ڪتاب جو نالو: ياد توکي ڪريان
مصنف: ارڏو اترادي
ڇپائيندڙ: سنڌي نيشنل اڪيڊمي
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2007
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 27 مئي 2017 ع
پڙهيو ويو: 758 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 253 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”ياد توکي ڪريان“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو، هي ڪتاب نامياري شاعر ارڏي اتراديءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
ارڏو اترادي پنهنجي دور جو پرجوش نمائندو شاعر آهي .توڙي جو سنڌ جي آخري ڇيڙي تي ويٺل ۽ ناماچاري جي شوق کان ڪونهين ڏو ر آهي پر سندس ادائگي خيال ۽ رواني ۾ ايڏ ي ڪشش ۽ پختگي آهي جو سندس شعر کي هن قوم جي ضمير جو ترجمان چئي سگهجي ٿو .
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • پهريون صفحو
  • سنڌ سلامت پاران :
  • ارپنا
  • مهاڳ
  • تعارف
  • منهنجا ڌڻي
  • ثناءِ محمد صهﷺ
  • دوستو ڪنهن سان به دوکو نه ڪجي،
  • ڏکيا ڏينهن ڏاڍا گذاري وڃان ٿو،
  • ڪا مشهوري گيت لکائي،
  • ڪيڏي دلڙي سادڙي آهي چري،
  • نئون سال مبارڪ
  • ڏسي حسن کي جهڪي پياسون،
  • دل چيو لک شعر شاعر دلربا دلدار تي،
  • دنيا ۾ دوستي سڀ سان راحت خاطر رُڳي آهي،
  • اسان جي ڳالهه هڪ آهي، اسان کان ڪانه ٻي ٿيندي،
  • بيتاب آهي دلڙي، بي چين اکيون آهن،
  • خدا، گاڊ، ايشور يا الله سائين،
  • هڪ وار سان سؤ سؤ وار ٿيا، وري هاڻي پرين ٻيو وار نه ڪر،
  • صورت صنم پسي پيون اکڙيون اڙي اڙي.
  • ٿڪا نيڻ راهون نهاري نهاري،
  • تنهنجي اکڙين جو اشارو ٿي وڃي.
  • ڪا به محفل مچي، ياد توکي ڪريان،
  • محبت بنا دنيا ۾ آهي جيئڻ اجايو،
  • گهرائجو
  • آءٌ هلي هت ڏيئڙا ٻاريان،
  • هر وار کي واري ڇڏيم، هر ڪا گهڙي گهاري ڇڏيم،
  • ووٽ جي پارت
  • شاعر هاڻي ڪيئن ڪري، او حاڪم توسان ٺاهه،
  • منهنجي ٻولي جيئي، منهنجي لولي جيئي.
  • نٿا جي سڃاڻو، ته پرواهه ناهي،
  • منهنجا ٻول نيارا آهن،
  • هتي مظلو م ۽ محڪوم جي دنيا جدا آهي،
  • ڳالهه ڪريان مان سڌي سچي،
  • اسان سور دل جا سلڻ آيا آهيون،
  • ڏينهن تنهنجو آهي، رات منهنجي آهي،
  • علم جو ڏيئو
  • چنڊ تي پهتا
  • ووٽ جي سياست، ڏٺي سون،
  • مون کان وقت ڇا ڇا لکائڻ گهرين ٿو،
  • غم درد جو افسانو ٻڌائيان ته ڪيئين مان
  • چنڊ تي پهتا
  • ڪنهن نظرن جا ٿي تير لکيا ۽ ڪنهن ٿي ماه مُنير لکيا،
  • سچارن سان پنهنجو سدا پيار آهي،
  • هتي آزار ئي آزار آهن يار ڇا لکجن،
  • حال هن ۾ حال ڀائي ڪير آهي دوستو،
  • نعرو نعري سان نروار،
  • ڪڇان ڪجهه ته ناراض ٿيندا پيارا،
  • اسان حق ناحق سمجهي ڇڏيو آ،
  • موچارا پٽڙا
  • اڌ آبادي عورت
  • راتين جهڙا ڏينهن ڏسان ٿو،
  • دل ۾ وسي ٿو دلبر، اکڙين کان ڏور آهي،
  • اچو جلد جاني آهي انتظاري،
  • سڄڻ ڪيئن تنهنجي سري آ سري آ،
  • توکي سائين سڏيان، توکي سجده ڪيان،
  • نالو عاشق نوڪر ٻانهو، خاڪي ذات سڏائيان،
  • عشق ۾ ابتدا انتها ستائين
  • ڪڙي ڪڙي ۾ ڪڙي ڪڙي ڏس، اڙي اها دل ڪڙي ڪڙي ۾،
  • خبر ڪير ڏي
  • آهي زبان تي تالو – اظهار ڪيئن ٿئي،
  • مايوس موتي گلاب چهرا،
  • وائي
  • بنا نقطي غزل
  • عشق جي منزل عشق جون راهون
  • منزلو ن مصيبتون ، پسي نه پيار ٽوڙيو
  • اوطاق
  • ظاهر ڪريان زباني ، لکي رکان نشاني ،
  • مزدور آهيان
  • مارون سڀ مهمان ڏسان ٿو، ڄڻ ته سڀاڻي مارا ويندا ،
  • اي نوجوان نڀائجو ، اي نوجوان نڀائجو
  • سوچ
  • ڪونه ڄاڻان
  • منهنجا سائين جيئين سدائين
  • ڪالهه پياري پيءُ چيو هو،
  • چوڻ لئي دل ٿي چوي ته، چئي ڏي،
  • بيت ، دوها ۽ چوسٽا

  • پهريون صفحو

    ڪو ڳجهارت کڻي سونهن وارا ڳڻي،
    هو اڃان چئي بچي ياد توکي ڪريان.

    ارڏو اترادي


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ياد توکي ڪريان“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو، هي ڪتاب نامياري شاعر ارڏي اتراديءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
    ارڏو اترادي پنهنجي دور جو پرجوش نمائندو شاعر آهي .توڙي جو سنڌ جي آخري ڇيڙي تي ويٺل ۽ ناماچاري جي شوق کان ڪونهين ڏو ر آهي پر سندس ادائگي خيال ۽ رواني ۾ ايڏ ي ڪشش ۽ پختگي آهي جو سندس شعر کي هن قوم جي ضمير جو ترجمان چئي سگهجي ٿو .
    هي ڪتاب سنڌي نيشنل اڪيڊمي پاران 2007ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست انعام عباسيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    مانواري سانئڻ
    ڊاڪٽر دُرِشهوار سيد
    جي نانءِ
    جنهن ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جي فڪر ۽ شاعريءَ تي
    اڊمبرا يونيورسٽي لنڊن مان
    پي. ايڇ. ڊي ڪئي

    ارڏو اُترادي


    مهاڳ

    مهاڳ

    ارڏو اترادي :
    مزاحمت ۽ محبت جوشاعر

    ارڏو اترادي پنهنجي بي ساخته ، موزون ۽ من ۾ پيهي ويندڙ شاعريءَ سبب پنهنجي الڳ سڃاڻپ ڪرائڻ ۾ سوڀارو ٿي چڪو آهي .
    سندس شاعري جنهن ۾ هن مٽيءَ جي ماڻهن جا خواب ، ارمان ۽ محبتون پوشيدا آهن ، جنهن سندس شاعريءَ کي غور سان پڙهيو يا اسٽيج تان ٻڌو هوندو ان سندس لفظن ۽ خيال جي درد توڙي محبت کي ضرور محسوس ڪيو هوندو. ارڏي سان منهنجي محبت تعلق ۽ ڳانڊاپو ايترو پراڻو ۽ پختو آهي ۽ مان ان گهڙيءَ کي سارڻ جي ڪوشش نه ٿو ڪريان جڪا گهڙي هاڻ به اسان کي محبت جي تند ۾ جوڙيون اچي ٿي .ڀلا هوا جي جهونڪي کي به ڪو ياد ڪري سگهندو ۽ ان سان ماڻهو جا شنا سائي ڪڏهن ٿي .
    اهو ڪنڌڪوٽ شهر جي شاهي بازار ۾ اسانجن دوستن عبدالله ۽ غزيز ڀٽو جي بڪ بائينڊنگ جي مانڍ تي جيڪا هن شهر ۾ اسان جي اڪيلي پناهه گاهه هوندي هئي ۽ سڄو شهر لتاڙي اچي اتي ويهندا هئاسين پانهن به پيئندا هئا سين ، سياست ، ادب ۽ زندگيءَ جي روزمره جي مامرن تي بحث ڪندا هئا سين ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻنهي ڀائرن جي گهران آيل ماني ۾ به ڀاڱيوار ٿيندا هئا سين اهي 80 جي ڏهاڪي جي شروعاتي سالن وارن يادگيريون ، دوست، ڪچهريون ، مزاح، سياست ۽ سڃايون جيڪي وسري نٿون وسرن انهي ڪري ان وقت جا دوست به ٻالڪيڻي جي يادن وانگر ڏاڍو مٺا جو مٺي حافظي ۽ محبتن جو مرڪز آهن ، هونءَ ماضي ءَ جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي جو وقت ان مان ڪٽاڻ ۽ تخليون ڪڍي ڇڏيندو آهي رڳو ماکي ءَ لاءِ هڙيون يادو ن ئي رهجي وينديون .
    ارڏي اتراديءَ جي شاعري تي لکندي . ڳالهه ڪٿي جو ڪٿي وڃي پهتي ته مون گهري دوست ۽ دل گهري دوست هئڻ سبب ارڏي جي شاعري شخصيت ۽ خيالن جي ويجهڙائپ کان مطالعو ۽ مشاهدو ڪيو آهي .
    ارڏي جي شاعري توڙي زندگيءَ جائي دور آهن پهرين دور ۾ هو رڳو روحاڻ ۽ مذهبي شاعري ڪندو هو۽ سنڌ جي گهڻڻ شاعرن جيان ساجي درجو هو . پوءِ گورنمينٽ ڪاليج سکر بي ايڊ ڪرڻ دوران هن جون وهاب ڀيو اياز گل مجن مڱريو ۽ ٻين ڪچهريون ٿيون جنهن سندس خيالن ۾ وڏي اٿل پٿل ۽ تبديلي آندي ۽ هو عاجز مان ارڏو ٿي بڻجي ويو ۽ سچل واري سرمستيءَ سان چوڻ لڳو:

    عاجز هاڻي عاجز ناهي ، ارڏو آهي ارڏو يار.
    قلم قلم ، قلم قلم آ
    ظلم نه آٻيو ڇاهي .
    عاجز هاڻي عاجز ناهي .

    ايئن هو رومائنس نوي شاعريءَ مان مزاهمتي شاعري به لڳو هو ، بلڪ قومي تحريڪ سان وابسته به ٿي ويو هو . اهو اسي جو ڏهاڪو هو ، جنهن ۾ قومي تحريڪ پنهنجي عروج کي پهتي هئي ظلم ذيادتين ۽ ارم زورائين سبب هتان جي عوم جو اثرڻ ۽ اڳتي شاعرن جي شعور تائين به رسائي ڪري چڪي هئي ۽ ارڏو به سرڪش سنڌي وليم باغي ۽ آتشد سنڌي وانگر سنڌي قوم جي مذهبي سگهه جو پهلو ۽ ساٿي شاعر ٿي اڀريو هو . هوئن به اهاهڪ سج جهڙي حقيقت آه يته انقلابي مزاحمتي ۽ مداختي شاعري اتان جي عوام جي دردن ۽ ڏکن جو آئينو هوندي آهي ۽ اهي قومون جيڪي ويهين صدي جي پڇاڙي تائين به ساڳي بيٺڪي سماج جي چڪيءَ ۾ پيڙهيل آهن ، سندن روزگار جا ذريعا کسيل ، بنيادي حق معطل ۽ آجپو هڪ ڪوڙو دلاصو بڻيل آهي ، پوءِ آهولاطيني آمريڪا هجي آفريڪا هجي ، يا فلسطيني ۽ سنڌي اتي مزاهمت شاعري سرجي ٿي ، ڇاڪاڻ جو انهن ديسن۽ قومن اڃا اهو سبح نه ڏٺو آهي جنهن جو قومن جي عالمي بدنامي ۾ ذڪر ڪيل آهي .
    ٽين دور ۾ هن قومي تحريڪ کان منهن ته نه مٽوي پر تصوف ڏانهن وڌيڪ متوجه ٿيو ۽ ان رنگ ۾ رنگجي ويو . ايئن ارڏي جي شاعري رومانس ، مزاحمت ۽ تصوف جو سنگم ٿي اڀري ۽ هن ايڪ قصردرلک وانگر جيڏانهن مظر کئين کيس ’پرين‘ نظر آيو ۽ پرينءَ جي سج، حسن، سنڌي ۽ محبوب لفظ بڻجي ويا ، اهائي ڪيفيت آهي جنهنکي منهنجو دوست ساري سنڌي ڀريءَ جو پاڇو چئي مخاطب ٿيو هو ۽ ان ڀريءَ جي پاڇي کي نه رڳو پنهنجي روح جو آئينو بڻايو پر ان کي زندگيءَ جو وڏو سچ ۽ حقيقت وانگر پنهنجي زندگيءَ جو اڻ تت حصو به بڻايو .
    شاعريءَ جو بنيادي وظيفو زندگيءَ جي حسن کي نهايت ڌيرج ۽ ڪوملت سان بيان ڪرڻ آهي ۽ انهن گهڙين ۽ ڪيفيتن جي عڪاسي يا منظر ڪشي ڪرڻي آهي، جنهن ۾ به پريمي جڏهن ملنداآهن ته ’’پشتو ٽپي وانگر ايئن سمجهدا آهن ته سڄي دنيا انڌي ٿي چڪي آهي . عربيءَ جي مشهور رومائنس ۽ مزاهمتي شاعر نزار قباني جو شعر آهي ته:

    تنهنجي محبت
    جيڪا تنهنجن نيڻن جهڙي
    اثاهه گهرائي رکي ٿي
    ابد آهي، روحاني آهي مقدس آهي
    تنهنجي محبت
    جنم ۽ موت وانگر
    دهرائي نٿي سگهي ،

    ته شاعري ايئن دلين جا پيد کولڙي ۽ ان تسرمد جي ڪلمي ‘‘ بهتر ئي اکين جو ڪٿائون بيان ڪري ٿي ته ارڏي جي شاعريءَ ۾ به اسان کي ، اميد ، زندگي حسن ۽ ٻار جي ٽهڪن جهڙي بيساخٿي ۽ معصوميت ملي ٿي .

    اسان سونهن سچ جا ئي پروانا بڻجي ،
    اوهانجي شمع تي ، جلڻ آيا آهيون .
    اسان ديس جو درد پنهنجو ئي ڄاڻي
    ارڏائي دردر رلڻ آياآهيون
    ارڏي اترادي جو هي شاعريءَ جو مجموعو جنهنجو نانو هن جان تو کي ڪري رکيو آهي پاڻ ۾ کوڙ ساريون ساروڻيون سنڀالي ويٺو آهي . جنهن۾ عشق به آهي سنڌ به آهي ته تصوف به سندس رومانوي شاعري جو جيڪو عوامي انداز آهي اهرو انداز اسان وٽ استاد بخاري ۽ احمد خان مدحوش جو آهي لفظ سادا خيال سادو ڳالهه رواجي پر رواني بيساختگي ۽ زورِ بيان ڪمال جو

    ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا توکي ڏسان .
    ايندي ويندي پير چارو ٿي وڃي .

    ڪو ٻجهارت کڻي سونهن وارا ڳڻي
    هو اڃا چئي بچي ياد توکي ڪريان

    اهڙي رواني ۽ خيال جي پختگي سندس ورهين جي محنت شوق دلچسپي ۽ مشاهدي جو نتيجو آهي هوئن به شاعري جيڪا زندگيءَ جي سڀني ڪيفيتن ۽ لقائن جي نمائنده آهي . اُها ايسيتائين پُر اثر نه ٿي بڻجي جيسيتائين ان کي پنهنجي حياتيءَ جا ڪيئي سال نه ٿا ارپجن ۽ ان ۾ شاعر جي پنهنجي شخصيت ملوث هجي ٿي ۽ هو پاڻ ان جي لفظ لفظ ۾ ازلي موجود هوندو آهي .
    سندس ان مجموعي ۾ جتي هن عشق ۽ انقلاب کي ڳايو آهي اُتي هن سماجي مامرن تي طبع آزمائي ڪئي آهي سندس شعر ’’اڌ آباديءَ واري عورت ناحق ڪاريون ان جو کليواظها رآهن هوئن به ارڏو ان قبيلائي سماج جو فرد آهي جتي اڃان مهذب پڻو ۽ زندگي ءَ جا اعليٰ انساني قدر ته سواليا نشان بڻيل آهن . پر عورت کي انسان واري مڃتا مليل ناهي.

    شادي کان اڳ پڇبو آهي
    هوءَ به آخر آ انسان .
    اڌ آبادي عورت آهي
    ان کي ارڏا ’’ڪر نه ذيان.

    ارڏو اترادي پنهنجي دور جو پرجوش نمائندو شاعر آهي .توڙي جو سنڌ جي آخري ڇيڙي تي ويٺل ۽ ناماچاري جي شوق کان ڪونهين ڏو ر آهي پر سندس ادائگي خيال ۽ رواني ۾ ايڏ ي ڪشش ۽ پکتگي آهي جو سندس شعر کي هن قوم جي ضمير جو ترجمان چئي سگهجي ٿو .عشق کي استاد ۽ قوم کي پنهنجي سڀني محبتن ۽ لاڳاپن جو بنياد سمجهندڙ سندس شعر زندگيءَ جي ان صبح جي اڳڪتي ڪندڙ اميد ۽ اتساهه سا سرشار آهي جيڪا شايد شاعر پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏسي نه سگهي پر اُهو احترام آدميت آزادي ۽ خوشحالي جو سج اڀرڻو ضرور آهي ان تي شڪ ڪرڻ ڪفر برابر آهي.

    حميد سبزوئي
    0300-7058872


    تعارف

    سنڌ جا سرڪش، باغي، آتش ۽ ارڏا تعارف جا محتاج نه ٿيندا آهن. ارڏو اترادي به ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي. هي ٻين اديبن شاعرن وانگر ڪيترن ڪتابن اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ ڇپيو آهي. هن جو تعارف تعارفي ڪتاب مٺڙا مارو (جيڪب آباد)، سنڌي ادبي سيريز (شڪارپور)، ماهوار ادبي رسالو وينجهار (حيدرآباد)،
    ماهوار ادبي رسالو السنڌ (اسلام آباد)، پيران پير دستگير (لاڙڪاڻو)، بلوچي دنيا اردو (ملتان)، پاڪستان ڪي اهل قلم ڪي ڊائريڪٽري (اسلام آباد)،شايع ٿي چڪو آهي.
    ارڏو اترادي سنڌ جي هاڻوڪي ضلعي ڪشمور ديهه گلوالي جي ڪچي ڪوٺي ۾ کوهدل خان باجڪاڻي جي گهر ۾ آخري ستون نمبر پٽ 17 مئي 1949 ڌاران پيدا ٿيو. ان زماني ۾ پنهنجن قبائلي روايتن موجب هڪ ارڏو انسان مقدم ارصلاح خان بنگلاڻي مشهور هو. ان ڪري کوهدل خان پنهنجي آخري پٽ جو نالو ارصلاح خان رکيو. جيڪو وڏو ٿي شاعر، اديب ۽ بهترين استاد بڻيو. هن اول عاجز جي تخلص سان شاعري ڪئي ۽ سندس انقلابي ۽ مزاحمتي شاعري ٻڌي ڪنڌڪوٽ جي اديب ۽ شاعر ڊاڪٽر ملڪ نديم کيس صلاح ڏني ته، ”اوهان جي شاعري انقلابي آهي ان ڪري تخلص تبديل ڪري عاجز جو ضد ارڏو سڏايو.“
    هن نه صرف شعرن ۾ پنهنجي تخلص عاجز سان بغاوت ڪئي پر هر ظالم ۽ طالم خلاف پنهنجن شعرن ۾ بم ۽ بارود ڀريا.
    هن جي شاعري روزانه نواءِ انقلاب ، هلال پاڪستان ، نجات ، نواءِ سنڌ ، سنڌي ڊائجيسٽ ، سگهڙين سٿ ، ورلڊ سنگت ، سرهاڻ ، سڪڻ ڪيا شهيد ، پريت پبليڪشن ڪنڌڪوٽ، هيڏا هاڃا ٿين (پريم پبليڪشن ڪنڌڪوٽ) سنڌ سجاڳ رسالو ، سنڌ سدا بهار پبليڪشن ، ساڃاهه رسالو ، مشعل اخبار ، ماهوار وينجهار رسالو (حيدرآباد)، السنڌ رسالو، رباب رسالو ۽ مچ رسالي ۾ آيل آهن. هن جو هڪڙو شاعريءَ جو ڪتاب ڇپيو آهي. اڻ ڇپيل مواد ۾ آتم ڪهاڻي ،نظم ۽ نثر ۾ محبت جو جام (نظم) اکرين جا ٺار (نظم) ”نه ڪو داد فرياد“ (نظم، خيال خاطر تاثر (نثر) الا ڏاهي مَ ٿيان (مضمون نثر) محب ڏانهن خط (ميمڻ عبدالغفور جون ادبي خدمتون (بي ، ايڊ ۾ ٿيسز) جيڪو گجراتي ۾ ڪاٺياواڙ ميمڻن ڇپايو آهي.
    ارڏو اترادي جو مڪمل تعارف ته اوهان جاڻايل رسالن ۽ اخبارن ۾ پڙهي سگهو ٿا. مگر آءٌ هتي مقامي اخبار ۾ شايع ٿيل سندس ڳالهه ٻولهه جيڪا تاريخ 5 فيبروري 2000ع ۾ شايع ٿي پيش ڪريان ٿو:
    سوال: اوهان شاعري ڪڏهن کان شروع ڪئي ۽ شاعر ڪيئن ٿيا؟
    جواب: هن سوال جو مڪمل جواب آءٌ پنهنجي شاعري ۾ هن ريت ڏنو آهي.
    اڻويهه سؤ اٺهٺ ۾ اڻويهه بهار آيا،
    هن گل جي واڌ سان گڏ وڌندا ڪي خار آيا.
    هر ڪو پڇي ڪڏهن کان شاعر ٿيو تون آهين
    جڏهن ٿيو پيار پيدا، ٺهندا اشعار آيا.
    سوال: اوهان اڳ ۾ عاجز جي نالي سان شاعري ڪئي، ٻڌايو ته ارڏا ڪڏهن ٿيو؟
    جواب: 1981ع جو دور هو قوم کي انقلاب جي ضرورت هئي ان وقت کان لکيم:
    عاجز هاڻي عاجز ناهي، ارڏو، ارڏو آهي او يار
    قلم قلم تي قلم قلم آ، ظلم نه آ ٻيو ڇاهي او يار
    *
    ظالم جي اڳيان مظلوم اٿي
    حاڪم جي اڳيان محڪوم اٿي
    ڇو سورسهين سختين ۾ رهين
    تحريڪ هلاءِ اي قوم اٿي.
    سوال: عاجز جي نالي واري شاعري مجازي هوندي. ٻڌايو ته ارڏي جي نالي واري شاعري ۾ ڇا لکيو؟
    جواب: حقيقت ۾ مونکي حق ۽ مجاز جي اڃا تائين پوري خبر نه آهي. مون انگريزي ۾ هڪ بيت ۾ پڙهيو هو جنهن ۾ هڪ ماڻهو الله کي ڳولڻ لاءِ جبلن جي چوٽين ڏانهن چڙهي ٿو. اتان آواز ٿو اچي ته اي انسان مونکي هيٺ وڃي انسانن ۾ ڳول. اسانجي روحاني رهبر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه کان حضرت سلطان باهو رحه ۽ بابا حضرت بلهي شاهه سڀني انسان ته ڇا ڪک پن ۾ الله جو ڏس ڏنو آهي.
    الله کي جو ڳولين انسان جان ملي،
    انساني راز کولي رحمان جان ملي،
    عضوا سڀئي سڏيون ٿا، هٿ پير نام ڏيون ٿا،
    ارڏو ڪو ڳولي ڦولي، عنوان جان ملي.
    سوال: اوهان کي ڪهڙن شاعرن جا رسالا ۽ اڳواڻ پسند آيا.؟
    جواب: شاعريءَ ۾ جن جي مجموعي تي رسالو لکيل آهي اهو پسند آهي. رسالي جي معنيٰ خود هدايت آهي. صوفين درويشن جا رسالا جيڪي پڙهيم تن ۾ حضرت شاهه عنايت شهيد کان داتا فيض درياءِ ۽ داتا شاهه ولايت تائين، ٻين ٻولين ۾ بابا حضرت بلها شاهه کان حضرت باهو سلطان رحمته الله عليه تائين نه صرف پاڻ پڙهيم پر اولاد کي به پڙهائيندو آهيان. اڳواڻن ۾ انقلابي اڳواڻ پسند آهن.
    سوال: ادبي ۽ سماجي تنظيمن ۾ سرگرم رهيو يا لکڻين جي حد تائين.؟
    جواب: آءٌ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪنڌڪوٽ جو سيڪريٽري رهيو آهيان. سنڌ شهري اتحاد جا ضلعي ۾ سائين عبدالوهاب ڀيو، سجاڳ سنڌي، انتظار ڇلگري ۽ فتاح عابد جن سان گڏ سرگرم ڪارڪن رهيو آهيان.
    سوال: اوهان استاد جي ناتي سان نئين نسل کي ڪهڙو پيغام ڏيو ٿا.؟
    جواب: هي علم ۽ قلم جو دور آهي، جنگ کان پوءِ ٽيبل تي ويهي ۽ احتجاج کانپوءِ عدالت جي ڪٽهڙي ۾ اچي متان پنهنجو ڪيس هارائي وڃو. هٿيار جو دور ختم آهي، هونئن به هٿيارن قلم جي آڏو هارايو آهي. هي چٽاڀيٽي جو دور آهي. ڪنهن جو قول آهي ته ڪنهن قوم کي غلام بڻايو ته ان کان انجو علم کسي وٺو.
    وقت گذري وڃي پوءِ نه پڇتائجو،
    ماس پنهنجو نه مجبور ٿي کائجو.
    سوال: جئين ته سياستدانن کي استاد ئي پيدا ڪندا آهن.سڄاڻ استاد جي حيثيت سان انهن کي پيغام ڏيو جن کي پڙهائي ايوان ۾ موڪليو اٿو.؟
    جواب:
    ڪر بچائڻ لاءِ حيلا، پنهنجي ڌرتي جا وسيلا،
    گڊو، ٿرمل، لاکڙا، کاڻوٺ جي پارت اٿي.
    سچ جو سرواڻ ارڏو ٿي رهين ايوان ۾،
    ڪشمور کان ويندي ڪلاچي ڪوٽ جي پارت اٿي.
    آخر ۾ اهو ته، ارڏو اترادي منهنجو بابا آهي، جنهن جي صحبت ، محبت ۽ لڳاءَ ۾ اهي رنڊا روڙيا اٿم. سندس شخصيت توڙي شاعريءَ ۾ اها جاذبيت آهي، جيڪا پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري ٿي ۽ موهي وجهي ٿي.
    اڃا به سندس شاعريءَ بابت گهڻو ڪجهه لکڻ چاهيان ٿو پر، انهن لفظن تي پنهنجي ڳالهه پوري ڪريان ٿو ته، ڇا اها مون لاءِ گهٽ فخر جي ڳالهه آهي، جو مان اهڙي فهمم فراست، ڪردار ۽ گفتار جي ڏڻيءَ جو فرزند آهيان.

    محب الله باجڪاڻي


    منهنجا ڌڻي

    منهنجا ڌڻي
    مخلوق ساري ٿي مڃي، تنهنجي سخا منهنجا ڌڻي.
    عرض ڪيان آمين ٿئي، منهنجي دعا منهنجا ڌڻي.

    تون آهين مالڪِ ملڪ ۽ تون آهين قادر ڪريم،
    قرب ڪر هِت هُت نه ٿئي، مونکان پڇا منهنجا ڌڻي.

    تون لکين تقدير منهنجي تون ئي ميٽين مهرسان،
    منهنجي وس ۾ صرف آهي، التجا منهنجا ڌڻي.

    ڄاڻ ٿا ڄاڻو هميشه، حال دل معلوم سڀ،
    پيار ۾ تون پاس ڪر، پارتَ اها منهنجا ڌڻي.

    جنهن جي ڪارڻ جوڙ جوڙي پاڻ سڀ پيدا ڪيو،
    معاف ٿئي انجي طفيلي هر خطا منهنجا ڌڻي.

    تنهنجي الفت ۽ عنايت آسري ارڏو آهيان،
    ڪر ڀلايون ڀال مون تي هر دفعا منهنجا ڌڻي.
    ***


    ثناءِ محمد صهﷺ

    ثناءِ محمد صهﷺ
    سؤ دفعا صلوات محمد تي پڙهو اي مومنو،
    مصطفيٰ جهڙو مٺو هت ٻيو وري ٿيندو نه ٿيو.

    ٻاٽ ۾ جنهن لاٿ ٻاري، راهه ڏيکاري ڇڏي،
    تيز طوفانن ۾ ٻيڙي ٻاجهه سان تاري ڇڏي،
    اهڙي رهبر جي اچڻ تي سرکڻي سجدو ڪيو.

    بت ڀڳا ڪعبي سندا جي ڪنهن ڪهاڙيءَ سان کڻي
    هت ڀڄي پيا بت اندر جا، صرف ڪلمي کي سُڻي،
    سنگدل ڪيڏو به ڪافر سو مسلمان ٿي ويو.

    ڪيترا ٿي ويا مفڪر فڪر انجي کي پڙهي،
    ڪيترا ناسمجهه ڦاٿا منجهه اکرن ۾ اڙي.
    ڪو ڪِري پيو ڪُن ۾ ۽ ڪوڪناري پار پيو.

    اي مٺا توکان مليو اهڙو وري اعليٰ ڪتاب
    جن پڙهي پرجهي ڏٺو ۽ تن ڏنو اعليٰ خطاب.
    هڪڙي اکر کي ڦيرائي ڪو نه ڪو سگهيو ٻيو.

    خوش نصيبي آهي تنهنجي، سنڌ جا ارڏا سڻو،
    پنهنجي ڌرتي کي سنڀاريو مصطفيٰ مدني گهڻو.
    هير ٿڌڙي ٿي اچي ائين پاڪ پيغمبر چيو.
    ***


    دوستو ڪنهن سان به دوکو نه ڪجي،

    دوستو ڪنهن سان به دوکو نه ڪجي،
    پيار ڪجي ته ان سان ليکو نه ڪجي.

    غلطي هجي ته روبرو ٻڌائجي،
    دنيا ۾ رسوا ۽ ڪو ڪو نه ڪجي.

    دل وٺجي ته، دل ضرور ڏجي،
    سينو ٻئي جو خالي کوکو نه ڪجي.

    هو هڪ قدم، ته پاڻ ٻه قدم وڌايو،
    صرف پيارن کي پريشان اي لوڪو نه ڪجي.

    ڏک سک ۾ گڏ، هلين ”ارڏا“
    پاڻ کي سوکو ٻئي اوکو نه ڪجي.
    ***


    ڏکيا ڏينهن ڏاڍا گذاري وڃان ٿو،

    ڏکيا ڏينهن ڏاڍا گذاري وڃان ٿو،
    گهڻيون حسرتون، دل ۾ ڌاري وڃان ٿو.

    پرين پيار وارا پڪاري وڃان ٿو،
    سڄڻ ساهه ساٿين کي ساري وڃان ٿو.

    ڪڏهن ڪونه مايوس ٿيو آهيان ٿيندس،
    جيئڻ لاءِ جذبا جيئاري وڃان ٿو.

    نه ڇپيا اهي شعر اخبار افسوس
    اهي ڊائري ۾ اتاري وڃان ٿو.

    مهانگائي هاري ۽ مزدور ماريا
    چيم سڀ اٿو ۽ اٿاري وڃان ٿو.

    لک شعر اهڙا، مون کان پوءِ به شاعر
    ڇڏي قوم تنهنجي، سهاري وڃان ٿو.

    ٻڌي ڇڏ زمانا هي ”ارڏا“ نه مرندا،
    ڏيئي موت کي مات، ماري وڃان ٿو.
    ***


    ڪا مشهوري گيت لکائي،

    ڪا مشهوري گيت لکائي،
    ڪا کسٿوري گيت لکائي.

    ڪا مغروري گيت لکائي،
    ڪا مجبوري گيت لکائي.

    ڪنهن کي لئلان، ڪنهن کي هاني،
    ڪنهن کي نوري گيت لکائي.

    پيار محبت ميل دنيا ۾،
    نامنظوري گيت لکائي.

    تڙپي تڙپي جاڳي ويهڻ،
    ننڊ اڌوري گيت لکائي.

    روح ۾ روئڻ ظاهر کلڻ،
    اندر کوري گيت لکائي.

    مون کان ”ارڏا“ مالڪ سائين،
    تنهنجي دوري گيت لکائي.
    ***


    ڪيڏي دلڙي سادڙي آهي چري،

    ڪيڏي دلڙي سادڙي آهي چري،
    پاڻ ڪَري پاڻ سان ٿي مسخري.

    دل پڇي دل کان ڪڏهن ايندا پرين؟
    پاڻ ڦيري پاڻ کي ڏي دلبري.

    دل فريادي دل مٿي آهي عجب!
    پاڻ ڪورٽ، پاڻ قيدي سنتري.

    پاڻ ٺاهي صنم سيني ۾ رکي،
    پاڻ ڳوليندي رهي ان کي وري.

    بند اکڙين ۾ ڪري ديدار روز،
    بره ۾ ظاهر روئي ٿي بانوري.

    پاڻ دل ڏئي دل خوشيءَ خاطر کڻي،
    پاڻ چئي ”ارڏا“ پرين ويندس مري.
    ***


    نئون سال مبارڪ

    نئون سال مبارڪ
    ملهائيون ڏينهن محبت جا ايئن هر سال اي سائين،
    مبارڪ سڀ چون جيئين اچي هم خيال اي سائين.

    سنڌي، بلوچي، اردو ۽ پنجابي يا سرائڪي ۾،
    اچي چوندا: دعائين هن تساڏي نال اي سائين.

    اڃا ڪي فيڪس انٽرنيٽ تي اسلام هي ايندا،
    هيپي نيو يئير ٽويو وُئي سي آل اي سائين.

    جڏهن به شعر ٽي.وي تي اچن اخبار ۾ منهنجا،
    تڏهن سمجهين لکيم تو لاءِ سانڍين هر حال اي سائين.

    چپن تي چاهه تي پهرا ڏسو في الحال اي ”ارڏا“
    مناسب موقعو مليو ڪبو احوال اي سائين.
    ***


    ڏسي حسن کي جهڪي پياسون،

    ڏسي حسن کي جهڪي پياسون،
    پرين جي درتي ٽڪي پياسون.

    زماني ڇا ڇا چيو اسان کي،
    ٻڌي ٻڌي بس ٿڪي پياسون.

    اسان کي لشڪر نه قيد روڪيو،
    صرف سڄڻ چيو رُڪي پياسون.

    عجيب اک جي اڻي اڙائي،
    انهيءَ ۾ اٽڪي لڪي پياسون.

    هئاسون ”ارڏا“ اونها سمنڊ کان،
    سائينءَ جي خاطر سُڪي پياسون.
    ***


    دل چيو لک شعر شاعر دلربا دلدار تي،

    دل چيو لک شعر شاعر دلربا دلدار تي،
    ڇا لکان ڇا تي لکان، ڇا ڇا لکان سرڪار تي.

    ويچار ۾ اڙجي ويس، ايڏا پنا آڻيان ڪٿان،
    مس ڪريان سارو سمنڊ پر جي لکان هڪ وار تي.

    مرڪ موهڻ تي لکان، گفتار خوش کيڪارتي،
    پيار جي مهڪار تي، لکجي انهيءَ آڌار تي.

    ها، هي ساري زندگي، لکجي ته لکجي بندگي،
    ڇا خبر ڪيئي ڪتاب، لکبا صرف سينگار تي.

    اک جي اڻي واه واوڻي، ٻيو ڇا لکان دل جا ڌڻي
    ها اگر لکجي کڻي، درشن اتم ديدار تي.

    هوش ويو بيهوش ٿي، لک ميم تي مئنوش ٿي،
    ”ارڏا“ قلم ۾ جوش ٿي، لک قرب تي ڪردار تي.
    ***


    دنيا ۾ دوستي سڀ سان راحت خاطر رُڳي آهي،

    دنيا ۾ دوستي سڀ سان راحت خاطر رُڳي آهي،
    ٿورڙا پيارڙا آهن ۽ هڪ سان دل لڳي آهي.

    عجب اکڙيون لڙيون تڪڙيون جو منٽن ۾ مڃي ويٺس،
    انهي جادو ائين جڪڙيون، جيئن وارن ۾ سڳي آهي.

    دل جي مير دلبر کي نه چئجو روبرو پرپٺ
    هٿن سان دل ڏنم هن کي، نه ڪئي هن ڪا ٺڳي آهي.

    منهنجو محبوب مالڪ آ، هي شاهد شاعري آهي،
    ڪيم دنيا جي ڪک پن سان، حوالي هي جهڳي آهي.

    رهيم دربان ٿي در جو ، قبوليم نوڪري ان جي،
    خوشي هر دم ڏنم هن کي جيڪا مون کان پڳي آهي.

    بظاهر ٿي وڃي دوري، مگر سائين نه ائين سمجهو،
    ڪچي ڪاٺي نه آ ياري، ڪڏهن ”ارڏن“ ڀڳي آهي.
    ***


    اسان جي ڳالهه هڪ آهي، اسان کان ڪانه ٻي ٿيندي،

    اسان جي ڳالهه هڪ آهي، اسان کان ڪانه ٻي ٿيندي،
    زبان هڪ سان ٿئي هيڪر، وري ملندي نه ٻي ورندي.

    مٿان کان انگ جنهن لکيو، اسان سوئي سبق سکيو،
    تڏهن قدمن ۾ سر رکيو، حياتي هڪ جي نام هوندي.

    ٿيل اقرار ازلي آ، تڏهن نوڪر سڏائيون ٿا،
    نڀائيو آ نڀائيون ٿا، دنيا هي شاهدي ڏيندي.

    حڪم ٿيندو هلي ايندس، حڪم ٿيندو هليو ويندس،
    حقيقت هيئن هي چوندس، سواءِ تنهنجي ناهي سرندي.

    ٿي ”ارڏا“ قرب جو قرضي، جيڪا محبوب جي مرضي،
    ٿئي لوهار يا درزي، جيڪا دلبر جي دل گهرندي.
    ***


    بيتاب آهي دلڙي، بي چين اکيون آهن،

    بيتاب آهي دلڙي، بي چين اکيون آهن،
    اچ گهور وڃانءِ گهڙيون، گهارڻ به ڏکيون آهن.

    اقرار وچن واعدا، پيغام پڪا پختا،
    سي سخن سبق دليون توکان ته سکيون آهن.

    جنهن ڏينهن چيهءِ ايندس، تنهن ڏينهن کان اي سائين،
    راهن ۾ وڇائي مون، اکيون هي رکيون آهن.

    هڪ وار ٻڌائين ها ڪو وار ورڻ وارو،
    هاڻي ته اکيون دل سان پئي روز ٻکيون آهن.

    هڪ رات گهري ”ارڏي“ تو ڏينهن به ڪيا پيارا،
    تڏهن ته ميارون هن تولاءِ لکيون آهن.
    ***


    خدا، گاڊ، ايشور يا الله سائين،

    خدا، گاڊ، ايشور يا الله سائين،
    سڏن سڀ ٿا هڪڙي ڌڻي کي سدائين.

    مذهب ۽ محبت ۾ ويساهه واجب،
    جتي روح راضي اتي سرجهڪائين.

    ڪثرت جي پويان جي وحدت کي ووڙين،
    هڪڙي ئي دم سان تون دنيا ۾ آهين.

    جيڪو لامڪان ۾ اهو آهي تو ۾
    پرين پاڻ ۾ ڇو ڪشالا ڪمائين.

    سڀئي دين دنيا ۾ آيا امن لئي،
    اهو عهد اکر تون سيني سمائين.

    لکين دل جي دفتر ۾ چونڊي چڱايون،
    انهي کي سفر زندگي تون بنائين.

    ڪري صاف سينو ڪڍي ڇڏ تون ڪينو،
    ان ۾ ئي ”ارڏا“ ڀلو پنهنجو ڀائين.
    ***


    هڪ وار سان سؤ سؤ وار ٿيا، وري هاڻي پرين ٻيو وار نه ڪر،

    هڪ وار سان سؤ سؤ وار ٿيا، وري هاڻي پرين ٻيو وار نه ڪر،
    هن دم ۾ باقي دم ناهي، هن دم کي دم کان ڌار نه ڪر.

    هڪ ساهه اندر ٻيو ساهه آهي، ان ساهه مٿي ويساهه آهي،
    سو ساهه سلامت ساهه رکين، سوساهه ڪڍي لاچار نه ڪر.

    اڄ پور به اهڙا پور پيا، هي تن من پورن چور ڪيا،
    هي پور اصل نه دور ٿيا، تن پورن جي پچار نه ڪر.

    هي موتي چنبيلي نرگس پن، تون مشڪ عنبر ۽ سٽ سوسن،
    سڀ سورج سنبل ڏيئي ٻن، ريءَ گل گلابي هار نه ڪر.

    ڪيئي ماه ڏٺم، ڪيئي شاهه ڏٺم، سر سونهن عجب واه واه ڏٺم،
    ٻيا گهٽ ناهن پر مٽ ناهن، اي ارڏا پريشان يار نه ڪر.
    ***


    صورت صنم پسي پيون اکڙيون اڙي اڙي.

    صورت صنم پسي پيون اکڙيون اڙي اڙي.
    من کي ڇڪي اچن ٿيون مندر گهڙي گهڙي.

    دم دم چوي ٿي دلڙي ديدار يار ٿئي،
    اکڙين کي ڏيو نه اکڙيون تابش تڙي تڙي.

    اکڙين جو ڏوهه ناهي، دل بيقرار آهي،
    بي حال ٻيئي ٿينديون روئي رڙي رڙي.

    هن حال خيال جي آ توکي خبر تمام،
    ناتو نڀائيان پيو، ڳنڍي ڪڙي ڪڙي.

    سڪ جي سفر جي تو ريءَ ڪنهن کي خبر نه ڪا ئي،
    پهچي ٿو پيار سانڍي عاشق رڙهي رڙهي.

    نازڪ نفيس حالت ”ارڏي“ جي آهي ظاهر،
    تنهنجي ئي هٿ شفا آ ڏي ڪا پُڙي پُڙي.
    ***


    ٿڪا نيڻ راهون نهاري نهاري،

    ٿڪا نيڻ راهون نهاري نهاري،
    سُڪي ساهه ويو آ سنڀاري سنڀاري.

    خدا ڄاڻي جاني، جدائي ۾ هاڻي،
    ڏيندين موت مونکي روئاري روئاري.

    فرق فاصلا ڇو پيا پاڻ ۾ ڏس،
    پچي چپ پيا هي پڪاري پڪاري.

    مران ها جي سوليءَ مٿان ننڊ ڪيان ها.
    مگر انتظاري، اٿاري اٿاري.

    پرينءَ ڌار هڪ وار سؤ سال ڀائيان،
    ڪٽيم قيد دل کي ڌتاري ڌتاري.

    محبت جي مرلي وڄايو ڪا جوڳي،
    وڃو هي مقدر سنواري سنواري.

    سسيءَ ۾ آهي ساهه ”ارڏا“ هلي آ،
    تنهنجو آسرو ٿو جيئاري جيئاري.
    ***


    تنهنجي اکڙين جو اشارو ٿي وڃي.

    تنهنجي اکڙين جو اشارو ٿي وڃي.
    منهنجي ڪشتي کي ڪنارو ٿي وڃي.

    منهنجي من ۾ مهربان آهي اميد،
    دلربا دل جو سهارو ٿي وڃي.

    ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا توکي ڏسان،
    ايندي ويندي پير چارو ٿي وڃي.

    دوستي دائم رهي هيءَ گهر دعا
    نينهن جو دنيا ۾ نعرو ٿي وڃي.

    جلد جوڳيئڙا اچي دلداري ڏي.
    منهنجي محبت لاءِ ڍارو ٿي وڃي.

    آس آهي محب مالڪ کي ڏسان،
    ڪر بهانو ڪو ته چارو ٿي وڃي.

    فيض جي درياءَ مان ڏي جام تون،
    ساقي ساغر جو به وارو ٿي وڃي.

    پيار جي اڄ ئي عنايت ڪر پرين،
    ”ارڏو“ الله کي پيارو ٿي وڃي.
    ***


    ڪا به محفل مچي، ياد توکي ڪريان،

    ڪا به محفل مچي، ياد توکي ڪريان،
    ڪو به جهومي نچي، ياد توکي ڪريان.

    يار پيارا اچن، نينهن وارا نچن،
    رنگ واه وا رچي، ياد توکي ڪريان.

    ڏينهن ٿي رات ٿئي، رات پرڀات ٿئي،
    ڪو نه قاصد اچي، ياد توکي ڪريان.

    تون اچين دل ٺري، تون وڃين دل ڳري،
    دل سڙي يا پچي، ياد توکي ڪريان.

    ڪو هتي قيد آ، ڪو هُتي قيد آ،
    قيد پڪي ڪچي، ياد توکي ڪريان.

    ڪو ڳجهارت کڻي، سونهن وارا ڳڻي،
    هو اڃا چئي بچي، ياد توکي ڪريان.

    تون منهنجي بندگي، تون منهنجي زندگي،
    چيو ”ارڏي“ سچي، ياد توکي ڪريان.
    ***


    محبت بنا دنيا ۾ آهي جيئڻ اجايو،

    محبت بنا دنيا ۾ آهي جيئڻ اجايو،
    ساقي بنا پياڪي آهي پيئڻ اجايو.

    ديدن سواءِ نه ٿيندي آ عيد عاشقن جي
    ٿئي عيد بنا چنڊ آهي مڃڻ اجايو.

    صورت ڏسڻ شفاعت مورت چمڻ عبادت
    اهڙن ئي عاشقن کي ڪافر چوڻ اجايو.

    دل ۾ تون دل سان روئي، ڪر صاف سينو سوئي،
    اکڙين مان آب هاري، آهي روئڻ اجايو.

    سڪ ساهه ۾ رکي ڏس، چُپ چاپ چپ چکي ڏس،
    آهون ڀرڻ ڇڏي ڏي، ظاهر ٿيڻ اجايو.

    محبوب کي سنڀاري، راهون سدا نهاري
    پسڻ بنا پياري، ”ارڏا“ مرڻ اجايو.
    ***


    گهرائجو

    گهرائجو
    اوهان کي اگر ڳالهه، وڻي ته گهرائجو،
    اوهان جي دل بار کڻي ته گهرائجو.

    ڳجهيون ڳالهيون اوهان سان اورڻيون آهن،
    جي مناسب موقعو بڻي ته گهرائجو.

    پيار تي پهرو آ ڪاوش تي قلم لاڳو
    ڪو هانوَ تي هٿ هڻي ته گهرائجو،

    ڪيئن آزاد چئون چنڊ گرهڻ آ ماهين،
    زنجير هڪ هڪ ٿي ڇڻي ته گهرائجو.

    اڏول ۽ آزاد رکي ايراده پوءِ،
    دل نه هي هڻي کڻي ته گهرائجو.

    تنهنجي منهنجي مڃڻ سان ڇا ٿيندو،
    ها، جي پئچات ڳالهه ڳڻي ته گهرائجو.

    ساهه ۾ اتساهه رکين ته ”ارڏو“ ٿيءَ،
    هن حال ۾ حال دل سڻي ته گهرائجو.
    ***


    آءٌ هلي هت ڏيئڙا ٻاريان،

    آءٌ هلي هت ڏيئڙا ٻاريان،
    جاڳي جاڳي رات گذاريان.

    پل پل هتڙي وقت ورائي،
    روئي دلڙي روز ڌتاريان.

    درجو کڙڪو الڪو تنهنجو،
    وري وري پيو واٽ نهاريان.

    ننڍڙي دنيا ڪمري وانگر،
    ماندي باندي گهڙيون گهاريان.

    آس رکي هي آڳ اجهائيان
    دم دم دل تي پاڻي هاريان.

    ذڪر فڪر ۾ تنهنجو نالو
    پل پل تنهنجو پيار پڪاريان.

    خواب خيالي ۾ تصور تنهنجو،
    سينو ٺاهي سيج سنواريان.

    جذبا جاڳن تن من تڙپي،
    جلدي آءٌ ته جام پيئاريان.
    ساهه اندر ۾ ساهه سمائي،
    اکڙين ۾ تصوير اُڪاريان.

    توبن ”ارڏا“ جيوڻ ڪهڙو،
    قرب ڪري اچ، ڪانگ اڏاريان.
    ***


    هر وار کي واري ڇڏيم، هر ڪا گهڙي گهاري ڇڏيم،

    هر وار کي واري ڇڏيم، هر ڪا گهڙي گهاري ڇڏيم،
    دک درد سڀ دنيا سندا، کلندي کڻي ٽاري ڇڏيم.

    دنيا دورنگي درد آ، فڪرات ۾ هر فرد آ،
    سندرو ٻڌي سو مرد آ، همت نڪي هاري ڇڏيم.

    ننڍپڻ حياتي کي ڇڏي، جوڀن جيئاپي کي سڏي،
    ڏک سک ڇڏيم دل ۾ گڏي، ترهو ٻڌي تاري ڇڏيم.

    عشق جو آغاز ٿيو، هي رازدان جو راز ٿيو،
    تن من تنبورو ساز ٿيو، ها ساڻ هار هاري ڇڏيم.

    هت ابتدا کان انتها، ان ڀيٽ ۾ هي عمر ڇا،
    ڇا ڇا ڪري منجهه بي بقا، پوءِ به ڏيئا ٻاري ڇڏيم.

    بس شوق مان شاعر ٿيس، ٿي محبتي ماهر ٿيس،
    ”ارڏو“ بڻي ظاهر ٿيس، پٿر به پگهاري ڇڏيم.
    ***


    ووٽ جي پارت

    ووٽ جي پارت
    ووٽ وٺندڙ اي وڏيرا، ووٽ جي پارت اٿيئي،
    قوم جي ڪاغذ تي بهتر نوٽ جي پارت اٿيئي.

    ڪن وڏيرن جان نه ويهين تون لڏي لاهور ۾،
    پنهنجي حلقي ڏانهن جلدي موٽ جي پارت اٿيئي.

    جن ڪيو اسلام آباد، قرض مان شاديون ڪري،
    تن غريبن جي خزاني، کوٽ جي پارت اٿيئي.

    جيترو آ نام تنهنجو اوترا احسان ڪر،
    ووٽ ڏيندڙ ۽ نه ڏيندڙ چوٽ جي پارت اٿيئي.

    امن واري آه رياست، بند ٿئي هي لاش سياست،
    خير هر ڪنهن جا ڪرين، هر ڦوٽ جي پارت اٿيئي.

    ڪر بچائڻ لاءِ حيلا، پنهنجي ڌرتيءَ جا وسيلا،
    گڊو ٿرمل لاکڙا خاڻوٺ جي پارت اٿيئي.

    سچ جو سرواڻ ”ارڏو“ ٿي رهين ايوان ۾،
    ڪشمور کان ويندي ڪراچي ڪوٽ جي پارت اٿيئي.
    ***


    شاعر هاڻي ڪيئن ڪري، او حاڪم توسان ٺاهه،

    شاعر هاڻي ڪيئن ڪري، او حاڪم توسان ٺاهه،
    غربت جاهي گهاءِ، ڏسي خود اٽڪي پئي الله.

    پاڻي بجلي تيل ٻري ٿو، گئس ۾ ماڻهو ماس ڳري ٿو،
    ابتا سبتا بل ڀري ٿو، ڌڙڪي ڦڙڪي ڦڦڙ ساهه.

    ڦاٽل ڪپڙا ٽٽل جيرا، قرضن ۾ ويا هاري ديرا،
    وچن واعدا ڪيئي ڀيرا، آئيندي ايندا نيٺ ته گاهه.

    هاري جي هر آس اڌوري، پورهيت جي آپگهار پوري
    هاءِ مهانگپ ۽ مجبوري، جلد وڙهندءِ تن جي آهه.

    هيڏا ڀاتي پاءٌ پٽاٽا، وٺي کائي چٽڻي چاٽا،
    هڪڙو ويلو ڪري ڪاٽا، ناڙو ساڙو کائي گاهه.

    هر هڪ دور ۾ غم ٿا کائن، پنهنجو هڏ ۽ ڄم ٿا کائن،
    ماني بدران بم ٿا کائن، هاءِ حڪومت بي پرواهه.

    ڪنهن جا ڪهڙا سورسڻايان. ڪنهن تي ڪهڙا شعر بڻايان،
    ڪنهن جا ڪنهن جا نام ڳڻايان، “ارڏا“ اندر ۾ آڙاهه.
    ***


    منهنجي ٻولي جيئي، منهنجي لولي جيئي.

    منهنجي ٻولي جيئي، منهنجي لولي جيئي.
    شال ڌرتي امڙ جي هيءَ جهولي جيئي.

    منهنجا جوڌا جيئن، منهنجا دودا جيئن،
    شال هوشو ۽ هيمون جي ٽولي جيئي.

    پوکون پياريون جيئن، سونهن واريون جيئن،
    شال اجرڪ سان ٽوپي ۽ چولي جيئي.

    سنڌي سُکيا رهن، ڪين ڏکيا رهن،
    عيدون ”ارڏا“ ڪرن، هندي هولي جيئي.
    ***


    نٿا جي سڃاڻو، ته پرواهه ناهي،

    نٿا جي سڃاڻو، ته پرواهه ناهي،
    سڏيو ٿا اياڻو، ته پرواهه ناهي.

    اسان پيار محبت مٿي ناز ڪريون
    اوهان وٽ آ، ناڻو، ته پرواهه ناهي.

    اسان رات کي ڏينهن چَوندا نه آهيون،
    سڏي ڪو نه سياڻو، ته پرواهه ناهي.

    اسان قيد ڪڙين کي زيور ٿا ڄاڻون،
    ڏيکاريو جي ٿاڻو، ته پرواهه ناهي.

    اسان پنهنجي ڌرتي جا وارث بلالي،
    گهرايو جي گهاڻو، ته پرواهه ناهي.

    وري وقت آيو ته پوڄيندا پيارا،
    اوهان ڪين ڄاڻو ته پرواهه ناهي.

    اسان ٿر ۽ بر ۾ رهڻ وارا ”ارڏا“
    ناهي گهر ٽڪاڻو، ته پرواهه ناهي.
    ***


    منهنجا ٻول نيارا آهن،

    منهنجا ٻول نيارا آهن،
    سمجهڻ لاءِ اشارا آهن.

    ٻار جوان ۽ پوڙها ڳائن،
    سرندا ساز نغارا آهن.

    خوشين وارو وقت نه آهي،
    ڏکيا هاڻ گذارا آهن. .

    قيدين وانگر قابو آهيون،
    بند اسانجا چارا آهن. .

    جهڙو ماضي تهڙو حال،
    ساڳيا ئي مونجهارا آهن.

    سنڌوءَ نديءَ سير ۾ آهيون
    اڃا ڏور ڪنارا آهن.

    گهٻرائين ڇو ٻيڙيءَ وارا،
    ننڍا وڏا تارا آهن.

    لڪ لڪوٽي راند نه ڪريون،
    ونجهه وٽيءَ جا وارا آهن،

    ڏينهن هُنن جا راتيون پنهنجيون،
    اهي وارا ڍارا آهن.

    پڌرو پڌرو پيار اسانجو،
    ظاهر ظاهر نعرا آهن.

    باغي ، آتش، ارڏا آيا،
    هاڻي ڀاڳ ڀلارا آهن.
    ***


    هتي مظلو م ۽ محڪوم جي دنيا جدا آهي،

    هتي مظلو م ۽ محڪوم جي دنيا جدا آهي،
    هتي جيئڻ مرڻ دم دم نڪو وارث خدا آهن.

    هتي سردار ۽ ڀوتار ۽ ڦورو ڪرن عيدون،
    هتي مسڪين کي ساري عمر روزو ادا آهي.

    هتي ڪونهي امن قائم هتي ڪانهي ڪا آزادي،
    هتي ماني، نڪي پاڻي ۽ ڪپڙي لاءِ گدا آهي.

    هتي انسان ٻڪرن جان، ٽياسن تي آهن ٽنگيل،
    هتي ڪهڙيون خوشيون آهن، فقط سرجي صدا آهي.

    هجون هر سامراجي پاپ ۽ پيڙآءٌ کان پاسي،
    اهڙي ڏيهه لاءِ ”ارڏا“ سدائين سر فدا آهي.
    ***


    ڳالهه ڪريان مان سڌي سچي،

    ڳالهه ڪريان مان سڌي سچي،
    ڪين ٿئي ڪا هيرا ڦيري.

    ازلي ابدي قومي نعرو
    آءٌ آهيان ويرين جو ويري.

    منهنجي ٻولي سنڌي سولي،
    ڪين ٿئي ڪا تيري ميري.

    پوک پٽي ويا باندر ڀولا،
    ڪين لکان مان ڳيرو ڳيري.

    گهر ڌياڻي بي گهر آهي،
    ٽانڊو چاڙهڻ واري وڏيري.

    سياست ۾ آ ساٿ انهي سان،
    جنهن آزادي جنگ نبيري.

    اوٽ ڪري هو ارڏا مارن،
    تو نه اڃا ڪا ڪاتي ڇيري.
    ***


    اسان سور دل جا سلڻ آيا آهيون،

    اسان سور دل جا سلڻ آيا آهيون،
    اوهان جي اڱڻ تي ملڻ آيا آهيون.

    جيڪا ڏيو ورندي، اسان کي اکين تي،
    اسان هت کلائڻ، کلڻ آيا آهيون.

    اسان سان ڏيو ساٿ باقي عمر جو،
    اسان هٿ ملائي، هلڻ آيا آهيون.

    اسان سونهن سچ جائي پروانا بڻجي،
    اوهان جي شمع تي، جلڻ آيا آهيون.

    اسان ديس جو درد پنهنجو ئي ڄاڻي
    ارڏا ٿي دردر رلڻ، آيا آهيون.
    ***


    ڏينهن تنهنجو آهي، رات منهنجي آهي،

    ڏينهن تنهنجو آهي، رات منهنجي آهي،
    قيد هر ڏينهن ۾، ڏات منهنجي آهي.

    منهنجي آواز تي آهي پهرو پڪو
    چئو ته آزاد ڪيئن لات منهنجي آهي.

    اڃا وقت سان ويڙهه جاري آهي،
    ڪيئن ٿو چوين، مات منهنجي آهي.

    اي سج تنهنجي پويان رات آ،
    تنهنجي لالاڻ ۾ ذات منهنجي آهي.

    سج تنهنجا سلامي ٿيندا ڪو نه ”ارڏا“
    اجائي توکي تات منهنجي آهي.
    ***


    علم جو ڏيئو

    علم جو ڏيئو
    ڏيهي، هي احساس ڏياريو،
    علم سان نياڻيون سڀ سينگاريو.

    ڀائر ڀينر گڏ پڙهائي،
    گهر گهر علم جو ڏيئو ٻاريو.

    گنديون رسمون گم ڪري سڀ
    چڱائي جو چاهه اڀاريو.

    مال جيان ڇو ماڻهو وڪرو،
    پاڻ کي وڪرو ڪري ڏيکاريو.

    ماڻهوءَ جي ڪا قيمت ڪانهي،
    ملڪيت سمجهي ڇو ٿا ماريو.

    عورت کي آزادي ڏيئي،
    دنيا ۾ گڏ خوش گذاريو.

    ”ارڏي“ جو پيغام اهو آ،
    جيون جيءُ جيءُ ساڻ جياريو.
    ***


    چنڊ تي پهتا

    چنڊ تي پهتا
    جت ڏک سهڻ جو ڏانءُ نه آ،
    اُت سک ملڻ جو نانءُ نه آ.

    ڏڌ مکڻ جا ماٽا پرزا،
    ٻُڙي جهڳڻ لاءِ ٿانءُ نه آ.

    سختيءَ وارو سفر آ يارو،
    ساهه پٽڻ لاءِ ڇانءُ نه آ.

    باندي ڪاغذ ڪيئن اُماڻي،
    قاصد ماڻهو ڪانءُ نه آ.

    چنڊ تي پهتا پرڏيهي ڏس،
    هتڙي ڪنهن وٽ هانءُ نه آ.

    جتڙي ”ارڏا“ ماڻهو اُتڙي،
    تون تون، مان مان، آنءُ نه آ.
    ***


    ووٽ جي سياست، ڏٺي سون،

    ووٽ جي سياست، ڏٺي سون،
    نوٽ جي سياست، ڏٺي سون.

    ملڪي، مرڪز ليڊرن جي،
    کوٽ جي سياست، ڏٺي سون.
    .
    ڪيترا لٿا، مئا ۽،
    موٽ جي سياست ڏٺي سون.

    ڪٿ کليل، بند ڪمري،
    ڪوٽ جي سياست، ڏٺي سون.

    ڪن کنيا ٺيڪا، پلاٽ،
    اوٽ جي سياست، ڏٺي سون.

    صرف پنهنجي ليڊري لئي،
    ڦوٽ جي سياست، ڏٺي سون.

    سنڌ، سيد عشق ارڏا،
    چوٽ جي سياست، ڏٺي سون.
    ***


    مون کان وقت ڇا ڇا لکائڻ گهرين ٿو،

    مون کان وقت ڇا ڇا لکائڻ گهرين ٿو،
    ظاهر ڪريان يا لڪائڻ گهرين ٿو.

    چيم: ڇا حياتيءَ تي ڀروسو رهيو آ،
    ڀلا ڇا اڃا ڪجهه بچائڻ گهرين ٿو.

    وڏي قيد ۾ هيءَ حياتي آ گذري،
    ننڍي قيد کان ڇا ڊڄائڻ گهرين ٿو؟

    اسانجي اٿڻ ۽ ويهڻ تي به پهرو،
    ڀلا ڇو نه پهرو پٽائڻ گهرين ٿو.

    هتي هٿ وڍيل، هتي ساهه گهٽيل،
    اڃا سر اڏيءَ تي ڪٽائڻ گهرين ٿو.

    چيائين: نه ڪڍ ڪا هتي ٻاڦ ٻاهر،
    ڀلا ڪوهه ڪيٽو جلائڻ گهرين ٿو.

    چيم ڇا رهيو آشياني ۾ باقي،
    اڃا نقش نالا مٽائڻ گهرين ٿو.

    منهنجي مارئي ڪوٽ ۾ قيد آ،
    اڃا ٿو چوين تون ڦٽائڻ گهرين ٿو.

    چيو وقت مونکي خوشامد ٿي گهرجي،
    چيائين پوءِ ڇو ناحق کپائڻ گهرين ٿو.

    نه پڙهه شعر ”ارڏا چيو ڪيترن،
    تون نروار نانگا نچائڻ گهرين ٿو.
    ***


    غم درد جو افسانو ٻڌائيان ته ڪيئين مان

    غم درد جو افسانو ٻڌائيان ته ڪيئين مان
    هٿ بند، پير بند، قلم بند، زبان بند.

    هي حال سڄڻ منهنجو اچي روبرو ڏس تون،
    در بند، دري بند، حيوان بند، انسان بند.

    آزاد سڏين ٿو مگر آزاد نه آهيان،
    لکڻ بند، پڙهڻ بند، ڪورٽ بند، بيان بند.

    ڏيو ڏس ڪريان ڪيئن هتي هاڻي حفاظت،
    ڪرچ بند، بندوق بند، نشان بند، ڪمان بند.

    مُلان پوپ ۽ پَنڊت ڪاوڙجي ڪرن ٿا،
    توريت بند، زبور بند، انجيل بند، قرآن بند.

    هي حال ڏسي انهن سان ”ارڏي“ به ڪيو ائين،
    حقو بند، پاڻي بند، نان بند، پان بند.
    ***


    چنڊ تي پهتا

    چنڊ تي پهتا
    سنڌ وطن جون نياڻيون ناريون،
    سونهن سڀاڳيون راجڪماريون.

    ڪنهن کي دانهن ڏين ويچاريون،
    تن سان آهن لک لاچاريون.

    ڪا ڪا ورلي هوندي ڏوهي،
    ڪيئي ناحق تي ٿيون ڪاريون.

    ڀائر گڏجي ڀآءٌ بچائن
    ڀينر غيرت ۾ ڏوهاريون.

    جوڙ جڙي جي ڪو نه هلن ٿا،
    ڇو نه ڏين ٿا سي بيزاريون.

    ڪهڙي دين ڌرم ۾ آهي،
    پوڙهن کي ڏيو ڪاهي ڪنواريون؟

    اهڙيون شاديون تعديون بڻبيون،
    پوءِ لڳن ٿيون هي بيماريون.


    انساني سڀ حق لتاڙي،
    ريءَ ڪفن آزاري ماريون.

    مارڻ جون سردارن ڏنيون،
    گندن مڙسن کي اختياريون.

    جيڪي عدلت ڪو نه ڪرن ٿا،
    ارڏا ڇڏيون سي سرداريون.
    ***


    ڪنهن نظرن جا ٿي تير لکيا ۽ ڪنهن ٿي ماه مُنير لکيا،

    ڪنهن نظرن جا ٿي تير لکيا ۽ ڪنهن ٿي ماه مُنير لکيا،
    مان ته انهن کان ڏور وڃي، ڪن قومن جا تفسير لکيا.

    ڪنهن ٿي يارئي يار لکيا ۽ ڪنهن ٿي وار ئي وار لکيا،
    مان دار تي بيهي دار لکيا ۽ مانجهي ڪي مهمير لکيا.

    ڪنهن ٿي راڳ ويراڳ لکيا ۽ ڪنهن ٿي سُرخي مُساڳ لکيا.
    مان ويڙهه ڪرڻ جا آڳ لکيا ۽ جنگ کَٽڻ تدبير لکيا.

    ڪنهن ٿي لات مَنات لکيا ۽ ڪنهن ٿي ذات ۽ پات لکيا،
    مان ٿي ڪَات ئي ڪات لکيا ۽ دل تي گهاءُ ۽ تير لکيا.

    ڪنهن ٿي ساهه سرير لکيا۽ ڪنهن ٿي نيرئي نير لکيا،
    مان ظلم ستم زنجير لکيا ۽ مارئيءَ جا ته اُڪير لکيا.

    ڪنهن ٿي فردي عشق لکيا ۽ محبوبن جا رشڪ لکيا،
    مان ٿي عنبر مُشڪ لکيا ۽ نسخا ڪي اَڪسير لکيا

    ڪنهن دلڙي مانديءَ لئي لکيو، ڪنهن ٻانهن سرانديءَ لئي لکيو،
    مان ديس آزاديءَ لئي لکيو، مان ڌرتيءَ جا ته اَسير لکيا.

    ڪنهن عاشق رانجهن هير لکيا، ڪنهن دوستن لئي دلگير لکيا،
    مان ارڏا ڪي منصور لکيا ۽ خوابن جا تعبير لکيا.
    ***


    سچارن سان پنهنجو سدا پيار آهي،

    سچارن سان پنهنجو سدا پيار آهي،
    ڪوڙن جي ياريءَ کان انڪار آهي.

    وڏي واڪي هر هنڌ ڳالهايو اٿم،
    هتي چُپ رهڻ لاءِ نه دل تيار آهي.

    رقيبن اڳيان به پنهنجو راز کولي،
    چيم يار دل تي وڏو بار آهي.

    سڄڻ ٿئين ته سيني کي کولي ڏيکاريان،
    سڙيل طور وانگر هي نروار آهي.

    ٻڌي ڇڏ ٻه ٽي ٻول محبت جي باري،
    فقط فردي محبت ڪندڙ ٻار آهي.

    مارن جي محبت م مخمور آهيان،
    عمر تنهنجي محبت ئي بيڪار آهي.

    عمر سيڻ ويڻن سان ڳنڍبا نه آهن،
    تنهنجو وارتي وار هر وار آهي.

    منهنجا مارو بکيا ۽ ڏکيا رهن ٿا،
    تو وٽ ٻوڙ، زردو، پلاءَ ڌار آهي.

    چوي سچ ”ارڏو“ ڀلي سر قلم ٿئي،
    عمر توسان تڪرار تڪرار آهي.
    ***


    هتي آزار ئي آزار آهن يار ڇا لکجن،

    هتي آزار ئي آزار آهن يار ڇا لکجن،
    پَني ۽ پين تي اکڙيون وهائن نار ڇا لکجن.

    غزل غمناڪ ٿي لکيم، ڏسي ويران وستيءَ کي،
    ٻڌن ٿا سي نه هي ٻڪرار ۽ ريڍار ڇا لکجن.

    ٻُڌين ٿو ڇو نه اي سائين، ڏيارين ڇو نه آزادي،
    سڄو گهر ٻار قيدي آ ٻيا آزار ڇا لکجن.

    زبان تي مُهرِ خاموشي، وري ڇاپن مٿان ڇاپا،
    وڏا ڏوهي ڇڏي هتڙي ننڍا ڏوهدار ڇا لکجن.

    اديبن شاعرن جڏهن حقيقت جي عڪاسي ڪئي،
    تڏهن هٿڙن ۾ هٿ ڪڙيون وڌيون سرڪار ڇا لکجن.

    چون ٿا عام جي اڳيان لکڻ تي ناهه پابندي،
    مگر ڪاغذ لکي ڪن ٿا، اُنهن تي وار ڇا لکجن.

    چيو هڪڙن حريفن هت اکر ڳولي ڳُجها لکجو،
    چيم: دل تي اکر اهڙا ٿين ٿا بار ڇا لکجن.


    سياري ۾ گهڻي سردي اونهاري ۾ گهڻي گرمي،
    غريبن جا هتي هردم مرن ٿا ٻار ڇا لکجن.

    وڏي ڀوتار کي هاري، نڪي مزدور هي گهرجن،
    گهرائن ڌاريا هتڙي ٻيا مردار ڇا لکجن.

    اسيرن جون ٻُڌي آهون اگر شاعر نه ورجائي،
    وڏو غدار سو آهي ننڍا غدار ڇا لکجن.

    هتي اوڙي پاڙي وارن گهڻن ملڪن جا ڀاڳوڙا،
    وڙهن ڌرتيءَ ڌڻي سان ته به ٿين حقدار ڇا لکجن.

    سڄو ساڻيهه سورن سان ڀريل آهي اڙي ”ارڏا“
    هتي پنهنجن پراون جا لکي پرڪار ڇا لکجن.
    ***


    حال هن ۾ حال ڀائي ڪير آهي دوستو،

    حال هن ۾ حال ڀائي ڪير آهي دوستو،
    پآءٌ بدران هرڪو هتڙي سير آهي دوستو.

    وقت پيو آ وقت ۾ ۽ وقت واقف ناه اڄ،
    وقت جي ڦرڻيءَ ۾ رکيل ڦير آهي دوستو.

    درد وارن درد اورڻ آ ڇڏيو هن درد کان
    درد وارن جي دوا لاءِ دير آهي دوستو.

    مهربانن کان نه اڄڪلهه مهرباني ٿي ٿئي،
    مهربانن جي به دل ۾ مير آهي دوستو.

    پير جن سان هو اڳي، تن پير اڳ ۾ روڪيو،
    پير وارن ساڻ رکبو پير آهي دوستو.

    هو هَڙ ڇڏي هي هَڙ کنيم، هتڙي به هڙ هڙني کسي،
    هاءِ هر ڪو هَڙ کسڻ لاءِ شير آهي دوستو.

    پيار جا قاتل اچي ٿا پيار جي دعويٰ ڪرن
    پيار وارن ساڻ جن جو وير آهي دوستو.

    هر طرف ارڏائي ”ارڏا“ مان ڏسي ارڏو ٿيس،
    سڀ ختم ارڏا ٿين، پوءِ خير آهي دوستو.
    ***


    نعرو نعري سان نروار،

    نعرو نعري سان نروار،
    واري واري ڪريو وار.

    پاپ جو پڃرو پرزا پرزا،
    ڪڙيون ڪريو ڌارو ڌار.

    ظالم زوري هاڻي تڙيو،
    مظلومن جي ٿي نه ميار.

    تڏهن مٺڙا مارون کلندا،
    ٿر تي مينهن ڪري ٿڌڪار.

    سانوڻ سارنگ ساڻ ملائي،
    ڌرتيءَ تي ڪر بوند بهار.

    سنڌوءَ ۾ جن ”ارڏا“ ساريا،
    تن جا ٿيندا ٻيڙا پار.
    ***


    ڪڇان ڪجهه ته ناراض ٿيندا پيارا،

    ڪڇان ڪجهه ته ناراض ٿيندا پيارا،
    صبر ڪيان ته مارون مرن ٿا موچارا.

    هتي سچ سستو چوڻ لاءِ آهي،
    ٻڌڻ لاءِ هتڙي ڪَرن ٿا ڪنارا.

    ڇا، ڇا لکن ٿا، اها خبر ناهي!
    وري پنهنجي پر ۾ سڏائن ستارا.

    گهڻي کان گهڻو ٿو، ادب هاڻي ڇپجي،
    مگر ويهه واٽون سوين پير چارا.

    ڇڏي خاص قومي بقا جو مسئلو،
    لکي ٿا ڏين عام کي عام نعرا.

    جڏهن هڪڙي نعري تي ماڻهو مڙن ٿا،
    وري ٻئي طرف ڏي ڪرن ٿا اشارا.

    وري به امن ۽ بقا لاءِ لکندڙ
    شڪر آ جو آهن، اڃا ناميارا.

    انهن وس آهر گهڻو ڪجهه ڏنو آ،
    سچا قوم جا ٿيا سدائين سهارا.

    اڃا يار ”ارڏا“ گهڻو ڪجهه کپي ٿو،
    اڃا ڏور آهن سنڌوءَ جا ڪنارا.
    ***


    اسان حق ناحق سمجهي ڇڏيو آ،

    اسان حق ناحق سمجهي ڇڏيو آ،
    اسان ڪوڙ کي ڪوڙ هر دم سڏيو آ.

    اسان هر سٺي کي آسيني سمايو،
    اسان هر بري کي ئي هر دم ٿڏيو آ.

    ويرين جي يارن جا ويري ورهه کان،
    دشمن جي دشمن سان گوڏو گڏيو آ.

    امن پيار مذهب اسانجو رهيو آ،
    اسان گهر پرين جي ئي آڏو اڏيو آ.

    هتي جنهن به ”ارڏن“ سان آهي ڦٽايو،
    اهو هن دنيا ۾ ٿي بيگهر لڏيو آ.
    ***


    موچارا پٽڙا

    موچارا پٽڙا
    منهنجا محب موچارا پٽڙا،
    سڀني کان اي پيارا پٽڙا.

    خط اندر هي خيال رکان ٿو،
    سيني سانڍڻ وارا پٽڙا.

    علم پرائين بخت ورائين،
    ٿيندءِ ڀاڳ ڀلارا پٽڙا.

    ”مان“ کي مارين جڳ جيئارين،
    منهنجا جيءُ جيئارا پٽڙا.

    دنيا مڪتب گاهه اٿيئي.
    سکڻ آيا سارا پٽڙا.

    تون به مڪتب منجهه هلي آ،
    هاڻي ڪر نه ڪنارا پٽڙا.

    طالب ٿي تاريخي هتڙي،
    موت مٿان ڪر مارا پٽڙا.

    سر نه جهڪائين جابر اڳيان
    دار مٿان هڻ نعرا پٽڙا.

    تو ۾ لک اميدون ائين،
    ٻيڙيءَ لاءِ ڪنارا پٽڙا.
    ***
    ڪافي ڪجهه لکي ويو ”ارڏو“
    ان جا سمجهه اشارا پٽڙا.


    اڌ آبادي عورت

    اڌ آبادي عورت
    مون کي پنهنجي پيءُ چيو:
    عقل هوش وڃايو تو.

    نياڻيءَ کي اسڪول اماڻي،
    تون ته وڏو هي ڏوهه ڪيو.

    ابي ڏاڏي ڪين پڙهايا،
    توکي ڪيئن شوق ٿيو.

    ورثي تي هي وڙهندا ٻار،
    تن کي ڪير ڇڏائي ٻيو.

    عورت گهرندي خود مختياري،
    گهر کان ٻاهر پير پيو.

    پڙهيل پاڻ وٺنديون ور
    مردن جو ڄڻ مانُ ويو.

    بابا سائين پڙهه قرآن،
    خود خدا جو هي فرمان:

    مرد ۽ عورت سڀ برابر،
    ان تي آ مونکي ايمان.

    علم سواءِ انسان انڌو آ،
    ڪين سڃاڻي سو رحمان.

    پٽ به منهنجو، ڌيءَ به منهنجي،
    ڀل ورهائن هو سامان.

    شاديءَ کان اڳ پڇبو آهي،
    هوءِ به آخر آ انسان.

    گهر کان ٻاهر ور سان ويندي،
    هڪ ٻئي جو رکن مان.

    غربت واريون گاهه ڪرن،
    ڪي نوڪريءَ ۾ ڳولن نان.

    علم وارن کي اکيون زياده،
    ڪين ڪرن آخر ارمان.

    اڌ آبادي عورت آهي،
    ان کي ”ارڏا“ ڪر نه زيان.
    ***


    راتين جهڙا ڏينهن ڏسان ٿو،

    راتين جهڙا ڏينهن ڏسان ٿو،
    اکڙين ۾ جهڙ مينهن پسان ٿو.

    تنهنجا واعدا وآءٌ کڻي وئي،
    تڏهن توکان آءٌ رسان ٿو.

    ڪهڙي ڪارڻ پاڻ چوين ٿو،
    راتيون ڏيئي ڏينهن کسان ٿو.

    مون ۾ محبت، تو ۾ نفرت،
    تڏهن توکان ڏور وسان ٿو.

    انڌي گهوڙي تي اڄ آهين،
    حق چوڻ کان ڪين گسان ٿو.

    ڪات هڻي پڇتائي چوندين،
    ”ارڏو“ جيئرو پاڻ ڪسان ٿو.
    ***


    دل ۾ وسي ٿو دلبر، اکڙين کان ڏور آهي،

    دل ۾ وسي ٿو دلبر، اکڙين کان ڏور آهي،
    هن عشق ۾ رکيل هي اٽڪل ضرور آهي.
    (1)
    ڪوئي ٻڌائي کولي، آخر هي کيل ڇاهي،
    اکڙين ۾ آس آهي، هن ۾ هي ميل ڇاهي.
    ڳولي ڀڃو ڳجهارت هي ذهن چور آهي.
    هن عشق م رکيل هي...
    (2)
    محسوس ٿئي ٿو ڪڏهن، محبوب روبرو آ،
    بلبل بڻي بلاشڪ، گل ساڻ گفتگو آ،
    اکيون اکين ۾ آهن، سيني ۾ سرور آهي.
    هن عشق ۾ رکيل هي.
    (3)
    من ۾ رکان مسئلا هو حل ڪري ڏئي ٿو،
    ڪڏهن ته ڪوششن سان ديدار ڪو نه ٿئي ٿو.
    ڪڏهن ته خوب خوشيون، ڪڏهن ڪلور آهي.
    هن عشق ۾ رکيل هي.
    (4)
    سڪ سچ ساڻ سانڍي، سيني ۾ جن رکيو آ،
    تن ساڻ محب ميلو دم دم لکي لکيو آ.
    جن جو آ صاف سينو، حاضر حضور آهي.
    هن عشق ۾ رکيل هي.
    (5)
    گهر مهرباني ”ارڏا“ هن راز کي ڇڏي ڏي،
    من ۾ ملي جو مالڪ پرواز کي ڇڏي ڏي.
    سمجهو اها عنايت، ظاهر ظهور آهي.
    هن عشق ۾ رکيل هي.
    ***


    اچو جلد جاني آهي انتظاري،

    اچو جلد جاني آهي انتظاري،
    جيئن دور دلبر تيئن بيقراري.
    (1)
    تنهنجي ديد سان آ منهنجي عيد سائين
    پرين توکي پارت آ ناتو نڀائين.
    ڪريان دل سان دعائون اوهان کي سدائين
    کلي خوش گذاريون ٿئي دل بهاري.
    (2)
    ملڻ لاءِ منهنجون آهن اکڙيون آتيون.
    پائن روز جهاتيون وهن دل ۾ ڪاتيون.
    اکين کي نه سکڻيون ريجهائن ٿيون باتيون.
    وڏي وقت کان مون ائين دل ڌتاري.
    (3)
    مون کان ٻيو نه ٿو ٿئي، ڪو ڪم ڪار جاني،
    ملڻ لاءِ دم دم تڙپ تار جاني،
    ملي کان پوءِ ”ارڏا“ نه ٿئي ڌار جاني.
    ڪري مهر مالڪ سدا عمر ساري.
    ***


    سڄڻ ڪيئن تنهنجي سري آ سري آ،

    سڄڻ ڪيئن تنهنجي سري آ سري آ،
    منهنجي دل اوهان لئه چري آ چري آ.

    نٿو ڏينهن گذري، نه ٿي رات سائين
    صبح شام تنهنجي آهي تات سائين،
    اکيون روز روئي سنڀاري سڏن ٿيون
    مون ڏي منهنجا مالڪ وري آ وري آ.

    سهڻو رنگ تنهنجو سهڻو نانءُ سائين،
    اوهان لاءِ تڙپي منهنجو هانءُ سائين،
    ٻئي سان نه سرچي منهنجو سآءٌ سائين،
    تنهنجي ياد سان دل ٺري آ ٺري آ.

    نٿا نيڻ وسرن، نه ٿي مرڪ وسري،
    وٺي نانءُ ڪوئي، مونکان ڇرڪ نڪري،
    فقط دل جو دل ۾ سنڀاري سدائين،
    ائين درد ۾ دل ڳري آ ڳري آ.

    توتي ساهه گهوريان، توسان حال اوريان
    ڪندي ورد تنهنجو پرين چپ چوريان
    سڀئي ڀئو ڀلائي ٿي ”ارڏو“ هلي آ،
    تکي تار مان اڄ تري آ تري آ.
    ***


    توکي سائين سڏيان، توکي سجده ڪيان،

    توکي سائين سڏيان، توکي سجده ڪيان،
    تون ته آهين اتم، ڪنهن به تعريف کان.

    عشق جن به ڪيو سي سدا ڳائبا،
    جن ڪئي آ وفا سي اَمر ٿي ويا،
    ڏيهه پرڏيهه ۾ شعر لکجن پيا،
    عشق سان جن نڀايو سي سڀن کان مهان.

    عشق ذاتي هجي يا صفاتي هجي،
    عشق ڌرتيءَ سان ٿئي عشق سرتيءَ سان ٿئي،
    دور حاضر ۾ دنيا ڀلي ڇا به چئي،
    وقت گذري کان پوءِ لکندا تاريخدان.

    عشق اڄ جو گهڙيون نان تنهنجي ڪيون،
    گڏجي ڳالهيون ڪيون سچ سرهاڻ جون،
    توکي سائين صنم کوڙ نالا ڏيان،
    گيت واکاڻ جا ٺاهي ڀيٽا ڏيان.

    ڪچهرين سان يادون ڪبيون ڪي نيون،
    زندگي جو سفر پيار جون ڳالهيون
    نفرتون رنجشون ۽ سوين بندشون، تو نڀائيو
    جيئن سبق سکندا نوان.

    تو محبت سيکاري سکون ٿا پيا، شعر ان لاءِ اوهان تي لکون ٿا پيا،
    عشق وارن اڳيان هي رکون ٿا پيا، نينهن اهڙو
    نڀايو ته ”ارڏا“ مڃان.
    ***


    نالو عاشق نوڪر ٻانهو، خاڪي ذات سڏائيان،

    نالو عاشق نوڪر ٻانهو، خاڪي ذات سڏائيان،
    ڳوٺ ڳجهارت دل جو ديرو، گهر اکڙين کي ڀائيان.

    مذهب منهنجو ميٺ محبت، پيار امن پيغام
    مسجد مندر دلجي اندر گيت اوهان جا ڳائيان.

    جيڪو محبت جا پار پڇائي هن کي هيئن ٻڌايو،
    سڀ سان منهنجي ٻانهپ ٻولي پاند ڳچيءَ ۾ پائيان.

    هن سان منهنجون روح ريهاڻيون ٻئي سان ٻولي نه ٻوليان
    دنيا ساري آهي درنگي، ڪنهن کي سور سڻايان.

    ساري رات سنڀاريان، سائين سارو ڏينهن نهاريان،
    ذڪر اوهان جو ظاهر باطن ويهي ڪانگ اڏاريان.

    ڌرتي ساري گلشن گلشن مکڙي مکڙي ماڳ،
    توسان ٿيندي گل گلزاري رنگي رنگ رچائيان.

    تو بن مالڪ عرش اُٻاڻو، توبن ڌرتي رڃ،
    آءُ هلي اي ”ارڏا“ سائين، اکڙيون راهه وڇائيان.
    ***


    عشق ۾ ابتدا انتها ستائين

    عشق ۾ ابتدا انتها ستائين
    نڀائڻو پوندو آ، سر فدا تائين.

    سکن ۾ ته ساٿ ڏين ساٿي،
    غمن ۾ گڏ رهي ڪو گدا تائين.

    مڃڻو پوندو عشق مشڪلاتن ۾،
    آزمائي ٿو صنم کان خدا تائين.

    محبوب کي ته هر ڪو ميارون ڏي،
    ڪو ڪو عاشق چپ رهي رضا تائين.

    هڪ پرين جي خاطر سهبو آ سڀ ڪجهه،
    جهول جهلبو آ هر ستم کان سزا تائين.

    ويرويرين کان وڌ رکن ٿا پنهنجا،
    جنگ جاري آ دعا کان دغا تائين.

    منهنجي نظرن ۾ محبوب پاڪ آ ”ارڏا“
    کيل مقدر جو آ وفا کان جفا تائين.
    ***


    ڪڙي ڪڙي ۾ ڪڙي ڪڙي ڏس، اڙي اها دل ڪڙي ڪڙي ۾،

    ڪڙي ڪڙي ۾ ڪڙي ڪڙي ڏس، اڙي اها دل ڪڙي ڪڙي ۾،
    گهڙي گهڙي پيا ڏسون گهڙي ڏي، اچي اها شل گهڙي گهڙيءَ ۾.

    رڙي رڙي ۽ وري رڙون ٿا، اچي تي راحت رڙي رڙي ۾
    پُڙي پُڙي تي مٺي پڙي ڏي، مزو سوايو پُڙي پُڙي ۾.

    ماڻڻ ماڻن تي اي محب ماڻا، مايوس ڪريو ڪري نه ماڻا،
    اڙي اڙي تي اڙي اڙي آ، ڄمار پوري اڙي اڙي ۾.

    ڀلا ڀلا ڪن ڀلا ڀلايون، ڀلا جي ايندا ته ڀاڳ کلندا،
    چڙي چڙي سان چڙي لڙي ڪن، وڄي هي دلڙي چڙي چڙي ۾.

    سِڪي سڪي ۽ وري سڪون ٿا، چڱا چون ٿا مزو سڪڻ ۾،
    تڙي تڙي تي تڙي تڙي آ، مرون ٿا ”ارڏا“ تڙي تڙي ۾.
    ***


    خبر ڪير ڏي

    خبر ڪير ڏي
    حال هيڻا ٿيا، درد ٻيڻا ٿيا، توکي،
    راتيان روئڻ جي خبر ڪير ڏي.
    سال گذري ويا، ڪانگ اڏري مئا،
    توکي منهنجي مرڻ جي خبر ڪير ڏي.
    (1)
    شال ساڙي وجهان پنهنجو مقدر لکيو،
    جنهن جي سورن ۽ صدمن پرين ڪيو ڏکيو
    دوڌ جيڪو وري منهنجي دل ۾ دکيو،
    ڀڙڪي ڀڙڪي ٻرڻ جي خبر ڪير ڏي.
    (2)
    زندگيءَ جون گهڙيون سورگهاري سڙيون،
    قرب واريون ڪڙيون جيءُ جيءُ ۾ جڙيون،
    لَنو لڪائڻ ڪري ڇڏي مندر مڙهيون،
    دل ۾ دعائن گهرڻ جي خبر ڪير ڏي.
    (3)

    آهي هر دم حشر کائڻ پيئڻ زهر،
    منهنجي مقدر ڪيو مونسان ڪيڏو قهر،
    تولئه ميهار سنڌوءَ ۾ آهي لهر،
    تار ان ۾ ترڻ جي خبر ڪير ڏي.

    (4)

    ها ختم ٿئي خزان گهر دعا باغبان،
    دل جي گلشن ۾ کلندي وري گل ڏسان ٿو،
    ”ارڏا“ مالڪ ته ٿيندا مگر مهربان،
    آسري ۾ جيئڻ جي خبر ڪير ڏي.
    ***


    آهي زبان تي تالو – اظهار ڪيئن ٿئي،

    آهي زبان تي تالو – اظهار ڪيئن ٿئي،
    هٿ پير منهنجا قابو – ڪم ڪار ڪيئن ٿئي.

    آهيان اوهانجو قيدي، ڏکڙن جي ڏيهه ۾،
    ان تي وڌيڪ گفتار اي يار ڪيئن ٿئي.

    ڪونهي ڪو ڪانگ قاصد، من مهربان هتي،
    پهرن مٿان آ پهرو هت پيار ڪيئن ٿئي.

    اکڙين ۾ آب جاري. اندر هزار اڌمان،
    سڄڻ اوهان جي آڏو سينگار ڪيئن ٿئي.

    محبت بنا مٺا هي، ويران هر شهر آ،
    مالهيءَ بغير گلشن گلزار ڪيئن ٿئي.

    جڏهن جدائي ٿيندي، تڏهن نه رهبو هتڙي،
    اي موت توسان باقي، اقرار ڪيئن ٿئي.

    ڏاڍو ڏکيو گذارو، توکان سواءِ سائين
    ته پوءِ توکان ”ارڏو“ ڌار ڪيئن ٿئي.
    ***


    مايوس موتي گلاب چهرا،

    مايوس موتي گلاب چهرا،
    ڏسندي دل ۾ ٿيا گهاوَ گهرا.

    دنيا ۾ جيئري قبر ۾ گهارڻ
    هزار پردا هزار پهرا.

    ڪڇڻ پڇڻ جي ڪا جاءِ ناهي،
    جلاد بڻيا گنگا ۽ بهرا.

    ڇلانگ ڏيئي ٿڪن ٿيون هرڻيون،
    ملي نه پاڻي کٽي نه صحرا.

    ڪڏهن ذهن ٿو بڻائي باغي
    ڪڏهن نصيحت نه ٿيو اُٻهرا.

    اٿو اي ”ارڏا“ ڪا جنگ جوٽيون،
    ماري مڃايون ڪي نانگ نهرا.
    ***


    وائي

    وائي
    سنڌوءَ ڪپ تي هاڻ هلي آ، آءٌ سڄڻ ٿي ساريان مان،
    هر هر واٽ نهاريان مان.

    واهه وهن ٿا سنگ ٺهن ٿا،
    تو لاءِ ٻيڙيون تاريان مان.

    شهر نظارو ڏاڍو پيارو،
    بلب بتيون هي ٻاريان مان.

    گل ڦل ساريون باغ بهارون
    ويهي گڏ گذاريان مان

    توبن سنڌو سڃ لڳي ٿي،
    ڪهڙا حال ٻڌاريان مان.

    جيڪر پياس اٿيئي ”ارڏا“
    مرڪي سرڪ پيئاريان مان.
    ***


    بنا نقطي غزل

    بنا نقطي غزل
    ڪر ڪو ڪرم، هڪ وار ور
    امداد ڪر، امداد ڪر.

    آدم اداس سر سور واس
    آمد آ راس، دلدار در.

    هڪ ساءِ سهه، آءٌ سار لُهه،
    هڪ دم ڪو رهه، آءٌ مورگهر.

    ڪر ڪو ملم، ڪر دعاء دم
    رک دل رحم، مالڪ مگر،

    دم دم گدا، ڪر دل صدا
    مرهم ادا، مرڪڻ مهر

    هر دم صلاح سڻ ارصلاح
    رک مک ملاح، سر ساهه سَر.
    ***


    عشق جي منزل عشق جون راهون

    عشق جي منزل عشق جون راهون
    هن دنيا کان پنڌ پراهون.

    جد لاحد ۽ منزل ڳالهيون
    اڌڪيون ڳالهيون پاڻ نه پاليون
    هن ۽ هُن کان ڏور نگاهون.

    هُن جون ڳالهيون هيءَ ٻڌائي
    جيڪو جيءَ ۾ جيءُ سمائي
    پاڻ ٻڌي ٿو پنهنجون دانهون.

    هر هنڌ هڪڙي تار هلي ٿي
    پاڻ پسڻ جي پڪ ملي ٿي
    ڇاجا پنڌ ڪشالا ڪاهون.

    عاجز ارڏو نانءُ آ هڪڙو.
    ٿڌو ڪوسو ٿانءُ آ هڪڙو
    عشق عقل کان آه مٿانهون.
    ***


    منزلو ن مصيبتون ، پسي نه پيار ٽوڙيو

    منزلو ن مصيبتون ، پسي نه پيار ٽوڙيو
    جي آفتون اچن اڳيان ، تڏهن به منهن نه موڙيو .

    جي هٿ هنيائن تي هڻن ، ٽڪر ٽڪي پوءِ دم کڻن
    ڏسو ، پرايو پاهڻن ، ڪيئن ٿا ڪٽجي بت بڻن
    آس تي فرهاد ڪيئن پهڻ پٽي اکوڙيو

    ڪيچ ڪاهي هيڪلي ، راهه رڻ ۾ پئي رولي
    تڏهن به هن نه دل پلي ، وڃي پنهل سان هوءَ ملي
    اوهان به اهڙي سڪ سان هي ناتو نينهن جوڙيو

    ڏسي سنڌو جو وهڪرو ، اوهان نه عاشق ڏرو
    گھڙا کڻي گھڙي ترو، ملي ميهار پوءِ مرو
    جڳ ۾ جيئرا سي ٿيا ، جنين کي لهر لوڙيو

    سڀ کان هي سبق سکو ، ته پير پيار سان رکو
    نانءُ نينهن سان لکو، هي چاش چاهه سان چکو
    اٽل اڏول ارڏا بڻجي پيار سان پتوڙيو
    ***


    اوطاق

    اوطاق
    حاڪمن جي حڪم جو نالو نه هو،
    هئي آزادي امن هو، ڀالو نه هو.
    پاپ جي پڃري سان ڪو پالو نه هو،
    اوطاق کي تڏهن به ڪو تالو نه هو.

    ان دور کان اوطاق ۾ سگهڙ هئا،
    رات جي پوشاڪ ۾ سگھڙ هئا،
    باک ڦٽندي ماڪ ۾ سگھڙ هئا،
    سنڌ ڌرتي پاڪ ۾ سگھڙ هئا.

    ڏس اها اوطاق اڄ به آباد آ،
    ماهرن جو سگھڙن کي داد آ،
    ريءَ پڙهي لکي ته ڪيڏو ياد آ،
    واهه واهه هن قوم تي امداد آ.

    هن ڪچهري ۾ اچي احساس ٿيو،
    سو وڏو سگھڙ هتي جو پاس ٿيو،
    درد جي کوري ۾ پچي سو راس ٿيو،
    جو ڪريو سمجهو سڙي سو ناس ٿيو.

    جيترا سگھڙ هئا سؤ وات هئا،
    بٽڻن تي ڄڻ نوان آلات هئا،
    امن جي ميدان ۾ ڄڻ ڪات هئا،
    سڀ پريشان انس ۽ جنات هئا.

    سگهڙن جا ساهه شوڪارا اُلا،
    مون ٻڌي ڏسي ختم ٿيا حوصلا،
    ڄڻ سڄي ڌرتي ڪري پئي واويلا،
    سور سانڍيندا وتن پيا دادلا.

    ڏور –ڏٺ-ڏهس ۾ نواڻ هو،
    سينگاري واري صنف ۾ رتڇاڻ هو،
    سگهڙن جي من ۾ مانڌاڻ هو،
    خود روئڻ جي ساٿ ۾ سرواڻ هو.

    ظالمن محبوب کي ماري وڌو،
    گولين صفا سينو ڳاري وڌو،
    موت سارو شهر آزاري وڌو،
    هاءِ گهوڙا هانءُ هن ڏاري وڌو.

    امن جي هن ڏيهه ۾ ايڏو قهر
    کائڻ پيئڻ اٿڻ ويهڻ ئي زهر.
    شال گذري رات جو پويون پهر.
    سگهڙن جي سور ڪيو دل تي اثر
    سو سگھڙ جيڪو ڏسي سو ئي گهڙي.
    هن زبان تي ڪيئن زنجيرون ڪڙي.
    گهر ڌڻي کي چور ٿو ماري اڙي.
    هن حقيقت کي ڏسي روئي رڙي.

    هن ڀريل اوطاق ۾ ”ارڏا“ اچي.
    ڳالهه مارن سان ڪبي آهي سچي.
    سو ر سلبا ، ها ، حياتي جي بچي.
    قربدارن سان ڪبي ناهي ڪچي.
    ***


    ظاهر ڪريان زباني ، لکي رکان نشاني ،

    ظاهر ڪريان زباني ، لکي رکان نشاني ،
    جيڪي لکان ٿو اڄڪلهه ، تاريخ مٽ نه ثاني.

    لکڻو به صاف آهي، ڪرڻو نه معاف آهي
    ههڙي لکڻ تي بندش ، قانون جي گراني ...

    انصاف ڪونه آهي ، پڇيو ته ڇونه آهي،
    ابتو هلي ٿو چرخو ، بيڪار زندگاني.

    ساڳيا امير ناهن، ساڳيائي پير ناهن
    اڄڪلهه آ نفس پوڄا ، ابتي هلي ٿي ڪاني. ..

    هر ڪو آ ظلم وارو ، ڪونهي ڪو حلم وارو
    ڪنهن جي نه لڄ محفوظ ، ڪنهن سان نه مهرباني.

    ڦورو هزار آيا ، ڦرجي ويا ٿي ڄايا
    اک جيئن عوا م ٻوٽي ، تيئن هوڦري ويا ماني...

    حالت زبون هتڙي ، سستو آ خون هتڙي
    هر چيز ۾ ملاوٽ ، هر چيز جي زياني

    مزدور هاري ناري، توبهه آ زاري زاري
    تن جي مٿان مداري، ڀوتار چور ناني ...

    هر وات کي آ تالو ، ڪنهن جو وٺي ڪو نالو
    مظلوم قوم ساري ، ڪهڙي ڪريان بياني.

    دنيا ۾ سڀ سزائون ، گهاڻي کان گهٽ ڀانئيون
    اعزاز سنڌ کي آ ، مخدم باغباني

    لکيا نه ليکڪن سي ، سرڪار جي اشاري،
    هتڙي هزارين ارڏا ، گهوري ويا جواني.
    ***


    مزدور آهيان

    مزدور آهيان

    مان مزدور آهيان، مان مزدور آهيان
    مان ماني ڳڀي لاءِ مجبو ر آهيان،

    رکي چٽسالي، فرش ٿو بڻايان
    مگر ان جي اندر نٿو پير پايان
    ٺاهڻ لئي مون کي سڏايو وڃي ٿو،
    ٺهي کان پوءِ ڌڪجي ٿيو ڌار آهيان...

    مان ملين ۾ ڪپڙو ته ٺاهي سگهان ٿو
    اهو مال وڪرو ڪرائي سگهان ٿو
    مگر وال هڪڙو نه پائي سگهان ٿو
    وٺڻ لاءِ يارو مان معذور آهيان...

    بجليءَ سان بازار روشن ڪرڻ ڪم
    انهيءَ جي ته جهٽڪي ۾ جهٽجي ويو دم
    ٻين جي گهرن کان ته اوندهه هلي وئي
    صرف بلب خاطر مٿي سور آهيان...

    ٻين کي ڍڪايان پنهنجا ننگ اگهاڙا
    منهنجي خون پگهرتي ڌاڙا ئي ڌاڙا
    منهنجي گهر جي ڀاتين مري جند ڇڏايو
    مان هِن هُن دنيا ۾ ، نامنظور آهيان...

    ڌاريو اسان جي ٿو کائي ڪمائي
    چوي ٿو ته معذور آ ڀائي ڀائي
    وڃن ڇونه ٿا عرب ۽ آمريڪا
    وڙهي ويڙهه ان ۾ ٿيو چور آهيان ...

    مزدور ، مزدور جو حق نه کائي
    تڏهن ڀائي ڀائي جو نعرو لڳائي
    هلي ائين دنيا ۾ هي ڀائيچارو
    رهن پنهنجي گهر ۾ ته مشڪور آهيان ...

    حقيقت ۾ مالڪ آ هاري ۽ مزدور
    مگر ملڪ ابتو ۽ ابتو آدستور
    انهيءَ لاءِ جهنڊا هٿڻ ۾ کڻي هي
    ”ارڏي “ جي نالي سان مشهور آهيان ...
    ***


    مارون سڀ مهمان ڏسان ٿو، ڄڻ ته سڀاڻي مارا ويندا ،

    مارون سڀ مهمان ڏسان ٿو، ڄڻ ته سڀاڻي مارا ويندا ،
    سختيءَ ۾ جي ساٿي ناهن ، ڪيئن وري سي وارث ٿيندا. .

    اڄڪلهه ڪنهن کي الڪو ناهي ، ڪير آ قيدي ڪير آ ڦاهي .
    ڌرتيء تي ويل وهن ٿا ، ڌرتي مالڪ ننڊ ۾ آهي ،
    رڙيون ، ڪوڪون ڪنهن جا نعرا ، چوندا چريا تنهنجو ڇاهي!
    ڪي ته چون ٿا دنيا ڪوڙي، ڪير دنيا ۾ گهر ٿو ٺاهي
    اهڙا ابتا اکر جوڙي،
    پنهنجي بربادي آڻيندا ...
    هت هزارين هاري پيارا، صرف سڃاڻن ڏاند ڀٽارا ،
    ملڪي سياست مور نه ڄاڻن، چاهي وڄايون دهل نغارا.
    پرجي واهه ٻڌءِ تان وڙهندا، ڪين سڪائين پنهنجا ٻارا
    هاڻي ته هي درياهه سڪي ٿو ، چوندا ڄاڻن سياست وارا
    پاڻي ريءَ جي پوک نه ٿيندي ،
    ڪيئن هٿن ۾ ڏاٽا هوندا ...
    مير وڏيرا ، پير ڪامورا ، سڀ چون ٿا: ڀرجن ٻورا
    هيءَ حياتي عشق و عشرت ڏينهن رهيا هي باقي ٿورا
    هر دم پنهنجو مقصد تارن، ڪين سڃاڻن ڪارا گورا
    ڏاڍن جا هو ڏن ڀريندڙ ، مسڪينن لاءِ ظالم زورا
    ڪٽيءَ کائڻ وارا مجنا،
    ليليٰ خاطر رت نه ڏيندا...

    گهر جو والي ، هٿين خالي،
    دشمن جي در آهه سوالي ،
    ڪڏهن هن جو گهر ڀريل هو ، ان جا هئا آثار مثالي ،
    ڪير ڦري ٿو ڪير لٽي ٿو ، سڌي ڪنهنجي آهي دونالي
    اڃا ” ارڏن“ سمجهيو ناهي ، آخر ايندي يار زوالي
    ننڍا وڏا ماريا ويندا ،
    ڌرتيءَ تي جي ڌاريا ايندا ...
    ***


    اي نوجوان نڀائجو ، اي نوجوان نڀائجو

    اي نوجوان نڀائجو ، اي نوجوان نڀائجو
    جوت هي جلائجو ، وجود کي بچائجو


    اسان الم آ کوڙيو ۽ قيد بند ٽوڙيو
    هي ٿر جبل آ ووڙيو ، هي جسم ، جسم جوڙيو
    اوهان اهو هلائجو،
    اي نوجوان نڀائجو.

    اسان صرف پڪاريو ۽ ننڊ مان اٿاريو ،
    مٽيءَ جو ڏيئو ٻاريو، هي پيچرو ڏيکاريو ،
    قدم قدم ملائجو،
    اي نوجوان نڀائجو.

    اسان جون ساعتون ٻه ٽي ، ٿو وقت زندگي ڪٽي ،
    اجها هي رات ٿي کٽي ، اوهان جي باک ٿي ڦٽي ،
    هاڻي نه هانءُ لاهجو،
    اي نوجوان نڀائجو.

    اجهو ٿيو داڻو پاڻي بند، اوهان جو راڻو راڻي بند
    کرڙي ، ٿرڙي ، مياڻي بند ، ڪندا هو ڄاڻي واڻي بند،
    کلي زنجير پائجو،
    اي نوجوان نڀائجو.
    ڪا روشني جي لاٽ ٿئي ، ختم اي ”ارڏا“ ٻاٽ ٿئي .
    ظلم زوري ڪاٽ ٿئي ، کليل آزادي واٽ ٿئي،
    تيستائين ڳائجو،
    اي نوجوان نڀائجو.
    ***


    سوچ

    سوچ
    ڌرتيءَ جا ڌڻي ، ڪجهه سوچ کڻي،
    هت تنهنجو منهنجو ڇا ٿيندو ؟

    اڄ پٿر وارو دور آهي
    اڄ ماڻهو ، ماڻهو ڍور آهي
    هي ٻنيءَ ونيءَ کان وانجهيل
    هي ماس کائڻ جو مور آهي
    هي دور پراڻي جو مالڪ
    هي دور نئين ڏي ڇا ويندو؟

    اڄڪلهه هتڙي ڇا ٿو ٿئي!
    ڪير ٿو ڪنهن کي ڇا ٿو ڏئي ؟
    ڏس تقريرن ۽ تحريرن ۾
    ڀاءُ کي ڀاءُ به ڇا ٿو چئي؟
    هر ڪو افراتفري ۾ آ،
    توکي مون کي ڇا ڏيندو؟

    پارٽيون ، پارٽيون ، ٽولا ، ٽولا
    ڪنهن کي ڪانهي ڪنهنجي ڳولا
    ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڏ ڦڙي جان
    واري واري وسن گولا
    اڄ ملڻ جي ڀاءُ نه آيو
    اڄ کان پوءِ هو ڇا ايندو ؟

    هر هنڌ اڄ اتحاد ٿئي پيو
    هتڙي حرف نه ياد ٿئي پيو
    سمجهه اها ئي خامي آهي
    هر ڪو ائين برباد ٿئي پيو
    جنگ ڪرڻ لئي هٿ کپن ٿا
    ميدانن تي ڇا نيندو ؟

    سوچ اها رک ڪير سچو آ،
    ڪير پڪو آ ، ڪير ڪچو آ،
    پوءِ ڀلا ڇو ڌار ڏچو آ
    بي موسم جي مالهي آيو
    ڌرتيءَ تي گل ڇا پوکيندو؟

    راتين سان هي ڏينهن ملايو،
    جهڙن سان گڏ مينهن ملايو،
    خير گهرو جي ڌرتيءَ جو اڄ،
    جوان ۽ پوڙها جهور ملايو،
    جتڙي سڀيئي ارڏا هوندا،
    غير جو پاڇو ڇا هوندو؟
    ***


    ڪونه ڄاڻان

    ڪونه ڄاڻان
    ڏندن هيٺ ڏيئي رکي ڪونه ڄاڻان
    اکر ابتا سبتا لکي ڪونه ڄاڻان

    غمن جي سمنڊ ۾ تري ڪو ڏيکاري،
    صفا دل جي کولي دري ڪو ڏيکاري،
    ڪري ڳالهه هر هنڌ کري ڪو ڏيکاري،
    غريبن جي خاطر مري ڪو ڏيکاري،
    انهن لاءِ اَن جي ڀري ڪو ڏيکاري،
    خدا جي غضب کان ڏري ڪو ڏيکاري،
    اسان جي دلين جان ٻري ڪو ڏيکاري،
    رهي باهه اندر، ٺري ڪو ڏيکاري،
    صبر جو پيالو چکي ڪونه ڄاڻان
    ڏندن هيٺ ڏيئي رکي ڪونه ڄاڻان ...

    مون کي پنهنجي ٻولي ۽ لولي سان محبت،
    مون کي پيار واري ، پرولي سان محبت،
    مون کي ماءُ مٺڙي جي جهولي سان محبت،
    مون کي سنڌي ماڻهن جي ٽولي سان محبت،
    مون کي ٽوپي اجرڪ ۽ چولي سان محبت،
    مون کي سنڌوندي جي ڇولي سان محبت،
    مون کي هر بقاءَ واري گولي سان محبت،
    مون کي هوشو ، هيمون ۽ ڪولهي سان محبت،
    پنهنجي مور کان وڌ پکي ڪونه ڄاڻان
    ڏندن هيٺ ڏيئي رکي ڪونه ڄاڻان...

    نفرت محبت جي انڪار کان آ،
    نفرت ئي ڌارين جي آزار کان آ،
    نفرت ئي مذهب ماڻهو مار کان آ،
    نفرت ئي ظالم زميندار کان آ،
    نفرت ڪاموري جي ڦرمار کان آ،
    نفرت ئي هٽلر سندي يار کان آ،
    نفرت ڌرتيءَ جي غدار کان آ،
    نفرت هيروئن جي حبدار کان آ،
    نفرت حقي، پان ، نسوار کان آ،
    انهن ساڻ محبت سکي ڪونه ڄاڻان،
    ڏندن هيٺ ڏيئي رکي ڪونه ڄاڻان...

    هيو ڪالهه هتڙي گدائي پيارو،
    هتي حق چوندي وڄائي ويو وارو،
    اهو سج سر تي اهو ئي اونهارو،
    غريبن جو ساڳيو آ ڏکيو گذارو،
    پوکن تي ماڪڙ جو آهي لامارو،
    نه هليون دوائون نه ڦريو ڦوهارو،
    اندر باهه آهي ۽ ٻاهر آ پارو،
    اسان کي بچڻ جو نه آهي سهارو
    ”بچايو ، بچايو“ آ نعري تي نعرو
    سمجهڻ لئه ” ارڏا“ آ ڪافي اشارو،
    ناحق تي ڪنهن سان ٻکِي ڪونه ڄاڻان
    ڏندن هيٺ ڏيئي رکي ڪونه ڄاڻان...
    ***


    منهنجا سائين جيئين سدائين

    منهنجا سائين جيئين سدائين
    ڏاڍو مون کان جذبو آهي
    زوري توتي گيت لکائي.

    ڪورٽ کان آ ڪيس مٿاهون،
    رنگن کان آ ويس مٿاهون،
    تشبيهون تمثيلون کٽيون،
    ڪنهن سان شاعر شان ملائي ،، ڏاڍو مون کان ...

    گيتن جي هر بند کان بالا،
    توتي لکجن ڪيئي مقالا،
    تنهنجو ساروجيون ڪيئن هي،
    ڪوزي ۾ درياءَ سمائي، ڏاڍو مون کان...

    ڌرتيءَ جو رکوالو آهين،
    اوندهه منجهه اجالو آهين،
    لاٽون ٻاري واٽ ڏيکارين،
    تڏهن هر هڪ ڳڻ ٿو ڳائي، ڏاڍو مون کان...

    پياري پياري ريت ڏسان ٿو،
    روز اوهان جي جيت ڏسان ٿو،
    تنهنجي آڏو ڪيئي جهڪيا،
    اکين اڳيان راند هارائي ، ڏاڍا مون کان...
    مٽيءَ کي محبوب بڻايئه،
    جيون ڀر هي سيني لايئه،
    اڻ ڄاڻن جي ڪافر ڪوٺيو،
    بعد ۾ ويٺا ڪنڌ جهڪائي ، ڏاڍو مون کان...

    پاپي پڃرو ٽوڙڻ چاهيو،
    پيار امن کي جوڙڻ چاهيو ،
    اوڀر ، اولهه ، اڄ ملن ٿا
    اوهان ڇڏيو اڳ هُلائي ، ڏاڍو مون کان ....

    دنيا کي ٿو عام ٻڌايان ،
    تنهنجو هي پيغام ٻڌايان ،
    ٻار به ٻندڻن ساڻ روئن ٿا ،
    ڪو ماروئڙو معصوم کلائي ، ڏاڍو مون کان ...

    مظلومن کي حق ڏياريو ،
    پوءِ امن جي پڪ ڏياريو ،
    ائين ته وڙهندا رهندا ”ارڏا“
    ڀل ڪو زنجيرون پارائي ، ڏاڍو مون کان...
    ***


    ڪالهه پياري پيءُ چيو هو،

    ڪالهه پياري پيءُ چيو هو،
    ڪالهه موچاري ماءُ چيو هو،
    دل جي دلبر يار چيو هو،
    جوان ۽ پوڙهي ٻار چيو هو
    تون ڇو نعرا مارين هاڻي،
    پڌرو ٿي ڏيکارنين هاڻي،
    ڇونه ڪرين ٿو سک پيارا،
    سک ڇڏي ڇو ڏک پيارا،
    ڪهڙا بکيا ٻار اٿيئي
    ڪپڙي لاءِ لاچار اٿيئي
    ڪهڙو آخر ڏک اٿيئي
    آءٌ ڏسان ٿو سک اٿيئي
    جيون کان بيزار رهين ڇو
    ويڙهه ڪرڻ لاءِ تيار رهين ڇو،
    منهنجا ٻڌ هي ٻول پيارا
    ڪن ۽ اکيون کول پيارا
    سڀ ڪجهه آهي تو وٽ هاڻي
    ڦرجي ويندءِ اڄ يا سڀاڻي
    ڌرتيءَ تي جي ڌاريا آيا
    قيدي ٿيندا ڌرتيءَ ڄايا
    تڏهن توکي ووٽ نه ملندا
    نوڪريون ۽ نوٽ نه ملندا
    ننڍا وڏا سڀ ماريندءِ
    عضوا ڀڃي سڀ کاريندءِ،
    مٺڙا مارون مرندا ويندا
    لاشا تن جا ترندا ويندا
    آخر مون کي سچو چوندين
    پنهنجو پاڻ کي ڪچو چوندين
    تڏهن مون کي ساري روئيندين
    ويهي هنجون هاري ورئيندين
    تڏهن ”ارڏو“ هت نه هوندو
    سڏيندين پر سڏ نه ڏيندو.
    ***


    چوڻ لئي دل ٿي چوي ته، چئي ڏي،

    چوڻ لئي دل ٿي چوي ته، چئي ڏي،
    مگر اهو هت مڃيو نه ويندو.
    هتي هزارين چئي ويا هئا،
    عمل انهيءُ تي ٿيو نه ٿيندو،
    چون ٿا سڀئي مڃيو اسان جي
    مڃڻ لئي ڪوئي نه تيار هوندو.
    ائين ته هرشيءِ ختم ٿي ويندي،
    ائين ته هتڙي بهار ايندو،
    اهو ئي سوچي اديب هاڻي
    اهو ئي اڳتي جواب ڏيندو،
    اچو سڀئي سهارو ڳوليون،
    بچڻ لئي رستو ڀلارو ڳوليون.
    گهڻن اديبن ادب کي ٻوڙيو،
    قومي ٻڌيءَ جو يقين ٽوڙيو،
    اڃا به آهن ٻه چار پيارا،
    انهن ٻڌيءَ لاءِ گهڻو پتوڙيو،
    ” رسالو ڀٽ جو “ سنڌوءَ جي ساڃاهه“
    ” وڄون وسڻ “ سان علم هي کوڙيو
    اڃا ” پرهه جو پيغام “ آهي،
    وري به اهڙا ڪتاب جوڙيو،
    اڃا به قومي ٻڌي جي خاطر
    ادب سگهارو سڄڻ سهيڙيو،
    اچو سنڌوءَ جو ڪنارو ڳوليون
    سنڌو جي ڪپ تي پيارو ڳوليون.
    اسان کان ايريون نه ڦيريون ٿينديون،
    پنهنجن لاءِ ڪاتيون نه ڇيريون ٿينديون،
    صفا لکون ۽ صفا سڻايون،
    اسان جون دليون نه ميريون ٿينديون،
    هتي اسان سان ، هتي هنن سان،
    اهڙيون اڏاريون نه ڳيريون ٿينديون
    اصل مسئلو بقا جو آهي،
    ٻين لاءِ ٻڌيون نه ڇيريون ٿينديون،
    انهيءَ تي اڄ ئي ته سوچ ” ارڏا“
    سڀاڻي سسيون ڳنڍيريون ٿينديون،
    اچو ته هڪڙوئي نعرو ڳوليون،
    سڀن کان سهڻو ستارو ڳوليون.
    ***


    بيت ، دوها ۽ چوسٽا

    بيت ، دوها ۽ چوسٽا

    لوڪ وهي لهوارو، اسان اوڀارو،
    پنهنجو هي نعرو، ارڏا ان الحق جو.
    *
    هُن کي جي چاهين ، ته هِن کي ڏي ڇڏي ،
    تنهنجي پوءِ تڏي، ڪهي ايندو قربدار ،
    *
    محبت سان هر محفل مهڪي،
    وڻ ٽڻ ٽاري گل ڦل ٽهڪي،
    روح ريهاڻيون تڏهن ارڏا،
    جڏهن هڪ دل ٻئي سان ٺهڪي،
    *










    مان سان محبت ڏي ڇڏي
    مان نه چوندس مان چڱو،
    مان منجهان نفرت ڪرين،
    تان ٿيئين تان تان چڱو
    *
    جو وقت گذري پيو پرين جي پيار سان،
    سو وقت گذريو تيز هڪ رفتارسان،
    سک ڏکن کي اگر جي توريان
    زندگي گهاريم گهڻي آزار سان.
    *
    نه ڪي مندر نه ڪي مسجد ، نه ڪي ٿئي عيدگاهن ۾
    اسان جي عيد ٿيندي آ پرين تنهنجي نگاهن ۾،
    نگاهون تن نگاهن لئه ، نهارن روز راهن ۾،
    اڃا وڌ مهرباني ٿئي ، خوشي کيڪار ٻانهن ۾.
    *










    قاصد پرين کي جلدي ، هيڻو ڏي حال منهنجو،
    تو کان سواءِ هر دم آ جيئڻ جنجال منهنجو،
    هرگز نه وهم ڌاريو ، ٻارڻ نه دل ۾ ٻاريو،
    ٽهڪن سان وقت ٽاريو مڃيو هي سوال منهنجو
    *

    ڪبي ڪانه ڪائي ، شڪايت زبان سان،
    وهن نير اکڙين مان مون کي نه چئجو،
    اوهان جي نه ڪئي سار گلڙن جي ”ارڏا“
    ڇڻن پن مکڙين مان مون کي نه چئجو،
    *
    لڙڪ لوڪان لڪائڻ سکياسون،
    پيار ۾ چوٽ کائڻ سکياسون،
    عشق ”ارڏا“ جڏهن آزمايو،
    نينهن لائي نڀائڻ سکياسون،
    *











    روئڻ جنهن کي ٿئي راحت ، کلڻ تي خار جي آهي،
    انهن جي ڀرسان هي محفل ، انهن تي بار جي آهي،
    اسان کي ٻي جڳهه ڏسيو، انهن کان ڏور ٿي گهاريون،
    نه ويهه ارڏا چيو لطيف ، تو کان بيزار جي آهي.
    *
    سونهن سمنڊ پيار بتيلو سچ سڙهه ڪري،
    عشق وارو اعتبار سان تکي تار تري،
    محبت ماکي مصري ڳوڻيون ڳڻ ڀري،
    تيز هلن طوفان ” ارڏا“ ته به قرب ڪناري وري،
    *
    دنيا جي ڳالهه دنيادارن سان ڪرڻ گهرجي،
    دل جي ڳالهه دل وارن سان ڪرڻ گهرجي،
    جتي عام محفل هجي اي ”ارڏا“
    ڪٿ ڳالهه کليل ڪٿ اشارن سان ڪرڻ گهرجي.
    *









    پيار پارس آهي ، لوهه تون ٿو چوين
    راند مون آ کٽي ، ڊوهه تون ٿو چوين
    ڏور ڏسڻي رکين ، پنهنجي اکڙين مٿان
    صاف ميدان آ ، روهه تون ٿو چوين.
    *
    سڪ جو سودو ڪري ويٺو آهيان.
    هام حياتي جي ڀري ويٺو آهيان،
    وچن واعدا نه ٽوڙيندا ”ارڏا“
    ائين نه سمجهو ته پري ويٺو آهيان،
    *
    اچو قرب وارا ڪا محفل مچايون،
    اچي ڏيو سهارا ڪا محفل مچايون،
    ٿين روز ديدار ، اکڙيون ٿين چار،
    اچو ، ارڏا پيارا ڪا محفل مچايون.
    *








    علم جو سيکاري سو استاد ٿئي،
    هي احسان انسان کي ياد ٿئي،
    اٿي قوم جي گهر ڏيئو ٻار ”ارڏا“
    تنهنجي روشني ساڻ آباد ٿئي.
    *
    پيار محبت جو ڏيئو رک دل اندر،
    مهربان مالڪ هتي مهمان ڪر،
    سڀني اوشاقن ائين ارڏا چيو،
    دل اٿيئي يار جو آرام گهر.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 468551
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 187990
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ