي ۽ نفسياتي اصلاح طرف ھو.
    ھن جي طريقه تعليم جا مکيه اصول ھيٺيان ھئا.
    1. صاحب طريقت کي معتقدن ۽ مريدن جي نذر نياز کان پاسو ڪري ڌنڌو ڪري گذر معاش ڪرڻ گھرجي.
    2. مذھب ۽ سياست کي علحدہ رکڻ ضروري ھو.
    3. سندس گروہ قوم پرستيءَ جي بنياد تي سنڌ دوستيءَ جو حامي ھو.
    مٿي ذڪر ڪيل اصولن جي تشريح ھيٺين آھي.

    (1) صاحب طريقت کي گذر معاش لاءِ ڪوبه پيشو اختيار ڪرڻ گھرجي.


    ملڪ ۾ عام دستور ھو ته مدرسه يا خانقاھون يا ته حڪومت جي مدد تي ھلندا ھئا يا شھرين ۽ معتقدن جي نذر نيازن جي آڌار تي ھلندڙ ھئا. ھي غور ۽ فڪر بعد اُن نتيجي تي پھتو ھو ته ٻئي طريقا نُقص کان خالي نه ھئا. حڪومت جي مدد کين حاڪمن جو محتاج ٿي بڻايو. مريدن جي نذر نياز پيرانِ طريقت جي ادارن کي مستقل مفاد بڻائي آخر ۾ انھن جي پوين لاءِ گذر معاش جو ذريعو بڻايو ٿي. تنھن ڪري اُھي ادارا طريقت ۽ روحانيت جي نالي ۾ معتقدن مٿان چٽي ٿِي ٿَي پيا. تنھن ڪري ھن پاڻ ڪورڪو ڌنڌو اختيار ڪري ان مان گذر معاش ڪرڻ شروع ڪيو ۽ خليفن کي به حڪم ڪيو ته گذر معاش لاءِ ڪو ڌنڌو اختيار ڪري ان تي گذارو ڪن، بلڪ وٽس اچن ته به سمر پاڻ سان کنيون اچن.
    ان واسطي سادي زندگي اختيار ڪرڻ سندن لاءِ نھايت ضروري ھو. ان لاءِ ھن ھيٺيان دستور مقرر ڪيا.
    الف: نه پاڻ مريدن کان نذر نياز وٺندو ھو نه خليفن کي وٺڻ جي اجازت ھئي.
    ب: پاڻ به ڪچي لانڍيءَ ۾ رھندو ھو ۽ سڀني خليفن کي به ڪکائن گھرن ۾ رھڻ جو حڪم ھو ۽ پڪي جاءِ جنھن کي انھن ڏينھن ۾ ماڙي سڏيندا ھئا ۾ رھڻ جي منع ھئي.
    ت: بلاولي طريقي جي خليفن لاءِ سادي کاڌيءَ جي ڪپڙي ۽ سادي خوراڪ لازمي ٺھرايل ھئا. ريشم ۽ عمدي ڪپڙي يا طعام کائڻ جي اجازت نه ھئي.
    ث: گھر ۾ جنڊيءَ جو پينگھو يا کٽ رکڻ جي اجازت نه ھوندي ھئي، سادي کٽوليءَ تي سمھڻ جو حڪم ھو.
    ج: زالن کي به دُھريون، حَس، ٻاھيون، ڪڙيون، نَٿون ۽ ريشمي ڪپڙي پھرڻ جي منع ھئي.
    ح: انتقال بعد پنھنجي مٿان قبي اڏائڻ جي منع ڪئي ھئي.

    اھي سڀ دستور ان ڪري لازم ٺھرايائين ته انھن ڪري پيران طريقت کي پيسه ڪمائڻ جي لالچ ڪري نذر نياز وٺي عياش زندگي گزارڻي پوي ٿي. جنھن ڪري ماڻھو ڪاھل ٿيو پوي ۽ معتقدن کي نفعي پھچائڻ عيوض انھن مان نفعه حاصل ڪري ٿو.

    (2) مذھب ۽ سياست کي علحدہ رکڻو ھو.

    ھن کي تاريخ اسلام تي پورو درڪ ھو. جنھن ڪري کيس معلوم ٿيل ھو ته مذھب ۽ سياست جي گڏجڻ ڪري اڪثر عالمن وقت جي حاڪمن جو ھٿيو بڻجي، اسلامي قانونن کي مروڙي سندن حاڪمن جي مرضيءَ موافق ھلايو ٿي- رسول مقبول صلعم اختلاف راءِ کي رحمت سمجھي ان جي اجازت ڏني ھئي. پر تاريخ مان کيس پَتو پيل ھو ته حاڪمن ۽ مُلن سندن مستقل مفاد جي خلاف راءِ کي نه صرف مذھب جي نالي ۾ دٻايو ھو پر ان ڪري ڪيترن عالمن ۽ درويشن کي قتل ڪرايو ھو. شمس تبريز، منصور وغيرہ جا مثال سندس اکين اڳيان ھئا. ان کان سواءِ ان وقت سندس چئني طرف مڙيئي مسلمان حڪومتون ھيون، جن جون پاڻ ۾ سامراجي ۽ ٻين گروھي مفاد ڪري جنگيون ٿيندڙ ھيون. جن جنگين کي ھر گروھه جي طرفدار عالمن جھاد جي فتويٰ ڏيئي جائز بلڪ لازمي ٺھرايو ٿي. جنھن ڪري ھزارھا بلڪ لکھا مسلمان انھي حاڪم ۽ مُلا جي چوگان شطرنج ۾ ظلم جا شڪار بڻيا ٿي.
    ھن کي اھو به معلوم ھو ته شريعت اسلام يعني فقھي معاملن ۾ مسلمانن اندر سوھا فرقا پيدا ٿي پيا ھئا ۽ منجھن نفاق جو ڪارڻ بڻيا ھئا. اڪثر حاڪمن ملڪي رسم رواج، دستورن ۽ مصلحت وقت مطابق حڪومت جو ڪاروبار ٿي ھلايو. ھر ملڪ ۽ قوم جون مُلڪي حالتون ۽ وقتي تقاضائون الڳ ھيون. ان ڪري مذھب ۽ سياست کي گڏڻ مان فائدي کان نقصان گھڻو ٿيو ٿي ۽ مذھب جي استعمال غرضي (ايڪسپلائيٽيشن) ٿِي ٿَي.
    جيئن ته سنڌ ۾ اڃا تائين ھندن جو چڱو خاصو تعداد ھو. اھي مڪاني تعلقات ڪري سنڌي مسلمانن سان گڏجيو ٻاھرين حمله آورن جي خلاف جي اڪثر مسلمان ھئا، لڙندا ھئا. جيڪڏھن مذھب ۽ سياست کي گڏبو ته ان ڪري ڪَٽر مُلا کي غير مسلم ۽ مختلف خيال ۽ عقيدہ جي مسلمان فرقن سان سختي ڪرڻ جو وجھ ملي ويندو. ان ڪري ملڪي ۽ قومي شيرازو ڪمزور ٿيڻ جو امڪان ھو. اھڙين حالتن ھيٺ ٻاھرين ڪاھُن وقت سنڌين طرفان متحدہ محاذ بڻجڻ جو گھٽ امڪان ھو.
    سنڌ کي دھلي ۽ افغانستان طرف جي مسلمان حاڪمن کان جنگين ۽ ڦرلٽ جو ھميشه خطرو رھندو ھو. مذھب ۽ سياست کي گڏڻ سبب قوميت جو بنياد مذھب تي بيھڻ وارو ھو. ان ڪري ڌارين حڪومتن جي طرفدار ايجنٽن ۽ مُلڪي مفاد خلاف غداري ڪرڻ جو ھميشه امڪان ھو. مسلمانن جي جداگانه قوميت جو نظريو بين الاقوامي بنيادن تي برپا ڪيو ٿي ويو. ان جي اڪثر مُلڪي مفاد سان ٽڪرجڻ جو امڪان موجود ھو. جھڙيءَ طرح اڄڪلھ ڪيتريون حڪومتون ڪميونسٽ پارٽيءَ کي بين الاقوامي نظرياتي گروھه ڄاڻي ملڪي مفاد خلاف سمجھي ملڪ ۾ ممنوع ڪن ٿيون.

    (3) ھو قوم پرست خيالن جو حامي ھو
    مٿي ذڪر ڪيل نقطه نگاھه، صحيح اسلامي تعليم، حقائق دھر ۽ سنڌي مفاد جي خيال کان ھو مسلمان جي جداگانه قومي تصور کي غلط، فرسودہ ۽ غير اسلامي سمجھڻ لڳو ھو.
    ھن چوطرف ڏٺو ته ڪي حاڪم مغل ھئا ته ڪي ترڪ ھئا، ته ڪي ايراني ھئا ته ڪي عرب. سڀئي مسلمان ھئا. ھنن سندن گروھي مفاد خاطر جنگيون ڪري ملڪ فتح ڪري ڦرلٽ ڪئي ٿي. ليڪن اھڙن ڪارنامن کي اسلام جي نالي ۾ جھاد سڏي اسلام جي سھڻي نالي تي ٽڪو لڳايو ٿي. مُلن محمود غزنوي، تيمور لنگ ۽ علاو الدين جي جنگين، قتل عام ۽ ڦرلٽن کي جھاد سڏي انھن کي غازين ۽ صاحب قرآن جا لقب ڏنا ھئا.
    بني امين، بني عباسين ۽ ٻين مسلمان حاڪمن جا ڪارناما ھن جي اکين اڳيان ھئا. ھو اھل نظر ۽ دل ھئڻ ڪري اھڙين ڪارواين کي اسلام جي نالي سان تعبير ڪرڻ لاءِ تيار نه ھو.
    ھو سنڌ ۾ ڄائو ھو، سندس قبيلي جي مصنف مزاج ۽ مھذب حاڪمن جي ھٿ ۾ سنڌ جي حڪومت جي واڳ ھئي. ان جا ڀر وارا ھندو راجا ۽ مڪاني راڻا به گڏيل ملڪي مفاد ڪري معاون ۽ مددگار ھئا. تنھن ڪري ھو ان نتيجي تي پھتو ھو ته سنڌ جا رھاڪو وطن، زبان، گڏيل ملڪي مفاد ۽ روايت جي نقطه نگاھه کان علحدہ قوم ھئا.
    مسلمانن جي جداگانه قوم جو نظريو ڌارين مسلمان حڪمرانن جي سنڌ تي تسلط قائم ڪرڻ لاءِ ھڪ ڌوڪو ھو. تنھن ڪري ھي پاڻ، سندس خليفا ۽ سندن دوست نواب دريا خان انھيءَ نتيجي تي پھچڻ بعد مذھب جي نالي ۾ جملي مسلمانن کي ھڪ گڏيل قوم تسليم ڪرڻ جي خلاف ھئا. تاريخي حقيقتون ان جي خلاف ڏٺيون ھئائون. ان ڪري جڏھين سيد ميران محمد شاھه جونپوري سنڌ ۾ آيو ۽ غلبه اسلام جي نالي ۾ پاڻ کي مھدي سڏائي بيعت وٺڻ لڳو ته ان نظريي کي ھن سنڌي مفاد لاءِ نقصانڪار سمجھي، ان جي مخالفت ڪري سيد ميران محمد شاھه جون ٻيڙيون سندس خليفي سيد حيدر عليه سن واري ھٿان ٻوڙائي ان نظريي جي سنڌ ۾ وڌيڪ پرچار ڪرڻ کي روڪي ھن کي افغانستان وڃڻ تي مجبور ڪيو.
    ھن کي پتو ھو ته مسلمان تاريخ ۾ ڪڏھين متحد نه ٿيا ھئا ۽ نه سڀيئي مسلمان سڏائيندڙ صحيح اسلامي تشريح مطابق صحيح مسلمان ھئا، نه سڀيئي غير مسلم ڪافر ھئا. ماڻھن جي مذھبن ۾ موجودہ ورھاست مصنوئي ۽ غلط ھئي. ڪيترا ماڻھو غير مسلمانن ۾ خدا پرست ۽ صالح العمل ۽ صلح پسند ھئا ۽ ڪيترائي مسلمان ظالم، غاصب، ڊاڪو ۽ مفسد ھئا. ان ڪري ھن سنڌين جي جداگانه قوم جي بنياد تي سنڌ جي سما حڪومت جي ارغونن جي خلاف مدد ڪئي. سندس معتقد ارغونن خلاف ھندن سان گڏجي لڙيا.

    جڏھين ڄام فيروز جي نا اھلي ۽ درٻار ۾ ٻاھرين جي اثر ڪري نواب دريا خان بد دل ٿي وزارت کان ٻاھر نڪتو ۽ ارغون مُلڪ فتح ڪندي ٺٽي پھتا. آخر وقت ۾ نواب دريا خان سنڌ خاطر وڙھندي شھيد ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ نواب جي فرزندن موٽڻ خان ۽ محمود خان راڻي رڻمل ۽ جوڌا سنگھ سوڍن، سھتن ۽ مخدوم صاحب جي مريدن ٽلٽيءَ وٽ ٻيو دفعو جنگ ڪئي، جنھن ۾ سڀ شھيد ٿي ويا. ان کان پوءِ مخدوم صاحب کي پتو پيو ته آئيندہ وار مٿس ٿيڻ وارو ھو. سنڌ جون حالتون ناسازگار ھيون، کَٽڻ جو امڪان نه ھو، ان ڪري ھن فيصلو ڪيو ته پاڻ اڪيلو سِر ڏئي. کيس ٻين خليفن جي اھنسائي اصولن جو پتو ھو پر سيد حيدر عليه سن واري جي جوشيلي طبيعت ڪري ھن کيس حڪم ڪيو ته ڪَڇ ڏي ھليو وڃي. جو مرشد جو حڪم مڃي اوڏانھن ھليو ويو. ان وچ ۾ ڄام صلاح الدين گجرات کان لشڪر وٺي وري ٺٽي تي ڪاھه ڪئي. ڄام فيروز شاھه بيگ کان مدد لاءِ گھر ڪئي. جنھن سندس فرزند شاھه حسن جي ھٿ ھيٺ گجرات جي لشڪر سان لڙڻ لاءِ فوج ڏياري موڪلي. جوڻ جي ڳوٺ ويجھو ٽنڊو غلام علي (ھن وقت ڦِٽل آھي) وٽ لڙائي ٿي. شاھه حسن فتح ڪئي. ان ۾ پھرين ڄام صلاح الدين جو فرزند ھيبت علي خان مارجي ويو، پوءِ ڄام صلاح الدين به لشڪر سميت مارجي ويو. مرزا شاھه بيگ ھڪ سال کن سنڌ ۾ رھيو. آخر گجرات تي چڙھائي ڪرڻ لاءِ تياري ڪندي جڏھين اگھم ڳوٺ ۾ پھتو ته 12 شعبان 928ھ مطابق 1521ع تي وفات ڪيائين. ان کان پوءِ مرزا شاھه حسن نصرپور جي ڳوٺ ۾ پيءُ جي گاديءَ تي ويٺو. جتي جا سيد، قاضي، وڏيرا ۽ زميندار فاتح خواني ڪرڻ ۽ مبارڪ باد ڏيڻ لاءِ وٽس آيا. ان کان پوءِ شاھه حسن ڄام فيروز کي رھيل حڪومت تان لاھڻ لاءِ ٺٽي طرف آيو. ڄام فيروز اھا ڳالھ ٻڌي ڪَڇ ڏي ڀڄي ويو جتان لشڪر وٺي وري شاھه حسن سان جنگ ڪرڻ لاءِ ٺٽي طرف روانو ٿيو. اھا ڳالھ ٻڌي شاھه حسن وري راھمڪي بازار جي ڀر وارن ڳوٺن چاچڪن ۽ راھمن وٽ اچي ڄام فيروز جي لشڪر کي سامھون ٿيو. سَمن جو لشڪر خوب لڙيو پر نيٺ شڪست کاڌائين. ڄام فيروز گجرات ڏي ڀڄي ويو. سنڌ تي ارغونن جو پورو قبضو ٿي ويو.
    شاھه حسن ھاڻي مخالفت جي اڏن کي ختم ڪرڻ پويان پيو. سَن جي شھر ۾ ڪجھ وقت لشڪر جي ڇانوڻي وجھي مڪاني مخالفت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪيائين. سيد حيدر عليه اڳيئي ملڪ ڇڏي ويو ھو ان ڪري ڪابه مخالفت ڪانه ٿي. ان کان پوءِ مخدوم بلاول کان انتقام وٺڻ لاءِ ٽلٽيءَ طرف آيو. مُلن کان مخدوم صاحب جي ڪافر ھئڻ جي فتويٰ وٺڻ ۾ ھن کي دير ئي ڪانه ٿي. ان لاءِ جُتيءَ ۾ قرآن جا اکر ڇَپائي مخدوم صاحب ڏي سوکڙي موڪلي ويئي. جنھن ان کي مٿي سان ٻڌي ڇڏيو.
    ان کانسواءِ ٻيا به طريقا اختيار ڪري ھن کي 2 رجب 930ھ مطابق 6 مئي 1523ع تي گھاڻي ۾ پيڙائي شھيد ڪرائي ڇڏيو. ھي سنڌ جي سورمن ۾ چوٿون ۽ عالمن ۽ درويشن ۾ پھريون ھو جو سنڌ جي عزت ۽ ناموس لاءِ سر ڏيئي سرھو ٿيو.

    ********


    شاھه عنايت الله عليه عرف شاھه شھيد صوفي جھوڪ

    اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين، آديسي اُٿي ويا مڙھيون مون مارين،
    جي جيءَ کي جيارين، سي لاھوتي لڏي ويا.
    “شاھه”
    ..................

    سنڌ پيغمبر خدا حضرت رسول مقبول صلعم جو پيارو مُلڪ آھي. ان کان کيس ٿڌي ھِير آئي ھئي، اھو ملڪ ڪيترن ئي بھترين روايتن جو حامل آھي. محبت، سلامتي ۽ عالم جي آبادي اُن جا خاص پيغام رھيا آھن. نفرت، فساد، بدخواھيءَ کان ان جا رھاڪو اڪثر پاسي رھيا آھن.
    سنڌ ھڪ مردم خيز ملڪ آھي، ان جي سرزمين ڪيئي بزرگ پيدا ڪيا، جن جون مزارون ۽ مقبرا، سماڌيون ۽ آشرم اُن جي گوشي گوشي ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڪو وقت اھڙو به ھو جو ھِتي جا درويش ۽ عالم لاھور، دھلي، برھانپور، گجرات بلڪ عرب تائين وڃي پيغام حق جو آواز بلند ڪندا ھئا. پر اڄ اُھي مڙھيون ۽ مڪان خالي نظر اچن ٿا. شاھه لطيفؒ اھڙي حالت کي ڏسي فرمايو آھي:

    ويا سي وينجھار، ھيرو لعل ونڌين جي،
    تنين سندا پويان، شيھي لھن نه سار،
    ڪٽين ڪٽ لھار، ھاڻي انھين ڀيڻين.
    (شاھه)
    انسانذات جي رھبري ۽ ھدايت، اتحاد ۽ امن، ترقي ۽ تھذيب لاءِ جي راھون ۽ رستا رٿيا ويا آھن، مذھب جو انھن ۾ مکيه درجو آھي. ليڪن مذھب جون به ٻه جدا تشريحون پئي ڪيون آھن.

    ھڪڙيءَ جو واسطو
    عام ماڻھن جي ضروريات، حالات ۽ نفسيات جي بنياد تي رٿيل رسم ۽ رواج، عبادت ۽ دستورن سان پئي رھيو آھي جنھن کي مسلمانن ۾ عام طور شريعت جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
    ٻي تشريح جو لاڳاپو
    رموز حقيقت ۽ اسرار ڪائنات جي کوجنا، اتحاد انساني، امن عالم جي مقاصد ۽ ماڻھن جي ذھني صلاحيت ۽ نفسياتي اصلاح سان پئي رھيو آھي، جنھن کي عام طور طريقت يا تصوف جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته ھن پوئين سمجھاڻي جا ڄاڻو ھر ملڪ جي رھاڪن، ھر قوم جي ماڻھن ۽ ھر مذھب جي پوئلڳن اندر موجود پئي رھيا آھن. جن جا مقصد ۽ مُرادون ساڳيا ھئا.
    انھيءَ تشريح جي ڄاڻن اڪثري محدود دائري اندر ڳُجھي نموني سينه بسينه رازن ذريعي انھيءَ تعليم کي (گيانوان) راسخ العلم، اھل نظر ۽ صاحبِ دل ماڻھن ۾ پئي پکيڙيو آھي. مسلمانن جي انھيءَ گروھه کي صوفي سڳورن جي نالي سان پئي ڪوٺيو آھي.
    اھڙن بزرگن جا ھر مُلڪ ۽ زماني ۾ ادارا (Institutions) ھئا. سنڌ ۾ به اھڙا ادارا يا آشرم رھيا آھن. رواجي طرح ته ساري سنڌ درويشن جي درگاھن سان ڀري پيئي آھي. جن جون درگاھون اڄ تائين عام خاص جون زيارت گاھون پئي رھيون آھن.
    پر ھتي آءٌ صوفي ادارن جو ذڪر ڪريان ٿو. ھي ادارا منھنجي نظر ۾ بين الاقوامي اتحاد ۽ اَمن جي پرچار جا مرڪز پئي رھيا آھن. جن جو وجود ھر ملڪ ۽ زماني ۾ پئي رھيو آھي. انھن جا قِسم ۽ مَتا ساڳيا رھيا آھن، ليڪن طريقه ڪار علحدہ ھئن.
    ھڪڙن علم ۽ گيان کي ترجيح ٿي ڏني، ته ٻين عشق ۽ ڀڳتيءَ کي رھبر راھه ٿي بنايو.

    ھتي آءٌ شاھه عنايت الله عليه صوفيءَ جھوڪ واري جو ذڪر ڪريان ٿو. جنھن صوفياني تعليم کي نقاري جي چوٽ تي کُليو کُلايو ان دور ۾ ظاھر ڪيو جڏھن اڃا اورنگزيبي ڪٽرپڻو مُلا جو زاد راہ ھو. ان ڳالھ جي ھن پرواھه نه ڪري حق جو آواز بلند ڪندي سر ڏيئي سرھو ٿيو. ھن جي پيغام ۽ تعليم جي احوال ڪرڻ کان اڳ سندس شخصي زندگيءَ جو ذڪر ڪريان ٿو.
    شخصي زندگي: شاھه عنايت الله عليه جي والد جو نالو مخدوم فضل الله ھو. جو سنڌ جي مشھور بزرگ مخدوم صدرالدين عرف صدو لانگاھه عليه جي اولاد مان ھو.
    ھي بزرگ ميران پور جي ڳوٺ ويجھو موجودہ جھوڪ تعلقه ميرپور بٺوري ۾ رھندو ھو. سندس سنه ولادت ۽ مفصل احوال محفوظ نه ٿيڻ ڪري ملي نٿو سگھي. ان ڪري سندس احوال چند پراڻن ڪتابن جھڙوڪ تاريخ تحفةالڪرام، مقالات شعرا ۽ ٻين ڪتابن ۽ ڏند ڪٿائن مان جيڪو ملي سگھيو آھي سو پڙھندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو.
    ھن بزرگ ظاھري علم ڪٿي ۽ ڪھڙن عالمن کان پڙھيو ان جو پتو نه آھي. البت سندس سلسله طريقت جو احوال ملي ٿو ته ھي مخدوم عبدالملڪ ولد شاھه عبيدالله برھانپوريءَ جو مريد ھو. اھو بزرگ سلسله قادريه سان واسطو رکندڙ ھو. جنھن بابت مختلف روايتن جو ذڪر مون سندس سجادہ نشين سائين ميان عبدالستار صاحب جي زندگيءَ جي احوال ۾ پنھنجي تصنيف “جنب گذاريم جن سين” ۾ ڏنو آھي. جنھن کي ھتي دھرائڻ مناسب نٿو ڄاڻان. ھي ۽ صاحبڏنو فقير درازن وارو ھڪ ئي چشمه فيض مان سيراب ٿيا ھئا، جنھن جي اولاد مان سچل سرمست پيدا ٿيو.
    ھن جڏھن پيغام حق پکيڙڻ شروع ڪيو ته سنڌ جي ڪُنڊ ڪُنڊ مان ڪيئي طالب اچي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيا. انھيءَ وقت سنڌ تي مغل گورنرن جو راڄ ھو جي ٺٽي ۾ رھندا ھئا. اورنگزيب جي ڏينھن ۾ پيدا ٿيل تعصب جو اثر اڃا تائين مُلن تي قائم ھو. ان کانسواءِ ڀر وارا پِير جھڙوڪ: ميان عبدالواسع شاھه عبدالڪريم جي سجادہ نشين ۽ زميندار جھڙوڪ: حمل جت، وڏيرو نور محمد پليجو ٻيلي وارو. مُلن ھن جي تعليم ۾ سندن مستقل مفاد کي نقصان پھچڻ جو امڪان ڏسي مغلن جي نواب اعظم خان جي ڌيان تي شاھه عنايت الله عليه جي خلاف غلط خبرون ٻڌائي برخلاف ڪيو. ان دھليءَ جي مغل بادشاھه فرخ سير کي رپورٽ موڪلي صوفي صاحب خلاف قدم کڻڻ لاءِ اجازت گھري. ان تي ھن ميان يار محمد ڪلھوڙي، مير شھداد خان ۽ ڀر وارن زميندارن کي، صوفي صاحب کي قيد ڪري وٺي اچڻ لاءِ حڪم ڪيو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته فقيرن ڇھن مھينن تائين مقابلو ڪيو، جن شھيدن جا گنج اڃا تائين صوفي صاحب جي درگاھه ڀرسان يادگار ٿيا بيٺا آھن. نيٺ صوفي صاحب ماڻھن کي وڌيڪ خونريزي کان بچائڻ خاطر حڪومت جي ڪارندن جي وعدن ۽ انجامن تي ساڻن گڏجي نواب صاحب وٽ آيو. کيس خبر ھئي ته ساڻس ڇا ٿيڻ وارو آھي. نواب صاحب مُلن کي گھرائي ھن سان بحث مباحثا ڪرائي انھن کان سندس قتل لاءِ فتويٰ وٺي کيس 17 صفر 1130ھ تي شھيد ڪرائي ڇڏيو. قتل ٿيڻ مھل پاڻ فرمايائون:
    سر در قدم يار فدا شد چه بجا شد،
    اين بار گران بود ادا شد چه بجا شد.
    معنيٰ: حق جي راہ ۾ سر قربان ڪرڻ سان زندگيءَ جي بنيادي مقصد پوري ڪرڻ جو ذمون لھي وڃي ٿو.
    سندس سلسلي طريقت جا ھيٺيان معتقد يا طالب رھيا آھن.
    1. سيد جان الله شاھه رضوي روھڙيءَ وارو.
    2. روحل فقير ڪنڊڙيءَ وارو.
    3. فقير قادر بخش “بيدل” روھڙيءَ وارو.
    4. سيد رکيل شاھه صوفي فتح پور گنداواھه.
    5. صادق فقير صوفي عمر ڪوٽ.
    6. سيد قطب شاھه صوفي جھانيان حيدرآباد.
    7. نواب ولي محمد خان لغاري تاجپور.
    8. دريا خان فقير ھيسباڻي.
    9. دلپت صوفي روھڙيءَ وارو ۽ ٻيا.
    سندس مزار جھوڪ جي ڳوٺ ۾ آھي جتي 17 صفر ھر سال سندس ورسيءَ تي ميلو لڳندو آھي. سندس مقبري تي لکھا روپيا خرچ ڪري يادگار قائم ڪيو ويو آھي. ليڪن افسوس اھو آھي ته اھڙي بزرگ جي تعليم، ملطوظات ۽ پيغام جي ھٿ ڪري پکيڙڻ طرف پورو توجھ نه ڏنو ويو آھي.
    وقتي است که آوازہ، منصور ڪھن شد،
    من از جلوه دھم، دار و رسن مارا.
    وانگر وقت آيو آھي ته انجي پيغام کي نئين سر ظاھر ڪري ملڪ مان نفرت، ڪٽر پڻي، مذھب جي غلط تشريح جي پاڙ پَٽڻ لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي. ھي سنڌ جو منصور ھو.

    سندس تعليم ۽ پيغام: ھن جي بنيادي تعليم جا مَتا ھيٺيان آھن.
    1. وحدت الوجود جو اظھار.
    2. وحدت انسانيءَ جو پرچار.
    3. وحدت مذاھب جو ذڪر اذڪار.
    4. ظاھري شريعتن واري دين منظمن جي اھميت کان انڪار.
    پھريون متو، وحدت الوجود:

    ھن نظريي کي ويدانيت ۽ پئنٿيزم جي نالن سان به سڏيو وڃي ٿو. ان نظريي مطابق ذات حقيقيءَ جي وجود کانسواءِ ٻي ڪنھن به وجود کي نٿو مڃيو وڃي. ان موجب ذات ھڪ آھي ٻي سڀ صفات آھي. ان نظريي کي مڃڻ ڪري دوئي گم ٿيو وڃي ھر ھنڌ ساڳي ذات جو ظھور ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سندس سلسلي جو طالب دلپت صوفي فرمائي ٿو ته:
    ھر شي دي وچ تونھين وسدا، اپنا آپ ڇپائيه ڪيون،
    اندر ٻاھر تونھين وسيا، بانورا لوڪ ڀلائيه ڪيون.
    شاھه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي صريحاً صوفي صاحب جو اثر نمايان آھي. جڏھن چوي ٿو ته:

    جر تڙ تک تنوار، وڻ ٽڻ وائي ھڪڙي،
    سڀئي سي ٿيا، سوريءَ سزوار،
    ھم منصور ھزار، ڪھڙا چاڙھيو چاڙھين.

    ٻيو مَتو، وحدت انساني:
    سندس تعليم جو ٻيو اصول وحدت انساني جي سڃاڻپ جو ھو. جو درحقيقت اسلام جو بنيادي پيغام ھو، جنھن مطابق ماڻھن جي وچ ۾ مذھبن، رنگن، قومن، نسلن ۽ نظرين جي نالن ۾ کڙي ڪيل نفاق جي ديوارين کي ٽوڙي اتحاد انساني پيدا ڪرڻو ھو.
    قرآن ان لاءِ صاف لفظن ۾ فرمايو آھي ته “ کنتم امة واحدة ” معنيٰ- انسان اصل ۾ ھڪ ئي جنس ھئا. شيخ سعدي ان جي وڌيڪ تشريح ھيٺين طرح ڪئي آھي:
    بني آدم اعضائي يک ديگر اندر، که در آفرنش زيک جوھراند،
    چو يک عضويٰ بدرد آورد روزگار، ھم عضوھا را نماند قرار.
    معنيٰ: انسان ذات اصل ۾ ھڪ جوھر مان پيدا ٿيل ھڪ جنس ۽ جسم وانگر آھي.
    انجو مثال اھڙو آھي جيئن ھڪ عضوي ۾ درد ٿيڻ ڪري سمورو جسم بي قرار ٿيو پوي.
    ان تعليم کي وساري مُلن شريعت جي نالي ۾ ماڻھن ۾ فرق پيدا ڪري ڇڏيا ھئا جن اسلام جو بنيادي مقصد ختم ڪري ٿي ڇڏيو. ان جي رد ۾ صوفي صاحب جي پوئلڳن ھيئن ظاھر ڪيو ته:
    حقيقت ۾ ھڪ ٿيو، ڪُفر ۽ ايمان،
    مظھر مولا پاڪ جو، ھندو مسلمان،
    تارا ڪيا تالان، سورج سندي سوجھري.
    “بيدل”
    ...............
    حقيقت ۾ ھڪ ٿيو، اڇو ۽ ڪارو،
    نينھن ھنيو نعرو، ھر مظھر ۾ ھڪڙو.
    “بيدل”

    ٽيون مَتو، وحدت مذاھب:
    سندس ٽيون اصول سڀني مذھبن پويان بنيادي وحدت جو پرکڻ ھو. وحدت الوجود ۽ وحدت انساني ۾ اعتماد رکڻ بعد مذھبن جي ظاھري ڪثرت پويان بنيادي وحدت جو ظھور ظاھر ٿيو پوي.
    صوفي ان ڪري لاڪوفي ٿئي ٿو. ھن جي مذھب جا مقصد اتحاد انساني، امن عالم ۽ ماڻھن جي روحاني ۽ جسماني ترقي ٿين ٿا. انھيءَ مقصد کي مدنظر رکندي روحل فقير فرمائي ٿو:

    ڪُفر ۽ اسلام ۾ ٿا، ڀرين اُبتا پَير،
    ھڪ ھندو ٻيا مسلمان، ٽيون وچ وڌائون وير،
    انڌن اونڌن نه لھي، تن کي سچ چوندو ڪير،
    روحل راھه پرين جي، گھمي ڏٺوسين گھيڙ،
    ته ربُ مڙني ۾ ھڪڙو، تنھن ۾ ڦند نه ڦير،
    سا ڪاڏي ڪندي پَير، جا ستي ڪعبةالله ۾.
    “روحل”
    ...................

    بحر عميق ۾ جوئي پوئسي، دين ڪفر دا دفتر ڌوئسي.
    “بيدل”


    چوٿون مَتون، دين منظمن جي اھميت کان انڪار:

    صوفي عشق کي رھبر راھه بڻائي ٿو. جنھن ۾ حُسن، حق ۽ خير جي ڳولا جو بي انتھا جذبو ۽ خواھش رھي ٿي. سچي عاشق جي نظر ۾ خدا حَسين آھي ۽ اُن جي پيدا ڪيل ھر شيءِ ۾ حُسن ازلي سمايل آھي، ھو ذات کان سواءِ ٻئي ڪنھن وجود کي نٿو مڃي. ھن وٽ ذات ھڪ آھي ٻي سڀ صفات آھي، ھو ھر مظھر ۾ حُسن ڏسي ٿو. انڪري وٽانس ڪاري ۽ گوري، چڱي ۽ مَدي، ڀَلي ۽ ڍلي، ڪُفر ۽ اسلام جا تفاوت مٽجي وڃن ٿا.

    “نه منجھ ڪُفر نه دين، عشق لڳئي ته ڪر آمين.”
    “بيدل”
    ھن تان ظاھر جا اختلاف مٽجيو وڃن، دوئي ختم ٿيو وڃي. سڀ جاءِ تي پرينءَ جو مظھر پيو پسي، ھو مُلن ۽ پنڊتن جا مذھبن جي نالي ۾ کڙا ڪيل تفاوت نٿو مڃي. مذھب کي ماڻھوءَ جو تابع ڄاڻي ٿو نه ماڻھوءَ کي مذھب جو محتاج ڪرڻ گھري ٿو. ھو مذھبي شريعتن کي موجودہ دور ۾ وحدت انساني جي راھه ۾ رڪاوٽ ڄاڻي انھن جي پوئلڳي کان انڪاري ٿي لاڪوفي (نان الائينڊ) بڻجي غير جانبدار رھي ٿو.
    صوفي صاحب جون اھي سڀ ڳالھيون مُلا جي تشريح واري مذھب جي خلاف ھيون. مُلن انھن ڳالھين کي سندن مستقل مفاد خلاف ڄاڻي بغاوت ڄاتو. صوفي صاحب جماعتي دستور ۽ پابندين کي ماڻھن جو محتاج ڄاڻي جمھور جي مفاد جي مدنظر انجي اصلاح ڪرڻ گھري ٿي. ان کي جڏھن ھن صحيح سمجھيو ته حڪومت ۽ مستقل مفاد جو خوف ھن کي راھه کان روڪي نه سگھيو، ۽ سندس تعليم جو کليو اظھار ڪيو.
    ھي عشق جي ايڏي اُتاھين مناري تي بيٺل ھو جتان مذھب، حڪومت، جماعتي دستورن جا سنڌا ميٽجي ويا ٿي. ھم اوست جي عالم ۾ غرق ٿيڻ ڪري مُلا جا مقرر ڪيل ڪوڙ- سچ، گناھه ثواب جا معيار ئي وٽس بدليل نظر ٿي آيا. ھي محويت جي عالم ۾ رھڻ ڪري ڪنھنجو مخالف نه ھو. ھي ظاھراً بي ضرر ۽ مونن ۾ منھن وجھي گذارڻ وارو ھو ليڪن منجھانس منظم مذھب جي مدارالمھامن، مُلن، حاڪمن، پِيرن سندن مستقل مفاد خلاف خطرو ٿي محسوس ڪيو.
    جيڪڏھن شاھه شھيد جي زندگيءَ تي غور سان نظر ڪبي ته ھن سنڌي (معاشرہ) سوسائٽي ۾ اھو ذھني انقلاب آڻڻ ٿي گھريو جي راءِجو ان وقت جي قبول ڪيل مذھبي عقيدن، دستورن ۽ مستقل مفاد (Vested Interest) جي پاڙ پَٽي ڇڏي ھا. انڪري ھنن گڏجي سندن مخالفت ڪئي.
    صوفي صاحب خلاف منھنجي نظر ۾ مخالفت جا ھيٺيان ڪارڻ بڻيا:
    1. انھيءَ وقت اورنگزيبي طرز تي پيدا ٿيل مذھبي ڪٽرپڻي ۽ مذھبي تعصب جي پاڙ پٽجي ٿي ويئي جنھن مان مُلا، پِير، حاڪم جي مستقل مفاد کي خطرو ھو.
    2. جملي مذھبن پويان بنيادي وحدت جي پرچار دين منظم ۽ اثر کي ختم ڪري ٿي ڇڏيو.
    3. سندس جماعت جو رنگ گيڙو ڪپڙو ھو. جو ھندوستاني سنياسي ۽ ٻڌ بڪشن جو رنگ ھو ان مُلا کي ناراض ڪيو ٿي.
    4. ھن جي راءِ موجب مذھبي عقيدہ بندي ۽ خدا جي وچ ۾ شخصي معاملو ھو ان ۾ ٽياڪڙ کي دست اندازي ڪرڻ جو اختيار نه ھئڻ گھربو ھو. جنھن ڳالھ مذھب ۽ سياست کي علحدہ ڪري مُلا ۽ حاڪم جي مذھب تي ھڪ ھٽي (Monopoly) کي ڪڍي ٿي ڇڏيو.
    5. ھن مُلا جي نقطي نگاہ واري مسلمانن جي جدا قوم کي تسليم نه ڪري انکي غلط، فرسودہ ۽ غير اسلامي سمجھيو ٿي. ھن واٽ ھر صالح ماڻھو بنا تفاوت مذھب جي مومن ھو ۽ ھر غير صالح ماڻھو بي راھه ھو. ھن زماني ۾ انسانيت جي مذھب جو پرچار ٿي رھيو آھي صوفي انجو باني ھو. ھن سنڌ ۾ آزاد خيالي، انسان دوستي، محبت، وحدت الوجود ۽ وحدت مذاھب جو پايو وڌو. اھڙي ڪلمي حق جي پاداش ۾ شھيد ٿيو. ھو نفرت، نفاق، دوئي، تعصب جو پاڙ پٽو ھو. جيستائين سنڌ سلامت آھي انجو آواز ان جي ھر ڪُنڊ ۾ گونجندو رھندو. اُن کي ڪابه شيءِ مِٽائي نه سگھندي.
    ھن کان پوءِ سنڌ جي تصوف پوري شڪل اختيار ڪئي. ھن جيڪي چيو ان کان وڌيڪ ھن سائنس ۽ علم جي دور ۾ به چئي نٿو سگھجي. ھو لاڪوفيت (نان الائنمينٽ) ۽ رواداري (Co existence) جي جديد نظرين جو ايجاد ڪندڙ ھو. ھي سنڌ جي پنجن ھزارن ورھين جي تعليم ۽ تھذيب جو پيغام رسان ھو. جيئن پيغمبر خدا کي خاتم النبي سڏجي ٿو تيئن ھنکي خاتم پيغام سنڌ سڏيون ته ھرج نه آھي.

    ....................


    نتيجو

    سنڌ جي مکيه شھيدن جا ھي قصا ماڻھن جي تفريح طبع لاءِ پيش ڪونه ٿو ڪريان. پر اُن مان منھنجو مقصد سنڌ جي نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت ھڪ طرف ته منجھن قومي غيرت ۽ ايثار جو مادہ پيدا ڪرڻ ٻئي طرف آھي. قرآن ۾ آھي ته:
    ”لقد ڪان في قصصھم عبرتہ للا ولي الالباب.“
    معنيٰ: اڳين جي آکاڻين مان صاحب نظر کي سبق حاصل ڪرڻ گھرجي.
    مٿي ذڪر ڪيل اصحاب جي زندگيءَ مان ھيٺيان سبق حاصل ڪري سگھون ٿا:

    راجا ڏاھر جي زندگي:

    ھن مان سبق حاصل ٿئي ٿو ته قومپرستي، وطن جي حفاظت ۽ ان لاءِ قرباني ڏيڻ ڪنھن خاص مذھب، فرقي، نسل، گروھه جو مخصوص ورثو نه آھي. خدا جنھن کي ڏئي ان کي اُھا ڏات ملي ٿي. شاھه صاحب ان لاءِ فرمايو آھي ته:

    ڪانه پڇي ٿو ذات، جي آيا سي اگھيا.

    قرآن به شاھدي ڏئي ٿو ته، حق جي راھه ۾ قتل ٿيلن کي مُئل نه ڄاڻو. ھو ھميشہ تاريخ ۾ زندہ رھن ٿا صرف عام ماڻھو انکي ڏسي ۽ پروڙي نٿا سگھن.


    دودي سومري جي زندگي:

    ھن مان ھي سبق حاصل ٿئي ٿو ته حق جي راھه ۾ کَٽڻ ۽ ھارائڻ جا ليکا ڪرڻ عاشقن جو مَرڪ نه آھي.
    ماڻھوءَ جي بزرگي ان ۾ نه آھي ته کَٽڻ جي اميد تي لڙي پر ان ۾ آھي ته ڏسي وائسي طاقت ۽ ڏاڍ اڳيان سر نمائڻ کان انڪار ڪري قربان ٿي وڃي. شاھه صاحب اھڙن ماڻھن لاءِ چيو آھي ته:

    “سورھيه سوچائي جو، رڳوئي رڻ گھري.”

    دولھ دريا خان جي زندگي:

    اھا خبر ٿي ڏي ته قوميت جو وطن جي آڌار تي بنياد ان زماني ۾ به اسانجي مدبرن کي معلوم ھو، ھنن سنڌ جي تھذيب ۽ تمدن لاءِ ڪوشش ڪرڻ، ملڪ جي عزت، ناموس، آزادي ۽ حفاظت لاءِ سر تريءَ تي رکي لڙڻ حياتيءَ جو مقصد ڪري ورتو ھو. شاھه صاحب اھڙن ماڻھن لاءِ فرمائي ٿو:

    ته ڪر ڪيئن مئي جي، سير نه گھڙي سھڻي،
    چڪيءَ تنھن چري ڪئي، جو ڏنس ڏس ڏھي،
    ھتي حياتي ڏينھڙا، ھڏھين تان نه ھئي،
    ھونئين ھوند مئي، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.
    “شاھه”

    شاھه بلاول عليه جي زندگي:
    ھن مان اھو پتو پوي ٿو ته سنڌ جي نه صرف صوفي بزرگن پر صاحب شريعت عالمن ۽ بزرگن مان به ھي مسلمانن جي جداگانه قوميت، غلبه اسلام، مھديپڻي ۽ مذھب ۽ سياست کي گڏي ھلائڻ جي خلاف ھو. انھيءَ راءِ جي ظاھر ڪرڻ جي پاداش- قومپرستي ۽ ملڪي حفاظت لاءِ گھاڻي ۾ پيڙجڻ کان نه ڊنو. شاھه صاحب اھڙن بزرگن لاءِ فرمايو آھي:

    سوري آ سينگار، اصل عاشقن جو،
    مڙڻ موٽڻ ميھڻو، ٿيا نظاري نروار،
    ڪُسڻ جو قرار، اصل عاشقن کي.

    شاھه عنايت الله صوفيءَ جي زندگي:
    ھي بزرگ سنڌ جي بين الاقوامي پيغام، اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقي بني آدم جو پيغام رسان آھي. وحدت الوجود، وحدت انساني ۽ وحدت مذاھب ان تحريڪ جا بنيادي مقصد ھئا.
    محبت، اھنسا، رواداري، نان الائنمينٽ (لاڪوفيت) انھن مقصدن جي حصول لاءِ ذريعا ٺھرايا ھئائين.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 469387
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 188206
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ