ڪتاب جو نالو: جنگ جو اعلان
مصنف: ارڏو اترادي
ڇپائيندڙ: جيئي سنڌ محاذ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 1988
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 07 جون 2017 ع
پڙهيو ويو: 597 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 164 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”جنگ جو اعلان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب سنڌ جي مزاحمتي شاعر ارڏي اترادي جِي مزاحمتي شاعري ۽ قومي گيتن جو مجموعو آهي. پڙهندڙ هن ڪتاب کي 80 جي ڏهاڪي جي سياسي تحريڪن کي سامهون رکي هي ڪتاب پڙهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • (هڙئي حق هٿيڪا)
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • عاجز کان ارڏي تائين
  • سائين
  • فڪرِ سيد
  • ارڏو آهي
  • ڀلارا لطيف
  • جيئي سنڌ
  • گڏ کڻون
  • ڇا جنگ ڪرڻ گھرجي
  • جنگ جو اعلان آ
  • ڦورن جي تاريخ
  • ورسيءَ جو مقصد
  • لطيف منهنجو
  • اسان جو مقصد
  • ڇا ٿيو....؟
  • ڀاءُ تنهنجو ناهيان
  • ڀاءُ اُنجو ناهيان
  • سنڌ جو سج
  • حسيني
  • باھ مچايون
  • آزادي
  • گھاڻو
  • منشور
  • لوڪ راڄ
  • اليڪشن
  • ڀٽائي
  • منهنجي ٻولي
  • وڌايون قدم
  • مهمان نوازي
  • ويچار
  • ڪپڙو ناهي
  • ديسي چڻا
  • وڪرو
  • وفادار ڏِس
  • سنڌي سي. آءِ. ڊي
  • جي_ايم سائين
  • سنڌ ڌرتي
  • انسان
  • اچي ملو
  • بحث نه آ
  • باغي ٿيان ٿو
  • غلام ڪيئن آهيون
  • رهبر ڇا ٿو چئي
  • اڳتي وڌڻ گھرجي
  • خزان جو خاتمو
  • ٽربيونل
  • هڪڙو نقطو
  • مايوس نه ٿيءُ
  • سنڌڙي جو فرمان
  • چوسٽا
  • ديش جو نعرو
  • ڀلي ڀلي
  • انقلاب آهي
  • ڪونه کپي ٿو
  • اتحاد
  • سنڌي ناهن
  • مفت نه مر
  • عام ڏٺا مون

  • (هڙئي حق هٿيڪا)

    (هڙئي حق هٿيڪا)

    ڪتاب جو نالو: جنگ جو اعلان
    ليکڪ: ارڏو اترادي
    موضوع: قومي گيت (شاعري)
    ڇاپو: اپريل 1988ع
    ڇپائيندڙ: جيئي سنڌ محاذ
    ڪمپوزنگ: عبيد ٿهيم







    JANG JO AILAAN
    (Poetry)

    By: Ardo Utraadi
    Published by: Jiye Sindh Mahaz, Sindh
    Composing: Ubaidullah Thaheem
    1st Edition April 1988
    2nd Edition May 2017


    ارپنا

    ارپنا

    سنڌي قومي جي رهبر
    پيار ۽ امن جي پيغمبر
    امن ۽ اهنسا جي مالڪ
    سنڌي يونيورسٽيءَ جي خالق
    محترم سائين
    جي ايم سيد
    جن جي نالي
    __

    ـــــــــ ارڏو اترادي


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”جنگ جو اعلان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب سنڌ جي مزاحمتي شاعر ارڏي اترادي جِي مزاحمتي شاعري ۽ قومي گيتن جو مجموعو آهي. پڙهندڙ هن ڪتاب کي 80 جي ڏهاڪي جي سياسي تحريڪن کي سامهون رکي هي ڪتاب پڙهن. عبد الواحد آريسر لکي ٿو:
    ”مون سنڌي زبان جي قديم ۽ جديد شاعري گھڻو ڪري پڙهي آهي. انهيءَ سموريءَ شاعري ۾ جيڪب آباد ضلع جو شاعر ارڏو اترادي ئي هڪڙو ۽ اڪيلو شاعر نظر آيو آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ رڳو باردو ۽ بم آهن. باقي نزاڪت نفاست، حسن، ڪڪيل ٻانهون، اوڄاڳيل اکيو ن، ماڪ ڀنل مکين جا چپ، پرھ جي هير جهڙي مرڪ، ٿڌي ۽ اجري ارڏي جي شاعريءَ ۾ بنھ گھٽ آهي. گھٽ ۾ گھٽ ان شاعري ۾ جيڪا مون ٻڌي آهي ڇوته سندس شاعري ڇپي به گھٽ آهي.“
    هن ڪتاب جو پهريون ايڊيشن جيئي سنڌ محاذ پاران 1988ع ۾ ڇپايو ويو هو. ٿورائتا آهيون محترم ارڏي اتراديءَ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    عاجز کان ارڏي تائين

    عاجز کان ارڏي تائين

    گھڻو وقت اڳ هوچي منھ چيو هو ته ”پنهنجي شاعري ۽ فن ۾ بارود ڀري غلامي جي آزاديءَ لاءِ هٿيار طور استعمال ڪريو“
    مون سنڌي زبان جي قديم ۽ جديد شاعري گھڻو ڪري پڙهي آهي. انهيءَ سموريءَ شاعري ۾ جيڪب آباد ضلع جو شاعر ارڏو اترادي ئي هڪڙو ۽ اڪيلو شاعر نظر آيو آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ رڳو باردو ۽ بم آهن. باقي نزاڪت نفاست، حسن، ڪڪيل ٻانهون، اوڄاڳيل اکيون، ماڪ ڀنل مکين جا چپ، پرھ جي هير جهڙي مرڪ ٿڌي ۽ اجري ارڏي جي شاعريءَ ۾ بنھ گھٽ آهي. گھٽ ۾ گھٽ ان شاعري ۾ جيڪا مون ٻڌي آهي ڇوته سندس شاعري ڇپي به گھٽ آهي.
    ارڏي جو واسطو، جيئن ته جيڪب آباد ضلع سان آهي انهيءَ ضلع جي هر رهاڪو جي هٿ ۾ هروقت بارود رهندو آهي پر اهو بارود هو پنهنجن جي ئي خلاف استعمال ڪندو آهي. ارڏي جي هٿ ۾ پڻ ڪلاشنڪوف هوندي آهي جنهن ۾ هر وقت بارود ڀريل هوندو آهي، پر اهو بارود هو جيڪب آباد ضلع جي روايت خلاف پنهنجن جي بدران ڌارين ۽ سنڌ دشمنن جي خلاف استعمال ڪندو آهي. ارڏي جي هٿ ۾ ڪلاشنڪوف جو پڙهي اوهان حيرت ۾ هرگز نه پئجو، ته هي ماڻهون جنهنجو بُت ڪمند جي ڪاني کان به سنهون ۽ وزن ۾ ڪچي جي هنداڻي کان به هلڪو سومڙس صفا ڪو خونخوار، قاتل، ۽ رحيم منگورو هوندو ۽ هر وقت بندوق سندس ڪلهي ۾ لٽڪيل هوندي رهندي. ائين هرگز نه آهي. پر هو ڪلاشنڪوف سڏيندو آهي سندس ڊائري کي جنهن ۾ سندس شاعري لکيل هوندي آهي ۽ سندس دوست ۽ مداح مونکان ويندي ڊاڪٽر مهرچند ۽ ولي سهرياڻي تائين سندس ان ڪلاشنڪوف جي سلامتي جي دعا گھرندا رهندا آهيون ڇوته افغان ڀڳوڙن جي ذريعي جيڪا ڪلاشن سنڌ ۾ پهتي آهي سا جيڪڏهن گم ٿئي ته ٻي مسواڙ تي به ملي سگھي ٿي پر ارڏي جي ڪلاشنڪوف وڃائجي ويئي ته اهڙي شيءَ سنڌ کي ورلي مشڪل ملي.
    ارڏي جو پهريون تخلص عاجز هو، ۽ هو مذهبي شاعري ڪندو هو مفتي محمود جو پوئلڳ هو. پوءِ جڏهن وهاب جي ليڪچرن جا هٿوڙا سندس دماغ ۾ لڳا (مونکي حيرت آهي ته هي ماڻهو اهي هٿوڙا برداشت ڪيئن ڪري سگھيو) ته عاجز مان ڦري ارڏو ٿيو ۽ جي ايم سيد جو نه رڳو فڪري پوئلڳ ٿيو پر انتهائي عقيدتمند بنجي ويو. عاجز کان ارڏي ٿيڻ واري سفر ۾ هن کي ڪيترا ڪشالا ڪڍڻا پيا هوندا، ڪيترا بت ڊاهڻا پيا هوندا ۽ پنهنجي شاعريءَ جي سانچي ۾ تبديليون ڪرڻيون پيون هونديون، آئون سمجھان ته سندس انهيءَ سفر دماغ جي مِک ڳاري ڇڏي هوندي پر پوءِ به هو هر روز سنڌ ۽ سنڌين لاءِ بارود سان ڀريل نئين، اهڙي چٽي ۽ صاف قومي شاعري ڪندو اچي ٿو جهڙي ڪڏهن سنڌ جي سرزمين تي مخلص، بلبل ۽ حڪيم نظاماڻي ڪندا هُئا.
    هن جو چوڻ آهي ته اسين لاشاري آهيون ۽ رند ۽ لاشاري جي جنگ ۾ سنڌ جي عظيم حڪمران لاشارين جو طرف ورتو هو. جيتوڻيڪ سندس مدد وقت تي پهچي نه سگھي هئي پوءَ به اسان سڀ ڄام نندي ۽ ان جي سرزمين (جيڪا اسانجي ماءُ آهي) جي احسان جي بار هيٺيان دٻيل آهيون ۽ آئون پنهنجي طرفان پوري وس ۽ وت سان ڪوشش پيو ڪريان ته ڄام جي ڌرتي وري آزاديءَ جا چانڊاڻا ۽ مانڊاڻ ڏسي ان لاءِ آئون سيد جو پوئلڳ ٿيو آهيان.
    آئون ذاتي طرح خوشقسمت آهيان ته مونکي ارڏي جهڙا موتين جهڙا ساٿي مليا آهن ۽ جيئي سنڌ تحريڪ وڏي ڀاڳوان آهي جو انکي اهڙا سرويچ ورڪر ۽ شاعر مليا آهن جيڪي پنهنجو پورو فن ۽ ڏات تحريڪ لاءِ وقف ڪريو جدوجهد ڪندا رهن ٿا.

    جتا شال جيئو، جيئو ۽ جاڙون ڪريو

    عبدالواحد آريسر
    16 مئي 1887ع


    سائين

    سائين

    پاڻ سان ڪر تون پيار او يار
    سائين تنهنجي سيني ۾ آ.

    جھنگل جھاڳين ڇو ٿي سسئي
    پنھل ناهي ڌار _ او يار....!

    من اندر محبوب وسي ٿو
    ڳول نه ڪنهن ٻي پار _ او يار....!

    تنهنجو سينو مڪو مدينو
    تو ۾ آ سرڪار _ او يار....!

    ظاهر ملان ڀانڀڻ ٻولن
    باطن صوفي يار _ او يار....!

    ظاهر ٻانگون ڏئي ٻڌائڻ
    تنهن کان ڪر انڪار _ او يار....!

    حق ڏسي ات حق چئي ڏي
    ڀل لڳي تلوار _ او يار....!

    ٻول نه ”ارڏا“ ٻي ڪا ٻولي
    حق پسي هڪوار _ او يار....!


    فڪرِ سيد

    فڪرِ سيد

    هي ثناگر شاھ سنائي جي ثنا ڪهڙي ڪري
    بس پکي ٿي چهنب هڪڙي ڄڻ سمنڊ مان ويو ڀري.
    تاريخ 17 جنوريءَ تي هر سنڌي سن ڏي وري
    پنهنجي رهبر کي ڏسندي سنڌين جي دل ٺري
    جن مڃيو اي ايم.ازم هڪ پل نه رهيا سي پري
    ان کي سنڌي آئون نه سڏيان جنهن جي جي.ايم ري سري.

    مان نه آهيان شخصيت پرست، آ سنڌ ڌرتيءَ جو قسم
    پر سٺا جن_جن ستم، تن ڏي ڏسي لکيم نظم
    ڪي قيد ٿيا ڪي گھاڻي پيڙيا، سر ٿيا ڪن جا قلم
    سي ئي سڀئي هڪڙي طرف ۽ ٻي طرف جي.ايم ازم
    اڄ ٿڌي سيني ادا هي ڌيان ڪو ويهي ڌري،
    اهڙو رهبر ٻيو ڪوئي ٿو ذهن تنهنجي ۾ ڦِري؟؟

    جيئن عنايت، شاھ ڀٽائي ۽ سچل ساميءَ چيو حق
    تيئن چيو جي.ايم سائين آ، پوءِ ڇا جو وهم شڪ
    سنڌ کي اڪثر ڏسان ٿو گور پرستيءَ ۾ غرق
    جيئري ويجھو ٿورا ماڻهو قبر جي ويجھو خلق
    ساٿيو هي حال ڏسندي روز شب دلڙي ڳري
    جلد ڪريون عزم پورو، قوم جو ڏيئو ٻري

    سنڌ ڌرتيءَ جا سچا ٿي فڪرِ سيد ڳولهيون
    جي ايم سائين جي ڏسن تي راھ گڏجي ڳوليون
    سنڌ کي آزاد ڪريون، ڀل لڳن سئو گوليون
    پاڻ ۾ گڏجي هلون ۽ ڪيئن ٺاهيون ٽوليون
    صاف آهي سنڌ سيد، سنڌين کان سر گھري
    هر سنڌي ”ارڏو“ ٿي ان جي فڪر تي جيئي مري.
    ***


    ارڏو آهي

    ارڏو آهي

    عاجز هاڻي عاجز ناهي
    ”ارڏو“ آهي ارڏو يار

    قلم قلم تي قلم قلم آ
    ظلم نه آ ٻيو ڇا آهي...

    قوم نهاري هن ڏي هرهر
    شعر ٿو ڪهڙا ٺاهي...

    لاٽ هلي چمڪاٽ ڪري اڄ
    غيرت ڏي هو ڪاهي...

    پنهنجن خاطر مرندو جيئندو
    قول ڪيل هي آهي...

    هرگز ملندو ڀاءُ سان ڀاءُ
    ديوارون سڀ ڊاهي...

    دشمن خاطر ”ارڏو“ آهي
    توڙي چاڙهن ڦاهي...


    ڀلارا لطيف

    ڀلارا لطيف

    ڀلا ڀاڳ ڪريو ڀلارا لطيف
    ختم ٿيا سڀيئي سهارا لطيف
    وڃن بند ٿيندا ٿا چارا لطيف
    ٽٽندا وڃن ٿا ستارا لطيف
    جڏهن ڪونه هوندءَ ڪي پيارا لطيف
    تڏهن ڪونه هوندءِ منارا لطيف

    ويو ڏس گدائي ويو ڏيپلائي
    اسانجي به پويان اجھا فوج آئي
    نه ڪي شرح ٿيندي، نه ڪي پڙهبي وائي
    رهي ڀٽ ۾ پوءِ ڪندي ڇا ڀٽائي
    ڏيکارين جي هاڻي ڪنارا لطيف
    تڏهن سمجھان سمجھيا اشارا لطيف

    ڀٽائي سان گڏجي ڪريو هيءَ ٻولي
    وساريون نه مادرڏني جيڪا لولي
    سانوڻ جي موجن جي سنڌو جي ڇولي
    هرگز نه وسري لڳي چاهي گولي
    ڪريون عهد توسان ٿا سارا لطيف
    هڻون ديس تنهنجي جا نعرا لطيف

    اڃا مارئي ڪوٽ ۾ قيد آهي
    مڙي مارون سڀئي ڇڏيون ڪوٽ ڊاهي
    دشمن کي ”ارڏا“ ڏيون تپ ٺاهي
    ڀلي پوءِ اسانکي عمر چاڙهي ڦاهي
    ٻڌايو اسانکي ڪي چارا لطيف
    سنڌين جي جيءَ جا جيارا لطيف.


    جيئي سنڌ

    جيئي سنڌ

    هرڪو چوندو جيئي سنڌ
    ڪير نه چوندو جيئي سنڌ؟

    جيڪو نه چوندو جيئي سنڌ،
    تنهنجو ڪٽبو آخر ڪنڌ...

    صاف ڪبو هي ديس پيارو
    تڙبو آخر غير ۽ گند...

    اٿيو جڏهن هرهڪ جوان
    ٽٽندو هڪ قيد ۽ بند..

    آخر ويندا ڦورو لوٽو
    ڪٽبو تنهن جو هرهڪ سَنڌ

    ويڇا ويندا دليون ملنديون،
    جڙندي هن تحريڪ جي جند..

    پاڻ ۾ ملندا پارٽيون ڊاهي
    ڪندا جيئي سنڌ ڏي پنڌ..

    هر هڪ ”ارڏو“ غير تڙيندو
    مارو وٺندا ماڳ ۽ هنڌ..
    ***


    گڏ کڻون

    گڏ کڻون

    گڏجون پاڻ ۾ يار _ او يار،
    مون به عاجز تون به عاجز

    تون به سنڌي مان به سنڌي
    پوءِ ڇو آهيون ڌار _ او يار..!

    ديس به هڪڙو ويس به هڪڙو
    ڇا ۾ آ تڪرار _ او يار..!

    تون به پري ٿئين مان به پري ٿيان
    ڪيئن هلي وهنوار _ او يار..!

    مان جي مرندس تون به مرندين
    رهندا ڪي آثار _ او يار..!

    تنهنجا رئندا منهنجا رئندا
    ننڍا ننڍا ٻار_ او يار..!

    عاجز _ عاجز ”ارڏا“ ٿيون سڀ
    گڏ کڻون هٿيار _ او يار..!


    ڇا جنگ ڪرڻ گھرجي

    ڇا جنگ ڪرڻ گھرجي

    ٻڌايو دوستو هاڻي اسانکي ڇا ڪرڻ گھرجي..؟
    اڳيان اوندھ اچي ٿي پئي، هلڻ گھرجي رهڻ گھرجي؟

    چوواٽي مٿان آهيون وڃي ٿو سج به لهندو
    اچي ويا ڄاڻ هت ڦورو، مارڻ گھرجي مرڻ گھرجي؟

    ڦرڻ کان جي بچي وياسي بگھڙ ايندا کائي ويندا
    انهن بڇڙن بلائن کان ڀلا سردان ڇا گھرجي؟

    اسانجي ديس کي درياھ، پائڻ لئه تيار آهي
    ٻڌايون بند چوڌاري يا پاڻي ۾ ترڻ گھرجي؟

    اٿي عاجز ٿيون ”ارڏا“ ڪريون ڪو فيصلو جلدئي
    دنيا ۾ ڪُجھ ڪرڻ گھرجي يا ائين واپس ورڻ گھُرجي!؟


    جنگ جو اعلان آ

    جنگ جو اعلان آ

    هي سن مان فرمان آ
    اڄ جنگ جو اعلان آ

    دشمن تنهنجو هوشيار آ
    توکي مارڻ لئه تيار آ
    تون ٿو چوين هو يار آ
    هي ڌوڪو ۽ دهمان آ
    اڄ جنگ جو اعلان آ..

    هاڻي اٿي اک کول تون
    دشمن کي گھر ۾ ڳول تون
    ڪُجھ چپ چوري ٻول تون
    گھر ۾ مچيل گھمسان آ
    اڄ جنگ جو اعلان آ..

    هوشيار ٿيو هوشيار ٿيو
    هيئن وقت ئي چوندو رهيو
    تو ڇا ڪيو_ تو ڇا ڪيو
    دشمن ٿيو مهمان
    اڄ جنگ جو اعلان آ..

    دشمن جون اکڙيون آتڙيون
    هردم ٿيون پائن جھاتڙيون
    هو روز ٺاهن ڪاتڙيون
    تو وٽ رڳو ارمان آ
    اڄ جنگ جو اعلان آ..

    پاڻ کي هردم پتوڙيون
    جنگ جو سامان جوڙيون
    دشمنن جي ڌڙ کي ٽوڙيون
    فتح پوءِ آسان آ
    اڄ جنگ جو اعلان آ..

    ”ارڏا“ اٿي سڀ تيار ٿيون
    نعرو هڻي نروار ٿيون
    دشمن جي دل بار ٿيون
    پوڙهو به اڄ جوان آ
    اڄ جنگ جو اعلان آ..


    ڦورن جي تاريخ

    ڦورن جي تاريخ

    صدين کان ستم ٿو سهان دوستو
    ڪري سنڌ ٿي بيان دوستو.

    هتي نالا تن جا ٻڌائڻا پيا
    اچي ظلم سنڌ جي مٿان جن ڪيا
    جيڪي ڌاريا ٿي رهيا ڌاريا
    سدا سنڌ واسين هڪالي ڪڍيا
    ظلم جو ذڪر ٿو ڪريان دوستو..!

    سڪندر کان پوءِ عرب ارغون آيا
    ترخان ۽ مغل _ انگريز ڇايا
    مڪڙن وري سڀ پنجابي گھرايا
    پٺاڻن به اڄڪلھ هتي ديرا لايا
    نظارو آهي تو اڳيان دوستو...!

    يونان کان جيئن سڪندر هليو
    قابل هندستان سنڌڙي جھليو
    ٽنگي لاش ساميس جو خوش ٿي کليو
    رڳو سنڌ کي ريج رت جو مليو
    ڪيئي شهر هن ڪيا زيان دوستو...!

    نياڻن جي خاطر عرب جي اچن ها
    وٺي پنهنجيون نياڻيون هو واپس وڃن ها
    حڪومت هتان جي رهاڪن کي ڏين ها
    نه ڪي مال نياڻيون ٻين جو نين ها
    چئو تن کي ڪيئن مان مڃان دوستو..!

    ڏسي سبز سنڌ کي ڪي ارغون آيا،
    وڙهيا سڀ ڌاريجا دريا خان ڇايا،
    ماڇن سميجن سوين سر ڪپايا،
    سنڌو رت سان ريٽي انهن هت وهايا
    ڏڪن پيا زمين آسمان دوستو...!

    ارغوني لشڪر جو ٽلٽيءَ ۾ آيو
    بلاول ۽ ساٿين پوءِ هن کي ڀڄايو
    اچي تخت سيوڻ جڏهن تن وسايو
    تڏهن تن بلاول لاءِ گھاڻو گھرايو
    چيائين سنڌ لاءِ ڀل مران دوستو..!

    بڻي نيڪ ڪي ترڪ ايندا رهيا
    ڦٻائي تخت کي پوءِ عياش ٿيا
    ماڻس حورون قنترا پئي موڪليا
    غازي لئه هي حرف لکيا ويا
    شيخ زيدي جي آهي زبان دوستو..!

    مرزا باقي ڪيا هئا قهر
    سڄو ٿيو خزانو عياشي نظر
    ڪڇي ڪير تن جو هو اهڙو اثر
    مچايو انهن سنڌ ۾ هو حشر
    ناهي اڄ انهن جو نشان دوستو..!

    وٺي آڙ مذهب جي آيا مغل
    اڏي مسجدون ۽ پڙهي ويا رمل
    پيءُ قيد ۾ ۽ ٻين سان عدل
    پنهنجا سنڌ کان هو ڀري ويا بغل
    ڏسي ...... عورت مٿان دوستو...!

    انگريز سنڌ تي ڪئي بادشاھي
    پٿر سون چانديءَ جي الله واهي
    سڄو مال ميڙي ڪيائون تباھي
    انهن سان به سنڌين اچي جنگ ڪاهي
    ويڙهائي ويا درميان دوستو..!

    اڃان تائين تن جي حڪومت هلي ٿي
    ساڳي جوت انهن جي هتڙي جلي ٿي
    نه ٿيا سون جي چمچا سزا سا ملي ٿي
    ڪڙي ٻانهن واري اڃا نه کلي ٿي
    ڪڇان ڪُجھ ته غدار هان دوستو..!

    آيا پناهگير _ آيا بهاري
    پنجابي به سنڌ کي ڏين ٿا ٻهاري
    پٺاڻن لاءِ اڄڪلھ هتي آ بهاري
    اسان ۾ آ غربت_ اسان ۾ لاچاري
    ڪيو ڪُجھ نه ڪجھ ڌيان دوستو..!

    اسان لئه سوين قيد ڪوڙا ۽ ڦٽڪا
    اهي گھاڻا ٿاڻا_ اهي روز ڪُٽڪا
    گھرون حق ڳچيءَ ۾ وجھن ٿا هو پٽڪا
    انهيءَ لاءِ در در پِٽيون روز پِٽڪا
    ٿيون جلد آزاد اسان دوستو...!

    سڏي ڀائرن سان ٿيون ڀاءُ هاڻي
    سنڌڙيءَ مٿان سڀ ڏيون ساھ هاڻي
    اٿيءُ ”ارڏا“ سرجو هڻو داءُ هاڻي
    گولين جو هرجا ٿئي پڙلاءُ هاڻي
    تڙيون غير ٻيو ڇا چوان دوستو..!


    ورسيءَ جو مقصد

    ورسيءَ جو مقصد

    ورسيءَ جو مقصد ڪرڻ يادگيري
    ٻڌن ٻار پوڙها جوان ساٿيو..!

    ٻُڌڻ ۽ ٻڌائڻ جو هي وقت آهي
    اجھو بند ٿيندي زبان ساٿيو..!

    قومن جي هيرن جا ڏينهڙا ملهائي
    ڪيون واقعا ٿا عيان ساٿيو..!

    جڏهن ديس واسين جي تاريخ پڙهيم
    لهي ويا سڀئي گمان ساٿيو..!

    ڪي ڏاهر_ ڪي دودا، ڪي دولھ دريا خان
    ڏٺم شاھ عنايت سمان ساٿيو..!

    ڪي هوشو ڪي هيمون ڪي سوڍا ڏٺاسون
    ڪي جکراڻي، کوسه جوان ساٿيو..!

    مخدوم بلاول کي گھاڻي ڇو پيڙيو
    هي ڳالهيون صفا ٿو ڪيان ساٿيو..!

    ملهايون ٿا اڄ شاھ حيدر جي ورسي
    رڳو پاڻ ڇو هڪ زبان ساٿيو..!

    آسان آ ڳالھ سمجھڻ رڳو بس
    گڏجي ڪيون جي ڌيان ساٿيو..!

    گھڻو قومي هيرن سٺو آ سهن ٿا
    ڏسو جي.ايم سائين اڃا ساٿيو..!

    پنهنجو پاڻ تاريخ دهرائيندي آهي
    وريو ساڳيو آهي زمان ساٿيو..!

    چوي سن جو سائين ٿو اڄ به اسانکي
    نه ڪيو وقت هرگز زيان ساٿيو..!

    اچو ”ارڏا“ سنڌي ٿيون گڏ هاڻي
    دشمن کي ڪريون نشان ساٿيو..!
    ***


    لطيف منهنجو

    لطيف منهنجو

    لطيف منهنجو لطيف تنهنجو
    لطيف هِنجو لطيف هُنجو
    لطيف سائين سهارو جن جو
    ترندو ٻيڙو سدائين تن جو
    لطيف کي جو ڪري نه پنهنجو
    ٻڏندو ٻيڙو سدائين انجو..

    لطيف وڏڙن ۽ ٻارن جو
    لطيف بي وس ۽ ڇورڙن جو
    لطيف جوانن ۽ مورڙن جو
    لطيف سنڌين سٻاجھڙن جو
    ٻڌو اڃا به آ لطيف ڪنهنجو
    لطيف سائين ناهي ٻين جو..

    لطيف وارث ٿيو مارئيءَ جو
    لطيف سڄڻ ٿيو سسئيءَ جو
    لطيف رهبر ٿيو هر سنڌيءَ جو
    چيائين ڪاهيو تتيءَ ٿڌيءَ جو
    انهن سٽن تي يقين جنهنجو
    لطيف سائين آهي انهنجو

    لطيف جي دعا اول سنڌين لئه
    پوءِ دنيا جي ٻين سڀن لئه
    اول ڇو سنڌ لئه_ پوءِ ٻين لئه
    اهائي حڪمت آهي اسان لئه
    جيڪو نه سمجھي انهيءَ لئه اهنجو
    جيڪو ٿو سمجھي انهيءَ لئه سهنجو.

    لطيف سچو سيد سنڀاريو
    لطيف پوڙهو جوان پڪاريو
    لطيف پنهنجو ”ارڏو“ اٿاريو
    لطيف ڌاريو سدا ڌڪاريو
    لطيف پڙهجو _ لطيف پُرجھو
    لطيف جاٿي سدائين رهجو...


    اسان جو مقصد

    اسان جو مقصد

    جلسا انهيءَ لئه ڪرايون ٿا
    لکي ڀتن کي ڀرائيون ٿا
    اهڙي طريقي ٻڌائيون ٿا
    چڱن چڱن سان چوائيون ٿا
    اسانجو مقصد آهي اهوئي
    اچو ته گڏجون سنڌي سڀوئي...

    ٻڌي ڪنن کان ڪڍي نه ڇڏجو
    کڻي بندوقون اسان سان گڏجو
    آهي مسئلو هي ساري سنڌ جو
    رڳو نه آحي هي تنهنجو منهنجو
    ٽوڙي اسانکي ٿو ڌاريو ئي
    متان چوين تون چيو نه هوئي..

    اسانجي ڌرتي اسانجو ناڻو
    هي ڄامشورو هي لاڙڪاڻو
    کسڻ وارن کي هاڻي سڃاڻو
    پلئه نه ڪريو اهو پراڻو
    اهو وچن جي نه پاڙيوئي
    جھڳو انهن جو نه ساڙيوئي..

    پڇا انهن کان اها ڀلا ٿئي
    اسانجي بند ڇوٿي داخلا ٿئي
    نه ٿا هو چاهن اها گلا ٿئي
    پڇڻ سان ڪورٽ ۾ جھل جھلا ٿئي
    جي پڇڻ ڪڇڻ وارو ٿيو نه ڪوئي،
    سموري سنڌ کي ڇڏيندا ڌوئي...

    ڀلي ڪرن پيا هو رسٽيڪيٽ
    رکي ڇڏن ڀل سرٽيفڪيٽ
    اسان بڻائيندا سون بم جيٽ
    اسان ڪٽينداسون تن جو پيٽ
    ڏسون پساري ٿئي هو ڪُوئي
    ڏيندي موٽائي هريڙ روئي

    سنڌين جا حق جيئن وڃن ٿا کسيا
    تيئن وڃن ٿا انهن کان رُسبا
    هڻن ٿا نعرا هو جيئي سنڌ جا
    خوشيءَ سان کائن ٿا ڪوڙا ڦٽڪا
    ڏسي ڪرن ٿا زبان ڏوئي
    ڇڏايون اجرڪ ڇڏائون لوئي...

    سواءِ ڌرتيءَ آهيون اڌورا
    وٺي نه ڏيندي مجلس شوريٰ
    اٿو اي ”ارڏا“ سنڌي سمورا
    ڪيو پنجابين جا ليکا پورا
    چوڻ سيد جو آهي اهو ئي
    اڃا نه ٻارڻ ڪو ٻاريو ئي...


    ڇا ٿيو....؟

    ڇا ٿيو....؟

    ڏينهن ويندو رهيو رات ايندي رهي.
    چنڊ کان جي ورتئه روشني ڇاٿيو .....؟

    ڏينهن ۾ تو نه ڏيکاري مڙسي اگر
    رات اوندھ ۾ ڪيئه راهزني ڇاٿيو .....؟

    وٺين ڪين ڌاري کان پنهنجي زمين
    جي ٻئي جي ورهائيهءِ ٻني ڇاٿيو .....؟

    ڇڏي قوم پنهنجي ملي ڌارئي سان
    ڏنئهءِ ڌار چاڙهي ڪُني ڇاٿيو .....؟

    روئي قوم ساري اسانجي ادا
    رڳي زال هن جي رُني ڇاٿيو .....؟

    سر ننگيون قيد ۾ ڪيتريون نياڻيون
    ٿي هڪڙي جي سرتي چُني ڇاٿيو .....؟

    ڏيئي موت کي موت ”ارڏا“ نه آئين
    ورتئِه ساھ سوالي پني ڇاٿيو .....؟


    ڀاءُ تنهنجو ناهيان

    ڀاءُ تنهنجو ناهيان

    وفاق کي ختم ڪري __ صوبا رکيا تون سڀ پري
    هڪڙو کائي، ٻيو مري __ ويا بنگالي تنهنڪري
    هتي به باھ ٿي ٻري __ مان به نه ٿو چاهيان
    مان ڀاءُ تنهنجو ناهيان.

    ڪيا تو واعدا ڪهڙا __ ٽوڙي ويٺين ههڙا تهڙا
    نه ڪن اڃا سنڌي جھيڙا __ ڀلي هڻو ڦٽڪا ڪوڙا
    ساڙينداسون سون تنهنجا ٻيڙا __صاف ٿو ٻڌائيان
    مان ڀاءُ تنهنجو ناهيان.

    غلط تنهنجي جمهوريت __ فوج واري حاڪميت
    تو هلائي آمريت __ تو وڃائي عاقبت
    ڊاهيان پاڪستاني ڀت __ اڃا توسان رهائيان
    مان ڀاءُ تنهنجو ناهيان

    تنهنجي شاعري خودي __ تنهنجي نيت ۾ بدي
    تنهنجي ذهنيت گندي __ اصلي نسلي آهين ردي
    تون پنجابي مان سنڌي __ ڪيئن توسان ڳالهائيان
    مان ڀاءُ تنهنجو آهيان

    مان پاڪستان ڊاهيان __ مان سنڌوديش ٺاهيان
    مان توسان نه ڳالهائيان __ مان ”ارڏو“ ٿو چوائيان
    مان سنڌڙيءَ جو آهيان __ مان سنڌي ٿو سڏايان
    مان ڀاءُ تنهنجو ناهيان.


    ڀاءُ اُنجو ناهيان

    ڀاءُ اُنجو ناهيان

    جو سج کي سلام ڪري،
    غير سان ڪلام ڪري،
    صرف صبح شام ڪري
    جو غير کي غلام ڪري
    زهر تن جو طعام ڪري
    ان سان ڇا ڳالهائيان
    مان ڀاءُ انجو ناهيان

    جو پوڄاري وقت جو
    جو پوڄاري تخت جو
    غلام ٿئي لت جو
    نه نيت جو نه پت جو
    غريب کائو ست جو
    دلال قومي رت جو
    مان انکي ٺيڪ ٺاهيان
    مان ڀاءُ انجو ناهيان

    سانوڻي ۽ چيٽ ۾
    جنهنجو خرچ پيٽ ۾
    نه قومي تيل ميٽ ۾
    هو حرص جي لپيٽ ۾
    هو ظالمن جي ٻيٽ ۾
    هن جو گھر آ ليٽ ۾
    مان گھر پڪي ۾ ٺاهيان
    مان ڀاءُ انجو ناهيان.

    جو ان جو ٿي جيڪو کٽي
    جو ان جو ٿي جيڪو لٽي
    مٺيون پليٽون چٽي
    ويهي رڳو مڇون وٽي
    ڏسي نه ٿو اکيون پٽي
    ڏينهن رهيا آهن ٻه ٽي
    سامراجي ويا وٽي
    سو ڏسڻ نه چاهيان
    مان ڀاءُ ان جو ناهيان

    جو مذهبي جنون ۾
    نه فلسفي فنون ۾
    هٿ رڱي خون ۾
    ڪن هن جا فون ۾
    منهن رکي جو مون ۾
    ۽ مڪ ان جي دون ۾
    مان ساز ڇا وڄائيان
    مان ڀاءُ ان جو ناهيان

    جو قوم جو نه ديس جو
    نه ديس جو نه ويس جو
    نه سچو قيدي ڪيس جو
    هو حقي ۽ کيس جو
    ان سان ڇا رهائيان
    مان ڀاءُ ان جو ناهيان

    جو قوم جو نه يار ٿئي
    نه سڏ ۾ جو تيار ٿئي
    نه قومي جانثار ٿئي
    نه سنڌ لاءِ بهار ٿئي
    ۽ غير لاءِ قرار ٿئي
    ۽ نيڻ انجو ٺار ٿئي
    مان ڪونه انکي ڳائيان
    مان ڀاءُ ان جو ناهيان

    جو ڌارين کي چاهي ٿو
    جو ڪورٽن ۾ باهي ٿو
    نه قوم سان ئي راهي ٿو
    نه پاڪستان ڊاهي ٿو
    مان ان سان ”ارڏو“ آهيان
    مان ڀاءُ ان جو ناهيان


    سنڌ جو سج

    سنڌ جو سج

    سن جي سج کان رِيس تارا ڪرن
    گورن کان پوءِ هاڻي ڪارا ڪرن

    چنڊ چانڊوڪي چاهي ڪرين ڪيتري
    ڪين منظور ٿا سن وارا ڪرن...

    سنڌ جو سج اڀريو جڏهن سن کان
    تڏهن کان ٿا ڦورو ڪنارا ڪرن..

    فلسطين ڏي سڀ نهاري ڏسو
    غداري ڪيئن قوم وارا ڪرن...

    ڪڏهن کان وٺون ها آزادي مگر
    اسان سان به پنهنجا ٿا پيارا ڪرن..

    ”ارڏا“ انهن کي سڃاڻي ڇڏيو
    جيڪي پاڻ ۾ پيا اشارا ڪرن..


    حسيني

    حسيني

    ظالم ۽ مظلوم گڏجي نه رهندا
    جڏهن ظلم ٿيندا تڏهن عَلَمَ کڻندا
    سدا حق خاطر هو وڙهيا ۽ وڙهندا
    حسيني ڏيندا سر نڪي هٿ ڏيندا
    حسينين جو جيڪو طرفدار آهي
    اهو منهنجو سائين ۽ مهندار آهي.

    حسينين جي تاريخ کي ڏس ورائي
    منصور، سرمد ويا سر ڦرائي
    عنايت جي سر کي مغل ٿو گھُرائي
    بلاول کي ارغون گھاڻي پيڙائي
    حق ساڻ باطل جو تڪرار آهي
    اهڙن جي بيعت کان انڪار آهي

    وڌي ويا وڌي ويا يزيدن جا ٽولا
    ڪرن ٿا حسينين جي هرجاءِ ڳولا
    گھمن ڳوٺ واهڻ سدائين ٿا ڀولا
    وسائن ٿا معصوم ٻچڙن تي گولا
    مفتي ۽ حاڪم جي تلوار آهي.
    گڏيل حسينين مٿان وار آهي.

    رڳو ڪين ماتم ڪري ويھ سائين
    يزيدن سان ڀريل آهي ڏيھ سائين
    تکي ڪات کي ڏي اڃا ريھ سائين
    متان خيال کي ڪو ڏئين ٺيھ سائين
    عاجز جو ”ارڏائي“ اظهار آهي،
    ڏسان ڪنهن کي انڪار اقرار آهي.


    باھ مچايون

    باھ مچايون

    ڪوٽ امر جو ڪيري، ڪيري
    مارئي کي آزاد ڪريون

    عزت کان وڌ مال نه آهي
    گھوريون سڀ ڪُجھ توري توري...

    وڙهي انهن سان هاڻي هاڻي،
    ڪنڌ ڇڏيون سڀ ڪوري، ڪوري...

    مارون گڏجي لڄ بچايون
    جان ڏيون سڀ گھوري، گھوري...

    ماٺ ڪري ڇو ويٺا آهيون
    چنگ ڏسون هي چوري، چوري...

    آڻ نه مڃبي دشمن اڳيان
    ڦاهي ڏي ڀل ڦيري، ڦيري....

    ”ارڏا“ هاڻي باھ مچايون
    ڪاٺيون سڀ سوري سوري...


    آزادي

    آزادي

    ڪريون ڪهڙيون خوشيون هاڻي ڏسي هرجاءِ بربادي
    اسانکي گھُرجي آزادي _ اسانکي گھُرجي آزادي

    قلم تي آ قلم لاڳو، زبان کوليان زبان قابو
    پيا مهراڻ ۾ واڳون ، مڇين سان سي ڪرن تعدي


    دوست آهن گونگا ٻوڙي، ۽ دشمن وات ڦاٽوڙا
    کائن حقدار سو ڪورڙا، ڪوڙا سچن تي فريادي...

    نه ڪن تسليم هي ٻولي، وڻي تن کي نه هي لولي
    چئو هڻندي سڌي گولي، ڇڏيو مهراڻ جي وادي...

    ڦرن ٿا گھر جي ايراضي، گھرون جي حق ته ناراضي
    چمچئه خور ٿيا قاضي، اسان سان ڪن ٿا بيدادي...

    جن کي گھر نه هئا هند ۾، اهي مالڪ ٿيا سنڌ ۾
    سنڌي ويچارا سڀ بند ۾، ٺڳن جي هٿ آئي گادي

    ”ارڏي“ جو عرض آهي، تڙائڻ غير فرض آهي
    ڪهڙو انهن جو قرض آهي، ساڙيون انهن جي آبادي...


    گھاڻو

    گھاڻو

    قوم پرست سنڌين سان هر وقت گذارڻ چاهيان ٿو،
    پياريءَ سنڌ جي خاطر مان اج جيل به گھارڻ چاهيان ٿو.

    سنڌ سان جن جن ظلم ڪيو، اڄ بخش انهن کي ڪونه ڪبو،
    هر ويريءَ کي، هر ظالم کي مان ڳولهي مارڻ چاهيان ٿو.

    هر هوشوءَ کي هر هيمونءَ کي، هر هر ٿو سڏيان هر سنڌيءَ کي،
    اڄ آزاديءَ جي خاطر مان ڪو ٻارڻ، ٻارڻ چاهيان ٿو.

    سو ظالم آ، جو ظلم سهي، هي قول سياڻي جو آهي.
    تسليم ڪندي ان ڳالھ کي مان ڪو جوش اڀارڻ چاهيان ٿو.

    هر سنڌيءَ کي مظلوم سڏيان، مسڪين سڏيان ڪو شڪ ناهي،
    انهن جي زبان کي کولڻ لئه، ڪو وارو وارڻ چاهيان ٿو.

    مارئي وانگر محل ڌڪاري، مارن سان آزاد رهان،
    قيد اندر ڪو عيش نه گھُرجي، ٻڪريون چارڻ چاهيان ٿو.

    هت ڌارين ڏاڍو تنگ ڪيو آ ديس کي هر حالت ۾،
    ديس پنهنجي کان ڌارين کي، جلدي مان اٿارڻ چاهيان ٿو.

    جن پيڙيو هو مخدوم بلاول بخش انهن کي ڪيئن ڪيان
    ”ارڏو“ ٿو مان ان گھاڻي جو لوھ پگھارڻ چاهيان ٿو.


    منشور

    منشور

    قوم پرستي
    ٻڌي قوم جي ٿا اسان چاهيون
    وٺي ديس ٻيهر اسان ٺاهيون
    لکي ٻولي سنڌي ۽ ڳالهائيون
    ترانو پنهنجي ديس جو ڳائيون
    ”سنڌو ديش“ جو هيءُ منشور آ
    هلي اچ اگر توکي منظور آ.

    سماج واديت
    آزاد ٿيندو جڏهن سنڌ گھر
    سنڌين جو ٿيندو راڄ سنڌ جي اندر
    ٿيندا خوش مسڪين ۽ بي شهر
    واھڻ ڦري ٿيندا سهڻا شهر
    هتي کيڙي کائي سو دستور آ
    هلي اچ اگر توکي منظور آ.

    مذهبي رواداري
    سياست سان مذهب هلايون نه هرگز
    وڙهي مذهبن تي کلايون نه هرگز
    نفرت سان سينو جلايون نه هرگز
    ايمان پنهنجو رلايون نه هرگز
    نه ڪو جھيڙو جھڳڙو نه رنجور آ
    هلي اچ اگر توکي منظور آ


    لوڪ راڄ

    لوڪ راڄ

    سياست جمهوريت تي آهي رکيل
    نه ڪي شهنشاهي جو هوندو دخل
    هي تنظيم سنڌين لئه آهي کليل
    ڪيون چئن نقطن مٿان سڀ عمل
    سدا ”ارڏو“ سيد جو مشڪور آ
    هلي اچ اگر توکي منظور آ.


    اليڪشن

    اليڪشن

    نه اصغر، وڏيرو، نه ملا مزاري
    طلب تنهنجي آهي ڪري قوم پياري

    رلي ديس واسي سنڌي وياس سڀيئي
    اچو تن جي خاطر ڪيون جنگ جاري،

    ڪري ووٽ سياست وڃائي سون رياست
    ڏيڻ ٿا اچن وري سهي ٻُهاري

    اليڪشن اليڪشن مچيل شور هرجا
    اها باھ سمجھو پنجابن آ ٻاري

    اسان جي حقن لئه اليڪشن نه ٿئي ٿي
    پنجابن جي خاطر ڪرن ٿا تياري

    ڀٽو جيل مان پيو چوي ڪيو اليڪشن
    حڪومت کي انوقت هئي ٻي بيماري

    ٻڌايو سنڌين کي ڪڏهن حق مليا؟
    کڻي هڪ سنڌي پوءِ ڦاسي ڏياري

    اڃا جي سنڌي ٿا پنجابن کي چاهن
    اها قوم سان آ سڌي سنئين غداري

    سنڌي سڀ ملي پاڻ ۾ هڪ ٿيون
    ڇڏي ڏيون پاڪستاني ڪرسيءَ جي ياري

    سولي سنڌيءَ ۾ هي سمجھو سڀيئي
    اهي ووٽ وٺندڙ اٿوَ سَڀ مداري

    ڏئي مطلبن کي ”ارڏا“ ووٽ پنهنجو
    کڻين شل نه هن قوم جي هي خواري.


    ڀٽائي

    ڀٽائي

    جيڪو پنهنجن کي مارائي
    ٻارڻ پنهنجن تي ٻارائي
    تن کي زنجيرون پارائي
    مارون مارن کي کارائي
    تن جو يار ڀٽائي ناهي
    تن جو يار ڀٽائي ناهي

    غيرن سان جو پيار ڪري ٿو
    پنهنجن کي جو ڌار ڪري ٿو
    غلطيون هو هروار ڪري ٿو
    ”صادق“ جهڙي ڪار ڪري ٿو
    تن جو يار ڀٽائي ناهي
    تن جو يار ڀٽائي ناهي

    شاھ ڀٽائيءَ جي هي ٻولي
    سادي سنڌي سهڻي سولي
    ميٽڻ چاهي جيڪا ٽُلي
    جيڪي تن کي هڻن نه گولي
    تن جو يار ڀٽائي ناهي
    تن جو يار ڀٽائي ناهي

    جيڪي سنڌي ڪين ڳالهائن
    شاھ جي ورسي ڪين ملهائن
    سيڻ سنڌيءَ ”ارڏن“ جا ناهن
    موهن جون ديوارون ڊاهن
    تن جو يار ڀٽائي ناهي
    تن جو يار ڀٽائي ناهي


    منهنجي ٻولي

    منهنجي ٻولي

    ڪي ڪي سمجھن منهنجي ٻولي
    جيڪي سمجھن تن لئه سولي
    ڪن لاءِ سولي ڪن لاءِ اولي
    ڪن لاءِ گل ته ڪن لاءِ گولي
    جنهن ۾ ماءُ ڏني آ لولي
    ڪيئن وساريان ماءُ جي جھولي


    وڌايون قدم

    وڌايون قدم

    هميشه همت سان وڌايون قدم
    غم کي ڏيئي غم ڪيون غم ختم
    تڙي غير گھر کان ختم ڪيون ستم
    هلون هم قدم ٿي کڻي هڪ عَلم

    رکون جوش جذبو رکي دل صفا
    ڪريون قوم پنهنجي سان هردم وفا
    صدا ساھ صدقي ڪريون سئو دفعا
    نه گھرجن ٿيون ڳالهيون مگر گھرجي ڪَم..

    جيڪو عيش عشرت ۾ هردم گذاري
    اهو پاڻ روئي ۽ پويان روئاري
    ويو وقت هر ڪنهن کي هرهر پڪاري
    اٿي قوم سا سور جو ڪر ملم..

    ڳوٺن م پکڙي وڃون عام جام
    پڙهون ڪي مقالا پڙهون ڪي ڪلام
    آزاد ٿيا ايئن دنيا جا غلام
    اي ”ارڏا“ اهي ڪم ڪريون دمبدم..


    مهمان نوازي

    مهمان نوازي

    بي گھر کي پنهنجو گھر ڏئي _ پاڻ بي گھر ٿي ويس
    بي در کي پنهنجو در ڏئي _ پاڻ بي در ٿي ويس
    بي زر کي پنهنجو ذر ڏئي _ پاڻ بي ذر ٿي ويس

    بي کٽ پنهنجي کٽ ڏئي _ پاڻ بي کٽ ٿي ويس
    بي پَٽ کي پنهنجو پَٽ ڏئي _ پاڻ بي پٽ ٿي ويس
    بي تَرَ کي پنهنجو تَرُ ڏئي _ پاڻ بي تَرُ ٿي ويس

    بي دل کي دل سان دل ڏئي _ پاڻ دل وارو ڪيم
    بي گل کي گل سان گل ڏئي _ پاڻ گل وارو ڪيم
    بي پر کي ”ارڏا“ پر ڏئي _ پاڻ بي پر ٿي ويس
    پاڻ بي گھر ٿي ويس


    ويچار

    ويچار

    وکر وکر ڌارون ڌار
    ڪهڙي شيءَ تي ڪريون ويچار..؟

    پهريائين پنهنجي قوم سنڀاريون
    پنهنجي پنهنجي مان کي ماريون
    پوءِ اٿي ڪو ٻارڻ ٻاريون
    ائين نه هلندي قوم ڪار...

    ڌار رهن ٿا سياستدان
    ويجھا ڪين ورن ٿا خان
    سڏي سيد ٿو سلطان
    گڏجڻ لاءِ خالي اقرار...

    گڏجڻ ۾ ٿا ڪن چالاڪي
    پٿر _ پليجو ۽ ساقي
    وات ۾ واعدو هٿ ۾ پاڪي
    بڻجن ٿا ههڙا مڪار..

    هيڏي هوڏي سنڌي ساڳيو
    هرڪو پاڻ سڏائي ڀاڳيو
    چور تڙڻ لاءِ ڪير آ جاڳيو
    هڪڙو جي_ايم ٿيو نروار..

    آفيسر به ڌار رهن ٿا
    هردم هو بيزار رهن ٿا
    پئسن لاءِ بيمار رهن ٿا
    مسڪينن سان آ تڪرار..

    پير به سنڌي مير به سنڌي
    ڪن ٿا ڪين اسان سان ٻڌي
    اکين ۾ اٿن عينڪ انڌي
    ڌارين تن کان ڪيو انڪار..

    ڏنڊي کان ٿا ڪنڌ لڪائن
    طوق غلاميءَ جو ٿا پائن
    چڙهندي پاسي ٿا واجھائن
    ڏنڊي واري سان ڪن پيار..

    ملڪي سياست ۾ گھمسان
    ڊوھ سان ٺهيو پاڪستان
    هن جي ٽٽڻ جو امڪان
    ٻروچ _ سنڌي ٿيا بيزار...

    ڪي ڪي ارڏا ڌار ٿا چاهن
    ڪي ڪي ارڏا پليون ڊاهن
    ڪي ڪي ارڏا گوليون ٺاهن
    ارڏن جو آ ”ارڏو“ يار...


    ڪپڙو ناهي

    ڪپڙو ناهي

    حال پڇين ٿو ڇا _ ڇا ٿو پڇين حال
    سال ويو منهنجو _ منهنجو ويو سال

    سوچيان ويٺو هيئن _ هيئن ويٺو سوچيان
    وال ناهي ڪپڙو _ ڪپڙو ناهي وال...

    عيد آهي ويجھو، ويجھي آهي عيد
    خال ڀريندو ڪير، ڪير ڀريندو خال..

    گاڏي نڪي ڏاند، ڏاند نه ڪي گاڏي،
    جنجال ٿيو جيئڻ، جيئڻ ٿيو جنجال.

    سنڌي ٿين ارڏا، ”ارڏا“ ٿين سنڌي
    خيال ڪرن هاڻي، هاڻي ڪرن خيال.


    ديسي چڻا

    ديسي چڻا

    چرڻ ڏاڍي جي چڪيءَ سان چڻا سڀ پيسجي ويندا
    نه رهندو ديس ۾ داڻو، نه ڪي پيدا وري ٿيندا.

    انهيءَ لاءِ سڀ چڻا گڏجي، اهڙو ڪو ڳولهيون
    ظلم ظالم شروع ڪيو آ، آخر چڪي ۾ سڀ ايندا..

    خدارا سڀ چڻا گڏ ٿيون، ڏسو ڪنهن ٿو پيسي
    ٻڌيءَ وارا دائم، قائم رهيا جيئرا پيا جيئندا.

    اڪيلي سر ته هاڻي هو هرڪنهن کي آسانيءَ سان پيسيندا
    هو مارڻ لاءِ آيا آهن، هو ماريندا ۽ ڳاريندا

    چڻن کي ٿو چوي ”ارڏو“ مڃو منهنجي اشاري کي
    هتي اتفاق ۽ اتحاد سان تنهنجا نشان رهندا.


    وڪرو

    وڪرو

    ٻين جاين تي ست جو وڪرو
    هت ٿئي ٿو رت جو وڪرو

    ٻين جاين تي نفرت جو وڪرو
    هت ٿئي ٿو محبت جو وڪرو

    ٻين جاين تي مال جو وڪرو
    هت ٿئي ٿو ٻال جو وڪرو

    ٻين جاين تي ڪلفت وڪرو
    هت ٿئي ٿِي الفت وڪرو

    ٻين جاين تي جام جو وڪرو
    هت غريب عوام جو وڪرو

    ٻين جاين تي تير جو وڪرو
    هت ملان ۽ پير جو وڪرو

    ٻين جاين تي اميري وڪرو
    هت ٿئي ٿي وزيري وڪرو

    ٻين جاين تي جرسي وڪرو
    هتي ٿئي ڪرسي وڪرو

    ٻين جاين تي گولي وڪرو
    هت اسانجي ٻولي وڪرو

    ٻين جاين تي ڀولي وڪرو
    هت سياسي ٽولي وڪرو

    ٻين ڪيو جيئن خُلق جو وڪرو
    تيئن هتي ٿيو ملڪ جو وڪرو.


    وفادار ڏِس

    وفادار ڏِس

    ڪري غور ويچار اي يار ڏس
    ننڍا پنهنجي محلي جا ڪي ٻار ڏس

    قبيلن ۾ هڪ ٻئي جا ناهن قريب
    رهن ٿا هرگز اهي ڌار ڏس

    ڪڏهن به کڻي پاڻ ۾ ٿا رسن
    رسي جلد پرچڻ جا آثار ڏس

    ٻين وٽ نه ٿا ڪن وڃي فيصلا
    ڪندي پاڻ م عهدا اقرار ڏس

    ڪرن راند ڀلجي ته هو غير سان
    اهي ٻار پيارا سمجھدار ڏس

    ملي پاڻ م گھر مٽيءَ جا بڻائن
    مٽيءَ سان ڪرڻ پيار هروار ڏس

    مٽيءَ جي گھرن کي ٻئي ڪنهن به ڊاهيو
    ڏين سڀ انهيءَ کي چڱي مار ڏس

    ٻارن کان ”ارڏا“ سبق وٺ پرائي
    انهيءَ ڪسوٽي سان وفادار ڏس.


    سنڌي سي. آءِ. ڊي

    سنڌي سي. آءِ. ڊي

    جيئن چپ چوريان، لکي وٺ لکي وٺ
    ڏاڍيان يا هوريان، لکي وٺ لکي وٺ

    اي سنڌي سي.آءِ ڊي ڪرين ٿو ته ڏاڍي
    ڪهڙي ڳالھ توريان، لکي وٺ لکي وٺ

    ڪنهن کان لڪايان، ڪنهن کي لکايان
    ڪنهن سان حال اوريان، لکي وٺ لکي وٺ..

    ساڳي قوم تنهنجي، ساڳي قوم منهنجي
    فقط سر مان گھوريان، لکي وٺ لکي وٺ..

    جي ايم نظربند، ان سان سڄي سنڌ
    اڃا ڪنڌ نه ڪوريان، لکي وٺ لکي وٺ..

    ڇڏي نوڪري هي، اڇل ٽوڪري هي
    اڃا ڀتر ڀوريان، لکي وٺ لکي وٺ..

    آزاديءَ جي خاطر، وڃي آءُ گھر گھر
    اهو چنگ چوريان، لکي وٺ لکي وٺ..

    مان ”ارڏو“ سڏايان، ٿو توکي ٻڌايان
    ويٺو باھ سوريان، لکي وٺ لکي وٺ..


    جي_ايم سائين

    جي_ايم سائين

    جيڪو به انسان امر انهيءَ جي
    جيئي مري يا اٿي ۽ ويهي
    اهو انهيءَ جو مجازي مالڪ
    اهو انهيءَ جو حقيقي خالق
    انهيءَ کي سجدو ڪري سدائين
    اهو انهيءَ جو صنم ۽ سائين
    اسان جو سائينءَ مثال آهين،
    جي_ايم سائين، جي_ايم سائين.

    صنم ۽ سائين سيد کي ڄاڻي
    فڪر انهيءَ تي هاڻي جو هاڻي
    ڀلي ڪو دشمن پيڙائي گھاڻي
    چوان نه تنهن کي پيڙي سڀاڻي
    ڦران وعدي تان منهنجي نه لائين.
    جي_ايم سائين، جي_ايم سائين.

    عبادت سان جنت پرستي...
    رياضتن سان دنيا جي وستي
    جيئن سڀن ۾ هڪڙي هستي
    دنيا جي وستين ۽ قومپرستي
    اهائي آهي خدا پرستي
    انهيءَ سان آهي ناتو الستي
    اهو ئي ناتو اڃا نڀائين
    جي_ايم سائين، جي_ايم سائين.

    ازم طريقا انسان ٺاهيا
    قانون ڪيئي ٺاهيا ۽ ڊاهيا
    مائو ۽ لينن ٿيا پنهنجن لئه
    اسان ڀلا ڇو ٿيون انهن لئه؟
    انهن چڱن جا چڱا ڪي نقطا
    انهن مان چونڊي ڪيا تو پختا
    پنهنجا تجربا نقطا مائي
    انهيءَ تي پنهنجي تحريڪ ٺاهي
    سوچي ۽ سمجھي پيو هلائين
    جي_ايم سائين، جي_ايم سائين.

    پري کان ٻڌندي سڏين ٿو ڪافر..!
    اکرن ۾ اڙيل علامه ڦر_ڦر
    ٻڌي ڏسي ۽ ويچار ڪريو
    ملي انهيءَ سان پوءِ ڌيان ڌريو
    پڇيوس ڇا ٿو سيد سڏائين
    جي_ايم سائين، جي_ايم سائين.

    سيد جا پختا خيال آهن
    انهيءَ لئه پختا مثال آهن
    ملڻ کان دشمن نٽائن پيا
    انهيءَ لاءِ راهو مٽائن پيا
    جيڪي چوي ٿو اهو ٿئي ٿو
    عظيم جي_ايم ازم ڏئي ٿو
    انهيءَ عزم تي ”ارڏا“ ٿيون ٿا
    جيئي سنڌو ديش اسان چئون ٿا
    عظيم سنڌ کي عظيم ٺاهين
    جي_ايم سائين، جي_ايم سائين.


    سنڌ ڌرتي

    سنڌ ڌرتي

    سنڌ ڌرتي ٿي سڏي هر سنڌ جي حبدار کي
    سر ڏيئي سرها ٿيو ۽ پاڙيو اقرار کي
    هت پنجابي ۽ بهاري روز ايندا ٿا وڃن
    ڪارخانا ۽ زمينون سڀ کسيندا ٿا وڃن
    جيل ۽ ڪوڙا لڳن ٿا هر سنڌي بيدار کي...

    دورِ انگريزن ۾ هتڙي هڪ پنجابي ڪونه هو
    شهر ۾ فوجي پنجابي ڪو شرابي ڪونه هو
    اڄ سوين دفتر لڳائيندي ٿو ڏسان مردار کي..

    ملڪ پاڪستان بڻيو ڏس پنجابن جي ڪري
    غير سنڌي، سنڌڙيءَ کان ويا پيٽ ڀري
    حق چوڻ تي ٿا چون اڄ مار فتنيدار کي...

    وئي ڪراچيءَ جي ڪمائي سڪ بندر لاهور ۾
    گڊو ٿرمل جون آفيسون ڏس اندر لاهور ۾
    تون اڃا ناهي سڃاتو ڪنهن پنجابي ٻار کي..

    سڀ ڦري ويا سنڌ کي اسلام جي ئي آڙ ۾
    ۽ اليڪشن جي بهاني سون نيئن ٿا گھاڙ ۾
    ڪونه رهنداسون پنجابن سان چئو مڪار کي..

    جيسين هوندا ڌاريا هت ڪونه ملندو ڪو ازم
    چاهي سوشلزم اچي، هو ٿئي جمهوريت جان ختم
    ملڪ جي صحت ختم ٿي ڇا ڪندو بيمار کي..

    اڄ سنڌي ”ارڏا“ سڀئي پاڻ ۾ سڀ هڪ ٿيون
    جي بچايون سنڌ کي تان سنڌ تي سڀ سر ڏيون
    هڪڙي گوليءَ سان نشان ڪيون غير کي غدار کي..


    انسان

    انسان

    منهنجو دين_ ڌرم ايمان
    آهي انسان ئي انسان

    جڏهن ڪونه هيو انسان
    تڏهن ڌرتي هُئي ويران
    تڏهن راڄ نڪو سلطان
    تڏهن گھر نڪو مهمان
    ٿيو جيئن آدم جو اعلان
    ٺاهيا آدم شهر مڪان..

    آدم مٽيءَ مان ڄائيو
    سجدو آدم کي آئيو
    شيطان بدلايو رايو
    هرڪنهن لعنت سان ڳايو
    ڀانڀڻ ملان ڪرڪو ڌيان
    انسان دنيا منجھ مهان

    جنهن لاءِ ڌرتي ۽ آسمان
    جنهن لاءِ الهامي ايمان
    جنهن لاءِ نبين جا فرمان
    جنهن لاءِ گيتا ۽ قرآن
    آهي انسان ۾ رحمان
    آهي انسان ۾ ڀڳوان

    هر ٻنين ۾ ڪاهيا آدم
    ميوا تن ۾ راهيا آدم
    ديرا ٺاهي ڳاهيا آدم
    مندر_مسجد ٺاهيا آدم
    آدم جو آ اعليٰ شان
    ان ۾ ناهي وهم و گمان..

    پيارا ميمبر ٿيا انسان
    پيارا ليڊر ٿيا انسان
    پيارا مقرر ٿيا انسان
    پيارا رهبر ٿيا انسان
    ڪنهن جو مظهر آ انسان
    انسان ”ارڏي“ جو عنوان.


    اچي ملو

    اچي ملو

    اچو اي دوستو اچو
    اچي ملو ، اچي ملو
    اڃا پيو سڏيان
    اڃا پيو سڏيان

    اٿو اٿو اي ساٿيو
    ڪا درد جي دوا ڪيو
    وجود کي بچائيو
    ۽ قوم سان نڀاهيو
    سج نيزي پانڌ آ
    ۽ اس ۾ ڪو باند آ
    اچو اهو ڇڏائيون
    ۽ اس کان بچائيون
    ٻه چار ٻول ٻوليو
    زبان پنهنجي کوليو
    اڃا پيو سڏيان
    اڃا پيو سڏيان

    هي گھٽ آ ٻوساٽ آ
    ۽ باھ جهڙي لاٽ آ
    ڪانه ٻي ڪا واٽ آ
    اڳيان هي جيل گھاٽ آ
    جيل گھاٽ ٽوڙيو
    ڪڙي ڪڙي مروڙيو
    اچو اچو ”ارڏا“ اچو
    ڪيون ڪو غيرن لاءِ ڏچو
    اڃا پيو سڏيان
    اڃا پيو سڏيان


    بحث نه آ

    بحث نه آ

    ڪو بحث نه آ، تڪرار نه آ، ڪا جيت نه آ، ڪا هار نه آ.
    هت هرڪو آهي خطري ۾، اقرار آهي انڪار نه آ

    هت مير آحن، هت پير آهن، هت سڀ جا سڀ اسير آهن
    هت دليون سڀ دلگير آهن، هت هرڪوئي لاچار نه آ..؟

    هت ٽڪا ٽوپي پائي ويو، هت اصغر ٻول ٻڌائي ويو
    هت هرڪوئي ويڙهائي ويو، سڀ سمجھون ٿا ڪو ٻار نه آ

    هت پاڻ ۾ ڪو اتحاد ڪيون، هت ڌارئي کي ڇو ياد ڪيون
    هت ديس پنهنجو آزاد ڪيون، ڇا سڀني لاءِ آزار نه آ..؟

    هت قيدي هرهڪ فرد آهي، هت باندي عورت مرد آهي
    هت هيڏو قومي درد آهي، ڇا هر سنڌي بيدار نه آ؟؟

    نه صبوح آهي نه شام آهي، نه خاص آهي نه عام آهي،
    هت هر سنڌي غلام آهي، هت سنڌي خودمختيار نه آ.

    هت جڏهن ڌاريو آيو آ، تنهن ڪيڏو قهر مچايو آ
    هن ڪيئن ملڪ بڻايو آ، ڇا دوکي جي ديوار نه آ؟؟

    هت دشمن پنهنجو غير آهي، ۽ ان سان پنهنجو وير آهي
    هر سنڌيءَ سان انڌير آهي، هت روز نئين ڦر مار نه ؟؟

    جي سنڌي آن تان ”ارڏو“ ٿيءُ ، گوريلو ٿي مر ۽ جيءُ
    آ پيارا جام شهادت پيءُ، پوءِ تو جهڙو ڪو يار نه آ..


    باغي ٿيان ٿو

    باغي ٿيان ٿو

    هٿن ۾ ڪڙيون، زبان تي تالا
    اشارا ڏيندي کڻان ٿو تالا
    اسانجا دشمن اسانجا ويري
    حق کٿيءَ سان ڏين ٿا ڦيري
    ساڊا تواڊا اچن ٿا چوري
    سڀئي گڏجي ڪريون ڍيري
    اشارا سمجھو، اشارا ڄاڻو
    پنهنجا پراوا سڀئي سڃاڻو
    چارڻ ٿي سرندو وڄائيان ٿو
    ٻيهر ٻيجل کي ٻاڏائيان ٿو

    اسان لئه ڦاهي ۽ جيل آهي
    اسان لئه هردم اويل آهي
    قلم تي لاڳو قلم ڏسين ٿو
    چپي چپي تي ٿاڻن تي ٿاڻا
    گھرايا دشمن اسان لئه گھاڻا
    صرف انهيءَ لئه قبوليو بيعت
    ساڳي حسينيت ساڳي يزيديت
    اها نه بيعت قبوليان ٿو
    باغي ٿيان ٿو، باغي ٿيان ٿ.

    اچو ته ٻيون ۽ ٻارا ڇڏيائون
    اچو ته پنهنجا پيارا ڇڏيائون
    مڇي به مرڪز وارا کڻي ويا
    ساري ڪمائي ڪارا کڻي ويا
    گڊو ڪالوني ڏهرڪي اندر
    انهن کي ڪيئي ٺهي مليا گھر
    اسان ته گھر هوندي آهيون بي گھر
    ڌڪا ۽ ٿاٻا اسانکي در در
    انهيءَ لئه تن کي نه چاهيان ٿو
    دوکي ديوار ڊاهيان ٿو

    نسورو ناحق اسان سان آهي
    شل نه هتڙي ڪو حق ٻڌائي
    اسانجي ٻولي سمجھن نه ڪارا
    سي_آءِ_ڊي پنهنجا ڪرن ٿيا پيارا
    ٿين وڃي ڀل اهي سوڀارا
    اسانجا ظاهر اٿيئي نعرا
    اسان ته پنهنجن کي چاهيون ٿا
    اسان ته ڌاريا ڀڄائيون ٿا
    پنهنجن کي سڀ ڪُجھ سمجھائيان ٿو
    انهيءَ لئه هي شعر ٺاهيان ٿو

    اسانجا ڊاڪٽر پيا نهارن
    اسانجا انجنيئر گھر گذارن
    اسانجي مزدور کي رلائين
    مشينون پنهنجون پيا هلائن
    ڪٿان جا ڌاريا اچي ٿا ڪاهن
    حقن جي خاطر رڙي رڙي
    ملي ٿي آخر ۾ هٿ ڪڙي
    انهيءَ لئه ”ارڏو“ سڏائيان ٿو
    ازل جو ناتو نڀايان ٿو.


    غلام ڪيئن آهيون

    غلام ڪيئن آهيون

    مال پاڻ ڌاروين، مال پاڻ چاريون
    اسانجون پوکون پياريون، ڪپھ ۽ ڪڻڪ ساريون
    تڏهن به حق ناھ هي، رقم اسان ڪري سگھون
    هي حق مرڪزي آحي، اوڏانهن پيا نهاريون،
    مرڪزي پنجابي ٿيا، انهن کي ڇا پڪاريون
    انهن جو خيال آهي هي، ته سنڌ کي ٻهاريون
    سنڏ جا سڀئي سنڌي، بکن ڏکن ۾ ماريون
    ڪيترو انهن اڳيان، غلام ٿي گذاريون؟
    اڃا به ٿا چئو پيا، اسان غلام ناهيون؟
    اڃا به ٿو ٻڌائيان، غلام ڪيئن آهيون.

    سنڌ جي سرزمين ڇا، هي سنڌين جي ڪونه آ؟
    هتان جا هاري سڀ مئا، ڪٿان جا آيا ڌاريا؟
    زمين سنڌ جي گھڻي، بچي اسان لئه ڪانه ڪا
    اسان ته هڪ جريب تي، ئي پاڻ ۾ وڙهون پيا
    زمين ڪنهن به قوم کان، جي ڌاريا کسي ويا
    اهي دنيا ۾ دوستو، غلام ٿيا، غلام ٿيا
    اسان ٿا حق چاهيون، ڪرن ٿا هو تباهيون
    اسان جي لاءِ ٺاهيون، هي جيل گھاٽ ڦاهيون
    اڃا به ٿا چئو پيا، اسان غلام ناهيون
    اڃا به ٿو ٻڌائيان، غلام ڪيئن آهيون

    هي ملڪ پاڪ آستان، ڪونه رهيو آ ادا
    هي ملڪ ٿيو ناپاڪ آ، ۽ هت ٿئي ٿو ڇانه ڇا
    هن آ پيشاهي ظلمت هت، دين سڀ بدنام ڪيا
    هي ڦٽڪا ڪوڙا، مارشلا، ۽ ڪوڙا دعوا دين جا
    هن بنگالي ۽ بلوچ، ڪيئي سنڌي ماريا
    هي حق سڀ کسي ويا، هي ويري قوم جا ٿيا
    قرآن ڏيئي وچ ۾، اسان سان هو وڙهي ويا
    ظلم سنڌ سان ڏسو، ڪٿان جا آيا ڌاريا
    مهمان هاڻي ميزبان سان، ڏس ته ڪيئن وڙهن پيا
    ڏسو ڏسو هي سنڌ ۾، ئي ڪيترا نه ڪيس ٿا
    گھر اڳيان ڪنڊن واري، اڃا به وڻ کي ڊاهيون
    اڃا به ڏوھ آ اسان ڏي، ويٺا سينو ساهيون
    اڃا به ٿا چئو پيا، اسان غلام ناهيون؟
    اڃا به تو ٻڌائيان، غلام ڪيئن آهيون.

    مجيب ملڪ ڌار ڪيو، جي_ايم جيل ۾ پيو،
    ڀٽو ڀلا ڪيئن مئو، ڪنهن کي ڏوھ ٿا ڏيو
    جي_ايم صاف آ چيو، وقار ووٽ جو ويو
    اڃا به ٿئي ظلم ٻيو؟ سڀئي سنڌي ”ارڏا“ ٿيو
    اچن ٿا سنڌ ڪاهيون، وڃن ٿا سون لاهيون
    گھرن کي ڏين ٿا باهيون، وڃن ٿا لاش ڳاهيون
    اڃا به چئو پيا، اسان غلام ناهيون؟
    اڃا به ٿو ٻڌائيان، غلام ڪيئن آهيون

    کنڊ ڪپھ لوھ جون، مشينون آهن ڪيتريون
    اسان کي تن م ڪونه ٿيون، ملن ڏسو هي نوڪريون
    پنجاب لئه آفيس جون، کليل سدائين در دريون
    پنجابي ڀرتي ٿي ويا، هي زال، مرد ڇوڪريون
    مزدور به اتان جا ٿيا، کڻن ٿا جيڪي ٽوڪريون
    غير سنڌي سنڌ کان، وڃن ٿا گاڏيون ڀريون
    اسان گھرايا ڪين ڪي، هو زور سان وڃن ڦريون
    اڃا به ڀائي ڀائي ڪيئن، مزدور کي اسان ڪريون
    ڌارئي مزدور کي اسان، سنڌي نه ٿا جي چاهيون
    سنڌ مزدور جي گھر کي، ڏين ٿا روز باهيون
    اڃا به ٿا چئو پيا، اسان غلام ناهيون؟
    اڃا به ٿو ٻڌائيان، غلام ڪيئن آهيون.

    واپار اگھ پار تي، پنجاب جو آ چوڌري،
    زمين ڪارخاني تي، پنجابي ٿا اچن وري،
    ايئن اچن ٿا ڍونڍ تي، جيئن اچن ڳجھون ڦري
    سول سروس نوڪري تي، مٿان نظر ٿئي سرسري
    چپي چپي زمين تي، ويهي ويا سري سري
    جمهوريت ۽ ووٽ سان، ملندي ڪانه ڪا ذري
    حق ڪونه ڪنهن ورتو آ، سامراج کان گھري،
    موذي مرض ويو وڌي، دوا ڪا جلد ٺاهيون
    آزاد ٿيڻ چاهيون، ته پاڪستان ڊاهيون
    اڃا به ٿا چئو پيا، اسان غلام ناهيون؟
    اڃا به ٿو ٻڌائيان، غلام ڪيئن آهيون


    رهبر ڇا ٿو چئي

    رهبر ڇا ٿو چئي

    هي سنڌي قوم جو رهبر، ٿو سنڌي ليڊر چئي،
    جي گھرجي ڪنهن کي ليڊرشپ، نه آ اعتراض ٿئي،
    اچي هن قوم پنهنجي تي، سدا سر ساھ گھوري ڏي،
    سڀئي پيڙجون ٿا پيا، ڏسو هر مرد عورت کي

    مان سنڌي قوم کي سکيو ٿو اکين سان ڏسڻ چاهيان
    ٻيو ڪو بحث ڪونهي ڪو ۽ تڪراري اصل ناهيان

    سنڌيءَ سان سنڌيءَ جو ڀلا تڪرار ڇو آهي؟
    سدا اتفاق ۽ اتحاد لئه انڪار ڇو آهي؟
    نٿو سمجھين تون اي سنڌي گرم بازار ڇو آهي؟
    اسان کي ڌار رکڻ لئه اهو آزار ڇو آهي؟

    ڪنهن جي هي شرارت آ، ڪو سمجھائي يا سمجھايان
    شرارت سامراجي آ، ۽ پنهنجن کان نٿو ڀائيان

    نه ڪو پليجو صاحب آ، نڪوئي ڄام ساقي آ
    نڪو ارباب صاحب آ، نڪو پٿر ئي باقي آ
    هتي ڏس تاج جويو آ، هتي ڏس ڀاءُ خاڪي آ
    ادا خاڪي نٿو سمجھين، وهايل ڪنهنجي پاڪي آ

    نه روسي هان نه چيني ها، مان پارٽين ۾ ورهايل هان
    نٿو سمجھين ته سنڌي قوم جو اتحاد ٿو ڊاهيان.


    اڳتي وڌڻ گھرجي

    اڳتي وڌڻ گھرجي

    هاڻي تقرير ۽ تحرير کان اڳتي وڌڻ گھرجي
    هاڻي تدبير سان تقدير کان اڳتي وڌڻ گھرجي
    هاڻي دشمن جي هرهڪ تير کان اڳتي وڌڻ گھرجي
    هاڻي قيد جي هر زنجير کان اڳتي وڌڻ گھرجي
    اچو هن ديس کي ڌارين جي چنبي کان ڇڏايون
    قلم تلوار کي هاڻي اچو گڏجي هلايون سڀ

    ڪتابن جو بڻي ڪيڙو نه ڪي ويهي رهڻ گھرجي
    چوڻ منهنجو اهو آهي عمل ان تي ڪرڻ گھرجي
    جتي مائو، جتي لينن ۽ گانڌي کي پڙهڻ گھرجي
    اتي شباس چندربوس ٿي يارو وڙهڻ گھرجي
    اچو شباس چندربوس جو اڄ ويس پايون سڀ
    اچو انگريزن جي اولاد کي هاڻي ڀڄايون سڀ

    ايستائين اهنسا جا پوڄاري هئا ڪيئي
    جيستائين دشمن جي نه گولين سان مئا ڪيئي
    ڏسندي لاش اکين سان تشدد ڏي ويا ڪيئي
    تڏهن تن ديس وارين سان اهڙا وعدا ڪيا ڪيئي
    اسان جن سان ڪيا وعدا اهي وعدا نڀاهيون سڀ
    ترانو ديس جو گولين جي گونجارن سان ڳايون سڀ

    هاڻي توکي نه هرگز وقت جي مهلت ڪرڻ گھرجي
    پنهنجو حق دشمن کان هاڻي جلد ئي ڦرڻ گھرجي
    چيو هڪ سنڌ جي سياڻي عمل ان تي ڪرڻ گھرجي
    سيد ٿي رهڻ گھرجي ۽ هوشو ٿي مرڻ گھرجي
    اچو هي قيد ۽ زنجير وارو ملڪ ڊاهيون اچو سنڌي سڀئي ”ارڏا“، هي سنڌوديش ٺاهيون سڀ


    خزان جو خاتمو

    خزان جو خاتمو

    ويا ڪومائجي گلڙا چئو ٿا ڪيئن اي يارو!؟
    ”خزان جو خاتمون ٿي ويو، چمن ۾ تازگي آئي“.

    ڏسي وائسي اگر شاعر لڪائي قوم کان ڳالهيون
    ائين چئجي ته دشمن جي طرف کان سازگي آئي

    مڃان به هي سٺي مند آ مگر اڀتن هوائن کان
    اسان جي ديس لئه يارو سدا ناراضگي آئي

    بهارن ۾ خزان جهڙي ڏسي حالت چيو ”ارڏي“
    ان لئه ڪونه خيالن ۾ بلند پروازگي آئي.

    قطع
    عجب مصرح طرح آهي سڄي سِٽ آهِ اڀتر ۾
    ائين چوندي ئي محفل کان سدا ناراضگي آئي
    مگر ”ارڏا“ نياپو ٻُڌ، چون پيا قيد ۾ بلبل
    اسانجي لئه ڪٿ يارؤ چمن ۾ تازگي آئي.


    ٽربيونل

    ٽربيونل

    راجا ڏاهر کان اڄ تائين سينگاريل هي سوري آهي
    سنڌي قوم جي اڳيان سور کيل رهيو معمولي آهي
    سنڌڙيءَ جي تاريخ چوي ٿي ڪيئي ڌاريا ويا ۽ ويندا
    ٽوڙي ڦاٽڪ جهڙا واقعا ڪيئي ٿيا ۽ ڪيئي ٿيندا
    آئون اهوئي هوشو آهيان آئون اهو ئي هيمون آهيان
    ڪين بيانن کي ڦيرايان، ڪين بيانن کي ڦيرايان.

    عرب ويا ارغون ويا، ترخان ويا ۽ مغل ويا
    انگريز ويا ۽ هي به ويندا هُل هنگامان ڄاڻ ٿيا
    مون توپ تلوارون گھاڻا ٿاڻا ڦٽڪا ڪوڙا خوب سٺا
    هي ڳالھ نئين ڪا مون لئه ناهين هردم ڪوڙا ڪوٽ ڊٺا
    مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون ساڳيو نعرو پيوورجايان
    ڪين بيانن کي ڦيرايان، ڪين بيانن کي ڦيرايان.

    ون يونٽ ۽ ٻوليءَ واريون توکي گوليون ياد ڏياريان
    خون سنديون هي ٽوڙي ڦاٽڪ واريون ڇوليون ياد ڏياريان،
    لاکا ڳوٺ تي بمباري ٿي سنڌوءَ سارو رت وهايو
    پاپي ٿيا پنجابي هردم سنڌين پنهنجو پاڻ ملهايو
    ٽربيونل جا جج ٻڌي ڇڏ آءٌ اصل ڏوهاري ناهيان
    ڪين بيانن کي ڦيرايان، ڪين بيانن کي ڦيرايان

    روز اچن ٿا ريل ڀري اڄ پنجابي هن سنڌ اندر
    روز بِهاري ۽ افغاني ڪوس ڪرائن ٿا گھر گھر
    هرشيءِ تي هو قبضو ڪندي بک اسانکي مارن ٿا
    آزادي ٿا چاهيون تڏهن جيل سوين ڏيکارن ٿا
    انهيءَ خاطر ڌار رهڻ لئه هاڻ پاڪستان ٿو ڊاهيان
    ڪين بيانن کي ڦيرايان، ڪين بيانن کي ڦيرايان

    گورا ويا ۽ ڪارا آهن سنڌين مٿان مارا آهن
    اهي وارا ڍارا آهن، سنڌڙي ”ارڏا“ سارا آهن
    سر جو سانگ نه سارينداسون ٻارڻ جاري ٻارينداسون
    دنيا کي ڏيکارينداسون، دشمن پنهنجو مارينداسون
    جيئي سنڌ جو جوڌو آهيان، سنڌو ديشي ٿو ڳالهايان
    ڪين بيانن کي ڦيرايان، ڪين بيانن کي ڦيرايان.


    هڪڙو نقطو

    هڪڙو نقطو

    سائين سنڌو ديش ٿو ٺاهي، هن جو هڪڙو نقطو آ
    اخبارن کي لکيان ڪونه ڀل لکن هو ڇاجو ڇا

    اخبارن مان اردوءَ وارا
    غلط لکن سڄا سارا
    خالي پلي ڪن مونجھارا
    سنڌي تن کان ٿيا خفا
    سائين سنڌو ديش...

    ڪيئي ڪاميٽيون هت ٺهيون
    ڪيئي ڪاميٽيون هت ڊهيون
    دنڌو ديش سواءِ نه هريون
    ٻيا سڀ نقطا آيا ويا
    سائين سنڌو ديش...

    هرهڪ چوندو سنڌي سياڻو
    سائين ڪڏهن ڪونه وڪاڻو
    سنڌ اندر آ پهريون ماڻهو
    جنهن ڪئي سنڌڙي ساڻ وفا
    سائين سنڌو ديش...

    هن وٽ آيا ڪيئي شاھ
    پاڪستان جا ڪيئي جناح
    پنجابن جا خيرخواھ
    چاهي سن اچي ڪو ضياء
    سائين سنڌو ديش...

    سائين ڪالھ اڪيلو هو
    اڄ سنڌڙيءَ جو سرواڻ ٿيو
    سنڌين سنڌو ديش چيو
    هت ”ارڏن” کان اعلان ٿيا
    سائين سنڌو ديش...


    مايوس نه ٿيءُ

    مايوس نه ٿيءُ

    اي سنڌو تون مايوس نه ٿي
    هي هوشو هيمون جاڳيا هن

    ڪالهه جي تون مايوس نه هئين
    اڄ ڀلا مايوس ڇو ٿئين
    ڪيئن ڦريندا ڦورو توکي
    جايا ساڳيا ڀاڳيا هِن
    هي هوشو، هيمون جاڳيا هن

    ڪالهه آيا ارغون ۽ گورا
    اڄ پنجابي ڪارا ڪورا
    سنڌي ڄاڻ اهي ٿا ڄاڻن
    گورا ڪارا ساڳيا هن
    هي هوشو، هيمون جاڳيا هن

    ڪالهه ڀٽائي شاھ پيارو
    اڄ ڀي جي_ايم جيءُ جيارو
    سنڌوءَ ساڃھ شاھ رسالي
    گورا توڏا واڳيا هن
    هي هوشو، هيمون جاڳيا هن

    ون يونٽ ۽ ٽوڙي ڦاٽڪ
    واقعا دل تي ڪن ٿا ڌڪ ڌڪ
    اجھو ”ارڏن“ سنڌين هاڻ
    ڌاريا ڦورو داغيا هن
    هي هوشو هيمون جاڳيا هن


    سنڌڙي جو فرمان

    سنڌڙي جو فرمان

    ذاتي جھيڙا جھڳڙا ڇڏيو
    پيار محبت سان گھر اڏيو
    قومي ٻڌيءَ خاطر سڏيو
    ميڙي سيڙي سڀئي گڏيو
    دنيا ۾ انسان اهو آ
    سنڌڙيءَ جو فرمان اهو آ

    مون ۾ تو ۾ ڪيئي برايون
    هڪ ٻئي کي اچو سڻايون
    دشمن اڳيان ڪين ڳڻايون
    پنهنجو پردو ڪين کڻايون
    ڌار آهيون ارمان اهو آ
    سنڌڙيءَ جو فرمان اهو آ

    هت ڪامورو يا پير هجي
    مزدور هجي يا مير هجي
    هت هاري يا وزير هجي
    هت دولتمند فقير هجي
    گڏجن سڀ احسان اهو آ
    سنڌڙيءَ جو فرمان اهو آ

    جنهن قوم اندر اتحاد نه آهي
    دنيا ۾ سو شاد نه آهي
    ڄڻ ڌرتيءَ تي آباد نه آهي
    تاريخن ۾ ياد نه آهي
    اتحاد جتي سلطان اهو آ
    سنڌڙيءَ جو فرمان اهو آ

    پنهنجي قوم سان وير نه ڪريو
    پاڻ ۾ گڏجو دير نه ڪريو
    من اندر ڪو مير نه ڪريو
    پوئتي هرگز پير نه ڪريو
    هتڙي مرد مهان اهو آ
    سنڌڙيءَ جو فرمان اهو آ

    قوم اندر جو مرض ٿئي ٿو
    دانشور تي فرض ٿئي ٿو
    هن تي قومي قرض ٿئي ٿو
    آزاديءَ لئه عرض ٿئي ٿو
    سوچي جو رحمان اهو آ
    سنڌڙيءَ جو فرمان اهو آ

    هرهڪ عالم سياست وارو
    قوم سان هردم ٿئي سوڀارو
    ڪين ڦري ڪو گورو ڪارو
    اهو ڪافي آهي اشارو
    مون وٽ سياستدان اهو آ
    سنڌڙيءَ جو فرمان اهو آ

    آزادي ايمان آ منهنجو
    هر سنڌي سلطان آ منهنجو
    ساھ سِسي قربان آ منهنجو
    هن سنا زنده شان آ منهنجو
    ”ارڏن“ جو اعلان اهو آ
    سنڌڙيءَ جو فرمان اهو آ


    چوسٽا

    چوسٽا


    (1)
    ڪنهنکي پنهنجي کان، ڪنهنکي ڌارئي کان شڪايت
    ڪنهنکي ٿي ٻڏڻ وقت ڪناري کان شڪايت
    جا قوم نه پنهنجي ۽ پرائي کي سڃاڻي
    مونکي آهي ان قوم جي ستاري کان شڪايت

    (2)
    قوم جا ڪونڌر ڪيئي آيا، آهن، ايندا پيا،
    لعل پيدا قوم ۾ ٿيا، آهن، ٿيندا پيا،
    اي قوم جا دشمن هلائيندين ڪيترن تي گوليون
    ديس جا دودا سوين، ڄايا، آهن، ڄمندا پيا.

    (3)
    اديب انقلابي ٿي ته انکي اديب سڏيان
    جي_ايم سائينءَ کي سنڌ جو حبيب طبيب سڏيان
    ارڏا سنڌي ٿين هاڻي بنگالي،
    وڙهي جو قوم لئه مري، تنهنکي مجيب سڏيان

    (4)
    سؤ دفعا منهنجو سلام تن شهيدن کي سدا
    قوم جي حقن خاطر سر ڪيا جن جن فدا
    ان مزارن جي مٽي ارڏا اٿئي خاڪ شفا
    جن کان توکي پي ملي نياءُ آزادي ادا

    (5)
    فرد سان محبت ڪرڻ جو هي زمانو ناهِ يار
    عام لئه آ شعر منهنجو هڪ نشانو ناهِ يار
    هاڻي عاجز ٿيءُ ”ارڏو“ لھ اچي ميدان ۾
    قوم سان محبت ڪرڻ ڪو فسانو ناهِ يار

    (6)
    هڪڙي گوليءَ جي اڳيان دشمن سڀئي بيهارجن
    غير ۽ غدار سڀ گڏ انهيءَ دم مارجن
    جيئن نه پوءِ هي قوم انهن جا ڪنڊا ويهي ڪڍي
    وڙهجي ”ارڏا“ هڪڙو ڀيرو پرڪي ٻارڻ ٻارجن

    (7)
    زندگيءَ ۾ تنهنجي ڪمن سان وڏو اختلاف آ
    تون آهين موقع پرست، مان آهيان تنهنجي خلاف
    تون لڪائين حق کي پر مان ڪندس ظاهر ضرور
    ڍير مٽيءَ تان لاهيندس تنهنجا ڪوڙا سڀ غلاف

    (8)
    پاڪستان جي ڏينهن تي مٺايون ۽ ترانا
    اقبال جي ڏينهن تي غزل، گيت، گانا
    ڀٽائيءَ تنهنجي ڏينهن تي موڪل نه ڪا وائي
    واڪا ڪندي ”ارڏا“ ٿيا ڪيئي زمانا

    (9)
    (1983 سال لاءِ)
    هن سال لاءِ چون ٿا ته اردو جو سال چئجي
    چئني ٻولين جو شايد هاڻي زوال چئجي
    صدين جي ٻولي کان ڪلھ واري معتبر ٿي
    جنهن ٻولين جو ”ارڏا“ هٿ جو رومال چئجي

    (10)
    سنڌي اهڙي وائي ٿي
    سنڌ سدائين سائي ٿي
    آءٌ پڪاريان حيدر حيدر
    ساڻي شاھ سنائي ٿي

    (11)
    هي ملڪ پاڪستان اٿئي
    هت ڪوڙ، ٺڳي دهمان اٿئي
    هت قوم سڄي قتلام اٿئي
    هت سياست سڀ بدنام اٿئي


    ديش جو نعرو

    ديش جو نعرو
    (1)
    تون ڪمائين تون ئي کائين
    تون جي محلاتون اڏائين
    تون اگر سنڌي سڏائين
    تون اگر ٻولي ٻڌائين
    تون اگر ڌاريا ڀڄائين
    اچ اچي وارو وڄاءِ
    سنڌ ڌرتيءَ سان نڀاءِ
    ديش جو نعرو لڳاءِ.

    (2)
    ڇو ٻين جا گھر ڀرين
    ڇو ٻلڙ گوهيون ڪرين
    ڇو منافق ٿي مرين
    ڇو اڃا ٻڏين ترين
    ڇو ٿو ڳڻتين ۾ ڳرين
    ڇو نه آزادي گھرين
    فڪر سيد جو سڻاءِ
    هي وڃي کولي ٻڌاءِ
    ديش جونعرو لڳاءِ

    (3)
    غير جو هتڙي اچڻ
    هر وسيلي کي کسڻ
    ڪارخانن جو هڻڻ
    مزدور هاريءَ کي ڪهڻ
    مال ميڙي گھر نيڻ
    ديس واسين کي ڦرڻ
    مڙس ٿي ان کي ڀڄاءِ
    پنهنجي ڌرتيءَ کي بچاءِ
    ديش جو نعرو لڳاءِ
    ديش جو نعرو لڳاءِ

    (4)
    هت مسئلا ڪونه کڻ
    هت مسئلن جو آ ڌڻ
    ڪالھ سنڌوءَ جو وهڻ
    اڄ سنڌوءَ جو سُڪڻ
    زور سان پاڻي جھلڻ
    ان داڻي لاءِ سڪڻ
    ڪين ڪر تون هاءِ هاءِ
    ڪين ٻچڙن کي روئاءِ
    ديش جو نعرو لڳاءِ
    ديش جو نعرو لڳاءِ

    (5)
    ڇا ٻڌايان مسئلا
    ڪونه کٽندا سلسلا
    ڌارين جا ولولا
    آيا باندر ۽ بلا
    ڪيئي آيا زلزلا
    اڃا به وڌيا حوصلا
    ڪات ظالم تي وهاءِ
    ظالمن کان جند ڇڏاءِ
    ديش جو نعرو لڳاءِ
    ديش جو نعرو لڳاءِ

    (6)
    ڌاريا هت لک ٿيا
    سنڌين جا ٻک ٿيا
    گولين جا بک ٿيا
    سڀ سڙي هت رک ٿيا
    ٻيا اڏاڻا پک ٿيا
    سانت ۾ سڀ ڪک ٿيا
    ڪين ماضيءَ کي ڀلاءِ
    تون به ڪا گولي هلاءِ
    ديش جو نعرو لڳاءِ
    ديش جو نعرو لڳاءِ

    (7)
    ڪوٽ قهري ڊاهيو
    ديش پنهنجو ٺاهيو
    ٿڃ ٿورا لاهيو
    ڪاهيو اڄ ڪاهيو
    هيڏا سنڌي آهيو
    ڇونه ٿا ڳالهائيو
    هٿ ارڏي سان ملاءِ
    دشمنن جا گھر جلاءِ
    ديش جو نعرو لڳاءِ
    ديش جو نعرو لڳاءِ
    ****


    ڀلي ڀلي

    ڀلي ڀلي

    جيئي سنڌي جيئي سنڌ
    هڻ نعرو هاڻي ڳلي ڳلي

    پنهنجي ٻولي پنهنجي طاقت
    پنهنجي عزت پنهنجي عظمت
    سنڌڙيءَ سان آ ملي ملي
    هڻ نعرو هاڻي ڳلي ڳلي

    پاڻ ۾ ملندا پارٽيون ڊاهي
    ايندا جيئي سنڌ ڏي ڪاهي
    دشمن ويندا جلي جلي
    هڻ نعرو هاڻي ڳلي ڳلي

    دشمن ويندا ڍيري ٿيندا
    سنڌ سنڌين کي ڏيئي ويندا
    گولي جڏهن هلي هلي
    هڻ نعرو هاڻي ڳلي ڳلي

    پاڪستان کي سڀئي ڊاهيون
    سنڌو ديش کي سڀئي ٺاهيون
    ”ارڏا“ چوندا ڀلي ڀلي
    هن نعرو هاڻي ڳلي ڳلي

    (14-01-1980)


    انقلاب آهي

    انقلاب آهي

    سر تي سر رکي قلم ڪري ڇڏ
    مڇي ڄاڻي تون اسانجو ماس تري ڇڏ
    ڪاري چڪر جون ڪوٺيون هن قوم سان ڀري ڇڏ
    هرگز نه ٺاھ ٿيندو هي ڌيان تون ڌري ڇڏ
    هي قوم جي طرف کان مليل جواب آهي
    هاڻي انقلاب آهي، انقلاب آهي.

    سنڌ ۾ فوجي گورنر ساڳيو آهي
    اڃا به چئو ٿا هاڻي مارشلا ناهي
    هو پنهنجي هٿن سان ٿو ڪورٽون ٺاهي
    هي سنڌين سان ظلم نه آ ته ٻيو ڇاهي
    حق گھرڻ تي قيد ۽ عذاب آهي
    هاڻي انقلاب آهي، انقلاب آهي.

    ٿر ۾ ٻيو ته ڇڏ پاڻي پيئڻ لئه ناهي
    پنجابي باغ بنائڻ لئه ڊيم ٿو ٺاهي
    فقط ان لئه ته سنڌي هر نه ڪاهي
    مالڪ جو چري چور ٿو گولي هلائي
    بي داد واري ملڪ جو ڊاهڻ ثواب آهي
    هاڻي انقلاب آهي، انقلاب آهي.

    مسئلا کڻي انجي در صدا نه ڪريو
    جھولي جھلي انجي در گدا نه ڪريو
    پنجابي يزيد آ انکي خدا نه ڪريو
    سڀئي گڏجي وڙهو ٽولا جدا نه ڪريو
    ”ارڏي“ جو شعر سنڌوديش جو رباب آهي
    هاڻي انقلاب آهي، انقلاب آهي.


    ڪونه کپي ٿو

    ڪونه کپي ٿو

    ڪونه کپي ٿو ڪونه کپي ٿو، پاڻ کي پاپي پاڪستان
    سنڌي دوڍن کان ٿيو آهي آزاديءَ جو هي اعلان

    ڪن تي ڪات وهايو ويو آ
    ڪن کي ديس ڇڏايو ويو آ
    مردن کي ڪي هندو ساڙن
    زنده هت جلايو ويو آ
    پوءِ به هتڙي پاڻ کي سمجھن ماڻهو ماري مسلمان
    ڪونه کپي ٿو......

    نياڻيون سياڻيون روئي ويٺيون
    ممتا کان هٿ ڌوئي ويٺيون
    مارن خاطر هي ٿر ڄايون
    سانڊن ڦاٽل لويون ويٺيون
    مارن تي مردود شڪاري هاءِ هلايو تير ڪمان
    ڪونه کپي ٿو.....

    ڪي ديس ڇڏي پرديس لڏي ويا
    نياڻيون سياڻيون هت ڇڏي ويا
    هڏڪين ۾ به اکڙيون ڦيري
    ڀينر پنهنجا ڀاءُ سڏي ويا
    ملڪ ٺهڻ سان گھر ڊهي پيا وستيون ٿيون ويران،
    ڪونه کپي ٿو...........

    قومن جو قتل عام ڏسي
    خوني خوني جام ڏسي
    انصاف جو هتڙي نام نه آ
    رشوت خوري عام ڏسي
    فردن کان وڌ قومن سان ٿيو دوکو ۽ دهمان
    ڪونه کپي ٿو...........


    سچو ماڻهو جيل ۾ گھاري
    ڪوڙو ماڻهو خوش گذاري
    ٽي قومون ٿيون بک مرن
    هڪڙي قوم ٿي سون ٻهاري
    گھر ڌڻي ٿيو بي گھر هاڻي مالڪ ٿيو مهمان
    ڪونه کپي ٿو...........

    هيڏا هاڃا هيڏا سور
    ڦٽ ڦري هي ٿيا ناسور
    روز ڪسڻ جي ڪار هتي
    ڪير ڳڻي هت ڏوھ قصور
    روز ٿئي ٿو ”ارڏو“ سنڌي گوليءَ جو ته نشان
    ڪونه کپي ٿو...........


    اتحاد

    اتحاد

    اتحاد ڪرڻ گھرجي سنڌوءَ جي پيارن کي
    تڏهن ته وڃي رسيو سنڌوءَ جي ڪنارن کي
    پرکڻ لاءِ سڏيو هاڻي سنڌوءَ جي ستارن کي
    ٻيڙن ڏي ڏسو ڇو ٿا
    ترهن تي ترڻ گھرجي
    اتحاد ڪرڻ گھرجي

    پنجاب کان گاڏين تي سيلاب آيو سنڌ ۾
    بيهار گٽر وارو ڏس آب آيو سنڌ ۾
    ڄڻ ملڪي وزيرن لئه شراب آيو سنڌ ۾
    نڪ ٻوڙي ڍڪڻ ۾ اڄ
    اهڙن کي ٻڏڻ گھرجي
    اتحاد ڪرڻ گھرجي

    رڳو جيل ۾ ڇو آهن؟ هي سنڌي سياستدان
    ڇو ڌارين لئه کليل آ؟ سياست جو ميدان
    ڪيستائين ٿيندين؟ تون دوزخ جو ٻلدان
    هت پارٽيون سڀ ڊاهي
    هڪڙي سان هڻ گھرجي
    اتحاد ڪرڻ گھرجي

    پاڻيءَ جي مسئلي تي پنجابي آهن
    دهريا ۽ ملان گڏجي هي ڊيم پيا ٺاهن
    هت پاڻ ۾ ٻه ڀائر ٺهيا به ڪڏهن ناهن
    ارمان اهو آهي
    ڪُجھ ڌيان ڌرڻ گھرجي
    اتحاد ڪرڻ گھرجي

    سنڌ اندر جڏهن سؤ سياسي ٽولا ٿيا
    هي ديس وڃائي پوءِ مقدر ۾ رولا ٿيا
    قابض تڏهن کان انگريز ۽ ڀولا ٿيا
    سؤ سال غلاميءَ کان
    هڪ ڏينهن مرڻ گھرجي
    اتحاد ڪرڻ گھرجي

    هڪ ٻئي سان وڙهو ڇو ٿا اي سنڌي شاگردؤ
    تنهنجو هٿ توکان پيو ڌاريو وڍائي ٿو
    هي چال پراڻي آ ويڙهائي راڄ ڪيو
    پاڻ ۾ سڀ هڪ ٿي
    ڌارين کي ڌڪڻ گھرجي
    اتحاد ڪرڻ گھرجي

    ڌارين جا سنڌڙي تي ميل هزارين ٿيا
    آواز اٿاريا سون ته جيل هزارين ٿيا
    تڏهن مون ڏٺا هتڙي ڌاڙيل هزارين ٿيا
    ان وقت چيو ”ارڏي“
    پنهنجو نه ڦرڻ گھرجي
    اتحاد ٿيڻ گھرجي


    سنڌي ناهن

    سنڌي ناهن

    سنڌ سنڌين جي تڏهن ٿيندي
    جڏهن سنڌي سنڌ جا ٿيندا
    سنڌ جو ناڻو، سنڌ جو پاڻي
    سنڌ جي مٽي دز نه ڏيندا
    سنڌ جا وارث، سنڌ جا سڄڻ
    ڪرسيءَ تي لالچ ڪونه مڃندا
    سنڌيءَ کي ڪو ڌاريو ماري
    انجي عيوض قوم ماريندا
    مون وٽ سنڌي سي ئي آهن
    ”ٽِڪي“ ”حقي“ ڪڍ نه هوندا
    سي ڪيئن سيڻ سنڌين جا چئبا
    لنڊن کان لاهور جي ويندا
    ظاهر ۾ ڀل سنڌي آهن
    سنڌ جا ناهن، سنڌي ناهن

    ووٽ وٺي لاهور وڃن ٿا
    پنجابين تي گھور وڃن ٿا
    هڙ ڦرائي، قوم ڪهائي
    ڪاسائن لئه ڍور وڃن ٿا
    ڪيئي اڳ مئا ڪرسيءَ لئه
    ٻيا به اوڏانهن زور وڃن ٿا
    لالچ خاطر ٽنگجي رنا
    مڙس ماريون شهزور وڃن ٿا
    ايوانن ۾ مار کائڻ لئه
    نانگن جي ٻر نور وڃن ٿا
    سنڌين جو سامان کڻائي
    پنهنجي گھر جا چور وڃن ٿا
    سنڌ ڇڏي پنجاب کي چاهن
    سنڌي جا ناهن، سنڌي ناهن

    ووٽ ڏنو مجيب کي ڇاهي
    ووٽ وڌو ڀٽي کي ڦاهي
    ووٽ جو پرچو ڦاڙيو ساڙيو
    ڏس ڏنو آ مونکي ڏاهي
    غير جي گھر ۾ ويهڻ وارو
    تنهنجو منهنجو هرگز ناهي
    ووٽ وٺندڙ ويرُ نه وٺندا
    متان ڪرسيءَ کان ڪولاهي
    اڳي ايئن قوم ڪهائي
    غير اڃا غدار ٿو چاهي
    غيرن سان غدار ملائي
    هڻجن گوليون ٺاهي ٺاهي
    جيڪي غير جي طرف ڳالهائن
    سنڌ جا ناهن، سنڌي ناهن.

    پنجابي جي هت اچن ٿا
    تن کي جيڪي ڪين ڪڇن ٿا
    سي ئي سڀ حرامي ٻچڙا
    جيڪي تن کان ڪين پڇن ٿا
    پنجابين سان پاڻ وڙهون ٿا
    ان جي ڌُر ٿي نانگ نچن ٿا
    غير جي بدلي پنهنجا ماري
    انعامن لئه سانگ رچن ٿا
    تن کي ”ارڏا“ ٺيڪ ٺاهيندا
    سنڌين تي جي سڙن پچن ٿا
    جيڪي سنڌو ديش نه چاهن
    سنڌ جا ناهن، سنڌي ناهن


    مفت نه مر

    مفت نه مر

    اي لوڀي ڪر نه لات اندر،
    ۽ ڪرسي ڪرسي تات اندر
    ايئن مفت نه مر ايئن مفت نه مر

    هت ڪوس هلي پيو ڪات وهي
    هرڏينهن اندر هر رات اندر
    باقي جي بچيا انهن کي ڏٺم
    هر فرد آهي سقرات اندر
    هت ڪير ڪڇي هڪ ير لڇي
    پٿر آ پيل وات اندر
    هوشو به اٿي هيمون به اٿي
    ايمان رکين پرڀات اندر
    ڪُجھ ڌيان تون ڌر ڪجھ ڌيان تون ڌر
    ايئن مفت نه مر ايئن مفت نه مر

    ظالم جي اڳيان مظلوم اٿي
    حاڪم جي اڳيان محڪوم اٿي
    ڇو سور سهين سختين ۾ رهين
    تحريڪ هلاءِ اي قوم اٿي
    سوچين به نٿو لوچين به نٿو
    ڇالاءِ مئا معصوم اٿي
    هي باھ وڪوڙيل آ گھر کي
    هي ساھ بچاءِ اي شوم اٿي
    ٻيڙيءَ کي هلاءِ اي ميربحر
    ايئن مفت نه مر ايئن مفت نه مر

    جنهن به هتڙي حق چيو
    گوليءَ سان مئو غدار ٿيو
    آواز اٿاري ڇا سگھندين
    هت ڌارئي جڏهن قبضو ڪيو
    جنهن قوم اندر اتحاد نه هو
    تنهن قوم جو نالو مٽجي ويو
    تو سمجھيو سڄڻ دشمن کي
    تو دشمن پنهنجو سان کنيو
    دشمن جي هٿان ايئن پيءُ نه زهر
    ايئن مفت نه مر ايئن مفت نه مر

    هر هنڌ گولي گولي آ
    تو قوم ڇو پنهنجي رولي آ
    هو اڄ به توکان ڌار آهن
    جا ڌار هنن جي ٻولي آ
    ڌارين کي ڇڏي پنهنجن کي سڏين
    مهراڻ اندر هر ڇولي آ
    ”ارڏن“ جي اڳيان جي قول ڪرين
    پوءِ جنگ کٽڻ اڄ سولي آ
    هن قوم سان مرندي پيار ته ڪر
    ايئن مفت نه مر ايئن مفت نه مر


    عام ڏٺا مون

    عام ڏٺا مون

    ڪي ڪي قبح و شام ڏٺا مون
    ڪن ڪن جا پيغام ڏٺا مون

    جن وٽ خوف ۽ لالچ ٻيئي
    تن وٽ ويندي عام ڏٺا مون

    جن وٽ پيار امن جو پاڇو
    تن تي سؤ الزام ڏٺا مون

    جن به ورتو ڏاڍ جو پاسو
    خيال انهن جا خام ڏٺا مون

    جن به هتڙي حق چيو آ
    ناحق سي بدنام ڏٺا مون

    جن به پنهنجا پاڻ ٿي ماريا
    تن جا ننگ نيلام ڏٺا مون

    جن به ڪا تاريخ وساري
    نيچ ۽ شودر نام ڏٺا مون

    جن به ديس کي دان ڏنو آ
    ڄمندي سي ئي ڄام ڏٺا مون

    جن قومن جا ”ارڏا“ جاڳيا
    ڪڏهن سي نه غلام ڏٺا مون.






    *** ختم ٿيو **


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 345429
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 142669
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ