ڪتاب جو نالو: آزاد، روادار، جمهوري سنڌ
مصنف: نواز خان زئور
ڇپائيندڙ: آزادي اشاعت گهر (ميرپور بٺورو)
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 28 مئي 2017 ع
پڙهيو ويو: 438 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 167 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
نئون ڪتاب ”آزاد، روادار، جمهوري سنڌو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ شاعر نواز خان زئور جي فڪري ۽ سياسي مضمونن جو مجموعو آهي.هي ڪتاب آزادي اشاعت گهر ميرپور بٺورو پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون محترم عبدالعزيز زئور جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سمورا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • ـــ انگريز شاعر ملٽن.
  • سنڌ سلامت پاران :
  • مُهاڳ
  • ليکڪ پاران
  • جي. ايم. سيد
  • خوشحالي آزادي ۾ ئي ممڪن آهي
  • سنڌي قومپرستي جي اصل واٽ
  • پارٽيون عوامي ملڪيت هونديون آهن
  • ٻٽو مڪاني نظام سنڌ لاءِ ايئن خطرناڪ آهي، جيئن ننڍي کنڊ لاءِ ڌار اليڪشني سرشتو هو
  • جيئي سنڌ هلچل جي اختلافن تي مٿاڇري نظر
  • سنڌ ۾ سياسي اتحادن جو الميو
  • سر درِ قدم يار
  • بلوچن جو لانگ مارچ
  • گمشدگين واري معاملي کي ڪيئن منهن ڏجي!؟
  • پنجاب سامراج گهيري ۾
  • نظرياتي جمود مان نڪرڻ جي ضرورت
  • آزاد، روادار ۽ جمهوري سنڌ
  • قومي آزادي ۽ عورت
  • آزادي: عالمي ڪردار جو وسيلو

  • سمورا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    سمورا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: آزاد، رودار، جمهوري سنڌ
    ليکڪ: نواز خان زئور
    موضوع: سياسي/ فڪري مضمون
    ڇاپو: اپريل 2015ع
    ڇپائيندڙ: آزادي اشاعت گهر، ميرپور بٺورو، سنڌ
    ڪمپوزنگ: عنبرين زئور، مظهر زئور، برکا زئور
    مُلهه: 200/- رپيا







    AAZAAD, RAWAADAAR JAMHOORI SINDH
    , ،
    (Independent, Secular and Democratic Sindh)

    By: Nawaz Khan Zaor
    Published by: Azadi Ishait Ghar, Mirpur Bathoro, Sindh
    Composing: Anbrin Zaor, Mazhar Zaor, Barkha Zaor
    1st Edition April 2015
    Price Rs. 200/-


    ارپنا

    سياسي فڪري پورهيي کي عمر ارپيندڙ،
    قومپرستي، روشن خيالي ۽ سيڪيولرزم جي علمبردار،
    سائين جي ايم سيد جي ويجھي سياسي رفيق ۽ باذوق انسان
    مرحوم ارباب نور محمد پليجي
    جي نالي.

    عشق ڪرشما ڏيکاريا، دل
    ڪفر مٿان ايمان ڪري وئي.
    ڌرتي ڇا ڇا دان ڪري وئي،
    اوک ڏئي انسان ڪري وئي.
    (شيخ اياز)


    ـــــــــ نواز خان زئور


    ـــ انگريز شاعر ملٽن.

    It is better to reign in hell than to serve in heaven.
    “جنت ۾ غلامي ڪرڻ کان دوزخ ۾ حڪمراني ڪرڻ بهتر آهي.”

    ـــ انگريز شاعر ملٽن.


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”آزاد، روادار، جمهوري سنڌو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ شاعر نواز خان زئور جي فڪري ۽ سياسي مضمونن جو مجموعو آهي.
    ڪتاب جيئن ته مختلف مضمونن تي مشتمل آهي، ان ڪري مخلف مامرن تي بحث ڪري ٿو. جيتوڻيڪ ڪجھه اهڙا موضوع به آهن، جيڪي هڪٻئي کان سراسر مختلف آهن؛ پر مضمونن جي ڪتاب جي خوبصورتي ئي اها هوندي آهي ته اهو هڪ ئي وقت گھڻن مامرن تي بحث ڪندو آهي ۽ ڪيترن ئي ڳالهين جا رنگبرنگي ٿان کولي پڙهندڙن جي آڏو رکندو آهي. ان ڪري هن ڪتاب ۾ به موضوعن جي گھڻائي آهي، پر انهي گھڻائي ۾ به هڪڙي اهم هڪجهڙائي هيءَ آهي ته اهو مجموعي طور تي قومي تحريڪ ۽ قومي معاملن تي مخاطب ٿئي ٿو.
    هي ڪتاب آزادي اشاعت گهر ميرپور بٺورو پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون محترم عبدالعزيز زئور جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مُهاڳ

    يورپ ۾ نثر ۽ ايشيا ۾ شاعري لکڻ جو عمل عام آهي. نثر لکڻ به تمام وڏو ڏانءُ آهي. رڳو معقول، سادا ۽ معياري لفظ چونڊي، پوءِ انهن لفظن کي سٽن ۾ پوئڻ سان نثر جي تخليق نٿي ٿئي، پر هڪ هڪ لفظ جي ڳولا ڪرڻ، خيال جوڙڻ ۽ ان پويان همگير مطالعي، مشاهدي تجربي توڙي پيڙا ۽ درد سان ئي شاندار نثر تخليق ڪري سگهجي ٿو. سياسي ادب جي تاريخ جيتوڻيڪ تمام پراڻي آهي. آڳاٽي دور ۾ فڪري بحث مباحثا ڪرڻ جو عمل تمام گهڻو هو. جنهن سان سکڻ ۽ سمجهڻ جي سگهه وڌي رهي هئي. ڪجھه وقت اڳ سنڌ ۾ اهو هڪ عظيم الشان دؤر هو، جنهن ۾ فڪري بحث ٿيندا هئا، سهپ ۽ رواداري هوندي هئي، هڪ سياسي پارٽي جا ڪارڪن ٻي سياسي پارٽي جي ڪارڪن جا گهرا، گهاٽا ۽ پڳ مٽ دوست ۽ ساٿي هوندا هئا، تحرير، تقرير توڙي هڪ ٻئي جي لکڻين تي تنقيد خود تنقيد ٿيندي هئي، هڪ ٻئي سان سماجي تعلقات ۽ رشتا هوندا هئا. هي فڪري مقابلي بازي جو دؤر به هو ته هڪٻئي جي عزت ۽ احترام وارو دؤر به هو.
    نواز خان زئور جو هيءَ ڪتاب “آزاد، روادار، جهموري سنڌ” منهنجي بصارت هيٺ آهي. نواز خان زئور بنيادي طور تي 80 جي ڏهاڪي جي فڪري ۽ عملي دؤر جي پيداوار آهي. سندس تربيت سائين جي ايم سيد جي فڪر؛ شاھ لطيف، سچل، سامي، شيخ اياز، استاد بخاري جي شاعري ۽ عالمي ادب جي مطالعي مان ٿي آهي. ان کان علاوا قومي ڪارڪن ۽ سياسي اڳواڻ هجڻ جي حيثيت ۾ سنڌ جو جهر جهنگ جهاڳڻ لاءِ هن لطيف جي کاهوڙي ڪردار وارو عمل ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو نواز خان زئور يورپ ۽ ايشيا ۾ سرجندڙ نثر توڙي شاعري جي صنفن کان ڀلي ڀت آگاهي ۽ لکڻ ۾ اهم مهارت رکي ٿو.
    مون کي هن ڪتاب جي پڙهڻ مان محسوس ٿيو آهي ته ليکڪ بنيادي طور تي سنڌ ۾ علم، فڪر ۽ اخلاق جي ميدان ۾ آيل هن شديد بحران کي پروڙي ورتو آهي ۽ انهيءَ ڪري هن ڪتاب جي سمورن مضمونن جي چونڊ فڪري ۽ سياسي ڪئي اٿس. جيتوڻيڪ اڄوڪي دؤر ۾ نظرياتي مواد جي نهايت اهم ضرورت محسوس ٿي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته سائنس جي تحقيق موجب انسان جي وجود جو سفر لکين سالن کان هن ڌرتي تي ثابت ڪيو ويو آهي، پر ان سفر پويان چند ڏهاڪا اهڙا آهن جن جي اهميت تاريخ ساز چئي سگهون ٿا. ويجهي ماضي جو وڏي ۾ وڏو معجزو انفارميشن ٽيڪنالاجي آهي. هيءَ ڄاڻ انساني سماج تي مجموعي طور گهرا اثر وجهي رهي آهي. اها الڳ ڳالھه آهي ته هڪ طرف مهذب ملڪ پنهنجي سماج کي سکيو ۽ ستابو بنائڻ لاءِ ترقي جا ڏاڪا چڙهي رهيا آهن ته ٻئي طرف دنيا جي پوئتي پيل قومن کي غلامي جي پاتال ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش جاري آهي، جن کي ٽين دنيا جو لقب ڏنو پيو وڃي. اهي قومون جنگين، بيمارين، غربت، بک ۽ رياستي تشدد جي اجگر ديو آڏو بيوس ۽ پريشان آهن. شايد اهو ئي پسمنظر آهي جنهن ڪري سنڌي قوم سميت دنيا جون ڪي قومون غلامين جي ڌٻڻين ۾ ڦاٿل آهن، ۽ طاقت جي غير متوازن صورتحال قومن کي ايندڙ وقت جي ڏهڪاءَ واري هيجاني ڄار ۾ ڦاسائي وڌو آهي. خود ظالم ۽ جابر قومن کي ڳڻتي ورائي وئي آهي ته مظلوم قومن مٿان جيڪو جبر ۽ ڏاڍ جاري آهي، اهي دنيا کي غير محفوظ نه بڻائي ڇڏين. جڏهن ته مظلوم قومون سڌ سماءَ جي سڌريل نظام وسيلي ڄاڻ حاصل ڪري آزاد سج اڀارڻ لاءِ آتيون آهن ۽ اهڙي جنگ جا طبل هن طرح جي سياسي ڪتابن مان ٻڌڻ ۾ اچن ٿا.
    اڳتي ڄاڻايل سموريون لکڻيون بنيادي طور تي فڪري ۽ علمي بحث جي تناظر ۾ لکيل آهن. ان حوالي سان مان سمجهان ٿو ته هي ڪتاب سنڌ جي قومي فڪر ۽ دانش جي اڃايل عوام لاءِ پاڻي جو ڍڪ ضرور ثابت ٿيندو. اها ڳالھه هاڻي ڳجهي ناهي رهي ته سنڌ انتهائي وڏي بحران جو شڪار آهي، اجتماعي طور اسان وقت وڃائي چڪا آهيون. ليکڪ ڪوشش ڪئي آهي ته “آزاد، روادار، جهموري سنڌ” جي نالي سان هن ڪتاب ۾ انهي ڳالھه کي ثابت ڪري ته مڪمل آزادي کان سواءِ وطن جو عوام قطعي خوشحالي ماڻي نه ٿو سگهي. نه فقط اهيو پر مون جڏهن ڪتاب جو مطالعو ڪيو ته سنڌي قومپرستي جي اصل واٽ صاف، چٽي ۽ واضع انداز ۾ سامهون ڏٺي. سياسي پارٽين بابت هن ڪتاب ۾ جيڪو بحث ٿيل آهي اهو سنڌ جي مڙني سياسي پارٽين جو عڪس لڳي رهيو آهي. بلوچن جي لانگ مارچ ۽ سياسي ڪارڪنن جي گمشدگين بابت اڄوڪي دور ۾ لکڻ جي جرئت ڪرڻ پڻ انتهائي ڪٺن ڪم آهي؛ جيتوڻيڪ ليکڪ پاڻ کنڀي گم ڪرڻ بعد عذابن جي ٻاٽ اونداهين ڪوٺڙين مان خوف، جبر ۽ تشدد جا سڀ طور طريقا سهڻ بعد جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ پنهنجي جواني جا ڏينهن ۽ راتيون گهاري آيو آهي.
    انهي ۾ ڪو شڪ ناهي ته مذهب انسان جي ترقي ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. مذهب ئي معاشري لاءِ ضابطئه اخلاق جوڙيو. سماجي قانون ۽ تصور ڏنا. رهڻي، ڪهڻي، رسم ۽ رواج، ڀڳتي، يوگا، تصوف، فلسفو وغيرهه مذهب جي ڪري ئي سماج ۾ عام ٿيا. پراڻن خيالن، نظرين ۽ سائنسي دليلن جي وچ ۾ عالمي تضاد جي اڄوڪي انتهائي اهم دؤر ۾ هي نهايت ضروري ٿي پيو آهي ته رواداري جهڙي اهم واٽ تي هلندي دنيا کي امن جو پيغام ڏجي. ڇاڪاڻ ته رواداري سچ، محبت، پيار، آشتي، امن، اتحاد، پاڪيزگي ۽ مسرت جا بنياد مهيا ڪري ٿي. اهڙي علم سان انسانيت ترقي جا ڏاڪا چڙهي امن ۽ ڀائيچاري کي ڇهي سگهي ٿي. هن سان انسانيت اندر مڙني مذهبن عقيدن ۽ نظرين ۾ هڪجهڙائي ۽ اتحاد جي فضا قائم ڪري سگهجي ٿي.
    سياسي تحريرن ثابت ڪيو آهي ته علم، عمل ۽ اخلاق جي بيپناهه خزاني سان آزادي جو سج اڀاري سگهجي ٿو. هن ڪتاب جو پهريون مضمون “خوشحالي آزادي ۾ ئي ممڪن آهي”، جنهن مان معلومات ملي ٿي ته آزاد دنيا ۾ غربت ۽ بدحالي جا سبب پيداواري عمل سان جڙيل آهن، جڏهن ته غلام ملڪن ۾ غربت ۽ بدحالي قومي جبر ۽ ڏاڍ جي ڪارڻ هجي ٿي. ليکڪ جو هي خيال انتهائي اهم آهي ته قومن جي خوشحالي آزادي ۾ ئي ممڪن آهي. ڇاڪاڻ ته پاڻ رڳو پاڪستان جي وفاقي بجيٽ جو مثال وٺنداسين ته وفاق کي 80 سيڪڙو سنڌ ڏئي ٿي، جڏهن ته پاڪستان جو 69 سيڪڙو گئس ۽ 75 سيڪڙو تيل پڻ سنڌ پيدا ڪندي رهي ٿي، ان جي باوجود سنڌ جا اڪثر ڳوٺ گئس کان محروم آهن. جڏهن ته سنڌو دريا تي ڊيم تعمير ڪري بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي پر سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت سندس سڀ شهر اونداهي ۾ ٻڏل آهن.
    سنڌ حڪومت جي سالياني بجيٽ جيڪا 580 اربن کان وڌي وئي آهي، رڳو ڪوئلي جي پيداوار مان ئي ٻن ڏهاڪن تائين سنڌ جي بجيٽ ٺاهي سگهجي ٿي ۽ جيڪڏهن سنڌ جي ڪل آبادي 6 ڪروڙ مڃي به وٺجي ته به هر هڪ فرد کي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ رقم ملي سگهي ٿي. ان جي باوجود سنڌ پنجاب وٽ غلام آهي. آزاد ۽ غلام قوم وچ ۾ فرق ايئن پسي سگهجي ٿو ته غلام سنڌ جي يتيم پڻي تي ماڻهن کي ماتم ڪندي ڏسجي، آزاد پنجاب جي فيل مست عوام کي طالبان تحريڪ ۾ مستيون ڪندي محسوس ڪجي، يا اڃان هيئن کڻي چئون ته سڄي دنيا مان ايندڙ ڌارين کي ائين موڪليو پيو وڃي جهڙوڪ سنڌ ڪو عالمي يتيم خانو هجي. ڪراچي جيڪا ورهاڱي وقت ڪجهه لک ماڻهن جو شهر هئي، اڄ اها 2 ڪڙوڙ آبادي کي پنهنجي سيني ۾ سمائي چڪي آهي، ان جي باوجود به وري حڪمران بحريا ٽائون ۽ ذوالفقار آباد جهڙا خطرناڪ منصوبا جوڙي سنڌي ماڻهن کي هميشه لاءِ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ گهرن ٿا، ته جئين غلام سنڌي ماڻهو پنهنجي ڌرتي سنڌ تان حق حاڪميت کان هميشه لاءِ محروم ٿي وڃن ۽ عالمي فورمن تي ڪڏهن به سنڌ جو ڪيس رکڻ جي پوزيشن ۾ نه هجن ۽ پوءِ رياستي دلال ۽ ڌاريا اقوام متحدا ۾ سنڌ جا وارث بنجي وڃن؛ سنڌ جا سمورا وسيلا 230 ارب ٽن ڪوئلو ، بيپناهه گرينانيٽ، يورنيم، پيٽرول، تيل، گيس ۽ ٻي معدنيات تي پنجاب قبصو ڪري وٺي، نه فقط اهو پر پاڪستان جي قائم رهڻ ڪري سنڌ جي موجوده جاگرافيائي حدن جي تقدس ۽ احترام سان هٿ چراند جاري رهندي اچي.
    مٿيان انگ اکر ثابت ڪن ٿا ته غلامي جي زنجيرن دوران غلام قوم جي فردن وٽ پيڙا، درد ۽ جبر کانسواءِ ٻي ڪا واٽ ناهي هوندي. جڏهن معاشرا آزاد ناهن هوندا، تڏهن رواداري ۽ خوشحالي يا جهموري سرشتو خواب مثل لڳندا آهن. غلام قوم وٽ فقط قومپرستي جي هڪ اهڙي واٽ هوندي آهي جنهن تي هلندي هو آزاد معاشري ۾ پير پائي غلامي جا سڀ زنجير ٽوڙي رياستي جبر مان جان آجي ڪرائين ٿا. ڇاڪاڻ ته آزادي پسند قومپرستي حقيقي قومپرستي هجي ٿي .تنگ نظر، اقتدار پرست ۽ موقعي جي تاڙ ۾ ويٺل قومپرست ناهن هوندا. 80 ۽ 90 جي ڏهاڪي ۾ جن ماڻهن مذهب جي نالي ۾ جماعتون قائم ڪيون، تن اهي مذهبي دڪان قومپرستي خلاف هٿيار بنائي استعمال ڪيا. مزدورن ۽ هارين جون ڳالهيون ڪندڙ مارڪسسٽ به هميشه آزادي جا مخالف رهيا، پاڪستان جي جوڙ جڪ جي ته هندستان مان ويهي حمايت ڪئي وئي، پر جڏهن اوڀر بنگال پنجاب سامراجيت کان نجات ماڻي رهيو هو ته لاهور ۾ ويهي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان ان جي مخالفت ڪئي.
    “پارٽيون عوامي ملڪيت هونديون آهن” جي عنوان سان جيڪو مضمون آهي، سو فڪري ۽ نظرياتي بحث جي دعوت ڏئي ٿو. منهنجو خيال آهي ته نظرياتي طور جيڪڏهن پاڻ پارٽي جي وصف ڏسنداسين ته سنڌ ۾ ڪا به مڪمل سياسي پارٽي موجود ناهي. حيرت ته هن ڳالھه تي آهي ته جيڪي پارٽيون سنڌ جي آزادي جون دعويدار آهن انهن وٽ سنڌ جي اڌ کان وڏي آبادي جيڪا عورت تي مشتمل آهي، تنهن جي ٻه سيڪڙو نمائندگي به پارٽين اندر ناهي. نه فقط اهيو پر قومپرست پارٽين ۽ جمهوريت جي دعويدار پارلياماني پارٽين وٽ ته ملڪ جي اڪثر آبادي هارين ۽ پورهيتن لاءِ زرعي سڌارن بابت منشور ۾ ڪو به پروگرام ڪونهي. هاڻي جيڪڏهن زرعي سڌارا ۽ عورتن جي شرڪت جا معاملا سڌا ناهن ٻنهي نظرين وارين پارٽين وٽ، ته پوءِ پڪ سان چئي سگهون ٿا ته هنن وٽ نه آزادي ۽ نه ئي وري جهموريت بابت ڪو واضع موقف آهي ۽ نه وري ڪا حڪمت عملي يا تدبيري واٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جڏهن پارٽين وٽ سائنسي پارٽي جا لواز مات ئي ڪونهن تڏهن پڪ سان چئي سگهون ٿا اهي سڀ تبديلي آڻيندڙ سگھه ناهن. رڳو عدم تشدد جي واٽ وٺڻ يا فقط پارلياماني مورچو سنڀالڻ يا رڳو گوريلا تحريڪ سان تبديلي ممڪن ناهي. تبديلي آڻيدڙ سگھه هڪ سياسي پارٽي ئي ٿي سگهي ٿي، جيڪا پنهنجي جوهر ۾ مڪمل انقلابي پارٽي هجي. چار ڏهاڪا گذري ويا پر اسان اڃان تائين هڪ مڪمل قومپرست انقلابي پارٽي جوڙي ناهيون سگهيا. بدقسمتي ته هي آهي جو اسان وٽ پارٽيون شخصيت پرستي جي سحر ۾ ٻڏل هونديون آهن، جنهنڪري ويچارا ڪارڪن اهو به ناهن سوچيندا ته ڪا اجتماعي قيادت هجي يا ڪو متبادل جوڙجي ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي اهي شخصيتون 20 واٽن تي گامزن ٿي پونديون آهن. پارٽين اندر ڪمينٽمنٽ رکندڙ ساٿين خلاف سازشي ٽولا سرگرم ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي فقط هڪ شخص جو اعتماد وٺي سوين تبديلي ۽ انقلاب جا خواب چڪنا چور ڪيا ويندا آهن. جيستائين پارٽيون شخصي ملڪيت هونديون تيستائين اڳواڻ جا خيال ان جون سوچون پارٽي اندر هلنديون، پارٽيون اجتماعي سوچ ۽ اجتماعي خيالن جي وهڪري مان سيراب ٿي نه سگهنديون. جنهن سبب پارٽين اندر ٽڪراءُ دوستي وارا نه پر دشمني وارا ڀڙڪو کائين ٿا. اهڙي عمل مان رياستي ڳجها هٿ پڻ فائدو وٺن ٿا.جيئي سنڌ اندر پڻ اهڙا تمام گھڻا واقعا ملن ٿا. هاڻي ته خود ڏهاڪن کان قائم جيئي سنڌ جا مثالي جمهوري ادارا پڻ سواليا نشان بڻجي چڪا آهن.
    سنڌ اندر سياسي پارٽين کان پوءِ خود سياسي اتحاد پڻ سازشين جو شڪار ٿيندا رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته اهڙن اتحادن ۾ سڀ اهي پارٽيون شامل ٿين ٿيون، جيڪي خود شخصيت پرستي جي محور ۾ جڪڙيل هجن ٿيون. انهي ڪري اتحاد به سياسي پارٽين جيان وڏين ۽ ننڍين شخصيتن ۾ ورهايل هوندا آهن. ان کان علاوا هڪڙيون پارٽيون سڄي عمر اتحاد لاءِ ٻاڪارينديون ۽ پوءِ جڏهن مضبوط اتحاد جڙندا فيصلائتي جدوجهد جي گھڙي ايندي ته اهي ڄآڙي باز وري اتحاد خلاف ڀنڊي ٻاريندا ۽ اتحاد کي ٽوڙي ٻين خلاف غلط پروپيگنڊا جا طوفان کڙا ڪري وٺندا. جنهنڪري سنڌ ۾ قومپرست اتحادن جي تاريخ ڪا سونهري تاريخ ناهي. حالانڪ سنڌ هڪ ملڪ آهي، ان جي پنهنجي تاريخ ۽ تهذيب آهي، انهي ڪري سنڌ ۾ فلسطين جيان پي ايل او جهڙو طاقتور آزادي پسند اتحاد اشد ضروري آهي، ان لاءِ ڪوششون ٿيڻ گھرجن.
    سنڌ اندر مذهبي ۽ سيڪيولر نظرين جو ٽڪراءُ سوين سال پراڻو آهي، ان جو پاڙون ڪلهوڙن ۽ شاھ عنايت جي تحريڪن ۾ کتل آهن. شاھ عنايت شهيد “جو کيڙي سو کائي” جو اقتصادي پروگرام ڏنو. جڏهن ته ان جي سڄي تحريڪ انتها پسندي جي مخالف هئي. انهي ڪري هي ٽڪراءُ فڪري ۽ معاشي هو. ساڳي ريت ڏسئون ٿا ته مخدوم بلاول جي بلاولي تحريڪ به ڪٽرپڻي خلاف هئي.
    هن ڪتاب ۾ کنڀي گم ڪرڻ توڙي بلوچن جي لانگ مارچ متعلق مضمون شامل آهن. ويجهي ماضي ۾ هڪ ڏهاڪي کان رياستي دهشتگردي جو هي نئون روپ سڄي دنيا آڏو آهي. هيءَ ڪرت تاريخ ۾ بار بار دهرائبي رهي آهي، نازي، ساواڪ، موساد ۽ اهڙا ٻيا ادارا هن قسم جو عمل ڪندا رهيا آهن. پر 2 سال اڳ گڏيل قومن طرفان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي وارثن کان معلومات وٺڻ لاءِ آيل ٽاسڪ فورس سنڌ ۽ بلوچستان مان 25 هزار ماڻهو کنڀي گم ڪرڻ جا انگ اکر ڏنا هئا، جن۾ خود هن ڪتاب جو مصنف به شامل هو. ان مان واضع ٿئي ٿو ته سنڌ ۽ بلوچستان اندر رياستي جبر جي انتها آهي. توتڪ ۾ اجتماعي قبرون ۽ کوهن ۾ لاش ڦٽا ڪري ڪيميڪل هاري باھ ڏيڻ يا وري باکوڙي ۽ ڀريا جهڙا هنيانءَ ڏاڙيندڙ واقعا، جن ۾ سرائي قربان کهاوڙ، روپلو چولياڻي، نورالله تنيو، مقصود خان قريشي، سلمان وڌو کي انتهائي بي دردي سان گوليون هڻي قتل ڪري پوءِ سندن تڙپندڙ جسمن کي انتهائي بي رحمي سان باھ ڏئي ساڙيو ويو ۽ جڏهن بلوچستان جي گادي واري هنڌ ڪوئيٽا کان اسلام آباد تائين ماما قدير بلوچ ۽ ٻين بلوچ نياڻين لانگ مارچ ڪيو ته بار بار کين مارڻ جون ڪوششون ڪيو ويون. کين ٽي وي چينل تي ڪوريج ڏيڻ جي ڏوھ ۾ جيو ٽي وي جي اينڪر حامد مير کي گوليون هنيون ويون. هتي پارليامينٽ، عدالتون ۽ وردي پوش رياست جا پرزا آهن، جن جو ڪم عوام ۽ قومي ڪارڪنن کي ڪچلڻ آهي. آزادي جي رستي تي هلندڙ سنڌي ۽ بلوچ قومن مٿان رياستي عذاب هڪ گھڙي به هٽڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي. دنيا ۾ قومون آزادي جي واٽ تي هلندي بي پناھ قربانيون ڏينديون آهن، پر انهن قومن جي قربانين بعد انهن جون پارٽيون سندن سياسي وارث ۽ قومي اڳواڻ انهن قربانيون ڏيندڙ ڪارڪنن جي ڪٽنب، دوستن، عزيزن ۽ ساٿين کي همتن ۽ جرئتن سان اڳيان وٺي هلندا آهن ۽ ڌرتي توڙي وطن جي آزادي لاءِ جدوجهد کي اڃان وڌيڪ منظم ۽ مربوط انداز ۾ هلائيندا آهن. اسان جو عوام وطن دوستي جي حب رکندڙ آزادي پسند هڪ اهڙو سرواڻ آهي جنهن کي دنيا جي ڪا به طاقت ۽ طوفان روڪي نه ٿا سگهن، پر جيڪا سڀ کان وڏي بد قسمتي آهي سا اها آهي ته اسان گھڻ طرفي ظلم ۽ جبر جو شڪار آهيون؛ نظرياتي ڪمزوريون، پارٽي جو مڪمل نه هجڻ، ڪمينٽمينٽ جي کوٽ ۽ جاگيردار معاشرو؛ اهي سڀ غيبتون بهرحال آزادي جي راھ ۾ وڏي رڪاوٽ آهن. اها الڳ ڳالھه آهي ته اسان وٽ سنڌ دوستي جيان جهموريت پسندي، سهپ ۽ رواداري جي شاهدي ته 3500 سال قبل مسيح موئن جي دڙي جي تهذيب ڏئي ٿي. انهي ڪري اسان سمجهون ٿا ته روادار ۽ جمهوري معاشري جوڙڻ جا ته تمام وڏا امڪان موجود آهن. پر جيستائين اختيار ۽ اقتدار سنڌين وٽ نه هوندو، تيستائين سهپ ۽ رواداري تي وان،ا وزيرستان ۽ لال مسجد کان لڏي آيل انتها پسندي جا حملا ٿيندا رهندا. انهي ڪري آزاد وطن ۾ ئي رواداري ۽ جمهوريت جا خوشبودار ٻوٽا پوکي سگھجن ٿا. سنڌ سهپ ۽ رواداري جهڙي معاشري ۾ هزارها سال گذاريا آهن. اڄ جڏهن سڄي خطي ۾ بلڪ پوري دنيا ۾ انتهاپسندي عروج تي آهي، پاڪستان طالبان تحريڪ، پنجاب طالبان تحريڪ، لشڪر جهنگوي، سپاھ صحابه جهڙا هٿياربند جٿا موجود آهن، اهڙي دور ۾ جڏهن سنڌ ۾ هڪ فقير منش انسان صادق فقير جو ايڪسيڊنٽ ۾ موت واقع ٿئي ٿو يا ڀريا واقعي ۾ مقصود خان قريشي ۽ سلمان وڌي کي گولين هڻڻ بعد باھ ڏني وڃي ٿي ته ڪراچي جي تبت واري روڊ توڙي ٿرپارڪر جي مٺي هاءِ اسڪول ۾ لکين ماڻهو گڏ ٿين ٿا، عورتون ۽ مرد، هندو ۽ مسلمان، شيعا ۽ سني، سڀ هڪ صف م بيھي جنازي نماز ادا ڪن ٿا، اها آهي سنڌ جي رواداري. پر آزاد سنڌ ۾ سنڌ جي سهپ ۽ رواداري بابت مهنجي رهبرِ اعظم سائين جي ايم سيد واضع چيو آهي ته سنڌ اهو ملڪ آهي جيڪو سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرائي سگهي ٿو. سائين اهو پڻ صاف چيو آهي ته سنڌو ديش اسانجي منزل ناهي، پر سنڌو ديش جو پليٽفارم سڄي دنيا جي بني نوع آدم لاءِ امن جي جدوجهد جاري رکڻ جو ذريعو آهي.
    هن وقت ته زرعي معاشري اسان جي عورت کي ٻٽي ظلم جو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي. مرداڻي سماج جي موجودگي عورتن جي ترقي کي محدود ڪري ورتو آهي، جنهڪري قومي آزادي جي ويڙھ ۾ عورتن کي حصو وٺڻ ۾ انيڪ مشڪلاتون درپيش آهن. قومي آزادي جي ويڙھ سنڌ جي اڌ آبادي عورت کانسواءِ وڙهڻ ممڪن ناهي. انهي ڪري قومي تحريڪ کي عورتن جي سوال تي انتهائي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو.
    مجموعي طور تي سنڌ جي انتهائي اهم موضوعن تي هن ڪتاب ۾ بحث ٿيل آهي، جيڪي اڄوڪي سنڌ جا اهڙا عنوان آهن جن سان نئين سنڌ جوڙي سگهجي ٿي. نئين سنڌ لاءِ جديد سنڏ جي باني سائين جي ايم سيد جي فڪر جي روشني ۾ جن معاملن کي نواز خان زئور ڇهيو آهي، ان مان ليکڪ جي سنجيدگي جي پروڙ پوي ٿي. بنيادي طور تي هن ڪتاب جو جيڪو آخري موضوع آهي“آزادي: عالمي ڪردار جو وسيلو”، ان حوالي سان سنڌي قوم کي سنڌ جي آزادي بعد دنيا جي ڀلائي، حسناڪي، امنِ عالم، ترقيءِ بني آدم، بقاء باهمي ۽ اتحاد انساني لاءِ پنهنجو عالمي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. پر مان سمجهان ٿو ته شهيد بشير خان ريشي عالمي قوتن کي مخاطڀ ٿيندي 23مارچ 2012ع ۾ اهو چيو هو ته سنڌ جو 6 ڪروڙ عوام 1940 جي قرارداد کي انهي ڪري رد ٿو ڪري ته 64 سالن ۾ پاڪستان قومن جي هن عظيم عهد نامي تي عمل ناهي ڪيو ۽ هن گڏيل قومن ۾ ويٺل ويٽو پاور رکندڙ ملڪن جا نالا کڻي چٽي انداز ۾ اها ڳالھه ڪئي هئي ته هاڻي سنڌو ديش جي قيام لاءِ اسان جي مدد ڪئي وڃي. انهي حوالي سان سمورين قومپرست آزادي پسند قوتن کي گھرجي ته هو طاقت کي يڪجا ڪن ۽ آزادي جي ويڙھ لاءِ نئين حڪمت عملي ۽ تدبيري واٽ جوڙين. اهو ئي هڪ رستو بچيو آهي جنهن سان سڄي سنڌ کي متحد ۽ منظم ڪري رياستي شوشن تي جدوجهد ڪرڻ بجاءِ سنڌ وطن جي آزادي جي گھڻ طرفي همگير جدوجهد ڪئي وڃي. بهرحال هي ڪتاب قومي ڪارڪنن لاءِ انتهائي اهم سياسي ۽ نظرياتي مواد مهيا ڪري ٿو. انهي ڪري قومي ڪارڪنن کي گھرجي ته وڌ مان وڌ ساٿين سان گڏجي هن ڪتاب جو مطالعو ڪن.
    پنهل ساريو
    2 اپريل 2015
    حيدر آباد


    ليکڪ پاران

    هڪ سپني جي ساڀيا جي پنڌ تي

    منهنجو هڪ عظيم سپنو آهي، جنهن سپني جو نالو سنڌ جي آزادي آهي. آئون انهي سپني سان ايتري محبت ڪندو آهيان جو انهي جي ساڀيا جي پنڌ تي هلندي ڪيتريون ئي واٽون ووڙيون اٿم، ڪيترائي رڻ اڪريا اٿم، ڪيترائي جبل جھاڳيا اٿم، ڪيترائي لڪ لانگھا لنگھيا ۽ تڙ اوتڙ اوليا اٿم، جدوجهدن ۾ هليو آهيان ۽ نور نچويو اٿم. مون ان سپني جي ساڀيا لاءِ پنهنجن پيرن کي جدوجهد جي پرواز پئي عطا ڪئي آهي ته جيئن آزادي کي اوڏڙو ٿي سگھان، پنهنجي شعور کي ڏيئا ڏيئا ڪري پئي ٻاريو آهي، ته جيئن آزادي جي راهن کي وڌيڪ روشن ڪري سگھان ۽ انهي روشني ۾ منهنجي قوم آزادي جي لال ڪنوار جو سدا سهڻو من مهڻو مُکڙو چٽائي سان ڏسي سگھي ۽ سندس دل ۾ ان جي حاصلات لاءِ سچي تڙپ پيدا ٿي سگھي. مون پنهنجي تحرير توڙي تقرير ۾ انهي دلڪش چهري جي جلوي نمائي پئي ڪئي آهي. زيرِ نظر ڪتاب پڻ انهي سپني جي ساڀيا جي پنڌ تي وڌايل وک آهي.
    جڏهن ڪنهن به سماج جي اندر سياست ڪمزور ٿي ويندي آهي ۽ سياسي عمل لاٿ جو شڪار ٿي ويندو آهي، تڏهن سياسي ادب جي سرجڻ جي رفتار پڻ ڍري ٿي ويندي آهي. ڪو وقت هو جو سنڌ اندر سياسي نظرياتي بحث مباحثا تمام وڏي پئماني تي ٿيندا هئا، سياسي ادب وڏي مقدار ۾ سرجيو ويندو هو ۽ جيڏي وڏي مقدار ۾ سرجيو ويندو هو، اوڏي ئي دلچسپي ۽ دلجمعيءَ سان پڙهيو ويندو هو. نه رڳي اهو ته تن ڏينهنَ ۾ سياسي ادب مقداري لحاظ کان گھڻس ۾ هو، پر اهو معياري لحاظ کان پڻ بلندين تي بيٺل هوندو هو. جنهن جي نتيجي ۾ هڪ قسم جي نظرياتي پختائي جنم ورتو، جنهن سياسي عمل کي بلوغت جي اڳئين ڏاڪي تائين رسايو. اهو دؤر سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد جو دؤر هو. جنهن کي عبدالواحد آريسر وڌيڪ جلا بخشي هئي. لکڻ پڙهڻ جو اهو دؤر اڄ جھڪو ۽ جھيڻو ٿي ويو آهي. قومي سياست جي هيڻي ٿيڻ جي ڪري نظرياتي، فڪري ۽ سياسي ادب جي لکجڻ ۾ پڻ ڍرائي اچي وئي آهي. آئون چاهيان ٿو ته سياسي ادب تخليقجڻ ۾ آيل اها ٻاڙائي ختم ٿئي. ڇاڪاڻ جو سياسي ادب جيتريقدر وڌيڪ سرجندو، سياسي عمل ايتريقدر وڌيڪ پڪو پختو ۽ اثرائتو ثابت ٿيندو.

    هن دراز ڪارِ جهان تي محيط هيءَ ڪائنات هڪ عظيم هيڪڙائي آهي، جنهن جي هر شئي ٻي شئي تي آڌارڪ آهي، هر شئي ٻي شئي سان ڳنڍيل آهي. سماج پڻ ايئن آهي. سماجي اصولن جو جهان ٻڌائي ٿو ته علم ۽ عمل جي وچ ۾ باهمي ڳانڍاپو آهي، جيڪو شين تي ٻٽا ۽ گھڻ رخا اثر وجھي ٿو. نتيجي ۾ هڪ شئي جي ڪمزوري ٻي شئي کي ڪمزور ڪري ٿي. ساڳئي وقت هڪ شئي جي مضبوطي ٻي شئي کي مضبوط ۽ سگھارو بڻائي ٿي. ساڳي ڳالهه ابتڻن تي پڻ ٻئي نموني ۾ اثرانداز ٿئي ٿي.
    جتي سرگرم ۽ سگھاري سياست سياسي ادب جي تخليق جو ڪارڻ بڻجي ٿي، اتي سگھارو سياسي ادب ڪمزور ٿي ويل سياست کي سگھه ۽ طاقت جا نوان بنياد مهيا ڪري ٿو. تنهنڪري سياسي ادب سرجڻ گھرجي. اهو جيترو گھڻو سرجندو، سنڌ جي قومي سياست جي واڌويجھه ۽ ترقي ۾ اوترو گھڻو ڪردار ادا ڪندو.
    ٻي ڳالهه ته سياست، فڪر، سماج ۽ معيشيت جهڙا شعبا هر وقت متحرڪ رهندڙ لقاءَ آهن. جيڪا شئي متحرڪ هوندي، اها تغيرپسند هوندي ۽ لحظي بلحظي تغير ۽ تبديل جي ور چڙهندي رهندي. جتي به ۽ جڏهن به ڪو تغير رونما ٿيندو، تڏهن نوان سوال، نوان مامرا ۽ نوان بحث ڪر کڻندا. عالمي وايومنڊل ۾ آيل تبديلين جي ڪري سنڌ پڻ ڪيترن ئي نون سوالن سان منهان منهن آهي. خاص طور تي بين الاقوامي محاذ تي دوستين ۽ دشمنين جي تعين جهڙا سوال هڪ ڀيرو ٻيهر ڳاٽ اڀا ڪريو بيٺا آهن. اسان جي دوستن جي هڪ وڏي گھڻائي اڃا تائين بدقسمتي سان سرد جنگ واري ذهن سان سوچي رهي آهي. حالانڪ حقيقت هيءَ آهي ته دنيا هاڻي سرد جنگ واري صورتحال کان ايڏي ته گھڻي پري نڪري وئي آهي جو ان راهه جي ڌوڙ به ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي. تنهنڪري حالتن تي نئين زاويي کان سوچڻ جي گھرج آهي. پراڻا بند ذهن هاڻي ڪارائتا ٿي نه ٿا سگھن، کليل دماغن کان ڪم وٺڻو پوندو. دنيا کي نئين نگاهه سان ڏسڻو پوندو. اهڙي نگاهه، جيڪا تبديل ٿيل حالتن ۾ اسان جي درد جو دارون ڳولي سگھي. مون هتي ان قسم جي صورتحال تي به بحث ڪيو آهي. ان بحث جو ڪارڻ صرف هيءَ آهي ته جيئن اسان تبديل ٿيل حالتن ۾ پنهنجي ملڪ جي آزادي لاءِ نون امڪانن جي افقن کي ڳولي سگھون.
    ڪتاب جيئن ته مختلف مضمونن تي مشتمل آهي، ان ڪري مخلف مامرن تي بحث ڪري ٿو. جيتوڻيڪ ڪجھه اهڙا موضوع به آهن، جيڪي هڪٻئي کان سراسر مختلف آهن؛ پر مضمونن جي ڪتاب جي خوبصورتي ئي اها هوندي آهي ته اهو هڪ ئي وقت گھڻن مامرن تي بحث ڪندو آهي ۽ ڪيترن ئي ڳالهين جا رنگبرنگي ٿان کولي پڙهندڙن جي آڏو رکندو آهي. ان ڪري هن ڪتاب ۾ به موضوعن جي گھڻائي آهي، پر انهي گھڻائي ۾ به هڪڙي اهم هڪجهڙائي هيءَ آهي ته اهو مجموعي طور تي قومي تحريڪ ۽ قومي معاملن تي مخاطب ٿئي ٿو. خارجي معاملا هجن يا داخلي، اهي آهن سنڌ جي قومي تحريڪ سان لاڳاپيل. قومي تحريڪ جي اوک ڊوک ڪندي مختلف معاملن جي مختلف پاسن جو جائزو ورتو ويو آهي. ڳالهه ڪيئن به هجي، پر ڳالهه جو مرڪز قومي فڪر آهي. اهو ئي ڪتاب جو مرڪزي نقطو آهي ۽ انهي ڪري منجھس هڪڙو زبردست تسلسل ۽ جَڙاءَ موجود آهي.
    سنڌ جي آزادي سنڌي عوام جي قومي جدوجهد جي نتيجي ۾ ئي حاصل ڪري سگھجي ٿي. ان ڪري ضروري آهي ته سنڌي عوام جي اندر ۾ آزادي جو عشق پيدا ڪجي. عشق تڏهن پيدا ٿيندو آهي، جڏهن سونهن جو ڪو جلوو اکين جي آڪاس تي ڪوئي نئون عڪس ڇڏيندي دل جو در کڙڪائي ويندو آهي. ڪا مرڪ، ڪا نگاهه، ڪو آواز، ڪو لفظ، ڪو جملو، ٻولي جي ڪا دلڪشي، دليل جو حُسن، رتو رت جسم سان اوچو ڳاٽ، ڪردار جي اجرائي، ڳالهه جي سادگي جي سونهن، دل ۾ لهي ويندڙ حرف، وطن جو حسناڪ بدن، آزادي جون خوابناڪ اکيون. آئون چاهيان ٿو ته انهن سڀني شين کان پنهنجي قوم کي آگاهي ڏجي. انهي حُسن، انهي سونهن ۽ انهي دلڪشي کان کيس واقف ڪجي. اها سياسي طور تي جيتري آگاهه، واقف ۽ باشعور هوندي، اوترو ئي پنهنجي وطن کي پنهنجي دل ۾ ڌڙڪندي محسوس ڪري سگھندي. ان لاءِ ضروري آهي ته هو سياسي ادب جو مطالعو ڪري.
    سياسي ادب غلام قوم جون اکيون ٿيندو آهي، جنهن سان اها آئيندي جي اڻ ڏٺي ماڳ کي ڏسي سگھندي آهي ۽ پنهنجي شعور ۽ ارادي جي قوت سان ان ماڳ کي پنهنجي خوابن جي ساڀيا جي روپ ۾ رنڱيندي آهي.
    هن ڪتاب لکڻ جو مقصد به قومي ڪارڪنن ۽ پنهنجي عوام جي قومي شعور کي پڪو پختو بنائڻ ۽ سياست کي هٿي ڏيڻ آهي.
    آئون تهه دل سان ٿورائتو آهيان، انهن سڀني دوستن جو جن جي سهڪار سان هيءَ ڪتاب توهان پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچي سگھيو آهي. آئون منهنجي دوست منهنجي ڀاءَ پنهل ساريي جو به دلي ٿورائتو آهيان، جنهن هن ڪتاب جو مُهاڳ لکي ڏيڻ لاءِ وقت ڪڍيو.
    هيءَ ڪتاب آزادي جي سپني جي ساڀيا جي پنڌ تي وڌايل هڪ وک آهي، هڪ جوت آهي. جيڪڏهن ان سان ڪن ذهنن ۾ روشني جون ڪي لاٽون ٻري ٿيون پون ته آئون ڀانئيندس ته منهنجو پورهيو ساب پيو آهي.

    نواز خان زئور
    8 اپريل 2015ع
    ميرپور بٺورو، سنڌ.
    03332538084
    nkzaor@yahoo.com


    جي. ايم. سيد

    آخرين ڪاميابي اسان جي آهي. خلق جي آواز منجھه خدا جي ازغيبي مدد لڪل آهي ۽ آخر فتح عوام جي ٿيڻي آهي.

    جي. ايم. سيد
    “نئين سنڌ لاءِ جدوجهد”، 404 صفحو.


    خوشحالي آزادي ۾ ئي ممڪن آهي

    عوام يا قوم جي خوشحالي هڪڙو اهڙو سوال آهي، جيڪو سياست ۾ ور ور اُڀرندو آهي ۽ هوشيار ۽ چالاڪ سياستڪار انهيءَ سوال سان ور ور کيڏندا رهندا آهن. اهي عوام جي غربت تي ڳوڙها ڳاڙيندا آهن، غريبي ۽ خوشحاليءَ جي وچ ۾ ڀيٽ ڪندا آهن، خوشحاليءَ جو وڻندڙ ۽ دل آويز خواب ڏيکاريندا آهن ۽ هڪڙي خاص مند ۾، جيڪا گهڻو ڪري چونڊن جي مند هوندي آهي، عوام سان خوشحاليءَ جا وچن ۽ واعدا ڪندا آهن، پر اهو عمل صرف چونڊن جي وقت ڪون ٿيندو آهي. سياست جي دنيا ۾ وقت بوقت اهڙا ڪيترا ئي موقعا ايندا آهن، جڏهن هيءُ سوال اُڀري پيو ايندو آهي ۽ انهيءَ جي جواب ۾ ٽيڪا ٽپڻي پئي ٿيندي آهي، تنقيد ۽ تبصرا پيا ٿيندا آهن ۽ وچن وعيد پيا ورجائبا آهن. سماجي ۽ اقتصادي اُٿلن پُٿلن، لوڏن لمن ۽ هيٺاهين مٿاهين ۾ هيءُ سوال پيو اُڀرندو آهي ۽ طالع آزمائي گهڻي ڀاڱي هيءَ کيڏ، غلام، اڻ سڌريل ۽ پٺتي پيل ملڪن ۾ ئي کيڏندا ئي رهندا آهن.
    جهڙيءَ ريت سماج هڪڙو مسلسل لقاءُ آهي، بلڪل اهڙي ئي ريت سياست ۽ اقتصاديات پڻ هڪڙو مسلسل تحرڪ ۽ نه رُڪجندڙ عمل آهي. پر ڪو به تحرڪ سڌي لڪير ۾ سفر نٿو ڪري. جتي تحرڪ آهي، اُتي هيٺ مٿانهيون آهن. انهيءَ ڪري سياست، سماج ۽ اقتصاديات پڻ اوڀارين لهوارين ۽ هيٺ مٿانهين وارين ور وڪڙ واٽن جا مسافر هجن ٿا. ساڳيا ماڻهو جيڪي هڪڙي وقت ۾ خوشحاليءَ جي بلندين تي بيٺل ملن ٿا، ٻئي وقت تي انهن جي جڳهه هيٺ گهڻي هيٺ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. آزاد قومن جا معاشرا ۽ عوام پڻ اقتصادي بحرانن ۾ ڦاسندا ۽ مالي مشڪلاتن جي ور چڙهندا رهن ٿا. جيتوڻيڪ غربت هڪڙو عامي مسئلو آهي. تنهن هوندي به آزاد ۽ غلام، سڌريل ۽ پٺتي پيل ملڪن جي صورتحال ۾ هڪڙو چٽو فرق موجود هجي ٿو.
    آزاد سڌريل ۽ ترقي يافتا ملڪ بنيادي طور خوشحال ملڪ هجن ٿا، ايئن بلڪل آهي ته آزاد، سڌريل ۽ ترقي يافتا ملڪ به معاشي بدحالي، بيروزگاري ۽ اقتصادي بحرانن جي ور چڙهي وڃن ٿا، پر هر قسم جي خراب صورتحال جي باوجود، نه ته اتي جو عوام بکن ۾ پاهه ٿي مرڻ لڳي ٿو ۽ نه ئي وري معاشي ابتري اُن سطح تي پهچي ٿي، جو ماڻهو بنهه ڪنگال، سقيم ۽ بدحال ٿي، غربت جي عالمي لڪير واري پد کان هيٺ زندگي گهارڻ تي مجبور ٿي وڃن، آزاد ۽ سڌريل ملڪن ۾ بيروزگاري ۽ بدحاليءَ سبب جيڪا ٿوري گهڻي غربت پيدا ٿئي ٿي، اها مڪاني يا عالمي اقتصادي بحران جو نتيجپو هجي ٿي، جيئن ئي اهو بحران ختم ٿئي ٿو، تيئن ئي اها بدحالي، غربت ۽ ابتري ختم ٿيو وڃي ٿي، آزاد ۽ سڌريل ملڪن ۾ عوام جي معاشي بدحالي هڪڙو عارضي ۽ بنهه مختصر لقاءُ هجي ٿي، ان جي ابتڙ غلام، پٺتي پيل ۽ ترقي پذيريءَ جي نالي ۾ نهال ملڪن ۾ غربت هڪڙو دائمي لقاءُ ٿي پئي آهي ۽ ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي.
    آزاد دنيا ۾ غربت ۽ بدحاليءَ جا سبب پيداواري عمل ۾ ايندڙ لوڏن لمن ۽ هيٺانهين مٿانهين ۾ لڪل هجن ٿا، جڏهن ته غلام ملڪن ۾ غربت ۽ بدحاليءَ جو ڪارڻ قومي استحصال ۽ ڦرلٽ هجي ٿي. غاصب ملڪ يا قومي قبضي هيٺ آيل ملڪ يا قوم جي پيداواري وسيلن جي بيدرديءَ سان ڦرلٽ ڪري اُن قوم کي تباهيءَ جي ور چاڙهيو ڇڏي، استحصال جو شڪار قوم جا فرد غربت جي عالمي لڪير کان به هيٺ زندگي گهارڻ تي مجبور ٿيو پنڻ ڀيڙا ٿيو وڃن، جڏهن ته استحصال ڪندڙ قوم جا ماڻهو ڏينهون ڏينهن مچندا مواڙ ٿيندا، شاهوڪار ٿيندا ويندا آهن. غلام ٻن مختلف ڏِسائن ۾ وڌندڙ انهيءَ فرق کي ڏينهون ڏينهن وڌائيندي ويندي آهي.
    سنڌ ۾ به مختلف وقتن تي غربت ۽ خوشحاليءَ جا سوال ايندا رهن ٿا، طالع آزما سياستڪار غربت تي ڳوڙها ڳاڙيندا ۽ خوشحاليءَ جا خواب ڏيکاريندا، ماڻهن کي هرکائيندا رهن ٿا، پر هتي وعدن جو جيترو فصل پوکجي ٿو، نتيجن جو اوڏو ڦل نٿو ملي، وعدا اڻ مندائتن ميون وانگر بي سوادا ۽ ڪسارا ٿي پيا آهن، غربت ڪٽاري وانگر ماڻهن جا مٿا چيرصي رهي آهي. خوشحاليءَ جي خوشبوءِ ديس جي ڳلين ۾ وکرڻ ۽ ماڻهن جي منن ۾ مهڪڻ کان نابري واري ڇڏي آهي. بک ۽ بدحالي آهي، جيڪا ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. سوکاري سنڌ جا ماڻهو ڏکارا آهن، سوڪاريل سنڌ ديس جو ڏڪاريل عوام عربت جي عالمي لڪير کان هيٺ زندگي گهارڻ تي مجبور آهي. آخرڪار اهڙو ڪهڙو سبب آهي، جو سنڌي عوام جي زندگين مان نه ته ڏک ختم ٿو ٿئي، نه غربت جو انت ٿو اچي ۽ نه ئي قوم آزديءَ سان جي سگهي ٿي، ان هڪڙو ئي ڪارڻ آهي، جيڪو آهي ’قومي غلامي‘.
    قومي غلاميءَ ۾ قومون ترقي نه ڪنديون آهن، قومي غلامي، ترقي، خوشحالي ۽ خوشين جا در بند ڪري ڇڏيندي آهي، اها بدحالي، مسئلا ۽ غربت ڄڻيندي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ غلام يا قبضي هيٺ آيل قوم، ڪمزور، لاچار ۽ هيڻي ٿي ويندي آهي. جيڪا قوم جبر، ڏاڍ ۽ ڦرلٽ جو شڪار هجي، اها ترقي ڪيئن ٿي ڪري سگهي؟ جنهن عوام کي پنهنجي قومي پيداواري وسيلن مٿان ڪو اختيار نه هجي، اها خوشحال ڪيئن ٿي ٿي سگهي؟سياست ۽ اقتصاديات کي ڪنهن به صورت ۾ الڳ ڪري نٿو سگهجي. جيڪا قوت سياسي طور بالادست ٿي ويندي آهي. اها اقتصادي لحاظ کان به بالادستي قائم ڪري وٺندي آهي. ساڳئي نموني اقتصادي بالادستي رکندڙ قوت هوريان هوريان سياسي طور بالادست ٿي ويندي آهي. سياست ۽ اقتصاديات هڪٻئي کان اڻ ڇڄندڙ ۽ هڪٻئي جا مددي عنصر آهن، جيڪڏهن ڪو هڪ پاسو سگهارو ۽ بالادست ٿي ويندو، اهڙي ئي نموني جيڪڏهن ڪو هڪ پاسو ڪمزور هوندو ته ٻيو پاسو پڻ ڪمزور ٿي ويندو. جيڪا قوم سياسي لحاظ کان ڪمزور هوندي، اها پنهنجا پيداواري وسيلا بچائي يا انهن مان گهربل لاڀ حاصل ڪري نه سگهندي، نتيجي ۾ ڏينهون ڏينهن وڌيڪ ڪمزور ٿيندي ويندي، تان جو ان جي سياسي خودمختياري ۽ آزادي پڻ خطري جي ور چڙهي ويندي ۽ سندس پيداواري وسيلا پڻ سندس هٿن مان هليا ويندا. اهڙيءَ ئي ريت پيداواري وسيلا کسايل قوم پنهنجي سياسي آزادي وڃائي محڪوم بڻجي ٿي وڃي. ڪا به قوم تڏهن ئي خودمختيار رهي سگهي ٿي، جڏهن پنهنجي سياسي آزادي برقرار رکي: سياسي آزادي تڏهن ئي برقرار رهي سگهي ٿي، جڏهن پيداواري وسيلن جي مالڪي ڪري. جڏهن سندس پيداواري وسيلا، سندس مالڪيءَ ۽ اختيار هيٺ هوندا، تڏهن ئي اها ترقي ڪري سگهندي. آزادي، سياسي اختيار ۽ پيداواري وسيلن جي مالڪيءَ کانسواءِ نه ته ڪا قوم ترقي ڪري سگهي ٿي ۽ نه ئي پنهنجو قومي تشخص بچائي سگهي ٿي. سياسي اختيار ۽ پيداواري وسيلا صرف قومي آزاديءَ جي صورت ۾ ئي قوم پنهنجي هٿ ۾ رکي سگهي ٿي. تنهن ڪري خوشحالي ۽ ترقي پڻ قومي آزاديءَ جي صورت ۾ ئي ممڪن آهي. غلام قوم ترقيءَ جي شاهراه تي اڳتي وڌڻ بدران تنزلي، زوال ۽ ابتريءَ جي اونهيءَ کڏ ۾ ڪري پوندي آهي. جنهن مان کيس قومي آزاديءَ کانسواءِ ٻي ڪا به ڏاڪڻ ٻاهر ڪڍي نه سگهندي آهي. عالمي ادارن جي مختلف جائزن ۽ سرويئن موجب سنڌ، ورهاڱي کان اڳ وڌيڪ شاهوڪار هئي، سنڌ جا ماڻهو وڌيڪ خوشحال هئا ۽ اڄ جي ڀيٽ ۾ في ڪس آمدني وڌيڪ هئي. ورهاڱي کانپوءِ سنڌ جا ماڻهو غربت، بدحاليءَ ۽ ابتريءَ جي ور چڙهي ويا آهن. جيتوڻيڪ ان جي پيداواري شرح ۾ تمام گهڻو واڌارو آيو آهي، پر ان جي باوجود خوشحالي ۽ ترقيءَ جي بدران غربت ۽ ابتريءَ ۾ واڌ آئي آهي. اها ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي، جو ورهاڱي کان اڳ، جڏهن پيداوار جي شرح اڄ کان گهڻي گھٽ هئي، سنڌ جا ماڻهو خوشحال هئا، سندن في ڪس آمدني وڌيڪ هئي ۽ اڄ جڏهن سنڌ جي پيداواري شرح آسمان جي بلندين سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، تڏهن سنڌ جي عوام جي اڪثريت غربت جي عالمي لڪير کان هيٺ واري پاتال ۾ ڪري پئي آهي! ان جو ڪارڻ اهو آهي ته انگريزن جي دؤر جي ڀيٽ ۾ هن وقت سنڌ جي اقتصادي ڦرلٽ وڌيڪ بدترين ٿي وئي آهي ۽ قومي غلامي وڌيڪ ڀيانڪ شڪل اختيار ڪري وئي آهي. اها قومي غلامي ئي آهي، جنهن جي ڪري سنڌ جا پيداواري وسيلا، سنڌ کان کسيل آهن ۽ ’پنجاب سامراج‘ انهن جي ڦرلٽ ڪري، انهن مان فائدو کڻي رهيو آهي ۽ روز بروز ترقي ڪري رهيو آهي.
    سامراجيت ٻين ملڪن مٿان والار، قومن مٿان قبضي، بالادستي، ڦرلٽ ۽ غلاميءَ جو نالو آهي. سامراجيت ٻين قومن کي ترقيءَ بدران صرف قومي غلامي آڇيندي آهي ۽ غلام بڻيل قوم جو رت پي، ان جي رڳن کي کوکلو ڪري ڇڏيندي آهي. سامراجيت قومن جي استحصال تي پلبي آهي، نتيجي ۾ ڏينهون ڏينهن مواڙ ٿيندي ويندي آهي، گڏوگڏ سندس قبضي هيٺ آيل قوم کي ڏٻرو، ڪمزور ۽ هيڻو ڪري موت جي منهن ۾ ڌڪي ڇڏيندي آهي. ’پاڪستاني وفاق‘ جي نالي ۾ ’پنجابي سامراجيت‘ پهرين بنگالين جو استحصال ڪندي رهي، بنگالين جي آزاد ٿي وڃڻ کانپوءِ سنڌ ۽ بلوچستان ان جي ڏاٺن هيٺ آيل آهن. اهي رت پياڪ ڏاٺون ايتريون گهريون کُتل آهن، جو محڪوم قومون بي ست بڻيل آهن ۽ انهن جي جسم ۾ جان ڪون رهي آهي.
    هڪڙو دور هو جو وچ ايشيا عروج تي هو ۽ ان جي ڪجهه شهرن کي دنيا ۾ افسانوي حيثيت حاصل هئي. اها انهن شهرن جي بي مثال حيثيت، اهميت ۽ قيمت ئي هئي، جو حافظ شيرازي، سمرقند ۽ بخارا کي محبوب جي ڳاڙهي ڳل جي ڪاري تِر تان گهورڻ جي ڳالهه پنهنجي شعر ۾ ڪئي هئي. جڏهن تيمورلنگ دجلا ۽ فرات جي ماٿرين ۽ ميدانن تي فاتح ٿي لٿو هو، تڏهن سندس حڪم تي سپاهي شيراز جي هن ٻڍڙي شاعر کي پڪڙي سندس سامهون کڻي آيا هئا، تيمور، حافظ کي چيو هو ته توکي خبر آهي ته مون انهن شهرن کي ٺاهڻ لاءِ ڪيڏا نه جتن ڪيا آهن، ڪٿي ڪٿي نه حملا ڪيا آهن ۽ ڪٿان ڪٿان نه دولت هٿ ڪري اُتي آڻي ڪٺي ڪئي آهي. تون محبوب جي تِر تان ان کي قربان ڪرڻ جون ڳالهيون پيو ڪرين! حافظ شيرازيءَ جو جواب پنهنجي جڳهه تي، پر حقيقت هيءَ هئي ته اها ٻين قومن جي ڦرلٽ هئي، جنهن هنن شهرن کي افسانوي حثيت بخشي هئي.
    اهڙيءَ ريت اهي برطانوي بيٺڪون (colonies) ئي هيون، جن جي ڦرلٽ برطانيا کي نئين زندگي بخشي. هندستان هجي يا آفريقا، بيٺڪن جو ڪچو مال برطانيا جي ديو هيڪل ڪارخانن جون چمنيون ٻاريندو رهيو. سامراجيت اوائلي شڪل ۾ هجي يا جديد، اها قومن جي ڦرلٽ جو نالو آهي. بيٺڪيت پراڻي هجي يا جديد، اها ملڪن ۽ قومن جي محڪومي، ڦرلٽ ۽ بدحاليءَ جو سبب آهي. اڄ پاڪستاني وفاق جي طلسم ۾ اسلام آباد ۽ لاهور کي جيڪا افسانوي حيثيت حاصل آهي، انهيءَ جو ڪارڻ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ آهي.
    اها سنڌ جي گئس آهي، جنهن مان پنجاب جي ڪارخانن جون چمنيون ٻرن ٿيون، سنڌ مان نڪرندڙ گئس، سنڌ جي ڪم نٿي اچي. گئس ڀت جبل مان ٿي نڪري، پر ڪاڇي جي ڳوٺن جون عورتون ٻارن لاءِ جهنگ مان ڪاٺيون ٿيون ڪن ۽ ڀتين تي ڇيڻا ٿيون ٿڦين. گئس قادرپور مان نڪري ٿي، پر سنڌوءَ جي ڪنڌين تي ويٺل ماڻهو انهيءَ کان محروم آهن. گئس گولاڙچي، کورواهه، ٽنڊي محمد خان ۽ سانگهڙ جي علائقن مان نڪري ٿي، پر لاڙ ۽ ٿر جي ماڻهن کي ان جي بوءِ به سُنگهڻ لاءِ نٿي ملي. بلوچستان جي پڻ ساڳي حالت آهي. ايئن بلوچستان ۽ سنڌ مان جتان جتان گئس نڪري ٿي، اتي جي ڀرپاسي جا ڳوٺ ۽ ننڍا توڙي چڱا خاصا شهر، ان نعمت کان محروم آهن. ان جي ابتڙ اها گئس، لاهور ۽ فيصل آباد سميت پنجاب جي ٻين شهرن جي ڪارخانن جي صنعتن جون چمنيون ٻارڻ سان گڏ پنجاب جي گهرن جي چُلهين کي به ٻاري ٿي.
    پئٽرول، تيل، گئس، معدنيات، روينيو، صنعت، بئنڪاري، واپار، پاڻي، سمنڊ، سامونڊي بندر، محصول_ مطلب ته سمورو ناڻو، سمورا پيداواري ذريعا مرڪز جي چنبي ۾ آهن. نه فقط مرڪز سنڌ جي ناڻي تي هلي رهيو آهي، پر پنجاب پڻ انهيءَ ناڻي مان ترقي ڪري رهيو آهي. انگن اکرن جي هيراڦيرين، ڏاڍ، ڏمر دٻڙدئونس ۽ طاقت جي زور تي سنڌ جي سمورن پيداواري وسيلن تي قبضو ڪيو ويو آهي. سنڌ جا وسيلا دستياب نه هجن ته پاڪستان هڪڙو ڏينهن به جيڪر هلي نه سگهي، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ جو ٻارڻ ميسر نه هجي ته پنجاب سامراج جي ترقيءَ جو راڪيٽ هڪڙي اڏام به ڀري نه سگهي. اها سنڌ جي ڦرلٽ ئي آهي، جنهن جي ڪري سنڌ ڏينهون ڏينهن وڌيڪ غريب ۽ بدحال ٿيندي وڃي، پنجاب ترقي ڪندو مچندو مواڙ ٿيندو وڃي ۽ پاڪستان پنهنجو ڪن ڦٿ هاڻو گندو وجود کنيو، گهلجندو ٿو هلي. سامراجيت جو گندو ۽ رت پياڪ ديو ٻين جي رت ست ۽ ڦرلٽ تي ئي پلجندو آهي؛ اهو قبضي هيٺ آيل وجود جو ساه پي ويندو آهي.
    ورهاڱي وقت انگريز ته هتان هليو ويو، پر برصغير کي داغ داغ اُجالي ۽ شب گذيدا سحر جهڙي آزادي نصيب ٿي. ملڪ جي آزاد ٿيڻ ۽ ڪنهن ملڪ جي ٺهڻ ۾ فرق آهي. فطري ملڪ آزاد ٿيندا آهن؛ غير فطري ملڪ ٺهندا آهن ۽ اهي ٺهيل غير فطري ملڪ، ڪي ملڪ نه هوندا آهن، رياست يا مملڪت هوندا آهن. ملڪ سازشن جي وسيلي نه ٺهندا آهن، رياست ۽ مملڪت سازشن جي وسيلي ٺهي سگهي ٿي. ملڪ انعام ۾ نه ملندا آهن، رياست انعام ۾ ملي سگهي ٿي. انگريزن جي سازش ۽ پنجابين لاءِ سندن انعام طور “مملڪتِ خدادادِ پاڪستان” انگريز سامراجيت جي ڪُک مان جنم ورتو. جنهن ۾ بنگال، سنڌ ۽ بلوچستان جي حيثيت ڪالونيءَ واري بڻجي وئي. بنگالي وڙهي پنهنجي آزادي ماڻي ويا. پٺاڻ ’پختون خوا‘ جي لالي پاپ تي شايد خوش آهن! جڏهن ته بلوچ ۽ سنڌي اڃا غلاميءَ جي انهيءَ پنجوڙ ۾ ڦاٿا پيا آهن. هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا سنڌ ۽ بلوچستان پاڪستان اندر رهي ترقي ڪري سگهن ٿا؟ جيڪڏهن ڪا بيٺڪيت ترقي ڪري سگهي ها ته ايشيا ۽ آفريقا جي قومن کي آزاديءَ جي جدوجهد جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ يقينن ڪا به غلام قوم، ترقيءَ جي بُلندين کي نٿي ڇُهي سگهي، آفريقا ۽ ايشيا جا اُهي ملڪ، جيڪي ويهين صديءَ دوران غلاميءَ ۽ ڏڪارن ۾ ڦاٿل هئا، سي آزاديون ماڻڻ کانپوءِ هاڻي نه صرف پاڻڀرا ٿي ويا آهن، پر ترقي ۽ خوشحاليءَ جي رستي تي به گامزن آهن. نه فقط عالمي تاريخ، پر سنڌ جي تاريخ به اهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي ته غلاميءَ جي مختلف دورن دوران ڪيئن نه ڏڪر منهن ڪڍندو رهي ٿو. ڏڪار ۽ غلامي، ابتري ۽ غلامي، غربت ۽ غلامي، بدحاليءَ ۽ غلامي هڪٻئي سان ايئن چهٽيل ۽ چنبڙيل رهن ٿا، جو دنيا جي ڪا به ڪئنچي، ڪو به چاقو، ڪا به ڇُري، ڪا به تلوار يا ڪپو به تيز ڌار وارو اوزار، انهن کي هڪٻئي کان الڳ ڪري نٿو سگهي. ڪو به اقتصادي نظريو، ڪنهن غلام قوم کي خوشحاليءَ ۽ ترقيءَ جي راه تي وٺي وڃي نٿو سگهي.
    سنڌي قوم جي خوشحالي ۽ ترقي پڻ دنيا جي ٻين آزاد قومن وانگر قومي آزاديءَ ۾ ئي لڪل آهي. قومي آزاديءَ کانسواءِ خوشحاليءَ جي وعدن جو فصل پچي ڦر ڏئي نٿو سگهي. سنڌ جيستائين بيٺڪيت بڻيل رهندي، ان جا پيداواري وسيلا ڦربا لُٽبا رهندا. صرف ’سنڌ جي قومي آزادي‘ ئي سنڌي عوام کي پنهنجي قومي پيداواري وسيلن تي مالڪي ۽ اختيار ڏئي سگهي ٿي. پنهنجي قومي رياست ۾ ئي سنڌي قوم، پنهنجي پيداواري وسيلن کي پنهنجي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪتب آڻي سگهي ٿي؛ تنهن ڪري سنڌي قوم کي پنهنجي وطن ۽ ملڪ جي آزاديءَ لاءِ جاکوڙڻو پوندو، فقط ۽ فقط سنڌ ملڪ ئي سنڌي قوم جي ترقي، خوشحالي، جياپي ۽ وجود جي بقا جي ضمانت آهي.
    ****


    سنڌي قومپرستي جي اصل واٽ

    سنڌ جو آئيندو قومپرستي سان سلهاڙيل آهي:
    سنڌي قومپرستي جديد سنڌ جو اهو بڻياد آهي، جنهن تي سنڌ جي آئيندي جو دارومدار آهي. جيڪڏهن سنڌي قومپرستي هارائي ٿي وڃي ته سنڌ پنهنجي قومي وجود جي جنگ هارائي ويهندي. جيڪڏهن سنڌي قومپرستي جيتي ٿي وڃي ته سنڌ جو آئيندو، سنڌ جو مستقبل، سنڌ جو ملڪي وجود ۽ سنڌي قوم جو قومي تشخص بچي ويندو. نه رڳو اِهو ته سنڌ جو قومي ملڪي تشخص بچي پوندو، پر هڪ ملڪ ۽ قوم طور سنڌي قوم ترقي ۽ خوشحالي جا نوان افق پڻ پَسي سگھندي.
    قومپرستي نه صرف سنڌ جي تاريخي ضرورت آهي، پر اها هر غلام ملڪ ۽ قوم جي تاريخي ضرورت پئي رهي آهي. ڇاڪاڻ جو قومپرستي پنهنجي جوهر ۾ قومي آزادي جو نظريو آهي. اهوئي ڪارڻ آهي جو غلام قومن جي سمورن آزادي پسند اڳواڻن يا قومي سورمن پنهنجي سياست ۽ جدوجهد جو بڻ بڻياد قومپرستي تي ئي پئي رکيو آهي.
    هر سياست يا جدوجهد ڪنهن نه ڪنهن نظريي جي ئي پابند ۽ تابع هوندي آهي؛ ان ڪري جهڙو نظريو هوندو، جدوجهد ۽ سياست جو رخ به اهڙو ئي يا ان آڌار تي ئي جڙندو. ان حساب سان جنهن سياست جو بنياد قومپرستي تي هوندو، ان جو رخ به فطري طور تي قومي آزادي ڏانهن ئي هوندو. ان جي ابتڙ جنهن سياست جي پيش رفت نطرياتي، سياسي ۽ فڪري حوالي سان قومي آزادي جي رخ ۾ نه هجي ته سمجھي ڇڏڻ گھرجي ته اها سياست قومپرستي جي بنياد تي بيٺل ڪانهي. پوءِ ڀل اها قومپرستي جون دعوائون ئي ڇو نه ڪندي هجي.
    اچو ته ٿورو سنڌي قومپرستي جو تمام مختصر جائزو وٺون ته اها ڪٿي بيٺل آهي ۽ ان کي ڪهڙن ڪهڙن مفروضن ۽ غلط تصورن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي؟

    الف ـــ آزادي پسند قومپرستي:
    سنڌي قومپرستي جو سڀ کان حاوي پاسو آزادي پسند قومپرستي وارو آهي، جنهن کي عرفِ عام ۾ جي ايم سيد جو نظريو يا فڪرِ سيد پڻ ڪوٺيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ سائين جي ايم سيد جو فڪر تمام گھڻو وسيع آهي، پر ان جو حاوي پاسو نيشنلزم آهي، ان ڪري فڪرِ سيد جي عام معنا ئي آهي سنڌ جي آزادي وارو فڪر يا جديد سنڌي قومپرستي. جيئي سنڌ هلچل جي سياست ان نظريي تي آڌارڪ آهي.

    ب ـــ تنگ نظرکاٻي ڌر واري قومپرستي:
    سنڌي عوامي تحريڪ يا پوءِ رسول بخش پليجي واري عوامي تحريڪ به ڪنهن حد تائين قومپرستي جي دعويداري ڪندي رهي. جنهنجي قومپرستي ۾ کاٻي ڌر واري مرچ مسالي جو ذائقو پڻ رلمل رهيو. پليجي صاحب جي سياست جي ٻوڙ ۾ اهو سوشلزم، مائوازم جو داڳ ئي هو، جنهن جي آڌار تي ان ۾ جي ايم سيد جي مخالفت جو ڪڙو ذائقو پيدا ٿيو. هو انهيءَ مخالفت ۾ ان حد تائين عدم توازن ۾ هليا ويا جو عوام دشمن قوتن، رياست يا استحصالي طبقن کان به وڌيڪ مخالفت سيد جي ڪرڻ لڳا. هڪڙا تعصب پرست ۽ شاونسٽ ڪميونسٽ اهي هئا، جيڪي قومي سوال کي رجعت پسندي قرار ڏيندي جديد قومپرستي جي مخالفت ڪندا هئا، جڏهن ته هيءُ تنگ نظر لڏو پاڻ کي ترقي پسند ۽ عوام دوست قومپرست يا سوشلسٽ قومپرست جي روپ ۾ پيش ڪندي سنڌي قومپرستي جي مخالفت ڪرڻ لڳو.

    ٻ ـــ تنگ نظر لساني قومپرستي:
    ويهين صدي جي پڇاڙڪن سالن دوران ٿيندڙ سنڌي پناهگير جھيڙن جي ڪُک مان جنم وٺندڙ سياست جو سڄو دارومدار به قومپرستي جي نالي تي ئي آهي، پر ان ۾ گھڻي ۾ گھڻي مخالفت اردو ڳالهائيندڙ لڏي سان ئي آهي. جنهن ڪري ئي سنڌ جو قومپرست دانشور خاڪي جويو ان کي فرقيوار لساني قومپرستي جي نالي سان سڏيندو آهي.

    ڀ ـــ وائڙي، موقعي پرست ۽ اقتداري قومپرستي:
    ڪجھه ماڻهو پ پ کي به هڪ حد تائين قومپرستي جي نظر سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. خود ڪجھه پ پ اڳواڻ به قومپرستن جي ردعمل ۾ هاڻي پاڻ کي سڀ کان وڏو قومپرست ڪوٺڻ لڳا آهن. پر اهو سڀ کان وڌيڪ غلط مفروضو هوندو جيڪڏهن ڪير پ پ کي قومپرستي جي نظر سان ڏسڻ ۽ ڪوٺڻ لڳي.
    اهڙي طريقي سان سنڌ ۾ قومپرستي جا ٽي چار نمونا ڏسي سگھجن ٿا.

    ڇا هيءَ واقعي به قومپرست آهن!؟
    پيپلز پارٽي هڪڙو چون چون جو مربو آهي. اها دعوا اها ڪندي آهي ته عوام طاقت جو سرچشمو آهي ۽ ٺاهه انهن قوتن سان ڪندي آهي جيڪي عوام بدران پاڻ کي طاقت جو اصل ۽ اڪيلو سرچشمو سمجھندي ساري اڇي ڪاري جا مالڪ ٿيڻ جا خواهان رهن ٿا ۽ پوءِ جيئن ئي کين موقعو ملي ٿو، هو سڀني سياسي ڌرين کي اقتدار مان ٻاهر هڪلي گھر ڀيڙو ڪري پاڻ اڪيلا اقتداري وارث ٿي ويهن ٿا. اها سياست وفاق جي ٿي ڪري، پاڻ کي وفاق جي ڳانڍاپي جي علامت ٿي سمجھي ۽ مٿان سڏائي وري سنڌين جي پارٽي ٿي. اها اقتدار سنڌي قوم جي ووٽن تي ٿي ماڻي ۽ وري تين وال به سنڌين جي ئي قومي مفادن کي ٿي ڪري. ان جا سانڊي جيان ڪيترائي رنگ آهن ۽ هن سادي سُودي قوم سان هزارين موقعي پرستيون ۽ ويساهه گھاتيون آهن. ان ڪري ان کي ڪنهن به ريت قومپرستي جي دائري ۾ نه ٿو آڻي سگھجي.

    هئا اڳهين گڏ
    جيئن پ پ پنهنجي جوهر ۾ هڪڙي قومپرست تنظيم ٿي نه ٿي سگھي، بلڪل تيئن ئي تنگ نظر ماڻهو به قومپرست ٿي نه ٿا سگھن، پوءِ ڀل سندن اها تنگ نظري قومپرستي جي نالي ۾ ئي ڇو نه هجي. ڇو ته تنگ نظري نيٺ قومي ۽ عوامي مفادن کي پٺي ڏيندي آهي ۽ انت ۾ صرف پنهنجي گروهي مفادن کي ئي ملحوظِ خاطر رکندي آهي.
    جيئن هتي هڪڙا تعصب پرست ۽ شاونسٽ ڪميونسٽ هئا، تيئن هتي ٻيا وري تنگ نظر ڪميونسٽ هئا. شاونسٽ ۽ تعصب پرست ڪميونسٽن وٽ قومپرستي شجرِ ممنوع هئي، جڏهن ته تنگ نظر ڪميونسٽن وٽ اها وري ڪوتاهه نظري جي ور چڙهيل هئي. هنن وٽ قومپرستي جي وصف آزادي پسندي کان ڪوهين ڏور بيٺل هئي. هنن جديد قومپرستي جي مخالفت ڪندي قومپرستي جي اڌو گابري يا وري بنهه غلط معنا ٿي ڪڍي. اهو ڪيڏو نه وڏو الميو آهي ته جديد ترقي پسند فڪر جي مڃيندڙن وٽ قومپرستي جو مدي خارج تصور هو. هنن قومي تضاد جي بجاءِ فروعي تضادن کي اوليت ٿي ڏني. انهي مدي خارج تصور ۽ جديد آزادي پسند قومپرستي جي انڪار نيٺ کين ان هنڌ تي آڻي بيهاريو، جتان سندن فڪري ۽ تنظيمي زوال شروع ٿي ويو.
    ٻئي پاسي تنگ نظر لساني قومپرستي هئي، جنهن پڻ قومي تضاد کان ڪن لاٽار ڪندي پنهنجي هئڻ جي جواز لاءِ فروعي تضادن کي ٿي اڀاريو. جنهن لاءِ سڀ کان سٺي شڪل اها ئي ٿي پئي سگھي ته سنڌ پنجاب تضاد بدران سنڌي پناهگير جھيڙي تي زور ڏنو وڃي.
    هوڏانهن سوويت يونين جي زوال کانپوءِ تنگ نظر ڪميونسٽن وٽ نظرياتي لحاظ کان ڪجھه ڪونه بچيو، جنهن ڪري انهن جو ڪٻاڙو نڪري ويو. اهي جديد قومپرستي جا مخالف پڻ هئا. تنهن ڪري انهن وٽ به سواءِ ان واٽ جي ٻيو ڪو رستو ڪونه بچيو ته هو سنڌ اندر موجود لساني ٽڪراءُ منجھان پنهنجي سياست جو قوُتِ حاصل ڪن. اهڙي طريقي سان تنگ نظر ڪميونسٽ ۽ تنگ نظر فرقيوار قومپرست اڄ اردو ڳالهائيندڙن جي مخالفت ۾ هڪ ٿيا گڏيا بيٺا آهن. اهي اردو ڳالهائيندڙن جي سوال تي ته هاءِ گھوڙا مچائين ٿا، پر پنجاب پاران سنڌ جي وجود جي خلاف ٿيندڙ ارهه زورائين ۽ سنڌ ملڪ جي قومي غلامي جي خلاف ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍڻ لاءِ تيار ناهن.

    اهو سڀ ڇا آهي؟ ڇو آهي!؟
    سنڌ جي اندر زبردست فڪري، نظرياتي ۽ سياسي انتشار پکڙيل آهي. جنهن کي تمام وڏي چالاڪي سان روز بروز وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جهڙي نموني سان مارشلائن ۽ آمريتن خلاف اڀريل شعور کي پ پ جي موقعي پرستي ۽ عوام دشمني وارن گٽر جهڙن عملن ۾ ٻوڙيو ويو آهي، اهڙي ئي نموني سنڌ جي جديد آزادي پسند قومپرستي کي مسخ ڪرڻ جي لاءِ لساني ٽڪرائن واري سياست کي اڀارڻ جا انيڪ جتن ڪيا پيا وڃن. هر ان ماڻهو کي سنڌين جو هيرو ۽ شينهن ڪري پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، جيڪو اڙدو ڳالهائيندڙن جي خلاف ڳالهائي ٿو، پوءِ ڀل ان ۾ گدڙ يا جھرڪي جيتري دل به نه هجي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته اصل اقتداري ۽ رياستي قوتون آزادي پسند قومپرستي کان ڊنل آهن. تنهن ڪري اهي قومپرستي جا اهڙا وائڙا انداز ۽ وصفون اڀارڻ ۾ مشغول آهن، جن سان سندن مستقل مفادن کي ڪنهن قسم جو ڪو لوڏو نه اچي. ان سلسلي ۾ اهڙو ماحول جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ هڪڙي قسم جي هلڙبازي، غيرسنجيدگي ۽ فهم فراست کان خالي سوچ کي هٿي ملي. جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو گروهي فرقيوار سياست جي مخالفت ۾ ڪو سچ ڳالهائي ته ان کي ٻڌڻ لاءِ ڪير تيار نه هجي. ان سڄي عمل جي پٺيان جيڪا اصل ڌر آهي، اها آهي رياست. پنجاب جي سامراجي مفادن جي سالميت لاءِ ان اهي سڀ هٿڪندا پکيڙي رکيا آهن. حد اها آهي جو سنڌي ڪالم نگارن جي اڪثريت پنجاب جي خلاف هڪڙو اکر به ڪڇڻ لاءِ تيار ناهي. اهي محبت سنڌ ريلي تي ٿيل فائرنگ تي ته لکن ٿا (۽ ان جي اصل جوابدارن تي پڙدي پوشي ڪندي ان واقعي کي به سنڌ جي مستقل آبادين وچ ۾ ٽڪراءُ لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا)، پر شهيد مظفر ڀُٽي جي ٽارچرسيل ۾ تشدد ڪري گوليون هڻي اڇلايل چچريل لاش تي هڪڙو لفظ به نه ٿا لکن. ڇاڪاڻ جو مظفر ڀُٽي تي لکڻ سان هڪ ته پنجاب جي خلاف لکڻو پوندو، ٻيو ته اصل ۽ بنيادي قومي تضاد تي لکڻو پوندو، جنهن سان وڏي سرڪار جي ڏمرجڻ جو خطرو آهي. جڏهن ته اڙدو ڳالهائيندڙن جي خلاف لکڻ سان سرڪار جي عتاب جو ڪوئي ڊپ ڊاءُ ڪونهي، پاڻ اهو آسرو آهي ته پٺي ٺپري ويندي.

    قومپرستي معنا آزادي پسندي
    هر نظريو جانبدار هوندو آهي ۽ اهو پنهنجي مڃيندڙن جي مشڪل ڪشائي ڪندو آهي. هر نظريو نه رڳو پنهنجو فڪري سٽاءُ رکندو آهي، پر اهو پنهنجي انقلاب جي ڪا نه ڪا مخصوص شڪل و صورت پڻ رکندو آهي. اهڙي طريقي سان قومپرستي پڻ هڪ نظريو ئي آهي ۽ ان جي انقلاب جي شڪل قومي آزادي آهي. اهو پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي قومي تشڪيل ڪندو آهي. اهو قومي رياست جي حاصلات ۽ بقا لاءِ بيٺڪي ۽ سامراجي قوتن سان ڦيٽ کائيندو آهي. قومپرستي آزادي بعد پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جاکوڙيندي آهي.
    قومپرستي جيئن ته پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي قومي آزادي لاءِ جاکوڙ ڪندي آهي، ان ڪري قومپرست اهو ئي ٿي سگھي ٿو، جيڪو قومي آزادي لاءِ ويڙهاند، جدوجهد يا جاکوڙ ڪري. جيڪو ماڻهو، ڪارڪن، اڳواڻ يا جماعت قومي آزادي لاءِ نه ٿي جاکوڙي، انهيءَ کي ڪنهن به صورت ۾ قومپرست چئي نٿو سگھجي. پوءِ ڀل ته اهي قومپرست هجڻ جون اهڙيون سکڻيون دعوائون ئي ڇو نه ڪندا هجن.
    قومپرست فقط اهو آهي، جيڪو آزادي پسند آهي. اها جديد قومپرستي جي مڃيل عالمي وصف آهي ته اها قومي آزادي جو فڪر ۽ نظريو آهي. ۽ اها ئي قومپرستي جي اصل، حقيقي ۽ سچي واٽ آهي.
    * * *

    12 ڊسمبر 2012ع


    پارٽيون عوامي ملڪيت هونديون آهن

    سنڌ ۾ ڪيترين ئي شين جي باري ۾ ڪيترائي غلط مفروضا مروج آهن، ڪيترائي غلط تصور ماڻهن جي ذهنن ۾ گھر ڪري ويٺل آهن. جن مان هڪڙو غلط تصور سياسي پارٽين جي شخصي ملڪيت هجڻ بابت آهي.
    عام طور تي ايئن سمجھيو ويندو آهي ته پارٽيون اڳواڻن جون شخصيتي ملڪيتون آهن، اهي ئي انهن جا هلائيندڙ، سنڀاليندڙ ۽ مالڪ آهن؛ ۽ سندن پڄاڻان وري انهن جا پونيئر انهن جا مالڪ ٿيڻا آهن.
    ماڻهن جي ذهنن ۾ موجود انهن مفروضن جو هڪڙو ڪارڻ ته خود موروثي سياست آهي. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ هتي سياست تي لاڳيتو موروثي غلبو رهيو آهي. پيءَ، پيءَ کانپوءِ وري پٽ، وري ان جو اولاد. ايئن نسل در نسل، پيڙهي در پيڙهي هڪڙو سلسلو هلي ٿو، جيڪو کُٽڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي. سياسي ورثو عام ماڻهو ڏانهن منتقل ٿئي ئي نه ٿو. هِتي سياسي ورثا عام ماڻهن سان ونڊجن ئي نه ٿا.
    ٻيو ڪارڻ هيءَ آهي ته اقتدار ۾ رهندڙ سياسي پارٽين ڪڏهن به عام ماڻهوءَ سان اها ويجھڙائپ ئي پيدا نه ڪئي آهي، جيڪا سڌريل سماجن جي سياست جو خاصو آهي. هتي سياسي پارٽين لاءِ ماڻهو رڳو وؤنٽن ڏيڻ جون مشينون آهن، جن کي پولنگ بُوٿن تي اچڻو آهي، نعرا هڻڻا آهن، قطارن ۾ بيهڻو آهي، وؤنٽ ڏيڻا آهن ۽ پوءِ ماٺ ڪري گھر هليو وڃڻو آهي. جن سان ڪوڙا واعدا ڪرڻا آهن. اليڪشنن جي مند ۾ ته دل کولي ڪوڙا واعدا ڪرڻا آهن؛ ۽ جڏهن نڀائڻ جي تقاصا ٿئي يا اهڙو ڪو موقعو اچي ته نٽ نٽاءَ ڪرڻو آهي. هتي جي اقتداري سياست عوام لاءِ بي فيض آهي، ڪوڙ جو طلسم آهي، مداري جي اک بندي آهي، مال ميڙڻ لاءِ گھڙيءَ کن جو رؤنشو ۽ چئن گھڙين جو چُٽڪو آهي. اها عوام جي نالي ۾ ضرور آهي. پر اها عوام جي ناهي، عوام لاءِ ناهي. ان ڪري عوام اهڙين پارٽين کي پنهنجو سمجھڻ جي بجاءِ انهن کي سندن اڳواڻن جي ئي ملڪيت سمجھي ٿو. ڀُل چُڪ وچان سنڌ جي عوام پيپلز پارٽي کي هڪڙي وقت ۾ پنهنجي پارٽي سمجھڻ شروع ڪيو هو، پر اها ته وري صفا پرائي ثابت ٿي. پيپلز پارٽي ۾ ئي سڀ کان وڏي موروثيت آهي، سڀ کان گھڻي ملڪيت پسندي ۽ خانداني والار آهي.
    حد ته اها آهي ته کاٻي ڌر جي انقلابي سياست ڪرڻ جي دعويدار پارٽين ۾ پڻ خطرناڪ حد تائين موروثيت پسندي جا لاڙا آهن. رسول بخش پليجي جهڙي جديديت پسند، گھڻ پڙهيي اديب، روشن خيال دانشور ۽ ترقي پسند سياستدان به پنهنجي پارٽي جو ورثو ڪجھه مهينن اندر ئي سندس پارٽي جي هڪ ٻئي درويش صفت اڳواڻ ڏاڏا قادر رانٽي کان ڦُري نيٺ پنهنجي پٽ جي حوالي ڪري ڇڏيو.
    رڳو سائين جي ايم سيد ان بدعت کان بچيل رهيو. ڪوششون ٿيون. زور بار وڌا ويا. سفارشون ڪيون ويون. ٻاڏايو ويو. پر ”زمين جنبد، نه جنبد گل محمد“ واري بلوچي چوڻي موجب سائين پنهنجي ڳالهه تان تِر جيترو به نه چُريو. چي: ”منهنجو جانشين اُهو ٿيندو، جيڪو صالح هوندو.“ نه رت نه رشتو، نه آل نه اولاد، فقط صالح. اهو رويو سنڌ جي سياست لاءِ بنهه نئون نڪور آهي.اهڙي سياست ۽ اهڙي پارٽي جي وارث آخرڪار عوام يا قوم ٿيندي آهي.
    جتي هڪ پاسي قومپرست سياست ۾ اهي آڏ وڏايون، خوبيون ۽ خصلتون آهن، اتي ٻئي پاسي هيءَ به حقيقت آهي ته قومپرست پارٽيون اڃا هاڻي اسرڻ، وڌڻ ويجھڻ ۽ عوام سان ڪلهو ملائي بيهڻ جهڙيون پيون ٿين. ڊگھي عرصي تائين محض ورڪرن جي حد تائين محدود رهڻ کانپوءِ هاڻي انهن عوام ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو آهي. جيڪا هڪ خوش آئند ۽ اميد افزا ڳالهه آهي.
    حقيقت هيءَ آهي ته قومپرست پارٽيون نظرياتي ۽ فڪري حوالي سان طاقتور ۽ سگھاريون هجڻ جي باوجود حڪمت عملين ۽ پاليسين ۾ مار کائي ويون آهن. ڏٺو وڃي ته سائين جي ايم سيد حڪمت عملي جو تمام وڏو ماهر سياستدان هو. ان هوندي به سندس تحريڪ سندس ان خوبي جو ڪو فائدو وٺي نه سگھي آهي. نتيجي ۾ اها جمود جو شڪار ٿي ويئي آهي. بشير خان قريشي انهي جمود کي ٽوڙڻ ۽ قومي تحريڪ کي عوامي شڪل ڏيڻ جي لاڀائتي ڪوشش ڪئي. جنهن رياست کي خائف ڪيو. نتيجي ۾ ٻن ٽن قاتلاڻن حملن مان بچي وڃڻ کانپوءِ کيس نيٺ زهر پياري اجل جي راهه وٺرائي وئي.
    جي راهه اجل ڪنهن ورتي آ، هِن ڀونءَ ڪئي ٻي ڀرتي آ،
    هيءَ ڌرتي توکي پرتي آ، مهمان هزارين مان نه رڳو.
    اهڙي طريقي سان قومي تحريڪ خلاف رياست وقت بوقت سازشون ڪندي رهي آهي. انهن سازشن جو سبب اهو ئي آهي ته قومي تحريڪ عوام ۾ پنهنجون پاڙون کوڙي نه سگھي. ڪابه پارٽي، ڪابه تحريڪ جيستائين عوام ۾ پنهنجون پاڙون نه کوڙيندي، تيستائين ڪامياب ٿي نه سگھندي. ان ڳالهه کان حاڪم ٽولا چڱيءَ پر واقف آهن. ان ڪري انهن جي هميشه اها ڪوشش رهي آهي ته سنڌي سماج کي وڌ کان وڌ غيرسياسي بڻايو وڃي. سياسي پارٽيون جيترو ڪمزور ۽ هيڻيون هونديون، سماج اوترو ئي غيرسياسي هوندو. سماج جيترو منتشر، هيڻو ۽ غيرسياسي هوندو، سياسي پارٽيون اوترو ئي ڪمزور، نٻل ۽ غيرمنظم هونديون.
    منتشر، هيڻو ۽ غيرسياسي سماج سياست يا سياسي پارٽين جي وارثي ۽ مالڪي ڪندو ئي ڪونهي. سنڌ جي قومپرست ۽ روشن خيال سياست جي ڪمزوري ۽ نٻلتا جو هڪڙو اهم ڪارڻ اهو به آهي ته سنڌي سماج ارتقا جي جنهن تاريخي ڏاڪي تي بيٺل آهي، اهو سياست لاءِ مددي ۽ سازگار ناهي. نتيجي ۾ سنڌ ۾ نه معياري سياسي ڪارڪن ٿو پيدا ٿئي ۽ نه ئي وري سياسي پارٽيون وسيلن جي حساب سان ئي پاڻڀريون ٿيون ٿين. سنڌ جو ماڻهو ڪنهن چڱي ڪم لاءِ هڙان وڙان گھٽ مدد ٿو ڪري. عام ماڻهو ته وري به پنهنجي پهچ آهر ڪنهن چڱي ڪم لاءِ پنهنجي کيسي مان ڏوڪڙ ڪڍي ٿو. پر سنڌ جي پڙهيل ڳڙهيل نوڪري پيشا وچئين طبقي جي ماڻهن ۽ ڪامورن جي تمام وڏي اڪثريت شراب ڪباب جهڙن دوستن جي ڀڙوت وارن ڪمن ۾ ته پئسا خرچي ٿي، پر ڪئين چڱن ڪمن، ماڻهن جي فائدي جي ڪمن، ڏکيءَ ويل پنهنجن ماڻهن جي مدد مدارت ۽ سياست لاءِ پئسا نه ٿي ڏئي. ساڳئي نموني واپاري برادري جي اڪثريت جي کيسن کي به هن سلسلي ۾ ڪانٽا لڳل هوندا آهن. ان جو هڪڙو سبب هيءَ به ٿي سگھي ٿو ته سنڌ جي اسرندڙ واپاري وچئين طبقي پنهنجي معاشي مفادن جو شعور ته حاصل ڪيو آهي، پر اهو اڃا سياسي شعور کان پالهو آهي ۽ پنهنجي اقتصادي معاشي مفادن کي سياسي مفادن سان هم آهنگ ڪري نه سگھيو آهي؛ تنهن ڪري اهو ڪنهن سياسي پارٽي جي مالي مدد نه ٿو ڪري. وچئين طبقي جي سياسي معاشي مفادن ۾ هم آهنگي نه هجڻ جي ڪري ئي وچئين طبقي جي ڪا نمائندا جماعت اڃا پيدا ٿي نه سگھي آهي.
    سنڌين کان، چڱن ڪمن ۾ ڪنجوسي واري، ساڳي شڪايت مهاتما گانڌي کي پڻ هئي. هن 1934ع ۾ جڏهن سنڌ جو دؤرو ڪيو هو، تڏهن چيو هيائين ته ”آئون سنڌ اچڻ تي ڏاڍو خوش ٿيو آهيان. پر مون کي اڃا گھڻي خوشي تڏهن ٿئي ها جڏهن سنڌ مان سوايو يا گھٽ ۾ گھٽ مناسب چندو ملي ها.“ ورهاڱي وقت هندستان لڏي ويندڙ ديوانن کي ڇڏي ڪري، سنڌ جو ماڻهو مجموعي طور تي سياسي، سماجي، تعليمي ۽ عام ڀلائي جي ٻين ڪمن ۾ پئسا ڏيڻ جي ڏس ۾ تمام گھڻو ڪنجوس آهي. ڪير ڇا به چئي، ڇا به ڪري، پر هيءَ حقيقت آهي ته سنڌ جي قومي سياست کي سگھارو ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ماڻهن کي پهچ سارُو ان جي هڙان وڙان مدد ڪرڻي پوندي. پارٽي ڪنهن فرد جي ذاتي ملڪيت ڪانه هوندي آهي ۽ نڪي ڪنهن اڪيلي فرد جي خرچ تي هلندي آهي. پارٽي عوام جي ملڪيت هوندي آهي، عوام جي چندي تي هلندي آهي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ ئي ڪوشان هوندي آهي. ان ڪري سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي سياسي پارٽين جي مدد، مالڪي ۽ وارثي ڪرڻي پوندي. گڏوگڏ سياسي پارٽين کي پڻ عوام کي پنهنجي صفن ۾ جاءِ ڏئي، گھربل اهميت ڏيڻي پوندي ۽ خانداني موروثيت مان جان ڇڏائڻي پوندي. ڪاميابي لاءِ انهن کي موروثيت بدران سائين جي ايم سيد واري ”صالح“ هجڻ واري ڳالهه کي پنهنجي پلاند ۾ ٻَڌڻو پوندو ۽ پنهنجي عوام کي گڏ کڻي هلڻو پوندو.
    * * *

    پهرين اپريل 2014ع


    ٻٽو مڪاني نظام سنڌ لاءِ ايئن خطرناڪ آهي، جيئن ننڍي کنڊ لاءِ ڌار اليڪشني سرشتو هو

    جيئي سنڌ قومي محاذ ٻٽي مڪاني نظام کي سنڌ جي لاءِ هڪڙو انتهائي نقصانڪار نظام سمجھي ٿو. موجودا حالتن ۾ جنهن انداز ۾ سنڌ جي وڏن شهرن کي متحدا قومي موومينٽ ۽ موقعي پرست ڀوتارن جي حوالي ڪيو پيو وڃي، ان مان ڪنهن قسم جي فائدي بدران نقصان ئي نقصان آهي. ايم ڪيو ايم هڪڙي زبردست قسم جي موقعي پرستي ۽ مهمجوئي جو شڪار آهي ۽ پ پ مصلحت پسندي جي نالي ۾ مفاد پرستي ۽ بزدلي جي ور چڙهيل آهي. سنڌ جو وڏيرو نهايت ئي بزدل آهي. اهو جيڏو بزدل آهي، اوڏو ئي ويڪائو ۽ مفاد پرست آهي؛ ۽ اهو پنهنجن مفادن کي ڳِجھه جي اک سان ڏسندو آهي. جنهن ڪري ان مان ڪنهن چڱائي جي اميد ٻٻرن کان ٻير گھرڻ جي برابر آهي.
    آئون سمجھان ٿو ته موجودا ٻٽو مڪاني نظام سنڌ لاءِ ايئن خطرناڪ آهي، جيئن ننڍي کنڊ لاءِ مسلمانن ۽ هندوئن لاءِ ڌار چونڊ نظام هو. چونڊن جي انهي الڳ نظام مسلمانن ۽ هندوئن کي ان نهج تي پهچايو، جتي اهي قومي بنيادن تي سوچڻ بدران فرقيوار ذهنيت جي ور چڙهي ويا ۽ تاريخي قومون پنهنجي الڳ قومي تشخص کي وساري يا ته هندو يا ته مسلمان ٿي پيون. جنهن جي نتيجي ۾ برِصغير ۾ ورهاڱي ۽ ملڪ ٺهڻ جي نالي تي جيڪو گند ٿيو آهي، ان جي ڌپ اڃا تائين ساهه منجھائي رهي آهي.
    تنهن ڪري اسين ٻٽي مڪاني نظام کي مڪمل طور تي رد ڪريون ٿا. اسين پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ٻنهي کي تنبيهه ٿا ڪريون ته اهي موقعي پرستي، مفاد پرستي، مهمجوئي، لالچ ۽ خصيص مفادن جي ڌٻڻ منجھان ٻاهر نه نڪتا ته تاريخ کين گند جي ڍير تي اڇلائي ڇڏيندي.
    البت اسين ان معاملي کي ايئن نٿا ڏسون، جيئن لساني سياست ڪندڙ ڌريون ڏسن ٿيون. اهي هن معاملي تي ان انداز ۾ هلڙبازي مچائي رهيون آهن، جو ان سان قومي تضاد جو رخ بدلائڻ واري پنجاب سامراج جي سازش تي عمل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. ٻٽي مڪاني نظام کي به سنڌ جي قومي غلامي جي تناظر ۾ سمجھڻو پوندو. ان ۾ اسلام آباد جو جيڪو ڪردار آهي، ان کي ڪيئن ٿو نظرانداز ڪري سگھجي؟ اسلام آباد سنڌ جي هر سياسي معاملي ۾ ايئن شامل آهي، جيئن ورهاڱي کان اڳ ۾ انگريز يا لنڊن هندستاني معاملن ۾ هوندو هو؛ جيئن هر بيٺڪي قوت پنهنجي بيٺڪيت ۾ هوندي آهي. ان ڪري هن مامري پٺيان اسلام آباد جي، پنجاب سامراج جي ڪردار کي نظرانداز ڪندي ان کي رڳي ئي رڳي سنڌي پناهگير يا پ پ ايم ڪيو ايم تناظر ۾ کڻڻ نهايت ئي سادگي ڀري سياسي سوچ آهي. سنڌ جو ڪوبه فيصلو اسلام آباد جي آشيرواد يا اک ٽيٽ کانسواءِ نٿو ٿئي، پوءِ ڀل مرڪزي اقتدار ڪنهن وٽ به هجي. ان ڪري اسان سمجھون ٿا ته ان جي پٺيان “اصل تي وڊين قوتن” جي غليظ ڪردار تي پردي پوشي نه ٿيڻ کپي. ۽ هن معاملي کي به سنڌ جي قومي غلامي جي تناظر ۾ کڻڻ کپي. اهڙي طريقي سان ئي هي معاملو حل ٿي سگھندو. ٻي صورت ۾ اهو به ٻين ڪيترن ئي اهم مامرن وانگر آهستي آهستي پسمنظر ۾ هليو ويندو. جيڪا يقينن هڪڙي خراب ڳالهه هوندي ۽ ان جا سياسي طور تي خراب اثر مرتب ٿيندا.

    (پارٽيءَ اڳواڻ طور سنڌي رسالي ”مزاحمت“ کي ٻِٽي مڪاني نظام بابت ڏنل مؤقف)


    جيئي سنڌ هلچل جي اختلافن تي مٿاڇري نظر

    سنڌ جي اندر سياسي ٽوڙ ڦوڙ ماضي قريب کان هڪڙو اهڙو لقاءَ بڻيل آهي، جيڪو نه ڏسي سگھڻ جي لائق آهي ۽ نڪي وري ان کان اکيون ئي ڦيرائي سگھجن ٿيون. پر جيڏو وڏو هيءَ مامرو آهي، اُن کان وڏو ان کي اڇاليو ويو آهي. شين کي غيرضروري طور تي تڏهن ئي اڇاليو ويندو آهي، جڏهن انهن ڏانهن غيرحقيقي روش روا رکبي آهي. سنڌ اندر سياسي ٽوڙڦوڙ کي پڻ ڏاڍي غيرسنجيدگي، اٻهرائي ۽ اڇاترائي سان ورتو ويو آهي. جيئي سنڌ جي صفن يا قومي تحريڪ اندر موجود اختلافن يا ٽوڙڦوڙ کي سڀ کان وڌيڪ بحث هيٺ آندو پئي ويو آهي. خود سنڌي عوام پاران ان تي بارها ڳڻتي جو اظهار ٿيندو رهيو آهي. ان جو هڪ ڪارڻ ته عوام جي دل ۾ موجود اها آرزو آهي ته سنڌ جي سياست متحد ۽ هڪ جاءِ تي گڏ هجڻ گھرجي، پر ٻيو اهم ڪارڻ هيءَ آهي ته اُن ٽوڙ ڦوڙ کي ته ڏٺو وڃي ٿو، پر ان جي پويان موجود ڪارڻن جي اوک ڊوک کان لنوايو ويندو آهي. ان ڪري ضروري آهي ته هڪ مٿاڇري نگاهه انهن ڪارڻن تي پڻ وڌي وڃي، جيڪي سياسي ۽ تنظيمي ٽوڙڦوڙ جا محرڪ رهيا آهن. منهنجي خيال ۾ ٿلهي ليکي هيءَ اهم ڪارڻ آهن:

    الف ـــ طبقاتي ۽ نظرياتي ٽڪراءَ:
    سائين جي ايم سيد جي زندگي ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ جيڪا ٽوڙڦوڙ ٿي، ان جو هڪڙو اهم ڪارڻ طبقاتي ۽ نظرياتي ٽڪراءَ ۽ اختلاف هئا. عام طور تي قومي تحريڪ مختلف طبقاتي بيهڪن آڌار پارٽين جي شڪل وٺندي آهي. پوءِ اڳتي هلي تاريخي ضرورتن جي ڪري ۽ هڪڙي ئي دشمن خلاف برسر پيڪار هجڻ ڪري ڪنهن واحد مرڪز تي جمع ٿيندي آهي.
    ان جي برعڪس سنڌ ۾ ايئن ٿيو ته سائين جي ايم سيد فڪري ۽ عملي طور تي سنڌ جي قومي تحريڪ جي سرواڻي ڪندي ايڏي وڏي شخصيت بڻجي ويو، جو سڄي قومي تحريڪ سندس تاريخ ساز شخصيت جي چوڌاري گڏ ٿي. سائين جي ايم سيد جي معاملا فهم ۽ فڪري توڙي عملي حوالي کان ديو قامت شخصيت سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جي صلاحيت رکندڙ هئي. ان ڪري هو سنڌيت جي اها شمع بڻجي پيو، جنهن تي سمورا پتنگا اچي ڳاهٽ ٿيا. جدوجهد جي لهس اچڻ کانپوءِ هنن سڀني پتنگن جي پرن تي نظرياتي ۽ طبقاتي ڪاراهٽ جا پاڇا پوڻ لڳا. جنهن جي نتيجي ۾ هڪڙي اهڙي سلسلي جو آغاز ٿيو، جيڪو بنهه بيمعنا ۽ فضول هو. دانشورانا ذهني عياشي هو. سياسي نابالغي ۽ ڇڙواڳي هو. سياسي ڪچ وهيءَ جي اٻهرائي ۽ مهمجوئي هو.
    ڪنهن قوم جي آزادي جي جدوجهد ۾ طبقاتي سوال ڪيتري اهميت ٿو رکي؟ ان سوال کي درست تناظر ۾ سمجھڻ بدران ان تي کاٻي ڌر جي ساٿين پاران سوشلزم جا بي رنگ پردا وجھي مبهم بڻايو ويو. ٻئي پاسي ساڄي ڌر وارن موقعي پرستي کي پنهنجو وڇاڻو بڻائي ورتو. حيرت انگيز ڳالهه هيءَ آهي ته کاٻا ساڄا، ٻيئي ڌڙا سنڌ جي قومي تحريڪ کي ڇڏي ويا. پهرينِ مهمجوئي ڪئي، پوين موقعي پرستي. رڳو قومپرست، جن جي اڪثريت هيٺئين ۽ وچئين طبقي سان لاڳاپيل هئي، قومي تحريڪ جي رستي تي ثابت قدمي سان سائين جي ايم سيد سان گڏ بيٺا رهيا. چوڻ جو مطلب ته اهي نظرياتي ۽ طبقاتي ٽڪراءَ هئا، جن جي ڪري سنڌ جي قومي تحريڪ يا جيئي سنڌ اندر ٽوڙڦوڙ ٿي. باقي ڪير ڪهڙي لڏي جو مهندار هو، ڪنهن ڪهڙي ڌڙي جي اڳواڻي پئي ڪئي، ڪنهن ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو؟ ان موضوع جي تفصيلي اوک ڊوک کي پاڻ آئيندي جي مؤرخن لاءِ ڇڏيون ٿا. پاڻ هتي ٿلهي ليکي رڳو اهو سبب ٿا ظاهر ڪيون، جيڪو ان مخصوص وقت ۾ جيئي سنڌ اندر اختلافن يا انتشار جو هڪڙو محرڪ بڻيو. بعد وارين ٽوڙن ڦوڙن ۾ اهو سبب ڪارفرما نه هو.

    ب ـــ حڪمت عملين ۽ پاليسين توڙي روين جا اختلاف:
    حڪمت عملين ۽ پاليسين تي اختلاف سائين جي ايم سيد جي زندگي ۾ پڻ هيا. پر گھڻي ڀاڱي اهي تنظيمي صفن اندر ئي رهيا. اڳتي هلي هن سبب وڌيڪ تيزي ورتي ۽ جيئي سنڌ جي اڪثر انتشارن ۽ ٽوڙن ڦوڙن ۾ ان کي گھڻو ورجايو ويو. نظرياتي ۽ فڪري ساڳيائپ جو راڳ ڳائيندي حڪمت عملي ۽ پاليسي جي اختلافن تي زور ڏنو ويو.
    چي: ”ادا فڪري طور تي اسان سڀ سائين جي ايم سيد جي آزادي واري نظريي جا پيروڪار آهيون، بس رڳو حڪمت عملي ۽ پاليسين تي اختلاف آهن، ان ڪري ڌار ٿيا آهيون.“
    ڳُوڙهائي سان ڏٺو وڃي ته حڪمت عملي ۽ پاليسي رڳو ٻن ڌرين جي مختلف آهي. هڪ جيئي سنڌ متحدا محاذ وارن جي ۽ ٻي خالق جوڻيجي واري جيئي سنڌ محاذ جي. نه ته ٻيون سڀ ڌريون عدم تشدد ۽ غيرپارلياماني حڪمت عملي ۽ پاليسي تي گامزن آهن.
    ان ڪري جيڪي اختلاف حڪمت عملين ۽ پاليسين جا چيا ٿا وڃن، اهي اصل ۾ گُرن ۽ اٽڪلن جا اختلاف آهن. ان کان اڳتي اهي روين جا اختلاف آهن، پسند ناپسند جا اختلاف آهن، اڻ سهپ جو اظهار آهن.
    ڏسجي ته مجموعي طور تي سنڌ جي سياسي اڳواڻن ۾ هڪٻئي لاءِ اڻ سهپ به ڏاڍي رهي آهي.
    اها اڻ سهپ ۽ روين ۽ مزاجن جي الڳتا معاملن کي اختلافن جي شخصي نوعيت ڏانهن ڌڪي ٿي. نتيجي ۾ گڏ هلڻ ويتر وڌيڪ ڏکيو ٿي ٿو پئي. تان جو ڳالهه هلي ڪنهن ٽوڙ تي ئي کُٽي ٿي.

    ٻ ـــ مفادن جو ٽڪراءُ:
    سياسي اڳواڻي تي لاڳيتي والار جي نتيجي ۾ اڳواڻ مخصوص قسمن جا مفاد جوڙي وٺن ٿا. اهي مفاد جيئن ته سياسي اڳواڻي سان ئي منسلڪ هجن ٿا، ان جي ڪري ڪوبه اڳواڻ ڪڏهن به پنهنجو عهدو يا اڳواڻي ڇڏڻ لاءِ راضي نه ٿو ٿئي. ان جي نتيجي ۾ پڻ ڇڪتاڻ ٿئي ٿي، جيڪا بالآخر اچيو پارٽي جي ٽٽڻ تي دنگ ڪري.
    حضرت علي عليه السلام وٽ ٻه مايون آيون. ٻيئي ساڳئي ٻار جون وارث يا مائرون هجڻ جون دعويدار هيون. حضرت علي چيو ته ٻار ٻه اڌ ٿا ڪيون. هڪ اڌ هڪ ماءُ کڻي، ٻيو اڌ ٻي ماءُ. ڪوڙي مائي ان ڳالهه تي آمادا ٿي ويئي. پر ٻار جي اصل ماءُ چيو ته نه، ٻار کي ماريو نه، ڀلي هُن مائي کي ڏيئي ڇڏيو.
    پر سياست ۾ ايئن نه ٿو ٿئي. ٻار جهڙي پارٽي ٻن اڳواڻن جي جھيڙي ۽ مفاداتي ڇڪتاڻ جي ور چڙهيو ٻه اڌ ٿيو وڃي. سياسي، معاشي، شخصي ۽ گروهي مفادن جي ٽڪرائن جي نتيجي ۾ پارٽيون ٽٽن ٿيون.

    ڀ ـــ ڳُجھن هٿن جون ڪارگذاريون:
    جيئن ٻين سياسي پارٽين سان ٿيندو رهيو آهي، ايئن جيئي سنڌ سان پڻ ٿيندو رهيو آهي. هن مملڪتِ خدادادِ پاڪستان جا ڳجھا ادارا سياسي پارٽين کي هميشه ڪمزور ۽ منتشر ڏسڻ ٿا چاهين، ان ڪري هنن سمورين پارٽين جي خلاف وقت بوقت سازشون پئي سٽيون آهن. پوءِ اهي قومي پارٽيون هجن، جمهوري پارٽيون هجن يا وري سندن ئي پيدا ڪيل پارٽيون ڇو نه هجن؛ وس پڄندي هُنن ڪنهن کي به بخش ڪونه ڪيو آهي. جارح ۽ آمراڻي رياست هميشه سگھاري فوجيت ۽ ڪمزور سياست چاهيندي آهي. سياست جيتري ڪمزور هوندي، ڳجھا ادارا ۽ عسڪري ادارا اوترا ئي طاقتور هوندا ۽ اوترو ئي رياست تي مسلط ٿيل هوندا. ان ڪري پاڪستان قسم جون رياستون هميشه غيرسياسي نظام ۽ منتشر معاشري جون خواهان هونديون آهن. تنهن ڪري هٿ وٺي سياست ۾ انتشار پکيڙيو ويو آهي.
    اهڙو انتشار جيئي سنڌ ۾ پکيڙڻ جي ڪوشش پڻ ٿيندي رهي آهي. اهڙا هٿڪنڊا به ٽوڙن ڦوڙن جو سبب بڻجندا رهيا آهن. پر هن ڏس ۾ وڌاءَ به تمام گھڻو ڪيو ويو آهي.
    ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ جيئي سنڌ هن قسم جي هٿڪنڊن جي مزاحمت به وڏي سطح تائين ڪئي آهي.

    ت ـــ ڊگھي مدي واري چِٽي حڪمت عملي جو نه هجڻ:
    جيئي سنڌ نظرياتي نقطي نگاهه کان جيتري مضبوط ۽ چِٽي آهي، حڪمت عملي جي لحاظ کان اوتري ئي منجھيل ۽ ڪمزور آهي. نتيجي ۾ اُها ڪا واضح، چِٽي ۽ ڊگھي مدي واري مضبوط حڪمت عملي جوڙي نه سگھي آهي. حڪمت عملي جي ان فقدان جي نتيجي ۾ اُها اُهي شاندار ۽ تاريخي ڪاميابيون ماڻي نه سگھي آهي، جيڪي سندس مقدر آهن.
    حڪمت عمليون هميشه گھڻ طرفيون هونديون آهن. اهي گھڻن ئي پاسن کان پنهنجي مقصد ڏانهن اڳڀرائي ڪرڻ ۾ معاون ثابت ٿينديون آهن. حڪمت عمليون جيتريون طاقتور ۽ عملي هونديون، پارٽي جي اڳتي وڌڻ جي رفتار اوتري ئي تيز هوندي ۽ مقصد جي حاصلات اوتري ئي تيزي سان ممڪنات جي مرحلي ۾ داخل ٿيندي.
    ڪوبه سگھارو، تاريخ ساز ۽ سچ تي بيٺل نظريو ڪمزور حڪمت عملي سان فاتح نه ٿو ٿي سگھي. طاقتور نظريي کي به سگھاري حڪمت عملي جي ضرورت هوندي آهي. سگھاري حڪمت عملي جي اڻهوند ۾ سچ تي بيٺل نظريا به وقتي طور تي هارائي ويندا آهن.
    سنڌ جي آزادي ڏانهن فيصلائتي اڳڀرائي نه ٿيڻ جو هڪ اهم ڪارڻ جيئي سنڌ وٽ ڊگھي مدي واري طاقتور حڪمت عملي جي اڻهوند پڻ آهي. گڏوگڏ ايئن به آهي ته انهيءَ فقدان جي نتيجي ۾ جيئي سنڌ ٽٽندي به رهي آهي. جڏهن پارٽيون سگھارين حڪمت عملين سان جاکوڙ ۾ هونديون آهن، تڏهن داخلي اختلاف، جي هوندا آهن ته، دٻيل هوندا آهن يا وري وقت سِر حل ٿي پيا ويندا آهن. اختلاف وڌي وڻ رڳو تڏهن ٿيندا آهن، جڏهن پارٽيون اڳيتي هلچل ۾ نه هونديون آهن. لاڳيتي هلچل ننڍي مدي توڙي ڊگھي مدي وارين سگھارين حڪمت عملين کانسواءِ ممڪن ئي ڪانهي.

    ٿ ـــ سنڌي سماج ۾ موجود انتشار:
    ورهاڱي کانپوءِ سنڌي سماج کي هٿ وٺي جنهن بحران ۽ انتشار ڏانهن ڌڪيو ويو آهي، اهو هاڻي وڌي وڻ ٿيڻ کان به اڳتي نڪري هڪڙو اهڙو جھنگ ٿي پيو آهي، جنهن ۾ رڳو ڪنڊا، کسڙ ۽ گندگاهه ئي آهي. ورهاڱي جي نتيجي ۾ سنڌي قوم کي جيڪو نقصان رسيو آهي، اهو ناقابل تلافي آهي. انهيءَ ننقصان جي گھڻن پاسن جو پورائو شايد ڪڏهن به نه ٿي سگھي.
    اهڙن انيڪ نقصانن جو هڪ نتيجو سنڌي سماج ۾ پيدا ٿيل انتشار آهي. سماجن ۾ جڏهن انتشار وڌندا آهن، ته اتي يا ته انقلاب رونما ٿيندا آهن يا وري انارڪي پکڙبي آهي. سنڌي سماج جيترو منتشر ٿي رهيو آهي، اوترو ئي انارڪي ڏانهن ڌِڪجي رهيو آهي. اهو ڪنهن سنئين دڳ ڏانهن وڌڻ، پنهنجي مرندڙ ڊهندڙ وجود منجھاران ڪنهن نئين شئي کي جنم ڏيڻ بجاءِ هر ڏسا تباهيون، بحران ۽ انتشار پکيڙي رهيو آهي.
    سنڌي سماج ۾ وڌندڙ اهو انتشار انتظامي، سماجي، سياسي، معاشي ۽ تعليمي شعبن سوڌو سمورن شعبن توڙي ڪٽنبي ايڪي تي پئجي رهيو آهي. اسان جا ڳوٺ، شهر، پاڙا، ڪٽنب، پنچائتي نظام ـــ هر شئي ٽوڙڦوڙ ۽ انتشار جي ور چڙهيل آهي. اسان جا ڪٽنب ٽُٽي رهيا آهن، گھر گھر کان جدا آهي، پاڙو پاڙي مان بيزار آهي، ڳوٺ ڳوٺ کان ڌار آهي، شهر شهر جو حريف آهي. هر گھر ۾ ”چڱ مڙسي“ جو جھيڙو آهي. هر ڳوٺ ۾ ”چڱن مڙسن“ جي بيهودي قطار آهي. هر پاڙي، هر شهر ۾ ”نام نهاد چڱ مڙسي“ لاءِ جھيڙا ۽ سازشون آهن. هر ڪو سوا سير آهي، ڪوبه پاءَ ٿيڻ لاءِ تيار ناهي. ڪوبه ٻئي کي جڳهه ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. هر ڪو وتائي وانگر اڪيلو سيرو کائڻ ٿو گھري. انتشار ۽ افراتفري ايڏي آهي، جو ماڻهو ماڻهو ڀيڙو ڪونهي.
    سنڌ ۾ سماجي ۽ معاشي ارتقا جي هن ڏاڪي تي جيڪو انتشار آهي، ان جو اولڙو سنڌ جي سياست تي پڻ پوي ٿو. سنڌ جو سياسي انتشار هڪ حد تائين سنڌ جي سماجي انتشار منجھان ئي ڦُٽي ٿو نڪري. جيڪڏهن سنڌ معاشي ۽ سماجي استحڪام ۾ هجي ها، ته هوند سنڌ ۾ هيڏو سياسي انتشار هرگز نه هجي ها.
    سماج تاريخي ارتقا جي جن ڏاڪن تي بيٺل هوندا آهن، نتيجا به ان سطح جا ئي ڏيندا آهن. ان ڪري سياست به انهن اثرن کان آجي ٿي نه ٿي سگھي.

    سياست جي نفي ناهي ڪرڻي:
    سياست جيئن ته سماج جي اڳواڻي ڪندي آهي؛ ان ڪري آخرڪار اُها هر قسم جي اُنهن اثرن مان جان ڇڏائي وٺندي آهي، جيڪي سندس پيرن ۾ پنجوڙ ٿي پوندا آهن. اُها ڪيتري به ڪمزور ڇو نه هجي، پر نيٺ ڳُڙيِ ڳُڙيِ چڙهي ويندي آهي، لُڏيِ لَميِ تري ويندي آهي. سياست کي سڄي سماج جي سرواڻي ڪرڻي هوندي آهي، جيڪا اها تڏهن ئي ڪري سگھندي آهي، جڏهن پنهنجي پيرن مان هيڻائي جا ڏانوڻ ٽوڙي وجھندي آهي، ۽ انت اها ايئن ڪري ئي وجھندي آهي.
    سنڌ جي سياست کي به سمورن بحرانن، ٽوڙن ڦوڙن ۽ انتشارن تي حاوي پوڻو آهي. انهيءَ لاءِ ان کي نوان گس ڳولڻا آهن، نيون حڪمت عمليون جوڙڻيون آهن، ڪمزورين کي ختم ڪري خوبيون پيدا ڪرڻيون آهن ۽ سڄي سماج تي نئين سري سان اثرانداز ٿي ان جي اڳواڻي ڪري نئون انقلاب برپا ڪرڻو آهي.
    پر اهو سڀ ڪرڻ لاءِ اسان مان سڀني کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سياست جي نفي ڪرڻ بدران انهيءَ کي سگھه وٺائڻي پوندي.
    * * *
    8 اپريل 2014ع


    سنڌ ۾ سياسي اتحادن جو الميو

    سنڌ ۾ سياسي اتحادن جي تاريخ چڱي خاصي پراڻي آھي ، جنھن جا پيرا ويھين صدي جي پھرئين اڌ تائين وڃن ٿا.برطانوي راڄ ھيٺ 1936ع ۾ جيئن ئي سنڌ جي نسبتن خودمختيار حيثيت بحال ٿي ۽ نئون سياسي ماحول پيدا ٿيو، تيئن ئي سياسي اتحادن جي جوڙجڪ ۽ جوڙ ٽوڙ جا بنياد پڻ پيا. پر ورھاڱي کان اڳ وارا اھي سياسي اتحاد گھڻي ڀاڱي پارلياماني دائري اندر سرگرم رھيا. پارليامينٽ کان ٻاھر به انھن جو وجود ڪڏھن ڪڏھن نظر اچي ٿو، پر اھو ڪڏھن ڪڏھن ئي آھي، نه ته گھڻو ڪري اھي اتحاد پارليامينٽ اندر ۽ حڪومتي ڪار وھنوار ۾ شراڪت جي سلسلي ۾ ئي ظھور پذير ٿيندا رھيا. جنھن جي ڪري اھي ھڪ حد تائين غيرمؤثر ۽ غيرعوامي شڪل ۾ رھيا ۽ سنڌي سماج ۾ ڪنھن غير معمولي يا وڏي اٿل پٿل جو ڪارڻ بڻجي نه سگھيا.
    ورھاڱي کانپوءِ سنڌ اندر تمام وڏيون تبديليون آيون. جنھن نئين قائم ٿيل رياست کي سنڌ لاءِ ھڪڙي آفاقي نعمت ۽ کير جي ندي طور پيش ڪيو پئي ويوِ، اھا سنڌ جي لاءِ ھڪ خطرناڪ زحمت ۽ وبال بنجي پيئي. جنھن جي نتيجي ۾ سنڌي قوم ڏينھون ڏينھن مختلف مسئلن، مونجھارن، پريشانين ۽ استحصال جي ور چڙھندي ويئي. چونڊيل پارليامينٽ، جيڪا جديد سياسي سرشتي ۾ ملڪن ۽ قومن جو سياسي ڪار وھنوار ھلائڻ ۽ معاملا نبيرڻ جو اھم ۽ بنيادي ميدان ھجي ٿي، تنھن کي غير مؤثر، غير فعال ۽ ڪاغذي شينھن بنائڻ جا ايترا جتن ڪيا ويا جو اھا واقعي ئي ڪيِ ڪين رھي. رھي کھي ڪسر ون يونٽ لاڳو ڪري پوري ڪئي ويئي. ھاڻي ناني وڌڻ واري ۽ ڏوھٽا کائڻ وارا ھئا. البت ان عرصي ۾ ايترو ضرور ٿيو جو سائين جي-ايم-سيد اتحاد يا جوڙٽوڙ وارا حربا ڪتب آڻيندي ون يونٽ خلاف مرڪزي اسيمبلي ۾ ٺھراءُ پاس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. اھو سنڌ جي مسئلي تي آخري پارلياماني اتحاد ھو. جنھن جي ٺھراءٌ جي نتيجي ۾ ون يونٽ ته ڪونه ٽٽو، پر خود ان مرڪزي اسيمبلي کي سزا طور گھر ڀيڙو ٿيڻو پيو. ان کانپوءِ ايندڙ اسيمبلين اندر پارلياماني پارٽين جي وچ ۾ جيڪي به اتحاد ٿيا آھن، اھي سنڌ جي مسئلن جي حل يا عوامي معاملن جي اڪلاءَ جي بجاءِ صرف اقتداري شراڪت ۾ حصي پتي جي بنيادن تي ٿيا آھن. جنھن جو ھڪ ڪارڻ اھو به آھي ته جيڪي سياسي پارٽيون سنڌ جي معاملن کي سنجيدگي ۽ ذميواري سان ڏسي رھيون ھيون، اھي سياسي بساط تي آيل تمام وڏين اٿلن پٿلن جي سٽ نه سھي سگھيون ۽ ستر جي ڏھاڪي کان سنڌ جو پارلياماني مورچو سندن ھٿن مان ڇڏائجي روايتي ڀوتارن ۽ سندن ڇپر ڇانءٌ بڻيل وفاقي پارٽين جي ھٿن ۾ ھليو ويو. جڏھن ته سنڌ جي معاملن ۽ مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙيندڙ قومپرست پارٽين پارليامينٽ کان ٻاھر جدوجھد جي رستي جي چونڊ ڪئي.

    ويجھي ماضي جا ڪجھھ اتحاد:
    سنڌ جي سياست ۾ آيل انھي تبديلي کانپوءِ سياسي پارٽين وچ ۾ اتحاد جي انداز، طريقيڪار ۽ بيھڪ ۾ به تبديلي آئي. اڳي جيڪي اتحاد حڪومت ذريعي معاملن جي حل لاءِ ٺھندا ھئا، اھي ھاڻي اقتدار کان ٻاھر رھي جدوجھد ڪرڻ لاءِ ٺھڻ لڳا. شروعاتي طور تي انھن اتحادن جي شڪل گھڻي ڀاڱي نظرياتي ھئي. جنھن جو ھڪ اھم مثال جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻي ۾ ”راڄوڻي اتحاد‟ آھي، جنھن ۾ عبدالواحد آريسر جي سربراھي ۾ جيئي سنڌ محاذ، مولانا عزيز الله ٻوھيي جي سنڌ ساگر پارٽي ، قاسم پٿر جي سنڌ نيشنل ڪانگريس ۽ مرحوم سنڌ دوست انقلابي پارٽي شامل ھيون.سنڌي قوم ۾ قومي تشخص جي سڃاڻپ ۽ سياسي بيداري پيدا ڪرڻ لاءِ ان اتحاد جي پڌر تان ننڍن وڏن شھرن، ڳوٺن ۽ واھڻن ۾ جلسا ڪري سجاڳي جي زبردست مھم ھلائي ويئي. جنھن کانپوءِ رسول بخش پليجي جي سربراھي ۾ ”سنڌي عوام جو قومي اتحاد‟جوڙيو ويو. پر اھو اتحاد مختلف پارٽين بدران فقط عوامي تحريڪ ۽ ان جي ذيلي فرنٽن تي مشتمل ھو، جنھن کي اتحاد جو نالو ڏنو ويو ھو. البت ايترو ضرور ٿيو جو سنڌي عوام جي قومي اتحاد جي نالي ۾ پليجي صاحب سنڌ جي سياست ۾ ھڪڙو وڏو دباءٌ پيدا ڪيو. جنھن سان صرف نظرياتي اتحاد بدران وسيع تر سياسي قومي اتحاد لاءِ ماحول سازگار بڻيو. جنھن جي نتيجي ۾ اڳتي ھلي سائين جي-ايم-سيد جي اڳواڻي ۾”سنڌ قومي اتحاد‟جو بنياد پيو. سنڌ قومي اتحاد (ايس اين اي) نه فقط سنڌ جي اتحادي سياست، پر مجموعي قومي سياست ۾ ھڪڙي تمام وڏي ڇلانگ ھو. جنھن سنڌ جي قومپرست سياست تي تمام گھڻا فوري ۽ دور رس اثر ڇڏيا. اھوئي ڪارڻ آھي جو سنڌ قومي اتحاد جو پڙاڏو سنڌ جي سياست ۾ اڄ به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.
    سنڌ قومي اتحاد جي وکرڻ کانپوءِ اسان کي ھڪ ٻيو نظرياتي اتحاد ”جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي‟جي نالي سان نظر اچي ٿو.جنھن ۾ صرف جيئي سنڌ ھلچل سان تعلق رکندڙ پارٽيون شامل ھيون. سائين جي-ايم-سيد جي لاڏاڻي کانپوءِ جيئي سنڌ جي سڀني ڌڙن وچ ۾ ٿيل انضمام جو ھڪڙو ننڍڙو سبب جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي به ھئي. جيڪا ڪجھھ وقت غير سرگرم رھڻ بعد سائين جي-ايم-سيد جي علالت دوران وري متحرڪ ٿي ويئي ھئي.
    ويجھڙي ماضي ۾ به قومپرستن جو وڏو اتحاد ممتاز علي ڀٽي جي سربراھي ۾ سنڌ قومي اتحاد (ايس ڪيو آءِ) جي نالي سان ميدانِ عمل ۾ آندو ويو. جنھن به ڪجھھ وقت تائين سنڌ جي سياست ۾ زبردست غوغاءَ پيدا ڪيو. پر جلد ئي اھو اتحاد به اڳين اتحادن جيان ماٺار جو شڪار ٿي وکري ويو.

    ادو مئو، ادي ڄائي، اسين اوتري جا اوترا:
    سنڌ ۾ ھڪ ڀيرو وري اتحاد جو چؤٻول تڏھن اٿيو، جڏھن ڪجھھ مھينا پھرين سوات ۾ فوجي آپريشن دوران لڏپلاڻ ٿي ۽ انھن لڏيندڙن جي تمام وڏي حصي سنڌ ڏانھن پنڌ ڪرڻ شروع ڪيو. ڌارين جي انھي يلغار کي روڪڻ لاءِ سنڌ ۾ احتجاجن جي لھر شروع ٿي. جنھن سان ھڪ طرف ڌارين آبادڪاري خلاف سنڌي عوام ۾ تحرڪ پيدا ٿيو، ته ٻئي طرف سياستدانن تي گڏجي جدوجھد ڪرڻ لاءِ دٻاءٌ پڻ وڌيو. جنھن جي نتيجي ۾ اتحاد جي ايجنڊا ھڪ دفعو وري ماڻھن جي زبانن تي گونجڻ لڳي. نه رڳي ايترو پر اتحاد جي لاءِ ڪجھھ پيش رفت پڻ ڪئي وئي. تنھن جي باوجود ڪو گڏيل اتحاد نه ٺھي سگھيو. مٿان رمضان شريف جو مھينو شروع ٿي ويو. رمضان ايندي ئي نه فقط ڌارين آبادڪاري خلاف ھلندڙ جدوجھد آھستي آھستي ماٺارجي ويئي، پر خود اتحاد جو ايجنڊو بھ ماڻھن کان ڇڏائجي ويو.

    بنان نالي سپرين:
    البت انھن ڏينھن ۾ اتحاد لاءِ جيڪا اڳڀرائي ٿي، انھي سان ھڪ ته مختلف پارٽين جي وچ ۾ ڪنھن حد تائين ھم آھنگي پيدا ٿي. ٻيو ته ان ھم آھنگي ٿورڙو اڳيان وڌي سنڌي سماج کي ھڪڙي اتساھيندڙ اميد عطا ڪئي ته ھاڻي سنڌ جي سياست جو سينو ڪشادو ٿي رھيو آھي ۽ اسان جا اڳواڻ انائن ۽ اجاين تڪرارن مان نڪري وڌيڪ سنجيدا ٿي رھيا آھن. جنھن جي نتيجي ۾ تڪڙو نه ئي سھي، پر اڳيان ھلي ڪو وسيع تر قومي اتحاد جڙي سگھي ٿو.
    اھو وڏو اتحاد ڪڏھن ٿو جڙي؟ تنھن جي خبر ته خاوند کي. باقي اھو ضرور ٿيو آھي جو پنجن پارٽين (حقيقت ۾ چئن پارٽين. جو پنجين پارٽي نه پر فرد آھي) جي وچ ۾ ھڪڙو بنا نالي اتحاد ٺھيو آھي. جيڪو سنڌ جي مسئلن تي سرگرمي ڪري رھيو آھي. اھا جدا ڳالھھ آھي ته ھيءَ اتحاد ٺھڻ سان ئي تڪراري ۽ غيرمؤثر نظر اچڻ لڳو آھي. جنھن جو ھڪ سبب ھيءَ به آھي ته سنڌ جي سڀ کان وڏي سياسي سگھھ ”جيئي سنڌ ھلچل‟ ھن کان ٻاھر آھي. ڀلا جنھن اتحاد ۾ جيئي سنڌ سان لاڳاپيل ڪا به پارٽي شامل نه ھجي، اھو نمائندا اتحاد ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ خير ڪيئن به ھجي. پر گڏجڻ وارو عمل وري به بھتر آھي. ٻه ڀائر به گڏجن ٿا ته چڱي ڳالھھ آھي.

    پوتڙو ڪلھي تي، الله ڙي واھي!
    ورھاڱي کان اڳ وارا اتحاد ھجن يا ورھاڱي کان پوءِ وارا، پارلياماني اتحاد ھجن يا پارليامينٽ کان ٻاھر وارا، سنڌ جي اتحادن جو وڏي ۾ وڏو الميو اھو ئي آھي ته اھي جٽادار ناھن. سنڌ جون سياسي پارٽيون گھڻو وقت اتحاد ۾ گڏ ھلي نه ٿيون سگھن. جڏھن به ڪو اتحاد ٺھي ٿو ته ٺھڻ سان ئي پنھنجي خاتمي جا سبب پيدا ڪرڻ لڳي ٿو. جيئن جاندار پنھنجي موت جا سبب پنھنجي اندر ۾ پيدا ٿا ڪن، تيئن سنڌ جا سياسي اتحاد به پنھنجي انت جا سڀ اسباب پنھنجي اندر ۾ پيدا ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ٿا ڇڏين. اھي جڏھن پنھنجي جوڀن تي رسن ٿا ته اچانڪ بي قدرن جي ياري وانگر ٽڙڪ ڪري ٽٽي ٿا پون. پوءِ ھر ڪو پوتڙو ڇنڊي الله واھي ٿو ڪري. ڪير نه ڪنھن ڀيڙو. سنڌي عوام ويچارپ، وائڙپ ۽ اچرج مان ويندڙن کي ويندو ڏسندو، ٿڌا شوڪارا ڀريندو حيران سرگردان رھجي وڃي ٿو. گڏوگڏ اھي سمورا معاملا ۽ مسئلا جن جي حل لاءِ اتحاد ٺاھيو وڃي ٿو، اھي به جيئن جو تيئن رھجي وڃن ٿا.

    آخرڪار پنھنجا اتحاد ھلن ڇو نه ٿا؟
    اھو ھڪڙو اھم سوال آھي ته آخرڪار پنھنجن اتحادن جي ڄمار ايڏي ننڍڙي، مختصر ۽ ٿورڙي ڇو ٿي ٿئي؟ اھي ڊگھي پنڌ تائين ڇو ھلي نه ٿا سگھن؟ ڪھڙي خرابي آھي جو اسان سڀ ھڪڙي ڳالھھ ڪندي ۽ پنھنجي وطن کي سنگين خطرا درپيش ھوندي، سڀ ڪجھھ سمجھندي به الڳ ٿيڻ ۾ دير ئي نه ٿا ڪريون؟ آئون سمجھان ٿو ته ان جا ڪجھھ بنيادي سبب ھيٺيان آھن؛

    الف: سنڌ جي سموري سياسي قيادت زرعي معاشري سان لاڳاپو رکندڙ آھي ۽ بدقسمتي سان سنڌ جو زرعي معاشروھڪڙي وڏي ڀونچال ۾ ڦاٿل آھي. ھڪ طرف اھو اقتصادي زوال جو شڪار آھي، ته ٻئي طرف سماجي ڀڃ ڊاھ منجھان گذري رھيو آھي. مٿان وري ”اصل تي وڏين‟ قوتن جون مھربانيون جيئن پوءِ تيئن مٿس وڌنديون وڃن. جنھن ڪري اھو ڏينھون ڏينھن وڌيڪ اتشار ۽ دٻاءٌ جو شڪار ٿيندو پيو وڃي. انھي دٻاءٌ، انتشار ۽ ٽوڙڦوڙ جا اثر جتي سڄي سماج تي پون ٿا، اتي اھي سنڌ جي سياست تي به پنھنجا پرتوا وجھن ٿا. سنڌ جو سياسي انتشار سماجي انتشار جو آئينو آھي. سماجي قدرن جي ٽٽڻ سان سياسي قدر پڻ ٽٽا آھن ۽ اڳواڻپ دٻاءٌ، انتشار ، ويڳاڻپ ۽ ھلڪڙائپ جي ور چڙھي آھي. جنھن جي نتيجي ۾ خصيص شخصي انائن ۾ واڌ آئي آھي ۽ شخصي، گروھي ۽ پارٽي مفاد وسيع تر قومي مفادن کان وڌيڪ اھميت والاري ويا آھن. حيرت انگيز ۽ ڏکائتي ڳالھھ آھي ته اسان جا اتحاد تقرير جي واري تي کڙي ٿيندڙ تنازعي تي به ٽٽا آھن.
    ب: اتحادي سياست ھڪڙي تمام لچڪدار ۽ نازڪ سياست ٿئي ٿي. جنھن جا انگل آرا محبوب وانگر ٿين ٿا. ان ۾ تمام گھڻي ڇڏڇوٽ ڪرڻي، ڪس رس کائڻي ۽ ھڪ ٻئي جو خيال رکڻو پئي ٿو. ان جي برعڪس اسان جا اڳواڻ سياري جي سوڙ وانگر اتحاد کي پاڻ ڏانھن ئي ڇڪيندا رھن ٿا. جنھن ڇڪ ڇڪان ۾ نيٺ اھو ٽڪر ٽڪر ٿيو پنھنجو وجود وڃايو ويھي.
    ٻ: اتحادن جي نه ھلي سگھڻ جو ھڪڙو وڏو سبب عوامي پارٽي ۽ مرڪزي شخصيت جي اڻھوند به آھي. سائين جي-ايم-سيد کانپوءِ موجودا وقت ۾ اھڙي ڪا به شخصيت نه جڙي آھي، جيڪا سنڌ جي سياست ۾ مرڪزي حيثيت رکندڙ ھجي ۽ ان جي اڳواڻي ۾ گڏجي ھلڻ تي ٻيا سڀ رھنما به متفق ھجن.
    ڀ: سنڌ جي مسئلن تي متفق ھوندي به انھن کي الڳ الڳ انداز ۽ نظر سان ڏسڻ به ھڪڙو سبب رھيو آھي. ھڪ ٻئي تي اعتماد ۽ ڀروسي جي ڪمي به ھڪ ڪارڻ آھي. گڏوگڏ ھي ڳالھھ پڻ اھم آھي ته اصل اقتداري قوتن جي سازشن، اٽڪلن ۽ دٻاءٌ به پنھنجو ڪم پئي ڏيکاريو آھي. جنھن ڪري اتحاد نه فقط ڪو مؤثر ۽ نتيجي خيز ڪردار ادا ڪري نه سگھيا آھن، پر ٽٽي، وکري ۽ ٽڙي پکڙي پڻ ويا آھن.
    پوءِ به اتحاد کپي؛
    جيتوڻيڪ ھتي اتحادن وسيلي نه ڪي مسئلا حل ٿيا آھن، نه سنڌ کي اڃا تائين ڪو فائدو ٿيو آھي ۽ نه ئي وري اھي ڪو ھلي به سگھيا آھن. تنھن ھوندي به اتحادن جي ضرورت آھي. اتحاد ۽ ٻڌي جي گھرج، ھزار ناڪامين ۽ ٽوڙن جي باوجود، ھر دؤر ۾ رھي ٿي. اھا اڄ به آھي. دشمن طاقتور آھي، مضبوط آھي ۽ متحد آھي. خطرا گھڻا آھن، گھڻ طرفا آھن ۽ سنگين آھن. ان جي ڀيٽ ۾ پاڻ اڃا گھڻا ڪمزور، ھيڻا ۽ ڇڙوڇڙ آھيون. ان ڪري اتحاد، ٻڌي ۽ گڏجڻ جي ضرورت آھي. ڇو ته جڏھن ھيڻا، ڪمزور ۽ بي پھچ ماڻھو گڏبا آھن، تڏھن اھي پاڻ وھيڻا ٿي پوندا آھن. سندن ٻڌي ڪرشما ۽ معجزا ڪري ڏيکاريندي آھي. يقينن سنڌي عوام جي قومي ٻڌي به ڪرشماتي ثابت ٿيندي.
    * * *

    23 ڊسمبر 2009ع.


    سر درِ قدم يار

    تهذيب جو سمورو سفر، ثقافت جي ساري رنگارنگي، علم جي سموري گوناگوني، سائنس جي ارتقا ۽ اڄوڪو عروج، ادب جي سموري پکيڙ ۽ سارو فلسفو جيڪڏهن ڪنهن شئي جو ڇيهه لهي نه سگھيو آهي ته اها شئي خود انسان آهي. ماڻهو ڪالهه به هڪ وڏو ڳُجھه هو ۽ اڄ به هڪ وڏو ڳُجھه ۽ اسرار بڻيل آهي. ان اسرار کي جيترو ٿو اکيلجي، اوترو ئي اهو وچڙندو، وڌندو ۽ منجھندو ٿو وڃي. ماڻهوءَ جي من جو انت ڀلا ڪنهن لڌو آهي! ستارن جو سنسار ته ماپي سگھجي ٿو، پر ماڻهو جي من جو انت ڪيئن ٿو لهي سگھجي، ان جي اندر جي پکيڙ کي ڪيئن ٿو ماپي سگھجي. نه رڳي اهو ته ماڻهو جي من جي ماپ ۽ ڪور ڪرڻ ڏکي آهي، پر ماڻهو جي ڪردار جو وزن ڪرڻ به ڏاڍو ڏکيو آهي. تنهن هوندي به تاريخ جي ساهمي ۾ ماڻهو جي وزن لاءِ ڪي ماڻ، ڪي ماپا، ڪي وَٽ ضرور هجن ٿا، جن جي آڌار تي ماڻهو جي ڪردار جي ڪٿ ٿئي ٿي. انهن وٽن، ماڻن ۽ ماپن مان هڪڙو ماڻ ۽ ماپو مقتل به آهي. ڪنهن ماڻهو قتل گاهه جي ڪارن ورانڊن مان لنگھندي ڪيتري حوصلي کان ڪم ورتو، موت جي اکين سان اکيون ڪيئن ملايون ۽ ڪهڙي شانِ بي نيازي سان موت کي ڳلي لاتو؛ اهو خود هڪڙو اعليٰ پئمانو آهي.
    جس دهج سي ڪوئي مقتل مين گيا، وه شان سلامت رهتي هي،
    يه جان تو آني جاني هي، اِس جان ڪي تو ڪوئي بات نهين!
    سنڌ به اهڙا انيڪ ڪردار ڄڻيا آهن، جن مقتلن ۾ اوچي ڳاٽ سان داخل ٿي عشق جي سرڪشي کي جواني پئي عطا ڪئي آهي. عشق جو به پنهنجو حُسن ٿيندو آهي، سرڪشي جي به پنهنجي سونهن ٿيندي آهي. انهن عاشقن پنهنجا سرڙا گھوري عشق جي حسن ۽ سرڪشي جي سونهن کي پئي بچايو آهي؛ گڏوگڏ انسانيت جي ضمير کي جرڪائي زندهه جاودان بنائي پئي ڇڏيو آهي. سنڌ جي اهڙن لازوال ڪردارن منجھان هڪ امر ڪردار صوفي شاهه عنايت شهيد جو پڻ آهي.
    شاهه عنايت شهيد، جنهن لاءِ ڪوٽ اروڙ جي ڪنگرن کان وڏي انا رکندڙ شاعر شيخ اياز پنهنجي هڪڙي غضبناڪ وائي ۾ لکيو هو ته:
    منهنجي پيراندي،
    ڪيئي ڏاها ڏيهه جا.
    شاهه عنايت جھوڪ جو، منهنجي سيراندي.
    اهو شاهه عنايت شهيد سنڌ جو پهريون ماڻهو هو، جنهن تصوف کي آزادي ۽ انقلاب جي چادر پهرائڻ سان گڏ ان ۾ معاشي ۽ اقتصادي نظريي جي آميزش ڪئي. جيئن اسپارٽيڪس دنيا ۾ غلامن جي پهرين بغاوت جو مهندار آهي، ايئن ئي شاهه عنايت شهيد دنيا جو پهريون صوفي ۽ مُهڙيون آزادي پسند انقلابي اڳواڻ آهي، جنهن قومي آزادي ۽ طبقاتي انقلاب جي جدوجهد کي هڪ ئي وقت گڏ هلايو.
    سنڌ ڪڏهن به گڏيل هندستان جو حصو نه رهي آهي. اها هميشه الڳ ٿلڳ ۽ آزاد ملڪ رهي آهي. البت اشوڪ اعظم جي زماني ۾ اها فتحجي گڏيل هندستان جو حصو بڻجي وئي هئي. ان کانپوءِ اُهو ٻيو ڀيرو هو، جو سورهين صدي عيسوي جي آخر ۾ اڪبر اعظم ان کي فتح ڪرائي گڏيل هندستان ۾ مغل شهنشاهيت هيٺ آڻي ڇڏيو هو.
    ساجن دهاگا پريم ڪا توڙو چُٽڪاءِ جاءِ،
    ٽُوٽي جُڙي نهين، بيچ گانٺ پڙ جاءِ.
    ”اي پرين! پريت جو هيءَ سڳو ڪڏهن به نه ٽوڙج. جو اول ته ٽٽل شيون جڙنديون ناهن، پر جي جُڙي به وڃن، تڏهن به انهن جي وچ ۾ ڳنڍ رهجيو وڃي.“
    مٿئين لاجواب دوهي جو تخليقڪار رحيم خان خانان انهيءَ لشڪر جو سپهه سالار هو، جنهن اڪبر پاران سنڌ تي قبضو ڪيو هو.
    سنڌ مُلڪ 1520ع ڌاري جيئن ئي ارغونن جي قبضي هيٺ آيو، تيئن ئي سنڌ ۾ آزادي جون تحريڪون بيدار ٿيون. هر طرف ويڙهاند ئي ويڙهاند هئي. ارغون ان ويڙهاند کي منهن ڏيئي نه سگھيا. انهن جي جاءِ ترخانن والاري. ترخان به ساڳي صورتحال ۾ ڦاٿل رهيا. سندن ڪمزوري کي ڏسندي مغل اچي هتي وارد ٿيا. سنڌين جي ويڙهه مغلن خلاف پڻ ساڳئي ئي نموني سان جاري رهي. لاڙ کان ويندي اتر تائين ڪوبه علائقو اهڙو نه هو، جتي مزاحمت نه هجي. ان مزاحمت اڳتي هلي آخرڪار پنهنجا مرڪز ٺاهڻ شروع ڪيا. اهڙي ريت مغلن خلاف ٽي اهم مزاحمتون ۽ ويڙهاندون ترتيبجڻ لڳيون.
    هڪ دادو جي آسپاس پنهورن جي ويڙهاند (بلاولي تحريڪ)
    ٻي ڪلهوڙن جي ويڙهاند.
    ٽينءِ شاهه عنايت شهيد جي ويڙهاند.
    مغلن جي خلاف بلاولي تحريڪ يا پنهورن جي ويڙهه تي محققن تمام گھٽ ، بلڪِ نه کڻڻ جي برابر، قلم کنيو آهي. حالانڪِ هيءَ تمام اهم ويڙهاند هئي. هن ئي ويڙهه جي نتيجي ۾ سڀ کان پهرين مغلن جا پير سنڌ مان پٽجڻ شروع ٿيا هئا. پنهورن کي دادو، سيوهڻ ۽ ڪاڇي جي آسپاس دولهه دريا خان دفاعي نقطي نگاهه کان آباد ڪيو هو. سنڌي سئنا جي شڪست کانپوءِ اهي ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي خلاف ايئن گوريلا ويڙهه ۾ لٿا، جيئن آمريڪا جي هٿان عراق جي شڪست کانپوءِ صدام حسين جي وفادارفوج گوريلا ويڙهه ۾ هلي وئي آهي. جن ماڻهن کي اقتدار ۽ آزادي جي لذت معلوم هوندي آهي، اهي ڪڏهن به غلامي ۽ محڪومي تي راضي نه ٿيندا آهن. ان ڪري اهي انهن خلاف ويڙهون ڪندا آهن. سنڌين سمن جي دؤر ۾ پنهنجي آزاد راڄ ڀاڳ ۽ اقتدار جو جيڪو ساءَ چکيو هو ۽ جيڪا خوشحالي ماڻي هئي، اها کين ڪٿي ٿي وسري سگھِي. تنهن ڪري انهن ويڙهاندون پئي ڪيون. پنهورن گوريلا ويڙهه جي نتيجي ۾ آخرڪار سيوهڻ، دادو، ٽلٽي ۽ ڀرپاسي جا پَٽ مغلن کان آزاد ڪرائي ورتا ۽ انهن ٽُڪرن تي پنهنجي آزاد اختياري قائم ڪري ورتي. ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي غلامي خلاف اها سنڌي قوم جي پهرين وڏي ڪاميابي هئي.
    ڪلهوڙن پڻ مغلن خلاف گوريلا ويڙهه جو رستو ورتو. ميان دين محمد ڪلهوڙي ڪيترن ئي مقابلن ۾ مغل فوجن کي شڪستون ڏنيون. پر نيٺ هڪڙي معرڪي ۾ شڪست کائي گرفتار ٿيو. کيس ملتان جي مغل گورنر شهزادي معزالدين جي سامهون پيش ڪيو ويو. جنهن کيس موت جي سزا ڏني. سندس پٽ ميان نصير محمد وچيون رستو اختيار ڪيو. کانئس پوءِ ميان يار محمد ڪلهوڙي اڃا وڌيڪ مفاهمت ڪئي ۽ دهلي جي درٻار مان خدا يار خان جا لقب ماڻيا ۽ جاگيرون حاصل ڪيون. پوءِ ڪلهوڙن جون مصلحتون ان حد تائين ويون، جو اهي مغلن جا ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا ۽ سنڌ مان ٻين بغاوتن ۽ ويڙهاندن جو پاڙون پٽڻ ۾ مصروف ٿي ويا.
    ٽين ويڙهاند صوفي شاهه عنايت شهيد جي هئي. شاهه عنايت پنهنجي عهد جو شعوري ۽ فڪري حوالي کان سڀ کان اڳتي نڪتل انسان هو. هن تصوف جي مَٽ ۾ وطن دوستي، عوام دوستي ۽ انسان دوستي جو نئون مڌ چِڪايو هو. ان مڌ جا کيپ خمار ۽ کٿوريءَ کشبويون سڄي سنڌ کي معطر ڪري رهيون هيون. ميرانپور سنڌ جو اهڙو مئخانو بڻجي پيو هو ، جو هر پاسي کان ماڻهو ڇڪجي شاهه عنايت جهڙي البيلي رانجھڻ جي جھوڪ اچي رهيا هئا. شاهه عنايت نه رڳي مغل شهنشاهيت جي بالادستي مان ڇوٽڪارو پئي چاهيو، پر هن سنڌ جي هر هڪ هاري ناري، ڪمي ڪاسبي، پورهيت ۽ هيٺئين طبقي جي ماڻهو کي مٿي آڻڻ پئي گھريو. هن انهيءَ ڪري ئي ”جو کيڙي سو کائي“ جهڙو انقلابي نعرو هنيو؛ ۽ عملي طور تي ان کي پنهنجي ڀرپاسي جي زمينن تي لاڳو پڻ ڪري ڇڏيو. طبقاتي شعور جو اهو پهريون مربوط ۽ منظم خيال هو، جيڪو ڪارل مارڪس کان لڳ ڀڳ ڏيڍ صدي اڳ پيش ڪيو ويو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو کاٻي ڌر جي وڏي دانشور سيد سبط حسن پنهنجي لکڻي ۾ شاهه عنايت کي دنيا جو پهريون سوشلسٽ ڪوٺيو آهي. ڏٺو وڃي ته جھوڪ جو هيءَ هاري انقلاب حقيقت ۾ ”پئرس ڪميون“ کان به وڏو انقلاب هو.
    پنهور ويڙهاند سمن جي دور ۾ پيدا ٿيل ترقي پسند وچئين طبقي جي نمائندگي پئي ڪئي، شاهه عنايت سنڌ جي هاري ۽ پورهيت پرت جو روشن خيال نمائندو هو ۽ ڪلهوڙا سنڌ جي موقعي پرست، ڦرڻي گھرڻي ۽ غيرمستقل جاگيردار ۽ زميندار طبقي جي نمائندگي ڪندڙ هئا. مقصد ٽنهي تحريڪن جو سنڌ جي آزادي هو. البت منجھن زبردست قسم جا طبقاتي، سماجي ۽ فڪري ٽڪراءَ موجود هئا. ڪلهوڙن پنهنجي حساب سان دور انديشي کان ڪم وٺندي مغل شهنشاهيت سان مصلحت تحت هڪ پاسي سندن ڏيهي مخالفتن خلاف ڪات ڪهاڙا کنيا، ته ٻئي پاسي مغلن جي ڪمزور ٿيندڙ حڪومت جي وڌيڪ منتشر ٿيڻ جو اوسيئڙو ڪندا رهيا. چئي سگھجي ٿو ته ان حڪمت عملي مان کين سياسي فائدو ته پهتو جو هو سنڌ جا اڪيلا حڪمران بڻجي ويا. پر هڪ طرف اهو ٿيو جو سنڌ جي آزادي ويهه سال پوئتي پئجي وئي، ته ٻئي طرف ميان نور محمد ڪلهوڙي جي پيشاني تي سنڌ جي هڪ عطيم انسان سان ويڙهه جو ڪڏهن نه لهندڙ داغ چِٽجي ويو.
    زوال پذير ٿيندڙ مغل سامراجيت خلاف جيڪڏهن سنڌ اندر اڀرندڙ نين قوتن جي ويڙهه هڪٻئي سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيهي ها ته جيڪس سنڌ جي حالت اڄ کان گھڻي مختلف هجي ها ۽ آزادي کانپوءِ سنڌ هڪ نئين ۽ وڏي طاقت ٿي اڀري ها. جنهن وٽ هڪ قسم جي نظرياتي سگھه، اقتصادي طاقت، فوجي قوت، گڏيل سياسي قيادت ۽ جمهوري حڪومتي جوڙجڪ هجي ها. اِهي اُهي امڪان هئا، جيڪي هڪڙي قوم کي دنيا ۾ هڪ طاقت ۾ بدلائي ڇڏيندا آهن.
    پر ڪلهوڙن ۽ شاهه عنايت جي تحريڪن جي وچ ۾ ٽڪراءَ هڪ حد تائين اڻٽر به هو. ڇاڪاڻ جو هيءَ ٻيئي تحريڪون رڳي سياسي مخالفت ۾ نه هيون، پر معاشي، اقتصادي ۽ فڪري نقطي نگاهه کان پڻ ٽڪراءَ ۾ هيون. ڪلهوڙا مذهبي اثر ۽ بنياد پرستي جي لهر ۾ هيا. اهي مهدي جونپوري جا پوئلڳ هئا. جڏهن ته شاهه عنايت فڪري طور تي مخدوم بلاول جي مسلڪ سان لاڳاپيل هيو. هو سيڪيولرزم، رواداري ۽ صوفياڻي آزاد خيالي جو مڃتائُو هو. سو گھڻي حد تائين ان ٽڪراءَ کان بچڻ ممڪن ئي ڪونه هو. اها الڳ ڳالهه آهي ته جي ايئن ممڪن نه هو ته اهو اڃا به ڪر وڌيڪ ڀلو ٿئي ها ته شاهه عنايت شهيد ميرانپور جي معرڪي ۾ شهادت نه ماڻي ها ۽ سندس فقيرن جي تحريڪ ڇڙوڇڙ نه ٿئي ها. جيڪڏهن ”جو کيڙي سو کائي“ جي نعري واري سنڌ جي آزادي جي هيءَ تحريڪ ڪامياب ٿئي ها ته سنڌ ۾ اڃا وڌيڪ نيون پيداواري قوتون جنم وٺن ها. البت اها الڳ ڳالهه آهي ته تاريخ جي المين کي ڪير ڪيئن ٿو روڪي سگھي.
    عظيم انسان عظيم ويساهه رکندڙ هوندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن بي ويساهيءَ جي ور چڙهي ويندا آهن. صوفي شاهه عنايت شهيد سان پڻ ايئن ئي ٿيو. جڏهن ميرانپور جي چئن مهينن جي گھيري دوران صوفي فقير سرڪاري فوج مٿان حاوي رهيا، تڏهن حاڪمن پنهنجي حڪمت عملي بدلائي ۽ قرآن شريف کي وچ ۾ آندو. ڳالهين جي نالي تي صوفي سائينءَ کي گھرائي شهيد ڪرڻ جو گھاٽ گھڙيو ويو. پهرين جنوري 1718ع تي صوفي شاهه عنايت کي ڳالهين جي آڇ ڪئي وئي. فقير رنا رڙيا ته سائين هيءَ دوکو آهي. توهان ڳالهين لاءِ نه وڃو. پاڻ فرمايائون ته آئون سڀ سمجھان ٿو. پر قرآن کي پٺي نه ٿو ڏيئي سگھان. پوءِ هو ڳالهين لاءِ ويا.
    ڳالهيون ڇا هيون؟ صرف دغا ئي ته هئي. شاهه عنايت کي گرفتار ڪري ٺٽي آندو ويو. کيس ٺٽي جي مغل صوبيدار اعظم خان جي روبرو وٺي آيا. اعظم خان شاهه عنايت کان پهريون ئي سوال اهو ڪيو ته: ”تو هيءَ شورش برپا ڇو ڪئي!؟“ جواب ۾ ڪجھه چوڻ جي بدران شاهه عنايت فارسي جي عظيم شاعر حافظ جي هيءَ رباعي پڙهي:
    آن روز ڪه تو سنِ فلڪ را زين ڪردند،
    آرائش مشتري ز پروين ڪردند،
    اين بود نصيبِ ماز ديوانِ قضا،
    مارا چه گناه، قسمتِ ما اين ڪردند!؟
    ”جنهن ڏينهن آسمان جي گھوڙي تي سنج رکيا ويا، مشتري کي پروين سان سينگاريو ويو؛ ان ڏينهن کان ئي قضا جي ڪاڳرن تي اسان جو اهو نصيب لکيو ويو. اسان کي ته ايئن ڪرڻو ئي هو، اِن ۾ اسان جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟“
    کيس مٿي ۾ اُٺ ويٺل حڪمران آڪڙ مان ڌمڪيون ڏنيون، ته شاهه عنايت هڪڙي ئي جملي ۾ هن جي تڪبر ۽ غرور جي محل کي ڊاهي چڪنا چوُر ڪري ڇڏيو:
    البلاءِ لِلولاءِ ڪاللهب للذهب.
    ”دوستيءَ لاءِ آزمائشون ايئن آهن جيئن سون لاءِ باهڙي. ۽ باهه ته پاڻ سون کي تهائين وڌيڪ چمڪائي ڇڏيندي آهي.“
    کيس جيل ۾ بند ڪيو پئي ويو ته پاڻ فرمايائون:
    ساقيا برخيز درده جام را،
    خاڪ برسر ڪن غمِ ايام را.
    ”اي ساقي! اٿ جام ڀر ته جيئن زماني جي ڏکن جي مٿي ۾ مٽي وجھي ڇڏيون.“
    سندس ئي اکين اڳيان سندس ڀاءُ ۽ ڀائٽيي کي قتل ڪيو ويو. اهو سڀ ڪجھه ڏسندي هن سرمست عاشق وراڻيو ته:
    ميڪُشد اين غم ڪه مي گويد، توبه ڪردي ز عشق ما نه هنوز،
    به اداءِ نماز شو بالله، عالمي توبه ڪرد، ما نه هنوز.
    ”تون عشق ۾ توبهه ڪرڻ جي ڳالهه ٿو ڪرين، ته ان ڳالهه جو ڏک مون کي ماريو وجھي. خدا جو قسم سڄي دنيا توبهه تائب ٿي سگھي ٿي، پر اسان ايئن نه ٿا ڪري سگھون.“
    هاڻي اها گھڙي اچي پهتي هئي. خود شاهه عنايت کي سوريءَ سزاوار بڻايو پئي ويو. جنهن مهل کين قتل گاهه ڏانهن نيو پئي ويو، پاڻ حافظ جو شعرچيائون ته:
    رها نيدي مرا از قيدِ هستي،
    جزاڪ الله في الدارين خير را.
    ”تو مون کي زندگي جي قيد مان آزاد ڪري ڇڏيو. الله سائين توکي ٻنهي جهانن ۾ ان جي جزا ڏئي.“
    هوڏانهن جلاد تلوار اڀي ڪئي ۽ هيڏانهن شاهه عنايت پنهنجو ئي شعر وڏي آواز سان اچاريو:
    سر در قدمِ يار فدا شُد چه بجا شُد،
    اين بارِ گران بود ادا شُد چه بجا شُد.
    ”هيءَ سر يار جي قدمن ۾ قربان ٿيو، ڏاڍو سٺو ٿيو. هي سِسيِ وڏو بار هئي، اهو بار ادا ٿيو، ڏاڍو سٺو ٿيو.“
    اهڙي ريت 18 جنوري 1718ع تي اهو عظيم انسان جيڪو نه فقط سنڌ لاءِ، پر سڄي دنيا لاءِ روشني جو مينار هو، ازلي حُسن سان ملي سدائين لاءِ تاريخ جي سونهن بڻجي ويو. اها سونهن فڪر، جدوجهد ۽ شهادت جي جوت بڻجي هميشه لاءِ جاڳندي ٿي رهي. آزادي ۽ انقلاب جو اهو فڪر، اها جوت اڄ جھيڻي آڳ آهي ۽ هڪ ڏينهن شعلو بڻجي ويندي.
    * * *
    19 ڊسمبر 2013ع


    بلوچن جو لانگ مارچ

    هيءَ پير پٽيهر جهڙا ها

    ڪوئيٽا کان بلوچن جو نڪتل پيادل لانگ مارچ سنڌ جي رستن تي روان دوان آهي. هو هڪڙو ننڍڙو، جائز ۽ قانوني مطالبو کڻي نڪتا آهن. سندن گھُر هر مذهب، فلسفي، اصول، انساني حقن ۽ قانون جي رُوءِ کان جائز ۽ واجبي آهي. هو ٻيو ڪجھه ڪونه پيا گھُرن؛ رڳو ايترو ٿا چون ته اهي بلوچ نوجوان، جن کي هِن “مملڪتِ خدادِ پاڪستان” جا طاقتور ڳجھا ادارا گرفتار ڪري کڻي ويا آهن ۽ کين گم ڪري ڇڏيو آهي، انهن کي ظاهر ڪيو وڃي. جيڪڏهن ڪنهن نوجوان تي ڪا تهمت، الزام يا ڏوهاري هجڻ جو گمان آهي ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. هونئن به ڪنهن جي گناهگار هجڻ يا نه هجڻ جو فيصلو ڪرڻ، ڪنهن کي بري ڪرڻ يا سزا ڏيڻ عدالتن جي ئي دائري اختيار ۾ آهي. ڪنهن به طاقتور ڌر، اداري يا گروهه کي اهو قانوني حق حاصل ناهي ته اهو ڪنهن کي کڻي گم ڪري ڇڏي. اهوئي ڪارڻ آهي جو سياسي، سماجي ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان ويندي هر باشعور، انسان دوست، آزادي پسند، انصاف پسند ۽ ساڃاهه وند ماڻهو سندن مطالبي جي حمايت ڪري رهيو آهي.
    ٿورڙن ماڻهن، جن ۾ ٻارڙا ۽ عورتون پڻ شامل آهن، تي ٻَڌل هيءَ پيادل قافلو ان شهر ڏانهن روان دوان آهي، جنهن کي امر جليل گدڙن جو شهر سڏيندو هو؛ ۽ ڪن دوستن جو خيال آهي ته اهو ٻوڙن ۽ انڌن جو شهر آهي. جو ان شهر کي ظلم ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو آهي ۽ مظلومن جون آهون ٻڌڻ ۾ ڪونه اينديون آهن. معنا ته ڪوئيٽا کان نڪتل هي پنڌ قافلو اسلام آباد پڄي دم پٽيندو. هو اسلام آباد دانهڻ پيا وڃن. اتي موجود گڏيل قومن جي آفيس ۽ سفارتخانن جي معرفت عالمي ضمير کي جھنجھوڙڻ وڃي رهيا آهن. سنڌ مان لنگھندي مهل هو پنهنجي روئداد مختلف هنڌن تي گڏ ٿيندڙ ماڻهن کي به ٻُڌائيندا پيا وڃن.
    قافلي ۾ موجود هر ماڻهو وٽ پنهنجي درد ڪٿا آهي، هر هانءَ ۾ دکندڙ درد جو هڪ وڏو داستان آهي. هنن مان هر هڪ جو ڏک پنهنجو آهي، الڳ الڳ آهي. ان جي باوجود هنن جو ڏک ساڳيو آهي، هڪجهڙو آهي. هنن جي پيارن کي گھرن مان، آفيسن مان، ٻنين مان يا گس هلندي کنڀي گم ڪيو ويو آهي. سالن جا سال ٿي ويا آهن، جو گم ڪيلن جو ڪو ڏس پتو نه ٿو ملي، ڪو کُر پير نه ٿو ملي. ڪٿان به ڪا سڻائي وائي نه ٿي اچي، ته اهي ڪهڙي حال ۾ آهن، ڪٿي آهن؟ پر جيڪڏهن ڪي واپس اچن ٿا ته چچريل لاش جي صورت ۾ واپس ڏنا وڃن ٿا، ۽ ڏک ۽ رت جي هڪڙي واڌاري لڪير جڙي وڃي ٿي.
    هن پنڌ قافلي جي اڳواڻي ڪندڙ ماما قدير بلوچ جو ڏک به ٻين هزارين بلوچن جهڙو ئي آهي. سندس پٽ جليل ريڪي بلوچ کي رياستي ادارا کنڀي ويا. ٽن سالن تائين هو لاپتا بڻيل هو. ماما قدير بلوچ سندس پٽ جي ان جبري گمشدگي خلاف احتجاج شروع ڪيو. آهستي آهستي ٻين گم ٿيل بلوچ ڪارڪنن لاءِ ٿيندڙ ڌار ڌار احتجاج هڪ مرڪز تي گڏ ٿيڻ لڳو. جڏهن اهو سگھارو آواز بڻجي پيو، تڏهن ماما قدير کي چيو ويو ته ”توهان احتجاج ختم ڪريو، توهان جي پٽ کي آزاد ڪريون ٿا.“ هن جي ورندي اها هئي ته”منهنجو احتجاج رڳي منهنجي پٽ لاءِ ناهي، اهو سڀني گم ڪيل بلوچ نوجوانن لاءِ آهي.“ جنهن کانپوءِ ٽن سالن جي گمشدگي بعد سندس پٽ کي تحويل ۾ قتل ڪري سندس مئل جسم کي نامعلوم قرار ڏئي لاهور جي اسپتال جي تجربيگاهه جي حوالي ڪيو ويو، جتي سيکڙاٽ ڊاڪٽر ان جي وڍ ٽڪ ڪندا رهيا. ڪجھه وقت کانپوءِ جيئن ئي ماما قدير وارن کي ان ڳالهه جو علم ٿيو ته هنن اتان وڃي لاش وصول ڪيو. جليل ريڪي بلوچ جي تصوير ڏسي لڳي ٿو ته هو ڏاڍو سهڻو جوان هيو. هو بلوچ ريپبلڪن پارٽي جو مرڪزي عهديدار هو.
    قافلي جي ٻي اڳواڻ فرزانا مجيد بلوچ آهي، جنهن جي ڀاءُ ذاڪر مجيد بلوچ کي گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آهي. ذاڪر مجيد جي گرفتاري کي سڄا سارا ٽي سال ٿي ويا آهن؛ هو اڃا تائين ٽارچرسيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ واڙيل آهي. سندس گھر وارن کي سندس باري ۾ ڪا خبرچار نه ٿي ملي ته کيس ڪٿي ۽ ڪهڙي حال ۾ رکيو ويو آهي. ذاڪر مجيد بي ايس او (آزاد) جو مرڪزي سينيئر وائيس چيئرمين آهي.
    پنڌ ويندڙ هن قافلي ۾ ٻارڙا پڻ شامل آهن. جن ۾ هڪڙو ٻارنهن ورهين جو ٻار محمد رمضان پڻ آهي، جنهن جي پيءَ غلام حيدر بلوچ کي چار سال اڳي سندس ئي اکين اڳيان گھر مان کنڀيو ويو هو. ان وقت رمضان جي ڄمار 8 سال هئي، پر کيس اها چٽي يادگيري آهي ته اهلڪار ڪيئن نه تشدد ڪندي سندس پيءَ کي کنڀي کڻي ويا هئا.
    قافلي ۾ موجود هڪ ٻيو قلندرانا صفت پيِر مرد اهڙو به آهي، جنهن جي گھر جو ته ڪو به ڀاتي نه کنڀيو ويو آهي، پر جيڪي کنڀيا ويا آهن، اهي هن لاءِ گھر ڀاتين جيان ئي آهن. اهو بلوچ ڪاز سان انتها جي حد تائين لاڳاپيل آزادي پسند جھونو استاد مير محمد علي ٽالپر آهي. جنهن کي بلوچ نوجوان ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون استاد چئي مخاطب ٿينديون آهن. هو چئي ٿو ته منهنجي پنجاهي کن شاگردن کي ٻَڌي گم ڪيو ويو آهي ۽ اڍائي سئو کان مٿي ته ماريا ويا آهن. ستر واري ويڙهه ۾ پنهنجي ٻنهي هٿن جون آڱريون وڃائيندڙ هي جھُونو جڏهن “اُٺ جي چوري ۾ بانبڙا ڪونه پائبا آهن” جهڙي بلوچي چوڻي ٻڌائي ٿو ته بلوچ قومي تحريڪ سان سندس ارپنا ۽ عشق ڪنهن شعلي وانگر ڌڳڻ لڳي ٿو ۽ ان جي روشني سندس چهري تي بَکندي ڀانئجي ٿي.
    اهڙي ريت قافلي ۾ موجود هر ٻار، عورت ۽ مرد جي گھر جو ڪو نه ڪو ڀاتي گم ڪيو ويو آهي. ڪنهن جو ڀاءُ گم آهي، ڪنهن جو پٽ گم آهي، ته ڪنهن جو پيءُ گم آهي. ڪير به اهڙو ڪونهي، جنهن وٽ ٻڌائڻ لاءَ ڪو قصو نه هجي ۽ ونڊڻ لاءِ ڪو ڏک نه هجي. هر هڪ وٽ پنهنجي درد ڪهاڻي آهي. پر ڳالهه صرف اِتي دنگ ڪانه ٿي ڪري. هيءَ درد انهن ماڻهن جي تعداد کان هزارين ڀيرا وڏو آهي. “بلوچستان ۾ ڪو اهڙو گھر ڪونهي، جنهن ۾ ڪا شهادت نه هجي، ڪا گرفتاري نه هجي، ڪو ڇاپو نه لڳو هجي يا ڪا گمشدگي نه ٿي هجي.” قافلي ۾ موجود هڪ نوجوان ٻڌائي ٿو. هو ڳالهه کي اڃا به اڳتي سوريندي ٻڌائي ٿو ته “نه فقط بلوچ نوجوان گم ڪيا ويا آهن، پر زرينا مري بلوچ سميت ڏيڍ سئو کان وڌيڪ عورتون پڻ گرفتار ڪري گم ڪيون ويون آهن. جن جا اسان وٽ تفصيلي انگ اکر موجود آهن. ايئن به ٿيو آهي ته اسان جا سڄي جا سڄا ڳوٺ گرفتار ڪيا ويا آهن.”
    رات جو ڪچهري هلندي مون کان هڪڙي بلوچ نوجوان پڇيو ته “توهان اسٽيڊي سرڪل هلائيندا آهيو؟” مون ورندي ڏنيمانس ته “اوڻيهه سئو نوي واري ڏهاڪي کانپوءِ اسان وٽ سياسي پارٽين ۾ توڙي ادبي ڪلاسن ۾ اسٽيڊي سرڪل هلڻ بند ٿي ويا آهن. باقي ڪارڪنن يا عام ماڻهن جي ذهني تربيت لاءِ ڇٺي ڇماهي ليڪچر پروگرام ضرور ٿيندا آهن.” ان تي هن ٻڌايو ته “اسان وٽ اسٽيڊي سرڪل باقاعدگي سان ٿيندا آهن. اسان وٽ سياست ۽ تنظيمڪاري تي سنڌيءَ مان ڪتاب اردو ۽ بلوچي ۾ ترجمو ڪيا ويا آهن، جيڪي اتي پڙهيا ويندا آهن.” اها ڳالهه مون لاءِ ڪنهن حد تائين حيرت جوڳي هئي.
    ٻيءَ جيڪا ڳالهه ڪچهري ۾ سامهون آئي، اُها اِها هئي ته بلوچ قومي تحريڪ عورتن کي ڪافي اڳتي آندو آهي. اهي هاڻي سياست ۽ جدوجهد جو اهم ۽ فيصلائتو حصو آهن. قومي تحريڪ ۾ عورتن جي ڪردار کين جتي اعتماد، سياسي سماجي شعور ۽ فيصلي جي سگھه ڏني آهي، اتي انهن کي صدين جي روايتي پابندين مان نڪرڻ جي آزادي پڻ ڏني آهي. قومي آزادي جي جدوجهد ساڳئي وقت عورتن جي آزادي جي جدوجهد پڻ هوندي آهي. اها ڳالهه بلوچ عورت جي هاڻوڪي بيهڪ کي ڏسي اڃائين وڌيڪ سچي ثابت ٿئي ٿي. هن لانگ مارچ ۾ هنن نياڻين جي حوصلن، جذبن ۽ سندن ارپنا کي ڏسندي اياز جون لازوال سٽون ياد اچيو وڃن:
    هو پير پٽيهر جهڙا ها،
    جي پنڌ پيا پربت لوڪو!
    هينئن ڪير سڏيندو سوريءَ کي؟
    ڪنهن ڳالهه مٿان آ ڳَت لوڪو!
    هن ننڍڙي قافلي جي ٻي جيڪا ڳالهه ماڻهو جو ڌيان ڇڪائي ٿي، اُها ان جو ضابطو آهي. ڪو به ڪارڪن، سفر هلندي يا ڪنهن جڳهه تي ٽڪڻ دوران، پنهنجي جاءِ تان نه ٿو هٽي. طئي ٿيل نعرن کانسواءِ ڪير به ٻيو ڪو نعرو نه ٿو هڻي. ڪير به اضافي ڳالهه ٻولهه نه ٿو ڪري. جنهن تي جيڪا ذميواري رکي وئي آهي، هو اها بنان ڪنهن رنجھه ڪنجھه يا بار بار چوڻ جي، پاڻ هرتو ادا ٿو ڪري. ڪوبه ڪارڪن صحافين جي گڏ ٿيڻ تي ڦوٽوءَ ڪڍائڻ لاءِ اڳين صف ڏانهن لوُهه نه ٿو وجھي. هلندي مهل نه ڪو اڳيان ٿو ڊوڙي، نه پويان ٿو رهجي؛ هر ڪو پنهنجي جاءِ تي هجي ٿو. گذريل ٽن ڏينهن کان قافلي سان مختلف هنڌن تي ٿوريون ٿوريون وکون کڻڻ دوران يا رات مون وٽ ٽڪڻ دوران مون منجھن جيڪو جذبو ۽ ضابطو ڏٺو آهي، اهو نه رڳو ساراهڻ جوڳو آهي، پر وڏي حد تائين مثالي پڻ آهي، انهيءَ ضابطي ۾ رخنو ان مهل پوي ٿو، جنهن مهل سنڌ جا سياسي ڪارڪن قافلي جي آجيان لاءِ اڳتي وڌن ٿا. پوءِ ڌِڪ ڌِڪان ۽ هڪٻئي کي ٺونٺيون هڻي اڳيان نڪرڻ جي جستجو شروع ٿي وڃي ٿي. جنهن ۾ ڪنهن ڪنهن مهل ته ايئن به ٿئي ٿو جو ماما قدير، فرزانا مجيد، مير محمد علي به پٺتي رهجي ٿا وڃن ۽ پاڻ وارا همراهه اڳيان اڳيان هجن ٿا. سنڌ جي سياسي ڪارڪنن جو اهو انداز ڏسي سندن لاءِ اِها راءِ جڙي ٿي ته اهي ڏاڍا هُوٿرا آهن ۽ ضابطي کان نابلد آهن. انهن جي ڀيٽ ۾ وري سنڌ جو عام ۽ سادو سُودو ماڻهو ڪنهن حد تائين ضابطي جي پوئيواري ڪري ٿو. ٿي سگھي ٿو ته ڪو دوست چئي ته قافلي ۾ ضابطي تي وڏي حد تائين عمل درآمد جو ڪارڻ قافلي جو ننڍو هجڻ آهي. پر اصل ۾ ايئن ناهي. ننڍي قافلي جو ضابطو وڏي تحريڪ جي ضابطي جو هڪڙو عڪس آهي. حقيقت ۾ سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي بلوچن کان اهي ڳالهيون سکڻيون پونديون.
    پرامن طور اڳتي وڌندڙ هن قافلي جو هڪڙو تمام اهم اهڃاڻ هٿ سان ڌِڪجندڙ گاڏو يا ريڙهو آهي. جنهن کي ماما قدير پاڻ هڪلي رهيو آهي. سندس مدد لاءِ هڪڙو هڪڙو نوجوان واري سان ڊيوٽي ڏئي ٿو ته جيئن ريڙهو رستي کان هيٺ نه لهي وڃي. هو اهو ريڙهو چوڻ جي باوجود به ڌِڪڻ لاءِ ٻئي ڪنهن جي حوالي نه ٿا ڪن .هن ريڙهي تي گم ٿيل ماڻهن جون تصويرون رکيل آهن. ڪجھه تصويرون بلوچ شهيدن جون پڻ آهن. اهو ريڙهو هن لانگ مارچ جو علامتي اهڃاڻ آهي. ان کي ڏسي مون کي حضرت عيسيٰ ياد اچيو وڃي. حضرت عيسيٰ جڏهن گڏهه تي سوار ٿي ڪنعان جي پَٽن ۾ پنهنجو پيغام پئي پکيڙيو، تڏهن رومي شهنشاهيت ايڏي گھٻرائجي ۽ وائڙي ٿي ويئي هئي، جو ان گڏهه جي سواري تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي هئي. ماما قدير ۽ مظلوم بلوچن جو هيءَ گاڏو به حضرت عيسيٰ جي سواري وانگر هڪڙو انقلابي اهڃاڻ ٿي پيو آهي. باشعور، عشق جي جذبي سان سرشار فرد ۽ قومون جڏهن جدوجهدون ڪنديون آهن، تڏهن اهي ڪيئن نه ننڍڙين ننڍڙين شين کي به تاريخي اهڃاڻن ۾ بدلائي ڇڏينديون آهن.
    هاڻي اهم سوال اهو آهي ته جڏهن هيءَ پيادل قافلو اسلام آباد پهچندو، تڏهن (يا ان کان اڳ ۾ ئي، جو متان ان کي اسلام آباد پڄڻ ئي نه ڏنو وڃي)حڪومتي ڌر ۽ هن ملڪ جا سگھارا ادارا ان کي ڪيئن ٿا ڏسن؟ هڪ ڳالهه ته ضرور آهي ته هيءَ قافلو اسلام آباد پڄي يا نه پڄي، ٻنهي صورتن ۾ اهو هڪڙي نئين تاريخ ئي رقم ڪندو. پر ان سان هن مملڪتِ خدادادِ پاڪستان جي اربابِ اختيار ۽ اقتدار جي مٿي تي ڪا جونءَ سُري ٿي يا نه، ان جي خبر به ايندڙ ڪجھه ڏينهنَ ۾ پئجي ويندي. البت منهنجو خيال آهي ته حڪومت ان کان هر ممڪن حد تائين ڪن ٽار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. پنجاب جون سياسي پارٽيون، پوءِ اهي حڪومت ۾ هجن يا مخالف ڌر ۾، هن معاملي کان صفا الڳ ٿلڳ ٿيو بيٺيون آهن. ان جو تجربو اسان کي ڪجھه هفتا اڳ ۾ لاهور جي دؤري دوران تڏهن ٿيو، جڏهن پنجاب اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي ميمبر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ ميان محمود رشيد سان ان معاملي تي سوال جواب ٿيا. گمشدگين تي جڏهن کانئس سوال ڪيو ويو ته هن وٽ آمنا مسعود جنجوعا جو حوالو ته هو، پر بلوچ ۽ سنڌي قومي ڪارڪنن جي باري ۾ هن اهو چئي لنوايو ته اسان وٽ انهن جا ڪي تفصيل ناهن. توهان مون کي اِي ميل ڪريو ته اسان انهن بابت ڳالهائينداسين. جڏهن کيس سندس اي ميل ايڊريس ڏيڻ جو چيو ويو ته هن پنهنجي سيڪريٽري سان رجوع ڪرڻ جو چيو. سندس سڪيلڌي سيڪريٽري وري اي ميل ائڊريس ڏيڻ بدران اسان جي دوست جي هٿ ۾ فون نمبر پڪڙائي ڇڏيو ته بعد ۾ ان نمبر تي فون ڪري اي ميل ائڊريس وٺي لائجو. ان کي سنڌيءَ ۾ چئبو آهي ”ڏٺو پيِر، پُني مراد“. ساڳي ڪار پنجاب حڪومت جي توڙي وفاقي حڪومت جي پڻ نظر اچي ٿي. پارليامينٽ ۾ اهي ان تي ته گوڙ ڪن ٿا ته بنگلاديش ۾ مُلي عبدالقادر کي ڦاسي ڇو ڏني وئي آهي؟ پر کين سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٿيندڙ ڏاڍايون، ناجائزيون، انساني حقن جون ڀڃڪڙيون، ماوراءِ عدالت قتل، ٽارچرسيلن مان تشدد ڪري گوليون هڻي ماري اڇلايل چچريل لاش، مارڻ کانپوءِ گاڏين سان گڏ ساڙيل ٻاريل مڙهه ۽ جبري گمشدگيون نظر نه ٿيون اچن. آئون ڀانيان ٿو ته اهي حڪمران هن لانگ مارچ کي به ٻوڙي ڪنين ٻڌندا ۽ نابينا اکين سان ڏسندي ان تان نظرون چورائڻ جي ڪوشش ڪندا. خير، حڪمرانن جو رويو ڪهڙو به بيهي، پر هنن حوصلن، جذبن، ارپنا ۽ ڪمٽمينٽ کي ڏسندي هڪ ڳالهه يقيني طور تي چئي سگھجي ٿي ته فرزانا بلوچ جي سر تي ڪاميابي ۽ آزاديءَ جو هُما ضرور پنهنجن سڀاڳن پرن سان ڇانوَ ڪندو.
    * * *

    22 ڊسمبر 2013ع


    گمشدگين واري معاملي کي ڪيئن منهن ڏجي!؟

    سنڌ ۽ بلوچستان جي اندر سياسي ڪارڪنن جي گمشدگين وارو معاملو جيئن پوءِ تيئن شدت اختيار ڪري رهيو آهي. نئين روز نوان ماڻهو کنڀجي رهيا آهن ۽ سندن ڪو اتو پتو نه ٿو پئي. مهينن جا مهينا، سالن جا سال لڳاتار غائب رهڻ کانپوءِ جنهن انداز ۽ صورت ۾ اهي جڏهن واپس موٽن ٿا، تڏهن سندن گھر ڀاتي به کين پهرينءَ نظر ۾ سڃاڻڻ کان قاصر هوندا آهن. تمام گھڻي وڌيل ڏاڙهي، اڻڀا وار، ڏرا ڏنل اکيون، لٿل مُنهن، زخمي جسم، ميرا ۽ ڦاٽل ڪپڙا، سڄي حالت اڊڙيل اڊڙيل، اجڙيل اجڙيل. ڄڻ ڪي ننڌڻڪا، اٻالا ۽ يتيم. پر وري به خوشقسمت آهن اُهي، جيڪي ان انداز ۾ ئي سهي پر زندهه واپس موٽن ٿا. نه ته اڄڪلهه ته ڳالهه ان کان گھڻو اڳتي وڌي هلي آهي. هاڻي ته ماڻهو يا ته هلنديءَ گاڏي تي فائرنگ ڪري ماري ساڙيا ٿا وڃن (شهيد سرائي قربان کهاوڙ وارو واقعو ۽ شهيد مقصود قريشي وارو واقعو لڳ ڀڳ هڪجهڙا آهن) يا وري پڪڙي گم ڪري تشدد جو نشانو بنائي، پوءِ گوليون هڻي چچريل لاش ٿا اڇلايا وڃن. صورتحال ڊپ واري نه ئي سهي، ڳڻتي جوڳي ضرور آهي. بهادري جي نالي ۾ بي اونو ٿي نه ٿو سگھجي؛ ۽ نه ئي وري اپائن کان غافل ٿيڻ گھرجي. هڪ ڳالهه ٻي به آهي ته انهن ڪارواين کي اوستائين ٻنجو به نه ٿو ڏيئي سگھجي، جيستائين قومي غلامي منجھان جان آجي نه ٿي ٿئي. غلامي دوران اهڙا واقعا وقت بوقت رونما ٿيندي رهڻ جو امڪان هميشه موجود رهندو. ان ڪري جو قابض قوتون آزادي جي جدوجهدن کي روڪڻ لاءِ نهن چوٽيءَ جا زور لائينديون آهن. هتي به ايئن پيو ٿئي ۽ پنجاب سامراج جي شڪست تائين ايئن ٿيندو رهندو. تنهن هوندي به جيتري قدر ممڪن ٿي سگھي ٿو، هن معاملي تي اثرائتو آواز اٿاريندو رهڻ گھرجي. اسان کي پنهنجن ٻچن جي ٽارچرسيلن ۾ وڃڻ، مارجڻ، گم ڪري ڇڏڻ يا تشدد جو نشانو بنائڻ وارن عملن تي ماٺيڪو ٿيڻ يا هٿ تي هٿ ڏيئي ويهي رهڻ ڪنهن به صورت ۾ نه جُڳائيندو. تنهن ڪري هن اهم معاملي تي آواز اٿارڻ نهايت ضروري ۽ لازمي آهي. خود مون کي به ڪجھه عرصو ٽارچرسيل ۾ واڙي گم ڪيو ويو هو. تنهن ڪري ڪجھه منهنجي اُن تجربي يا مشاهدي ۽ ڪجھه حالتن جي اڀياس جي نتيجي ۾ آئون ان خيال تي پهتو آهيان ته هيٺين ريت هن معاملي کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري سگھجي ٿي.

    1. عدالتون:
    جيئن ئي ڪو سياسي ڪارڪن (يا ڪو عام ماڻهو يا زندگي جي ڪنهن به شعبي سان لاڳاپو رکندڙ ڪوبه ماڻهو) ڳجھن ادارن (يا ڪنهن به رياستي اداري) هٿان گرفتار ڪري گم ڪيو وڃي ته هڪدم ان جي گرفتاري واري عمل کي اعليٰ عدالت ۾ چئلينج ڪيو وڃي. گرفتاري ۽ گم ڪرڻ واري عمل خلاف بنان دير جي، سٺن وڪيلن جي صلاح مشوري سان، هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشنون داخل ڪرڻ کپن. گمشدگين جو معاملو ڪافي وقت کان سپريم ڪورٽ ۾ پڻ ٻڌڻيءَ هيٺ آهي؛ تنهن ڪري هن معاملي ۾ اُن سان پڻ لهه وچڙ ۾ اچي سگھجي ٿو. سپريم ڪورٽ يا هاءِ ڪورٽ، جنهن ۾ به پٽيشنون داخل ڪجن، اتي انهن پٽيشنن جي باقاعدي سان پوئيواري پڻ ڪرڻ گھرجي. ڪنهن به قسم جي مونجھه، سستي، آسري، ڊپ يا ڌمڪين جي اثر ۾ پٽيشن تان هٿ نه کڻڻ گھرجي.
    عام طور تي ايئن به ٿيندو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن مائٽن کي آسرو ڏنو ويندو آهي ته توهان ڪورٽن مان پنهنجون پٽيشنون واپس وٺو، توهان جي همراهه کي آزاد ڪريون ٿا. اهڙن آسرن ۾ گھڻي ڀاڱي ماڻهو ويچارا رليو ۽ مار کايو وڃن. تنهن ڪري قطعي طور تي اهڙي ڪنهن لب لالچ ۾ اچڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي. پنهنجي موقف تي عدالت ۾ ڄمي بيهجي.
    ڪڏهن وري ڪن ماڻهن کي پٽيشنن تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪايو يا ڊيڄاريو ويندو آهي. مثال طور ” جي عدالت مان درخواست واپس نه وٺندا ته توهان جي همراهه کي ماري ڇڏينداسين“ يا وري اهو ته ”درخواست تان هٿ کڻ نه ته توکي به گم ڪري ڇڏينداسين“ وغيرهه وغيرهه. ڌمڪي توڙي ڪنهن آسري، ٻنهي صورتن ۾ پٽيشنن تان هٿ نه کڻڻ گھرجي.

    2سياسي جدوجهد ۽ ميڊيا:
    ڪنهن به سياسي ڪارڪن يا عام ماڻهو جي گرفتاري ۽ گمشدگي جي صورت ۾ ٻي اهم ڳالهه سياسي جدوجهد آهي. هن ڏس ۾ سياسي جدوجهد، احتجاج ۽ ميڊيا واري پاسي تي زور ڏيڻ تمام ضروري آهي. جيترو هن معاملي کي ميڊيا ۾ کڻبو، اوترو ان جي اهميت وڌندي. روز روز جا بيان، خبرون ۽ احتجاج غاصبن يا گم ڪندڙن کي ڏاڍو تنگ ڪندا آهن. هيءَ اُها شئي آهي، جيڪا ڪَنڊ وانگر هنن جي طُرن ۾ اٽڪي پئي ٿي ۽ هو چاهيندي به ايڏي سئولائي سان اُن مان جان ڇڏائي نه ٿا سگھن.
    گمشدگي اهڙو معاملو آهي، جو ان ۾ گم ڪيل نوجوانن جي آڪهن، پاڙي، راڄ ڀاڳ، برادري، سيول سوسائٽي، وڪيلن جي تنظيمن، واپاري جماعتن، صحافين، اديبن، دانشورن ۽ سياسي پارٽين سميت زندگي جي هر شعبي، هر مڪتبِ فڪر جي ماڻهو کي سؤلائي سان متحرڪ ڪري سگھجي ٿو.

    3. انساني حقن ۽ انصاف جي عالمي ادارن سان لکپڙهه:
    ڪنهن به گمشدگي جي صورت ۾ جيترو جلد ممڪن ٿي سگھي انساني حقن جي مڪاني تنظيمن توڙي عالمي تنظيمن سان رابطو ڪرڻ گھرجي. گڏوگڏ انصاف جا جيڪي به عالمي ادارا آهن، انهن سان هن ڏس ۾ لکپڙهه ڪرڻ گھرجي. هيومن رائيٽس ڪميشن، ايشين هيومن رائيٽس ڪميشن، ايمنسٽي انٽرنيشنل، اولهه جا انساني حقن جا ادارا ۽ گڏيل قومن جو انساني حقن وارو شعبو هن ڏس ۾ گھڻا ڪارائتا ثابت ٿي سگھن ٿا.
    هن قسم جي لکپڙهه ۾ ايف آءِ آرن ۽ عدالتن ۾ داخل پٽيشنن جي ڪاپين وغيرهه توڙي اخباري خبرن جي تراشن وغيرهه جي ضرورت پوي ٿي. عالمي سطح تي ڪم ڪندڙ انساني حقن جون تنظيمون توڙي انصاف جا عالمي ادارا يا تنظيمون هوائي اندازن بدران بنهه ٺوس انداز ۾ ڪم ڪنديون آهن، تنهن ڪري انهن کي مڪمل ڪيس ٺاهي موڪلڻ گھرجن. جڏهن ڪاڳر پٽن جي جانچ جونچ کانپوءِ اهي مطمئن ٿي ويندا ته هن ڏس ۾ وڏو آواز اٿاري سگھن ٿا.

    4. تڪ جي چونڊيل نمائندن تي دٻاءَ وجھڻ:
    هيءَ جيتوڻيڪ بنهه گھڻو ڪارگر ۽ مؤثر طريقو ڪونهي، پر پوءِ به ان کي عمل ۾ ضرور آڻڻ کپي. تڪ جي چونڊيل نمائندن کان هن سلسلي ۾ پڇاڻو پيو ڪجي، مٿن دٻاءَ وجھجي ته هو گم ٿيل همراهه جي آزادي لاءِ ڪوششون وٺن، اسيمبلي ۽ ميڊيا ۾ ڳالهائينِ ۽ حڪومت توڙي ڳجھن ادارن کان اسيمبلين ۾ پڇاڻا ڪن.
    جيتوڻيڪ اڄوڪي سنڌ جي پارلياماني سياست ڪندڙن جي تمام وڏي گھڻائي ڀاڙ جا تُنبا آهي، پر پوءِ به انهن کي انهي ذميواري کان آجو ڪري نه ٿو سگھجي ته هو پنهنجي تڪ جي ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ جا پابند آهن. تنهن ڪري انهن سان هن معاملي ۾ ضرور رجوع ڪرڻ گھرجي.
    گڏوگڏ ايئن پڻ آهي ته اسيمبليون جيڪڏهن سنجيديون ٿين ته هن معاملي ۾ توڙي هر سياسي معاملي ۾ هڪڙو تمام وڏو دٻاءُ پيدا ڪري سگھن ٿيون. جنهن جي نتيجي ۾ ڳجھن ادارن کي ٻه پير پوئتي هٽڻو پئجي سگھي ٿو. اِهو ئي ڪارڻ آهي جو سنجيدا، عوام دوست، محب وطن ۽ سچار ماڻهن جي بجاءِ اهڙن ماڻهن لاءِ اسيمبلين ۾ اچڻ جي آساني پيدا ڪئي وڃي ٿي، جيڪي اڳڙين جا گڏا ۽ هٿ ٻڌا ٻانها هجن. پر ڪڏهن ڪڏهن هٿ ٻڌا ٻانها به عوامي دٻاءَ تي چپ چوري وجھندا آهن.

    5. سنڌين جي عالمي تنظيمن سان رابطو:
    سنڌ کان ٻاهر سنڌين جون ڪافي ثقافتي، ادبي ۽ نيم سياسي تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن. انهن مان ڪي تنظيمون سنڌ جي سياسي مسئلن تي پڻ پرڏيهه ۾ آواز اٿارينديون رهن ٿيون. جن منجھان ورلڊ سنڌي ڪانگريس ته تمام گھڻي سرگرم، مؤثر ۽ سنجيدا جماعت آهي، جيڪا ڏيساور ۾ سنڌين جي آواز کي سگھاري انداز ۾ پيش ڪرڻ لاءِ لاڳيتو جاکوڙيندي رهي آهي.
    گمشدگين جي معاملي تي به ورلڊ سنڌي ڪانگريس جو آواز هميشه ڏاڍو وقتائتو ۽ مؤثر پئي رهيو آهي. جنيوا ڪانفرنسن کان وٺي برطانوي سرڪار جي ايوانن سامهون تائين هن تنظيم پنهنجي پهچ آهر اثرائتي انداز ۾ احتجاج پئي ڪيا آهن ۽ آواز پئي اٿاريو آهي. سياسي قتلن جي خلاف به ورلڊ سنڌي ڪانگريس جا احتجاج پرڏيهه ۾ سنڌين جي قومي وجود جو احساس ڏياريندا پئي رهيا آهن. سچ ته ورلڊ سنڌي ڪانگريس ڏيساور ۾ سنڌين جو قومي آواز آهي.
    تنهن ڪري هن معاملي تي ورلڊ سنڌي ڪانگريس کي به تفصيلي رپورٽون ٺاهي موڪلڻ گھرجن، ته جيئن اها ڪنهن به ماڻهو جي گمشدگي يا قتل کي عالمي فورمن تي کڻي سگھي.

    چچريل لاشا ملڻ کانپوءِ:
    شهيد مظفر ڀٽو، سجاد مرکنڊ، عامر کهاوڙ، ديوان پريم ۽ صاحب خان گھوٽي توڙي مقصود خان قريشي ۽ سلمان وڌي يا هينئر آصف پنهور ۽ وحيد لاشاري ۽ ان بعد وري سرويچ پيرزادي ۽ واجد لانگاهه جي لاشن ملڻ کانپوءِ ٿي سگھي ٿو ته ڪي دوست ان راءِ جا هجن ته هاڻي جڏهن رياست چچريل لاش ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي ۽ ماڻهن کي پڪڙي فوري طور تي ماري باهيون ڏيئي ٿي ڇڏي، يا ستت ئي چچريل لاشا ٿي اڇلائي، تڏهن مٿين قدمن کڻڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ منهنجو خيال آهي ته جيڪو به ماڻهو پڪڙي گم ڪيو وڃي ٿو، اهو ان ڳالهه جو حقدار آهي ته سندس مؤثر پوئيواري ڪئي وڃي. ان آسري ۾ ماٺ ڪري ويهڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي ته همراهه کي ماري ڇڏيندا، ان ڪري ڪجھه ڪيئن ڪجي. رياست ڀلي لاشا ڏيندا رهي، پر هِن پاسان مٿي ڄاڻايل انداز ۾ تحرڪ ضرور ورتو وڃي.
    جيڪڏهن عدالت تائين پنهنجي پهچ کان اڳ ۾ ئي ڪنهن گرفتار همراهه جو لاش اڇلايو ٿو وڃي، ته ان صورت ۾ وري ماوراءِ عدالت قتل جي موقف سان ڪورٽن سان رجوع ڪرڻ گھرجي. گڏوگڏ مٿي ڄاڻايل ٻين ادارن سان پڻ انهيءَ انداز ۾ لکپڙهه ڪري پنهنجو موقف پيش ڪرڻ گھرجي.

    هڪ ٻي اهم ڳالهه:
    هن سلسلي ۾ هڪ اڌ ٻيون اهم ڳالهيون پڻ سمجھڻ جي ضرورت آهي. پهرين ڳالهه هيءَ آهي ته اسان جا ماڻهو عام طور تي ايئن سمجھندا آهن ته ڪجھه ناهي ٿيڻو. حقيقت ۾ ايئن ڪونهي. دنيا جي اندر سڀ کان وڏي طاقت خود ماڻهو يا عوام آهي. عوام جي تحرڪ سان ئي عظيم تبديليون رونما ٿينديون آهن. سو هن معاملي تي به عوامي تحرڪ خوش آئند نتيجا ڏيڻ جو ڪارڻ بڻجندو.
    منهنجي ٽارچرسيل ۾ هجڻ دوران، جيڪو منهنجو پنهنجو تجربو يا مشاهدو آهي اُهو ڪجھه هينئن ٿو چئي ته ٽي ڳالهيون هُنن کي خاص طور تي پريشان ڪن ٿيون. پهرين ڳالهه عدالتن جون پيشيون ۽ پڇاڻا آهن. ٻيءَ ڳالهه روڊن رستن تي ٿيندڙ احتجاج، مظاهرا، ڌرڻا، هڙتالون، جلسا جلوس ۽ اخبارن توڙي ٽي وين تي هلندڙ خبرون ۽ بيان آهن. ٽينءَ ڳالهه پرڏيهه ۾ ٿيندڙ احتجاج ۽ عالمي فورمن مان هِنن تي کڄندڙ آڱريون آهن، جيڪي هنن کي تمام گھڻو پريشان ڪن ٿيون ۽ کين دنيا اڳيان وضاحتون ڏيڻيون پون ٿيون ۽ دفاعي انداز اختيار ڪرڻو پئي ٿو.
    ٻيءَ ڳالهه رياستي ادارن جي انداز کي سمجھڻ جي آهي. گھڻي وقت کان گھڻن مامرن ۾ رياستي ادارن هڪڙي پاليسي جوڙي رکي آهي ته ماڻهن کي ڇڏي ڏيو ته ڀلي جلسا جلوس ڪندا گھمن، گاريون ڏيندا رهن ۽ مخالفتن جا طوفان اٿاريندا وتن. کين احتجاجن کان نه روڪيو. پر کين بي اثر هينئن بڻايو جو سندن مطالبن تي ڪن نه ڏيو، سندن مسئلي تي ڌيان نه ڌريو، سندن ڳالهه نه ٻڌو. پاڻهي رڙي رڙي ماٺ ٿي ويندا. ڪنٽار ڪرڻ واري اها پاليسي هن معاملي تي پڻ روا رکي وڃي ٿي. ايئن ٿو لڳي ڄڻڪ ڪجھه ٿيو ئي نه هجي، ڪا ڳالهه ئي نه هجي، سڀ خير لڳو پيو هجي. ماڻهو رڙيون پيا ڪن، احتجاج پيا ڪن؛ ۽ حڪمرانن توڙي ڳجھن ادارن جي ڪنن تي ڪا جونءَ ئي ڪانه ٿي سُري. اها هُنن جي نظرانداز ڪرڻ واري پاليسي آهي. هو ظاهري ڏيک اِهو ٿا ڏين. پر اِن جو مطلب اِهو ناهي ته هو ڪو پريشان ئي نه ٿا ٿين. مٿيون ڳالهيون هُنن کي تمام گھڻو پريشان ڪن ٿيون. ان ڪري احتجاج، عدالتون، عالمي فورمن تي آواز، انصاف ۽ انساني حقن جي ادارن سان لکپڙهون مؤثر نموني جاري رهڻ کپن. جيڪڏهن ممڪن ٿي سگھي ته همراهه جي موٽي اچڻ کانپوءِ به عدالت مان پٽيشن واپس وٺڻ بجاءِ جوابدارن جي نشاندهي ڪرڻ گھرجي ۽ مٿن عدالتن جي توسط سان ڪيس داخل ڪرائڻ گھرجن. پر جي ڪنهن سبب ڪري اهو ممڪن نه ٿي سگھي ته به ڪنهن ماڻهو جي کڄڻ جي صورت ۾ ته فورن متحرڪ ٿي وڃجي ۽ مٿي ڄاڻايل نقطن تحت، جيترو تڪڙو ۽ مؤثر ٿي سگھي، لاڳيتو آواز اٿارجي.
    آئون سمجھان ٿو ته هو جيترو ڪنٽار يا نظرانداز ڪرڻ واري پاليسي اختيار ڪن، اوترو ئي اسان کي مؤثر ۽ سگھارو آواز اٿارڻ گھرجي. هو نظرانداز ڪرڻ کان نه ٿا مُڙن ته پاڻ پنهنجي آواز تان هٿ ڪيئن کڻون! ياد رکڻ گھرجي ته اهو پنهنجو آواز، جاکوڙ ۽ سياسي جدوجهد ئي آهي، جيڪا آخرڪار ظلم جي قوتن کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪندي. فِلحال تڪليفون ته کڻي پنهنجي حصي ۾ آهن، پر شڪست ۽ تباهي هُنن جو مقدر آهي. ايران جي عظيم قومي شاعر ۽ شاهنامي جي تخليقڪار فردوسي ڪيڏو نه سچ چيو آهي ته:
    گرگ ميرو، سگ وزيرو، موش ديوان مي شود،
    زاغ ضيابت، کر نيابت، ملڪ ويران مي شود.
    ”جنهن ملڪ جو بادشاهه بگھڙ هجي، ڪتا سندس وزير هجن، سيَهڙ جج هجن؛ ڪانگ هجن ڪامورا ۽ گڏهه سپاهي هجن، اُهو ملڪ ضرور تباهه ٿيندو.“
    * * *

    30 مارچ 2014ع

    (نوٽ هن مضمون ۾ پهرين ڊسمبر 2014ع تي معمولي واڌارا ڪيا ويا آهن.)


    پنجاب سامراج گهيري ۾

    حالتون سدائين هڪ ڪَريون ۽ هڪجهڙيون نه ٿيون رهن. تبديلي قدرت جو اٽل اصول آهي، جيڪو سڄي ڪائنات جي مٿان لاڳو آهي. هن ڪائنات ۾ ڪابه شيءِ ساڪن، جامد، هڪ هنڌ بيٺل ۽ اڻ بدلجندڙ نه آهي. هن پوري سرشٽيءَ ۾ جيڪي ڪجهه به آهي، اهو لاڳيتو هڪڙي سفر ۾ آهي، متحرڪ آهي ۽ تبديليءَ جي مرحلن مان گذرندڙ آهي. تبديلي، هن ڪائنات جو اٽل ۽ سدا حيات سچ آهي.
    جڏهن پوري ڪائنات ئي متحرڪ ۽ متغير هجي ته پوءِ انساني سماج هڪ هنڌ ڪيئن بيهي سگهي ٿو، اهو به متحرڪ ئي رهڻو آهي. اهو تحرڪ ئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ انساني سماج، ڪمال ۽ زوال، چاڙه ۽ لاڙه، هيٺاهين مٿانهين ۽ تبديلين جا انيڪ لقاءُ پسي ٿو. انهن بدلجندڙ لقائن جي تاريخ ۾ اسان کي جيتامڙيون ۽ ڪمزوريون سگهاريون ٿينديون، اُڀرنديون، آزاد ٿينديون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون؛ هيڻا فاتح ٿيندا نظر اچن ٿا، نيون قُوتون اُڀرندي پسجن ٿيون ۽ ڇَٽ پٽن سان لڳندا ۽ ڦهڪا ڪندا ڏسجن ٿا.
    ساڳيو لقاءُ اسان کي موجوده زماني ۾ ۽ پنهنجي ڀرپاسي ۾ پڻ نظر اچي ٿو. ايڪيهين صديءَ جي آغاز سان اوڀر تيمور ۽ ڪوسوو آزاديءَ جي ديويءَ کي ڀاڪُر ڀري چُڪا آهن. ٻيون غلام قومون ۽ ملڪ اُن راهه تي پنهنجي وس ۽ وِت آهر اڳتي وڌندڙ آهن.
    آزاديءَ جي رستي تي وڌندڙ انهن قومن ۾ سنڌي قوم پڻ شامل آهي. جتي جتي به غلام ۽ محڪوم قومون پنهنجين آزادين ڏانهن، اڀري سڀري حال آهر ئي سهي، پيشقدمي ڪري رهيون آهن؛ اُتي اُتي قابض، غاصب، فاتح ۽ سامراجي قوتون ۽ رياست ڪمزور ٿي، ٽُٽي، وکري ۽ ڊهي رهيون آهن. هاڻي غاصب قوتن جا ڏينهن ڳڻجي رهيا آهن. ’پنجاب سامراج‘ جنهن جو ٻيو نالو ’پاڪستان‘ اهي، اهو پڻ ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿي رهيو آهي، داخلي توڙي خارجي طور اُن جي چوڌاري گهيرو، جيئن پوءِ تيئن وڌي رهيو آهي. اهو گهيراءُ ئي هن غير فطري ۽ غاصب رياست کي سندس منطقي انجام ڏانهن وٺي ويندو. اهرو منطقي انجام، جنهن جو ٻيو نالو ’قومي آزادي‘ آهي. قومي آزادي ڪائناتي سچ آهي، جنهن کي ڪير به گُهتي نٿو سگهي. آزاديءَ کي گُهٽڻ جي ڪوشش ڪندڙ پاڻ گُهٽجي، مري فنا ٿي وڃن ٿا ۽ هاڻي به فنا ٿيڻا آهن. پنجاب سامراج جي ڳچيءَ ۾ پڻ ڦندو سوڙهو ٿي رهيو آهي. انهيءَ ڦندي کي هيٺ ڄاڻايل صورتحال ۾ ڏسي سگهجي ٿو.

    الف_ عالمي صورتحال:
    ويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي دوران پاڪستان سڄي دنيا ۾ اڪيلو ٿي، ويڳاڻپ، اقتصادي بحران ۽ داخلي انتشار جي ور چڙهي ويو هو. هڪ پاسي عالمي قوتون پاڪستان کي دهشتگرد رياست‘ قرار ڏيڻ تي ويچاري رهيون هيون، ته ٻئي پاسي اهو سوويت يونين وانگرناڪام رياست سڏجي ٽٽڻ جي ويجهو پهچي ويو هو، پر يارهين سيپٽمبر واري واقعي جي ڪري هن رياست کي هڪ ڀيرو وري عالمي قوتن جي ’ڀاڙيتو رياست‘ طور ڪم ڪرڻ جو موقعو هٿ چڙهي ويو، جنهن جي ڪري مٿس نوازشن جي برسات وسي وئي، اُن هن رياست کي عارضي طور وري جياري ڇڏيو آهي. پاڪستان پنهنجي ئي وياءَ ’طالبان‘ جي خلاف ڪات ڪهاڙا کڻي، پاڻ کي عالمي قوتن جي اکين جو تارو‘ بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. هو ان ڪوشش ۾ ڪنهن قدر ڪامياب به ويو، پر هڪ بنياد پرست رياست، دهشتگرد ۽ غاصب رياستن، روشن خيالي، اعتدال پسندي ۽ جديد قدرن کي ڪيئن ٿي پنهنجي ڪري سگهي؟ سو پاڪستان به عالمي قوتن جي ڊپ ۽ امداد جي لالچ جي ڪري، جنهن ’دهشتگردي مخالف جنگ‘ ۾ شامل ٿيو هو، تنهن سان نڀاءُ ڪرڻ، اُن جي وس جي ڳالهه ئي ڪان هئي. اُهو ٿوري عرصي ۾ ئي پنهنجي اصليت تي موٽي آيو ۽ اُن پاران ٻٽي کيڌ شروع ڪئي وئي. هڪ پاسي پاڪستان دهشتگردي مخالف جنگ ۾ عالمي قوتن جو ساٿاري بڻيل رهيو ته ٻئي پاسي ڳجهه ڳوهه ۾ دهشتگردي پکيڙيندڙ قوتن جي مدد ۽ پٺڀرائي به ڪرڻ لڳو، پر سندس اها کيڏ گهڻو وقت تائين ڍڪيل، ڇپيل ۽ ڳُجهي رهي ڪان سگهي. هو گهڻي وقت تائين آمريڪا جي اکين ۾ سرمو وجهي نه سگهيو. جڏهن آمريڪا انهيءَ ٻٽي کيڏ جا ڪيترائي ثبوت گڏ ڪري ورتا، تڏهن ان معاملي تي پاڪستان کي سڌو ٿي هلڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو، هاڻي اهو دٻاءُ جيئن پوءِ تيئن وڌندو پيو وڃي.
    هڪ پاسي پاڪستان نه چاهيندي به دهشتگرديءَ واري جنگ ۾ گهلجي رهيو آهي، ته ٻئي پاسي وري روز به روز اُن کان اڃا به وڌيڪ قدم کڻڻ جا مطالبا ٿي رهيا آهن. حڪومت توڙي عسڪري ادارا ۽ ٻيا ڳجها ادارا بارها اهو ورجائيندا ٿا رهن ته هاڻي عالمي طاقتن جي ’do more‘ وارن حڪمن کي ٿڏيو ويندو. وڌيڪ ڪي به قدم نه کنيا ويندا، پر اهرين ڦوڪن جي باوجود حقيقت اها آهي ته اُهي هر روز وڌيڪ جُهڪي رهيا آهن. هيءَ رياست ۽ ان جون هلائيندڙ قوتون عالمي طاقتن اڳيان گوڏن ڀر جهڪيل آهن. اهو جُهڪاءُ جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ جُهڪندو ويندو ۽ ان حد تائين پهچندو، جو کين گوڏن کان معذور ڪري ڇڏيندو.
    دهشتگرديءَ خلاف جنگ کانسواءِ ٻيو عالمي دٻاءُ هن رياست مٿان ائٽمي حوالي کان آهي. سڄي دنيا هن رياست جي ائٽمي پروگرام جي سلسلي ۾ ڳڻتيءَ ۾ ورتل آهي، جو پاڪستان وٽ ائٽمي هٿيار انڌي جي هٿ ۾ لٺ وانگر آهن، جيڪا ڪنهن جي به مٿي ۾ ڦهڪو ڪري سگهي ٿي. انهيءَ دٻاءَ جي نتيجي ۾ پاڪستاني ادارا پريشانيءَ ۾ ورتل آهن ۽ هر نئين ڏينهن اهي وضاحتون ڪرڻ ۾ پورا آهن ته ائٽمي اثاثا محفوظ هٿن ۾ آهن. هيءَ دنيا جي واحد رياست آهي، جيڪا پنهنجن هٿيارن کي لڪائڻ ۾ پوري آهي ۽ جيڪا شيءِ ٻين لاءِ طاقت ثابت ٿئي ٿي، اها هنن لاءِ ڪمزوري ثابت ٿي رهي آهي.

    ب_ علائقائي دٻاءُ:
    دنيا پنهنجي پاڙيسرين سان ٺاهي هلندي آهي، هيءَ پنجابي سامراجي وري ڦٽائيندا ئي پاڙي وارن سان آهن. پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي هميشه وائڙي ۽ غير متوازن رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ جتي پاڪستان عالمي طور تي اڪيلائيءَ جو شڪار ٿيندو رهيو آهي، اُتي اهو علائقائي طور به اڪيلائي ۽ دٻاءُ جو شڪار آهي. هندستان هجي، افغانستان هجي يا ايران هجي، سڀنيءَ جون رڙيون پيون پون ته سندن سرزمين تي جيڪا به دهشتگردي ٿي رهي آهي، انهيءَ جي پٺيان پاڪستان جو هٿ آهي. پاڪستان ان معاملي ۾ ايڏي ته خطرناڪ حد تائين گهيرجي ويو آهي، جو چئي سگهجي ٿو ته اُن جي برآمد ۾ جيڪي شيون ٻاهر وڃن ٿيون، انهن مان هڪڙي شيءِ دهشتگردي آهي، پاڪستان دهشتگردي برآمد ڪندڙ رياست آهي. انهن افعالن جي ڪري پاڪستان علائقائي طور به اڪيلو رهجي ويو آهي.
    جيتري قدر چين جو تعلق آهي ته اهو به علائقي اندر پنهنجين پاليسين ۾ تبديليون آڻي رهيو آهي. چين ۽ هندستان هڪٻئي کي ويجهو ٿي رهيا آهن. ٿٻيٽ (Tibet) ۽ سُڪم بابت ٻنهيءَ جي پاليسين ۾ لچڪ آهي. اُهي هڪٻئي لاءِ واپار جا رستا پڻ کولي رهيا آهن ۽ اصولي طور اختلافن ۽ ٽڪرائن کي گهٽائڻ تي سهمت ٿي رهيا آهن. جڏهن چين ۽ هندستان پاڻ ۾ ٺهي ويا ته پوءِ پاڪستان لاءِ چين جي دوستيءَ تي فخر ڪرڻ لاءِ باقي ڇا بچندو؟ مٿان وري ڪسر تڏهن پوري ٿي ويندي، جڏهن هندستان لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبريءَ جا دروازا کُلندا.

    ٻ_ معاشي دٻاءُ:
    مظلوم قومن خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي وسيلن جي تيز ترين ۽ بي انداز ڦرلٽ ۽ استحصال جي باوجود پاڪستان جو معاشي ۽ اقتصادي گهوٽالو گهٽجي نه ٿو. هي سفيد ۽ مڪنو هاٿي ڪنهن جي پالڻ کان وڏو آهي. اُن ڪري هتي هر نئين ڏينهن هڪ نئون گهوٽالو جنم وٺي ٿو. بحران در بحران هلندڙ هيءُ رياست، نه ته عوام جي سُک ۽ سَهنجائيءَ لاءِ ڪجهه ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي سندن درد جي درمان ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هتي فقط غاصب ۽ بالادست ادارا، طبقا ۽ پنجاب سامراج، ترقيءَ جي شاهراه تي وڌي رهيا آهن. باقي غلام ۽ مظلوم قومن ۽ لاچار عوام لاءِ مهنگائي، بيروزگاري، بدحالي ۽ مسئلي تي مسئلو کڙو ٿئي ٿو. مظلوم قومن جو عوام جيئن پوءِ تيئن معاشي اڻهوند، بک ۽ بدحاليءَ جي ڌٻڻ ۾ ڪري رهيو آهي، پر نه فقط عوام ۽ مظلوم قومون، پر خود هيءَ رياست به معاشي بحرانن ۽ دٻائن جي ور چڙهيل آهي. جنهن ڏينهن تي عالمي قوتن پاران امدادن جي نالي ۾ ملندڙ ٽيڪون بند ٿيون ۽ مظلوم قومن جي وسيلن جي ڦرمار ۾ گهٽتائي آئي، ان ڏينهن کان هي رياست معاشي، اقتصادي بحران جي ڪُن ۾ ڪري ناڪام ۽ ناڪاري رياست بڻجي، پنهنجي منطقي انجام طرف وڌندي ويندي.

    ڀ_ سياسي بحران:
    هتي سياسي بحران نبري نٿو نبري، هڪ بحران حل ٿئي ٿو ته مٿان وري ٻيو بحران پيدا ٿئي ٿو. پاڪستان بحران جو اولاد آگي. جنهن رياست جنم ئي ڪنهن بحران مان ورتو هجي، اتي بحران ختم ڪيئن ٿا ٿي سگهن؟ هن رياست تي عسڪري قوتن جي اُجاتراداري آهي. ڪنهن مغربي ليکڪ ڪيڏي نه وزنائتي ڳالهه لکي آهي ته: ٻين سڀني ملڪن کي ’پنهنجي فوج‘ هجي ٿي، پر پاڪستان آرمي دنيا جي واحد فوج آهي، جنهن کي ’پنهنجو ملڪ‘ آهي. ان ڳالهه جي تصديق پاڪستان جي تاريخ مان ڪري سگهجي ٿي. در حقيقت پاڪستان جي تاريخ آمريتن جي تاريخ آهي. سو اهي ادارا ڪڏهن ظاهر ظهور ته ڪڏهن پردي پٺيان ويهي حڪمراني ڪندا رهيا آهن، اهي ڪڏهن به هتي استهڪام پيدا ٿيڻ نه ٿا ڏين. هتي ڊيمو ڪريسي، محمد علي شاهه چواڻي: ’ملٽري ڊيموڪريسي‘ آهي، پر رياست ايڏي ته غير جمهوري، مارشل لائي ۽ آمريت پسند آهي، جو ان کي مٿئين قسم جي جمهوريت به راس نٿي اچي. جنهن جي نتيجي ۾ هڪڙو مسلسل سياسي بحران پيدا ٿي پيو آهي، جيڪو بحران هن رياست جي حدن ۾ ڪڏهن به هل ٿيڻو ناهي ۽ اُن کي فطري انجام تائين پهچائيندو.

    ت_ قومي آزاديءَ جي تحريڪن جو دٻاءُ:
    عالمي، علائقائي ۽ معاشي دٻائن ۽ سياسي بحرانن کانپوءِ جيڪو اهم گهيرو پنجاب سامراج يعني پاڪستان رياست جي چوڌاري ٿي رهيو آهي، اُهو سنڌ ۽ بلوچستان جي قومي آزاديءَ جي تحريڪن جو دٻاءُ آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جي آزاديءَ جون تحريڪون، جيئن پوءِ تيئن اڳتي وڌي رهيون آهن. بلوچ پنهنجي قومي فطرت، بغاوتن ۽ ويڙهن جي تجربن، قبيلائي معاشرتي تنظيم جي بيهڪ ۽ وڌندڙ قومي شعور سبب هڪ ڏاڪو اڳتي وڌي آزاديءَ جي هٿياربند هلچل تائين پهچي چڪا آهن. بلوچن جي قبيلائي ۽ سماجي بيهڪ، سياسي ويڙهاڪ تنظيمي ڍانچي ۾ ڍلجي سگهاري ٿي چڪي آهي، جنهن ڪري اُها هن رياست لاءِ وڏي للڪار بڻجي چڪي آهي. ٻئي پاسي سنڌ جي قومي تحريڪ آهي، جيڪا پنهنجي سياسي، قومي شعور سان اڳتي وڌي رهي آهي، جيڪا پنهنجي بيهڪ ۾ اها سياسي جاکوڙ ۽ جدوجهد ۾ ڪافي اڳڀري آهي ۽ فڪري طور تي گهڻي سگهاري آهي. جيتوڻيڪ اها هٿياربند ويڙهه واري شڪل ۾ ناهي، پر پوءِ به اها پنهنجي فڪري، سياسي ۽ عملي جدوجهد جي شڪل نظرانداز نٿي ڪري سگهجي. اها هوريان هوريان منظم ٿي رهي آهي ۽ مستقبل ۾ جدوجهد جي اُوچن ڏاڪن تائين ضرور پُڄڻي آهي.
    سنڌ ۽ بلوچستان جي ’قومي آزاديءَ جون تحريڪون‘ جدوجهد جي حڪمت عملين، ڏاڪن ۽ طريقي ڪارن ۾ مختلف هجڻ جي باوجود هڪٻئي جون ساٿاري تحريڪون آهن. منجهن جيڪا وڏي هڪجهڙائي آهي، اُها هيءُ ته ٻئي قومي تحريڪون، پاڪستان جي نالي ۾ تڳندڙ ’پنجاب سامراج‘ جي بالادستي، قبضي، حڪمراني ۽ ڦرلٽ کي للڪاريندي، قومي آزاديءَ لاءِ جاکوڙي رهيون آهن، جيڪا جاکوڙ انت پنهنجي قومي آزاديءَ جي منزل جي حاصلات تائين پهچڻي آهي.
    مٿيان دٻاءَ ۽ للڪارون اهو گهيراءَ آهن، جنهن مان نڪرڻ جو پنجاب سامراج المعروف “مملڪتِ خدادادِ پاڪستان “وٽ ڪو به رستو ناهي. اهو چوکنڀو ڦاٿل آهي. ٻين لفظن ۾ جيئن اهو “زميني لاڪپ يا گھيري” (land lockup) ۾ آهي، ايئن ئي سياسي ۽ مملڪتي لحاظ کان گھيري ۾ آهي. اهو جيئن پوءِ تيئن تباهي ڏانهن پيو وڌي. پاڪستان جي نالي ۾ پنجاب جو قبضو به آخرڪار ختم ٿيڻو آهي، ۽ جيئن هر سامراج پنهنجي پُڄاڻي ۽ فنا تي پئي پهتو آهي، هن کي به ايئن ئي فنا ٿي وڃڻو آهي. سندس انهيءَ تباهي، پُڄاڻيءَ ۽ فنا مان جنم وٺندا: ’سنڌ ۽ بلوچستان جا آزاد ملڪ‘، جيڪي فطري ۽ قدرتي ملڪ آهن ۽ فطري ۽ آزاد ملڪ ئي دنيا ۾ امن جا داعي ٿي سگهندا آهن.
    * * *

    (جسقم ترجمان ”پيغامِ سنڌ“ جي جنوري 2011ع جي شماري ۾ ڇپيل)


    نظرياتي جمود مان نڪرڻ جي ضرورت

    هڪڙو دؤر هو جو هر ڳالهه جي ڇنڊڇاڻ لاءِ مارڪسي نقطي نگاهه کان ڪم ورتو ويندو هو. ادا، مارڪس هينئن چيو، ڀاءَ، مارڪس هونئن چيو. جيڪڏهن ڪير ڪارل مارڪس جي فلسفي کان هيٺ مٿي يا پرڀرو ٿي ڳالهائي ته ان تي الزامن جا ڌوڙيا ٿي وڃن. ابا، فلاڻو ته رجعت پسند آهي، اهو روشن خيال ۽ ترقي پسند آهي ئي ڪونه. مارڪسيت ڄڻ ڪو فڪر ۽ فلسفو نه هئي، ڪو مذهب هئي. ٿوري هيٺ مٿانهين ٿي ناهي، سياسي شِرڪ ۽ ڪفر جون فتوائون نڪتيون ناهن! پر رڳو ايئن به ڪونه هو ته ٿوري هيٺ مٿانهينءَ سان ئي فتوائون نڪرن. گھڻي ڀاڱي ته ترقي پسنديءَ جون سندون پسند ناپسند ۽ مفادن جي هڪجهڙائي سان مشروط هيون.
    اهڙن اٻوجھه دوستن لاءِ مارڪسيت ٻي هر ڳالهه کان مٿي هئي؛ ٻيو ته ٺهيو، پر وطن يا ملڪ کان به مٿي هئي. وطن يا ملڪ، جنهن لاءِ هوچي منهه چيو هو ته ”جيڪڏهن مون وٽ منهنجو آزاد ملڪ نه هوندو ته آئون مارڪسيت کي ڇا ڪندس!؟ منهنجو ملڪ ئي نه هوندو ته اهو نظام لاڳو ڪٿي ڪندس؟“ اهو ئي ڪارڻ آهي جو هوچي منهه وٽ ويٽنام جي آزادي اول هئي، سوشلزم پوءِ هو. پر هتي جي ڪميونسٽن وٽ سنڌ ملڪ يا ان جي آزادي جي ڪابه اهميت نه هئي. انهن کي ته رڳي سوشلزم ٿي کپيو ـــ شايد هوائن ۾ لاڳو ڪرڻ لاءِ. پاڪستان ته پرائي رياست آهي. پرائي رياست، جيڪا وري قابض به هجي، ان ۾ ڪي غلام قوم جا ماڻهو پنهنجي پسند جو نظام به لاڳو ڪري سگھن ٿا ڇا!؟ جي ايئن هجي ها ته هوچي منهه فرانس ۽ آمريڪا کان آزادي جي جاکوڙ ڪرڻ بدران اتي جي ڪميونسٽ پارٽين جي مدد سان ويٽنام، فرانس ۽ آمريڪا ۾ گڏيل طور تي سوشلزم لاڳو ڪرڻ جي جدوجهد ڪري ها.
    بيٺڪيتون نطام لاڳو نه ڪنديون آهن. اُهي محڪوم ٿينديون آهن. ان ڪري انهن تي نظام ٿاڦيا ويندا آهن.
    سنڌ پاڪستان تي ڪو نظام لاڳو ڪري ئي نه ٿي سگھي؛ ان ڪري جو اها پاڪستان ۾ هڪڙي بيٺڪيت بڻيل آهي. سڄو پاڪستان ته پري رهيو، اها ته هِن وقت پنهنجي جاگرافي جي اندر به پنهنجي پسند جو ڪو نظام لاڳو ڪري نه ٿي سگھي. اها بيٺڪيتن جي بنيادي بيهڪ ۽ ڪمزوري هوندي آهي ته انهن جي هٿن ۾ ڪجھه به ڪونه هوندو آهي. اهي پنهنجي سر ڪوبه فيصلو ڪرڻ جون مجاز ئي نه هونديون آهن. اها تمام سادي سوُدي ڳالهه آهي، جيڪا سوشلزم جي بيجا سحر ۾ ورتل انهن دوستن کي سمجھه ۾ ئي ڪانه ايندي هئي.
    خير، اهو زمانو گذري ويو. سرمائيدار برطانوي سامراج وانگر روسي سوشل سامراج جو سج به دنيا جي ڪنڌين تان لهي ويو.
    جن قومن ڪڏهن سوشلزم جي فتح لاءِ پنهنجا ڪونڌر ڪهايا هئا، انهن جڏهن ڏٺو ته جياپي جي ڊوڙ ۾ اهي سرمائيدار دنيا کان پٺتي رهجي ويون آهن ۽ سوشلسٽ اقتصادي نظام هاڻي سندن ترقي جو وڌيڪ ضامن رهڻ بجاءِ ڳچين جو ڳٽ ٿي پيو آهي، ته انهن ان کي لاهي کڻي ڦِٽو ڪيو. سوويت يونين وکري ويو. اوڀر يورپ ۽ وچ ايشيا مان سوشلزم جي تڏا ويڙهه ٿي وئي.. خود سرمائيداري به اها پراڻي نه رهي، جنهن جا پيرا مارڪس، اينگلس ۽ لينن کنيا هئا. دنيا گس ئي وڃي نوان ورتا. پر نه بدليو ته هِن خطي جو کاٻي ڌر جو ڪارڪن نه بدليو. اهو اڄ به ساڳي پاڃاري پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجھيو هلي.
    دنيا ۾ تضادن جي بيهڪ ئي نئين ٿي وئي آهي. هاڻي دنيا ٻن بلاڪن واري پراڻي دڳ تي نه ٿي سوچي. ان ۾ دوستين ۽ دشمنين جا معيار ئي نوان آهن. اهي هر حال ۾ پنهنجي قومي مفادن ۽ عوام جي خوشحالي کي سامهون رکي جوڙيا ٿا وڃن.
    تبديل ٿيل ان عالمي منظرنامي ۾ سنڌي قوم کي پڻ پنهنجي قومي آزادي جي حاصلات لاءِ پنهنجي دوستن ۽ دشمنن جو تعين ڪرڻو پوندو. ان کي اهو ڏسڻو پوندو ته آخرڪار ڪٿان ڪٿان ان جي آواز کي مان، مُهت ۽ حمايت ملي سگھي ٿي. اهو دؤر ويو، جڏهن آمريڪا مرداباد جا نعرا هڻي سمجھيو ويندو هو ته اسان ڪا وڏي کيپ کٽي ورتي آهي. ان زماني ۾ نطرياتي رجحانن جي پيش نظر کڻي اها ڳالهه هضم ڪرڻ جهڙي به هئي ۽ روس ۾ بي فيض آسرا به هوندا، پر هاڻي اهو بانس ئي نه رهيو آهي جو اهڙي بانسري وڄائي وڃي. هي دؤر پنهنجي قومي مفادن کي سامهون رکي ڇنڊي ڦوُڪي قدم کڻڻ جو دؤر آهي. هن دؤر ۾ نظرياتي عياشي جي ڪابه گنجائش ڪانهي.
    قومون آزاد هجن يا غلام، اهي هميشه پنهنجي قومي مفادن جي نقطي نگاهه سان سوچينديون آهن. انهن جون حمايتون توڙي مخالفتون، دوستيون توڙي دشمنيون، رفاقتون توڙي رقابتون سندن قومي مفادن جي طابع هونديون آهن. ڪا قوم پنهنجي قومي مفادن جي حوالي سان جيتري سجاڳ ۽ حساس هوندي، ۽ سفارتڪاري ۾ جيتري ڀڙ هوندي، عالمي سطح تي ان جي بيهڪ اوتري ئي مضبوط هوندي. ان جا حامي ۽ مددگار اوترا ئي گھڻا هوندا.
    ميٽرنڪ اڄ کان لڳ ڀڳ سوا ٻه سئو اڍائي سئو سال اڳ چيو هو ته:
    ”ملڪن جا دوست ۽ دشمن مستقل ڪونه ٿيندا آهن. انهن جا رڳو قومي مفاد مستقل ٿيندا آهن.“
    اوڻيهين صدي جي پوئين اڌ ڌاري جرمني جي گڏپ ۽ جديد اڏاوت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ ان اڳواڻ جي اِها ڳالهه اڄ به اوتري ئي اهميت جوڳي آهي، جيتري ان وقت هئي. اها ڳالهه هر دؤر ۾ اهميت لائق رهڻي آهي.
    ۽ سفارتڪاري ڇا ٿيندي آهي؟ قومي مفادن جي حاصلات لاءِ دوستاڻن لاڳاپن جو هنر.
    اهو هنر ڪجھه هن طرح به عمل پذير ۽ ظهور پذير ٿيندو آهي، جيئن ڀارتي پرڏيهي وزير سورن سنگھه هڪ سوال جي جواب ۾ وراڻيو هو.
    ڪنهن ڏيساوري صحافي کانئس سوال ڪيو ته ”توهان سفارتڪاري جو فن ڪٿان سکيو هو؟“
    ”هندستان جي هڪڙي ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ کان.“ سورن سنگھه ٺهه پهه جواب ڏنو.
    ”اهو وري ڪيئن!؟“ صحافي اچرج وچان پڇيو.
    ”اهو هينئن ته اسان جي ڳوٺ ۾ هڪڙي ڏاڍي سهڻي ڇوڪري هوندي هئي. ڳوٺ جا سڀ ڳڀرو مٿس موهت ۽ مست هوندا هئا. آئون به ان تي اڪن ڇڪن ٿيندو هئس. هوءَ ادائون هڻندي هئي، ناز نخرا ڪندي هئي، پر ويجھو اچڻ ڪنهن کي به ڪونه ڏيندي هئي. سٿر سڀني کي ڏيکاريندي هئي، هٿ لائڻ ڪنهن کي ڪانه ڏيندي هئي. مون سفارتڪاري انهن ادائن منجھان سکي آهي. سٿر سڀني کي ڏيکاريندو آهيان، پر هندستان جي مفادن سان هٿ لائڻ ڪنهن کي ڪونه ڏيندو آهيان.“
    قومون به ايئن ئي پنهنجا قومي مفاد رکنديون آهن. اهي سٿر ته سڀني کي ڏيکارينديون آهن، پر هٿ لائڻ ڪنهن کي به ڪونه ڏينديون آهن.
    اهي پنهنجي مفادن کي سامهون رکي سموري دنيا سان پنهنجا مامرا اڪلائينديون آهن. قومون قومن سان ڳالهائينديون آهن، ڊگھيون ڳالهيون ڪنديون آهن، بحث مباحثا ڪنديون آهن، دليل دلائل ڏينديون آهن، ”ڪجھه ڏيو ڪجھه وٺو“ جي آڌار تي ڇڏڇوٽ کان ڪم وٺنديون آهن. سمورين سفارتي هيٺ مٿانهين ۽ ڇڏڇوٽ جي باوجود اهي پنهنجي قومي مفادن کي مقدم رکنديون آهن.
    ان ۾ به وري هڪڙو اهم فرق آهي.
    هڪڙيون ٿينديون آهن آزاد قومون ۽ آزاد ملڪ؛ انهن جي لڳ لاڳاپن جو انداز، مفادن جي پکيڙ ۽ انهن جي ڳالهائڻ جي سطح مختلف ٿيندي آهي.
    ٻيون ٿينديون آهن غلام قومون ۽ غلام ملڪ؛ انهن جا مفاد، ڳالهيون ۽ سفارتڪاري ۽ لڳ لاڳاپا آزادي جي حاصلات لاءِ مدد ۽ سهڪار جي نقطي جي چؤگرد ڦرندا آهن. غلام قوم جي مفادن جو نيوڪليس سندس قومي آزادي هوندي آهي. انهن وٽ قومي آزادي ٻئي هر نظريي ۽ ڳالهه کان مقدم هوندي آهي. انهن جون دوستيون دشمنيون نظرياتي آڌار تي نه پر قومي آزادي جي حمايت جي آڌار تي جڙنديون آهن.
    فلسطيني اڳواڻ ياسر عرفات کان ڪنهن پرڏيهي صحافي هڪ ڀيري پڇيو ته:
    ”توهان ڪڏهن ڏسو ته هڪڙي بلاڪ سان بيٺا آهيو ته ڪڏهن ٻئي سان. رات جي ماني روس ۾ ٿا کائو، ته نيرن چين ۾ ڪندي نظر ٿا اچو. اتان هلو ٿا ته مانجھاندو وڃيو فرانس ۾ ڪريو. وري ڏسون ٿا ته آمريڪا ۾ ويٺا آهيو. توهان آخر آهيو ڪهڙي ڌر سان؟ توهان جو نظريو ڇا آهي!؟“
    ياسر عرفات کلندي وراڻيو ته: ”آئون صرف هڪڙي ڌر سان آهيان، جيڪا آهي فلسطين. منهنجو نظريو فلسطين آهي. فلسطين جي آزادي ڌاران سوشلزم يا ٻيو ڪو نظريو مون لاءِ ڪهڙي اهميت جو حامل ٿي سگھي ٿو؟ آئون منهنجي ملڪ جي آزادي جي جدوجهد ۾ مدد حاصل ڪرڻ لاءِ سڀني عالمي طاقتن سان ڳالهائيندو آهيان.“
    آئون سمجھان ٿو ته سنڌ کي به عالمي سطح تي ساڳي ياسر عرفات واري پاليسي جي گھرج آهي. ان کي پراڻي نظرياتي سحر مان نڪرڻو پوندو ۽ عالمي سطح تي پنهنجي آزادي جي حمايت لاءِ نوان دوست ڳولڻا پوندا.
    باريڪ بيني سان ڏسجي ته پتو پوندو ته سنڌ جي عالمي سطح تي دوستي جي رستي روڪ ڪرڻ ۾ پاڪستاني رياست هميشه سرگردان پئي رهي آهي. جڏهن سوويت روس قومي آزادين جي جدوجهدن جي حمايت ڪندو هو، تڏهن ڪميونسٽ پاڪستان جا حمايتي هوندا هئا ۽ قومي آزادين جا مخالف هئا. ڪميونسٽ پارٽي ته فوج جي مدد سان ڪو انقلاب ڪونه آندو، پر رياست وڏي سازش سان ڪميونسٽ پارٽي تي قبضو ڪري وئي. نتيجي ۾ آخرڪار ڪميونسٽ پارٽي ڪک پن ٿي وئي.
    هاڻي وري رياست جي اها ڪوشش آهي ته سنڌ کي هر صورت ۾ آمريڪا، يورپ ۽ ٻيءَ جمهوري دنيا کان پري رکجي، ان سان اڻ سڌي ٽڪراءَ ۾ آڻجي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو وڏي ڪوشش ٿي ٿئي ته سنڌ مان آمريڪا مخالف آواز اٿارجن. شل نه ڪجھه ٿئي، پوءِ گھوڙا گھوڙا شروع.
    ذوالفقار آباد رٿا چين جي، پر مرداباد آمريڪا.
    ڪوئلي ۾ اک چين جي، پر مردا باد آمريڪا.
    نيٽو جي ڪنٽينرن کي ڳجھا ادارا باهه ڏيندا ته اها به سنڌ ۽ بلوچستان جي حدن ۾.
    مذهبي ڌريون بگڙنديون ته آمريڪا تي گار جي لولي.
    جي ڪميونسٽ ڏمربا ته به اولهه تي گار جي هونگار.
    اولهه، آمريڪا، جمهوري ۽ سرمائيڪار دنيا خلاف هڪڙي اجائي وٺ پڪڙ آهي، جيڪا سنڌ ۾ رسم طور هلي پئي آهي.
    سنڌ جي هڪ ڏاهي، عالم ۽ زرعي ماهر ايم ايڇ پنهور هڪڙي نجي ڪچهري ۾ ٻڌايو ته:
    ”هڪ ڀيري سائين جي ايم سيد سان ڪچهري ڪري رهيا هئاسين ته سائين جي ايم سيد چيو ته آمريڪا کي سنڌ جي زرعي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرائڻ جي ڪوشش ڪريو.
    اسان لاءِ اها اچرج جهڙي ڳالهه هئي.
    سائين اسان جي حيرت کي ڀانپيندي چيو ته اهو ان لاءِ ته سنڌ ۾ آمريڪا جا مفاد هوندا ته هو سنڌ جي ملڪي حيثيت جي بحالي کي پٺي ڏيئي نه سگھندو ۽ سنڌ جي دائمي مفادن خلاف وڃي نه سگھندو.“
    ايم ايڇ پنهور ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو ته ”اسان تڏهن سيد جي ڳالهه سمجھي نه سگھياسين، پر هاڻي تبديل ٿيل عالمي وايومنڊل ۾ ڏسون ٿا ته هو ڪيڏو نه دور انديش انسان هو.“
    حقيقت اها آهي ته دنيا هاڻي ٻطرفن مفادن ۾ هڪٻئي سان سلهاڙيل آهي. آزادي کان اڳ ۾ توڙي آزادي ماڻڻ کانپوءِ اسان کي به سڄي دنيا سان انهن ٻطرفن لاڳاپڻ ۾ ئي سلهاڙجڻو پوندو.
    هروڀرو ايئن به ڪونهي ته اسان کي مُرڳو ويهي آمريڪا جي ثناخواني ڪرڻ گھرجي. اسان کي آمريڪا يا ٻي ڪنهن عالمي طاقت تان ويهي نر پکي ناهن هڪلڻا. پاڻ کي رڳو عالمي طور تي پنهنجا دوست ڳولڻا آهن، اتحادي ڳولڻا آهن، پنهنجي قومي آزادي جا مددگار ڳولڻا آهن. اها سڄي دنيا، جيڪا جمهوري، سيڪيولر، روشن خيال، انساني حقن ۽ آزادين جي علمبردار دنيا آهي، ان سان سفارتڪاراڻا لاڳاپا جوڙڻا آهن. ان وٽ پنهنجو مقدمو پيش ڪرڻو آهي. عالمي ضمير کي جھنجھوڙڻو آهي، ان کي پنهنجي پاسي ڪرڻو آهي.
    ان لاءِ هن رياست جي هٿناٽن کي سمجھڻو پوندو. عالمي سياست ۽ سفارتڪاري جا گر سمجھڻا پوندا. پنهنجي دشمنن ۽ دوستن جو چٽو ادراڪ ڪرڻو پوندو. جوڙ ٽوڙ ڪرڻي پوندي. قومي آزادي جي حاصلات لاءِ پنهنجو رخ هر حوالي سان درست ڪرڻو پوندو.
    آفريقي اڳواڻ ايملڪار ڪئبرال چيو آهي ته:
    ”بدنصيب آهي اُها قومي تحريڪ، جنهن جا عالمي سطح تي دوست نه آهن.“
    انقلاب ۽ آزاديون ڀل ته مڪاني حالتن منجھان ئي ڦُٽندا هجن، پر عالمي دوستيون، مددون ۽ حمايتون انهن جي حاصلات کي آسان بڻائينديون آهن. الجزائر کان وٺي انڊونيشيا تائين ۽ تازو اوڀر تيمور کان وٺي ڪوسووو تائين اهڙا انيڪ مثال آهن. عالمي مددگارن کانسواءِ قومي تحريڪون غاصبن هٿان قتلام ڏاڍو ڏسنديون آهن. کين ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي آهي ۽ آزادي جي تمام وڏي قيمت ڀرڻي پوندي آهي.
    ان ڪري سنڌ جي قومي تحريڪ کي عالمي طور تي سياسي ۽ قومي نقطي نگاهه کان پنهنجا حمايتي ۽ دوست پيدا ڪرڻا پوندا. پراڻي نظرياتي عقيدي پرستي مان نڪرڻو پوندو. هڪ غلام ملڪ لاءِ آزادي سڀ کان وڏي گھرج ۽ نعمت آهي. ٻيا سڀ مسئلا مسائل ۽ معاملا ان جي حل ٿيڻ سان مشروط آهن.
    سوشلزم جي روايتي جذباتي نعريبازي جي مخالفت جي معنا عوام دشمني هرگز ناهي. هڪ غلام قوم يا ملڪ ۾ آزادي پسندي ئي سڀ کان وڏي عوام دوستي آهي. سنڌ وٽ ايترا وسيلا آهن جو آزادي کانپوءِ اها سوشلزم کانسواءِ، جديد معاشي اڏاوت ڪري ٿوري عرصي ۾ ئي، هڪ شاهوڪار ۽ خوشحال ملڪ بڻجي سگھي ٿي. سنڌ جي عوام جي خوشحالي سوشلزم سان نه، پر سنڌ جي ملڪي حيثيت جي بحالي سان ڳنڍيل آهي. سنڌ آزاد ٿي ويئي ته پنهنجي سمورن شهرين کي هر لحاظ کان خوشحال ڪري سگھندي. قومون آزادي ۾ ئي پنهنجو جود بچائي سگھنديون آهن ۽ آزادي ۾ ئي خوشحالي ۽ ترقي ماڻي سگھنديون آهن.
    تنهن ڪري جيڪي به ماڻهو سنڌي عوام جا گھڻگھرا آهن، انهن کي سنڌ ملڪ جي قومي آزادي لاءِ پاڻ پتوڙڻو پوندو. ان لاءِ مڪاني توڙ ي بين الاقوامي سطح تي گھڻ طرفي جدوجهد، حمايت ۽ سهڪار حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. جن به قومن کي اهڙي لوڙ هوندي آهي، اهي سکڻي نعريبازي ۽ نظرياتي عقيدي پرستي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسڻ بدران حقيقت پسند ٿينديون آهن ۽ حالتن جو ڳوڙهو ادراڪ ڪندي هر سطح تي پنهنجي مفادن جي مطابقت ۾ پنهنجون صفون درست ڪنديون آهن ۽ پنهنجا لڳ لاڳاپا وڌائينديون آهن.
    انگريزن جي هندستان مٿان قبضي جي ڏينهنَ ۾ ڪانگريس اڳواڻ جواهر لال نهرو روس جي دؤري تي ويو. دؤري دوارن هُن هڪڙي تمام وزندار ڳالهه ڪئي هئي. هن روسي اڳواڻن کي مخاطب ٿي چيو ته: “مون لاءِ خوشي جهڙي ڳالهه اِها آهي ته روس جڏهن زار جي بادشاهي هيٺ هو، تڏهن به انگريزن جو مخالف هو ۽ اڄ جڏهن بالشويڪن جي اقتدار هيٺ آهي تڏهن به انگريزن جو مخالف آهي.” جواهر لال نهرو عالمي دوستين ۽ دشمنين مان پنهنجي هندستان جي آزادي جا امڪان ٿي ڳوليا.
    اسان کي به اڄوڪين اهڙين بين الاقوامي حالتن منجھان پنهنجي سنڌ مُلڪ جي آزادي جا امڪان ڳولڻا آهن ۽ ڏيڍ صدي کان سنڌ جي بيقرار اکين ۾ اٽڪيل آزادي جي انهيءَ خواب کي حقيقت جو روپ ڏيڻو آهي.
    * * *
    14_ اپريل 2014ع


    آزاد، روادار ۽ جمهوري سنڌ

    سنڌ تاريخي طور تي هڪڙو الڳ ٿلڳ ملڪ رهي آهي. هڪ اهڙو ملڪ، جيڪو دنيا جي گلستان ۾ هڪ جدا، نرالي ۽ مسحور ڪن خوشبوءِ جو مالڪ رهيو آهي. سنڌ تاريخ ۾ دنيا جي ٻين ڪيترين ئي قومن وانگر ڪيترائي لاها چاڙها ڏٺا آهن، انيڪ هيٺانهين مٿانهينِ جي ور پئي چڙهي آهي، ڪئين لَڪ لانگھا لتاڙيا اٿس ۽ ڏکيا ڏاڪا ۽ آڏ تِراڇا آهِڙا چاڙهيِڪا پئي چڙهي آهي. هن ڪيتريون آزمائشون اڪري پار ڪيون آهن، کَرن جي اڻڳڻين کَراين کي منهن پئي ڏنو آهي. پر انهيءَ جي باوجود ان ڪڏهن به پنهنجو ساءَ سواد ۽ هڳاءَ نه مَٽيو آهي. ڀٽائي سائين جو هيءَ شعر سنڌي قوم جي قومي جوهر تي بلڪل پورو ٿو اچي:
    کاري جيئن کرن، وڻ ٽڻ سڀوئي واسيا،
    سوُنهڻ جيئن سيڻن، مِٺو ساءَ نه مَٽيو.
    ڌاريا مدي خارج نظريا ۽ ڦرلٽ جون نيتون کڻي هِتي چؤڏس پکڙجي ويا، هنڌين ماڳين انهن جون ڪُريتون، ڪُلڇڻائيون ۽ ارهه زورائيون جاري رهيون، انهن پنهنجي پاٽونگري عادتن سان سنڌ ڪينجھر کي ڪِنو ڪرڻ ۾ وسان ڪين گھٽايو؛ پر جا شئي هو نه بدلائي سگھيا، اها سنڌي قوم جو قومي ساءَ سواد، سرهاڻ سڳنڌ ۽ کٿوري خوشبوءِ هئي.
    سنڌي قوم جي اها خوشبوءِ، اهو ساءَ، اها سرهاڻ، اهو جوهر آخر ڇا آهي؟
    سنڌي قوم جو اهو جوهر آهي ـــ سنڌيت، وطن دوستي، مذهبي رواداري، تصوف، انسان دوستي ۽ لوڪ راڄي نيات.
    سنڌ جتي دنيا جو نرالو خطو يا منفرد ملڪ رهي آهي، اتي سنڌي قوم به پنهنجي خوبين ۽ خصلتن جي ڪري دنيا جي منفرد ۽ نرالي قوم پئي رهي آهي. سنڌ سان بلا جي محبت ۽ انس سنڌين جي رڳ رڳ ۾ رهيو آهي، سندن رڳن ۾ وهندڙ وطن دوستي جي درياهه ۾ ڪڏهن به لاٿ ڪانه آئي آهي. وطن جي راهه ۾ ان هميشه سر جون سٽون ڏنيون آهن ۽ هڪ هڪ پهر ۾ هزارين مُنهن نوجوانن جي سرن جون قربانيون ڏنيون آهن. سنڌي قوم جي وطن پرستي ڪڏهن به متزلزل نه ٿي آهي. ها، ان هارايو ضرور هوندو، پر اها ميدان کي پٺ ڏئي ڀڳي ڪڏهن به ڪينهي. سنڌيت ۽ وطن دوستي جو اهو وهڪرو سنڌين جي رت ۾ ماءُ جي ٿڃ جيان اڄ به روان دوان آهي.
    وطن دوستي وانگر مذهبي رواداري ۽ سهپ به سنڌي قوم جي رڳن ۾ رچيل آهي. اين مورا جي لفظن ۾ سنڌ مذهبن جي ماءُ آهي. ڀلا ڪائي ماءُ پنهنجي توڙي ٻئي ڪنهن جي اولاد جي خلاف ڪيئن ٿي ٿي سگھي؟ ماءُ جو پاند ايڏو ته ڪشادو هوندو آهي جو ان ۾ سمورا ٻار سمائجي سگھندا آهن. بلڪل ايئن سنڌ جي تهذيب، ڪلچر ۽ شعور جي ڪشادي پاند ۾ سمورا مذهب سمائجندا پئي رهيا آهن.
    سنڌ ڪڏهن به مذهبي رواداري کي پٺي ڪانه ڏني آهي. ان جي تصوف ۾ سڀ ۾ پرينءَ پسڻ واري خصوصيت آهي، جيڪا سمورن مذهبن لاءِ پنهنجي پاند ۾ گنجائش ڪڍي وٺي ٿي. اها ڪڏهن به ڪنهن به مذهب جي هڪ مذهب طور مخالف نه رهي آهي. سنڌين ڪڏهن به ڪنهن به مذهب يا سندن مذهب جي بالادستي تي ٻين ملڪن ۽ قومن مٿان ڪاهون نه ڪيون آهن؛ نه ئي وري ڪنهن مذهب کي زوريءَ ٻين جي مٿان مڙهڻ جي ئي ڪائي ڪوشس ڪئي آهي. ها، مذهب انهن جي سماجي ۽ قومي زندگي ۾ شامل ضرور رهيو آهي. پر ان جي نالي ۾ ڪڏهن به اڳرائي پسندي ۽ جارحيت کان ڪم نه ورتو ويو آهي. ان جي برعڪس مذهبي رواداري ۽ سڀني مذهب لاءِ قبوليت واري پاليسي سنڌ لاءِ سدائين متبرڪ پئي رهي آهي. ان جي پاند ۾ سڀني مذهبن لاءِ گنجائش هميشه موجود رهي آهي.
    مذهبي رواداري ۽ تصوف منجھان ئي سنڌ جي انسان دوستي ڦُٽي ٿي نڪري. سنڌ دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ روادار، سيڪيولر ۽ انسان دوست ملڪ آهي. اهوئي ڪارڻ آهي جو علاما آءِ آءِ قاضي جهڙا دانشور، محمد امين خان کوسي جهڙا سرمست ۽ سائين جي ايم سيد جهڙا ڏاها ماڻهو بقاءِ باهمي ۽ صلحِ ڪُل جا پرچارڪ رهيا. انهن وٽ تنازع اللبقا جي جاءِ تي پرامن بقاءِ باهمي جو فڪر رهيو ۽ هو ترقيءِ بني آدم، بقاءِ باهمي ۽ امن عالم ۽ اتحادِ انساني تي زور ڏيندا رهيا. انهن ئي نقطن کي مربوط ڪندي سائين جي ايم سيد پيغام سنڌ جو نانءُ ڏنو. اهو سڄو انسانيت ۽ انسان دوستي جو درس آهي، جيڪو بنيادي طور تي سنڌ جو سبق آهي.
    ساڳئي نموني سنڌ جو ماڻهو سدائين کان پنهنجي جوهر ۾ جمهوريت پسند پئي رهيو آهي. ان وٽ اظهار راءِ جي آزادي، تنقيد خود تنقيد، ٻئي کي برداشت ڪرڻ ۽ جيئو جيئڻ ڏيو واري ڳالهه جي سدائين اهميت پئي رهي آهي. هيءَ جو هاڻي سنڌ ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ آمريتن خلاف هميشه جھيڙيندي رهي ٿي، ته ان جو بڻيادي سبب به انهيءَ جمهوريت پسندي، انسان دوستي ۽ آزادي سان سندس بيپناهه محبت منجھه لڪل آهي. سنڌ ۾ ته بادشاهتون به جمهوري هيون. بادشاهي جي نالي ۾ لوڪ راڄ رهيو آهي سنڌ ۾. هِتي مغل سامراجيت جهڙي بادشاهي ڪڏهن به ڪانه رهي آهي، نه ئي وري آمراڻي طرز جي بادشاهي يا شهنشاهيت ئي رهي آهي. چچ هجي يا سومرا، سما ۽ ٽالپر؛ سنڌ جون بادشاهتون جمهوري طرز جون ئي رهيون آهن. لوڪ راڄي جي انهيءَ ڊگھي سفر جي نتيجي ۾ سنڌ جو ماڻهو اڄ به تمام وڏو جمهوريت پسند، آزادي پسند، مذهبي روادار، سيڪيولر، انسان دوست ۽ صوفي منش آهي.
    سنڌ ۾ هيءَ جيڪا اڄڪلهه انتهاپسندي ۽ بنياد پرستي جي لهر آيل آهي، ان جي پٺيان سنڌ جو عام ماڻهو ناهي، پر ان جي پويان رياستي ادارا بيٺل آهن. رياست هڪڙي سوچيل سمجھيل سازش ۽ منصوبي بندي سان سنڌ منجھان اهڙو تاثر اڀارڻ جي ڪوششن ۾ آهي ته سنڌ جو ماڻهو پڻ ان مذهبي دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ بنياد پرستي ۾ شامل آهي. حقيقت ۾ سنڌ جو عام ماڻهو توڙي پڙهيل ڳڙهيل حلقا انهن عملن خلاف آهن، انهن جي نندا ڪن ٿا، انهن جي خلاف تحرڪ وٺن ٿا ۽ انهن کي روڪڻ لاءِ ڪوشان آهن. اهو چٽو ۽ پڌرو هجي ته سنڌ جي اندر مذهب جي نالي ۾ ٿيندڙ فساد رياست ڪرائي رهي آهي.
    اسان سنڌي هڪ قوم طور ڪنهن به مذهب جي خلاف ناهيون، اسان ڪابه عبادتگاهه ساڙي نه ٿا سگھون، اسان ڪنهن به ٻئي مذهب جي ماڻهو جي جان وٺي نه ٿا سگھون. اسان لاءِ سڀ مذهب هڪڙي ئي حقيقت جا متلاشي آهن ۽ وحدانيت جي لڙيءَ ۾ پويل آهن. اسان لاءِ سڀ انسان برابر ۽ خداءِ برتر و بزرگ جو پرتوو آهن. اسان لاءِ سموريون عبادتگاهون خدا جو گھر آهن. اسان لاءِ مندر، گردوارا، آتشڪدا ۽ ڪليسائون ۽ ٻيون ساريون عبادتگاهون مسجد نبوي وانگر واجب الاحترام ۽ مقدس آهن. اسان مذهب ۽ فرقيواريت جي نالي ۾ انسانن جي قتلام ۽ رتوڇاڻ جي اجازت نه ٿا ڏئي سگھون. اهو سڀ سنڌ جي روح جي خلاف آهي.
    اسام مذهب ۽ سياست کي گڏي هلائڻ جي خلاف آهيون. مذهب جو سياست ۾ ڪوبه ڪم ڪونهي، ان ڪري سياست ۽ رياستي مامرن ۾ ان جي ڪابه مداخلت پڻ نه هجڻ گھرجي. سياست ۽ مذهب کي جڏهن به گڏي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، تڏهن ان جا نتيجا خطرناڪ، ڀيانڪ ۽ انسان دشمن ئي پئي نڪتا آهن. اهي نتيجا انيڪ سالن ۽ صدين تائين انسانذات مٿان هڪڙو ڪلنڪ، هڪڙو داڳ، هڪڙو چُٽو بڻيا رهيا آهن. برونو، ڪوپرنيڪس، گئليلو، سرمد، داراشڪوهه، قرت العين طاهرا، هائپشا ۽ ٻيون انيڪ مايون ۽ مرد مذهبي تنگ نظري ۽ رياست تي ان جي مڙهت جي ور چڙهي پنهنجين زندگين تان هٿ ڌوئي ويٺا.
    اها ڪليسا جي بالادستي ئي هئي، جنهن يورپ کي اونداهو يورپ بڻائي رکيو هو. جنهن ۾ علم، عقل، سائنس، منطق ۽ فلسفي سميت هر عقلي، تحقيقي ۽ انساني عمل ۽ چڱائي جي ڳالهه تي بندش هئي. انسانن کي انسانن بجاءِ رڍن ٻڪرين وانگر ورتايو پئي ويو. هر عقلي ڳالهه لاءِ تعزيرون ۽ سزائون هيون. قيد هو. موت هو. ساڳئي نموني ٻين مذهب به گھٽ انڌ ڪونه ڪيا آهن. اسلام جي روشن نالي تي به ماڻهن مٿان اونداهيون ٿاڦڻ جا جتن ٿيندا رهيا آهن. ڪالهه ڪليسا دولت تي قابض هئي. اڄ ملائيت دولت تي قابض آهي ۽ اقتدار تي قابض ٿيڻ گھري ٿي. جيڪڏهن ان ڳالهه ۾ ملائيت ڪامياب ٿي وئي ته اها پاڻ کي صدين جي اونداهي ڏانهن ڌڪي ڇڏيندي. اڄ يورپ جي هيءَ جيڪا عاليشان ترقي آهي، اها تڏهن ممڪن ٿي سگھي آهي، جڏهن ڪليسا سياسي مامرن کان ٻاهر آهي. اهو دؤر ويو، جڏهن رياستن جا سرڪاري مذهب هوندا هئا. هيءَ روشن خيالي، رواداري ۽ سيڪيولرزم جو دؤر آهي.
    اسان مذهب کي سماجي زندگي ۾ اوتري ئي جاءِ ڏيڻ گھرون ٿا، جيتري اهو لهڻي ٿو ـــ يعني عقيدن جي هڪڙي نظام واري، جيڪو خدا ۽ بندي جي وچ ۾ سٻنڌ جوڙي ٿو؛ جنهن ۾ هر بندو پنهنجي عقيدن ۽ عبادتن ۾ آزاد آهي. اسان ان کي هڪڙي سياسي نظام طور قبولي نٿا سگھون. نه ئي وري اسان ڪنهن به قسم جي ملائيت جي حڪمراني چاهيون ٿا. اسان سڀني عقيدن جو احترام ڪندي، بنيادي مذهبي آزادين ۽ رواداري جا مڃيندڙ آهيون. تنهن ڪري اسان مذهب ۽ سياست کي گڏي هلائڻ جا قائل ناهيون.
    اسان آزاد، روادار، سيڪيولر، خوشحال ۽ جمهوري سنڌ اڏڻ ٿا گھرون. اها سنڌ مذهبي تنگ نظري توڙي هر قسم جي تعصب ۽ امتياز کان بالاتر هوندي. جيڪا هر حوالي سان انصاف، برابري ۽ بنيادي انساني حقن جي احترام تي ٻڌل هوندي. اهڙي سنڌ ئي هن خطي توڙي دنيا جي اندر امن لاءِ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگھندي، ۽ سنڌي قوم کي دنيا ۾ شانائتو ۽ مانائتو مَقام ڏياري سگھندي. انهيءَ ڪري اهڙي آزاد، روادار، سيڪيولر، خوشحال ۽ جمهوري سنڌ جي اڏاوت نه صرف سنڌي قوم ۽ هن ننڍي کنڊ لاءِ، پر سڄي عالم انسانيت لاءِ ڦلدائڪ ۽ لاڀائتي ثابت ٿيندي.
    * * *

    31 مارچ 2014ع


    قومي آزادي ۽ عورت

    گھڻو وقت اڳ جي ڳالهه آهي. آئون حيدرآباد ۾ ڪنهن احتجاجي جلسي کي خطاب ڪري هيٺ لٿو هئس. ان مهل ڪا اڻسڃاڻُو ڇوڪريءَ منهنجي سامهون آئي ۽ آٽوگراف بُڪ منهنجي اڳيان جھليائين. مون آٽوگرافن واري بندي کانئس ورتي ۽ ان تي هيٺيون سِٽون لکي پنهنجي صحيح ڪيم:
    “قومي آزادي جي جدوجهد بنيادي طور تي عورت جي آزادي جي جدوجهد آهي.”
    آئون قومي آزادي ۽ عورتن جي آزادي، وقار ۽ حقن کي لازم ملزوم سمجھان ٿو. جيڪا قوم غلام هجي ٿي، ان جي غلامي جي آخري هيٺانهين ڇيڙي تي عورت بيٺل هوندي آهي. يعني غلامي جو سمورو جبر عورت مٿان نه سهجندڙ بار ٿي ڪِرندو آهي. جيڪڏهن ڌرتي جي هن گولي تي ڪو سڀ کان وڏو جبر، سڀ کان وڏو ڪرب، سڀ کان وڏي اذيت ۽ سڀ کان وڏي ڪوجھائپ آهي ته اها غلامي آهي. انهيءَ ڪري ئي آئون غلامي جي هر شڪل کان اپار نفرت ڪندو آهيان. آئون چاهيان ٿو ته هن سڀاڳي ڌرتي جي سيني تان غلامي جي هر شڪل، صورت ۽ هر ڍانچو ختم ٿي وڃڻ گھرجي. ان ڪري ئي آئون چاهيان ٿو ته هر حالت ۾ قومي غلامي جو انت اچڻ گھرجي. ڇاڪاڻ جو قومي غلامي منجھان ئي ٻيون هر قسم جون غلاميون ڦُٽي نڪرن ٿيون.
    قومي غلامي جتي ڪنهن قوم جي سياسي اقتدار اعليٰ تي قبضو ڪندي آهي، ثقافتي اؤسر کي روڪيندي آهي، اقتصادي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ استحصال ڪندي آهي، جاگرافي جي بيحرمتي ۽ والار ڪندي آهي، تاريخ کي ملياميٽ ڪندي آهي ۽ قومي تشخص کي خطرن جي ور چاڙهيندي آهي؛ اتي اها غلام قوم جي فردن جي اجتماعي توڙي انفرادي حقن ۽ آزادين تي پڻ راتاها هڻندي آهي. انفرادي حقن ۽ آزادين تي لڳندڙ انهن راتاهن جو سڀ کان وڌيڪ ۽ ڀيانڪ شڪار اتان جي عورت ٿيندي آهي. قومي غلامي پٺتي پيل معاشرن جي عورت جي شخصي توڙي هڪ پرت طور اجتماعي آزادي کسي وٺندي آهي ۽ ان کي وڌيڪ بدتر غلامي جي ور چاڙهي ڇڏيندي آهي. قومي غلامي مٿان کان هيٺ لهندي آهي، جنهن جي آخري ڇيڙي تي غلام قوم جي عورت بيٺل هوندي آهي. اهوئي ڪارڻ آهي جو قومي غلامي جو سمورو بار انت اچي عورت تي پوندو آهي ۽ اها تمام بدترين حالتن جي ور چڙهي ويندي آهي.
    سنڌي عورت جي هاڻوڪي بدترين حالت منجھاران اسان غلام قوم جي عورت جي حالت جو درست اندازو لڳائي سگھون ٿا. هڪ طبقي طور سنڌ جو هيٺيون طبقو، ان هيٺئين طبقي ۾ به هاريءَ ۽ هاري کان به هيٺ ۽ وڌيڪ بدترين حالت اڄوڪي غلاماڻي سنڌي سماج ۾ جيڪڏهن ڪنهن پرت جي آهي ته اها عورت جي آهي. سنڌي عورت اڄ تاريخ جي سمورن دؤرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ استحصال ۽ ڦرلٽ جو شڪار آهي، وڌيڪ جبر هيٺ آهي ۽ وڌيڪ مظلوم آهي.
    هوءَ هڪ پاسي قومي غلامي جي جبر، نامرادين ۽ ابتريَن جي شڪار آهي. جنهن ۾ هوءَ ڪوبه قومي ۽ سياسي ڪردار ادا ڪرڻ کان قاصر آهي. ٻئي پاسي جاگيرداراڻن سماجي ۽ اقتصادي رشتن ۾ ڦاٿل آهي. جتي سندس پورهئي، مرضي ۽ مانُ جي ڪابه اهميت ۽ قيمت ناهي. ٽئين پاسي هوءَ مدي خارج جنسي تصورن جي جڪڙ هيٺ آيل آهي. اِهي مدي خارج جنسي تصور کيس جيئري جاڳندي ۽ احساس توڙي جذبا رکندڙ وجود بدران استعمال جي ذاتي شئي بڻائي ڇڏين ٿا. چوٿين پاسي مرداڻي غلبي واري معاشري (Male dominated society) جي پيڙائن، اذيتن ۽ ذري جيترو مانُ مهت به نه هجڻ سندس وجود کي ريزا ريزا ڪري ڇڏيو آهي. هوءَ پنهنجي وجود جو اظهار ڪرڻ جي لائق به ڪانه رهي آهي. هوءَ زال آهي، ماءَ آهي، ڀيڻ آهي، ڌيءَ آهي، جيڪا ڪجھه به آهي، پر هر رشتي ۾ مرد جي محتاج آهي؛ ڄڻڪ هن جو ڪو الڳ ٿلڳ انساني وجود ئي ڪونه آهي. هوءَ گھريلو توڙي سماجي طور پوري ريت مرد جي هٿ وس بڻيل آهي. مرد جي مرضي يا اجازت جي بغير نه اها ڪنهن سماجي سرگرمي ۾ حصو ٿي وٺي سگھي، نه ڪنهن معاشي عمل جو حصو ٿي سگھي ٿي، نه ڪنهن سياسي تحرڪ ۾ بهرو وٺي ٿي سگھي، نه پڙهي ٿي سگھي، نه ڪيڏانهن اچي وڃي ٿي سگھي، نه محبت ڪري ٿي سگھي، نه شادي ڪري سگھي ٿي، نه پنهنجي جذبن جو آزاداڻو اظهار ٿي ڪري سگھي. هوءَ پنهنجي مرضي، پسند ۽ آزاد ارادي سان ڪجھه به ڪري سگھڻ جي حيثيت ۾ ناهي. اها مڪمل طور تي مرد جي هٿ وس آهي، ڄڻڪ ڪا گڏي هجي، ڪٺ پتلي هجي، ڪو بي ساهو وجود هجي! چوٿين پاسي مٿان وري مذهب جو سڄو سارو بار به ويچاري عورت جي مٿي تي لَڏيل آهي. مذهبن جي اڪثريت به عورتن جي غلامي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. عورت کي غلام بنائڻ ۾ مرد جو هڪ وڏو هٿيار مذهب پڻ رهيو آهي.
    قومي غلامي، جاگيرداراڻو معاشي سرشتو، مرداڻي غلبي وارو سماج، مدي خارج جنسي تصورَ ۽ مذهب عورت جي غلامي جو سڀ کان اهم ڪارڻ ۽ سبب رهيا آهن. اڄوڪي سنڌي سماج ۾ اهي سڀئي عوامل ۽ عنصر چٽيءَ ريت ڏسي سگھجن ٿا. مٿان وري هيءَ پاڪستاني رياست پنهنجي جوهر ۾ غيرسيڪيولر، غيرروادار ۽ قدامت پسند روين جي آليڪار آهي. جنهن جو سڄو نزلو ڦِريو گھِريو اچيو عورت مٿان ڪِري. اهوئي ڪارڻ آهي جو عورت جي هالت ڏينهون ڏينهن وڌيڪ ابتر ٿي رهي آهي.
    سنڌي عورت جي غلامي، پيڙا ۽ هيڻائي جي سمورن اسبابن کي سگھارو ڪرڻ جي پٺيان جيڪا اصل قوت ڪارفرما آهي، اها “مملڪتِ خدادادِ پاڪستان” آهي. ظاهر آهي ته ننڍي کنڊ جي هن اُلهندئين خطي ۾ قومن جي قومي غلامي جو ڪارڻ پاڪستان آهي؛ ان ڪري عورت جو مسئلو پڻ ان تناظر ۾ ئي ڏسڻ گھرجي. فلسفي جو عام قائدو آهي ته سمورا ننڍا يا ثانوي تضاد بنيادي تضاد جي چؤگرد ئي ڦِرندا آهن. هِتان بنيادي تضاد جو جبل واوکر ٿيو، هُتان جزوي تضادن جون ڀِٽون ڀُرڻ شروع ٿيون. ان ڪري ئي قومي آزادي جي جدوجهد بنيادي طور تي عورت جي آزادي جي جدوجهد ئي آهي.
    قومي آزادي پنهنجي بنيادي جوهر ۾ عورت نواز هوندي آهي. قومي آزادي جو سڀ کان وڌيڪ فائدو جيڪڏهن ڪنهن پرت کي پوندو آهي ته اها عورت آهي. ان ڪري جو قومي آزادي سيڪيولرپڻي، رواداري، روشن خيالي ۽ جديديت جون جيڪي نيون لهريون اڀاريندي آهي، اهي عورت کي نئين تناظر ۾ آڻي اڳتي وڌائينديون آهن. قومي آزادي ۾ عورت لاءِ تعليمي، سماجي ۽ معاشي طور تي نوان موقعا پيدا ٿيندا آهن. عورت پراڻن سماجي قدرن ۽ مرد جي بالادستي مان جان آجي ڪرائي آزاداڻي طور تي پنهنجي اقتصادي، سماجي ۽ سياسي ڪردار جي چونڊ ڪندي آهي. جديد قومي رياست ۾ ئي عورت سڀ کان گھڻي ترقي ڪري ڪنهن تمام اوچي پد تي پهچي سگھي ٿي ۽ پهچي ٿي. اولهه جي عورت اڄ جنهن بيپناهه آزادي جو لطف ماڻي رهي آهي، ان جي پٺيان جديد قومي رياست ۽ صنعتي سماجي قدر ۽ پيداواري رشتا آهن.
    نه رڳو اهو ته قومي آزادي عورت جي سماجي، سياسي ۽ معاشي بيهڪ ۾ تبديلي آڻي کيس پاڻڀرو بڻائي ٿي. پر قومي آزادي جي جدوجهد به عورت کي هڪڙي نئين ۽ بلند مقام تي وٺي وڃي ٿي. جڏهن ڪنهن قوم جي قومپرستي پختي ٿي جدوجهد جي ميدان ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ حالتن تي اثرانداز ٿيڻ لڳي ٿي، تڏهن اها سماج جي اندر نيون بيهڪون ٺاهڻ لڳي ٿي. قومپرست جدوجهد جڏهن ڪُلي طور تي قومي آزادي جي جدوجهد واري جُهت اختيار ڪري ٿي وٺي، تڏهن اها سماج جي اندر نين حالتن کي جنمي ٿي. جنهن جو سڀ کان وڏو اثر عورت تي ئي ٿئي ٿو ۽ مثبت توڙي منفي ٻنهي صورتن ۾ ٿئي ٿو. هڪ پاسي اها بيٺڪي سامراج جي فوجين هٿان تشدد ۽ ڏاڍائين جو شڪار ٿئي ٿي، ته ٻئي پاسي اها ان تشدد، ڏاڍ، ظلم ۽ غلامي خلاف سينو ساهيندي نئين تاريخ رقم ڪرڻ شروع ڪري ٿي. جدوجهد جي انهي مرحلي تي ئي هوءَ غلامي جا نيئر لاهي ڦِٽي ٿي ڪري. هوءَ هاڻي وڌيڪ وقت تائين پيءَ، ڀاءَ، مڙس، پٽ يا ٻئي ڪنهن به رشتي جي ڳيجھو نه ٿي رهي. قومي آزادي جي جدوجهد ۾ سندس ڪردار کيس نئين قوت، آزادي ۽ خود اختياري آڇي ٿو. اها پنهنجي مرضي ۽ آزاد ارادي جي ڌڻي ٿي پئي ٿي.
    سنڌي عورت کي پڻ پنهنجي آزادي ماڻڻ ۽ پنهنجي آزاد ارادي جي ڌڻي ٿيڻ لاءِ قومي آزادي جي جدوجهد ۾ پنهنجو حصو ڳنڍڻو پوندو. جيڪڏهن سنڌي عورت هن غيرسيڪيولر، انسان دشمن، قدامت پسند ۽ عورت دشمن رياست سان سينو ساهڻ جو ساهس پاڻ ۾ نه ٿي ڌاري، ته نه پاڻ کي آزاد ڪرائي پنهنجن پيرن تي بيهاري سگھندي ۽ نه ئي پنهنجي قومي وجود کي بچائي سگھندي. سنڌي عورت کي انفرادي توڙي اجتماعي مفادن جي حاصلات، ترقي ۽ خود اختياري لاءِ پاڻ کي سنڌ مُلڪ جي قومي آزادي سان واڳڻو پوندو.
    * * *

    13 مارچ 2015ع


    آزادي: عالمي ڪردار جو وسيلو

    ملڪ، قوم ۽ آزادي، ٽيئي هڪٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن.
    آزادي کانسواءِ ملڪ ڪونه هوندو. ملڪ بنان قوم ڪانه هوندي. قوم ۽ ملڪ ڌاران نه آزادي جو وجود هوندو، نڪي اها لاڳو ٿي سگھندي.
    تنهن ڪري ٽيئي هڪٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن، هڪٻئي سان سلهاڙيل آهن، هڪٻئي تي آڌارڪ آهن.
    قومي آزادي ڪنهن به غلام يا وڃائجي ويل ملڪ جي ملڪي ۽ جاگرافيائي حيثيت ۽ صورت بحال ٿي ڪري. ملڪ قوم کي پنهنجي وسيلن، اختيار ۽ اقتدار اعليٰ جي مالڪي ارپي خوشحالي ٿو بخشي، ترقي ٿو وٺرائي ۽ قومن جي عالمي برادري ۾ برابراڻي سطح تي کڻي ٿو وڃي. قوم پنهنجين گھڻ طرفين تخليقي صلاحيتن سان ملڪ جي سگھه، طاقت، وقار ۽ دوستاڻن عالمي لاڳاپن ۾ واڌارو ڪري ان کي بين الاقوامي ڪردار ادا ڪرڻ جي لائق ٿي بڻائي.
    قومي غلامي جي چيڀٽ هيٺ آيل قوم سڀ کان پهرين پنهنجي ملڪي حيثيت وڃائيندي آهي. ڪن ڪن حالتن ۾ ته اها پنهنجون ملڪي سرحدون ۽ جاگرافيائي حدون پڻ وڃائي ويهندي آهي. قابض قوتون سندن قبضي هيٺ آيل ملڪ جون سرحدون (پاڙيسري هجڻ جي صورت ۾) ختم ڪري پنهنجي سرحدن سان ملائي ڇڏينديون آهن. ماضي جي تاريخ توڙي حال جي دنيا ۾ اهڙا انيڪ مثال موجود آهن. رومي شهنشاهيت، بازنطيني شهنشاهيت، ايراني شهنشاهيت، مغليا هندستان، روسي سامراجيت، يورپي سامراجيت وغيرهه جي قبضي هيٺ آيل انيڪ پاڙيسري ملڪن ۽ رياستن پنهنجون جاگرافيائي سرحدون وڃايون. ويجھي ڇَڪ ۾ ايريٽيريا، اوڀر تيمور، بوسنيا هرزگوينيا، ڪوسووو، چيچنيا، ٿُٻيٽ (تبت)، اسڪاٽلينڊ، سنڌ، بلوچستان وغيرهه ان جا ڪجھه مثال آهن. قابض قوتون اهڙن ملڪن جون عالمي ملڪي سرحدون ختم ڪري انهن کي پنهنجي ملڪ ۽ رياست جو حصو بڻايو ڇڏين ٿيون. ويهين صدي ۾ ڪيترن ملڪن جون سرحدون ته موجود هيون، پر اهي غيرملڪي سامراجيت جي والار هيٺ هئا. جيئين آفريقي ملڪ يورپي سامراجي ملڪن جي قبضي هيٺ هئا. هندستان برطانيا جي والار هيٺ هو. هند چيني ملڪ فرانس جي قبضي هيٺ هئا. انهن ٻنهي صورتن کانسواءِ هڪڙي ٻي ڀيانڪ صورت پڻ موجود آهي. اها فلسطين جي آهي. فلسطين جي سرزمين کي والار هيٺ آڻڻ بعد صيهونيت اتان فلسطينين کي ڌڪي ٻاهر ڪڍيو آهي. فلسطينين جي ٽيهن سالن جي مسلسل ويڙهه کانپوءِ اوسلو معاهدي تحت هاڻي عالمي طاقتن جي نگراني هيٺ اهو معاملو سلجھاءَ جي رستي تي گامزن آهي. اهڙي ريت سموريون غلام قومون پنهنجي قومي وجود جي بچاءَ ۽ ملڪي حيثيت جي بحالي لاءِ جاکوڙي رهيون آهن. سو غلامي جي شڪل ڪهڙي به هجي، ملڪي سرحدون سالم هجن يا نه، ملڪ جڏهن به ڌارينءَ والار ۽ قبضي هيٺ ايندو آهي، اهو ملڪ نه رهندو آهي. اهو پنهنجو سياسي اقتدارِ اعليٰ ۽ پنهنجي تاريخي حيثيت وڃائي ويهندو آهي. جيڪي قومون پنهنجون سرحدون به وڃائي ويهنديون آهن، اهي اڃا وڌيڪ ڏکيون ٿينديون آهن. سنڌ اهڙن غلام ملڪن منجھان هڪ آهي.
    جڏهن ڪائي قوم پنهنجي ملڪي حيثيت وڃائي ويهندي آهي. تڏهن وٽس نه پنهنجو سياسي اقتدارِاعليٰ رهندو آهي، نه ڪوئي اختيار؛ نه پنهنجي پيداواري وسيلن تي سندس مالڪي رهندي آهي، نه ئي معاشي فيصلن جو حق؛ نه اها پنهنجي قومي تعمير ڪري سگھندي آهي، نه ئي پنهنجي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪي قدم کڻي سگھندي آهي. اها پنهنجو وطن، پنهنجي ڌرتي هوندي به بي وطن ۽ بي اختيار هوندي آهي، پنهنجا لاتعداد مالي وسيلا هوندي به غريب هوندي آهي، سڀ ڪجھه هوندي به لاچار ۽ پرائي وس هوندي آهي. غلام فرد هجي يا قوم، منجھس ٻل نه هوندو آهي. ان کان سڀ ڪجھه ڇڏائجي ويندو آهي، ڦرجي ويندو آهي. اها ڄڻڪ هڪڙو بي ساهو، بي ستو ۽ مئل وجود بڻجي ويندي آهي.
    آزادي ڪنهن قوم جي پيشاني جو نُور آهي. اِهو نور آزاد قوم جي ماڻهن جي اکين ۾ نظر ايندو آهي، چهرن تي چمڪندي ڏسبو آهي. انهن جي اٿڻي ويهڻي، ملڻ جلڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ، هلڻ چلڻ ۾ انهي نُور جو واسو هوندو آهي. آزادي حُسن آهي، سونهن آهي. غلامي ڪوجھائپ آهي. غلامي ۾ جڪڙجي قوم پنهنجي سموري حسناڪي وڃائي ويهندي آهي. ڀٽائي سائين انهيءَ حالت لاءِ ئي فرمايو آهي ته:
    سونهن وڃايم سومرا، ميرو منهن ٿيون،
    وڃڻ تِت پيوم، جت هلڻ ناهه حُسن ري.
    قومي غلامي قومن کي ميرو ڪريو، ڪوجھو ڪريو، سونهن کان خالي ڪريو ڇڏي. غلامي ۾ قومن جي منزل وري انهيءَ حُسن جي حاصلات آهي. قومن کي آزادي جي سونهن ۽ حسن جي حاصلات لاءِ ووڙڻو آهي، جاکوڙڻو آهي، جدوجهد ڪرڻي آهي. آزادي ئي ڪنهن قوم جي اصل حسناڪي ۽ سرمايو هوندي آهي.
    جيڪي قومون صدين تائين غلامي ۾ ڦاٿل هونديون آهن ۽ محڪومي جي گھاڻي ۾ پيڙهجنديون رهنديون آهن، انهن مان ڪڏهن ڪڏهن آزادي جي حس ۽ تمنا به نڪري ويندي آهي. انهن ۾ آزادي بابت ڪيترائي غلط مفروضا پيدا ٿي پوندا آهن. جنهن ڪري اهي آزادي لاءِ جاکوڙڻ بجاءِ مُنجھه جو شڪار لڳنديون آهن. سنڌ ۾ پڻ ڪنهن حد تائين ايئن ئي آهي. هتي گھڻا ئي غلط مفروضا پکڙيل آهن.
    قومي آزادي جي حوالي سان ڪجھه ڪچاٽ ذهن ساٿين ۽ وڏي حد تائين اسان جي کاٻي ڌر جي دوستن جي دماغن ۾ هيءَ مفروضو ويٺل آهي ته اها آزادي ڪهڙي ڪم جي، جنهن ۾ ٻاهريون سيڙپڪار ۽ ڏيساور جا واپاري ادارا يا مختلف قسمن جا عالمي ادارا وغيرهه هتي وري به ڪم ڪندا رهن. ان قسم جا سوال اڪثر ڪري کاٻي ڌر جا ننڍڙا ڪارڪن اٿاريندا رهندا آهن. اهي شايد ايئن ٿا سمجھن ته قومي آزادي قوم کي عالمي برادري ۽ ٻين ملڪن ۽ قومن کان ڪٽي الڳ ڪرڻ جو نالو آهي. حقيقت ۾ ايئن ناهي. اصل ۾ قومي آزادي قوم جو وڃايل قومي تشخص بحال ڪري ان کي عالمي برادري سان ڳنڍيندي آهي. قومي غلامي قبضي ۽ والار هيٺ آيل قوم تي پنهنجو تسلط قائم ڪري ان کي عالمي برادري کان ڪٽي ڇڏيندي آهي. غلام قوم جا ڪي به عالمي لاڳاپا نه ٿيندا آهن. عالمي لاڳاپا رڳو آزاد قومن جي وچ ۾ ٿيندا آهن. ٿي سگھي ٿو ته ڪي دوست اهو اعتراض وارين ته غلام قومون سندن قومي آزادي جي جدوجهد لاءِ جيڪا عالمي حمايت حاصل ڪن ٿيون، اهي انهن جا عالمي لاڳاپا ئي هجن ٿا. هائو، اها لاڳاپن جي هڪ شڪل آهي، پر اها ابتدائي نوعيت جي شڪل هوندي آهي. اسان هتي قومن جي برابراڻن لاڳاپن جو ذڪر وسيع تناظر ۾ ڪري رهيا آهيون. اهڙا لاڳاپا رڳو آزاد قومون ئي پاڻ ۾ جوڙي سگھنديون آهن. اهڙن لاڳاپن لاءِ قومي آزادي جو هجڻ لازمي آهي، جو قومي آزادي عالمي برادري ۾ قوم جو مان مرتبو ۽ وقار وڌائي ان کي برابراڻي سطح تي آڻيندي آهي.
    قومي غلامي ۾ قوم ٻي دنيا کان ڪٽجندي آهي. آزادي ۾ قوم ٻي دنيا سان لاڳاپجندي آهي، ڳنڍبي آهي. حقيقت ۾ قومي غلامي ۾ واڙيل قوم يا بيٺڪيت بڻيل ملڪ ٻي دنيا کان هر حوالي سان ڪٽجي اڪيلو ٿي ويندو آهي. بيٺڪي قوتون سندن قبضي ۽ والار هيٺ آيل ملڪ کي دنيا کان ڪتي هڪڙو اهڙو ڏورانهون ٻيٽ بڻائي ڇڏينديون آهن، جنهن تائين نه ڪنهن ٻئي ملڪ جي سڌي رسائي هوندي آهي ۽ نه ئي وري بيٺڪي حاڪم ان کي ٻين ملڪن سان ڪو تعلق ۽ لاڳاپو جوڙڻ ئي ڏيندا آهن. اهي ان ڏس ۾ ايڏا حساس هوندا آهن، جو سندن بيٺڪيت تان نر پکي ويٺا هڪليندا آهن. ڇاڪاڻ جو قبضي هيٺ آيل قوم جيتري دنيا کان ويڳاڻي هوندي، اوتري ڪمزوي ۽ هيڻي هوندي، اوتري لاعلم ۽ بي شعور هوندي ۽ اوتري ئي سياسي طور تي پٺتي پيل هوندي.
    قابض قوتون بيٺڪيت کي عالمي ڌارا کان ڪٽي پنهنجو ڳيجھو بڻائي رکنديون آهن ۽ پوءِ ان جي وسيلن جي لٽمار ڪنديون آهن. اهي پنهنجي بيٺڪيت جا وسيلا بي دريغ انداز سان استعمال ڪنديون آهن ۽ ڀڳڙن مُٺ تي عالمي قوتن کي وڪڻي تين وال ڪنديون آهن. مثال طور برطانيا ننڍي کنڊ هند سنڌ جي وسيلن ۽ خام مال جو بي رحمي سان استحصال ڪيو. يورپ آفريقي ملڪن جي وسيلن جي بيرحماڻي ڦرلٽ ڪئي.
    هاڻي جڏهن ورهاڱي کانپوءِ سنڌ “مملڪتِ خدادادِ پاڪستان” جي نالي ۾ پنجاب سامراج جي بيٺڪيت بڻجي وئي آهي، تڏهن سنڌ جي وسيلن جي نهايت بيرحمي سان لٽمار ڪئي پيئي وڃي. سنڌ جا جيڪي وسيلا پنجاب پنهنجي استعمال هيٺ آڻڻ جي اهل آهي، اهي هو پنهنجي ڪتب آڻي رهيو آهي. جن ذريعن جي عالمي مارڪيٽ ۾ کپت آهي، انهن بابت عالمي قوتن ۽ ٻين ملڪن سان سؤدا ڪري رهيو آهي. تيل سنڌ جو آهي، پر عالمي تيل ڪمپنين سان ٺاهه اسلام آباد ٿو ڪري. سامونڊي ڪنارا ۽ ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، پر انهن بابت معاهدا پاڪستان ٿو ڪري. سنڌ جي ڪهڙي به حڪومت هجي، اها سنڌ جي پيداواري وسيلن جي حوالي سان ٻاهرين ملڪن سان ڪي به ٺاهه، معاهدا ۽ رضامنداڻا دستاويز صحيح نه ٿي ڪري سگھي. سنڌ گڏيل ۽ ٻطرفن مفادن تحت دنيا جي ڪنهن به ملڪ سان سمجھوتو يا ٺاهه ڪري نه ٿي سگھي. سنڌ جي وڏوزارت ان معاملي ۾ اسلام آباد جي شڪي ۽ خونخوار نگاهن هيٺ رهي ٿي. ان ڪري اها ڪجھه ڪرڻ توڙي ڪڇڻ پڇڻ کان لاچار رهي ٿي.
    رڳو آزاد قوم ئي پنهنجن قومي مفادن کان آگاهه هوندي آهي ۽ انهن جو بچاءَ ڪري سگھندي آهي. ان ڪري آزاد قوم دنيا سان ٻطرفن مفادن وارا لاڳاپا جوڙي سگھندي آهي. جيئن هيءَ سڄي ڪائنات هڪٻئي تي آڌارڪ آهي، ايئن قومون ۽ ملڪ به هڪٻئي سان سلهاڙيل ۽ هڪٻئي تي آڌار رکندڙ آهن. قومي غلامي ۾ ملڪ ۽ قوم استحصال، ڦرلٽ ۽ جبر جو شڪار ٿيندا آهن. آزادي ۾ قوم رضامنداڻن بنيادن تحت پنهنجن قومي ۽ ملڪي مفادن موجب عالمي لاڳاپا ۽ دوستيون جوڙيندي آهي. غلامي قوم کي ويڳاڻپ ۽ بند اڪيلائي ۾ ڌڪيندي آهي. آزادي قوم کي عالمي ڌارا ۾ آڻيندي آهي.
    آزاد قوم پنهنجي مرضي موجب پنهنجا سياسي، معاشي، دفاعي ۽ سفارتڪاراڻا تعلق جوڙيندي آهي. اها دنيا کي پنهنجن وسيلن مان ڪجھه آڇيندي آهي ۽ پنهنجي ضرورت جون شيون دنيا کان حاصل ڪندي آهي.
    گڏوگڏ اها قومي آزادي جي نعمت هوندي آهي ته اها قوم کي سندن سمورن وسيلن جو مالڪ بڻائيندي آهي. جيڪي وسيلا ۽ ذريعا غلامي ۾ حاڪم قوم بيرحمي سان استحصال ڪري کڻي ٿي وئي، اهي هاڻي اصل مالڪن جي هٿ ۾ اچن ٿا. جڏهن قوم پنهنجن وسيلن جي پاڻ مالڪ بڻجي ٿي، تڏهن اها ترقي جي شاهراهه تي روان دوان ٿئي ٿي.
    قومي آزادي قوم کي رڳو سندس پيداواري وسيلن تي مالڪي نه ٿي ڏياري. پر اها ان کي پنهنجي ملڪ جي مالڪ ٿي بڻائي.
    جيڪا قوم پنهنجي ملڪ جي پاڻ مالڪ هجي، يعني جيڪو ملڪ آزاد هجي، اهو ترقي ڪندو، خوشحال ٿيندو. ان جا ماڻهو پنهنجي مڇي مانيءَ وارا ٿيندا، ترقي ڪندا، شاهوڪار ٿيندا.
    آزادي اجتماعي معنا ۾ زندگي کان به وڏي شئي آهي، زندگي کان به وڏي نعمت آهي؛ جو آزادي ۾ ئي زندگي محفوظ رهي ٿي، حسناڪ بڻجي ٿي ۽ بلندين ڏانهن وڌي ٿي. رڳو آزاد ماڻهو ئي زندگي جي سمورين حسناڪين کي ماڻيندي شخصي ۽ اجتماعي ڪمال جي درجي تي رسن ٿا.
    آزاد ملڪن جا ماڻهو پنهنجي تاريخ، تهذيب، تمدن، ٻولي، ثقافت، ريتن، رسمن، رواجن، ادب، فنون لطيف، سنگتراشي، ناچ، ڳاچ، فنِ اڏاوت، وسيلن، سياسي معاشي مفادن، اجتماعي زندگي، پنهنجي ڌرتي، مطلب ته پنهنجي هر شئي جي حفاظت، واڌ ويجھه، ترقي ۽ تعمير ڪري سگھن ٿا. نه فقط اِهو ته آزاد ماڻهو پنهنجي ديس ۽ قوم جي نئين تعمير ڪندا آهن، پر اهي پنهنجي قومي ۽ ملڪي ڪردار وسيلي هن سڄي دنيا، ڌرتي ۽ ڪائنات جي بهتري، ڀلائي ۽ وڌيڪ سونهن لاءِ انمول ۽ ڪارائتو ڪارج ادا ڪندا آهن.
    سنڌي قوم کي به پنهنجي سنڌ ملڪ جي قومي آزادي لاءِ جاکوڙڻو آهي ۽ آزادي بعد دنيا جي ڀلائي، حسناڪي، امنِ عالم، ترقيءِ بني آدم، بقاءِ باهمي ۽ اتحادِ انساني لاءِ پنهنجو عالمي ڪردار ادا ڪرڻو آهي.
    * * *

    18 مارچ 2015ع
    ميرپور بٺورو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 345432
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 142669
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ