ڪتاب جو نالو: مان ڀي اُتي هئس
مصنف: ڊاڪٽر ونود آسوداڻي
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 16 جون 2017 ع
پڙهيو ويو: 507 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 185 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب هند جي سنڌي شاعر ڊاڪٽر ونود آسوداڻيءَ جي غزلن جو مجموعو آهي. هن ودوان جي سڃاڻپ جي هڪ خاصيت اها آهي ته هو ڄائي ڄم کان نابين آهن. باوجود ان جي تعليمي ۽ ادبي کيتر ۾ سٺو مقام حاصل ڪيو اٿن.
ادبي کيتر ۾ ڪيل شيوائن لاءِ کيس اکل ڀارت سِنڌي ٻولي ۽ ساهتيه سڀا، جئپور پاران 2014 ۾ راشٽريه پُرسڪار سان نوازيو ويو. 2015 ۾ سندس غزلن جي ڪتاب ”ڀُڻ-ڀُڻ“ کي اين.سي.پي.ايس.ايل. جو 50 هزار روپيه جو راشٽريه ساهتيڪ پُرسڪار ڏنو ويو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • شاعر جي واقفيت
  • سُڃاڻپ
  • غزل

  • ڏَئي هَٿُ اَگر ڪو ڇَڏائي، ٺڳي ٿيِ
  • موُن ڪُجھُه ڪَيو بِه تَه ناهي ليڪِن، زِندَگي شِرُ ٿي وئي
  • کپي فَقَطِ هِڪُ ڌوتي-ڪُرتو ڪيِئَن وَٺان
  • مان تَه آهِيان چَريو، مان تَه رَهَندُس چَرِيو
  • سانڍي ڪُجھُه بِه نَه رَکندو آهيان
  • ڳالهِه ڳالهِه تي کُلي کِلَڻُ، ڀاءِ پَوي شَلَ
  • وَري وَري ٿو ڪَري ساڳي ڳالهِه
  • هوُ ٺَهيِ پو وَري ٿا وِڙهَنِ پاڻَ ۾
  • اُسّ تِکي آ، ڇانوَ ٿَـڌي آ، ڪاڏي وَڃِجي
  • چِڻِنگ هَٿَن ۾ کڻي هَلي ٿو
  • دِلِ کي اُجِلو رَکندو آ ڇَنڊي ڦوُڪي
  • چَئِنُ اَمَنُ ۽ ڀائيِچارو
  • خَريدي هَوائوُن ۽ وِڪِڻيِ ڇَڏي
  • مَهانگا سَڀُ وَکرَ بازار ۾ آهن
  • توُن بِه نَـقُلي گُلُ هُجيِن ها
  • ڇانوَ ٿَڌي، اُسَ تِکي لَـڳي ٿي
  • ڪا ڳَري شئِه کَڻان تَه سوُرُ ٿِئي
  • توُن سَنواريِن نَـٿو خود کي ڇا لَئِه
  • پاڻَ کي ٿَڌِڙا ڪَڍَڻَ تي هَٿُ هِري ويو
  • هِنَ کي هُنَ کي خود کي رکبو شَڪَ جي گھيري ۾
  • پَنهِنجي دِلِ کي پاڻَ سَتائِڻُ ڏوهُه تَه ناهي
  • لِڪَ ڇِپَ گـڏجي راندِ ڪَيوُن ها، ڏيِنهَن ڦِري ويا
  • روزُ رُئَڻَ وارو رُئي نَٿو ڪُجھُه ٿيو نَه هُجي
  • خوابَ پُراڻا سبندو آهي
  • ڀونءِ جي بدلي آسمان مِلي
  • هَر حَقيِقَت گلي لڳائي آ
  • مَهِلَ بي مَهِل زِندَگي گُـڙ مُـڙ
  • ذرا چَنڊَ سان نيڻَ مِلائي، موٽي آيا
  • روزُ دِلِ ذَهَنَ جي ٿِئي کِٽِ پِٽِ
  • هِڪُ هِڪُ ٿي ڏِسُ، اَرمانَ ٿِيا هيٺِ مَٿي
  • دِلِ ۾ ٿوري آگِه لَڳائي پاپُ ڪَيو
  • پَنهِنجا پَنهِنجَن ساڻُ وِڙهيا پي، مان بِه اُتي هوس
  • توکي مُنهِنجو موُنکي تُنهِنجو ٿِيَڻُ کَپي
  • مؤت سان ويڙهِه جي ڳالهِه ڪا ٻي هُئي
  • روزُ جيِئَنِ ٿا روزُ مَرَنِ ٿا
  • هِنَ دِلِ جي توسان ڳالهه ڪَبي، ٻئي ڪَنهِن ڏيِنهُن
  • گيِتُ پيارَ جو ڪِئن ڳايان، کَنگھِه اَچي ٿي
  • اَکِ کوليان يا اَکِ ٻوُٽيان مان
  • پاءُڪَڏَهِن تَه ڪَڏَهِن ڀاڄيِ گھَٽِ
  • ڪا نَه ڪا روزُ ٿي هُجي ڀَڃ ڊاهَه
  • جَڳُ سَموُرو وَڃي مِلي، نَه کَپي
  • خاموش رَهي خوُبُ سَهَن ٿا
  • ڳالهِه ڳالهِه تي موُن کِلَڻُ رُئَڻُ ڇَڏي ڏِنو
  • جھيِڻي ئي روشني گھَڻي آهي
  • پِڃِرَنِ جي ڳالهِه نَه آ ڪَمرَنِ ۾ پِڻِ ساهُه مُنجھي
  • ڳالهِه هَر دِلِ وَٽان هُجي گھَٽِ وَڌِ
  • هَر ڪِٿي آ ڦِڪي روشني ڇا ڪَجي
  • چاهَه ڪَهِڙي ڪَيان عُمِر هِنَ ۾
  • راهَه ساڳي وَٺي توُن هَلَڻُ، ڇَڏِ کڻي
  • جيِوَنُ سارو آ بي معنيٰ آسَ بِنان

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”مان ڀي اُتي هئس“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب هند جي سنڌي شاعر ڊاڪٽر ونود آسوداڻيءَ جي غزلن جو مجموعو آهي. هن ودوان جي سڃاڻپ جي هڪ خاصيت اها آهي ته هو ڄائي ڄم کان نابين آهن. باوجود ان جي تعليمي ۽ ادبي کيتر ۾ سٺو مقام حاصل ڪيو اٿن.
    ادبي کيتر ۾ ڪيل شيوائن لاءِ کيس اکل ڀارت سِنڌي ٻولي ۽ ساهتيه سڀا، جئپور پاران 2014 ۾ راشٽريه پُرسڪار سان نوازيو ويو. 2015 ۾ سندس غزلن جي هن ڪتاب ”ڀُڻ-ڀُڻ“ کي اين.سي.پي.ايس.ايل. جو 00050, روپيه جو راشٽريه ساهتيڪ پُرسڪار ڏنو ويو.
    ٿورائتا آهيون ڀڳوان ٻاٻاڻي صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    شاعر جي واقفيت

    نالو : وِنود هرديالداس آسوُداڻي

    جنم : 1 جنوري 1969، ناگپور

    تعليِم : ايم.اي (انگلش، هِسٽري، سوشلاجي، ناگپور يوُنيِورسِٽي)،
    بي. ايڊ (-ناگپور يوُنيورسِٽي)،
    ايم.ايس.سي . (اپلائيِڊ سائڪالاجي، اناملائي يونيورسِٽي)،
    ايس.ايِ.ٽي. (پونا يوُنيورسِٽي)،
    پي.ايڇ.ڊي.(ناگپور يونيورسِٽي)،
    پي.جي. ڊپلوما (انامالائي يونيورسِٽي)،
    ڀاشا سناتڪ (مراٺي ۾ ڊگري- ناگپور)،
    پنڊت (هندي ساهت ۾ ڊگري-پوني)،
    اَئسوسئيٽ پروفيسر (انگريزي) ۽
    هيڊ آف ڊپارٽمينٽ (هيومنٽيِز ) ناگپور

    ڇپيل ڪتاب : ’ اَڌوُرا آسمان‘ (هِندي غزل سنگرهه، ننڍي ڀاءُ راجيش آسوُداڻيءَ سان گڏ)
    ’چڻگوُن- چڻگوُن‘ (سِنڌي غزلن جو مجموعو)
    ’ باهِه جوُن پاڙوُن‘ (سِنڌي غزلن جو مجموُعو)
    ’ ڀُڻِ- ڀُڻِ‘ (سِنڌي غزلن جو مجموُعو)
    An easy approach to Social Science (Text Book for B.E. First Year)
    An easy approach to English (Text Book for B.E. First Year)

    سنمان : باهه جون پاڙون ڪتاب تي ڀارتيه ڀاشا پريشد، ڪلڪتا طرفان 2012 ۾ يـُوا پرسڪار،
    تعليمي کيتر ۾ ناگپور يونيورسِٽي طرفان جدا جدا امتحانن ۾ 10 گولڊ ميڊل مليل، سنڌي غزلن جي مجموعي ”باهِه جوُن پاڙوُن“ کي ڀارتيه ڀاشا پريشد، ڪولڪتا پاران 2012 ۾ يُوا پُرسڪار، 2013 ۾ تعليمي سرگرمين واسطي Sunrise Peace Foundation پاران ”يوگي مَنوهر شڪشا رتن“ اَوارڊ، 2014 ۾اکل ڀارت سِنڌي ٻولي ۽ ساهتيه سڀا، جئپور پاران راشٽريه پُرسڪار سان ، 2015 ۾ ‘ڀُڻ-ڀُڻ’ ڪتاب تي اين.سي.پي.ايس.ايل. جو 00050, روپيه جو راشٽريه ساهتيڪ پُرسڪار ، . 5 سيپٽيمبر 2015 تي RTM University Nagpur پاران Best Teacher Writer Award ، هِندي ساهتيه ۾ يوگدان تي راشٽرڀاشا پرچار سمتي، وَرڌا جي دَهليءَ ۾ ٿِيَل Diamond Jubilee جلسي ۾ ڀارت سرڪار ۾ اُن وقت جي هوم منسٽر شري سُشيل ڪُمار شِندي سَندَس سَتڪار ڪيو.


    سُڃاڻپ

    ونود آسوداڻيءَ جو جنم مهاراشٽر جي ناگپور شهر ۾ ٿيو. هوُ شري هرديالداس ۽ شريمتي لڇمي آسوُداڻيءَ جو چوٿون اؤلادُ آهي. اَٺن ڀائرن ڀينرن مان ٽي ڀائر ۽ ٻَه ڀينروُن ڄائي ڄَم کان نابيِن (دِرشٽي-هيِن) آهن. نابيِنيءَ باوجوُد ٻالڪپڻي کان ئي پنهنجي لاجَواب قابلِيَت جو مظاهرو ڪندا رهيا آهن.
    ڏهين دَرجي بورڊ جي اِمتحان ۾ 90 سيڪڙو مارڪوُن کڻي وِنود ميرِٽ لِسٽ ۾ سترهون نمبر پراپت ڪيو. اَهڙي طرح ڀارت جو اهڙو پهريون نابيِن هُئڻ جو گؤرَو حاصل ڪيائين جنهنجو نالو ڏهين درجي جي ميرٽ لِسٽ ۾ شامل ٿيو. بورڊ جي ئي ٻارهين درجي ۾ 78 سيڪڙو مارڪوُن حاصل ڪري ڪلا شاخا جي ميرِٽ لِسٽ ۾ هن پنجون نمبر پاتو. ناگپور يوُنيِوَرسِٽيءَ جي بي. اي. ۾ پڻ پَنجون نمبر حاصل ڪيائين. ساڳي يوُنيِوَرسِٽيءَ مان ايم.اي. (انگريزي ساهتيه)، ايم.اي. (اِتهاس) ۽ ايم. اي. (سَماج شاستر) ۾ پهريون نمبر رهي ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيا. بي.ايڊ. ۾ يوُنيِوَرسِٽيءَ ۾ پنجون ۽ پـُڻي وِشوَوِدياليه جي ايس.ايِ.ٽيِ. ۾ سَموري مهاراشٽر ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيائين.
    ايترو ئي نَه، هن اناملائي وِشوَوِدياليه مان اَپلائيِڊ سائڪلاجيءَ ۾ ايم. ايس سي. ۽ P.G. Diploma in Guidance and Counselling ڪري پوري مُلڪ ۾ پهريون نابيِن منووگياني بڻجڻ جو شرف حاصل ڪيو. ناگپور يوُنيِوَرسِٽيءَ مان ونود کي انگريزي ساهتيه ۾ پي.ايڇ.ڊي. ِِِِِِِيعنى ڊاڪٽريٽ جي اُپاڌي حاصل ٿي آهي. کيس الڳ الڳ ڀاشائون سِکڻ جو شؤنق رهيو آهي. راشٽر ڀاشا سَمتي، پـُڻي مان هِندي ساهِتيه ۾ ’پنڊِٽ‘ ۽ وِدرڀ ساهتيه سنگھه، ناگپور مان مَراٺي ڀاشا ۾ گرئجوئيٽ جي اُپاڌي بِه حاصل ڪئي اَٿائين .
    ڪمپيوٽر بِه سندس پَسَند جو وِشيه رهيو آهي. اِن کيتر ۾ M.Sc.(IT) اِمتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري پنهنجي مهارت ڏيکاري اَٿس .
    گذريل 20 سالن کان اَدب جي کيتر ۾ سرگرم آهي. هيل تائين سَندَس ڇَـهَه ڪِتابَ، جن ۾ چار غزل سنگرهه آهن، شايع ٿي چـُڪا آهن :

    1. اَڌوُرا آسمان (هِندي غزل سنگرهه، ننڍي ڀاءُ راجيش آسوُداڻيءَ سان گڏ)
    2. چڻگوُن- چڻگوُن (سِنڌي غزلن جو مجموعو)
    3. باهِه جوُن پاڙوُن (سِنڌي غزلن جو مجموُعو)
    4. ڀُڻِ- ڀُڻِ (سِنڌي غزلن جو مجموُعو)
    5. An easy approach to Social Science (Text Book for B.E. First Year)
    6. An easy approach to English (Text Book for B.E. First Year)

    اِنکان سَواءِ سِنڌي، هِندي ۽ انگريزيءَ ۾ 600 کان وڌيِڪ غزل، گيِتَ ۽ ڪوِتائوُن لکيوُن اَٿائين. راشٽريه ۽ انتر راشٽريه سطح تي 20 کان وڌيِڪ رِسرچ پيپر پيش ڪري چُڪو آهي. گُذريَل 15-14 سالن کان اِنساني وسيِلن جي وِڪاس (Human Resources Development) جي کيتر ۾ پنهنجون شيوائوُن ڏيئي رهيو آهي. ڀارت جي جُدا- جُدا شهرن ۾H.R.D. تي 200 کان وڌيڪ ورڪشاپ ڪيا اَٿائيِن.
    ساماجڪ کيتر ۾ بِه ڪافي سرگرم آهي. گُذريل 20 سالن کان نابيِنن جي ڪلياڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. گھڻين ئي سنسٿائن سان جڙيَل آهي، جن ۾ خاص آهن –

    1. ڊائريڪٽر : Institute for Transformation, Nagpur
    2. سنيوجڪ : ‘سِنڌو’ ساهتيڪ ۽ سانسڪرتڪ سنسٿا، ناگپور
    3. اَڌيڪش : ‘ نوَسِرجن’ هندي ساهتيڪ سنسٿا، ناگپور
    4. ڊِپٽي سيڪريٽري : سِنڌي ساهتيه سڀا، ناگپور
    5. لائيِف ميمبر : اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا، جئپور
    6. لائيِف ميمبر : اِنڊيَن سائِنس ڪانگريس، ڪولڪاتا
    7. لائيِف ميمبر : آل اِنڊيا سوسائٽي فار ٽيڪنيِڪل ايڊيوڪيشن، دَهلي
    8. راشٽريه ڪاريڪارڻي: ”سَکـشَم“ (وِڪلانگن جي چؤطرفي وِڪاس لاءِ ميمبر سويَم سيوي سنگٺن)
    9. جنرل سيڪريٽري : بلائيِنڊ گرئجوئيٽ فورم آف اِنڊيا.
    10. اڌيڪش: نيشنل آرگينائيِزيشن فار دي اِنٽيگريشن آف دي بلائيِنڊس.

    غير معمولي تعليمي، ادبي ۽ ساماجڪ ڪمن سبب سندس نالو ڪيترن ئي راشٽريه ۽ انتر راشٽريه پبليِڪيشنس ۾ شامل ڪيو ويو آهي. انهن مان ڪي آهن-

    1. لِمڪا بـوڪ آف رِڪارڊس (ڀارت مان شايع ٿيِندڙ)
    2. ”هوُ اِز هوُ آف مئِن اَئِنڊ وومَن آف ڊِسٽِنڪشن“ (ڀارت مان شايع ٿيِندڙ)
    3. فائيِو ٿائوُزنڊ ليِڊرس آف د وَرلڊ (اميرڪا مان شايع ٿيِندڙ)
    4. آئوٽ اِسٽينڊِنگ پيِپلس آف ٽوينٽيِئٿ سينچري (ڪئمبرج، برٽين مان شايع ٿيِندڙ)
    5. اِنٽرنيشنل ڊِڪشنَري آف اِنٽيليڪچوئلس (ڪئمبرج، برٽين مان شايع ٿيِندڙ)
    6. ايشِيَن اَميريِڪن هوُ اِز هوُ (ڀارت مان شايع ٿيِندڙ)
    7. ايشِيَن پيسيفِڪ هوُ اِز هوُ (ڀارت مان شايع ٿيِندڙ)
    8. ايشِيَن ايڊمايريبل اَچيِوَرس (ڀارت مان شايع ٿيِندڙ)
    9. ڪئمبرج، برٽين پاران اِنٽرنيشنل مئن آف د مِلينِيَم پـُرسڪار سان 2001 ۾ سَنمانِت.
    10. ساماجِڪ ۽ سانسڪرتِڪ سنسٿا ’چؤکٽ‘ پاران 2001 ۾ ناگپور رتن’ اعزاز سان نَوازيَل.
    11. سِنڌو مـُڪتي سَنگٺَن پاران ’سنڌو رتن‘اعزاز سان پڻ نوازيل.

    وِنودَ جي شخصيَت گھَڻَ ڪـُنڊائي آهي. کيس ساهتيه، سنگيِت، شطرنج، ڪرڪيٽ، منووِگيان، درشن شاستر، راڄنيتي، سَماج سيوا، تعليِم، نابيِنن جو ڪلياڻ، وِگيان وغيره ۾ گَهِري دلچسپي آهي. هِن وَقت هوُ ناگپور جي رامديو بابا ڪاليج آف اِنجيِنِيَرِنگ اَئنڊ مَئنيجمينٽ ۾ مانَـوَشاستر کاتي ۾ ائسوسِئيٽ پروفيسر ۽ هيڊ آف دي ڊپارٽمينٽ جي روُپ ۾ پنهنجوُن شيوائوُن ڏيئي رهيو آهي.
    ونود آسوُداڻيءَ جي سنڌي غزلن جي مجموعي ”باهِه جوُن پاڙوُن“ کي ڀارتيه ڀاشا پريشد، ڪولڪتا پاران 2012 ۾ يُوا پُرسڪار عطا ڪيو ويو. 2013 ۾ تعليمي سرگرمين واسطي کيس Sunrise Peace Foundation پاران’يوگي مَنوهر شڪشا رتن‘ اَوارڊ سان سَنمانِت ڪيو ويو. ادبي کيتر ۾ ڪيل شيوائن لاءِ کيس اکل ڀارت سِنڌي ٻولي ۽ ساهتيه سڀا، جئپور پاران 2014 ۾ راشٽريه پُرسڪار سان نوازيو ويو. 2015 ۾ سندس ‘ڀُڻ-ڀُڻ’ ڪتاب کي اين.سي.پي.ايس.ايل. جو 00050, روپيه جو راشٽريه ساهتيڪ پُرسڪار ڏنو ويو. 5 سيپٽيمبر 2015 تي RTM Nagpur University پاران ڊاڪٽر ونود آسوُداڻيءَ کي Best Teacher Writer Award سان نوازيو ويو.
    وِنودَ جي هِندي ساهتيه ۾ يوگدان تي راشٽرڀاشا پرچار سمتي، وَرڌا جي دَهليءَ ۾ ٿِيَل Diamond Jubilee جلسي ۾ ڀارت سرڪار ۾ اُن وقت جي هوم منسٽر شري سُشيل ڪُمار شِندي سَندَس سَتڪار ڪيو.
    ونود آسوُداڻيءَ گھڻن ئي سِنڌي ڪتابن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. جن مان هيٺ ڄاڻايل ڪتاب شايع ٿي چُڪا آهن:

    1. Silent Path : وينا شرنگيءَ جون سنڌي ڪوتائون
    2. That One Moment : واسديو موهيءَ جون سنڌي ڪهاڻيون
    3. Cheque Book and Other Stories : واسديو موهي ءَ جون سنڌي ڪهاڻيون

    ونود آسوُداڻي مرڪزي ساهتيه اڪادمي، دهليءَ جي سنڌي ائڊوائزري بورڊ ۾ بطؤر ميمبر 1 جنوري 2013 کان پنجن سالن لاءِ nominated آهي. ان کان سواءِ هوُ مهاراشٽر ساهتيه اَڪادميءَ جو پڻ ميمبر رهيو آهي.


    غزل

    ڏَئي هَٿُ اَگر ڪو ڇَڏائي، ٺڳي ٿيِ

    ڏَئي هَٿُ اَگر ڪو ڇَڏائي، ٺڳي ٿيِ
    اِئين عُمر ڀر جي سَتائي، ٺڳي ٿيِ

    سَزا کان ڪَڏهِن ڪيِنَ ڪيِٻايو آ موُن
    خطا جي نَـٿو هوُ ٻُڌائي، ٺڳي ٿي

    ٻُڌو آ ته سيسا تي حَـقُ آهي سَـڀَ جو
    جي پَنهِنجَن ۾ ٿو ڪو وِرهائي، ٺڳي ٿي

    سِتارا سَوين اُڀَ ۾، اَکِ ۾ اَنڌيرو
    اُجالو اَجايو وِڃائي، ٺڳي ٿي

    ڪِتابن مان نالو تَه مِٽِجي سَگھي ٿو
    دِليُن مان جي ڪوئي مِٽائي، ٺڳي ٿي

    لَـنوِيو ڪانگُ پَـڪَ ٿي ته ايِندو پريِن اَڄُ
    جي موٽي، لِـئو صِرفُ پائي، ٺڳي ٿي

    اَنڌيرو اُجالو ٻُڌائِڻُ آ مُشڪِل
    گھڙيَ ۾ وِسائي جَلائي، ٺڳي ٿي


    موُن ڪُجھُه ڪَيو بِه تَه ناهي ليڪِن، زِندَگي شِرُ ٿي وئي

    موُن ڪُجھُه ڪَيو بِه تَه ناهي ليڪِن، زِندَگي شِرُ ٿي وئي
    اِئَن بي سَبَبُ مُنهِنجيِ حَياتِ جيِ هَرَ گھڙي شِرُ ٿي وئي

    چَرچا ٻُڌا هُئا سادگيءَ جا جَنهِنجي، خوُب هِتان هُتان
    موُن سان مِلَندي ئي اُها پِڻِ ڇوڪري شِرُ ٿي وئي

    دامَنَ ۾ هوُ سِجَ ڪيتِرا ئي لِڪائي ويٺو آهي، پَرَ
    اَکڙيُن کي بَندِ ڏِسي سَموُري روشِني شِرُ ٿي وَئي

    گُلَ گُلَ سان ناتو مُنهِنجو آهي پُراڻو پَرَ هي ڇا ٿِيو
    هُن جي اَچَڻ سان چَمَنَ جي ته ڪَلي ڪَلي شِرُ ٿي وَئي


    کپي فَقَطِ هِڪُ ڌوتي-ڪُرتو ڪيِئَن وَٺان

    کپي فَقَطِ هِڪُ ڌوتي-ڪُرتو ڪيِئَن وَٺان
    ٿانَ سَموُرا رَکندو آ ٽوپا ٽوپا

    وقتُ لَٽو پائي آيو کَـهُرو کَـهُرو
    لَمحو لَمحو لڳندو آ ٽوپا ٽوپا

    ڳالهِه چَوان وَڻَندَڙَ، اَڻ-وَڻَندَڙَ، فَرقُ ڪِٿي
    صِرفُ پَڙاڏو ٻُجھَندو آ ٽوپا ٽوپا

    هُنَ جو ڀاڪُرُ مَخمَلَ مَخمَلَ جَهِڙو هو
    پَرَ هاڻي هوُ مِلندو آ ٽوپا ٽوپا

    وَرِثو هُنَ تائيِن پَهُتو ليِڙوُن ليِڙوُن
    سَمجھَه سَڄيءَ کي هَـڻَندو آ ٽوپا ٽوپا

    خوابَ مُڪَمّل جَنهِنجا آهِن راتِ سَڄي
    اَمرتَ ويلي اُٿندو آ ٽوپا ٽوپا

    هَلَڻَ چَلَڻَ ۾، شِڪِل شَبيهَه ۾ سِنڌي آ
    لَفظُ لَفظُ پَرَ چَوَندو آ ٽوپا ٽوپا

    گَهِرا گھاوَ بِه هورِيان هورِيان ڀَرِبا، پَرَ
    روُحُ سَموُرو رَهَندو آ ٽوپا ٽوپا

    خارسِ مَخمَلَ جي ڪَپِڙي سان لَهَندي ڪِئن؟
    کَـهُرو ڪَپِڙو کَپَندو آ ٽوپا ٽوپا


    مان تَه آهِيان چَريو، مان تَه رَهَندُس چَرِيو

    مان تَه آهِيان چَريو، مان تَه رَهَندُس چَرِيو
    ڇا وِڃايو ۽ مونکي آ ڇا ڇا مِلِيو

    ڪَنهِن جوُن ڪَنهِن جوُن مَياروُن مان ڪَنهِن کي ڏِيان
    وقتَ ٿورو ۽ ٿورو آ قِسمَتَ ڦُريو

    قَطِرا قَطِرا بَڻي آ حَـقيِقَـت سَڄي
    خودڪُشيءَ جو تَـصَوّر به ايِندو رَهِيو

    اُڃّ سانڍي رَکو، پياسَ سانڍي رَکو
    جيسيِن سِنڌوءَ ڪِناري، نه گھاگھَر ڀَريو


    سانڍي ڪُجھُه بِه نَه رَکندو آهيان

    سانڍي ڪُجھُه بِه نَه رَکندو آهيان
    سڀ ڪجھه مُنهن تي چَوَندو آهيان

    هَلِـڻو آ اونداهو رَستو
    هَـرَ شَئِه هَـٿَ ۾ رَکندو آهيان

    ٻارُ مُئلُ ڪِئَن واپَسِ ايِندو
    روزُ ڪَنوَرَ کان پُڇندو آهيان

    ٻانگَ ڪُڪُڙُ جي ڏِئي اَويلي
    مان ديوَن کان ڊِڄندو آهيان

    ڪَنهِن اَڻَ پوُري سُپني وانگُر
    لِڪي اَکيُن ۾ وِهندو آهيان

    شاهَه سَچَلَ جو بيتُ پُراڻو
    وَرَ وَرَ چَپَ سان چُمَندو آهيان

    ٿورا باقي موُن وَٽِ سُپنا
    اکڙيوُن کولي سُمهَندو آهيان


    ڳالهِه ڳالهِه تي کُلي کِلَڻُ، ڀاءِ پَوي شَلَ

    ڳالهِه ڳالهِه تي کُلي کِلَڻُ، ڀاءِ پَوي شَلَ
    ٻارَنِ وانگُر صافُ جِئَـڻُ، ڀاءِ پَوي شَلَ

    گھَرَ آڏو گھَرُ موُن ٺَهِرايو آ ليڪِن
    ڀاءُ جِيان ساڻُ وِهَڻُ، ڀاءِ پَوي شَلَ

    گھَرَ ۽ مَنَ سوڙها ٿي ويا، اوطاقَ ڪِٿي
    ڪَڏهِن ڪَڏهِن ئي مِلَڻُ جُلَڻُ، ڀاءِ پَوي شَلَ

    ماڳُ پَري، پَنڌَ پَري جا، هَلَندو هَلُ
    ويهيِ ٿورو ساهُه پَٽَڻُ، ڀاءِ پَوي شَلَ

    چَندِرُ چَئي ويو، “لِڪَ ڇِپَ گڏجي راندِ ڪيوُن”
    وَقتُ مَٽِيو آ، راندِ ڪَرَڻُ، ڀاءِ پَوي شَلَ

    اوراڻا ماتا جا هاڻي ڳائي ڪيرُ؟
    گُمُ- سُمُ گُمُ- سُمُ گھاوَ لُڇَڻُ، ڀاءِ پَوي شَلَ

    عُمِرِ سَڄي ڪا بِه خوشي، راسِ نَه آئي آ
    دَرويشَ دُعا ڪَيو مَرڻُ، ڀاءِ پَوي شَلَ

    ساهُه سُڪيِ وِيو، اُڃَ لڳي آ، آبُ مِلي
    وَرَ وَرَ کارا لُڙڪَ پِئَڻُ، ڀاءِ پَوي شَلَ


    وَري وَري ٿو ڪَري ساڳي ڳالهِه

    وَري وَري ٿو ڪَري ساڳي ڳالهِه
    چَئيِ بِه ڪيِنَ چَوي ساڳي ڳالهِه

    اَچي خوشيءَ سان، وَڃي پَـرَ روئي
    سَبَبُ ٻِنهي جو هُجي ساڳي ڳالهِه

    رکي هَٿَن کي چَپَن تي هوريان
    ٿو دِل ئي دِل ۾ جَپي ساڳي ڳالهِه

    ڏِسي کِلونو خوشيءَ ۾ جھوُمي
    ڪِٿان هوُ ڳولهي لَهي ساڳي ڳالهِه

    اَچَن جي خوابَ نَوان ڪِئَن سي اَچن
    رَکي اَکيُن ۾ سُمهي ساڳي ڳالهِه

    پَڙهي سَگھيِن جي تَه پَڙهُه ريتِ ڪَڻا
    ٿي لَهَرَ لَهَرَ لِکي ساڳي ڳالهِه


    هوُ ٺَهيِ پو وَري ٿا وِڙهَنِ پاڻَ ۾

    هوُ ٺَهيِ پو وَري ٿا وِڙهَنِ پاڻَ ۾
    ڏورِ سان ڪَنهِن ٻَڌَلَ ٿا لَڳنِ پاڻَ ۾

    ڪيِن ڪَڪِ ٿا ٿِيَنِ ڇوڪِرو ڇوڪِري
    گفتگوُ پيار سان خوُبُ ڪَنِ پاڻَ ۾

    ڪيِنَ سَمجھي سَگھِيا هِڪَ ٻِئي کي ڪَڏَهِن
    هِڪَ پِرولي ٺَهي ٿا رَهِن پاڻَ ۾

    صُبُحَ جو هِڪَ ٻِئي کان جُدا زِندَگي
    شامَ جو ٿَڪِجي موٽي مِلَن پاڻَ ۾

    هوُ عِبادَتَ ڪَري هوُءَ پوُڄا ڪَري
    اِئَن خُدا کي ٿا ڳولهي لَهَن پاڻَ ۾


    اُسّ تِکي آ، ڇانوَ ٿَـڌي آ، ڪاڏي وَڃِجي

    اُسّ تِکي آ، ڇانوَ ٿَـڌي آ، ڪاڏي وَڃِجي
    دِل ۾ اُڻِ تُڻِ ٿِيَڻ لڳي آ، ڪاڏي وَڃِجي

    سُپِنَنَ ۾ سانڍِيان يا اَکڙِيُن ۾ رَکان کيسِ
    مونکي شَئِه نايابُ مِلي آ ڪاڏي وَڃِجي

    ڪَمِري ۾ ٻوُسَٽَ طوُفانُ اَڱڻَ ۾ آهي
    اَڌِڪي مُنهِنجي کُلِيَل دَري آ ڪاڏي وَڃِجي

    ڪَنهِن کي وَرِثو سونپيان ڏُکي پِرولي آهي
    عَقُلُ اَڌوُرو دِل ته چَري آ ڪاڏي وَڃِجي

    لِڪَ ڇِپَ گڏجي راندِ ڪَيوُن دِل چاهي وَر وَر
    مان ته ٻَڌي پر هوُءَ ڪِٽي آ ڪاڏي وَڃِجي

    هُنُرُ سِبَڻَ جو ڄاڻان ڦاٽَلَ دامَنَ کي، پَرَ
    دِلِ ۾ پَنهِنجي ڳالهِه چُڀي آ ڪاڏي وَڃِجي

    راتِ سَڄي ڪِئَن ڪَٽِجي هاڻي ويٺي ويٺي
    ڏيِنهُن سَڄو موُن نِنڊَ ڪئي آ ڪاڏي وَڃِجي

    ڀِتِ تي ڪُرتو سُڪَڻَ وِڌو آ، وَرَهيَه لنگھي ويا
    صِرفُ ڏِسو هِڪَ ٻانهَن سُڪي آ، ڪاڏي وَڃِجي


    چِڻِنگ هَٿَن ۾ کڻي هَلي ٿو

    چِڻِنگ هَٿَن ۾ کڻي هَلي ٿو
    اوُندَهِه کي اِئَن تَـڙي ڪَڍي ٿو

    اَٻلا جي عَصمَتَ تي خَطِرو
    اَکِ تي ڇوڏا وَقتُ ٻَڌي ٿو

    ڪو ذَرّو جي روشَنُ ناهي
    چنڊُ سِجّ تي ڪاوِڙجي ٿو

    پاپَ سَڄا وِجھِبا گَنگا ۾
    سوچي سَمجھي پاپَ ڪَري ٿو

    موُن وانگُر موڳو ٿي پَوَندو
    روزُ رُبايوُن غَزَلَ پَڙهي ٿو

    باهِه هَـڻي خود پاڻَ وِسائي
    هورِيان هورِيان عَقُلُ سِکي ٿو

    ڪوُڙُ چَوان جي اُڀُ هيِ ڦاٽي
    هَرڪو ماڻهو چَـريو لَڳي ٿو

    ڏِسو پُنهوُن سَسُئيءَ کي ڳولهي
    شاههُ رِسالو نَئون لِکي ٿو

    مُنهنجا ماروُ آهِن مَنَ ۾
    عُمَرُ اَجايو زورُ ڀَري ٿو

    سُپِنا ويسَهَه واپَسِ وَرَندا
    ڦاروُن پائي واٽَ ڏسي ٿو

    ڇيهوُن ڇيهوُن قِسمَتَ ساري
    ڦُـڙو ڦُـڙو ٿي خوُنُ وَهي ٿو

    ڪِئن بِستَر تي گھُنجَ نه پَوَندا
    روزُ تَصَوّر راتِ ٽِڪي ٿو

    خوابَ چَٻاڙي پاروُٿا هوُ
    شُڪُرُ ڪَيو فاقا نَه ڪَڍي ٿو

    سيِسراٽَ هُنَ بِه سَٺا هوُندا
    تَڏهِن تَه موُنکي دوستُ سَڏي ٿو

    روزُ کَـڻي ساڳي آکاڻي
    هوُ ٿي هِڪُ ڪِردارُ پَوي ٿو

    ذَهَنَ اَندَرِ ڪو کَـڙِڪو ٿِيو آ
    ڀُڻِ ڀُڻِ جو آوازُ ٻُجھي ٿو


    دِلِ کي اُجِلو رَکندو آ ڇَنڊي ڦوُڪي

    دِلِ کي اُجِلو رَکندو آ ڇَنڊي ڦوُڪي
    هَرَ ڌَڙِڪَن کي ڇُهندو آ ڇَنڊي ڦوُڪي

    سِنڌوءَ جو پاڻي ميرو نَه ٿِئي، اِن لءِ
    شاهُه سَچَلُ هوُ پَڙهَندو آ ڇَنڊي ڦوُڪي

    روزُ رُئڻ سان ڪي اَرمانَ وَهيِ نَه وَڃَنِ
    هورِيان هورِيان ڇُلندو آ ڇَنڊي ڦوُڪي

    چادَرَ جا گھُنجَ سَڄو اَفسانو چَوَندا
    روزُ صُبُحَ جو اُٿندو آ ڇَنڊي ڦوُڪي

    ڪُرسيُن مان نيتائُن جي بوُ ايِندي آ
    هوُ ڌرتيءَ تي وِهَندو آ ڇَنڊي ڦوُڪي

    تاريخَ گواهه، لَـفظَن ڇا ڇا نَه ڪَيو آ
    لَفظُ لَفظُ هوُ لِکندو آ ڇَنڊي ڦوُڪي


    چَئِنُ اَمَنُ ۽ ڀائيِچارو

    چَئِنُ اَمَنُ ۽ ڀائيِچارو
    گھوراروُءَ جو هوڪو آهي

    اِنساني مُلهَه ڪاٿي رَکِجَن
    گھَرَ ۾ خالي کوکو آهي؟

    نيِنڍَ مِلي جَـلسي جي مونکي
    مَحفِل ۾ ڪو موڳو آهي؟

    قُران پَڙهي يا هوُ گيِتا
    ڪيڏو عُمدو طوطو آهي

    پيارُ ڪَيوُن ۽ ڀاڪُرَ پايوُن
    جيوَنُ سُهِڻو موقعو آهي

    اَکِ ۾ اوُندَهِه، هارَ نَه سَمجھو
    مُٺِ ۾ سُپِنو سوگھو آهي

    ساهُه کڻي ٿو سوچي سوچي
    جيِوَنُ سارو ٻوجھو آهي


    خَريدي هَوائوُن ۽ وِڪِڻيِ ڇَڏي

    خَريدي هَوائوُن ۽ وِڪِڻيِ ڇَڏي
    سَڄو ڏيِنهُن ڪَمَ ۾ رُڌَلُ ٿو رَهي

    ڪَري ڏوهُه ڪو، ڪو سَزا ٿو سَهي
    عَدالَتَ جو ڪَمُ اِئن هَليِ ٿو وَڃي

    ٻُڌي ڪيرُ ڏوراپا، ڪَنهِن کي ڏِيان
    ڪَيان ٿوري ڀُڻِ ڀُڻِ تَه آٿتُ اَچي

    ٿِيَن قَتلَ، ڪَهِڪاءُ ڪَنهِن کي پَوي
    سَڄو شَهَرُ ويٺو آ سَنکيو ڦَڪي

    مان سِنڌوءَ ڪِناري وَڃي ٿو وِهان
    ڏِسان ڪوئي پَنهِنجو مَتان اُتِ مِلي

    ڏِسان ڪُنڊَ ڪائي جي موُنکي مِلي
    رَهي شيامُ، حاسِدُ ۽ موهي جِتي

    ڀَري روشنيءَ جو ذرو مُٺِ ۾ هوُ
    سِتارن کي چِٻِرا سَدائين ڏِئي


    مَهانگا سَڀُ وَکرَ بازار ۾ آهن

    مَهانگا سَڀُ وَکرَ بازار ۾ آهن
    گھَڻو سوچِيُم ٽَڪي ۾ اَڄُ مِلي ڇا ٿو

    ڪَري ڀُڻِ ڀُڻِ ٿو اَڌَ اَکري، نَه سَمجھي ڪو
    اَلائي اَڄُ جو هيِ ماڻهوُ چَوي ڇا ٿو

    اَنڌيرو آهي مُنهِنجي گھَرَ ۾، رَهَندو ئي
    سِتارَنِ، سِجَ ۽ جُگنوءَ جو وَڃي ڇا ٿو

    وِساريو سَڀُ، ٿِئي جيءُ جاءِ شَلَ هاڻي
    اَلائي ذَهَنَ ۾ وَر وَر چُڀي ڇا ٿو

    رَکي ياري، ڪَئي اُلفَتَ، لَڌا سُپِنا
    ڏِسان، موُن جَهِڙي ماڻهوءَ کي ڦَري ڇا ٿو


    توُن بِه نَـقُلي گُلُ هُجيِن ها

    توُن بِه نَـقُلي گُلُ هُجيِن ها
    هَرَ گھَـڙيءَ کِلَندو رَهيِن ها

    فَـلسَفو سَمجھي وَڃيِن ها
    دِلِ جي ڌَڙِڪَن جي ٻُڌيِن ها

    مان دَوَنچي ناهِيان نَه تَه توُن
    موناليِسا جِيان سَجيِن ها

    شامَ جو پاڇا وَڏا ٿِيا
    اُسَ ۾ بِندِرو پِـيو لَڳيِن ها

    ڪُجھُه هَوائُنِ ڪَنَ ۾ ڀُڻِڪِيو
    ماٺِ کي ٿورو ٻُـڌيِن ها

    قُـربَ مان هَـٿُ موُن وَڌايو
    ڇا وَڃَـئي ها، جي چُمين ها

    آهيِن واپاري، خَـبَـرَ آ
    ڪا پُڙي موُن لءِ ٻَـڌيِن ها


    ڇانوَ ٿَڌي، اُسَ تِکي لَـڳي ٿي

    ڇانوَ ٿَڌي، اُسَ تِکي لَـڳي ٿي
    کِن کِن اُڻِ تُڻِ سَکي وَڻي ٿي

    يادِ سَڄَڻَ جي ڇيتِ مِثَل آ
    دِلِ مان ڪَنڊا ڪَڍي ڇَڏي ٿي

    گھَـرَ ۾ ڪيڏو جھَڳِـڙو ٿيو آ
    معاموُلي ڪا ڳالهِه لَڳي ٿي

    وَڻَ سان ڀاڪُرُ پائي بيِٺو
    موهيِندَڙ سُرِهاڻِ اَچي ٿي

    ڇولَ سَمُنڊَ جي گِـهِـلـي ويندي
    مونجھارا دِلِ ڪَڍي رَکي ٿي

    تارازيءَ ۾ توريان ڇا ڇا
    هَـرَ جَذبي ۾ کوٽِ لَڳي ٿي


    ڪا ڳَري شئِه کَڻان تَه سوُرُ ٿِئي

    ڪا ڳَري شئِه کَڻان تَه سوُرُ ٿِئي
    جي وَري ٿو رَکان تَه سوُرُ ٿِئي

    يادِ توکي ڪَيان تَه سوُرُ ٿِئي
    توکي وِسري وَڃان تَه سوُرُ ٿِئي

    هونءُ بِه آٿتُ اَچي ڪِٿي ٿو اَڄُ
    ٿورو ڪَنهِن سان مِلان تَه سوُرُ ٿِئي

    هيرَ اوندَهِه جي ڪِئن پَئي،
    ڇا چَوان تِروِرو ڪو ڏِسان تَه سوُرُ ٿئي

    ماٺِ پِڻِ گھاوَ ٿي ڪَري اوُنها
    لَـفـظَ گَر ڪي چَوان تَه سوُرُ ٿئي

    اَکڙيوُن ڪيِن ٿيوُن هَلَنِ هاڻي
    خوابَ ٿورا اُڻان تَه سوُرُ ٿئي


    توُن سَنواريِن نَـٿو خود کي ڇا لَئِه

    توُن سَنواريِن نَـٿو خود کي ڇا لَئِه
    ڪيئن پائيِندين هي ڪَپڙو کُٿِ کُٿِ

    اَڄُ بِه ساڳيو وَڳو پائي آئيِ
    چِمڪَندَڙَ ڪَپڙي ۾ چَهِرو کُٿِ کُٿِ

    ڪِئَن چَوان نيڻَ ڏِسي ڇا ڇا ڏِٺو
    ٿو ڏِسان نِنڊَ ۾ سُپنو کُٿِ کُٿِ

    سوُنهَن جو ڏوهُه ڪِٿي آ اِن ۾
    گَـر هُجي اَکِ جو دَريچو کُٿِ کُٿِ

    ڌارَ اُسَ ڇانوَ ڪَريِن ٿو ڇا لءِ
    وَقتُ، قِسمَت هُئو وَرثو کُٿِ کُٿِ

    سَمُنڊُ سارو ڏِنو موُن واپَس آ
    پاڻَ کي موُن ڏِنو قطرو کُٿِ کُٿِ


    پاڻَ کي ٿَڌِڙا ڪَڍَڻَ تي هَٿُ هِري ويو

    پاڻَ کي ٿَڌِڙا ڪَڍَڻَ تي هَٿُ هِري ويو
    لُڙڪَ اَکڙيُن جا اُگھَڻَ تي هَٿُ هِري ويو

    زِندَگي پَنُ پَنُ ٿي ڇِڄَندي ئي رَهي ٿي
    روزُ اَفسانا لِکَڻَ تي هَٿُ هِري ويو

    توُن حَقيِقَتَ، مان حَقيِقَتَ پوءِ ڇا لءِ
    خوابَ ڏوُرانهان ڏِسَڻَ تي هَٿُ هِري ويو

    هاڻي هِڪَ هِڪَ شَئِه ورهايوُن پاڻَ ۾ ڪِئَن
    تُنهِنجو مُنهِنجو بَس ڦُرَڻَ تي هَٿُ هِري ويو

    آڱريوُن ٽيڏيوُن، سِڌيوُن ڪِئَن ٿي سَگھَن ٿيون
    سُپنا سَڀُ ڦاٽَلَ سِبَڻَ تي هَٿُ هِري ويو

    مُٺِ ڀِڪوڙي، مُٺِ ٿو کوليان، ڄَڻُ ڪَيان راندِ
    ايِئَن آپي ۾ رَهَڻَ تي هَٿُ هِري ويو


    هِنَ کي هُنَ کي خود کي رکبو شَڪَ جي گھيري ۾

    هِنَ کي هُنَ کي خود کي رکبو شَڪَ جي گھيري ۾
    هَـرَ ڪَنهِنکي ڏوهاري چَئِبو شَڪَ جي گھيري ۾

    پيارُ ڪَري ڪيڏانهُن هَليو وِيو ڳولهِيان آخِر ڪِئَن
    ذرو ذرو هورِيان چُمِبو شَڪَ جي گھيري ۾

    ڪَهِڙو سُپنو سَچُ ٿي پَوَندو مُشڪِل آ سَمجھَڻُ
    هَر هِڪُ سُپنو مُٺِ ۾ جھَلِبو شَڪَ جي گھيري ۾

    ڪو ڳوڙهو، ڪا چيِخَ هِتي شايَد جيِئري نِڪري
    هَرَ ماڻهوءَ جو آهي مَلبو شَڪَ جي گھيري ۾

    توُن ڪابعي ڪاشيءَ ۾ آهيِن اَهِڙي آ اُفواه
    پَـٿَـرُ پَـٿَـرُ سِـرَ سان ڀَـڃِـبو شَڪَ جي گھيري ۾


    پَنهِنجي دِلِ کي پاڻَ سَتائِڻُ ڏوهُه تَه ناهي

    پَنهِنجي دِلِ کي پاڻَ سَتائِڻُ ڏوهُه تَه ناهي
    خاموشُ رَهي لُـڙِڪَ لِڪائِڻُ ڏوهُه تَه ناهي

    آنءُ اُجالو ڪونَ ڏِسي سَگھَندُس، سَچُ آهي
    اوُندَهِه ۾ هِڪُ ديِپُ جَلائِڻُ ڏوهُه تَه ناهي

    مَنزِل ماڻَـڻُ مُنهِنجو مَقصَدُ ناهي، ليڪِن
    هوريان هوريان پيرَ وَڌائِڻُ ڏوهُه تَه ناهي

    مُنهِنجا هَٿَ ٻَڌَلَ رَهَن صِرفُ زَبان آزادُ آ
    ڪَنهِن کي ڪوُڙيِ آسَ ٻَڌائِڻُ ڏوهُه تَه ناهي

    هُنَ جو چَهِرو نوُراني هوُندو، شَڪُ ناهي
    پيرَ ڏِسي تَـصويِرَ بَڻائِڻُ ڏوهُه تَه ناهي

    قَـتَلُ ٿِيَنِ کِنَ کِنَ سُپِنا معصوم اَکيُن ۾
    اُميدُن جو جَشنُ مَلهائِڻُ ڏوهُه تَه ناهي


    لِڪَ ڇِپَ گـڏجي راندِ ڪَيوُن ها، ڏيِنهَن ڦِري ويا

    لِڪَ ڇِپَ گـڏجي راندِ ڪَيوُن ها، ڏيِنهَن ڦِري ويا
    ڀيرو ڀيرو آڳَ ڏِيوُن ها، ڏيِنهَن ڦِري ويا

    اَفسانو پوُرو ڪونَ ٿيو هو، چُپ ٿي وِئين
    هاڻي دِلِ جي ڳالهِه چَئوُن ها، ڏيِنهَن ڦِري ويا

    ڪيرُ پرولي آهي، ڪيرُ کُـليلُ پُستَڪُ آ
    کوڙو شِڪِل، مَگَر ڀَڃوُن ها، ڏيِنهَن ڦِري ويا

    هاڻي بَـچـپَـنَ وارو اُتـساهُه ڪِـٿـي باقي
    سانڍي چوُڙيوُن ڀَـڳَـل رَکوُن ها، ڏيِنهَن ڦِري ويا

    اَکِ ۾ ڪَکريءَ يا ڪَنهِن خوابَ ڪَئي ٿي هُر هُر
    وَر وَر مَهٽي نيڻَ ڏِسوُن ها، ڏيِنهَن ڦِري ويا

    مان ۽ هوُ ۽ گھَـرَ جا کُـڏَ سَڀُ ساڳيا آهِن
    هِڪَ ٽَپي سان پارِ ڪَيوُن ها، ڏيِنهَن ڦِري ويا

    گھوراروءَ جو هوڪو، گھَـرَ کان ڊوڙي ٻاهِر
    چَئيِن آني جي چيِزَ وَٺوُن ها، ڏيِنهَن ڦِري ويا


    روزُ رُئَڻَ وارو رُئي نَٿو ڪُجھُه ٿيو نَه هُجي

    روزُ رُئَڻَ وارو رُئي نَٿو ڪُجھُه ٿيو نَه هُجي
    اَکِ ۾ ڳوڙهو، پَرَ ڪِري نَٿو ڪُجھُه ٿيو نَه هُجي

    هوُنئَن ٿِئي رانديِڪي لاءِ روئي روئي هيِڻو هوُ
    ٻارُ کِلونا اَڄُ وَٺي نَٿو ڪُجھُه ٿيو نَه هُجي

    اُسَ تِکي آ، تيز هَوا آ، پوءِ بِه اَلائي
    ڀِتِ تي ڪَپڙو ڪو سُڪي نَٿو ڪُجھُه ٿيو نَه هُجي

    گُنبَذَ ۾ موُن آوازَ ڏِنا وَر وَر، ليڪن
    هِڪُ بِه پَـڙاڏو اَڄُ ٿِـئـي نَٿو ڪُجھُه ٿيو نَه هُجي

    خوُنُ ڏِيَڻَ وارا کوڙَ شَهَرَ ۾ آهِن پَـرَ
    ڪَنهِن جو رَتُ هُن سان مِلي نَٿو ڪُجھُه ٿيو نَه هُجي

    سارو جيِوَنُ ٺوُٺُ رَهيو جَلدي ٻَـرَندو لاشُ
    ڪو ڪانڌي تيِلي هَڻي نَٿو ڪُجھُه ٿيو نَه هُجي


    خوابَ پُراڻا سبندو آهي

    خوابَ پُراڻا سبندو آهي
    دِل وِندرائي رَکندو آهي

    دِروڻَ رُڳو آڱوُٺو وَرتو
    آڱــر سان اُڀُ ڇُـهَندو آهي

    آئيِني آڏو بيِٺو آ
    مونکي ڏاڍو وَڻَندو آهي

    ويسَـهُه واپَـس وَرَندو، واڻيا !
    چَوَندي چَوَندي ڇُلندو آهي

    دِلِ جي سوڙهي سوراخَ اَندَرِ
    سُپنا ويڙهي رَکندو آهي

    ڪيرُ چَوي ٿو موڳو آهي
    وَرِ وَرِ ‘موڳو’ پَـڙهَندو آهي

    ٻـيِرَ چَکي جاچيِندو ناهي
    شَبري چَوَندو وَتَندو آهي


    ڀونءِ جي بدلي آسمان مِلي

    ڀونءِ جي بدلي آسمان مِلي
    پيارَ جي موٽَ پيار سان ڪاٿي

    هوُ رُڳو سوچَ ۾ رُڌَلُ ٿو رهي
    وِلوِلا ذَهَن جا رَکان ڪاٿي

    باقي ڪوري زَميِنَ ڪا ناهي
    اَمَن جا اَٺسَٺا ٻَـڌان ڪاٿي

    هوُ بِه مُنهِنجو اَڌوُرو سُپنو آ
    مان ٿَڪَلُ آهيان نِنڊَ ڪَيان ڪاٿي

    مُشڪَ مُنهَن تي اَچي وَڃي اَزخود
    سِنڌي ڀُـڻِـڪـو جي ڪو ٻُڌان ڪاٿي


    هَر حَقيِقَت گلي لڳائي آ

    هَر حَقيِقَت گلي لڳائي آ
    جِندُ سُپنَنَ کان اِئن ڇَڏائي آ

    ٽانڊا ٽانڊا اَندَرُ سَڄو آهي
    چِڻِنگه هَر شامَ ڪا وِسائي آ

    تُنهِنجو نالو ٻُڌي خوشي ٿي ٿِئي
    دِلِ جيِ ڪَنهِن ڪُنڊَ ۾ سَڻائي آ

    توکي چاهيوُن ٿا، توکي چاهيوُن ٿا
    ڏاڍي وَڻَندَڙَ اِها صَفائي آ

    موُن پُراڻو ڪَٻَٽُ ڏِٺو کولي
    ڪُجھُه اُداسي اُتي بِه ڇائي آ

    ڀِتِ تي وَيٺَلُ پَکي اُڏامي وَڃي
    چيِزَ هَـرَ موُن اِئين وِڃائي آ

    هوُ لِکي لَفظُ لَفظُ اَڌ - اَکري
    موُن بِه وَرَ وَرَ چِٺي پَڙهائي آ

    اَکِ جو ڦَهِلاءُ جي ڏِسيِن هُن جو
    ساري دُنِيا اُتي سَمائي آ

    وَقتَ جو قرضُ ڪِئَن رَهيو باقي
    موُن چُڪائي تَه پائي پائي آ

    هـو اَڌوُرو سَـبَـقُ مُـحـبَّـتَ جـو
    بيل بي- وَقتِ ڪَنهِن وَڄائي آ


    مَهِلَ بي مَهِل زِندَگي گُـڙ مُـڙ

    مَهِلَ بي مَهِل زِندَگي گُـڙ مُـڙ
    ڪيِئَن سَنواريان گھَڙي گھَڙي گُـڙ مُـڙ

    راتِ خوابَن خُماريءَ ۾ گھاريِ
    سَچّ چادَرَ صُـبُـحَ ڏِٺي گُـڙ مُـڙ

    هُن جو چَهِرو بِه ڏارَ ڏارَ هُئو
    موُن ڏِٺي راتِ چاندِني گُـڙ مُـڙ

    موڪِليِ هُنَ گھڻيءَ مُحَبّتَ مان
    پَـرَ مِلي موُنکي سوُکـڙي گُـڙ مُـڙ

    روزُ ڪَپڙا نَوان نَوان ٿي وَٺي
    پائي لوئي، خوشي چَري گُـڙ مُـڙ

    ريلَ ۾، بَـس ۾، ڪارِ ۾، گھَـرَ ۾
    ٿيِ رَهي آ، ڪا نيِنگِـري گُـڙ مُـڙ


    ذرا چَنڊَ سان نيڻَ مِلائي، موٽي آيا

    ذرا چَنڊَ سان نيڻَ مِلائي، موٽي آيا
    اُڀَ تي پَنهِنجا پيرَ گھُمائي، موٽي آيا

    سُپنَن سان نيبَهُه ٿيِندو ڪيسِيِتائيِن، چَـئُـه
    لُـڙِڪَ اَکيُن کان پاڻُ ڇَڏائي، موٽي آيا

    هيءُ ٿيِندو، هوُ پِڻِ ٿيِندو سوچيو هُنُ ڇا ڇا!
    ماٺِ رَهي هوُ پوُرَ پَچائي، موٽي آيا

    بَرپَٽَ ۾ تَـرَندَڙَ بادَلَ کي ڳولهَڻَ وارا
    لُـڙڪَن سان ڏِسُ پاڻُ پُسائي، موٽي آيا

    اُميدُنِ تي هَـلَـندا ها، تِن جا حالُ نَه پُـڇُ
    اُميدُنِ جا پَـنـکَ ڪَپائي، موٽي آيا

    پياسَ اَندَرَ جي آخِر ٻُجھَندي ڪِئَن، چَئُه بادل!
    بَرپَٽَ ۾ هِڪَ بوُندِ وَسائي، موٽي آيا


    روزُ دِلِ ذَهَنَ جي ٿِئي کِٽِ پِٽِ

    روزُ دِلِ ذَهَنَ جي ٿِئي کِٽِ پِٽِ
    مَهِلَ بي مَهِلَ ٿي هَلي کِٽِ پِٽِ

    سانتِ ڊيڄاري ٿي ڇَڏي دِلِ کي
    ڪا نَه ڪا دِلِ کي پِڻِ کَپي کِٽِ پِٽِ

    کيسِ ڪو ٻِيو نَٿو سَتائي ڪَڏَهِن
    پاڻَ ئي پاڻَ سان ڪَري کِٽِ پِٽِ

    ڀاءُ ڀَلِ ڀاءُ سان ٺَهي نَه ٺَهي
    ڀاءُ سان ڀاءُ جيان رَهي کِٽِ پِٽِ

    دِلرُبا! توُن ئي دِلرُبا آهيِن
    توسان اُلفَتَ ڀَري هُجي کِٽِ پِٽِ

    توُن هَلي آ ڪَڏَهِن رُڳو مون لءِ
    ساڻُ توسان نَه ڪا اَچي کِٽِ پِٽِ

    زِندَگيءَ تائيِن، زِندَگي کِٽ پِٽ
    مؤتَ کان پوءِ شَلَ ڇُٽي کِٽِ پِٽِ


    هِڪُ هِڪُ ٿي ڏِسُ، اَرمانَ ٿِيا هيٺِ مَٿي

    هِڪُ هِڪُ ٿي ڏِسُ، اَرمانَ ٿِيا هيٺِ مَٿي
    اِئن دِلِ جا سَڀُ مَهِمانَ ٿِيا هيٺِ مَٿي

    ڪَنهِنجي آوازُ ڏِيَڻَ سان مَڙهَه جاڳي پيا
    ڏِسَندي ڏِسَندي شَمشانَ ٿِيا هيٺِ مَٿي

    اَکڙيُن مان ٿوريوُن بوُندوُن ڳَـڙيوُن ڳِلَنِ تي
    ۽ پو دِلِ جا ويِرانَ ٿِيا هيٺِ مَٿي

    جادوُ هو اَمان جي صَندوُقَ اَندَرِ ڪو
    پو، گھَـرَ جا سَڀُ سامانَ ٿِيا هيٺِ مَٿي

    آهَه ٻُڌي اَبهَمَ جي مؤتُ بِه روئڻَ لَـڳـو
    ڇو نَه سَموُرا ڀَـڳـوانَ ٿِيا هيٺِ مَٿي


    دِلِ ۾ ٿوري آگِه لَڳائي پاپُ ڪَيو

    دِلِ ۾ ٿوري آگِه لَڳائي پاپُ ڪَيو
    دِلِ جي ٻَرَندَڙَ باهِه وِسائي پاپُ ڪَيو

    هَلَڻُ عَقُلَ سان عُمِرِ سَڄي سؤلو ناهي
    يارَ، مَگر موُن عَقُلُ وِڃائي پاپُ ڪَيو

    بَندِ ڪَري اَکِ، مَنَ ۾ توکي ماڻِيو پي
    کولي اَکڙيوُن نَظرَ مِلائي پاپُ ڪَيو

    خوابَن سان نيبَهُه ڪَرَڻُ ڪَٺِن آهي، پَرَ
    سُپنَن کان موُن پاڻُ ڇَڏائي پاپُ ڪَيو

    اَڻَ پوُرو اَفسانو مَنُ موهيِندَڙُ هو
    ناحَقُ موُن اَنجامُ ٻُڌائي پاپُ ڪَيو

    مَلَمَ لَڳي پي کاري، سَمجھَڻُ واجِبُ هو
    زَخمَن تي اِئن لوُڻُ لَڳائي پاپُ ڪَيو

    اَکِ سِري پري سُپنَنِ کي جاءِ ڏِني
    لُڙِڪَن کي بي وَجَـهَه سَتائي پاپُ ڪَيو

    بَرپٽ سَمجھَڻَ لءِ بَرپَٽُ بَڻِجي پَئُه
    بادَلُ بَڻِجي ميِنهُن وَسائي پاپُ ڪَيو

    بابا هِڪُ گِرَهُه ڪَڍي ڀِتِ تي رَکَندو هو
    اَڄُ موُن ڀِتِ تان ڪانءَ اُڏائي پاپُ ڪَيو

    پَٿَر آخِر پَٿَر، تِن ۾ ڇا جي دِلِ
    پَٿَر آڏو سيِسُ نِوائي پاپُ ڪَيو

    دِلِ جي نَه ٻُڌي موُن، دِلِ سان آ ڊوهُه ڪَيو
    جوڳي بَڻِجي پاڻُ پَچائي پاپُ ڪَيو


    پَنهِنجا پَنهِنجَن ساڻُ وِڙهيا پي، مان بِه اُتي هوس

    پَنهِنجا پَنهِنجَن ساڻُ وِڙهيا پي، مان بِه اُتي هوس
    هِڪَ ئي وَڻَ جا پَنَ ڇَڻيا پي، مان بِه اُتي هوس

    سُپنا ٿي ويا واري واري، دِلِ ٿي بَرپَٽ
    واچوُڙا طوُفانَ هَليا پي، مان بِه اُتي هُئس

    ڪو ڪارَڻُ غَمَ جو، ڪا لَـهَـرَ خوشيءَ جي نَه هُئي
    مَستيءَ ۾ سَڀُ مَستَ نَچيا پي، مان بِه اُتي هُئس

    پَلڪُن جي سَرحَدَ تي سُپنَن جو قَتَلُ ٿِيو
    ٻارَن نِنڊَ ۾ ڇِرڪَ ڀَريا پي، مان بِه اُتي هُئس

    چَهري جي گھُنجَ - گھُنجَ ۾ هِڪُ اَفسانو هو
    هوريان هوريان رازَ کُليا پي، مان بِه اُتي هُئس

    مَلَم ڏئيِ چاراگرُ غائبُ! واجِبُ ناهي
    رَکي رَکي سَڀُ گھاوَ ڪُريا پي، مان بِه اُتي هُئس

    ڪرشن، موسيٰ، عيسيٰ، نانِڪُ ٻي- ٻي آني
    چؤراهي تي جامَ مِليا پي، مان بِه اُتي هُئس

    ڪي جيتي، ڪي هارائي جَنگِ مان موٽيا هُئا
    سڀني پَنهِنجا گھاوَ سِبيا پي، مان بِه اُتي هُئس

    نيِنگرِ جيِ چيِخ ٻُڌي پو سَناٽو ٿي ويو
    رَکي رَکي بَس نيڻَ ڇُليا پي، مان بِه اُتي هُئس


    توکي مُنهِنجو موُنکي تُنهِنجو ٿِيَڻُ کَپي

    توکي مُنهِنجو موُنکي تُنهِنجو ٿِيَڻُ کَپي
    تَنِها تَنِها جيِوَنُ سَڄو نَه رُئڻ کَپي

    وَڻَ وانگُر بيِٺي بيِٺي وَرهِيَه لَنگھي ويا
    هوريان هوريان وِکَ وَڌائي هَلَڻُ کَپي

    رَنگَ گَڊا ٿِيا هَرَ جذبي جا، جيِوَنَ ۾
    لُڙڪَن جو چَشمو چاڙهي پَرَ ڏِسَڻُ کَپي

    ويڙهِه وِڙهي، خوُنَ خَرابا خوُبُ ڪَيا، هاڻِ
    سَرحَدَ تي بيتُ ڀِٽائيءَ جو هُئَڻُ کَپي

    اوُندَهِه ۾ خوابَ ڏِسَڻَ ۾ سَهوُليَتَ ٿيِندي
    سِـجَ جو نَنڍڙو ڪِرڻو اَکِ ۾ رَکَڻُ کَپي

    سوچي سَمجھي ڪيسيِتائيِن هَلَندين توُن
    ڪَڏَهِن- ڪَڏهِن ڀَل، دِلِ جي ڳالهِه بِه ٻُڌَڻُ کَپي

    رَڙِ ۽ واڪا فِطرَتَ تُنهِنجي آهي، پَرَ
    بَرپَٽَ جيان سَناٽو ٿي پِڻِ هَلَڻُ کَپي

    پَنهِنجائِپَ اَڃان لُڙڪَن ۾ ساڳي هوُندي
    سَرحَدَ پار وَڃي ڪو ڳوڙهو چَکڻُ کَپي


    مؤت سان ويڙهِه جي ڳالهِه ڪا ٻي هُئي

    مؤت سان ويڙهِه جي ڳالهِه ڪا ٻي هُئي
    بيوَفا زِندَگي! ڳالهه ڪا ٻي هُئي

    سِجُ نِڪتو هُئو، چَنڊُ نِڪتو هُئو
    ڇانوِري روشِني ڳالهِه ڪا ٻي هُئي

    ڦوُلَ هِن کي مِليا، ڦوُلَ هُن کي مِليا
    صِرفُ مونکي ڪَلي، ڳالهه ڪا ٻي هُئي

    سوُنهَن هُن جي الا! مُرڪَ هُن جي اَلا!
    چُلبُلي ڇوڪِري ڳالهِه ڪا ٻي هُئي

    مُرڪَ جو، لُڙِڪَ جو، ساهَه جو، هِڪُ سَڳو
    ڪيِئَن پيو جھَٽِ ڇِڄي ڳالهه ڪا ٻي هُئي


    روزُ جيِئَنِ ٿا روزُ مَرَنِ ٿا

    روزُ جيِئَنِ ٿا روزُ مَرَنِ ٿا
    ماڻهوُ موهِرن جِيان لَڳَنِ ٿا

    هُن جا سُپِنا سانجھيءَ ٽاڻي
    روزُ نَئين ڪا ڳالهِه کَڻَن ٿا

    توُن تَه اَکيوُن کولي سُمهَندو ڪَرِ
    راتِ سَڄي سُپِنا ڀِٽڪَنِ ٿا

    اَوَل خُدايا خَيرُ ڪَري، هوُ
    خوابَ کڻي گھَـرَ مان نِڪرَنِ ٿا

    ڪاچَ ڀَڳا ها، عرصو پَهريان
    پَـرَ اَڄُ تائين روزُ چُڀَنِ ٿا

    اَکِ ۾ پَٿري يا هُن جي يادِ
    هِڪُ ئي سَچُ آ، لُڙِڪَ ڳَـڙَنِ ٿا

    چائُنٺِ تي ويٺي وَرهِيَه ٿيا
    دَروازا تَه بِه ڪونَ کُلنِ ٿا

    آخِر اوُندَهِه ۾ هَلِڻو آ
    ديپَ اَجايو روزُ ٻَرَنِ ٿا

    سَرحَدَ تي گوليءَ جو آوازُ
    شيخُ، شيامُ ڏِسُ ٻَئي رُئَنِ ٿا

    شاهُه اَمان ڪِئن پئدا ٿيِندو
    جادوُ جوڳي ڪونَ هَڻَن ٿا


    هِنَ دِلِ جي توسان ڳالهه ڪَبي، ٻئي ڪَنهِن ڏيِنهُن

    هِنَ دِلِ جي توسان ڳالهه ڪَبي، ٻئي ڪَنهِن ڏيِنهُن
    اَگر ڪَڏهِن تَنها ڪُنڊَ مِلي، ٻئي ڪَنهِن ڏيِنهُن

    اَڄُ تَه پُراڻَن زَخمَن جو ذڪرُ ڪَرَڻُ ڏي
    پَڪَ توکان وَٺِبي مَلَم ذري، ٻئي ڪَنهِن ڏيِنهُن

    قَرضُ اِلاهي دَردَن جو آهي موُن تي
    توسان وَنڊِبي ڪا نَقَدِ خوشي، ٻئي ڪَنهِن ڏيِنهُن

    اَڄُ ڪا سُهِڻي ساعِتَ موُن سان گھارِ کڻي
    آٿَتُ، ‘تو لاءِ آ عُمِر سَڄي’ ٻئي ڪَنهِن ڏيِنهُن

    اُسَ مَٿي تي پيرَنِ ۾ آ ريتِ تَـتَـلَ
    ڳولهي لَهَنداسيِن ڇانوَ ٿَڌي، ٻئي ڪَنهِن ڏيِنهُن

    اَچُ تَه پِرولي ڪا ڏُکـي ڀَڃَئوُن، ڪُجھُه سوچيوُن
    هَٿُ هَٿَ ۾، ڀاڪُرُ، مُرڪَ، چُمي، ٻئي ڪَنهِن ڏيِنهُن


    گيِتُ پيارَ جو ڪِئن ڳايان، کَنگھِه اَچي ٿي

    گيِتُ پيارَ جو ڪِئن ڳايان، کَنگھِه اَچي ٿي
    سُرَ ۾ سُرُ ڪيئن مِلايان، کَنگھِه اَچي ٿي

    ڳوڙهَن جو قَرضُ اِلاهي آهي موُن تي
    روئي يا مُشڪي لاهِيان کَنگھِه اَچي ٿي

    قَدَمَ قَدَمَ تي ٽانڊا آهِن ماضيءَ جا
    ڦوُڪَ ڏَئي حالُ ٻُڌايان، کَنگھِه اَچي ٿي

    عَڪـسَ اِلاهي ذَهَنَ اَندَرِ سانڍيَلَ آهِن
    يادِ ڪَري جَنهِن کي ساريان، کَنگھِه اَچي ٿي

    ڪِرشنُ موُسيٰ، عيسيٰ، نانِڪُ ۽ توُن مان
    ڪَنهِن کي ڏوهي ٺهرايان، کَنگھِه اَچي ٿي

    خوابَ ٽُٽَل ڇيِهوُن ڇيِهوُن دِلِ، گُـذَرُ ڪَبو
    ڪَنهِن آڏو هَٿُ ڦَهِـلايان، کَنگھِه اَچي ٿي

    ڪونَ نِڀائي ڪو بِه سَگھان ڪِردارُ ڪَڏهِن
    ڀوُتُ ٺَهي جي ڊيڄاريان، کَنگھِه اَچي ٿي


    اَکِ کوليان يا اَکِ ٻوُٽيان مان

    اَکِ کوليان يا اَکِ ٻوُٽيان مان
    اَکِ ۾ پَٿري، چُـڀَـن تَه ٿيِندي

    شامَ سَڄي بَسِ هُنَ جوُن ڳالهيوُن
    راتِ اَچَـڻَ تي گھُـٽَـن تَه ٿيِندي

    باهِه ٻَري ڀَـلِ هُن جي دِلِ ۾
    هِنَ دِلِ ۾ پِـڻِ جَـلَـن تَه ٿيِندي

    مُنهُن ڪو پَنهِنجو اَگر مَٽي ٿو
    پيشانيءَ تي شِڪَن تَه ٿيِندي

    جي موُن جَـهِـڙو ڪِرشِنُ هوُندو
    ميِرا جِيان هوءَ مَـگَـن تَه ٿيِندي

    يادِ هُجي يا مَڙهُه ماڻهوءَ جو
    هوريان هوريان سَـڙَن تَه ٿيِندي

    چَنچَل چَڳَ کي ڪيرِ ڳِـلَـن تي
    مَدهوشُ ذرا پَـوَن تَه ٿيِندي


    پاءُڪَڏَهِن تَه ڪَڏَهِن ڀاڄيِ گھَٽِ

    پاءُڪَڏَهِن تَه ڪَڏَهِن ڀاڄيِ گھَٽِ
    گھَرَ جو هر ڀاتي راضي گھَٽِ

    کِٽِ پِٽِ کِٽِ پٽِ زالَ مُڙسَ ۾
    سُکَ سان گُذري ٿي شادي گھَٽِ

    ناراض رَهي ٿو هَـرُ چَـهـِرو
    مُشڪَ ڏِيَڻَ جو آ عادي گھَٽِ

    حالَ ڏِسو بي حالُ ڪَيو آ
    يادِ ڪَبو پَنهِنجو ماضي گھَٽِ

    موبائل تي هاءِ باءِ ڪَن
    پَنهِنجا پائِن پِڻِ ڀاڪي گھَٽِ

    ڀَڄَندو ڀُرندو هَرڪو جَذبو
    تاتِ اِهائي ٿِئي بَربادي گھَٽِ

    ماءُ تَه بابا! ماءُ ئي آهي
    ساهُه ڇِڏيِندي آ ماسي گھَٽِ

    سِنڌي پَنهِنجو آخِر پَنهِنجو
    پَنهِنجو آهي مَدراسي گھَٽِ

    شايَد مُنهِنجو ڪَمُ نَه ٿئي هِتِ
    موُن وَٽِ آهي ڪُجھُ راشي گھَٽِ

    + پاءُ- ڀاڄي


    ڪا نَه ڪا روزُ ٿي هُجي ڀَڃ ڊاهَه

    ڪا نَه ڪا روزُ ٿي هُجي ڀَڃ ڊاهَه
    ذَهَنَ، دِلِ، خوابَ جيِ ٿِئي ڀَڃ ڊاهَه

    مان سَموُرو ڪِٿي وَڃان ڪيئن چَئو!
    ساڻُ موُن سان ٿي هيءَ رَهي ڀَڃ ڊاهَه

    روزُ هوُ پِڻِ ٻيو ٻيو ٿو لَڳي
    سڀني کي ڊاهي ٿي ڇَڏي ڀَڃ ڊاهَه

    موُن تَه اِحِساسَ سَڀُ وِساري ڇِڏِيا
    پوءِ اَندَرِ ڇو پَئي هَلي ڀَڃ ڊاهَه

    چَهِري، چَپ، ڪَنَن، نِرِڙُ، اَکيُن نَڪَ ۾،
    عُضوي عُضوي ۾ لِڪَلَ مِلي ڀَڃ ڊاهَه

    يادِ، ديِدارُ ۽ ڇُهاءُ پريِن
    چيِزَ هَرڪا وَڃي ڦري ڀَڃ ڊاهَه

    جي مُڪَمَل ٿِئي ڪَڏَهِن ڪو ڪَمُ
    ويٺي ويٺي وَري سُجھي ڀَڃ ڊاهَه


    جَڳُ سَموُرو وَڃي مِلي، نَه کَپي

    جَڳُ سَموُرو وَڃي مِلي، نَه کَپي
    توکا دوُري اَلا سَکي، نَه کَپي

    مؤتُ سُهِڻا ڪي رازَ کوليِندو
    ايِنگھَه واري هيءَ زِندَگي نَه کَپي

    روُحَ ۾ سوُنهَن ئي سَمايَل آ
    چِمڪَندَڙُ چَهِرو روشني نَه کَپي

    خوشبوُ آهي خيال ۾ هُن جي
    باغ مان ڪوئي گُلُ، ڪَلي نَه کَپي

    سادگيءَ هُن جي آ لُڀايو مَنُ
    سُرڳ جي اَپسَرا پَري نَه کَپي

    ساٿُ تُنهِنجو، ها ساٿُ تُنهِنجو بَس
    مُڪتي نِرواڻُ ڇَڏِ چَري نَه کَپي

    ڏي تَه دِلِ کولي نيِنهُن ڏي دِلبَرَ
    قَطِرو قَطِرو ذَري ذَري نَه کَپي


    خاموش رَهي خوُبُ سَهَن ٿا

    خاموش رَهي خوُبُ سَهَن ٿا
    وَڻَ ويچارا ڪونَ ڪُڇَن ٿا

    ڇانوَ اُسَ ۽ برساتيُن ۾
    پَنَ پَنَ جي هوُ سارَ لَهَن ٿا

    اُڻ تُڻ مَنَ جي ماري وِجھَندَئِه
    اَکَرَ وَڏَن جا يادِ اَچَن ٿا

    ڪَنهِنکي ڪَنهِنکي ڏوهُه ڏِبو، مَنَ
    پاڻَ مُرادو لُـڙِڪَ لَـڙَن ٿا

    ڳالهِه ڳالهِه تي رِشتا اُڊِڙَن
    ڪَچي سَڳي سان سِبيَلَ لَڳَن ٿا

    سَڀُ ڪُجھُه هُن کي ڪِئن ٻُڌائبو
    دِلِ ۾ ڪي اَرمانَ رَهَن ٿا

    سَمُنڊُ اَندَرَ جو ڪونَ سُڪي ٿو
    شامَ صُبُحَ هيءُ نيڻَ ڇُلَن ٿا

    ڪانوَ جھِرِڪَ لءِ ڀِتِ تي، ماڻهوُ
    ڪونَ ڪَڏهِن ڪو گِرَهُه رَکن ٿا


    ڳالهِه ڳالهِه تي موُن کِلَڻُ رُئَڻُ ڇَڏي ڏِنو

    ڳالهِه ڳالهِه تي موُن کِلَڻُ رُئَڻُ ڇَڏي ڏِنو
    هاڻي دِلِ جو آوازُ ٻُڌڻُ ڇَڏي ڏِنو

    روَحَ جِسمَ سَڀني جا ساڳيا آهِن هِتِ
    ماڻهوُ ماڻهوءَ ۾ فرقُ ڪَرَڻُ ڇَڏي ڏِنو

    دَرُ کَڙڪايان شايَدِ اَڄُ هوُ کوليِندو
    گُم-سُم چائنٺِ تي روزُ وِهَڻُ ڇَڏي ڏِنو

    سَمجھان اُپواسُ بُکئي پيٽ رَهان جَنهِن ڏيِنهُن سوُمَرُ،
    مَنگل، ڇَنڇَرُ، وِرتُ رَکڻُ ڇَڏي ڏِنو

    بيب-چئني هيءَ بي-چئني ساڳي آ
    راتِ راتِ جو ويهي سوچَڻُ ڇَڏي ڏِنو

    مايوُسيءَ سان هاڻي پَنهِنجي ياري آ
    زورُ ڪَري مَحفِل ۾ مُرڪَڻُ ڇَڏي ڏِنو

    ڪا لُڙڪَن جي چادَرَ مِلَندي مونکي پِڻِ
    سوچي، خوابَن جو ڪَفَنُ اُڻَڻُ ڇَڏي ڏِنو

    ٻولي رَهِنڊوُن رَهِنڊوُن، لَفظَ مَرَن پيا ٿا
    لالَڻَ سائينءَ ڇو رَحَم ڪَرَڻُ ڇَڏي ڏِنو

    سِنڌوءَ جو پاڻي ڇو ميرو ميرو آ
    شاهَه سَچَلَ کي ڇا اَوهان پَڙهَڻُ ڇَڏي ڏِنو


    جھيِڻي ئي روشني گھَڻي آهي

    جھيِڻي ئي روشني گھَڻي آهي
    ٿورِڙي زِندَگي گھَڻي آهي

    چَنڊَ سِجَ کي ڏِيوُن ڇو ڏوراپا
    ڇانوَري چاندني گھَڻي آهي

    سوُنهَن جا موُن معيارَ پِڻِ پَرکيا
    تُنهِنجي هيءَ سادگي گھَڻي آهي

    دُنيا دؤلَتَ اَوهان کَڻو، موُن لءِ
    پيارَ جيِ سوُکڙي گھَڻي آهي

    روُسُ، يوُروپُ، چيِنُ ڪونَ کَـپَـن
    سِنڌُ، سِنڌوُ نَـدي گھَڻي آهي

    دوستيءَ ۾ بِه ڪيترا ماڻا
    هِڪڙيِ ئي ساهِڙي گھَڻي آهي


    پِڃِرَنِ جي ڳالهِه نَه آ ڪَمرَنِ ۾ پِڻِ ساهُه مُنجھي

    پِڃِرَنِ جي ڳالهِه نَه آ ڪَمرَنِ ۾ پِڻِ ساهُه مُنجھي
    ڪِٿي وَڃي ساهُه کڻان اَڱـڻَن ۾ پِڻِ ساهُه مُنجھي

    دِلِ جو سناٽو ڊيڄاريِندَڙ ٿيِندو آهي
    اَگر غزل، نَظم پَڙهان، لفظن ۾ پِڻِ ساهُه مُنجھي

    اَکِ کوليان ڏاروُن- ڏاروُن ڇيهوُن- ڇيهوُن سَڀُ ڪُجھُه
    اَکِ ٻوُٽيان چُڀَن ٿِئي، سُپنن ۾ پِڻِ ساهُه مُنجھي

    بي چئني، هِن بي چئنيءَ کي ڪَهِڙو ڏوهُه ڏِجي
    وَقتُ ڪَڍي ٿَـڌِڙا، ٿَـڌِڙَن ۾ پِڻِ ساهُه مُنجھي

    گِرجا گھَرُ دوُنهون- دوُنهون، مَندَرُ مَسجِد دوُنهون- دوُنهون
    بَرپَٽَ، جھَنگلَ، پَربَت، پَٿرَن ۾ پِڻِ ساهُه مُنجھي

    تَنها ڪا ڪُنڊَ مِلي جِتِ ويهي ساهي پَٽِجي
    جي اُڏِران اُڀَ ۾، ڪَڪَرَن ۾ پِڻِ ساهُه مُنجھي

    دُنيا ڪورو سُپنو ڪِئَن مَڃان اِهو سَچُ آهي
    شرڌالُن جي وَچَ ۾ سِمرَنَ ۾ پِڻِ ساهُه مُنجھي


    ڳالهِه هَر دِلِ وَٽان هُجي گھَٽِ وَڌِ

    ڳالهِه هَر دِلِ وَٽان هُجي گھَٽِ وَڌِ
    راتِ جو نِنڊَ پِڻِ اَچي گھَٽِ وَڌِ

    روڳُ لَهَندو ڀَلا ٻُڌايو ڪِئَن
    هوُ دَوا ۽ دُعا وَٺي گھَٽِ وَڌِ

    پاٺُ پوُڄا ڪَيان عِبادَتَ پِڻِ
    سَچُ تَه اَڄُڪَلهَه خُدا ٻُڌي گھَٽِ وَڌِ

    ڳالهِه ڪا سَمجھَه ۾ اَچي، نَه اَچيس
    هاڻي وَرجائي هوُ پُڇي گھَٽِ وَڌِ

    آهي آلاڻِ اَکِ ۾ عرصي کان
    پوتيءَ جي ڪُنڊَ سان اُگھي گھَٽِ وَڌِ


    هَر ڪِٿي آ ڦِڪي روشني ڇا ڪَجي

    هَر ڪِٿي آ ڦِڪي روشني ڇا ڪَجي
    بي وَفا تو جِيان هَرَ ڪَلي ڇا ڪَجي

    قُربُ ڪاڏي وِيو ڪيرُ ڪَنهِن کان پُڇي
    ٿي رَکي وِرت ۽ ٽيِجِـڙي ڇا ڪَجي

    توُن چَويِن ٿو بَدِلِجي وِيُس مان، مَگر
    سوچَ جي آ مَٿي تي ڀَري ڇا ڪَجي

    دَرُ، دَري، ڀِتِ ڀَڃائي ڇَڏي موُن، مَگر
    آ سَندَس اَڌُ کُليَلَ هِڪَ دَري ڇا ڪَجي

    خوابَ سانجھا نَه آنسون ئي سانجھا رَهيا
    چَـئُـه پِريِن، هاڻِ تو سان مِلي ڇا ڪَجي

    بي عَقُلُ آنءُ ٿو ڪونَ سَمجھي سَگھان
    سَمجھَه تُنهِنجي ذرا مَٿَ ڀَري ڇا ڪَجي

    هَٿُ جھَلي پاڻَ ڏانهُن ٿي ڇِڪي رات ڏيِنهن
    دوستُ آهي اُداسي چَري ڇا ڪَجي

    آ غَزَلُ، گيتُ آ، نَظمَ آ، هوءَ سَڀُ
    ڪينَ سَمجھي سَگھي ڇوڪِري ڇا ڪَجي

    بي وَسي، بي ڪَسي ۽ ڪَڏهِن بي خودي
    اِئن ئي گُذري وَئي زِندگي، ڇا ڪَجي


    چاهَه ڪَهِڙي ڪَيان عُمِر هِنَ ۾

    چاهَه ڪَهِڙي ڪَيان عُمِر هِنَ ۾
    وِرتَ ڪَهِڙا رَکان عُمِر هِنَ ۾

    واري واري بڻيا خوابَ سارا
    ڏوهُه ڪَنهِن کي ڏِيان عُمِر هِنَ ۾

    دوستي، دُشمَني، پيارُ، نَفرَتَ
    ڪيِنَ سَمجھي سَگھان عُمِر هِنَ ۾

    شاهُه، سامي، سَچَلُ، ساڌُ ٻيلو
    سِنڌُ تو لءِ سِڪان عُمِر هِنَ ۾

    عَڪسُ هُنَ جو اَکيُن ۾ اَڃان آ
    جھيِڻو جھيِڻو ڏِسان عُمِر هِنَ ۾

    پيارُ هوُ، سارُ هوُ، ساهُه هوُ آ
    بي خوديءَ ۾ چَوان عُمِر هِنَ ۾

    باهِه طوُفان توکان جُدائي
    آنءُ ڇا ڇا سَهان عُمِر هِنَ ۾

    نيڻَ ۾، خوابَ ۾، سوچَ ۾ هوُ
    نانءُ ڇا لءِ کَـڻان عُمِر هِنَ ۾

    سارَ دِلبَرَ لَهان ڪِئَن مان ڪَنهِنجي
    ڪونَ کٽَ تان اُٿان عُمِر هِنَ ۾

    لُڙِڪَ لَرزي پَوَن جيڪڏهِن خَطُ
    ڪو پُراڻو پَڙهان عُمِر هِن ۾

    راندِ لِڪَ ڇَپَ ڪَيوُن جي هُجيِن توُن
    مان اَڪيلو لِڪان عُمِر هِنَ ۾؟


    راهَه ساڳي وَٺي توُن هَلَڻُ، ڇَڏِ کڻي

    راهَه ساڳي وَٺي توُن هَلَڻُ، ڇَڏِ کڻي
    ماڳ جو توُن تَـصَوُر ڪَرَڻُ، ڇَڏِ کڻي

    زندَگي، زندگي آ، رُڳو زِندَگي
    ايِئَن پَل پَل اَجايو مَرَڻُ، ڇَڏِ کڻي

    ڪيترو وَقتَ کي توُن سُڃاڻي اَڃان
    بيوَفا نؤدَ کان ڪُجھُه گھُرَڻُ، ڇَڏِ کڻي

    وَقتَ جو ڏِسُ سَڳو هَٿُ ڇَڏائي ويو
    گھاوَ پَنهِنجا سُئيءَ سان سِبَڻُ، ڇَڏِ کڻي

    خواب، حسرت، تمنا، تَصَوُر، هُجي
    سِکُ سَبَقُ، آسَ ڪَنهِن مان رَکَڻُ، ڇَڏِ کڻي

    دِل هُجي يا هُجي ذَهَنَ جو وِلوِلو
    اوٽَ ڪَنهِنجي مَـگـر توُن وَٺَڻُ، ڇَڏِ کڻي


    جيِوَنُ سارو آ بي معنيٰ آسَ بِنان

    جيِوَنُ سارو آ بي معنيٰ آسَ بِنان
    اَمرَتَ جو پِڻِ مُلهُه ڪَهِڙو آ پياس بنان

    پيارُ هُجي، قُربُ هُجي يا ڪائي دُعا ڇو نَه
    اَڻ پوُرو سَڀُ ڪُجھُه رَهَندو وِشواسَ بِنان

    ٻوجھُه مَٿي تي ماضيءَ جو ڪيسيِتائيِن
    پَلَ جو مُلهُه ماڻَڻُ سِکجي اِتهاسَ بنان

    او سُهڻي! جي توُن مِلي وَڃي کِنُ ڀَرِ پِڻِ
    جيِوَنَ جو ڄَڻُ سَرمايو اَرداسَ بنان

    ڌرتيءَ جي ٽُڪَرَن جو مُلهُه ڪَهِڙو آکيوُن
    هَر مُلڪُ اَڌوُرو رَهَندو آڪاسَ بنان

    هَرَ مَحَفِل ۾ لَفظن جا ڍيرَ لَـڳن ٿا
    ماهِرَ جي ماهِرَ بَڻِجَن بَڪواسَ بنان

    روشن چهرو، مکمل تنُ، مُرڪَ مِٺي، سَڀُ
    ڪونه وَڻي ٿو ڪُجھُه اوُنهي اَحساسَ بِنان

    رامُ- سِيا پِڻِ رامُ- سِيا ڪونَ لَڳن ٿا
    رامايَڻُ واچي ڏِسجي راڪاسَ بنان

    سُرڳَ وَڃَڻ جي مَنَ ۾ حَسِرَتَ ناهي ڪا
    ڇو سوچيوُن، ڪُجھُ هوُندو، هَڏَ ۽ ماسَ بنان


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 468
    ڪتابن جو مشاهدو: 399843
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 161586
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ