ڪتاب جو نالو: رڻ ۾ رات ٺري
مصنف: رحيم داد جوڳي
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 24 مئي 2017 ع
پڙهيو ويو: 543 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 195 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”رڻ ۾ رات ٺري“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب محترم رحيم داد جوڳيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. سندس خيالن جي خوشبوءِ، اُن گل – ٻاريءَ جي خوشبو ٿي ڀاسي جنهن ۾ قسمين قسمين گل ٽڙيل هوندا آهن!
۽ هي ڪتاب به ته ڪنهن دعا جيئن آهي جنهن جي هر ورق، اکر اکر ۾ سنڌ، سونهن ۽ سچائيءَ جون آسون آهن ۽ نراسائيءَ کان انڪار هر دم جاکوڙ جو جهان ۽ ماڳ تي رسڻ جا سانباها ۽ دل جي دنيا جا گس ۽ گهاڙيٽا...
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران :
  • ارپنا:
  • پبلشر جو نوٽ
  • مهاڳ _ چنڊ مُرڪي پيو
  • رحميداد جوڳي، صدين جي صدا.
  • سندس خيالن جي خوشبوءِ، اُن گل – ٻاريءَ جي خوشبو ٿي ڀاسي جنهن ۾ قسمين قسمين گل ٽڙيا هوندا آهن!
  • سندر ۽ سريلي لفظن جي سانوري دنيا
  • رحيم داد جوڳيءَ جون وايون
  • رحيمدار جوڳيءَ جي شاعريءَ ۾
  • رحيمداد جوڳيءَ جو سادو سلوڻو انداز
  • نئين ٽهي ۾ رحيمداد جوڳي
  • دل چيو توکي ڏيان
  • غزل ( خواب سارا عذاب ٿي پيا!)
  • نثري نظم
  • پُنرَ ملن
  • وقت جي ڊوڙ ۾
  • سڄي دنيا
  • هزار معنائون زندگي
  • اڻپوري سپني جيان
  • نثري نظم
  • مٽيءَ جا لڙڪ
  • نئين دور جو پراڻو نظم
  • بي وفائيءَ جو نوحو
  • نثري نظم
  • نثري نظم
  • نثري نظم
  • وائي : ڪنهن ڏي وڃجي يار
  • وائي : ٻار جيان آئون روئان، هوءَ کلي!
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي

  • سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”رڻ ۾ رات ٺري“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب محترم رحيم داد جوڳيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
    سندس خيالن جي خوشبوءِ، اُن گل – ٻاريءَ جي خوشبو ٿي ڀاسي جنهن ۾ قسمين قسمين گل ٽڙيل هوندا آهن!
    ۽ هي ڪتاب به ته ڪنهن دعا جيئن آهي جنهن جي هر ورق، اکر اکر ۾ سنڌ، سونهن ۽ سچائيءَ جون آسون آهن ۽ نراسائيءَ کان انڪار هر دم جاکوڙ جو جهان ۽ ماڳ تي رسڻ جا سانباها ۽ دل جي دنيا جا گس ۽ گهاڙيٽا...
    هي ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچي پاران 2012ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست انعام عباسيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا:

    ارپنا:
    ارپيان ٿو آءٌ شعر سڀئي
    اَبي
    سنجر خان جوڳيءَ
    کي
    ۽ پڻ هي ارپنا آهي
    پنهنجي جيجيءَ
    کي

    جن مون تي ڀال ڪيا،
    جن کان مون ٿي سوال ڪيا
    پنهنجيءَ ٻاتيءَ ٻوليءَ ۾،
    ۽ جن جلد جواب ڏنا پئي،
    مون کي سنڌي سوليءَ ۾!


    پبلشر جو نوٽ

    سنڌ صدين کان آهي ۽ پيار پناهن ڀري شاعريءَ جي رس چس سان سلهاڙيل...
    ڪيڏي نه عجب جهڙي ڳالهه چئبي جو اسان جي ساڻيهه جا اڻڳڻيا مهندار به شاعريءَ جهڙي هنري ڪرت جا چاهڪ ۽ استاد رهيا آهن...
    پوءِ ڇو نه ساڻيهه جي مٽيءَ مان سڳداسي چانورن جي سڳنڌ اڀري ۽ چئوڏسا کي پنهنجي ڪومل ڀاڪرن ۾ ڀري ست رنگي سنسار جا سير سپاٽا ڪرائي ۽ سپنن جي رنگ برنگي گهٽين ۾ پوپٽ پويان ڊوڙائي ۽ شام ڪري ڇڏي....
    شاعريءَ جو جهان به عاشقن جي دل جيان آهي ڪڏهن سانت ته ڪڏهن سرٻاٽ، ڪڏهن موج ته ڪڏهن ماٺار، ڪڏهن سڀ ڪجهه ته ڪڏهن ڪجهه به نه...
    ”رڻ ۾ رات ٺري“ شل ٿر بر وسي ملهار ڪري ۽ چئوڏس سارنگ ساٺ ڪري ۽ ڀٽون سڀ سڪارڪري...
    ۽ هي ڪتاب به ته ڪنهن دعا جيئن آهي جنهن جي هر ورق، اکر اکر ۾ سنڌ، سونهن ۽ سچائيءَ جون آسون آهن ۽ نراسائيءَ کان انڪار هر دم جاکوڙ جو جهان ۽ ماڳ تي رسڻ جا سانباها ۽ دل جي دنيا جا گس ۽ گهاڙيٽا...
    ان آس سان هي ڪتاب به پڌرو ڪجي ٿو ته اوهان وٽ پنهنجو پنهنجو مان لهندو...
    ۽ اسان کي اوهان جي راءِ جو انتظار هندو.

    اوهان جو
    سنڌي انعام


    مهاڳ _ چنڊ مُرڪي پيو

    مهاڳ
    .
    چنڊ مُرڪي پيو

    لُڙڪ کي لفظ ڪرڻ ايترو سولو ناهي،
    باهه جو سمنڊ ترڻ ايترو سولو ناهي.
    (امداد حسيني)

    گذريل ڪجهه عرصي کان وٺي رحيمداد جوڳي ”لڙڪ کي لفظ“ ڪري رهيو آهي. ائين لڙڪ کي لفظ ڪندي”باهه جي سمنڊ“ مان گذري رهيو آهي. انهي باهه مان گذرڻ واري عمل مان لنگهندي هن ڪڏهن گهٻرايو ناهي ۽ نه ئي باهه کان پاڻ کي بچايو اٿس. انهي باهه ۾ سڙندي سندس فڪر”رچي ريٽو“ ٿيڻ چاهي پيو جيڪو اڃا ”پچڻ“ واري مرحلي ۾ آهي.انهي ”پچڻ“ واري مرحلي ۾ هن پنهنجي لاءِ بلڪل نئون نڪور لهجو چونڊيوآهي، اهڙو نئون نڪور لهجو جيڪو جڏهن ”رچي ريٽو“ ٿيندو. تڏهن پنهنجي الڳ انفراديت ۽ سُڃاڻپ سان نمايان نظر ايندو. ڇاڪاڻ جو رحيمداد ”پچڻ“ واري مرحلي ۾ پنهنجي الڳ انفراديت قائم رکيون اچي پيو ۽ ”وائي“ جهڙي ڪلاسيڪي صنف سان لنئون لڳايون ويٺو آهي.”وائي“ جي فن کي جيڪي نفيس نزاڪتون آهن، انهن نفيس نزاڪتن کي پرکيندي ”وائي“ جي ذريعي پنهنجا تخليقي جوهر ڏيکارڻ لڳو آهي.
    وائي جا ڪيترائي فني طور تي مروج گهاڙيٽا آهن. رحيمداد جوڳي انهن گهاڙيٽن کي ڇڏي روايتن جو باغي ٿي ڪري وائي ۾ پنهنجا نوان گهاڙيٽا کڻي آيو آهي.
    رحيمداد جوڳي جا گهڙيل نوان گهاڙيٽا (مروج گهاڙيٽن کان دوري) سنڌي ادب ۾ ڪيتري قدر مقبوليت ماڻيندا ۽ ڪيتري قدر تنقيد جو نشانو بڻجندا، اهو سڄو ”وقت“ تي ۽ اوهان پڙهندڙن تي ڇڏيون ٿا.
    رضا بُخاري وانگر رحيمداد جوڳي به وائي جو نهايت ئي سُريلو ۽ منفرد شاعر آهي. رحيمداد جوڳي ۽ رضا بخاري پنهنجين واين کي روايتن کان هٽي ڪري الڳ انفراديت بخشي آهي.
    رحيمداد جوڳي جي واين ۾ فطرت نگاري ۽ ”چنڊ“ نهايت ئي اهم علامتون آهن. جهڙي نموني چنڊ ۽ چانڊوڪي کي پنهنجون لامحدود وسعتون آهن. اهڙي نموني رحيمداد جي واين ۾ به جذبن ۽ احساسن جون وسعتون آهن. رحيمداد وٽ چنڊ جيئرو جاڳندو ساهه کڻندو محسوس ٿيندو آهي چنڊ شاعر وٽ استعاري جو ڪم به ڏيندو آهي ۽ علامت جو به. رحيم داد جي اڪثريتي واين ۾ شاعر يا ته چنڊ سان گفتگو ڪندي نظر ايندو آهي يا وري چنڊ شاعر سان ڳالهائيندو رهندو آهي.
    چنڊ پُڇي ٿو،
    مان ڪير آهيان!
    پير سسئي جا،
    عشق چُمي ٿو
    چنڊ پُڇي ٿو،
    مان ڪير آهيان!
    واين جي گهاڙيٽن وانگر رحيمداد جوڳي جي واين جا موضوع ۽ انهن ۾ سمايل فڪر موجود دؤر جي سنڌي شاعريءَ جي برعڪس نهايت ئي منفرد حيثيت رکندڙ آهي. اهي وايون اظهار جي نئين لهجي ۽ نئين فڪر سان ڀرپور آهن. چنڊ۽ تارن جو ذڪر ته هر شاعر ڪيو هوندو، پروائي ۾ ههڙو خوبصورت فڪر ڪو هڪ اڌ شاعر ئي سمائي سگهيو هوندو. جنهن ۾ ٻنهي پريمين جا خواب گڏجي ڪري چنڊ ۽ تارن سان گيت ونڊڻ جا خواهشمند هُجن.
    چنڊ ۽ تارن سان،
    گڏجي گيت ونڊيندا،
    تنهنجا منهنجا خواب.
    ”اکين جي شهر ۾“ شاعر روز نوان امن، انسانيت ۽ خوشحالي جا خواب ڏسندو آهي.
    مان خواب ٿو ڏسان، روز نوان،
    اکين جي شهر ۾.
    ”سسئيءَ“ کي عشق ڏونگر ڏيکاريا ۽ اڙانگو پنڌ ڪرايو. سسئيءَ کي ”واهيري جي ويل“ ۾ به ويهڻ نٿو اچي. واهيري جي ويل جڏهن ماڻهو، مرون پکي پکڻ سڀ آرام ڪندا آهن يا پنهنجن گهرن ڏي واپس ورندا آهن. اهڙي ويل ۾ به ”سسئيءَ“ کي ويهڻ نٿو اچي، ۽ ڀٽائي، سسئيءَ جي انهيءَ ڪيفيت کي هيئن بيان ڪيو آهي.
    ”واهيري جي وير، ڇلون ڪريان ڇپرين.“
    رحيمداد به واهيري جي ويل ويهي آرام نٿو ڪري پر مسلسل سفر ۾ آهي. اهڙي سفر تي آهي، جنهن جي ڪابه پُڄاڻي ناهي. اهڙو سفر جيڪو رات کُٽڻ تي به پورو نٿو ٿئي. ڇو ته عشق جو سفر ڪڏهن کُٽڻو ئي ناهي ۽ نه ئي ان جو ڪوئي انت آهي.
    واهيري جي ويل،
    آءٌ اڃان پنڌ ۾!
    اِجهو سج اُڀريو،
    ڪري تيل ڦُليل.
    آءٌ اڃان پنڌ ۾!
    ”سج تيل ڦليل ڪري اُڀرندو ڪيڏو تخليقي رنگ ۾ رچيل هڪ نئون خيال آهي”سج جو اُڀرڻ“ عام ڳالهه آهي. پر ”تيل ڦليل ڪري اُڀرندو“ انهي کي جدت ۽ نواڻ چونداسين.
    آيو چيت وري،
    چنڊ جي راهه ۾،
    آءٌ اڃان پنڌ ۾!
    رحيمداد، وائي ۾ پنهنجا تخليقي جوهر ڪمال ڪاريگريءَ سان ڪتب آڻي رهيو آهي. سندس هر وائي فڪري حوالي سان خوبصورت آهي، هر وائي جو ڪو نه ڪو شعر اعليٰ شعر جو ڏيک ڏيندو آهي.
    رحيمداد جون وايون هڪ اهڙي ”دريءَ“ مثل آهن، جنهن مان اسين سنڌي وائي جي خوبصورتين کان واقف ٿيون ٿا ۽ پاڻ کي آسماني وسعتن ۾ اُڏامندي محسوس ڪيون ٿا، جتي ڏسون ٿا ته شاعر چنڊ سان گفتگو ڪندي حيرت جو اظهار ڪري رهيو آهي.
    چوڏهين جا چنڊ!
    اڃان جاڳين پيو،
    رات موٽي پئي.
    اهڙي حيرت پنهنجي اوجاڳي تي نٿي ٿئيس، اصل ۾ چوڏهين جي چنڊ جي اوجاڳي تي حيرت جو اظهار ڪري شاعر پنهنجي عشق ۽ مقصد سان سچائي جو اعليٰ نمونو پيش ڪري ٿو.
    جِتي دنيا ظالم ۽ سفاڪ هُجي ۽ وقت ڪنهنجو به يار نه هُجي، اُتي پنهنجي اکين جو رنج ڪنهن کي ڏجي!؟
    تون ڏي لهندڙ سج کي،
    اکين جو رنج،
    وقت نه ڪنهنجو يار
    لهندڙ سج کي ”اکين جو رنج ڏيڻ وارو خيال بنهه نئون ۽ منفرد آهي.
    رحيمداد جوڳي جي اِهائي ڪاريگري آهي، جو هُو هر خيال کي نئون رنگ ڏئي ٿو. نئون آهنگ ۽ نئون لهجو ڏئي ٿو. نئون فڪر ڏئي ٿو. فني حوالي سان کڻي سندس واين ۾ اوڻايون ضرور آهن، ائين ته هر شاعر جي شاعريءَ اوڻاين کان آجي ٿي نٿي سگهي، ڪميون پيشيون رهجي ئي وينديو آهن. شيام انهي حوالي سان چيو آهي ته :
    ”هُجي جا کاڻ خوبين جي ۽ عيبن کان بنهه آجي،
    نه پنهنجي شاعري اهڙي نه پنهنجي زندگي اهڙي.“
    فڪري حوالي سان رحيمداد جوڳي جديد فڪر جو هڪ سگهارو شاعر آهي. جنهن جون سوچون پنهنجون آهن، ٻئي ڪنهن کان متاثر ٿيل يا اُڌار ورتل ناهن.
    چنڊ به ٽپالي آهي،
    خطڙو ئي مُنج.
    وتت نه ڪنهنجو يار
    ”چنڊ کي ٽپالي سڏڻ ۽ ان جي ذريعي خط اُماڻڻ“ جهڙا سُندر خيال، رحيمدداد جي فڪري پُختگي جي گواهي ڏين ٿا.
    سڀني واين ۾ ٻوليءَ جي مٺاس آهي. ٻوليءَ جي رس چس، مٺاڻ پڻي ۽ فڪري نرالپ پڻي يا فڪري وسعت جي ڪري سڀئي وايون سُٺي شاعريءَ جو اعليٰ نمونو آهن.
    شاعريءَ جي ميدان ۾ پنهنجي لاءِ الڳ رستو ٺاهڻ ڪيڏو نه ڏکيو ڪم آهي! ڪيترن سالن جي رياضت، تجربي، مشاهدي ۽ مطالعي کانپوءِ وڃي شاعر پنهنجي الڳ سُڃاڻپ ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويندا آهن. پر نئين ٽهيءَ جو هي نوجوان شاعر اُٿندي ئي وائي جي ميدان ۾ پنهنجي الڳ سُڃاڻپ سان ظاهر ٿيو آهي.
    اڄڪلهه پڙهڻ لاءِ سُٺي وائي يا سٺو شعر جو ملڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ ڪونهي. پر رحيمداد جوڳي جي واين ۾ پڙهندڙن کي نه رُڳو پڙهڻ لا ءِسُٺيون وايون ملنديون، پر انهن واين ۾ سُٺا شعر به ملندا.
    انتظاريءَ ۾ جُدائيءَ ۾ يا وري يادگيري ۾ جيڪا رات گُذري آهي. اُها رات صدين تي ڀاري، لڳندي آهي. انهي انتظاريءَ، جُدائيءَ ۽ يادگيريءَ جي رات جي اک ڇنڀ ۾ گذري وڃڻ واري ڳالهه رحيمداد ڪندي چوي ٿو ته:
    ”ساريندي سُپرين، اک ڇنڀ سان،
    رات گُذري ٿي وڃي
    چنڊ تنهنجي ڪنهن کي، دانهن ڏيان!
    رات گذري ٿي وڃي.
    جيتوڻيڪ رحيمداد جوڳي جي شاعراڻي عمر تمام ٿوري آهي. پر ان ٿوري عمر ۾ هن جيڪي تخليقي رياضتون ڪيون آهن. انهن تخليقي رياضتن جي بدولت ئي رحيمداد ههڙيون سُٺيون وايون لکي سگهيو آهي.
    ”سرتي چنڊ کي، مينديءَ لايون،
    شاعر لکي ٿو.“
    ”سرتي چنڊ کي مينديءَ لايون“ هڪ غير روايتي انداز ۽ موضوعاتي انفراديت کي سِٽ آهي. سندس هر وائي ۾ پڙهندڙن کي اهڙو غير روايتي انداز ۽ موضوعاتي انفراديت رکندڙ بهترين سِٽون ملنديون.
    پهرين پيار ۾ جيڪو لُطف، سُرور ۽ لذت آهي، اهڙي لذت جو مزو ئي پنهنجو آهي. اهڙي لذت ۾ ڪيف ۽ سرور جي ڪيفيت ۾ ٻُڏل رهندي شاعر پنهنجي محبوب جون ڳالهيون چنڊ سان ڪندو آهي ۽ رات گذري وڃڻ جو به احساس نٿو رهي. يا وري پهرين پيار جي پهرين خط کي کولڻ ۽ پڙهڻ ۾ ئي رات گذري وڃي، توهان سمجهي سگهو ٿا ته عاشق تي ڪهڙي نه سرشاري واري ڪيفيت طاري هوندي! رحيمداد اهڙين ڪيفيتن جو اظهار هن نموني ڪري ٿو:
    ”چنڊ سان ٻوليندي،
    گذري ويئي رات!.
    پهرين پيار جي پهرين،
    خط کي کوليندي.
    گذري ويئي رات!
    ”چنڊ، رحيمداد جي شاعريءَ جو اهم موضوع به آهي ته طاقتور اُهڃاڻ به آهي. جنهن کي هن پنهنجي واين ۾ ڪيترين ئي معنائن ۾ استعمال ڪيو آهي. ”چنڊ“ بابت شاعر جا جذبات ۽ محسوسات سڀ جدت ۽ نواڻ سان ڀريل آهن. انهن جذبات ۽ محسوسات جي ذريعي رحيمداد نئين تخيل جو ”چنڊ“ اُڀاريو آهي.
    رحيم داد جون وايون نرم خيالي، نزاڪ مزاجي، حسين تصورن ۽ نئين سوچ سان ڀريون پيون آهن.
    رحيمداد سنڌي وائيءَ کي نون خيالن، نين سوچن، نون موضوعن ۽ نئين فڪر سان شناسائي ڪرائي آهي.
    وڌي وڏا ٿي ويا،
    آسمان جيڏا،
    پاڇا جُدائيءَ جا.
    چانڊوڪي رات جو،
    ڀريل ٻيڙي ۾،
    چنڊ مُرڪي پيو.
    هوءَ نم جي ڇانوَ ۾،
    ڀت ڀري پئي،
    ڄڻ درد ڀري پئي
    شاعر جي سوچن ۾،
    سمنڊ ٿو اُڀري،
    گونگي پيار ڳالهايو.
    واين جا اهي ۽ اهڙا ڪيئي شعر رحيمداد جوڳي جي تخليقي ڪائنات جي ساک ڀرن ٿا. هن جون وايون روايت کان بغاوت ۽ نئين روايت جي ابتدا آهن ۽ جڏهن نين روايتن جي ابتدا ٿيندي آهي، تڏهن ڪجهه ”برداشت“ به ڪرڻو پوندو آهي. فني خامين جي ڪري رحيمداد کي به گهڻو ڪجهه برداشت ڪرڻ جي لاءِ تيار رهڻو پوندو. هونءَ سندس شاعراڻو رنگ نج آهي.
    سندس شاعريءَ سٽ ۾ ساهه وجهڻ جهڙو تخليقي انداز رکندي آهي. سندس سڀئي وايون محسوسات ۽ جذبي جي اظهار جي نواڻ ڏانهن پيش رفت لڳن ٿيون. هڪ اڌ وائي مروج اسٽائيل جي به آهي.
    ”منهنجي سپنن ۾،
    مونسان هوندو آ پرين!
    مروج اسٽائيل کان هٽي ڪري هڪ ٻي وائي ڏسو:
    مون سان گڏ آهين،
    منهنجو ننڍڙو گهر،
    ڪيڏو پيارو ٿو لڳي.
    هِن وائي جي پهرين ۽ ٻي سٽ ۾ 10 ماترائون آهن ۽ وراڻي ۾ 13 ماترائون آهن. ائين بغير ڪنهن شعوري ڪوشش جي اظهار جي بي ساختگي سبب مروج گهاڙيٽن کان هٽي ڪري هڪ نئون گهاڙيٽو گهڙجي پيو آهي. انهي ساڳي گهاڙيٽي يا فني سٽاءَ تي هڪ ٻي وائي پڙهو:
    ڳالهين ڳالهين ۾،
    دردن جون تاج.
    تحفي ۾ ڏيئي وئي.
    اڪثر واين ۾ فطرت جا لاتعداد رنگ سمايل آهن ۽ اڪثر وايون فطرت ۽ رومانيت (Tomanticism) سان ڀريل آهن. فطرت ۽ رومانيت سان گڏوگڏ فرد جي اڪيلائي جو درد به بيان ٿيل آهي.
    هر روز شام جو،
    پکين، قطار،
    روئاري ٿي وڃي.
    فرد جي اڪيلائي ڪيڏي نه دردناڪ ۽ چُڀندڙ هوندي آهي. انهي احساس کي توهان وائي جي هنن سٽن ۾ محسوس ڪري سگهو ٿا.
    ڏاڍي رات اُداس،
    چنڊ ڏي نهاري،
    ڪونه سگهندس مان
    اڪيلائي جڏهن پنهنجي انتها تي پهچندي آهي. تڏهن اُداس رات ۾ چنڊ ڏانهن نهارڻ جي همت به نٿي ٿئي.
    ڪو وقت هو جڏهن سنڌو شينهن درياءُ سڏبو هو. هاڻي ساڳي شينهن درياءُ ۾ پاڻي ناهي بلڪه اسان جون حسرتون ”واريءَ “ جي صورت ۾ اُڏامي رهيون آهن. جڏهن سنڌوءَ درياءُ جو پاڻي ڌرتيءَ جي بدن کي چُمي تخليق لائق بڻائيندو هو ۽ ڌرتي گل گلزار جو ڏيک ڏيڻ لڳندي هئي. هاڻي هر پاسي رُڃ، سُڃ ۽ اُڃ آهي. سنڌوءَ درياءُ جي تار وهڻ وارو نقشو رحيمداد هيئن ڪڍي ٿو:
    ڌرتيءَ جو بدن چُمي،
    سنڌوءَ جو پاڻي،
    چنڊ کان ڪهاڻي،
    ستارا ٿا ٻُڌن.
    رحيمداد، سنڌوءَ جي جواني وارن ڏينهن جي تاريخ لکي آهي. ورڊس ورٿ به چيو آهي ته :”شاعريءَ احساسن جي تاريخ ۽ سائنس آهي.“
    رحيمداد جي واين جي موضوع جي حوالي سان رومانس جو پلڙو مڙيئي ڳرو آهي رومانس جون ڪيتريون ئي ادائون سندس واين مان بکن ٿيون.
    ڪڏهن ڪڏهن ٻه پريمي هڪٻئي جي اڳيان ڳالهائي ناهن سگهندا. چَپ چوڻ چاهيندي به ڪجهه چئي ناهن سگهندا، اکيون اکين ڏي نهاريون ئي رهجي وينديون آهن ۽ وقت گُذري ويندو آهي.
    شرميلا ٻئي آهيون،
    خالي نهار ۾،
    گذري وقت ويو.
    ساڀيائين جي آسري،
    اڄ به انتظار ۾،
    گذري وقت ويو.
    محبوب جو حسن ته چنڊ کي مات ڪندڙ هوندو آهي. پر ان جي نڪ جي ڦُلي به چنڊ جيان شاعر جي خوابن ۾ مرُڪڻ لڳي ٿي. نڪ ڦُلي کي چنڊ جيان مُرڪائڻ جهڙا سُهڻا احساس اوهين به پڙهو:
    چنڊ جيان مُرڪي پئي،
    هن جي نڪ، ڦُلي،
    جيئن ئي اک کُلي،
    خواب ويا اُڏري.
    خوابن کي به پکين وانگي ڄڻ پر لڳل هوندا آهن، جيڪي اک کُلڻ سان ئي اُڏامي هليا ويندا آهن.
    اظهار جي ساختگي، شعري نفاست ۽ منفرد خيالن کي ملائي رحيمداد جوڳي نيون اڇوتيون وايون سرجيون آهن.
    ڪينجهر جهڙي جواني ۽،
    بوسڪي بدن جون
    ڳالهيون ٿيون چنڊ سان.
    پيار جي پار ڏي ويندڙ،
    سڀني رستن جون
    ڳالهيون ٿيون چنڊ سان
    وائي پڙهندي ئي ڪينجهر ڍنڍ جو عڪس اکين جي اڳيان اچي ويندو آهي. اها ڪينجهر جيڪا پاڻي سان ڀريل آهي، جيڪا سونهن سان ٽمٽار آهي. جنهن جي لهرين جي لوڏ ڪنهن الهڙ ڇوڪري جي لکن جهڙي لوڏ کان گهٽ ناهي ۽ ڀٽائي چواڻي ته:
    ”لڳي اُتر واءُ، ته ڪينجهر هندورو ٿئي“
    ۽ بدن کي ”بوسڪي“ ڪپڙي سان ڀيٽڻ تخليقي ڪاريگري آهي.
    شاعر وٽ جڏهن ٻيو ڪو ساٿ ۾ ناهي، تڏهن”ڪينجهر جهڙي جواني“ ۽ ”بوسڪي بدن“ ۽ ”پيار جي پار ڏي ويندڙ رستن جون ڳالهيون“ چنڊ سان نه ٿينديون ته ٻي ڪنهن سان ٿينديون ڀلا!؟
    چنڊ سان اهي ڳالهيون ڪندي ڪندي وري جڏهن شاعر جي اک ڪا نئين شيءِ ڏسي ٿي ته شاعر انهي احساس کي سٽن جي سانچي ۾ لاهي ٿو ۽ وائي جو سُندر روپ ڏئي ٿو.
    ڳاڙهي جوڙي ۾،
    چنڊ مُرڪي پيو.
    شاعر پنهنجي دؤر جا داعي هوندا آهن، جيڪي اذيت ناڪ گهڙين ۾ به مايوس ناهن ٿيندا. ڪا آس، ڪا اُميد سندس دامن سان ضرور ٻکيل هوندي آهي. توڙي جو وقت پنهنجا پاڇا ڪڇي ٿو:
    وقت پنهنجا پاڇا،
    ڪڇي ٿو ڪڇي،
    اچي ٿو اچي،
    تنهنجا سڏڙا ٻُڌي.
    انهي آس اُميد هوندي به جڏهن محبوب نٿو اچي ته بجاءِ مايوس ٿي ويهي رهڻ جي شاعر اڳتي وڌڻ ۽ پنڌ پوڻ جي ڳالهه ڪري ٿو.
    توڏي ايندي،
    مور نه ٿڪجان ڪڏهن،
    ڪوتا راڻي سان،
    سور سليندي،
    مور نه ٿڪجان ڪڏهن.
    ڪيڏو به وڏو يا اؤکو سفر هُجي ٿڪجي ڪري ويهڻو، رُڪڻو يا بيهڻو ته آهي ڪونه. ڇو ته ڪوتا رچڻ هڪ نه کٽندڙ مسافري آهي. جنهن جو انت، جنهن جي پڄاڻي آهي ئي ڪونه.
    رحيمداد جوڳي جي شاعراڻي سفر جي ابتدا آهي. اهڙي ابتدا جنهن جي انتها، انت يا پُڄاڻي ٿيڻي ناهي ۽ شاعر کي مسلسل پنهنجي سڀني فني ۽ فڪري خامين کي نظر ۾ رکي اڳتي وڌڻو آهي، ايترو اڳتي وڌڻو آهي، جو هرڪو سندس وڌڻ کي ڏسي حيرت ۾ وٺجي وڃي.


    مشتاق گبول

    Cell # 0301-3829447
    E-mail: mushtaqgabole@yahoo.com


    رحميداد جوڳي، صدين جي صدا.

    رحميداد جوڳي، صدين جي صدا.
    ضلعي خيرپور ميرس کي عام طور کجين جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو، پر هن ضلعي جا اهي پَٽَ جتان ڪنهن زماني ۾ درياءُ بادشاهه جو گذر هو، ڪمد ۽ ڦٽيءَ جا فصل اپائن ٿا ۽ ڪڻڪن جي سونن سنگن کي جهومائين ٿا.
    درياهي لٽ ۾ اڄ به آباد گارن جي قسمت بدلائڻ جي سگم ۽ شڪتي آهي، پر هتان جي مٽي تخليقڪارن کي به وڏي سخاوت سان جنم ڏ يندي رهي ٿي. مثال پيش ڪبا ته ڪيترائي ڪاڳر ڪارا ٿي ويندا پر هتي رحميداد جوڳي جي مثال کي آڏو رکڻو آهي.
    سکر کان نواب شاهه (بينظير آباد) ڏانهن ويندڙ سڙڪ تان سفر ڪندڙ مسافرن کي خيرپورميرس جي کجين کان پوءِ جڏهن ڦٽيءَ جي فصلن ۾ چونڊو ڪندڙ مرد ۽ زائفون نظر اچن ته سمجهڻ کپي اُهي رحميداد جوڳيءَ جي علائقي منجهان پيا لنگهن. ائين پڻ ڄاڻڻ کپي ته جڏهن سنڌوءَ جو لنگهه ان علائي مان هو ۽ درياءَ ۾ دُنگيون ۽ ٻيڙا ترندا هئا، تڏهن سهڻي به اُتي ئي ٻُڌي هئي.
    اُتي هاڻي درياءُ بادشاهه ته موجود ڪونهي، پر رحميداد جوڳيءَ پارن جي محبت ٻوڙي ٿي ڇڏي! هيءُ سرپا محبت شخص هونئن ته ننڍو آبادگار آهي ۽ زرعي سماج ۾ رهندي الڪن ۽ اوسيئڙن جي سير ۾ ٻڏو ۽ تريو آهي، پر الائي ڇو ۽ ڪيئن شاعريءَ سان لَنءُ لڳائي اَٿس!؟
    شاعريءَ جي صنفن منجهان وري وائي چونڊي اٿائين. جوڳيءَ جون وايون ائين آهن، جيئن ڳچ عرصو اڳ جهمپير جي سرزمين مان چشما اٻڙڪا ڏئي نڪرندا هئا! سندس واين جي رس چَسَ ۽ تاثر ۾ جهمپير جي کجين منجهان نڪرندڙ تاڙيءَ وارا خمار آهن! جيئن تاڙي ڪساري تيئن پُٽُ نشو! ظرف ظرف جي ڳالهه آهي، جيڪو پياڪ هوندو، تنهن وٽ ئي تاڙيءَ جو قدر هوندو!
    رحيمداد جوڳيءَ جي واين ۾ سنڌي تهذيب جي صد ين جون صدائون، اُٺن جي قافلن مان ايندڙ چڙن جا آواز، وڇوڙن جا ورلاپ، آهون، دانهون، سڏ ۽ پڙاڏا موجود آهن. بظاهر کلڻو ۽ رلڻو ملڻو شخص پنهنجي من اندر جي پاتالَ ۾ الائي ڪهڙا درد دٻايو ويٺو آهي!؟ مختلف واين جا تُڪَ ۽ وراڻيون ته ڏسو!
    رات لڙي ٿي رڃ ۾، آءُ پرين آءُ، موٽي رت ملهار، چنڊ جي راههَ ۾ گيت گونجن پيار جا، سڏڪن ۽ سار ۾ گذري وقت ويو، اک ڦري پئي ڄڻ درد ڀري پئي، واهيري جي ويل آءٌ اڃا پنڌ ۾، ڪونه مسافر موٽي ايندا. هو ته ويا ورهين کي، ڇاتي ڇاتي ۾ درد هن ڪيڏا، چوڏهين چنڊ ڪڏي ڪاڏي وڃين پيو!؟ سپنا اڏاري ڪونه سگهندس مان! پير سسئيءَ جا عشق چمي ٿو، خاموشي ويڙهي اڀ تي ستارا ڪنهن کي ڳولن ٿا؟ جيجل جي جهولي خالي روڄ ۽ رڙيون، سُرمَئي شام جو نظارن آ رکي چنڊ سان دوستي....
    اهي تُڪَ ۽ وراڻيو شاهد آهن ته جوڳيءَ ماضي ۽ مستقبل جي وچ واري ساعت کي جهٽيون آهي ۽ انهيءَ اسم اعظم وسيلي ڪڏهن وهاميل وقت جي غفائن ۽ الوپ ٿي وڃي ٿو ۽ ڪڏهن مستقبل جي اڀ تي چنڊ ٿي اڀري ٿو!

    ضياءُ شاهه
    22 سيپٽمبر 2011ع


    سندس خيالن جي خوشبوءِ، اُن گل – ٻاريءَ جي خوشبو ٿي ڀاسي جنهن ۾ قسمين قسمين گل ٽڙيا هوندا آهن!

    رحيم داد جوڳي، انهن شاعرن مان هڪ آهي، وائيءَ جي پُراڻي ڪئنواس ۾ نوان رنگ ڀري رهيا آهن. رحيم داد جون وايون ڏاڍا پيارا رنگ ٿيون پسائن. خوابن ڀري زندگانيءَ جا رنگ، انڊلٺي جوانيءَ جا رنگ، جذبن جي روانيءَ جا رنگ، پهرين پيار جي پهرين نشانيءَ جا رنگ، ڪنهن سارَ سُهانيءَ جا رنگ....
    سندس خيالن جي خوشبوءِ، اُن گل – ٻاريءَ جي خوشبوي ٿي ڀاسي جنهن ۾ قسمين قسمين گل ٽڙيل هوندا آهن!
    منهنجي دُعا آهي ته رحيم داد جي شاعري، هر موسم ۾ مهڪندي رهي.
    رضا بخاري


    سندر ۽ سريلي لفظن جي سانوري دنيا

    سندر ۽ سريلي لفظن جي سانوري دنيا

    جيئن ”پرين گهاٽ“ وٽان ساڌ ٻيلو ۽ ٺٽي جي گهرن مٿان منگهه سهڻا لڳندا آهن، ائين اسان جي خيرپور ۾ سائين تنوير عباسي ۽ پوءِ کوڙ سارا سهڻا نالا ادب جي آڪاس تي ستارن جيان جڳمڳائي رهيا آهن. هڪ پاسي ڏسو ته زهره جي روشنيءَ جهڙو ڪوي امر اقبال مسڪرائي رهيو آهي ته ٻئي پاسي پلوٽو جيئن اڪيلو ۽ اداس رحيم داد جوڳي.
    اسان کي فخر وچان اهو چوڻ ۾ نه ڪيٻائڻ گهرجي ته اسان جي سنڌ جا تمام سهڻا ڪوي خيرپور سان واڳيل آهن. ڊاڪٽرمتل، مشتاق ڦل، وشال امير، مختيار ملڪ ۽ هي سُرمئي شام جهڙو اداس ۽ نمڪين لفظن جو خالق رحيم داد جوڳي.
    رحيم داد جوڳي کي ٿي سگهي ٿو ڪي دوست ٽهڪ ڏئي کلندڙ ۽ وڏي ڀاڪر ۾ ڀرڻ وارو انسان چون پر جيڪڏهن اهو مڃجي ته شاعري زخمي ڪرندڙ پکيءَ جي هانَو کي جهٻو ڏيندڙ چيخ آهي ته پوءِ رحيم داد جون وايون پڙهي ڪوبه مسافر، رستي ويندي اوچتو هڪ لمحي لاءِ ۽ گهڙي کن لاءِ ئي سهي اهو ضرور چئي سگهي ٿو ته ها... لفظن کي اکيون هونديون آهن ۽ اها انهن اکين مان لڙڪ به ٽمي سگهن ٿا.
    ماءُ جي هنج مان وڇڙي هڪ ٻار جو درد ڇا هوندو آهي. ان جي خبر ممڪن آهي ته اسان کي نه هجي پر اها خبر لفظن کي ضرور هوندي آهي ۽ اهو اوش ٿي سگهي ٿو اسان برا هجون يا زمانو چوي اسان ۾ هي هي برايون آهن (ڇو ته هي معاشرو سٺائين کي ايتري اهميت ناهي ڏيندو جيتري برائين کي ڏيندو آهي.) پر جڏهن اسان پين کڻي ڪا وائيءَ سرجيون ٿا ته اها وائيءَ اسان جي بدنَ کان اسان جي چهري کان ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسان جي دل کان به سهڻي ۽ سجيلي هوندي آهي ۽ اهڙين کوڙ سارين سهڻين ۽ هانَو تي هرجي ويل واين ۽نثري نظمن جو هي ڪتاب مون کي پوري پڪ آهي ته اوهان جي انهن لمحن جو بهترين ساٿي بڻبو، جن لمحن ۾ اوهان جو محبوب اوهان جي واعدي تي نه اچي سگهيو هجي ۽ اوهان وٽ غم گهٽائڻ لاءِ هي ڪتاب موجود هجي، انهيءَ خاص درد کي واين جي روپ پلٽيندڙ رحيم داد جوڳي سچ ته اسان جي درد ۽ اسان جي ٽمندڙ اکين کي واين جو ويس تمام ڪاميابيءَ سان پرايو آهي.

    حبيب ساجد


    رحيم داد جوڳيءَ جون وايون

    رحيم داد جوڳيءَ جون وايون ڪنهن مهجبين، نازنين جي چوڙين وارن ٻانهن جو اهو ڇَمڪو آهن، جن جي آواز جو ردم سڀني ٻڌندڙن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري ٿو، وائي منهنجي محبوب صنف آهي ۽ آئون جڏهن رحيم داد جوڳي جون وايون پڙهان ۽ ٻُڌان ٿو ته منهنجو مَنُ مهڪي پوي ٿو.
    نئين ٽهي جي حوالي سان رحيم داد جوڳي جديد وائيءَ جو بيحد سُهڻو ۽ سمجهدا شاعر آهي.
    معشوق ڌاريجو

    ***


    رحيمدار جوڳيءَ جي شاعريءَ ۾

    رحيمدار جوڳيءَ جي شاعريءَ ۾ تڙپ، اُتساهه ۽ اڻڳڻين دلين جا ٿڌڙا ساهه آهن، جنهن کي پڙهي ڪري محسوس ڪري سگهجي ٿو ته واقعي شاعري پنهنجو هڪ الڳ ميٺاج رکي ٿي، جيڪا ڪڙاڻ جا دريا ءَ به مِٺا ڪري ڇڏي ٿي! رحيمدار جوڳيءَ جون وايون انهن کڙڪين وانگر آهن جن تي شام ٿيڻ سان ئي ڏيئا ٻري پوندا آهن ۽ رات پنهنجي آسپاس جون شيون لڪائي ڇڏيندي آهي.
    آڪاش عامر


    رحيمداد جوڳيءَ جو سادو سلوڻو انداز

    رحيمداد جوڳيءَ جو سادو سلوڻو انداز کيس گهڻن سارن لکندڙن کان الڳ ٿلڳ ڪري بيهاري ٿو، ڇو ته هُن وٽ پنهنجو رويو ۽ پنهنجو سڀاءُ آهي، هن جو معصوم Style ڏاڍو ڇهندڙ ۽ دل لڀائيندڙ آهي، رحيمداد کي مان ان ڪري به خوشنصيب سمجهندو آهيان ته هُو ڀلي کڻي شاعرن جي ڪيڏي به وڏي ميڙ ۾ ويٺو هجي پر وائي جي شاعري طور سندس سُڃاڻ کيس نمايان ڪري بيهاريندي آهي، توڙي جو ائين ناهي ته هو ڪو صرف ۽ صرف وائي لکندو آهي، منهنجي نظر مان هن جا ڪجهه مختصر نظم گذريا آهن جن کي پڙهي محسوس ٿو ٿئي ته هو ٻين صنفن تي به سٺو لکي رهيو آهي.
    رحيمداد جوڳي جو نظم ”مٽيءَ جا لڙڪ“ جڏهن مُنهنجي نظر مان گذريو ته الائي ڇو مون کي سندس ٿڪل وجود ڌرتيءَ جي ان مسافر جيان لڳو، جنهن ڄڻ ته سڄي عمر ڪنهن جي ڳولا ۽ تلاش ۾ گذارڻ کانپوءِ به هار نه مڃي هُجي.

    مشتاق ڦل


    نئين ٽهي ۾ رحيمداد جوڳي

    نئين ٽهي ۾ رحيمداد جوڳي وائيءَ جي حوالي سان پنهنجي ڌار سڃاڻپ رکي ٿو، سندس وائيءَ جا موضوع اڻ ڇهيل ۽ منفرد آهن، سندس لهجو نج ڳوٺاڻو آهي.
    رحيمداد جوڳيءَ جون وايون ان ڪري به مون کي وڻن ٿيون جو سندس وائيءَ جو اسلوب نهايت ئي پيارو ۽ سادو آهي. عام پڙهندڙ رحيم داد جوڳي جي واين جو احساساتي پس منظر پاڻ تلاشي وٺي ٿو، سندس مختلف وزنن تي لکيل وايون پڙهندڙن جي ذهن ۾ رابيل جي خوشبوءِ ۽ اجرڪ جي رنگن جو احساس ڇڏي وڃن ٿيون مون کي پڪ آهي ته جيڪڏهن رحيمداد جوڳي ائين ئي پيار ۽ پورهئي سان لکندو رهيو ته هڪ ڏينهن هو سٺن شاعرن جي ڊگهي قطار ۾ پنهنجي منفرد حيثيت ائين ماڻي وٺندو جيئن ڪروڙن ستارن ۾ اڪيلي چنڊ جي پنهنجي حيثيت آهي.

    حفيظ باغي


    دل چيو توکي ڏيان

    دل چيو توکي ڏيان

    ادب آشنا ذهن ڄاڻن ٿا ته سنڌي شاعري مُنڍ کان ئي پاڻ ۾ نوان لاڙا پيدا ڪرڻ وارو جذبو ۽ رستو ڪڍي به ناهي ڇڏيو، ان سان گڏ هن پنهنجي روايتن، صنفن توڙي ڪلاسڪ وارثي تي به مٽي چڙهڻ ناهي ڏني. سنڌي شاعري جتي نئين ڌارين صنفن کي پاڻ ۾ جاءِ ڏني آهي اتي پنهنجي اصلوڪين صنفن کي رڻ جو مسافر ٿيڻ ناهي ڏنو! وائيءَ جي صنف اسان جي ڌرتي جي پنهنجي صنف آهي، جنهن کي جدت ڀٽائي ڏني هئي، اسان جي دؤر ۾ وائي جديد فڪر ۽ لباس سان گڏ جديد لهجي تائين رسائي حاصل ڪئي آهي. قومي شاعري جو وائي ۾ شامل ٿيڻ وائيءَ جي صنف جو نئون حُسن چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو! پر جديد شاعرن وٽ اچي وائي سان ٻه الميا ٿيا آهن، هڪ اهو ته گهڻو ڪري وائي جي صنف ۾ رڳو روايتي شاعري ٿي آهي، تمام ٿورن شاعرن وائي کي ڪا بلندي ڏني آهي نه ته اڪثريت رڳو رديف قافلا ملايا آهن، ٻيو الميو اهو ٿيو آهي جو وائي کي ڪنهن هڪ موضوع ۾ رڱڻ بجاءِ وائي جي بندن کي غزل جي شعرن وانگي ٽپا ڏياري ان جي روح ۽ مزاج کي ئي نظرانداز ڪيو ويو آهي. جنهن ڪري وائي کان وڌيڪ ٻيون صنفون توجهه ڇڪائڻ جو سبب بڻيون آهن. ويجهڙ واري عرصي ۾ اسان جي نئين شاعرن جي وائي واري صنف تان گرفت ڪافي ڍري ٿيل محسوس ٿي آهي پر ڪجهه ڪا پڙي ۽ عاشق آهن جيڪي پنهنجي هِن پياري صنف سان نڀائڻ ۾ رُڌل آهن. اسان جي نئين نسل جي شاعرن جي کيپ ۾ رحيم داد جوڳي وائيءَ جو رشتو ڳنڍي اڳتي وڌندڙ اهو سيبتو شاعر آهي، جنهن وائي کي نه رڳو گهڻو وقت پر گهڻو پيار ڏنو آهي، اها هُن جي محبت ۽ زندهه دلي آهي ائين به چئي سگهجي ٿو ته رحيمداد جوڳي پنهنجي سمورا احساس ۽ سموريون صلاحيتون پنهنجي ڌرتي جي هن صنف وائي جي نالي ڪري بلڪل پاڻ ملهايو آهي. رحيمداد جوڳي لکيو آهي:
    هٿن تي اکيون، پيرن تي چُميون
    دل چيو توکي ڏيان!
    ڏسجي ته اهي چُميون رڳو محبوبا کي ڏيڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي پر ان سان گڏ اُهي چميون پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي جي هن صنف کي به ڄڻ ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. رحيمداد جوڳي جون لکيل وايون توڙي جو وڏي تبديلي، وڏي فڪر ۽ فلسفي سان ٽٻيل ناهن پر اهو سچ ضرور آهي ته هن جي واين ۾ سادگي جو سٺو رنگ ضرور شامل آهي، چڱو نقطو هنن واين ۾ اهو به آهي ته واين ۾ ڪتب آيل ٻولي پنهنجي ڌرتي جي ٻولي آهي هن جي شاعري ۾ ڪي اوڻايونه هئڻ جي باوجود ڪابه هروڀرو اوپرائي جي بوءِ موجود ناهي. رحيم داد جوڳي جي واين ۽ جديد موضوع آهن ته پراڻن موضوعن کي به جاءِ مليل آهي. هُن جو وائي لکڻ جو پنهنجو مخصوص انداز آهي، جيڪو جيترو سادو آهي اوترو چڱو به آهي. هُن جون اڪثر وايون وسيع مطالعي جي نه پر احساساتي وهڪري جي پيداوار آهن، سندس ڪيئي خيال توجهه ڇڪائيندڙ آهن، جنهن جو مثال هتي پيش ڪجي ٿو.
    پير سسئي جا
    عشق چمي ٿو
    چنڊ پڇي ٿو
    مان ڪير آهيان؟
    دل سان رحيمداد جوڳي جي شاعري ۾ جهاتي پائڻ سان هِن قسم جا نرالا خيال به اسان جو آڌرڀاءُ ڪن ٿا ته:
    سَرتِي چند کي ميندي لايون
    شاعر لکي ٿو!
    *
    اجهو اُڀريو سج
    ڪري تليل ڦليل
    آئون اڃا پنڌ ۾!
    ”آئون اڃا پنڌ ۾“ جو فلسفو هُن جي اُن شاعري جو به عڪاس آهي جيڪا اڳتي وڌڻ ۽ منزل ماڻن جي جُستجو ۾ رڌل آهي، وڌيڪ محبت ۽ وڌيڪ جستجو سان گهڻو ڪجهه ممڪن آهي.
    جوڳي بڻجي ٿو رُلان
    منهنجي گيتن ۾
    مون سان هوندو آ پرين!
    پرين جو هجڻ ئي اها توانائيءَ جي علامت آهي، جيڪا ماڻهو کي ڪڏهن به سمهڻ ۽ ٿڪجڻ ناهي ڏيندي. رحيمداد جوڳي به اسان کي اڻ ٿڪل مسافر محسوس ٿئي ٿو.
    سچ اهو آهي ته رحيمداد پنهنجي شاعري کي اجاين فلسفن ۽ ڳرن خيالن ۾ ناهي ڍڪيو، اها هڪ ڀلي علامت آهي. سٺي ڳالهه اها به آهي ته هُن اجائي لفاظي کان پنهنجي شاعريءَ کي بچائڻ سان دل سان ڪوشش ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هُن جا احساس ڪٿي ٽڙندڙ گلن جهڙا آهن ته ڪٿي روئندڙ اکين جهڙا هوندا آهن. هُن جا جذبا ڪٿي ڀريل بادلن جهڙا هوندا آهن ته ڪٿي ڪارين راتين جي مسافرن جهڙا آهن. رحيمداد جوڳي پنهنجي واين کي سٺي ردم ۾ لکيو آهي ورلي هن ڪو رڌم نظرانداز ڪيو آهي، جنهن مان هن جي ڪميٽيڊ هئڻ جو ثبوت ملي ٿو. هُن جو پنهنجي قومي صنف ۾ پنهنجي نج ٻولي ۾ ڪيل پورهيو معنيٰ رکي ٿو. جنهن کي نظرانداز ڪري ئي نٿو سگهجي، پوري اميد آهي ته ايندڙ وقت ۾ رحيمداد جوڳي پنهنجي واين ۾ اڃا به ڪيئي نوان مشاهدا، نوان احساس ۽ لاڙا ڀريندو. اڃا به وڌيڪ خوبصورت وايون هُن جي قلم مان نروار ٿينديون.
    سڀئي سُمهي پيا، بتي ٻري پئي،
    ڄڻ درد ڀري پئي!
    سچ اهو آهي ته شاعري بتي بڻجي سمهي پيل ماڻهن وٽ ٻرندي رهڻي آهي. رحيمداد جوڳي جي شاعر به بتي وانگي ٻرڻ جي صلاحيت ضرور رکي اڳتي هلندي ۽ صبح ٿيڻ جي خبر ضرور ٻڌائيندي، اهو سڀ هُن جي محبت تي ڇڏيل آهي.

    ايوب کوسو
    جهڏو


    غزل ( خواب سارا عذاب ٿي پيا!)

    خواب سارا عذاب ٿي پيا!
    جواب سارا عذاب ٿي پيا!

    ويا هوا سان گڏ هو پوپٽ،
    گلاب سارا عذاب ٿي پيا!

    ڏسي پئي هر هر مرڪي لِڪي لِڪي هوءَ
    حجاب سارا عذاب ٿي پيا!

    نقاب پويان لڪا جي هوندا
    جناب سارا عذاب ٿي پيا!

    مري ويو آهي هڪڙو ليکڪ!
    ڪتاب سارا عذاب ٿي پيا!

    ”رحيم“ سان تون ڪرين ٿو ليکا،
    خطاب سارا عذاب ٿي پيا!
    *


    نثري نظم

    اسان روزانو
    وڪرو ٿا ڪريون
    پنهنجي اکين جا خواب
    ۽ انهن جي عيوض
    خريد ٿا ڪريون
    زندگيءَ جي وقت جا
    اُهي پل
    جيڪي گذري ويندا
    ساهه کڻڻ ۾
    روئڻ کلڻ ۾
    پيئڻ جيئڻ ۾
    ۽ چنڊ ڏسڻ ۾ !
    *


    پُنرَ ملن

    لٽجي ويا آهيون وقت جي لٽ ۾
    ٻُڍاپي جي پيئري ۽ اداس شام
    ننڍپڻ جي آس بڻجي
    گهٽيءَ ۾ سانوري شام بڻجي آئي آهي
    ۽ ڏؤر کجين جا جهڳٽا
    اولهه ۾ ٻڏندڙ نوجوان سورج
    واهير ڏانهن موٽندڙ ڪنوارا پنڇي
    آس جي احساس کي تازو ڪري ويا آهن.
    پاڻ ٻيئي گم ٿيل
    وقت جي لٽ ۾ لٽجي ويل
    ڄاڻ دريافت ٿيڻ وارا آهيون!
    *


    وقت جي ڊوڙ ۾

    وقت جي ڊوڙ ۾
    روز نئون درد ٿا سهون
    هڪٻئي کان پري ٿا رهون
    نه ڄاڻ ڪڏهن ملنداسين
    وري خوش ٿي کلنداسين
    هي ظالم دنيا
    جنهن جي اکين ۾
    ڳاڙها مرچ نفرت جا
    هتي هرڪو انا ۾ ٿو گذاري!
    *


    سڄي دنيا

    سڄي دنيا
    جهرڪي جي اک
    بارودي دونهي ۾
    آسمان جو رنگ
    چٻري جي منهن جهڙو
    دنيا جي وحشي هٿن ۾
    امن جو پکي
    اکيون ٻوٽي
    ساهه ٿو ڏيئي!
    *


    هزار معنائون زندگي

    هزار معنائون زندگي
    ڄڻ هي رات جي خاموشي
    وڇوڙي جي عذاب جهڙي
    جڏهن دل اچي ٿي ڀرجي
    ته ڪجهه لکجي ٿو وڃي
    حال هن دل جو!
    ننڍپڻ گذري ويو
    راند ۽ روند ۾
    آيا ڏينهن جوانيءَ جا
    آهي هزار معنائون زندگي!
    ڪهڙو ڪهڙو حال لکجي
    تتل ڏينهن کي بڙجي ڇانءَ لکجي!
    يا وري سياري جي ڏنهن جي شام لکجي
    آهن لهندڙ سج ڏنا
    ڊگها ڊگها پاڇا کجين جا
    ڳوٺ جي گهٽين کي.
    ماڻهن سان ڀريل اوطاقون
    ويران ٿينديون پيو وڃن
    وڻن جي خاموشيءَ جهڙي
    زندگي پنهنجي!
    ڌرتيءَ ڄاوا صدين کان
    هڪٻئي جو وڇوڙو
    برداشت ڪندا پيا اچن!
    ملڻ جا ڏينهن
    ڄڻ ته هجن اکين جو خواب
    اڃان ڪيستائين ڀلا اسان کي برداشت ڪنديون
    هي بي جان ڀتيون گهرن جون!
    *


    اڻپوري سپني جيان

    اڻپوري سپني جيان
    هڪٻئي کان
    وڇڙي وينداسين
    ڪڏهن
    سوچيو به ڪونه هوندو
    ٻيهار ڪڏهن ملنداسين
    سوچيان ويٺو
    توکي ساري چنڊ ڏي نهاري!
    *


    نثري نظم

    نثري نظم
    اڄوڪا انسان اسين
    هڪٻئي جا واقف
    ۽ اڻ واقف ٿي
    شهر جون گهٽيون
    توڙي
    آسمان جا رستا گهمندا آهيون
    ڪڏهن خوشيءَ ۾
    ته ڪڏهن خوف وچان!!!
    *


    مٽيءَ جا لڙڪ

    پاڻ مدتن کان
    ٿڪل اکين جيان
    تنهائي جي ويرانين ۾
    ڄڻ ته هجون
    صحرائن جا پکي!
    چپن ۾ يادن جي پياس کڻي
    سيني ۾ درد جو رونقون رکي
    لهندڙ سج جي پاڇن پويان
    ڇڏي بي نشان پيرا ٽهڪن جا
    ڊوڙندا رهياسين
    زندگي جي روڊ تي
    هوائن سان گڏ
    ۽ ٽاريءَ ٽاريءَ مان خزان جي مند جا
    ڇڻيل سُڪا پن
    ٽهڪن جون تاڙيون ٿا وڄائن
    بهار اچڻ جي مند ۾
    هونءَ به سڄي عمر
    مٽي جي لڙڪن جي
    ساهه کڻڻ ۾ گذري وئي!
    *


    نئين دور جو پراڻو نظم

    ڏينهن ڏٺي جونه سهي
    اسان رات جي اونداهيءَ ۾ به
    ڪنهن جو خون ناهي ڪيو!
    نه ئي وري ڪنهنجو ٻنو سيريو آهي!
    نه ئي وري ڪنهن جي گهرجي
    لوڙهي ٻاهران بيهي
    ڪنهن کي خراب لفظ ڳالهايو هوندو!
    ۽ نه وري ڪڏهن ڪنهن
    پوليس واري کي ڏسي ڪو ٽهڪ ڏنو هوندو
    اسان نه وري ڪڏهن
    بيروزگاريءَ جو نرڙتي اشتهار لڳائي
    ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ڪندڙ
    ڪنهن فوجي آمر
    يا وري عوام جي ووٽ تي
    چونڊ جي آيل ڪنهن وزير اعظم جي
    خلاف
    شهر جي چؤڪ تي بيهي
    ڪا نعريبازي ڪئي هونديسون!
    اسان نه وري ڪڏهن
    ڪنهن سرڪاري باغ مان
    ڳاڙهي گل بدران
    گلاب جو ڪارو گل پٽيو هوندوسين!
    پوءِ به اسان روز ڊڄون ٿا
    پاڙي وارن کان
    شهر وارن کان
    گهر وارن کان
    دنيا وارن کان
    اڃان به گهڻو ڊڄون ٿا
    پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کان
    ڇاڪاڻ ته اسان تي گناهه مڙهيو ويو آهي
    هڪٻئي سان پيار ڪرڻ جو!
    *


    بي وفائيءَ جو نوحو

    بي وفائيءَ جو نوحو

    هوءَ ڇوڪري
    برسات کان پوءِ
    نيري آسمان تي
    جهرمر جهرمر ستارن
    جي شهر جهڙي ڇوڪري!
    جنهن وٽ منهنجو پيار هو.
    جنهن جي دل،
    صرف مون لئه ڌڙڪندي هئي!
    جنهن جون اکيون،
    سپنن کان خوبصورت هيون!
    جنهن مان وفائن جا
    ٽهڪ ڇڻندا هئا!
    هوائن جي جهوٽن تي،
    جنهن جي وارن مان،
    رابيلي گلن جي خوشبوءِ ساهه کڻندي هئي!
    جنهن جي گفتگوءَ مان،
    گلاب جا گل،
    تنوير جا ٽيڙو جهونگاريندا هئا!
    ٿوري ٿوري ڳالهه تان رسڻ ويل
    سنڌ جي خاموش ڌرتيءَ جيان،
    جنهن جي چهري مان،
    گلزار جا نظم پڙهڻ لاءِ ملندا هئا!
    ڳوٺ جي کجين مٿان،
    گذر ڪندڙ چنڊ
    ڪڏهن سوچيو به ڪونه هو ته،
    سنڌ سان،
    وفا جهڙي ڇوڪري
    اسان جي زندگيءَ کي
    بي وفائيءَ جو نوحو ارپي ويندي!
    بهار اچڻ جي مند ۾!
    تنوير:سنڌي ٻوليءَ جو اربيلو شاعر
    گلزار: اردو جو انوکو شاعر
    *


    نثري نظم

    ڇا بجليءَ جي روشني کانسواءِ
    ماڻهو انڌا آهن
    آسمان ۾
    چنڊ ٿو سوچي!
    *
    ڀت ۾ لڳل فوٽو
    خودڪشي ڇو نٿا ڪن
    ڪوڪن ڳالهايو
    *
    مان سُتل
    ۽ ڀر ۾ کليل
    ڪتاب
    ڪمري جو بلب ٿو پڙهي
    *
    شاعر
    جون
    اکيون
    سڄي عمر
    اڻپورو نظم
    *

    شاعر
    عورت جي اک
    جيئن ٻڪري جي وات ۾
    سڪل پاپڙا
    *
    سنڌ اسيمبلي
    واهه ۾
    ڪٻرين جا گهر
    جهرڪين جي اوطاق تي
    *

    ڊائريءَ ۾
    شاعري
    وڇڙي ويل دوست جي
    تازي چمي آهي!
    *

    سِتارا
    نيري اُڀ هيٺان
    چانڊوڪيءَ جا
    گيت ٿا ڳائن
    چنڊ
    ”اياز“ جي قبر مٿان
    سنڌ جي دردن جا نوحا ٿو لکي!
    *

    وقت جي ڊوڙ ۾
    زندگي
    مئل گهوڙي جو خواب!
    *
    وڇوڙو
    اکين جي آئيني ۾ درد
    سينگار ٿا ڪن!
    *

    آسمان ۾
    ستارا مري ويل ماڻهن جا
    جيئرا روح آهن!
    *
    آسمان ۾
    ستارا پينو فقير جون
    اکيون!
    *
    خاموشي
    خودڪشي جو
    ٻيو جنم
    *







    نثري نظم
    مون ننڊ وڪڻي،
    نظم ورتا،
    تون نظم کڻي وڃ،
    مون کي ڀاڪر ڏئي وڃ!
    *

    نثري نظم
    مٺا ماڻهو
    تکيون ڳالهيون
    اندر سڙي ٿو وڃي!
    ماڻهو مري ٿو وڃي!
    ٿي گل ڇڻي ٿو وڃي!
    رب کي وڻي ٿو وڃي!
    *


    نثري نظم

    اسان ڪجهه حاصل ڪرڻ خاطر
    سڀ ڪجهه وڃائي رهيا آهيون!
    مان ڪير آهيان؟
    تون ڪير آهين؟
    اچ ته هڪٻئي کي ڳولي لهون
    ته اسين سڀ مسافر آهيون
    هن ڌرتيءَ جا
    زندگي گذارڻ لاءِ پيا جيئون
    اسان جي ديس جا ماڻهو
    انهن سڀني ماڻهن سان محبت ڪن ٿا
    جيڪي مري ويا آهن
    مرڪ، ٽهڪ، خوشيون
    سڀ عارضي آهن
    ڪير ٿو چوي
    خاموشي مايوسي آهي
    هڪٻئي جون ڳالهيون ٻُڌي
    ۽ هڪٻئي جا چهرا ڏسي
    ٿڪجي پيا آهيون!!!
    *


    نثري نظم

    بهتر ٿيندو
    ته ماڻهن جي حرڪتن تي
    غصو نه ڪجي
    ته اهي جيڪو ڪجهه ڳالهائين ٿا
    ته اها انهن جي فطرت آهي
    ته اهي ڪهڙا آهن
    بيٺل پاڻيءَ ۾
    صاف نظر ايندڙ
    عڪس جهڙا آهن!!!
    *


    وائي : ڪنهن ڏي وڃجي يار

    وائي

    ڪنهن ڏي وڃجي يار
    جڳ ۾ ڪنهن جا آهيون!؟

    رات لڙي ٿي رُڃَ ۾
    راڻو ٻُڌي جي يار
    ڪنهن ڏي وڃجي يار
    جڳ ۾ ڪنهن جا آهيون!؟

    آهن ڦول نکار ۾
    دانوڻ ڀرجي يار
    ڪنهن ڏي وڃجي يار
    جڳ ۾ ڪنهن جا آهيون!؟

    ڪاش ملي هڪ بار
    سورڪو سلجي يار
    هن وٽ رهجي يار
    جڳ ۾ ڪنهن جا آهيون!؟
    جڳ ۾ ڪنهن جا آهيون! ؟
    *


    وائي : ٻار جيان آئون روئان، هوءَ کلي!

    ٻار جيان
    آئون روئان،
    هوءَ کلي!

    وائي ڏيئي
    گل وٺان،
    هوءَ کلي!

    پوپٽ پوپٽ جا،
    رنگ پسان.
    هوءَ کلي!

    کيس جڏهن
    اک ڀڃان
    هوءَ کلي!
    هوءَ کلي!
    *


    وائي

    وائي

    آءٌ پرين آءٌ
    موٽي رُت ملهار!
    هاڻي ڪيو پرچاءُ
    ماريو آ سوداءَ
    موٽي رُت ملهار!
    مُرڪي چنڊ پيو
    ساهن منجهه هُڳاءُ
    موٽي رُت ملهار!
    لکيو آ اخبار
    جوڳيءَ جو نانءُ
    موٽي رُت ملهار!
    آءٌ پرين آءٌ
    موٽي رُت ملهار!
    موٽي رُت ملهار!
    *


    وائي

    وائي

    شام لڙي ٿي،
    خاموشي آهي!
    ڏينهن پون ٿا،
    تانگهه وڌي ٿي،
    خاموشي آهي!
    مکڙيون مرڪن،
    ماڪ پوي ٿي،
    خاموشي آهي!
    ڪڙڇي ڪوڪي
    مند سڙي ٿي،
    خاموشي آهي!
    خاموشي آهي!
    *


    وائي

    وائي

    مُنهنجي طرفان
    ٻن ٽهڪن سان
    توکي سالگرهه مبارڪ!
    چنڊ کان سهڻي
    مُنهنجي سجنان
    توکي سالگرهه مبارڪ!
    جيون ماڻئين
    دل جي چنڊ سان
    توکي سالگرهه مبارڪ!
    مرڪي ڏسندينءَ
    جي چوندس مان
    توکي سالگرهه مبارڪ!
    توکي سالگرهه مبارڪ!
    *


    وائي

    وائي

    تنهنجي چاهه ۾
    منهنجي ساهه ۾، گيت گونجن پيار جا
    آيو چيٽ وري
    چنڊ جي جي راهه ۾ ، گيت گونجن پيار جا
    ڪينجهر هڻي ٽٻيون،
    نرمل نگاهه ۾ گيت گونجن پيار جا،
    تون ٿو اچين رحيم
    دل درياهه ۾ گيت گيت گونجن پيار جا!
    گيت گونجن پيار جا!
    *


    وائي

    وائي

    سکي جي پيار ۾
    سڏڪن ۽ سار ۾، گذري وقت ويو!
    شرميلائي ٻئي آهيون
    خالي نهار ۾، گذري وقت ويو!
    تون ٿي کٽڻ ڄاڻي
    ۽ مُنهنجو هار ۾، گذري وقت ويو!
    ساڀيائن جي آسري
    اڄ به انتظار ۾، گذري وقت ويو!
    گذري وقت ويو!
    *


    وائي

    وائي

    هوءَ نم جي ڇانوءَ ۾
    ڀرت ڀري پئي، ڄڻ درد ڀري پئي!
    سوچن جي سمنڊ ۾
    ياد تري پئي. ڄڻ درد ڀري پئي!
    هُن ساريو هوندو
    اک ڦري پئي، ڄن درد ڀري پئي!
    سڀئي سمهي پيا
    بتي ٻري پئي، ڄڻ درد ڀري پئي!
    شاعر جي ميز تي
    چانهه ٺري پئي، ڄڻ درد ڀري پئي!
    چنڊ پاڇو پويون
    رات لڙي پئي، ڄڻ درد ڀري پئي!
    ڄن درد ڀري پئي!
    *


    وائي

    وائي

    اماس راتين ۾، نيڻن سان گڏ
    جذبا جاڳن ٿا!
    هُن جي ساهن جا، ساهن سان گڏ
    جذبا جاڳن ٿا!
    هن جي ڳلڙن تي، لڙڪن سان گڏ
    جذبا جاڳن ٿا!
    ۽ بند لفافي ۾، شعرن سان گڏ
    جذبا جاڳن ٿا!
    چنڊ جي اوٽ ۾ پاڇن سان گڏ
    جذبا جاڳن ٿا!
    هوءَ مونسان ملي، سپنن سان گڏ
    جذبا جاڳن ٿا!
    جذبا جاڳن ٿا!
    *


    وائي

    وائي

    واهيري جي ويل
    آ ءٌ اڃا پنڌ ۾!
    رات ٻٻرن جي مٿان
    سِتارن جا کيل
    آ ءٌ اڃا پنڌ ۾!
    وڇوڙي جي گس تي
    ڏيئا ٻرن هيل
    آ ءٌ اڃا پنڌ ۾!
    اجهو اڀريو سج
    ڪري تيل ڦليل
    آ ءٌ اڃا پنڌ ۾!
    آ ءٌ اڃا پنڌ ۾!
    *


    وائي

    وائي

    اوڀر کان ٿو اڀري، روز نئون سج
    وقت نه ڪنهنجو يار!
    تون ڏي لهندڙ سج کي، اکين جو رنج
    وقت نه ڪنهنجو يار!
    ڪاوا ڪاوا زندگي، گوريءَ جو گج:
    وقت نه ڪنهنجو يار!
    ساهه سڏي ٿو توکي، اچ دير نه ڪج
    وقت نه ڪنهنجو يار!
    چنڊ به ٽپالي آهي، خطڙو ئي مُنج
    وقت نه ڪنهنجو يار!
    وقت نه ڪنهنجو يار!


    وائي

    وائي

    آئي ڙي آئي
    مند ملهاري!
    گڏجي ڳايون شاهه جي، وائي ڙي وائي
    آئي ڙي آئي
    مند ملهاري!
    گهوٽي ڏوگهينداسين، سائي ڙي سائي
    آئي ڙي آئي:
    مند ملهاري!
    آهي مارئي سنڌ جي، ڄائي ڙي ڄائي
    آئي ڙي آئي:
    مند ملهاري!
    ٿي آزاد وئي سنڌ، جائي ڙي جائي
    آئي ڙي آئي
    مند ملهاري
    مند ملهاري
    *


    وائي

    وائي

    مان خواب ٿو ڏسان
    روز نوان، اکين جي شهر ۾!
    سهڻا گلن جهڙا
    گيت چوان، اکين جي شهر ۾!
    تنهنجي ادائن تي،
    ساهه ڏيان اکين جي شهر ۾!
    تون ٿي چوين ڇو نه
    زهر پيان، اکين جي شهر ۾!
    روز ٿو جيان ۽ روز
    مري وڃان، اکين جي شهر ۾!
    ڪيئن توبن ڍولا
    کير پيان، اکين جي شهر ۾!
    گڏ مان ويٺو هيس،
    رحيم سان، اکين جي شهر ۾!
    اکين جي شهر ۾!
    *


    وائي

    وائي

    رات آڌيءَ تائين
    نيڻن نيڻن جون، ڳالهيون ٿيون چنڊ سان!
    جوان ٽهڪن سان جهٻيل
    ڳاڙهن ڳلن جون، ڳالهيون ٿيون چنڊ سان!
    ڪينجهر جهڙي جواني ۽
    بوسڪي بدن جون، ڳالهيون ٿيون چنڊ سان!
    پيار جي پار ڏي ويندڙ،
    سڀني رستن جون ڳالهيون ٿيون چنڊ سان!
    ڳالهيون ٿيون چنڊ سان!
    *


    وائي

    وائي

    شاعريءَ جي روپ ۾
    جهانجهر پائي آئي
    پيرن ڳالهايو!
    شاعريءَ جي روپ ۾
    سهڻن جي سونهن سان
    گيتن ڳالهايو!
    شاعريءَ جي روپ ۾
    هوءَ جي آڏو آئي
    نيڻن ڳالهايو!
    شاعريءَ جي روپ ۾
    ساڙولن جي ديس ۾
    پنهنجن ڳالهايو!
    شاعريءَ جي روپ ۾
    رحيم سان رحيم جي
    سڏڪن ڳالهايو!
    شاعريءَ جي روپ ۾ !
    *


    وائي

    وائي

    منهنجي سپنن ۾، مون سان هوندو آ پرين!
    ڏيهه ڏسي آهيون جدا
    مُنهنجي نيڻن ۾، مون سان هوندو آ پرين!
    ڪيئن ڀلايان مان ڏسو
    مُنهنجي لفظن ۾. مون سان گڏ هوندو آ پرين!
    جوڳي بڻجي ٿو رُلان
    مُنهنجي گيتن ۾ ، مونسان هوندو آ پرين!
    مون سان هوندو آ پرين!
    *


    وائي

    وائي

    اڄ دل ۾ لهي پيو،
    او سائين تنهنجو کلڻ!
    تنهنجي سندر مک تي
    ڪيڏو نه ٺهي پيو.
    او سائين تنهنجو کلڻ!
    مُنهنجي آهي هيءَ دعا
    ائين شال رهي پيو،
    او سائين تنهنجو کلڻ!
    ڪنهن جهرڻي جيءَ وانگيان
    هاڄڻ ته وهي پيو
    او سائين تنهنجو کلڻ!
    او سائين تنهنجو کلڻ!
    *


    وائي

    وائي

    چنڊ جي اوٽ، هوءَ ۽ مان!
    نيڻن نيڻن کي ڏني، عشق جي چوٽ
    چنڊ جي اوٽ
    هوءَ ۽ مان!
    چنڊ جو ٿي قسم، رات، جلدي نه موٽ
    چنڊ جي اوٽ
    هوءَ ۽ مان!
    خوشبو ساهن جي سيج، ۽ جذبا گهوٽ
    چنڊ جي اوٽ
    هوءَ ۽ مان!
    هوءَ ۽ مان!
    *


    وائي

    وائي
    تنهنجي نيڻن سان ملي
    پوءِ نيڻن، نهارون
    ڪيڏو ٻهڪن ٿيون پيون!
    مُنهنجي گهايل مَن ۾
    اڄ درد قطارون
    ڪيڏو ٻهڪن ٿيون پيون!
    مون وٽ ايندي اڄ سکي
    اڳواٽ سنڀارون،
    ڪيڏو ٻهڪن ٿيون پيون!
    تون وئين ته پوءِ پرين
    سيني ۾ سارون
    ڪيڏو ٻهڪن ٿيون پيون!
    سنڌوءَ لهندڙ سج ۽ پکين اُڏارون
    ڪيڏو ٻهڪن ٿيون پيون!
    ڪيڏو ٻهڪن ٿيون پيون!


    وائي

    وائي

    ايڏو درد فراق مان، ڪير پيو ڳائي
    اُٿي آڌي رات جو!
    عشق جي آتش ٿي، مونکي ستائي
    اُٿي آڌي رات جو!
    پاڻ پنهنجي ڏات کي ڏس تون پرچائي
    اُٿي آڌي رات جو!
    چنڊ کي ٿي چاندني، ڳانا پارائي
    اُٿي آڌي رات جو!
    اُٿي آڌي رات جو!
    *


    وائي

    وائي

    ساوڻ سيارو،
    ڳولا پرينءَ جي!
    نغما هوا جا،
    اُڀ جو نظارو، ڳولا پرين جي!
    پوپٽ گلن کان،
    جيڪو پيارو، ڳولا پرين جي!
    ڪيڏو وڻي ٿو
    چنڊ سان ستارو، ڳولا پرين جي!
    پاڇا وقت جا
    سمنڊ ۽ ڪنارو، ڳولا پرين جي!
    ڳولا پرين جي!
    *


    وائي

    وائي

    جيئن ئي اک کلي،
    خواب ويا اُڏري!
    چنڊ جيان مُرڪي پئي. هن جي نڪ ڦلي
    جيئن ئي اک کلي
    خواب ويا اُڏري!
    ڳوٺ ڏي موٽياسين، شهر رُلي رُلي
    جيئن ئي اک کلي
    خواب ويا اُڏري!
    لهرون لهرون ٿي، ڇولي ڇُلي ڇلي
    جيئن ئي اک کلي
    خواب ويا اُڏري!
    توسان پيار ٿيو، ويئي ڳاله هُلي
    جيئن ئي اک کلي
    خواب ويا اُڏري!
    *


    وائي

    وائي

    ڪونه مسافر موٽي ايندا،
    هوته ويا ورهين کي!
    آهون داهون واڪا ڪنديس
    ڪونه مئي جا سڏ ٻڌندا
    هو ته ويا ورهين کي!
    آئي مند موٽي گاهه ڦٽا
    ڀائر ڪنهن سان سو سليندا
    هو ته ويا ورهين کي!
    ڏينهن تتا آهن مينهن وٺا
    ساوڻ جا گل هيل به ٽڙندا
    هو ته ويا ورهين کي!
    هو ته ويا ورهين کي!
    *


    وائي

    وائي

    توڏانهن ايندي
    مور نه ٿڪجان ڪڏهن!
    پنهنجي هٿڙن سان
    گلڙا آڇيندي
    مور نه ٿڪجان ڪڏهن!
    چاندني رات ۾
    تارا ڳڻيندي.
    مور نه ٿڪجان ڪڏهن!
    ڪوتا راڻيءَ سان
    سور، سليندي
    مور نه ٿڪجان ڪڏهن!
    *


    وائي

    وائي

    رنگين يادن جي، نيري سمنڊ ۾،
    خواب ٿا ترن!
    عڪس مرڪي تنهنجو بگي چنڊ ۾،
    نيري سمنڊ ۾
    خواب ٿا ترن!
    شبنم جاڳي پئي، وليون ننڊ ۾
    نيري سمنڊ ۾
    خواب ٿا ترن!
    صدا فقيري، ڏي، پيار ونڊ ۾
    نيري سمنڊ ۾
    خواب ٿا ترن!
    ٻه گل پيا مرڪن، باغ جي ڪنڊ ۾
    نيري سمنڊ ۾
    خواب ٿا ترن!
    مستقبل ڄاوا هون، ننڍي کنڊ ۾
    نيري سمنڊ ۾
    خواب ٿا ترن!
    خواب ٿا ترن!
    *


    وائي

    وائي

    اکين جي نور سان، توکي ساري
    شاعري پيو لکان!
    ٻهراڙي ڳوٺ جي، ڏيئا ٻاري
    شاعري پيو لکان!
    يادن جي سمنڊ ، خواب تاري
    شاعري پيو لکان!
    اڙي چنڊ ترس ته، هوءَ نهاري
    شاعري پيو لکان!
    شاعري پيو لکان!
    *


    وائي

    وائي

    وڌي وڏا ٿي ويا، آسمان جيڏا
    پاڇا جُدائيءَ جا!
    ڇاتي ڇاتي ۾، درد هن ڪيڏا
    آسمان جيڏا
    پاڇا جُدائي جا!
    ساٿ ڇڏيندا وڃن، ساٿي هڪجيڏا
    آسمان جيڏا
    پاڇا جُدائي جا!
    چنڊ چيو”اڄ کان تون
    سڏاءِ يار ميڏا“
    آسمان جيڏا،
    پاڇا جُدائي جا!
    پاڇا جدائي جا!
    *


    وائي

    وائي

    دوست پڇن ٿا، منهنجي حياتي
    ڪيئن ٿي گذري!
    رُتِ بسنتيءَ، جهاتي پاتي
    مُنهنجي حياتي،
    ڪيئن ٿي گذري!
    چنڊ سِتارا گهر جا ڀاتي
    منهنجي حياتي
    ڪيئن ٿي گذري!
    چنڊ ورهه جو، اندر ۾ ڪاتي
    منهنجي حياتي
    ڪيئن ٿي گذري!
    *


    وائي

    وائي

    هٿ تري تي،
    تنهنجو نانءُ غزل!
    پوپٽ ۽ گلشن
    دل جي دري تي تنهنجو نانءُ غزل!
    ڊوڙي وقت پيو
    سوني گهڙي تي تنهنجو نانءُ غزل!
    جيئڻ لڳو هان
    دل ڌرتي تي، تنهنجو نانءُ غزل!
    سَرَ نسريا هن
    ڇوري ٿري تي، تنهنجو نانءُ غزل!
    هن سنڌ سموري
    ۽ شهر ٺري تي تنهنجو نانءُ غزل!
    تنهنجو نانءُ غزل!
    *


    وائي

    وائي

    روشنين جا مسافر
    اونداهين ۾ ڇڏي ڪاڏي وڃين پيو!
    سوين صدين جو سفر،
    نيڻن منجهه اڏي، ڪاڏي وڃين پيو!
    هو ڏس اُڀ مٿي.
    چوڏهين چنڊ ڪڏي، ڪاڏي وڃين پيو!
    هو صحرائن ۾ جوڳي
    توکي ٿو سڏي، ڪاڏي وڃين پيو!
    ڪاڏي وڃين پيو!
    *


    وائي

    وائي

    هٿن تي اکيون،
    پيرن تي چميون.
    دل چيو توکي ڏيان!
    ميلي تان آنديون اٿم
    رنگ رنگ چوڙيون،
    دل چيو توکي ڏيان!
    چنڊ جهڙي مکڙي تي
    وايون جي لکيون
    دل چيو توکي ڏيان!
    من اڳرتي جوڳي،
    خوشيون ٽڙيون، دل چيو توکي ڏيان!
    دل چيو توکي ڏيان!
    *


    وائي

    وائي

    ڪاوا پيا چمڪن
    گوري جي گج ۾
    اکيون اٽڪي پيون!
    پوياڙي پهتي،
    پکين جون هنج ۾،
    اکيون اٽڪي پيون!
    رات سِتارن جون
    چنڊ جي هنج ۾،
    اکيون اٽڪي پيون!
    *


    وائي

    وائي

    روشن تارن سان، جاڳي رات پئي!
    سهڻن نظارن سان
    مند بهارن سان، جاڳي رات پئي!
    چنڊ کي وئي وڻي
    مسجد منارن سان، جاڳي رات پئي!
    تنهنجي نيڻن ڀيٽا،
    مسجد منارن سان، جاڳي رات پئي!
    جاڳي رات پئي!
    *


    وائي

    وائي

    زندگي جي سفر ۾
    توکي وساري، ڪونه سگهندس مان!
    پينگهي ۾ اڪيلا
    گيت سمهاري، ڪونه سگهندس مان!
    اکين جي باغ مان
    سُپنا اُڏاري ڪونه سگهندس مان!
    ڏاڍي رات اُداس
    چنڊ ڏي نهاري، ڪونه سگهندس مان!
    رحيم تنهنجو نانءُ
    دل تان اُتاري، ڪونه سگهندس مان!
    ڪونه سگهندس مان!
    *


    وائي

    وائي

    تون دل جي مسجد مان
    وايون لکندو آهين
    مان توکي ڄاڻان ٿي!
    تون چنڊ جي کڙڪيءَ مان
    مونکي ڏسندو آهين، مان توکي ڄاڻان ٿي!
    تون سپنن سان گڏجي
    مون ڏي ايندو آهين، مون توکي ڄاڻان ٿي!
    تون پنهنجي جوڳي سان
    سرور سليندو آهين، مان توکي ڄاڻان ٿي!
    *


    وائي

    وائي

    چنڊ پڇي ٿو، مان ڪير آهيان!
    هوشهري ماڻهو
    ڳوٺ اچي ٿو
    چنڊ پڇي ٿو مان ڪير آهيان!
    پير سسئي جا
    عشق چمي ٿو
    چنڊ پڇي ٿو، مان ڪير آهيان!
    ڪويتا کي ڪوي
    اک ڀڃي ٿو
    چنڊ پڇي ٿو، مان ڪير آهيان!
    هو تنها تنها
    ڪير وڃي ٿو
    چنڊ پڇي ٿو، مان ڪير آهيان!
    مان ڪير آهيان!
    *


    وائي

    وائي

    اڙي او دوست!! تنهنجي منهنجي دوستي
    سدا امر رهندي!
    ڪينجهر جي ڪنارن، جوڙين رُتِ بسنتي
    سدا امر رهندي!
    هنڌ ۽ سنڌ وارن جي، سونهاري سنڌ ڌرتي
    سدا امر رهندي!
    ڪرندا سارا ڪوٽ سنڌوءَ جي مستي
    سدا امر رهندي!
    جيئي جيئي سنڌ، ٻالڪن ٻولي ٻاتي
    سدا امر رهندي!
    سدا امر رهندي!
    *


    وائي

    وائي

    توسان ملڻ جون حسرتون
    سي روح جون راحتون
    ڪاش تون اچين، ڪاش تون اچين!
    جنم جنم جون هن
    مورک من محبتون
    ڪاش تون اچين، ڪاش تون اچين!
    سانڍي ساهه نه،
    ٿو سگهان قربتون:
    ڪاش تون اچين، ڪاش تون اچين!
    ڪيڏيون هيڪل وياڪل
    چاهه چريون چاهتون
    ڪاش تون اچين، ڪاش تون اچين!
    وسري ويون جوڳي
    توريءَ عبادتون
    ڪاش تون اچين، ڪاش تون اچين!
    *


    وائي

    وائي

    خاموشي ويڙهي اُڀ تي سِتارا
    ڪنهنکي ڳولن ٿا!
    وڇڙي جا لڙڪ، اکين ۾ اُڌارا
    ڪنهنکي ڳولن ٿا!
    بادلن جي پويان ڪبوتر اُڃارا
    ڪنهنکي ڳولن ٿا!
    ڇا اُڀُ سوچي ٿو، ته چنڊ ۽ تارا
    ڪنهنکي ڳولن ٿا!
    سهاري اڪ جي لٺ، ماڻهو ڪراڙا
    ڪنهنکي ڳولن ٿا!
    آسمان ڏي ڏسي، مسجد جا منارا
    ڪنهنکي ڳولن ٿا!
    ڪنهنکي ڳولن ٿا!


    وائي

    وائي

    ڪينجهر ڪپ تي.
    گهاريل گهڙيون:
    الا وسرن ڪين ٿيون!
    ڇاتيءَ رکي ڪنڌ سُتا
    ڳالهيون مٺڙيون:
    الا وسرن ڪين ٿيون!
    ٿوري ڳالهه تي چڙي پوڻ،
    ڳالهيون ڪڙيون:
    الا وسرن ڪين ٿيون!
    جيجل جي جهولي خالي،
    روڄ ۽ رڙيون:
    الا وسرن ڪين ٿيون!
    *


    وائي

    وائي

    بهارن جي مند ۾، هوائن کي چمي
    سِتارا ٿا ڏين!
    گلن جيان هن جي، ادائن کي چمي
    ستارا ٿا ڏين!
    مان به انسان هان، خطائن کي چمي
    سِتارا ٿا ڏين!
    چنڊ ڏسندو رهيو، صدائن کي چمي
    سِتارا ٿا ڏين!
    خدا پيو مرڪي، دعائن کي چمي
    ستارا ٿا ڏين!
    ستارا ٿا ڏين!
    *


    وائي

    وائي

    ستارن آ رکي
    چنڊ سان دوستي!
    سرمئي شام جو، نظارن آ رکي
    چنڊ سان دوستي!
    شاعرن سنڌ جي، هزارن آ رکي
    چنڊ سان دوستي!
    اڪيلا هون اسان، پيارن آ رکي
    چنڊ سان دوستي!
    سمنڊ آئيني جيان، ڪنارن آ رکي
    چنڊ سان دوستي!
    *


    وائي

    وائي

    نيڻن جي ڌرتيءَ تي
    لڙڪن جي برسات، عيد جي رات!
    ارڙهن سالن ڄمار
    جاڳائي جذبات، عيد جي رات!
    من ۾ کورو کامي
    هر هر تنهنجي تات، عيد جي رات!
    سالن کان رٺل هئي
    پرچي پئي ڏات، عيد جي رات!
    عيد جي رات!
    *


    وائي

    وائي

    ڪڏهن ساڀيان ٿيندا
    تنهنجا مُنهنجا خواب!
    اليبيلي مُند سرنهن جي
    وک وک گڏ کڻندا
    تنهنجا منهنجا خواب!
    ڪيسين لڪي لوڪ کان
    روز ڀلا ملندا،
    تنهنجا منهنجا خواب!
    چنڊ ۽ تارن سان
    گڏ جي گيت چوندا،
    تنهنجا مُنهنجا خواب!
    مُرڪي پوندي ڪويتا
    جڏهن خوشبو ونڊيندا
    تنهنجا مُنهنجا خواب!
    تنهنجا منهنجا خواب!
    *


    وائي

    وائي

    صدين جي سفر ۾،
    جيون جي پونجي!
    ڪنهن کي ٿا پوڄيو،
    مسجد يا مندر ۾، جيون جي پونجي!
    جنت ۾ هون ويٺا
    دوست جي ڀر ۾ ، جيون جي پونجي!
    ڪنهنکي ٿو ڳولي
    تنها چنڊ شهر ۾، جيون جي پونجي!
    جيئون ٿا جوڳي
    هر ڪنهن جي نظر ۾ جيون جي پونجي!
    جيون جي پونجي!
    *


    وائي

    وائي

    ڪاڏي وڃين پيو
    رات موٽي پئي!
    چوڏهين جا چنڊ
    اڃان جاڳين پيو
    رات موٽي پئي!
    پين چپن تي رکي
    ڇا سوچين پيو.
    رات موٽي پئي!
    مُنهن وهاڻي ۾ ڏئي
    ڪيڏو ڳرين پيو
    رات موٽي پئي!
    رات موٽي پئي!
    *


    وائي

    وائي

    ڳاڙهي جوڙي ۾
    چنڊ مرڪي پيو!
    جهاتي هن پاتي
    پاڻيءَ گهڙي ۾
    چنڊ مرڪي پيو!
    ڪيڏو درد آ
    آواز مٺڙي ۾،
    چنڊ مرڪي پيو!
    چانڊوڪي رات جو
    ڀريل ٻيڙي ۾، چنڊ مرڪي پيو!
    چنڊ مُرڪي پيو!
    *


    وائي

    وائي

    چيٽ جي مند ۾
    چنڊ اڀ تي کِڙي، ياد مونکي ڪجان!
    مُک تنهنجي مٿان
    مُرڪ جڏهن ٽڙي، ياد مونکي ڪجانءِ!
    ڪوئي توکي ڇڏي
    روح تنهنجو رڙي، ياد مونکي ڪجان!
    ڪڏهن ڪنهن سان ڪٿي
    دل تنهنجي اڙي، ياد مونکي ڪجان!
    ياد مونکي ڪجان!
    *


    وائي

    وائي

    وقت جي وهڪري ۾، چنڊ پٺيان ڊوڙي پئي
    خوابن جي ساڀيان!
    پنهنجا نازڪ هٿڙا، هُن آڏو جوڙي پئي
    چنڊ پٺيان ڊوڙي پئي
    خوابن جي ساڀيان!
    ۽ چيٽ جي چانڊوڪي، جذبن کي روڙي پئي
    چنڊ پٺيان ڊوڙي پئي
    خوابن جي ساڀيان!
    مَنَ جي گهرائيءَ ۾ ڪي درد ولوڙي پئي
    چنڊ پٺيان ڊوڙي پئي
    خوابن جي ساڀيان!
    *


    وائي

    وائي

    رات جا تارا، چنڊ کي ٿا سڏن!
    هن گلابي رت جا،
    بسنتي اشارا، چنڊ کي ٿا سڏن!
    چانڊوڪي کي ڇهندڙ،
    سڀئي نظارا، چنڊ کي ٿا سڏن!
    مان اڳتي ٿو وڃان
    ۽ پٺيان چارا! چنڊ کي ٿا سڏن!
    چنڊ کي ٿا سڏن!
    *


    وائي

    وائي

    جوڳي تنهنجي، عشق ۾ وايون
    شاعر لکي ٿو!
    گيت گلن جا، پوپٽ ڳايون
    شاعر لکي ٿو!
    ساوڻ مند جون، ٻنيون سايون
    شاعر لکي ٿو!
    خوشي جا اڄ، ڀاڪرپايون
    شاعر لکي ٿو!
    سرتي چنڊ کي، ميندي لايون
    شاعر لکي ٿو!
    شاعر لکي ٿو!
    *


    وائي

    وائي

    ساريندي سپرين، اک ڇنڀ سان
    رات گذري ٿي وڃي!
    ٿونيري نڀ جا گيت، لکان
    رات گذري ٿي وڃي!
    دنيا جي ڪؤڙي، جيون سان
    رات گذري ٿي وڃي
    چنڊ تنهنجي ڪنهنکي، دانهن ڏيان
    رات گذري ٿي وڃي!
    ۽ وڇوڙو آهي، موت جيان
    رات گذري ٿي وڃي!
    رات گذري ٿي وڃي!
    *


    وائي

    وائي

    چنڊ ماڻئين جوڀن
    تارن جي ڄڃ:
    سهرا ڳائي ٿي!
    ڪاغذي ٻيڙي ۾،
    ٻارن جي ڄڃ:
    سهرا ڳائي ٿي!
    ٻه وڇڙيا مليا
    ڳارن جي ڄڃ:
    سهرا ڳائي ٿي!
    گوري مک تي ڪارن
    وارن جي ڄڃ
    سهرا ڳائي ٿي!
    سهرا ڳائي ٿي!
    *


    وائي

    وائي

    شاعر جي سوچن ۾
    سمنڊ ٿو اڀري
    گونگي پيار ڳالهايو!
    سِتارا ٿا مرڪن
    چنڊ ٿو اڀري
    گونگي پيار ڳالهايو!
    روز نئون عشق جو
    منڊ ٿو اڀري
    گونگي پيار ڳالهايو!
    *


    وائي

    وائي

    هوائن سان گڏجي
    اچي ٿو اچي، تنهنجا سڏڙا ٻُڌي!
    وقت پنهنجا پاڇا
    ڪڇي ٿو ڪڇي،
    اچي ٿو اچي تنهنجا سڏڙا ٻُڌي!
    چاهتن جو ميلو
    مچي ٿو مچي
    اچي ٿو اچي، تنهنجا سڏڙا ٻُڌي!
    شعر اڄ وري نئون
    رچي ٿو رچي
    اچي ٿو اچي، تنهنجا سڏڙا ٻُڌي!
    تارن سان چنڊ
    نچي ٿو نچي
    اچي ٿو اچي، تنهنجا سڏڙا ٻُڌي!
    ميوو محبت جو
    پچي ٿو پچي
    اچي ٿو اچي، تنهنجا سڏڙا ٻڌي!
    تنهنجا سڏڙا ٻڌي!
    *


    وائي

    وائي

    اڄ وري شايد، چنڊ کان ڪهاڻي
    ستارا ٿا ٻُڌن!
    ڌرتي جو بدن چمي، سنڌوءَ جو پاڻي
    چنڊ کان ڪهاڻي، ستارا ٿا ٻڌن!
    جهري جيءُ بانسري تي ڪويتا پراڻي
    چنڊ کان ڪهاڻي، ستارا ٿا ٻُڌن!
    جلوا ڏيئي نور جا، اک لڙڪن هاڻي
    چنڊ کان ڪهاڻي، ستارا ٿا ٻڌن!
    جڏهن ڪنهن کان رحيم رسي ٿي راڻي
    چنڊ کان ڪهاڻي، ستارا ٿا ٻڌن!
    ستارا ٿا ٻڌن!
    *


    وائي

    وائي

    هر روز شام جو
    پکين، قطار روئاري ٿي وڃي!
    ماڪ جي مهڪار ۾
    يار جي سار، روئاري ٿي وڃي!
    اُميدن جي آسري
    ڪا نئين بهار، روئاري ٿي وڃي!
    چنڊ جي نيڻن مان
    تنهنجي سار روئاري ٿي وڃي!
    روئاري ٿي وڃي!
    *


    وائي

    وائي

    چنڊ سان ٻوليندي
    گذري وئي رات!
    پهرين پيار جي پهرين
    خط کي کوليندي، گذري وئي رات!
    اُڀ تي تارن پويان،
    پاڻ کي روليندي، گذري وئي رات!
    تنهنجي سپنن سان،
    اکيون ٽوليندي، گذري وئي رات!
    گذري وئي رات!
    *


    وائي

    وائي

    ڪوري ڪاغذ تي
    لکجي ويو، رهجي ويل منظر!
    الهڙ جواني سان
    ٻکجي ويو، رهجي ويل منظر!
    يادن جي البم ۾
    رکجي ويو، رهجي ويل منظر!
    آهي ٽهڪن سان
    مکجي ويو، رهجي ويل منظر!
    رهجي ويل منظر!
    *


    وائي

    وائي

    پيار وارو پهر
    ڪيڏو پيارو ٿو لڳي!
    مون سان گڏ آهين
    مُنهنجو ننڍڙو گهر
    ڪيڏو پيارو ٿو لڳي!
    اويار تنهنجي ڪري
    مونکي تنهنجو شهر
    ڪيڏو پيار ٿو لڳي!
    محبتي ماترائن ۾
    وائي جو بحر، ڪيڏو پيارو ٿو لڳي!
    ڪيڏو پيارو ٿو لڳي!


    وائي

    وائي

    من جي وڻ تي
    ڪويل ٻولي، درد جي ٻولي!
    ساهه به توتان
    اولي گهولي
    ڪويل ٻولي درد جي ٻولي!
    هر ڪنهن جي اک
    چنڊ کي ڳولي
    ڪويل ٻولي، درد جي ٻولي!
    دوست ڇڏيو
    راهه ۾ رولي
    ڪويل ٻولي، درد جي ٻولي!
    درد جي ٻولي!
    *


    وائي

    وائي

    تنهنجا پڇائي ٿاڪ
    راهن جا رولاڪ
    پاڻ ٿياسين پاڻ!
    ٻانهن جي هارن جا
    ڪيئن ٿيا هيراڪ
    پاڻ ٿياسين پاڻ!
    تنهنجي وارن جي،
    غزلن جهڙي هاڪ
    پاڻ ٿياسين پاڻ!
    تون وٽ چنڊ جا چاڳ
    پاڻ ائين غم ناڪ
    پاڻ ٿياسين پاڻ!
    لڪي لوڪ ڪنان
    جوڳي ٿيا پياڪ
    پاڻ ٿياسين پاڻ!
    پاڻ ٿياسين پاڻ!
    *


    وائي

    وائي

    هر نئين صبح جو
    چمن ۾ گلاب
    خوشبو پکيڙن ٿا!
    اکين جي نورمان
    هن جا حجاب
    خوشبو پکيڙن ٿا!
    مان سُتو پيو هان،
    ۽ ڀر ۾ ڪتاب
    خوشبو پکيڙن ٿا!
    *


    وائي

    وائي

    ڳالهين ڳالهين ۾
    دردن جو تاج،
    تحفي ۾ ڏيئي وئي!
    ويندي ويندي هوءَ
    لڙڪن جو ڏاج،
    تحفي ۾ ڏيئي وئي!
    چيٽ واري چنڊ سان
    رحيم احتجاج
    تحفي ۾ ڏيئي وئي!
    *


    وائي

    وائي

    تنهنجي شهر ٺري ۾، رحيم رهي ٿو،
    تنهنجي شهر ٺري ۾!
    هر پل هر لمحي، سولي چڙهي ٿو
    تنهنجي شهر ٺري ۾!
    ڪير اُها آهي، هر ڪو پڇي ٿو،
    تنهنجي شهر ٺري ۾!
    چنڊ نه ڇڏي هيڪلو، گڏ گڏ هلي ٿو
    تنهنجي شهر ٺري ۾!
    تنهنجي شهر ٺري ۾!
    *


    وائي

    وائي

    نهاري نهاري
    ٿيا نيڻ ساڻا!
    ۽ واٽون اچڻ جون
    ٻهاري ٻهاري
    ٿيا نيڻ ساڻا!
    رنگن جون لڪيرون
    نظاري نظاري
    ٿيا نيڻ ساڻا!
    ٻنڀي تان ڪبوتر
    اُڏاري اُڏاري
    ٿيا نيڻ ساڻا!
    جواني نه رهندي
    اُچاري اُچاري
    ٿيا نيڻ ساڻا!
    *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 494
    ڪتابن جو مشاهدو: 470266
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 188398
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ