ڪتاب جو نالو: تنهنجي نگري ڏور اسان کان
مصنف: عطا دل
ڇپائيندڙ: ليف پبليڪشن
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2013
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 26 مئي 2017 ع
پڙهيو ويو: 728 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 241 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”تنهنجي نگري ڏور اسان کان“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب عطا دل جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امير منڌرو لکي ٿو: ”ھن جي جواني ھن کان لوھ پائي ڪانه ڀڳي ھن ته پنھنجي جواني جو ھر پل نھايت ئي آھستي آھستي بيرحم حالتن جي گھاڻي ۾ پيڙھجندي ۽ انھي جي آوازن مان مزا ماڻيندي گذاريو. ھو پنھنجي دور جو ڪو مخدوم بلاول ته ڪونه آھي نه ڪو سرمد آھي پر ھو ته بس ھڪ عام سياسي ورڪر ۽ شاعر آھي جيڪو ائين ئي جدوجھد جي جھان ۾ ڪُڏي ڪاھي پيو ته پوئتي ڪنڌ ڦيڙائي به ڪونه ڏٺائين ته قافلو باقي ڪيترو بچيو آھي، ۽ سالار ڪيڏانھن ويا.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران :
  • پبلشر پاران
  • لڄارا لفظ دامن ۾( ”رب زدني علماءَ“)
  • ھوا روپوش اچڻي آ . . . !!
  • ارپنا
  • شاعري

  • نيٺ پراڻي ٿي ويندي
  • خود خمار ٿي وڃون
  • تنهنجي نگريءَ ڏور اسان کان
  • هان!- ڇا ٿي چئي
  • اکيون ڌار ٿي ويون
  • خيالن جي اُتم کيتي
  • سمنڊ ۾ رکيو ڇاهي
  • هِڪڙو! رُوپ ته ناهي
  • هلي آ ڀِٽائي هلي آ هلي آ
  • ڏور سفينو ڙي
  • ڳالهين جي ڳولا
  • دِل جي باري ۾
  • او چيري
  • مهمان
  • سلسلو
  • جڏهن هو ناهي!
  • ا ڙي شاعر
  • روح جا رشتا
  • مزاج
  • دلبري
  • ابارشن
  • نه سائين...!
  • ٿڪل محبت
  • گلابي قيد
  • مقدر ۾
  • اڄ جڏهن...!
  • هڪڙي ساوڻ ۾ ٿر جو گيت
  • هڪڙو ويچار
  • ان کان اڳي
  • زندگي جي تاش راند ۾
  • پوءِ...!
  • الاءِ نه
  • تون هلي آ
  • عجيب بيوسي
  • پوءِ ڇا کپي!؟
  • ڇو ائينءَ آئي!؟
  • پيار ۾ پوري
  • دُونهون دل ۾
  • مان نه ڄاڻان
  • عقل جي ڳالهه
  • ڌُنڌ جا ڪڪر
  • هن معاملي ۾
  • ڪارونجهر ۽ اڪيلو مان
  • دُکي، سُکي ايڪسپريشنس!
  • هڪڙي گهڙي
  • هن موڙ تي
  • ان کان اڳي ڇا چئجي
  • بهار ۾ هيل
  • او حُسن او جوڀن!
  • الئه ڪڏهن؟
  • تون ايندين ضرور
  • توڙي ناهين تون
  • ڊيگهه کان پاسو
  • ڳالهيون
  • دخل اڃان باقي
  • پرين کي پرچاءِ
  • ڳڻتيءَ جي خلاف
  • مشورو
  • اصل ۾
  • رانڀوٽا
  • اچانڳ
  • رات- ڏينهن
  • وڇوڙي جي پهرين عيد
  • جهنگل هليا سي نه ڀليا
  • ضمير جي آئيني ۾
  • چنڊ ۾ اک

  • سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”تنهنجي نگري ڏور اسان کان“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب عطا دل جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امير منڌرو لکي ٿو:
    ”ھن جي جواني ھن کان لوھ پائي ڪانه ڀڳي ھن ته پنھنجي جواني جو ھر پل نھايت ئي آھستي آھستي بيرحم حالتن جي گھاڻي ۾ پيڙھجندي ۽ انھي جي آوازن مان مزا ماڻيندي گذاريو. ھو پنھنجي دور جو ڪو مخدوم بلاول ته ڪونه آھي نه ڪو سرمد آھي پر ھو ته بس ھڪ عام سياسي ورڪر ۽ شاعر آھي جيڪو ائين ئي جدوجھد جي جھان ۾ ڪُڏي ڪاھي پيو ته پوئتي ڪنڌ ڦيڙائي به ڪونه ڏٺائين ته قافلو باقي ڪيترو بچيو آھي، ۽ سالار ڪيڏانھن ويا.“
    هي ڪتاب 2013ع ۾ ليف پبليڪيشن پاران ڇپرايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪلي.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر پاران

    لاڙ جي سرزمين جتي اڃان ويجھي ماضي ۾ کير وڪرو ڪرڻ به عيب ھوندو ھو ان پٽ ۾ ھاڻي ٺرو گھرن ۾ ۾ ٺھڻ عام جام ٿي ويو آھي، اخلاقي ھيڻائي جي حالت اھا آھي جو سنڌ ۾ بدعنواني معتبري جو لباس پائي ڇڏيو آھي. اھڙي منظر نامي ۾ جيڪڏھن ڪو ماڻھو پنھنجو ڪم ايمانداري سان ڪري ٿو اھائي وڏي ڳالھه آھي.
    عطا دل سنڌ جو اھڙو سدا ملوڪ شاعر آھي، جيڪو گذريل ويھن سالن کان ھڏين جي بيمارين سان وڙھندو ٿو اچي، پر ھن ڪڏھن به پنھنجي بيماري کي پنھنجي حوصلي مٿان فتح حاصل ڪرڻ نه ڏني آھي، ھو ھر روز ان کي شڪست ڏيندو رھي ٿو ۽ پنھنجي شاعري ۾ ھر روز نوان رنگ ڀريندو ٿو رھي، اوھان جڏھن به ھن سان ملو ته ھو اوھان کي ھر لمحي، ڀرڀور زندگي جو احساس ڏياريندو، اوھان ھُن جي جبل جيڏن حوصلن آڏو پاڻ کي ننڍڙو محسوس ڪرڻ لڳندؤ، مايوسين جي لشڪر سان ھو ھر روز پنھنجي شاعري ذريعي جھيڙيندو آھي ۽ ھر روز سوڀ حاصل ڪندو آھي. ھو ھڪ ڀرڀور زندگي، پنھنجي مڪمل وجود جو احساس ڏياري ٿو، طويل بيماري ھن کي ڪڏھن به ذھني شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگھي آھي. اصل ۾ اھا ئي بھادري آھي جيڪا ماڻھن لاءِ تاريخ ۾ ھڪ جاءِ ٺاھيندي آھي. اھڙا انسان پنھنجي ڏاھپ سان سدائين پنھنجي موجودگي جو ڀرڀور احساس ڏياريندا رھندا آھن، اصل ۾ اھڙا ماڻھو زندگيءَ جا پيغامبر ھوندا آھن، جن لاءِ لطيف سائين چيو ھو ته ”اھڙا ئي اھڃاڻ، آئون نه جيئندي ان ري“ .
    لاڙ انوائرمينٽل اويئرنيس فورم (ليف) کي عطا دل جي شاعري جو ھي ڪتاب اوھان جي خدمت ۾ پيش ڪندي ان ڪري به خوشي ٿي رھي آھي ته ھڪ اھڙي شاعر جو ڪتاب اوھان جي آڏو پيش ڪري رھيا آھيون، جنھن پنھنجي شاعري سان محبوبه جيان عشق ڪيو آھي، ھن جي محبوبه سنڌ آھي، ھو ھن کي ھر روز ھڪ نئين رنگ ۾ ڏسڻ چاھي ٿو، ۽ پنھنجي شاعري ذريعي ھو ان جي ڦٽن تي پھا به رکي ٿو، ھو پنھنجي ڪم کي جاري رکيو اچي.
    ليف پنھنجي ان ڪم ۾ ڪيتري ڪامياب ٿي آھي ان جي خبر تڏھن پوندي جڏھن ھن ڪتاب جا پڙھندڙ اسان کي پنھنجي ماھراڻي راءِ کان آگاه ڪندا، اسان ھڪ ڀيرو ٻيھر انھن سمورن ساٿين ۽ خاص ڪري يونس جمالي جا ٿورائتا آھيون جنھن ھن ڪتاب کي ترتيب ڏيڻ ۾ اسان جي تمام گھڻي مدد ڪئي ۽ ھن قومي خدمت ۾ اسان جو ساٿ ڏنو.


    نواز کٽي
    چيئرمين
    ليف پبليڪشن


    لڄارا لفظ دامن ۾( ”رب زدني علماءَ“)

    ادب جي ھن ڀريل بازار ۾ مون وٽ ھڪ دڪان نما بنا ننڍڙو ھٽ آھي. فڪر ۽ فن ته وڏي وٿ جو نالو آھي، جنھن کان آئون صفا وانجھيل ماڻھو آھيان.ھاڻي ايڏو وڏو منصب ڀلا ڪٿان آڻجي؟ بس آس اٿم ته آڏا ابتا لکيل اکر من ڪنھن جي پلئه پون.
    مونکي اجازت ڏيو ته آئون اعتراف ڪريان ته آئون نڪو شاعر ۽ نڪو شاعري منھنجي. جيڪو لکيو اٿم ته اھا بس منھنجي دل جي احساسن جي رڳو ڊائري آھي، ٿوڙي وٿيءَ سان گڏ شاعري ۽ ڊائري ڄڻ ته ٻئي جاڙيون ڀينرون آھن منھنجي احساسن جون پورنما چنڊ سدائين غور ۽ گيان جي ڪڏھن اندر ته ڪڏھن ٻاھر ڦرندو رھيو آھي، ڪڏھن سوچي ڪونه سگھيس ته ڇا لکان ۽ ڇا نه لکان؟ اڄ به ورھين پڄاڻان اھوئي ويچاريان ويٺو ته ڇا لکڻ کپندو ھو ۽ ڇا نه لکڻ کپندو ھو!؟
    حياتي جي پڇاڙڪي پنڌ ۾ بھتر ٿيندو ته وڏي ٻرانگھه کڻي ڊگھي ڊوڙ پائي پنڌ کُٽائجي؟ يا وري آھستي آھستي ڌيري ڌيري وک کڻجي، يا ته دم پيو پٽجي يا دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏجي، ٻيو ڇا ڪجي؟
    سچ اھو آھي ته محبوبه کان ويندي مھراڻ جي مڙني ماڻھن تائين سڀني منھنجي من اندر کي خوب موھيو. پر جنھن سڀ کان سرس، اھو رڳو ھڪڙو، حسن درس، جنھن جي عاشقي ۽ شاعري وصال کان ويندي وڇوڙي کان پوءِ به منھنجي روح جي رھنمائي ڪندي ٿي رھي ۽ جلا بخشيندي ٿي رھي. حسن درس، جنھن منھنجي لاڙ جي سٻاجھي شاعر سڄڻ سومري سان مخاطب ٿيندي ڄڻ ته سنڌ ۽ مون سميت لاڙ جي سمورن لکندڙن سان مخاطب ٿيندي ھي سٽون سرجي ڇڏيون ھيون ته:

    پريمو ڪولھيءَ کان پڇندين ته توکي ھو ٻڌائيندو
    اکيون ڪھڙيون، پرين ڪھڙا سڄڻ دل جو چڪڻ ڪھڙو
    سيارو ڦوھ جوانيءَ ۾، نه تو سوچيو ته ڪيئنءَ لکجي
    پيالو پُر اکيون ڇلڪن، اسان جو ٻيو سڪڻ ڪھڙو
    سٽو اڏرن اٿن ڌڙڪن، وڄن ٿيون ساز وانگي جي
    لڄارا لفظ دامن ۾ ، ڀلا تن کان لڪڻ ڪھڙو.

    بس دوستو! شاعريءَ توڙي ڊائريءَ کي لکئي جو ليک ڄاڻي مٺو ٿجي ۽ ماٺو ٿي رھجي.
    ايترو ڪافي آھي.

    اوھان جو پنھنجو

    عطا دل بدين
    29.09.2013
    ايڊريس؛
    دل ھائوس، نزد يو بي ايل بدين


    ھوا روپوش اچڻي آ . . . !!

    ھن جي جواني ھن کان لوھ پائي ڪانه ڀڳي ھن ته پنھنجي جواني جو ھر پل نھايت ئي آھستي آھستي بيرحم حالتن جي گھاڻي ۾ پيڙھجندي ۽ انھي جي آوازن مان مزا ماڻيندي گذاريو. ھو پنھنجي دور جو ڪو مخدوم بلاول ته ڪونه آھي نه ڪو سرمد آھي پر ھو ته بس ھڪ عام سياسي ورڪر ۽ شاعر آھي جيڪو ائين ئي جدوجھد جي جھان ۾ ڪُڏي ڪاھي پيو ته پوئتي ڪنڌ ڦيڙائي به ڪونه ڏٺائين ته قافلو باقي ڪيترو بچيو آھي، ۽ سالار ڪيڏانھن ويا. ھن کي نه پلاٽ، نه پرمٽ ۽ نه ڪنھن عھدي جي لالچ ھئي. ھو جڏھن ھاءِ اسڪول ۾ اڃا نائين ڪلاس جو شاگرد مس ھو ته پيپر ھلندي ھن کي خبر پئي ته شھيد فاضل راھو شھر ۾ ڪنھن جلسي کي خطاب ڪرڻ اچي ٿو ته علي احمد جوکئي ساڻ گڏجي اچي ھن نه رڳو اھو پروگرام اٽينڊ ڪيو پر اتي انائونسمينٽ به ڪيائين. ان وقت عطا دل ھڪ سنھڙو سيپڪڙو ، ڊگھو ۽ وڏن وارن وارو عام ڇوڪرو ھو. منشي ابراھيم جي من جي شاھدي اڄ به موسى جوکيو ڏيندو ته ڪيئن نه سندس نيڻن ۾ ان ڏينھن شھيد فاضل راھو جي موجودگي ۾ عطا جو آواز ٻڌي آسرا جاڳي پيا ھئا.
    شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي ڦاسي جي خبر تاريخ جي ھڪ بدترين خبر ھئي ۽ ھي نوجوان ان رت جي درياءَ ۾ پنھنجي سوين ساٿين سميت شامل ٿي ويو. ڪھڙي اک ھئي جيڪا ڀٽي صاحب جي خاطر نه رُني ھئي، ڪھڙو غريب ورڪر ھو جنھن ڪفن سر ٻڌي اچي ميدان نه مچايو ھو، ھڪ بي ھٿيار ڇوڪري، وردي واري جنرل ضياءَ جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون، ڇو ته ھن جي قافلي ۾ سر ڏيڻ وارا ساٿي شامل ھئا. ان وقت ھر ھنڌان ھڪ پلاند جو پيغام ھو، جيڪو جھر جھنگ جھاڳي ھر روح جي ڪاڪ محل ۾ کاٽ ھڻي رھيو ھو انھن ڏينھن ۾ گھر گھر ماتم ھو ۽ بينظير ڇڙوڇڙ ڪارڪنن جي لاءِ ھڪ آس ۽ اميد ھئي. ھي سرخ گلابن جي ھڳاءُ جو دور ھو. ائين ئي سياسي رومانس جي ريشمي احساس کي ساڻ کڻي عطا دل جيل به جھاڳيا. جيڪي سياسي ورڪر ايم آر ڊي تحريڪ جي وقتن ۾ جيلن ۾ رھيا ھوندا انھن کي عطا دل جو اھو مڌر آواز اڄ به سماعتن ۾ گونجندو ھوندو، جڏھن باريڪن مٿان شام جا پاڇا لڙڪي لھندا ھئا تڏھن ھن جو آواز گونجندو ھو:

    گولين کان ڀي ڪين ڊڄن ٿا سوين سلام سوڍن تي،
    ڪوڙا، قيد ۽ ڏنڊ جي ھوندي، قوم سڄي آ روڊن تي.

    ھڪ بھادر ۽ باھمت ورڪر جيان عطا دل جيل جي انھي جھان کي آباد رکي، پنھنجيون حسين يادون اتي ڇڏي آيو. انھي عطا دل جي اکين وقت جا انيڪ ڦيرا ڏٺا ۽ پنھنجي سون جھڙي جواني ڏئي وار چاندي ڪيائين پر ھن سان وقت ڪا ٺڳي ڪانه ڪئي. ھن کي آدرشن جي نيلام بازار جھوري وڌو. وقت بدليو ظلمتن جي ڪاري دور جي بدران عوامي راڄ جا نغارا وڳا. وري مديني جا مير ڪر بادشاھ بينظير جي رقصن سان شھيد راڻي کي بادشاھي به ملي، پر عطا دل سميت انيڪ انھن اذيتن ڀوڳيندڙ ڪردارن جي لاءِ ڪارو چڪر نه بدليو ته نه بدليو.
    قسمت جا عجيب کيل آھن ته اھو فلسطيني کجين جھڙو ڊگھو عطا دل ھڪ اھڙي بيماري جي ور چڙھي ويو جو گذريل ٻارنھن سالن کان ھو مڪمل طور پيرالائيز ٿيل آھي. ھڪ ھنڌ، ھڪ جاءِ تي پيل عطا دل جي اکين ۾ اڄ به اھا ئي روشني سلامت آھي جيڪا انھن ڏينھن ۾ ھوندي ھئي جڏھن ھو اڪيلو ھٿيار کڻي مزاحمتي قافلن جي سرواڻي ڪندو ھو.
    عطا دل فاضل، بينظير ۽ قاضي محمد بخش ڌامراھ جي دور کان ھن دور جو سفر ڏاڍو ڏکيو طئه ڪيو آھي، ان وچ ۾ ھن رڳو شھيدن جي لال لھو جي ڪھاڻي پنھنجي اکين جي نيرن سان لکي آھي پر ھن ته ڳاڙھا ڳڀڙو پتنگن جيان پچندي به ڏٺا آھن ته پنھنجي انھن محبوب يارن جو وڇوڙو به ڀوڳيو آھي. جيڪي ھلي اچي ھن جي سار لھندا ھئا، ھاڻي به ھن جون اکيون در ۾ واجھائن ٿيون ته ڪٿان حسن درس لڏندو ٽھڪ ڏيندو ساڻس اچي ملندو ۽ ڪٿان عاشق انصاري مرڪندو مھڪندو اچي نمودار ٿيندو. عطا دل جو اھو حوصلو آھي جو ھن ڪڏھن سنگت کي سارڻ نه وساريو آ. پيرالائيز ھئڻ جي باوجود به ھو سندس نالي سان جڙيل اڪيڊمي پاران فنڪشن آرگنائيز ڪري سنڌ جي ٻرندڙ اشوز تي نوجوانن کي ھمٿائيندو رھي ٿو. ھو پاور ۽ پئسي ھٿان پيرالائيز ٿيل ذھنن جي لاءِ ھڪ زندھ مثال آھي. ھن کي ڪنھن کان ڪا به شڪايت نه آھي. ھن ڪڏھن پنھنجي قربانين کي ڪنھن ڳاڙھي بندي تي لکي سنڌ مٿان قرض نه ڪڍيو آھي. ھو ھڪ اھڙو ڪردار آھي جيڪو اکين سان ڏسندو رھي ٿو ته منزل انھن ماڻي جيڪي شريڪ سفر ئي نه ھئا. پر ھو پنھنجو ڪم ڪندو ٿو رھي، وقت کي ڪي ٻيا گذاريندا ھوندا، ھن قسم جي ڪردارن کي وقت گذاريندو رھي ٿو رھي ۽ جيئڻ سان انھن جي جستجو جاري رھي ٿي.
    ھو بقول استاد بخاري جي ”اسان سان ڪچھريون ڪريو دوستو، ھليا وينداسين اوچتو اوچتو“جا نياپا اماڻيندو ٿو رھي. عطا دل اڄ به پنھنجن انھن سمورن جدوجھد ۽ جيل جي دور وارن ساٿين کي خوب ساري ٿو ۽ ھو اڄ به ڪمال جي شاعري ڪري ٿو.
    بھارن کي ٻڌايو ھو فضا، خاموش اچڻي آ،
    الائن مان تپش تاڻي، ھوا روپوش اچڻي آ،
    لُکن ۾ لِڱ پيا سڙندا، گلابن جا فصل ڇڻندا،
    ايندي ير! اوچتو بارش، مند مدھوش اچڻي آ.

    انھي مدھوش مند جي آمد ۽ انتظار ۾ اکيون ڏيل ڏيئا ڪري ويٺل شاعر ۽ سياسي ورڪر عطا دل انھن سوين پاسيرو ٿيل قومي ڪارڪنن جي لاءِ ھڪ نياپو آھي، جيڪي پنھنجي قافلي جي سرواڻن جا پير ڏسي نااميدي جي ھڪ ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيا آھن.

    امير منڌرو
    بدين


    ارپنا

    حسن درس جي نانءُ
    جنھن جي شاعريءَ ۾
    رڳو زندگي آھي.

    عطا دل


    شاعري

    نيٺ پراڻي ٿي ويندي

    نيٺ پراڻي ٿي ويندي

    هيءَ جا اڄ نئين، سا نيٺ پُراڻي ٿي ويندي،
    اسان جي عشق جي پوري ڪهاڻي ٿي ويندي.

    هرکڻ تي ڇا جي لاءِ هانءَ هيرائين ٿو تُون،
    ڊاک اڃان ڪچي آهي، رس هاڻي ٿي ويندي.

    آڳ آتش بڻي آهي، هُن وٽ هُو هينئر ناهي،
    پرينءَ کي پاڻ پسندي ته پاڻي، پاڻي ٿي ويندي.

    سنڀالي ڪونه سگهنداسين، جيءُ پنهنجي کي اسين،
    اِئين ڪڏهن جي اوچتو دِل ويڳاڻي ٿي ويندي.

    ڪنهن ڏينهن گهوٽ بڻجي نازڪ هٿ جهلي وٺبو،
    سيج تي هُن نار جي، مُٺ ساڻي ٿي ويندي.

    جڏهن به رَسم جي، تو ’عطا دل‘ ڪڙي پاتي،
    هوش جي ۽ جوش جي هڪ هڪاڻي ٿي ويندي.
    -*-


    خود خمار ٿي وڃون

    خود خمار ٿي وڃون

    عشق جي ٻيڙيءَ ۾ ويهي، ٻئي سوار ٿي وڃون،
    پيار کي پاڻيءَ جيان، پي چِڪار ٿي وڃون.

    ننڊ نيڻن کي چيو، اڄ ته آهي الوِداع!
    جاڳ جا جِنسار جوڙي، آ ته پار ٿي وڃون.

    مندرن ۾ ماٺ آهي، گهنڊ ڪو ڪونهي گڙيو،
    شهر واري شور ۾، اچ شمار ٿي وڃون.

    من گهريو محبوب ماڻي، مان بڻيس بادشاهه!
    دُعا ڪريو درويش جهڙي، ڪا پُڪار ٿي وڃون.

    آسمان مُرڪ جو، محتبن جو ماهِتاب،
    زندگي زمين جي، مُند بهار ٿي وڃون.

    جام کي جانچي ڏسون ۽ رقص کي جاري رکون،
    خوبصورت خيال ڪنهن ۾، خود خمار ٿي وڃون.
    -*-


    تنهنجي نگريءَ ڏور اسان کان

    تنهنجي نگريءَ ڏور اسان کان


    اُتر جو ڪو واءُ وَريو آ، اهڙيءَ مُند ۾ چاهه چَريو آ،
    مچڙو ٻاري ويٺو آهيان، چهرو مُنهنجو ڳاڙهو لال.

    اهڙو ڪوئي ڏينهنءَ به ايندو، ماڻهن جي ڪنهن ميلي ۾،
    تُنهنجي مُنهنجي وِچ ۾ هوندو، سونو سونو ميندي ٿال.

    نِڀ تي پيارا ساڳيا سارا، تارا ڪتيون کير ڌارا،
    سِج صدين کان ساڳيو آهي، چنڊ نه بدلي آهي چال.

    هر هر اُڏندا مور ’عطا دل‘ هڪ ڀٽ کان ٻي ڀٽ تائين،
    لُڪ لڳيءَ جو سانوڻ اِيندو، هرڻيون ڏينديون ڇرڪي ڇال.
    -*-


    هان!- ڇا ٿي چئي

    هان!- ڇا ٿي چئي

    تتي سج جو وسي ٿي اُس، وڻن جي ڇانءَ ڇا ٿي چئي،
    پري کان ڪوڪ ڪويل جي اوهان جي نانءَ ڇا ٿي چئي.

    لکين ڪي نيڻ اٽڪي پيا، هزارين عشق ٿيا ناڪام،
    هزارين داستانن ۾ دِلين جي دانهن ڇا ٿي چئي.

    صبح ٿو ساز سڀ ڇيڙي، منجهند جو رياض جاري آ،
    گوئيا! شام ويلي جي، چُمي ۽ چانهن ڇا ٿي چئي.

    ڪنين ڪارڻ ڀڳئي چوڙيون، اُنهن جا سڀ جلايئي خط،
    بِنا چوڙين جي خالي چئو، اوهان جي ٻانهن ڇا ٿي چئي.

    بندوقن جا ڇڏيل ڇيرا، ڍنڍن ۾ ڍار ڊوڙي ٿو،
    مڇيءَ کي ماٺ وَئي ويڙهي، پکيءَ جي آنهن ڇا ٿي چئي.

    سڄيءَ سنڌ کي به سوچي ڏس، ندين تي به نظرون رک،
    لُڏي ٿي لام ڪنهن وڻ جي، اُتي ڪانءَ ڪانءَ ڇا ٿي چئي.

    نهاري نيڻ ناءِ ٿي، سڄيءَ چِت سان چتائي ٿي،
    اها ئي نار اکڙين سان، تڪي توڏانهن ڇا ٿي چئي.

    وري ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃبو وري نئين ڳالهه ٻُڌبي ڪا،
    ’عطا‘ آواز ايندو ڪو، هان! هان! ڇا ٿي چئي.
    -*-


    اکيون ڌار ٿي ويون

    اکيون ڌار ٿي ويون

    سُندر ساٿ واريون، سکيون ڌار ٿي ويون،
    اسان کان اسان جون اکيون ڌار ٿي ويون.

    تڪيندي، تڪيندي ته سورج مُکيءَ کي،
    مِلي ڪونه سگهيون يَڪيون ڌار ٿي ويون.

    هوائن هڳايل ڪي هيرون، وکيريون،
    تڏهن ياد آيون ٻکيون ڌار ٿي ويون.

    ڇهيون ڪونه جيسين رهيون ڏور تيسين،
    جڏهن چاهه چاهيون چکيون ڌار ٿي ويون.
    -*-


    خيالن جي اُتم کيتي

    خيالن جي اُتم کيتي

    سِڪي سُورج ٿو سورنهن نا، جڏهن تون وار ويڙهئين ٿي،
    چٽو چهرو، اکيون گهريون، جڏهن تون جان جهيڙيئين ٿي.

    گهٽيون سڀ ڳوٺ تنهنجي جون، وڻن کان وانجهجي ويئيون،
    کڻي تون نيڻ ڪارا ڪيئن؟ سورن کي سهيڙيئين ٿي.

    پُکا سڀ پيار تنهنجي جا ويا ناڪام ٿي آهن،
    دلين جا سڀ ٽٽا ڌاڳا، اسان کي اِئين اڊيڙيئين ٿي.

    وِندر جو ڪو وکر آڻي ڪريون ڪو خرچ خيراتي،
    مگر هر وقت ورچي تون، بهاني سان بگيڙيئين ٿي.

    تڪبر جي ترارن سان، پليو تو پيار کي پاڻ ئي،
    ڏکن جي راڳڻي هاڻي تون ڇاڪاڻ ڇيڙيئين ٿي.

    حياتيءَ جي حقيقت کي، نٿي ڄاڻين اياڻي ٿي،
    خيالن جي اُتم کيتي، خوابن ۾ ته کيڙيئين ٿي.
    -*-


    سمنڊ ۾ رکيو ڇاهي

    سمنڊ ۾ رکيو ڇاهي

    سفر جي سونهن جو ساٿي، ڪراچيءَ ۾ ڪڏيو ڪاهي،
    اُتي اک عشق ۾ آتي نظارن ۾ نظر ناهي.

    رڳون سڀ روڊ جون روڙي اسان منزل ڇڏي ماڻي،
    ٿڪاوٽ جا ٿلها ٿيلها ڪُلهن مان ڪو اچي لاهي.

    اوهان جي شهر جون شامون وڏا وڻ ۽ ڊگهيون لامون،
    اُنهن ۾ ڪويلن کان پُڇ، پرينءَ جو ڪو پتو آهي.

    ڪناري جي ته ڇاتيءَ سان لڳيو ڇوليون ڇڄن ڇو ٿيون،
    سمورو شور ساحل کي سمندر ۾ رکيو ڇاهي؟

    هوائن هير اهڙي هنئي، اسان جي چت چري ٿي پئي،
    سندم هِن سُرت جو سڳڙو اچي ڪو ڇڪي ٺاهي.

    سراپا سونهن سُندريون سڀ، اچو اجريون ۽ گندريون سڀ،
    دلين جي دُڪانن تي پيو وڻج واپار واجهائي.
    -*-


    هِڪڙو! رُوپ ته ناهي

    هِڪڙو! رُوپ ته ناهي

    تنهنجو هڪڙو روپ ته ناهي، لکي جنهن تي بس ڪيان،
    تون ته هر هنڌ حاضر ناظر توکي ڪهڙو ڏس ڏيان.

    تون ته ازل کان جبلت آهين هرڻين جي، هنجن جي ڪونجن مورن جي،
    تون ته ازل کان گونج نرالي، بُلبل جي ٻاٻيهن جي شورن جي.

    بهار مُرڪي گيت چيو جو، تنهنجي مُند جي مَستيءَ ۾،
    تنهن ۾ تنهنجا ساز سمائيا رم جهم راڳ الستيءَ ۾.

    گهنگهور گهٽا ۾ نئين جو پاڻي جيئن وهي ٿو زور ڪري،
    جوڀن تنهنجو اِئين ڪنواري! واٽن تي ولوڙ ڪري.

    زلف وراڪو جنهن ۾ ناهي تنهنجو، رات به ڪانهي سا،
    مُرڪ وراڪو جنهن ۾ ناهي تنهنجو، پِرڀات به ڪانهي سا.

    جيئن سج سُهائي جڳ جرڪي، باهه لڳي جيئن ٻيلي ۾،
    تيئن ٿي تنهنجي سونهن ڪِري تجلا تجلا ميلي ۾.
    -*-


    هلي آ ڀِٽائي هلي آ هلي آ

    هلي آ ڀِٽائي هلي آ هلي آ

    رسالو تون پنهنجو پڙهي آ، هلي آ،
    سنڌڙي ڪڏهن کان ڪڙهي آ هلي آ،
    ڪو ڏاگهو پلاڻي چڙهي آ هلي آ،
    جهانگين جهول تولئه جهلي آ هلي آ،
    هلي آ، هلي آ، ڀِٽائي هلي آ.

    ڀٽن ۾ ٻري باهه ڀلين ڀڙڪائي ڀڙڪا،
    ڇُٽا تير آهِن ڪمانن مان ڪڙڪا،
    ڪو باندي بندن ۾ پيو کائي اُٻڙڪا،
    اڃا آس ماروئن نه تو مان پلي آ،
    هلي آ، هلي آ، ڀٽائي هلي آ،

    روهن مٿان ڪا ڪونج رڙندي اچي ٿي،
    اڪيلي اويلي اُڏرندي اچي ٿي،
    وانڍيارن جي وانڍن کان ورندي اچي ٿي،
    شِڪارين جي ڊپ کان وَلر مان ڀُلي آ،
    هلي آ، هلي آ، ڀٽائي هلي آ.

    اڙي شاهه! ٿر ۾ ٻاٻيهو مَري ٿو،
    ڪا بُلبُل ۽ ڪويل پپيهو مري ٿو،
    ڪو تاڙو ۽ مورن جو جوڙو مري ٿو،
    جسم جان جندڙي جلي آ جلي آ،
    هلي آ، هلي آ، ڀٽائي هلي آ.

    ڪو قومي صحافي پيو توکي سڏي ٿو،
    ڪو ننڍڙو کٿابي ٿو توکي سڏي ٿو،
    ڪو گلڙو گلابي پيو توکي سڏي ٿو،
    ڪينجهر ۾ ڪوماڻي ڪا تازي ڪلي آ،
    هلي آ، هلي آ، ڀٽائي هلي آ.

    ناريون، نوجوان ۽ ٻُڍا ٻار جاڳيا،
    ڪهاڙيون ۽ ڏاٽا کڻي يار جاڳيا،
    مزدور هاري ۽ لوهار جاڳيا،
    چوي ٿو ’عطا دل‘ اِها مُند ڀلي آ،
    هلي آ، هلي آ، ڀٽائي هلي آ.
    ڀٽائي! ڀٽائي! هلي آ، هلي آ.
    -*-


    ڏور سفينو ڙي

    ڏور سفينو ڙي

    سمنڊ ۾ ٻريون،
    رات جو ڪيئي،
    بتيون شهر جون.
    آسمان پيو لُڏي،
    سمنڊ جي آئيني ۾،
    ڪو جهان پيو لُڏي.

    توکي ميت چيو،
    وير وري ڊوڙي،
    ساحل گيت چيو.
    ڇولي ڇوڙي ڇير،
    تنهنجا واريءَ ۾،
    مينديءَ رَتا پير.

    سمنڊ چئي ڇاتيون،
    آڇي جي مون کي،
    گهاريان ڪيئي راتيون.
    خالي سينوڙي!
    اُڃ سفر جي،
    ڏور سفينو ڙي!
    -*-


    ڳالهين جي ڳولا

    ڳالهين جي ڳولا

    ٽوليون ۽ ٽولا،
    ڪيڏا پاڇولا.
    پانڌيئڙا پهاڙن ۾
    لَڪن ۾ لِڪن ڪيئن؟
    جهَڪون ۽ جهولا،
    پانڌيئڙا پَهاڙن ۾.
    لڳي ٿو لاهوت ۾،
    مولا ئي مولا،
    پانڌيئڙا پهاڙن ۾.
    ڏنگو پنڌ پهاڙ جو،
    ڀُلج مَ ڀولا،
    پانڌيئڙا پَهاڙن ۾.
    جبل جي جان ۾،
    رُڃ رڳو رولا،
    پانڌيئڙا پَهاڙن ۾.
    رات ۽ سانت ۾،
    لکين بتيون، گولا،
    پانڌيئڙا پهاڙن ۾.
    مِٺا ورهائن پاڻ ۾،
    لوليون ۽ لولا،
    پانڌيئڙا پهاڙن ۾.
    -*-


    دِل جي باري ۾

    دِل جي باري ۾

    دِل دريا، آهي يا سمنڊ؟
    دِل ديس آهي
    يا کنڊ؟

    دِل تارو آهي
    يا چنڊ؟

    دوست!
    دِل دُنيا آهي
    ورڇ ۽ ونڊ.
    -*-


    او چيري

    او چيري

    تنهنجي شهر منيلا ۾
    توڙي تو وٽ
    ناهيان مان
    پوءِ به
    روشنين ۾
    رنگينين ۾
    نائٽ ڪلبن ۾
    ڊسڪو ڊانسن ۾
    جوش جوانين ۾
    گلاسن ۾
    شرابن ۾
    تنهنجا منهنجا
    رنگ به رهندا
    سنگ به رهندا
    انگ به نچندا
    چاهه چمين جا
    چنگ به وڄندا
    هرپل پنهنجي
    هستي رهندي
    مئي خاني جي
    مستي رهندي
    تنهنجي شهر منيلا ۾
    توڙي تو وٽ
    ناهيان مان.
    -*-


    مهمان

    مهمان

    هاءِ زندگي! هاءِ
    موت به ٿو مهمان چواءِ
    جيون جي انت بحر تي
    ڪيڏو ڀاري آهي
    جنهن کي تاڻي ۽ چاهي
    پل نٿو ترساءِ
    توکي مون کي
    هن کي هُن کي
    وڃڻو اوڏانهن آهي!
    پوءِ به ڇو؟ مهمان چواءِ؟
    پوءِ به ڇو؟ مهمان چواءِ؟؟
    هاءِ زندگي هاءِ
    -*-


    سلسلو

    سلسلو

    زندگيءَ جو
    هي ڪچو گهڙو
    نيٺ ته
    جهُري به پوندو
    پر، پوءِ به
    اُلفتن جو
    سڄو سلسلو
    ڪائنات جي
    وسعتن ۾
    هلندو ئي رهندو
    ۽ نفرتن جو
    ڪوبه پاسو
    ڪير ڄاڻي!
    ڪٿي دفن به ٿيندو؟
    يا، نه
    ڪڏهن ڄاڻي به سگهبو؟!
    ڪڏهن ڄاڻي به سگهبو؟!
    -*-


    جڏهن هو ناهي!

    جڏهن هو ناهي!

    ڪاليج ۾
    اُهو
    جيڪو روزاني
    تنهنجي آس پاس
    ڦرندو آهي گهمندو آهي
    توکي تڪيندو ۽ جاچيندو آهي
    هُن جو
    تنهنجي هرڻين جهڙين
    ڪجلين اکين ۾ گهوري نهارڻ
    ۽ توتي هر وقت هاوي رهڻ
    تو لاءِ سڀ کان وڌيڪ
    پريشانيءَ جو باعث آهي
    تو ۾ چاهڻ جي باوجود به
    ايڏي سگهه ناهي
    جو تون ان کي چئي سگهين
    ”آءِ- لَوَ- يو“
    تون ڏس ته
    هُن کي ڪيترو ٿي چاهين
    هُن جا دوست ڪاليج ۾
    خاص جاءِ تي ويهندا آهن
    جتان هڪٻئي کي
    اوهين چڱيءَ طرح ڏسي سگهو
    ان ريت
    نظرن ۾ نينهن نياپا ڏيڻ
    روز جو معمول آهي
    ڪڏهن ڪڏهن،
    هوڪو نه ايندو آهي،
    ته تنهنجون نظرون
    هُن جون متلاشي بنجي ڳولينديون آهن!
    ۽ا ڄ به ساڳيءَ ريت
    جڏهن هو ناهي!!
    ته هُن جي نگاهن جو قيدي
    تنهنجو بدن
    ڄڻ ته آجو آهي،
    تون هوا ۾ هلڪي ٿِي پيئي آن
    تون
    ڀرئي ڪاليج ۾
    ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن ۾
    اڪيلي ٿِئي پئي آن!
    -*-


    ا ڙي شاعر

    ا ڙي شاعر

    زندگيءَ جي ريل جا
    سڀ مسافر وڇڙي ويندا آهن
    عام ريل جي مسافرن جيان!
    ۽ يادگيرن جا
    رڳا ڌنڌلا عڪس به
    عرصي جي وڇوٽيءَ کانپوءِ
    واريءَ تي هليل قدمن جيان
    وقت جي دز
    لٽي ٿي ڇڏي!
    تون ۽ مان
    ڪتابن ۾ جي
    جيئرا به هوندا سين،
    ته ڪيستائين...!؟
    ڪير ڄاڻي اڙي شاعر!؟
    -*-


    روح جا رشتا

    روح جا رشتا

    هاڻ محبت ۾
    هيجا نيت جي ڪيفيت
    پاڻ ٻنهي تي
    طاري آهي
    هاوي آهي
    دل ۽ دماغ
    ذهن ۽ ضمير ۾
    ضم ۽ جذب آهي
    سوچن، خوابن، خيالن
    ۽ تصور جي
    دنيائن ۾،
    ڇيهه تائين ڇانيل آهي
    هاڻ
    هي روح جا رشتا
    تون
    ڇنڻ به چاهيندئينءَ
    ته ڇني ڪونه سگهندئينءَ!
    ۽ پيار جا ڏينهنڙا
    ڪڏهن نه وسرڻ جهڙا
    وسارڻ به چاهيندئينءَ
    ته وساري نه سگهندئينءَ!!!
    -*-


    مزاج

    مزاج

    تارن جي ٽم ٽم
    گلابن جي خوشبوءِ
    اکين ۽ چپن ۾ ته
    محسوس ڪئي سون
    اوهان جي طبيعت
    اوهان جو مزاج
    نڪو امتزاج
    نه محسوس ڪيوسون
    نه سمجهي سگهياسون!
    -*-


    دلبري

    دلبري

    سڀ دريون ائين کُلن
    جيئن کلي ڪا دل دري
    سڀ ڀنڀوريون ائين اڏامن
    جيئن اڏامي پريم پَري
    اِن گهڙيءَ ڪو ماڻي ڀلَ
    دلربا ۽ دلبري!!!
    -*-


    ابارشن

    ابارشن

    او پاپي!
    تنهنجي پاپ جي موٽ ۾
    ڪيڏو نه پاپ ڪيو سون
    گرڀ ۾
    جيوَ کي قتل آپ ڪيوسون

    ابارشن
    مڃون ٿا ته
    اهو پاپ ڪيو سون
    ها پر
    هر ڏيهه جا مالڪ
    ۽ ڪام ديو جا خالق
    اسان کي
    اهو ٻڌاءِ
    ته
    ان ڪام ديو جي
    آتش فشان تي
    انسانن جي اڪثريت
    سندن احساسن ۾
    سرير جي پهاڙن ۾
    دٻائي
    بند ڪري
    بچائي سگهي آهي؟
    ۽ پوءِ؟
    پچائي سگهي آهي؟
    اسان جي شعور جو جواب
    ناڪاري آهي
    اسان جي مت
    اسان کي ٿي ٻڌائي
    ۽ عقل جي ايمان جي
    ٿي سوچ سڻائي
    ته اسين
    انهن انسانن جي
    اڪثريت جا
    رڳو ٻه انگ آهيون
    ڪوبه دنگ ناهيون
    اڃا خبر ته
    ڪيترا ايندا
    جيڪي
    اسان جيئنءَ هوندا
    ۽ ڪام ديو جي
    زور آڏو زير ٿي پوندا
    شڪست کائي ڍير ٿي پوندا
    مڃون ٿا ته
    اسين پاپي آهيون
    تنهنجي تهمتن تائين
    سمجهه ڪافي آهيون
    پر تون ته
    ”اول“ ۽ ”مها“
    پاپي آهين.
    اسان توکي
    تنهنجي پاپ جي
    موٽ ڏني آهي
    ۽ وڏي
    چوٽ ڏني آهي
    الاءِ اسين
    پاپي آهيون
    يا پاپي ناهيون
    او پاپي سماج!
    او پاپي سماج.
    -*-


    نه سائين...!

    نه سائين...!

    نه ڄاڻان
    ائين
    هوندو به يا ڪونه
    پر توکي
    چوان ڇو نه
    ٻڌان ٿو
    ”تنهنجي وڏي هام آهي
    ۽ اها سر عام آهي
    ته تون مون کان الڳ آهين“
    ”نه سائين“
    مان-
    پرين توکي ٻڌايان ٿو
    ۽ وڏي واڪي
    پڏايان ٿو
    ماڻهو
    سوچي ٿو
    لوچي ٿو
    هلي ٿو هيڪاند
    ۽
    اندر جي آند مانڌ
    روح کي اظهار لاءِ
    مجبور ڪري ٿي
    پوءِ
    زبان اٿلي ٿي
    چپ چرن ٿا
    ڪجهه ٻولن ٿا
    شهه رڳ جي شور تي
    آواز جي زور تي
    ..................
    ڏس
    ته ان ۾
    ڪيڏو نه تسلسل آهي
    مٺو يا ڪڙو مسلسل آهي
    ۽ تون به
    اهو ئي اهو
    ان تسلسل جو
    حصو آهين
    ۽ منهنجي زندگي جو
    ڪڏهن به نه وسرندڙ
    قصو آهين
    هاڻ چئو
    تون ڪو
    ”الڳ آهين“
    ”نه سائين“
    -*-


    ٿڪل محبت

    ٿڪل محبت

    وهندڙ واهه ۾
    پاڻيءَ جي لاٿ جيان
    اسان لاءِ
    اوهان جو پيار
    گهٽجي ويو
    ۽ ڪناري تي بيٺل
    وڻ جي پاڙن جيان
    اسان جي تن من جون
    سڀ رڳون
    اڃيون پيون ٿين
    پر
    اميد جي پاڻيءَ جي،
    ريسال اڃان باقي آ
    جو اسان کي
    جيئڻ جو
    رُڳو آسرو آ.
    -*-


    گلابي قيد

    گلابي قيد

    کوڙ ساريون راتيون
    تنهنجي خوبصورت
    ڳورين ٻانهن جي
    ”گلابي“ قيد مان
    الڳ ۽ آزاد هوندي به
    مون کي ماري ۽ مڃائي
    نه سگهيون
    مان تنهنجي عشق ۾ هارايان ها
    ته آپگهات ڪريان ها!
    *-*-*


    مقدر ۾

    مقدر ۾

    اُها
    جيڪا
    اڻ ڏٺل خوبصورت خواب وانگي
    منهنجي زندگيءَ ۾
    ناهي آئي
    ۽ نه وري اڃان
    تصور ۾ سمائي
    مقدر ۾
    اُها جي اچي
    ۽ سدائين جي
    منهنجي ٿئي
    شال! اهڙي هجي
    شال! اهڙي لڳي
    جهڙي هيل تائين
    منهنجي نه پڙهيل
    لطيف جي ڪا
    سُندر وائي!!!
    -*-


    اڄ جڏهن...!

    اڄ جڏهن...!

    منهنجي نظرن جي راهه ۾
    تنهنجي حُسن جا هزارين
    موتيا ۽ گلاب
    جهومن پيا
    سموريءَ هوا ۾
    ۽ فضا ۾
    تنهنجي بدن جي
    خوشبوءَ جو هڳاءُ
    سمائجي ويو آ!
    اهڙي ويل آئون
    اڄ جڏهن
    تنهنجي نازڪ هٿن جي
    کٿوري ڇُهي
    تنهنجي نيڻن جا
    ڪنول ۽ چنبيلي چمان ٿو
    محسوس اُن پل ڪيان ٿو
    بهشت ۽ جنت آ
    مون لاءِ
    هي جهان ڪُل!
    هي زمان ڪُل!!
    هِي مڪان ڪُل!!!
    -*-


    هڪڙي ساوڻ ۾ ٿر جو گيت

    هڪڙي ساوڻ ۾ ٿر جو گيت

    سنڌ ۾
    هن ويل
    برکا رُت جي بانوري
    ۽ دادلي ديوي
    ڇيرين ۾
    وڏڦُڙا پوئي
    ٺُمڪ، ٺُمڪ
    نچي ٿي پيئي
    گرج، گرج
    گجي ٿي پيئي
    ۽ هن جي
    زلفن جي
    بادلن اندر
    رات ڇڙيون
    هڻي ٿي پيئي
    ۽ هن جي نيڻن سان
    نظر ايندڙ
    سڀ نظارا
    پُسن ٿا پيا
    ۽ چيلهه جي
    هر وادي
    مينهن آڇي گهڻو
    نينهن آڇي گهڻو
    ۽ ڇاتين جو
    ڇوهه سارو
    سُونهن پارو
    ۽ ٻانهن جي ٻکن ۾
    چاهه چمين ۾
    حسرتن جا
    موهه ۾
    مست، الست
    جوڙا ئي جوڙا
    پر
    هر ٺُمڪي جي زور تي
    اِن شهزاديءَ جي
    نچندڙ پڳ جي هيٺان
    هڪرو گلاب گهٽجي ٿو
    ۽ رڙ ڪري چوي ٿو
    ٿر تي ماڪڙ جو حملو!
    ٿر تي ماڪڙ جو حملو!!
    -*-


    هڪڙو ويچار

    هڪڙو ويچار

    ها، اي دوست!
    تو جي ڪيون
    ڪجهه ڪوششون
    ته ڄاڻ
    وقت ويجهيون ڪيون
    گلابي ويس ۾
    ويڙهجي مليون
    مٺا منزلون!
    هاڻ انهن
    منزلن
    جو
    مان مرتبو
    شان شوڪت
    ڀرم ڀروسو
    ڪير آهي جيڪو؟
    بچاءِ سگهندو
    لوڪ کان
    ڪر پُڇا
    جي اهڙو
    اڃان ڪونه ڄائو
    ته پوءِ
    منزلن جي
    ماڻڻ کي
    ڪجهه وقت لئه
    رڳو سپنو ڄاڻي
    سپني کي
    سپنو ئي
    رهڻ ڏيَ!!
    -*-


    ان کان اڳي

    ان کان اڳي

    مُندَ
    خزان جي اچي
    ان کان اڳي
    ڄڻ ته
    پيار جي گلن جون
    سڀ نرسريون
    ختم ٿي ويون
    ۽ هاڻ
    ڪومل ولين جون
    چاهت چڪيون
    ڪٿان آڻبيون؟
    ها!
    رات جي راڻيءَ جو
    واس ماڻيون!؟
    ته ڪيئنءَ ماڻيون؟
    هي جوڀن وڇوڙو
    اڃان ڪونه ٿيو
    وڇوڙي جون ڳالهيون
    تو ڇو چيون؟
    تو ڇو چيون؟
    تو ڇو چيون؟؟؟
    -*-


    زندگي جي تاش راند ۾

    زندگي جي تاش راند ۾

    تاش راند کيڏندي اوچتو ئي اوچتو
    ڌيان هن جو
    تو ڏانهن ٿي ويو.
    ۽ پنهنجي واري جو
    غلط پتو
    اُڇلائي ٿو
    آخري راند
    هارائي ٿو!
    راند هارڻ جو
    ڏوهاري سڄو
    تنهنجي ياد کي
    سمجهي ٿو
    عشق جي
    تاش راند ۾
    اُن انوکيءَ
    ويڙهاند ۾
    مون ڇا ڄاڻي؟
    ڪو پتو نڀاڳو
    اُڇلي ڇڏيو
    جو هُوءَ راند به هارائي ويٺس
    هِن راند وانگر!
    ها مگر
    هو وري
    سوچڻ لڳي ٿو
    ڳولڻ لڳي ٿو
    زندگيءَ جي
    تاش راند ۾!!!
    -*-


    پوءِ...!

    پوءِ...!

    من اندر ۾
    ٻنهي جي
    محبت ته هئي
    اڳئي
    پر جڏهن
    پنهنجي اکين مان
    لڄ پري
    وئي اُڏري
    پوءِ...!
    تنهنجا چپ چُميم
    بدن جو ريشم
    ڇُهي ڏٺم.
    -*-


    الاءِ نه

    الاءِ نه

    سُهاڳڻ جي
    لانوَ ۾
    نِم جي
    ڇانوَ ۾
    ۽
    هانوَ جي
    ٿڌي ٿانوَ ۾
    ڪڏهن
    ساريو به هوندئي
    الاءِ نه!
    -*-


    تون هلي آ

    تون هلي آ

    تنهنجي اچڻ جي
    اوسيئڙي جو عذاب
    اڃان تائين
    ڍلو ناهي ٿيو
    ٿڌو ناهي ٿيو
    جهڪو ناهي ٿيو
    او پرين!
    ان کان اڳي
    جو اهو عذاب
    هانوَ ۾
    ناسور اُڀاري
    ۽ وقت کان پهرين
    ساهه جو پکي
    زوري اڏاري
    تون هلي آ
    تون هلي آ
    ڪنهن به ريت
    منهنجا ميت!
    -*-


    عجيب بيوسي

    عجيب بيوسي

    مجبوريءَ ۾
    ماڻهو
    الاءِ ڇا، ڇا
    ڇڏي ٿو ڏي!
    نه، ته
    سگريٽ ۽ ساهيڙي ڇڏڻ
    هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي!!!
    -*-


    پوءِ ڇا کپي!؟

    پوءِ ڇا کپي!؟

    وقت جا
    ڪانٽا
    ٿي چٻا
    مُڙي پون
    ۽ ذهن جا
    اذيتناڪ
    سڀ لمحا
    ڌيان تان
    مٽجي وڃن-
    ڀوائتا
    ڪُل خيال
    ڀَڄي ڀَڄن
    ۽ رُڳو
    سُندر سپنا
    ڇانئيا رهن
    پوءِ ڇا کپي!؟
    ائين جي ٿي پوي!!
    -*-


    ڇو ائينءَ آئي!؟

    ڇو ائينءَ آئي!؟

    عشق جي
    پهاڙي
    ۽ اگهاڙا پير
    ناريءَ جا
    لسو پٿر نه آهي ڪو
    ڏندا ڄڻ ته
    آريءَ جا-
    ڇوري ڇلجڻ
    ڇو ائين آئي!؟
    سڀ پنڌ وساري
    واري جا-
    انهيءَ رَندَ ۾
    انهي پنڌ ۾
    هليو آهيان
    ٿو مان ڄاڻان
    سبب ان ڳالهه ساريءَ جا-
    اگهاڙا پير
    نارءَ جا-!!
    -*-


    پيار ۾ پوري

    پيار ۾ پوري

    پيار ۾ پوري
    او ڇوري!
    تنهنجي اک جي
    انبُوري
    منهنجي من جو
    ماس پٽي ٿي
    ڄڻ
    چهنب تکي ڪا
    طوطي جي
    ڪومل ڪو
    زيتون ٽُڪي ٿي!
    -*-


    دُونهون دل ۾

    دُونهون دل ۾

    تو، مون سانول!
    سدائين لاءِ
    ناتو پيار جو جوڙيو هو
    ڪوبه نه هوندو
    خالي کن، پل
    کاتو اهڙو کوليو هو
    پوءِ ڇو جاني!؟
    ايڏي دوري
    ملڻ به ڏاڍي مجبوري
    ڏنگي ڏيل کي ئي
    ياد ڪائي مٺي!
    ۽، نه
    تو کان اچي ٿي
    ڪا ننڍڙي چٺي
    نه ڪا فون ڪائي
    نه نياپو اچي ٿو
    رُڳو
    دونهون دل ۾
    دکي ٿو، مچي ٿو!!
    -*-


    مان نه ڄاڻان

    مان نه ڄاڻان

    اونداهي
    غالب پوي ٿي
    ته سوجهرو ان مان
    ليئا ٿو پائي
    اهڙيءَ طرح
    ٿو دنيا کي بدلائي
    اوندهه اصل آهي؟
    سوجهرو اٽل آهي؟
    ڪير مستقل آهي؟
    اُهو ئي ڄاڻي
    جيڪو
    ذهن جي اونهي گهري
    تيز گهور سان
    اٽڪي ڄاڻي.
    مستقل
    سدائين لئه
    ڪير ڪنهن تي
    غالب پوي
    مان نه ڄاڻان!
    مان نه ڄاڻان!!
    -*-


    عقل جي ڳالهه

    عقل جي ڳالهه

    تو مٿي
    تهمتن جو ڪچرو
    گلائن جو گند
    ڪو اڇلي
    ڪوشش ڪر
    ان کان اڳي
    تون، ڪنهن کي
    ڪوئي
    وجهه نه ڏي
    -*-


    ڌُنڌ جا ڪڪر

    ڌُنڌ جا ڪڪر

    تو بن
    منهنجا پرين!
    زندگي جي پنڌ ۾
    هن لنگهه تي
    جوڀن اڃان باقي آهي
    پر ڳرڻ تي آهي
    اکين ۾ سوجهرو آهي
    پر جهڪو ٿيڻ جي ويجهو آهي
    ۽ ائينءَ
    تنهنجون يادون به
    اڃان ته تازيون ئي آهن
    دل چاهي ٿي
    شل سدائين
    تنهنجي عشق جو جهوڙ نانگ
    منهنجي روح جي وڻ کي
    وڪوڙيو ويٺو رهي
    مرڻ تائين
    پر، يادن جي آسمان تي به
    ڌنڌ جا ڪڪر
    ڄاڻ ته
    آيا ڙي آيا!!
    -*-


    هن معاملي ۾

    هن معاملي ۾

    پيئڻ پيارڻ
    ۽ پيار ماڻڻ
    لوڪان
    لڪائي ڪجي پيو
    ائين ٿئي پيو
    جو، ڊڄي ٿو
    هت هرڪو
    کائي خوف
    عزت جو
    هن ديس ۾
    منهنجي شهر جا
    ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا
    ڇرڪن پيا
    پيئڻ پيارڻ کان
    ۽ پيار ماڻڻ کان
    مان ٿو چوان
    اي نوجوان!
    هن معاملي ۾
    جيڪي ڪجي سو
    لڪائي ڪجي ڇو!؟
    هزارين بندشن هوندي
    چوڻ جو به چاهيو
    چئي سو ڇڏيو
    ڪرڻ جو به چاهيو
    ڪري سو ڇڏيو
    پيئڻ پيارڻ زندگي آهي!
    ۽ پيار ماڻڻ بندگي آهي!
    اهو ڄاڻي وٺو
    ۽ خوب ماڻي وٺو
    ڀلا نه، ته به
    پنهنجي ذهن ۾
    هن معاملي جي
    آزاديءَ جو
    تصور ئي آڻي وٺو!!
    -*-


    ڪارونجهر ۽ اڪيلو مان

    ڪارونجهر ۽ اڪيلو مان

    سڄو سائو ٿر
    منهنجي پيرن هيٺان
    ڪيڏو ڪارونجهر!
    هاءِ پرين پر
    توکان ڏور اڪيلو مان!
    هتي ڪونه ڪو
    ڪنهنجو نه ڪنهنجو
    سڄڻ سانگيئڙو
    ڪارونجهر جي
    ڪنهن به ڪور ۾
    مورن سان گڏ جيئندو هوندو
    ۽، پنهنجو پرين، پُوڄيندو هوندو
    منهنجو سانگي ڪو به نه ٿيندو!
    جاري توڙي جَر
    واءُ لڳي ٿو تيز تر
    توکان ڏور اڪيلو مان!
    ... ... ... ...
    توکان ڏور اڪيلو مان
    چوٽي تي جو پهتو هان
    گائيڊ ۽ دوستن سان.
    پوءِ هاڻي ٿو ائينءَ ڪيان
    جو، جيڪو پنڌ به جهاڳي آيس
    ۽ جيڪي ڪجهه به ماڻي آيس
    سو سڀ
    تنهنجي نانءَ
    هُو اينچلا سر تنهنجي نانءَ
    ۽ راڻا سر تُنهنجي نانءَ
    راٺي، سنگ مرمر، وڏو پٿر تنهنجي نانءَ
    هوءَ ساري سارنگا، راڻپورڊيم
    ۽ نديا سر تنهنجي نانءَ
    ڪرڙ، ڪنڊيون ۽ ڪيڏا ڪونڀٽ
    ٿوهر، ٿوهر تنهنجي نانءَ
    هيءَ جهُڙ جي موسم، ننڍڙو ننگر
    سڀڪا ساوڪ، هرڪو تڙ
    تنهنجي نان، تنهنجي نانءَ!
    منهنجي پيرن هيٺان
    هيڏو ڪارونجهر
    هاءِ پرين
    پر
    توکان ڏور اڪيلو مان!!
    -*-


    دُکي، سُکي ايڪسپريشنس!

    دُکي، سُکي ايڪسپريشنس!

    جڏهن به
    سامراجي ٻلي جي تِکي نُنهن
    سنڌ جي سرير جي، ڪنهن به حصي کي
    رانڀو ٽِيو هوندو ته
    ستارن جون جهرمر مُرڪون
    ۽ چنڊ جا سڀئي ٽهڪ
    سج جي سُڏڪي ۾ سڙي ويا هوندا
    ۽ اسان جي اندر جو ڪوئي ”صادق فقير“
    ڪر موڙي جاڳي پيو هوندو
    ۽ ڏاڍو دُکي هوندو!
    مُراد! جي موت،
    ڀاڳيءَ جي ڀاڳ اَڀاڳ کي
    جڏهن اسان ساريو هوندو
    ته ذهن ۾ عجب جي ڪارونجهر ڪپار تي
    تروٽ جو ٿلهو، تيز واءَ جي
    ٿپڙن ٿپيو هوندو، چٿيو هوندو
    ۽ اسان جي اندر جو ڪوئي ”صادق فقير“
    ڪرموڙي جاڳي پيو هوندو!
    ۽ ڏاڍو دُکي هوندو
    يا جڏهن به
    ڏڪار جو راڪاس رنڀيو هوندو
    ۽ ڪنهن ”مسڪين“ (مسڪين جهان خان کوسو) جي
    ملڪ جي ماروئن کي
    جنبيو هوندو، کنڀيو هوندو
    ته اسان جي اندر جو ڪوئي ”صادق فقير“
    ڪر موڙي جاڳي پيو هوندو
    ۽ ڏاڍو دکي هوندو
    سانوڻ جي مهيني، گهاٽي مينهن ۾
    پلر جي پالوٽ تي يا ڪنهن ڀُوريءَ ڀٽ
    اُرهه جي ساوڪ تي
    يا همرچي ويل، نارين جي ناچ تي
    اسان جي اندر جو ڪوئي ”صادق فقير“
    ڪر موڙي جاڳي پيو هوندو
    ۽ ڏاڍو سکي هوندو!
    يا جڏهن به ڪنهن قريبي دوست کان
    زندگيءَ جي ڪنهن ونهوار ۾
    ڪائي ڀل ٿي هوندي
    ۽ پڇتاءَ جي دوزخ ۾ سڙي
    اسان جي ڏکويل اناءَ جي اڳيان
    ازالي خاطر وري موٽ کاڌي هوندي
    ۽ هو سڙي ڳريل رٻڙ جهڙي
    مُرڪ کي وڏي زور سان تاڻي، چپن تي آڻي
    جهُڪي، نمي پيو هوندو!
    ته اسان جي اندر جو ڪوئي ”صادق فقير“
    ڪر موڙي جاڳي پيو هوندو
    ۽ ڏاڍو سکي هوندو!
    سمنڊ ڪناري
    ٻن پريمين جو جوڙو
    ڀنل واريءَ تي ڊوڙيو هوندو
    ۽ شراب جي رنگ جهڙيءَ
    ڪنهن شام جو
    پيتل سجُ
    ٿيڙ کائي، ٿڙيو هوندو!
    ته اسان جي اندر جو ڪوئي ”صادق فقير“
    ڪر موڙي جاڳي پيو هوندو!
    ڪر موڙي جاڳي پيو هوندو!!
    ڪر موڙي جاڳي پيو هوندو!!!
    -*-


    هڪڙي گهڙي

    هڪڙي گهڙي

    وقت راهون جهلي ڀل
    وقت قابو ڪري ڀل
    وقت واجهون وجهي ڀل
    پر، هڪڙيءَ گهڙيءَ ۾
    جيڪي به ٿئي ٿو
    سو نه رڪجي سگهي ٿو
    ڪو نه روڪي سگهي ٿو!
    جيئن
    ڪڏهن، ڪڏهن
    هڪ گهڙي جو مزو
    صدين مٿان به
    هاوي پوي ٿو
    تون مان ملون ٿا
    هي، هو ملن ٿا
    يار جيڪي به ڪن ٿا
    پيار جيڪي به ڪن ٿا
    ڪري سي سگهن ٿا.
    هُئينءَ
    ڀاڳن، اڀاڳن
    سي ملندا رهن
    يا الڳ ٿي پون
    مگر
    روح جو رشتو
    ڪو ٽوڙي نه سگهندو
    خوشبوءِ جو رستو
    ڪو روڪي نه سگهندو.
    شادمانين ڏي به
    جيڪو وڌي ٿو
    يا مقتلن ڏي به
    جيڪو وڌي ٿو
    اهو پڻ حياتيءَ جو
    آهي سلسلو ڪو
    ٽٽي جي پوي ٿو
    بدن جو ڪو بوتو
    زندگيءَ کي پوءِ به
    نه لوڏو، نه جهوٽو!
    ڦٽي ٻيو به پوندو
    حياتي جو ٻوٽو!
    ان جو ڦٽڻ پڻ
    نه رڪجي سگهي ٿو
    هڪ گهڙيءَ کان وري پوءِ
    گهڙي ٻي اچي ٿي
    اها پڻ تضادن جو
    اوڇو اُڻي ٿي
    ۽ زندگيءَ کي نئين سر
    ڪا معنيٰ به ڏي ٿي
    انهي ۾ به جيئن ۽
    جيڪي به ٿئي ٿو
    سو نه رڪجي سگهي ٿو
    ڪو نه روڪي سگهي ٿو
    تون مان مرون يا
    مري ڪو به ٻيو
    تون مان جيئون يا
    جيئي ڪوبه ٻيو
    تضادن جو طلسم
    هلندو وتي پيو
    هلندو ئي رهندو
    هوائن جي آمد
    ۽ پاڻي جي ڇولي
    هٿيارن جي گولي
    يا امن جي ٻولي
    انهن جو به رشتو
    ته آهي اٽٽوٽ
    ٽُٽي ڪونه سگهندو
    ڇُٽي ڪونه سگهندو
    وقت ابتو هلي
    وقت سبتو هلي
    برائي اچي يا ڀلائي هلي
    پر
    هڪڙي گهڙي ۾
    جيڪي به ٿئي ٿو
    سو نه رڪجي سگهي ٿو
    ڪو نه روڪي سگهي ٿو
    وقت راهون جهلي ڀل!
    وقت قابو ڪري ڀل!!
    وقت واجهون وجهي ڀل!!!
    -*-


    هن موڙ تي

    هن موڙ تي

    آئون تنهنجي آڏو اچي
    توکي
    تنهنجي، معاشري جي
    بي رحم حاڪمن
    ۽ بي رحم بابن جي اڳيان
    ذليل، خوار، رسوا
    ۽ بي آبرو ڪرڻ
    نٿو چاهيان.
    ۽ ائين ڪري پاڻ لئه
    تنهنجي نظرن ۾
    ڌڪار جي اُس به
    ڏسڻ نٿو ڀانيان
    بظاهر تون مون کان
    وڇوڙيل آهين
    پر پاڻ کان، توکي
    وڇڙيل نٿو، سمجهان
    مان خوش آهيان!
    زندگيءَ جي سفر ۾
    هن موڙ تي
    ۽ پيار جي
    هن پيچري تي
    توکي پري کان
    ڏسڻ جي مزي ۾
    ڏاڍي سونهن ۽ سڳنڌ آهي
    جنهن نشي ۾ مدهوش
    رڳا تنهنجا سپنا
    رُڳا تنهنجا خواب
    ۽ رڳو
    تنهنجي تصور جون
    واديون آهن
    ها!
    تنهنجي پڄاڻان
    رنگن جي هن نرالي دنيا ۾
    مان خوش آهيان
    ان ڪري جو
    تون، مون ساڻ
    ساهه جيئن گڏ آهين
    ۽ اهي سڀ جا سڀ
    ڪوڙا ۽ ڀُليل آهن
    جي تو ۽ مون کي
    الڳ ٿا ڀانئن
    زندگي جي سفر ۾
    هن موڙ تي
    او منهنجا پرين!
    مان تنهنجي آڏو ڪونه ايندس
    مون کي پيار جي
    هن پيچري تي
    رهڻ ڏي!
    رهڻ ڏي!!!
    -*-


    ان کان اڳي ڇا چئجي

    ان کان اڳي ڇا چئجي
    چنڊ چڙهي
    واءُ لڳي
    وير وري
    ڪنارو ڀڄي
    ان کان اڳي
    ڇا چئجي!
    مينهن وسي
    مور نچي
    ڊيل ڊُڪي
    رنگ رچي
    ان کان اڳي
    ڇا چئجي.
    خزان اچي
    وڻ سڪي
    پن ڇڻي
    ۽ اُڏي
    ان کان اڳي
    ڇا چئجي
    لوهه تپي
    ڳاڙهو ٿئي
    ۽ ڪُٽجي
    شيءِ جڙجي
    ان کان اڳي
    ڇا چئجي
    ڌڪ لڳي
    ڦٽ ٿئي
    پوءِ چڳي
    ڏاڍو ڏکي
    ان کان اڳي
    ڇا چئجي
    ٻار هجي
    جواڻ ٿئي
    پوڙهو مري
    لٽجي وڃي
    ان کان اڳي
    ڇا چئجي!
    گلاس آڻي
    شراب ڀري
    برف ڳري
    پوءِ ڏوڪي
    ان کان اڳي
    ڪو-
    ڇا سوچي؟
    ڇا سوچي؟
    -*-


    بهار ۾ هيل

    بهار ۾ هيل

    هن مند ۾
    هن مستي ۾
    هن چاهه ۾
    منهنجي نظرن جي
    هن راهه ۾
    تنهنجي حسن جا
    هزارين موتيا گلاب
    جهومن پيا
    هر سُو
    سندئي سرير جي
    خوشبوءِ
    ۽ انوکيءَ ادا ۾
    اڄ سموري فضا ۾
    مدهوش منهنجي
    آرزو
    بهار ۾ هيل
    جڏهن!
    انهي ويل
    تنهنجي نازڪ هٿن جي
    کٿوري ڇُهي
    نيڻن جا ڪنول
    ڳلن جي چنبيلي
    ۽ رنگت چپن جي
    چمي جو ڏٺم
    پرين! ائينءَ لڳم
    جنت آ مون لاءِ
    هي جهان ڪُل!
    هي زمان ڪُل!!
    هي مڪان ڪُل!!!
    -*-


    او حُسن او جوڀن!

    او حُسن او جوڀن!

    لا تعداد ۽ اڻڳڻين
    جسمن ساڻ
    الستي چهٽي پيل
    منهنجي تن من جا
    ڪڏهن ڇُهيل
    ڪڏهن اڻ ڇهيل
    او حسن!
    ۽ سونهن جي
    مستيءَ ۾ مست
    او جوڀن
    جڏهن، جڏهن به
    توکي
    ڇهيو ويو هوندو
    چُميو ويو هوندو
    تڏهن، تڏهن
    تنهنجي
    ٻهڪندڙ، مهڪندڙ
    نازڪ جسم
    مٺي، پر چڀندڙ
    احساس جي ٿڙڪندڙ
    جام مان
    پيار جي شراب جو
    ڍڪ ڀريو هوندو
    ۽ سرير ۾ آرام جو
    نينهن نشو
    اوتيو هوندو!
    او حُسن!
    او جوڀن!
    تو سمجهيو
    تو ڄاتو هوندو
    جڏهن جڏهن به
    توکي
    ڇُهيو ويو هوندو
    چميو ويو هوندو.
    -*-


    الئه ڪڏهن؟

    الئه ڪڏهن؟

    اڃان به لکندو ٿو رهان
    هٿ تريءَ تي
    تنهنجو نانءُ
    تو ليکي
    مون ڪڏهوڪو
    وساري ڇڏيو
    توکي
    اڄ به پڪ ڄاڻ
    ٿي سُڄاڻ
    او سانوري!
    او بانوري!
    ... ... ... ...
    شعور جو هاري
    تنهنجي يادن جو
    هر هلائي
    دل جي ڌرتي
    کيڙي ويٺو
    اڊيڙي ويٺو
    ڏينهن رات پلپل
    لڳاتار مسلسل
    ذهن جي تنتي ڏورن ۾
    اميد جو سج
    اٽڪيل آ
    ۽ اُن جي اُس
    روح جي زمين تي
    پکڙيل آ.
    الئه ڪڏهن؟
    وصال جو پاڻي
    ساهه جو ساڻي
    ريج ٿي ايندو
    ڀني ڀيڄ ٿي ايندو
    ۽، الئه ڪڏهن؟
    محبتن، چاهتن جو
    آفاقي ٻج
    هيءَ
    نينهن نج
    ڦٽي
    سلا ٿي نڪرندو
    سپنن جي ساڀيائن ۾
    حقيقي هوائن ۾
    جهولندو، جهومندو
    گل جهليندو
    خوشبوءِ ڏيندو
    الئه ڪڏهن!!!؟
    -*-


    تون ايندين ضرور

    تون ايندين ضرور

    ايامن کان
    تنهنجي
    اچڻ جي
    آسري تي
    ڄڻ ته
    من اندر ۾
    سمجهه ۽ سرت جو
    رنگ مٽجي ويو
    توکي پائڻ جي
    احساس وڃائڻ کانپوءِ
    اوچتو ئي اوچتو
    ڪو تير کائي
    دل شڪستگيءَ جو
    چهچ ڪاري
    ماتمي جوڙي
    جي رنگ جهڙو
    روح جي شيشي مٿان
    رنگ چڙهي ويو آ
    ڄڻ، دنگ ٿي ويو آ
    لڳي ٿو هاڻ ڪا
    يادن جي درياءَ ۾
    ننڍڙي ٻيڙي وانگر
    تصوير ڪائي
    وري ڪونه ترندي
    ڪو پتو ناهي
    هاڻ ڪيئن سَرندي!؟
    اهو ڄاڻندي به ته
    پهرين صدي کان
    اوڻيهه صدي جيان
    وري ڪونه ورندين!
    پر، اهو ڪو نه ڄاڻان
    پرين ڇو نه ورندين؟
    پوءِ به
    الاءِ ڇو؟
    ڀانيان ٿو
    هن مند جي مستي ۾
    ۽ هانءَ جي هستيءَ ۾
    ڪنهن تاڙي جي
    مينهن سار وانگي
    يا سنڌوءَ جي آر وانگي
    دل جي ڌرتيءَ مٿان
    باک جهڙو
    اجرو اڇو
    آسرو ڪو
    وري رُوڻ پائي
    پوري پڪ ڏيندو
    تون ايندين ضرور!
    تون ايندين ضرور!!
    تون ايندين ضرور!!!
    -*-


    توڙي ناهين تون

    توڙي ناهين تون

    توکي چاهي
    پايو مون
    پائي پوءِ
    وڃايو مون
    وڃائي هميشه
    ماڻيو مون
    هاڻ سدائين تون
    مون وٽ آهين تون!
    توڙي ناهين تون!!
    پوءِ به آهين تون!!!
    -*-


    ڊيگهه کان پاسو

    ڊيگهه کان پاسو

    آئون
    لکڻ جي معاملي ۾
    الاءِ ڪيئنءَ!
    ڊيگهه کان
    پاسو ڪرڻ لڳو آهيان-
    ان کان به وڌيڪ
    اهو ته
    مون شين کي
    ماپڻ ڇڏي ڏنو آهي!
    منهنجي خيال ۾
    شين کي ڏسي
    اندازو لڳائي ڇڏڻ ئي ڪافي آهي.
    ڏسو
    پنهنجي وجود ۾
    ڪروڙن جي ملهه جو
    نهايت ئي پتڪڙو هيرو
    پوري آب و تاب سان
    چمڪندو ٿو رهي
    هيرو ته هيرو آهي نه!
    ان کي ڀلا
    ماپڻ جي ڪهڙي ضرورت؟
    ۽ ڇا؟
    ظلم جو تصور
    صفا پتڪڙو آهي؟
    نه هر گز نه!
    تصور ۾
    ظالم جو قد
    لا محدود آهي.
    پر
    سچ ان تي به هاوي آهي-
    چئو
    سچ جي ڪَٿَ جو
    ڪاٿو ڪيئن ڪبو؟
    ان ڪري ئي شايد!
    مون
    ڊيگهه کان پاسو ڪيو آهي
    ۽ شين کي ماپڻ
    ڇڏي ڏنو آهي.!!!
    -*-


    ڳالهيون

    ڳالهيون

    مڃان ٿو ته
    گم ٿي وينديون
    انيڪ ڳالهيون
    ياد نه اينديون
    ڪي ڳالهيون.
    چيون
    اڻ چيون
    رهجي وينديون
    ها مگر
    هوائن جي دوش
    پولار ڏانهن
    سفر جاري ڪنديون
    ۽ جي ڪڏهن
    برسات سان گڏ
    هيٺ ڌرتيءَ تي
    وسي به پونديون
    ته گل ٻوٽن ساڻ
    ڦٽي اينديون
    ۽ خوشبوءِ جي سنگ
    ڪنهن حساس شاعر جي
    حسين تصور تي
    تري اينديون
    ۽ قلم جي نوڪ مان
    سي نڪري
    ڪوري ڪاڳر جي
    اڇي پيٽ تي
    اکرن جي شبيهه ۾ لکجي
    نروار ٿينديون
    ۽ نئين انداز ۾
    نئين نسل سان
    مخاطب ٿينديون
    ڳالهيون
    تنهنجيون
    منهنجيون
    چيون
    اڻ چيون
    او جانان!
    مري ڪونه سگهنديون!
    مري ڪونه سگهنديون!!!
    -*-


    دخل اڃان باقي

    دخل اڃان باقي
    اسين
    ڪڏهن- ڪڏهن
    لاشعوري طور تي
    فلسفو ئي ڳالهائيندا آهيون
    ۽ ڪڏهن وري
    شعور جو بٽڻ
    دٻائڻ جي باوجود به
    سطحي ڳالهائي سگهندا آهيون!
    ڪڏهن ته
    شين کي ڳوليندا آهيون
    ۽ انهن جي ڳولا ۾
    ڏاڍو جاکوڙيندا آهيون
    پر ڪجهه به
    لڀي نه سگهندا آهيون
    ۽ ڪڏهن
    غير متوقع طور تي
    لا حاصل شيون به
    ماڻي وٺندا آهيون!
    توڙي جو
    تقدير جي ريت
    گهڻي پُراڻي ٿي چڪي
    پوءِ به
    الائيءَ ڇو؟
    لڳي ٿو
    ان جو دخل
    اڃان باقي آهي!!!
    -*-


    پرين کي پرچاءِ

    پرين کي پرچاءِ

    نئين صبح جو
    نوان سريلا
    گيت ڳاءِ
    خوشبوءِ آڻي
    تابش تاڻي
    چاهت چسڪو چاءِ
    ساهن ۾ سماءِ
    هٿ ۾ موتيو
    قرب ڪٽورو
    نيڻن نوڙت ناءِ
    پوءِ هر اَنا جو
    بُت ڪوڙو
    ڦاهو ڏئي ڦڳاءِ!
    زندگي ڪجهه ناهه
    جو آهه پرين آهه
    پرينءَ کي پرچاءِ!
    پرين کي پرچاءِ!
    -*-


    ڳڻتيءَ جي خلاف

    ڳڻتيءَ جي خلاف

    پهاڙن جي ڪوهيڙي ۾
    گُم ٿي ويل وڻن جو
    فڪر ڪونهي ڪبو
    هو، وجود جي
    هر حال ۾
    اتي ئي موجود رهندا
    دل جي تهه خانن ۾
    رهجي ويل
    سڀئي يادگيريون به
    اڻ لکيون ئي سهي
    پر
    پنهنجي محور ۾
    سالم ۽ ثابت رهنديون!
    تن جي
    وڃائجي وڃڻ جو
    ارمان اجايو آهي!
    -*-


    مشورو

    مشورو

    ماڻهو کي گهرجي
    من اندر جي
    سڀني Aggressive
    روين کي
    قرب جي ڪائي
    لوهي
    لٺ تاڻي
    ڊُڪائي، ڊوڙائي ڪڍي
    ۽ ائينءَ
    ڪنيءَ فطرت جو
    ڳاٽو ڀڃي!
    -*-


    اصل ۾

    اصل ۾

    اميد جو
    هر ڏور ڏسجندڙ
    ستارو
    اصل ۾
    اک جي تاري کان به
    اوڏڙو آهي.
    ۽ زندگي جو بنياد
    ڏور ڏسجندڙ
    اهو ئي
    ترو رو آهي!
    -*-


    رانڀوٽا

    رانڀوٽا

    ڌرتي جي
    سيني تي
    سامراجي هٿ پير
    ائين آهن
    ڄڻ ته
    روح جي ڳل تي
    خوني ٻلي جا رانڀوٽا!!!
    -*-


    اچانڳ

    اچانڳ

    ڦِڪي ٿي پئي آ
    مون لاءِ
    بهار جي هيلوڪي مند
    شعور جو جذبو
    ڪري ٿو محسوس
    هن پل
    پيار ۾ اوچتو
    هي مون ڏانهن
    تنهنجو
    رکو رويو
    منهنجي احساس جي
    ڳل تي
    تيز واءَ جو
    زوردار ٿپڙ آ
    اهو اچانڳ
    ائين ٿيندو
    مون نٿي ڄاتو!
    -*-


    رات- ڏينهن

    رات- ڏينهن

    هر رات
    پنهنجي هنج ۾
    ڏئي ٿي
    انڌ جي ٻار کي
    ظلم- جبر
    ستم جي لولي
    ۽ هر ڏينهن-
    ڏئي ٿو
    امن جو
    سونهن جو
    سچ جو پيام
    -*-


    وڇوڙي جي پهرين عيد

    وڇوڙي جي پهرين عيد

    اڄ!
    هن ويل آسمان جي ڦهلاءَ جيڏو يقين اٿم
    روهه جبل جهڙي پڪ اٿم
    ته
    هن ٽاڻي، جهڙ ڦڙ ويلي
    نڀ تي جا ڪارونڀار آهي
    ۽ انگ ونگ کي ڇُهي ويندڙ
    سرير ۾ سيسڙاٽ ڪندڙ
    ٿڌيءَ ۽ چڀندڙ هوا ۾
    تون وياڪل ۽ اٻاڻڪي هوندينءِ
    پنهنجي ڀرپاسي
    گهر جي سمورين ڀاتين
    ۽ پاڙي وارن جي شور ۾
    اڪيلي هوندينءَ
    سانجهي عيد آهي
    اِن اهڙي لمحي
    تو ۽ منهنجو رڳوڪو
    سکڻو رابطو به ڪونهي
    ڪهڙي نه رُکي عيد آهي!
    نه تو مون ڏانهن عيد ڪارڊ موڪليو
    ۽ نه وري مون ڪو توکي چٽ يا نياپو مڪو
    عيد
    ويڳاڻي عيد
    گهائي ويندڙ عيد
    ڏنڀيندڙ ۽ ڏاريندڙ عيد
    سڏڪائيندڙ
    ۽ روئاريندڙ عيد!
    تون ۽ مان
    رڳو تصور ۾ ئي هڪ ٻئي کي
    ڇهي پيا سگهون
    چمي پيا سگهون
    ۽ پاڻ هن گهڙيءَ
    ڪيڏا نه بيوس ۽ لاچار آهيون؟
    جو
    زماني جي ڏاڍ کي
    ڏاري نه پيا سگهون
    اڄوڪي عيد رات ڪيئن گذرندي؟
    ڪو به پتو ڪونهي ڪو
    ۽ صبح جو
    تنهنجي ۽ منهنجي اوسي پاسي
    الڳ، الڳ ڌار- ڌار
    خوشيون هونديون
    خوشبوئون هونديون
    واڌايون هونديون
    مرڪون ۽ نينڍون هونديون
    جتان ڪٿان
    ٻانهن جا اُتساهه
    ڀاڪرن لاءِ آتا هوندا
    انيڪ
    آتيون ڇاٿيون
    اداس ۽ پياسيون ڇاتيون
    ڳلي ملنديون
    دليون ڌڙڪنديون
    اُڃون اجهامنديون
    جوانيون
    مست ٿي پونديون
    ڪوٺون ڏبيون
    عيدون ورهائبيون
    ديدون ورهائبيون
    ۽
    قرب ونڊيا ويندا
    اوپرين
    تنهنجا ۽ منهنجا
    محروم
    محڪوم
    مظلوم جذبا
    رڳو مست الست هوندا
    تو ۽ مون وٽ
    رڳو تصور ئي باقي رهندا
    يادون هونديون
    ساروڻيون هونديون
    ۽
    وڇوڙي جي
    هن پهرينءَ عيد تي
    تون مون وٽ نه هوندينءِ
    مان تو وٽ نه هوندس!!!
    -*-


    جهنگل هليا سي نه ڀليا

    جهنگل هليا سي نه ڀليا

    آئون ڏسان پيو
    هُو پريان ويجهڙو ٿو رڙي پنڌ تي
    لکين ڳاڙها گلاب ٽڙي آيا آهن
    آسمان جا تارا
    پنهنجي روشني وڃائي
    گم ٿي چُڪا آهن
    پرهه ڦٽي جي ويل آهي
    ان ويل گلاب جي رنگ جهڙي ناري
    اڇي کير جهڙي ويس ۾
    مرڪندڙ چهري سان
    هوا ۾ هٿ لوڏي لهرائي
    سلام پئي ڪري
    ان ناريءَ جو نالو
    چون ٿا ته ”آزادي“ آهي
    ها اي دوست!
    تون به ڏسين پيو
    مان به ڏسان پيو
    ماڻهو به ڏسن پيا
    اهو خوبصورت منظر
    پنڌ ٿورو آهي
    واٽ ڏکي۽ اڙانگي آهي
    ڪٿان به ڪو سولو گس ڪونهي ڪو
    پر اي دوست!
    غم نه ڪر
    لطيف چوي ٿو
    ”جهنگل هليا- سي نه ڀليا“
    راهه هليا
    ها
    لطيف جا مريد
    سندس ڏسيل واٽ تي
    عمل ڪندا
    ان منزل جي تلاش ۾
    منهن ڪري نڪتا آهن
    پنهنجي ديس ۾
    آزادي نالي ناريءَ جا ڪيترائي
    سچا عاشق ۽ پياسي
    انهي راهه ويندي
    واٽ ۾ ئي مارجي ويا
    پر!
    هر هڪ مرندي مرندي
    ائين چيو ته
    ”اي منهنجا پويان نسل“
    ڀلائي ۾ ٿوري ۾
    منهنجي هن گس جو مسافر ٿي
    هيءَ راهه اختيار ڪج ۽ جي
    تون اُن ناريءَ کي حاصل ڪندين
    ته منهنجو روح خوش ٿيندو!
    ڇو ته منهنجي ڌرتي منهنجي قوم
    ۽ منهنجو وطن غلام آهي
    ۽ پاڻ سڀ ضمير جا قيدي آهيون
    ۽ آزادي غلاميءَ لاءِ موت آهي
    انهيءَ راهه ۾ مري ويندڙ انيڪ
    مسافرن پڄاڻان
    تازو اڄ به ڪو مسافر ماريو ويو آهي
    جنهن جو نالو فاضل راهو آهي!
    چون ٿا ته ان راهه ۾ مري ويندڙ هر مسافر
    شهيد آ- شهيد آ- شهيد آ- !!!
    -*-


    ضمير جي آئيني ۾

    ضمير جي آئيني ۾

    سڀ گهڙيون ڦڪيون
    ۽ بي رنگ هونديون اٿئي
    جن گهڙين ۾ تون
    وڪامجي ٿو وڃي
    او ويڪائو شاعر!
    ضمير جي آئيني ۾
    تنهن ويل
    توکي پنهنجو ويڪائو عڪس
    نظر ڪونه ايندو آ
    ۽ تون شاعري جي سحر جو
    ناجائز فائدو وٺندي
    اهو وساري ٿو ويهين
    ته شاعرن جي امرت ڏات
    تو وٽ
    سونهن- سچ پيار
    ۽ انسانيت جي ضمير جي امانت آ
    ان طلسماتي هيري جي
    حفاظت ڏانهن
    تون
    سدائين ذميوار آهين.
    -*-


    چنڊ ۾ اک

    چنڊ ۾ اک

    منهنجو توکي
    بيحد چاهڻ
    تنهنجي غرور جو
    سب آ سانئڻ
    جڏهن
    مري ويندس
    ۽ توکان
    ڇڄي ويندس
    تڏهن
    تون ڄاڻندينءَ
    ته ڪو هوندو هو
    جو مون تي
    ساهه ڇڏيندو هو
    ۽ جڏهن
    ڪوبه نه ساٿ ڏيندڙ ملندئي
    ماڻهو ماهه پٽيندڙ لڳندئي
    ايندي موسم مست
    ٿيندي رات الست
    ۽ هوندي تنهنجي
    چنڊ ۾ اک
    تڏهن ها تڏهن
    تصور جي ڪينواس تي
    اڪري پوندو سانءِ
    ۽ پوءِ ياد به
    اهڙو ايندو سانءِ
    مور نه ويندو سانءِ
    سدائين
    روح ۾ رهندو سانءِ!
    -*-


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 535
    ڪتابن جو مشاهدو: 556864
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 213953
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ