ڪتاب جو نالو: اندر جو اُهاءُ
مصنف: ابو ايليا
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 15 جون 2017 ع
پڙهيو ويو: 429 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 85 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”اندر جو اُهاءُ“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب لاڙڪاڻي جي ليکڪ محترم ابو ايليا جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. امداد چنا لکي ٿو:
”ابو ايليا هڪ اهڙي شخصيت جو مالڪ آهي جيڪو نه ته دنيا جي نشي ۾ مست دين کان اياڻو آهي ۽ نه ئي وري دينداريءَ جي مستيءَ ۾ دنيا کان پاسيرو آهي. بس هو پنهنجي اندر ۽ ٻاهر هڪ اهڙي انسان جي ڳولھا ڪري رهيو آهي، جيڪو يا ته ماڻهونءَ کان انسان بڻجڻ جي منزل ڏانھن وکون کڻي رهيو آهي ، يا وري انسان شناسيءَ جو اهو سفر مڪمل ڪري انسانيت جي معراج تي پھچي چڪو آهي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ليکڪ بابت
  • ڪهاڻيون

  • پڙهين ته پروڙ
  • رانگ نمبر
  • مسلمان
  • خود ڪش
  • ڇتو ڪُتو
  • ڌپ
  • واپسي
  • باغبان
  • بيوقوف

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اندر جو اُهاءُ“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب لاڙڪاڻي جي ليکڪ محترم ابو ايليا جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.

    امداد چنا لکي ٿو:
    ”ابو ايليا هڪ اهڙي شخصيت جو مالڪ آهي جيڪو نه ته دنيا جي نشي ۾ مست دين کان اياڻو آهي ۽ نه ئي وري دينداريءَ جي مستيءَ ۾ دنيا کان پاسيرو آهي. بس هو پنهنجي اندر ۽ ٻاهر هڪ اهڙي انسان جي ڳولھا ڪري رهيو آهي، جيڪو يا ته ماڻهونءَ کان انسان بڻجڻ جي منزل ڏانھن وکون کڻي رهيو آهي ، يا وري انسان شناسيءَ جو اهو سفر مڪمل ڪري انسانيت جي معراج تي پھچي چڪو آهي.“

    هي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون محترم ابو ايليا جا جنهن ڪتاب کي ٻيهر ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ليکڪ بابت

    ابو ايليا هڪ سٺو ڪھاڻيڪار ته آهي ، پر هڪ بھترين شخصيت جو مالڪ به آهي، لاڙڪاڻي جي پيپلز ڪالوني جو رهواسي پاڻ پائلٽ اسڪول مان ميٽرڪ ۽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان گريجوئيشن ڪيائين. کيس ننڍي هوندي کان وٺي پڙهڻ لکڻ جو شوق رهيو هو ۽ اهو ئي شوق اسان ٻنهي جي دوستيءَ جو ڪارڻ بڻيو . هو هڪ تمام سٺو دوست ۽ پنهنجي محبت ڀرِي، خيال رکندڙ طبيعت ڪري پنهنجي چوڌاري ماڻهن سان سٺا ۽ اڻ ٽٽ ناتا جوڙي وٺندو آهي. ابوايليا ۾ هڪ اهڙي لڇ آهي، جيڪا هن جي ڪهاڻين مان ايان آهي، سا اها ته دين کي ٻن طرفن کان ڇيهو رسيو آهي، هڪ ته انهن کان جيڪي دين جي ويجهو ئي ناهن، پر شايد اهو ايترو وڏو نقصان نه آهي جيترو انهن کان ٿيو آهي جيڪي نالي ماتر مسلمان آهن يا اهي جيڪي پاڻ کي دين جا ٺيڪيدار ٿا سڏائن ٿا. ابو ايليا هڪ اهڙي شخصيت جو مالڪ آهي جيڪو نه ته دنيا جي نشي ۾ مست دين کان اياڻو آهي ۽ نه ئي وري دينداريءَ جي مستيءَ ۾ دنيا کان پاسيرو آهي. بس هو پنهنجي اندر ۽ ٻاهر هڪ اهڙي انسان جي ڳولھا ڪري رهيو آهي، جيڪو يا ته ماڻهونءَ کان انسان بڻجڻ جي منزل ڏانھن وکون کڻي رهيو آهي ، يا وري انسان شناسيءَ جو اهو سفر مڪمل ڪري انسانيت جي معراج تي پھچي چڪو آهي. ابو ايليا ۽ مون پھريون دفعو گڏجي هڪ پرائيوٽ چينل لاءِ سيريل لکي هئي، جنھن جو پلاٽ ابوايليا لکيو هو ۽ ڊرامائي شڪل مون ڏني هئي، پر ڪجهه سببن جي ڪري اها مڪمل نه ڪري سگهياسين، پر مون ان وقت ڄاڻي ورتو هو ته ابوايليا ۾ ڪهاڻي لکڻ جون سڀ صلاحيتون موجود آهن. هو پنھنجي مصروفيتن ڪري هن منزل تائين ٿورو دير سان پهتو آهي، هن ته لکڻ گهڻو وقت اڳ کان شروع ڪري ڇڏيو هو پر ان کي ڪتابي شڪل تائين پهچائڻ ۾ ڪجهه وقت لڳي ويو، پر هن ڪتاب جي ڇپجڻ کان پوءِ مان سمجهان ٿو اسان کي سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ اهي نوان تجربا نظرياتي ڪهاڻين جي صورت ۾ ملندا رهندا ۽ هو پنهنجي قلم کي هميشهه اهڙي طرح معاشرتي، سماجي ۽ مذهبي اصلاح لاءِ استعمال ڪندو رهندو.

    امداد چنا


    ڪهاڻيون

    پڙهين ته پروڙ

    آءٌ معمول مطابق آفيس ۾ هيس ته پٽيوالو سھڪندو سھڪندو منھنجي چيمبر ۾ آيو.
    ”سا ئين! هو اوهان جو دوست عادل اوهان سان ملڻ آيو آهي، لڳي ٿو ڏاڍو پريشان آهي، مون هن کي ويٽنگ روم ۾ ويھاريو آهي.“
    آءٌ جلدي جلدي ويٽنگ روم ڏانھن ويس جتي عادل بيچيني سان منھنجو انتظار ڪري رهيو هو. مون کي ڏسي ائين ڊوڙندي اچي مليو ڄڻ ته آءٌ ڪو سندس پيرومرشد هجان ۽ هو ڪا وڏي حاجت کڻي آيو هجي. هن جي حالت ٿر جي ريگستان مان آيل ان مسافر جيان پئي لڳي، جيڪو تتل ريت مان ڪيئي ميل سفر ڪري اچي، ڪنھن پاڻيءَ جي تلاءَ مٿان ڪري پيو هجي. هن جا چپ ڪجهه چوڻ لاءِ حرڪت ته ڪن پيا پر ان مان لفظ بڻجي نه پيا نڪرن. شايد هن جو ڳلو بلڪل خشڪ ٿي ويو هو. مون پٽيوالي کي پاڻي کڻي اچڻ لاءِ چيو، پاڻي پياري هن کي ڪجهه ٿڌو ڪيم.
    ”حسين! تو کي خبر آهي هن ”Yan Sou “ مونڏي خط موڪليو آهي.“ هن سھڪندي سھڪندي ٻڌايو.
    ”Yan Sou “ هن جي هڪ ڪورين نيٽ فرينڊ هئي جنھن سان هو نيٽ تي چيٽنگ ڪندو رهندو هو.
    ”ٺيڪ آهي خط لکيو اٿس ته ان ۾ ايڏو پريشان ٿيڻ جي ڪھڙي ڳالهه آ هي، خط ئي ته آهي ، ڪو سرڪاري ميمو ته نه آهي جو تو کي ميمواسڪينڊل جو ڊپ پيو ٿئي.“ مون کيس ٿڌو ڪرڻ لاءِ چيو.
    ”اڙي يار مذاق ڇڏ، هي ڏس نه هي خط ڪورين زبان ۾ لکيل آهي ڪيئن پڙهندا سين.“ هن اٺن ڏهن پنن جو خط منھنجي هٿ ۾ ڏيندي چيو.
    ”مونکي لڳي پيو ته هن غلطي سان ڪو آفيس جو ليٽر تو ڏانھن پوسٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ هونءَ به اڄڪلهه هنIT جي دور ۾ ڪيرٿو ڪنھن کي خط لکي“ مون ھن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”نه ائين نه آهي هن مون ڏانھن خط ئي لکيو آهي، مون توکي ٻڌايو نه هو ته ڪجهه ڏينھن کان هوءَ نيٽ تي چيٽنگ لاءِ به نه پئي اچي، گهر وارن هن جي مٿان سختي ڪري ڇڏي آهي Job به ڇڏرائي وئي اٿس ۽ شايد ڪٿي هن جي شادي ڪرائن پيا.“ هن پنھنجي پريشاني ظاهر ڪندي چيو.
    مون هن کي هڪ نظر ڏٺو هن جي چھري ۾ هڪ عجيب قسم جو تجسس هو، هن جي اکين ۾ انتھا درجي جي تڙپ ۽ بيچيني هئي. هوپنھنجي پُراشتياق نظرن سان هُن خط ڏانھن ائين ڏسي رهيو هو، جيئن ڪو ڪوھ پيما جبلن جي نقشي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو هجي. اُن بيچينيءَ، تڙپ ۽ اشتياق هن کي پريشانين جي ڪُن ۾ ڦاسائي ڇڏيو هو . ان کان اڳ جو هن جي پريشاني سڄي آفيس جي پريشانيءَ جو باعث بڻجي ها، مون ان ۾ بھتري سمجهي ته اڄ آفيس کان موڪل ڪجي ۽ هن جي مسئلي جو ڪو حل ڳولهجي.
    عادل منھنجو ننڍپڻ جو دوست هو ، اسين ٻئي گڏ کيڏندي وڏا ٿيا هئا سين اسڪول کان وٺي يونيورسٽي تائين هڪ ڪلاس هڪ ڊپارٽمنٽ ۽ وري هاسٽل ۾ به روم ميٽ رهيا هئا سين. بس خبر نه آهي ته الائي ڪيئن Job ٻنهي کي مختلف ڪمپنين ۾ ملي هئي.
    عادل ننڍپڻ کان وٺي ڏاڍو ضدي هو، جيڪڏھن ڪنھن ڳالهه تي اڙجندو هو ته اها ڪري ئي ساھ پٽيندو هو ۽ وري ننڍپڻ کان گڏ هجڻ ڪري هن جوگهڻي قدر مون سان ئي هر ڳالهه تي ضد ٿيندو رهندو هو. ڀلي کڻي اهو اسمبليءَ ۾ اڳيان بيھڻ تي هجي يا ڪلاس روم ۾ هڪ ئي ڊيسڪ تي دريءَ واري پاسي ڏانھن ويھڻ تي هجي. ڪرڪيٽ پريڪٽس دوران ٻئي ڪنھن کان ته بال وٺي نه سگهندو هو پر مون کان زوريءَ کسي بالنگ ڪرائڻ شروع ڪري ڏيندو هو. آءٌ به هميشه هن جي ضد اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏيندو هئس، ڇاڪاڻ ته مونکي خبر هئي ته ڀلي آءٌ ڇا به ڪيان پر هو ضد تا نه لھندو. اهي ننڍڙا ننڍڙا ضد اسان سان گڏ وڏا ٿي وڏن وڏن بحثن ۾ تبديل ٿي ويا. وڏا ۽ اڻ کٽ بحث ۽ عادل صاحب پنھنجي عادت مطابق منھنجي قوي ۾ قوي دليلن کي به پنھنجي ضعيف دليلن سان رد ڪري ڇڏيندو هو ۽ هميشه هار مونکي ئي مڃڻي پوندي هئي . هن جا بحث به عجيب هوندا هئا، مثال طور ڪڏهن چوندو هو ته دنيا ۾ پاڻي وڌيڪ اهميت رکي ٿو يا باھ ، جيڪڏهن انسان حيوان ناطق آهي ته ڇا حيوان کي گونگو انسان چئي سگهجي ٿو وغيرھ وغيرھ. هن جو منطق هن جو فلسفو به عجيب هو، جيڪڏهن هڪ پاسي کان هٿ وجهيس ته ٻئي پاسي ڀڄي ويندو هو. دنيا جون سڀ دليلون ختم ٿي وڃن پر هو پنھنجي موقف تان نه هٽندو هو.
    مون آفيس مان گاڏي ڪڍي ۽ ٻئي گڏجي احمد ڏانھن ويا سين ته متان وٽس هن جي مسئلي جو ڪو حل هجي. اسين احمد جي گهر پھتاسين ته هو اکيون مھٽيندو ٻاهر نڪتو . هي صاحب سڄي رات نيٽ تي چيٽنگ ڪرڻ کان پوءِ سڄو ڏينھن ستو پيو هوندو هو. اسان ٻنهي کي معمول جي ابتڙ ايترو سوير در تي ڏسي حيران ٿي ويو.
    ”ڇو وري ڇا ٿيو اڄ وري ڪا هڙتال ٿي آهي ڇا جو توهان ٻئي آفيس ڇڏي هتي اچي نڪتا آهيو.“ احمد اکيون مھٽيندي پڇيو.
    ”ڇو توکي خبر نه پئي آهي ڇا ؟ آمريڪا نارٿ ڪوريا تي ائٽم بم ڪيرايو آهي “ مون هن جي ننڊ ڦٽائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
    ”نه اهو نه ٿو ٿي سگهي “ هن اکيون مھٽيندي چيو.
    ”ڇو ! ڇونه ٿو ٿي سگهي“ مون هن کان پڇيو.
    ”ان ڪري ته آمريڪا اهو بزدل ملڪ آ جيڪو پنھنجي دشمن کي ڌمڪيون ته ڏئي سگهي ٿو پر ان تي ائٽم بم ته ڇا پٿر به نه ٿو اڇلائي سگهي، اهو سڀڪجهه هو صرف پنھنجي پٺو ملڪن سان ئي ڪري سگهي ٿو.“
    ”پر يار! ڪوريا تي ائٽم بم ڪيرائڻ سان اسان جي صحت تي ڪھڙو فرق ٿو پوي ؟“ هن وري حيرانگيءَ وچان چيو.
    ”ڇو ؟آخر هو به اسان جا دوست آهن پري آهن ته ڇا ٿيو نيٽ فرينڊ ته ٿي سگهن ٿا نه.“ ساڻس مذاق ڪندي چيم.
    ”يار احمد! حسين کي ته رڳو مذاق جي لڳي آهي.“ عادل پنھنجي صبر تي ڪنٽرول نه ڪري سگهيو.
    ”مسئلو هي آهي ته هي خط آيو آهي جيڪو ڪورين زبان ۾ لکيل آهي، جنھن جو ترجمو ڪرائڻو آهي.“ هن خط احمد جي هٿ ۾ ڏيندي چيو.
    احمد هن جي هٿ مان خط ورتو ۽ خط کي وڏي غور سان ڏسڻ لڳو ڪجهه گهڙين لاءِ ان ۾ ائين گم ٿي ويو ڄڻ خط نه پر صادقين جي تخليق ڪيل ڪا پينٽنگ ڏسي رهيو هجي.
    ”اسان توکي هي خط تحقيقي مشاهدي ڪرڻ لاءِ نه ڏنو آهي ، هن خط جو ترجمو ڪرائڻو آهي.“ مون کيس ٻانھن کان لوڏيندي چيو.
    هو ٿورڙو ڇرڪيو ۽ عجيب نظرن سان عادل ڏانھن ڏسڻ لڳو.
    ” يار عادل! هن خط کي ترجمي ڪرائڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي، هي ڪيڏو نه خوبصورت آهي، هن کي فريم ڪرائي ڪمري ۾ هڻي ڇڏ، ائين لڳندو ڄڻ واٽر ڪلر جي ڪا شاندار جديد تخليق آهي.“ احمد کيس صلاح ڏيندي چيو.
    ”اڙي يار! مذاق ڇڏ تون به وري حسين جي پويان لڳي پئين. ادا! هي منھنجي نيٽ فرينڊ جو خط آهي، هن کي انگلش لکڻ ڪونه ايندي آهي ان ڪري هي خط ڪورين ٻولي ۾ لکي موڪليو اٿس.“ هن احمد کي سمجهائيندي چيو.
    ”فرينڊ ! يعني محبوب، هي محبوب جو خط آهي!“ احمد خط کي ٻه ٽي چميون ڏئي اکين سان لائيندي چيو.
    ” محبوب جو خط، يار عادل تون وڏو خوش نصيب آهين، ڇڏ ترجمي کي چريا هي وڏي احترام لائق آهي، هن کي چمي ڏئي پيار سان سيني سان لائي رک، ائين کڻي رلائيندو نه وت.“ احمد خط کي سيني سان لائيندي چيس.
    عادل کي ويتر ڪاوڙ لڳي وئي، هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو هن کي ڪيئن سمجهائي.
    ” تون ته صفا ڪو بيوقوف آهين. مونکي اهو ڏسڻو آهي ته هِن خط ۾ ڇا لکيل آهي؟ آخر هوءَ مونکي چوڻ ڇا ٿي چاهي؟ اها خبر مونکي هن خط کي سمجهڻ سان پوندي يا چمي ڏئي سيني سان لائي رکڻ سان پوندي؟“ ذري گهٽ دڙڪا ڏيندي چيائينس.
    احمد جي چھري تي پشيمانيءَ جا آثار صاف نظر اچڻ لڳا، هن مون ڏانھن هڪ نظر نھاريو.
    ”لڳي ٿو معاملو گهڻو سنجيده آهي ڪجهه ڪرڻوئي پوندو“ هن اسان کي پنھنجي ڪمري ڏانھن وٺي ويندي چيو.
    هن نوڪر کي چانھه ٺاهي اچڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ ائين سوچن ۾ گم ٿي ويو ڄڻ ته کيس برمودا ٽرينگل جي ڳجهه کي سلجهائڻ لاءِ چيو ويو هجي. ويٺي ويٺي هن جي ذهن ۾ ڪا ڳالهه سجهي ، هن عادل کان پڇيو.
    ”هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ! جيڪڏهن تنھنجي فرينڊ کي انگلش لکڻ نه پئي آئي ته پوءِ ھوءَ توسان نيٽ تي چيٽنگ ڪئين پئي ڪندي رھي؟“ ھن حيرانگي سان پڇيس.
    ” ڳالهه هي آهي ته آءٌ Google Translate استعمال ڪندو هئس، هو جيڪو ميسج موڪليندي هئي اهو Google Translate ۾ وجهي اردو يا انگلش ۾ ٽرانسليٽ ڪندو هئس ۽ اهڙي طرح هن ڏي ڪورين ۾ ٽرانسليٽ ڪري موڪليندو هئس ائين پاڻ ٻئي چيٽنگ ڪندا هئاسين.“ هن احمد جي حيرانگي کي گهٽائڻ بدران اڃان به وڌائي ڇڏيو.
    ”تون ته وڏوڪو خفتي آهين ! ڇا ته ٽيڪنڪ استعمال آندي اٿئي.“ احمد پنھنجي حيرانگي ظاهر ڪندي چيو.
    ”ادا! انسان وڏو طاقتور آهي، جيڪو چاهي ڪري سگهي ٿو، بس ڪرڻ جو جذ بو هجي.“ مون ٻنهي کي مخاطب ٿيندي چيو.
    ”ادا! جذبو ته مون۾ تمام گهڻو آهي پر پوءِ به هي خط مون کان پڙهيو ڪونه ٿو وڃي. جيڪڏنھن هي Soft Copy ۾ هجي ها ته آءٌ هن کي ڪمپيوٽر ۾ ٽرانسليٽ ڪري وٺان ها پر ڇا ڪيان جو، هي ڪاغذي خط آءٌ ٽرانسليٽ نه ٿو ڪري سگهان.“ هن پنھنجي بيوسي ظاهر ڪندي ٻڌايس.
    ”احمد! تون ڪو هن مسئلي جو حل ڪڍ، همراھه هٿن مان پيو نڪتو وڃين.“ مون احمد آڏو عرض رکيو.
    عادل خط لاءِ تمام گهڻو پريشان هو،کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو هن خط جو مطلب ڪيئن سمجهي ،هن کي اها پريشاني هئي ته آخر هن جي فرينڊ ”Yan Sou “ هن کي ڪھڙو نياپو موڪليو آهي، شايد ڪوريا اچڻ لاءِ چيو اٿس يا پاڻ پاڪستان اچڻ چاهي پئي، وغيره وغيره انهن سڀني سوالن جا جواب ان خط ۾ لڪيل هئا.
    احمد ڪجهه سوچيندي سوچيندي چيو” هن مسئلي جو هڪ حل آهي.“
    ”ڪھڙو حل آهي؟ جلدي ٻڌاءِ!“ عادل ذري گهٽ ٽپ ڏيندي چيو.
    ”ڪورين ايمبيسي !“ هن ٻڌايس.
    ”پر ڪورين ايمبيسي ته اسلام آباد ۾ آهي.“ مون هن کيس ٻڌايو.
    ”ڪا ڳالهه نه آهي، منھنجو هڪ دوست اسلام آباد ۾ آهي، هن کي خط فيڪس ڪيون ٿا، هو وڃي ايمبيسي مان ٽرانسليٽ ڪرائي واپس اسان کي فيڪس ڪري ڇڏيندو.“ هن عادل ڏانھن نھاريندي فاتحانه انداز ۾ چيو.
    ”ها زبردست!هاڻي ئي هلي فيڪس ڪيون ٿا .“ عادل کيس ٻانھن کا وٺي اٿاريندي چيو.
    ”ها پر هڪ مسئلو آهي.“ احمد چيس.
    ”ڪھڙو مسئلو آهي؟“ عادل کانئس حيرانگيءَ مان پچيو.
    ”اهو ڪم سومر تي ٿي سگهندو ڇاڪاڻ ته ڇنڇر آچر ايمبيسي بند هوندي آهي ۽ جيستائين اسين فيڪس ڪندا سين ته ايمبيسي بند ٿي ويندي ۽ سڀاڻي ڇنڇر آهي، سو توکي سومر تائين انتظارڪرڻو پوندو.“ احمد کيس سمجهايو.
    عادل جي منھن تي هڪ منٽ لاءِ آيل سڪون جي بھار بيچينيءَ جي خزان ۾ تبديل ٿي وئي، هو حسرت ڀريل نظرن سان خط کي ڏسڻ لڳو.
    ”ٻيو ڪو رستو ناهي؟ هي ٻه ڏينھن ڪيئن گذرندا؟“ هن ذري گهٽ روئيندي چيو.
    ”يار عادل! صبر به ڪا شيء هوندي آهي، ٻن ڏينھن جي ته ڳالهه آهي، ائين گذري ويندا جو خبر ئي ڪانه پوندي.“ مون کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”توکي ڪھڙي خبر تو ڪڏهن ڪنھن سان عشق ڪيو هجي ته توکي خبر پوي نه، ته معشوق جو خط هٿ ۾ هجي ۽ عاشق سندس نياپو نه سمجهي سگهي ته هو ڪھڙي پيڙا مان گذرندوهوندو، آءٌ هن وقت پاڻ کي پيڙائن ۽ سوچن جي ان اونداهين ڪوٽ جو قيدي محسوس پيو ڪيان جنھن جي آزادي ءَ جي راھه هن خط جي مفھوم ۾ لڪل آهي.“ عادل جي اندر جي آھه هڪ درد ڀري دانھن بڻجي اسان جي سماعتن سان ٽڪرائڻ لڳي.
    عادل توڙي جي کڻي طبيعتاً ضدي هو پرڪنھن شيءِ جي لاءِ ايترو پريشان مون هن کي اڳ نه ڏٺو هو. هو هڪ شريف ۽ مذهبي گهراڻي سان تعلق رکندو هو سندس والد حافظ قرآن هو ۽ سٺي عھدي تي مقرر هجڻ باوجود به پاڙي واري مسجد ۾ هر سال تراويح ضرور پڙهائيندو هو.
    عادل جي والد ڪوشش ڪئي هئي ته عادل به قرآن شريف حفظ ڪري پر عادل اسڪول جي پڙهائيءَ سبب حفظ نه ڪري سگهيو هو، باقي هن جي گهر جي سڀني ڀاتين جو قرآن شريف حفظ ٿيل هو. ها پر عادل ڪجهه سورتون حفظ ڪري ورتيون هيون ۽ وري قرآن شريف جو ختمو به ڪڍي وٺندو هو، ڪڏهن ڪنھن ميت کي بخشرائڻ لاءِ يا رمضان شريف ۾ ججهو ثواب ڪمائڻ لاءِ .
    ڀلي کڻي دين باقاعدي هن تي اثر انداز نه هو پر تھذيب ۽ اخلاق هن جو ديني هو، نماز ۽ عباداتن ۾ کڻي هو پنھنجي مرضي جو مالڪ هو پر حياءُ هن جو ديني هو، پاڙي ۾ توڙي يونيورسٽي ۾ هن ڪڏهن ڪنھن ڇوڪريءَ سان افيئر نه هلايو هو، بس خبر ناهي ته ڪيئن هيءَ ڪورين فرينڊ ٽڪرائجي وئي هيس ۽ هو سندس عشق ۾ هن حال تي اچي پھتو هو.
    جڏهن کان هن سان اهو سلسلو شروع ٿيو هئس هر روز مونکي اچي هن جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو.
    ”اڄ هن مونکي چيو ته تون ڏاڍو خوبصورت آهين.“
    ”اڄ هن مونکي پنھنجو نئون فوٽو موڪليو.“
    ”هن مونکي پنھنجا ۽ پنھنجي گهروارن جا فوٽو موڪليا آهن.“ وغيره وغيره.
    هن جون اهي ڳالهيون ٻڌي منھنجا ڪن پچي پيا هئا. هن ٿورڙن ڏينھن ۾ ڪورين تاريخ، جاگرافيءَ اتان جي مذهب توڙي معاشري بابت چڱي معلومات ڪٺي ڪري ورتي هئي. هن اهو به ٻڌايو هو ته هن جي فرينڊ اسلام کان گهڻو متاثر آهي ۽ مسلمان ٿيڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي، پر سندس هُن ۾ دلچسپي ڏسي اهو ڊپ لڳندو هئم ته ڪٿي هي پاڻ نه هُن جو مذهب اختيار ڪري ڇڏي.
    عادل جي ديني معلومات به سندس دلچسپي جي حد تائين هئي، ۽ هن جي دلچسپي فقط بحث ۽ مباحثن ۾ ٻين کي پاڻ کان گهٽ ثابت ڪرڻ ۾ هئي، ان ڪري هن هر اهو گُر سکي ورتو هو جيڪو هن کي بحث مباحثا کٽڻ ۾ ڪم ايندو هو. هو جيڪڏهن ڪنھن مُلان سان بحث ڪرڻ ويھندو هو ته ڪميونسٽ ٿي ڪري هن سان اهڙو بحث ڪندو هئو جو ويچاري مُلان کي ذري گهٽ خدا ۽ خدائيءَ تان هٿ کڻڻو پئجي ويندو هو. جيڪڏهن ڪنھن ڪميونسٽ سان بحث ۾ ويھندو هو ته صوفي ٿي ڪري هن جي اڳيان روحانيت جا اهي باب کولي ڇڏيندو هو جو هن غريب کي ڪک پن ۾ به خدا ڏيکاري ڇڏيندو هو ۽ صوفيءَ سان ته وري اهڙي جُٺ ڪندو هو جو هن غريب کي اهو سمجهه ۾ نه ايندو هو ته پنھنجي مرشد کي موسى چوي يا فرعون.
    هر فڪر هر نظريي کي سمجهڻ ۾ وڏي دلچسپي رکندو هو. مارڪس جي ڊائيليڪٽيڪل ٿيوري هجي يا ابن عربي جو وحدت الوجود جو نظريو هن توري تڪي پڙهيا هئا، نيوٽن جو لا آف گريوٽي هجي يا ڪنفيوشس جو فلسفو، هن سٺي طرح پڙهي ورتا هئا.
    هو هڪ اهڙو مسلمان هو جنھن جي پھرين ۽ آخري ترجيح انسانيت هئي ۽ هن مطابق دنيا جو ڪو به اهڙو دين ناهي جنھن انسانيت جي ڳالهه نه ڪئي هجي. سو انسانيت جي پرک ۽ ان جي خدمت ۾ ئي الله جو راضپو آهي، باقي سڀ شيون پوءِ جون يا وري چئجي فضول آهن. ماڻهن کي پنھنجي علم مان متاثر ڪرڻ لاءِ هن صوفي ازم کان وٺي ڪميونزم ، بريلويت کان وٺي شيعت تائين، هر مڪتب فڪر کي پڙهي ورتو هو ۽ وري عجيب ڳالهه اها هئي ته سڀ ڪجهه پڙهڻ کان پوءِ به هن جي حالت ڪنھن وڏي چوراهي تي بيٺل هڪ اهڙي وائڙي شخص جيان هئي جيڪو مختلف منزلن ڏانھن ويندڙ رستن تي لڳل وڏا وڏا سائن بورڊ ڏسندي به منجهيل هجي ته هاڻي ڪيڏانھن وڃجي .
    اهو سڀ ان ڪري هو جو هن هميشه مونجهارا پيدا ڪرڻ وارا ڪتاب پڙهيا هئا جيڪي هن کي هڪ مونجهاري مان ڪڍي ٻئي ۾ داخل ڪري ڇڏيندا هئا ۽ وري اُن مٿان هن جا فضول ۽ بي مقصد بحث کيس هميشه لاءِ مونجهارن جي دلدل ۾ ڦاسائڻ لاءِ ڪافي هئا. هر دفعي فضول ۽ اڻکٽ بحث جي ڌُوڙ ۾گهوڙا ڊوڙائڻ سبب لڳل ڌُوڙ اچِي منھنجي اڳيان ڇنڊيندو هو ۽ وري هر ڪتاب مان چونڊي چونڊي گند به اچي منھنجي اڳيان هاريندو هو.
    آءٌ کيس هر دفعي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس ته هر ڪتاب صحيح رستي ۽ هر بحث ڪنھن حل تائين ناهي پھچائيندو. منھنجو ائين چوڻ ۽ هن جو مڇرجي وڃڻ ۽ وري پوءِ هڪ اڻ کٽ بحث جي شروعات .
    ”تنھنجي چوڻ جو ڇا مطلب آهي؟ ته اسين ڪتاب پڙهڻ ڇڏي ڏيون، اسان کي هر ڪتاب هر فڪر کي پڙهڻ گهرجي ته جيئن اسين صحيح رستي جي پرک ڪري سگهون“. هن پنھنجو موقف پيش ڪندي چيو.
    ” بلڪل پڙهڻ گهرجي پر ڇا تو ڪڏهن قرآن شريف ائين پڙهيو آ، جيئن اُن کي پڙهڻ گهرجي ، ڇا تو قرآن کان اهو پڇيو آ ته ڇا پڙهڻ گهرجي؟“
    ”ڇا تون اهو ٿو چوڻ چاهين ته مون قرآن شريف نه پڙهيو آهي. سائين! اوهان کي اها خبر هئڻ گهرجي ته اسان جي گهر ۾ سڄو ڏينھن قرآن شريف پڙهيو ويندو آهي ۽ رڳو پڙهيو نه پر پڙهائيو به ويندو آهي ۽ مون سڄو قرآن شريف پڙهيو به آهي ۽ چڱو ڀلو ياد به ڪيو آهي.“ هن فخر سان ٻڌايو.
    ”قرآن شريف رڳو پڙهيو ۽ حفظ ڪيو اٿئي يا سمجهيو به اٿئي.؟“ مون کانئس پڇيو.
    ”الحمدالله ! پڙهيو به آهي ۽ سمجهيو به آهي، تو وانگر نه ته بس رڳو نماز ۾ پڙهڻ واريون ٻه ٽي سورتون ياد ڪيون ۽ بس.“ هن مون تي تنقيد ڪندي چيو.
    ”چڱو ڀلا! آيت الڪرسي جي معنى ته ٻڌاءِ ،جيڪا توکي ياد به آهي ۽ هروقت جن ڀوت جي ڊپ کان پڙهندو به آهين.“مون کانئس سمجهه جو امتحان وٺندي پڇيو.
    هو ٿورو حيران ٿيو، هيڏانھن هوڏانھن نھاريائين پنھنجي دماغ جي خالي خانن مان آيت الڪرسي جي معنى ڳولڻ جي ڪوشش ڪيائين . هن کي تلاوت ته ملي پر معنى ڪنھن ڪنڊ پاسي ۾ ڪانه مليس.
    ” آيت الڪرسي جي معنى جي ڪھڙي ضرورت آهي، هن جي تلاوت ۾ ئي ايڏو وڏو ثواب آهي جو هر مشڪل هر مصيبت اُن جي پڙهڻ سان دوُر ٿي ويندي آهي.“ هن پنھنجي ڪمزوري کي ثواب ۾ لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
    ”ته اِن مان ثابت ٿيو ته تو قرآن شريف صرف پڙهيو آهي، سمجهيو ناهي.“ مون هن کي ثواب جي چادر مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ” پڙهيو آهي، سمجهيو ناهي!الائي ڇا پيو ڳالهائين، پڙهڻ ئي ته سمجهڻ آهي نه ۽ الله پاڪ قرآن شريف کي پڙهڻ ۾ ثواب رکيو آهي، اهو ثواب اُن جي تلاوت ۾ آهي، ترجمو پڙهڻ ۾ نه آهي.“ هن تشريح ڏني.
    ”چڱو ڀلا! اهو ته ٻڌاءِ ، قرآن شريف هدايت جو ڪتاب آهي يا ثواب جو ؟“ مون کانئس پڇيو.
    ” هدايت جو ڪتاب آهي، پر اُن کي پڙهڻ ۾ ثواب رکيل آهي.“ هن جلدي سان جواب ڏنو.
    ” ان جو مطلب، ته تو ثواب تمام گهڻو ڪمايو آهي، پر هدايت حاصل ڪرڻ کان محروم رهيو آهين، ڇاڪاڻ ته هدايت سمجهڻ کان سواءِ ملي نٿي سگهي ۽ سمجهڻ لاءِ رڳو تلاوت ۽ حفظ ڪرڻ ڪافي نه آهي. “ مون کيس چيو.
    ” تون به بنهه ڪو جاهل آهين. تلاوت ۽ حفظ کي ڪجهه به نه ٿو سمجهين، جيڪڏنھن ائين هجي ها ته الله تعالى تلاوت ۾ ثواب ڇو رکي ها، ۽ هر نماز ۽ عبادت ۾ تلاوت نه پر ترجموپڙهيو وڃي ها.“ هن پنهنجو موقف بيان ڪيو.
    ” تلاوت جي ثواب ۾ وڏو فلسفو آهي، جيڪو تون سمجهي نه سگهندين. بس ايترو سمجهي ڇڏ ته جيڪڏهن آمريڪن گرين ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ انگريزي سکي سگهجي ٿي ته اِلاهي ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ عربي نه ٿي سکي سگهجي! اسان جي ملڪ ۾صرف 15 کان 20 سيڪڙو ماڻهن جو واسطو دفترن ۾ انگريزي لک پڙهه سان رهي ٿو، پر پوءِ به سڄي ملڪ جي دفتري زبان انگريزي آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي ملڪ جي سڀني مسلمانن جو واسطو اِلاهي دفترن يعني مسجد، قبرستان، ڪعبة الله ۽ ٻين مقدس زيارتن سان ڪڏهن نه ڪڏهن ۽ ڪٿي نه ڪٿي ضرور پوي ٿو، جتي عربي پڙهي ۽ ٻڌي وڃي ٿي ته ڇا اسان جي ديني زبان عربي نه ٿي ٿي سگهي! عربي تلاوت مرڪزيت قائم ڪرڻ جو ذريعو آهي. جنھن اصول تي انگريز ڪم ڪري اسان کي پنھنجي ٻولي پٺيان لڳائي ويو ۽ انگريزي زبان کي هر هنڌ پھچائي ويو پر افسوس جو اسين اهو ڪم ڪري نه سگهياسين. ها! پر ان جو مطلب اهو به نه آهي، ته اسين صرف عربي تلاوت ئي سڄي عمر ڪندا رهون، بلڪه نمازوعبادات کان علاوه فرصت ۾ اسين قرآن شريف کان سنڌي ٻوليءَ ۾ به پڇؤن ته الله سائين اسان کي آخر ڪھڙي هدايت ڏيڻ ٿو چاهي.“ مون سندس اڳيان ثواب ۽ هدايت کي کولي رکڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”قرآن شريف کي سنڌي ٻوليءَ ۾ سمجهڻ مشڪل آهي جيترا ترجما اوترا مونجهارا ، ڪنھن کي پڙهي ڪنھن کي پڙهجي، هر ڪنھن جو پنھنجو نقطه نظر آهي.“ هن ترجمن جي اختلافن ۾ لڪڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ” اهي سڀ قرآن شريف کا پري رهڻ جا اجايا بھانا آهن. ڀلا! ڇو تون لينن ، مارڪس، ابنِ عربي، شاهه ولي الله ۽ ٻين کي پڙهي به مونجهاري جو شڪار نه ٿو ٿين، جن ڪڏهن به ڪو ڪتاب سنڌي ۾ نه لکيو آهي ته پوءِ تون قرآن شريف جو ترجمو پڙهي مونجهاري ۾ ڪيئن ٿو پوين.“ مون کائنس پڇيو.
    ” توبهه توبهه تون قرآن شريف کي مارڪس ۽ لينن سان ٿو ملائين، ڪٿي قرآن شريف جو رتبو ۽ ڪٿي هنن دنياوي شخصيتن جون لکڻيون. قرآن شريف اِلاهي ڪتاب آهي ،اُن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ هر ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه نه آهي، تون اها ڳالهه نه سمجهي سگهندين اهي الله تعالى جا ڳجهه آهن. تنھنجي ۽ منھنجي سوچن کان گهڻو مٿي، تون استغفار ڪر ته الله سائين توکي بخشي، توبھه توبھه !“ ٻنهي هٿن سان ڪن پڪڙي توبھه ڪندي چيائين.
    ۽ اهڙيءَ ريت هو هر بحث جي اُن کڙڪيءَ کي استغفار جو تالو هڻي، هميشه لاءِ بند ڪري ڇڏيندو هو، جنھن مان ڪنھن نتيجي ڏانھن نڪرڻ جي واٽ نظر ايندي هئي. اونداهيءَ ۾ سڄي رات جنھن شيءِ کي ٿاڦوڙا هڻي ڳولڻ جي ڪوشش ڪندو هو، ڏينھن جي روشنيءَ ۾ ان کي سامهون ڏسي منھن ڦيرائي ڇڏيندو هو.
    هُن جي اهڙين ڳالهين ڪري، آءٌ هن سان بحث کان پاسو ڪندو هئس. جنھن بحث مان ڪو نتيجو نه نڪري ، ان کي ڇڏي ڏجي ته بھتر آهي.
    احمد جنھن گهڙيءَ کيس ٻه ڏينھن انتظارڪرڻ لاءِچيو هو، ان گهڙيءَ سندس منھن ائين ڦڪو ٿي ويو هو ڄڻ ته هو ڪٽھڙي ۾ بيٺل اهو مجرم هجي، جنھن کي عدالت ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي هجي. احمد ۽ مون کيس آٿت ڏئي گهر ڇڏي آيا هئاسين.
    خبر ناهي ته اهي ٻه ڏينھن هن ڪيئن گذاريا، پر سومر ڏينھن جڏهن مون وٽ آيو ته هن جي حالت مريضن جيان هئي. هن جي چھري جي رونق ۽ جسم مان چستي ختم ٿي چڪي هئي. مون گاڏي ڪڍي ۽ پاڻ سڌو احمد ڏانھن وياسين، جتي هو ڄڻ اڳ ئي اسان جي انتظار ۾ ويٺو هو.
    ” آءٌ پاڻ اوهان جي انتطار ۾ ويٺو هئس، مون عادل جو مسئلو هتي ئي حل ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي اسان کي ايمبيسي مان ٽرانسليشن ڪرائڻ جي ضرورت نه پوندي“ احمد اسان سان ملندي ئي ٻڌايو.
    ” ڇو ڀلا ! تو ٻن ڏينھن ۾ ڪورين ٻولي سکي ورتي آهي ڇا ؟“ مون ساڻس مذاق ڪندي پڇيو.
    ” نه يار منھنجو هڪ دوست آهي جيڪو ڏهه سال ڪوريا ۾ نوڪري ڪري آيو آهي، مون جڏهن هُن کي اهو مسئلو ٻڌايو ته هو چوڻ لڳو ته هو اسان کي اهوخط پڙهي ٻڌائيندو.“ اهو ٻڌي عادل جي منھن تي رونق وري آئي.
    ” ڪٿي آهي؟ هلو ته پاڻ هُن ڏانھن هلون ٿا.“ عادل ٽپو ڏئي اٿندي چيو.
    ” هُن ڏانھن هلڻ جي ڪا ضرورت ناهي، هو رات ئي ڪوريا مان پھتو آهي ۽ مون کيس تنھنجي ڪري ئي هيڏانھن گهرايو آهي. اجهو پيو اچي.“ هن کيس ويھاريندي چيو.
    احمد جو دوست ٿوري ئي دير ۾ اچي پهتو. جيئن ئي احمد سندس تعارف ڪرايو، عادل جهٽ سان هن جي هٿ ۾ پنھنجي گرل فرينڊ جو خط ڏيندي عرض ڪيو.
    ” ادا! توهان جي وڏي مھرباني ٿيندي هي خط پڙهي ٻڌايو هن خط ٻن ڏينھن کان منھنجون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن.“
    احمد جي دوست خط هن جي هٿ مان ورتو ۽ پوءِ هن عجيب قسم جي زبان ۾ خط پڙهڻ شروع ڪري ڏنو. شايد اها زبان ڪورين ئِي هوندي. هو مسلسل گهڻي دير تائين ان عجيب قسم جي ٻوليءَ ۾ خط پڙهندو رهيو، وچـ۾ ساهي پٽڻ لاءِ بيٺو ۽ پاڻي پيئڻ لڳو .
    ” واهه سائين واه! اوهان جي ڪورين ته تمام سٺي آهي، ايتري ته Fluent آهي جو ائين پيو لڳي ته ڄڻ ڪو اتان جو رهاڪو پيو پڙهي. منهنجي فرينڊ Yan Sou” “ به بلڪل ايئن ڳالهائيندي آهي .“عادل هن جي تعريف ڪندي چيو.
    ” اوهان جي Fluency and Pronunciation ته سٺي ئي هوندي پر اوهان جي مھرباني ٿيندي، جيڪڏهن گڏ گڏ معنى به ڪندا وڃو ته جيئن خط جو مفھوم به سمجهه ۾ ايندو وڃي.“ مون وچـ۾کيس عرض ڪندي چيو.
    احمد جودوست ڪجهه پريشان ٿيو. هن جي نرڙ تي پگهر لھي آيا، هن پنھنجي نرڙ تان پگهر اگهيا، پاڻي جو هڪ ٻيو گلاس پيتو.
    ” Actually” ڳالهه هي آهي ته هن خط ۾ ٺيٺ ڪورين لکيل آهي، جيڪا آءٌ صرف پڙهي ته سگهان ٿو، پر ان جو ترجمو نه ٿو ڪري سگهان. ان ڪري ئي آءٌ اوهان کي صرف پڙهي پيو ٻڌايان.“ هن بيوسيءَ وچان چيو.
    ”عجيب بيوقوف آهين ! تنھنجي هن رڳو پڙهڻ سان اسان کي ڪھڙو فائدو ، اسين ته هن جو مفھوم سمجهڻ ٿا چاهيون ، ائين ته ڀلي کڻي تون سڄو ڏينھن ويٺو پڙهه، ڇا اسين هن جو مطلب سمجهي سگهندا سين .؟“ عادل کيس ڪاوڙ مان چيو.
    عادل جو منھن ڳاڙهو ٿي ويو، هن جو وس پڄي ها ته کيس گولي هڻي ماري ڇڏي ها . هن غضبناڪ نظرن سان احمد ڏانھن ڏٺو، جنھن لڄي ٿيندي نظرون کڻي جهڪائي ڇڏيون.
    ” سائين! در اصل اڄڪلهه اها ٺيٺ ڪورين اُتي گهٽ لکي پڙهي وڃي ٿي. جنهن ڪري هن جو ترجمو ڪرڻ مشڪل پيو لڳي، پر اوهين پريشان نه ٿيو، منھنجو هڪ ڪورين دوست آهي، جيڪو هتي هڪ ڪمپني ۾ IT ڊپارٽمنٽ جو انچارج آهي، هو هڪ منٽ ۾ هن جو ترجمو ڪري ڏيندو.“ احمد جي دوست پنھنجي شڪست مڃيندي چيو.
    ” ڪٿي آهي! ڪھڙي ڪمپني ۾ آهي؟ هلو ته هُن ڏانھن هلون پيا هاڻي ئي.“ عادل تڪڙ ۾ اٿندي چيو.
    ” اوهان سڀني جي هلڻ جي ڪا ضرورت ناهي، آءٌ هن کان هڪ ڪلاڪ اندر ئي ترجمو ڪرائي موٽي ٿو اچان، اوهان دلجاءِ ڪيو.“ هن عادل کي يقين ڏيارڻ جي پوري ڪوشش ڪئي.
    ”چڱو وڃ ۽ جلدي موٽي اچ.“ احمد کيس ڪمري مان ڪڍندي چيس.
    هو در تائين ويندي ويندي وري واپس موٽيو.
    ” آءٌ اوهان کي اهو ٻڌائي ڇڏيان ته هو ترجمو انگلش ۾ ڪري ڏيندو.“ هو پڇڻ پيو چاهي الائي ٻڌائڻ پيو چاهي.
    ”ٺيڪ آ ٺيڪ آ! اسين انگلش سمجهي وٺنداسين، تون پريشان نه ٿي.“ عادل تڪڙ ۾ جواب ڏنس.
    هو هڪ دفعو وري در تان واپس وريو.
    ” هڪ ٻئي ڳالهه پڇڻ وسري وئي ته ڪھڙي انگلش ۾ ٽرانسليشن ڪرائي اچان آمريڪن ۾ يا برٽش انگلش ۾؟“
    ” اڙي يار ڪھڙي به انگلش ۾ ڪرائي اچ پاڻھي سمجهي ويندا سين تون رڳو اسان تي مھرباني ڪر ترجمو ڪرائي اچ“ عادل هن کي هٿ ٻڌي چيو.
    احمد جو دوست خط ته کڻي ويو پر خط سان گڏ ڄڻ عادل جو ساهه به کڻي ويو ، عادل ائين ويٺو رهيو ڄڻ هن جو رڳو جسم هتي هجي باقي روح ڄڻ خط سان گڏ اڏامي ويو هجي، هن لاءِ هڪ پل هڪ ورهيه برابرهو. خط جي معنى سمجهڻ جي اڻ تڻ وقت سان گڏ وڌندي پئي ويس، هو مختلف خيالات ۽ سوچن جي ڪُن ۾ ڦاٿل ٿي نظر آيو، هڪ اهڙي ڪُن ۾ ڦاٿل، جنهن مان نڪرڻ جي هر ڪوشش هن کي ويتر ڦاسائڻ جو ڪم ڪري رهي هئي.
    ان کان اڳ جو هن جي صبر جو پيمانو لبريز ٿئي ها ۽ سندس انتطار اسان لاءِ وڌيڪ زحمت جو باعث بڻجي ها احمد جو دوست اچي پھتو، عادل ڊوڙي وڃي در کوليو. احمد جو دوست هٿ ۾ هڪ بند لفافو کڻي آيو هو جيڪو هن عادل جي هٿ ۾ ڏنو ۽ هن کي سمجهائيندي چيائين.
    ” ڀاءَ عادل! هي ڏاڍو اهم ۽ ذاتي خط آهي آءٌ اهو چوندس ته اوهان هن کي هتي نه پر پنھنجي گهر وڃي اڪيلائيءَ ۾ پڙهو باقي جيئن اوهان جي مرضي.“
    عادل کانئس لفافو وٺي هڪ نظر اسان ٻنهي ڏانھن نھاريو ۽ بغير لفظن جي گهريل اجازت نامي کي اسان به اشارن ۾ قبول ڪري ورتو ۽ هو ائين اتان اڏامي ويو، ڄڻ ڪڏهن هتي هيو ئي ڪونه.
    جيئن ئي عادل ڪمري مان نڪتو احمد مونڏانھن هڪ عجيب قسم سان مسڪرائيندي ڏٺو.
    ” يار حسين! سلام آ توکي ڇا ته پلان ٺاهيئي هي عادل ته صفا بيوقوف بڻجي ويو، هڪ پل لاءِ به سمجهه ۾ نه آيس ته هي سڀ فقط هڪ ڊرامو هو. “ احمد مونکي داد ڏيندي چيو.
    ” نه احمد مون هن کي بيوقوف نه بڻايو آهي پر هن کي هڪ بيوقوفاڻي سوچ مان ڪڍڻ جي ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي، شايد هُن تي ان جو ڪو اثر پوي “ مون سندس تصحيح ڪئي .
    ”اڳُ ڪڏهن هُن تنھنجي ڪنھن ڳالهه جو اثر ورتو آهي، جو هاڻي وٺندو.“ هن پنھنجو گمان پيش ڪيو. هن کي منجهس ڪا به مثبت اميد نه هئي.
    ” تون صحيح آهين! پر هن ڀيري گهٽ ۾ گهٽ کيس پنھنجو ضمير ملامت ضرور ڪندس، ته هڪ دنياوي دوست جي پيغام کي سمجهڻ لاءِ جيترو هو پريشان پئي رهيو ته ڇا ڪڏهن اُن بلند وبالا هستي الله پاڪ جي پيغام کي سمجهڻ لاءِ ايترو پريشان رهيو هو. اٺن ڏهن پنن جي هڪ معمولي خط جو مواد سمجهڻ لاءِ جيتري جدوجھد ۾ رهيو پئي، ڇا ڪڏهن انسانيت کي عطا ڪيل هدايت جي سر چشمي قرآن شريف کي سمجهڻ لاءِ ايتري جاکوڙ ڪئي هئائين. مونکي اميد آهي ته اسان جي هن نيڪ ڪاوش جو مٿس سٺو اثر پوندو“ مون کيس اميد ڏياريندي چيو.
    ” الله ڪري ائين ئي ٿئي، پر مونکي ڊپ ٿو لڳي ته ڪٿي هُن ڪورين گرل فرينڊ جي خيالي بت ٽٽڻ تي هو ويتر تنھنجي مٿان ڏمرجي نه پئي.“ هن پنھنجي ڊپ جو اظھار ڪندي چيو.
    ” ڏسجي ! مون ته فقط هن جي ذهن ۾ هن دور جي آزر جا ٺاهيل جديد بت ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“ مون کيس سمجهايو.
    ”اهو ته ٺيڪ آهي پر يار! اهو ته تو ٻڌايوئي ڪونه ته ان بند لفافي ۾ ڇا هو ڪھڙي خط جي ٽرانسليشن هئي جيڪو عادل کڻي ويو آهي.“ هن سوال پڇيو.
    ” اُن لفافي ۾ ڪنھن به خط جي ٽرانسليشن ڪانه آهي، ها پر مون اُن ۾ سڄي ڪهاڻيءَ جي حقيقت لکي آهي ته هن سڄي ڊرامي ٺاهڻ جي پويان اسان جو ڪھڙو مقصد هو. “ مون احمد کي ٻڌايو.
    هي سڄو ڊرامو مون تخليق ڪيو هو، مون هڪ ڪورين گرل فرينڊ جو خيالي ڪردار ٺاهيو ۽ احمد کي اُن پلان ۾ شامل ڪيو، اهو ان ڪري ته احمد کان سواءِ ڪورين گرل فرينڊ جو ڪردار ٺاهڻ مشڪل هو. هو ڪورين گرل فرينڊ جي طور تي رات جو دير تائين هن سان چيٽنگ ڪندو هو ۽ ٻئي ڏينھن تي جڏهن آءٌ کيس عادل جا تاثرات ٻڌائيندو هئس ته هن کي ويتر مزو ايندو هو.
    هن سڄي ڊرامي ٺاهڻ ۾ منھنجو مقصد صرف اهو هو ته آءُ عادل کي سمجهائي سگهان ته قرآن شريف هدايت جو ڪتاب آهي صرف تعويذ سڳي جو ڪتاب ناهي، قرآن شريف زنده ماڻهن جِي سڌي رستي ڏانھن رهنمائي ڪرڻ لاءِ نازل ڪيو ويو آهي، مُردن کي پڙهي ٻڌائڻ لاءِ نه. هي قرآن شريف پوتين ۾ ويڙهي ڪمري جي ڪنھن سنسان ڪنڊ ۾ رکڻ لاءِ نه آهي ۽ نه وري بغير سمجهي طوطي وانگر رٽڻ لاءِ آيو آهي، پر جيڪڏهن قرآن شريف نازل ٿيو آهي ته صرف اسان کي اوندانھين مان ڪڍي روشنين تائين پھچائڻ لاءِ. هي اهو ڪتاب آهي جنهن ۾ سڄي انسانيت لاءِ رحمت ۽ آسانين جا اصول ٻڌايل آهن. قرآن شريف منشور آهي، دين اسلام جو جيڪو حضرت آدم کان شروع ٿي حضرت محمد ﷺ تائين پهتو ۽ الله تعالى پنھنجي پياري پيغمبر حضرت محمد ﷺ کان مڪمل ڪرائي، پنھنجو راضپو ڏيکاريو ۽ اسين چڱي طرح ڄاڻون ٿا ته منشور صرف مختلف هنڌن تي سائن بورڊ وانگر هڻڻ ، ماڻهن کي ياد ڪرائڻ، ٽي وي ريڊيو تي ٿوري دير لاءِ نشر ڪرڻ يا وري آفيس ۽ گهرن ۾ خوبصورت اکرن سان لکي لڳائڻ لاءِ نه هوندو آهي ، پر منشور لاڳو ڪرڻ لاءِ هوندو آهي پنھنجي ذات کان وٺي گهر، گهر کان آفيس، آفيس کان معاشري ۽ معاشري کان ملڪ ۾ ، ۽ ڪو به منشور تڏهن لاڳو ٿي سگهندو آهي جڏهن اُن کي سمجهيو ويندو آهي .
    احمد ۽ مان اڃان ان سوچ ويچار ۾ هئاسين ته عادل تي هن سڄي پلان جو ڇا اثر ٿيو هوندو؟ ته اچانڪ در کڙڪيو، احمد جيئن ئي در کوليو ته سامهون عادل اهو ساڳيو لفافو هٿ ۾ کنيو بيٺو هو. هن جي اکين ۾ عجيب قسم جي چمڪ هئي، اها چمڪ هن جي چھري تي آيل شرمندگيءَ کي به لڪائي رهي، هئي. هو ايئن مطمئن نظر پئي آيو، جيئن ڪو ڪنهن وڏي مقصد حاصل ڪرڻ کان پوءِ مطمئن هوندو آهي. جيترو بيچين ۽ پريشان هو ڪجهه دير اڳـ هو اوترو ئي پر سڪون ۽ مطمئن هو هاڻي نظر پئي آيو.
    هو سڌو مون ڏانھن وڌي آيو ۽ مونکي ڀاڪر پائي، ائين سيني سان لاٿائين، ڄڻ اسين ٻئي صدين کان پوءِ مليا هجون. سندس اکين مان لڙڪ وهي آيا هئا ، هن منھنجي هٿن کي جهلي چيو.
    ” حسين! تو اڄ منھنجون اکيون کولي ڇڏيون .آءٌ تنھنجو اهو ٿورو ڪڏهن به لاهي نه سگهندس. اڄ مونکي پنھنجي سوچ ۽ نظريي تي شرم پيو اچي. آءٌ هڪ گرل فرينڊ جي لکيل خط جو مفھوم سمجهڻ لاءِ جيترو پريشان رهيس، ايترو آءٌ ڪڏهن الله تعالى جي موڪليل عظيم پيغام قرآن شريف جو مفھوم سمجهڻ لاءِ به نه رهيو هئس.
    هو جذبات سان ڀرجي ويو هو، هن جي اکين مان لڙڪ جاري هئا هن جا احساسات انقلابي جملن ۾تبديل ٿي نڪري رهيا هئا، سندس هر جملي مان قرآن جي صدا بلند ٿي رهي هئي، جنھن ۾ قرآن پنھنجي محجوريت ۽ اڪيلائپ جي دانھن ڏئي رهيو هو.
    ” حسين! اڄ کان وٺي آءٌ قرآن شريف جو سنڌي ترجمو ۽ تفسير پڙهندس ۽ پاڻ ٻئي عربي به سکنداسين.“ هن وچن ڪندي چيو.


    رانگ نمبر

    اڄ خبر ناهي ته سھيل کي ڇا ٿيو هو جيئن ئي روم ۾ آيو، عليءَ کي ٻانھن کان ڇڪي کڻي اٿاريائينس.
    ”هل ته تنھنجي دماغ مان دينداريءَ جو ڀوت ڪڍان“. عليءَ کي روم مان ٻاهر ڪڍندي چيائين.
    مان سمجهي ويس ته وري هنن جو ڪنھن ڳالهه تي بحث ٿيو هوندو ۽ سھيل کيس مڃائڻ لاءِ ڪا شيءِ ڏيکارڻ گهرندو هوندو.
    اسين سافٽ ويئر انجنيئرنگ جي آخري سال ۾ پڙهي رهيا هئاسين ، ٽئي روم ميٽ به هياسين ته فائينل پروجيڪٽ ۾ به گڏ هئاسين، منھنجو سڄو ڌيان پراجيڪٽ ۾ هو پر هي ٻئي هئا جو هنن جا بحث کٽن ئي ڪونه پيا.
    علي هُن کي ديني اصول سمجهائي دين ۽ الله طرف آڻڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته وري سھيل هُن کي ديندار ۽ دين جي ٺيڪيدارن جا ڪرتوت ڏيکاري، دين کان ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. وري جڏهن کان عا مر خان جي فلم ”پي ڪي“ رليز ٿي هئي، تڏهن کان ته ڄڻ سھيل جي عيد ٿي ويئي هئي ، هر ڪنھن کي رانگ نمبر، هر عمل کي رانگ نمبر چئي ٺٺوليون ڪندو هو،.هندن ويچارن سان ته آزار ڪري ڇڏيو هئائين پر علي کي به چڱو سوڙهو ڪيو هئائين.
    اڄ خبر ناهي ته ڇا هن جي ذهن ۾ آيو هو, کڻي عليءَ کي ڇڪي روم مان ٻاهر ڪڍي آيو،.مان به هنن جي پويان نڪري پيس . رمضان جو مھينو هو، جاڏي ڪاڏي ديني ماحول گرم لڳو پيو هو، هن ڀلاري مھيني ۾ مسجدن ۾ رونق ۽ ماڻهن ۾ نماز جو شوق ڏسي ائين لڳندو آهي ڄڻ نماز صرف رمضان جي مھيني لاءِ فرض ڪئي وئي آهي.
    ظھر جي نماز جو وقت ٿيڻ وارو هو، ٿوري دير ۾ آذانن جا آواز بلند ٿيڻ لڳا، هو اسان کي پھريان هڪ مسجد ڏانھن وٺي ويو جتي آذان الله اڪبر کان شروع ٿي وري ٻئي مسجد ڏانھن وٺي ويو جتي آذان درود شريف کان شروع ٿي.
    ”جڏهن دين جي مسجدن جي آذانن ۾ ئي فرق آهي ته اهڙي آذان جو سڏ مان ورنايان“ هن علي کي چيو.
    ٿورڙي دير ۾ هن اسان کي ٻن ٽن مسجدن جا چڪر هڻائي ورتا، جتي ظھر جي نماز پڙهي پئي وئي. ڪٿي نمازي هٿ دن کان مٿي ٻڌي پيا پڙهن ته ڪٿي دن کان هيٺ ، ڪٿي ته وري بلڪل هٿ ڇوڙي پيا پڙهن.
    ”مونکي ڪھڙي نماز پڙهڻي آهي ڪھڙي نه، ڪنھن جو ثواب ملندو ڪنھن جو گناه، ڪا خبر ڪانھي؟ ان نماز کان ته مان بي نمازي ڀلو آهيان“. سھيل عليءَ ۽ مونکي مختلف مسجدون گهمائڻ کان پوءِ چيو.
    علي ۽ مونکي روزو هيو سھيل ڪنھن هوٽل تي ماني کاڌي ۽ پاڻ ٻنهي نماز پڙهي ورتي سين. سھيل اتان اسان کي سڌو ڪنھن مولويءَ ڏانھن وٺي ويو ،
    کانئس پڇائين ” سائين! اوھان پياري پيغمبر حضرت محمد ﷺ جن کي نور ٿا سمجهو يا بشر“
    ” سبحان الله سائين پاڻ نورئي نور آهن، ان ۾ ڪو شڪ آهي ڇا“ مولوي صاحب پنھنجي موقف ۾ قرآن ۽ حديث مان دليل پيش ڪندي اسان کي سمجهايو.
    سھيل اتان وري هڪ ٻئي مولويءَ ڏانھن وٺي ويو ۽ ساڳيو ئي سوال هن اڳيان رکيائين، هن مولويءَ وري قرآن ۽ حديثون ڪٺيون ڪري حضور ﷺ جن کي بشر ثابت ڪري ڏيکاريو.
    ”جڏهن اسان اهو فيصلو نه ٿا ڪري سگهون ته نبي ﷺ نور آ يا بشر ته باقي دين جي ٻين ڳالهين کي ڪيئن سمجهنداسين؟“ سھيل اتان نڪرندي ئي علي جي مٿان ٻيو سوالي حملو ڪيو.
    اسان کي واپس ڪيمپس پھچندي پھچندي مغرب جو ٽائيم ٿي ويو، سڀ افطاري جي تيارن ۾ لڳي ويا سين. سھيل روزو رکندو نه هو پر افطاريءَ ۾ گڏ هوندو هئو. يونيورسٽيءَ جي مسجد ۾ سڀ گڏ افطار ڪندا هئاسين، هر مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ سني،شيعه سڀ گڏ جمع ٿيندا هئا ۽ پنھنجي پنھنجي ٽائيم مطابق افطار ڪندا هئا. جيئن ئي سنين جي آذان آئي، سھيل وڃي شيعه دوستن مٿان بيھي رهيو.
    ” کوليو نه، اوهان ڇو نه ٿا کوليو؟“
    هنن ٻڌايس ته اسان ٿوري دير سان کولينداسين ، ته وري هو وڃي سني دوستن مٿان بيھي رهيو .
    ”اوهان ٿورو ترسو نه ٿا ته شيعه دوستن سان گڏ افطار ڪيو“. هنن ٻڌايس ته اسين دير ڪنداسين ته روزو مڪروه ٿي ويندو.
    پوءِ ته سڄي رات هو عليءَ جو مٿو کائي ويو. ” سڀ رانگ نمبر! مذهبن ۽ فرقن هميشه ماڻهون منجهايا آهن، جنھن ڏي وڃ ته چوي ٿو رڳو مان سھي آهيان، باقي ٻيا سڀ غلط . مڃجي ته ڪنھن کي مڃجي. ڪو ميلاد ۾جهمريون هڻندي ٿو نظر اچي ته ڪو ان کي بدعت ٿو سمجهي، ڪو محرم ۾ ماتم ٿو ڪري ته ڪو شھيدن کي زنده سمجهي ماتم کي غلط ٿو سمجهي. ڪو پاڻ کي مقلد ٿو سڏائي ته ڪو عقل کي بنياد بڻائي، ڪنھن جي تقليد کي غلط ٿو سمجهي. ڪو وحدت الوجود جو قائل آ ته ڪو وري وحدت الشھود جو مڃيندڙ، اهڙي دين، اهڙي اسلام ۽ اهڙي مسلمانن کان اسان ائين ڀلا آهيون ، جنهن سان اسان مونجهارن ۾ پئون ۽ اهو سمجهي نه سگهون ته ڪھڙي شيءِ صحيح آ ڪھڙي غلط ، ڪنھنجي پويان لڳجي ڪنھنجي پويان نه ، هي سڀ رانگ نمبر آهن. جي الله جو تعين ڪيل دين اسلام هڪ آهي ته پوءِ هي سڀ هڪ ڇو نه آهن ، انهن سڀن رانگ نمبرن کان اسان آزاد ڀلا آهيون نه اسان کي دين کپي نه دين جا ڏنل قاعدا، اسان ائين ئي چڱا آهيون. “
    ان ڏينھن کان پوءِ عليءَ هن کي دين طرف مائل ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. ڇاڪاڻ ته هن ڄاڻي ورتو هو ته سھيل اجاين بهانن جي اهڙي ڪُن ۾ ڦاٿل هو، جنھن ۾ گهڻن طريقن سان نماز پڙهي وڃڻ، هُن لاءِ نه پڙهڻ جو جواز هو ۽ مختلف اوقات تي روزو رکڻ، هن لاءِ روزو نه رکڻ جو سبب هو. هو ان مسافر وانگر هو جيڪو منزل ڏانھن ويندڙ گهڻن رستن مان هڪ صحيح رستو چونڊي منزل ڏانھن وڌڻ بدران منزل کي پٺي ڏئي بيٺو هجي.
    اسان پنھنجي فائينل پروجيڪٽ کي مڪمل ڪرڻ ۾ لڳي وياسين، جيڪو اسان کي امتحانن کان اڳ ۾ جمع ڪرائڻو هو. اسان ٽنهي اهو فيصلو ڪيو ته پروجيڪٽ کي يونيورسٽي جي IT EXHIBITION ۾ پيش ڪرڻ لاءِ اسان کي هڪ سٺو ليپ ٽاپ وٺڻ گهرجي، جيڪو جديد سسٽم سان ليس هجي، ته جيئن اسان IT EXHIBITION ۾ پوزيشن حاصل ڪري سگهون.
    هڪ ڏينھن عليءَ کي وري الائي ڇا ٿيو، اچي سھيل کي ٻانھن کان وٺي چيائين هلو ته ليپ ٽاپ وٺي ٿا اچون، EXHIBITION ۾ ٽائيم ٿورو بچيو آهي . پاڻ ٽئي شھر جي وڏي ڪمپيوٽر مارڪيٽ ۾ آيا سين.
    هڪ مشھور ڪمپنيءَ جي اسٽال تي ويا سين جتي هنن ڪجهه ليپ ٽاپ ڏيکاريا، سھيل ليپ ٽاپ ڏسڻ ۾ مصروف هيو ئي ته عليءَ سيلز مين کان پڇيو.
    ” هي جيڪو ليپ ٽاپ آهي ان جي اسڪرين ڪھڙي آهي؟“
    ” سر هن ۾ LCD آهي پر وائيڊ اسڪرين آ ۽ رزوليوشن به ڀلي اٿس.“
    ” ۽ هو جيڪو بليڪ ڪلر ۾ پيو آهي ان جي اسڪرين ڪھڙي آ؟“ علي سيلز مين کان وري پڇيو.
    ” سر ان ۾ LED آهي ۽ هو جيڪو پريان پيو آهي ان ۾ ڪرسٽل اسڪرين آهي.“
    علي سھيل ۽ مونکي اٿاريندي چيو.
    ” ڪنھن ۾ LCD ته ڪنھن ۾LED ته وري ڪنھن ۾ ڪرسٽل اسڪرين ڇا مذاق آهي اسان ڪھڙو ليپ ٽاپ وٺون. هل سھيل هي سڀ رانگ نمبر آهن، اسان کي هنن کان ليپ ٽاپ ناهي وٺڻو.“
    هو اسان کي اسٽال مان ٻاهر ڪڍي آيو، اسٽال وارا اسان کي ۽ اسان عليءَ کي حيرت وچان ڏسڻ لڳاسين. هو اسان کي وري ٻئي اسٽال تي وٺي هليو. هُنن جديد ماڊل جا ليپ ٽاپ ڪڍي، اسان جي سامهون رکيا. سھيل ليپ ٽاپ غور سان ڏسڻ ۾ گم هو ته عليءَ وري سيلزمين کان پڇيو
    ” ادا! هنن ۾RAMڪھڙي لڳل آهي؟“
    ” سر هي جيڪوTHINKPAIDآهي، ان ۾ 2GB DDR پيل آهي ۽ هن ڊيل واري ۾ DDR2 آهي. هي HP جو نئو ماڊل آهي ان ۾DDR3 3GB آهي.“ سيلز مين کيس ٻڌايو.
    هڪ دفعو وري عليءَ سھيل کي ڇڪي اٿاريو .
    ” نه وٺنداسين اوهان جا ليپ ٽاپ، جنھن ۾ RAM به هڪ جھڙي ناهي اسان وٺون ته آخرڪھڙي RAM وٺون توهان اسان کي منجهائي ڇڏيو آهي. هل سھيل هي به رانگ نمبر آهن، نه کپي هنن جو ليپ ٽاپ.“ علي اسٽال مان ٻاهر ڪڍندي چيو.
    سھيل ۽ مان هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳاسين ته هن کي ڪھڙو بيوقوفيءَ جو دورو پيو آهي،
    وري هو اسان کي ٻئي اسٽال تي وٺي آيو.
    ” يار اوهان جا ليپ ٽاپ ته ڏاڍا سٺا آهن، پر هنن ۾Operating System ڪھڙا آهن.؟“ هن مختلف ليپ ٽاپ ڏسڻ کان پوءِ کانئن پڇيو.
    ” سر! هي ايپل جا ليپ ٽاپ آهن، هنن ۾MACجو سسٽم آهي ۽ هيDel۽HPجا ليپ ٽاپ آهن، هنن ۾WindowsجوOperating System آهي.“ ان کان اڳ جو هو ٻنهي جون خوبيون ۽ خاميون ٻڌائن ها، علي وري رانگ نمبر چئي اتان اسان کي اٿاريو.
    اسين بغير ڪنھن ليپ ٽاپ وٺڻ جي روم تي اچي پھتا سين، سھيل جو منھن صفا ڳاڙهو ٿي ويو هو،
    ” هي ڪھڙي جاهلن واري حرڪت آهي، هيڏا سارا ليپ ٽاپ هوندي ، تون هڪ به ليپ ٽاپ چونڊي نه سگهين، هيترو وقت يونيورسٽي ۾ ڪمپيوٽرن جي وچ ۾ گذاريو اٿئي، تو کي اها خبر ڪانه ٿي پوي ته ڪھڙو سسٽم تو لاءِ صحيح آهي ڪھڙو نه . ڪھڙيRAMجي توکي ضرورت آهي ڪھڙيءَ جي نه ، جيڪڏهن تون پنھنجي جھالت جي ڪري مونجهاري جو شڪار هئين ته کڻي اسان کان پڇي وٺي هان ؟ اسين توکي ٻڌايون ها ته ڪھڙو ليپ ٽاپ وٺڻو آهي، ڪھڙو نه، ائين خالي هٿين ڪو نه موٽي اچون ها. جاهل! ڏس ته سڀاڻي مان ڪيئن ٿو هڪ سٺو ليپ ٽاپ وٺي اچان.“
    سھيل ڪاوڙ مان عليءَ کي جاهل ثابت ڪندي چيو.
    ” ان جو مطلب اهو ٿيو ته تون صرف دين ۾ اٻوجهه آهين، باقي دنياجي معاملات ۾ ڏاڍو عقلمند آهين.“
    عليءَ هن جي ئي ٺاهيل جاهليت جي چادر سندس عقل جي قبر مٿان چاڙهيندي چيو.
    ”ڇا مطلب؟ مان اٻوجهه به آهيان عقلمند به، مونکي ته تنھنجي عقل تي کل ٿي اچي.“ سھيل مٿان ٺٺول ڪندي پڇيس.
    ”ڇو هڪ ئي اسٽال تي هڪ ئي ڪمپني جي ليپ ٽاپ ۾ مختلف قسم جا سسٽم، مختلف سائيز جي ريم ۽ گهڻن قسمن جي اسڪرين هجڻ باوجود به تون منجهين نه ٿو ۽ پنھنجي مرضي جو ليپ ٽاپ وٺي ٿو سگهين پر دين جي نماز ۽ عبادتن ۾ مختلف طريقا ڏسي دين نه ٿو وٺين سگهين ۽ مونجهاري جو شڪار ٿي دين کي ڦٽي ڪري ٿو اچين.“ مان سھيل جي منھن تي شرمندگيءَ جا تاثرات صاف ڏسڻ لڳس.
    ” ڇا تون به پاڻ کي پي ڪي فلم جي عامر خان وانگر ايلين ٿو سمجهي، جنھن ويچاري کي اوچتو هن ڌرتيءَ تي ڦٽو ڪيو ويو ۽ هو ماڻهن جي ٺاهيل مختلف ريتن رسمن ۽ رواجن کي ڏسي مونجهاري جو شڪار ٿي ويو. هو ته ويچارو هزارين سال گذري وڃڻ کانپوءِ به ماڻهن کي پٿرن ۽ خود ماڻهن جي آڏو جهڪندي ڏسي پريشان ٿي ويو. هزارين سالن جي علمي ۽ تمندني ترقيءَ باوجود ماڻهون پٿرن ۽ قبرن تي اونڌا پيل ڏسي ايلين ته ڇا پر ملائڪ به پريشان ٿي ويندا، ته خدا انسان ذات کي ڪمال تائين پهچائڻ لاءِ ڪهڙو نه سڌو ۽ صاف رستو پنهنجي نبين ذريعي ڏنو ، پر ماڻهون ڪھڙن گمراھ رستن تي هلي، پاڻ کي بڇڙائين ۽ براين ۾ ڦاسائي ڇڏيو. پر تون ته يار هن ڌرتي تي 22 سالن کان رهين پيو ۽ تو وٽ هزارين سالن جو مشاهدو مختلف ڪتابن گيتا ، ويد، بائيبل ۽ قرآن شريف جي صورت ۾ موجود آهي. حقيقت ۾ انسانيت جو ڪمال ان ۾ ئي ته آهي ته هو رانگ نمبر ۽ رائيٽ نمبر ۾ تميز ڪري سگهي ،کيس چونڊ جي آزادي آهي، حيوان وانگر نه جيڪو جبري طور هڪ اهڙي زندگي گذاري ٿو، جنھن ۾ هن کي رهڻ، کائڻ ۽ پيئڻ ۾ انسان وانگر چونڊ جي آزادي نه آهي“. هن وڌيڪ چيو
    ”مونکي حيرانگي ان ڳالهه تي آهي ته جيڪا خوبي ۽ صلاحيت ڏئي ڪري الله تعالى توکي اشرف المخلوقات بڻايو، اها خوبي اها صلاحيت استعمال ڪري الله تعالى جي راضپي ڳولهڻ جي ڪوشش نه ٿو ڪرين پر ويتر مونجهاري جو شڪار ٿو رهين، پر وري ٻئي پاسيدنياداريءَ ۾ ان ئي صلاحيت جو ڀرپور فائدو وٺندي دنيا ۾ پنھنجي تسڪين جو سامان گڏ ڪندو ٿو وتين ۽ وري عجيب ڳالهه ته مونجهاري جو شڪار به نه ٿو ٿين. سڀ کان وڏو رانگ نمبر ته تون پاڻ آهين جيڪو دين ۾ ته اٻوجهه آهي پر دنيا ۾ چالاڪ “.
    اهو سمجهه ۾ نه پئي آيو ته سھيل اٻوجهه ۽ چالاڪ جو فلسفو سمجهي سگهيو هو يا نه پر سندس چھري تي پريشاني ڏسي اهو صاف ظاهر هو ته هو اڄ کان پوءِ وري ڪنھن کي رانگ نمبر نه چوندو.


    مسلمان

    ” نه نه! اسان مسلمان آهيون ۽ هن انگريزياڻيءَ سان تنھنجي شادي ڪڏهن نه ڪرڻ ڏيندا سين.“ فواد جي ماءُ مون ڏانھن نھاريندي کيس دڙڪا ڏيندي چيو.
    فواد Skype تي وڊيو چيٽ دوران پنھنجي ماءُ کي اسان جي شاديءَ جي خبر ڏئي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
    ” پر مام! جين هاڻي مسلمان ٿي چڪي آهي، هن جو نالو هاڻي جنت آهي ۽ مان هن سان شادي ڪري چڪو آهيان.“ فواد مون ڏانھن اشارو ڪندي ماءُ کي مڃائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”جنت نالو رکيو اٿس ته ڇا ٿي پيو، آهي ته انگريز جي ڌيءَ نه، ڪافرن جي گهر ۾ پيدا ٿي آهي نه ، نالو نه بدلائي کڻي ڇا به ڪري، اسان مسلمانن جھڙي ٿي سگهندي ڇا، ماڻهون ڇا چوندا مرحوم الحاج نظام الدين جو پٽ هڪ عيسائي ڇوڪريءَ سان شادي ڪري آيو.“ ماءُ دڙڪا ڏيندي چيس.
    ” پر مام! هاڻي جنت مسلمان آهي ۽ پاڻ سڳورن ﷺ جي دور ۾ ڪيترا ڪافر ۽ مشرڪ مسلمان ٿيا هئا ۽ انهن کي ڪيڏو نه مان ۽ مرتبو ڏنو ويو.“ فواد ماءُ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ” ها ها! مونکي سڀ خبر آ ، تون مونکي سمجهائڻ جي ڪوشش نه ڪر ، اسان تو کي لنڊن پڙهڻ لاءِ موڪليو هو شادي ڪرڻ لاءِ نه ، هاڻي شرافت سان پڙهائي ۽ اها ڇوري ڇڏي جلدي واپس اچ ته باقي تنھنجي رهيل پڙهائي ۽ شاديءَ جو شوق هتي ٿا پورو ڪيون.“ ماءُ ڪاوڙ مان چيس ۽ ڪال ڪٽي ڇڏيائين.
    مان بت بڻجي ٻنهي جو بحث ٻڌي رهي هيس ، فواد هڪدم مون ڏانھن نھاريو، مونکي پريشان ڏسي ڪلهي تي هٿ رکندي چيائين.
    ”تون پريشان نه ٿي جنت! سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“
    پر منھنجي پريشاني وڌي وئي هئي. مان اسلام قبول ڪري مسلمان ته ٿي هيس پر هاڻ لڳو پئي ته مسلمان ٿيڻ لاءِ رڳو اسلام قبول ڪرڻ ڪافي نه هيو.
    مان مسلمان ٿي به پاڻ ۾ ڪا گهٽتائي محسوس ڪرڻ لڳس ، توڙي جو مون باقاعدي ريسرچ ڪري پنھنجو دين ڇڏي اسلام قبول ڪيو هو پر اڄ فواد جي ماءُ جون ڳالهيون ٻڌي مون ۾ اڃان به وڌيڪ پڙهڻ ۽ عمل ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيو ، مون اهو محسوس ڪيو ته شايد هنن جي سالن جي نماز ۽ عبادتن ۽ علم و عمل جي اڳيان منھنجي ٻن ٽن ڏينھن جي عبادت ڇا حيثيت رکندي هوندي.
    مون نماز ۽ عبادتن تي ويتر زور ڏنو . اسان جي بلڊنگ کان ٻه ٽي گهٽيون ڇڏي مسجد هئي جتي هر هفتي مولوي صاحب ايندو هو، هن جو درس به ٻڌڻ لڳس ته جيئن دين جي باري ۾ وڌيڪ معلومات ڪٺي ڪرڻ جو موقعو ملي.
    مان باقائدي ڪلمو پڙهي مسلمان ته ٻه مھينا کن اڳ ٿي هيس پر اسلام ڏانھن مائل ٿيڻ کي سال ٿي ويو هو. مونکي جنھن شيءِ سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪري مسلمان ٿيڻ تي مجبور ڪيو هو اها هئي اسلام ۾ عورت جي حيثيت هُن جو مقام ۽ حجاب جو فلسفو. منھنجي فيملي ڪيٿولڪ ڪرسچن هئي پر ڪرسچنٽي اسان جي گهر ۾ صرف هڪ ثقافت طور نظر ايندي هئي، باقي عمل۾ سڀ ايٿيئسٽ هئا. خاص ڪري منھنجو پيءُ هڪ آزاد خيال انسان هو ، هو ايترو ته آزاد خيال هو جو پاڻ آزاديءَ سان هڪ نه ٻئي ڏينھن ڪنھن دوشيزه کي گهر وٺي ايندو هو، پر وري جي زال کي ڪنھن آفيس ورڪر سان گڏ ڪافي شاپ تي يا ڪنھن پبلڪ پليس تي ڏسي وٺندو هو ته روئي اچي اسان کي دانھن ڏيندو هو. هُن کي جي ڪجهه ڪري نه سگهندو هو ته پاڻ کي شراب جي نشي ۾ ڌت ڪري ٻه ٽي ڏينھن دنيا کان لاتعلق ٿي ويندو هو.
    اسان جي گهر ۾ هر مھيني ٻه ٽي پارٽيون ٿينديون رهنديون هيون ،.ڪڏهن پاپا جي اسٽاف جي ٽريٽ ۾ ته ڪڏهن ماما جي دوستن جي ، ڪڏهن ڪنھن جي سالگره تي ته ڪڏهن ڪنھن جي پروموشن جي خوشيءَ ۾، پارٽين جو بھانو کڻي ڪھڙو به هجي مقصد هڪ ئي هوندو هو، پنھنجي عورتن کي ٻين سان نچائي ٻين جي عورتن سان پاڻ آزاديءَ سان نچڻ . مونکي اهڙين پارٽين کان سخت چڙ هئي، خبر ناهي ته ڇو، شروع کان وٺي مونکي ائين عورت جو مردن جي سامهون نچڻ صفا نه وڻندو هو، کين هڪ رانديڪي واوانگر مردن کي مسرور ڪندو ڏسي پنھنجي عورت هجڻ تي شرم ايندو هو، ائين ڀائيندي هئس ڄڻ مان به جاهليت جي دؤر جي ڪنھن رومن امپيرئر جي غلام هجان .
    ” ماما هي ڇا آهي؟ ڇو اسان ائين مردن جي سامهون جسم جي نمائش ۽ بيھودا ڊانس پيا ڪيون ، هن طريقي سان ته بادشاه، غلامن، قيدين ۽ رنڊين کي نچائيندا هئا پر هاڻي اسان پاڻ ئي اهو ڪم پيا ڪيون.؟ “ مان پنھنجي ماءُ کان پڇيو هو.
    ” سويٽ هارٽ! اهو دور ويو هاڻي عورت ۽ مرد سڀ برابر آهن ڏسين نه پئي ته مرد به اسان سان گڏ پيا نچن.“
    ” پر مام! اها ڪھڙي برابري آهي ته سخت سرديءَ جي موسم ۾ مرد مڪمل گرم لباس ۾ ۽ عورت وري تمام مختصر لباس ۾“ مون هن کان پڇيو.
    ” چري عورت حسن آهي ۽ حسن کي ئي زيبائي ۽ ڏيکاءُ ٺھندو آهي، مرد ۾ حسن ڪو ٿوري آهي ان ۾ شجاع آ ۽ شجاعت کي ڏيکاءَ جي ضرورت ناهي هوندي.“
    ” ان مان اهو ثابت ٿيو ته مرد عورت کي تسڪين جو سامان سمجهي ئي استعمال ٿو ڪري، ڀلي کڻي اها جاهليت جي دور ۾ بادشاه جي درٻار هجي، يا ماڊرن دؤر جي ڪلب هجي يا وري ڪا سوشل پارٽي ۽ وري عورت به هر دؤر ۾ مرد اڳيان پاڻ کي هڪ تسڪين ڏيندڙ شيءِ طور ئي پيش ڪيو آهي، ڪڏهن غلاميءَ جي زنجيرن ڪري ته ڪڏهن معاش جي لالچ ۾ ته ڪڏهن برابريءَ جي دوکي ۾ .“ مرد جي وهنوار کي واضح ڪندي چيو مانس.
    ” جين ! تون نه ٿي سمجهين، ان ۾ ڪا زور زبردستي ناهي ،جنھن کي ڳالهه نٿي وڻي ته نه ڪري، هر ڪنھن کي آزادي آهي، وڻيس ته ڊانس ڪري وڻيس ته نه ڪري.“
    ” مام !مونکي هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ، جيڪڏهن ڪو مقدس ماءُ ميري کي يا مقدس پٽ جيسس ڪرسٽ کي نٿو مڃي ته ڇا اهو زور زبردستيءَ ۽ ڪنھن دٻاءَ ڪري نه ٿو مڃي.؟“ مون کانئس پڇيو.
    ” عقيده زبردستي ناهن مڙهيا ويندا، اهي عقل، فھم ۽ ساڃاھه جي غلط ۽ صحيح استعمال مطابق ٺاهيا ويندا آهن.“هن پنھنجو موقف واضح ڪيو.
    ” ان مان اهو ثابت ٿيو ته نا فھميءَ، ڪم عقليءَ ۽ جھالت ڪري اسان آزاديءَ جي نالي ۾ غلاميءَ واري زندگي به گذاري سگهون ٿا.“ مون غلاميءَ جي قبر مٿان چاڙهيل ،آزاديءَ جي چادر ڇڪي لاهڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ” صحيح چوندو آهي تنھنجو پيءُ ته تنھنجو فلسفي ۾ ماسٽرس ڪرڻ جو فيصلو بلڪل غلط هو، ان کان ڀلو هو ته تون ڪمپيوٽر سائنس ۾ داخلا وٺين هان.“ سندس دليلون منھنجي فلسفي جي ڊگريءَ تي اچي ختم ٿينديون هيون.
    مونکي مغربي تھذيب ۾ عورت سواءِ هڪ شوپيس جي ڪجهه نظر نه ايندي هئي. ننڍي کان ننڍي گهريلو شي ءِ هجي يا وري ڪارخاني جي ڪا مشين، ڪا اهڙي شيءِ نه هئي جيڪا عورت جي تذليل ڪندڙ فوٽو کان سواءِ وڪامجندي هجي. هن ڊبل اسٽينڊرڊ ماحول ۾ عورت پنھنجي طبعي، جسماني ۽ فطري ڪمزوريءَ باوجود به مرد کان وڌيڪ ڪم به ڪري ٿي ، ذميداري به رکي ٿي ۽ وري ساڳئي وقت مرد جي دل لڀائڻ جو سامان به بڻجي ٿي.
    جڏهن پھريون دفعو يونيورسٽي ۾ اسڪارف پھريل ڪنھن مسلمان ڇوڪريءَ کي سامهون ڏٺم ، ته هُن مونکي تمام گهڻو متاثر ڪيو، هن جي شخصيت جي پاڪيزگي مونکي هن ڏانھن ڇڪڻ لڳي.
    مون مسلمانن جي باري ۾ ايترو نه پڙهيو هو ، بس هيڏانھن هوڏانھن ٻڌ سڌ تي رايو قائم ڪيو هيو پر هن ڇوڪريءَ جي پاڪيزگيءَ مونکي اسلام کي باقاعدي پڙهڻ تي مجبور ڪيو ، پوءِ وري قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ جڏهن اسلام ۾ عورت جو مقام، پردي جو فلسفو، محرم نامحرم جون حدون ، عورت ۽ مرد جي رشتن مطابق طئه ٿيل ذميوارين کي پڙهيم ته ويتر اسلام ڏانھن جهڪاءُ وڌي ويو.
    مون اسلام کي پڙهي اهو ڄاڻيو ته اسلام ئي واحد دين آهي جنھن عورت کي هن جي مقام مطابق عزت ڏني آهي، مون اسلام کي قبول ڪري مغربي عورت کان هميشه لاءِ آزادي وٺي ڇڏي ،پر منھنجي والدين مونکي اسلام کان نفرت ڏيارڻ لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي .
    ڪڏهن ڪنھن دهشتگرد کي سمبل ٺاهي مسلمانن کي دهشتگرد ۽ انتھا پسند ثابت ڪن ته وري ڪڏهن ڪنھن ڪلب ۾ ڊانس ڪندڙ مسلم ڇوڪري ڏيکاري مسلمانن کي به پاڻ جھڙو ثابت ڪن، پر مان هُنن جي ڏٽن ۾ اچڻ واري نه هيس ، ڇاڪاڻ ته مون صرف مسلمانن کي ڏسي اسلام قبول نه ڪيو هو، پر اسلام کي ڏسي مسلمان ٿي هيس.
    مون سچي دل سان اسلام کي پنھنجي دل ۾ جڳھه ڏني هئي ۽ فواد سان شاديءَ ڪري هنن کان هميشه لاءِ جند ڇڏائڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو.
    فواد لنڊن ۾MBAڪرڻ آيو هو . اسان هڪ ٻئي کي گهڻي وقت کان سڃاڻيندا هئا سين، هڪ يونيورسٽي ۾ هئڻ ڪري اسان جي دوستي اڳ ۾ ئي هئي پر وري اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ فواد منھنجي لاءِ ۽ مان فواد جي لاءِ وڌيڪ اهميت جوڳا ٿي وياسين . فواد مونکي ديني معلومات ۾ کڻي ڪا ايڏي سپورٽ نه ڪئي هئي پر منھنجي اسلام ڏانھن سفر جي هر قدم تي منھنجو ساٿ ضرور ڏنو هئائين. منھنجي مسلمان ٿيڻ کان اڳ فواد به هت رهندڙ مسلمانن وانگر هتان جي رنگ ۾ رنگيل هو، پر مون سان گڏ حق جي تلاش ۾ ڊوڙندي ڊوڙندي هن پنھنجي حقيقت به ڳولهي ورتي هئي، پوءِ جيئن ئي مون اسلام قبول ڪيو هن مونکي شادي لاءِ پروپوز ڪري ڇڏيو هو.
    مان هن سان گڏ هڪ نئين پاڪيزه زندگي گذارڻ جا خواب ڏسڻ لڳي هئس. شادي کان اڳ ئي مون سنڌي سکڻ شروع ڪري ڇڏي هئي، ڳالهائڻ ايترو نه پيو اچي پر سمجهي گهڻو ڪجهه ويندي هئس. منھنجي خوشيءَ جي ڪا انتھا نه هئي، مونکي ڄڻ ته يقين ئي نه ايندو هو ته مان هن ماحول مان نڪري هڪ پاڪيزه ماحول ۾ رهنديس، جتي منھنجي چوڌاري مسلمان مومنن جي صحبت جون برڪتون ۽ منھنجي مٿان اسلامي معاشري جو نور لاٽون ڪري وسندو. هن بي راه روي واري ماحول بيھوده ڪلچر ۽ عورت جي استحصالي نظام مان جان ڇٽي ويندي. منھنجي دل چوندي هئي ته جيڪر هاڻي ئي اُڏي وڃي پاڪستان پھچان ۽ فواد جي فيملي سان رهي پنھنجي ايترن سالن جي بي پردگي بي حيائيءَ واري زندگيءَ جو ازالو ڪيان ، پر اڄ فواد جي ماءُ جون ڳالهيون ٻڌي مان ٿورو پريشان ٿي هيس. خبر نه پئي پئيم ته هو هڪ اهڙي عورت کي قبول ڪندا به الائي نه، جنھن سان سالن جي بي حيائي ۽ بي ديني هڪ نه وسرندڙ ياد جيان ساڻ هجي.
    جيتوڻيڪ فواد مونکي يقين ڏياريو هو ته هو گهر وارن کي راضي ڪري وٺندو پر ان باوجود به مان پنھنجي وجود مان هر ان نقش کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس جنھن مان منھنجي ماضيءَ جي ڪا جهلڪ به نظر اچي. مون پاڻ کي اسلام جي اهڙي ته رنگ ۾ رنگي ڇڏيو جو ان کان علاوه هر رنگ، بي رنگ ۽ بي رونق لڳڻ لڳو هو .
    اسان جي ماسٽرس پوري ٿيڻ تائين فواد پنھنجي گهروارن کي راضي ڪري ورتو هو ، بس رڳوهنن اها شرط رکي هيس ته هو نڪاح پاڪستان ۾ ٻيھر وجهندا، مونکي سمجهه ۾ نه آيو ته نڪاح مٿان نڪاح ڪيئن پوندو پر مسلم ماحول ۾ وڃڻ جي شوق منھنجي هر سوال کي ذهن مان ڪڍي ٻاهر فٽو ڪري ڇڏيو. مونکي بس انتظار هو ته ڪڏهن مان هتان اڏري هميشه لاءِ هن ڪلچر مان جان ڇڏائينديس ۽ پنھنجي باقي زندگي هڪ اسلامي معاشري ۾ هڪ باوقار زال هڪ عزتدار نھن ۽ هڪ پاڪيزه ماءُ جي حيثيت سان گذارينديس.
    نيٺ اهو ڏينھن اچي ويو پاڪستان جون ٽڪيٽس اسان جي هٿ ۾ هيون، منھنجي خوشيءَ جي ڪا حد نه هئي، مونکي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته مان ڪيئن فواد جي فيمليءَ آڏو اينديس. مون اسڪارف ۽ ڪاري چادر سان پاڻ کي ڍڪي ورتو هو، منھنجي دل ته مڪمل حجاب ڪرڻ پئي گهري پر فواد چيو ته اسڪارف ڪافي آهي. فواد جو ڀاءُ اسان کي ايئرپورٽ تي وٺڻ آيو هو، هن ٻڌايو ته باقي سڀ اسان کي گهر ۾ خوش آمديد ڪندا.
    اسان جي گاڏي جيئن ئي هنن جي بنگلي ڀرسان پھتي ته آسمان فائرنگ جي آواز سان گونجڻ لڳو ، آتش بازيءَ جا رنگ سڄي آسمان کي جرڪائڻ لڳا. مان ان وقت حيران رهجي ويس ،جڏهن بنگلي جو در کليو، ماحول شرناين ۽ دُهلن جي موسيقيءَ سان سڀن کي مست ڪري رهيو هو ، منھنجي ٻنهي طرف جوان ناريون جوان مردن سان گڏ، اسان جي مٿان گل هاري رهيون هيون ، هنن جو لباس ڏسي مونکي تميز ڪرڻ مشڪل هئي ته ڪھڙي لباس ۾ بي پردگي وڌيڪ هئي . ان ۾ جنھن کي مان مغرب ۾ ڇڏي آئي آهيان يا وري هِن ۾ جيڪو منھنجي آجيان ۾ بيٺو آهي. جڏهن اسان کي هال ۾ آجيان پارٽي لاءِ ويھاريو ويو ته مون هڪ دفعو پاڻ کي ۽ پنھنجي چوڌاري ماحول کي ڏٺو. مان حيران رهجي ويس ته اسلام قبول ڪري جنھن ڪلچر، تھذيب ۽ ماحول کي پوئتي ڇڏي آئي هيس، اهو ئي ماحول منھنجي اڳيان گل وڇائي آڌر ڀاءَ لاءِ بيٺو هجي.
    مان ڄاڻان پئي ته مغرب پنھنجي تھذيب جو شڪار هر ملڪ هر آئڊيالاجي کي ڪيو هو ۽ پاڪستان ان جو خاص شڪار هو ڇو ته مغرب اهو ڄاڻي ورتو هو ته هي دؤر تھذيبن جي جنگ جو دور آهي ۽ هنن کي سڀ کان وڌيڪ خطرو اسلامي تھذيب کان ئي آهي. پر گهٽ ۾ گهٽ مان فواد جي گهر کي ان يلغار کان بچيل سمجهيو پئي، اهو ان ڪري به ته فواد ڪڏهن به مونکي پنھنجي فيملي جي اها تصوير نه ڏيکاري هئي. شايد هن کي ڀوءُ هو ته ڪٿي منهجي ذهن ۾ ٺهيل اسلامي تصوير نه ڀڄي پوي يا وري منھنجا اسلام ڏانھن کنيل قدم نه رڪجي وڃن.
    ٿوري دير ۾ انڊيا جي اهڙن گانن جا ساز هال ۾ گونجڻ لڳا، جن کي ڏسي مغربي ڪلچر به شرم مان اکين تي هٿ رکي ڇڏيندو هو. جن گانن جو ٻڌڻ ئي اخلاقي قدرن کي لتاڙڻ لاءِ ڪافي هو، انهن گانن تي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پنھنجي ڊانس جا ڪرتب ڏيکاري اخلاق جي تابوت کي آخري ڪوڪو هڻي هميشه لاءِ دفن ڪري رهيا هئا. جيئن ته مان هنن جي پاڻ ۾ رشتن کان اڻ واقف هيس، ان ڪري اها خبر نه پئي پئيم ته ڪير ڪنھنجو محرم هو ۽ ڪنھنجو نامحرم ، پر هنن جون ڊانسون هر اها حد لتاڙي رهيون هيون جيڪي محرم ۽ نامحرم لاءِ مقرر ٿيل هيون.
    مونکي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته مان هنن جي حرڪتن کي ڏسي اسلام لاءِ رايو قائم ڪيان يا اسلام جي اصولن کي ڏسي هنن جي مسلمانيءَ تي ڪا فتوى ڏيان.
    وڏي ڳالهه اها لڳم پئي ته مان جنھن ڪلچر کي ڇڏي، اسلام کي سيني سان لائي ، هيڏانھن ڀڄي آئي هئم، هي وري اسلام کي ڪڇ ۾ کڻي ان ڪلچر ڏانھن ڊوڙندا پيا وڃن.
    هي سڀ مونکي هڪ اهڙي مسافر جيان پئي لڳا، جيڪو ايئرپورٽ جي چيڪ ان ڪائونٽر تي اچي چوي ته مونکي حج تي وڃڻو آهي، پر وري ٽڪيٽ، ويزا ۽ سامان ٿائيلينڊ جو ساڻ هجيس .
    منھنجي ڪنن ۾ فواد جي ماءٌ جا چيل جملا گونجڻ لڳا.
    ” نه نه! اسان مسلمان آهيون ۽ هن انگريزياڻيءَ سان تنھنجي شادي ڪڏهن نه ڪرڻ ڏيندا سين“
    منھنجي دل پئي چوي ته مان رڙيون ڪري هنن کي چوان، ته توهان سڀ صرف نالي جا مسلمان آهيو، توهان اسلام کي پڙهي ۽ سمجهي مسلمان ناهيو ٿيا پر توهان صرف ان ڪري مسلمان آهيو جو هڪ مسلمان گهر ۾ پيدا ٿيا آهيو.
    مان لنڊن ۾ جنھن بي حيائي بي هودگيءَ کي اسلام جي پاڪيزگيءَ ڪري ننديندي هيس، ان ئي بي حيائي ۽ بي هودگيءَ سان هي اسلام جي پاڪيزگيءَ تي داغ لڳائي رهيا هئا.
    فواد مون ڏانھن ڏسي کڻي اکيون هيٺ ڪيون . هن جي چھري تي شرمندگيءَ جا آثار صاف نظر اچي رهيا هئا. هن هڪ دفعو مون ڏانھن اکيون کڻي ٻيھر نھاريو ، هن جي اکين ۾ پنھنجي بي وسي جا آثار ۽ منھنجي وڃائجڻ جو ڊپ پڌرو هيو.
    مون هن جي هٿ تي هٿ رکي چيو. ” فواد! تون پريشان نه ٿي، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“
    مون اهو سوچيو هو ته جنھن ڪلچر کان جان ڇڏائڻ لاءِ جيڪو سفر پنھنجي گهر کان شروع ڪيو هو، اهوشايد فواد جي گهر پھچي ختم ٿيندو، پر هتي پھچي اهو ڄاتو اٿم ته اصل سفرته شروع ئي هتان ٿيندو .


    خود ڪش

    هن جي آڱر بٽڻ جي مٿان هئي صرف ان کي دٻائڻ جي دير هئي ۽ پوءِ
    هڪ وڏو ڌماڪو،
    دل ڏاريندڙ تباهي ،
    چوڌاري لاشن جا ڍير،
    هر طرف ڪوڪون ۽ دانھون،
    مٽي ،
    دونھو ن،
    ڌوڙ ۽ جنھن کان پوءِ سڀ ختم.
    هو گهڻي ڪوشش کان پوءِ به بٽڻ کي دٻائي نه پئي سگهيو ، هن جي آڱر خودڪش جيڪٽ جي بٽڻ مٿان هئي، هن پنھنجي سڄي طاقت ڪٺي ڪري بٽڻ دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن جي ڪوشش ناڪام ٿي ويئي، هن کي ائين پئي لڳو ڄڻ آڱر هن جي جسم جو حصو ئي نه هجي يا وري هن جي جسم ۾ طاقت ئي نه رهي هجي، جو هو بٽڻ دٻائي سگهي، هن جا چپ خشڪ ٿي ويا هئا ، هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڇا ڪري، هن وٽ وقت تمام ٿو رو هيو، هن جي ۽ جنت جي وچ ۾ بس هڪ ڌماڪي جي دير هئي ۽ هڪ وڏي تباهيءَ کان پوءِ، هو سوين لاشن تي پير رکندو جنت جي دروازي ۾ داخل ٿي ويندو.
    پر هو الائي ڇو بٽڻ دٻائڻ جي ٻڏ تر جو شڪار هو، هن پنھنجي چوڌاري ماحول جو جائزو ورتو جنھن کان ڪجهه وقت پھريان هو بلڪل لاتعلق هو ، هن کي اها ته خبر هئي ته هو ٿوري دير ۾ جنت وڃڻ وارو هو پر اها خبر ڪونه هيس ته ڌماڪي کان پوءِ اتي موجود اجل جو شڪار ٿيندڙ ماڻهون جنت ۾ ويندا يا دوزخ ۾.
    هن جي نظر اوچتو هڪ معصوم نينگريءَ ڏانھن ڇڪجي وئي، جيڪا ڪنھن جي چيچ کي پڪڙي ڪڏندي اچي رهي هئي.
    ”هن نينگريءَ ڪھڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ هي ته معصوم آهي هن ته اڃان هن دنيا کي ڏٺو ئي ناهي .“ هن جي ذهن ۾ ڪجهه سوال اڀرڻ لڳا.
    ”متان! ائين نه ٿئي ته هن معصوم نينگريءَ کي ڌماڪي سان اڏائڻ ڪري منھنجي لاءِ جنت جا دروازا هميشه لاءِ بند ٿي وڃن!“
    هن فيصلو ڪيو ته نينگريءَ جي اتان لنگهي وڃڻ کان پوءِ بٽڻ دٻائيندو. اهو پھريون دفعو هو جو هن پنھنجي ذهن ۾ اڀرندڙ سوالن جي ڪري مليل هدايت کان مختلف عمل ڪيو هو.
    نينگريءَ جي لنگهڻ سان ئي هن هڪ دفعو وري ڪوشش ڪئي ته بٽڻ کي دٻائي جلد جنت ڏانھن اڏري وڃي، اڃان هن آڱر بٽڻ تي رکي ئي مس ته هن جي ديد سامهون ڪتابن جي دڪان ۾ هڪ جهوني شخص تي پئي، جيڪو ڪتابن کي ترتيب سان رکڻ کان پوءِ قرآن شريف کڻي تلاوت ڪرڻ لاءِ ويهي پيو، اهو شايد هن جو روز جو معمول هوندو ته هو دڪان کولي پھريان قرآن جي تلاوت ڪندو هو.
    ” هن کي جيڪڏهن قرآن سان گڏ ڌماڪي سان اڏايم ته هي جهونو ۽ قرآن قيامت ڏينھن مونکي جنت مان ڌڪي ٻاهر ڪڍندا.“ هن پنھنجي ۽ جنت جي وچ ۾ هڪ ٻي رڪاوٽ محسوس ڪئي ، هن اتان ٿورو اڳتي وڃي بٽڻ دٻا ئڻ جو فيصلو ڪيو.
    هو جيئن ئي اڳتي وڌيو ته سامهون ويٺل موچيءَ تي نظر پئجي ويس جيڪو پنھنجي ضعيف هٿن سان جوتن جي مرمت ڪري پنھنجي ٻچن لاءِ حلال جي روزي ڪمائي رهيو هو، نه ته هو ڪو چور هو نه ئي ڪنھن جي اڳيان هٿ ٽنگي پني پيو، هن جي هٿ ۾ قرآن ته نه هو ۽ نه ئي وري هو تلاوت ڪري رهيو هو پر هو پورهيت ته هو .
    ”پورهيت ته الله جو دوست هوندو آهي پوءِ مان جي الله جي دوست کي ماريندس ته هو مونکي جنت ۾ ڪيئن داخل ڪندو.“
    هن جي ۽ جنت اڳيان ور ي هي موچي اچي بيٺو، هو ٻڏتر جو شڪار ٿي ويو، هن کي اڄ جنت ۾ وڃڻو هو ، وقت هن وٽ صفا گهٽ هو. هن کي چيو ويو هو ته هدف تي پھچي بٽڻ دٻائڻ ۾ دير ناهي ڪرڻي پر هن کي ٽارگيٽ سمجهه ۾ نه پئي آيو هن چوڌاري نظر ڦيرائي.
    سامهون کير وارو ٻارن کي کير ڏيڻ ۾ مشغول هو.
    حجم جو دڪان گراهڪن سان ڀريل هو.
    مٿي فليٽن جي بالڪني ۾ڪجهه عورتون لٽا سڪائڻ لاءِ ٽنگي رهيون هيون.
    ڀرسان هوٽل ۾ ماڻهون ناشتو ڪرڻ لاءِ ويٺا هئا.
    روڊ تي ماڻهون پنھنجي پنھنجي منزلن ڏانھن وڌي رهيا هئا.
    ڪو آفيس ڏانھن ته ڪو پنھنجي دڪان ڏانھن
    ڪو اسڪول ڏانھن ته ڪو ڪنھن گيراج تي ڪم لاءِ وڃي رهيو هو.
    هن کي هدف سمجهه ۾ نه پئي آيو، هن کي هتي جنت جا دروازا کلڻ بدران هميشه لاءِ بند ٿيندي نظر پئي آيا. هو حيران ۽ پريشان وچ رستي تي بيٺو هو، هن کي الائي ڇا ٿي ويو هو يا ته هن کي هتي جنت جو دروازو نظر نه پئي آيو، يا وري جنت وڃڻ جو شوق هن مان گهٽجي ويو هو.
    ان ٻڏتر جو شڪار هوڪجهه ڏينھن کان وٺي هو پر هن پنھنجي ڪيفيت ڪنھن تي ظاهر ٿيڻ نه ڏني هئي، اهو ان ڪري ته ڪجهه ڏينھن اڳ پنھنجي هڪ ساٿيءَ جي اهڙي ڪيفيت استاد تي ظاهر ڪئي هئائين ۽ ان کان پوءِ اُهو ساٿي وري ڪئمپ ۾ ظاهر نه ٿيو هو.
    هو دين جي معاملي ۾ سخت ۽ طبيعتْاً حساس هو ، پنج وقت نماز باقاعدگيءَ سان پڙهندو هو ۽ ديني احڪامن تي هلڻ جي پوري ڪوشش ڪندو هو پر پنھنجي چوڌاري ماڻهن کي دين کان پري ۽ دنياداريءَ ۾ گم ڏسي سدائين پريشان رهندو هو، دل چوندي هئس ته جيڪر هڪ گهڙيءَ ۾ سڀ هن جھڙا ٿي وڃن ۽ هن وانڱي سوچڻ به لڳن.
    هن جي اهڙي طبيعت ڏسندي ملاڻڪي سنگت هن کي گهيرو ڪيو. هڪ دوست هن جي جذبن کي تيلي ڏيڻ لاءِ هن تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، جنھن هن جي اندر حقيقي دينداريءَ جي وڌندڙ ٻوٽي ۾ پيوندڪاري ڪري شدت پسنديءَ جي هڪ قدآور وڻ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو . هو هن کي روز مختلف ملڪن ۾ مسلمانن مٿان ٿيندڙ ظلم جا وڊيوز ڏيکاري ، جذباتي تقريرون ٻڌائي ۽ قرآن شريف مان واقعن جي اڳ پٺ ۽ سياق سباصق ٻڌائڻ کانسواءِ، چونڊي چونڊي اڌوريون آيتون پڙهائي، هن کي ذهني طور جھاد لاءِ تيار ڪري ڇڏيو ۽ جنھن ڏينھن هن پاڻ کان سواءِ سڀن کي ڪافر ۽ مشرڪ سمجهڻ شروع ڪيو، ان ڏينھن هن کي شھر کان پري هڪ ويران گهر هيٺان ٺھيل تهخاني ۾ پھچايو ويو هو، جنھن کي هُنن جھادي ڪئمپ پئي چيو.
    جھادي ڪئمپ ۾ استاد هن کي روز جنت جا اهڙا ته خواب ڏيکاريا جو دنيا جي زندگيءَ تان هن جو، ارواح ئي کڄي ويو هو، هتان جي زندگي کي پنھنجي ۽ حورن جي وچ ۾ هڪ رڪاوٽ سمجهڻ لڳو ۽ ان رڪاوٽ کي هٽائي هميشه هميشه حورن جي وچ ۾ رهڻ لاءِ هو خودڪش حملي لاءِ تيار ٿي ويو.
    هن کي هڪ ٻئي ساٿيءَ سان گڏ الڳ ڪمري ۾ رکيو ويو، جتي هنن کي خود ڪش حملي جي تربيت ملڻي هئي.
    ڪجهه ڏينھن کان پوءِ هن پنھنجي ساٿيءَ جي سوچ ۾ تبديلي ايندي محسوس ڪئي هئي، جيڪو هن جي جنت ڏانھن ويندڙ رستي تي هر روز هڪ نئين رنڊڪ اڏڻ لڳو هو.
    ”ڇا ضروري آهي ته اسان دين قائم ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي قتل ڪريون ۽ پاڻ به جھاد جي نالي ۾ خودڪشيءَ جي حرام موت مرون.؟“ هو سرگوشيءَ مان هن کان پڇندو هو.
    ”ڇو تون نه ڏسندو آهين استاد ڪيڏيون آيتون قرآن مان ڪڍي ڏيکاريندو آهي ته ڪيئن قتال ضروري آهي ۽ الله جي راه ۾ مرندڙ شھيد هوندو آهي ۽ شھادت کان پوءِ هميشه لاءِ جنت آهي. ڇا تون جنت ۾ وڃڻ نه ٿو چاهين.“ ساٿيءَ کي جنت جا خواب ڏيکاريندي چوندو هو
    ”ڇو قرآن شريف ۾ سوره مائده ۾ اهو ناهي لکيل ته جنھن هڪ انسان کي بي گناهه قتل ڪيو تنھن سڄي انسانيت کي قتل ڪيو، ڇا اسان جي سامهون حضور ﷺ جن جو اسوه ناهي، ڪيئن هنن 40 سال الله جي وحدانيت ۽ معرفت کان آگاھ ڪرڻ لاءِ خاموش تبليغ ڪئي ۽ اعلانِ نبوت ڪرڻ کان پوءِ جيڪي جنگيون ڪيون اهي ان لاءِ ڪرڻيون پيون جو ڪفر جي طاقتور ڌرين مسلمانن کي پنهنجي دين تي هلڻ کان هر طرح سان روڪيو پئي. هُنن لڪم دينڪم ولي دين جو معاشرو قائم ڪرڻ نه پئي ڏنو. پاڻ سڳورن پھرين ترجيح هميشه صلح ، امن ۽ مذاڪرات کي ڏني ۽ حالت جنگ ۾ به دشمن جي ٻارن، عورتن ، پوڙهن ۽ جنگي قيدين کي قتل ڪرڻ کان منع ڪيو. وري جڏهن هي چيو ويو ته الله هن دين کي مڪملڪري ڇڌيو آهي ته ان کان پوءِ دين جو مقام رڳو ڦهلائڻ سان ٿيندو، قتال سان نه ٿيندو.“ سندس ساٿيءَ هن جي اڳيان هڪ رنڊڪ بيھاريندي چيو.
    ” ها اهو به آهي پر الله سائين قرآن شريف ۾ سوره نساءِ ۾ فرمايو آهي ته جھاد ڪرڻ وارن جي فضيلت وڌيڪ هوندي آهي، گهر ويھي عبادت ڪرڻ وارن کان، اسان جھاد ڪرڻ وارا آهيون ۽ جھاد ۾ شھيد به ٿيا سين ته جنت ۾ ويندا سين.“ ساٿيءَ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيائين
    ” پر جهاد جو مطلب به سمجهو اٿئي ؟ ۽ هتي اسان مسلمانن کي ماري ڪھڙو جھاد پيا ڪيون؟ ساٿيءَ کانئس پڇيو
    ”ڏسين نه پيو ته ماڻهون حق جي راه کان هٽي ويا آهن ۽ هاڻي رڳو هڪ ئي رستو آهي جھاد جو.“
    ” اهو رستو تو پاڻ ٺاهيو آهي يا الله کان پڇيو اٿئي ؟ قرآن ته سوره يو سف ۾ چئي ٿو ته الله جي طرف دعوت جو بھترين طريقو بصيرت سان سڏڻ ۾ آهي. پنھنجي ڪردار پنھنجي اخلاق سان ماڻهن کي پاڻ طرف ڇڪيو، نه ڪي انهن کي ماري، ڀلا! اهو ته ٻڌاءِ ڪڏهن ڪنھن کي مارڻ کان پوءِ به مومن ڪري سگهجي ٿو ڇا ؟“ ساٿيءَ سوال ڪيس.
    ”برائي جي وڌي ويندي ته لازمي آ ته ان کي ختم ڪرڻو پوندو ۽ سُڪن سان گڏ ساوا به سڙندا آهن.“ هن عذر پيش ڪيس
    ”جھادين خلاف آپريشن ۾ جي جھادي ماريا ويندا آهن، ته جھادين جي ساٿين جي فوجين ۽ آپريشن سان نفرت وڌندي آهي يا گهٽبي آهي ؟“ ساٿيءَ پڇيس.
    ” لازمي آ جي بيگناه جھادين کي شھيد ڪيو ويندو آهي ته نفرت وڌندي آهي.“ هن اعتماد سان وراڻيس.
    ”پوءِ جي اسان سوين بيگناه ماڻهن کي ماريندا سين ته اُنهن جي پوين جِي اسلام ۽ اهڙن مسلمانن سان نفرت وڌندي ياگهٽبي ؟ اها دين ڏانھن سڏڻ جي دعوت چئبي يا دين کان ماڻھن کي پري ڪرڻ جو ڪارڻ. مونکي ته اها دين دشمنن ايجنڊا لڳندي آهي جن دين کي بدنام ڪرڻ لاءِ ڪجهه نالي نالي جي مسلمانن کي انهيءَ ڪم تي لڳايو آهي.“ ساٿيءَ کيس لاجواب ڪندي چيس.
    ” مونکي ته لڳي ٿو، تون ٿڪجي پيو آهين ۽ الله جي راه ۾ جان ڏيڻ کان ڊڄين پيو.“
    ”مان جان ڏيڻ کان نه پيو ڊڄان ، پر ان ڳالهه کان ٿو ڊڄان ته اهڙي جنت جو ڪندس ڇا جيڪا بيگناه ماڻهن کي مارڻ کان پوءِ ملي.“ ساٿيءَ جنت تان هٿ کڻندي چيس.
    اهڙيءَ ريت هن کي پنھنجو هي ساٿي جنت ڏانھن ويندڙ رستي تي هڪ وڏي رنڊڪ محسوس ٿيڻ لڳو هو. هن وڃي استاد اڳيان پنھنجي ساٿيءَ جي ڪيفيت کي کولي بيان ڪيو هو ۽ پوءِ ان ئي ڏينھن هن جي ساٿيءَ کي ڪنھن نامعلوم مقام ڏانھن کڻي ويا هئا. اها خبر نه هئي ته کيس ڪھڙي مقام ڏانھن کڻي ويا هئا پر ان ساٿيءَ جي ڪيفيت سندس ذهن ۾ مقام ٺاهي ورتو هو.
    هو ٻڏ تر جو شڪار ٿي ويو هو ، هن کي اهو سمجهه ۾ نه پئي آيو ته جنھن رستي ڏانھن هو وڌي رهيو هو اهو جنت ڏانھن پيو وڃي يا دوزخ ڏانھن، هو پاڻ کي هڪ اهڙي پل تي بيٺل ڏسي رهيو هو، جنھن جي هُن ڀر ڪڏهن کيس جنت جون حسين واديون ٻانھون کولي پاڻ ڏانھن سڏيندي نظر پئي آيون ته ڪڏهن وري دوزخ پنھنجو وات ڦاڙي هن کي ڳڙڪائڻ لاءِ تيار بيٺي نظر ٿي آيو، هن کي اها ته پڪ هئي ته هو اڳتي وڌي يا پوئتي هٽي ،ٻنهي صورتن ۾ موت هن جو انجام ٿيندو پر اها پڪ ڪانه هيس ته هن جو انجام هن کي جنت وٺي ويندو يا دوزخ.
    پر هاڻي سوچڻ جو نه پر عمل جو وقت هو ، استاد هن کي نئين ساٿيءَ سان گڏ خود ڪش جيڪٽ پارائي هدف ڏانھن اماڻي ڇڏيو هو، هنن کي ٻڌايو ويو هو ته حدف تي پھچي الله اڪبر چئي بٽڻ کي دٻائڻو هو.
    هن گهڻي ڪوشش ڪئي هئي پر هن کان بٽڻ نه پيو دٻجي، هن کي اها به خبر هئي ، ته جي هن دير ڪئي ته استاد هن کان ناراض ٿي ويندو ، هن هڪ دفعو وري پنھنجي چوڌاري ديد ڦيرائي ، هر طرف کان زندگي جي سمنڊ جون مست ڇوليون هن ڏانھن انسانيت جي بقا جي التجا کڻي وڌي رهيون هيون. هن پاڻ کي ٻڏ تر جي ڪُن مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ۽ ڪنھن فيصلي تي بيھارڻ جي ڪوشش ڪئي.
    هن کي ياد آيو ته هن کي هڪ سيل فون ڏنو ويو هو ته جيئن ڪنھن به مسئلي جي صورت ۾ مدد وٺي سگهي ، ان کان اڳ جو هو ڪال ڪري ها هن جِي فون وڳي هن فون رسيو ڪئي ٻئي پاسي استاد هو.
    ”ڇا ٿيو آ، تو اڃان تائين ڌماڪو ڇو نه ڪيو آ، جنت ۾ حورون تنھنجو انتظار ڪري رهيون هونديون، شھادت لاءِ دير نه ڪبي آهي“ استاد هن کي سمجهائيندي چيو.
    ” استاد مان ته جنت لاءِ بيچين آهيان پر لڳي ٿو هن جيڪٽ جو بٽڻ خراب ٿي ويو آهي ،ڪم ئي نه ٿو ڪري مان ڇا ڪريان“ هن دير ڪرڻ جو بھانو ٺاهي ورتو.
    ” اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي! مان گاڏي موڪليان ٿو ، تون هيڏانھن اچ ته مان ڏسي ٿو وٺان ته ڇا پرابلم آهي.“
    هو گاڏيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳو
    هن فيصلو ڪري ورتو هو ته هو هت موجود سوين بيگناه ماڻهن کي ماري ڪڏهن به جنت ۾ داخل نه ٿي سگهندو، هن هڪ دفعو پنھنجي خودڪش جيڪٽ کي هٿ لڳائي ڏٺو، جيڪا هن جنت ڏانھن وڃڻ جو لباس سمجهيِ پھري هئي. هن جي ذهن ۾ استاد جا سحرانگيز جملا گونجڻ لڳا، جن سان سندس سوچن جي ڪينواس تي حورن جا حسين پورٽريٽ ٺاهيا ويا هئا. پر هاڻي هن کي استاد جو چيل هر جملو هڪ حسين دوکو لڳي رهيو هو، هُن سمجهي ورتو هو ته هڪ مومن ڪڏهن به ڪنھن مسلمان ته ڇا پر ڪنھن بيگناه انسان کي به نه ٿو ماري سگهي ، اهو صرف اسلام جو لباس پھريل ڪو منافق يا غير مسلم ئي ڪري سگهي ٿو. هن کي پنھنجي استاد ۾ هڪ وڏي اسلام دشمن قوت نظر اچڻ لڳي، جيڪا اسلام کي اسلام جي نالي سان ۽ مسلمانن کي مسلمانن کان ئي ختم ڪرائڻ گهري پئي.
    گاڏي پھچي وئي، جيڪا هن کي سڌو جھادي ڪئمپ کڻي وئي ۽ ٻئي لمحي هو استاد جي سامهون بيٺو هو.
    ” ڇا ٿيو، ڇا پرابلم آ؟“ استاد هن کان پڇيو.
    هن استاد جي اکين ۾ ڏٺو، جنھن ۾ کيس اسلام ۽ مسلمانن خلاف ڀڙڪندڙ باهه صاف نظر اچڻ لڳي، ان کان اڳ جو استاد سندس اکين ۾ پنھنجي خلاف ڀڙڪندڙ باهه ڏسي وٺي ها، هن تڪڙ ۾ استاد جي ويجهو ويندي چيو.
    ” پرابلم هن جيڪٽ ۾ آ استاد ، لڳي ٿو اوهان مونکي غلط جيڪٽ پارائي آهي. هيءَ جيڪٽ ڪنھن مسلمان ، معصوم ٻار، پوڙهي، عورت ۽ بيگناه جي سامهون ڪم ئي نه ٿي ڪري ، مون سو چيو ڏسون اوهان جي سامهون ڪم ڪري ٿي.“ هُن بٽڻ تي آڱر رکندي چيو.
    استاد رڙ ڪري هن کي روڪڻ لاءِ ٽپو ڏئي اٿيو، پرتيستائين دير ٿي چڪي هئي. هن بٽڻ دٻائي ڇڏيو ۽ پوءِ هڪ وڏو ڌماڪو ۽ سڀ ڪجهه ختم.“


    ڇتو ڪُتو

    اڄ مونکي ڇتي ڪتي کي مارڻو هو. هن ڪتي علائقي جي ڪيترن ئي ٻارن، نوجوانن ۽ پوڙهن کي ڏاڍو بيدرديءَ سان ڏاڙهيو هو. ڪيترن ئي گهرن ، اسڪولن، ڪاليجن، مسجدن ۽ مدرسن ۾ وڃي ماڻهن کي پنھنجو نشانو بڻائي چڪو هو. پر خبر نه آهي ته ڇو ماڻهو هن جي حملي کان بي خوف هئا. آءُ جيترو پريشان ۽ ڊنل نظر پئي آيس، ايترو پريشان ۽ ڊنل ماڻهون نظر نه پئي آيا . جيڪي هن جا کاڌل هئا اهي ته خير پنھنجي آپي ۾ ئي نه هئا، ڀلي کڻي انهن کي دردناڪ 14 ٽڪا ڇو نه لڳا هجن پر جيڪي اڃان هن جو کاڄ نه بڻيا هئا، اهي به هن جي چڪ کان بي خوف هئا.
    هونءَ ته ڊاڪٽر چوندا آهن ته ڪتو جيڪڏهن ڇتو ٿي پوي ته هو پاڻ ئي هڪ ٻن ڏينھن ۾ مري ويندو آهي پوءِ يا ته ڳولهي اُن کي مارجي يا وري ماڻهن کي هن جي چڪ کان بچائجي، ته جيئن هن جو وائرس ماڻهن ۾ داخل ٿي نه سگهي، نه ته وري ماڻهن ۾ به ڇتي ڪتي واري ڪيفيت طاري ٿي ويندي. پر هي عجيب ڪتو هو. ڏسڻ ۾ جرمن شيفرڊ پئي لڳو، پر ڪجهه خصلتون منجهس آمريڪن بلڊاگس واريون به هيون، عجيب ڳالهه ته هو سال ۾ هڪ ٻه چڪر ڇتو ٿيندو هو پر پوءِ به مرندو نه هو، هن جا ڏاڙهيل ماڻهو ڪڏهن به صحيح نه ٿيندا هئا ۽ مرندي گهڙيءَ تائين هن وانگر پيا ڀونڪندا رهندا هئا.
    گهڻو عرصو اڳ اسڪالرشپ تي ويل هڪ شاگرد پڙهائي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ مغرب مان اسان لاءِ هي تحفو کڻي آيو هو. هن جي خوبصورتيءَ ۽ من موهيندڙ حرڪتن ماڻهن جي دلين ۾ جلد پنھنجو گهر ٺاهي ورتوهو ، آهستي آهستي هن جي ويجهڙائپ هڪ گهر کان سڄي علائقي جي گهر گهر ۽ گهٽي گهٽي سان ٿي وئي هئي. سڀ سانڻس ڀرپور پيار ڪندا هئا، سڀن کي ڏاّڍو وڻندو هو، اهڙي ته پيار سان پڇ لوڏائي هر ماڻهو اڳيان بيھندو هو جو هر ڪنھن کي هن سان پنھنجائپ ۽ ويجهڙائپ جو قرب ملندو هو. سڀن جو پيارو هجڻ ڪري هن کي ايترو ڪجھه ملندو هو جو کائي پي متارو ٿي ويو هو. علائقي جي اسڪول توڙي ڪاليج اندر وڃڻ ۾ به هن تي ڪا پابندي نه هئي. وڏي ڳالهه ته علائقي جي مسجد جو ملان ۽ مدرسي جو مولوي به هن کي حڪارت سان نه ڏسندا هئا.
    مون کي الائي ڇو شروع کان وٺي هن مان ڪرڀ ايندي هئي. ڇو ته آءٌ اهو ڄاڻندو هئس ته هو ڪڏهن به ڇتو ٿي سگهي ٿو، هن جي هڪ عادت ڏاڍي خراب هئي جو هر ڀيري گندگيءَ مان اٿي وچ ماڻهن ۾ اچي پنھنجي جسم کي ائين ڇنڊيندو هو جو سڀن کي اها غلاظت ٿڦي ڇڏيندو هو . ڀلي کڻي هو سڀ کي نه کائيندو هو پر هن جي نجاست جو شڪار هر ڪو پيو ٿيندو هو.
    پر هاڻي ته هو صفا ڇتو ٿي ويو هو، ان کان اڳ جو هوپنھنجو وائرس علائقي جي سڀن ماڻهن ۾ ڦھلائي ڇڏي ، مون هن کي مارڻ جو پڪو پھه ڪري ورتو هو. گهر وڃي پيٽي ۾ لڪائي رکيل بابا سائين جي پراڻي برمنگهم جي دونالي بندوق ڪڍيم، گهر وارا پريشان ٿي ويا ته الله خير ڪري وري الائي ڇا ٿيو، مون هنن کي ٻڌايو ته اڄ مونکي ڇتو ڪتو مارڻو آهي.
    آءٌ بندوق کڻي هن جي ڳولا ۾ نڪتس. پاڙي ۾جنھن به مونکي هٿ ۾ بندوق ڏٺي پريشان ٿي پئي ويو. رستي تان ويندي حافظ الله ڏنو مليو جيڪو ظھر جي نماز پڙهائي مسجد مان ٻاهر پئي آيو. هن منھنجي هٿ ۾ بندوق ڏسي حيران ٿيندي پڇيو.
    ”ابا حَسن! خير ته آهي نه ڪيڏانھن هي بندوق کڻي نڪتو آهين؟ “.
    مون کيس ٻڌايو.” سائين! اڄ آءٌ هن ڇتي ڪتي کي مارڻ نڪتو آهيان، جنھن سڄي علائقي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي“
    حافظ سائينءَ وڏي معصوميت مان چيو.” نه ڪر ابا! ڇا تو کي خبر نه آهي ته هو هر ماڻهوءَ جو هر دلعزيز آهي، سڀني کي گهڻو پسند آهي. هو پنھنجي من موهيندڙ حرڪتن سان سڀن کي لڀائيندو آهي، جيڪڏنھن تون هن کي ماريندين ته سڀ تنھنجي خلاف اٿي اُڀا ٿي پوندا، پوءِ تون ڇا ڪندين؟“
    مون هن جي مٿي تي اڇي ٽوپي ۽ هٿ ۾ تسبيح تي نظر وجهندي چيو.
    ” سائين اوهان کي خبر به آهي ته هو نجس آهي ۽ نجس شيءِ جو مسجد، مندر ۽ گرجا گهر ۾ وڃڻ ممنوع آهي ان باوجود به ڪا عبادتگاه هن جي غلاظت کان محفوظ نه آهي،۽ جڏهن هو پنھنجي غلاظت سان هر مقدس شيءِ جي تقدس کي پامال ڪري ٿو، اُن وقت ته سڀني تي خاموشي طاري رهي ٿي ۽ هاڻي جڏهن هو ڇتو ٿي ويو آهي ۽ آءٌ اُن کي ماريندس ته سڀ منھنجي خلاف اٿي اُڀا ٿيندا ؟“
    حافظ الله ڏني مونکي فڪرمند نظرن سان ڏسندي چيو.
    ”ڀلي پٽ! پنھنجي مرضي اٿئي. باقي مونکي ته لڳي ٿو هن ڇتي ڪتي جي ڪري سڀ ماڻهو تنھنجي مٿان نه ڇتا ٿي پون.“
    مون هن جي ڳالهه کي اڻٻڌو ڪري ڇڏيو ۽ اڳتي پنھنجي منزل ڏانھن وڌيس. جيئن اڳتي وڌيس ته سامهون اسڪول جي گيٽ تي نظر پئي سوچيم متان اتي نه وڃي لڪو هجي ڇاڪاڻ ته هونءَ به اسڪول طرف گهڻو ايندو ويندو هو. چوڪيدار منھنجي هٿ ۾ بندوق ڏسي اڳيان اچي بيھي رهيو ۽ اندر وڃڻ نه ڏنائين ، مون هن کي ٻڌايو.
    ” آءٌ هن ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ ڳولهي رهيو آهيان متان اسڪول اندر لڪو ويٺو هجي“
    هن چيو ”سائين هونئن ته هيڏانھن ايندو ويندو آهي، پر اڄ مون هن کي نه ڏٺو آهي“
    ”تون هن کي ڏسندي به اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کان نه روڪيندو آهين، تو کي اهو خيال به نه ٿيندو آهي ته ڪٿي ڪنھن ٻار کي ڏاڙهي وجهي ته پوءِ؟“
    هن پنھنجي مجبوري ٻڌائيندي چيو. ”سائين آءٌ هن کي ڪيئن روڪيندس، هو سڌو هيڊ ماستر صاحب جي آفيس ۾ به هليو ويندو آهي ته هو هن کي نه روڪيندو آهي. شاگرد ته هن مان ايڏو مانوس ٿيل آهن جو هتي ته ڇا، گهرن ۾ وڃي به هن جون ڳالهيون ڪندا آهن. سائين اسان جي اسڪول ۾ ته هن جون ڪھاڻيون مشھور آهن ته هو ڪيڏو نه پيارو ڪتو آهي، هن جي ڀونڪڻ ۽ عجيب و غريب حرڪتن جو شاگردن تي اهڙو ته اثر پيو آهي جو هنن بيھودگيءَ ۽ بيحيا ئيءَ کي فن ، ثقافت ۽ تھذيب جو نالو ڏئي پاڻ کي ۽ اسڪول کي بيحيائيءَ جو اهڃاڻ بڻائي ڇڏيو آهي ۽ وري پڙهائي پوري ڪرڻ کان پوءِ عورت ، مزدور ، استاد ، ۽ شاگرد وغيره جي آزادي جا نعره هڻي عورت کي عزت کان، شاگرد کي پڙهائيءَ کان ، استاد کي پڙهائڻ کان ۽ سماج کي قدرن کان آزاد ڪرائڻ ۾ لڳي ٿا وڃن. هن در در تا ٽڪر پنندڙ ڪتي کي ڏسي ڪري شاگرد هر ان شخص اڳيان پڇ لڏائيندا ٿا وتن جٿان هنن کي جعلي ڊگري، جعلي نوڪري ۽ جعلي عھدو ملڻ جي اميد هوندي آهي.“ هن ڇتي ڪتي جون وصفون بيان ڪندي چيو.
    ”ڇا، اسڪول جي هيڊماستر کي خبر نه آهي، ته هن ڇتي ڪتي ڪيترن ٻارن کي ڏاڙهيو آهي؟ “مون هن کان پڇيو.
    هن ٻڌايو. ”سائين هن کي ته پنھنجي به خبر نه آهي، ته کيس ڪنھن ڇتي ڪتي کاڌو آهي يا نه، اسڪول جي شاگردن جي هن کي ڪھڙي خبر! بس هن جو اهو ڪم آهي ته رڳو اهو چيڪ ڪري ته اسڪول ۾ ٻارن کي مليل نصاب صحيح پڙهايو پيو وڃي يا نه. اُهو نصاب جنھن سان شاگرد سٺا انسان نه پر پڙهيل لکيل سٺا نوڪر بڻجي سگهن.“
    مون اسڪول جو جائزو ورتو۽ هر ڪنڊ پاسي کي جاچي ڏٺم. ڪٿي به اهو ڪتو نظر نه آيو. سوچيم ته متان ڪاليج ڏانھن ويو هجي، ڇاڪاڻ ته اتي هن لاءِ لڪڻ جون گهڻيون جايون هيون پوءِ اتان سڌو ڪاليج جو رخ ڪيم. واٽ تي ويندي ويندي ياد آيم ته منھنجي ڪاليج جي ڏينھن دوران اُن ڇتي ڪتي هڪ شاگرد کي چڪ هنيو هو ۽ هن جي چڪ لڳڻ کان پوءِ اُن شاگرد ۾ عجيب قسم جي ڀونڪ پيدا ٿي هئي. هن مان ڪاليج جي استادن جو ته ڇا پر ماءُ پيءُ جو به ادب احترام نڪري ويو هو. ڇتي ڪتي جي چڪ کان پوءِ هُن جو پڙهائيءَ ڏانھن ڌيان گهٽ تقريرن ۽ جلسن ڏانھن ڌيان وڌي ويو هو، چڱو ڀلو نيڪ نمازي ڇوڪروشراب ۽ شباب جو متوالو ٿي ويو هو، جنھن شخص کي هن دنيا جي پرواهه نه هجي اُن جي آخرت جي ڀوءَ جِي ڇا ڳالهه ڪجي. مذهب ۽ مذهبي مُقدسا ت کي سرِعام گهٽ وڌ ڳالهائيندو وتندو هو پر ڪير به هن کي خاموش ڪرائي نه سگهندوهو، ڇو ته هو ڇتو ٿي ويو هو ۽ ڇتو ڪنھن کي به چڪ هڻي ٿي سگهيو.
    ڪاليج جي چوڪيدار منھنجي هٿ ۾ بندوق ڏسندي به اندر وڃڻ کان نه روڪيو، ڇاڪاڻ ته اڄ ڪلهه ڪاليج ۾ هٿيار کڻي وڃڻ فيشن ۾ شمار ٿيندو آهي. آءٌ سڌو پرنسپل جي آفيس ۾ ويس. هو منھنجي هٿ ۾ بندوق ڏسي پريشان ٿي ويو ۽ رڙ ڪندي چيائين.
    ” ڪجهه دير اڳ ته تنھنجا ساٿي امداد جي رقم ۽ جلسي ۾ وڃڻ لاءِ ٻه بسون وٺي ويا آهن وري تون ڇو آيو آهين؟ “
    ” سائين آءٌ ڪنھن تنظيم طرفان نه پر علائقي وارن طرفان آيو آهيان، هو ڪتو هاڻي ڇتو ٿي پيو آهي، جيڪو اوهان جي ڪاليج ۾ اڪثر ڏٺو ويو آهي ، اڄ مون هن کي مارڻ جو پڪو پھه ڪيو آهي تنھن ڪري اوهان وٽ آيو آهيان ته متان اوهان کي ڪا خبر هجي.“ مون کيس سمجهائيندي چيو.
    پرنسپال حسرت ڀريل نگاهن سان ڏسندي چيو.
    ” ڪاش! هن ڪتي جي مونکي خبر هجي ها ته مان به تو سان گڏ کيس مارڻ هلان ها، هن منحوس ڪتي مونکي تمام گهڻو تنگ ڪيو آهي. جڏهن کان هن ڪاليج ۾ پير رکيو اٿس تڏهن کان ڪاليج ۾ ڪلاسن کان وڌيڪ پارٽيون ٿي ويون آهن ۽ هر پارٽي پاڻ کي سڀ کان وڌ قوم پرست ، حق پرست، سماج سڌارڪ ۽ انقلابي هجڻ جي دعوى پئي ڪري. هر شاگرد تي رڳو چي گويرا، نيلسن منڊيلا، لينن ۽ ڪارل مارڪس ٿيڻ جو ڀوت سوار ٿي پيو آهي، ڄڻ ته راوڻ جي ظلم جي لنڪا ڊاهي قوم کي آزاد ڪرائڻ وارو رام، فرعون جي اقتصادي، طبقاتي ۽ جبري غلبي کا قوم کي آزادي ڏيارڻ وارو موسى ، آزر جا بت ڀڃي، نمرود جھڙي خدا جي انڪاريءَ کان قوم کي آزادي ڏياريندڙ ابراهيم ۽ ابو جھل، ابولھب جي جھالت ۾ قيد امت کي علم جي نور سان هميشه لاءِ آزاد ڪرائڻ وارو پيارو پيغمبر حضرت محمد ﷺدنيا۾انقلاب سمجها ئڻ آيا ئي نه هئا. هر ڏينھن هڙتال ۽ هر ڏينھن ڪارو ملھائي پنھنجي تعليمي مستقبل کي ئي ڪارو ڪري ڇڏيو اٿن، رياست ۾ لفاظي انقلاب جي دوکي ۾ تعليمي ادارن ۾ انقلابي تباهي پيا آڻن.“
    هن وڌيڪ چيو” آءٌ پاڻ سمجهان ٿو، جيستائين اهو ڪتو نه مرندو تيستائين شاگرد ان لفاظي انقلاب جي ڄار مان نه نڪري سگهندا.“
    پرنسپل ته ذري گهٽ اٿي مونسان گڏ ڪتي جي ڳولا لاءِ نڪتو پئي پر مون کيس سمجهائي آفيس ۾ ويھاريو ۽ پاڻ ڪاليج ۾ ڳولهڻ لاءِ نڪري ويس. مون ڪاليج جي لان جو رخ ڪيو،لان عمارت جي پوئين طرف هو جتي چوڌاري وڏيون جهاڙيون هيون ، جن ۾ هو لڪي سگهيو ٿي، آءٌ اڳتي وڌيس ته هڪ وڻ پٺيان ٿورڙي چرپرٿيندي محسوس ٿي، ٿورو اڳتي وڌيس ته سامهون ڪتو بيٺو هيو. مون کي ڏسندي ئي سمجهي ويو ته آءٌ کيس مارڻ آيو آهيان . وٺي بل ڏئي اتان ڀڳو مون پويان ٻه فائر ڪيا پر منھنجو نشانو خطا ٿي ويو. ڪتو ڪاليج جي گيٽ کان ٻاهر بل ڏئي ڀڄي ويو پر هاڻِ مونکي گهٽ ۾ گهٽ اهو يقين ٿي ويو ته هو وري ڪاليج ۾ اچڻ جي همت نه ڪندو.
    هن ڇتي ڪتي پاڙي ۾ رهي ڪري گهڻا ڪرتب سکي ورتا هئا صبح جو جيئن هاڪر اخبار ڦٽي ڪندو هو، هي مالڪ کي ناشتي کان اڳ وڃي بيڊ تي اخبار ڏئي ايندو هو ڄڻ ته اخبار هن جي خبرن سان ڀري پئي هجي، هر ڪنھن سان هٿ ائين گرم جوشيءَ سان ملائيندو هو جيئن فرنگي فوجي پنھجي ڀوري آفيسر سان ملائيندا هئا، سلوٽ ته وري ائين ڪندو هو ڄڻ نازي فوجي هٽلر اڳيان بيٺو هجي.
    هن جي پٺيان وڃڻ کان اڳ ضروري سمجهيم ته رستي ۾ ايندڙ ميونسپالٽي آفيس ۾ اطلاع ڏيندو وڃان ته جيئن اهي به هن ڪتي کان آگاهه ٿي وڃن ۽ پنھنجا ماڻهون به هن کي پڪڙڻ لاءِ موڪلن. مون جيئن ئي ميونسپل ايڊمنسٽريٽر وٽ پھچي هن کي ڇتي ڪتي جي باري ۾ ٻڌايو ته ايڊمنسٽريٽر وراڻيو.
    ” سائين اسان انهن ڪتن کي، نه پڪڙي ٿا سگهون ۽ نه ئي وري ماري ٿا سگهون ، جن ڪتن جي ڳچيءَ ۾ پٽو لڳل هجي ۽ هن ڪتي کي ته گهڻا ئي پٽا لڳل آهن. اسين هن کي ڪيئن ٿا پڪڙي سگهون؟“
    مون کيس ٻڌايو، ”سر هو ڇتو ٿي ويو آهي، هن کان علائقي جي عوام کي تمام گهڻو خطرو آهي، مھرباني ڪري هن کي پڪڙيو، ڪٿي دير نه ٿي وڃي ۽ پوءِ پاڻ ويٺا هٿ مھٽيون.“
    هن معذرت ڪندي چيو. ” سائين! اها ته اسان کي گهڻو اڳ ئي خبر هئي ته هو ڇتو ٿي چڪو آهي، پر پوءِ به اسين ڪجهه نه پيا ڪري سگهون، ڇاڪاڻ ته هن جي ڳچي ۾ لڳل پٽن، اسان کي مجبور ڪيو آهي، جيڪڏهن اسان هن کي پڪڙيو ته سڀ کان اڳ انهن پٽن جا مالڪ اسان جي ڳچيءَ ۾ پٽا وجهي جيل اماڻيندا يا وري هن وانگر آزاد ميڊيا تي، اسان خلاف لائيو ٽرانسميشن ڏيکاري ويندي ته ڪيئن اسان هڪ مظلوم کي پڪڙيو آهي. جي ائين نه ٿيو ته سڀاڻي جي اخبار ۾ اچي ويندو ته اسان هڪ قومي اثاثي کي ڌڪ رسايو آهي ۽ پوءِ سڀاڻي توهان ئي منھنجي خلاف لکيل هر اخبار مان چونڊي ڪالم پڙهي ٻڌائيندوءَ ته مان قوم ۽ ڌرتي جو غدار آهيان.“
    آءُ چڱيءَ طرح سمجهي ويس ته ڪتي جي ڳچيءَ ۾ پيل پٽا، ڪتي جي آزاديءَ ۽ هن جي غلاميءَ جو سبب آهن. بھرحال آءٌ خاموشيءَ سان اُتان نڪري آيس ۽ سوچيم ته جيڪي ڪجهه ڪرڻو آهي، اهو مونکي ۽ علائقي جي ماڻهن کي ڪرڻو آهي. اهو سوچي فيصلو ڪيم ته ڇو نه پاڻ سان ڪجهه ماڻهن کي گڏ ڪجي ته جيئن هن کي هٿ ڪرڻ ۾ سھولت ٿئي. هونءَ به چوندا آهن ”ٻه ته ٻارنھن“. اهو سوچي آءٌ سڌو وڏيري سائينداد جي اوطاق تي ويس، مون سمجهيو پئي ته سڀ کان وڌيڪ هن ڪتي کان خطرو وڏيري کي هجڻ گهرجي، اهو اُن ڪري جو سڀ کان وڌيڪ هن ڪتي وڏيري جي هارين کي ڏاڙهيوآهي، هن جو ڏاڙهيل هڪ ڪمدار ته ڇتو ٿي هن کي ڇڏي وڃي ڪنھن سياسي پارٽي ۾ شامل ٿيو هو ۽ هن خلاف اوستائين ڀونڪندو رهيو جيستائين اليڪشن کٽي اسيمبليءَ ۾ نه پھتو .
    ”وڏيري سائيندادا کي ٻڌاءِ ته محمد حسن ملڻ آيو آهي.“ نوڪر نڪتو ته مون کيس چيو.
    وڏيرو اوطاق ۾ مونسان مليو، مون کيس چيو.” سائين هو ڪتو ته هاڻي صفا ڇتو ٿي پيو آهي، هلو ته هلي اُن کي ماريون. توهان جي ته گهڻن هارين کي هو ڏاڙهي چڪو آهي“.
    وڏيري وڏي پر سڪون انداز ۾ وراڻيو.” ابا مونکي ته هن ڇتي ڪتي مان ڪو ڊپ ڪونهي. هن جيترا منھنجا هاري ڏاڙهيا آهن، ان کان وڌيڪ مونکي ملي ويا آهن، الحمدالله زمين به مونکي اڳ کان جهجي آهي ، اڳ ته آءٌ رڳو زميندار هيس، پر هاڻي ته سياست ۾ به پير پاتو اٿم .“
    مون کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. ”پر سائين هو اوهان جي زمينداري ۽ سياست ٻنهي لاءِ خطرو آهي. هن جي ڏاڙهيل ماڻهونءَ لاءِ وڏيرو ته ڄڻ وڏو دشمن آهي ڪير توهان جي وڏيرائپ قبول ڪندو ، ڪير توهان کي ووٽ ڏيندو“.
    وڏيري سائينداد کلي چيو.” اڙي چريا! هن جي ڪري منھنجا ماڻهون ايترا خراب ۽ منھنجا ووٽ ايترا نه ڪريا آهن، جيترو هن جي ڪري نوجوانن جي تعليم، عقل ۽ شعور هيٺ ڪريو آهي ۽ تون چڱي طرح سمجهي سگهين ٿو ته گهٽ تعليم ۽ ڪم عقليءَ جو نتيجو بيروزگاري ۽ بدحالي آهي ۽ جتي بيروزگاري هوندي اُتي مونکي هاري به ملي ويندا ته ووٽ به.“
    وڏيري مونکي حيران ڪري ڇڏيو. مون پنھنجي حيرانگي ساڻ کڻي اتان نڪرڻ ۾ ئي بھتري سمجهي ۽ نڪري سڌو هڪ ديني مدرسي جو رخ ڪيم، مونکي پڪ هئي ته هتان مونکي هن ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ ضرور ٻه ٽي ماڻهون ملي ويندا، آءٌ مدرسي ۾ سڌو مولوي صاحب جي حجري ۾ ويس. جيڪو منھنجي هٿ ۾ دونالي بندوق ڏسي حيران ٿي ويو ۽ ائين اچڻ جو سبب پڇڻ لڳو.
    مون مولوي صاحب کي چيو، ”سائين! هو پاڙي وارو ڪتو ڇتو ٿي پيو آهي، مونکي ڪجهه ماڻهون ڏيو ۽ پاڻ به هلو ته هلي ان ڇتي ڪتي کي ماريون. هن علائقي جي ڪيترن ئي ماڻهن کي ڏاڙهيو آهي ۽ هن جو ڏاڙهيل چاهي جوان هجي يا پوڙهو،مرڻ گهڙيءَ تائين اوهان جي مدرسي جو رخ نه ٿو ڪري ۽ نه ئي وري اوهان جو لکيل مواد ٿو پڙهي. مون ته اوهان جي ڪيترن شاگردن کي هن ڪتي جو نشانو بڻجندي ڏٺو آهي.“
    مولوي صاحب وڏي اطمينان سان فرمايو” سائين الحمدالله! اسين هن ڇتي ڪتي کان گهڻو بچيل آهيون، مون پنھنجن شاگردن کي اهڙي ويڪسين ڪرائي ڇڏي آهي جو هن ڇتي ڪتي جو وائرس ته ڇا، پر مدرسي کان ٻاهر جي ڪا به شيءِ هنن تي اثر انداز نه ٿيندي. باقي ڳالهه جيستائين علائقي جي ماڻهن جي آهي، سو اهو اسان جو ڪم نه آهي، اها ذميداري رياست ۽ رياست جي ماڻهن جي آهي اسان جو ڪم ماڻهن کي نمازپڙهائڻ ۽ عبادات سيکارڻ آهي، سو اسين هتي آرام سان ڪيون پيا باقي ٻاهرين ماڻهن سان اسان جو ڪھڙو ڪم؟“
    مون حيران ٿيندي چيو، ” ڇو سائين! توهان صرف انهن ئي شاگردن کي پيا پڙهائيندا، جيڪي هن وقت اوهان جي مدرسي ۾ پڙهن پيا ؟ ڇا اوهان کي نوان شاگرد نه کپن ؟ ۽ ڇا اوهان ٻين ماڻهن لاءِ نه سوچيندا ؟ انهن کي ڀلائي جي راهه نه ڏيکاريندا ته اهي ڪيئن هن ڇتي ڪتي مان جان ڇڏائن.“
    هن منھنجي ڪلهي تي هٿ رکندي چيو. ” بابلا! جن مونکي پنھنجا ٻار پھريان ڏنا آهن اتان مونکي شاگرد پيا ملندا رهندا. باقي رهي ڳالهه ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ جي، ته مون گهڻو وقت اڳـ۾ ڪوشش ڪئي هئي، ته ان ڇتي ڪتي کان پھچندڙ نقصانن کان ماڻهن کي آگاه ڪيان، پر ماڻهن کي منھنجون عقلي ڳالهيون نه پر ڪتي جو ڀونڪڻ پسند پئي آيو، سو مون به کڻي چپ ڪئي، هاڻي اسان کي هن مدرسي ۾ نمازوعبادات سيکارڻ لاءِ ڇڏي ڏيو باقي اوهان ڄاڻو اوهان جا ڪم.“
    منھنجي حيرت جي ڪا حد نه رهي ، هن ڪتي جا ٻه وڏا شڪار وڏيرو ۽ روائتي ملان ايترا مطمئن هئا. آءٌ ته ائين پيو سمجهان ته هن ڇتي ڪتي ڪري ٻنهي کي ڳچ نقصان رسيو هوندو، پر مان غلط هيس هن ڇتي ڪتي کان انهن کي ڪو خطرو نه هو ، جيڪڏنھن خطرو هو ته عام ماڻهوءَ کي. علائقي ۾ هن جي موجودگيءَ اسڪول ،ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي نظام کي تباهه ڪري ڇڏيو هو، جنھن سان نوجوانن جي علمي ساڃاهه ۽ عقلي اوسر مسلسل هيٺ ڪري رهي هئي، جنھن پوري علائقي جي شعور کي ڇيھو رسايو هو.
    هاڻي پاڻ کي پنھنجي بندوق سان گڏ اڪيلو محسوس ڪيم ۽ فيصلو ڪيم ته هن ڇتي ڪتي کي اڪيلوئي انجام تي پھچائيندس. آءٌ مدرسي مان نڪري گهٽين ۽ گهرن جي پاسن کان ڇتي ڪتي کي ڳولهڻ لڳس. هڪ گهٽيءَ جي ڪنڊ کان هو مونکي نظر آيو، مون تي نظر پوندي ئي وٺي ڀڳو. هن جي اڳيان هڪ بند گهٽي هئي. مون بند وق کي لوڊ ڪيو ۽ دل ۾ سوچيم ته هاڻي هي ڪتو منھنجي هٿان ختم ٿيندو، پر ان کان اڳ جو آءٌ مٿس فائر کوليان ها، هو ٽپو ڏئي ڀر واري بنگلي ۾ گهڙي ويو.
    مون بنگلي جو در کڙڪايو. در کليو ۽ منھنجي سامهون علائقي جو هڪ وڏو نالي ماتر عوام دوست، قوم پرست ۽ سماج سڌارڪ قلم ڪار بيٺو هو، جنھن مونکي اُن وقت بندوق سان گڏ پنھنجي گهر جي سامهون ڏسي حيران ٿيندي دڙڪي سان پڇيو.
    ” ڇا ٿيو آهي؟ ڇو هن وقت بندوق کڻي دهشت ٿو ڦھلائيندو وتين، وڃ وڃين گهر آرام ڪر ۽ ٻين کي به سڪون جو ساهه کڻڻ ڏي.“
    مون هن کي ٻڌايو.” ادا! هو ڇتو ڪتو اوهان جي گهر ٽپي آيو آهي ۽ مون کي اڄ اهو ڪتو مارڻو آهي.“
    هن ڪاوڙ مان چيو” اڙي ! ڇو ڇتو ٿيو آهين؟ هو هڪ معصوم جانور آهي ۽ جانورن کي به جيئڻ جو حق آهي. هو هڪ سھڻو ۽ سٺو ڪتو آهي ۽ هن سڀني ماڻهن کي پئي خوش ڪيو آهي، ڪنھن کي به ڪو نقصان نه پھچايو اٿس، باقي تو کي الائي ڪھڙي هن مان تڪليف آهي.“
    مون کيس جواب ڏنو.” ادا سڀني کي بلڪل جيئڻ جو حق آهي، پر هي ڪتو ڇتو ٿي چڪو آهي ۽ هن جو کاڌل هر ماڻهون هن وانگر ڇتو ٿي ڀونڪڻ لڳو آهي، ان کا اڳ جو اسين سڀ هن جي وائرس جا شڪار ٿي وڃون ۽ ڀونڪڻ لڳون آءُ هن قصي کي هميشه لاءِ ختم ٿو ڪرڻ چاهيان، پليز! اوهان منھنجي اڳيان پري ٿي وڃو.“
    هن ويتر ڪاوڙ مان چيو ” آءٌ تو کي ڪڏهن به هن کي مارڻ ڪونه ڏيندس، هر ڪنھن کي پنھنجي خيالن جي اظھار جي آزادي آهي، جي هن کي اچي ئي ڀونڪڻ ٿو ته هو ڀونڪي ئي اظھار ڪندو نه.“
    مون وري کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي” ادا! هن پاڙي جي ڪنھن ٻار، ڪنھن جوان ڪنھن پوڙهي کي نه ڇڏيو آهي، سڀني کي پنھنجي چڪ جو نشانو بڻايو اٿس، هن جو وائرس اسان جي علائقي، اسان جي نسل ۽ سڄي قوم لاءِ خطرو آهي. اوهان نه سمجهندا، اوهان پري ٿيو آءٌ اڄ هن کي نه ڇڏيندس“.
    هن ٿڌي دماغ ۽ اطمينان سان چيو ” ڇا ! توکي ڪنھن دانھن ڏني آهي؟ ڇا توڏي ڪو پنھنجو زخم مرهم رکڻ لاءِ کڻي آيو آهي؟“ آءٌ لا جواب ۽ حيران ٿي ويس هن وڌيڪ چيو.
    ”تون بغير ڪنھن ثابتيءَ، بغير ڪنھن شڪايت جي هن ڪتي کي نه ٿو ماري سگهين، تون ڏسين نه پيو ته هن جي ڳچيءَ ۾ ڪيترا پٽا پيل آهن اهو هن سان ماڻهن جي همدردي جو ثبوت آهي، جيڪڏهن تون يا ڪير به هن کي مارڻ جي ڪوشش ڪندو ته آءٌ اهو ڪونه ڪرڻ ڏيندس تون هاڻي جو هاڻي هتان هليو وڃ.“
    هن جو اهو چوڻ ۽ ڪتو پڇ لوڏائي اچي هن جي پيرن ۾ ويھي رهيو ۽ پوءِ مون سمجهيو. ”ڪتو ڀلي ڇتو ٿي وڃي، پر پنھنجي مالڪ کي سڃاڻيندو آهي“ .
    اُن وقت آءٌ زمان و مڪان جي قيد مان آزاد ٿي ويس، منھنجون سوچون مونکي مختلف زمانن ۽ مڪانن ۾ گردش ڪرائينديون رهيون ۽ منھنجي ذهن جي ياداشت جي خانن ۾ نقش چٽينديون رهيون، چٽا ۽ صاف نظر ايندڙ نقش جن مونکي سمجهايو پئي ته هر دور ۾ ڇتن ڪتن ، قومن ۽ نسلن جي علم، عقل، شعور ۽ ساڃاه کي ڪيرائي تباهه ڪيو آهي ۽ هر دور ۾ مفاد پرست ۽ وڪاميل عوام دوست، قوم پرست، سماج سڌارڪ قلم ڪار کيس بچائيندو رهيو آهي.
    آءٌ بيوس ۽ لاچار ٿي پنھنجي برمنگهم جي بندوق سان گڏ گهر واپس وريس. بندوق ڦٽي ڪري قلم کنيم ۽ پاڻ کي سمجهايم ته جيڪا شيءِ قلم سان مري ان کي بندوق سان ڇو مارجي ڇاڪاڻ ته هيءَ طاقت جي نه پر شعور جي جنگ آهي ۽ شعور جي جنگ قلم سان ئي کٽي سگهجي ٿي.


    ڌپ

    ڪجهه ڏينھن کان وٺي مونکي پاڻ ۾ عجيب قسم جي ڌپ محسوس ٿي رهي هئي، خبر نه آهي ته اها ڌپ ڪھڙي قسم جي هئي ڪٿان پئي آئي، ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳم پئي ته ڄڻ رستي تي هلندي جوتن ۾ڪا غلاظت چنبڙي پئي هجي جنھن ڪري شايد ڌپ ايندي هجي ڪڏهن وري ائين لڳم پئي ته ڄڻ ڪا گندگي ڪپڙن کي چنبڙي پئي هجي جنھن ڪري ماحول ۾ ڌپ ڦھلجي وئي هجي پر عجيب ڳالهه اها هئي ته ڪپڙن ۽ جوتن کي جاچڻ کان پوءِ به ڪٿي ڪا غلاظت يا گندگي جو نشان نه لڀي. پريشانيءَ جي ڳالهه اها هئي ته آخر اها ڌپ آئي ڪٿان پئي. آءٌ هونءَ ئي پاڻ کي صاف سٿرو رکندو هئس پر اڄڪلهه ته وڌيڪ محتاط ٿي ويو هئس، صبح جو وهنجڻ لاءِ اڌ ٽينڪ خالي ڪري پوءِ باٿ روم مان ٻاهر نڪرندو هئس، بيگم ائين ڏڪندي ڏڪندي ڌوتل ۽ صاف ڪپڙا کڻي اڳيان بيھندي هئي جيئن پاڻ اسڪول ۾ ماستر اڳيان سليٽ کڻي بيھندا هئا سين. سٺي کان سٺو ڊيوڊرنٽ ۽ مھانگي کان مھانگيِ پرفيوم هڻي جڏهن گهر کان نڪرندو هئس ته ڪجهه ڌپ جو احساس گهٽ ٿيندو هو . گهر کان آفيس ۽ آفيس کان دوستن سان ڪچھري ڪري جڏهن گهر پھچندو هئس ته ڌپ جو احساس اڃان به وڌي ويندو هو ، ائين لڳندو هئم ڄڻ هاڻي ڪنھن غلاظت سان ڀريل گٽر ۾ ڪري ٻاهر نڪتو هجان.
    ڪپڙن کي چڱيءَ طرح جاچي ڏسندو هئس پر ڪو نشان هجي ته نظر اچي ، جوتن ۾ ته ذري گهٽ اندر گهڙي وڃي ڪا غلاظت ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندو هئس پر ڪٿي ڪنھن شي جو نالو نشان نه ملندو هئم. بيگم روز روز ڪپڙا ڌوئي بي حال ٿي وئي هئي. اڳي ته ڪپڙن جو جوڙو هڪ ٻه ڏينھن ڪڍي وٺبو هو پر هاڻي هڪ دفعو لاٿل وڳو وري پائڻ تي دل ئي نه چوندي هئي. جي گهڻو وقت گهر رهي اڪيلو گذاريندو هئس ته ڌپ جو اثر ڪجهه گهٽ ٿيندو هئم پر جيترو ٻاهر نڪرندو هئس اوترو ڌپ جو احساس وڌي ويندو هو. آفيس کان موٽي اچڻ کان پوءِ ته ائين ڀائيندو هئم ته ڄڻ ڪنھن ڀنگي پاڙي مان ٿي آيو هجان ، جي وري ڪجهه دوستن سان ڪٿي چانھه يا ڪافي پي موٽندو هئس ته ائين لڳندو هئم ته ڄڻ گند جو ٽوڪرو مٿي تي کڻي گهر ايندو هجان، ۽ وري ڪنھن شادي جي دعوت، سوشل گيدرنگ يا آفيشل ڊنر کان پوءِ گهر موٽندي ائين لڳندو هئم ڄڻ ڪنھن شخص ڪن ڦٿ کائي منھنجي ڪپڙن مٿان اُلٽي ڪري ڇڏي هجي، پوءِ ته الاهي ڪيئن پنھنجي الٽيءَ تي ڪنٽرول ڪري گهر پھچندو هئس، جيستائين وهنجي سھنجي صاف ٿي ڪپڙا مٽائي نه ويھندو هئس تيستائين مزو ئي نه ايندو هو.
    مزي جي ڳالهه اها هئي ته اها ڌپ مونکان سواءِ ٻيو ڪنھن کي به نه ايندي هئي، گهر ۾ آفيس ۾ ۽ ٻاهر، آءٌ پريشان هوندو هئس ته شايد منھنجي جسم ۽ ڪپڙن مان نڪرندڙ ڌپ ماحول کي بدبودار ڪري ڇڏيندي هوندي پر عجيب ڳالهه ته ماڻهن کي منھنجي ڌپ جي نه پر مونکي لڳل پرفيوم جي تيز خوشبوءَ جي شڪايت رهندي هئي. بيگم ته چئي چئي ٿڪجي پئي هئي ته مون مان ڪا ڌپ نه پئي اچي، جيڪڏهن ڳالهه ٻڌڻ جي حد تائين هجي ها ته آءٌ بيگم جي ڳالهه تي ڪن ڌريان ها پر جيئن ته ڳالهه سنگهڻ جي هئي اُن ڪري مونکي پنھنجي بي زبان نڪ تي يقين ڪرڻو پيو پئي.
    بيگم ته مونکي چوندي ئي وشنو هئي. اهو ان ڪري ته آءٌ فطرتن صفائي جي باري ۾ گهڻو محتاط رهڻ وارو شخص هئس، شل نه ڪو ٻار گپ لڳل جوتو لائونچ ۾ اندر پائي اچي پوءِ ڪلاڪ ٻه ته هن جو ڪلاس وٺندو هئس.
    ” صفا ڪو ڄٽ آهين! ڪيڏو تو کي سمجهايو آهي ته ٻاهران جي غلاظت گهر ۾ نه کڻي ايندو ڪر، هڪ ته گهر کي صاف نه رکو ٻيو ويتر ٻاهريون گند به کڻي اچي گهر ۾ فٽو ڪيو. صاف سٿري ٻار جي نشاني آهي ته هو پاڻ کي صاف رکي، پنھنجي جسم پنھنجي ڪپڙن ۽ پنھنجي گهر کي به صاف رکي، ان سان نه صرف ان جي پر ٻين جي صحت به بھتر رهندي. سڄو ڏينھن ڪيپٽن سيف گارڊ جا ڪارٽون ٿا ڏسو ان مان اهو نه ٿا سکو ته ڪيئن صفائي رکي پاڻ کي ڏهن بيمارين کان بچائي سگهجي ٿو، هي جيڪا ٻاهرين گندگي آهي ان ۾ مختلف بيڪٽريا هوندا آهن جن سان مختلف بيماريون“. . . . . . . . . . . . . . . .
    ۽ ائين هڪ اڻ کٽندڙ ليڪچر شروع ڪري ڏيندو هئس جنھنجو اثر ٻارن تي ته پوندو ئي هوندو پر گندگي کي وري جرئت نه ٿيندي هئي ته هوءَ منھنجو گهر ٽپي اچي.
    ۽ وري شل نه ڪو ٻار اسڪول مان ڪپڙن تي ڪنھن شيءِ جو داغ هڻي اچي، ان کان اڳ جو هن جا ڪپڙا ڌوپجن آءٌ هن کي ڌوئي ڇڏيندو هئس.
    ” اڙي نڀاڳا! اسڪول ويندا آهيو يا مڇي مارڪيٽ، اسان توهان کي هتان وهنجاري سھنجاري گل ڦل ڪري گهر مان موڪليون ٿا ۽ توهان وري اسڪول مان پنھنجو حشر ڀنگين وارو ڪري ٿا اچو. هن عمر ۾ توهان پنھنجي ڪپڙن جي صفائي ۽ هائجن جو خيال نه ڪندا. . . . . . . . . . .. . . . “
    ۽ ائين وري هڪ ٻيو ليڪچر شروع ٿي ويندو هو، جيڪو گهر مان شروع ٿي پرنسپل جي آفيس ۾ ختم ٿيندو هو، ۽ وري پرنسپال به ساڳي رٽيل ڪھاڻي ٻڌائي مونکي ٿڌو ڪري ڇڏيندو هو.
    ”سائين! آءٌ معذرت ٿو گهران ان ۾ اوهان جي ٻارن جي ڪا به غلطي نه آهي، هو ته صاف ۽ سٿرا رهندا آهن پر اسڪول جا سڀ ٻار اوهان جي ٻارن وانگر يا انهن جيترا سلجهيل ۽ تربيت يافته نه آهن، سو ڪڏهن ڪڏهن شرارت ڪري وٺندا آهن ، بھر حال آءٌ ان ڳالهه جو سخت نوٽس ٿو وٺان ۽ اڳتي اوهان جي ٻارن سان ڪير اهڙي شرارت نه ڪندو.“
    ساڳيءَ طرح آفيس ۾ به مون صفائيءَ جو سخت ماحول ٺاهي ڇڏيو هو، منھنجي آفيس وارا مونکي ايندو ڏسي پاڻ کي ۽ پنھنجي ڪيبنس کي جاچڻ شروع ڪري ڏيندا هئا ته متان ڪٿي ڪو ڪپڙن تي نشان يا فرش تي ڪو ڪچرو نه پيو هجي ، آفيس ۾ اهو مشھور هو ته ڪم ڀلي سٺو هجي نه هجي باس ته پروموشن اُن جو ڪندو آهي جيڪو صفائي جو خيال وڌيڪ رکندو آهي.
    پر هاڻي خبر نه آهي ته ڇا ٿي ويو هو جو پاڻ مان ئي ڪرڀ اچڻ لڳي هئي، جنھن ڌپ ۽ غلاظت کان بچڻ لاءِ صفائيءَ جي تلقين ڪندو رهيو هئس اها ڌپ پاڻ مان اچي رهي هئي ، ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو هئم ته شايد آفيس ويندي رستي تي ڪو دشمن لڪي منھنجي مٿان ڪا نظر نه ايندڙ بدبودار شيءِ ڦٽي ڪري ڇڏيندو هجي، جنھن ڪري مونکي پاڻ مان ڌپ ايندي هجي.
    ڪڏهن ته ڌپ جو احساس سڄي سڄي رات ننڊ نه ڪرڻ ڏيندو هو. سڄي رات پنھنجي ذهن جي ياداشت ۾ CC TV CAMERA وانگر ڀريل سينز کي بار بار روائينڊ ڪري ڏسندو هئس ۽ پاڪستاني پوليس وانگر مجرم کي پڪڙڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو هئس، سوچن جون لھرون ڪڏهن ته عقل جي ساحل تي ائين جوش کائينديون اينديون هيون، ڄڻ اجهو ٿيون هر شيءِ کي واضح ۽ چٽو ڪن پر حيرانگي تڏھن ٿيندي هئم جڏھن ويندي ويندي سوچن جي ساحل تي اڪريل اڳيان نشان به مٽائي هليون وينديون هيون. آءٌ روز هڪ ماهر ڊٽيڪٽو(جاسوس) وانگر پاڻ کان سوال ڪندو هئس. ۽ سڄي ڏينھن جو احتساب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هئس.
    صبح اٿي ڇا ڪيم؟ ناشتو ڪيم
    ناشتو ڪير کڻي آيو؟
    بيگم کڻي آئي
    ٿانو ۽ بيگم جا هٿ صاف هئا؟
    گاڏي ڪنھن ڪڍي ڊرائيور يا پاڻ؟
    پاڻ ڪڍي هئم،
    هاڻي اڪثر گاڏي ڊرائيور کي ڏيان ئي ڪونه.
    سي ڊي پليئر هلائي هئم؟
    ها هلائي هئم ۽ ٽشو سان صاف ڪري پوءِ هلائي هئم،
    گاڏي پارڪ ڪري سڌو آفيس آيو هئس، ڪنھن سان هٿ ته ڪو نه ملايو هئم؟
    نه ڪنھن سان نه ملايو هئم، آفيس به صاف لڳي پئي هئي. ها! مارڪيٽنگ ڪو آرڊينيٽر آيو هو جنھن زوريءَ اچي هٿ ملايو پر هو به صاف سٿرو هو.
    پوءِ آفيس ۾ ڊسٽريبيوٽرس سان گڏجاڻي ڪئي، جنھن ۾ نئين پراڊڪٽ جي اسٽاڪ اويلبِليٽي جي حڪمت عمليءَ تي بحث ڪيو سين.
    سيڪنڊ هاف ۾ ميڊيا ٽريڪ وارن سان گڏجاڻي رکيل هئي، جن اسان جي نئين پراڊڪٽ جي ٺاهيل ايڊورٽائيز ڏيکاري جنھن ۾ اسان جي پراڊڪٽ جي گهٽ پر ماڊِل جي مشھوري وڌيڪ نظر پئي آئي، مون هن کيApproveڪيو .
    آفيس کان پوءِ ڪيڏانھن ويس ؟
    هڪ مشھور ريسٽورنٽ تي ويس جتي ڪجهه صاف سٿرن دوستن سان ڪچھري ڪئي، ڪچھري ڇا پر هڪ ٻئي سان سور سليا سين
    STOCK EXCHANGEجا مسئلا
    وڌندڙ انفليشن ريٽ
    مارڪيٽ ان اسٽيبلٽي
    پرائس ڪنٽرول
    پوليٽيڪل سچوئيشن
    هِن جي غلا هُن جي غلا ،
    ”فلان ڪمپنيءَ ڪيئن پنھنجي پراڊڪٽ جو مارڪيٽ شيئروڌائڻ لاءِ پراڊڪٽ جو اگهه گهٽائي، ان جي معيار کي به ساڳي وقت گهٽائي ڇڏيو.“
    ”هو ڏٺئي ڪلهه جو درزي هاڻي شھر جي وڏي بوٽيڪ جو مالڪ بڻيو ويٺو آهي.“
    اهڙي طرح آخر ۾ ڪرنٽ افيئرز جي بحثن سان بي مزي بڻيل ماحول کي هر ڪنھن پنھنجي لطف اندوز افيئرز جي مذيدار قصن سان خوشگوار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    اتان اٿي پوءِ ڪيڏانھن ويس ؟
    پوءِ سڌو گهر آيس
    گهر اچي ڇا ڪيم ؟
    فريش ٿي ڪري اچي ٽي وي لائونچ ۾ ويٺس، ٻار اسڪول مان ٿڪجي اچي سمهي پيا هئا ۽ بيگم ان ڪري سمهي پئي هئي جو هن جي پسنديده چينل اسٽار پلس تي هن جي پسنديدا ڊرامي جو ٽائيم نه هو. مون نيوز چينل هلائي ملڪي حالاتِ حاضره کان واقفيت کي تازو ڪيم، جنھن تازو ڪرڻ بدران اميدن جي ڦٽل نون ٻوٽن کي ويتر ڪومائي ڇڏيو، پوءِ مون پنھنجي ڪومايل موڊ کي خوشگوارڪرڻ لاءِ هڪ ٻه ميوزڪ چينل بدلايا ته جيئن ماحول ۾ ڪجهه خوشگواري پيدا ٿئي پر اهو ماحول به بيگم جي ننڊ مان اٿڻ کان پوءِ گهڻي دير تائين خوشگوار نه رهي سگهيو. اهو سوچي بيگم جي هٿ ۾ ريموٽ ڪنٽرول ڏئي پنھنجي ڪمري ڏانھن هليو ويس ته هڪ جهنگل ۾ ٻه شينھن نه ٿا رهي سگهن. ڪجهه دير آرام ڪري جڏھن اٿيس ته ائين لڳو پئي ته سڄي جسم ۽ ڪپڙن مان نڪ ساڙيندڙ ڌپ پئي اچي، ڌپ به ڪنھن هڪ مخصوص شيءِ جي نه پر مختلف غلاظتن جي مليل سليل ڌپ، اهڙي ڌپ جيڪا ڄڻ ته ڪپڙن تي لڳل مختلف گدلاڻ جي لڳل ڇنڊن مان ايندي هجي.
    هڪ دفعو ٻيھر اٿي باٿ روم مان وهنجي صاف ٿي آيس پر ڌپ پوءِ به نه وئي ان ئي حالت ڪري دوست جي مليل ڊنر جي دعوت تي به نه ويس، گهر ۾ ئي ڊنر ڪري ننڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم پر ننڊ هئي جا اچي ئي نه پئي سو سڄي ڏينھن جي روداد کي ياداشت جي اسڪرين تي بار بار ڏٺم پئي.
    اهڙي طرح هر ڏينھن جو اهو ونهوار هو، مون سان وڏو مسئلو اهو هو ته جيترو آءٌ پنھنجي جسم ۽ ڪپڙن کي صاف رکندو هئس اوترو انهن مان ڌپ جو احساس وڌيڪ ايندو هئو.
    الائي ڪيترا ڊيوڊرنٽ، باڊي اسپري ۽ پرفيوم بدلائي ڏٺا پر فرق نه پئي پيو. مون کان وڌيڪ منھنجا دوست پريشان هئا ته آخر مونکي ٿيو ڇا آهي هنن ڏاڍا وس ڪيا ته مونکي يقين ڏيارن ته مون مان ڪا به ڌپ نه پئي اچي پر هنن جو ڪو به وس نه پيو هلي، دوستن جي صلاح تي مون ڪو به ENT: SURGEON, NEOROLOGIST,۽ PSYCHIATRIST نه ڇڏيو پر هر ڊاڪٽر جو لکيل نسخو ۽ سمجهايل هر احتياط ڪرڻ باوجود به فرق ڪونه پئي پيو.
    منھنجي بيگم صاحبه جو چوڻ هو ته اسان جي گهر ۾ جِنَ اچي ويا آهن. جِن مون تي اثر ڪيو آهي، چوندي هئي ته لڳي ٿو ڪا جنڙي تو سان هر وقت گڏ رهي ٿي جنھن ڪري تو ۾ اها ڪيفيت طاري ٿي رهي. دل ۾ چوندو هئس ته تنھنجي گڏ هوندي ڪھڙي جنڙي جي جرئت ٿيندي جو هن گهر ۾ داخل ٿئي، بھرحال ڪو تعويذ سڳو نه ڇڏيو هئائين، ڪڏهن تعويذ ويھاڻي هيٺان رکي ڇڏيندي هئي ته ڪڏهن پاڻي ۾ ڪجهه شوڪاري پياريندي هئي، پر هن جي ڪا به ڦڪي فرق نه پئي ڏيکاري،
    هڪ ڏينھن ته اهڙو ڪم ڪيائين جو هڪ عجيب و غريب ماڻهوءَ کي وٺي آئي جنھن لاءِ ٻڌايو هئائين ته جِن ڪڍڻ جو ماهر آهي. مون سمجهيو ته شايد جِنُ ڪڍڻ ماڻهن جي وس جي ڳالهه نه آهي اُن ڪري منھنجي بيگم هن جِنَ کي ئي تڪليف ڏني آهي، جيئن اردو ۾ چوندا آهن ته لوها لوهي ڪو ڪاٽتا هي، بھرحال هُن سڄي گهر کي دونھين ۾ اهڙو ته دُف ڪري ڇڏيو جو مون هن کي هٿ ٻڌا ۽ اهو چئي ٻاهر ڪڍيو ته ڌپ جو خير آهي، اوهان هاڻي ٻاهر نڪرو ته اسين ڪجهه ساهه کڻڻ جھڙا ٿيون.
    هڪ دوست جو خيال هو ته آءٌ جسماني نه پر روحاني بيماريءَ جو شڪار آهيان، جنھن لاءِ مونکي پنھنجي روح جو احاطو ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اهو تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو جڏهن اسين سلوڪ جي وڏي منزل تي پهتل هجون پر جئين ته اسان لاءِ پاڻ اهي منزلون طئي ڪرڻ مشڪل آهن اُن ڪري اسان کي ڪنھن الله جي پھتل ٻانهي ڪنھن بزرگ جي در تي وڃڻو پوندو ته جيئن پنھنجي روح جو علاج ڪرائي سگهون، هن جي گهڻي اسرار ڪرڻ تي آءٌ هن سان گڏ هن جي بقول الله جي هڪ پھتل ٻانهي ڏانھن هلڻ لاءِ تيار ٿيس. هو ڪيترو الله کي پھتل هو اها ته الله سائين کي خبر هوندي پر اسان هن تائين ڏاڍي مشڪل سان پھتا سين، ويران ۽ سنسان علائقي جي پراڻي گهر ۾ جنھن شخص سان هن منھنجي ملاقات ڪرائي هئي، اُن کي ڏسي مون سوچيو پئي ته الله سائين گهٽ ۾ گهٽ پنھنجي پھتل ماڻهن سان اهڙو حشر ته نه ڪندو هوندو. هن جي مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جا وار وکريل هئا، ائين پئي لڳو ته مھيني کن کان وهنجڻ ته ڇا پر منھن به نه ڌوتو هوندائين، ڪپڙا ميرا، نھن وڏا، ڳچيءَ ۾ گيڙو رنگ جو ڪپڙو ويڙهيل هئس ، منھنجي دوست اڳـ۾ ئي مون کي سمجهايو هو ته .
    ” هن جي ظاهري حالت ڏسي پريشان نه ٿجانءِ هي الله وارا ماڻهو آهن، هنن کي پنھنجي جسم جي نه پر پنھنجي روح کي سنوارڻ جي لڇ ۽ فڪر هوندو آهي، هي علم جي ان درجي تي پھتل آهن، جو دنيا هنن جي لاءِ غير معنوي آهي هو جز کان ڪُل جي سفر جي آخري مراحل تائين پھتل آهن. تون هن جي اڳيان پنھنجو مسئلو رکجان، باقي هيڏانھن هوڏانھن جا سوال پڇڻ جي ڪوشش نه ڪجانءِ، هي جلالي بزرگ آهي اسان کي ڪڍي ٻاهر نه ڦٽوڪري.“
    مون پنھنجي سوالن جي ڳوٿريءَ کي ويڙهي سيڙهي ٻاهر ڦٽو ڪري ڇڏيو، هن بزرگ اکين سان اشارو ڪيو، هن جي اکين ۾ عجيب قسم جي ڪشش هئي ائين پئي لڳو ڄڻ هو زبان سان نه پر اکين سان ڳالهائيندو هجي. مونکي ڀرسان ويھڻ جو اشارو ڪيائين ۽ پنھنجي آڱر منھنجي سيني تي دل واري جاءِ تي رکي ٿوري دير اکيون بند ڪري ڪجهه پڙهڻ لڳو، منھنجي دوست وڃي ڪن ۾ ڪجهه ٻڌايس پوءِ اکيون بند ڪري هو الله جو پھتل ٻانهو الائي ڪٿي وڃي پھتو ،مسجدن مان آذانون اچي ويون نمازون پڙهجي ويون پر هو الله جو پھتل ٻانهو منھنجي روح جي بيماري ڳولهڻ ۾ ڄڻ ته ڪيڏانھن اڏري ويو هو. بھرحال طويل مراقبي کان واپس اچڻ کان پوءِ هن هڪ طويل هدايت نامون اسان کي ڏئي اتان فارغ ڪيو.
    هن جي هدايت نامي مطابق اها ڌپ جسماني نه پر روحاني آهي، جيڪا دنيا جي خواهش، لوڀ ۽ لالچ جي ڪري آهي، ان مان ڇوٽڪاري جو اهو رستو آهي ته هن دنيا جي خواهش ڇڏي پنھنجي روح کي خواهشن کان آزاد ڪرائجي، هي دنيا فاني آهي ته پوءِ هن فاني دنيا ۽ جسماني ضرورتن پويان ڇو ڀڄجي بس پنھنجي روح جو آواز ٻڌجي.
    هن جون ڳالهيون تمام سٺيون ۽ مسحور ڪندڙ هيون هن سان ملي مون پاڻ کي ڪجهه هلڪو محسوس ڪيو، ڀانيم ته هن جي ڳالهين تي عمل ڪري هن ڌپ مان جان ڇٽي ويندي. مونکي هن جي صحبت جو اهڙو اثر ٿيو جو هن سان تقريباً روز ملڻ لڳس، روح جي غذا ۽ پوترتا جو اهڙو جنون چڙهيو جو جسم کي صفا وساري ڇڏيم، روحاني غذا جو ڪيترو اثر ٿيو اهو ڪنھن کان به ڏسجڻ محال هو پر جسم تي اهڙو اثر ٿيو جو هر ماڻهوءَ کي مونتي ترس اچڻ لڳو، جسم ۽ ڪپڙن جي اها حالت ڪيم جو پھريان صرف پاڻ کي ڌپ ايندي هئي هاڻي ٻين کي به اچڻ شروع ٿي هئي. گهر ۽ آفيس وارن جي ته ڄڻ عيد ٿي وئي صفائي ۽ سٿرائي کان هميشه لاءِ آزادي. فيڪٽري کي ماڻهن ۽ تقدير جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏنم.
    ”جيڪو تقدير ۾ لکيل آهي اهو ئي ٿيندو باقي ماڻهون کڻي ڪيڏا به هيلا بھانا ڪري هن جي هٿ ۾ ڪجهه به نه آهي.“
    روحاني حال جو اندازو ڪرڻ مشڪل هو باقي فيڪٽري ۽ گهر جو حال بي حال ٿي ويو هو، ها پرٻئي پاسي بزرگ سائينءَ جن جي ڪکائين گهر کي ننڍڙي حويلي ۾ ضرور تبديل ڪري ڇڏيو هئم. بزرگ سائين جي مسلسل منع ڪرڻ باوجود سائين جن جي آستاني تائين پڪو روڊ ٺھرائي ڇڏيو هئم ۽ مريدن ڏانھن اچڻ وڃڻ لاءِ ننڍڙي 1000 سي سي ڪار جو نذرانو به پيش ڪيو هئم، اڳ مريد سائين جن ڏانھن ايندا هئا هاڻي سائين جن پاڻ به ڪڏهن ڪڏهن مريدن ڏانھن هليا ويندا هئا. آءٌ اهو نٿو بيان ڪري سگهان ته سلوڪ جون ڪيتريون منزلون طئه ڪري چڪو هئس پر جسم مان ايندڙ ڌپ منزل به منزل وڌندي پئي وئي . بس فرق صرف اهو هو جو پھريان ان ڌپ مان نڪرڻ جي تڙپ هئي هاڻي ان ڌپ ۾ سڪون پئي آيو.
    منھنجي گهر کي ڊهندو ۽ فيڪٽري کي ٻڏندي ڏسي هڪ دوست کي منھنجي حال تي رحم اچي ويو، هن منھنجي سُلوڪ جي سفر کي يو ٽرن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، مونکي روحاني حصار مان ڪڍڻ لاءِ هن ڊارون، هيڪل، مارڪس ۽ لينن جي روحن کي کڻي ڪٺو ڪيو.
    ” اڙي چريا! روح جو تصور هڪ سراب آهي، هڪ فريب آهي، اسان جو جسم ئي هڪ حقيقت آهي، جيڪو دماغ ۽ ٻين عضون جي عمل سان ڪم ڪري ٿو، دماغ جي عمل ختم ٿيڻ سان جسم جي حرڪت به ختم ٿي وڃي ٿي ۽ انهن سڀني شين جي ترتيب کي زندگي، شعور يا تون کڻي اُن کي روح چئي سگهين ٿو.“
    هن سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هي سڀ روحانيت جا چڪر صوفين ۽ ساڌُن جا ڍونگ آهن. هن ٻن ٽن ڏينھن ۾ منھنجو حليو تبديل ڪرائي ڪجهه ماڻهن جھڙو ڪيو، بغير ٻڌائڻ جي ويزا لڳرائي لنڊن جي ٽڪيٽ اچي هٿ ۾ رکيائين، هن کي خبر هئي ته جيستائين ڪجهه عرصو آءٌ هتان ٻاهر نه نڪرندس تيستائين ان روحاني بزرگ جي ڄار مان نڪري نه سگهندس.
    لنڊن ۾ هن جا ٻه ڀائر گهڻي وقت کان رهائشي هئا، هو به هر سال گرمين جون موڪلون فيملي سان گڏ اتي گذاريندو هو. ڪجهه ڏينھن هن سان گڏ لنڊن ۾گذارڻ سان منھنجي جسم جي حالت ڪجهه بھتر ٿي پر ڌپ جو احساس اڃان نه ويو.
    لنڊن ۾ روحاني دنيا کان پري مادي دنيا جي هن هلندڙ ڦرندڙ مشينن جي وچـ۾ رهندي مونکي احساس ٿيڻ لڳو ته آءٌ به شايد هڪ مشين آهيان، هلندڙ ڦرندڙ ۽ ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ مشين، بس فرق صرف اهو آهي ته مشين نه ڪنھن مشين مان جنم وٺي سگهي ٿي ۽ نه وري پاڻ جھڙي مشين کي جنم ڏئي سگهي ٿي، جڏهن ته مون انسان طور جنم ورتو به آهي ۽ جنم ڏئي به سگهان ٿو. پر هڪ سوچ وري ٻئي پاسي وٺي ويندي هئي ته جي جنم ڏيڻ ۽ جنم وٺڻ جي ڳالهه آهي ته پوءِ اهو ڪم ته حيوان به ڪري ٿو، جنم وٺي به ٿو ۽ پاڻ جھڙي نسل جي حيوان کي جنم ڏئي به سگهي ٿو. ته پوءِ ڇا آءٌ صرف حيوان آهيان؟ پر وري هڪ ٻئي سوچ حيوانيت تان به هٿ کڻائي ڇڏيندي هئي ته حيوان پنھنجي مرضيءَ سان کائي پئي ته سگهي ٿو پر پاڻ کي بکيو نه ٿو رکي سگهي، گهمي ڦري ته سگهي ٿو پر آزاد هوندي پاڻ کي قيد نه ٿو رکي سگهي، پنھنجي مرضي سان سمهي ته سگهي ٿو پر اوڄاڳا نه ٿو ڪري سگهي. هو نسل وڌائي ته سگهي ٿو پر برٿ ڪنٽرول نه ٿو ڪري سگهي، جڏهن ته آءٌ اهي سڀ ڪم پنھنجي مرضي سان ڪري سگهان ٿو. ان سوچ سان هڪدم ٻيو خيال ذهن ۾ تري ايندو هو ته ان جو مطلب حيوان ويچارو مجبورً حيوان آهي پر آءٌ مرضيءَ سان پاڻ کي حيوان بڻائي پيو سگهان. ان مان اهو اندازولڳائيندو هئس ته آءٌ جيڪو ڪجهه به آهيان پنھنجي مرضيءَ ۽ ارادي سان آهيان. پوءِ ڀلي حيوان آهيان يا مشين، انسان آهيان يا جانور.
    اهي سڀ سوچون مونکي اڃان گهڻو حيران تڏهن ڪنديون هيون جڏهن لنڊن ۾ پنھنجي چوڌاري هلندڙ ڦرندڙ مشينيون ۽ ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ جانور ڏسندو هئس. هڪ پيءُ جِي، گهر ۾ ATMمشين کان وڌيڪ حيثيت نه رهي هئي، ماءُ هاڻي کير پيارڻ وارو جانور به نه رهي هئي ڇاڪاڻ ته مشين مان ٺھيل کير پيارڻ لاءِ به ٻارن لاءِ نوڪر رکيل هئا. مرد ۽ عورت ۾ فرق گهڻي قدر ختم ٿي ويو هو، جنھن ڪري مرد کي شادي ڪرڻ لاءِ فيصلو ڪرڻ مشڪل ٿي ويو هو ته شادي عورت سان ڪري يا مرد سان. حيران جوڳي ڳالهه اها هئي ته هڪ طرف هتان جو انگريز ڏورانھن آفريڪي جنگلن ۾ وڃي جانورن جي عجيب و غريب نسلن کي ختم ٿيڻ کان بچاءَ جا اُپاءَ وٺندو نظر اچي پيو ته ٻئي طرف وري انساني نسل ڪشيءَ جا سامان ڪٺا ڪندو پيو وتي. هڪ طرف جانورن جي نسل ڪشيءَ خلاف عالمي قانون پاس ڪرائڻ ۾ رڌل نظر اچي پيو ته ٻئي طرف انساني نسل ڪشيءَ جي قانونن کي ايوانن مان پاس ڪرائيندو پيو وتي.
    منھنجي دوست ۽ ان جي فيملي جو حال به ڪجهه مختلف نه هو ، نالن سان لڳندڙ مسلمان اٿڻ ويھڻ ۾ صفا بي د ين، انگريزن کان به ڪجهه قدم اڳتي هئا، منھنجي دوست جوچوڻ هو ته.
    ” ٻه چار ڏينھن جي زندگي آهي، ان کان پوءِ هونئن ئي ڪجهه ناهي ته پوءِ ڇو نه اهي ٻه چار ڏينھن ماڻهوپنھنجي مرضي سان زندگي گذاري هن زندگيءَ کيEnjoyڪري ۽ جواني جي مستيءَ ۾ گم ٿي وڃي ، هي دنيا آهي ئيEnjoyڪرڻ لاءِ “
    پر وري جڏهن هن جي زندگي جو جائزو وٺندو هئس ته هن جي پنھنجي مرضي نظر ئي ڪا نه ايندي هئي، پاڪستان ۾ هن جي مرضي يورپ جي مرضي کان مختلف هئي. پاڪستان ۾ جيئن آزادئ سان بدمعاشي ڪندو وتندو هئو، ائين يورپ ۾ نه ڪندو هو. ۽ وري جنھن آزاديءَ سان يورپ ۾ عياشي ڪندو وتندو هئو، اهڙي آزاديءَ سان عياشي پاڪستان ۾ نه ڪندو هو. جنھن مان آءٌ اهو سمجهي پئي سگهيس ته هو پنھنجي مرضي ڪارڻ نه پر مختلف حالات ۽ قانونن مطابق زندگي گذاري پيو. باقي جيستائين ٻه چار ڏينھن جي زندگي کيEnjoyڪرڻ جي ڳالهه هئي ته اها به هن جي پنھنجي ذات تائين هئي، ڇاڪاڻ تهEnjoy ڪرڻ جا سڀ حق ۽ واسطا هن صرف پاڻ لاءِ محفوظ ڪيا هئا باقي ٻين رشتيدارن خاص ڪري زال، ڌي ءُ ۽ پٽ جي حقن جي باري ۾ هو هميشه پريشان هوندو هو.
    ” يار هي ملڪ رهڻ جي قابل ئي ناهي اسان جو پاڪستان پاڪستان آ “
    ڊبل اسٽينڊرڊ زندگي گذاريندو هو پنھنجي لاءِ هڪڙا اصول ٻين جي لاءِ وري ٻيا.
    آءٌ اهو سوچيندو هئس ته اها ڪھڙي مرضي چئجي جيڪا پنھنجي نه هجي. جيڪڏهن اسان ڪنھن ماحول ، سسٽم ۽ نظريي جي مرضي تي ئي هلون پيا ته ڇا ڪڏهن اسان اهو سوچيو آهي ته اها مرضي اسان جي آهي يا اسان تي مڙهي وئي آهي، جنھن کي لاشعوري طور تي پنھنجي مرضي، ارادو يا آزادي سمجهي ويٺا آهيون، هڪ اهڙي آزادي جيڪا وڏي آزاديءَ سان اسان کي انسانيت کان ڪيرائي حيوانيت ۽ حيوانيت کان به ڪيرائي هڪ مشيني پرزي جي حيثيت تي پھچائي ٿي. اها صورتحال ڏسندي آءُ ان نتيجي تي پھچندو هئس ته اسان پنھنجي حيثيت يا حقيقت وڃائي چڪا آهيون. اسان کان خارجي شھوتن ۽ اندروني جبلتن پنھنجي حقيقت کسي ورتي آهي. بلڪل سرڪس ۾ پليل ان شينھن وانگر جيڪو پنھنجي حقيقت وڃائي ماڻهن کي مختلف ڪرتب ڏيکاري ٿو ۽ ان جي بدلي ۾ مليل گوشت جي ٽڪري ۽ تماشائين جي داد کي ئي پنھنجي زندگي جو مقصد بڻائي سرڪس ۾ زندگي گذاري ٿو. ساڳيءَ طرح اسان به مختلف ماحول، نظام ۽ نظرئي جي اثر هيٺ حيواني زندگي گذاريون پيا ۽ پاڻ کي آزاد ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ گمان ڪريون پيا.
    ايئن پنھنجي دوست کي به گمانن جي خوبصورت زنجيرن ۾ جڪڙيل ڏسندو هئس، والٽيئر جي چوڻيءَ مطابق ته
    ”انهن بيوقوفن کي آزاد ڪرائڻ مشڪل آهي، جيڪي پنھنجي زنجيرن جي عزت ڪندا هجن“.
    سو ان کان اڳ جو آءٌ به پنھنجو نالو اهڙن بيوقوفن جي لسٽ ۾ لکرايان ها پنھنجي دوست کان اجازت وٺي پاڪستان موٽي وڃين ڌپ جو علاج ڳولهڻ جو فيصلو ڪيم.
    فيڪٽري کي هڪ وفادار ملازم ۽ گهر کي منھنجي سالي سنڀالي ورتو هو. آءٌ پاڪستان پھتس ته صحيح ، پر ڌپ منھنجي جان نه ڇڏي، مسلسل اها ئي ڪيفيت هئي، مون هاڻي هار مڃي ورتي ۽ پاڻ کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيم ته اها ڌپ هاڻي قبر تائين منھنجي جان نه ڇڏيندي پر ذهن هو جو مڃڻ لاءِ تيار ئي ڪونه پئي ٿيو ۽ مسلسل ڌپ مان جان ڇڏائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو رهيو.
    ڪجهه ڏينھن کان پوءِ عيد اچڻ واري هئي، هڪ دفعو ٻيھر ڌپ جو احساس پريشان ڪرڻ لڳو،
    ”پاڻ مان ئي ڪرڀ ٿي اچي ته ٻين سان ڪئين عيد ملندس“.
    بھرحال هاڻي ته ان حال ۾ ئي زندگي گذارڻ جو سوچي ڇڏيو هئم، خير عيد جو ڏينھن به اچي ويو نماز پڙهي ماڻهن کان ڪترائيندي گهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪيم پئي ته اچانڪ پري بيٺل هڪ شخص تي نظر پئجي وئي، اُن تي نظر پوندي ئي منھنجي دماغ جا تاڪ نڪري ويا، منھنجون اکيون کليون رهجي ويون، منھنجي جسم ۾ ان شخص کي ڏسڻ سان ڏڪڻي طاري ٿي وئي. مونکي ياد اچي ويو ته مونکي اهو ڌپ جو احساس ڪڏهن کان ۽ ڪيئن ٿيو ، منھنجون يادون مونکي ماضي ۾ گهلي وٺي ويون ،گذريل سال ان ئي عيد گاهه ۾ اهو شخص مون سان مليو هو، ها مونکي ياد آيو، هي اهو ئي شخص هو جنھن سان آءٌ عيد تي مليو هئس جڏھن ته آءٌ هن کي سڃاڻيندو به ڪونه هئس بس الائي ڪيئن هو مون سان اچي عيد مليو هو ، بھرحال جڏهن آءٌ اُن شخص سان عيد مليو هئس ته هن آهستي سان منھنجي ڪن ۾ ڪجهه لفظ چيا ۽ اتان هلي ويو، اهي لفظ ڄڻ ته منھنجي اندر ۾ گهاو ڪري ويا، جيڪي ٻڌندي ئي مون پاڻ کي ذلت جي اونهاين ۾ ڪرندي محسوس ڪيو هئم، پر هن جي چوڻ جو انداز ڪجهه اهڙو هو جو آءٌهن جا لفظ ٻڌي ڪجهه نه ڪڇي سگهيس، ۽ پوءِ ان جي پويان ڊوڙندو ويس ته جيئن اڪيلائي ۾ وڃي انهن تذليل ڪندڙ جملن جو ڪارڻ پڇي سگهان.
    ” معاف ڪجو آءٌ اوهان کي اهو ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته مونکي اوهان مان عجيب قسم جي ڌپ اچي رهي آهي، ڪجهه پنھنجو خيال ڪيو.“ هو جڏهن مونسان عيد مليو هو ته مونکي ڪن ۾ چيو هئائين.
    منھنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي هئي، آءٌ ماڻهن جي ميڙ مان نڪرندو وڃي ان وٽ پھتو هئس ته جيئن ان کان انهن جملن جي ۽ هن جي جرئت جوڪارڻ پڇي سگهان ته هن اهي تذليل ڪندڙ جملا ڇو چيا.
    ” تون ڏسين ڪونه پيو ته مونکي بھترين قسم جو وڳو اعلى قسم جي پرفيوم ۽ باڊي اسپري لڳل آهن، نه ته مان ناليءَ مان ڪري آيو آهيان ۽ نه ئي مونکي ڪا غلاظت چنبڙيل آهي پوءِ به تو کي مون مان ڌپ پئي اچي، جڏهن ته تو کان سواءِ هت ٻئي ڪنھن کي به اها شڪايت ڪونهي“ مون ڪاوڙ مان هن کان پڇيو.
    هن شخص پنھنجي عجيب متاثر ڪندڙ اکين سان منھنجي اکين ۾ نھاريو، منھنجي بھترين لباس ڏانھن نھارڻ بغير چوڻ لڳو.
    ”واقعي اوهان پنھنجي جسم ۽ ڪپڙن کي صاف ۽ خوشبودار رکيو آهي انهن کي هر گندگي ۽ غلاظت کان بچايو آهي اُن هنڌ اُن رستي تان وڃڻ کان احتياط ڪيو آهي، جتان اوهان کي گندگي لڳڻ جو امڪان آهي . پنھنجي گهر پنھنجي آفيس کي به بلڪل صاف سٿرو رکيو آهي پر ڇا اوهان پنھنجي فڪر پنھنجي سوچ پنھنجي فطرت جي صفائي رکي آهي؟ اُن جو ايترو خيال رکيو آهي؟ ڇا انهن شين انهن جاين انهن رستن کان پنھنجي فڪر پنھنجي سوچ پنھنجي نظريي کي بچايو آهي ، جنھن توهان جي ذهن ۾ گند ۽ فڪر ۾ گدلاڻ ڀري ڇڏي آهي. الله جي موڪليل ضابطن کي پٺي ڏئي پنھنجي مفادن جي غلامي ڪئي آهي۽ ايمانداريءَ جي زندگي ڇڏي غرضن پٺيان ڊوڙڻ شروع ڪيو آهي. جيڪڏهن اوهان جي ڪپڙن تي داغ ٿو لڳي ته اوهان سڄي گهر ۽ آفيس کي پريشان ڪري ٿا ڇڏيو پر ڇا پنھنجي سوچ ۽ فڪر ۾ لڳندڙ گندگيءَ کان ايترو پريشان رهيا آهيو. ڇا اوهان ڪڏهن اهو احساس ڪيو آهي ته ڪٿان ڪٿان ڪيترو گند کڻي گهمائيندا پيا وتو، ڇا اوهان جي لاءِ فقط ڪپڙن جي صفائي اهميت رکي ٿي سوچ ، فڪر ۽ عمل جي صفائي اهميت نه ٿي رکي ، منھنجو فرض هيو اوهان کي آگاهه ڪرڻ باقي اوهان جي مرضي“.
    هن جا جملا توپن جا گولا بڻجي منھنجي سوچن جي ميدان تي ڪرندا رهيا، هن جو لفظ لفظ منھنجي روح کي جهنجهوڙيندو رهيو، هن جون ڳالهيونSurrounding Sound Systemجيان منھنجي ڪنن جي پڙدن تي پڙاڏو ٿي ٽڪرائڻ لڳيون ، آءٌ بت بڻيو بيٺو رهيس، منھنجي سوچ هڪ هنڌ ڄمي، وئي مونکي ڪو جواب نه پئي مليو، هڪ لمحي لاءِ ائين لڳو ڄڻ آءٌ ، آءٌ نه پر هو آهيان ۽ پاڻ کي پنھنجي بگڙيل شڪل ڏيکاريندو هجان، جيستائين آءُ هن جي سوالن جي جواب ڏيڻ جي همت ڪٺي ڪيان ها ۽ هن کان انهن سڀن شين ۽ مشڪلن جو حل پڇان ها، هو ميڙ ۾ ڪيڏاهن گم ٿي ويو، مون هن کي تمام گهڻو ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو نه مليو هو.
    اُن ڏينھن کان وٺي منھنجو دماغ جاءِ تي نه هو، اُن ڏينھن کان وٺي ڌپ منھنجي سوچن تي قابض ٿي وئي هئي، هر ڳالهه گند هر ڪچھري گند هر ماحول گندگي جو ڍير نظر اچڻ لڳو هئو، ائين لڳندو هو ڄڻ مان ڪنھن گهوڙن جي استبل ۾ رهندڙ اعلى نسل جو گهوڙو هجان . مون ڪيترائي طريقا اختيار ڪيا پر ڪا به تبديلي ڪو به فرق محسوس نه ٿيو، اڄ وري عيد جي ڏينھن هن شخص تي نظر پئي هئم جهٽ کن لاءِ لڳوته اڄ هن ڌپ مان هميشه لاءِ جند ڇٽي ويندي ، اڄ هن شخص کان پنھنجي بھتري پنھنجي فلاح جو رستو پڇندس پر اڄ به هو مونکان اوجهل ٿي ويو هو اڄ به هو ڪيڏاهن گم ٿي ويو هو، گهڻي جاکوڙ ۽ ڪوشش باوجود به آءٌ هن کي ڳولهي نه سگهيس، ناڪام ۽ پشيمان ٿي گهر موٽي آيس ، ايتري ۾ پاڙي جي مسجد مان آذان آئي جيئن ئي مؤذن حيءَ علي الفلاح تي پھتو ته منھنجا قدم خود به خود مسجد ڏانھن وڌڻ لڳا ۽ مون سمجهي ورتو ته فلاح جو رستو مونکي سڏي پيو، ماڻهن جي ٺاهيل هر رستي هر فڪر هرسوچ جي پويان لڳي پيو هئس، هر رنگ پاڻ تي چاڙهي ڏٺو هئم پر الله جي ڏنل سڌ ي رستي کي ويساري ويٺو هئس ۽ الله جو ڏنل رنگ لاهي ڦٽو ڪيو هئم. آءُ جيئن ئي مسجد جي قريب ٿيڻ لڳس تيئن ئي منھنجي ڌپ جو احساس گهٽجڻ لڳو. نماز پڙهي قرآن شريف کولي پڙهڻ ويھي رهيس. قرآن جو هڪ هڪ لفظ مون کي پنھنجي ذات مان ، پنھنجي خوهشن ۽ مفادن جي ڪُن مانڪڍي انسانيت لاءِ جيئڻ جا ڏس ڏئي رهيو هو.قرآن مون کي فطرت جي اهڙين وادين کان آگاھ ڪري رهيو هو جتي هر طرف سونھن ۽ سندرتا هئي ۽ سچاين جي مھڪار هئي ۽ پوءِ مان هن آيت تي پھچي ڪجهه دير رڪجي ويس.
    ” صِبغَةَاللَّـه ِوَمَن احسَنُ مِنَ اللَّـهِ صِبغَةًۖ “
    رنگ ته صرف الله جو آهي ۽ ان کان سٺو ڪنھن جو رنگ ٿي سگهي ٿو.


    واپسي

    ڪراچيءَ جي هڪ عاليشان فائيو اسٽار هوٽل جو هال شھر جي معززماڻهن سان ڀريل هو، هڪ پاسي هال جي انٽرنس ، ڀتين ۽ اسٽيج جي بيڪ ڊراپ تي لڳل بک ۽ بدحاليءَ جون تصويرون ٿر جي اهڙي ته عڪاسي ڪري رهيون هيون جو لڳي پيو ته ڄڻ ٿر جي غربت واڪا ڪري چوندي هجي ته ٿر غربت جو شڪار نه پر هي سڄو ملڪ غربت جو شڪار آهي، پر وري ٻئي پاسي وڏين وڏين گاڏين مان لھي ايندڙ هال ۾ ويٺل وڏن وڏن ماڻهن کي پھريل پوشاڪون ، پرفيوم جون خوشبو ۽ هٿن ۾ مھانگا سيل فون اعلان ڪري چوندا هجن ته اسان جو ملڪ دنيا جو امير ترين مُلڪ آهي.
    آءٌ اسٽيج تي معزز مھمانن سان گڏ ويٺو هيس، هي سڄو وايو منڊل منھنجي ڪري ئي سجايو ويو هو. آءٌ اسٽيج تي ويٺو ته هئس پر منھنجون سوچون سڄي هال ۾ گردش ڪري رهيون هيون، منھنجو حال توڙي جي هال ۾ ويٺل ماڻهن جي حال کان مختلف نه هيو، پر ماضي وري هال ۾ لڳل تصويرن جي حال جو جيئرو جاڳندو اهڃاڻ هو.
    ٿوري دير ۾ رسمي تقريرون شروع ٿيون.
    ” اسان دنيا کي ڏيکارڻ ٿا چاهيون ته بک ۽ بدحالي ڇاکي چئبو آ“......
    ” اسان جون مائرون اسان جون ڀينرون ٿر جي ريگستان ۾ پنھنجي آجپي جي جنگ وڙهي رهيون آهن ......“
    ” اسان سڀن جو هت گڏ ٿيڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان ٿرواسين سان گڏ آهيون“......
    ” جس هجي هن انٽرنيشنلNGOکي جنھن هيڏو وڏو سيمينار ڪوٺائي اسان جي اڳيان ٿر جي حالتن کي پيش ڪيو.......“
    هرڪو اسٽيج تي اچي ٿر جي حالت تي روشني وجهي، پنھنجي روشن خياليءَ جو مظاهرو ڪندو ٿي ويو ، آءٌ معمول مطابق پنھنجي واري جي انتظار ۾ سڀن کي ٻڌندو رهيس.
    منھنجو وارو سڀن کان آخر ۾ هوندو هو ڇو ته مونکي ٿر جي بک ۽ بدحاليءَ تي ڪيل کوکلين تقريرن ۾ حقيقت ۽ لڳل بي جان تصويرن ۾ روح ڦوڪڻ لاءِ آخر ۾ پيش ڪيو ويندو هو. اهو انڪري ته آءٌ ان بک ۽ بدحاليءَ مان نڪري آيل هڪ زنده مثال هيس ، آءٌ هنن سڀني لاءِ هڪ عملي نمونو هيس.
    آءُ مٺيءَ کان ڪي ئي ميل پري هڪ ڪکائين گهر ۾ هوش سنڀاليندڙ، بکن جو ستايل ٻارهيس، پنھنجي ماءُ سان گڏ پري پري کان پاڻي ڀري اچڻ منھنجي پيرن ۾ اها سگهه ڏئي ڇڏي هئي جو جسماني طور ڪمزور هئڻ باوجود به ٿر جي ريگستاني علائقي ۾ اٺ وانگر ڊوڙندو هئس. جڏهن سانڀر سان ٿيس ته مٺيءَ پنڌ ايندو ويندو هيس پوءِ اتي هڪ سيٺ جي دڪان تي نوڪري ڪرڻ لڳس ، سيٺ روزانو صبح جو اخبار پڙهي ته آءٌ عجيب نظرن سان کيس ڏسندو هئس ، جڏهن سيٺ اخبار جي آخري پيج تي لڳل ماڊلز جي رنگين تصويرن سان پنھنجي من اندر رنگ ڀرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو هو ته ان وقت آءٌ فرنٽ پيج تي لکيل وڏين وڏين سرخين کي پنھنجي ننڊڙي ذهن سان سمجهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو هئس. سرخين ۾ لکيل اکرن جو مفھوم پڙهي نه سگهڻ ڪري سمجهي نه سگهندو هئس پر هر ڏهاڙي اخبار ۾ لکيل اکر اهو ضرور سمجهائي ويندا هئا ته مونکي پڙهڻ گهرجي، اهڙي طرح مون ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو ، مون سيٺ جي نوڪري ڇڏي اسڪول وڃڻ شروع ڪيو. آءُ بغير داخلا بغير ڪتابن جي وڃي ڪلاس ۾ ويھي رهندو هئس جنھن تي استاد ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو هو پر آءٌ به وري ٻئي ڏينھن اچي ڪلاس ۾ ويھي رهان، استاد ڪڍڻ کان نه مڙي آءُ اچڻ کان نه مڙان . اسڪول جو هيڊماستر منھنجو اهڙو شوق ڏسي حيران ٿي ويو . هن منھنجي پڙهڻ جو ذمو پنھنجي ڪلهن تي کنيو. اٺين تائين ڪورس مڪمل ڪرائي سرٽيفيڪيٽ وٺرائي نائين ۽ ڏهين جو امتحان گڏ ڏياري مونکي ڪاليج ۾ ويھاريائين. ڪاليج ۾ آءٌ پڙهائيءَ جا ريڪارڊ قائم ڪرڻ لڳس. ٻين جي حيرانگي مونکي انڪري حيران نه ڪندي هئي، جو آءٌ پاڻ ايترو حيران هئس جو صبح جو ننڊ مان اٿي ڪاليج وڃڻ کي خواب ۽ وري رات جو خوابن ۾ ٿر جي ريگستانن ۾ رلڻ کي حقيقت سمجهندو هئس. مونکي ائين تيزيءَ سان اسرندو ڏسي هڪ انٽرنيشنل NGO مونتي هٿ رکيو ۽ منھنجي پڙهائڻ لکائڻ جو ذمو به کنيو، هيڊماستر صاحب جي گذاري وڃڻ ڪري آءٌ به پريشان هئس پوءِNGOجي سھاري پڙهائي جاري رکندي يونيورسٽي مان سوشالاجي ۾ ماسٽرس ڪري آيس .
    جنھنNGOمونکي سھارو ڏنو هو، اها ٿر جي تعليمي معيار، تعليمي ڄاڻ ۽ تعليمي سھولتن جي ترقيءَ تي ڪم ڪري پئي. منھنجي سوشالاجي ۾ ماسٽرس مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، ان ئي NGO مونکي جاب ڏئي پنھنجي تعليمي ترقيءَ جي ڪم جو حصو بڻائي ڇڏيو. تعليم جي ترقيءَ تي ڪم ڪيم به الائي نه پر پاڻ ترقيءَ جا ڏاڪا چڙهندو پئي ويس ، پھريان حيدرآباد پوءِ ڪراچي ۽ آخر ڪار اسلام آباد شفٽ ٿي ويس ، 5 سالن کان ٿر جي بک، بدحاليءَ ۽ تعليمي معيارتي ڪوٺايل ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر سيمينارن ۾ پنھنجي ڪاميابيءَ جي مثالن ۽ NGO جي ڪردار تي تقريرن ڪرڻ ۾ ايڏو ته مصروف رهيس جو ٿر کي ويجهي کان ڏسي ئي نه سگهيس، پر ٿر جي بک، بد حاليءَ ۽ تعليمي معيارجو حال ڪڏهن اخبار ۾ پڙهي وٺندو هئس يا وري نيوز چينل تي ڏسي وٺندو هئس. مونکي ڪڏهن ڪڏهن اهو سمجهه ۾ نه ايندو هو ته مون ٿر مان بک ۽ بدحاليءَ کي هميشه لاءِ ڪڍڻ لاءِ ٿر ڇڏيو هو، يا وري پاڻ کي بک ۽ بدحاليءَ مان ڪڍڻ لاءِ ٿر هميشه لاءِ ڇڏي آيو هئس.
    گذريل مھيني بابا سائين پنھنجي سوٽ جي انتقال تي مونکي زوريءَ ڳوٺ وٺي ويو هو. مون جڏهن ٿر جي واريءَ تي پنھنجن پيرن ۾ پاتل امپورٽيڊ ڪيٽرپلر جا بوٽ رکيا ته ٿر مان صور ڦوڪجڻ جھڙي دانھن نڪتي . جنھن ٿر ۾ پيرين اگهاڙي ميلن جا ميل ڊوڙندو وتندو هئس ان ٿر ۾ امپورٽيڊ بوٽ پاتل هوندي به هڪ وک کڻڻ ڏکي پئي لڳم. ڳوٺ پھچڻ تي ائين لڳم ته ڄڻ هتان جي هر اک منھنجي ڪاميابي جي سفر کي ڏسڻ ۽ هر ڪن منھنجي ڪھاڻي ٻڌڻ پيو گهري پر مونکي پنھنجي حيرانگيءَ وڌيڪ پريشان تڏهن ڪيو جڏهن اهو احساس ٿيم ته هت نه ٽي وي آهي ۽ نه وري اخبار، نه ڪو پڙهي ٿو ۽ نه وري ڪو خبرون ٿو ڏسي ته پوءِ آءٌ پنھنجي ڪاميابيءَ جون ڪھاڻيون هُنن وڏن وڏن سيمينارن ۾ ڪنھن کي پيو ٻڌايان ؟
    انهن کي، جن جو نه ته ٿر سان ۽ نه وري ٿري زندگيءَ سان ڪو واسطو آ، جڏهن منھنجي تقريرن مان ٿرواسين کي ڪو لاڀ ئي نه ٿو ملي ته پوءِ هنن سيمينارن ۾ ڊگهيون ڊگهيون تقريرون آخر ڪنھن لاءِ !.
    مونکي اهو سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هتNGOsبک ۽ بدحاليءَ کي ٿرمان ڪڍڻ جو ڪم ڪري رهيون هيون يا بک ۽ بدحاليءَ سان پنھنجي سر پاڻ مھاڏو اٽڪائيندڙ ٿرواسين کي ٿر مان ڪڍڻ جو ڪم ڪري رهيون هيون.
    انگ اکر ڏسڻ سان ائين پيو لڳي ته جي ٿر جي امداد جي نالي تي ڪٺي ڪيل رقم، ٿر تي خرچ ڪئي وڃي ها ته ملڪ ۾ هڪ نئون شهر اڏجي وڃي ها ، ۽ وري ٻئي پاسي ٿر جي گهر گهر جا جيترا انگ اکرNGOsڪٺا ڪيا هئا، جي سرڪاري ادارن وٽ هجن ها ته شايد سرڪار کي پنھنجي نااهليءَ جي خبر پئجي وڃي ها ، خبرنه پئي پيم ته ڪٺا ڪيل انگ اکر ۽ خرچ ڪيل رقم مان فائدو ڪير پيو وٺي.
    مون کي ٿر ۾ ڪجهه ڏينھن گذاري اهو احساس ٿيو ته هيترا سال آءٌ جن ماڻهن اڳيان پنھنجي ڪاميابيءَ جا راڳ ڳائيندو رهيس،انهن ۾ ته ڪو فرق نه پوڻو هو پرٻئي پاسي جي آءٌ هتي جي ماڻهن ۾ رهي ڪري انهن جي محنت ۽ ارادن ۾ پنھنجي ڪاميابيءَ جي قصن سان روح ڦوڪيان ها ته شايد ڪيترائي مون جھڙا ٻيابه پيدا ٿي پون ها.
    جڏهن کان آءٌ، ٿر کان ٿي آيو هئس ته مون اهو سمجهي ورتو هو ته اڪثرNGOsجو ٿر لاءِ ڪم ڪرڻ جو طريقو غلط آهي. اهي سڀ ان شخص وانگي آهن، جيڪو ڪناري تي بيھي ٻڏندڙ ماڻهن جا فوٽو ڪڍي فيس بڪ تي ته لڳائي ٿو ، پر هٿ وڌائي انهن کي ڪناري تي نه ٿو پھچائي. ان ئي ڪري منھنجي سيمينارن ۾ تقريرن ڪرڻ تان صفا دل کڄڻ لڳي هئي .
    مون هڪ دفعو وري هال ۾ ويٺل ماڻهن ڏانھن نظر ڦيرائي، ڪو به شخص اهڙو نظر نه آيو جنھن تي منھنجي تقرير جو ڪو اثر پوڻ وارو هو. هال ۾ جذباتي تقريرن جا آواز گونجي رهيا هئا، تقريرن ۾ لفظن کان وڌيڪ رڙين سان جذبات ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي. آءٌ اسٽيج تي ويٺي پنھنجي رٽيل تقرير به وسارڻ لڳس، ائين لڳي پيو ته جملا مونکان هٿ ڇڏائي پنھنجي اصلي ماڳ ڏانھن وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هجن. منھنجو وارو اچڻ وارو هو سمجهه ۾ نه پئي آيم ته آءٌ اسٽيج تي بيھي ڇا ڳالهائيندس ؟ منھنجي آتم ڪھاڻي، منھنجي جدوجھد، منھنجي ڪاميابي هتي ويٺل ماڻهن جي لاءِ ته عملي نمونو آهي ئي نه ته پوءِ ڇو آءٌ هنن کي ويٺو هردفعي پنھنجا داستان ٻڌايان.مون سمجهي ورتو هو ته هت NGO صرف زخم ڏيکارڻ جو ڪم پئي ڪري ان تي مرهم رکڻ جو نه .
    آخرڪار مونکي اسٽيج تي گهرائڻ لاءِ منھنجي تعريف جا بند ٻڌا ويا ، هال ۾ ويٺل ماڻهن ۾ منھنجي ڪھاڻي منھنجي واتان ٻڌڻ جو شوق اڃان به وڌيڪ جاڳي پيو سڀ نظرون مونکي تڪڻ لڳيون ، مون هڪ دفعو ٻيھر هال ۾ نظر ڦيرائي سڄو هال منهنجي اصل مخاطبن کان خالي هو. مون ڄاڻي ورتو هو ته ٿر جي حال تي جي ڪو اثر ٿيڻو هو ته اهو مون سان ۽ منھنجي ٿر سان لاڳاپي سان، پري ويھي کوکلين تقريرن ڪرڻ سان نه. مونکي تقرير لاءِ گهرايو ويو آءٌ پنھنجي ڪرسي تا اٿيس، گهڻي ڪوشش ڪيم ته ڊائيس ڏانھن وڌان پر قدمن ساٿ نه ڏنو ، منھنجا قدم پنھنجي ليکي مونکي هال کان ٻاهر وٺي آيا، مونکي ائين لڳو ته ڄڻ مونکي سڏ هال ۾ لڳل اسٽيج تان نه پر ٿر جي تتل ريگستان مان ٿيو هجي، مون ڄاڻي ورتو ته منھنجي تقرير جا مخاطب هال ۾ ويٺل شھر جا امير نه پر ٿر ۾ ويٺل منھنجا غريب ماروئڙا آهن.


    باغبان

    پروفيسر احمد ڪمال جو اهو روز جو معمول هو ته هو شام جو ڊاڪٽر آفتاب انصاري جي بنگلي تي ويندو هو، جتي هو ڊاڪٽر سان گڏ لان ۾ ويھي چانھه به پيئندو هو ۽ ڪچھري به ڪندو هو.
    پر اڄ هن کي الائي ڇو ڊاڪٽر آفتاب جي بنگلي تي ويٺي مزو نه پئي آيو، هن کي ائين لڳو پئي ته ڄڻ هن جي سڄي زندگيءَ جي حاصلات پاڻي ۾ ملي رهي هجي، هن کي اتي ويٺي ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ هن جا حاصل ڪيل سڀ تمغا ۽ انعام هن لان ۾ دفن ڪيا پيا وڃن ۽ هو پنھنجي ئي هٿن سان انهن جي قبر کوٽي رهيو هجي.
    ڊاڪٽر آفتاب پنھنجي پراڻي مالهيءَ مٿان وڄ وانگر ڪڙڪي پيو هو ۽ سندس ڪاوڙ هئي جا گهٽجڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي.
    ”اڙي نڀاڳا! آءٌ توکي هڪ قابل ۽ هوشيار مالهي سمجهندو هئس جيڪو منھنجي باغ جي ٻوٽن جي سٺي طريقي سان نشونما ڪندو پر تون ته ڪو جاهل نڪري پئين، هي تو ڇاڪري ڇڏيو، سڄي باغ جو ستياناس ڪري ڇڏيئي، هڪ به ٻوٽو ثابت نه بچائيئي“ ڊاڪٽر آفتاب گلو مالهيءَ جي مٿان گجندي چيو.
    گلوءَ ڪجهه چوڻ لاءِ پنھنجي چپن کي حرڪت ڏني پر ان کان اڳـ۾ جو گلوءَ جا لفظ ڊاڪٽر جي ڪنن تائين پھچن ها ڊاڪٽر اڳـ۾ ئي دڙڪو ڏيندي چيس.
    ”خاموش مونکي سڀ خبر آهي ته تو ڇا ڪيو آهي، ڇا نه ڪيو آهي سڄو ڏينھن رڳو ٻيڙي ۽F.M Radio ٻيو ڇا ڪندو آهين.“
    خبر ناهي ته ڇو ڊاڪٽر آفتاب جو گلوءَ کي ڳالهايل هڪ هڪ جملو پروفيسر احمد ڪمال کي پنھنجي ئي کوٽيل قبر ۾ پورڻ جو ڪم ڪري رهيو هو، هن کي اها خبر ئي ڪانه پئي ته هو ڪيئن اتان اٿيو۽ بنگلي کان ٻاهر نڪري آيو، هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڪيڏاهن وڃي رهيو هو، پنھنجي گهر ڏانھن ويندڙ رستو به هن کي اڄ اوپرو لڳي رهيو هو، جنھن رستي سان هو ڊاڪٽر جي گهر سالن کان ايندو ويندو رهيو هو اهو رستواڄ هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو، هن کي ائين پئي لڳو ته ڄڻ هو پنھنجي گهر ڏانھن نه پر ڪنھن اجڙيل باغ ڏانھن وڃي رهيو هجي ، جنھن جو هر ٻوٽو گلو مالهيءَ جي لاپرواهيءَ ڪري اُسري نه سگهيو هجي.
    هن جو ذهن، هن جي سوچ منتشر ٿي چڪي هئي ، هن پنھنجي سڄي زندگيءَ ۾ ڪڏهن پاڻ کي ان زاويي کان نه ڏٺو هو. هو هڪ ريٽائرڊ سوشالاجي جو پروفيسر هو، پروفيشنل ڪيريئر جي دوران هن جون ڪي ڪاميابيون هجن يا نه پر ريٽائرمينٽ کان پوءِ هن پنھنجي ئي زندگي تي هڪ ڪتاب ”باغبان“ لکي پنھنجو نالو ملڪ جي وڏي اديبن ۽ دانشورن ۾ لکرائي ڇڏيو هو.
    ”۽ هاڻي آءُ ان شخصيت کي اسٽيج تي اچڻ جي دعوت ڏيندس جنھن ادب جي دنيا ۾ پنھنجو ۽ سنڌي ادب جو نالو سڄي دنيا ۾ مشھور ڪرايو آهي، ادب جي دنيا جا ڪيترائي اعزاز حاصل ڪيا اٿس ۽ اوهان سمجهي سگهوٿا ته اها سنڌي ادب لاءِ هڪ وڏي خدمت آهي سو آءُ هاڻي گذارش ڪندس هڪ عظيم ڪتاب ”باغبان“ جي ليکڪ جناب پروفيسر احمد ڪمال جن کي ته اهي اسٽيج تي اچن..............“
    ”سڄو هال تاڙيل جي گونج سان ڀرجي ويو هو.............”
    پر اڄ الائي ڇا ٿيو هو، جو هن کي اهي سڀ پنھنجون ڪاميابيون ناڪاميون پئي لڳيون هن کي ائين پئي لڳو ڄڻ ڪا سوچ ڪا قوت هن جي هٿ مان هن جا حاصل ڪيل سڀ تمغا سڀ انعام کسي رهي هجي.
    باغبان صرف هڪ ڪھاڻي هڪ آتم ڪٿا يا هڪ ڪتاب نه پر هن جي سڄي زندگيءَ جي تلخ حقيقت هئي، باغبان اهو ڪتاب هو جنھن ۾ هن پنھنجي زندگيءَ جي مختلف رنگن کي گڏ ڪري هڪ اهڙي اسڪيچ کي تخليق ڪيو هو جنھن دنيا آڏو ماڊرن معاشري جون تلخ حقيقتون ظاهر ڪري ڏيکاريون هيون. انساني چھرن پٺيان بگيڙ نما ماڻهن کي ظاهر ڪيو هو ، عھدن ۽ رتبن تان لھي وڃڻ کان پوءِ ڪيئن ماڻهو پنھنجن جي دلين تا به لھي وڃي ٿو،هن ظاهر ڪري ڏيکاريو هو، هُن پنھنجي رڳن ۾ گردش ڪندڙ رت کي پاڻي ٿيندي ڏيکاريو هو.
    پنھنجي آتم ڪٿا جو نالو باغبان رکڻ کان اڳـ۾ هن جي ذهن ۾ گهڻا ئي نالا آيا هئا پر گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ هن ان جو نالو باغبان رکيو هو، ڇاڪاڻ ته هن جي سڄي آتم ڪٿا ۾ هن جو ڪردار هڪ باغبان وانگر هو. اهو باغبان جنھن پنھنجي باغ ۽ ان جي ٻوٽن کي نه صرف پاڻ اسرندي ڏٺو هو، پر انهن ٻوٽن جي ڦٽڻ کان وٺي وڌي وڻ ٿيڻ تائين هر ضرورت هڪ سٺي باغبان وانگر پوري ڪئي هئي، ها پر جڏهن باغ جا ٻوٽا وڻ بڻجي ميوي ڏيڻ جھڙا ٿيا ته ان وقت تائين هو پنھنجي سگهه وڃائي ويٺو هو ۽ باغ کي به باغبان جي ضرورت نه رهي هئي، عمر جي ان حصي ۾ جڏهن هو جسماني سگهه وڃائي چڪو هو، ان وقت هڪ وڌي ويل وڻ تان ميوو لاهڻ هن لاءِ مشڪل ٿي ويو هو.
    ”باغبان“ هن جي زندگيءَ جي هڪ وڏيAchievement هئي، باغبان هن کي ڪيترائي ايوارڊ ڏياريا هئا. ٿوري ئي وقت ۾ ان جا ترجما ملڪ جي مختلف ٻولين ۾ ٿي چڪا هئا. پر اڄ خبر ناهي ته ڇو هن کي سڀ ايوارڊ ۽ مليل تمغا پنھنجي مٿان ٺٺول ڪندي محسوس ٿي رهيا هئا. هن کي ائين لڳي رهيو هو ته ڄڻ هو ڊاڪٽر آفتاب انصاريءَ جي سامهون گلو مالهيءَ وانگر هٿ ٻڌي بيٺو هجي هڪ نا اهل مالهيءَ وانڱر.
    هو سھڪندو سھڪندو پنھنجي گهر پھتو، جيئن ئي بيڊروم ۾ داخل ٿيو ته سامهون آئيني تي نظر پيس جتي هن کي پنھنجو عڪس بيٺل نظر آيو. جيڪو هن کان ڄڻ ته ڪجهه سوال پڇڻ چاهيندو هجي ۽ هو پاڻ کي هن جي سامهون گلو مالهيءَ وانگر بيوس ۽ لاچار بيٺل محسوس ڪندو هجي، هن پنھنجي سوچ، پنھنجي خيالن کي هٽائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر هن جي هر ڪوشش ناڪام وئي، هن جون سوچون هن کي واپس ڊاڪٽر آفتاب جي لان ۾ وٺي ويون.
    ڊاڪٽر آفتاب گلو مالهيءَ مٿان وڄ وانگر ڪڙڪي رهيو هو.
    ”تون مونکي ٻڌاءِ جاهل! ته مالهيءَ جي ڪھڙي ذميواري هوندي آهي! پنھنجي ٻوٽن جي اسرڻ لاءِ ضروري هر شيءِ جو خيال رکڻ يا .....“
    هو پنھنجي سوچن کي زوريءَ ڇڪي واپس کڻي آيو ۽ وڏي اعتماد سان پنھنجي عڪس جي اکين ۾ اکيون وجهي چيو.
    ”مون پنھنجي باغ جي هر ٻوٽي جي ضرورت پوري ڪئي ننڍي کان ننڍي شيءِ کان وٺي دنيا جي هر اها شيءِ انهن کي ڏني جيڪا انهن جي اسرڻ لاءِ ضروري هئي.“
    هو واقعي هڪ سٺو باغبان هو هن جي باغ جا ٽي ٻوٽا جمال،سھيل ۽ راحيل وڌي وڻ ٿي چڪا هئا ۽ اها حقيقت هئي ته اهي ائين ئي نه اسريا هئا، انهن جي وڌي وڻ ٿيڻ ۾ هن جي ڏينھن رات جي محنت شامل هئي، هن کي هڪ هڪ ڏينھن هڪ هڪ لمحو ياد آهي ته ڪيئن انهن کي پالي نپائي وڏو ڪيو هئائين. اڄ جي ڪڏهن هو سڀ وڏن عھدن تي فائز هئا ته اهو سڀ هن جي ڪوششن ۽ ڪاوشن جو نتيجو هو، نرسري اسڪول کان وٺي ملڪ جي وڏن تعليمي ادارن تائين ۽ ملڪ کان وٺي ٻاهرين ملڪن تائين هن هر خرچ خوشي خوشي ڪيو هو ته جيئن هن جي اولاد ڪنھن سٺي منزل تي پھچي سگهي.
    هن پنھنجي عڪس جي اکين ۾ اکيون وجهندي چيو.
    ” آءُ اهو باغبان آهيان، جنھن پنھنجي ٻوٽن جي انهن جي خواهش مطابق ضرورت پوري ڪئي آهي“.
    هن کي ياد آيو ته ڪيئن هڪ دفعي اڌ رات جو سھيل آئيس ڪريم جو ضد ڪيو هو ۽ اهو به ڊسمبر جي سرد رات ۾ ۽ هن ان وقت گاڏي ڪڍي هئي ۽ سڄي شھر ۾ گاڏي ڊوڙائي، الائي ڪٿان هُن لاءِ آئيس ڪريم وٺي آيو هو. هن کي اهو به ياد آيو ته ڪيئن جمال ڪاليج وڃڻ لاءِ موٽر سائيڪل جي فرمائش ڪئي هئي ۽ هن ٻئي ڏينھن تي هن جي هٿ ۾ بائيڪ جي چاٻي رکي هئي. هو راحيل جي رڳو هڪ نڇ ڏيڻ تي هاسپيٽل جي ڊاڪٽرن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيندو هو.
    هن هڪ دفعو ٻيھر فاتحانه انداز سان آئيني ۾ پنھنجي عڪس ڏانھن نھاريو، پر عڪس هو جو هن ڏانھن عجيب طرح سان نھاري کلي رهيو هو، هن جي حيرانگي ۽ پريشاني اڃان به وڌي ويئي. عڪس ڄڻ ته هن تي ٺٺوليون ڪري رهيو هجي ۽ طنزيه کلندي چئي رهيو هجي ته.
    ”تون پنھنجين سڀني راتين جون ننڊون ڦٽائي پنھنجي ڪمايل سڄي دولت اولاد مٿان لٽائڻ باوجود به گلو مالهيءَ وانگر هڪ نااهل ۽ ناڪام مالهي آهين.“
    هن جي پريشاني اڃان وڌي وئي هن جي مٿي تي پگهر لھي آيا هن کي ائين لڳڻ لڳو ڄڻ گلو مالهي هن جي وجود ۾ گهڙي آيو هجي ۽ هو ان کي ڪڍڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هجي. آئيني ۾ سامهون بيٺل هن جو ئي عڪس هن کي گلو مالهي چئي ٺٺوليون ڪري رهيو هجي. هن جي سوچ هن کي هڪ دفعو ٻيھر ڊاڪٽر آفتاب جي لان ۾ وٺي وئي جتي گلو مالي ڊاڪٽر جي پيرن ۾ ڪريو پيو هو ۽ هٿ ٻڌي ڊاڪٽر کي چئي رهيو هو.
    ”سائين اوهان کي ته خبر آهي ته هن دفعي جهولو ڪيڏو نه تيز لڳو هو، جنھن گلاب جي مکڙين کي گل ٿيڻ کان اڳ ئي ساڙي ڇڏيو ۽ سائين مون اوهان کي اڳ به ٻڌايو هو ته دريا جي پاڻي ۾ به هن دفعي اها طاقت نه هئي، جنھن ڪري به ٻوٽا ڪمزور ٿي پيا، مٿان وري پاڙي وارن ڇورن جي بيٽ بال به باغ جو حشر خراب ڪري ڇڏيو مون کين گهڻو روڪيو پر ڇورا مڙن ئي ڪانه پيا آءُ ڇا ڪريان.“
    ڊاڪٽر آفتاب گلو مالهيءَ جا اهي عذر ۽ بھانا ٻڌي ويتر مڇرجي پيو.
    ” جاهل انسان مونکي ٿو پڙهائين، ڇا ان جهولي سڄي شھر جا ٻوٽا ساڙي ڇڏيا، وڃ وڃين ڀرسان سائين جان محمد جي بنگلي تي ڏسي اچ ڪيڏا نه سھڻا گل ڦٽي آيا آهن، اڙي نا اهل! اهو تنھنجو ڪم هيو ته تون پنھنجي باغ کي سٺو پاڻي سٺوماحول ڏين هان ۽ وري هر خطري کان محفوظ به رکين ها.“
    هو پنھنجي سوچ کي واپس بيڊروم ۾ ڇڪي کڻي آيو، هن دفعي پاڻ کي وڌيڪ پر اعتماد محسوس پئي ڪيائين، هن پنھنجي عڪس جي اکين ۾ اکيون ملائي هُن کي ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته هو ڪيڏو نه مھان باغبان آهي. هن کي ياد آيو ته ڪيئن هن پنھنجي باغ جي نازڪ گلن کي سردي گرمي کان محفوظ رکيو هو، هر بيماري کان بچايو هو. هو پنھنجي محدود وسيلن باوجود به گهر ۾صحت ۽ صفائي لاءِ هر اُپاءُ وٺندو هو، هڪ دفعي سڄو ڏينھن بجلي ڇا وئي هئي، هو ڀڄي وڃي وڏو جنريٽر وٺي آيو هو. هن کي اهو ڏينھن به ياد آيو، جڏهن ڪرڪيٽ کيڏندي پاڙي جي ڇوڪري جو بائونسر سھيل کي لڳو هو ۽ هن ان ڇوڪري کي اها ڪٽ ڪڍي هئي جو هو ست ڏينھن بيڊ تان نه اٿي سگهيو هو.
    هن هڪ دفعو ٻيھر پنھنجي عڪس جي اکين ۾ اکيون وجهي پنھنجي فتح جو اعلان ڪرڻ ٿي چاهيو پنھنجي وجود ۾ گهڙيل گلو مالهيءَ کي ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين پر هن جو عڪس هئو جو هن مٿان مسلسل طنز سان کلي رهيو هو هن جي پريشاني ويتر وڌي وئي هن جي نرڙ تي پگهر جا ڦڙا نڪري آيا هن جي زبان خشڪ ٿي وئي هن فرج مان ٿڌو پاڻي ڪڍي پيتو ۽ صوفي تي لاچار ۽ بيوس ٿي ويھي رهيو.
    اڄ هو پاڻ کي بلڪل ائين بيوس ۽ لاچار محسوس ڪري رهيو هو جيئن هن پاڻ کي ريٽائرمينٽ کان پوءِ پھريون دفعو بيوس ۽ لاچار محسوس ڪيو هئائين. اڄ هن کي پنھنجي اها بيوسي ياد اچي ويئي جيڪا هن کي ريٽائرمينٽ کان پوءِ سرڪاري بنگلو واپس ڏيڻ وقت محسوس ٿي هئي. هو اهو باغبان هو جنھن پنھنجي سڄي زندگي باغ جي ٻوٽن کي ٿڌي ڇانو ڏيڻ ۾ گذاري ڇڏي هئي پر پنھنجي ڇانو لاءِ هڪ سڪل وڻ به نه بچايو هئائين . هن کي ياد آيو ته ڪيئن هن پنھنجي وڏي پٽ جمال کي شوق سان پرڻايو هو ۽ شھر جي وڏي بزنس مين لالا رحمت جي ڌيءُ کي گهر ۾ نھن بڻائي وٺي آيو هو، پر لالا رحمت جي ڌيءُ کي هن جو گهر ننڍو لڳو هو ۽ ٻئي زال مڙس ڊفينس ۾ بنگلو وٺي شفٽ ٿي ويا هئا. هن کي اهو به ياد آيو ته ڪيئن سھيل هن سان انگلينڊ مانMBA ڪرڻ جو ضد ڪيو هو، هن پنھنجي سڀ جمع پونجي لڳائي، هن کي انگلينڊ موڪليو هو ۽ سھيل انگلينڊ مانMBA سان گڏ ميڊم به وٺي آيو . MBA هن کي ڪاروبار ڪرڻ سکاريو الائي نه پر ميڊم هن کي ماءُ پيءُ کان پري ٿيڻ ضرورسيکاري ڇڏيو.
    ريٽائرمينٽ کان پوءِ هڪ راحيل ئي بچيو هو، جيڪو هن ٻنهي زال مڙسن جو خيال به رکندو هو ۽ وري پنھنجي ٻنهي ڀائرن کي والدين ڏانھن توجه نه ڏيڻ تي ٽوڪيندو به رهندو هو. هر وقت پنھنجي پيءُ ماءُ جون ننڍيون ننڍيون ضرورتون ۽ خواهشون پوريون ڪرڻ ۾ لڳو پيو هوندو هو. هر هفتي لڪي لڪي ڀاءُ جي گاڏي ڪڍي ٻنهي کي گهمائڻ به وٺي ويندو هو. پر جڏهن کان جمال هن جي شادي پنھنجي ساليءَ سان ڪرائي ۽ هن کي هڪ ننڍو بزنس سيٽ اپ هڻي ڏنو هو ته هو به ٻين ڀائرن وانگر والدين کي بار سمجهڻ لڳو هو.
    هن کي ياد آيو ته ڪيئن هن جي اولاد وٽ هنن جي پنھنجي اولاد لاءِ ته وقت هوندو هو پر والدين لاءِ هنن وٽ وقت صفا نه هو. جڏهن کان هن سرڪاري بنگلو ڇڏيو هو تڏهن کان ٻئي زال مڙس ڄڻ آسمان ۾ ڪاٽا ٿيل لغڙ وانگر ٿي پيا هئا، ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي، جيڏانھن هنن جي اولاد جي مرضي هنن کي وٺي ويندي هئي اتي وڃي رهندا هئا. هونءَ ته هن جا پٽ پنھنجي پنھنجي ٻارن سان وڏن وڏن بنگلن ۾ رهندا هئا پر انهن وڏن بنگلن ۾ هنن لاءِ ٿوري جڳهه به مشڪل سان هئي. جنھن ڪري هي ٻئي ڪڏهن ڪنھن پٽ وٽ ته ڪڏهن ڪنھن پٽ وٽ رهندا هئا. ڪڏهن هڪ نُھن جا مھڻا ته ڪڏهن ٻئي جا طعنا ٻڌڻ هنن جو معمول بڻجي ويو هو. آخر ڪار هن جي پٽن هنن ٻنهي کان بيزار ٿي، هڪ الڳ گهر وٺي ٻنهي پوڙهن کي ان ۾ شفٽ ڪري ڇڏيو . اها هن لاءِ هڪ وڏي سزا هئي جو هڪ باغبان کي پنھنجي باغ کان جدا ڪيو وڃي پر هن ان کي قسمت جو فيصلو سمجهي قبول ڪري ورتو ۽ ان فرصت دوران پنھنجي احساسن کي قلم جي زبان ڏيڻ شروع ڪيائين ۽ پنھنجي باغبانيءَ کي دنيا تائين پھچايائين.
    باغبان هن جي هڪ عظيم تخليق هئي. باغبان صرف هڪ آتم ڪٿا نه پر هن ترقي يافته دور جي گهر گهر جي ڪھاڻي هئي، هن دور جي مجبور ۽ لاچار والدين جي آهه و بُڪا هئي ، هن دور جي نئين نسل جي تنگ نظري ۽ بي حسيءَ جي عڪاسي هئي. باغبان اهڙي ته پسند ڪئي وئي جو هن جو پھريون ايڊيشن ٿورڙي وقت ۾ ختم ٿي ويو. باغبان هن کي صرف نالو نه پر تمام گهڻو پئسو به ڏنو. پنھنجي ٽيهه سالا پروفيشنل دور ۾ هن ايترا ايوارڊ حاصل نه ڪيا هئا، جيترا باغبان لکڻ کان پوءِ هن کي مليا هئا.
    هن جو نالو، پئسو ۽ معاشري ۾ حيثيت ڏسي، هن جي باغ جا اُسريل ٻوٽا جمال، سھيل ۽ راحيل هن ڏانھن ڊوڙندا آيا ته جيئن هن کي پرچائي هن جي دولت ۽ شھرت مان ڪجهه مستفيد ٿي سگهن ، پر هن انهن کي هميشه لاءِ عاق ڪري ڇڏيو ۽ پنھنجي گهر جا دروازا هنن لاءِ هميشه لاءِ بند ڪري ڇڏيا هئا.
    هاڻي هو وڌيڪ غضب ۽ ڪاوڙ سان صوفي تان اٿي آئيني ڏانھن ويو پنھنجي جوش ۽ همت کي ڪٺو ڪندي پنھنجي عڪس جي اکين ۾ اکيون ملائي چيو.
    ” تون ڇا ٿو سمجهين، آءُ گلو مالهيءَ وانگر هڪ جاهل مالهي آهيان جنھنجا ٻوٽا صحيح ماحول نه ملڻ ۽ غذا جي ڪمي ڪري سڙي ويا هئا . نه تون غلط ٿو سوچين مون پنھنجي ٻوٽن پنھنجي اولاد کي کاڌ خوراڪ ۽ سٺي ماحول جي ڪا به ڪمي نه ڏني هئي مون پنھنجي ٻوٽن کي بھتر کا بھتر خوراڪ ۽ ماحول ڏنو هو.“ هن وڌيڪ جذباتي ٿيندي چيو.
    ” تون ڇاٿو سمجهين، آءُ به گلو مالهيءَ وانگر آهيان، جنھن پنھنجي ٻوٽن کي صحيح وقت ۽ توجهه نه ڏني، جنھن ڪري هن جي ٻوٽا گل ۽ ميوو ڏيڻ جي موسم ۾ سڪل پنن کان سواءِ ڪجهه به نه ڏئي سگهيا. نه تون غلط آهين، تنھنجي سوچ غلط آهي منھنجي ٻوٽن گل به ڏنا ۽ ميوو به ۽ اهو سڀ ڪجهه منھنجي صحيح توجهه ۽ وقت ڏيڻ جي نتيجي ۾ ٿيو.“
    هن جي انهن سڀن ڳالهين جو هن جي عڪس تي ڪو به اثر نه پيو پئي. عڪس هن ڏانھن مسلسل طنزيه نظرن سان ڏسي رهيو هو. هن کي آئيني ۾ بيٺل عڪس تي ڪاوڙ اچي رهي هئي، هن پنھنجي نرڙ تان پگهر اگهندي رڙ ڪندي چيو.
    ”آخر تون مڃين ڇو ڪونه ٿو ، ته آءُ هن مالهيءَ وانگر ناڪام نه آهيان ، آءُ ته هڪ ڪامياب مالهي آهيان تون ته ڇا، مونکي سڄي دنيا مڃي پئي. آءٌ بھترين والدين لاءِ هڪ اهڃاڻ ٿي پيو آهيان، ۽ تون آهين جو مونکي مڃين ئي ڪانه پيو.“ هن پنھنجي اندر جي باهه ڪڍندي چيو.
    ” ها آءُ وري به چوندس ته تون هڪ نااهل، جاهل ۽ ناڪام مالهي آهين بلڪل گلو مالهيءَ وانگر.“ عڪس هن جي اکين ۾ اکيون وجهندي اعتماد سان چيو.
    ” نه نه، مان ناڪام نه آهيان ! تون نه پيو ڏسين مون کي ڪيڏا انعام ڪيڏا تمغا مليا آهن.“ هن گڙگڙائڻ جي ڪيفيت ۾ عڪس کي مڃائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ” ها بلڪل! تو کي انعام ۽ تمغا مليا آهن، پر اهي سڀ تو کي تنھنجي ڪامياب باغبانيءَ جي ڪري نه، پر ناڪام باغبانيءَ جي قبر تي بھترين لفظن جي چادر چڙهائڻ تي مليا آهن. جيڪڏهن گلو مالهيءَ کي به پنھنجي ناڪامي تي ڪجهه لکڻ اچي ها ته شايد هن کي به انعام ڏنا وڃن ها.“ عڪس هن جي ڪاميابيءَ کي ناڪامي ثابت ڪندي چيو.
    ڪاوڙ ۽ غضب جا آثار هن جي منھن تي تري آيا، هو ڳاڙهو لال ٿي ويو.
    ” تون منھنجي ڪاميابي تي سڙين ٿو، آءُ گلومالهيءَ وانگر نا اهل ۽ ناڪام ڪيئن ٿو ٿي سگهان، جنھن جا سڀ ٻوٽا سڙي ويا جڏهن ته مون پنھنجن ٻوٽن کي پنھنجي مقام تي پھچايو آهي، انهن کي انهن جي رتبن تي پھچائڻ ۾ منھنجن ئي ڪاوشن جو عمل دخل آهي.“ هن پنھنجو ڪاميابيون کولي ٻڌايون.
    هن جي عڪس هن ڏانھن کلندي نھاريو.”اهو ئي ته ڏک آهي ته تون پنھنجي باغ جي ٻوٽن کي پنھنجي مقام تي نه پھچائي سگهين.“ عڪس هن کي ويتر حيران ڪندي چيو.
    هن جي ڪاوڙ اڃان به وڌي وئي. هن هيڪر چاهيو ته ٽيبل تي رکيل گلاس کڻي آئيني کي هڻي ۽ پنھنجي عڪس جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي پر اهو سوچي هن پاڻ کي روڪي ورتو ته هڪ عڪس کي جواب ڏيڻ سئو عڪسن کي جواب ڏيڻ کان آسان آهي. هن پنھنجي ڪاوڙ تي ڪنٽرول ڪندي وراڻيو.
    ” مقام! تون نه ڏٺو ڇا؟ ته ڪيئن جمال، سھيل ۽ راحيل وڏن وڏن عھدن تي فائز آهن ۽ سڄو شھر هنن جي مقام ۽ مرتبي کي مڃي پيو اڃان مان هنن کي ڪھڙي مقام تي پھچايان ها ؟“
    ” پروفيسر احمد ڪمال صاحب ! تنھنجي باغ جو مقام ۽ مرتبو گلو مالهيءَ جي باغ جي مقام ۽ مرتبي کان مختلف آهي ، مقام تي پھچڻ معنى فطري ڪمال تي پھچڻ ۽ تون چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته هڪ ٻوٽي جي فطري ڪمال ۽ انسان جي فطري ڪمال ۾ ڪھڙو فرق آهي. ٻوٽي جو ڪمال ٻج کان اسري هڪ مڪمل ٻوٽو يا وڻ ٿيڻ آهي، جنھن جا گل خوشبودار ،پن ساوا ۽ ميوو مٺو هجي ۽ اهو سڀ ڪجهه هڪ سٺو باغبان پنھنجي باغ جي نباتاتي ضرورتون پوريون ڪري ئي ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو هڪ نباتات ساز آهي، ٻوٽن کي پالڻ نپائڻ وارو هنن کي ڪمال تي پھچائڻ وارو پر تون جنھن باغ جو باغبان آهين ان جي ٻوٽن کي انسان بڻجڻو آهي، تون هڪ انسان ساز آهين، انسان کي پالڻ نپائڻ وارو ان کي ڪمال تي پھچائڻ وارو، تنھنجي ٻوٽن جو مقام عظيم آهي، انهن کي صرف جسماني طور وڌي وڏو ناهي ٿيڻو پر انهن کي انسانن لاءِ نفعي بخش ۽ معاشري جو هڪ با ڪردار انسان بڻجڻو آهي،.جيئن هڪ ٻوٽي جون نباتاتي ضرورتون پوريون نه ٿينديون ته هو سڪل سڙيل پنن کان سواءِ ڪجهه نه ڏيندو، ائين ئي جيڪڏهن انسان جون فطري ضرورتون پوريون نه ٿينديون ته هو اخلاق ۽ ڪردار کان آجو رهجي ويندو.“ عڪس هن جي ذهن جا پڙدا کوليندي چيو.
    هن جو مٿو چڪرائڻ لڳو، هن جا چپ خشڪ ٿي ويا، هن کي ائين پئي لڳو ڄڻ سامهون بيٺل هن جو عڪس هن کان پنھنجي شناخت کسي رهيو هجي. هو پاڻ کي ان ڪوهه پيما وانگر محسوس ڪري رهيو هو جيڪو K2 جي آخري چوٽيءَ تان ٿاٻو کائي اونهاين ڏانهن هيٺ ڪري رهيو هجي. هن بيزاريءَ مان عڪس ڏانھن نھاريندي چيو.
    ” مون کي تنھنجون ڳالهيون سمجهه ۾ نه پيون اچن، تون آخر چوڻ ڇا پيو چاهين؟ ڇا مون پنھنجي ٻوٽن پنھنجي اولاد جي فطري نشونما جون ضرورتون پوريون نه ڪيون آهن؟“
    ” ڪاش! تو پوريون ڪيون هجن ها ! ته هو اڄ صرف جسماني طور تي وڌي ويل گهمندڙ ڦرندڙ انسان نما جانور نه هجن ها ، آفيسن ۾ڪم ڪندڙ روبوٽ نما مشينيون نه هجن ها ۽ جديد دور جي بنگلي نما غارن ۾ رهندڙ بگهيڙ نه هجن ها.
    ڇا تو ڪڏھن ڪنھن گلاب جي ٻوٽي لاءِ ڪنھن کي ائين چوندي ٻڌو آهي ته جيڪڏهن هن جي صحيح نشونما يا باغباني ٿئي ها ته هي ڪيڏو نه با اخلاق ، باڪردار ۽ شرافت مند گلاب جو گل ٿئي ها، نه ! ڪير به ائين نه چوندو ڇاڪاڻ ته هن جي فطرت ۾ اها خاصيت آهي ئي نه، اها خاصيت صرف انسان جي فطرت ۾ آهي ته هو هڪ با ڪردار ، با اخلاق، شرافت مند، ذميدار ۽ فرض شناس ٿي سگهي ٿو. هاڻي تون ٻڌاءِ ته جھڙي طرح هڪ ٻوٽي جي سڪي ۽ سڙي وڃڻ جو ڪارڻ مالهي ٿي سگهي ٿو ته انسان جي بد ڪرداري، بد اخلاقي، بي حسي ۽ بي ادبي جو ڪارڻ ڪير ٿي سگهي ٿو.“ عڪس هن جا حواس خطا ڪندي پڇيو.
    عڪس جون ڳالهيون هن جي ذهن تي ڊرون حملن جيان ڪم ڪري رهيون هيون. هن جو سڄو جسم ڏڪي رهيو هو، هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڇا ڪري ڇا چوي. عڪس وڌيڪ چيو.
    ” مالهيءَ جي لاپرواهي نا اهليءَ جي ڪري هڪ گل ڦٽڻ کان اڳـ۾ سڪي سگهي ٿو ، هڪ ٻوٽو اسرڻ کان اڳـ۾ سڙي سگهي ٿو ۽ هڪ باغ سرسبز ٿيڻ کان محروم ٿي سگهي ٿو پر انساني باغبان جي لاپرواهيءَ نا اهليءَ سبب هڪ انسان بدڪردار فرد بڻجي ٿو، جنهن وٽ نه انسان دوستيءَ جا قدر هجن، نه پنھنجي سماج جي اڏاوت جو جذبو هجي، نه رشتن جو احترام هجي ۽ نه قدرت جي حرمت هجي. اهڙو انسان پنھنجي ذات جي سڀاءَ ۽ ڀلاين کان ته سماج کي محروم رکي ٿو پر گڏو گڏ هڪ اهڙي خاندان جو بنياد رکي ٿو، جنھن مان انساني قدرن کان خالي معاشرو جنم وٺي ٿو. ڪنھن اجڙيل باغ کي ته وري سرسبز ڪري سگهجي ٿو، پر ڪنھن معاشري کي سڌارڻ ۾ صديون ٿيون لڳي وڃن .“
    هن جا چپ صفا خشڪ ٿي ويا هئا، هو پاڻ کي ڪٽھڙي ۾ بيٺل هڪ ڏوهيءَ وانگر محسوس ڪري رهيو هو، اهڙو ڏوهي جنھن جي ڏنل هر دليل هن جي ئي مٿان ڏوهه ثابت ڪرڻ جو ڪم پئي ڪري . هن کي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ته هو فرياديءَ جي ڪٽھڙي ۾ بيٺل هڪ مجرم هجي ، جنھن جي پنھنجي فرياد ئي هن مٿان فرد جرم ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي هجي. هن کي ائين پئي لڳو ڄڻ هن جي مجرم جون هٿڪڙيون کولي سندس هٿن ۾ ٻڌيون پيون وڃن ۽ هو واڪا ڪري چوندو هجي ته آءُ بي ڏوهي آهيان.
    هن ڪجهه چوڻ چاهيو پر هن جا لفظ خشڪ ڳلي ۾ اٽڪي پيا هن پاڻيءَ جو گلاس پي پنھنجي ڳلي کي آلو ڪيو.
    ” تون ڇا ٿو چوڻ چاهين ته پنھنجي اولاد پنھنجي گهر ۽ معاشري جي هر برائي جو ذميوار آءُ آهيان ..... نه نه تون غلط ٿو سوچين، هر ڪو پنھنجي سوچ سمجهه ۽ ڪردار جو ذميوار پاڻ آهي، آءُ ڇو آهيان؟“ هن عڪس اڳيان پنھنجي صفائي پيش ڪئي.
    ” جي ائين آهي ته پوءِ تون ڇو ڀڄي آئين ڊاڪٽر آفتاب جي بنگلي تان وڃ نه اتي ٻيھر ۽ ڊاڪٽر کي سمجهاءِ ته سائين ڇو هن غريب مالهيءَ کي پيا ڳالهايو هن غريب جو ته ڪو ڏوهه ئي ڪونھي، سڄو ڏوهه ته توهان جي هنن ٻوٽن جو آهي جو صحيح طرح اسري نه سگهيا ڪٽي ڦِٽي ڪيو هنن ٻوٽن کي هي پاڻ سڪي سڙي ويا آهن.“ عڪس هن کي تنقيدي جملن جي مار ڏني. ”وڃ نه، ڇو نه پيو وڃين.“ عڪس زور ڀريندي چيس.
    هو ائين بت بڻجي بيٺو هو ڄڻ ڪنھن هن جي پيرن ۾ ڪوڪا هڻي ڇڏيا هجن ڀت چري جو هو چري.
    ” تون ڄاڻي ٿو ته جھڙي طرح مالهيءَ جي ذميواري هوندي آهي اهڙي طرح والدين جي به ذميواري هوندي آهي ۽ اها ذميواري هڪ عظيم ذميواري آهي، جنھن جي ڪري ئي الله تعالى ماءُ پيءُ جو عظيم رتبو ڪيو آهي. اهو رتبو صرف جنسي جذبي تحت اولاد کي وجود بخشڻ ڪري نه مليو آهي، پر اهو ان ذميواريءَ ڪري مليو آهي جنھن تحت هو اولاد کي فطري ڪمال تي پھچائن ٿا. پنھنجي اولاد کي انسانِ ڪامل بڻائن ٿا، والدين جي ذميواري صرف اها نه آهي ته اولاد جي کاڌي پيتي رهڻ ڪرڻ جون ضرورتون پوريون ڪن، پر انهن جي بھتر تربيت جون ضرورتون به پوريون ڪن. هڪ باغ جو باغبان ته صرف ان باغ جو ذميوار آهي، پر بگڙيل اولاد جا والدين سڄي معاشري جي بگاڙ جا ذميوار آهن. ڇاڪاڻ ته اڄ جو ٻار ئي سڀاڻي جي معاشري جي تشڪيل ڏيندو. جيڪڏهن هن جي تربيت صحيح ٿيل هوندي ته سڀاڻي جو معاشرو هڪ ڪامل ۽ بھترين معاشرو هوندو. سڀاڻي جون سڀ علمي، سماجي ۽ سياسي شخصيتون انهن مان وجود ۾ اچڻيون آهن، ان ڪري جو اڄ جو ٻار سڀاڻي جو ماءُ پيءُ آهي، هڪ انسان ساز آهي، سڀاڻي جو باغبان آهي.“ عڪس هن جي اڳيان پنھنجو موقف کولي رکيو.
    عڪس جون ڳالهيو هن جي ذهن کي وڪوڙي ويون هيون، هو پاڻ کي پنھنجي ئي وجود جو قيدي محسوس ڪري رهيو هو، هڪ اهڙو قيدي جنھن جي چوڌاري اڏيل ڪوٽ جا سڀ در ۽ رستا کليل هجن پر هن ۾ فرار جي سگهه ئي نه بچي هجي. هن کي پنھنجا سڀ تمغا ۽ انعام بيڪار محسوس ٿي رهيا هئا، هن دل سان اهو فيصلو ڪيو ته هو پنھنجي عڪس جي سامهون هار مڃيندو ۽ اقرار ڪندو ته واقعي هو هڪ ناڪام باغبان آهي، هن اهو فيصلو ڪيو ته هو پنھنجي عڪس جا لڳايل سڀ الزام قبول ڪندو. هو همت ڪري هڪ دفعو ٻيھر آئيني جي سامهون آيو ته جيئن هو عڪس جي سامهون پنھنجي جرم جو اقرار ڪري. پر هن دفعي جيئن ئي آئيني ڏانھن نھاريائين ته پنھنجي عڪس کي بي وس ۽ لاچار بيٺي ڏٺائين ، جنھن جي هٿ ۾ ته ڪامياب ليکڪ، اديب ۽ دانشور جا ڪيترائي ايوارڊ هئا پر ان جي چھري تي هڪ ناڪام باغبان جا آثار صاف نظر اچي رهيا هئا.
    هن آئيني ڏانهن کلندي ڏسي چيو.
    ” پروفيسر احمد ڪمال!“


    بيوقوف

    آءٌ تو کي ڪيڏو نه بيوقوف سمجهندو هئس۽ ڪيئن نه توکي هر وقت سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس، پر تون هئين جو پنھنجي عجيب حرڪتن کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هئين، تون منھنجو گهاٽو دوست هئين ۽ منھنجي اها خواهش هوندي هئي ته تون به مون وانگر هِڪ ڪامياب زندگي گذارين پر تو هميشه پنھنجي بي جا ضد ۽ انا جي ڪري زندگي جي هر ونھوار ۾ پوئتي رهجي وئين.
    تنھنجي به عجيب طبيعت هئي، جنھن قطار ۾ ماڻهون ٻين کي ڌڪا ڏئي اڳيان بيھڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، اتي تون ٻين کي اڳتي ڪري پاڻ پويان بيھي رهندين هئين، جنھن ادارن ۾ گوسڙو شاگرد استادن جي چاپلوسي ۽ ڪاپي ڪري وڏين مارڪن سان پاس ٿيندا هئا، اتي تون پنھنجي قابليت تي ئي ڀاڙيندي هئين ۽ ڏينھن رات هڪ ڪري ڇڏيندين هئين، پاڻ ته پڙهندي هئين پر ٻين کي به پڙهائيندو وتندو هئين پر جڏهن رزلٽ ايندي هئي ته اڪثر سفارشي ۽ ڪاپي ڪندڙ شاگردن جون مارڪون تو کان وڌيڪ اينديون هيون، وري جي آءٌ تو کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس ته تنھنجي ڏينھن رات جي پڙهائيءَ باوجود به جڏهن هڪ ڪاپي ڪندڙ۽ سفارشي تو کان وڌيڪ مارڪون کڻي پاس ٿو ٿي وڃي ته تنھنجي هيڏي پڙهائيءَ جو ڇا فائدو ته موٽ ۾چوندو هئين،
    ” آءٌ هتي صرف ڊگري وٺڻ ڪو نه آيو آهيان، آءٌ ته علم پرائڻ آيو آهيان، علم پرائڻ بغير وڏين مارڪن سان ڊگري وٺي، دوکو پاڻ سان ڪيان ۽ بيوقوف ٻين کي سمجهان، اهو منھنجي سمجهه کان چڙهيل آ.“
    ” اڙي بيوقوف! هت نوڪريءَ لاءِ علم ڪٿي ڏٺو ويندو آهي، هتي ته سفارش ۽ ڊگري ڏٺي ويندي آهي ، اُها علمي قابليت ڪھڙي ڪم جي جو نه ته ڪنھن سٺي اداري ۾ داخلا وٺي سگهجي نه وري ڪا سٺي پوسٽ.“آءٌ تو کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس.
    ” هينئر منھنجو مقصد صرف علم حاصل ڪرڻ آهي، اُن مقصد تي پھچڻ مون لاءِ تمام ضروري آهي ۽ مقصد کان هٽائيندڙ هر شيءِ مون لاءِ فضول آهي، ڀلي کڻي اها ڪنھن پوسٽ جي لالچ هجي يا وري ڪنھن سٺي اداري ۾ داخلا ڇو نه هجي.“
    تنھنجن اهڙن بيوقوفانه فلسفن تي مونکي کل به ايندي هئي ته وري چڙ به وٺندي هئي. تون پاڻ ڏسندين هئين ته تنھنجي اڳيان ڪھڙا ڪھڙا نااهل ماڻهون سٺيون مارڪون کڻي پاس ٿي ويندا هئا ۽ رشوَتون ڏئي وڏين وڏين پوسٽن تي به پھچي ويندا هئا، پر انهن ڳالهين جو توتي ڪو اثر نه ٿيندو هو ، جت ماڻهون چالاڪيءَ ۽ هوشياريءَ جي تيز رفتار لفٽ تي چڙهي ڪاميابيءَ جي منزل تائين جهٽ وڃي پھچندا هئا، اُتي تون پنھنجي فُضول اصولن جي ڀڳل ٽٽل ڏاڪڻ تان مٿي چڙهڻ جي ڪوشش ڪندو هئين، جيڪا هر دفعي ڦيرائي توکي پٽ تي ڪيرائيندي هئي. وري عجيب ڳالهه اها هئي ته هر دفعي ڌڪ کائڻ کان پوءِ به تون ڏاڪڻ ڏانھن ئي وڌندو هئين، لفٽ استعمال نه ڪندو هئين.
    آءٌ تنھنجي سامهون هيس مون هر اها لفٽ استعمال ڪئي هر اُن گس تي هليس ۽ هر اهو طريقو اختيار ڪيو، جيڪو مونکي ڪاميابيءَ طرف وٺي ويو، آءٌ مڃان ٿو ته ڀلي کڻي توکان قابليت ۾ گهٽ هيس پر توکان سٺيون مارڪون کڻندو رهيس ۽ پوسٽ ۾ به مٿي رهيس. ها اها ٻي ڳالهه آهي ته جي آفيشل ڊرافٽنگ جي ضرورت پوندي هئي يا وري ڪنھن ميٽنگ جي تياري ڪرڻي هوندي هئي ته تنھنجي مدد وٺندو هيس. پر افسوس اهو ٿيندو هئم ته تون پنھنجي قابليت سان نه پاڻ کي ۽ نه وري پنھنجي اولاد کي ڪو فائدو ڏئي سگهيو هئين.
    ساڳئي ئي اداري ۾ جٿي ٻيا آفيسر رشوت جي مال جون ٽوڪريون ڀري پنھنجي وڏين وڏين گاڏين ۾ روزانو گهر ويندا هئا اتي تون خالي هٿين ڪپڙا ڇنڊي پنھنجي پراڻي موٽر سائيڪل تي گهر ويندو هئين. آءٌ توکان سينئر هوندي توکي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس ته تون به ڪجهه پنھنجي ۽ پنھنجن ٻچڙن لاءِ سوچ ته ان تي فخر سان چوندو هئين.
    ” الله جو شڪر آ، جيتري اسان جي پيٽ جي گنجائش آهي ان کان وڌيڪ الله سائين رزق ڏنو آهي، ڪڏهن بکيا نه سمهيا آهيون، پر جي بکيو سمهڻو به پيو ته بک تي سڪون جي ننڊ سمهي پوندا سين، پر حرام جو گرهه پيٽ ۾ وجهي پنھنجي سڪون کي تباهه نه ڪنداسين.“
    تنھنجو منطق به تو وانگي عجيب هو، هتي ماڻهون رڳو پنھنجو پيٽ ڀري مون وانگي ٿلها متارا نه ٿيا هئا پر انهن پنھنجا گهر پنھنجون ماڙيون به ڀري ڇڏيون هيون، پنھنجا ڌندا پنھنجون زمينون ۽ ملڪيتون ايتريون ته وڌائي ويا هئا جو هنن جون ست پيڙهيون به سڪون سان ويھي کائي سگهن پيون. ۽ وري ٻئي پاسي تون هئين جو تنھنجو پيٽ خوراڪ ۽ ذهن عقل جھڙي نعمتن کان ڄڻ ته پري ڀڳل هئا.
    ڀلي تون کڻي پنھنجي لاءِ نه سوچين ها پر پنھنجي اولاد لاءِ ته سوچين ها انهن جي مستقبل لاءِ ڪجهه ٺاهي وٺين ها، آءٌ توکي ڪيڏو سمجهائيندو هئس ته ڪٿي تنھنجي اولاد احساس ڪمتريءَ جو شڪار نه ٿي وڃي ، هو پنھنجي چوڌاري سڀڪجهه ڏسن وائسن پيا، متان ڪٿي هنن جي اڄ جي محرومي سڀاڻي تنھنجي پڇتاءَ جو ڪارڻ نه بڻجي پوي .
    ” ڇا، مون پنھنجي اولاد کي سٺي تعليم ۽ تربيت نه ڏني آهي؟ مون هنن کي سٺي تعليم سان گڏ اهڙي تربيت ڏني آهي جنھن سان هو پنھنجي خواهش، طاقت ۽ غضب جي هٿيار کي پنھنجي قابو ۾ رکڻ جي مھارت رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته بغير ڪنھن تربيت جي مليل هٿيار ٻين کي ته نقصان پھچائيندو پر پنھنجي تباهيءَ جو ڪارڻ به ٿي سگهي ٿو. باقي جيستائين محروميءَ جي ڳالهه آهي ته ڪنھن شيءِ کي حاصل ڪرڻ هنن لاءِ مشڪل ناهي، هو جيڪا به شيءِ پنھنجي لاءِ بھتر سمجهندا، اها حاصل ڪري وٺندا.“ تون بيوقوفن جي جنت مان هڪ گُل پٽي منھنجي اڳيان رکڻ جي ڪوشش ڪندو هئين.
    آءٌ مڃان ٿو ته منھنجا ٻار تنھنجي ٻارن وانگر پنج وقت نماز نه پڙهندا هئا، منھنجي ڌيءَ تنھنجي ڌيءَ وانگر پڙدي جو خيال نه رکندي هئي، پر ان جو اهو مطلب به نه هيو ته هو ڪا ڇڙواڳ زندگي گذاريندا هئا، بس جيڪو ڪاليج، يونيورسٽي جو ماحول هو ۽ اسان جو سماجي ڪلچر هو ان مطابق زندگي گذاريندا هئا. آءٌ تو وانگر بيوقوف نه هئس، مون هنن کي سٺيون ڊگريون ۽ سٺيون نوڪريون وٺڻ جي فڪر کان آزاد ڪري ڇڏيو هو ۽ هنن کي وڏين پوسٽن تائين پھچائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي هئي. الله جو شڪر آ ٿورڙي عرصي ۾ گهڻو ڪجهه ٺاهي ورتو هئم، هڪ ڪوٺي ڳوٺ ۾، هڪ بنگلو ڪراچيءَ ۾، ٽي چار فليٽ ۽ هڪُ فارم هائوس باقي ٻنين جو ڪو حساب ئي ناهي، اُن تي وري تنھنجي بيوقوفيءَ جي انتھا اها ڏسندو هئس ته اهو سڀ ڪجهه ڏسندي به تو کي رِيس ته نه ايندي هئي پر ويتر چوندي هئين،
    ” هي سڀڪجهه تون ڪيڏانھن کڻي ويندين.“
    ” اهي سڀ الله سائينءَ جون نعمتون آهن جيڪي هن مونکي محنت جي نتيجي ۾ عطا ڪيون آهن انهن کان لطف اندوز نه ٿيان الله جي نعمتن کي پٺي ڏيان.؟“
    ” ڪھڙي محنت جي نتيجي ۾ تو کي هيڏيون ساريون نعمتون مليون آهن اهو به ته ٻڌاءِ نه ؟.“
    ” ڇو جيڪا محنت هر ڪو ڪري ٿو ، مون ڪو ڪنھنجو حق غضب ناهي ڪيو بس ٿورڙي گهڻي رشوت جي ورتي آهي ته ان ۾ ڇا ٿيو، پر مون باقاعدي سان صدقا ۽ زڪوات ڪڍي آهي جيڪا تنھنجي مُلن ٻڌائي آهي.“ مون تنھنجي اڳيان پنھنجي محنت جي تشريح پيش ڪئي هئي.
    ” مونکي اهو ته ٻڌاءِ! هڪ مڻ کير ۾ جي هڪ ٽيپو زهر جو پئجي وڃي ته ان کي پيئڻ لائق ڪرڻ لاءِ ان مان ڪيترو کير ڪڍڻو پوندو.؟“
    تنھجو سوال نڙيءَ ۾ هڏيءَ وانگر اٽڪي پوندو هو جنھن کي ڳھڻ به مشڪل هو ته اوڪارڻ به مشڪل ، پوءِ پاڻ کي اهو چئي مطمئن ڪندو هئس ته چرين جي هر سوال جو جواب نه ڏبو آهي.
    پر هاڻي تنھنجو ڪيل هر سوال تنھنجي عقل جو ثبوت ۽ پنھنجو ڏنل هر جواب منھنجي بيوقوفيءَ جو اهڃاڻ پيو لڳي. اهو پيو محسوس ٿي ته هڪ پل ۾ هي سڀ ڪجهه گذري ويو 60 سالن جي عمر ۾ ٻه دفعا دل جو دؤرو پئجي چڪو آهي ۽ باءِپاس ڪرائڻ کان پوءِ به طبيعت ۾ مزو ناهي، مزي جي ڳالهه اها آهي ته ڊاڪٽر هر مزيدار شيءِ کائڻ کان جهلي ڇڏيو آهي، هن جون جهليل ذائقيدار شيون به کائڻ کان مڙي ويو آهيان پر ڪو وقت هو جو الله جون جهليل بي ذائقه ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار شيون کائڻ کان به نه مڙندو هئس. پنھنجن بنگلن هوندي به گهڻي قدر وقت اسپتالن ۾ پيو گذري، تون هن وقت به مونکي ذهني ۽ جسماني طور تي مضبوط ۽ صحت مند پيو لڳين، اها ٻي ڳالهه آهي ته فنا سڀن لاءِ آهي، سڀ پنھنجي پڄاڻيءَ ڏانھن پيا وڌون، پر زندگيءَ جي هن موڙ تي آءٌ پاڻ کي هارايل پيو محسوس ڪيان، سڄي عمر توکي بيوقوف چوندو آيس پر هاڻي پاڻ کي مھابيوقوف پيو سمجهان.
    آءٌ پاڻ کي ميراٿن ريس ۾ ڊوڙندڙ ان شخص وانگر پيو سمجهان، جيڪو فنش لائين تائين صرف ان ڪري نه پھچي سگهيو، جو هن کي رستن جون رنگينيون، پاڻ ۾ ائين گم ڪري ويون ،جو هن کان فنش لائين ڏانھن وڌڻ ئي وسري ويو. آءٌ اهو ڪاٿو نه ٿو ڪري سگهان ته مون ڇا وڃايو ۽ تون ڇا ڪمايو، پر اهو ضرور چوندس ته تون پنھنجي مقصد جي چٽي هجڻ ۽ ارادي جي مضبوطيءَ ڪري، دنيا جي هر خوبصورت دوکي کان بچي نڪري آئين . پر آءٌ هر موڙ تي حوس ۽ خواهش جي خوبصورت دوکن هٿان بيوقوف ٿيندو آيس.
    اهو سڀ آءٌ ان ڪري نه پيو چوان جو هاڻي عمر جي هن حصي ۾ ڪجهه ڪرڻ جي سگهه ناهي رهي يا وري دوزخ جو ڊپ ۽ جنت جو شوق پيدا ٿيو اٿم،پر اهو سڀ ان ڪري پيو چوان جو مونکي پنھنجي بيوقوفي هاڻي آشڪار ٿي آهي، آءٌ جيڪڏهن ماضي ۾ پيو وڃان ته تون مون کي هڪ آزاد انسان ٿو نظر اچين فطرت کان آزاد، خواهش کان آزاد، سماج کان آزاد ۽ وڏي ڳالهه ته پنھنجي ذات کان آزاد، پرٻئي پاسي پاڻ کي انهن سڀني زندانن جو قيدي ٿو ڀايان، ڇاڪاڻ ته آءٌ پاڻ بيوقوف بڻجندو رهيس، ڪڏهن فطرت جي هٿان ته ڪڏهن خواهش جي هٿان، ڪڏهن سماج جي رنگينين هٿان ته ڪڏهن پنھنجي ذات جي مستيءَ هٿان ۽ پنھنجي بيوقوفيءَ کي عقلمندي سمجهندي وجود جي حقيقت ئي وڃائي ويٺس ، اهو به وساري ويٺس ته آءٌ هڪ انسان آهيان ۽ انسان آخر آهي ڇا؟
    پنھنجي ذات جي کليل ميدان ۾ خواهشن جا مست گهوڙا ڀڄائڻ ۾ ائين مشغول رهيس جو ارادن جي ٽٽڻ ۽ مقصد تان هٽڻ جي ڪل ئي ڪانه پئي ۽ جڏهن ڪل پئي اٿم، ته هاڻي گهڻي دير ٿي چڪي آهي. آءٌ هاڻي پنھنجي زندگيءَ جي ڪتاب مان ڪي چڱان مضمون چونڊڻ جي ڪوشش پيو ڪيان، پر ڪتاب ۾ لکيل هر مضمون بي اثر ۽ بي مقصد پيو نظر اچي. آءٌ ماضيءَ جي ورقن تي لکيل پنھنجي اکر اکر کي، حال جي خالي ورقن تان ڊاهڻ جي ڪوشش پيو ڪيان. آءٌ هاڻي نه رڳوپنھنجي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل باب ڊاهڻ جي سگهه وڃائي ويٺو آهيان پر ڪو نئون باب تخليق ڪرڻ جھڙو به ناهيان رهيو.
    پر وري ٻي طرف تنھنجي زندگي منھنجي اڳيان هڪ اهڙي ڪتاب وانڱر کلي پئي آهي جنھن جي هر باب ۾ تنھنجي ڪاميابيءَ جا تذڪره آهن جنھن جو اکر اکر گواهي ٿو ڏي ته تون هڪ ڪامياب شخص آهين.
    تنھنجي علمي صلاحيت ۽ اڻٿڪ محنت هميشه تو کي ٻين کان ممتاز رکيو، تون انهن ماڻهن مان نه هئين جن کي ادارا هلائيندا آهن، پر تون انهن ماڻهن مان هئين، جن جي ڪري ادارا هلندا آهن. تو جي ٻين وانڱي رشوت نه ورتي هئي ته انهن وانڱي پنھنجا بي جا اخراجات به نه وڌايا هئا، تو هميشه پنھنجي وسائل مطابق هڪ خوشگوار زندگي گذاري ، پنھنجي اولاد جي اها تربيت ڪئي، جو هنن علم ۽ صلاحيت جي بنياد تي هر شعبي ۾ پاڻ کي مڃايو.
    اڄ تون پنھنجي با اخلاق، باڪردار پٽن سان گڏ هڪ شفيق ۽ مھربان دوست جيان منھنجي طبيعت پڇڻ آيو آهين ۽ آءٌ پنھنجي پگهاردار ۽ وفادار نوڪرن سان گڏ تنھنجي سامهون بي وس ۽ لاچار هن ويل چيئر تي ويٺو آهيان.
    آءٌ اڄ تنھنجي اڳيان اهو اعتراف ٿو ڪرڻ چاهيان ته جنھن نافھميءَ ڪارڻ توکي بيوقوف سمجهندو رهيس، اها ئي نافھمي منھنجي بيوقوفيءَ جو ڪارڻ بڻي ۽ وري وڏو افسوس اهو اٿم ته رڳو پاڻ بيوقوف نه بڻيم پر هڪ بيوقوف نسل ، قوم ۽ سماج جو بنياد به رکي ڇڏيم جنھن جو هر فرد تو جھڙي انسان شناس کي بيوقوف سمجهندو رهندو.
    ها! مان اڄ مڃان ٿو ته بيوقوف تون نه پر مان آهيان.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 344905
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 142347
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ