ڪتاب جو نالو: تون چوء مَه ڪُڇان
مصنف: دليپ دوشي لوهاڻو
ڇپائيندڙ: ڏياٽي پبليڪيشن، اسلام ڪوٽ
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 31 مئي 2017 ع
پڙهيو ويو: 610 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 199 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
نئون ڪتاب ” تون چوء مَه ڪُڇان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب ٿر جي نوجوان ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ ناول نگار دليپ دوشي لوهاڻي جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي.
نور احمد جنجهي لکي ٿو:
”هن ڪالم ڪتاب ۾ مختلف عنوانن سان 29 ليک آهن جن جا عنوان ته جدا جدا آهن پر سڀني جو محور درد آهي، درد ئي آهي جيڪو ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان هڪڙي ڏوري ۾ پروئي ٿو. دردجو رشتو انسانيت جو رشتو آهي. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون آهن جيڪي اندر جون واڻيون آهن ۽ عنوانن مان ئي ظاهر ٿئي ٿو ته اندر جو آواز ڀلي ڪچو ڦڪو نڪري پراهو اثرضرور ڇڏيندو. اهي عنوان ڪٿان کان کنيل به آهن ته ڪجهه سرناما ليکڪ جا پنهنجا گهڙيل آهن. ڪافي عنوان شاعراڻا به آهن يا شاعريءَ جون سٽون آهن.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • پبلشر پاران
  • ليکڪ پاران
  • ٿر جو نوجوان قلم ڪار
  • تنهنجي ذلف جي بند ڪمند وڌا
  • هن ٺهي سنڀري ناهي لکيو
  • ڪالم

  • پيار، پناهون، ڇانورا. . .
  • تُـون چـئو مَ ڪـڇـان. ..
  • مان ساڳيو سورن ۾. ..
  • بد دعا جهڙي زندگي گهاريندڙ معصوم زندگيون ۽ اسان جا رويا
  • ڏکن ڏُڌي جهوپڙي. ..
  • ايءُ پڻ چڱو ڪم . . .
  • منهنجي مِٺي . . .
  • اڄ جو نوجوان
  • اسان جو تعليمي معيار ۽ درپيش چئلينج
  • اڄ جي ميڊيا- آزاد يا ڇڙواڳ
  • دل چوي ٿي ڳوٺ وڃان
  • ساحلي علائقن جي زندگي
  • معصوم حياتين سان ٿيندڙ هاڃا ۽ عورت تنظيمون
  • دردِ دل ڪِي دوا ڪري ڪوئي. ..
  • اُميد جو ڪرڻو : دي رَي آف هوپ
  • سوشل بيوروڪريٽ: اين او زي لارڊز
  • سماجي ڀلائيءَ جا ادارا ۽ ڪاروبار جو نرالو انداز
  • معصوم گلڙن سان ٿيندڙ ڏاڍايون
  • پاڻيءَ منجهه پساهه. . .
  • بِنت حوا سان ٿيندڙ ظلم
  • ڏُکي توءِ ڏڪار، توڙي وسن مينهڙا
  • ڪاروڪاري، تيز ڪهاڙيون ۽ عورت
  • مينهن وٺو آهي مهراڻي. ..
  • ٿر، جتي وسڪاري بعد خوشيون ۽ ماتم گڏجي رقص ڪن ٿا
  • ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر!!!!
  • منهنجي ٿر جو حال جي پڇندين...
  • ٿر نه اڃا ٿانيڪو
  • راکي - هڪ اڻٽٽ ٻنڌڻ
  • درد ونديءَ جو ديس وسي پيو. ..

  • حق ۽ واسطا

    ڪتاب جا سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    تون چوء مَ ڪُڇان
    (اخباري ڪالم ۽ مضمون)

    مصنف: دليپ دوشي لوهاڻو
    ڇاپو : پهريون
    سال: نومبر، 2016ع
    ڪمپوزنگ: تولارام سوٽهڙ
    ٽائٽل ۽ لي آئوٽ: نعيم ديسوالي
    ڇپائيندڙ: ڏياٽي پبليڪيشن، اسلام ڪوٽ
    قيمت: -/150 روپيا








    TOON CHAO MA KUCHHAAN
    (Articles and Essays)

    Writer: Dileep Doshi Lohano
    First Edition: November, 2016
    Composing: Tola Ram Suthar
    Title & Layout: Naeem Deswali
    Published By: Diyati Publication, Islamkot
    Price: 150/-


    ارپنا

    ٿر جي عوام
    ۽
    هُن جي نالي،
    جنهن جي وجود مون کي ادب جي ميدان ۾ پير پارايو....


    دليپ دوشي لوهاڻو




    تون چوء مَ ڪڇان، تون چوء مَ لُڇان،
    پر تو کان هڪڙي ڳالهه پُڇان،
    تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين،
    اعلان هزارين مان نه رڳو.
    (شيخ اياز)


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ” تون چوء مَه ڪُڇان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب ٿر جي نوجوان ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ ناول نگار دليپ دوشي لوهاڻي جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي.
    نور احمد جنجهي لکي ٿو:
    ”هن ڪالم ڪتاب ۾ مختلف عنوانن سان 29 ليک آهن جن جا عنوان ته جدا جدا آهن پر سڀني جو محور درد آهي، درد ئي آهي جيڪو ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان هڪڙي ڏوري ۾ پروئي ٿو. دردجو رشتو انسانيت جو رشتو آهي. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون آهن جيڪي اندر جون واڻيون آهن ۽ عنوانن مان ئي ظاهر ٿئي ٿو ته اندر جو آواز ڀلي ڪچو ڦڪو نڪري پراهو اثرضرور ڇڏيندو. اهي عنوان ڪٿان کان کنيل به آهن ته ڪجهه سرناما ليکڪ جا پنهنجا گهڙيل آهن. ڪافي عنوان شاعراڻا به آهن يا شاعريءَ جون سٽون آهن.“
    هي ڪتاب ڏياٽي پبليڪيشن، اسلام ڪوٽ پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دليپ دوشيءَ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر پاران

    مِٺيء جي هن محبوب ماڻهو سان اسلامڪوٽ ۾ سنت نيڻورام جي ميلي ۾ 1997-1998 ڌاري اسان واري يارڙي مڪيش راجا سان گڏ پهرين ملاقات ٿي، ان بعد هن سان هڪ رشتو جُڙي ويو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. هو صحافي هجڻ سان گڏ سٺو شاعر به آهي، متحرڪ ليکاري به آهي. هن جي لکڻين ۾ ٿر جو درد به آهي ته ٿر جو رومانوي پسمنظر به! هو جيترو ڳالهائڻ ۾ محبوب جيان مِٺو آهي، ايترو ئي هن جي لکڻين ۾ مِٺاس سان گڏ پُختگي آهي. هن پنهنجي قلم کي ٿر جي پيڙائن، ڀوگنائن سان گڏ ان ٿر تي به کنيو آهي، جيڪو وُٺي کان پوء ڪشمير جئين لڳندو آهي.
    جيتوڻيڪ هن ڪتاب ۾ هن جا مضمون ۽ ڪالم آهن، جنهن ۾ هن پنهنجي اندر جي لڪيل ليکاري کي، ان وقت جي حالتن تحت ٻاهر آندو آهي. دليپ دوشي جي لکڻين ۾ هڪ پختو نثر موجود آهي، جيڪو اوهان پڙهندڙن کي تازگي بخشيندو. ٿر جتي ليکارين جو وڏو تعداد موجود آهي، اتي دليپ دوشي جو شمار به چند سُٺن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو.
    هُو صحافت سان جڙيل هئڻ باوجود صحافتي لابين کان پَرڀرو رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت جو متحرڪ سيڪريٽري پڻ آهي. هن جي ملڻ ۽ کلڻ جو انداز به مِٺي جي مرڪ جهڙو آهي. سدائين هُن دوستن کي کليل ٻانهن سان کيڪاريو آهي.
    ڏياٽي پبليڪيشن جي اها ڀرپور ڪوشش رهي آهي ته ٿر جي ليکارين کي منظر عام تي آڻي. اسان جيڪي ڪتاب چپرايا آهن اهي ٿر جي ليکڪن شاعرن جا آهن. هي ڪتاب ”تون چوء مَ ڪُڇان“ به اوهان پڙهندڙن کي هڪ ٿر جي سريلي ليکاري دليپ دوشي لوهاڻو جو ڏنو آهي. جيڪو مضمون ۽ ڪالمن تي مشتمل آهي اميد ته اوهان جي ڄاڻ ۾ ڀرپور اضافو ڪندو.
    اوهان جو پنهنجو
    - ائڊووڪيٽ فقير منور ساگر
    ڏياٽي پبليڪيشن اسلام ڪوٽ


    ليکڪ پاران

    اها ڳالهه بلڪل سئو سيڪڙو سچ آهي ته مون ڪڏهن به سَهي سنڀري ناهي لکيو، انهي ڪري منهنجي لکڻين ۾ مهينن ۽ سالن جي وِٿي پڻ آهي پر جڏهن به قلم کنيو آهي ته سماج ۾ تبديل ٿيندڙ حالتن، روين تي دل خود به خود لکڻ تي مجبور ڪيو آهي ۽ مون منهنجي سوچ ۽ فهم آڌار جيڪو ڪجهه لکيو آهي اهو پورو ايمانداري سان بنان ڪنهن ايجنڊا جي يا بنان ڪنهن لالچ جي لکيو آهي. مون ڪڏهن به ذاتي پسند يا نا پسند جي بنياد جي نه لکيو آهي، ها پر دل جيئن سوچيو، سمجهيو ۽ پرکيو آهي تيئن پنهنجا جذبا پنهنجا احساس ڪاغذ تي اتارڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي آهي، پوءِ غلط به ٿي سگهن ٿا ته صحيح به ٿي سگهن ٿا.
    سائين جي. ايم. سيد ڪٿي لکيو آهي ”ته جيئن توهان مون سان سئو سيڪڙو متعفق نٿا ٿي سگهو، تيئن آئون پڻ توهان سان سئو سيڪڙو متعفق نٿو ٿي سگهان پر آئون توهان جي ڏنل دليل يا ڪنهن ڳالهه سان انڪاري ٿي سگهان ٿو يا توهان منهنجي ڳالهه يا دليل سان انڪاري ٿي سگهو ٿا، ان جو مطلب اهو هرگز ئي ڪونهي ڪو ته آئون توهان جي وجود کان ئي انڪاري آهيان“. سو مون جيڪر ڪٿي ڪنهن فرد، اداري يا ڪنهن جي ڪم کي تنقيدي نگاهه سان ڏٺو آهي ۽ لکيو آهي ته ان مان اهو قطعي مراد ناهي ته ڪو انهي فرد يا اداري سان منهنجي ڪا ذاتي رنجش آهي، منهنجي لاءِ سڀئي محترم آهن، عزت لائق آهن، بس سندن قول ۽ فعل جي فرق کي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهو واضح به ڪيو ته دليل سان انڪار مان مراد وجود کان انڪار ڪونهي پر پوءِ به ڪافي دوستن جون ناراضگيون برداشت ڪرڻيون پيون.
    مون ڇا لکيو آهي؟ ۽ ڇا نه لکيو آهي؟ ڇا لکڻ کپندو هو ۽ ڇا نه لکي سگهيو آهيان! اهو سڀني جي سامهون آهي، مون هميشه اصلاحي تنقيد کي دل سان قبوليو آهي. مون ڪڏهن به سماج کي تبديل ڪرڻ جي هام نه هنئي آهي بس ڪوشش ڪئي آهي ته سماج ۾ ٿيندڙ هر ناانصافي تي لکي سگهان ۽ مون هر موضوع تي لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پوءِ اهو ٿر جو ڏڪار هجي، عورتن، ٻارن سان ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍائي هجي، اين جي اوزي ڪلچر توڙي سماجي مسئلا، بدامني توڙي صحت جي سهوليتن جي اڻهوند، ڏڪار توڙي برسات کان پوءِ جون تڪليفون وغيره جيڪي به موضوع اسان جي روزمره جي زندگي سان لاڳاپيل آهن انهن تي پنهنجي وس آهر لکڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي آهي. مون انهن موضوعن سان ڪيترو نڀاهيو آهي، اهو آئون ڇڏيان ٿو پڙهندڙن تي، اهي ئي حقيقي پئمانو آهن، جيڪي ليکڪ جي لکڻي کي ڪهڙي اک سان ڏسن ٿا.
    اخباري صفحن تي جنهن محسن مون کي پهرين پهرين اسپيس ڏني، اهو پيارو ماڻهو آهي جعفر ميمڻ صاحب، جنهن سدائين نون لکڻندڙن کي لکڻ لاءِ اتساهيو آهي، ان کان پوءِ اثر امام ، ارشاد لغاري ۽ ٻين دوستن جي مهرباني رهي جو ”ککر ۾ کڙي هڻڻ“ مثل منهنجي لکڻين کي اسپيس ڏيندا رهيا.
    هن ڪتاب کي سهيڙڻ ۾ تولارام سوٽهڙ ڪافي مدد ڪئي، سندس مهرباني، سائين نوراحمد جنجهي صاحب ۽ دليپ ڪوٺاري جي مهرباني جن ڪالمن/ مضمونن جي اخباري ٻولي جي لفظن کي درست ڪيو، سندن رهنمائي لاءِ مهرباني. پياري ڀارو مل امراڻي جي مهرباني جنهن ڪتاب لاءِ مهاڳ لکي ڏنو، پروفيسر نوراحمد جنجهي صاحب ۽ مٺڙي سائين خالد جوڳي جا لک قرب جن ڪتاب تي پنهنجا ويچار لکي ڏنا، سائين شنڪر ساگر ۽ مڪيش ساگر جون مهربانيون جن پنهنجا رايا لکي ڏنا، سندن کوڙ ساريون مهربانيون. محترم سائين نصير مرزا جون محبتون ڀلا ڪيئن ٿيون وساري سگهجن جنهن بيڪ ٽائيٽل لاءِ پنهنجا پيارا احساس لکي اماڻيا. پياري منور ساگر، ڏياٽِي پبليڪيشن جون محبتون جن منهنجي ڪالمن کي ڪتابي صورت ۾ آندو.
    دليپ دوشي لوهاڻو
    مٺي، ٿرپارڪر
    03332511104


    ٿر جو نوجوان قلم ڪار

    ڪنهن قوم جي صحيح ۽ چٽي تاريخ اُن جي اخبارن مان ملندي آهي (لارڊ مڪالي) الهڙ جواني ۾ هڪ جيڏن سان گڏ ڊائرين ۾ شاعري لکڻ، ڪنهن جي سار سرهاڻ ۾ راتيون جاڳي ستارن سان رهاڻ ڪرڻ، ڪنهن جي ڳاڙهن ڳلڙن تي ڳالهين جا ڳوٺ ٻڌڻ، ڪنهن جي وارن واس ۾ پنهنجو مڪمل وجود وڃائي ويهڻ جهڙا ڪم ڏاڍا وڻندڙ لڳندا آهن،پرهي منهنجو مٺي جو مٺڙو دوست انهي عمر ۾ جنهن شدت سان انساني سماج جي ريتن رسمن رواجن روين، قائدن قانونن، المين اداسين تي سنجيدگي سان سوچي لوچي هن دور جي تڪڙي ادب ۾ پنهنجي قلم کي جنبش ۾آڻي ٿو،سچ ته اهوساراه جوڳو عمل آهي، آئون سندس راين سان اختلاف يا اتفاق ڪرڻ کان اڳ ۾کيس دل جي گهراين سان اخباري ڪالمن جي هن پهرين مجموعي تي واڌايون ڏيان ٿو، اڪثر ڪالم منهنجا اڳ ۾ پڙهيل آهن، پر هاڻي جڏهن هڪ هنڌ ڪتاب ۾ ڏسي رهيو آهيان ته سچي خوشي ٿي رهي آهي. اخلاقي اصولن جي تلاش ۽ اخلاقي اصولن تي هلڻ ٻئي عظيم آهن، نوبل انعام يافته شاعرسيفرٽ چيو آهي ته ”سندر لفظن جي ڳولا ڪنهن کي مارڻ ۽ قتل ڪرڻ کان بهتر آهي، مون سڄي زندگي خوبصورت لفظن جي ڳولا ڪئي آهي اظهار جي قوت کي سگهاري ڪرڻ واسطي لوچيو آهي سوچيو آهي “، منهنجي هن دلبر دوست پنهنجي ڪچي وهي ۾ ڌرتي جي دکن سکن کي بيان ڪرڻ جي لاءِ سندر لفظن جي ڳولا ڪري اخلاقي اصولن کي اپنائي مٽي هاڻن ماڻهن جي لاءِ بروٽس جي لفظن جهڙي آنڌ مانڌ رکي آهي
    I love Rome more! That is ceaser I loved you less
    (سيزر ائين نه آهي ته مون تو سان گهٽ پيار ڪيو آهي، پر روم مونکي اڃان وڌيڪ پيارو آهي_بروٽس )
    پنهنجي ديس سان پيار جي انهي انتها اهڙا ڪالم لکرايا آهن، هن جي روح کي بي چين ۽ بي قرار ڪري اونداهي سان اٽڪڻ ۽ چانڊوڪي سان چاه ڪرڻ سيکاريو آهي، هن جا اڪثر ڪالم احتجاج آهن، هڪڙي دانهن ٻرندي محسوس ٿئي ٿي،آشائن ۽ نراسائين کي اکرن ۾ چٽيندي دليپ انهي موضوع کي آندوآهي ته اعلي آدرشن جون ڳالهيون ڪندڙ پنهنجي عملي زندگي ۾ڪيڏا ننڍڙا ماڻهو آهن،اميد جا ڪرڻا ڪٿي ۽ ڪيئن جهڪا ٿين ٿا، سماجي سڌاري جي دعوا ڪندڙ ادارا ڌنڌوڙي دنيا جو حصوڪيئن آهن، ترقي ۽ تبديلي جي دور ۾ انسان بگهڙ ۽ هاتار ڪيئن بڻجي رهيو آهي، پنهنجا ڳوڙها پيئندي به اڃايل انسان جي اڃ نه گهٽي آهي، مينهن وسندي به ڏکي جي لاءِ ڏڪار آهن حوا جي ڌي ءَ حرس ۽ حوس جو شڪار ڪيستائين ٿيندي ؟معصوم گلڙن سان ٿيندڙ ڏاڍايون ڏيهه کي ڪيستائين ڏنڀنديون، ماڻهپي کي لڄائيندڙ ماڻهو منافقي ۽ منڪري سان ڪيستائين پنهنجو اصل روپ لڪائيندا رهندا!؟اڄ جي ميڊيا آزاد آهي ڇڙواڳ . ....پيار پناهون ۽ ڇانورا صدمن جهڙو ساٿ ڏئي ڪيئن ويساه گهاتي ڪن ٿا، سو دک درد هوندي به اسان کي ڪيئن زندگي سان پيار ڪرڻو آهي، پريمي جوڙا آهن يا فريبي جوڙا، ڪاروڪاري جي ڪڌي ريت ۾ تيز ڪهاڙيون عورت جي وجود تي ڪيئن وار ڪن ٿيون، دل فريب نعرن ۽ لفظن بازي ۾ سادن انسانن جو استحصال ڪيئن ٿئي ٿو، مسيحا جي نالي ماڻهو موت جا سوداگر ڪيئن آهن، چوڪيدار ڪيئن چور ٿئي ٿو، جل ٿل سنڌو ۾ واري جا وسڪارا آڻڻ جو ذميوار ڪير آهي، صحراکان ساحلي پٽي تائين مهر جهڙي زندگي ڪيئن قهر ٿئي ٿي.
    اسان مان ڪير ڪيترو هن جي موقف سان اختلاف ڪري پر هن وٽ تصوير جو ٻيو رخ ڏيکارڻ جي لاءِ پنهنجا دليل آهن هن پنهنجي سمجهه ۽ سرت آهر اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هن جي ڪنهن به سٽ ۾ زندگي جي فهم تي مصلحت نه آهي، هن کي اخباري لکڻي جا بين القوامي ضابطا ۽ اصول کڻي پورا نه ايندا هجن پر هن جا ڪالم پڙهندڙ کي گهڻو ڪجهه محسوس ڪرائين ٿا هن جن موضوعن کي چونڊيو آهي انهن مان اڪثرن تي روزاني اخبارن ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آهي، هن جو پورهيواڃان وڌيڪ سجايو ٿيندو جيڪڏهن پڙهندڙ کليل دل سان بحث مباحثو ۽ دليل بازي جي ڏي وٺ ڪري پنهنجي سٿ ۾ ڪارائتن نتيجن تي پهچن. منهنجو هي پيارو دوست بنيادي طورتي شاعر آهي صحافت جي سفر۾ هڪ انگريزي اخبار جي رپورٽر سان شروعات ڪري هڪ ڪالم نگار تائين پهچندي بي آواز انسانن کي اتساهيو آهي. انهن جي ٻولي ٻيڻي ڪرڻ جا جتن ڪيا آهن

    بول بول بول
    بول ڪه لب آزاد هين تيري
    بول ڪه سچ زنده هي اب تڪ
    جسم زبان ڪي موت سي پهلي
    جوڪڇ بي ڪهنا هي ڪهه لي
    بول ڪه لب آزاد هين تيري
    ساٿيو آواز ڏيو آهيو، ڪٿي ويجها اچو
    گڏ ٿيو ڪاڳڻ ڪيو ڪو پهه پچائيندا هلو.
    ڪين گهرجي ٿي اسان کي هيءَ اڌاري ڪائنات
    آسمان پنهنجو زمين پنهنجي بڻائنيدا هلو.

    ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته ڪنهن به مقصد جي لاءِ بيهڻو آهي ته وڻ وانگر بيهڻ جو پاڻ ۾ حوصلو پيدا ڪر،جڏهن ڪرڻ تي اچين ته ٻج وانگر ڪر جيئن زمين جي سهاري ٻيهر اڀري پنهنجي ساڳي مقصد جي لاءِ بيهي سگهين منهنجي هن دوست ٿري ڪونڀٽ وانگر ڪرموڙڻ شروع ڪيو آهي پنهنجي مقصد جي مومل ماڻڻ تائين شل پنهنجو وجو د برقرار رکي سگهي.
    تڪڙو ادب يعني صحافتي ادب مزاحمتي ادب جو حصو آهي، تاريخ کي اڏڻ ۾هن جواهم ڪردار آهي، مزاحمتي ادب اتي اڀرندو آهي، ظلم ۽ مظلوم جي وچ ۾ ورهايل سماج جا بکيا اڊڙي نئين سر سيبا ڏي ٿو،استحصالي قوتن جي ڏاڍ مڙسي کي وائکي ڪري متاثر جو ساٿ ڏي ٿو، بنيادي ضرورتن کان محروم ماڻهن ۾ پنهنجي جدوجهد جو جذبو پيدا ڪري ٿو، مايوسي کي مٽائي روشن آئيندي جي ڄاڻ ڏي ٿو، سنڌ ۾ صحافت جو دور ڪڏهن شروع ٿيو آهي ؟ اهوهڪ تحقيق طلب موضوع آهي، نامياري محقق قاضي آصف پنهنجي هڪ ليک سنڌي صحافت جا بانيڪار ۾ لکيو آهي ته خانگي طور تي پهريون ڀيرو مرزا مخلص علي 1860 ع ۾ مطلع خووشيد جي نالي سان فارسي ۽ سنڌي ۾ گڏيل اخبار جاري ڪئي، بعد ۾ شمس الدين بلبل جي ادارت ۾ ڪراچي گزيٽ، هفتيوار خير خواه لاڙڪاڻو، هفتيوار مسافر، آفتاب سکر ساڌو هيرانند شوقيرام جي ادارت ۾ سنڌٽائمز انگريزي ۾ سنڌ سڌار سنڌي ۾ اخبارون پڌريون ٿيون، ٿر جي پهرين اخبار محمد عثمان ڏيپلائي جي پڙهائي دوران هٿ سان لکيل فرحت آثار ڄاڻائي وڃي ٿي، ساڌو هيرانند جي سنڌ سڌار، کان وٺي جيٺمل پرسرام جي جاري ڪيل سنڌڙي تائين اوائلي اخبارون اٺن تي ٽپالن سان گڏجي ٿر جي ڀٽن تائين ڪنهن نه ڪنهن ريت پڄنديون رهيون پرميرپورخاص مان نڪرندڙ سچائي، بيداري، همدرد اخبارن ٿر مان لکندڙ ن کي نروار ڪيو، محمد عثمان ڏيپلائي جي عبرت ۽ انسان ٿر ۾ صحافتي سرگرمي کي هٿي ڏني، تيج سنگهه سولنگي، رائچند هريجن، مگهارام اوجها، مسڪين جهان خان کوسي،محمد عثمان ڏيپلائي، عالم چند ڪولهي، گهمن سنگهه ڀيل، عثمان اديب، هريسنگهه سوڍي، سچل جنجهي،غلام محمد جنجهي، پنهون مل هميراڻي عبدالحميد مڱريوو۽ ڄام ساقي کان وٺي وليرام ولڀ سنڀومل هميراڻي، حاجي محمد دل محمد خان سميجي پريم شيواڻي، عبدالقادر جوڻيجي، مقيم ڪنڀر ۽ سهيل سانگي تائين جهونن ٿر ڄاون ملير جي ماڻهن جي مسئلن کي موضوع بڻائي پنهنجو رت ست ولوڙي صحافتي ادب کي سگهه بخشي.
    90 جي ڏهاڪي کان پوءِ سنڌي صحافت ف م لاشاري جي سرواڻي ۾ نئين واٽ اختيار ڪئي هڪ ٻي کي سڏ ٿيا انهي جا اثر ٿر تي به پيا. ٿر ۾ ڪيئي قافلا قطارجڻ لڳا، پريس ڪلب جڙي جس تي پهتا، ڪو رپورٽر آهي ته ڪوڪالم نگار ميڊيا جومانڊاڻ متل آهي.
    شيخ اياز هڪ هنڌ لکيو آهي ته ذميداري کان سواءِ دسترسي هڪ طوائف جو پيشو آهي، صحافت جي پيشي ۾ ذميداري جي تمام گهڻي ضرورت هوندي آهي، هن تيز پيشوراڻي دور ۾ اسان جي سنڌي صحافت ۾ اڄ به ڪيترين ئي خبرن جا بنيادي ڪردار گم هوندا آهن ڪيتريون خبرون عام پڙهندڙ وٽ سچ ۽ ڪوڙ جي ٻواٽي تي بيهنديون آهن، ڪيترن ڪالمن جو ڪو منطق نه هوندو آهي، اڃان ڦوٽو اسٽيٽ خبر جي روايت دم کڻي ٿي، اڃان صحافتي مافيا جي تهمت کان پلو آجونه ٿيو آهي،اڃان پريس ڪارڊ رشوت ڪارڊ جو روپ اختيار ڪندو رهي ٿو، اڃان گهڻن رپورٽرن، تجزئي نگارن ۽ ڪالم نگارن جي صحافتي اصولن بابت تربيت نه ٿي آهي. سنڌ ۾ اڪثر اخباري قلم ڪار جن جي لکڻين کي پڙهندي عوامي شاعر استاد دامن جون سٽون ياد اينديون آهن ته مون کي نه سون گهرجي، نه چاندي گهرجي، مون کي انساني ضمير قلعي ڪرائي ڏي. تڪڙي ادب جا تمام گهٽ ليکڪ آهن جن جون لکتون انهي شعر جي شاهدي آهن ته جنون ۾ رت چڪائيندڙ ڳالهيون لکندا رهيا سين توڙي جو ائين ڪرڻ وقت اسان جا هٿ وڍيا ويا آهن.
    لکڻ جي ڏوه ۾ جن جا هٿ وڍجندا رهيا آهن، اهي صدين جي ميراث ترقي پسند سوچ جو تسلسل رهيا آهن، نامياري دانشور سجاد ظهير چيو آهي ته ترقي پسندي مان مراد معاشري جي تخليقي صلاحيت کي جلا بخشڻ، زندگي بخشڻ، عنصرن جو ساٿ ڏيڻ ۽ موت پرست قوتن سان جهيڙڻ آهي.
    ڪنهن شاعر چيو آهي ته

    The day we stop
    Burning in the fire of the love
    People will die of the cold
    (جنهن ڏينهن اسان عشق جي آڳ ۾ جلڻ ڇڏي ڏنو، تنهن ڏينهن ٿڌ ۾ رهندڙ انسان مري ويندا)
    انهي شعر کي ساکي بڻائيندي دلي دعا آهي ته منهنجو هي پيارو دوست پنهنجي ڌرتي سان عشق جي آڳ ۾ جلندو رهي، اهڙا ڪالم لکي مٽي هاڻن ماڻهن جي مدد ڪندو رهي پنهنجي لفظن جوپاڻ ڀرم رکي، ڪو اٿندي ائين نه چوي ته
    هن ديس سڄي کي سائي آ
    هو دور افق تي ليمي جيئن
    ڇا هيڊي هيڊي آئي آ
    پر تو سان ڳالهه اجائي آ

    - ڀارومل امراڻي سوٽهڙ
    چيلهار، 11 آڪٽومبر 2016


    تنهنجي ذلف جي بند ڪمند وڌا

    شيخ اياز پنهنجو مشهورشعر”بي موت مئا تولاءِ ڪُٺا، انسان هزارين مان نه رڳو“ مولاناعبدالغفور مفتون همايوني جي هڪڙي ڀلوڙ غزل ”تنهنجي ذلف جي بند ڪمند وڌا“ کان متاثر ٿي لکيو هو. اهي ٻئي شعر سنڌ ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيا. انهن مان سٽون کڻي ماڻهو مضمون لکن ٿا، بينرٺاهين ٿا، ڪتاب لکن ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي شعر ماڻهوءَ جي من جي نمائندگي ڪن ٿا. ادب جي جن سٽن ۾ به من جي مام ڇيڙي وڃي ٿي اهي هرزبان جو ٻول بنجي پون ٿيون ۽ جيڪو ٻول سٻول آهي سوهرماڻهوءَ جي دل کي ڇهي ٿو ۽ اهڙي ٻول سرجڻ جي خواهش پئداڪري ٿو. دليپ جيڪو پاڻ کي ننڍڙي وهيءَ ۾ الائي ڇو دوشي سڏائي ٿو، تنهن به پنهنجي ڪالمن جي مجموعي جو نالو اياز جي شعرمان کڻي رکيو آهي. اهو ٻول ”تون چئو نه ڪُڇان....!“ سماج جي جمود کي للڪاري ٿو ۽ سماج جي سينواريل پاسن جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ ان دوران کيس جيڪي ڏکيائيون سُجهن پيون انهن کي ئي مخاطب ٿيندي هو پنهنجي من جي ڳالهه جي منهن ۾ اهڙو ٻول ڏي ٿو. دليپ به سماج ۾ ٿيندڙ دوش ڏسي، قلم کنيو ۽ پنهنجي من جي ڳالهه چئي ويٺو جيڪاڪنهن نه ڪنهن اخبار۾ ان وقت ڇپجي پڙهندڙن تائين به پهتي هوندي. ڪتاب بابت لکڻ کان اڳ اچو ته اخباري ڪالمن بابت ڪجهه ڳالهه ٻولهه ڪريون ۽ انهن جي ڪارج بابت ٻه چارڳالهيون ڪريون.
    اخبارون هڪڙو وسيع ميڊياآهن جن ۾ پيشي وراڻه صحافين سان گڏوگڏ سيکڙاٽ لکندڙ به لکن ٿا ته ناليوارااديب به پنهنجي لکڻين کي عوام تائين اخباروسيلي پهچائين ٿا. شروع ۾ اخبار۾ لکڻ صحافين تائين محدود هو يا وري انهن جا خاطو پنهنجا مراسلا ڇپائينداهئا. اخبارن جي سموري وايو منڊل ۾ اسان وٽ جيڪا تبديلي آئي تنهن پويان مزاحمتي ادب جي پٺڀرائي جهڪي ٿيڻ هو. ٿيو ڇا جو دنيا ۾ جيستائين ٻه ڌُڙا هئا ته هڪڙو سرمائيواد جو سرواڻ هو ته ٻي ڌر ان جي نقاد هئي جنهن کي کاٻي ڌُر جي حمايت حاصل هوندي هئي. بازارپنهنجي ڪارستاني ۽ ڌرين جي ڪرتوتن جي ڪيتي کي بنياد بنائي ساڄي کاٻي کي هڪ ڪري ڇڏيو ۽ مزاحمتي ڌر ميدان ۾ اڪيلي ٿي پيئي، جيئن ڀٽائيءَ چيو آهي ؛
    جه سي لوڙائو ٿيا، جني ڀر رهن،
    مارو منجهه ٿرن، رهي رهنداڪيترو
    ايئن اهو سمورو لڏو ٻن رخن ۾ وهي ويو. ڪي ماڻهو اخباري دنياڏانهن هلياويا ته ڪي وري غيرسرڪاري تنظيمن ڏانهن هليا ويا جن ۾ خاص طور حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ تنظيمون هيون. اهڙي طرح مزاحمت واروادب ادب مان ڦري صحافت جي دريءَ مان اچي نڪتو ۽ سنڌ ۾ 90 جي ڏهاڪي کان اخبارن به اچي زورورتو آهي. سڀئي مشهور ليکڪ به پنهنجي من جي ڳالهه کي اخبارن جي صفحن تائين کڻي آيا. اهو لاڙو ويراويروڌ آهي. ڪافي وڏانالا اخبارن جا ملازم به ٿيا. ان سموري قصي پويان مکيه محرڪ ادب جو اهو مزاحمتي لاڙو آهي جيڪو غريبن ۽ هيڻن طبقن جي نمائندگي ڪري ٿو يا وري سماج ۾ موجود ڏاڍاين تان پردو کڻي ٿو. اخبارن جو دائرو جيئن ته وسيع آهي ۽ هرڪا ڳالهه هزارين ماڻهن تائين پهچي ٿي تنهنڪري لکندڙن کي هڪڙو سڪون محسوس ٿو ٿئي ته سندن ڳالهه گهڻن ماڻهن تائين پهتي هوندي جن ۾ وس وارابه شامل هوندا. متان ڪنهنجي ڪن تي ڪا جون سُري ۽ ڪنهن غريب جو ڪم ٿي وڃي.
    دليپ دوشيءَ کي به پنهنجي اندرجي بي چين انسان وهڻ نه ڏنو ۽ هن به جڏهن پنهنجي اڳيان سماج ۾ هڪڙو انياءَ وارو ماحول هرهنڌ ڏٺو، جابجا مومل جي ڪاڪ محل جهڙامنڊيل منڊ ڏٺا، معصوم حياتين کي هوس جو کاڄ ٿيندي ڏٺو، سماجي خدمتگاريءَ جي نالي ۾ سماجي ڦرلٽ ڏٺي ته سندس مضطرب دل کان ماٺ نه ٿي ۽ اها انهن سماجي انيائن ۽ انريتين خلاف قلم کڻي سينو سپرڪري ميدان ۾ لهي پيئي ۽ دليپ کان ههڙاڀلوڙ ڪالم لکرايائين. دليپ شاعرهئڻ جي ناتي سان ڏاڍو ٽاڪئين دل رکندڙ ماڻهو ۽ وري جڏهن هن پنهنجي زندگيءَ ۾ سماجي بيواجبين ۽ ننڍ وڏاين کي ويجهي کان ڏسي ٿو ته پوءِ سندس قلم مارو لوڪن جي درد جو علم ٿي بيهي رهي ٿو ۽ ڏاڍ کي اکيون ڏيکاريندي، ”تون چئو نه ڪُڇان“ جهڙي جرئت ڀري سٽ کي پنهنجي لکتن مٿان ڇپرڇانو طوررکي، پيارجو هي پورهيو ٿرکي ۽ هن کي ارپي ٿو.
    هن ڪالم ڪتاب ۾ مختلف عنوانن سان ٽيهن کان وڌيڪ ليک آهن جن جا عنوان ته جداجداآهن پر سڀني جو محور درد آهي، درد ئي آهي جيڪو ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان هڪڙي ڏوري ۾ پروئي ٿو. دردجو رشتو انسانيت جو رشتو آهي. اياز گل جي ٻولن ۾؛
    ڏک جي نه پُڄاڻي آهي
    هرشخص ڪهاڻي آهي
    هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون آهن جيڪي اندرجون واڻيون آهن ۽ عنوانن مان ئي ظاهر ٿئي ٿو ته اندرجو آواز ڀلي ڪچو ڦڪو نڪري پراهو اثرضرور ڇڏيندو. اهي عنوان ڪٿان کان کنيل به آهن ته ڪجهه سرناما ليکڪ جا پنهنجا گهڙيل آهن. ڪافي عنوان شاعراڻا به آهن يا شاعريءَ جون سٽون آهن. ڪالمن ۾ پيارڪرڻ، پيارڪندي نوجوانن جو ڀٽڪڻ، انسانن جو اشرف المخلوق هئڻ باوجود ڪاري ڪاريءَ جهڙا ڪُڌاڪم ڪرڻ، سنڌ ۽ پنجاب جي حڪمرانيءَ جي ڀيٽ، اين جي اوز، مائيڪروڪريڊ ٽ، تعليم صحت، سماج سُڌارڪ جي نالي ۾ عياشي، ٿرجي معدني دولت، مٺي شهر، ساحلي علائقو،معصوم ٻارن سان ٿيندڙ ڏاڍايون ۽ معصوم نياڻين جي درد ڪٿا، پاڻي، ڏڪار، آفت زدگي، سماجي ڏڻ ۽ برسات جو مختلف تناظرن ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي. ليکڪ جي قلم هرهنڌ ڪوشش ڪئي آهي ته سماج جي اهڙن پاسن تي تنقيد ڪئي وڃي جيڪي نظرهڪڙي صورت ٿااچن ته اصليت ٻي اٿن. هو جڏهن تعليم ۽ صحت جي صورتحال خراب ڏسي ٿو ته مٺيءَ جي اسپتال تي به لکي ٿو ڇڏي. ڏڪار ۽ آفت زدگي لاءِ به تنقيدي نقطي نگاه سان لکندي تجويزون ڏئي ٿو. معصوم نياڻين جي ڳالهه ڪندي ليکڪ نسيما لٻاڻو، ڪستوري ڪولهڻ، ذليخان لغاري، پروين مڱڻهار، عاصمه کنڊ جا مثال ڏئي ٿو جيڪي ان دور جا وڏاواقعا هئا. پر جڏهن ساحلي پٽيءَ جي چاچي جي لڙڪن هاڻين اکين جو ذڪر ٿو ڪري ته لڳي ٿو ته قلم جهلڻ جي درست فرض ادائي ٿي رهي آهي يا ڀوڄاسرجي مجني جي ڪهاڻي جيڪا نانگ ڏنگئي جي انهن سڀني مريضن جي ڪهاڻي آهي جيڪي پن لڳڻ کانپوءِ غربت جي ڪري اسپتال تائين پهچي نٿا سگهن يا وري کين مهانگي سُئي ميسر نٿي ٿئي. انهن موضوعن کي ڇهندي هو غيرسرڪاري تنظيمن ۽ انهن جي بيوروڪريسيءَ بابت ڳالهائي ٿو ته انهن جي شاهاڻي ٺٽ ۽ انهن جي اڳواڻن پاران ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي، سماجي تبديليءَ جي باري ۾ سهانا خواب ڏيکاري، قرض جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسائي مسڪين ماڻهن کي ٺڳڻ جي ڪاري ڪاروبار جي ڳالهه ڪري ٿو. ٿر جي معدنيات جي به ڳالهه ڪري ٿو. جتي به تنقيد ڪري ٿو ته اين جي او جو نالو کڻي، انهن جي اڳواڻن جي نشاندهي ڪندي، سندن پرڪارپڌراڪري ٿو.ڪن اين جي اوز جي انگن اکرن کي بنياد بنائي وري ٻارن سان ٿيندڙ زيادتين، جنسي طور هراسان ڪرڻ ۽ پاڻيءَ بابت قلم کڻي ٿو. قرض بابت ڳالهه ڪندي لکي ٿو ته ”اهڙو ڪوئي ڌنڌو ناهي جيڪو 10،000 مان 2500 رپيا بچائي سگهي.“
    جهڙو ڪوئي سماج هوندو آهي، ان جا مونجهارابه اهڙائي هونداآهن. اسان جي سماج ۾ جيڪي بحران نظراچن ٿا، انهن سڀني بحرانن جا پير سيا ست جي اداري ڏانهن وڃن ٿا. سياست سماج جو موڀي پٽ آهي جنهن کي سماج جي سرواڻي ڪرڻي آهي ۽ ٻيااداراانهي رفتار سان هلندا ۽ سڀني ادارن ۾ اڳواڻ جواولڙو نظرايندو. سياست ۽ اڳواڻيءَ جو بحران سڄي دنيا ۾ آهي پر اسان جهڙن غريب ملڪن ۾ اهو بحران انتهائي پيچيده آهي. سياست جي ميدان ۾ خال ڏسي الائي ڪيترا، کمون، خانو به ورکنجي لهي پياآهن پر تريءَ تيل نه پيو چڙهي. اهڙي طرح سماج جا ادارا به اهائي تصويرپيش ڪنداآهن جيڪو اڳواڻن جو عڪس هوندو آهي. اسان جي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي حالت ڪنهن کان لڪل ناهي. سرڪاري ادارن ۾ ته سفارش واري ڳالهه نئين ناهي پر انهن اين جي اوز به وسان گهٽايو ناهي. اتي وري سفارش کي ريفرنس جي نالي جي رومال ۾ ويڙهي ڪتب آندو وڃي ٿو. غريب ماڻهوءَ جي ته مٿاهن عهدن تي جاءِ ئي ناهي پر وچولي سطح جون جايون به تعلقات جي بنياد تي ڀريون وڃن ٿيون. ميڊيا به انهي سماج جو حصو آهي ۽ اهو پنهنجي ابتدائي ٻرانگهون ڀري، ڪنهن اداري جي صورت اختيارڪرڻ ڏانهن وڌي رهيو آهي. دليپ جا هي ڪالم اجهل جذبي لاءِ لکيل اخبارجو پيٽ ڀريندڙليک آهن تنهنڪري انهن جي زبان به اخباري آهي ۽ اخباري زبان اهڙو ڪاڪٽيل آهي جنهن ۾ زبان جا سموراچسڪا گڏجن ٿا ۽ انهن چسڪن تي جڏهن لکاري هري وڃي ٿو ته پوءِ هو انهي مان نڪري ئي نٿو. مٿان وري اسان اهڙي سماج ۾ رهون ٿا جتي اسان جي ٻولي نه ڄاڻ ڪيترن واڳن جي وچ ۾ آهي. لکت پنهنجي پاڻ ۾ به حسن تخليق آهي تنهنڪري اها سداملوڪ هئڻ گهرجي. پر دليپ هي سڀئي ڪالم اهڙي جذبي سان ۽ ننڍڙيءَ وهيءَ ۾ لکيا آهن، تنهنڪري هي سندس پيار جو پورهيو آهي.
    هي دور جنهن ۾ چاپلوسي کي حڪمت عملي ۽ چالاڪي کي عقلمندي سمجهندي، ماڻهو ڪيترن ئي انساني قدرن جي ليڪن کي لتاڙين ٿا ۽ مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هرڪم کي دُرست سمجهيو وڃي ٿو، اتي ڪو پنهنجي من جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ غلط جي نشاندهي ڪري ٿو ته اهو جس لهي. اميد ته من ۾ محبت پائي، دليپ پاران ڪيل رنڍاروڙ نه رڳو مقبوليت ماڻيندي پر سندس ”جيڏن“ ۽ ”سرتن“ ۾ لکڻ لاءِ هڪڙو ريچڪ پيداڪندي ۽ اهي به لکڻ لڳندا ته دليپ به لکندو رهندو ايئن اسان کي پڙهن لاءِ سُٺو مواد ملندو رهندو ۽ چٽاڀيٽيءَ جي انهي ماحول ۾ سنڌي صحافت، ادب، ٻولي ۽ سماج جي خدمت به ٿيندي رهندي.

    - نوراحمد جنجهي
    جنجهي هائوس،
    ڌرماڻي ڪالوني، مٺي ٿرپارڪر


    هن ٺهي سنڀري ناهي لکيو

    هو پنهنجي آئوٽ لڪ پيڪنگ مان اوهان کي اهڙو ئي شهري ڇوڪرو لڳندو جهڙا شهري برگر ڇوڪرا هوندا آهن. انهي جو هڪڙو ئي وڏو سبب آهي ته شهري گهر ۾ پليو وڏو ٿيو آهي. ايئن سمجهو ته هن ڪتاب پڙهڻ کان اڳ ۾ هن سان منهنجي ڪا به ملاقات ناهي. عليڪ سليڪ هٿ ملائڻ تائين رهي آهي. هي ڪتاب پڙهڻ کان اڳ ۾ هن لئه منهنجي ذهن ۾ جيڪو خاڪو هو. اهو هڪڙي شهري ڇوڪري وارو ئي هو. پر هن ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ هن جي دل ۽ دماغ وارو ڇوڪرو منهنجي سامهون ڪنهن ٻي شڪل ۾ ظاهر ٿيو آهي. هن جو ڪتاب پڙهڻ کان اڳ ۾ ذهن ۾ هو ته هن جي ڪتاب ۾ اهڙا ته هندي جا اکر ٽنبيل هوندا جو خيال کان وڌيڪ ۽ ڳالهه کان وڌيڪ انهن لفظن کي سمجهڻ ڏکيو هوندو يا ائين کڻي سمجهو ته اهي هندي جا ڏکيا اکر خيال کي ئي گم ڪري ڇڏيندا. پر هي ڪتاب پڙهندي جيڪو صاف سولي ۽ سادي سنڌي ٻولي استعمال ڪئي وئي آهي. انهي تي آئون پاڻ به حيران آهيان.
    ٻي ڳالهه جيڪا منهنجي ذهن ۾ هئي ته هن جي لکڻ ۾ ايئن برگر ڇوڪرن واريون ڳالهيون هونديون. محبت اها به اهين سمجهو ته فيلنگس کان آجي جسم واري ڪشش توڙي جو پاڻ محبت ۾ جسم جي ڪشش کي رد ناهيون ڪندا. انهي ڪري جو محبت کان سواءِ جسم جي ڪابه اهميت ناهي هوندي. محبت ئي جسم جي اهميت پئدا ڪري ٿي. پر پوءِ پڙهيم ته اهين به نه هو. سو پڙهڻ کان اڳ ۾ ڪيل سموريون اڳ ڪٿيون ڌوڙ ٿي ويون.
    هاڻ جڏهن اهي سموريون اڳ ڪٿيون ڌوڙ ئي ٿي ويون آهن. ته اچون ٿا سڌو جو سڌو هن جي ڪتاب تي جنهن جو هن نالو رکيو آهي. ”تون چئو مَ ڪڇان“ هي ڪتاب اخباري ڪالمن جو مجموعو آهي. هن جو پهرين مضمون ”پيار پناهون ۽ ڇانورا “ هن مضمون کي جيترو آئون سمجهي سگهيو آهيان. انهي ۾ هو محبت کي پويتر تڏهن ٿو سمجهي جڏهن هن ۾ جسم جي خواهش نه هجي. هو جسم جي ايترو حق ۾ ناهي. اها هن جي خواهش آهي. فيلنگ آهي يا سنڌي سماج جو اثر اهو هن کي طئه ڪرڻو آهي. اهي لفظ اهي خيال ڪٿان اٻڙو ڏئي نڪتا آهن. پر انهي ئي مضمون ۾ جڏهن هو رانگ نمبرن تان شروع ٿيل محبت جو ذڪر ڪري ٿو ته مونکي ڪنهن حد تائين تعجب ضرور ٿئي ٿو. اها محبت آهي فلرٽ آهي يا مرڳو ماڻهو جي اندر جي ڪا محرومي آهي. انهي مضمون ۾ هو انهن موبائيل ڪمپنين تي به ڳالهائي ٿو جيڪي سستا ميسيج پيڪيج ڏين ٿيون. جن پيڪيجن جي ڪري خوبصورت ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا پنهنجي دل جو ڌڙڪو وڌائيندا رهن ٿا. هي سمورو مضمون محبت جي فيلنگس تي آهي. انهي مضمون ۾ هڪڙي باڪمال تشبيهه به آهي جملو ڏسو ”پيار ته ٿر جي سڪل واري تي ڪرندڙ برسات جي هڪ هڪ بوند جو نالو آهي “
    انهي ليک کانپوءِ ٻيو ليک هن ڪتاب جي نالي وارو ليک آهي ” تون چئو مَ ڪڇان “ هن ليک جي شروعات اهين ٿي ٿئي ته ڄڻ ڪو اهڙو ماڻهو هجي جيڪو پنهنجي اندر ۾ ايترو حساس هجي جو هن جو روز جي اخبارن جي پهرئين صفحي تي ڪنهن بيمار ٻاڙي جي تصوير ڪنهن بم ڌماڪي ۾ مري ويل ماڻهن جا بي ترتيب پيل جسم جا عضوا هن جي سڄي اندر کي ڌوڏي ڇڏين ٿا. پوءِ هو پنهنجي پاڻ سان هم ڪلامي ڪري ٿو. محسوس ڪرائي ٿو.
    هن جا گهڻا ليک مصنوعي گهٽ ٿا لڳن. جئين اڪثر ليکڪ ٺهي سنڀري ويهندا آهن ته هاڻ ڪجهه لکجي. پوءِ هو پنهنجي ذهن سان جبر ڪندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ليکڪ وري اهڙيون آڏيون ابتيون تشبيهه ڏيندا آهن. اهو مصنوعي هونديون آهن. پر هن جا ليک پنهنجي دماغ تي ڪيل جبر ناهن. پر هن جا ليک پڙهندي اهين ٿو محسوس ٿئي. ڪا اڻ وڻندڙ واقعو ڪا اڻ وڻندڙ عمل هن اکين سان نه صرف ڏٺو آهي پر محسوس ڪيو آهي. انهي جي ري ايڪشن ۾ هن جيڪو ۽ جئين محسوس ڪيو آهي. اهين پنن تي اوتار ڪئي. هي هن جي پنهنجي اند ر جي ولوڙ آهي. اڳتي هلي هن مٺي شهر تي لکيو آهي. جڏهن هن جو اهو ليک مون پڙهيو پئي. ته منهنجي ذهن ۾ مٺي جا صبوح به هئا. ته شامون ۽ راتيون به اهي صبوح جيڏي مهل مٺي جي مندرن جا گهنڊ وڄندا آهن. اهي صبح جيڏي مهل شهر جون پوڙهيون عورتون ننَگري جي پوڄا لئه پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ ڏارو کڻي وڃي ماڪوڙين جي قطار تي اڇلينديون آهن. اهي صبوح جنهن ۾ ڍڳين کي ڳوهيل اٽي جا پيڙا کارايا ويندا آهن. اهي صبوح جنهن ۾ اسڪول ويندڙ ٻارڙن سان گهٽيون ڀريل هونديون آهن. انهي ريتيون جنهن ۾ مٺي جي ٿلهن تي ڪچهريون هونديون آهن. بس اهي سڀ اميج منهنجي ذهن جي اسڪرين تي گهمڻ لڳا.
    انهي کان اڳتي هن جواني تي لکيو آهي. جواني جيڪا زندگي جي مک آهي. جواني جنهن ۾ حسن جو حيا به هجي ٿو ته. ........ هن انهي تي لکيو آهي. شاگرد سياست ۽ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ ڳاڙهن ڳڀرن جي ڳالهه به هن جي ليکن ۾ آهي. هن جون لکڻيون پڙهندي هو اهڙي آئيڊيل سنڌ ڏسڻ جو خواهشمند آهي. جنهن ۾ سنڌ جا ادارا صرف بهتر کان بهتر تعليم ڏيڻ جا مرڪز هجن. اڳتي هلي هو ڳوٺ ورڻ جي ڳالهه به ڪري ٿو اوڏي مهل هو اهين ٿو ڳالهائي ڄڻ ڪنهن اجگر شهر ۾ ويٺو هجي. جتي اسٽريٽ ڪرائيم هجي. هڪڙي ڊڦ ۾ ورتل ماڻهو هجن. اهي سڀ ڳالهيون ڪندي هو اين جي او جي ٽشو پيپر ڪاٽن ۽ سٺا پرفيوم ۽ ويل آرگنائيز هوٽلن ۾ ٿيندڙ سيمينار جي ڳالهه به ڪري ٿو انهن کي رد به ڪري. آئون هن جي ڳالهه سان قدرن اتفاق به رکان ٿو. ته هاڻ اين جي او وارو ڪم نفعي بخش ڪاروبار بڻجي ويو آهي. اهي ڳالهيون ڪندي جڏهن هو انهي سيڪٽر ۾ ٿر کي بهترين ادارو ڏيندڙ ماڻهو کي فرد سمجهي رد ڪري ٿو ته منهنجو ذهن اتي بيهه رهي ٿو. هن جي انهي ڪاوڙ جا ڪي سبب هوندا يا. ........اڳتي هلي هو مائيڪرو فنانس کي به رد ڪري ٿو. ته مونکي اهي شهري سيٺيون ذهن ۾ اچن ٿيون يا بئراج ۾ پيڊين جو ڪاروباذهن ۾ اچي ٿو.
    توڙي جو آئون هن جي انهن ڳالهين سان انهي ڪري متفق ناهيان. ... پر پوءِ به هن جو انهي جي پٺيان مقصد ٿر سان محبت آهي. مون جئين اڳي چيو ته هو جئين محسوس ڪري ٿو اهين لکي ٿو. هاڻ هن جي ڪتاب تي گهڻو ڳالهائي سگهجي ٿو، پر وري ٻي ڪنهن ڀيري. اسين ڀاڳ وارا به آهيون ته مٺي جي شهري ماحول ۾ اهڙو اهل دل ماڻهو به آهي. اڃان هن جو هي پهريون ڪتاب آهي، هن کي اڃان محنت ڪرڻي آهي. اڳتي وڃڻو آهي، دليل ڏيڻا آهن حوالا ڏيڻا آهن، ثبوت ڏيڻا آهن، پنهنجي ڳالهه کي انهي سان ثابت به ڪرڻو آهي ۽ اهو هي ڪري ويندو. هن جي پهرئين وک ڏاڍي ڀرپور آهي.


    - خالد ڪنڀار
    نهٽو مهراڻو، ٿر


    ڪالم

    پيار، پناهون، ڇانورا. . .

    پيار، پناهون، ڇانورا. . .

    پيار ۽ محبت جا لفظ ڪنهن لاءِ به اوپرا نه آهن، جو کڻي ان تي بحث ڪري سمجهائجي، ازل کان وٺي انسان حُسن پرست ۽ محبت پرست رهيو آهي ۽ هونئن به ڪنهن خوبصورت ۽ نفيس شيءَ کي خالق ڪائنات جو اَمُلهه نمونو سمجهي، چاهڻ هڪ فطري عمل آهي. اسان وٽ هتي هر ڪنهن کي ننڍي هوندي کان ئي ليليٰ مجنون، سهڻي ميهار، سسئي پنهون، هير رانجهي جا عشقيه داستان ڪنهن نه ڪنهن جي واتان ڪنهن ڪچهري يا ڪنهن ڳالهه جي مثال ڏيڻ تان ٻڌڻ ۾ ملي ٿا وڃن، جن پنهنجي پيار کي پوري پاڪيزگي ۽ سچائي سان نڀائڻ جا جتن ڪيا ۽ عشق جي تاريخ ۾ پيار جا اَمُلهه ڪردار بڻجي اَمر ٿي ويا. پيار ۽ محبت هڪ اهڙو نفيس، حساس ۽ پاڪ رشتو آهي، جنهن جي جيتري عبادت ڪجي اوتري گهٽ آهي، پنهنجي محبوب جي محبت ۽ عشق جي سِڪ جي ڇِڪ توهان کي هنن سٽن مان ئي ملي سگهي ٿي.
    میرے دل کی مسجد میں جب تیرے پیار کی اذان ہوتی ہے،
    میں اپنے ہی آنسوؤں سے وضو کرکے، تیری عبادت کرتا ہوں۔
    انهي ڳالهه کان ته ڪو انڪار ئي ناهي، ته محبت ڪيڏي مقدس ۽ پاڪ آهي، جيئن پوڄا جي ٿالهي ۾ رکيل ڪنهن گُل مثل يا ڪارونجهر جي مور پکي جهڙي يا ماڪ ڦڙن جهڙي پويتر. ها اها محبت ئي ته آهي جيڪا ماڻهو کي انسان ٿي ٺاهي ۽ هن جي اندر ۾ نفيس پڻو پيدا ٿي ڪري ۽ ٻين لاءِ پيار، پريت جا پيچرا ٿي ٺاهي.

    پر جيڪا ڳالهه مون کي لکڻ تي مجبور ڪري رهي آهي اها آهي اڄ جي نوجوانن جي محبت، جيڪا دائمي ناهي، جيڪي پيار جي پيچري تي سينو تاڻي سفر ته ڪن ٿا، پر وچ رستي ۾ ئي ٿڪجي ٿا وڃن يا بغير منزل پائڻ جي ئي ڀٽڪي ٿا پون. اڄ جو نوجوان جنهن جي محبت موبائل تي رانگ نمبر کان شروع ٿي فلرٽ کان ٿيندي رات دير تائين جي ڊگهين ڪچهرين تي دنگ ڪري ٿي. اڄ جو نوجوان پوءِ اهو ڇوڪرو هجي يا ڇوڪري بس موبائل فون تي هڪ ٻئي کي اڻ ڏٺي ئي پيار جو پروپوز (اظهار) ڪري راتين جو دير تائين فون تي ڪنهن اجنبي پريمي سان پيار جون لاتون لوندي، اسر ويلي ننڊ جي آغوش ۾ گُم ٿي وڃن ٿا ۽ صبح جو ننڊاکڙيل نيڻن سان جاڳن ٿا ته ڪجهه دير کان پوءِ وري ايس ايم ايس جي دنيا ۾ گُم ٿي وڃن ٿا، جنهن ڪارڻ سندس پڙهائي، پئسو، صحت ۽ مستقبل برباد ٿي رهيو هوندو آهي، پر انهي سڄي صورتحال کان بي نياز جذبابي جوان پنهنجي مستي ۾ مست رهن ٿا. اڄ جو پڙهيل نوجوان جنهن جي ڪلهن تي ملڪ جي مستقبل جو بار آهي، اهو موبائل فون ذريعي هڪ ٻئي جي هٿان غلطي ۽ دوکي جو شڪار ڪيئن ٿو ٿي وڃي، اها ڳالهه منهنجي سمجهه ۾ ئي نه ٿي اچي.
    مختلف ڪمپين طرفان سستن ايس ايم ايس پيڪيجن ۽ گهٽ ريٽ تي ٿيندڙ ڪالز اڄ جي نوجوانن ۾ گندگي جي جيڪا آبياري ڪئي آهي، سا انتهائي ناقابل برداشت ٿيندي پيئي وڃي. سستوايس ايم ايس ته اڄ جي شاگرد ۽ بي روزگار نوجوان لاءِ ڄڻ ڪنهن نعمت برابر آهي، اهي ڪجهه پسئي جي سستي ايس ايم ايس تي مختلف رانگ نمبرن تي ڪوشش ڪن ٿا، جنهن مان ڪنهن نه ڪنهن نمبر تي سندس لاءِ تفريح ۽ ٽائيم پاس جوسامان مهيا ٿي وڃي ٿو، پوءِ اها ڪوشش صرف ڇوڪرا نٿا ڪن ڇوڪريون به ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي انهي ڊوڙ ۾ برابر جون شريڪ هجن ٿيون. هڪ ٻئي کي چِيٽ ڪرڻ جي غرض سان شروع ٿيل انهي مشغلي ۾ بغير ڏٺي وائٺي ڪو ڪنهن سان دل اٽڪائي ٿو ويهي ته ڪو ڪنهن تي فدا ٿي ٿو وڃي ۽ پوءِ شروع ٿئي ٿي اصل ڪٿا. جيڪا حال احوالن کان شروع ٿي، واعدن، وچنن کان ٿيندي ملاقاتن تائين پهچي ٿي ۽ پوءِ اهي ملاقاتون مصنوعي پيار جي پيچرن تان ٿينديون گهر جي چائنٺ اورانگهڻ تي دڳ ڪن ٿيون. ڪجهه ڏينهن جي ڏيکا سيکي، اخبارن جي پبليسِٽي ۽ هٿرادو پيار جي حاصلات اسان جي نوجوانن جي اکين تي انڌڪار جي پٽي ٻڌي ٿي ڇڏي، جنهن ڪارڻ نه هُو رشتن جي لڄ رکن ٿا ۽ نه ئي مائٽن جي عزت جو خيال ڪن ٿا، هُو نه معاشري جي اصولن جي پاسداري ڪن ٿا ۽ نه وري ماڻهپي جو دڳ وٺن ٿا. بس هُو صرف چار ڏينهن جي شروع ٿيل پيار کي ماڻڻ لاءِ جوش ۾ اچي سڀ قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ اهي ساڳيا ئي نوجوان جوڙا پيار جا جذبات ماٺا ٿيڻ کان پوءِ نفرتن جا ٻج ڇٽيندي نظر اچن ٿا ۽ انهن جون چار ڏينهن جو چاهتون طلاقن تي اچي دڳ ڪن ٿيون.
    آئون انهي ڳالهه کان به انڪاري ناهيان ته انسان کي پيار ئي نه ڪرڻ گهرجي، پيار کان بغير ته انسان ڪنهن پٿر مثل هجي ٿو، پيار ته انسان ۾ احساس ۽ نفيس پڻو پيدا ڪري ٿو، جيئڻ جا گس ڏيکاري ٿو، ماڻهپو پيدا ڪري ٿو، پيار ته هڪ انسان جي دل ۾ ٻيءَ انسان لاءِ پيدا ٿيندڙ احساس جو نالو آهي جيڪو ماڪ ڦڙن کان به شفاف ۽ پويتر آهي، جنهن کي وجود جي نه پر آتما جي ضرورت هجي ٿي. پيار ته پنهنجي محبوب کي من جي مندر ۾ سمائي ان جي پوجا ڪرڻ جو نالو آهي، پيار ته ٿر جي سڪل واري تي پوندڙ برسات جي هڪ هڪ بوند جو نالو آهي، جنهن جي پوڻ سان وشال ٿر جي ڌرتي تي مرڪن جا رابيل ٽڙن ٿا، پيار ته انهي پوجا جي ٿالهي مثل آهي جنهن کي پوڄارڻ انتهائي عقيدت سان سينگاريندي آهي، ها پيار ته انهي سڪ ۽ ڇڪ جو نالو آهي، جنهن لاءِ ڀٽائي سائين فرمايو آهي.
    ڳولهيان ڳولهيان مَ لهان، شال مَ ملان هوت،
    مـــــن انــدر جي لـــــوچ، ملـــڻ سـان مــاٺي ٿئي.
    پر اڄ ڪلهه جي نوجوانن جي انهي طريقي جي پيار ڪرڻ جو گهٽ ۾ گهٽ آئون حامي ناهيان، جنهن سان معصوم نياڻين کي خوبصورت شاعري ۽ لفاظي سان حوس خاطر پيار جي حسين دنيا جا ڪوڙا سپنا ڏيکاري پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي، کيس چاهت جا ڪوڙا دلاسا ڏيئي، زندگي ڀر ساٿ نڀائڻ جا ڪوڙا وعدا وچن ڪري سندس زندگيون برباد ڪرڻ جي اهڙي روش مون سميت هر انهي اهل دل انسان لاءِ قابل قبول ناهي، جيڪو سيني ۾ ڌڙڪندڙ نفيس دل ٿو رکي ۽ جنهن وٽ پيار جا اعليٰ قدر آهن، جيڪو پيار کي ٻن جسمن جي ميلاپ کان گهڻو بالاتر ٿو سمجهي. حقيقي سڪ ۽ محبت جيڪا پنهنجي پيار ۽ پريت کي ماڻڻ لاءِ هجڻ گهرجي نه ڪي هوس ۽ جسمن جي حاصلات لاءِ!
    (روزانه مقدمو، ڪراچي،
    2 سيپٽمبر 2009)


    تُـون چـئو مَ ڪـڇـان. ..

    تُـون چـئو مَ ڪـڇـان. ..

    روز صبح جو ناشتي دوران اخبار پڙهڻ منهنجي ڪمزوري آهي. صبح ويلي اخبار ۾ رت هاڻيون تصويرون، ظلم، جبر، ڏاڍ، ڏمر ۽ زيادتين جون خبرون پڙهي هاڻي ته ڇِرڪ به نه ٿو نڪري. شايد اسان جي حواسن اسان جي سماج جي ڪُريتن تي اِمپريشن ڏيکارڻ به هاڻي ڇڏي ڏنو اٿن. عام طرح ٿيندو ئي ائين آهي، جو هر ماڻهو اڌ ڪلاڪ کن بعد سمورن واقعن ۽ حادثن کي وساري پنهنجي ڪم ڪار ۾ مصروف ٿي ٿو وڃي. پر اهو ڪڏهن ڪنهن شايد ئي سوچيو هجي ته جنهن سان ۽ جتي اهي حادثا ۽ واقعا پيش اچن ٿا، اُتي جي ماڻهن جي ڪيفيت ڇا هوندي؟ متاثر خاندان، اوڙي پاڙي ۽ شهر جي صورتحال ڇا هوندي؟ ڇو جو انهي هڪ فرد جي حياتي ۽ ان سان سلهاڙيل اهي سموريون حياتيون هونديون آهن، جن جو دارو مدار ئي انهي حادثي جي شڪار ٿيل فرد تي هجي ٿو. هر روز اهڙا ڪيترا ڀيانڪ واقعا پيش اچن ٿا، جن جو شڪار معاشري جا اهي فرد ٿين ٿا، جن جي وڃڻ کان پوءِ ڪيترين ئي سهاڳڻين جي سينڌن جا سندور بي رنگ ٿي وڃن ٿا. چوٽيءَ جا ڦل اڦانگا ٿي وڃن ٿا. ڪيترا معصوم ۽ ابهم ٻارڙا يتيم ٿي وڃن ٿا، ڪيترين ڀينرن جا ڀائر ۽ ٻڍڙن والدين جي حياتيءَ جا سهارا به اهڙن حادثن جي ور چڙهي ٿا وڃن.
    انسان ته آهي ئي عقل ڪُل، جو کيس اشرف المخلوقات جو درجو عطا ٿيل آهي. کيس سجدو نه ڪرڻ تي الله تعاليٰ پنهنجي فرشتي کي به تڙي ڇڏيائين، جنهن کي هيڏو سارو مرتبو مليل هو. انسان لاءِ چيو ويندو آهي ته هو محبت جو درس ڏيندڙ آهي. پر اڄ جو انسان اهڙو ڪٺور ۽ ظالم ڇو ٿي پيو آهي، جو هڪ انسان ٻئي جون خوشيون ضبط ڪرڻ لاءِ هر وقت ڪوشان آهي. هڪ انسان کان ٻئي جي خوشي ۽ ڪاميابي برداشت الائي ڇو نٿي ٿئي. هُو مُرڪن تي ڌاڙو هڻڻ لاءِ هر وقت سازشن جا محل جوڙيندو ٿو وتي. پوءِ ڪڏهن ڪاروڪاريءَ جي ڪُڌي رسم جي آڙ ۾، ته ڪڏهن وري مال ملڪيت يا زمينون پنهنجي نالي ڪرڻ لاءِ عزت نفس جو بهانو بڻائي، انساني جسمن کي ڳڀا ڳڀا ٿو ڪري، ته ڪڏهن وري معصوم حياتيون محبت ڪرڻ جي جرم ۾، ته ڪڏهن وري معصوم ڀيڻون پنهنجي پيار جي وک وڌائيندي، اناپرست ڀائرن هٿان تيز ڪهاڙين کي پنهنجي رت جو ريج ڏين ٿيون. سنڌ ۾ انهن سڀني رسمن کي جرڳا ڪوٺائي، هلڪي ڦلڪي ڏوهه ڏنڊ عيوض خون معاف ٿي وڃن ٿا. پر اهي جرڳا ڪندڙ، سڱ چٽيون هڻندڙ وڏيرا ڀوتار، پنهنجي سياست کي چمڪائيندڙ ۽ کيسا گرم ڪندڙ به ان ٿيندڙ ظلمن ۾ برابر جا شريڪ هوندا آهن، جن جو گذر سفر ۽ عيش عشرت جا خرچ اهڙن ڪمن عيوض پورا ٿين ٿا.
    ڪڏهن ٻڌون ٿا ته فلاڻي واپاريءَ کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا، ڪڏهن ٻڌون ٿا ته معصوم نياڻيون بي رحم ۽ وحشي درندن جي حوس جو شڪار ٿيون. ڪڏهن ٻڌون ٿا ته ڀُنگ جا پئسا نه ملڻ تي رت هاڻا لاش مليا، ته ڪڏهن ٻڌون ٿا ڏينهن ڏٺي جو مسافرن سان ڀريل بسون ڦرجن ٿيون، ته ڪڏهن ٻڌون ٿا ته ڪراچيءَ مان امن جو پکي اڏامي ويو، يا ڦٿڪائي ڦٿڪائي ماريو ويو. روزانو ڪيترا معصوم انسان بي رحم درندن جي گولين جو بَک بڻجن ٿا. بيحسيءَ جي حد ته اها آهي جو سرعام ٿيندڙ اغوا، قتل، ڦرون، ڌاڙا اڄ به پنهنجي عروج تي آهن، پر اسان جي وزيرن ۽ مشيرن جا اهي بيان ته، سنڌ سڄي امن لڳي پئي آهي. شينهن ٻڪري هڪڙي ئي گهاٽ تي پاڻي پي رهيا آهن. اهڙي واويلا حڪومت ۽ سندس اتحاد کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ئي چئبي. هاڻي ڪنهن زيادتيءَ تي چپ چورڻ تي به جيڪر انصاف جي بدلي اهي تهمتون لڳن ته غربت ۽ ظلم جو ماريل عوام وڃي ته ڪيڏانهن؟ بس انهيءَ سڄي صورتحال تي ننڍي کنڊ جي مهان ڪوي شيخ اياز جون اهي سٽون ئي اظهار لاءِ همٿائين ٿيون:
    تون چئو نه ڪڇان، تون چئو نه َ لُڇان، پر تو کان هڪڙي ڳالهه پُڇان،
    تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين، اعلان هزارين مان نه رڳو.
    هڪ طرف پنجاب جو وڏو وزير آهي، جنهن جي مرڪز ۾ حڪومت به ناهي، پر اتي جي عوام کي رليف مهيا ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڏنو اٿائين. هو باقاعدگيءَ سان مختلف ادارن جا اوچتا دورا ڪري، وزيرن ۽ ڪامورن جي ڪارڪردگي ڏسي ٿو. ٿورڙي ڪوتاهي يا نااهلي به برداشت نٿو ڪري. ٽي وي تي ڏسندا آهيون ته پنجاب جي مختلف مسئلن تي هُو اتي جي عوام سان گڏ بيٺو هوندو آهي. پوءِ اهو پاڻيءَ جو مئسلو هجي، اٽي ۽ کنڊ جي کوٽ هجي، بجليءَ جو بحران هجي يا اين ايف سي اوارڊ هجي. پنجاب پنهنجي مؤقف تي سختيءَ سان عمل پيرا پئي رهيو آهي ۽ پنهنجي مؤقف تان هڪ انچ به پوئتي نه هٽيو آهي. ٻئي پاسي اسان جي سنڌ حڪومت آهي، جنهن پاران پاڻي کوٽ تي بيان ڏنو وڃي ٿو ته هن ڀيري پاڻيءَ جي ڏاڍي کوٽ هئي، پر الله سائين مهرباني ڪئي، جو برساتون جام وسي پيون. غريب ملازمن جي پگهارن تي حڪومت چوي ٿي ته اسان وٽ پئسا ناهن، جو اسان پگهارون وڌايون، پر هن ڀيري جي بجيٽ ۾ وزيرن ۽ مشيرن لاءِ ڪروڙن روپين جي نين گاڏين لاءِ پئسا رکيا ويا آهن. صرف ٿرپارڪر ضلعي لاءِ گاڏين جي خريداريءَ لاءِ ڪروڙين روپيا مختص ڪيا ويا آهن.
    پنجاب صوبي ۾ سستي مانيءَ جي مقابلي ۾ هتي سستو اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ ته ڪروڙين روپيا رکيا ويا، پر عوام کي صرف لٺيون مليون. کيسا وري به فلور ملز مالڪن جا ئي ڀراڻا ۽ عوام، جيڪو اڳي ئي سُورن جو ستايل آهي، تنهن سان وري اٽي جي معاملي تي هڪ نئين جٺ ڪئي وئي.
    18 فبروريءَ جي چونڊن کانپوءِ ماڻهن ۾ اها اميد جاڳي هئي ته هاڻي طويل آمريت کان پوءِ عوامي حڪومت ٺهي آهي. هاڻي اسان جي زخمن تي مرهم رکندي. اسان سان ٿيل ناانصافين جو حساب ٿيندو. اٽي، لٽي ۽ اجهي جو نعرو هڻندڙ هي عوامي حڪومت غريبن جا اهنج گهٽائڻ لاءِ ضرور ڪي جوڳا اُپاءَ وٺندي. هاڻي نوڪريون ملنديون، بک ۽ بيروزگاري گهٽبي. روزگار جا نوان وسيلا پيدا ڪيا ويندا. اٽي ۽ اجهي جو بندوبست ٿيندو وغيره وغيره، پر گذريل ٽن سالن جي هن حڪومتي ڪارڪردگي ته اڳين حڪومت جي به رهي سهي ڪسر پوري ڪري ڇڏي. عوامي حڪومت جي وزيرن جو غريب عوام سان غير منصفاڻو رويو ۽ ورتاءُ هاڻي آزاد ميڊيا جي ڪري ڪنهن کان ڳجهو ڪين رهيو آهي. جتي اٽي جي بدلي مار ملي، پيرسن ۽ ٻار اٽي جي لپ لاءِ لڇندا وتن، کين ڌڪيليو وڃي، عوام سان ظلمن جو ڪوبه تدارڪ نه ٿئي ته ماڻهن جا جذبا ۽ همدردي جمهوريت طرف ڪيئن ٿي ٿي سگهي، اهو هن جمهوري حڪومت کان عوام جو سوال آهي.


    مان ساڳيو سورن ۾. ..

    مان ساڳيو سورن ۾. ..

    ٿر، واديءَ مهراڻ جو اهو خطو آهي، جتي هميشه محرومين جو واسو رهي ٿو. بک، مفلسي ۽ ڏڪار ڏوٿيئڙن جو نصيب بڻيل هوندا آهن. بنيادي سهوليتن کان محروم هن خطي جو ڳوٺاڻو عوام هميشه سورن ڀري زندگي بسر ڪري ٿو. ڀٽائيءَ واري سٽ “مُٺ مٺ سور سڀ ڪهين، مون وٽ وٿاڻان” سندن حالات زندگيءَ تي سڌي ٿي ٺهڪي. سندن جذبن جي دردن جي دوا ڪرڻ وارو ڪير به ناهي. ڪنهن کي به هنن جي زخمن تي مرهم لڳائڻ جيتري فرصت ناهي. سياسي حڪومت توڙي غير سياسي تنظيمن (اين جي اوز) هميشه هن خطي کي غريبي ۽ مفلسيءَ جي نالي تي ڪيش ڪرائي پنهنجا فائدا پئي ورتا آهن، پر ٿر جي ڏتڙيل ماروئڙن جي حقيقي معنيٰ ۾ تمام گهٽ سار لڌي وئي آهي. غريب عوام آخر ڪنهن در دانهڙي ڏئي.
    خبر ناهي تعليم جي نالي تي ڪروڙين روپين جا فنڊ ڪهڙن خوشنصيب کيسن ۾ ٿا وڃن يا ڪهڙي کاتي ۾ ائڊجسٽ ڪيا وڃن ٿا. هتي ته غريب ٻارن کي اعلانيل مفت ڪتاب به نٿا ڏنا وڃن. جتي هوشيار، غريب ۽ محنتي شاگردن بجاءِ پنهنجن من پسند ٻارن ۽ ماڻهن کي وظيفا ڏنا ويندا هجن، ۽ ٻهراڙيءَ جي اسڪولن جي حالت اهڙي هجي، جو هڪ سئو جي آباديءَ واري ڳوٺ جي هر پاڙي ۾ الڳ ذات لاءِ الڳ اسڪول کليل هجي، ۽ استاد اسڪول وڃن ئي ڪونه، جي وڃن ته به هڪ ڏينهن ۾ مهيني جي حاضري ڀري واپس ورن. ڳوٺن جي وڏيرن يا چڱن مڙسن جي حاضري ڀري پاڻ اسڪولي حاضري کان آجا ٿيو پون. کانئن پڇي ته ڪير پڇي، ته اهي پنهنجي عظيم پيغمبري پيشي توڙي معصوم ٻارن جي مستقبل سان ڪهڙي ويساهه گهاتي ڪري رهيا آهن. کين به ايڏي ڇوٽ ڏيڻ وارا بالا آفيسر ائين ئي هوندا، ساڻن ڪي معاهدا طئي ٿيل به هوندا آهن. بهرحال تعليم عام ۽ مفت وارا اشتهار هر بجيٽ کان اڳ ۽ پوءِ اخبارن جي زينت ضرور بڻجندا آهن.
    ساڳيءَ طرح صحت جي شعبي طرف نگاهه ڪنداسين ته اتي ته ماڳهين ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا آهن. صحت جي نالي تي سرڪاري انگن اکرن ۾ کوڙ سارا بنيادي صحت مرڪز (B.H.U) قائم ٿيل آهن. ڪنهن به بنيادي صحت مرڪز ۾ M.B.B.S ڊاڪٽر مقرر ٿيل نه آهي. اگر ڪٿي مقرر آهي به، ته سائينجن ڪڏهن اتي وڃڻ جي زحمت نه ڪندا آهن. ان ڪري ٿر جا لڳ ڀڳ سمورا بنيادي صحت مرڪز ڪمپائوڊرن جي رحم ڪرم تي ئي هلن ٿا. جيڪڏهن ضلعي هيڊڪواٽر اسپتال مٺيءَ ۾ دوائن کان وٺي ڊاڪٽرن تائين، ۽ صفائيءَ کان وٺي عملي جي غير مهذب رويي تي ڪير پڇڻ وارو نه هجي ته باقي هنڌن تي هونئن ئي دمادم مست قلندر لڳو پيو آهي، اتي ڪير ٿو پڇڻ جي همت ڪري سگهي!
    مقرر تعداد ۾ اي ايس وي (Anti snake venom) جو ڪنهن به تعلقي اسپتال، بنيادي صحت مرڪز ۾ نه هئڻ ڪري ڪيترن ئي ڳڀرُو جوانن جي حياتي جو ڏيئو ٻرڻ کان اڳ ئي اجهامي ٿو وڃي، ڪيترن ئي پوڙهن ماءُ، پيءَ جا اڪيلا وارث، پيرسني واري وقت جو اڪيلو سهارو مناسب صحت جون سهوليتون نه هجڻ ڪري کسجي ٿو وڃي. ضلعي جي هيڊڪوارٽر اسپتال ۾ جيڪر ليڊي ڊاڪٽرن جي کوٽ هجي، ڪوبه اسپيشلسٽ ڊاڪٽر مقرر ٿيل نه هجي ۽ مريض ڍورن وانگر واڙيل هجن، پر ان جو تدارڪ ڪرڻ وارو ڪير ئي نه هجي ته ٿري ماروئڙا آخر ڪنهن جي آسري تي پنهنجين زندگين ۾ سک ۽ خوشحاليءَ جو انتظار ڪندا؟
    ٿر واسين جي نصيب ۾ سُک چين نالي جو ڪو تصور ئي موجود نه آهي. مڙني بنيادي سهوليتن کان محروم هي ماروئڙا پاڻ کي خوش رکڻ جي پوءِ به هر ممڪن ڪوشش ڪن ٿا. مگر قدرت جي اڳيان مجبور هي ويچارا ڇا ٿا ڪري سگهن؟ اسان جهڙا اسان جي ئي نگري جي هڪڙي ڪنڊ ۾ بسيل هنن جي هڪ اهڙي دنيا، جنهن جو ڪو والي ناهي سرڪار وسيلن جي اڻهوند جو چئي جان آجي ٿي ڪرائي ته وري غير سرڪاري تنظيمون سندن غربت کي بين الاقوامي سطح تي پرڏيهي ڊونر ايجنسين وٽ ڪيش ڪرائي پنهنجا پيٽ ڀرڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏين ٿيون. ڏڪار ٿر ۾ راڱا ڪري ڇڏيا آهن، ٿري مارو ويچارا بک، بدحالي جي زندگي بسر ڪري رهيا آهن، سندن مال، ڍور بک ۽ اڃ وگهي تڙپي مري رهيو آهي ۽ چاري جي اڻهوند جي ڪري ۽ قدرتي بيمارين جي ڪري اڃان به وڌيڪ مال مرڻ جا چٽا امڪان آهن. پر غريبن جي والي وارث هجڻ جو ڍنڍورو پٽيندڙ انهن نام نهاد اين جي اوز اڃان تائين صرف سندن غربت کي ڪيش ڪرائڻ ۽ غربت جي خاتمي جا سَکڻا نعرا هڻڻ کان سواءِ ٻيو ڇا ڪيو آهي؟
    ٿر جي هڪ شاهوڪار سماجي اداري ، جيڪو مائڪروڪريڊٽ جي بهاني ٿرين کي ڦريو آهي، سا به اڃا الڳ ڪٿا آهي. ٿرين کي ننڍا ننڍا قرض ڏئي، کين پنهنجن پيرن تي بيهارڻ جا ڏٽا ڏئي، واڻين جي وياج وارو ڪاروبار کولي، ٿرين کي پاڻڀرو ڪرڻ بدران سندن رهيو کهيو ماس به ڳهي رهي آهي. ان ڪري عوام جي معاشي حالت سڌرڻ بدران ڏينهون ڏينهن بدتر ٿيندي پيئي وڃي. هڪ قرض متاثر ته ائين پڻ ٻڌايو ته جيڪڏهن قسط پيارڻ ۾ هڪ اڌ ڏينهن بيماري يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري دير ٿئي ٿي ته اين جي او جو عملو (ملازم ) سندن گهر پهچي تذليل ڪندي به دير نٿو ڪري. ڊسپلين جون دعوائون اسان جا سماجي ادارا وڏيون ڪندا آهن، پر غريب عوام تي کين به حڪم هلائيندي مزو ٿو اچي. غريب عوام جي لڙڪن، سڏڪن ۽ آهن کي پرديسي گورن وٽ ڪيش ڪرائي پاڻ کي سندس ڀرجهلو چوندڙ انهن اين جي اوزي وڏيرن جي روين تي مونکي ٿر جي هڪ ڀلوڙ شاعر سائينداد ساند جون سٽون ٿيون ياد اچن:
    تو مُنهنجي لُڙڪن کي وِڪڻِي ڪمايا ڪروڙَ،
    مان ساڳيو سورن ۾، تنهنجا ٽِيڻا ٿيا ٽجوڙ.
    ”اٺ تڏهن ئي رڙيا پئي جڏهن ٻورا پئي سباڻا“ انهي چوڻيءَ کي ورجائيندي ورجائيندي ٿري مسڪين شروع کان ئي رڙيون ڪري رهيا هئا، ته هيل وسڪارو دير سان پيو آهي. هيل فصل سٺا نه ٿيندا ۽ سرڪار کان ٿر کي ڏڪار سٽيل ضلعو قرار ڏيڻ جي گهُر ڪري رهيا هئا، ته جيئن سندن ڍل ۽ آبياني جون وصوليون موصول نه ڪري سگهجن، ۽ کين رليف ملي. گڏوگڏ امدادي ڪڻڪ ۽ ٻيا وسيلا پيدا ڪري ڏنا وڃن ته جيئن ماروئڙا بئراجي علائقن ڏانهن مال سميت لڏپلاڻ کان بچي سگهن. پر غريبن جي ٻڌي ڪير ٿو!. انگريز سرڪار طرفان به 14 آگسٽ تائين اگر برساتون نه پونديون هيون ته فوري طور تي ٿر کي ڏڪار سڏيل قرار ڏيئي عوام جي مدد ڪئي ويندي هئي. پر هاڻي ته جمهوري حڪومت آهي، اسان انگريز سرڪار واريون ساڳيون غلامن واريون پاليسيون ڪيئن ٿا ورجائي سگهون. سو سرڪار سڳوري هاڻي مس وڃي ڪجهه ڏينهن اڳ اڃا ٿر کي ڏڪار سٽيل ڊڪليئر ڪيو آهي، پر سندس ڦٽن تي مرهم هڻڻ لاءِ ڪنهن وٽ به ڪو جوڳو حل نه آهي. ڇا اڳ سورن جي ڪمي هئي، تڪليفن جي کوٽ هئي، اڳي زخم گهٽ هئا جو وري موت جهڙي راڪاس ڪاري ڏڪار ٻيهر اچي منهن ڪڍيو آهي.
    هر وقت، هر سال ساڳيا نعرا، ساڳيا دلاسا، ساڳي ئي سياست، پر سنڌ سرڪار طرفان ڪوبه عملي اپاءُ هيل تائين نه وٺجي سگهيو آهي ۽ ٿر جي ماروئڙن کي ٻيهر بئراجي علائقن جو رخ ڪرڻو پئجي ويو آهي. وري گهر ڀاتين سميت لڏا ٻڌي ڪنهن وڏيري وٽ لاباري تي پاڻ وڪامڻ لاءِ نه چاهيندي به تيار ٿيڻو پئجي ويو، وري به هنن کي پنهنجا اباڻا پڍ ڇڏڻا پئجي ويا. بئراجي علائقا جتي هنن ڏوٿيئڙن جي ننگن تي وڏيرن جي مڇ وٽائُو ڪمدارن جون گنديون عقابي نظرون هميشه ڪنهن شڪار جي ڳولا لاءِ واجهائينديون ٿيون رهن، پر ڇا ڪن اهي مسڪين مارو پيٽ جي دوزخ کي ڀرڻ لاءِ انهن کي اهڙن امتحاني مرحلن مان به گذرڻو ٿو پوي. بئراجي علائقن ۾ محنت مزوري ڪندي، لابارو ڪندي، بي يار مددگار اهڙي سياري جي مند ۾ پڌري پٽ تي ابهم ٻارن سان گڏ جانورن جهڙي زندگي بسر ڪرڻ تي مجبور ٿي پون ٿا.
    سرڪار وقت کي گهرجي ته سندن دردن جو ڪو مناسب حل ڳولي هنن کي مستقل بنيادن تي سهوليتون فراهم ڪري ڏئي ته جيئن هر سال مسڪين ماروئڙن کي ڪاريهر جهڙي ڏڪار جي حالت ۾ پنهنجي گذرسفر لاءِ اباڻا ڪک ڇڏي ڏور بئراجي علائقن ڏانهن لڏپلاڻ نه ڪرڻي پوي.
    ٿر ۾ جتي ضرورت آهي، اتي تعليم کي سنواريو ۽ سڌاريو وڃي، صحت جي باري ۾ ڪي جوڳا انتظام ڪيا وڃن. ٿر ۾ هر ٻئي سال برساتون نه پوڻ ڪري جيڪا لڏپلاڻ ٿئي ٿي، ان کي روڪڻ لاءِ ڪي متبادل اُپاءَ ورتا وڃن، ٿر جي ترقيءَ لاءِ ڪي منصوبا جوڙيا وڃن ۽ ٻاهرين ملندڙ امداد ٿري ماروئڙن جي فلاح و بهبود تي خرچ ڪئي وڃي ۽ پِن تي ملندڙ امداد جهڙي موذي مرض کان ٿري ماروئڙن کي بچائي، ان پئسي مان ٿر جي ترقيءَ جا ڪي منصوبا جوڙيا وڃن، ته جيئن روزگار جا ذريعا پيدا ٿين ۽ ٿر جا بيروزگار نوجوان روزگار سان لڳي سگهن.


    بد دعا جهڙي زندگي گهاريندڙ معصوم زندگيون ۽ اسان جا رويا

    بد دعا جهڙي زندگي گهاريندڙ معصوم زندگيون ۽ اسان جا رويا

    عام طرح اسين مريادا، ماڻهپي، محبت ۽ نفاست جا احساساتي ماسڪ پائي گهمندا ٿا وتون. پر دراصل اسين اندر جا ڪٺور، ظالم ۽ پٿر دل آهيون. اسان پنهنجي آرائش ڀري زندگيءَ مان ٻه چار لمحا ڪڍي، ڪڏهن اهو سوچڻ جي زحمت به نه ڪئي آهي ته اسان جي معاشري ۾ اسان جهڙي مخلوق، اسان جهڙا ئي جذبا رکندڙ، اکين ۾ سندر خواب سجائي رکندڙ خلقِ خدا، جنهن جي زندگي وقت جي بيرحم حالتن جي ڪري دوراهيءَ تي اچي بيٺي آهي، جنهن کي اسان جي پيار، شفقت ۽ توجهه جي ضرورت آهي.
    اسين پنهنجي پاڻ کي سوشل ورڪر ۽ سول سوسائٽيءَ جا اهم فرد سڏائيندي رڳو پنهنجي من اندر کي خوش ڪرڻ جا عادي آهيون. مارڪيٽ ۾ زير گردش ڪنهن معاملي تي ٺلهي بيان بازي ڪري، اي سي ڪمرن ۾ ويهي تقريرون ڪري، ٻئي ڏينهن اخبارن ۾ تصويرن سان مليل ڪوريج ۽ خبرون پڙهي تسڪين حاصل ڪري، پاڻ تي سول سوسائٽيءَ جا ميمبر يا سوشل ورڪر هئڻ جو ليبل هڻي ٿا ڇڏيون. اسين جيڪي پاڻ کي غريبن جي حقن جا ٺيڪيدار ٿا سڏائيندا وتون. اسان ڪڏهن پنهنجي آسپاس جي ماحول طرف اک کولي به نه ڏٺو آهي، ته ڪيترا انسان ڪسمپرسيءَ ۾ جيون گهارڻ تي مجبور آهن.
    ٻئي پاسي ڏسون ته، چند سُوٽيڊ بوٽيڊ ماڻهن جي ڀيڙ ۾ هڪ اهڙي مخلوق به جياپي جي جنگ وڙهي ٿي، جنهن کي نه ته پنهنجي مستقبل جي ڄاڻ آهي ۽ نه ئي ڪو اونو، بس کين زندگيءَ جي وصف اها اچي ٿي ته پيٽ جي اوجهر کي ڪو گرهه وقت تي ملي سگهي. غريب جي آهه ۽ بددعا جهڙي زندگي جيئندڙ هيءَ مخلوق، جنهن کي اسين فقير يا گداگر چئون ٿا، جن جي زندگي شهرن جي فوٽ پاٿن کان شروع ٿي بسن اڏن تي ختم ٿي وڃي ٿي.
    مشيني ۽ مصروف زندگيءَ جي تيز رفتار گهڙين ۾ چند پل ڪڍي اگر هن مخلوق جي زندگيءَ تي سوچڻ ٿو ويهان ته لونءَ ڪانڊارجي ٿا پون. ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ تي ڌرڻا ۽ مُظاهرا ڪندڙن ۽ اي سي ڪمرن ۾ آراسته زندگي بسر ڪندڙ ڪڏهن سوچيو آهي انهن معصومن جي زندگي جا پل هن ٽامي جهڙي گرمي ۾ ڪيئن گذرندا هوندا؟ ٿري پيس پوشاڪ ۽ مخملي لباس اوڍيندڙ طبقي ڪڏهن انهي طرف به لڙي نظر ڦيرائي آهي ته سندس آسپاس هڪ اهڙو جهان به آهي. جنهن کي سردي ۽ گرمي ۾ رات جا چار پل گذارڻ لاءِ چوديواري ته پري جي ڳالهه پر تن ڍڪڻ لاءِ مڪمل لباس به نه آهي. سڻڀا طعام کائيندڙ ۽ دنيا جهان جي اهنجن کان بي نياز اگهور ننڊ سمهندڙ اسان جي بي رحم معاشري ڪڏهن انهي طرف توجهه ڏني آهي ته محرومين جو ماريل هڪ اهڙو طبقو هي به آهي، جيڪو جيئڻ جا جتن ڪندي بيحسي ۽ محروميءَ واري زندگي جيئي ٿو. عاليشان هوٽلن ۾ شهري بابوئن طرفان بچايل اوڀر تي اوجهر ڀرڻ دوران به بيرن کان داٻا دڙڪا، گاريون، ذلت آميز جملا ٻڌندي، طعنا سهي ٿو، پوءِ به رب جي رضا تي هو راضي ٿو رهي.
    منهنجي حيرت جي حد ته ان وقت نه رهي، جنهن وقت هڪ گلاب جي گل جهڙي معصوم نياڻي، آسوند نگاهن سان سندس پيءَ جي برابر جي عمر جي همراهه اڳيان هٿ ٽنگيندي، مالڪ جي نالي تي هڪ روپئي جي طلب ڪئي هئي، پر هُن وحشيءَ جي شيطاني ته ڏسو. نياڻيءَ کي هٿ کان پاڻ ڏي ڇِڪيندي، وحشي نظرن سان سندس جسم کي تڪيندي، ڏهن روپين عيوض پنهنجي حوس جي نشاني ۾ اچڻ لاءِ چوندو رهيو. خوف ۽ هراس جي ماريل اها معصوم نياڻي هٿ ڇڏائي ڀڄندي وئي. پر وري به وڃي ڪنهن ٻئي جي اڳيان هٿ ٽنگيو هوندائين. ائين ئي آهي، هُوءَ ته اهي رويا سهي، آخر دانهن به ڪنهن کي ڏيندي هوندي؟ هن جي دانهن ته آسي زمينيءَ جو هيءُ شعر ٿي سگهي ٿو:
    ليڙون لوئي، ڇنل چولو،
    انگ اُگهاڙي ڪنهن جي ڄائي،
    غيرن آڏو جهول جهَلي ٿي،
    پنهنجيءَ کي خيرات ڏئي وڃ،
    آءُ گهڙيءَ کن هيٺ لهي آ،
    پنهنجو جوڙيل ڏيهه ڏسي وڃ!
    هاڻي انهي کي ماڻهن جي اهڙي بي رحم روين ۽ حرڪتن تي ڪو ارمان ئي ڪونه ٿيندو هوندو، پر مون کي اچرج ته انهي حوَسي سوچ رکندڙ بي رحم ماڻهو تي ٿو اچي، جنهن وٽ عزت جون تقاضائون پنهنجي نياڻيءَ لاءِ هڪڙيون ته ٻين لاءِ ٻيون آهن، جنهن مان اسان جي معاشري جي ذهنن جي سطحي سوچ واضح ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اسان جو معاشرو پنهنجي پَر ۾ واقعي ئي ڪٺور دل آهي جنهن کي ٻهروپيت جو ماسڪ پاتل آهي، ٻاهران اڇا اجرا ۽ شفاف جذبن جا مالڪ ۽ واڳون جهڙا ڳوڙها ڳاڙهي پل ۾ پوري مجموعي کي پنهنجي ڳالهين جي ڄار ۾ ڦاسائي ٿا وجهن ۽ نام نهاد سوشل ورڪري جي نعرن ۽ دانشوري دليلن سان ماڻهن کي اهڙو ته متاثر ٿا ڪري وجهن، ڄڻ هن جهڙو ڪو نه ٿيو نه وري ڪو ٿيندو. پر اُهي وڏا نالا، وڏا دانشور، وڏا بت اندر کان ايترا ئي کوکلا، بي رنگ ۽ سطحي سوچ رکندڙ هجن ٿا.
    انساني حقن جو تنظيمون، سوشل ادارا ۽ اين جي اوز جيڪي انهن غريبن جي نالي تي پنهنجو دڪان کولي ويٺا آهن، انهن وٽ ڪاغذي بڪواس کان سواءِ عملي طور آهي ئي ڇا؟ جيڪو اهي پيش ڪري اسان کي مطعمن ڪري سگهن. مهانگين هوٽلن جي ٿڌن ڪمرن ۾ ويهي انهن جي غربت ۽ ڏکن تي وڏيون ڪانفرسون ڪرڻ انهن جي غريبي تي کليو مذاق ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ ٿڌن ڪمرن، ڳرين پگهارن ۽ جهازن ۾ سفر ڪندڙ انهن نام نهاد سوشل وڏيرن کي ڪهڙي ڪَل ته:
    تون ڳالهه ڪرين ٿو ذلــــفـن جي، مــــان اڻڀن اڻڀن وارن جي،
    تون ڪُوڪ سڻين ٿو ڪوئل جي، مان پيٽ بکايل ٻارن جي،
    مون کي ڏک ته اسان جي کوڙ سارن انهن اديبن ۽ دانشورن تي به ٿئي ٿو، جيڪي سڄو ڏينهن ڳالهه ته امن، انسانيت ۽ خلق خدا جي حقن جي ڪندا هئا، پاڻ تي آڪاشي، زميني، فضائي ۽ ٻين کوڙ سارن تخلصن جا تغما لڳائي، حق ۽ سچ جون ڳالهيون ڪندا ڦرندا هئا. ڇا انهن جي حاصلات صرف ڪنهن وڏي اين جي او جي نوڪريءَ واري هئي؟ يا انهن جي منزل بس اولهه جي خيرات تي پلندڙ انهن سوشل تنظيمن جي ٿڌين آفيسن جي فرنگين وارين ڦرندڙ ڪرسين واري هئي؟ ڇا سندن ضمير جي قيمت انهن غريبن جي لڙڪن عيوضن ايندڙ ڊالرن مان چند ڏوڪڙ جيتري ئي هئي؟! جو سندن چپ ۽ قلم انهي مسئلي تي چُرن ئي نه ٿا.

    (روزانه مقدمو ڪراچي
    18 آڪٽومبر 2009)


    ڏکن ڏُڌي جهوپڙي. ..

    ڏکن ڏُڌي جهوپڙي. ..

    ٿر، سنڌ جو هڪ اهڙو خطو، جنهن جي دامن ۾ دنيا جو انتهائي سٺي ڪوالٽي جو گرينائيٽ، چائنه ڪلي ۽ سندس سيني ۾ دنيا جو بهترين ڪارو سون (ڪوئلو) پيل آهي. جنهن پاڪستان کي ڪوئلو رکندڙ ملڪن جي لسٽ م ستين نمبر تي پهچايو آهي، هتي جو عمده ڪلچر ۽ تهذيب، پنهنجي علائقائي ٻولي ۽ لباس ۽ ٽوئرزم جو بهترين مرڪز، برسات کان پوءِ پنهنجي بدن تي سائي چادر ڍڪي ڪشمير جي وادي جو ڏيک ڏيندڙ هن خطي جي مجموعي صورتحال تي جڏهن آئون نظر ڦيرايان ٿو، ته چئوطرف اجگر جيڏيون ڀٽون، پيرين اگهاڙا ٻار، سندس ٺوٺ ڏٻرا جسم، سڪل چپ، ڦاٽل پوتي سان نياڻيون، پيئڻ جي پاڻي ڍُڪ لاءِ اڄ به اڙانگا پنڌ، نوجوان نارين جا مرجهايل چهرا، سندس چولي جي گج جا ڇڳيل گل ڏسي سچ پچ اکيون آليون ٿي ٿيون وڃن.
    هيتري ساري دولت سان مالامال هئڻ باوجود به هي بدنصيب خطو، جيڪو ڏکن، ڏاکڙن، ناانصافين، زلزن ۽ ڏڪارن جا ڦٽ ڪيترن ئي ورهين کان پنهنجي سيني تي تازا رکندو اچي. انهن مسڪينن جي لاءِ نامناسب غذا، اڻپوريون صحت جون سهوليتون ۽ تعليم جي اڻهوند ته ڄڻ مقدر ۾ لکجي چڪي آهي. ڪڏهن پنهنجي مصروف زندگيءَ مان چند گهڙيون ڪڍي انسانن جي انهي نگري ۾ وسندڙ ماڻهن جي زندگيءَ کي ويجهي کان ڏسو ته سهي ته انسان هوندي به هُو ڪيئن ٿا جانورن جهڙي زندگي بسر ڪن. ٿر جتي ڳوٺ جي هڪڙي ئي دٻي ۾ گڏ ٿيل پاڻي کي جانور توڙي ڳوٺ جا ماڻهو هڪ ئي وقت واپرائيندا هجن ۽ جتي ڳوٺن ۾ بيسڪ هيلٿ يونٽ جي نالي تي قائم ٿيل مرڪزن ۾ انسان سيکڙاٽ ڪمائونڊرن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيل هجن، جتي تعليم جي نالي تي قائم ٿيل اسڪول وڏيرن جي اوطاقن يا وري شادي ۽ مرڻي جي وقت تي شامياني جي بچت ڪندا هجن، ته اتي دل ۽ دماغ اهو سوچڻ تي مجبور ٿو ٿي وڃي ته آخر سالن کان انهي انساني مخلوق لاءِ ڪم ڪندڙ سرڪار سڳوري آخر ڪهڙي مرض جي دوا آهي؟ ڇا حڪومتي ادارن جي ڪرپشن، ناقص ڪارڪردگي انهي انتها تائين اچي پهتي آهي، جو انهن جي نالي تي سوين سالن کان پيٽو شاهي وڏيرن ۽ آفيسرن ته بيشڪ پنهنجا پيٽ ڀريا ۽ سندس اولاد انهن غريبن جي وسيلن تي ٻاهرين ملڪن جي نالي وارن ادارن مان پڙهي پاس ٿي اچي وري به انهن جي مقدر ۾ لڳو پر اهي غريب مسڪين جنهن جي زندگي اڃان تائين به ڪنهن بددعا جهڙي ٿي لڳي ۽ سندس وسيلا انهن تائين پهچندي پهچندي رستي تي ئي هڙپ ٿا ٿي وڃن.
    جتي حڪومتي ادارن انهن مسڪين ماروئڙن جي نالي تي ڪمايو ته ٻي طرف سوشل ورڪ جي نالي تي قائم ٿيل نام نهاد اين جي اوز ڪلچر پڻ پنهنجي وسان ڪين گهٽايو آهي. گذريل ڪيترن ئي سالن کان ٿر جي بک، بدحالي کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ اهي نام نهاد اين جي اوز وڏن سيمينارن، ڪانفرنسن ۽ ورڪشاپن جي حد تائين ته ٿر جي تقدير ئي بدلائي ڇڏي آهي، کير جون نديون وهائي ڇڏيون آهن. پر زميني حقيقت بلڪل انهي جي ابتڙ آهي. ڪجهه به نه بدليو آهي، اڄ به ٿري ظلم جي گهاڻي ۾ پيسجن ٿا، بک، بدحالي ۽ فاقاڪشي سندس مقدر بڻيل آهي، اڄ به سوين خاندان ٻه ويلا لولي لاءِ پريشان آهن، زندگي جون ڪي به سهوليتون موجود نه آهن، تعليم ۽ صحت جون سهوليتون نه هئڻ برابر آهن. اڄ به ماروئڙا پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي بئراجي علائقن ڏانهن سفر ڪن ٿا، عورتن جي ترقي جي نالي تي ڪروڙين روپيا ڦٻائيندڙ انهن اين جي اوز اڳيان ڪستوري ڪولهڻ نماڻا نيڻ کڻي اڄ به سراپا احتجاج آهي، جنهن جي عزت جي تندن کي ڇيهون ڪندڙ اڄ به کُلي عام ڪالر ڇنڊي گهمي رهيا آهن، ٻارڙن جي حقن جي نالي تي دهل پٽيندڙ انهن اين جي اوز جي سوشل ورڪ تي ٻهراڙي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ غاليچن جي کڏين ۾ ڪم ڪندڙ سوين معصوم ٻارڙا سواليه نشان آهن، ٿڌن ڪمرن ۾ ويهي سيمينارن ۾ طويل خطاب ڪندڙن شايد ئي ڪڏهن ڪنهن گيراج، هوٽل، ٽرڪن تي ڪم ڪندڙ نابالغ عمر جي ٻارن جي جبري پورهئي طرف ڌيان ڌرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي!، ٿر جا ڪيترا معصوم ٻار ڏڪارن جي ڪري تعليم جي زيور کان محروم رهجي ٿا وڃن، شايد ئي ڪنهن اين جي اوز اهڙن ٻارڙن جون اسڪول فيس، ڪتابن ۽ ڊريسن جو خرچ برداشت ڪري کين اسڪول داخل ڪرڻ جي زحمت ڪئي هجي! شايد ئي ڪنهن اين جي او وٽ ٿر جي معصوم ٻارن، عورتن جي صحت جي جاڳرتا بابت ڪو پروگرام هجي!
    باقي چند ٽڪن جي امداد ڏيڻ، ڳوٺ ۾ هينڊ پمپ لڳرائڻ، کوهه کوٽرائي ڏيڻ ۽ ڳوٺاڻين تنظيمن (وي ڊي اوز) جون گڏجاڻيون ڪري ڪاغذن جو پيٽ ڀرڻ کي ئي جيڪڏهن اهي سوشل چينج (سماجي تبديلي) جو نالو ڏين ٿا ته اهو گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن عقل ۽ فهم واري ماڻهو جي لاءِ قابل قبول ناهي. جيڪڏهن ٿورو جائزو وٺجي ته امداد جي نالي تي ٿر واسين کي ڪنهن پنڻ جي واٽ ڏيکاري آهي ته اهو انهي اين جي اوزي ڀوتارن ئي ڏيکاري آهي.
    اڳ ئي حڪومتي بي رحمين جي ماريل ۽ ستايل ٿر جي اَٻوجهه ۽ مسڪين غريب ماروئڙن کي وري پاڻ ڀرو ٿيڻ جي نالي تي مائڪرو ڪريڊٽ جي پنجوڙ ۾ ڦاسائي، کائنس رهيو سهيو ڳڀو ٽڪر پڻ کسي کين ويتر بدحال ڪرڻ جو ڪارنامو به انهن اين جي اوز جي سوشل ورڪرن ئي سرانجام ڏنو آهي ۽ معاشي بدحالي جي ڪري سندس قرض واپس نه ٿيڻ جي صورت ۾ حڪومتي عملدارن کان پڻ ٻه هٿ اڳتي وڌي سندس گهرن تي پوليس چاڙهڻ، سندس عزت نفس ۽ چادر ۽ چارديواري جي تقدس کي پائمال ڪرڻ جو شرف پڻ انهن اين جي اوزي وڏيرن حاصل ڪري ورتو آهي، جيڪو ميڊيا جي آزادي کان پوءِ هاڻي ڍڪيو ڇپيو نه رهيو آهي ۽ اهڙيون ڪيتريون ئي رپورٽون اخباري صفحن جون زينت بڻجنديون رهيون آهن. هڪ ڏهاڪي کان به وڌيڪ عرصي کان ٿر ۾ ڪم ڪندڙ مختلف اين جي اوز پوري ٿر ۾ کڻي سوشل تبديلي نه به آڻي سگهيون هجن، پر ڪا هڪ اين جي او گهٽ ۾ گهٽ ڪو هڪڙو ”ماڊل وليج“ ئي کڻي سامهون آڻي ڏيکارين، ڪا هڪ ”ماڊل فيميلي“ ئي سامهون آڻي پيش ڪن ته به کڻي سندن سالن جي ڪارڪردگي کي مڃجي به سهي. ڪروڙين روپين جون بجيٽون رکندڙ اهي نام نهاد اين جي اوز اهو ثابت ته ڪري ڏيکارين ته سندس ڪم ۽ محنت جي نتيجي ۾ ڪو هڪڙو ڳوٺ، ڪو هڪڙو ڪٽنب معاشي توڙي سماجي طور تي پاڻ ڀرو ٿيو آهي، ڪاغذن ۾ ته کوڙ هوندا پر عملي طور ڪاري وارا ڪک لڳا پيا آهن.
    شهرن کان سوين ميل پري جي ڳوٺن ۾ جڏهن آڌي رات جو ڪڏهن ماءُ جي جگر جو ٽڪر ڪنهن تڪليف وگهي رڙيون ڪري ٿو ۽ سندس واهر لاءِ مناسب ڊاڪٽر به موجود نه هجي ته انهي ماءُ جو ڪهڙو حال هوندو ۽ ٿر جي ڪنهن ڏورانهين ڳوٺ ۾ ڪو جهونو پنهنجي زندگي جا آخري ڏينهن به درد وگهي ڪيهون ڪندي پورا ڪندو هجي ۽ کيس ڪنهن شهر جي سٺي اسپتال ۾ پهچائڻ لاءِ ايمولينس ۽ دوا جو به انتظام نه هجي ۽ ٿر جي اهڙي ئي ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪا ڳورهاري عورت ويم ويلي درد کان ڪيهون ڪندي هجي، ڳوٺ ۾ ڪا ليڊي ڊاڪٽر به نه هجي ۽ کيس مناسب وقت تي شهر پهچائڻ لاءِ ڪنهن سواري جي به سهوليت مهيسر نه هجي ته انهي مجبور عورت جي درد جي پڪار جو تدارڪ ڪير ڪندو؟ ۽ ٿر جي اهڙن ئي ڳوٺن ۾ بيماري وگهي ڦٿڪندڙ مريض جيڪي ايمولينس بجاءِ اٺن تي لڙڪندا اسپتال تائين پهچڻ کان پهرين ئي دم ڌڻي حوالي ڪندا هجن ۽ گهر ڌڻي ڳڀرو نوجوانن جا لاش وصول ڪندا هجن. انهي سڄي صورتحال کان پوءِ به جيڪڏهن ڪو انساني خدمتن عيوض صدارتي تغما سيني تي سجائي ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل ۾ جشن ملهائيندي پنهنجي جيءَ حضوريءَ ۾ درٻاري تقريرون ٻڌي خوش ٿيندو هجي، ته اهڙي بيحسيءَ کي ڪهڙي سنگينيءَ جو تمغو پارائي سگهجي ٿو!؟
    (روزانو عبرت حيدرآباد،
    18، اپريل 2010)


    ايءُ پڻ چڱو ڪم . . .

    ايءُ پڻ چڱو ڪم . . .

    جهڙيءَ طرح پتل کي ڪيڏو به تراشيو وڃي، پر اها سون ٿي نه ٿو سگهي، ائين ڪنهن به شيءِ، ماڻهو يا شخصيت کي بناوٽي طور ڪيڏو به مصنوعي مصالحن سان مهان بڻايو وڃي، پر حقيقت ۾ اهو وري به تِڇ ئي وڃي بيهندو. اسان جي معاشري ۾ ائين ئي هميشه ادارن بدران شخصيتن کي وڌيڪ اهميت ڏني ويندي آهي ۽ انهيءَ شخصيت جي اردگرد درٻارين جي ٽولي قصيده گوئيءَ جي اهڙي رٽ لڳائي ڏيندي ۽ هروڀرو انهي شخصيت کي باور ڪرايو ويندو ته بس اهو ڪم ۽ ادارو بس سندس جي ڪري ئي هلي رهيو آهي. جيڪڏهن سائينجن هيڏانهن هوڏانهن ٿي پيا ته اهو ادارو ڊهي پٽ پئجي ويندو. اصل ۾ اهي ماڻهو انهي شخص جا مخلص دوست نه، پر گهرا دشمن هوندا آهن. اسان کي هميشه ادارن جي مضبوطيءَ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي نه ڪي ڪنهن شخص جي واکاڻ. پر هر سٺي ڪم جي واکاڻ ضرور ڪرڻ گهرجي. اسان کي غير ضروري قصيده گوئيءَ کان ڪم نه وٺڻ گهرجي ۽ غلط ڪم جي هميشه نشاندهي ڪرڻ پنهنجو فرض ڄاڻجي. تنقيد ڪرڻ گهرجي. اها هڪ اصلاح آهي نه ڪا برائي.
    منهنجي گذريل ڪالم تي ڪجهه دوستن پاران ناراضگيءَ جو اظهار پڻ ڪيو ويو هو، پر منهنجيءَ نظر ۾ جيڪڏهن هڪ سوشل ورڪر، جنهن وٽ جائز تنقيد برداشت ڪرڻ جي سگهه نه هجي، ته هُن مان عملي ڪم جي ڪهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي؟!
    ڪٿي پڙهيو هئم ته هڪ سماجي تنظيم پاران عورتن جو هڪ وڏو ميڙاڪو ڪوٺايو ويو هو، جنهن ۾ اها دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڳڙهي خدا بخش خان ڀُٽو ۾ ڪنهن ميڙاڪي ۾ گڏ ٿيل عورتن جي تعداد کان پڻ سندن پاران ڪوٺايل ميڙاڪي ۾ عورتن جو تعداد وڌيڪ هو. هڪڙو سوال ته ڇا وڏا ميڙاڪا ڪوٺائڻ يا ماڻهن جي ڪنهن وڏي مجموعي کي گڏ ڪرڻ ڪا وڏي ڳالهه آهي ڇا؟ خير انهي ميڙاڪي ۾ ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل عورتن انتهائي بردباري سان پنهنجا ويچار ونڊيا ۽ مذڪوره ميڙاڪي کي اين جي اوز جي دنيا جي ناليوارين شخصيتن پڻ خطاب ڪيو. انهيءَ تقريب ۾ وڏا وعدا وچن ۽ ڊگها خطاب ڪيا ويا ۽ روشن راهن ۽ ترقيءَ جا سبز باغ پڻ ڏيکاريا ويا. پر اسان سڀني کي خبر آهي ته انهيءَ تقريب جي فوٽو سيشن تي اهي اين جي اوزي ڀوتار وري انهن ئي معصوم نياڻين جي ڏکن، ڏاکڙن ۽ محرومين کي انگريز گورن وٽ ڊالرن عيوض وڪڻي، بجيٽون کانئن وٺندا آهن. انهن پاران جيڪو عملي ڪم ڪيو ويو آهي، يا اُهي صاحب ڪري رهيا آهن، سو ته سڀ اسان جي سامهون آهي. باقي تقريب ته انتهائي ڀلي ٿي هئي. تاڙين جي گونج ۾ انهيءَ تقريب جي پڄاڻي ٿي ۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي ڪم سان وڃي لڳو. پر ٻئي طرف صرف هڪڙو ننڍڙو سوال هر ذهن ۾ اڀريو آهي، جيڪو يقينن جواب طلب آهي ته، ڇا ان نوعيت جون وڏيون تقريبون ڪوٺائڻ ۽ سيمينار ڪرائڻ سان عورتن جا مسئلا ٿي ويا آهن؟ ڇا ان تقريب کان پوءِ هڪ به ڪارو ڪاريءَ جو ڪيس سامهون نه آيو آهي؟ ڇا هاڻي ڪا به نياڻي سڱ چٽيءَ طور نٿي ڏني وڃي؟ ڇا ڪو معصوم وجود سام طور ڪنهن مڇ وٽائو ڀوتار حوالي ڪرڻ جو سلسلو بند ٿي ويو آهي؟
    اهي سمورا بنيادي مسئلا آهن، جيڪي پنهنجي حل لاءِ ڪنهن صاحبِ منصف وٽ انصاف جي تارازيءَ کي تڪيندا رهن ٿا. انهن مسئلن جي حل جي سلسلي ۾ انهن اين جي اوز ڪهڙو ڪم ڪيو آهي؟ انهيءَ ڏاڍ ۽ جبر خلاف انهن جو ڪردار ڪهڙو رهيو آهي ۽ اڄ تائين انهن ڪيترين نياڻين جي حياتين کي نفرت جي باهه ۾ سڙڻ کان بچايو آهي؟ رڳو ايئرڪنڊيشنڊ هالن ۾ ڪيل تقريبن ۽ خوشبوءِ سان واسيل لگزري ڪمرن ۾ ويهي عورتن جي حقن بابت جاکوڙيندڙ سوشل ورڪرن جي ڪارڪردگيءَ کان هاڻي سنڌ جو عوام به چڱيءَ ريت واقف ٿي چڪو آهي.
    جنهن معاشري ۾ پناهه لاءِ ٿاڻي تي پهتل عورتن سان به زيادتيون ٿينديون هجن ۽ سرڪاري درالامان ۾ مظلوم عورتن جو زندگيون محفوظ نه رهن، عزت جا رکوالا جڏهن بي عزتيون ڪرڻ تي لهي اچن؛ جتي جي پناهه گاهن ۾ حياتين جي حُسن جو ‘تين وال’ ٿئي؛ جتي عزت، نفس ۽ پيار جو سودو نياڻين جي سڱ چٽين جي عيوض ٿيندو هجي؛ جتي پيار ڪرڻ جي بدلي ڪاروڪاريءَ جون تهمتون لڳنديون هجن ۽ محبت ڪرڻ تي حسين حياتيون ڪوڙي انا ۽ بدلي جي باهه جي ٽياس تي ٽنگجنديون رهن، ته پوءِ ان معاشري کي ترقيءَ جي ڪهڙي راهه تي بيٺل چئي سگهجي ٿو.
    ٻئي طرف عورتن جي حقن جي تحفظ وارا نعرا هڻندڙ اسان جي سول سوسائٽيءَ جا ميمبر ادارا، عورتن جي ڀلائيءَ لاءِ جوڙيل تنظيمون ۽ ڪيتريون سَکڻيون ڪاغذي اين جي اوز پڻ ان معاملي تي ڪو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ بجاءِ صرف اي سي ڪمرن ۾ ويهي ٺلهيون تقريرون ۽ پريس ڪانفرنسون ڪرڻ ۽ سٺي ميڊيا ڪوريج لاءِ فوٽو سيشن تائين محدود رهيون آهن. روزانو اخباري صفحن تي پنهنجن ئي هٿان پنهنجن سان ٿيل زيادتين جو ذڪر ۽ محبت جي بدلي ۾ ملندڙ موت ۽ رت هاڻا جسم ڏسي جيءَ جهُري ٿو پوي ۽ مون سميت سوين اهل دل انسانن جي صبر جو پيمانو، لب ريز ٿي لڙڪ بڻجي اکين جا بند ٽوڙي ٿو وجهي ۽ دل روئي ٿي پوي.
    ڪن جو خيال آهي ته اسان جي ليکڪن کي هروڀرو اجائي تنقيد ڪرڻ جي روش آهي. جيڪي سٺي ڪم مان به برائي جا ڪنڊا ڪڍندا ٿا وتن. منهنجي خيال ۾ اگر هو ڪو ڪم ڪن ٿا ته ڪو اسان جي معاشري تي ٿورو نٿا ڪن. اها سندن ذميواري آهي، جيڪا اهي پوري ڪن ٿا، جنهن عيوض اهي ڳريون پگهارون ۽ سهوليتون حاصل ڪن ٿا. سو انهن جي انهي ڪيل ڪم تي اهي جس لهڻن، باقي قصيده گوئي ڪرڻ جي ته ڪا ضرورت ڪانهي. جيڪو ڪم هُو نٿا ڪن، ۽ سندن فرض ۾ شامل ٿئي ٿو، سو ته کين ڪرڻو آهي ۽ سندن ذميواري آهي، ۽ مٿن تنقيد ڪرڻ سول سوسائٽيءَ جي هر فرد جو حق به آهي. پوءِ ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي، پر تنقيد اصلاح جو هڪ پهلو آهي، جيڪو هر ڪنهن کي انتهائي سچائي ۽ ايمانداريءَ سان ادا ڪرڻ گهرجي.
    ٿر ۾ هڪ چوڻي آهي ته:
    ”جِڪي رِي کائجي ٻاجهِري، اُئي رِي ڀرجي حاجري“
    سو انهي چوڻي ته به عمل ڪرڻ وارا کوڙ آهن جيڪي ويچارا پنهنجي قلمي پورهئي عيوض انهن ادارن کان پنهنجي پورهئي جو پورو پورو اجورو به حاصل ڪن ٿا ته اها سندن مرضي آهي باقي قلم سان سچائي ناهي.
    آخر ۾ اولهه جي طرز عمل تي هلندي پنهنجي ئي ثقافت کي وساري ويهندڙ فرينچ ڪٽ سوٽيڊ بوٽيڊ شهري بابو جيڪي پاڻ کي سوشل ورڪر ٿا سڏائين جن کان ظلم جي ماريل انهي سڀني نياڻين جو نماڻا نيڻ کڻي هڪ اجتماعي سوال آهي ته سندس لڙڪن تي ڪمايل ڏوڪڙن تي توهان جو اي.سي ڪمرن، پيجرو گاڏين ۽ جهازن ۾ سفر ڪرڻ، ڊالرن ۾ پگهارون وٺڻ ۽ ڪيمخواب جي بسترن تي سمهڻ جائز آهي؟ ڪڏهن پنهنجو پاڻ پنهنجي ضمير کي جنجهوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اهي آرائشون جيڪي اهي استعمال ڪري رهيا آهن، سي ان عوام جي ڀلائيءَ جي بدلي ۾ کين ملن ٿيون، پر اهو عوام سدائين ظلم جي ٽياس تي ٽنگيل رهيو آهي. سندس عزتون اڄ به سرعام لٽجن ٿيون ۽ توهان انهن لاءِ ٺلهي لفاظي، رنگين بروشرز، وڏين تقريرن ۽ پيپر ورڪ جي باقي ڪجهه به ناهي ڪيو. . . !!

    (روزانو عبرت حيدرآباد،
    اڱارو 27، اپريل 2010)


    منهنجي مِٺي . . .

    منهنجي مِٺي . . .

    عنوان پڙهي ڪير سوچيندو هوندو ته هي مضمون ڪنهن رومانوي موضوع تي لکيل آهي. پر نه، ان سوچ جي ابتڙ آهي. اڄ آءٌ جنهن مِٺيءَ جو ذڪر ڪرڻ ويٺو آهيان، سا اُها مِٺي ناهي، جيڪو لفظ پنهنجي محبوبه لاءِ ڪتب آڻبو آهي ۽ نه اِها اُها مِٺي آهي، جنهن کي چُمي يا Kiss چئبو آهي، پر آئون جنهن مٺيءَ جو ذڪر ڪرڻ ويٺو آهيان، اِها ته ٿر جي وشال ڀٽ گڍيءَ جي گود ۾ خوبصورت ڪنوار جيان سجيل شهر مٺي آهي، جنهن تي بي پناهه محبت ۽ پنهنجائپ جو واءُ پنهنجو واسو ڪيو ويٺو آهي. پنهنجو اباڻو شهر به پنهنجي وطن جيان روح کي شهه رڳ جيان پيارو ئي هوندو آهي. محبوبه واري مٺيءَ کان به پنهنجي وطن جو اباڻو شهر مٺي بيشڪ وڌيڪ عزيز آهي، جنهن ۾ ٻاروتڻ، نوخيز جواني ۽ نينهن جا نذرانا اسان جي زندگيءَ جو سرموڙ سرمايو رهيا آهن.
    بهرحال، هيءُ منهنجو مٺيءَ جو محبوب شهر، جنهن کي هڪ اندازي موجب اڄ کان ٽي صديون اڳ مائي مٺان نالي عورت، هڪ کوهه کوٽائي، آباد ڪيو هو، پوءِ آبادي وڌندي وئي ۽ وقت گذرڻ سان گڏ هي باقاعدي شهر جي صورت ۾ آباد ٿيو. ان منهنجي تصور واري آڳاٽي شهر مِٺيءَ جا ماڻهو ڏاڍا مِٺا هوندا هئا. هڪ ٻئي سان قرب هوندو هئن، پيار ۽ پريت جو رشتو هوندو هئن. اهي هڪ ٻئي جي ڏک، سک، شادي، غمِي ۾ دل سان شريڪ ٿيندا هئا. تنهن زماني ۾ وڏڙن جي ڊپ کان پاڙي ۽ محلي جي نياڻين جو خيال رکندي ڪنڌ جهڪائي هلبو هو. متان ڪو پاڙيوارو ڪا شڪايت نه ڪري وجهي. گهٽي ۽ محلن ۾ ڪچهريون هونديون هيون. جتي شهر جا مسئلا ۽ معاملا زير بحث ايندا هئا. ماڻهن ۾ ٻڌي ۽ ايڪتا هوندي هئي. شهر ۾ مُکي لکميچند جهڙي اعليٰ شخصيت هوندي هئي ۽ اَمر جڳديش ملاڻيءَ جهڙو باصلاحيت نوجوان اڳواڻ هوندو هو. جيڪي هر وقت شهر جي معاملن ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪوشان هوندا هئا. گهٽ اُپت هوندي هئي، پر زندگي خوشحال هئي. صبح ساجهر ٿڌڙيءَ هير ۾ مٺي شهر جي زندگي ڪنهن شاعر جي غزل جيان پرلطف هوندي هئي. گهرن مان ڏڌ ولوڙڻ جا آواز، مال جي چنگ چڙن جي گونج، پاڻهيارين جون قطارون ۽ سندن چيلهه تي دلن جو ڇلڪڻ، کوهن جي آسپاس نمن جون ڇانو ۾ مورن جا ولر، سندس ٽهوڪا، وڻن تي پکين جون مٺڙيون ٻوليون، موهن ڀڳت جي مڌر آواز ۾ لطيف سائين جون وايون سچ پچ زندگي کي هڪ نئون اُتساهه بخشينديون هيون ۽ زندگيءَ ۾ هڪ نئين تازدگي، آس ۽ اُمنگ جي لهر سمائجي ويندي هئي. سياست، ڪامريڊپائي، ڪوڙ، ٺڳي، جلسن جلوسن ۽ اجاين ڌنڌن کان پاڪ اڳوڻي شهر مِٺيءَ جا ماڻهو پنهنجي هڪ پرامن زندگي ۾ ڪيڏا نه خوش هئا.
    وقت جا ڪيترائي لاها چاڙها ڏسندڙ هيءَ شهر، جيڪو هن وقت ضلعي ٿرپارڪر جو هيڊڪوارٽر پڻ آهي. جنهن کي اڄ جي ترقي جي قدرن ۾ تورجي ته هن شهر گذريل ڏهن سالن ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي. ڪجهه ڏهاڪا اڳ هڪ ڳوٺڙي جو ڏيک ڏيندڙ هن شهر ۾ اڄ ڪشادا ۽ پڪا روڊ رستا ٺهي چڪا آهن. مٺي جي ماڻهن کي درياهه جي مٺي پاڻيءَ جي سهوليت به ميسر آهي. سرڪاري ۽ غير سرڪاري عاليشان بلڊنگون، انگلش ميڊيم اسڪول ۽ ڊگري ڪاليجز به موجود آهن، ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ موبائيل، سي.ڊي پليئر، ايئر ڪنڊيشنر ۽ موٽر سائيڪل به هن شهر جي ماڻهن جي ضرورتن ۾ شامل ٿي ويا آهن ته وري ٽي.وي، ڊش، ڪيبل ۽ ايف ايم ريڊيو جون سهوليتون به هن شهر جي رهواسين کي مهيسر آهن.
    هن شهر جو نوجوان طبقو انگريزي روانيءَ سان ڳالهائي ٿو وڃي. هر سال هن شهر جا ڪافي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پنهنجي محنت ۽ هوشياري سان ڊاڪٽر ۽ انجنيئرنگ جي شعبي ۾ پڻ چونڊجي وڃن ٿا. مِٺيءَ ۾ توهان کي تمام سٺا ليکڪ، شاعر، فنڪار، اديب ۽ اهل قلم پڻ ملي ويندا، جن جو ڳاڻيٽو سنڌ جي ناليوارن شخصيتن ۾ ٿئي ٿو.
    پر سرڪاري بي ڌڻيائپ ۽ لاتعلقي جي ڪري هن شهر سان جيڪا ويڌن ٿي رهي آهي سا هڪ الڳ درد ڪٿا آهي. اڄ جي مٺي جو سرسري نگاهه سان ٿورو جائزو وٺجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته بي ترتيب ترقي سان گڏ جيڪي گندگيون هن شهر کي ناسور وانگي پلئه پيون آهن ان ۾ نشيءَ جي وڪري ۾ تيزي، چورين جو آزار، بدامني جو وڌندڙ رجحان سرفهرست آهن. تعليم جي شعبي تي ڌيان ڏجي ٿو ته اتي ڪاري وارا ڪک لڳا پيا آهن، سياسي بنيادن تي مقرر ڪيل ڪامورا هن شعبي کي ڪنهن واڻيي جي دڪان وانگي هلائي رهيا آهن. شهر ۾ ڪافي سرڪاري پرائمري ۽ هاءِ اسڪول آهن، جنهن جون عاليشان بلنڊنگس، تدريسي عملو ۽ لکين روپين جا فنڊ به آهن، پر سرڪار جي عدم دلچسپي چئجي يا پڙهائي جي اڻهوند، هتان جا رهواسي ڳاٽي ٽوڙ فيون ڀري پنهنجي ٻارن کي پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهائڻ تي مجبور آهن. ٻئي طرف ٽائون انتظاميه طرفان مٺي پاڻي جي فراهمي جا حالت اها آهي ته شهر واسين کان مهيني ۾ ٽي ڏينهن پاڻي جي فراهمي جي بدلي ٽي سئو روپيه ۽ صفائي ٽئڪس جي نالي تي ٽيهه روپيه الڳ وصول ڪيا وڃن ٿا. پر شهر جي گهٽين ۾ گندگي جي حالت اها آهي جو توهان کي گهٽي گهٽي ۾ ڪچرن جا ڍير نظر ايندا، گٽرن جا منهن کليل جيڪي ڪيترن ئي حادثن جي سبب بڻجي سگهن ٿا ۽ معياري صفائيءَ جي نه هئڻ ڪري شهري مڇرن جي عذاب هيٺ آيل آهن، جنهنڪري ڪيترا ماڻهو مليريا ۾ وٺجن ٿا.
    هوڏانهن وري سرڪاري اسپتال جي حالت اها آهي، جتي مريضن کي وارڊن ۾ جانورن وانگي واڙيو وڃي ٿو، سرڪاري دوائن جي اسپتال مان گمشدگي مال پاڻي جي صورت ۾ ڪرتاڌرتائن جي جيب جي زينت بڻجي ٿي. ڊاڪٽرن جو مريضن ڏانهن رويو انتهائي افسوس ناڪ ۽ او.پي.ڊي ۾ ڊيوٽي ٽائيم تي مريضن جون ڊگهيون قطارون هئڻ باوجود ڊاڪٽرن جون چانهه جي ڪپ تي ڪچهريون هتان جو معمول بڻيل آهن. اسي کان نوي فيصد سرڪاري ڊاڪٽر پنهنجون پرائيويٽ ڪلنيڪس هلائين ٿا. شهر جي ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال هئڻ باوجود به ڪيتريون ئي اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن جو پوسٽون خالي پيون آهي ۽ ليڊي ڊاڪٽرن جي کوٽ پڻ شهر واسين لاءِ ايمرجنسي ۾ باعث درد بڻيل آهي. شهر ۾ ڪافي سالن کان مڇرن جو ڦوهارو نه ٿيڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو مليريا جي بيمارين ۾ اسپتال ڀيڙا ٿين ٿا، پر مليريا جي فنڊ ۾ ايندڙ دوا ۽ پسئه خبر ناهي ڪهڙي هنڌ خرچ ڪيا وڃن ٿا ٻئي طرف سرڪار طرفان ملندڙ مڇردانيون اسپتال ۽ هيلٿ کاتي جي ڪلارڪن وٽ سستي اگهه تي پهرين اچو پهرين وٺو جي بنياد تي دستياب آهن.
    ٿر مان چونڊيل اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز جي اعلان تي قائم ٿيل ريڊيو پاڪستان مٺي جي حالت اها آهي، جو اها اسٽيشن ٿر ۾ قائم هجڻ باوجود اتي سنڌي ۽ ڊاٽڪي کان وڌ اردو پروگرام هلن ٿا. انائونسرن ۽ ڪمپيئررن جي غير شفاف نموني چونڊ ۽ يارين ڀاشين تي پروڊيوسرن پاران تقسيم ٿيندڙ پروگرامن جي ڪري اها اسٽيشن ٿر واسين لاءِ ڪو خاطر خواهه تفريح جو سامان مهيا ڪري نه سگهي آهي. ٻئي طرف وسيع رينج نه هئڻ ڪري ٿر جي آبادي جو صرف ٽيهه سيڪڙو ماڻهو ئي ريڊيو مٺي کي ٻڌي سگهن ٿا اهو به لائيٽ وڃڻ جي صورت ۾ آٽو ميٽڪ جنريٽر سسٽم نه هئڻ ڪري ڏينهن ۾ ڪيترائي ئي ڀيرا نشريات معطل ٿيندي رهي ٿي.
    ان کان علاوه ٿر جي اٻوجهه ماڻهن جي دردن ۽ لڙڪن تي ڪاروبار ڪندڙ نام نهاد اين جي اوز جي ظلمن جو داستان به پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ ۽ تاريخ رکي ٿو. ٿر جي ماڻهن کي پاڻ ڀرو ڪرڻ جي آڙ ۾ مائڪروڪريڊٽ جو شڪاري وارو ڄار وڇائي غريبن جي جسم تان ماس ڇنڻ جي جيڪا روش جاري آهي، جنهن تي لکندي به لونءَ ڪانڊارجي ٿا وڃن. غريبن جي پيڙاهه، ڏک، تڪليفن، سور صدمن، آهن ۽ لڙڪن کي پرڏيهي گورن ڊونرن وٽ وڪرو ڪري پنهنجا ڀَڀ ڀريندڙ انهن پيٽو ۽ مها بکين سوشل وڏيرن ۽ اين جي اوزي ڀوتارن جي ظلمن جي الڳ ڪٿا آهي، جيڪي واڳون جهڙا ڳوڙها ڳاڙهي غريب عوام جي دردن تي پنهنجو دڪان هلائي رهيا آهن. بس هرڪو پنهنجي پر ۾ لڳو پيو آهي پنهنجي انفرادي فائدي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾، ڪنهن کي به شهر جي اجتمائي فائدي جي فڪر ناهي. هرڪو پنهنجي پيٽ جي فڪر ۾ ورتل آهي، ٻئي ڪنهن جي درد تي ٻه لڙڪ به هارڻ لاءِ ڪو تيار ناهي، انهي سڄي صورتحال کي ڏسندي مون کي ڪبير جو هڪ شعر ياد ٿو اچي ته:
    سکيا سب سنسار هي، کائي اور سوئي،
    دکيا داس ڪبير هي، جاگي اور روئي.

    (روزانو عبرت حيدرآباد،
    جمع 14، مئي 2010 )


    اڄ جو نوجوان

    اڄ جو نوجوان

    هر قوم جون پنهنجي نوجوان نسل سان اُميدون وابسته هونديون آهن. اڄ جو نوجوان سڀاڻي جو آئيندو آهي. ان جي ڪلهن تي ملڪ جي ترقي ۽ ڪاميابيءَ جو بار آهي، ته هُو پنهنجي دانسته صلاحيتن سان ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندو. نوجوانن جي ئي علمي قابليت ۽ ذهانت جي بدولت اسان جو ملڪ سائنس، سياست، معاشيات، علم ۽ ادب جي کيتر ۾ نيون راهون هموار ڪندو ۽ ترقيءَ جا هماليه سَر ڪندو. ان سڄي اميدن جي آبياريءَ لاءِ ان کي ڇا ڪرڻ کپي، ڪيتري محنت ڪرڻ کپي، انهيءَ تناسب ۾ ڏسجي ته اڄ اسان جو نوجوان نسل ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي؟ ان جو خواب (vision) ڇا آهي؟ هُو ڇا ٿو ڪرڻ چاهي؟ امير مائٽن جو عياش نوجوان جيئڻ جا ڪهڙا گس ڳولي رهيو آهي؟ پنهنجي آس پاس جي ماحول ۽ مسقبل کان بي نياز اسان جو نوجوان طبقو ڪهڙيءَ دنيا ۾ گم آهي؟
    چون ٿا ته مايوسي ڪفر آهي، پر جڏهن آئون ٿورڙي نظر اڄ جي نوجوان تي ڦيرايان ٿو ته منهنجي ذهن تي عجيت ڪيفيت طاري ٿِي ٿِي وڃي ۽ آئون ٻڏتر جو شڪار ٿي ٿو وڃان، ته هي سڀ ڇا ٿي رهيو آهي؟ اڄ جي نوجوان بيشڪ شلوار قميض بجاءِ جينز ۽ پينٽ پائڻ ته سکي ورتي آهي پر پنهنجي ثقافت ۽ تهذيب کان ڏينهون ڏينهن اوپرو ٿيندو پيو وڃي، پنهنجي مادري زبان ۾ ڳالهائڻ کي عيب سمجهندي انگريزي زبان اپنائڻ ته سکي ورتي آهي جنهن کي اڄ جي ترقي جو ڏاڪو سمجهيو وڃي ٿو، اڄ جي نوجوان اسان جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ حقه (shisha) ڇڪڻ جون روايتون به عام ڪري ڇڏيون آهن، جنهن کي هُو Teen age fashion جو نانءُ ڏين ٿا، اڄ جي نوجوان جون آڱريون ڪمپيوٽر جي ڪي بورڊ تي ڪنهن ناچڻي وانگر رقص ته ضرور ڪن ٿيون پر اَسي سيڪڙو نوجوانن جو مشغلو صرف ٽائيم پاس، چيٽنگ، عجيب غريب ويب سائيٽس جي کوج هجي ٿي. اڄ جو نوجوان پنهنجي اصلي ثقافت ۽ ڪلچر کي لڪائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي پاڻ کي برگر سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿو ۽ هڪ ٻئي کي هاڻ ادا، ادي، ڀائو ڪري پڪارڻ بجاءِ هي بيبِي Hey Baby ۽ هاءِ ڊِيوڊ Hi Dude ڪري سڏڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا، ڇا اهو سڀ ڪرڻ سان ئي ترقي ممڪن آهي.. . ؟؟؟؟
    توهان انهي معاشري جي نوجوان مان ڪهڙي اُميد رکو ٿا، جنهن نوجوان وٽ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ بجاءِ ڪامريڊ ٿيڻ جي خواهش وڌيڪ هجي ٿي، جنهن جي هٿن ۾ ڪتابن بجاءِ T.T pistol هجي ۽ هُو فخر سان پاڻ کي اصلي ڪامريڊ سڏائي سگهي ته اهڙي نوجوان جي مستقبل مان اسان جي قوم ڪهڙيون اُميدون رکي سگهي ٿي. جتي مادر علمي ادارن ۾ ڳَڀرُو جوان ٿوري ٿوري ڳالهه تي موت جي گهاٽ لاٿا وڃن ۽ علمي ادارن کي تالا هنيا وڃن. اڄ جو نوجوان جنهن جو ٽائيم پنهنجي ڄاڻ وڌائڻ لاءِ يونيورسٽي جي لائبريرين ۾ گذرڻ بجاءِ سينيئر ڪامريڊن جي صحبت ۾ جونيئر شاگردن کي تنگ ڪرڻ جا نوان گُر سکڻ ۽ کيس مختلف طريقن سان پريشان ڪرڻ، کائنس چندي جي نالي تي ڀتو وٺڻ، يونيورسٽي پوائنٽ ۾ شاگردن تي رعب رکي پنهنجي لاءِ سِيٽ مخصوص ڪرڻ ۽ هاسٽل ۾ هوشيار ۽ پڙهندڙ شاگردن جي پڙهائي ۾ خلل وجهڻ ۾ گذرندو هجي ته اهڙو نوجوان اسان جي ملڪ جي مستقبل لاءِ ڪيترو ڪارآمد ٿي سگهي ٿو، انهي جو فيصلو ڪرڻ هروڀرو ڪو مشڪل نظر نٿو اچي. مختلف سياسي پارٽين پاران اسٽوڊنٽ يونين جي نالي تي سياست ڪري جيڪا سنڌ جي پڙهائي جي ٻيڙي ٻوڙي ويئي آهي سا ته هڪ الڳ درد ڪٿا آهي، جنهن جي نظر اسان جا ڪيترا ئي روهيڙي جي گل جهڙا ڳاڙها رتا نوجوان ٿي ويا، جنهن جي جيون جو ڏيئو جرڪڻ بجاءِ وقت کان اڳ ئي وسامي ويو. شاگرد يونين جي حق ۾ آئون به آهيان جو انهي سان شاگردن ۾ سياسي شعور پيدا ٿئي ٿو، سندس ذهني اوسر ٿئي ٿي. شاگرد يونين جو ڪم آهي شاگردن ۾ ٻڌي ۽ ايڪتا پيدا ڪرڻ، يونيورسٽي ڪلاسز کان علاءِ مختلف اسٽڊي سرڪل قائم ڪري اڄ جي نوجوان ۾ شعور پيدا ڪرڻ، ملڪ ۽ قوم جي مسئلن تي کيس آگاهه ڪرڻ، غريب ۽ مسڪين شاگردن جي مالي سهائتا ڪرڻ. پر اڄ جون شاگرد يونين جيڪو ڪجهه ڪري رهيون آهن تنهن کان هر ڪوئي چڱي ريت واقف آهي.
    جيڪڏهن اڄ جي نوجوان جو پورو وقت ۽ ڌيان پڙهائي تي هجڻ بجاءِ مختلف طريقن، حربن ۽ بهانن ذريعي ڇوڪرين سان دوستيون رکڻ، ٽائيم پاس ڪرڻ، موبائل چيٽنگ ڪرڻ، موٽر سائيڪل ريسنگ ڪرڻ، شهر جي گهٽين ۾ ڇڙواڳي ڪرڻ، رات دير تائين دوستن يارن جي سنگت ۾ ويهي ڪچهريون ڪرڻ، منجهند تائين اونڌو منهن ڪري سمهڻ ۾ ئي گذري وڃي ته هن وٽ باقي ڪمائتيون ۽ وقتائتيون ڳالهيون سوچڻ ۽ سمجهڻ جو ٽائيم ئي ڪٿي ٿو بچي جو هُو ويهي پنهنجي قوم ۽ ملڪ جي سٺي مستقبل لاءِ وقف ڪري!. هُو ڏينهن رات هڪ ڪري، نيڻن مان ننڊ اڏائي، ڪتابن ۾ منهن وجهي ڪنهن هوشيار شاگرد جيان پڙهي ڇو پنهنجو ٽائيم وڃائي، پاس ته هُو بغير محنت جي ڪامريڊ زنده باد جي نعري سان به ٿي ويندو، پوءِ کڻي ٿرڊ ڪلاس ۾ پاس ٿئي يا هڪ اڌ سپلي لڳي مڙيئي خير آهي، ڳوٺ ۾ محنت ڪري کيس پئسا اماڻيندڙ ۽ سندس سونهري مستقبل جي آس رکندڙ غريب مائٽن کي ستن اٺن سالن ۾ هڪ انڌي منڊي ڊگري هٿ ۾ ڏيئي پاڻ تان اڻپڙهيل هئڻ جو داڳ لاهي ڇڏبو. پوءِ وري ملڪ جي گريجيويٽ ۽ پوسٽ گريجويٽ نوجوانن جي لسٽ ۾ پنهنجو نالو لکرائي اهو نعرو هڻي مٿو پٽبو ته پڙهيل لکيل نوجوانن سان حڪومت جي ٻه اکيائي، پڙهيل لکيل نوجوان بي روزگاري واري زندگي بسر ڪرڻ تي مجبور ۽ ٻيا کوڙ سارا نوان ۽ تازا توانا نعرا ايجاد ڪري حڪومت وقت جي در تي دهل پيو وڄائبو يا کڻي ڪنهن پير مرشد، وڏيري يا ڀوتار سائين جا پير جهلبا ۽ ميرٽ جي سرعام لتاڙ ڪري وڃي ڪا نوڪري هٿ ڪري قوم ۽ ملڪ جي خدمت جو ٺيڪو کڻبو.
    خدارا! ڪجهه ته هوش کان ڪم وٺو ۽ ملڪ جي حالاتن کي ڏسندي اکيون کوليو. هي وقت آهي پنهنجو پاڻ کي سنڀالي وٺو ۽ ڏينهن رات محنت ڪري پڙهائي ۾ دل لڳايو جو هن ڌرتي جو ڪيتريون ئي اميدون توهان سان وابسته آهن، اسان جي قوم کي پڙهيل لکيل معاشري ۽ قابل نوجوانن جي ضرورت آهي، جيڪي پنهنجي ڪاوش ۽ جدوجهد سان ملڪ کي درپيش مئسلن کي حوصلي سان منهن ڏيئي ترقي جون راهون هموار ڪري سگهن ۽ اهو سڀ تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو جڏهن اسان جي نوجوان ۾ شعور هوندو ۽ شعور هميشه تعليم جي زيور سان اچي سگهي ٿو. تعليم ئي هڪ اهڙو هٿيار آهي جنهن سان هر مشڪل کي منهن ڏيئي سگهجي ٿو. حڪومتِ وقت کي به جڳائي ٿو ته هُو تعليم جي شعبي تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏيئي پنهنجي تعليمي پاليسي تي نظر ثاني ڪري ۽ ان کي جٽادار بڻائي پوري ملڪ لاءِ هڪ ئي تعليمي پاليسي لاڳو ڪئي وڃي ۽ بجيٽ ۾ پڻ تعليم لاءِ وڌ ۾ وڌ فنڊ رکي سڀني لاءِ تعليم قابل حاصلات بڻائي وڃي ۽ نوجوان جي ذهني اوسر ڪئي وڃي ته جيئن هُو پنهنجي بُري ڀَلي، غلط ۽ صحيح جي پرک ڪري سگهن ۽ نوجوانن تي به لازمي ٿئي ٿو ته هُو پنهنجو قيمتي وقت ضايع ڪرڻ بجاءِ علم ۽ شعور حاصل ڪرڻ ۾ وقف ڪن ۽ پنهنجي قابليت وڌ کان وڌ پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاءِ وقف ڪن.

    (روزانو عبرت حيدرآباد،
    آچر 23، مئي 2010)


    اسان جو تعليمي معيار ۽ درپيش چئلينج

    اسان جو تعليمي معيار ۽ درپيش چئلينج

    تعليم هر انسان جو بنيادي حق آهي جيڪا انسان ۾ شعور پيدا ڪري ٿي، جاڳرتا پيدا ڪري ٿي ۽ اڄ جي ترقي يافته ملڪن جي ترقي جو راز اتان جي معاشري جو پڙهيل ڳڙهيل هئڻ آهي. انهي لاءِ نَوَ سال پهرين، اقوام متحده جي هيڊڪوارٽر ۾ ٿيل هڪ اجلاس ۾ سڄي دنيا جي ملڪن جي سربراهن ”ملينيئم ڊولپمينٽ گول“ جي تحت عالمي سطح تي غربت جي خاتمي تي اتفاق ڪيو هو. انهي اجلاس جي مقصد ۾ هڪ ڳالهه اها به هئي ته 2015ع تائين هر ٻار، ڇوڪرو يا ڇوڪري اسڪول جي پرائمري تعليم مڪمل ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو. انهي تي ڪيترو عمل ڪيو ويو آهي يا انهي تي ڪيترو سنجيدگي سان سوچيو ويو آهي انهي جو اندازو اسان ڪجهه ڏينهن استادن ۽ انتظاميه وچ ۾ ٿيل جڳهڙي مان چڱي ريت لڳائي سگهون ٿا ته اسين پنهنجي مستقبل بابت ڪيترو سنجيدگي سان غور ويچار ڪري رهيا آهيون.
    ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته ڪنهن قوم کي تباهه ڪرڻو هجي ته ان جي تعليم کي تباهه ڪريو اها قوم خود به خود تباهه ٿي ويندي. ڇو جو تعليم انسان جي ٽئين اک آهي، اها اک جيڪا انسان ۾ شعور، سوچ ۽ تخليق جي سگهه پيدا ڪري ٿي. مگر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان پنهنجين ناقص پاليسين ۽ جڳاڙي طريقن سان جيڪا تعليم کاتي جي ٻيڙي ٻوڙي آهي انهي جو مثال ڪٿي به نه ٿو ملي. پوري ملڪ ۽ پوري صوبي سنڌ کي ڇڏي ڪري آئون صرف ٿر ۾ تعليم جي حالت ٿو ڏسان ته لونءَ ڪانڊارجي ٿا پون ته ڇا اسان انهي تعليمي معيار سان مستقبل جي چئلنجن کي منهن ڏينداسين؟ سياسي بنيادن تي ٿيل ڀرتين، سفارشن تي بدلين، گوسڙو استادن جي من مانين ۽ استادن جي يونين بازين سڄي تعليمي نظام کي ئي مفلوج بڻائي ڇڏيو آهي. ٻهراڙي جا سون جي تعداد ۾ اسڪول وڏيرن جون اوطاقون، مال جا واڙا، اناج جا گدام ۽ شادي هالن طور استعمال ٿي رهيا آهن مگر انتظاميه وٽ ايترو ٽائيم ناهي جو سرپرائيز وزٽ ڪري ڪو جوڳو قدم کڻي! اگر انتظاميه وري عوام تي احسان ڪري وزٽ به ڪري ٿي ۽ غير حاضر استادن کي معطل ڪري ڪاروائي ڪرڻ جو صرف سوچي ئي مس ٿي ته ضلعي عملدار تي سياسي دٻاءُ ۽ مٿس ٿيندڙ سندس ئي بدلي جي ڊپ کان اها ڪاروائي اتي جو اتي ئي دٻجي وڃي ٿي.
    هڪ رپورٽ مطابق اڄ جي دور ۾ 72 ملين ٻار اهڙا آهن جيڪي اسڪول نه ٿا وڃي سگهن جڏهن ته 226 ملين بالغ فرد اهڙا آهن جيڪي ثانوي تعليم کان پڻ محروم رهن ٿا. انهي انگ ۾ اسان جي ٽئين دنيا جا ملڪ سرفهرست آهن. پر جڏهن اسان پنهنجي بجٽ ۾ تعليم لاءِ مختص ڪيل رقم ڏسون ٿا ته سواءِ افسوس جي ٻيو ڪجهه به پلئه نٿو پوي. اسان وٽ تعليم جي شعبي لاءِ ڪا واضع پاليسي نه هجڻ ڪري اسان جي تعليم جو معيار ڏينهون ڏينهن ڪري رهيو آهي. هونئن به جتي امير لاءِ تعليم جو معيار هڪڙو ۽ غريب لاءِ ٻيو هجي، جتي سرڪاري اسڪولن جو نصاب هڪڙو ۽ پرائيويٽ اسڪولن جو نصاب ٻيو هجي، جتي سالن کان نصاب ۾ جديد دور پٽاندر تبديلي نه ٿيندي هجي، جتي سرڪاري نصابي ڪتابن ۾ پروف جو ڪيتريون غلطيون هجن، جتي هڪڙي ئي صوبي ۾ هر ڪنهن لاءِ يونيورسٽيون ئي ورهايل هجن ۽ اصلي ڌرتي ڌڻين لاءِ سندس ئي صوبي جي راڄڌاني جي يونيورسٽين ۾ داخلا ئي ممنوع هجي ته اتان جي معاشري مان توهان سنهري مستقبل جي ڪهڙي اميد ٿا ڪري سگهو؟ جتي هڪڙي ئي صوبي جو تعليمي سرشتو ئي ورهايل هجي ۽ الڳ الڳ سوچ تي مبني هجي ته اتي سوچون ڪيتريون هم خيال هونديون؟؟
    هڪ طرف استاد يونينون ٺاهي هر چوٿين ڏينهن مطالبن جي مڃتا جي نالي تي احتجاج طور اسڪولن جي تالا بندي ڪري تعليم لاءِ پنهنجو فرض نباهي رهيا آهن ته ٻئي طرف دلربائن جي نگري ڄامشورو جي دامن ۾ جڙيل مادر عملي ادارن ۾ پڙهندڙ اسان جا ڪامريڊ سڏائيندڙ دوست رهيل ڪسر پوري ڪري رهيا آهن. هر ٻئي ڏينهن تي ڪنهن معمولي ڳالهه تان ٿيل جهيڙي جي نتيجي ۾ مادر عملي ادارن کي تالا بندي باعث فڪر آهي، ڪنهن کي ڪو فڪر ئي ناهي. انفرادي فائدي جي چڪر ۾ اجتمائي طور ٿيندڙ انهي نقصان ۾ اهي سڀ برابر جا شريڪ آهن، جنهن ۾ والدين کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. صرف ڪامريڊ زنده باد جي نعري تي حاصل ٿيندڙ ڊگريون ئي تعليم ناهن پر جڏهن مستقبل ۾ پنهنجي صلاحيتن کي آزمائڻ جو وقت ايندو ته اهي ئي ڊگريون باعث رسوائي بڻبيون. اڄ جي دور ۾ جتي دنيا نيون ايجادون ڪري رهي آهي، پنهنجين اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کي جديد تعليم ۽ نت نئين ٽيڪنالاجي سان آراسته ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف اسان پنهنجن ادارن کي ويران ڪري رهيا آهيون نتيجاً ملڪ جي آبادي جو هڪ وڏو تعداد تعليم جي زيور کان محروم رهجي ٿو وڃي ۽ اسان جو نالو اڻ پڙهيل ملڪن جي لسٽ ۾ سرفهرست ٿيندو ٿو وڃي. پر وقت جي هر حڪومت اڳين حڪومت جي ناقص پاليسين جو ڍنڍورو پٽي پاڻ تان بار لاهڻ هميشه ڪوشش ڪندي پئي رهي آهي. پر منهنجي خيال ۾ هاڻ الزامن، ٺلهين ڳالهين ۽ نعرن جو وقت گذري چڪو آهي. ضرورت آهي ته اسان پنهنجو پاڻ کي ايڪويهين صدي جي هن تيز رفتار دنيا سان گڏجي هلڻ لاءِ تيار ڪيون نه ته ترقي جي هن سفر ۾ ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ رهجي وينداسين. اها ترقي ڪو الا دين جي چراخ هٿ ڪرڻ سان حاصل ڪونه ٿيندي بلڪه انهي لاءِ ضروري آهي اسان تعليم يافته هجون، اسان جو معاشرو وڌ کان وڌ پڙهيل لکيل هجي. تنهنڪري اسان جي حڪومت کي جڳائي ٿو ته غير ترقياتي ۽ فضول خرچن کي گهٽائي تعليم جهڙي شعبي تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏيئي ۽ وڌ کان وڌ بجٽ تعليم جي مد ۾ رکي. موجوده تعليمي پاليسي ۽ نصاب تي نظر ثاني ڪري سنڌي سبجيڪٽ پرائمري کان ئي لازمي قرار ڏيئي جديد وقت ۽ حالتن مطابق ڪمپيوٽر سائنس ۽ انگريزي تعليم کي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي. اسان جي استادن، مائٽن ۽ شاگردن تي پڻ اهو فرض ٿو عائد ٿئي ته هُو بغير ڪنهن تي الزام بازي ۽ عيب رکڻ جي دل سان پنهنجون پنهنجون ذميواريون ادا ڪن ته جيئن سندس تعليم ۽ ترقي ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪارائتي ثابت ٿي سگهي.


    اڄ جي ميڊيا- آزاد يا ڇڙواڳ

    اڄ جي ميڊيا- آزاد يا ڇڙواڳ

    ذرائع ابلاغ (ميڊيا) هر جهموري رياست جو هڪ اهم جُز هجي ٿي، جنهن جو ڪم هجي ٿو وقت جي حڪومت جي ڪاروهنوار تي ڪڙي نظر رکڻ ۽ سندن خامين ۽ خوبين کي بلڪل غير جانبداري سان عوام ڏاڍو پيش ڪرڻ. ميڊيا هميشه کان ئي غريب عوام جي دردن کي اقتدار جي ايوانن تائين پهچائڻ جو ذريعو رهي آهي. انهي ۾ ڪوئي شڪ ناهي ته انهي جي بدلي ۾ ميڊيا کي هميشه حڪمرانن جي ڏاڍ ۽ جبر جو نشانو بڻجڻو پيو آهي. وقت جي هر تحريڪ ۽ جدوجهد ۾ ميڊيا هميشه پيش پيش رهي آهي ۽ پوءِ ميڊيا کي ڪڏهن پابندين کي منهن ڏيڻو پيو آهي، ته ڪڏهن وري سينسر جو شڪار ٿيڻو پيو آهي، ڪڏهن وقت جي ظالم حڪمران پرنٽ ميڊيا تي وار ڪندي اخبارن جي بنڊلن جا بنڊل ساڙي مٿس غذاب نازل پئي ڪيو آهي، ته ڪڏهن وري اخبارن جي بنڊلن کي عوام تائين پهچڻ کان اڳ ئي گم ڪري پنهنجي حرڪتن ۾ پيش پيش رهيا آهن. هاڻي جڏهن دور اليڪٽرانڪ ميڊيا جو آيو آهي ته وري حڪمران پنهنجي ناپسنديده ٽاڪ شوز ۽ پروگرامن جي بندش جا حڪم سادر ڪندي اشتهارن جي بندش جو ڊپ ڏيئي ميڊيا کي ڊيڄاريندا رهيا آهن ته ڪڏهن وري اجگر جهڙا پيمرا قانون لاڳو ڪري ميڊيا کي هڪ ئي گرهه ۾ ڳَهي وڃڻ جا حربا پڻ استعمال ڪيا ويا آهن..
    2007ع کان پهرين واري صورتحال ۾ ته اسان چوندا هئا سين ته ميڊيا ويچاري مجبور آهي، هڪ صحافي ويچاري جي هٿ ۾ ڪهڙي بندوق آهي جو ويهي حڪمرانن کي اکيون ڏيکاريندو يا حڪمران وري ڪهڙو صحافين کان ڊپ ڪندا هوندا. اهي صحافي ته ويچارا قلم جي ڏڍ تي پيا روزي روٽي ڪمائين ۽ عوام جي درد کي پنهنجي احساسن ۾ سموئي وقت جي ستل حڪمرانن کي ڄاڳائيندا ٿا وتن. سياستدان به ته هميشه کان ئي پنهنجي ساڳئي روش جاري ساري رکندا پئي آيا آهن، ووٽ وٺڻ کان پوءِ عوام جي در تي لنگهي وڃڻ ته پري رهيو پر اهي واهڻ، وستيون ۽ گليون ئي مٽائي ڇڏيندا آهن. اسلام آباد جي جادو نگري ۽ آرام کي ڇڏي ڪري کيس ڪهڙي ضرورت آهي جو وڃي اونهاري جي ٽاڪ منجهند جو اٻوجهه عوام جي دردن جو درمان ڪن، ڇو جو کين اها پڪ ئي ناهي ته جيڪو جهموري سيٽ اپ هلي پيو اهو هلندو ئي رهندو ۽ کيس وري ووٽ وٺڻ لاءِ واپس انهي عوام وٽ وڃڻو پوندو يا وري ڪو اچي انهي سموري بساط کي لپٽائي تخت بادشاهي تي براجمان ٿي ويهي رهندو. تنهنڪري هر سياستدان پاڻ کي هميشه عوام وٽ جوابده ڪڏهن به محسوس ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي آهي ۽ کين جيترو به وقت مليو آهي هن عوام جو فڪر ڪرڻ بجاءِ ڪرسي کي چنبڙي حڪمراني کي انجواءِ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهي سڄي صورتحال ۾ ميڊيا ئي عوام جي اهنج کي اقتدار ڌڻين کي اڳيان پيش پئي ڪيو آهي ۽ پنهنجي وت ۽ وس آهر عوام جو آواز بڻجي حڪمرانن اڳيان رڙيون ڪندي رهي آهي.
    پر اسان جڏهن ميڊيا جو ذڪر ڪيون ٿا ته اسان کي هڪڙي لائين ڪڍڻي پوندي جو ميڊيا جا هميشه کان ٻه حصا رهيا آهن هڪ قومي (اردو) ميڊيا ۽ هڪ وري علائقائي ميڊيا (جنهن ۾ سنڌي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا اچي وڃن ٿا). قومي ميڊيا هميشه کان حڪمرانن جي ساٿاري رهندي ۽ قومي يڪجهتي جي نالي تي هميشه کان صوبائي اشوز ۽ معاملن کي نظر انداز ڪندي آئي آهي. پوءِ اهو وفاق پاران ننڍن صوبن سان مالي مسئلو هجي يا وري وڏي ڀاءُ پاران ارهه زورائي ڪري ننڍن صوبن جو پاڻي چوري ڪرڻ جو مسئلو هجي، پوءِ اهو وفاق پاران ماضي ۾ پنهنجي مرضي جو اين.ايف.سي ايوارڊ ننڍن صوبن مٿان ٿوپي سندن حق غذب ڪرڻ هجي يا وري وفاق پاران سنڌ جي قدرتي وسيلا ڦٻائڻ جي ڪوشش هجي قومي ميڊيا هميشه کان ئي ننڍن صوبن کي نظر انداز ڪري وفاق ۽ وڏي ڀاءُ جي جهولي ۾ ويهڻ پسند ڪيو آهي. انهي سڄي صورتحال ۾ سنڌي ميڊيا جو ڪردار سئو اختلافن باوجود بي شڪ بي داغ رهيو آهي ۽ سنڌي پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ پيش پيش رهي آهي. پر وقت جا حڪمران هميشه قومي ميڊيا کي علائقائي ميڊيا تي فوقيت ڏيندي وڏي لاڏ ڪوڏ سان پاليندا رهيا آهن. سندن سمورا آرا انگل برداشت ڪندي مٿس سرڪاري اشتهارن جي برسات وسائيندا رهيا آهن ۽ اخبارن لاءِ ٿيندڙ سرڪاري پيپر جي ڪوٽا ۾ پڻ سندس حصو سڀني کان سرس رهيو آهي.
    2007ع جي هليل عدليه تحريڪ ۽ حقيقي جهموري سيٽ اپ لاءِ ڪيل جدوجهد جي نتيجي ۾ ريٽارڊ جنرل مشرف پاران استيفاءَ ڏيڻ کان پوءِ شايد اسان جي قومي ميڊيا خاص ڪري هڪڙي ميڊيا گروپ جي ذهن ۾ اها خام خيالي گهر ڪري ويئي رهي آهي ته اهو سڀ سندس جي ڪري ٿيو آهي، مشرف جي استيفاءَ ۽ هي سمورو جهموري سيٽ سندن ئي بدولت آهي. سندن خيال آهي ته هُو جنهن کي چاهين اقتدار تان لاهي سگهن ٿا جنهن کي چاهي تخت تي ويهاري سگهن ٿا. پهرين چوندا هئا ته ميڊيا هيڻي آهي ۽ وقت جي حڪمرانن جي عتاب هيٺ آهي پر جڏهن کان عدليه تحريڪ ۽ هن جهموري حڪومت اچڻ کان پوءِ ميڊيا آزاد ٿي آهي ته لڳي ايئن ٿو ته آزادي جي نالي ۾ پنهنجون حدون به اورانگهيندي سڀئي ليڪا ئي لتاڙي رهي آهي. مختلف پروگرامن، ٽاڪ شوز جي ذريعي جڏهن مرضي ٿي پئي ڪنهن جي پٽڪي ڌوڙ ڪندي دير نه ٿا ڪن. جڏهن هر ڪنهن اداري جي لاءِ ضابطه اخلاق آهي ته پوءِ ميڊيا جي لاءِ ڇونه؟ پنهنجي ذاتي دشمني يا انا خاطر ڪنهن هڪڙي ڌر يا ماڻهو کي ئي ٽارگيٽ ڪرڻ، سندس ذاتي زندگي جا قصا ڪهاڻيون پيش ڪرڻ، مختلف تاريخون ڏيئي کيس گهر موڪلڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ، هڪڙي هڪڙي ٽاپڪ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پروگرام هلائي مسلسل هڪڙي ئي پهلو تي بحث ڪري صرف هڪڙي ئي ڌر کي برو ثابت ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ، ڪڏهن سندس لباس تي تنقيد ڪري دل جي باهه ڪڍڻ ته ڪڏهن وري سندس ٻولي ۽ تقرير جي لفظ لفظ تي بحث ڪري ڪنڊا ڪڍڻ، ڇا اهو سڀ ڪجهه ميڊيا جي آزادي آهي؟ اظهار جي آزادي جي نالي تي ڪنهن جهموري سيٽ اپ کي هر روز گهر ڀيڙو ڪرڻ جو دهل پٽڻ ڇا اهو جهموريت دشمني ناهي؟
    غضب ڪرپشن جي ڪهاڻين تي سيريز هلائيندڙ هڪ ميڊيا گروپ بابت خبرون آهن ته انهي اداري خود حڪومت جو ڪروڙين روپين جو ٽيڪس به ادا نه ڪيو آهي ۽ جڏهن حڪومت اهو ادا ڪرڻ لاءِ نوٽس موڪليو ته سندس پاران اظهار جي آزادي تي پابندي جون تهمتون هڻي رڙيون ڪيو ويون. انهي جو مطلب ته اهو ئي وڃي ٿيو ته ”هم سڀ ڪا کائي، همارا جو کائي وه اندها هو جائي“ مطلب کين ٽيڪس ڦٻائڻ به معاف ته جانبداري ڪندي صرف هڪڙي ڌر کي نشانو بڻائڻ به اظهار جي آزادي پر ٻيو جيڪڏهن ڀلين جهموري طريقي سان چونڊجي به آيو هجي، انهي کي ڪرپٽ قرار ڏيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ۾ وسان نه گهٽائڻ به جائز آهي. بس ڪنهن نه ڪنهن هيلي وسيلي بدنام ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ منهنجي خيال ۾ اها اظهار جي آزادي ته هرگز ئي ڪونهي. ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي جيڪڏهن هڪڙي ڀاري اڪثريت سان اسيمبلين مان ووٽ وٺِي آصف علي زرداري جيڪڏهن صدر ٿيو آهي ته هن ڪو گناهه ته نه ڪيو آهي هو هڪ جهموري طريقي سان انهي منصب تي پهتو آهي ڪنهن چور دروازي مان ته نه آيو آهي، جو هڪ ميڊيا گروپ کين انهي عهدي تان هٽائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي، تاريخون ڏيئي ٿڪا ته وري مزي جي ڳالهه ڏسو جو هڪڙو اينڪر صاحب ته جادوگر، قسمت جي حال ڏسندڙ ۽ طوطي جي فال وجهندڙ کي به پروگرام ۾ وٺي آيو ته من ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڪو نئون شوشو مارڪيٽ ۾ ڇڏجي ته جيئن حڪمران ڌر پريشر ۾ اچي ڪري ڪو قدم کڻي ته جيئن جواز بڻائي ڳالهه مان ڳالهوڙو ٺاهجي، پر کين وريو وٽيو ڪين به ڪو نه.
    هن حڪومت جون سوين غلطيون هونديون، ڪرپشن به شايد هجي، گڊگورننس جو به فقدان هوندو پر جنهن نموني هن حڪومت تنقيد برداشت ڪئي آهي شايد ئي ٻئي ڪنهن ۾ ايتري برداشت جي سگهه هوندي، خاص ڪري صدر آصف علي زرداري جنهن وسيع الفڪر ۽ وسيع سوچ جو مظاهرو ڪيو آهي، تنهن کي ڪنهن به صورت ۾ نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي. پهرين ڏينهن کان وٺي هن حڪومت کي مختلف موقعن تي هر جائز ۽ ناجائز تنقيد جو بي تهاشه نشانو بڻايو ويو پر بدلي ۾ هن حڪومت طرفان ميڊيا کي ڪنهن به قسم جي غلط ۽ ناجائز طريقي سان جواب اڃان تائين ته ناهي ڏنو ويو ۽ نه ڪنهن اخبار، چينل يا ميڊيا گروپ تي پابندي مڙهڻ يا ڪنهن پروگرام کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. جنهن وڏي دل سان اها حڪومت تنقيد برداشت ڪري رهي آهي تنهن وسيع سوچ جو مظاهرو اسان جي قومي ميڊيا کي به ڪرڻ گهرجي. وقت جي حڪومت تي تنقيد ضروري آهي جو تنقيد جهموريت جو حسن آهي پر اجائي آزادي جي آڙ ۾ ليڪا لتاڙڻ به چڱو قدم ناهي. سو هڪڙي ڳالهه سڀني کي سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن جهموريت آهي ته پارليامينٽ به آهي، اهي ادارا به آهن ته ميڊيا به آهي ۽ سندس تنقيد به آهي. پر جيڪڏهن ڏسندي واسندي به هميشه جيان پنهنجي روش جاري رکندي هن دفعي به جهموري سيٽ اپ جي تڏا ويڙهه ڪئي ويئي ته شايد ڪجهه به نه بچندو.


    دل چوي ٿي ڳوٺ وڃان

    دل چوي ٿي ڳوٺ وڃان

    اڄ دل ڳوٺ وڃڻ لاءِ چئي رهي آهي. ڳوٺ، جتي محبتون آهن، پيار ۽ پريت آهي، جتي جي هوائن ۾ خلوص آهي، جتي تعصب ۽ فرقيواريت کان آجي فضا آهي. جتي امن ۽ آشتيءَ ۾ جيئندي، ڳوٺاڻا ڏک سک جا ساٿي بڻجي رهندا آهن. هڪٻئي سان همدردي ۽ ڀائيچاري رکن. پر ان جي برعڪس شهر جي فريبي هوائن ۾ دوکي ۽ دغا جي بوءِ اچي ٿي. بارود جي ڌپ آهي. زندگيءَ نالي ڪا شيءِ ناهي، آهن ته رڳو دشمنيون، جهيڙا ۽ فساد. اسان جا وڏا شهر، جتي ته هڪ ٻئي کي ٽارگيٽ ڪلنگ عيوض لاشن جا تحفا اماڻيا وڃن ٿا ۽ هڪ ٻئي سان مصنوعي مرڪن سان کلي ملي، سيني ۾ خنجر هنيا وڃن ٿا. جتي دوستن جي روپ ۾ دشمن ملن ٿا، جتي همدردين جا چهرا ڏيکاري، وحشي درندا انسان ڪوڙيون محبتون وکيرين ۽ عوام جي ڏک ۽ فڪر ۾ واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙين ٿا. هر طرف پنهنجي انفرادي نفعي ۽ منافعي جي بازار لڳايون ويٺا آهن، جيڪو به سندن راهه ۾ رڪاوٽ بڻجڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ته کيس انهي دڳ تان ئي هٽايو ٿو وڃي.
    ڪڏهن ٻڌون ٿا ته ڪراچي ۾ فلاڻي محلي ۾ هيترا معصوم ٽارگيٽ ڪلنگ جي بَک بڻجي ويا ته ڪڏهن ٻڌون ٿا لاهور ۾ خودڪُش حملي ۾ معصوم شهري عبادت ڪندي ابدي ننڊ سمهي پيا. ڪڏهن ٻڌون ٿا ته فلاڻي پٽ غيرت ۾ اچي ڪري پنهنجي ڀيڻ کي ڪاروڪاري جي الزام هيٺ موت جي سيج تي سمهاري ڇڏيو ته ڪڏهن ٻڌون ٿا ته پنهنجي ئي مڙس جي ظلم ۽ تشدد کان تنگ ٿي ناري اگهاڙين پيرين اچي ٿاڻي تي پناهه ورتي. ڪڏهن ٻڌون ٿا ته نوجوان پٽ پنهنجي شهري پڙهيل لکيل زال جي شڪايت تي پنهنجي ماءُ تي هٿ کنيا ته ڪٿي وري پڙهيل لکيل اولاد پنهنجي پوڙهي ماءُ، پيءُ کان تنگ اچي کين گهر مان ئي ڪڍي ڇڏيو. ڪڏهن ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته نابالغ نياڻي کي ڪنهن پوڙهي سان شادي ڪرائي ويئي، ته ڪڏهن ٻڌون ٿا ته ڪنهن والدين اوڌر جا پئسا نه ڀري سگهڻ ڪري پنهنجي معصوم ڇوڪري کي قرض عيوض وڪرو ڪري ڇڏيو. ڪڏهن ٻڌون ٿا ته ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهتل عورتن سان جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ٿي، ته ڪڏهن ٻڌون ٿا درالامان ۾ پهتل درد جي ماريل عورتن کي وڪرو ڪيو ٿو وڃي.
    اَٽي، لٽي ۽ اجهي جهڙن بنيادي مسئلن کي ڇڏي ڪري صرف هڪ ئي نقطي ”دهشتگردي“ تي ويهي سوچجي ٿو ته ڏندين آڱريون ٿيون اچي وڃن ته اهو سڀ ڪجهه ڇا ٿي ويو آهي جو هر طرف ظلم، دهشت، انارڪي ۽ خوف جي فضا ڇانيل آهي، ڪنهن کي به اها خبر ناهي ته هُو گهر کان ٻاهر نڪري ٿو ته واپس به صحيح سلامت پهچندو. هلندي رستي تي ڏينهن ڏٺي جو ڪنهن کي به دل چاهي ٿي تنهن کي گولين سان پروڻ ڪري هليا ٿا وڃن ۽ حڪومت بس ڪاميٽيون ٺاهي ڳالهه کي لئه مٽي ڪري ٿي ڇڏي. ڳالهه اها ناهي ته کين خبر ناهي ته هي سڀ ڪير ڪري رهيو آهي، پر کين ڪهڙو لاچار آهي جو ويهي نانگن جي ٻرن ۾ هٿ وجهن پاڻ ته فول پروف سيڪيورٽي ۾ گهمندا ٿا وتن باقي عام خلق خدا مري ٿي ته خير آهي، سندن صحت تي ڪهڙو ٿو اثر پوي. بس هر ڪوئي پنهنجو مفاد حاصل ڪرڻ ۾ لڳو پيو آهي، ڪراچي ۾ ووٽ بئنڪ رکندڙ ڪوليشن ڌر اين.آر.او مسئلي تي ته اسٽينڊ وٺي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جي ڌمڪي ڏيئي ٿي ۽ حيدرآباد ضلعي متعلق وزيراعظم جي بيان تي زمين آسمان هڪ ٿي ٿو وڃي ۽ ڪوليشن ٽوڙڻ جا نياپا ٿا ڏين پر اسان انهي ڌر کي ڪراچي ۾ ٿيندڙ ٽارگيٽ ڪلنگ متعلق ته ڪڏهن ڪا واضع موقف اختيار ڪندي ناهي ڏٺو يا کڻي انهي معاملي تي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جي انهن ڪا ڊيڊلائين ڏني هجي.
    هوڏانهن وري تخت لاهور جا بادشاهه جڏهن گورنر راڄ لڳو، سندس اقتدار کسيو ويو تڏهن ته ڏاڍو تيش ۾ اچي ويا هئا ۽ حبيب حالب جون نظمون ڳائيندي ٿڪا ئي نٿي ته هاڻي کين ڇا ٿي ويو آهي، جو سندن دهشتگردي متعلق ڪا واضع پاليسي ناهي، جو هڪ طرف خادم اعليٰ چوي ٿو ته پنجاب ۾ ڪاروايون نه ڪيون وڃن ته ٻئي طرف سندس ئي ڪيبينيٽ جو وزير سرعام پابندي پيل تنظيم جي ڪارڪنن سان گڏ گهمندو ٿو وتي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هڪ طرف اسان جي پاڪ فوج جا دلير جوان پنهنجي جانين جو نذرانو ڏيئي، دليري سان پنهنجي جان جي بازي لڳائي انهن چند مٺ جيترن انتهاپسندن کي شڪست ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف ملڪ جي ٻئي وڏي پارٽي جي اڳواڻن جا متضاد بيان ۽ سرگرميون شهيد جوانن جي قربانين ۽ ملڪ جي عوام کي ڪهڙو پيغام ڏيئي رهيون آهن؟؟
    ڇا هينئر اهو وقت ناهي ته سڀئي پنهنجا ذاتي مفاد وساري، بغير ڪنهن پوائنٽ اسڪورنگ ڪرڻ جي، پارٽي سياست کان بالاتر ٿي ڪري، بغير ڪنهن تي الزام تراشي ڪرڻ جي، دهشتگردن کي بغير ڪنهن صوبائيت ۾ ورهائي پنجابي، سنڌي، پختون يا بلوچي چوڻ جي ملڪ جون سڀئي پارٽيون هڪ ئي هنڌ صرف هڪڙي ئي نقطي ”دهشتگردي“ تي هڪ ئي پاليسي تي متعفق ٿين، ته دهشتگرد صرف دهشتگرد آهن، انهن جي ڪابه ٻولي، مهذب ۽ علائقو ناهي، بس انهن جو ڪم انسانيت جو قتل عام ڪرڻ آهي، وحشت برپا ڪرڻ آهي. اهي سڀئي سياسي پارٽيون نيڪ نيتي سان سنجيده ڪوشش ڪري ڪري متفقه اين.ايف.سي ايوارڊ ڏيئي سگهن ٿيون، اهي ئي سياستدان سچي دل سان ڪوشش ڪري آمرن پاران بگاڙيل آئين کي پنهنجي اصلي حالت ۾ آڻڻ لاءِ 18هين ترميم ڪري سگهن ٿا ته ڇا اهي سڀئي گڏجي ڪري پنهنجي ملڪ ۽ عوام لاءِ دهشتگردي جهڙي ناسور کي وڌيڪ وڌڻ ويجهڻ کان روڪڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي نٿا جوڙي سگهن؟ بلڪل ڪري سگهن ٿا، پر ضرورت آهي ته نيڪ نيتيءَ ۽ دل جي سچائيءَ جي. پوءِ هڪ ئي ٽيبل تي گڏ ٿي ۽ انفرادي سوچ ۽ ذاتي مفاد کي هڪ پاسي رکي، ملڪ ۽ عوام لاءِ گڏجي سوچيندا ته سٺائيءَ جو رستو اوس نڪري سگهي ٿو ۽ اسين سڀ ٻڌي ۽ ايڪتا سان انهن چند امن ۾ خلل وجهندڙ کي منهن ڏئي سگهون ٿا ۽ هڪ دفعو وري اسان پنهنجن وڏن شهرن کي بارود جي بوءِ کان صاف ڪري پراڻيون رونقون بحال ڪري سگهون ٿا.


    ساحلي علائقن جي زندگي

    ساحلي علائقن جي زندگي

    ڪجهه سال اڳ هڪ مطالعاتي دوري جي سلسلي ۾ سنڌ جي ساحلي پٽي وڃڻ جو موقعو مليو. اعتبار ئي نه پيو اچي ته هي ساحلي پٽو به قدرتي ذخيرن ۽ خوبصورت منظرن سان مالامال آهي. ان ساحلي پٽي ۾ ايندڙ ضلعن ۾، خاص ڪري بدين ضلعي ۾ تيل جا ايترا سارا ذخيرا آهن.
    سنڌ صوبو 140915 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي، جنهن جي آبادي پوري پاڪستان جي آبادي جي 23 سيڪڙو برابر آهي ۽ هي صوبو پاڪستان جي 17.7 سيڪڙو زمين والاري ٿو. هن صوبي جي 5.7 ملين هيڪٽر زمين پوکيءَ لائق آهي. جڏهن ته ڪيتري زمين درياهه جي پائڪ ۽ سم ۽ ڪلر جي زد ۾ اچي وئي آهي. هي صوبو، پاڪستان جي انڪم ٽيڪس جو 70 سيڪڙو ۽ سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 62 سيڪڙو حصو ڏيندڙ صوبو آهي. ملڪ جي سمورين آئل فيلڊس جو 60 سيڪڙو ۽ گئس فيلڊس جو 44 سيڪڙو سنڌ ۾ آهن. ان کان علاوه پوري پاڪستان جي 56 سيڪڙو تيل ۽ 37 سيڪڙو گئس جي روزاني جي حساب سان پيداوار پڻ سنڌ صوبي ۾ آهي. اهي سمورا انگ اکر ٻڌائڻ جو مقصد صرف هي آهي ته ايتري امير سنڌ جي ڊيلٽائي ماڳن جي رهواسين جي اهڙي ابتر حالت ڇو آهي؟
    اڳي اسين صرف ميڊيا وسيلي ٻڌنڌا، پڙهندا ۽ ڏسندا هئاسين. پر جڏهن اسان اتي وڃي پنهنجي اکين سان سندن زندگين کي ڏٺو ته سچ پچ لونءَ ئي ڪانڊارجي ويا.
    ان ساحلي پٽي جو عوام بنيادي سهولتن کان تمام گهڻو پري آهي. اسان جي عام ڪاروهنوار واري زندگيءَ کان انهن جي دنيا ئي الڳ آهي، جنهن ۾ هنن جو ڪو ڌڻي سائين به ناهي. اهي بس ڪنهن يتيم ٻار جيان جياپي جي جنگ وڙهي رهيا آهن، کين نه رستي جي فڪر ۽ نه وري ڪو منزل جو اونو آهي.
    هي علائقو ڊيلٽائي ماڳن ۽ ڪيٽين ۾ پکڙيل آهي. اتي درياهي ڇاڙهون، ۽ درياهه جي پائڪ جي ڪري زمين گهڻو تڻو بنجر ٿي چڪي آهي. اڳي تمر جا ٻيلا ساحلي پٽي جي حفاظت ڪندا هئا، سي به ختم ٿي چڪا آهن. پر هن علائقي ۾، جتي اسين اسٽڊي ٽوئر ڪرڻ آيا آهيون، اتي ته وڻ ٽڻ به ايترا نه آهن.
    اسان کي سفر پنهنجيءَ جاءِ تي مزو ڏنو. اسين لاهين کان لهندا، ميدانن مان گذرندا، ڪٿي زمين ۽ ڇاڙهن جا گس لتاڙيندا، سنڌو نديءَ جي ڏندڪٿائي وهڪرن جيان سفر ڪري رهيا هئاسين. سنڌو نديءَ بابت ٻڌو آهي ته، هن عظيم نديءَ ڪنهن زماني ۾ پراڻا گس ڇڏي نوان رستا ۽ وهڪرا ٺاهيا ۽ هن مهراڻ جي واديءَ تي ڪيترا پنڌ ڪيا هئا. هيءَ ندي، زمين ٺاهڻ واري قدرتي ڪم ۾ موجوده اوڀارين برپٽ وارن علائقن کان اولهه جي جابلو ماڳن جي وچ واري ميداني پٽ تي پنهنجا هڪڙا وهڪرا جوڙيندي ۽ اڳوڻا وهڪرا بدلائيندي رهي. ان ڏس ۾ انگريز تاريخدان، سر هينري ايليٽ لکيو آهي ته، “دنيا ۾ اهڙي ٻي ڪا به ندي نه آهي، جنهن هن درياهه وانگر پنهنجو وهڪرو بدلايو هجي.” بهرحال ان لاڙ واري حصي ۾ سنڌو نديءَ، عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري، ان حصي کي ڊيلٽا جو روپ ڏنو آهي، جنهن کي انڊس ڊيلٽا يا ‘سنڌو نار’ ڪوٺيو ويندو آهي.
    اسان اڳتي وڃڻ بجاءِ بدين ضلعي جي ساحلي علائقن جو دورو ڪري واپس موٽڻ جي ڪئي. اسان کي جتي قدرتي گئس ۽ تيل جا ذخيرا ڏسي خوشي پئي ٿي، اتي ان علائقي جا مقامي ماڻهن جي زندگين تي مايوسي پئي ٿي. اتي جي ماڻهن کي پيئڻ جي مٺي ۽ صاف پاڻيءَ جي سهوليت به مهيسر نه آهي. اسڪول ۽ صحت جهڙين بنيادي سهوليتن کان محروم اهي ماڻهن لاوارثن جيان زندگي بسر ڪري رهيا آهن.
    اتي هڪڙي ڳوٺ ۾ مُني صديءَ جي پوڙهي کان جڏهن حال احوال پڇيم ته هُو روئي جواب ڏيڻ لڳو. لڙڪ سندس ڪُراڙيون پنبڻيون پُسائي، سُونهاري ۾ گم ٿيندا ٿي ويا. هو ڳالهيندي ڳالهيندي رڪجي ٿو پوي ۽ هڪ ٿڌو ساهه کڻندي چوي ٿو ته اسان جي ليڊرن کي ڪو اونو ئي ناهي. اهي ووٽ وٺي وڃڻ کان پوءِ هڪ ڏينهن به اسان کان لڙي نه آيا آهن. اسان جي ٻچن جي روزي زرعي زمين تي آهي پر سمنڊ ۾مناسب پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سمنڊ اجگر جيان اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ اسان مسڪينن جو زمينون ڳڙڪائي رهيو آهي. هو چوي ٿو ته زمينون پوکڻ جيترو پاڻي ته پري رهيو پر هينئر ته اسان وٽ صاف ۽ مٺو پاڻي پيئڻ لاءِ به دستياب ناهي. نياڻيون ميلن جا ميل پنڌ ڪري اوسي پاسي مان ٽيوب ويلن مان پاڻي ڀري ٿيون اچن پر اهو پاڻي به پيئڻ جي لائق ڪٿي آهي، بس ڇا ڪيون پاڻي جي نالي تي زهر پيءَ رهيا آهيون. ڪو والي واهر ناهي، ٻار آهن ته اسڪول ناهن، جي اسڪولون آهن ته ماستر ناهن، بيماري سيماري لاءِ ڪو بنيادي صحت گهر ناهي، جي ڪٿي ڪو صحت گهر آهي ته اتي ڊاڪٽر ناهي، غريبن جي صحت سيکڙاٽ ڪپائونڊرن جي رحم ڪرم تي ڇڏيل آهي. انهي ڪراڙي جون اهڙيون دل جهوريندڙ ڳالهيون ٻڌي اکيون ڀرجي آيون، بس اسان وٽ هن کي ڏيڻ لاءِ سواءِ آٿت جي ٻيو ڪجهه به نه هو. ان ويل مون کي اهي وائيٽ ڪالر حڪمران ياد آيا جيڪي هينئر ته هاءِ سڪيورٽي زون ۾ ٿا رهن، سندس پروٽوڪول لاءِ اڳيان پويان پوليس جون موبائلون آهن، جيڪي اليڪشن جي وقت انهن ئي ميرن ڪپڙن واري خلق خدا سان گڏ ويهي ڪوڙا وعدا ڪري کيس سونهري خواب ڏيکاري ووٽ وٺي ويا ۽ اڄ کين لڙي نهارڻ لاءِ به تيار ناهن.
    اسين بدين کان ٿي جڏهن ڪيٽي بندر پهتاسين ته اتي زندگي ويتر ئي خراب هئي. اسان پنهنجا قديم ماڳ توڙي اهڙا قديم بندر اجاڙي ڇڏيا آهن. اڳي هي مشهور بندرگاهه هيو، ڪنهن دور ۾ هي بندر وچ ايشيا ۽ ننڍي کنڊ جو مشهور واپاري مرڪز هيو. چون ٿا ته هن بندر مان مڪران، عدن، بمبئي، گجرات، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ ملبار جي ملڪن ڏانهن واپاري مال ويندو هو ۽ پنجاب ۽ اتر هندستان کان واپاري درياهي ۽ سامونڊي رستن وسيلي هن بندر تي تجارت ڪرڻ ايندا هئا. سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ڌاري به هي بندر سنڌ ۾ مڇي ۽ پکيءَ جي واپار جي حوالي سان عروج تي هيو. چون ٿا ته درياهي زلزلن ۽ ڌٻڻن سبب هي بندر اجڙي ويو.
    ميجر جنرل هيگ پنهنجي ڪتاب ”دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“ ۾ ڄاڻايو آهي ته، قديم وقت ۾ سنڌوندي پاتال بندر وٽ اچي ڇوڙ ڪندي هئي. هن قديم شهر ۽ بندر جا آثار ڪيٽي بندر ۽ شاهبندر جي لڳ سرکاڻي ڪريڪ ۾ ٻڏل آهن، پر ڪڏھن ڪڏھن سمنڊ جي ويرن لھڻ چڙھڻ مھل نظر ايندا آھن.
    بهرحال هن قديم بندرگاهه جي باشندن جي زندگي مڙني سهولتن کان وانجهيل نظر آئي. ڇنل چپلين سان معصوم نياڻين جي هٿن ۾ ڪتابن بجاءِ پاڻي جا بادلا هئا، جيڪي اهي ڏورانهان پنڌ ڪري ڀري ٿي آيون. ڪجهه لٽر پاڻيءَ جو ڪين اتي 50 روپين ۾ ٿي مليو. عورتون ڄار ڪتڻ ۾ لڳل هيون، سندن اکين ۾ روشن مستقبل جا ڪي به سونهري خواب نه هئا، تعليم نه هئڻ ڪري اتان جا مهاڻا پيٽو سيٺين ۽ ٺيڪيدارن وٽ گروي ٿيل آهن، جن قرض ۽ ڳري وياج عيوض انهن مهاڻن جي ڪٽنبن کي سالن کان ئي پاڻ وٽ گروي ڪري رکيو آهي. جيڪا مڇي، ڪراچيءَ جي مارڪيٽ ۾ 700 کان 800 سئو في ڪلو ۾ وڪرو ٿئي ٿي، اها مڇي هتان ٺيڪيدار 80 کان 100 روپئي في ڪلو ۾ وٺي سندن پگهر جي پورهئي تي پنهنجا ماڙيون بنگلا اڏايو ويٺا آهن. حڪومتي بي ڌڻيائپ جي ڪري انهن ٺيڪيدارن جي ظلم جي بازار گرم آهي، کين ڪو ڪڇڻ وارو ئي ناهي. ٻئي طرف اهي معصوم مهاڻا جن جي خاندانن جي خاندانن انهن ٺيڪيدارن وٽ پورهيو ڪيو آهي پر انهن جو قرض اڃان تائين لهي ناهي سگهيو ۽ اهي ويچارا خبر ناهي اڃان ڪيترو عرصو انهن ٺيڪيدار جا غلام بڻجي سندس لاءِ پورهيو ڪندا رهندا. وچ سمنڊ جي هڪ ٻيٽ تي رهندڙ انهن مهاڻن سان جڏهن روبرو ملاقات ٿي ته ڏکن، ڏاکڙن جو هڪ نه کٽندڙ هڪ طويل داستان هو، سندس گهر ۾ هڪ ڏينهن کان وڌ کائڻ لاءِ راشن ئي نه هو، بس آڻين ۽ چاڙهين جي ڪرت تي وچ سمنڊ ۾ الله جي آسري پاپي پيٽ جي بک اجهائڻ لاءِ جدوجهد ۾ مصروف هئا. تعليم، صحت ۽ صاف پاڻي سندن بنيادي حق آهن جيڪي رياست هنن کي مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ پابند آهي پر اهي انهن سمورين بنيادي سهوليتن کان وانجهيل ڏٺاسين، تڏهن دل ته چيو روئي ڏجي پر وري سوچيم زمانو ته ظالم آ ديوانو چوندو.
    مون جڏهن سنڌ جي ناليواري پاڻي ماهر زاهد حسين جلباڻي کان سنڌ جي ساحلي پٽيءَ ۽ انڊس ڊيلٽا متعلق ڄاڻڻ چاهيو ته هن چيو ته سنڌ جي ساحلي پٽي، جيڪا 350 ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي. پاڪستان مان ٻاهر برآمد (export) ٿيندڙ مڇي جي 48 سيڪڙو پيداوار انهي ساحلي پٽيءَ مان ٿئي ٿي. ان کان علاوه سامونڊي مڇي جو 71 سيڪڙو ۽ تازي پاڻي واري مڇي جو 65 سيڪڙو ذريعو پڻ سنڌ ۾ آهي. انڊس ڊيلٽا جيڪا 6 لک هيڪٽر تي مشتمل 17 ڪريڪس (creeks) رکي ٿو، جيڪو گهڻي ڀاڱي ٺٽي ۽ بدين جي ضلعن کي والاري ٿو.
    انڊس ڊيلٽا جيڪو مڇين جي مختلف قسمن، زراعت، تمر، مال مويشي ۽ ٻه ملين کان مٿي آبادي جو هڪ وسيع گهراڻو آهي. هُو چوي ٿو ته سمنڊ ۾ مناسب ۽ گهُرج مطابق پاڻي نه ڇڏڻ ۽ سامونڊي چاڙهه سبب صرف ٺٽي ضلعي جي 0.5 ملين هيڪٽر زرعي زمين ضايع ٿي چڪي آهي، جنهن سبب 4 لک مهاڻن جي ڪٽنبن جي حياتيون داءُ تي لڳل آهن. ڏينهون ڏينهن زرعي زمين جي گهٽتائي، کاڌ خوراڪ جي ذريعن جي کوٽ، فصل جي لاءِ ٻج جي اڻهوند، پيئڻ جي پاڻي جي مسلسل کوٽ، مال مويشي ۾ موت جي وڌندڙ شرع پڻ هتان جي ماڻهن جي زندگي تي تمام گهرو اثر ڇڏيو آهي. نتيجي ۾ شاهوڪار سنڌ جا معصوم ماڻهو ڪنهن بددعا جهڙي زندگي گهارڻ تي مجبور آهن.
    اسان کي ٻئي ڏينهن تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ چونڊيل نمائندن سان ملڻو هيو ۽ ساحلي پٽي جي مسئلن تي ساڻن ڳالهائڻو هو، پر انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هنن کي هينئر قومي مفاهمت مان فرصت ئي ناهي، جو ويهي سنڌ جي ڏتڙيل ماڻهن جي دردن جو درمان ڪن، جن کين پوري سنڌ اسيمبليءَ جون سيٽون ڪلين سويپ ڪري ڏنيون ته وڃو اڪيلي سر حڪومت ٺاهيو ۽ سنڌ جي حقيقي نمائندي ڪري عوام جا مسئلا حل ڪريو. پر اسان جذباتي ماڻهو اسان کي ڪهڙي خبر هئي ته هن عوامي حڪومت ۾ سنڌ سان اهڙي ويڌن ٿيندي. سنڌوءَ جي پيٽ ۾ واري پيئي اڏامي، سنڌ کي حصي جو پاڻي قدرتي کوٽ ڄاڻائي گهٽ ڏنو ٿو وڃي، پر سي جي لنڪ ڪئنال وهائڻ لاءِ پاڻي موجود آهي. ارسا جا ميمبر ارسا چيئرمين جي غلط فيصلي خلاف استعيفائون ٿا ڏين پر اقتدار ڌڻين کي پرواهه ئي ڪانهي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي جي حڪومت جنهن کي سنڌ وارن پنهنجي عوامي حڪومت سمجهندي هميشه جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن سا ئي سنڌ کي پنهنجي حصي جو جائز پاڻي وٺي ڏيئي نٿي سگهي ته پوءِ آخر دانهن ڪهڙي در ڏجي؟ ٺٽي ضلعي مان چونڊيل صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر حُميرا علواڻيءَ اسان کي غور سان ٻڌو، هن مسئلا نوٽ به ڪيا، پر پارٽيءَ ۾ هر ڪنهن جي جلدي نٿي ٻڌي وڃي ۽ جنهن جي ڪير ٻُڌي ٿو يا جنهن جي هٿ وس معاملا آهن اهي هينئر اقتدار جي هندوري ۾ لڏي رهيا آهن ۽ غريبن جي مسئلن کان بي نياز اهي هينئر اي.سي ڪمرن جي آرامده ڪرسين تي سڪون جي ننڊ پيل آهن، هينئر کين ڪهڙي ضرورت آهي جو اسلام آباد جي خوبصورت موسم کي ڇڏي ڪري اچي تتل واري تي وسندڙ انهن مسڪينن جي دردن جو درمان ڪرڻ لاءِ ڪهي اچن.
    اسان جي پاڻي ماهرن جي راءِ مطابق، اسين ساحلي پٽي ۽ انڊس ڊيلٽا کي بچائي سگهون ٿا، پر ان جي لاءِ هڪ خودمختيار باڊي ٺاهڻ جي ضرورت آهي، جيڪا سمنڊ مان ڏينهون ڏينهن ختم ٿيندڙ حياتيات جو اڀياس ڪري، ان جي بچاءَ لاءِ هڪ لائحه عمل جوڙي، ماحول کي آلودگيءَ کان پاڪ رکڻ لاءِ اُپاءُ وٺڻ لاءِ ڪم ڪري. گڏوگڏ اتان لڏي ويل ماڻهن جي ٻيهر آبادڪاريءَ لاءِ ٺوس قدم کڻي، کين زرعي آبادڪاري لاءِ معاشي مدد ڪري ۽ حڪومت وقت جلد کان جلد ڊائون اسٽريم ڪوٽڙيءَ ۾ 10 ايم ايف پاڻي ڇوڙ جي خاطري ڪرائي، تمر جي ختم ٿيندڙ ٻيلن جي ٻيهر آبادڪاريءَ تي ڌيان ڏنو وڃي. سوشل سروس سيڪٽر ۾ هنگامي بنيادن تي منصوبا جوڙيا وڃن، تعليم، صحت، پاڻي ۽ مائڪرو ڪريڊٽ هيلٿ جا پروگرام جلد کان جلد متعارف ڪرايا وڃن، قدرتي آفتن، سامونڊي طوفانن کي منهن لاءِ جاڳرتا مهم هلائي وڃي ۽ هڪ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ انسٽيٽيوٽ "Disaster Management Institute" قائم ڪيو وڃي. اتان جي ماڻهن جي سياسي توڙي سماجي سگهه توڙي شعور وڌائڻ لاءِ سول سوسائٽيءَ کي اڳتي وڌي اچي ڪردار نڀائڻ گهرجي.
    ان ڏس ۾ ساحلي پٽي جي، خاص ڪري اسان جي ميڊيا تي تمام گهڻي ذميواري عائد ٿي ٿئي ته اهي وڌ کان وڌ انهيءَ مسئلي کي فوڪس ڪري اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته جيئن اقتدار ڌڻين جي ڪنن تائين انهن مسڪينن جي آهن ۽ دانهن کي پهچائي سگهجي جيڪي هينئر مفهامت جي نالي تي اقتدار جي مزي ۾ مست آهن.


    معصوم حياتين سان ٿيندڙ هاڃا ۽ عورت تنظيمون

    معصوم حياتين سان ٿيندڙ هاڃا ۽ عورت تنظيمون

    اسان ته مرشد سائين لطيف سرڪار جا پيروڪار آهيون، جنهن اسان کي امن ۽ شانتي جو درس ڏنو آهي، جنهن جي هڪ هڪ سٽ ۾ محبت جو پيغام آهي. اسان ته ان سيد جا پيروڪار آهيون جنهن جي واتان جڏهن به دعا نڪرندي هئي ته هُو پنهنجي ڌرتي سنڌ امڙ سان گڏ پوري عالم لاءِ ڌڻي در دعا گهرندو هو.
    ته پوءِ ڀٽائي جي ڌرتي تي اهڙي ناانصافي ڇو؟ جو روز ڪٿي نه ڪٿي، ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ معصوم جوانين جي تقدس پائمال ٿي رهيو آهي، مگر ڪير پڇڻ وارو ئي ناهي. ڪنهن سان گينگ ريپ، ڪنهن سان ڏاڍائي، ڪنهن جي بي حرمتي، ڪنهن جي تذليل مطلب ته هر طرف عورت ويچاري سان وحشت برپاءُ آهي. ڄڻ هن ملڪ ۾ جهنگ جو قانون هجي جو ڪا داد فرياد ئي ناهي. بس ”ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا“ واي ڪار ڏاڍي کي ڪير هٿ لڳائڻ لاءِ به تيار ناهي مگر هيڻو ويچارو سدائين سورن ۾، مطلب جيڪو ظلم ڪري ٿو اهو آزاد گهمندو ٿو وتي ۽ جنهن سان ظلم ۽ ستم ٿئي ٿو، ته اها نياڻي هڪ ته ميڊيائي بريڪنگ نيوز جي لپيٽ ۾ خوار الڳ، ته صحافين جي سوالن جي جواب ڏيڻ لاءِ به پابند ته وري پوليس جي ابتين سبتين ڪارواين جي شڪار به اها ئي معصوم ڌر ٿئي ٿي. اسان جو معاشرو ڀلين پاڻ کي مهذب سڏائيندو وتي پر جڏهن به کين موقعو مليو آهي ته انهي معاشري اهڙي متاثر ڌر لاءِ ڌرتي ٽامون ڪرڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو آهي. نتيجاً اها متاثر نياڻي يا ته خودڪُشي جو رستو اختيار ڪري ٿي يا وري اها ڌر ڪيس تان ئي هٿ کڻي ٿي ڇڏي يا وري انهي متاثر ڪنٽب کي سڄي حياتي دنيا جا طعنا سهڻ لاءِ دل تي پٿر رکڻا ٿا پون ۽ اهي وجود جيئري ئي لاش بڻجي ٿا پون ۽ سندن زندگي ڪنهن بددعا مثل بڻجي ٿي پوي.
    ڀلا ڪير آهي جو انهن چند ماڻهن جي ظلم، جبر ۽ ستم جي اڏيل ديوار کي ڊاهي؟ ڪير انهن معصوم زندگين جي آهُن، سڏڪن ۽ ڪِيڪن کي ٻڌي، جن جي وجود سان روز ڪٿي نه ڪٿي کلواڙ ٿي رهيو آهي، چند وحشي صفت درندا نفسي تسڪين خاطر ڪنهن نه ڪنهن وجود کي داغدار بڻائي ٿا ڇڏائين. چند ڏاڍا مڙس، ظالم ۽ جابر روز معصوم حياتين کي پنهنجي حوس جو نشانو بڻائين ٿا ۽ مڇ وٽي سرعام سينو تاڻي گهمندا ٿا وتن مگر کين ڪو پڇڻ وارو ئي ڪونهي، پوليس ۽ قانون کي پنهنجي جيب ۾ رکيو ٿا هلن يا وري چند ڏوڪڙ سندس منهن ۾ ڏيئي هميشه لاءِ ماٺ جي مهر لڳائي ٿا ڇڏين.
    هڪ طويل ۽ نه کُٽجندڙ داستان آهي، جيڪو بيان ڪيان ته حساس ۽ محبت پرست ماڻهن جون ته هوند دليون ئي ڏَڪِي پون. هتي ڪنهن ڪنهن جو ذڪر ڪيان ان 14 ورهين جي ذليخان لغاري جو، جنهن جي راند ڪرڻ جي عمر ۾ وحشين اجتمائي لڄالٽ ڪري سندس عزت جو تين وال ڪيو يا ذڪر ڪيان بوزدار وڏا شهر جي ان پروين مڱڻهار جو، جا اسڪول ويئي تعليم پرائڻ لاءِ مگر واپس موٽي عزت لٽائي يا ذڪر ڪيان ان معصوم شاگردياڻي عاصمه کنڊ جو جنهن سان سندس ٽن استادن ڏاڍائي ڪري استاد جهڙي عظيم پيشي کي ئي داغدار بڻائي ڇڏيو، يا انهي ڪستوري ڪولهڻ جو جنهن سان بااثر جوابدارن اجتماعي لڄالٽ ڪري سندس عزت نفس جو تارون ڇيهون ڇيهون ڪيون، ان کانسواءِ نسيما لٻاڻو، ڪائنات پروين، پوني ڪولهڻ سميت الائي ڪيتريون ئي روهيڙي جي گلن جهڙيون ڳاڙهيون رَتيون جوانيون انهن وحشي درندن جي ٻاريل حوس جي باهه ۾ سڙي رک ٿي ويون آهن ۽ پنهنجون عصمتون لٽائي جيئري ئي لاش جهڙي زندگي بسر ڪندڙ انهن معصومن جي زندگي ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي.
    ڪيڏانهن ويون عورتن جي حقن جو اهي دعويدار تنظيمون جن نسيما لٻاڻو کي هر ممڪن مدد ۽ سهوليت ڏيڻ جي خاطري ڪرائي هئي ۽ ڪٿي گم ٿي ويا آهن اهي وائيٽ ڪالر اڳواڻ جن ميڊيائي ڪيمرائين جي فليشن ۾ وڏا واعدا وچن ڪيا هئا ته ان نياڻي سان انصاف ٿيندو جنهن جي عزت ۽ آبرو کي لڳ ڀڳ ٻه سال پهرين اوٻاڙو ۾وحشي صفت جوابدارن ريزا ريزا ڪيو هو. ساڳئي نموني ڪائنات سومرو جو وجود پڻ هن پٿر جي سماج ۾ انصاف لاءِ ڀٽڪي رهيو آهي، سندس نماڻيون اکيون انصاف کي پسڻ لاءِ ڳولا جي رڃ ۾ رلي رهيون آهن پر کيس ڪهڙي خبر ته انصاف اميرن جي عاليشان محلن ۾ انهن چند ماڻهن وٽ قيد آهي جنهن جي محلن جون ديوارون هماليه جيان اوچيون آهن جنهن تائين رسائي ڪنهن ديواني جي خواب کان گهٽ ناهي.
    عورتن کي حراسان ڪرڻ کان روڪٿام ۽ عورتن جي تحفظ وارو قانون ته برابر اسيمبلي مان پاس ٿي ويو، پر سوچڻ جو مقام اهو آهي ته ڇا انهي بل پاس ٿيڻ کان پوءِ انهن ظالمن کان انهي قانون تحت حساب ورتو ويو آهي يا انهن جي اهڙي لاقانونيت کي ٻُنجو آيو آهي يا نه؟ انهي بل تي عملي طور تي ڪيترو عمل درآمد ٿي سگهيو آهي يا عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ڌرين انهي کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ڪهڙو تحرڪ ورتو آهي؟ قانون پاس ٿيڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جي حساب کي هڪڙي پاسي رکي آئون صرف اڄ جي تاريخ جي اخبارن تي سرسري نظر ڦيرايان ٿو ته اڄ وري ٻين کوڙ سارين ڪائنات سومرو، نسيما لٻاڻو ۽ ڪستوري ڪولهڻ جهڙن معصوم ڪردارن جي زندگين جون خبرون اخبار جي سرخين ۾ قلمبند ٿيل آهن، جن سان ٿيل ظلم کي صرف ٻن ڪالمن جي خبر ۾ سمايو ويو آهي جنهن جو ڪلئنڊر جي تاريخ گذرڻ کان پوءِ سڀاڻي ڪو فالواپ به نه هوندو ۽ ڪجهه حياتين جا هاڃا ته ڪنهن اخبار جي خبر به نٿا بڻجن انهن کي رات جي اونداهي ۾ ئي دفن ڪيو وڃي ٿو، جنهن تي ڪو ماتم ڪرڻ وارو به نه ٿو هجي پر ٻئي طرف اسان جي سول سوسائٽي ۽ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙ جي حام هڻندڙ اسان جون ويل سوٽيڊ عورت اڳواڻ صرف ايئر ڪنڊيشنڊ هالن ۾ آئس ڪريم جي ڪپ تي گپ شپ ڪري ملٽي ميڊيا تي چند سلائيڊس ۾ سموري درد کي سمائي، چند جذباتي بيان ڏيئي، هڪ اڌ ڪالم لکي، فيس بوڪ تي اَپ لوڊ ڪري موٽ ۾ ڪمينٽس وٺي پاڻ کي انهي ذميواري کان آجو محسوس ڪن ٿيون!. بغير ڪنهن کي ذاتي طور ملوث ڪرڻ جي عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ انهن عورت اڳواڻن کان آئون صرف ايترو ئي پڇڻ جي همت ڪري سگهان ٿو ته مهانگين گاڏين، ڪاٽن جي ڪپڙن، ايئر ڪنڊيشنڊ هوٽلن، هوائي جهازن جا سفر ڪندڙ توهان انهن پڌري پٽ کليل آسمان هيٺ ٽامي جهڙي تپندڙ گرمي ۾ انصاف جي حاصلات لاءِ ڌڪا کائيندڙ مجبور ۽ لاچار عورتن جي درد کي صرف محسوس ڪري سگهنديون هونديون؟؟ اهو سوال يقيناً جواب جو گهُرجائو آهي.


    دردِ دل ڪِي دوا ڪري ڪوئي. ..

    دردِ دل ڪِي دوا ڪري ڪوئي. ..


    مڃون ٿا ته اهڙي تباهي تاريخ ۾ پهرين ڪڏهن به نه آئي آهي، جنهن ۾ ڪروڙين ماڻهو دردبدر ٿيا هجن، هزارين مائرن جون هنجون اجڙي ويون هجن، هزارين ڳوٺ، واهڻ وسنديون لڙهي ويا هجن، اسڪول، اسپتالون تباهه ٿيا هجن. اهو به مڃون ٿا ته انهي قدرتي آفت سڄي سسٽم کي ئي تهس نهس ڪري ڇڏيو آهي. ڪروڙين ماڻهن کي بي گهر، بي يار مدد گار، کلي آسمان هيٺ سورن ڀري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويو آهي، سندن مال مويشي مري چڪو آهي، الهه تلهه لڙهي ويو آهي، هينئر وٽن ٻه ويلا کائڻ لاءِ لولي لوڻ به نه آهي. اهو پڻ مڃون ٿا ته ڪنهن کي به اها پروڙ نه هئي ته اهو سيلاب ايئن ايتري تباهي آڻيندو جنهن باعث ڪروڙين ماڻهو پنهنجي ئي ديس ۾ ڪئمپن ۾ دربدري واري زندگي گذاريندا، کين ٻن ويلن جي ماني بجاءِ پوليس جو لٺيون کائڻيون پونديون، دوا بجاءِ درد ملندا، امداد جي بجاءِ سکڻا نعرا ۽ وعدا پلئه پوندا.
    اسان جا حڪمران چون ٿا ته ڪوٽڙي وٽ سيلاب پهتو ته اسان جي تياري نه ٿيل هئي، هنن کان ڪير پڇي ته مڃيوسين ته تڏهن توهان جي تياري ڪونه هئي، پر توهان کي ڇا اها خبر نه هئي ته اهو ئي پاڻي سڀاڻي ٺٽي وٽان گذرندو ته انهن ئي ڏينهن ۾ شهداد ڪوٽ، ٺٽي ۽ ٻين شهرن لاءِ ته ڪا تياري ڪري وٺو ها، ته هوند هينئر اهڙي صورتحال کي ته منهن نه ڏيڻو پوي ها. انتظاميه جا ميڊيا تي بيان رڪارڊ تي پيا آهن ته حالتون ڪنٽرول ۾ آهن، شهدادڪوٽ ۽ ٺٽي کي ڪجهه نه ٿيندو تياريون مڪمل آهن ميڊيا اجائي واويلا پئي پکيڙي ڳڻتي جي ڪائي ضرورت ناهي، پر اسان ڏٺوسين رات جو ٻن ڪلاڪن جي نوٽس تي شهداد ڪوٽ ۽ ٺٽي کي خالي ڪرايو ويو، کائنس ڪير پڇي ته ڪيڏانهن ويا اهي سمورا انتظام ۽ تياريون؟ ٻن ڪلاڪن جي نوٽس تي لکين ماڻهن کي صرف اعلان ڪري چئي ڇڏڻ ته اها آخري وارننگ آهي شهر خالي ڪريو، ڪٿان جو قانون آهي؟ ڪو سندن والي واهر به نه هو، نه ڪا انتظاميه سندن ٻاهر منتقل ڪرڻ لاءِ ڪي اپاءَ ورتا ۽ نه ئي وري ڪا ٽرانسپورٽ جي سهوليت مهيا ڪري ڏني ويئي، بس شهر خالي ڪرڻ جي وارننگ ڏيئي، ٺلها دورا ڪري، سکڻا دلاسا ڏيئي پنهنجو فرض پورو ڪرڻ ئي حڪومت جي ذميواري آهي ڇا؟
    متاثرين کي قدرتي آفت سبب ٿيل نقصان کان وڌيڪ ته درد، ڏک ۽ تڪليف اسان جي حڪمران جي بي حسي ۽ انتظاميه جي من مستي تي رسيو آهي. اڄ جي تاريخ جي اخبارن جا ورق ورائي ڏسجن ٿا ته هر طرف بي چيني ئي بي چيني آهي، خوف آهي حراس آهي، نااميدي آهي، ڏک ۽ بک آهي. هر ورق تي ڏکن ۽ ڏاکڙن جو طويل داستان ۽ حڪومتي بي رحمين جو ڪهاڻيون چٽيل آهن. عاقل آگاڻي بند جي نازڪ صورتحال جي ڪري لاڙڪائي ضلعي ۾ خوف ۽ حراس، شهدادڪوٽ مان اڃان تائين پاڻي نيڪال ٿي نه سگهيو آهي، صرف شهدادڪوٽ کي بچائڻ ڪري قمبر ضلعي سان ٻه اکيائي، ماڻهن ۾ پريشاني، ڄامشوري ضلعي جا هزارين ماڻهو بي گهر، حمل ڍنڍ مان ايندڙ پاڻي دادو واسين لاءِ مصيبت جو سامان بڻيل، ٻوڏ ٽنڊو حافظ شاهه جي سمورن ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو، مختلف بندن کي گهارا، انتظاميه جي بي حسي، بي گهر ٿيندڙن ۾ بيمارين منهن ڪڍيو، سندس زخمن تي مرهم رکڻ لاءِ ڪي به سنجيده ڪوششون نه ورتيون ويون. اهي کوڙ ساريون خبرون جيءَ جهوري ٿيون وجهن. سچ پچ اهڙي دربدري ۽ نڌڻڪائي واري صورتحال کي ڏسي ڪري هر درد دل رکندڙ فرد جي اک آلي ٿي ٿِي پئي.
    هوڏانهن سياستدان وري هن اهڙي صورتحال ۾ پڻ سياست ڪرڻ کان باز نه ٿا اچن، اسان جو هردلعزيز محترم جناب نوازشريف سربراهه ڀلي قومي سطح جي پارٽي جو آهي، پر ويچاري کي فڪر صرف پنجاب صوبي جو ئي کائي ويو آهي، هو پريس ڪانفرنس دوران چوي ٿو ته پنجاب حڪومت سان وفاق رابطو نه ٿو ڪري، شهباز شريف کي فيصلن ۾ اعتماد ۾ نه ٿو ورتو وڃي، پنجاب حڪومت جي ڪابه مدد نه ٿي ڪئي وڃي. هن کان ڪير پڇي ته توهان قومي سطح جا ليڊر هئڻ باوجود توهان کي صرف ڳڻتي پنجاب جي ڇو کائي ويئي آهي، يا صرف پنجاب حڪومت ۽ پنجاب صوبي جي امداد جي ڳالهه ڇو ڪري رهيا آهيو؟ هڪ طرف اهي چون ٿا ته پنجاب حڪومت کي اعتماد ۾ نه ٿو ورتو وڃي ته ٻئي طرف شهباز شريف چوي ٿو ته وزيراعظم جي زيرصدارت ٿيندڙ اجلاس ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن انهي ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته متاثرين کي شروعاتي طور تي 20 هزار روپيه نقد ادا ڪيا ويندا، جنهن جو 50 سيڪڙو يعني اڌ حصو وفاق صوبن کي ڏيندو ۽ اڌ حصو صوبا پاڻ پنهنجي حصي مان ڏيندا. هاڻي ڀلا هن کي ڪير سمجهائي ته جڏهن فيصلا باهمي هم آهنگي ۽ يڪراءِ صلاح سان ٿي رهيا آهن، جنهن ۾ شهباز شريف پاڻ به شامل آهي ته پوءِ ڀلا اعتماد ۾ ڪيئن ورتو ويندو آهي؟ پر نه، انهي تي اسان جي قومي ميڊيا ڳالهائڻ لاءِ تيار ئي ناهي، پاڻ کي قومي سطح جي پارٽي نوازليگ جي ليڊر سڏائيندڙ نوازشريف جي صوبائي سطح جي سوچ ۽ اهڙي رويي تي اسان جي آزاد قومي ميڊيا ماٺ جي ننڊ ستي پيئي آهي مگر ٻئي پاسي شل نه ڪٿي ڪا پ پ پ حڪومت جي خامي نظر اچي ته ممڻ مچائڻ ۾ ويچارا دير ئي ڪونه ڪن، باقي سموري نشريات کي معطل ڪري ويچارا پ پ پ حڪومت جا ڪنڊا ڪڍڻ ۾ پنهنجو قومي فرض پوري ايمانداري سان نڀائين.
    ستم ظريفي ته ڏسو پنهنجي ڌرتي جا ڌڻي جڏهن پنهنجي ئي صوبي جي راڄڌاني ڪراچي پهتا ته هڪ لساني تنظيم انهن سورن جي ماريلن جي واهر ڪرڻ بجاءِ استقبال گولين سان ڪيو ويو. سندن پيٽ جو سور اتي به ختم ڪونه ٿيو ته وري جوش ۽ جلال ۾ اچي مطالبو ڪيائون ته جاگيردارن ۽ وڏيرن بندن کي گهارا هڻي سيلاب جا رخ موڙيا آهن، شهر تباهه ڪيا آهن، مسڪينن جو زمينون انهن جي ڪري ئي زير آب آيون آهن تنهنڪري انهن جاگيردارن خلاف مارشلا جهڙا قدم کنيا وڃن ته اسان حمايت ڪنداسين. انهي کان ڪنهن کي انڪار آهي ته جاگيردارن، چوڌرين ۽ وڏيرن ملڪ کي تباهه ڪيو آهي ۽ غريبن جي درد ۾ اضافو ڪيو آهي، پر انهي جو حل انهي صاحب موصوف جي ڏنل صلاح ۾ ته ناهي! ڏاها ٿيو هن ملڪ تي رحم ڪريو ۽ هاڻي ڪي به تجربا ڪرڻ کان پهرين انهن مسڪينن جي حالت تي رحم ڪريو جيڪي پنهنجو الهه تلهه لٽائي امداد جي انتظار ۾ ويٺا آهن ته حڪومت سندن واهر ڪندي ۽ ٻيهر آبادڪاري لاءِ مدد ڪندي اهڙي صورتحال ۾ سياسي اٿل پٿل ڪنهن به صورت ۾ ڪي به سٺا نتيجا نه ڏيندي. سياست ڪرڻ ۽ سياسي مهرا استعمال ڪرڻ جو وقت پوءِ به پيو آهي پر هينئر توهان سڀني سياسي پارٽين جي آزمائش آهي ته ڪير ڪيترو اڳيان اچي ڪري انهن معصومن جي زخمن تي مرهم ٿو رکي، سندن ڏک ۽ تڪليف کي گهٽائڻ ۾ ڪير ڪيتري مدد ٿو ڪري. توهان سڀني جا عوام دوستي جا نعرا اسان گهڻي وقت کان ٻڌي رهيا آهيون پر اصل عوام دوستي توهان جي هاڻي پڌري ٿيڻ واري آهي ته خلق خدا جي خدمت ۾ ڪير ڪيترو سنجيده آهي ۽ ڪير ڪيترو ٺلهي نعري بازي ۾ مصروف آهي. هينئر وقت آهي ته سڀئي اختلاف وساري سياست ڪرڻ جي بجاءِ انهن معصومن جي دردن جي دوا ڪئي وڃي.
    هڪ ٻي ڳالهه ته هر ڪنهن طرفان پنهنجي منهن امدادي ڪمن ۾ مشغول هئڻ ڪري هڪ ٻئي سان ڪنهن جي به ڪوآرڊينيشن ناهي، مطلب ته جتي ڪئمپون قائم ڪرڻ لاءِ خيمن جي ضرورت آهي، ته اتي خيما ناهن، جتي بيمارين ۾ معصوم تڙپي رهيا آهن ته اتي دوائون مهيسر ناهن، ڪو خاص انتظام نه هئڻ جي ڪري ڪنهن ڪئمپ تي ڪڏهن چار ٽرڪ کاڌي پيتي جي سامان جا پهچن ٿا ته ڪڏهن جنهن شيءَ جي ضرورت هجي ٿي ته اها نه ٿي ملي، ڪڏهن ڪڏهن ته بي گهر ٿيل انهن ڌرتي ڌڻين کي کاڌو به ملي ٿو وڃي ته ڪڏهن وري لنگهڻ ويلا ڪاٽڻا ٿا پون، ڪڏهن امدادي سامان جو ڪو ٿيلهو پلئه پئجي ٿو وڃي ته ڪڏهن وري پوليس جي لٺين تي ئي گذارو ڪرڻو ٿو پوي. مطلب ڪا پلاننگ ناهي جنهن کي جيئن وڻي ٿو ڪري رهيو آهي، هئڻ ته ايئن کپي ته سمورين سياسي، غير سياسي تنظيمن، ادارن جو هڪ ٻئي سان پورو پورو رابطو هجي، حڪومت طرفان انهن کي گائيڊ لائين هجي، ضرورت جي شين جي لسٽ ٺهڻ کپي ته ڪهڙي هنڌ ڪهڙي شيءَ جي وڌيڪ ضرورت آهي ته جيئن امداد جي ايندڙ سامان جي صحيح نموني ورڇ ٿي سگهي ۽ ضرورت جي شيءَ ضرورت واري هنڌ پهچي سگهي مگر ٿي ايئن رهيو آهي ته هڪ هنڌ شيون وافر مقدار ۾ پيون آهن ۽ سڙي رهيون آهن ته ٻئي پاسي جتي انهن شين جي اشد ضرورت آهي اهي شيون اتي پهچي نه سگهيون آهن انهن ڳالهين جو پڻ ادارڪ ٿيڻ کپن ۽ هڪ منظم نموني سان سڀني کي ملي ڪري ڪوششون ڪرڻ کپن. حڪومت وقت تي ته فرض ٿئي ئي ٿئي ٿو پر انسانيت جي ناتي اسان سڀني جي پڻ ذميواري آهي ته اسان انهي ڪم ۾ هٿ ونڊايون ۽ پنهنجي ڀائرن جي تڪليفن ۾ سندن ڪم اچون.

    (روزانو عبرت حيدرآباد،
    اربع 15، سيپٽمبر 2010)


    اُميد جو ڪرڻو : دي رَي آف هوپ

    اُميد جو ڪرڻو : دي رَي آف هوپ

    بلڪل مايوسي ڪُفر آهي ۽ سڄي دنيا اميد تي ئي قائم آهي. هر انسان کي پنهنجون پنهنجون اميدون آهن ۽ اهو انهي اميد جي سهاري پنهنجي زندگي گذاري ٿو. مگر اهي سموريون اميدون اسان خدا جي ذات مان رکون ٿا. پر جنهن اميد جو آئون هتي ذڪر رهيو آهيان، اهو هڪڙي صاحب موصوف جنهن پنهنجي واکاڻ ۾ تازو هڪڙو ڪتاب لکايو آهي انهي جو عنوان آهي. ڪتاب جي ٽائٽل، پيپر، مواد ۽ ليکڪن کي ڏسي ڪري سمجهي سگهجي ٿو ته صاحب پنهنجي واکاڻ ۾ چڱو خاصو خرچ ڪيو آهي. انهي سڄي ڪتاب کي پڙهي ڪري بنان ڪنهن تبصري جي صرف هڪڙي ئي نقطي تي متفق ٿي سگهجي ٿو ته جيءَ حضوري جا شوقين صرف بادشاهه ۽ سياست دان ئي ڪونهن انهي صف ۾ ٻيون به عظيم شخيصتون شامل ٿي چڪيون آهن. منهنجي ذهن ۾ اهو هو ته درباري تقريرون، جي حضوري ۽ پنهنجي واکاڻ ۾ ڳايل راڳ ۽ ڪن رس چسڪي جي بيماري صرف سياستدانن ۽ چڱن مڙسن کي آهي. پر نه اهو مرض هاڻي ٿر تي احسان ڪري ڄايل هڪ شخص جيڪو هڪڙي نه پر ٻن اين جي اوز جو واڳ ڌڻي آهي، جيڪو پاڻ کي مسڪين، غريبن جو ڏک ڏوکي، ماروئڙن لاءِ تڙپ رکندڙ شخص ٿو سڏائي ان کي به لڳي چڪو آهي.
    کيس عظيم تر صلاحيتن ۽ خدمتن جي عيوض صدارتي ايوارڊ سان نوازيو ڇا ويو، هر طرف بلي بلي ٿي ويئي، اڪبر جي درٻار ۾ درٻارين جي کوٽ نه هئي تيئن سائين هن همراهه جي واهه واهه ۾ ڪسيده گوهي شروع ٿي ويئي، ته سائين ته ڪو معجزو آهي، هن جون خدمتون تاريخ جي سنهري اکرن ۾ لکيون وينديون، اڇوت جي گهر ۾ جنم وٺي هن سڄي ٿر کي ئي نهال ڪر ڇڏيو. ٻيو ته ٺهيو کيس ٿر جي عظيم انسان مسڪين جهان خان کوسي سان ڀيٽ ڏيئي سندس تعريفن جا اهڙا محل اڏي اهو تاثر ڏنو ويو ته جهڙوڪر هي ماڻهو اگر پيدا نه ٿئي ها ته ٿر جو ته الائي ڇا ٿي وڃي ها. هڪڙي دوست لکيو ته سائين وڏيون تڪليفون، دشواريون سهي ڪري هن منزل تي پهتو آهي ۽ هن ٿر کي هڪڙو انقلابي جامع پروگرام ڏنو ۽ اڄ ٿر ترقي جي راهه تي گامزن آهي ته بس سائين جي وسيع النظر ۽ پلاننگ جي ڪري آهي. هن ٿر جي ڳوٺن ۾ کوهه، نلڪا ۽ هينڊپمپ ڏنا، ترقي جون پاليسيون متعارف ڪرايون، مائڪرو ڪريڊٽ جي نظام جي ذريعي ٿر جي ماڻهن کي پاڻ ڀرو ڪيو ۽ قالينن جي کڏين مان ٻارن کي آزاد ڪري اسڪولن ۾ موڪليو. هن کان وڌ ٻيو هي ڇا ڪري؟ اهڙين عظيم خدمتن تي کيس نوبل انعام ملڻ کپي. مون کي پوءِ خبر پيئي ادو سائين جي ئي اداري ۾ ڪم ٿو ڪري سو سندس لاءِ اهي لفظ لکي پنهنجي نوڪري پڪي لاءِ ضروري هئا.
    سو ڳالهه پئي ڪئي سين ڪتاب ”اميد جي ڪرڻي“ جي، جيڪو ٿر جي عظيم سوشل ورڪر صاحب پنهنجي مهانتا ۾ صدارتي ايوارڊ ملڻ کان پوءِ اهو ڇپايو آهي، اهو ڪتاب تازو نظر مان گذريو. واقعي ئي اڃان شاهه کان وڌ شاهه جي وفادارن جو ڏڪار ناهي آيو. ڪتاب جي ڪجهه غير متنازه ليکڪن کي ڇڏي ڪري باقي سمورا ويچارا پنهنجو مارڪون پڪيون ڪرڻ ۾ پورا لڳا. هڪڙي صاحب ته سائين تي اخبارن ۾ ٿيل تنقيد تي اهڙي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو جو سندس لکڻي پڙهندي ئي ماڻهو کي ڊپ پيو ٿئي، پوءِ خبر پئي ته صاحب جا ٻه ڀائر انهي اداري ۾ ڪم ٿا ڪن سو سندس اها لکڻي جائز لڳي. هڪڙي ٻئي ادي ميمڻ صاحب به سائين سان گڏ اداري ۾ گذاريل وقت جو ذڪر ڪندي سائين کي ٿر لاءِ معجزو قرار ڏنو، هڪڙي ٻيءَ صاحب ته پاڻ تي ڪيل سائين جي مهربانين جا گڻ ڳايا، هڪڙي ڪنهن دوست جو اخباري ڪالم به انهي ڪتاب جي اسڪرپٽ جي پورائي لاءِ شامل ڪيو ويو هو جو اهو ڪالم انهي صحافي تي ڪڍيل سموري ڪاوڙ تي مبني هو، جنهن صحافي سائين جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ جي غلطي ڪئي سو اهو ڪالم شامل ڪرڻ ضروري هو. برحال سموري ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ سائين جي شان ۾ واڌارو ته ضرور ٿيو ئي ٿيو هوندو ۽ سائين به ڏاڍو خوش ٿيو هوندو پر سائين جي شان ۾ ڪسيده گوهي ڪندڙ ڪافي همراهه وائکا ضرور ٿي پيا آهن، جن جي شخصيت پهرين غير جانبدار تصور ڪئي ويندي هئي، پر ڇا ڪجي وقت جي ستم ظريفي آهي پيٽ به الائي ڇا ڇا ڪرايو ڇڏي. تنقيد ڪرڻ هر انسان جو بنيادي حق آهي، جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن اداري جي عهدي تي ڪم ڪري ٿو، جنهن جي عمل جو سڌو سنئون اثر اتان جي ماڻهن جي عام زندگي تي ٿيندو هجي ته ان جي ڪم تي تنقيد به ٿيندي آهي ۽ تعريف به جائز آهي، پر جيڪڏهن اهڙن ماڻهن کي درٻارين جي تعريف پنهنجي ڪن رس لاءِ مٺي لڳي ٿي ۽ ٻڌڻ ۾ مزو اچي ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ جائز تنقيد به صبر ۽ تحمل سان ٻڌڻ کپي. پر جن ماڻهن کي اسان وڏائي جا بت بڻائي پوڄا ڪندا آهيون، ويجهڙائي کان اهڙن ماڻهن کي ڏسبو ته اهي اندر ۾ بلڪل خالي ۽ کوکلا ٿي چڪا هوندا آهن، سندس برداشت جي سگهه ختم ٿي چڪي هوندي آهي، بس جيءَ حضوري ۽ ييس سر جا لفظ ئي کين پسند ايندا آهن. ڪير سندس ڪم تي ڪا ٿوري به تنقيد ڪري کائنس برداشت نه ٿيندي آهي. ايئن ڪنهن صحافي سندس مليل ايوارڊ تي ڪا تنقيد ڇا ڪئي، شاهه کان وڌ شاهه جا وفادار لهي پيا ميدان ۾، الله کين حياتي ڏي، سائين کي ڀٽائي جي سورمين سان ڀيٽا ڏيئي، ايڪويهين صدي جو مسڪين جهان کوسو ٺاهي پيش ڪيائون. مارڪون ٺاهڻ به ڀلا ڪوئي انهن کان ئي سکي.
    چوندا آهن ته هٿ ڪنگڻ کي آرسي ڪهڙي؟ جي انسان پاڻ اعليٰ شخصيت جو مالڪ آهي ۽ هن جي دل ۾ انسان ذات جي خدمت ڪرڻ جو جذبو آهي، ته پوءِ ڀلين سندس شان ۾ ڪسيده گوهي ٿئي يا نه پر دنيا پوري ايمانداري سان کيس ياد ڪندي رهندي. مسڪين جهان خان کوسي جو نالو ڀلا ڪير ٿو وساري سگهي جنهن پنهنجي هڙان توڙي وڙان وڃائي خلق خدا جي خدمت ڪئي ۽ غريب مسڪين انسانيت جي مدد ڪندي پنهنجي حياتي ارپي ڇڏي. جنهن سدائين بنان ڪنهن فرق ۽ ذات پات جي هر درد مند جو ڀرجهلو ٿيڻ پنهنجي پهرين ترجيح سمجهي. انهي شخص پنهنجي واکاڻ ۾ نه ڪي ڪتاب ڇپرايا نه ئي ڪسيده گوهي جا ڪالم لکرايا. هن انهي سڄي هٿ ٺوڪي چمڪ جي بدران عملي طور ڪم ڪيو، غريبن جي مدد ڪئي، پاڻ بکون ڪاٽي به ٿر جي مسڪين ماروئڙن جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيو ته اڄ هر ماڻهو ان جي ڪيل خدمتن کي ساري کيس ڀيٽا پيش ڪري ٿو. سو نالو ڪمائڻ لاءِ هروڀرو ڪتاب ڇپائي، ڊيڪوريٽيڊ ۽ اي سي هال ۾ ڪنهن اعليٰ شخصيت کان مهورت ڪري ڊگهيون تقريرون ڪري واهه واهه ڪرڻ ضروري ناهي.
    سائين جن جنهن کي صدارتي ايوارڊ به مليو، سندس شان ۾ ليک به ڇپيا، ڪتاب به ڇپيا، وڏيون مهورتي تقريبون به ڪوٺايون ويون، ان صاحب جي عملي ڪمن بابت ٿوري سرسري نگاهه ڦيرينداسين، ته معلوم ڪري سگهجي ٿو ته پاڻ سٺا بزنس مين ۽ وئيل ايڊمنسٽريٽر ته ضرور آهن پر سوشل ورڪر ته هرگز نه! پاڻ هڪ ئي وقت ۾ ٻن يا ٻن کان وڌيڪ اين جي اوز جي ڊائريڪٽر طور ڪم ته ڏاڍي سهڻي نموني سان سرانجام ڏيئي سگهن ٿا، پر سوشل ورڪ جي عملي ڪم ۾ اسان کي سندس راءِ ابتڙ ملندي. جنهن جي زندگي اي سي ۽ ڊيڪوريٽيڊ ڪمرن، هوائي سفرن ۽ پيجرو گاڏين ۾ گذرندي هجي ته ان کي ٿر جي ڀٽن جي تتل واري تي پڌري پٽ انگ اگهاڙن ٻارن جي حالت جي ڪهڙي خبر؟ جيڪي ٿر جي حالتن، اتان جي ماروئڙن جي سڏڪن، آهن ۽ لڙڪن کي پاور پوائنٽ پرزنٽيشن ۾ سمائي وديشي گورن کان پروجيڪٽ وٺي واپس ڏانهس لڙي به نه نهارين ته اهڙن ماڻهن کي سوشل ورڪر سڏائڻ جو حق به آهي يا نه؟ اهو فيصلو پاڻ ڇڏيون ٿا خلق خدا تي.
    (روزانو عبرت حيدرآباد،
    آچر 24، اپريل 2011)


    سوشل بيوروڪريٽ: اين او زي لارڊز

    سوشل بيوروڪريٽ: اين او زي لارڊز

    بئروڪريسي جو نالو ڀلا ڪنهن نه ٻڌو هوندو، ملڪ جو طاقتور حلقو. جيڪو ملڪ جي ٺهڻ کان وٺي ڪري اڄ ڏينهن تائين سدائين گيهه جي ندي ۾ ئي سفر ڪندو رهيو آهي. حڪومت عوامي هجي يا فوجي، ڀلين سياستدان ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان ڪامياب ٿي آيا هجن يا کڻي مارشل لا جي انتهائي سخت حڪومت هجي پر بئروڪريسي سدائين سڀني جي ساٿاري رهي آهي ۽ هميشه موجن ۾ رهي آهي. ايئن به ڪونهي ته ڪو سڀ جا سڀ بئروڪريٽ ائين هجن مگر اڪثريت ايئن ئي رهي آهي. خير اها ته آهي ملڪ جي بئروڪريسي جيڪا جيئن مرضي پئي تيئن هلي، جيڪو وڻي سي قانون ٺاهي، پاڻ انهي تي بحث ڪونه ٿا ڪيون. پاڻ جنهن جو ذڪر هتي ڪنداسين اها آهي ”سوشل بئروڪريسي“. توهان کي اهو لفظ ٻڌي عجب لڳو هوندو ته ڀلا سوشل بئروڪريسي وري ڇاهي؟ اهو ئي پاڻ وارا سوٽيڊ بوٽيڊ، فرينچ ڪٽ اين جي اوزي لارڊز.
    بلڪل اهي اين جي اوزي لارڊز به ڪنهن بئروڪريٽ کان گهٽ ٿورو ئي آهن، اهي به ڪنهن تعارف جا قطعي طور محتاج ناهن. کين به ساڳيو ئي پروٽوڪول مهيسر هجي ٿو، سندس رهڻ ڪهڻ، اٿڻ ويهڻ، ڪم ڪار جو انداز به ساڳيو اهو ئي بئروڪريسي جهڙو. جتي به ويندا ته وفد جي صورت ۾ دورو ڪندا، سندس وفد ۾ شامل ماڻهن جي لسٽ به ڪنهن سياستدانن سان گڏ دورا ڪندڙن کان مختلف نه هوندي. قافلن جي صورت ۾ سفر ڪندا. انگريزي گورن کي اگر ڪنهن پروجيڪٽ جي وزٽ ڪرائڻي هوندي ته باقاعده وڏو اهتمام ڪيو ويندو. ريجنل آفيسن کي باقاعده آرڊر پاس ٿي ويندا، پوءِ ريجنل آفيسر ويچارا ڏينهن رات هڪ ڪري ڏيندا ته لارڊ صاحب هن دفعي گوري سان گڏ پيو اچي، کيس ڪنهن به حال ۾ خوش ڪري موڪلڻو آهي ته متان ڪو پروموشن جو آسرو ٿي پئي. پروجيڪٽ ايريا ۾ ايندڙ ڳوٺ جي چونڊ گهرن کي باقاعده ٿري رلين سان سينگاريو ويندو، پنج ڏهه ڳالهائڻ جهڙن مرد ۽ عورتن کي اڳواٽ ئي سمجهائي ڇڏبو پوءِ اهي ويچارا اٻوجهڙا سائين جن جي شان ۽ سندس اين جي اوز جي ڪم جي واکاڻ ڪندا، پوءِ لارڊ جي وفد ۾ شامل انٽرپريٽر (ترجمي نگار) وري اها واکاڻ گوري کي ٽرانسليٽ ڪري ٻڌائيندو ۽ لارڊ وٽ پنهنجون مارڪون پڪيون ڪندو ۽ لارڊز وٽ گوري جي واتان ”وائو ويري ويئل ڊن“ جا لفظ ٻڌي پيو خوش ٿيندو.
    لينڊ ڪروزر ۽ پيجرو جهڙين اي.سي گاڏين ۾ قافلن جي صورت ۾ فيلڊ جو وزٽ ڪري موٽندڙ لارڊ صاحب جي آرام ۽ رهائش لاءِ ريسٽ هائوس بوڪ ڪيا ويندا آهن، اي سي ڪمرن ۾ مخملي بسترن تي سائين آرام ڪري اٿندا ته وري ڪي ڪڪڙ ڪسبا ۽ ڪي ٻڪر ڪهبا ۽ طعام تيار ٿيندا. جيڪڏهن انهي سموري وزٽ مان لارڊ صاحب خوش ٿي ويو ته پوءِ وائسراءِ وانگي پروموشن جا ڦول به لڳائيندو ته وري پگهارن وڌائڻ جي پيڪيجن جا اعلان به ڪندو. بس پوءِ جن کي جيتري جيءَ حضوري ڪرڻ اچي ۽ جيترو صاحب کي خوش ڪري سگهن اوتري پروموشن. ڪن ويچارن کي مون سالن کان وٺي هڪڙي ئي پوسٽ تي ڪم ڪندي ڏٺو جيڪي بس پنهنجي ڪم سان ڪم رکندڙ آهن پر ڪي رنگ روٽ جوڌا جوان به راتون رات ترقين جا ڏاڪا سر ڪندي منزلن تي وڃي پهتا. بس جن کي جيترو ڪمال اچي اهو اڳتي وڌي به سگهندو ۽ جيب به گرم ڪري سگهندو.
    غريبن جي مفلسي ۽ سڏڪن کي انگريزي جي لفظن ۾ اهڙو ته پروئيندا جو وڃي ٿيا خير، مسڪين ماروئڙن جي اٻوجهه پڻي کي لفظن جي جادوگري ۽ پاور پوائنٽ پرزنٽيشن جي ٽيڪنڪ جي ذريعي اهڙي ته ڪمال سان پيش ڪندا، جو ويچارو عام ماڻهو ته دنگ رهجيو وڃي ته غريبن جو ڪيڏو نه درد رکندڙ انسان آهن. پر حقيقت ۾ اهي لارڊز عام پبلڪ کي ڪڏهن ڳولهي به نه لڀندا آهن، جو سائين سدائين غريبن جي سهائتا جي لاءِ پرڏيهي دورن ۾ هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ٿر تي لڙي آيل ڪڪرن وانگي اچي ڪري ڪنهن مرشد جيان غريب خلق کي ديدار ڪرائيندا آهن، اهو به ڪنهن پير جيان گاڏي جو شيشو هيٺ ڪري ڪنهن ڳوٺ مان گذر ڪري منهن مبارڪ ڏيکاريندا ڇو جو تتل واري تي هيٺ هلڻ سان انهن جا ٿري پيس سوٽ ميرا ٿي ٿا پون، جو هڪڙو هڪڙو سوٽ هزارين روپين جو ۽ ڌلائي وري الڳ خرچ ٿئي سو اڻپڙهيل خلق کي انهن ڳالهين جي ڪهڙي ڪل، پر سائين جن کي ته سڀ خيال رکڻو ٿو پوي.
    جيئن بئروڪريسي ۾ لابيون ٿينديون آهن تيئن وري انهن سوشل بئروڪريٽن (اين جي اوزي لارڊز) ۾ به گروپ بنديون هونديون آهن. سڀ کان وڏو سوشل بئروڪريٽ اهو آهي جيڪو ڪنهن هڪ يا هڪ کان وڌيڪ وڏين اين جي اوز جو سي اي او هجي، سندس رهڻي ڪهڻي ۽ اسٽائل بلڪل مغربي هجي مطلب ٿري پيس سوٽ، فرينچ ڪٽ ڏاڙهي، ڳالهه ڪندي انگريزي جا جملا ڳالهائي، غريب مسڪين ماڻهن کي ڄٽ، اڻ پڙهيل سمجهي، پاڻ کي ڪل عقل سمجهندو هجي، سندس شان ۾ گهڻي کان گهڻا ڪسيده گوهي ڪندڙ هجن، کيس عظيم تر خدمتن عيوض ڪي سرڪاري ۽ ڪي غير سرڪاري ايوارڊز وغيره مليل هجن، سندس شان ۾ ڪتاب ڇپيل هجن، مختلف ضلعن جون ننڍيون تنظيمون سندس پاران ڏنل پروجيڪٽس تي پلنديون هجن، سائين جن جنهن به ضلعي مان گذر ڪن ته باقاعده تاريخي آڌرڀاءُ ٿيندو هجي اهو آهي سڀ کان وڏو سوشل بئروڪريٽ يعني مهان اين جي اوزي لارڊ.


    (روزانو عبرت حيدرآباد،
    آچر 15، مئي 2011)


    سماجي ڀلائيءَ جا ادارا ۽ ڪاروبار جو نرالو انداز

    سماجي ڀلائيءَ جا ادارا ۽ ڪاروبار جو نرالو انداز

    اٽو، لٽو، اجهو، صحت، تعليم، پاڻي، ملازمت، تحفظ اهي هر انسان جو بنيادي ضرورتون آهن ۽ هر حڪومت ۽ اتان جي حڪمرانن جي اها پهرين ذميواري هوندي آهي، ته هو پنهنجي عوام جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪري ڏئي حڪومت انهي ڏس ۾ عوام کان ٽئڪس وصول ڪري ٿي. پر جڏهن حڪومتي ادارا مختلف سببن جي ڪري ڪمزور ٿيڻ لڳندا آهن ته اهي پنهنجون ذميواريون پوري طريقي سان نڀاهي نه سگهندا آهن ۽ نتيجاٰ عوام ويچاري مصيبتون برداشت ڪري ٿي. ادارن جي اهڙي ڪمزوري جي ڪري عوام ۽ حڪومت جي وچ ۾ خلا (gape) پيدا ٿئي ٿو ۽ قدرت جو قانون آهي ته جتي به جنهن جي ڪري ڪو ويڪئم پيدا ٿئي ٿو ته ڪا ڌر، ماڻهو يا ادارو انهي خلا کي ڀرڻ لاءِ اڳتي اچي ٿو. پوءِ اهو خلا ڀرجي ٿو يا نه پر اهو ماڻهو، ڌر يا ادارو انهي ڪمزوري مان فائدو ضرور وٺي ٿو ۽ عوام ويچاري جنهن کي ڪو آسرو پيدا ٿيندو آهي ته هاڻي سندس داد رسي ٿيندي سا ويتر ئي مايوسي ۾ مبتلا ٿِي ٿِي وڃي.
    ٽئين دنيا جي مختلف غريب ملڪن جيان اسان وٽ ادارن جي ڪمزوري ڪنهن کان لڪل ڪونهي، ڪرپشن، بدعنواني ۽ مختلف پيچيده سسٽم جي ڪري ادارا عوام جي ڀلائي جا ڪم پنهنجي عين طريقيڪار مطابق نٿا ڪن، جنهنڪري سالن پڄاڻان به عوام اڃان ڀوڳنائن جي گهاڻي ۾ پيسجي رهيو آهي. امير، امير تر ٿيندو پيو وڃي ته غريب ويتر غريب تر ٿيندو پيو وڃي. ملڪ جي هڪ ڳڻڻ جيتري آبادي غريب جي لڪير کان به هيٺ زندگي بسر ڪري ٿي، کين ٻه ويلا ماني به مشڪل سان نصيب ٿئي ٿي. انهي سڄي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي حام هڻندي ”غير سرڪاري تنظيمون“ اين.جي.اوز وجود ۾ آيون، جنهن سماجي ڀلائي جو نعرو هڻي پاڻ کي سماجي ڀلائي جي تنظيمن طور متعارف ڪرايو. جنهن حام هنئي ته اهي عوام کي متبادل ذريعا پيدا ڪري ڏينديون جنهن سان عوام کي بنيادي سهوليتون ميسر ٿي سگهنديون.
    سماجي ڀلائي جي ڪم کي اسان وٽ عبادت سمجهيو ويندو هو، هرڪو ئي پنهنجي طور تي ڪنهن نه ڪنهن نموني سان سماجي ڀلائي جي ڪم ۾ رضاڪارانه طور تي هٿ ونڊائيندو رهندو هو ۽ اهو ڪم ماڻهو وڏي فخر سان ڪندا هئا ته سندس جي ڪري ڪنهن غريب جي مدد ٿي پئي ته سٺي ڳالهه آهي. ويجهي ماضي ۾ ئي کڻي ڏسجي ته خيراتي اسپتال، مسافر خانا، اسڪول، ڪميونٽي هال، پارڪ ۽ ٻيا ڪيترا ئي اهڙا ماڳ، شيون ۽ ڪم انهي ڳالهه جو جيئرو جاڳندو مظهر آهن ته اسان وٽ ماڻهو پنهنجي هڙان خرچ ڪري به سماجي ڀلائي جي ڪمن ۾ هٿ ونڊائيندا هئا. پر پوءِ وري اين جي اوز ڪلچر آيو، جنهن جي ڪري رضاڪارانه ڪم آهسته آهسته ختم ته نه ٿيو آهي پر پوءِ به گهٽ ضرور ٿيو آهي. وقت ۽ حالات جون ستم ظريفيون آهن يا وري جديد دور جي ڪري انسان زياده پروفيشنل ٿيندو پيو وڃي جو هاڻي هر ڪو ئي اها ئي خواهش رکي ٿو ته کيس سندس ڪم جي بدلي ڪونه ڪو معاضو ضرور ملي. مطلب ته پهرين سماجي ڪم (سوشل ورڪ) عبادت ۽ ڀلائي سمجهي ڪيو ويندو هو پر هاڻي ڪاروبار سمجهي ڪيو ٿو وڃي. بس پوءِ ڪاروبار ۾ ته هوندي ئي آهي ڪامپيٽيشن! هرڪوئي لڳي ويو هن ڌندي سان ۽ هڪ ٻئي کان گوءَ کڻڻ ۾ جنبي ويو.
    اڳي اسان وٽ اين جي اوز جو رجحان تمام گهٽ هو پر هاڻي انهي ڪم جو واپار وافر مقدار ۾ ٿيڻ لڳو آهي، ملڪ جي ٻين علائقن کي ڇڏي صرف اسين ٿر ڏانهن نظر ڦيرائينداسين ته به اين.جي.اوز جو تعداد ڳڻپ کان مٿي ٿيندو. جيڪو ٿو گهران ڪاوڙجي يا کين سرڪاري نوڪري نه ٿي ملي ته اهو سرڪار کي چار گهٽ وڌ اکر ڳالهائي ٻڌي ٿو سندرو اين جي اوز کولڻ جو. پوءِ سوشل ورڪ جي نالي تي جيڪا جٺ اهي عوام سان ڪن ٿا، انهي جو هڪڙو طويل داستان آهي. غريب خلق خدا کي صاف پاڻي، تعليم، صحت مهيا ڪري ڏيڻ جي نالي تي، ته ڪي ٻارن جي حقن جي نالي، ڪي عورتن سان ٿيندڙ ناانصافين جي نالي، ته ڪي وري ڏڪار جو راڳ آلاپي پنهنجي پنهنجي الڳ ديڳڙي چاڙهيو ويٺا آهن ۽ لڳا پيا آهن پنهنجي ڌنڌي کي. اڃان صحت، تعليم، ٻارن، ڏڪارن ۽ عورتن جي نالي تي اهي نام نهاد سوشل ادارا انسانن جي خدمت ڪري بس واندا ئي ٿيا هئا ته ڪن وري وڻن، ٻيلن، ڍور ڍڳن، نانگن، بلائن ۽ مورن جهڙي ويچاري معصوم بي زبان مخلوق کي به نه بخشيو ۽ انهن جي ڀلائي ۽ بهتري جي نالي تي به گورن جا کيسا ڪَتري پنهنجا جيب گرم ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش پئي ڪئي آهي.
    عوام ويچاري کي صاف پاڻي مليو يا نه مليو خير آهي پر سندس نالي تي ايندڙ پئسن مان هي ويچارا اين جي اوزي بابو صرف منرل واٽر ئي پيئندا آهن ڇو جو سندن صحت صحيح هوندي تڏهن ئي ته هو ڀلائي جي ڪمن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي سگهندا. باقي عوام ويچاري کي ديسي طريقي سان مٽي جي نادين ۾ ريتي، بجري ۽ ڪَڪرِي جي ذريعي پاڻي صاف ڪري پيئڻ جا مفيد مشورا مفت ڏئي فرض پورو ڪبو. ٻارن جي حقن جي نالي جو دهل پٽيندڙن کي پنهنجي مصروفيتن مان فرصت ملي ته گهڙي کن پنهنجي آسپاس جي دنيا ۾ به جهاتي پائي ڏسن ته اڄ به معصوم گلڙا نازڪ هٿڙن سان ورڪشاپن تي لوهه ڪٽيندا نظر ايندا، نفيس ۽ نازڪ عمر ۾ هوٽلن تي بيراگيري ڪندي نظر ايندا، ڪارپيٽ جي ڪارخانن جي دوزخ ۾ پنهنجي خوبصورت زندگي تعليم کان محروم ۽ عذابن ۾ بسر ڪندي نظر ايندا ۽ ٽرڪن، بسن تي مالڪن ۽ ڊرائيورن هٿان بي عصمت ٿيندي نظر ايندا پر کائنس ڪير پڇي سندس نالي تي ڪروڙين روپيه اجگر جيان ڳڙڪائي ويا آهيو پرننڍي عمر جي ٻارن سان ٿيندڙ جنسي ڏاڍاين جا ڪيترا ڪيس رجسٽرڊ ڪرايا آهن يا ڪيترن اهڙن ٻارن کي مفت ليگل ايڊ فراهم ڪئي آهي يا ڪيترن ٻارن کي گئريجن، هوٽلن، ڪارپيٽ انڊسٽري مان آزاد ڪرائي اسڪول داخل ڪرايا آهن. عورت جي حقن لاءِ ڪندڙ ادارا سمجهن ٿا ته صرف عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي ميڙاڪو ڪوٺايوسين ۽ ڊگها خطاب ڪري داد وصول ڪيو ته بس سندن ذميواري پوري ٿي پئي، خدارا عورت کي ڪنهن اشتهار جي ماڊل وانگر استعمال ڪري سندس اهنجن، تڪليفن کي مغرب جي دنيا وٽ وڪڻي هروڀرو لبرلزم جو دهل وڃائي سندس لڙڪن جو ڪاروبار نه ڪريو. ڇو جو سندس معصوميت تي ڊگها ليڪچر ڏيئي ڪري توهان ته ضرور مغرب جا ٽوئر ڪري آيا هوندا يا کڻي توهان جي زندگي ته ضرور آسوده ٿي ويئي هوندي پر اڄ به عورت هن بگهڙن جي وحشي سماج ۾ ڪنهن ٽشو پيپر جيان استعمال ڪري ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ اڇلائي وڃي ٿي پر ڪير به سندس داد رسي ڪرڻ وارو ناهي.
    هن سموري بحث ۾ هڪ ئي نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته سرڪاري ادارن جي ويڪئم کي ڀرڻ لاءِ قائم ٿيل غير سرڪاري ادارا (اين.جي.اوز) ڪنهن به صورت حڪومتي ادران جو متبادل نٿا ٿي سگهن. اهي سرڪاري ادارن جي هوندي هڪ ئي وقت Parallel طور پنهنجي طرفان اسڪول، اسپتالون، نلڪا، امداد، صحت، تعليم جون سهوليتن جي نالي تي ڌنڌي سان سواءِ ڪجهه به نٿا ڪن. ڇاڪاڻ جو اين.او.اوز جو اهو ڪم ئي ناهي ته ماڻهن ۾ ڪنهن سياستدانن وانگي امداد ورهائي. سوشل ورڪ جي نالي ۾ ڪم ڪندڙ انهن ادارن جو ڪم آهي ته اهي سماجي تبديلي (social change) آڻين، ماڻهن کي educate ڪن ته کيس بنيادي حق ڏيڻ حڪومت جو فرض آهي ۽ جيڪڏهن حڪومتي ادارا پنهنجو فرض پوري ايمانداري سان ادا نٿا ڪن ته اهي غير سرڪاري ادارا ماڻهن کي آگاهي ڏين، سماجي تبديلي آڻين، منجهس سياسي، شعوري جاڳرتا پيدا ڪن ته خلق خدا پنهنجا حق حڪومت کان گهري وٺي، پنهنجي حقن لاءِ ڳالهائي سگهي، سياسي، سماجي جدوجهد ڪري سگهي. جيڪو اصل ڪم آهي اهو ته پهچي ڪونه ٿو، باقي سرڪاري ادارن جي خامين جا ڪنڊا ڪڍي ۽ سماجي خدمت جي نالي تي گورن کان امداد وٺي غريب عوام جي جيڪا خدمت توهان اين جي اوزي بابو ڪري رهيا آهيو سا خلق خدا کان ڳجهي ڪين آهي.

    (روزانو عبرت حيدرآباد،
    آچر 05، جون 2011)


    معصوم گلڙن سان ٿيندڙ ڏاڍايون

    معصوم گلڙن سان ٿيندڙ ڏاڍايون

    ٻار ڪائنات جو حسين تحفو آهن ۽ اسين انهن کي گلن سان مشابهت ڏيندا آهيون ڇاڪاڻ ٻار به گلڙن جهڙا ئي معصوم ۽ نازڪ آهن. پر اسان جي معاشري ۾ جتي ٻيون انيڪ برايون آهن اتي اسان وٽ ٻارن سان ٿيندڙ جنسي زيادتين جو به هڪ اڻ کٽ سلسلو آهي، جيڪو هڪ مهذب معاشري لاءِ انتهائي افسوس جو مقام آهي. هڪ اندازي مطابق پاڪستان ۾ هر روز سراسري طور 7 ٻار جنسي ڏاڍائي جو شڪار ٿين ٿا. جنهن جو اندازو پڻ پرنٽ ميڊيا ۾ ڇپجندڙ خبرن مان لڳايو ويو آهي، مگر ڪيترائي اهڙا واقعا هوندا آهن جنهن جي ڪا رپورٽ به شايع نه ٿيندي آهي، انهي مان اسان اندازو لڳائي سگهون ٿا ته متاثر ٿيندڙ ٻارن جو انگ اڃان به وڌيڪ آهي. ڪيترن ئي هنڌن تي ڏوهاري جي نشاندهي هئڻ جي باوجود به والدين پاران معاشري ۾ بدنامي جي ڊپ کان ڪيس ئي رجسٽرڊ نه ڪرايو ويندو آهي، جنهن ڪري ڏوهاري صفت ماڻهن کي وڌيڪ بي ڊپائي سان اهڙو ڪڌو ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي.
    ساحل، اسلام آباد نالي هڪ غير سرڪاري تنظيم پاران پرنٽ ميڊيا ۾ ڇپجندڙ خبرن جي بنياد تي گڏ ڪيل انگن اکرن مطابق صرف گذريل سال 2010 ۾ 2252 ٻارن سان جنسي ڏاڍايون ٿيون آهن، جنهن ۾ 73 سيڪڙو ڇوڪريون ۽ 27 سيڪڙو ڇوڪرن جا ڪيس سامهون آيا آهن. اهي انگ اکر 2009 جي ڀيٽ ۾ گهٽجڻ بجاءِ وڌيا آهن ۽ 2011 جا انگ اکر اڃان الڳ آهن، جيڪو انتهائي افسوس جوڳو عمل آهي. رپورٽ مطابق جنسي حوس جو شڪار ٿيندڙ ڇوڪرين ۾ سراسري 11 کان 18 سال جي عمر ۽ ڇوڪرن ۾ عمر 6 کان 15 سال جي ٻارن کي حوس جو نشانو بڻايو ويو آهي. رپورٽ ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته 336 ڪيس اهڙا به آهن جنهن ۾ معصوم گلڙن سان گينگ ريپ به ڪيو ويو آهي. ڄاڻايل ڪيسن ۾ جيڪي به ملزم پڪڙِيا ويا آهن انهن جو زياده تر تعلق متاثر ٿيندڙ ٻارن جي فيملي سان ئي آهي يا ويجها رشتيدار ئي آهن. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان جي معاشري ۾ هاڻي رشتن جو تقدس ڪٿي وڃي بيٺو آهي جو پنهنجا ئي دشمن بڻجي پنهنجن جي عزت تي وار ڪرڻ لڳا آهن.
    پاڪستان ۾ ٻارن سان ٿيندڙ جنسي ڏاڍين جي ڪيسن ۾ پنجاب سرفهرست آهي، انکانپوءِ سنڌ، پوءِ اسلام آباد ۽ ٻيا صوبا اچي وڃن ٿا. انهي ۾ به 67 سيڪڙو ڪيس ٻهراڙي ۽ 33 سيڪڙو شهرن ۾ رجسٽرڊ ڪيا ويا آهن، جيڪي منظر عام تي اچي سگهيا آهن، باقي ڪيترائي واقعا ظاهر ٿيڻ کان اڳ ئي دٻايا وڃن ٿا. ڏوهاري صفت ماڻهو حوس جو شڪار بڻائڻ لاءِ خاص ڪري شهرن کان دور ٻهراڙين جي چونڊ وڌيڪ ڪن ٿا، جتي ميڊيا جي رسائي تمام گهٽ آهي جيئن سندس ڏوهه منظر عام تي نه اچي سگهي، اگر اچي به وڃي ٿو ته پوءِ به متاثر ڌر تي برادري ۽ سماجي دٻاءُ وجهي قصي کي لئي مٽي ڪيو وڃي ٿو. ايئن ڪيترائي وحشي درندا ڏوهه ثابت ٿيڻ جي باوجود به سزا کان بچي وڃن ٿا ۽ وري ڪنهن نئين شڪار جي ڳولا ۾ لڳي وڃن ٿا.
    ٻارن سان ڏاڍاين جي روڪٿام لاءِ ٿيندڙ ڪوششن کي ڏسجي ته سرڪار سڳوري ته هميشه عوام کي مايوس ئي ڪيو آهي، اخباري رپورٽن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪيترن ئي ڪيسن ۾ فريادي ڌر پاران جوابدارن کي نامزد ڪرڻ باوجود به پوليس پاران ڪو عملي قدم نه کنيو ويندو آهي ويتر ئي جوابدارن سان ملي ڀڳت ڪري فريادي ڌر تي مختلف دٻاءُ وجهي ڪيس تان هٿ کڻايو ويندو آهي پر جيڪڏهن فريادي ڌر جي طرفان ڪيس تان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ ڪيس کي انتهائي ڪمروز ڪري پيش ڪيو ويندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ جوابدار ڏوهاري هئڻ جي باوجود به باآساني آزاد ٿي وڃن ٿا. ٻئي طرف ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيمن جي ڪارڪردگي کي به مجموعي طور تي ڏسجي ته انهن به صرف ورڪشاپ منعقد ڪرڻ، ٻارن جي حقن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ، اخباري ڪلپس گڏ ڪرڻ ۽ سواءِ تقريرن جي ڪجهه به ناهي ڪيو.
    ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وڃي، حڪومت کي گهرجي ته هر صوبي توڙي ڊويزن سطح تي اهڙن متاثر ٿيندڙ ٻارن جي لاءِ ريهيبليٽيشن سينٽر قائم ڪري. بنيادي تعليم سان گڏ ٻارن کي جسماني حفاظت جي تعليم پڻ ڏني وڃي، خاص طور تي ٻهراڙين جي علائقن ۾ ٻارن جي حفاظت لاءِ جٽادار قدم کنيا وڃن. ٻارن ۾ شعور پيدا ڪيو وڃي ته جيئن هو پنهنجي جسماني حفاظت جي بنيادي اصولن کان واقف ٿي سگهن. ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ مڙني سماجي تنظيمن کي پڻ گهرجي ته هو پنهنجي طور آگاهي پروگرام منعقد ڪن ته جيئن وڌ کان وڌ ٻارن ۾ شعوري عمل اجاگر ٿي سگهي. پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا کي اهڙن واقعن کي نمايان طور تي کڻڻ کپي ته جيئن ڏوهاري صفت درندن جو وحشي چهرو سماج جي سامهون وائکو ٿي سگهي ۽ کين ڪيفر ڪردار تائين پهچائي سگهجي ته جيئن وڌيڪ معصوم حياتيون وحشي بگھڙن جو کاڄ ٿيڻ کان بچي سگهن.

    (روزانو عبرت حيدرآباد،
    جمع 01، جولاءِ 2011)


    پاڻيءَ منجهه پساهه. . .

    پاڻيءَ منجهه پساهه. . .

    سنڌ صوبي جو وارياسو خطو ٿر هڪ اهڙو علائقو، جنهن جو ذڪر ڪرڻ سان ئي پاڻي جي تلاش ۾ ڪوشان ان ٿري ناري جو درد ذهن تي تري ٿو اچي. جيڪا صبح شام ٻيلهڙي سان پنهنجي ۽ پنهنجي ٻچن جي اڃ اجهائڻ لاءِ پاڻي ڍڪ جي ڳولا ۾ ڪوهين ڏور وارياسا پيچرا لتاڙيندي ٿي رهي. ٿر جي ناري ۽ ٻيلهڙي جو سنگم ڪنهن شاعر لاءِ ڀلين ڪنهن غزل جون سٽون فراهم ڪندو هجي يا پاڻهاري جي سر ٻيلهڙي جو منظر ڀلين ڪنهن حسن پرست کي دلڪش نظارو لڳندو هجي يا سندس نازڪ چيلهه جي لوڏ ڀلين ڪنهن عاشق جي دل جي دروازي تي محبت جي دستڪ ڏيندي هجي. پر جيڪا پيڙاهه ۽ درد هن جي دل ۾ هجي ٿو تنهن جو ماپو هي مطلب پرست دنيا ڪنهن به طور تي لڳائي نه ٿي سگهي. پاڻي ڍڪ جي تلاش ۾ نڪتل ان ناري جي ڦاٽل پوتي ۽ پٿون ٿيل پيرن تي شايد ئي ڪنهن جي نظر پهتي هجي ۽ سندس درد کي محسوس ڪيو هجي. پاڻي جي ڳولا ۾ کنيل هن جي هڪ هڪ قدم جي آهٽ ۾ هڪ ڪرڀ ڀريو داستان لڪل هجي ٿو ته ايڪويهين صدي جي جديد دور ۾ به ٿر هڪ اهڙو بدنصيب خطو آهي جتي زندگي اڄ به پاڻي ڦڙي لاءِ پريشان آهي.
    پاڻي خدا جي نعمت به آهي ته انسان جو بنيادي حق به آهي. انسان کاڌي کان سواءِ ٽن ڏينهن تائين زندهه رهي سگهي ٿو پر پاڻي کان سواءِ هڪ ڏينهن به گذارو ڪرڻ مشڪل آهي. پاڻي تي ڪم ڪندڙ ٿر جي هڪ سماجي تنظيم “اويئر” پاران گڏ ڪيل انگن اکرن مطابق هن وقت دنيا ۾ 88 ڪروڙ 40 لک ماڻهو پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهن ۽ 80 سيڪڙو بيماريون پيئڻ جي پاڻي جي صاف نه هئڻ جي ڪري ٿين ٿيون. صاف پاڻي نه پيئڻ جي باعث دنيا ۾ هر 20 سيڪنڊ بعد هڪ ٻار جو موت ٿئي ٿو جيڪو پاڪستان سميت پوري دنيا لاءِ انتهائي افسوس جو مقام آهي. رپورٽ مطابق 2025ع ۾ دنيا جي 30 سيڪڙو ماڻهن لاءِ پيئڻ جو صاف پاڻي انتهائي وڏو مسئلو بڻجي پوندو. جنهن جو وڏو سبب دنيا ۾ موجود پاڻي جو 97 سيڪڙو پاڻي سمنڊ جو کارو پاڻي آهي، 2 سيڪڙو پاڻي برفاني پهاڙن ۽ زير زمين ۾ موجود آهي ۽ صرف هڪ سيڪڙو تازو ۽ صاف پاڻي انسان لاءِ مهيا آهي، جيڪو پڻ دنيا جي وڌندڙ آبادي ۽ موسمي تبديلين جي ڪري گهٽجندو پيو وڃي ۽ مستقبل ۾ انسانن لاءِ پيئڻ جو صاف پاڻي هڪ وڏو چئلينج هوندو.
    هونئن ته سموري پاڪستان ۾ ئي پيئڻ جي صاف پاڻي جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي پر اسين صرف صوبي سنڌ جي وارياسي خطي ٿر کي نهارينداسين ته اتي پيئڻ جي صاف پاڻي جي صورتحال انتهائي ڪرڀناڪ آهي. هتان جا رهواسي پاڻي جي صورت ۾ زهر پي رهيا آهن، پاڻي جي نالي تي اهي پنهنجي لاءِ مفت موت جو سامان گڏ رهيا آهن. ڇاڪاڻ جو هر سال يا هر ٻئي سال ايندڙ ڏڪار جي ڪري ٿر ۾ پاڻي جو وڏو ذريعو زير زمين پاڻي يعني کوهن ذريعي حاصل ٿيندڙ پاڻي آهي ۽ ٿر جي زير زمين پاڻي ۾ فلورائيڊ جو مقدار تمام گهڻو هجڻ ڪري ڪيترن ئي انساني حياتين جي صحت داءُ تي لڳل آهي. هڪ اندازي مطابق ٿر جي زير زمين پاڻِي جو 89 سيڪڙو پاڻي ناقابل استعمال آهي. صحت جي عالمي اداري مطابق پاڻي ۾ نمڪيات جي حد 1500 پي.پي.ايم مقرر ڪيل آهي پر اهو ٻڌي حيراني ٿيندي ته ٿر جا ماڻهو 5000 پي.پي.ايم وارو پاڻي پڻ استعمال ڪري رهيا آهن، جيڪو پنهنجي پاڻ لاءِ موت جو سامان گڏ ڪرڻ جي برابر آهي. صحت جي عالمي اداري جي مطابق هڪ ليٽر پاڻي ۾ جيڪر فلورائيڊ جو تعداد 1.5 ملي گرام کان وڌيڪ هجي ته اهو انساني صحت لاءِ انتهائي هاڃيڪار آهي. فلورائيڊ جي وڌيڪ مقدار هئڻ جي صورت ۾ ڏندن، هڏن، گلي ۽ بڪين جو بيماريون جنم وٺن ٿيون.
    دنيا جي وڌندڙ آبادي سان گڏ پاڻي جي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ گهرج ۽ صاف پاڻي جو مقدار گهٽ ٿيڻ جي ڪري مستقبل ۾ انسان لاءِ پيئڻ جو پاڻي هڪ وڏو مسئلو آهي. جنهن تي دنيا جا ڪيترائي ملڪ ڳڻتي ۾ ورتل آهي ۽ پنهنجي طور پاڻي کي گڏ ڪرڻ لاءِ ڊيم ٺاهڻ سميت مختلف وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهن، ڇو جو مستقبل ۾ پاڻي کي تيل تصور ڪيو پيو وڃي مطلب مسقبل ۾ جنهن ملڪ ۾ پاڻي جي ذخيرا تمام گهڻا هوندا اهو ئي ملڪ خوشحال تصور ڪيو ويندو. چين، انڊيا سميت دنيا جا ڪيترائي ملڪ پاڻي کي گڏ ڪرڻ لاءِ ڊيم ٺاهيا رهيا آهن. پاڪستان ۾ وري ڊيم ٺاهڻ هڪ تڪراري مسئلو رهيو آهي، خاص ڪري ڪالاباغ ڊيم جيڪو ننڍن صوبن جي شديد تحفظات جي ڪري مختلف وقت جي حڪومتن جي ڪيترين ڪوششن جي باوجود نه ٺهي سگهيو آهي. هاڻي ته ڪالاباغ ڊيم معاشي يا اقتصادي اشو گهٽ پر سياسي اشو جي حيثيت وڌيڪ اختيار ڪري ويو آهي ۽ ڪجهه سياسي پارٽيون ته انهي ڊيم کي ٺاهڻ جو نعرو لڳائي ووٽ وٺن ٿيون ته ڪي وري انهي منصوبي جي شديد مخالفت جي ڪري عوام ۾ سرهائي حاصل ڪن ٿيون جيڪو انتهائي غلط عمل آهي. هئڻ ايئن گهرجي ته جيڪڏهن ڪنهن ڊيم تي سڀني صوبن جو اتفاق راءِ ناهي ته انهي منصوبي کي ڇڏي ڪري باقي ڊيم اتفاق راءِ سان ٺاهيا وڃن ته جيئن مستقبل ۾ پاڻي کي جمع ڪرڻ جي رٿابندي ٿي سگهي.
    اڄڪلهه دنيا جي ڪافي ملڪن ۾ زير زمين حاصل ٿيندڙ کاري پاڻي کي هڪ جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي مٺو ڪري پيئڻ لائق بڻايو پيو وڃي. انهي ٽيڪنالاجي جي ذريعي تازو ڪجهه سال پهرين حڪومت سنڌ ۽ هڪ غير سرڪاري تنظيم “اويئر” پاران ٿر ۽ عمرڪوٽ ضلعي جي ڪجهه شهرن ۽ ڳوٺن ۾ جر جي پاڻي کي مٺي پاڻي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنڪ سان آراسته Reverse Osmosis (water desalination) Plant (رِورس آسموسِس ــ واٽر ڊيسيلينيشن پلانٽ) لڳايا ويا آهن. جنهن جي ذريعي ٿر جي ڪيترن ڳوٺن کي صاف پاڻي مهيا ڪيو پيو وڃي. اهي پلانٽ ڪيتري capacity جا هجڻ کپن، ڪٿي لڳڻ کپن، هلائڻ لاءِ وسيلا ڪٿان اچن، مانيٽرنگ پاليسي ڪهڙي هجڻ کپي ۽ اتان جي ڳوٺاڻن کي انهن پلانٽس جي مالڪي ڏيڻ سميت ٻيا اهڙا کوڙ سارا پاسا آهن جن تي حڪومت، چونڊيل نمائنده، سول سوسائٽي، سماجي تنظيمن سميت مختلف عوامي ڌريون گڏجي ويهي بحث مباحثو ڪري ڪا نه ڪا درست سمت تعين ڪري سگهن ٿيون. پر ٿر جهڙي وارياسي علائقي جتي ڏڪاري حالتن ۾ برساتي پاڻي جو نه هجڻ ۽ زير زمين جو پاڻِي ناقابل استعمال هئڻ ڪري آر.او پلانٽس جي ٽيڪنالاجي انتهائي ڪارآمد آهي. تنهنڪري وقت جي حڪومت کي گهرجي ته ٿر جي آبادي جي مڪمل سروي ڪري ميرٽ جي بنياد تي وڌيڪ ٻين ڳوٺن توڙي شهرن ۾ ترجيحاتي بنيادن تي گهرج ۽ آبادي مطابق اهڙا آر.او پلانٽ لڳايا وڃن ان سان گڏوگڏ برساتي پاڻي کي ذخيرو ڪري صاف ۽ پيئڻ لائق بڻائڻ سميت ٻيا متبادل ذريعا ڳوليا وڃن ته جيئن ٿر جي وڌ کان وڌ ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ٿي سگهي جيڪو سندن بنيادي حق آهي.

    (روزانه مقدو ڪراچي،
    اڱارو 19، جولاءِ 2011)


    بِنت حوا سان ٿيندڙ ظلم

    بِنت حوا سان ٿيندڙ ظلم

    چون ٿا ته هڪ ڪامياب مرد جي ترقي ۾ عورت جو ڪردار هوندو آهي. انهي کي پاڻ ڀلين ڪا چوڻي ئي تصور ڪريون، پر سچ پچ سندس ڪردار ۽ عمل جي باعث عورت جو مرتبو انتهائي اعليٰ آهي. عورت ڪڏهن ماءُ بڻجي مرد کي نپايو آهي، ته ڪڏهن ڀيڻ بڻجي ڀاءُ جي ڪلائي تي راکي ٻڌي سندس وڏي عمر جو دعائون ڪيون آهن، عورت ڪڏهن محبوبه جي روپ ۾ مرد جي شاعري ۽ ڪلپنا جي تڪميل جي ساڀيان ڪئي آهي ته ڪڏهن زال بڻجي مرد جو جيون ڀر ڏک توڙي سک ۾ ساٿ نڀاهيو آهي. پر اسان وٽ مرداڻي سماج جي سلطنت جي چوديواري ۾ عورت جي آواز کي هميشه دٻايو ويو آهي، کيس ڪا ”شيءَ“ يا تفريع جو سامان سمجهي وقت پوڻ تي استعمال ڪري وري ساڻس غلامن جهڙو سلوڪ ڪيو پئي ويو آهي. ڪيترن ئي اوچين حويلين جي چوديوارين اندر نه ڄاڻ ڪيترن ئي معصوم ۽ نازڪ جوانين جي آهَن ۽ سِسڪين ڦٽڪي ڦٽڪي دم ٽوڙيو آهي پر سندس آهنگ (آواز) کي چوديواري ٽپڻ جي اجازت قطعي طور نه ڏني ويئي آهي. نه ڄاڻ ڪيترن ئي مڇ وٽائو ڀوتارن انهن روهيڙي جهڙين ڳاڙهين رتين جوانين کي پنهنجي حوس جي ٽياس تي ٽنگي سندس زندگي کي تين وال ڪري پنهنجي مردانگي جي نمائش پئي ڪئي آهي.
    عورت اوچي حويلي جي اوٽ ۾ هجي يا وري شهر جي پڙهي لکي ماحول ۾، هن سدائين ڀوڳيو آهي. پوءِ ڪڏهن ڪاروڪاري جي نالي تي، ته ڪڏهن وري لالچي پيءَ پاران پئسن عيوضن پنهنجي عمر کان وڏي مرد سان شادي ڪرائڻ جي صورت ۾، ڪڏهن ڀاءُ پاران ذاتي فائدي عيوض کيس هٿ ٺوڪي غيرت جي نالي تي قربان ڪيو ويو آهي، ته ڪڏهن پنهنجا جذبا اورڻ جي ڏوهه ۾ موت جي گهاٽ اتاريو ويو آهي، ڪڏهن پريمي پاران ڪوڙا وعدا ڏيئي کيس گهر جي چوڪٺ اورانگهڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي، ته ڪڏهن وري ساٿ جيئڻ مرڻ جا قول قرار ڪري سندس حياتي کي حوس جي چتاءَ تي جلايو ويو آهي. مطلب ته نقصان هميشه عورت کي ئي پلئه پيو آهي، مرد هميشه مڇ وٽي ڪالر ڇنڊي فائدي وارو پاسو ئي جهليو آهي.
    انهي صورتحال کي ڏسندي جيڪر اسان تجزيو ڪيون ته ٻهراڙي جي عورت جيئري ئي دوزخ جي باهه ۾ سڙي رهي آهي ته ٻيءَ پاسي شهر جي پڙهي لکي ماحول ۾ غريب ۽ مڊل ڪلاس جي ملازم پيشه عورت جي ظلم جي پيسجڻ جي به هڪ درد ڪٿا آهي. جيئن ڀوتارن جي اوچن ڪوٽن مان عورت جو آواز ٻاهر نه ٿو اچي تيئن وري شهر جي وئيل ڊيڪوريٽيڊ آفيسن جي فولادي ديوارن مان به سندس مظلوميت جو آواز ٻاهر اچڻ جي گنجائش تمام گهٽ ئي هجي ٿي.
    شهرن جي مختلف آفيسن ۾ ملازمه پيشه عورتن سان پيش ايندڙ واقعن کي ننهن چوٽي جو زور لڳائي دٻايو ٿو وڃي، اگر عورت ويچاري همت ڪري آواز به اٿاري ٿي ته کيس انصاف ملڻ بجاءِ ويتر خواري، بڇڙائي پلئه پئي ٿي ۽ نوڪري مان فارغ الڳ ٿئي ٿي.
    سيڪشوئل هيراسمينٽ جي قانون مطابق:
    • شڪل صورت، ڪپڙن، پرسنالٽي تي ڪو به رماڪس ڏيڻ، جيڪو توهان کي پسند نه هجي.
    • توهان کان ڪنهن به رويي جي خاص ڊمانڊ ڪرڻ، پوءِ اهو مسڪرائي ۽ فري ٿي ڳالهائڻ ڇو نه هجي.
    • ڪوبه اڻ وڻندڙ اشارو يا جنسي حرڪت جيڪو توهان کي تڪليف ڏئي.
    • توهان جي جسم جي ڪنهن به حصي کي توهان جي اجازت کان سواءِ هٿ لڳائڻ.
    • توهان جي روبرو مرد اسٽاف جو ڪنهن عورت جي ڪردار بابت يا جنسيت متعلق ڪا غلط ڳالهه ڪرڻ، جنهن سان توهان جو احساس مجروح ٿئي.

    مٿي ذڪر ڪيل سمورا سڀئي نقطا ”سيڪشوئل هيراسمينٽ“ ۾ شمار ٿين ٿا، جيڪي باقاعده هڪ قانون جو حصو آهن. هڪ اندازي مطابق ملڪ جي مجموعي ڪم ڪندڙ يا ملازمت پيشه افراد ۾ 23 سيڪڙو عورتون آهن، جڏهن ته ٻهراڙي جي اڪانامي ۾ 73 سيڪڙو ڪردار يا ڪم ڪندڙ عورتون آهن. تقريبا 3 ملين عورتون ملازمت جي پيشي سان لاڳاپيل آهن. هڪ اندازي مطابق هر ٽن نوجوان ڇوڪرين مان هڪ ڇوڪري بدفعلي يا تشدد جو شڪار آهي ۽ هر ٻي ڇوڪري سان جنسي ڇيڙ ڇاڙ ڪئي وڃي ٿي. اسان وٽ بدفعلي يا زنا جا گهڻا ڪيس گهريلو ملازم عورتن سان پيش اچن ٿا جنهن ۾ به 12 کان 18 سالن جون نوجوان ڇوڪريون انهي جو وڌيڪ شڪار ٿين ٿيون. ملازمت ڪندڙ عورتن مان ڪيترين ئي پڙهيل لکيل عورتن کي خبر به هجي ٿي ته مٿئين قانون جي بنياد تي هوانصاف جو دروازو کڙڪائي سگهن ٿيون پر مڊل ڪلاس جي ويچاري غريب عورت اهڙن پيش ايندڙ واقعن باوجود به معاشري ۾ خواري، سماج ۾ مائٽن ۽ عزيزن جي طعنن، هڪ دفعي داغ لڳي وڃڻ ڪري سٺي هنڌ شادي نه ٿي سگهڻ، قانون جي غير موثر هجڻ، يا پوليس جي اجاين ابتن سبتن سوالن ۽ ٿاڻن جي چڪرن يا وري اڄ جي نفسا نفسي واري دور ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي گهرن وارن جي پيٽ جي دوزخ جي باهه اجهائڻ لاءِ مس هٿ آيل نوڪري مان فارغ ٿيڻ جي مجبوري سبب سڀ ڪجهه برداشت ٿي ڪري.
    اسان وٽ عورت جي آزادي جو نعرو وري سستي اگهه ۽ وڏي آواز سان لڳايو ويندو آهي، ته عورت مرد جيترو حق رکي ٿي، هو آزاد آهي، پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري سگهي ٿي، کيس ڪوبه مرد گهريلو يا جنسي تشدد جو شڪار نه ٿو بڻائي سگهي. پر حقيقت اها آهي ته 90 سيڪڙو عورتون گهريلو تشدد جو شڪار آهن ۽ ان کان علاوه مختلف اين جي اوز جي ادارن، سرڪاري يا غير سرڪاري آفيسن، ڪارخانن، فيڪٽرين ۾ ملازم پيشه عورتن کي حراسان ۽ جنسي تشدد ڪرڻ جا واقعا تمام گهڻا پيش اچن ٿا، جنهن جو خبرون گهڻي قدر ته رات جي تاريڪي ۾ دفن ڪيون وڃن ٿيون پر ڪڏهن ڪڏهن اخباري صفحن تي حقيقتن جي صورت ۾ نروار ٿي وڃن ٿيون. چوڻ جو مطلب ته اين جي اوز يا ٻين اهڙن ادارن ۾ جتي عورتن کي مرد ملازمن سان گڏ ڪم ڪرڻو ٿو پوي اتي ساڻس ڪيترائي واقعا پيش اچن ٿا، جيئن هڪ يونين ڪائونسل يا هڪ شهر جي ڇوڪري کي ٻي يونين ڪائونسل يا ٻئي شهر ۾ پوسٽنگ ڏيڻ ته جيئن هو آفيسن سان سلهاڙيل هاسٽل ۾ ترسي يا وري غير مقامي ڇوڪرين کي مردن سان گڏ فيلڊ ڊيوٽي ۾ موڪلڻ ته جيئن هو مرد سان گڏ فيلڊ ۾ رات ترسي ان سميت ٻيا ڪيترائي اهڙا مثال ڏيئي سگهجن ٿا جتي کين ڪافي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ ڪافي واقعا به پيش اچن ٿا جيڪي ڪڏهن منظر تي اچي وڃن ٿا ته ڪڏهن وري مصحلتن جي عيوضن دفن ٿي ٿا وڃن جن کي مرداني سماج ۾ڪڏهن به انصاف جي ترازو ۾ نه ٿو توريو وڃي ۽ عورت کي ٽارچر ڪري سڪون حاصل ڪيو ٿو وڃي. جيڪو هڪ مهذب معاشري ۽ اهل دل انسان لاءِ لمحه فڪريه آهي.

    (روزانو عبرت حيدرآباد،
    آچر 31، جولاءِ 2011)


    ڏُکي توءِ ڏڪار، توڙي وسن مينهڙا

    ڏُکي توءِ ڏڪار، توڙي وسن مينهڙا

    سنڌ صوبي جو وارياسو خطو ٿر، جيڪو قدرت جي شاندار حسناڪيت سان مالا مال آهي ۽ هڪ اهڙو ريگستان، جتي جي ماڻهن جو جياپو يا گذر سفر ئي برسات تي آهي. تڏهن ته چوندا آهي ته وٺو ته ٿر نه ته بر. ٿر جو مارُو ماڻهو بادلن جي آمد جو انتظار محبوبه جي ديدار جيان ڪندا آهن ۽ بادل ڪنهن دلربا محبوبه جيان ڪڏهن رسي ڪري ٿري ماروئڙن جي چهرن تي اداسي ڇڏي ويندا آهن پر جڏهن پرچي پوندا آهن ته رب جي وسايل امرت ڌارا سان ٿر جي حسن ۾ نکار اچي ويندو آهي. پر برسات بابت ٿر ۾ هڪ عام چوڻي آهي ته ”مالڪ مينهن پاڻي سک جا وسائي“. خدا جي به ته قدرت ڏسو جولاءِ جي آخر ۽ آگسٽ جي پهرين ڏهاڙن ۾ ٿري مارو ماڻهن جي چهرن تي پريشاني هئي، نااميدي هئي ته هيل وقت تي برساتون نه پيون بس ڪارو ڏڪار اجهو پنهنجا پر پکيڙڻ وارو آهي. پر چوندا آهن ته بندي جي من ۾ هڪڙي ته رب جي رضا ٻي. برسات جي آس لڳائي ويٺل ماروئڙن کي ڪهڙي خبر هئي ته سندن التجاءِ ايتري گهرائي سان پوري ٿيندي جو برسات ڇا وسي ڏسندي ڏسندي سڀ ڪجهه لوڙهي وئي ۽ ٿر سميت سنڌ جي ستن ضلعن کي تباهه ڪري ويئي ۽ هن واري سنڌ جي ستن ضلعن لاءِ برسات رحمت بجاءِ زحمت بڻجي وسي ۽ غريبن جو اله تله پاڻي جي نظر ٿي ويو.
    اسان جيڪڏهن سنڌ جي انهن ستن ضلعن جهڙوڪ ٿرپارڪر، بدين، ٽنڊومحمد خان، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٽنڊو اللهيار ۽ ٺٽي ضلعن ۾ پيل تازين برساتي تباهه ڪارين جو جائزو وٺنداسين ته هڪ رپورٽ موجب بدين ضلعي ۾ 15 لک، ٽنڊو محمد خان ۾ 6 لک، ميرپورخاص ۾ 2 لک، ٿرپارڪر ضلعي ۾ 30 هزار متاثرين سميت ستين ضلعن ۾ مجموعي طور 24 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو متاثر، 35 ماڻهو موت ۽ 3 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. هڪ کرب کان وڌيڪ ماليت جو پوکيل ڪپهه، ڪمنڊ، مرچ، ٽماٽا ۽ ڀاڄين جو فصل مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي. قدرتي برسات جي تباهي ته پنهنجي جاءِ پر آبپاشي کاتي جي بدانتظامي جي باعث سم نالن/ ايل.بي.او.ڊي کي لڳل گهارن به ڏسندي ئي ڏسندي سنڌ جي انهن ضلعن ۾ رهندڙ خوشحال ماڻهن کي خيما بستين ۾ پنهنجي ئي ڌرتي تي ڪنهن پناهه گيرن واري زندگي بسر ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. آبپاشي کاتي جي ڪامورن اڳئين سال به پنهنجو فرض نڀائيندي اڌ سنڌ واسين کي ٻوڙي دربدر ڪيو هو ۽ باقي بچيل سنڌ واسين کي هيل سال ٻوڙي پنهنجو قومي فرض نڀائڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪيائون.
    گذريل سال به اگر دربدر ٿيا ته وادي مهراڻ جا اهي معصوم ماڻهو ۽ هيل به اگر تڪليف ۾ آهن ته اهي ڌرتي ڌڻي، ڪير سندس سار لهڻ وارو به ناهي بس پڌري پٽ کليل آسمان هيٺ بي يار مددگار ننڌڻڪن واري زندگي بسر ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف اگر نصيب کليا ته هڪ آبپاشي کاتي جي ڪامورن جا، جو انهن کي گهارن کي بند ڪرڻ، واهن جي ڪپرن کي پڪا ڪرڻ لاءِ وري ڪروڙين روپين جا فنڊ ملندا ايئن اڳئين سال جيان هن سال به انهن جون پنج ئي آڱريون گيهه ۾ ۽ ٻيا وري ٺٺ ٿيندا نام نهاد سماجي ڪمن جي ٺيڪدار اين جي اوزي بابوئن جا، جن اڳئين سال به انهن مسڪينن جي مفلسي کي انتهائي سهڻي نموني ڪيش ڪري جيب ڀريائون ۽ هيل سال به سندن نيت اها ئي آهي ته ڪهڙي نموني انهن مظلومن جي ڳوڙهن، نياڻين جي ڦاٽل پوتين، جهور پوڙهن جي سِسڪين، امڙين جي آهُن کي پاور پوائنٽ پِرزنٽيشن جي جادوگري سان وديشي گورن وٽ وڏي اگهه وڪڻي جيب گرم ڪجن. ڇاڪاڻ جو تازو ٿر جي هڪڙي متاثر ڳوٺ ۾ انهن اين جي اوزي بابوئن جي ڪاريگري ڏسي اسان حيران ئي رهجي وياسين، جو اهي بجاءِ ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ جي سندس فوٽو گرافي ڪرڻ ۾ مصروف هئا. ڊجيٽل ڪيمرائن سان ليس هڪڙو اين جي اوزي جوان هڪڙي ڪراڙي کي چئي رهيو هو ته پوڙهي ڪپڙن جي ڀري کڻي تون پاڻي منجهه بيهه ته تنهنجو فوٽو ڪڍان ۽ هڪڙي ٻي عورت کي چئي رهيو هو ته ادي تون هن وڻ جي هيٺيان ويهي ماني پچاءُ ته تنهنجو فوٽو ڪڍان، اهڙي ڪٺور عمل تي اها عورت جواب ڏيندي روئي ويٺي ته ابا سر بچائي اچي هتي پهتا آهيون اهڙي حالت ۾ مون وٽ ته کائڻ لاءِ لولي لوڻ به ناهي، ماني ڇا مان پچايان. پر مجال آهي جو انهي اين جي اوزي جوان کي ڪا حياءُ شرم آئي هجي، وري نڪ جي پڪائي سان ٻئي پاسي مصروف ٿي ويو جو کين وڌ کان وڌ متاثر ٿيل، اجڙيل ماروئڙن جا بهترين ماڊلنگ سان فوٽو ڪڍي اچڻ جو ٽاسڪ مليل هو ته جيئن وڌ کان وڌ پروجيڪٽ هٿ وس ڪري سگهجن.
    هونئن ته متاثر ٿيل انهن سمورن ضلعن ۾ ماڻهو دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن ۽ وٽس ڪير لڙي اچڻ لاءِ به تيار ناهي، پر گهٽ ۾ گهٽ ميڊيا خاص ڪري سنڌي ميڊيا سندس سورن کي وس وارن اڳيان پيش ته ڪري رهي آهي. پر ٿر جا اهڙا ڳوٺ به آهن، جتي نه ڪو حڪومت، نه ڪا اين جي او ۽ نه وري ميڊيا پهتي آهي جو انهن مسڪينن جي ڪا واهر ٿي سگهي. صورتحال انتهائي خراب آهي، امداد، کاڌو خوراڪ ته پري رهيو ڪير کين پاڻي مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ به نه پهتو. خدا جي اشرف المخلوقات انسان جانورن کان به بدتر حالتن ۾ اتي ڦاٿل آهي. هڪڙو سفيد پوش ٿريو ويچارو انتهائي گنڀيرتا مان پنهنجو درد ٻڌائيندي اکيون آليون ڪري ويٺو ته پيٽ جو پورائو ته ڪري وٺبو پر نوجوان نياڻين کي ڪٿي وٺي وڃون جيڏانهن ٿا نظر ڦيرايون رڳو پاڻي ئي پاڻي آهي، اهڙي حالت ۾ ٻارن ٻچن کي ڪنهن جي در تي وٺي وڃون. سرڪاري ڪئمپن ۾ گنجائش کان وڌيڪ ماڻهو هئڻ، صاف سٿرو کاڌو ۽ صاف پاڻي نه ملڻ جي ڪري ڪيترن ئي بيمارين اچي منهن ڪڍيو آهي ۽ اتي صحت جون سهوليتون پڻ نه هئڻ جي برابر آهن، انهي سڄي صورتحال ۾ زندگي هڪ ڪرڀ ناڪ درد کان گهٽ ڪين آهي.
    وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ پڻ تازو ئي دورو ڪري ويا آهن ۽ پنهنجي دوري دوران وزيراعظم طرفان ڇهن ضلعن ٿرپارڪر، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٽنڊوالهيار، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي ۽ انهن ضلعن ۾ ڍل، آبيانو معاف ڪرڻ سان گڏ امداد ۽ زرعي قرض ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي. سرڪار پاران انهن سمورن ضلعن ۾ خيما بستيون قائم ڪرڻ سان گڏ کاڌ خوراڪ، صحت جي سهوليتن لاءِ ڊاڪٽرن جون ڪئمپون ۽ پاڻي جو بندوبست پڻ ڪيو ويو آهي. پر اڃان تائين متاثرين جو هڪ تمام وڏو انگ امداد ۽ سهوليتن جو منتظر آهي. متاثرين جي مدد جي ڳالهه ڪجي ٿي ته انهي ڏِس ۾ مخدوم شڪيل الزمان ڊي سي او ٿرپارڪر ۽ ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي ايم اين اي پاران سرڪاري مدد کان علاوه ذاتي طور تي پڻ تمام گهڻيون ڪوششون ورتيون ويون آهن جيڪي قابل ستائش آهن ۽ ڊي سي او ٿرپارڪر پاران مٺيءَ شهر جي واپاري برادري کي ڪيل اپيل جي موٽ ۾ واپارين پاران پڻ دل کولي مدد ڪئي ويئي آهي. پر اڃان به وڌ کان وڌ ڪوششن جي ضرورت آهي ته جيئن وڌ کان وڌ اسان جي ڀائرن جي مدد ڪري سگهجي، جيڪا ذميواري وقت جي حڪومت تي عائد ٿئي ٿي، ته اها وڌ کان وڌ پنهنجا وسيلا ڪتب آڻي خلق خدا جي دردن جو درمان ڪري.

    (روزانو عبرت حيدرآباد،
    آچر 04،سيپٽمبر 2011)


    ڪاروڪاري، تيز ڪهاڙيون ۽ عورت

    ڪاروڪاري، تيز ڪهاڙيون ۽ عورت

    ڪاروڪاري...!ڪيڏو نه ڪڌو لفظ آهي، جنهن کي زبان تي آڻڻ سان ئي ڪراهت ٿي ٿئي پر اسان جا ماڻهو ڪاروڪاري جهڙي ڪڌي رسم کي ورثو سمجهي ان سان ساٿ نڀائي رهيا آهن. ڪنهن ڪمزور وجود مٿان اهي پنهنجا ڳرا بت ڪيرائي، حيوانيت جون حدون اوررانگهي ڪنهن معصوم جي ساهه جي ڏوري ٽوڙي پنهنجو پاڻ کي غيرتمند سڏائي خوشي جا جام اوتن ٿا ۽ ڪمزور بيجان بت کي ڪاري ڪوٺي معاشري ۾ مرتبو ماڻين ٿا. ڪنهن نياڻي جي ننگ کي ننگو ڪري سندن لٽا ليڙون ڪري پنهنجي حوس جو پورائو ڪري سندن وجود جي قيمت لڳائن ٿا. اهي اسان جا وڏيرا ڪنهن هيڻي جسم کي پنهنجي شام رنگين ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري، سندس جسم کي ميري ڪاغذ جيان مروڙي ساهه جون تندون ڇيهون ڪري جهان ۾ جس لهڻن ٿا. اسان جا جاگيردار ذاتي دشمني جو نشانو عورت کي بڻائي لٽا ليڙون ڪري ڪاري ڪري مارڻ واري روايت کي برقرار رکندا پيا اچن. مطلب ته جاگيردار هجي يا زميندار، وڏيرو هجي يا ڪمدار پنهنجي اصول کي برقرار رکندي سنڌ جي ساک کي نفرتن جي ٽياس تي ٽنگي پنهنجو پاڻ کي عقل ڪُل سڏائي خوش ٿي رهيا آهن ۽ اهڙن ماڻهن کي قانون به رعايت ڏيئي رهيو آهي.
    ڇا ڪنهن جا جاندار جسم سان ائين رانديڪن وانگي کيڏي آخر ۾ ڪچرو سمجهي اڇلائڻ کي غيرت چئبو آهي؟ يا ڇا ڪنهن عورت جي اڱڻ ڏانهن ڪنهن مرد جا پير ڏسي ان عورت کي ڪاري ڪري سندن ساهه کي سوگهو ڪرڻ کي غيرت چئبو آهي؟ يا ڇا ڪنهن معصوم کي پنهنجي جيون ساٿي جا خواب لهندي ڏسي هميشه لاءِ خواب ڏسڻ کان محروم ڪرڻ کي غيرت سڏبو آهي يا ڇا ڪنهن عورت کي ڪنهن سان جذبات اوريندوڏسي هميشه لاءِ جذبا،ڪچلي ڇڏڻ کي غيرت سڏبو آهي.
    دنيا وڃي چنڊ تي پهتي آهي، دنيا جي ٻن ملڪن ۾ عورتون مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪري رهيون آهن ته ڪي مردن کان اڳتي نڪري وڃڻ واري ڊوڙ ۾ آهن پر هڪ اسان آهيون جيڪو اڃا تائين پراڻين رسمن کي ئي ڀوڳي رهيا آهيون ۽ عورت کي صرف برتن ڌوئڻ ۽ بورچيخاني تائين محدود ڪري ويٺا آهيون. عورتن کي صرف مردن جون جتيون صاف ڪرائڻ خاطر سندن جذبن کي ڪچلي رهيا آهيون. اسان جي ملڪ ۾ جيڪي عورتن جي حقن واريون اين جي اوز آهن، سي صرف عورتن جي حقن جي آڙ ۾ ٻاهريان فنڊ ڦٻائڻ کي ئي فرض سمجهن ٿيون باقي عملي ڪم ڪرڻ انهن کان پهچي ئي ڪو نه، ويچاريون عورتون جيڪي انهن بي رحم ماڻهن اڳيان قرباني جو ٻڪرو بڻجي رهيون آهن، پر اين جي ا وز ڪجهه عملي ڪرڻ ڪرڻ بجاءِ آرامده گاڏين ۽ ايئرڪنڊيشنر ڪمرن ۾ ويهي صرف ڪاغذي ڪارروائي پوري ڪرڻ کي ئي ترجيح ڏئي رهيون آهن. عورتون جيڪي ظلم جي صليب تي ٽنگجي زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهيون آهن، پر اين جي اوز آفيسر جيڪي عورتن جي ڀلائي جي آڙ ۾ صرف پنهنجي پيٽ ڀرڻ کي ئي ترجيح ڏئي رهيا آهن.
    عورتن سان ظلم مٿان ظلم ٿي رهيا آهن، پر ڪير ڪڇڻ لاءِ تيار ناهي. عورت جنهن جي جسم سان ائين رانديڪن وانگر کيڏيو ٿو وڃي پر ڪير ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي،عورت جنهن جي ڪومل بدن تي ڪيترائي اميرزاده حوس جي مهر لڳائي پنهنجي خواهش پوري ڪندا ٿا وتن، پر تن تي ڪير به آواز اٿارڻ لاءِ تيار ناهي. عورت جنهن کي ڪڏهن ذاتي دشمني عيوض حوس جو نشانو بڻائي ڪاري ڪري ماريو ٿو وڃي ته ڪڏهن وري شوق جي پورائي لاءِ اسان جا وڏيرا عورت جي چادر کي چند سڪن جي ساهمي ۾ تورين ٿا ته ڪڏهن وري ڪنهن ڪنواري ڪنيا مان لذت وٺي سندس وجود جي قيمت لڳائن ٿا. مطلب ته عورت سان ڏاڍائي ٿيندي پئي آئي آهي، پوءِ اهو ڪاروڪاري جي صورت ۾ هجي يا ڪنهن ٻي طريقي، هر بنياد تي عورت کي نشانو بڻايو ويو آهي. پوءِ جيڪر ڪو غريب غيرتمند انسان ان خلاف ڪو قدم کڻي ٿو ته هنن وڏيرن اميرزادن جا ڊگها هٿ پئسي جي زور تي قانون جي قلم کي به موڙي پنهنجي حق ۾ فيصلو ڏيارڻ تي مجبور ڪن ٿا.
    اسان کي اهو سوچڻ سمجهڻ گهرجي ته اها عورت آهي جنهن ماءُ جي روپ ۾ پنهنجي اندر جي پڌر مان دودي سومري، هوشوشيدي ۽ هيمون ڪالائي جهڙن ڪونڌرن جا تحفا پئي ڏنا آهن. اها عورت ئي آهي جنهن امڙ جي روپ ۾ اسان سڀني کي نو(9) مهينا گرڀ ۾ سانڍي ممتا جو ثبوت پئي ڏنو آهي.اها عورت ئي آهي، جنهن امان جي روپ ۾ پنهنجي ڇاتي مان پيار جي ڌارا (Milk) وهائي مردن جي بازوئن ۾ طاقت ڀري هڪ ذميوار ماءُ جو ثبوت پئي ڏنو آهي. اها عورت ئي آهي، جنهن زال جي حيثيت ۾ مڙس جي خدمت پئي ڪندي آئي آهي. اها عورت ئي آهي جنهن ڀيڻ جي ر وپ ۾ ڀاءُ جي ٻانهن ۾ راکي ٻڌي ڀاءُ جي وڏي عمر لاءِ دعائون گهرندي رڪشا ٻنڌڻ تهوار جو تسلسل قائم رکندي پئي اچي ته پوءِ ان ساڳي ماءُ، زال، ڀيڻ کي پنهنجن هٿن سان ڪاري ڪري مارڻ وڏي بي حيائي چئبي.
    عورت جنهن جي عزت سان ائين مذاق ڪرڻ کان پهرين سوچيو ته هي به ڪنهن جي ماءُ ڀيڻ آهي هن جي به ڪا عزت آهي. هن جي اندر ۾ به هڪ انسان ويٺل آهي، هن جا به ڪي جذبات آهن. جن کي ائين ڪچلڻ اسان کي جڳائي نٿو!ڪا عورت جيڪر پنهنجا جذبا ڪنهن سان شيئر(Share) ڪرڻ چاهي ٿي ته ان ۾ خراب ڪم ڪهڙو ٿي ڪري؟آخر هن جي به ڪا مرضي آهي. هن جا به ڪي احساس آهن، هن جون به ڪي خواهشون آهن. جيڪڏهن هو ڪنهن کي پسند ڪري پنهنجو جيون ساٿي بڻائڻ چاهي ٿي ته ان ۾ هو برائي ڪهڙي ٿي ڪري؟آخر هو به هڪ عاقل ۽ سمجهدار آهي. هن جا جذبا دٻائي ڪاري ڪري سندس ڪنڌ تي ڪاتي وهائڻ مان ڪهڙو مطلب؟ جيڪڏهن هو سمجهداري کان ڪم وٺندي ڪنهن سان پيار جي پويتر ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ٿي ته پوءِ پاڻ ڪير ٿيندا آهيون هن جي رستي ۾ رڪاوٽ وجهڻ وارا؟ اسان جي ملڪ ۾ ٺهيل عورتن جي تنظيمن کي ڀلائي لاءِ پروگرام ڪرائن، عورتن کي اڳتي آڻڻ لاءِ انهن ۾ شعور پيدا ڪن، ننڍيون ننڍيون نوڪريون ڏئي انهن کي اڳتي اچڻ لاءِ همٿائن ۽ مردن کي اهو احساس ڏيارين ته عورت به هڪ زندهه مخلوق آهي. هن جا به جذبا، ڪي احساس آهن. عورت مرد جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ذهانت جي مالڪ آهي. اها عورت جيڪا مردن کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، جيڪو سڀني مردن کي تسليم ڪرڻو پوندو جيڪا هڪ اٽل حقيقت آهي.

    روزانه تعمير سنڌ، حيدرآباد 4، جولاءِ 2001


    مينهن وٺو آهي مهراڻي. ..

    مينهن وٺو آهي مهراڻي. ..

    سونهاري سنڌ جي هنج ۾ ٿر اهو پٽ جنهن کي مصنفن ماروي جو ملڪ ته ڪن وري اوليائن جو آستان ڪري ڪوٺيو آهي، جيڪو مسلسل ڏڪار جي ڪري پنهنجي اصل سونهن وڃائي چڪو هو، تنهن تي خدا ٻيهر مهربان ٿي پلر جي پالوٽ سان مالامال ڪري رهيو آهي ۽ ٿر جي خوبصورتي ٻيهر موٽي رهي آهي، ٿر جيڪو سانوڻ جي رم جهم ڀري موسم ۾ ڪشمير جي وادين تي سير ۽ سفر ڪندڙ سياحن لاءِ هڪ سٺو منظر، شاعر لاءِ تنها علائقو، ليکڪ لاءِ هڪ سٺو موضوع ۽ مسڪين ماروئڙن لاءِ بهشت برابر آهي، جيڪا ماروئڙن کان کسجي وئي هئي، سا ٻيهر حاصل ٿي رهي آهي. ٿر جنهن جي واريءَ سج جي ڪرڻن جي ڪري تپي باهه ٿي پئي هئي سا پلر جي ٿڌي پاڻي سان نرم ۽ ٿڌي ٿي پئي آهي، جنهن تي هاڻي ٿري ٻارڙا واري جا گهر ٺاهيندي ۽ ڊاهيندي ۽ نينهن ڀري ننڊ ڪندي نظر اچي رهيا آهن. اهي ٿري ٿاڪ مندائتي مينهن لاءِ ڪارونجهر جي ڪور تان پنهنجين آتين اکين سان ۽ تجلن سان ٽمڪندڙ کنوڻ پويان ايندڙ برسات جي ڀروسي ويٺا هئا. سو انهن مسڪين جون الله سائين اميدون اگهائي پلر جي پالوٽ سان مالامال ڪري رهيو آهي. سالن کان اڃايل ٿري هينئر پلر اوتي رهيا آهن. ورهين کان ستايل ماروئڙن جي خوشي جي ان وقت ڪا حد نه رهي، جنهن وقت سانوڻي جي پهرين برسات ٿر جا سڪل پٽ پسايا، ٿري مارو جيڪي بکئي پيٽ کي پالڻ ۽ ڍورن کي بچائڻ لاءِ بئراجي علائقن يا کڻي چئجي ڪمائي جي ذريعن وارن علائقن ڏانهن لڏي ويا هئا، سي برسات جو ٻڌي ٻيهر پنهنجن اباڻن ڪکن ڏانهن واپس ورڻ جون وايون ورائير هيا آهن. ٿري ماڻهو جيڪي ڏيهه ۾ اباڻن ڪکن ڏانهن واپس ورڻ جون وايون ورائي رهيا آهن. ٿري ماڻهو جيڪي ڏيهه ۾ ڏڪار هئڻ ڪري مسلسل اباڻن ڪکن کان پري رهڻ تي مجبور هئا، سي ٻيهر وري رهيا آهن، ماروئڙن جو هٿيار (هر) جيڪو مسلسل چار سال برسات نه پوڻ ڪري زنگجي چڪو هو، تنهن کي ٿري مارو ٻيهر سنڀاري ٻنيون پوکي رهيا آهن. هڪ ته مسلسل برسات نه هئڻ ڪري ٿري مايوس هئا، جن جو چهرو برسات جي ڪري ٻهڪي اٿيو آهي ته ٻي طرف مسلسل ڏڪار جي ڪري پئسو نه هئڻ ڪري ٻج به سندن لاءِ مسئلو ٿي رهيو آهي، جنهن لاءِ ماروئڙا پنهنجا سونا زيور واڻين وٽ گروي رکي وياج تي پئسه کڻي ٻج لاءِ پئسن جو بندوبست ڪري رهيا آهن. ٿري ماڻهو جيڪي هاڻ برسات پوڻ کان پوءِ صرف پنهنجا هر سنڀارڻ، ڏاند سينگارڻ ۽ ٻنين تي مڪمل ڌيان ڏئي رهيا آهن. هر طرف خوشيون ئي خوشيون ورهائجي رهيون آهن، خوشيون جيڪي ٿر کان ڪوهين ڏور هلي ويون هيون، سي ٻيهر ڏوٿيئڙن سان ساٿ نڀائڻ جو وچن ڪري رهيون آهن. هر طرف کان چاهت ڀريو چنگ چُري رهيو آهي. نوجوان ٽولن جي صورت ۾ ڀٽن ۽ ريٽن تي ويهي همرچا جهونگاري رهيا آهن.
    اهي ڀٽون، لنگهه، کيت ۽ واٽون الله سائين جي ڪرم سان هڪ دفعو ٻيهر ساوا ٿي پي آهن، ماروئڙا برسات پوڻ جي ڪري هاڻ پرهه ڦٽي پرڀات جو پنهنجي مرڪندڙ چهرن سان پنهنجين پنهنجين ٻنين ڏانهن راهي ٿيو وڃن. سڄو ڏينهن ڪم ڪرڻ کانپوءِ سانجهي ويلي ٿڪل ماروئڙا پنهنجي گهر موٽن ٿا ته ڪي ور ي پلر جي پسايل پٽ تي نڪتل کنڀيون، پپون، مريئڙو ۽ ڪونڊير ميڙي شهر ڏانهن راهي ٿيو وڃن ۽ اتي اهو وڪڻي اٽي جا پئسا ڪمايو اچن. رات جو وري ٽولن جي صورت ۾ ڀٽن ريٽن تي ويهي زماني جون ڳالهيون ٿا ڪن، جن جي ڪچهري ۾ ٿري جهونا(پوڙها) وري اها ڳالهه ڪندي چون ٿا ته هيل برسات جام پوندي، جنهن جو ثبوت هُو هيل سال وڌيڪ پيرون ٿيڻ کي ڄاڻائي رهيا آهن. اهي پنهنجي ڳالهه کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ دليل ٿا ڏين ته هيل به پيرون گهڻي تعداد ۾ ٿيا آهن....!تنهن ڪري برسات گهڻي پوڻ جا امڪان آهن، تنهن جي معنيٰ سڪار جا چٽا امڪان نظر اچي رهيا آهن.
    ٿر جي تفريح گاهه ڀٽ، جيڪا برسات نه پوڻ ڪري سڀني کان وسري چڪي هئي ۽ ماضي جو ورق بڻجي وئي هئي، سا ٻيهر حال جي تفريح گاهه بڻجي رهي آهي، جنهن تي گهمي ماڻهو لطف اندوز ٿي رهيا آهن. برسات جي ڪري جتي ٿري ماڻهو لطف اندوز ٿي رهيا آهن ته اتي وري شهري بابو پڻ ٽولن جي صورت ۾ ٿر گهمڻ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن. ٿري ٻارڙا جيڪي هينئر ڀٽن تي ڀونگلا(واري جا گهر) ٺاهيندي ڏسجي رهيا آهن ته وري ٿري ناري(عورت) پڻ پنهنجن ٻيلهڙين(ساهڙين) سان ڀٽن تي چڙهندي لهندي ۽ ٽهڪ ورهائيندي پسجي رهي آهي ۽ ٻڍا (پوڙها) وري ٻيهر برسات جي آمد لاءِ اڳڪٿيون ڪري ر هيا آهن. بهرحال جيئن کڻي چئجي پر في الحال ٿر جون رونقون بحال ضرور ٿي ويون آهن، ڪير خوشي جا گيت ڳائي رهيو آهي ته ڪي وري همرچا جهونگاري رهيا آهن. مطلب ته هر ڪوئي پنهنجي پر ۾ موجون اڏائي رهيو آهي. برسات پوڻ جي ڪري ماڻهو ته ٺهيو پر پکي پکڻ، وڻ ٽڻ پڻ خوشي ۾ جهومي رهيا آهن. ٿورن لفظن ۾ کڻي چئجي ته الله سائين ٿر تي هيل مهربان ضرور ٿيو آهي جو ٿر جون مرڪون ٻيهر موٽي آيون آهن جيڪي شل سدائين ٿر ۽ ٿري ماڻهن تي وسنديون رهن.(آمين)

    روزانه تعمير سنڌ، حيدرآباد
    6 جولاءِ، 2001


    ٿر، جتي وسڪاري بعد خوشيون ۽ ماتم گڏجي رقص ڪن ٿا

    ٿر، جتي وسڪاري بعد خوشيون ۽ ماتم گڏجي رقص ڪن ٿا

    ٿر ۾ سانوڻي جي برسات جتي ٿرين لاءِ سوين خوشيون آنديون آهن. برسات جي آمد سان جٿي ٿري ماڻهو سرها ٿيا آهن ته سندن چهرا پڻ چمڪي رهيا آهن. جتي ٿري ناري جو ڳچ جهرمر تارن جيان جرڪي رهيو آهي ته ڪارونجهر جي ڪور تي مور پڻ خوشي ۾ جهومي رهيو آهي. ٿر جا ڏوٿيئڙا جيڪي مسلسل ٽن سالن کانپوءِ منڌائتي مينهن پوڻ ڪري خوش آهن ته اتي پلر سان پسيل ڀٽن تي نانگ بلائن جي ڪري خوفزده به آهن، جنهن جي هڪ چڪ هڻڻ سان هنن سانگيئڙن جون خوشون ماتم ۾ بدلجي سگهن ٿيون. ڳوٺ ڀوڄاسر جي ان مجني کي ڪهڙي خبر هئي ته وسڪارو سندس موت جي منظر جو باعث بڻبو!سندن پٽ انهي غم ۾ مبتلا آهي ته هو هاڻ ڪنهن کي بابا چئي پڪاريندو؟ مجني جي ان بيواهه زال کي ڪير آٿت ڏئي جنهن کي پاڻ کان وڌيڪ پنهنجي ڌيءُ جو اونو آهي، ته هن جا هٿ پيلا ڪير ڪندو؟ ٻڍڙي ماءُ پيءُ کي اهو غم کائي ويو آهي ته سندن سهارو کسجڻ کانپوءِ هاڻي ڪير هنن لاءِ ان جا داڻا آڻي ڏيندو؟ ڇا غريب پيدا ئي ان لاءِ ٿو ٿئي ته هو سور ۽ تڪليفون سَهي مري وڃي؟ ڇا ٿري مارو جنم ئي ان لاءِ ٿا ته وٺن ته هو وياج جي گهاڻي ۾ پيسجي مري وڃن!ڇا غريب ان لاءِ پيدا ٿو ٿئي ته هو سور ۽ تڪليفون کائي مري وڃي؟ ڇا غريب ان لاءِ ڄمي ٿو ته هڪ هو جهنگ مان ايندي بلا هٿان ڪکجي ڦٿڪي مري وڃي؟ڇا غريب ان لاءِ پيدا ٿئي ٿو ته هو سدائين ڏڪار جي چڪي ۾ پيسجي آخر ۾ سورن جون سٽون نه سهي هن دنيا مان گذري ڪري وڃي؟سول اسپتال مٺي جو جائزو وٺڻ سان خبر پئي ته موت جي سفر جو راهي صرف هڪڙو ڀوڄاسر جو مجنون ناهي پر ماضي قريب ۾ اهڙا ڪيترائي روهيڙي جي گل جهڙا ڳاڙها نوجوان نانگ جي ڪکجڻ سبب موت جي مانگر مڇ جو کاڌ ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترائي اڃا سول اسپتال جي جنرل وارڊ جي بيڊ تي زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا آهن. اسپتال جي هڪ ڪنڊ ۾ ويٺل ٻڍڙي کي ڪير اٿت ڏئي. جنهن جو پٽ نانگ کان ڪکاڻو ۽ سول اسپتال دير سان پهچڻ ڪري موت جي ننڊ سمهي چڪو هو. حال معلوم ڪرڻ تي ڪنڌ مٿي کنيائين ۽ جهور پوڙهين اکين مان لڙڪ اگهڻ لڳو ۽ ٿڌو ساهه کڻندي چيائين”پٽ ڪهڙا ٿو حال پڇين! هڪڙو پٽ هو جيڪو ئي اسان جو سهارو هو. ٽن سالن جي ڏڪار جي ڪر ي سونا زيور وياج تي رکي پئسا کنيا هئا.سمجهيو ٿي هن سال وسڪاري ۾ ٻني پوکي و ياج تان ٽول ٽپڙ ڪڍنداسين. پر خدا کي اهو منظور ڪونه هو، هاڻي ڪير ٻني پوکيندو؟.ڪير گهر جو خرچ هلائيندو ۽ هن پوڙهي جي اکين مان لڙڪ هن جا ڳل ڀنائيندا هن جي ڊگهي سونهاري ۾ جذب ٿي ويا.
    ٽرانسپورٽ جي اڻهوند پڻ هر سال اهڙن ڪيترن ئي ڳڀرو نوجوانن کي موت جو مسافر بڻائي ٿي ڇڏي يا اسپتا لن ۾ ويڪسين جي کوٽ هئڻ ڪري ڪيترائي مارو پنهنجي جواني پسڻ کان پهرين ئي موت جي سفر تي ڪاهي پون ٿا ته ڪٿي وري ڊاڪٽرن جي ڪوتاهي پڻ انهن ڏوٿيئڙن کان سندس زندگي کسي ٿي وٺي، انهن شهري بابو ڊاڪٽرن کي ڪهڙي خبر ته سندس پنج منٽ دير ڪنهن غريب خاندان جو جرڪندڙ ڏيئو اجهائي سگهي ٿي انهن مغرور ڊاڪٽرن کي ڪهڙي پروڙ ته انهن جي ڪوتاهي ڪنهن پتڪڙن ٻارن جي يتيم ٿيڻ جو باعث بڻجي سگهي ٿي، انهن جي ڪاهلي ڪنهن پوڙهن مائٽن جو سهارو کسي سگهي ٿي،ڇا ٿر جي قسمت ڪڏهن به ڪو نه بدلجندي ڇا ٿري ائين تڪليفن جي گهاڻي ۾ پيسجندا رهندا، ڇا اهي جهور پوڙها ائين پنهنجن ٻچڙن جي جدائي ۾ روئيندا رهندا ڇا ٿر جي ڀٽن مٿان هاڻي ڪڏهن به خوشين جو سج ڪو نه اڀرندو، ڇا ٿرين کي بيوقوف بڻائيندڙ ٻهروپي چهرا خوشي جا جام اوتيندا رهندا، ڇا ٿري ماروئڙن جي تقدير انهن انسان دوست جي ماسڪ پهريل وحشين هٿان لٽجندي رهندي، ڇا ٿري ائين جهالت جي زندگي بسر ڪندا رهندا، ڇا ٿر جي حقن تي راتاها لڳندا رهندا. ؟؟؟!!!

    روزانه تعمير سنڌ، حيدرآباد
    25 جولاءِ، 2001


    ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر!!!!

    ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر!!!!

    آمريڪا بهادر جيڪو دنيا جو سپر پاور، پاڻ کي خدا کان پوءِ وڏي طاقت سمجهي ويٺو هو، جنهن هر ڪنهن کي پنهنجن پير هيٺيان ڪچلي اهو تاثر پئي ڏنو آهي ته هي طاقتور آهي. تنهن لاءِ هڪ ڏينهن اهڙو آيو جڏهن آمريڪا سميت پوري دنيا جون متيون مُنجهي پيون. هڪ اهڙو ملڪ جيڪو جنهن کي چاهي جيئاري، جنهن کي چاهي ماري. تنهن سپر پاور سان ڪنهن فولادي هٿن هٿ چراند ڪري اهو تاثر ڏنو ته سپر پاور صرف خدا آهي ۽ آمريڪا کي نيٺ خوشفهمي مان نڪرڻو پيو ته”سير مٿان سوا سير ويٺا آهن“ حملا کڻي ڪنهن به ڪيا هجن، ڪنهن جي به اشاري تي ٿيا هجن پر اهو آمريڪا سميت پوري دنيا کي به ضرور مڃڻو پوندو ته هيڏي وڏي جاسوسي نظام جو مالڪ چند فردن هٿان پنهنجي معيشت جو وڏو مرڪز تباهه ڪرائي ويٺو. خير اها ته هئي ماضي جي ڪٿا پر آمريڪا پڻ ڪجهه هفتن کان پنهنجن عزيز شهرين جي قيمتي جانين جي پلاند وٺڻ لاءِ جوابي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. پر پاڻ ڏسون ته جوابي ڪارروائي جو شڪار صرف ۽ صرف عوام ٿيو آهي ۽ هيستائين طالبان فوج جو وار به ونگو نه ٿيو آهي. افغانستان هڪ اهڙو خطو آهي جيڪو سدائين بک بدحالي ۽ جنگ جو نشانو پئي بڻجندو رهيو آهي. پوءِ سوويت يونين وارو زمانو هجي، مسلسل سالن کان افغانستان مٿان پهاڙ وانگر ڪرندڙ ڏڪار وارو وقت هجي يا هلندڙ زمان حال وارو دور هجي. سدائين افغانستاني عوام ڀوڳيو آهي. سدائين سور سٺا آهن، پر پوءِ به اهي افغاني لالا ڏکن کي لوڙهيندي بکن کي سهندي به پنهنجي اصولن کي برقرار رکندي پنهنجي قافلي کي ساڳي روايت سان ڌوڪيدا پيا اچن.
    آمريڪا جيڪو هڪ سمجهدار ملڪ ٿيندي به ايڏي تڪڙ کان ڪيئن ڪم ورتائين! جبلن جي اوٽ ۾ رهندڙ انهن جبل جهڙيون اڏول ڇاتيون ۽ فولاد جهڙا مضبوط بازو رکندڙ ۽ جان جي پرواهه نه ڪندڙن جي چيلهه ۾ موت جي راند جي لاءِ ٻڌل سندري ۾ ايڏو تڪڙ ۾ ڪيئن هٿ وڌائين؟ آمريڪا جنهن سدائين ٻين جي ڪلهي تي بندوق رکي وار ڪيا آهن. سو ايڏي تڪڙ ۾ موت جي ميدان ۾ ڪيئن ڪاهي پيو؟ آمريڪا جيڪو ماضي کان چڱي ريت واقف آهي. جنهن کي چڱي طرح خبر آهي ته ماضي ۾ سويت يونين پڻ انهن افغاني پٺاڻن کي پهچي نه سگهيو. آخر ۾ پنهنجو الهه تلهه چٽ ڪري توبهه توبهه ڪري جند ڇڏايائين ته اهڙي پهاڙ سان ٽڪر کائڻ ڏاڍي گهاٽي جو سودو آهي. جي ڪڏهن آمريڪا اهو سوچي ٿو ته ماضي جي ڀيٽ ۾ هن وقت جديد هٿيار، ميزائل ۽ بم آهي ته اها وڏي غلطي آهي. آمريڪا کي انهن جي ڪيل ڪجهه هفتن جي ڪارروائي مان ئي سمجهي وڃڻ گهرجي ته اهي طالبان سان مهاڏو اٽڪائڻ جي پوزيشن ۾ ناهن، ڇاڪاڻ جو هيترن ڏينهن جي ڪارروائي ۾ جيڪڏهن نشانو بڻيا به آهن ته اهي به صرف عام شهري جيڪي اڳ ۾ ئي مسلسل ڏڪار، بک، بدحالي ۽ طالبان جي ڏاڍاين جي ڪري اڌ مئا ٿي چڪا آهن. جن کي مارڻ الٽو ناحق معصومن کي مارڻ جو الزام کڻڻ برابر آهي، باقي طالبان جو اهي ڪجهه به بگاڙي ناهن سگهيا ٻيو ته آمريڪا کي معاشي نقصان کانسواءِ هيستائين ڪجهه به پلئه نه پيو آهي. آمريڪا جيڪو بدلي جي جنون ۾ پنهنجون سڀ دفاعي قوتون صرف ۽ صرف طالبان ۽ پنهنجي ڪٽر دشمن اساما بن لادن کي مات ڏيڻ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. هاڻ وري هوائي حملن کانپوءِ زميني جنگ جو آغاز ٿي چڪو آهي ته اهو آمريڪا کي اڳواٽ ئي سمجهڻ گهرجي ته افغاني گوريلا ويڙهه جا ماهر ليکيا و ڃن ٿا ۽ آمريڪي فوجي بلڪل ناتجربيڪار آهن. تنهن ڪري زميني جنگ ۾ آمريڪا کي صرف ناڪامي ۽ نقصان کانسواءِ ڪجهه به پلئه نه پوندو.
    آمريڪا جنهن لاءِ هاڻي وري ٻيو مسئلو پيدا ٿي ويو آهي ته رمضان ۾ حملا بند ڪجن يا نه؟؟ڇاڪاڻ جو آمريڪا جنهن اسلامي ملڪن کان دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ سندن ساٿ ڏيڻ لاءِ مدد طلبي هئي جنهن جو اسلامي ملڪن هاڪار ۾ جواب ڏنو ۽ هاڻي جڏهن اسلامي ملڪن رمضان ۾ حملا بند ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي ته آمريڪا تي پڻ اهو لازمي ٿي پيو آهي ته سندس اتحادين کي مانائتي موٽ ڏيئي ۽ جي ڪڏهن آمريڪا ناڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ته سندس گهر ۾ باهه لڳندي ۽ اتحاد ۾ ٽوڙ پوندو. خير آمريڪا جيڪو پاڻ سپر پاور ٿو سڏائي جنهن کي ڪنهن اتحاد جي ضرورت ته ناهياهو صرف دنيا کي نمونو ڏيکارڻ لاءِ آهي ته ڏسو پوري دنيا دهشتگردي کي ڪچلڻ لاءِ اسان سان گڏ آهي. پر پوءِ به چوندا آهن ته جسم جي ننڍي کان ننڍي حصي کي ڌڪ لڳڻ سان تڪليف پوري جسم ۾ ٿيندي آهي، تنهن حساب سان آمريڪا کي نقصان ضرور ٿيندو ۽ آمريڪا کي به سوچڻ گهرجي ته هو دهشتگردي جي آڙ ۾ افغان عوام مٿان پرتشدد ڪارروايون بند ڪري ڪو متبادل حل ڳولي. هونئن به گرم لوهه کي ٿڌو لوهه ئي موڙيندو آهي. باقي جنگ ۾ آمريڪا کي اهي افغاني لالا سر جو جواب پٿر سان ئي ڏيندا. سو هاڻ ڏسون ٿا ته اهي جنگ جا مسافر ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿا ٿڪ ڀڃن ۽ ڪڏهن ٿو امن جو سج نروار ٿئي.

    روزانه تعمير سنڌ، حيدرآباد
    7 نومبر، 2001


    منهنجي ٿر جو حال جي پڇندين...

    منهنجي ٿر جو حال جي پڇندين...

    سنڌ جي هن برپٽ بياباني خطي ۾ معصوميت رهي ٿي، زماني جي لوڀ لالچ کان پاڪ ٿري مارو رهن ٿا، جيڪي پنهنجي ڌرتيءَ کي ماءُ سمجهي، ٻوليءَ ۽ پٽڪي کي لوئي ۽ لڄ سمجهي، مارئيءَ واري پريت نڀائي رهيا آهن. اهي ڏڪار توڙي سڪار ۾ پنهنجي خطي سان محبت ڪن ٿا. اهي هر حال ۾ پاڻ کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. پر جڏهن خوشيون سندن ساٿ نڀائڻ کان انڪار ڪري ويهن ته اهي مسڪين مارو ڇا ٿا ڪري سگهن؟
    ٿر سنڌ جو هڪ اهڙو خطو جتي جي رهواسين جي نصيب ۾ شايد سک ۽ آرام ۽ چين نالي جو تصور به ناهي. هر شهري سهولت کان وانجهيل هي ٿري مارو پوءِ به پاڻ کي خوش رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪن ٿا. مگر قدرت اڳيان مجبور ڇا ٿا ڪري سگهن؟ مسلسل ڏڪارن سندن الهه تلهه ته اڳي ئي ڳهي ڇڏيو آهي، پر هاڻ ته سندن جسم جي ٺلهو ماس به نه بچيو آهي، اسان جهڙا اسان جي نگريءَ جي هڪڙي ڪنڊ ۾ بسيل هنن جي هڪ اهڙي دنيا، جنهن جو ڪو والي وارث به ناهي. سرڪار سڳوري وسيلن جي اڻهوند جو چئي پنهنجي جان آجي ٿي ڪرائي ته غير سرڪاري تنظيمون وري سندن غربت کي بين الاقوامي سطح تي پرڏيهي ڊونر ادارن وٽ ڪيش ڪرائي، صرف پنهنجا اڪائونٽ ڀرڻ کي ترجيح ڏين ٿيون.
    ڏڪار ٿر ۾ راڱا ڪري ڇڏيا آهن. ٿري مارو ويچارا بک، بدحالي جي زندگي بسر پيا ڪن. سندن مال بک ۽ اڃ وگهي مري رهيا آهن. بلڪه 60 سيڪڙو کان وڌيڪ مال موت جو کاڄ بڻجي ويو آهي ۽ چاري جي اڻهوند هجڻ ڪري اڃا به وڌيڪ مال مرڻ جا چٽا اهڃاڻ نظر اچن پيا. غريبن جي والي وارث هجڻ جو ڍنڍرو پٽيندڙ اهي نام نهاد اين جي اوز صرف سندن غربت کي نيلام ڪرڻ، سندن معصوميت کي ڪيش ڪرائڻ ۽ غربت جي خاتمي جا سکڻا نعرا هڻڻ کان سواءِ ڇا ڪيو آهي؟
    جڏهن اڪيلائي ۾ و يهي سوچيان ٿو ته پنهنجي ئي نگري ۾ رستن پيچرن تي پکڙيل جانورن جا هڏائون پڃرا معصوم ٿري ٻارڙن جون ماني لاءِ اڀ ڏاريندڙ ڪيهون، پنهنجي حال تي پريشان ٿري مارو، بيروزگاري جي باهه ۾ ٻرندڙ ٿري نوجوانن ۽ پنهنجي حال تي پريشان هنن معصومن کي بس ائين ئي بي يارومددگار ڇڏي ڏيڻ ڪيڏي نه خودغرضي آهي...؟؟؟پر پوءِ جڏهن پريالو جي پويتر ڌرتي تي بلبل سنڌ جي نوجوان مرحوم شاعر سرمد سنڌي جي ڳايل گيت جون هي سٽون ٿو ٻڌان:
    ڪا آس نه رک هن دنيا ۾،
    روشندل کي روئاڙيو ويندو آ،
    دنيا جي ستايل ماڻهو ڏي،
    نفرت سان نهاريو ويندو آ،
    ٿر جي هڪ وڏي سماجي تنظيم، جيڪا مالي وسيلن کان هر طرح شاهوڪار آهي. 1987ع ڌاري اسلام ڪوٽ ۾ سيو دي چلڊرين فنڊ وارن ڏڪار سٽيل ٿر لاءِ امداد واسطي اتي هڪڙو پراجيڪٽ شروع ڪيو هو. جان بڪلرڪ، هڪ انگريز ان جو ڊائريڪٽر هيو، بدين جو مشهور اديب ڊاڪٽر عبدالرحمان نقاش ۽ ڊومنڪ اسٽيفن ان پراجيڪٽ ۾ هيا، ٿر جا نوجوان، انهن پنهنجي پراجيڪٽ ۾ آندا. پوءِ ان کي پهرين ٿرپارڪر رورل ڊيولپمينٽ، بعد ۾ ٿرديپ رورل ڊيولپمينٽ جو نالو ڏئي، اسلام ڪوٽ مان هيڊ آفيس مٺيءَ ۾ منتقل ڪئي وئي. ۽ اڳتي هلي، ان جي ايڪسٽرنل آڊٽ ۾ ڪجهه انتظامي ڪوتاهيون نظر آيون ته گوري جان بڪلرڪ پنهنجي ناڪاميءَ کي تسليم ڪندي رضاڪاراڻه طور تي ادارو ڇڏي، واپس ڪئناڊا هليو ويو هو. پوءِ تنظيم جون واڳون ’پنهنجن‘ جي ور چڙهي ويون. نه ته ان دور ۾ ان هڪڙي پروجيڪٽ جو ڪم، اڄ جي ڪيترين وڏين تنظيمن جي مجموعي ڪم کان ڪافي بهتر هيو. اڄ ان پراجيڪٽ جا رکيل نوجوان ٿرديپ ۽ ٻين ادارن جا سينيئر اڳواڻ بڻيل آهن. هاڻي اهي ٿر جي دردن کي پروپوزلن ۾ آڻي، فنڊ حاصل ڪرڻ جا گُر سکي چڪا آهن.
    اها ين جي او، جيڪا صرف هڪڙي مئگزين ڇپرائڻ لاءِ هزارين روپيا خرچ ڪري، مفت ورهائي، پنهنجي ناموس ڪڍائڻ کي اولين فرض سمجهي ٿي، پر ڪو مسڪين ٿري مارو پنهنجي ڪنهن نانگ ڪکيل مائٽ کي شهر وٺي اچي ۽ کيس ويڪسين لڳائڻ لاءِ وٽس پئسا نه هجن ۽ هو انهي آفيس لنگهي وڃي چئي ته هڪ ويڪسين جي قيمت ٺلهي 500 روپيه آهي. اهي آهن انهن جا ٿر جي ڀلائيءَ لاءِ کڄندڙ قدم. کين اهو احساس ئي نه آهي ته سندن 500 رپين جي امداد جي ڪري ڪنهن گهر جو ڏيئو اجهامڻ کان بچي سگهي ٿو. ڪنهن ماءُ جو جگر کانئس وڇڙڻ کان بچي سگهي ٿو. سِڪن جا آواز ٻڌندڙ اهي اصل ۾ واپاري آهن، جيڪي هڪ ماءُ جي ورلاپن کي ڪٿي ٿا ٻڌي سگهن. اهي صرف اهي محسوس ڪري، پروپوزلن ۽ رپورٽن ۾ لکي، پنهنجي پگهار سجائي ڪري ڄاڻن.
    اڃا ”مائڪرو ڪريڊٽ“ قرض جي بهاني انهي اين جي او جيڪو ٿرين کي ڦريو آهي سا اڃا به الڳ ڪٿا آهي، مائڪرو ڪريڊٽ تي قرض ڏيئي ٿرين کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جا ڏٽا ڏيئي واڻين جي وياج وارو ڪاروبار کولي ٿرين کي پاڻ ڀرو ڪرڻ بدران سندن رهيو سَهيو ماس اگهي رهي آهي. پنهنجو ڪاروبار کولڻ لاءِ 10000 رپيا ڏين ٿا ۽ لڳ ڀڳ 950 روپين جي ماهوار قسط وٺن ٿا، هاڻي ٻڌايو ته ڏهن هزارن ۾ اهڙو ڪهڙو ڪاروبار کولي ٿو سگهجي! جو هڪ مهيني ۾ قسط جا پئسه ڪمائي ڏيئي ۽ پوءِ وري قرض کڻندڙ کي الڳ فائدو پهچائي، جيستائين منهنجو دماغ ڪم ڪري ٿو ته اهڙو ڪوئي به ڌنڌو ڪونهي، جو ڏهن هزارن تي هڪ مهيني ۾ 2500 روپيه بچائي سگهجن.
    هاڻي ڏسو ان سان ٿرين جي معاشي حالت تي منفي اثر ڪهڙا ٿا پون جو ٿري مارو ويچارا هڪ اڻپڙهيل، ٻيو وري ڏڪار ۽ واڻين جي قرضن جا ماريل مٿان وري ٽاڻي تي لولي جي گهرج، سو اهي بنا سوچ سمجهڻ جي قرض ۾ پئسه وٺيو ڇڏين. جيڪي وري واڻيي کي ڏئي لوڻ وٺيو اچن. هاڻي جڏهن مهينوپورو ٿئي ته وري سونا ڳهه وائيڻي وٽ ڳري وياج تي گروي رکي قسط پيارين. ائين 950روپين جون ڏهه مهينا قسطون پيارڻ لاءِ وري ڏهن هنڌن تي نئون قرض کڻڻو پوي ٿو ۽ ٿري مارو انهي اين جي او وٽ الڳ ۽ وائڻي وٽ الڳ وياج ڀرين ٿا ۽ ايئن مٿن قرضن جا تهه چڙهيو وڃن، ايئن سندن معاشي حالت سڌرڻ بدران ڏينهون ڏينهن بدتر ٿيندي پئي وڃي. باقي اين جي او کي ڇاهي؟اهي ته پنهنجي قسط سان ٻڌل آهن. پوءِ ٿر مارو ان کي ڪٿان به آڻي ڏين، ان جو هنن سان واسطو ڪونهي. هڪ ٿري ٻڌايو ته بيماري جي ڪري دير ٿي ٿئي ته اين جي او جا ماڻهو سندن گهر پهچي تذليل ڪندي به دير نٿا ڪن.
    ٿر ۾ ڏڪاري حالتون آهن. ماڻهن وٽ کائڻ لاءِ ويلي تي لولي لوڻ به ڪونهي، پر اها مقامي تنظيم پنهنجن قرضن جي وصولي جاري رکيو اچي. جڏهن هڪ صحافيءَ انهي اين جي او جي ڊائريڪٽر کان ڏڪار جي ڪري قرض جي وصولي معطل ڪرڻ بابت سوال پڇيو ته هن صاحب وصولي معطل ڪرڻ کان کتو جواب ڏيندي چيو ته ڇا به هجي، اسين پنهنجي وصولي جاري رکنداسين. سرڪار توڙي اين جي اوز کي جڳائي ٿو ته مسڪينن جي حالت تي رحم کائين. صرف پنهنجا پيٽ ڀرڻ بدران سندن مدد ڪن، جيڪا ئي سندن ادارن توڙي حڪمرانيءَ جو اصل متن آهي.


    ٿر نه اڃا ٿانيڪو

    ٿر نه اڃا ٿانيڪو

    ٿر ۾ هيل ٿوهرن جون ٽاريون سُڪي رهيون آهن، ڏڪارن جو واسو ماروئڙن جي زندگين کانپوءِ وڻن ۽ جهرن جهنگن کي به ويران ڪري چڪو آهي. سکن جو سج اڀرڻ ڄڻ ڪنهن غريب جو خواب بڻجي ويو آهي. هڪ اهڙو خطو جتي جا رهواسي ڏکن کي ڀٽائي جي چواڻي ”ڏک سکن جي سونهن“ تي عمل ڪندي برداشت ڪن ٿا ۽ ٻاڦ به ٻاهر نٿا آڻين. هميشه رکي سکي اڻڀي سڻڀي کائي وقت گذاريندڙ ٿري ماروئڙن جي اها خوشي به خبر ناهي ڇو قدرت کان برداشت نٿي ٿئي! جو ڪڏهن ڏڪار جي ڏکن جي ڪري انهن جي زندگي دربدر ٿئي ٿي ته ڪڏهن وري زلزلي جهڙي وحشي آفت اجها اکوڙجي بي يارو مددگار کلي آسمان هيٺ تتل واري تي رهڻ تي مجبور ڪيو آهي.
    حڪومتي عدم دلچسپيءَ جي ڪري ٿر، ترقي ڪرڻ ته پري جي ڳالهه، پر بنيادي سهولتن کان به محروم آهي. تعليم جي نالي تي ٺاهيل برانچ اسڪولَ وڏيرن جا اوطاق بڻيل آهن. ماستر رشوت وٺي گهر ويٺي پگهارون کڻڻ جا عادي آهن. هتي ڊي او ايجوڪيشن وٽ سرڪاري اسڪولن، ماسترن ۽ داخل ٻارن جي فِگر (انگ اکر) هڪڙي آهي ته ڊي اي او ايجوڪيشن وٽ ٻي آهي. هتي صحت کاتي جي مد ۾ ٺاهيل ڊسپينسريون ويران بڻيل آهن. ڳوٺن ۾ مقرر ڪيل ڊاڪٽر ڊيوٽي تي اچڻ بجاءِ بالا آفيسرن جا جيب گرم ڪري ڪم هلائي ٿا وٺن ۽ مسڪين ماروئڙن جي صحت سيکڙاٽ ڪمپائونڊرن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيل آهي. هتي حمل دوران سوين عورتون موت جو کاڄ بڻجي وڃن ٿيون. مگر صحت کاتي کي ان جو ڪو به فڪر ناهي ۽ نه ئي انهن کي انهن بابت ڪي جوڳا اپاءَ وٺڻ جو اونو آهي. ڳوٺن ڏانهن روڊ رستن جي سهولت نه هئڻ پڻ مسڪين ٿري ماروئڙن جي ڏکن ۽ تڪيليفن جو سبب بڻيل آهي. مسڪين ٿري روڊ رستا نه هئڻ ڪري اٺن ۽ ڍورن کي ايمبولينس طور قطب آڻين ٿا ته اڪثر ايمرجنسي دوران دير ٿي وڃڻ ڪري لٽڪيل لاش اٺن تي کڻي واپس ورن ٿا ۽ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو الميو ٿي سگهي ٿو. جو ضلعي جي واحد هيڊ ڪوارٽر اسپتال مٺي ۾ ڪو به اسپيشلسٽ ڊاڪٽر موجود ناهي ۽ باقي ڊاڪٽرن جو مريضن ڏانهن رويو اسپتال جي صفائي ۽ دوائن جي کوٽ پڻ ڳڻتي جوڳو عمل آهي.
    اهڙا کوڙ سارا مسئلا آهن، جيڪي حل جا گهرجائو آهن. پر وقت جا حڪمران سدائين اهو چئي ٽاري ٿا ڇڏين ته اها پوئين حڪومتن جي غلط پاليسين جو نتيجو آهي. جنهن ملڪ کي لٽيو، عوام کي تڪليفون ڏنيون، مگر هاڻي اسان جي حڪومت جي Progress جاري آهي. ڪجهه وقت لڳندو. مگر ٿيو سدائين ائين آهي ته اها حڪومت به ڳالهيون ڪري هلي ٿي وڃي ۽ ٿري مسڪين اتي جو اتي آهن. هاڻي جڏهن حڪومت مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي ته غير سرڪاري تنظيمون (NGOS) ماروئڙن جا مسئلا حل ڪرڻ جي حام ڀري اچي ميدان ۾ لٿيون آهن ۽ انهن جيڪو ٿر لاءِ ڪم ڪيو آهي، تنهن سان ڍاٽڪيءَ ۾ هڪڙي چوڻي بلڪل ٺهڪي ٿي اچي ته:
    ”ڪاڪو- ٻاپُو رو ڀائي“
    پاڻ ٿوري نظر جيڪڏهن ٿر جي هڪ مقامي امير اين جي او تي وجهنداسين ته معلوم ٿيندو ته ان جو مقامي ڊائريڪٽر صرف پنهنجي ڪميونٽيءَ جي نوجوانن کي اڳتي آڻڻ لاءِ ڪوشان آهي. تنظيم جي مجموعي ملازمن ۾ 50 سيڪڙو سندس ڪميونٽيءَ سان واسطو رکن ٿا. ٿر جي نالي تي سڀ کان گهڻي امداد به ان ئي ڪميونٽيءَ ۾ تقسيم ٿئي ٿي. پوءِ ان ۾ ننڍڙا قرض هجن، کاڌ خوراڪ جون شيون هجن، هئنڊ پمپ هجن، نلڪا هجن، زميني ٽئنڪ هجن، هنگامي حالتن لاءِ امدادي سامان هجي، خيما هجن، زلزلي کان متاثر ٿيندڙ ڳوٺن ۾ ٺاهيا ويندڙ چونئرا هجن، مطلب ته هر امداد ۾ هر ترقياتي ڪم ۾ توهان کي ان مخصوص ڪميونٽيءَ کي ڏنل حصو ٿر جي باقي عوام کان وڌيڪ نظر ايندو. ڇا ٿر ۾ صرف هڪڙي ڪميونٽي ٿي رهي، جيڪا ئي بس ڪمزور ۽ پٺتي پيل، حقدار ڪميونٽي آهي. پوءِ ته غير جانبدار ۽ غير سياسي پليٽ فارم واري دعويٰ ئي اجائي آهي. مٿيون ڳالهيون تنظيم جي ڊائريڪٽر کان هڪ حوالي کان سوال آهن. جيڪي جوابن جا گهرجائو آهن. ايئرڪنڊيشنڊ ۽ ڊيڪوريٽيڊ ڪمرن ۽ گاڏين ۾ گهمندڙ ان جا آفيسر چون ٿا ته اسين ٿر جي ترقيءَ لاءِ ٿا ڪم ڪيون، ٿر جي مسڪين ماروئڙن جي نالي تي ملندڙ امداد تي جاوا ڪندڙ اهي اصل ۾ واپاري آهن، جيڪي چون ٿا ته اهي ٿر جي تقدير بدلائي ڇڏيندا.
    هڪڙو ماڻهو پنهنجو نوڪر ساڻ کڻيو مسافري تي پئي ويو ۽ اهو مسافر مسافريءَ ۾ کارڪون کائيندو ۽ ککڙيون پويان اڇلائيندو ٿي ويو، پويان ايندڙ نوڪر اهي اڇلايل ککڙيون کڻي کائيندو ٿي ويو. اوچتو جڏهن ماڻهوءَ جي نظر پنهنجي نوڪر تي پئي ته چيائين: ”تون ته صفا ڪو بکيو آهين، جو اڇلايل ککڙيون ٿو کائين؟“ نوڪر وراڻيو: ”سائين بکيا ته توهان آهيو، جو سموري کارڪ پاڻ ٿا کائي وڃو، ٿوري به نٿا بچايو، جو پويان ايندڙ ڪجهه کائي سگهي.”
    سو ٿر جي ماڻهن کي غربت ۽ بکيو سمجهي، پرڏيهي ڊونر ادارن کان ڊالر ميڙي، پنهنجا ڀڀ ڀريندڙ اهي صاحب ايترو به نٿا ڇڏين، جو ڪجهه حصو ٿر جي غريب ۽ مستحق ماروئڙن جي زندگين تي به خرچ ٿي سگهي. صرف من پسند ماڻهن کي نوازي، پنهنجا کيسا ڀريندڙ اهي صاحب خدمت چون ٿا ته ٿر بکيو آهي، ٿر ۽ ٿرين کان وڌيڪ بکيا توهان آهيو، جو ٿر جي نالي توهان جي گهر جي چلهه ٿي ٻري.

    روزانه تعمير سنڌ، حيدرآباد
    سومر _ 26 مئي، 2003


    راکي - هڪ اڻٽٽ ٻنڌڻ

    راکي - هڪ اڻٽٽ ٻنڌڻ

    اڄ هن ڪلجڳ جي دور جي پٽ جو پيءُ تان وشواس (ڀروسو) کڄندو پيو وڃي، پٽ پيءُ کي ڪوڙو ڪوٺيندي دير نٿو ڪري ڀاءُ ڀاءُ جو ويري بڻيو ويٺو آهي ته انهي پاپي دور ۾ ڪجهه اهڙا رشتا ناتا آهن، جيڪي انسان اڄ به وساري ناهي سگهيو، انهن رشتن ۾ رڪشا ٻنڌڻ جو رشتو هڪ اعليٰ درجو رکي ٿو، هڪ ڀيڻ طرفان ڀاءُ جي ٻانهن تي ٻڌجندڙ ڪچي ڌاڳي جي رشتي کي رڪشا ٻنڌن جو رشتو چئبو آهي ۽ هن دنيا ۾ اگر ماءُ پيءُکان پوءِ ڪو عظيم رشتو آهي ته اهو آهي ڀاءُ ۽ ڀيڻ جو جنهن کي نڀائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. هڪ ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ جي ٻانهن تي سندس رڪشا لاءِ پنهنجي وشواس جو ڌاڳو ٻڌي، آرتي ڪري سندس وڏي عمر لاءِ دعائون گهري ٿي. هونئن ته رشتا ناتا هڪ اهڙو اٽوٽ ٻنڌڻ آهن، جنهن کانسواءِ انسان اڌورو آهي، انسان جيئن دنيا ۾ اک کولي ٿو ته سڀ کان پهرين ماءُ پيءُ جو رشتو هن کي خدا طرفان عطا ٿئي ٿو. ان کانپوءِ ڀاءُ ڀيڻ، عزيز قريب، يارن دوستن جا رشتا پڻ هن کي ملن ٿا. ڪجهه رشتا اهڙا هوندا آهن، جيڪي انسان کي قدرت طرفان عطا ٿيندا آهن ۽ ٻيا وري ڌرم جا رشتا هوندا آهن. مطلب ته انهن رشتن کي انسان خود ٺاهيندو آهي يا انسان خود اهڙا رشتا جوڙڻ چاهيندو آهي، جن کي جان جي بازي لڳائي به نڀائڻو پوندو آهي. انهي ۾ ڀاءُ ۽ ڀيڻ جو رشتو صرف ٻانهن تي هڪ ڪچو ڌاڳو ٻڌڻ سان شروع ٿئي ٿو، انهي ڪچي ڌاڳي کي (رکڙي) چوندا آهن ۽ پوءِ اهو رشتو رت جي رشتي کان به وڌيڪ عزيز ٿي ويندو آهي.
    اهو ڪچي ڌاڳي جو رشتو محض ٻانهن تي ڌاڳو ٻڌڻ يا بدلي ۾ کين ڪجهه ڏوڪڙ خرچي تائين محدود ناهي، بلڪه اهو رشتو رت جي رشتي کان به وڌ ليکيو وڃي ٿو. هڪ ڀيڻ صرف چند ڏوڪڙ خرچي جي لالچ ۾ پنهنجي ڀاءُ کي راکي نه ٻڌندي آهي، بلڪه هر ڀيڻ جو (چاهي اها سڳي هجي يا ڌرم جي بڻايل هجي) انهي ۾ پيار، خلوص، محبت ۽ سندس وشواس هوندو آ هي. انهي وشواس تحت هڪ ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ جي ٻانهن ۾ سندس رڪشا (حفاظت) جو ڌاڳو ٻڌندي آهي، جنهن ڪري انهي کي رڪشاٻڌڻ (حفاظت جو رشتو) ڪري ڪوٺيندا آهن، انهي رشتي ۾ ايتري ته پختگي حاصل ڪئي جو دنيا ۾ اهو انسان ئي ڪهڙو جنهن جي ٻانهن ۾ پنهنجي ڀيڻ جي پيار جو ڌاڳو ناهي ٻڌل. اڳ ڪنهن کي ڀيڻ نه هوندي هئي ته ان کي نڀاڳو ڪري ڪوٺيو ويندو هو ۽ اهو ماڻهو نڀاڳ ۽ لوڪ جي طعنن کان بچڻ لاءِ ڌرم جي ڀِيڻ ٺاهيندو هو پر اڄ ڏسو جو ماڻهن کان پنهنجي ڀيڻ سان به نڀايو نٿو ٿئي. اڄ جو ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ جي ٿوري ٿوري ڳالهه تي تذليل ڪندي به نٿو ڪيٻائي، اڄڪلهه ته اخباري چهرن تي چٽيل اهي لڱ ڪانڊاريندڙ خبرون ته هاڻي روز جو معمول بڻجي ويون آهن جو ڪٿي هڪڙو ڀاءِ ڪارنهن جي الزام هيٺ پنهنجي معصوم ڀيڻ جي زندگي جو ڏيئو محض پنهنجي ڪوڙي غيرت هيٺ وسائي ٿو ڇڏي ته ٻي هنڌ وري هڪ نهايت ئي ڪريل ذهن جو ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ جي چادر جو تقدس پائمال ڪندو نظر ٿو اچي ته ڪڏهن وري ڀاءُ ڀيڻ ڪارپ جي الزام هيٺ ڪٺا وڃن ٿا. اڳ ڀيڻ کي ديوي جو درجو حاصل هو ۽ سندس ڀڳوان وانگي پوڄا ڪئي ويندي هئي ۽ اڄ جا ڀائر پنهنجي ڪوڙي انا خاطر ۽ غيرت جي اوٽ ۾ پنهنجي مٺڙي ڀيڻ جي ساهه جون تندون ڇيهون ڇيهون ڪري پنهنجي ڪوڙي مردانگي جو ثبوت ڏين ٿا.
    اسان کي جڳائي ٿو ته هڪ ڀيڻ جيڪا ڀاءُ جي رَڪشا (حفاظت) لاءِ ڪيترائي ڪشالا تڪليفون ڪٽي ٿي هڪ ڀيڻ ٽيڄ (هندن جي هڪ تهوار) جا ورت (روضو) رکي پنهنجي ڀاءُ جي وڏي عمر لاءِ دعائون گهري ٿي، رڪشا ٻنڌڻ جي تهوار تي سندس رڪشا (حفاظت) لاءِ پنهنجي پيار ۽ وشواس جو ڌاڳو ٻڌي ٿي ته پوءِ اسين انهي ڀيڻ کي موٽ ۾ ايئن رسوا نه ڪريون ۽ پنهنجي ڪوڙي انا پرستي هيٺ پنهنجي ڀيڻ جي وشواس ۽ پيار جو ايئن ڳلو نه ڪَپيون، جو هڪ ڀيڻ جو پنهنجي ڀاءُ تان وشواس ئي ختم ٿي وڃي ۽ هن دنيا ۾ هڪ ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ جي وڏي عمر لاءِ د عائون گهرڻ به ڇڏي ڏئي. اهو هر ڌرم(مذهب) ۾ واضح طور تي لکيل آهي ته هڪ ڀيڻ جي چادر جي حفاظت ڪرڻ هڪ ڀاءُ جو بنيادي فرض آهي، چون ٿا ته جيڪو ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ جي دل دکائي ٿو ته ان کان ڀڳوان به ناراض ٿو ٿي وڃي مطلب ته هڪ ڀيڻ جي دل ڏکائڻ پنهنجي خدا جي ذات کي ناراض ڪرڻ برابر آهي ۽ اسان مان ڪو به اهڙو ناهي جيڪو پنهنجي خدا کي ناراض ڪرڻ چاهيندو پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان رشتن کي حقيقي معنيٰ ۾ وٺون ۽ رشتن کي پوري طرح نڀائڻ جي ڪوشش ڪريون. هن اڄوڪي مصروف دنيا ۾ اهي مذهبي تهوار ئي آهن جيڪي اسان کي هن سنسني خيز دنيا مان ٻاهر ڪڍي پنهنجن سان پيار ونڊڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿا. اسان کي جڳائي ٿو ته اسان اهي موقعا هٿان نه وڃايون ۽ ڀرپور نموني ملهائي پنهنجي رشتن ۽ پنهنجي ڌرم سان پاڻ نڀائڻ جي ڪوشش ڪريون.

    روزانه تعمير سنڌ، حيدرآباد
    اڱارو _ 12 آگسٽ، 2003


    درد ونديءَ جو ديس وسي پيو. ..

    درد ونديءَ جو ديس وسي پيو. ..

    ٿر، جتي جا ماڻهو مسلسل ڏڪار جا ڏڍ سهي رهيا هئا، پلر اوتڻ لاءِ سڪي رهيا هئا. بک ۽ غربت جي چڪيءَ ۾ سندن سرير مجبور بڻيل هئا. ڏڪار سبب مال ختم ٿي ويو هو. پيٽ خاطر هو پنهنجا گهر پڊ ڇڏي بئراجي علائقن ۾ رهڻ لڳا هئا. پنهنجا اباڻا پکڙا ڇڏي دربدر ٿيڻ جو درد هڪ ٿري مارو ئي بهتر سمجهي سگهي ٿو.
    سالن کان سانوڻيءَ سينگار نه ڪيا هئا. مندائتين برساتن ساڻن وفا نه ڪئي هئي. ڪڪر ٿر کان رسي چڪا هئا. زمينون غيرآباد ۽ مال ڍور، زيور، ڏوڪڙ سڀ کپائي اُڀ ۾ اکيون کُپائي، انتظار جي زندگي جِي رهيا هئا.
    پر اوچتو قدرت ڪرم ڪندي، مندائتي مينهن جي نعمت عطا ڪئي آهي. تازين پيل برساتن سبب جتي مارو ماڻهو خوش آهن ته اتي پکي پکڻ، مال ڍور ۽ ٿر جون سڪل ڀٽون پڻ ڄڻ ٻهڪي رهيون هجن. اهي ڀٽون، جيڪي برساتن نه پوڻ ڪري ويران ٿي ويون هيون. اتي ڪونڀٽن ۽ ٻين ٻوٽن مان گوئنچن ڪَر موڙيا آهن، هوڏانهن گورين جوانڙين جون قطارون، محبتي چهرا، ٿري نارين جو پنهنجين سهيلين سان ڪچهريون، ڪئمرائن جي فليشن جا چمڪاٽ، ٿڌڙي واريءَ تي نوجوانن جا لوڪ گيتن ڳائڻ جا مقابلا ۽ ڪشمير جو ڏيک ڏيندڙ ٿر جو حسين منظر ڏسڻ وٽان آهي.
    ٿر وٺا بروٺا، وٺا ڪڇ ڪنار،
    ڀون ساري ڀٽن تي، ڏس نيائون نار،
    سٻاجهي ستار، لاٿا ڏرت ڏيهه تان.
    پنج سالن جي مسلسل ڏڪاري حالتن دوران ڏک ڏولاوا سهڻ کانپوءِ پلر پيئندڙ ٿري مارن ۾ ڄڻ زندگيءَ جي خوشبوءِ موٽي آ ئي هجي. سندن چهرن تي خوشيءَ جا آثار واضح آهن. هنن برساتن کانپوءِ مارن کان ڄڻ پراڻا ڏک وسري ويا آهن ۽ جو بئراجي پٽن ڏانهن ويل مارو به واپس اباڻا پٽ ۽ ڪک ڏسڻ لاءِ ساهت ساري رهيا آهن ته ڪي وري پنجن سالن جي ڏڪارن سبب زمينون پوکي نه سگهجڻ ڪري هارپي جي اوزارن تي به زنگ (ڪَٽ) چڙهي ويل هر، ڏاٽا، ڪهاڙيون صاف ڪري تيار ڪري رهيا آهن ته هوڏانهن ولوڙا وايون، ۽ هاري هر، پاڃاريون، ناڙا ۽ ڪهاڙيون تيار ڪري رهيا آهن. هي مارو، جيڪي هيترن سالن کان کنڀين، مريڙي، پپن، ڪونڍير، ۽ ڳاڱين لاءِ سڪي رهيا هئا، هيل سانوڻيءَ ۾ سمورا ڏک، سُکن جي سائي چادر اوڍي نروار ٿيا آهن.
    الو اوهيڙا ڪري، عاشق مٿي اڄ،
    ڏور ڏڪاريا ڀڄ، مينهن منهن ڏيکاريو.
    جتي مارو برساتن سبب خوش آهن، اتي پوکيءَ لاءِ ٻج سندن لاءِ وڏو مسئلو بڻيل آهي، جو سيٺين ٻجن جا اگهه ڳرا ڪري ڇڏيا آهن. مجبور مارو پنهنجا سونا ڳهه گروي رکي، ڳري اگهه تي ٻج خريدڻ تي مجبور آهن.
    ٿر جي هڪ شاهوڪار اين جي او اگر چاهي ته هو سستي اگهه ۽ نرم شرطن تي ٻج فراهم ڪري پئي سگهي، پر هو ائين ڪو نه ڪندا، ڇاڪاڻ جو اين جي اوز جون قانون آهي ته ڪا آفت اچي، توهان جا گهر ڊهي پون، توهان کلي آسمان هيٺ لنگهڻ سمهو ته پوءِ اهي ادارا اوهان جي ڏکن جو درمان ڪرڻ لاءِ اوهان کي ٻه پنج سئو روپيه خيرات ڏيندا. خير ڳالهه پئي ڪئي سين برسات جي، جنهن ٿري ماڻهن ۾ ساهه ڦوڪي ڇڏيو آهي.
    هن دفعي ٿري مارو پراميد آهن ته مولا کين تي راضي ٿي مندائتو مينهن ڏنو آهي ته هاڻ سندن ڏک دور ٿي ويندا ۽ هو به ٻين وانگر کلي خوش ٿي آرام واري زندگي بسر ڪري سگهندا. الله سندن آس پوري ڪري.

    روزانه تعمير سنڌ، حيدرآباد
    ڇنڇر _ 26 جولاءِ، 2003


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 466
    ڪتابن جو مشاهدو: 393851
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 159306
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ