ڪتاب جو نالو: دلبرﷺ جي ديس ۾
مصنف: مولوي عبيدالله چانهيون
ڇپائيندڙ: ساحل پبليڪيشن
ڪيٽيگري: سفرنامه
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 19 جون 2017 ع
پڙهيو ويو: 250 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 58 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”دلبر ﷺ جي ديس ۾“ مڪي ۽ مديني جو سفرنامو آهي،مولوي محمد يامين لکي ٿو؛ ”جيئن ته، ”دلبرﷺ جي ديس ۾“ هڪ مذهبي رنگ ۾ لکيل تاليف آهي تنهن ڪري انهي ٿري لهجي ۾ خشڪ واريءَ تي ديار حبيب جو داستان، تيز وڏ ڦڙي مينهن وارو وسڪارو ڪندي محسوس ٿئي ٿو ته، پرينءَ جي پار جي هُٻڪار ۽ سرور ڀري سُرهاڻ هيءَ ڪتاب پڙهندي هتي محسوس ٿئي پئي! سبحان الله!
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران :
  • پيش لفظ
  • پنهنجي پاران
  • سبحانه يا اعظم شانه
  • سڪ ۽ سمهڻ ڇا لڳي
  • پتنگن پچڻ جو پهه ڪيو
  • دلبرﷺ جي ديس ۾
  • عمري جي ادائگي
  • ڪعبت الله ۾ پهرين دعا
  • حمد باري تعاليٰ
  • زيارات مڪھ
  • مسجد عائشھ کان عمرو
  • دنيا ۾ ڪي مشهور جبل
  • غار ثور جي زيارت
  • غار حرا جي زيارت
  • جبل رحمت جي زيارت
  • ميدان عرفات
  • واديءَ محصر ۽ ابره جي تباهي
  • جنت المعليٰ جي زيارت
  • مسجد جن جي زيارت
  • جنات جو مٿي وڃن بند ٿيڻ
  • آنحضرت ﷺ سان جنن جي وفد جي ملاقات
  • جنات جي ٻي وفد جو شعب الحجون ۾ اچڻ
  • حج ۽ عمري جو فلسفو
  • حج عشق و محبت جي اظهار جو نمونو آهي
  • ٻانهي جو تعلق رب پاڪ سان ٻن نمونن جو آهي
  • جملو معترضو هڪ حديث جو خلاصو
  • سعي ڇا آهي ۽ ڇو آهي؟
  • جمرات ۽ قرباني ڇا آهي ۽ ڇو آهن؟
  • عالمي منشور خطبو حجت الوداع
  • هڪ اڻ وسرندڙ عجيب واقعو
  • ڪاميابي ۽ منزل مراد نااميدي جي پرڇائن ۾ هوندي آهي
  • ڏهه ريال جي نوٽ جو ملڻ
  • هڪ فقير جو اچڻ ۽ سوال ڪرڻ
  • اهل ذوق جو حج ڪيئن ٿيندو آهي؟
  • عرب دنيا ۾ حجاز مقدس جو محل وقوع
  • شهر مڪي جو ظهور ۽ فضيلت
  • مڪي ۾ انساني آبادي جي شروعات
  • ڪعبت الله جي تعمير
  • تعمير ابراهيمي
  • قريشين جي دور ۾ مڪي ۾ سڌارا
  • مڪي شريف جي انهي آڳاٽي نظام تحت اهم کاتا هن طرح هئا
  • اڄ جو مَڪو
  • زمانه جاهليت ۽ عربن جي حالت
  • بي سود جنگيون
  • عربن ۾ بت پرستي جي وبا
  • اسلام کان اڳ چند مشهور بت
  • ان وقت عالمي حالات
  • دنيا ۾ بت پرستي جي شروعات ڪيئن ٿي ۽ ڪڏهن ٿي؟
  • قريش عربن ۾ بت پرستي
  • ڪائنات ۾ انقلاب جا آثار
  • هڪ ڪاهن جا ڪرتب ۽ پيشنگوئي
  • آفتاب عالم جو طلوع
  • کوپڙي جي ذريعي نام محمد جو اظهار
  • عربن ۾ دُختر ڪشي جي بري رسم
  • پٿر دل پيءُ
  • ڇو ٿي ڄمئي ڙي ڌيئر؟
  • وحشيانه قرباني
  • اچ جميلھ تنهنجو وارو
  • ميڻ دل ماءُ
  • تصوير جو ٻيو رخ
  • نبوت کان اڳ حجاز جي حالت
  • آغاز نبوت
  • نزول وحي ۽ غارِ حرا
  • هڪ اوپرو شخص ۽ فطري خوف
  • آفتاب نبوتﷺ ۽ وفادر زال رضه
  • ٻيو ڀيرو نزول وحي ۽ آفتاب عالمﷺ
  • حضورﷺ ڇا آئون الله جو رسول آهيان؟
  • محترمه خديجھ الڪبريٰ جو عيسائي راهب عداس جي گهر وڃڻ
  • اعلان ڪوهه صفا
  • ڪفار قريش ۽ مشرڪين مڪھ جي ميٽنگ
  • قريش جو وفد ابوطالب جي خدمت ۾
  • ٻيو ڀيرو قريش مڪي جو وفد ابوطالب جي خدمت ۾
  • اولي العزم نبيﷺ جو پُر عزم جواب
  • ظلم در ظلم ظلم بر ظلم، ظلم ئي ظلم
  • ابوجهل جو موت ۽ رُسوائي
  • ڇا اسلام تلوار جي زور تي پکڙيو آهي
  • اڪابرين اسلام جا مثالي چند واقعا
  • عدم تشدد جي تعليم جو حڪم
  • عدم تشدد لاءِ هادي اعظمﷺ جي هدايت
  • اقدام قتل
  • محبوبِ خدا جي گهر جو گهيراءُ
  • وڻجارا وڃڻ جون وايون ڪن
  • سڄڻ سفر هليا ۽ سندن ڳولا
  • واهه اسمآء واهه
  • هڪ باريڪ تمثيل
  • سدا جئي صديق رضه جي صداقت
  • سج ۽ چنڊ ٻئي هڪ برج ۾
  • سراقھ جو تعاقب ڪرڻ
  • سراقھ جي باري ۾ حضور جي پيشنگوئي
  • سور سختيون سالڪن ڏانهن محب مهمانيون مُڪيون
  • حضرت زبير بن العوام جو ملڻ
  • حضرت بريده اسلمي جي مهماني
  • اسلام جو تاثير
  • بريده جو مسلمان ٿيڻ
  • آفتاب عالم قبا ۾
  • هڪ ڪاهن جي پيشنگوئي
  • حضرت ڪلثوم جي مهماني
  • خوش نصيب ميزبان
  • واهه ايوب انصاري ڀلا ڀاڳ تنهنجا
  • تقرير دلپذير جو اثر
  • حضرت عبدالله بن سلام حالات زندگي
  • قصو حضرت سلمان فارسيرضه
  • جنگ احزاب ۾ خندق جو مشورو
  • مسجد نبوي جو سنگ بنياد ۽ تعمير
  • مسجدن جي اڏاوت جو فلسفو
  • رسالت، برسات ۽ لطيف سرڪار
  • روضو پاڪ رسول جو
  • قبن جي تعمير متعلق شريعت جو حڪم
  • شانِ شيخين رضي الله عنهما
  • شان صديق اڪبر رضي الله تعاليٰ عنھ
  • حضورﷺ سان مماثلث جو منفرد انداز
  • صِدق و وفا جي صاحب جي سيرت مبارڪه مان چند جهلڪيون
  • حضرت ابو بڪر صديق رضه جي بيعت
  • حضرت علي رضه طرفان تصديق:
  • شان حضرت عمر فاروق اعظم رضي الله عنھ
  • حضرت عمر رضه ۽ فڪر آخرت:
  • فاروق اعظم جو بيت المال مان وظيفو
  • حضرت عمر رضه جو پنهنجي خاتون اول کي هڪ مسافر عورت جي ويم لاءِ وٺي وڃڻ
  • عدل عمررضه:
  • احتياط عمررضه:
  • پنهنجي گهرواري کي مشڪ تورڻ کان منع ڪرڻ:
  • ايران جي باري ۾ حضورﷺ جي پيشنگوئي،
  • حضرت عمر فاروق جي باري ۾ فرمان رسولﷺ:
  • ذمه داري جو احساس:
  • حضرت عمر فاروق جي بيعت
  • حضرت عمر رضه جو حضرت علي المرتضيٰ جن جي نياڻي سان نڪاح جو احوال:
  • حضرت عمر رضه جي وفات وقت حضرت علي جي دعا گهرڻ:
  • شانِ اُم المومنين بي بي عائشھ صديقھ الحميرا رضه
  • حضور انورﷺ جن جي طرفان سندن دل جوئي
  • اسلام ۾ اذان جي اهميت ۽ مفهوم
  • مسجد نبوي صلعم جي مؤذن اول جو شان
  • محبوب، مقصود مدينة النبي ڏانهن روانگي
  • مدينة النبي ڏانهن روانگي
  • پرين جي پاڙي ۾
  • زيارت روضھ اطهر
  • آداب زيارت
  • بارگاهه رسالت مآب ۾
  • سامهون جنت البقيع هو, مقدس خاموش دنيا
  • پيرين جي پيرانڌي
  • اي مدينا الوداع
  • ٿر راجستان جي هڪ رواج جي ياد
  • زميني حقائق ۽ آثار قديمھ جي تباهي
  • سعودي عربيھ کان اڳ جو منظر نامو
  • مختصر جديد سعوديھ عربيھ جو تعارف
  • وطن واپسي
  • گُلِستان، جتان گُل چونڊيا ويا ==================================

  • انتساب

    آئون پنهنجي هي حقير تحرير، 1هڪ سج، 2چار چنڊ ۽ 3سوين ستارن جي نالي منسوب ڪريان ٿو. جن مظلوم انسانيت کي گگهه اونڌاهي جي اوڙاهه مان ڪڍي روشني جي رستي تي آڻي، خليفه الله ۽ اشرف المخلوقات جي حقيقي شرف سان فيضياب ڪيائون. جن حيوان ناطق کي انسانيت جا ڳُڻ ۽ گس سيکاريائون ۽ ڏيکاريائون. جن پنهنجو وقت، تن، من، ڌن، جان، جسم سڀ ڪجهه لٽائي موت کي مات ڏيئي، پاڻ ملهائي زندگي ۽ موت کي مساوي سمجهي، عزرائيل کي خوش آمديد چئي هڪ رب کي راضي ڪري ان جي 4رضامندي جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيائون ۽ پنهنجي محبوب مدنيﷺ جي مبارڪ قدمن تي سر نثار ڪري، فُزتُ الله چئي پنهنجي محبوب کان بايهم اقتديتم اهتديتم جي سند حاصل ڪيائون.
    ۽ انهن اولياء الله جي نالي جن 5فاتبعوني تي عمل ڪرڻ جي ڪري، جن جي مٽي مان لڌو ۽ ڪروڙين انسان انهن جي آسڻ تي اچي گلهاءِ عقيدت پيش ڪن ٿا ۽ سلام ڀرين ٿا. جن پنهنجي وجود ۾ پنهنجي نيڻن سان پنهنجي دوست جي ديري جو ديدار ڪيو جن جي باري ۾ ڀٽ ڌڻي فرمايو آهي ته:
    تن تسبيح من مڻيو دل دنبورو جن،
    تندون تن طلب جون وحدت سر وڄن،
    وحده لاشريڪ لھُ اهو ئي راڳ رڳن،
    سُتا مر سونهن ننڊ عبادت جن جي.
    يحبڪم الله يغفرلڪم. لاخوف عليهم ولا هم يحزنون ۽ و عليٰ عبادالله الصالحين جا حقدار ٿيا. منهنجي انهن محترم استادن صاحبن جي نالي جن مون کي احد ۽ 6احمد جي پٽي پڙهائي بقول ڪسي: مين ٻلهاري جاوان گرو ڪي جو گوبند همين سکهايا اور دکهايا. جن معلم اولﷺ جي مسند اطهر تي ويهي. قال الله وقال الرسول صلي الله عليھ و آلھ وسلم جي تعليم ڏيندي مڪارم الاخلاق جي تعليم ڏنائون. جن جون جتيون سڌيون ڪرڻ جي برڪت سان مون کي فيض حاصل ٿيو. جو هي ٻه اکر لکڻ جهڙو بڻيس.
    ۽ پڻ منهنجي 7والدين جي نالي جن نهايت غريبي ۽ اجهل حالت ۾ دعائن سان گڏ مون کي ديني ۽ دنيوي تعليم ڏياريائون، جو اڄ آئون هن تحرير جي لائق ٿيس. داور جي دربار ۾ دم دم دعاگو آهيان ته اهو موليٰ ملڪ ڌڻي شال منهنجي سڀني مٿين مُربين جي قبرن کي منور ۽ جنت الفردوس بنائي آمين.

    عبيدالله چانهيون
    غلام يارانِ رسول صلي الله عليھ و آلھ وسلم

    1. وَّدَاعِيًا اِلَى اللّٰهِ بِاِذْنِهٖ وَسِرَاجًا مُّنِيْرًا،
    2. چار يا ٻه سهرا ٻه داماد،
    3. الصحابي کالنجوم،
    4. رَضِيَ اللّٰهُ عَنْهُمْ وَرَضُوْا عَنْهُ،
    5. اِنْ كُنْتُمْ تُحِبُّوْنَ اللّٰهَ فَاتَّبِعُوْنِيْ،
    6. . توحيد ۽ رسالت جو سبق،
    7. ادعو من الله للوادين غفراناً


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”دلبر ﷺ جي ديس ۾“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب مڪي ۽ مديني جو سفرنامو آهي، جنهن جا ليکڪ مولوي عبيد الله چانهيون صاحب جن آهن.
    مولوي محمد يامين لکي ٿو؛ ”جيئن ته، ”دلبرﷺ جي ديس ۾“ هڪ مذهبي رنگ ۾ لکيل تاليف آهي تنهن ڪري انهي ٿري لهجي ۾ خشڪ واريءَ تي ديار حبيب جو داستان، تيز وڏ ڦڙي مينهن وارو وسڪارو ڪندي محسوس ٿئي ٿو ته، پرينءَ جي پار جي هُٻڪار ۽ سرور ڀري سُرهاڻ هيءَ ڪتاب پڙهندي هتي محسوس ٿئي پئي! سبحان الله!
    مجموعي طرح ڪتاب ۾ شامل مواد تمام وڏي محنت، مشقت، جاکوڙ ۽ جستجو آهي. هنڪري جو ”محبوبن جي ملڪ“ جو هر احوال اسان لاءِ هينئين جو هار، اکين جو ٺار ۽ دل جو قرار آهي.“
    هي ڪتاب ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون محمد عثمان چانهيون جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پيش لفظ

    هلي هينئين سين هوت ڏي، پيرين ڪر مَ پنڌ
    راهه پڇ مَ رند، رڙهه روحاني سسئي.

    هل هينئين سين هوت ڏي، ڇپر هڏ مَ ڇُل،
    آرياڻي اَمُل، ڪايا ۾ ڪانڌ ٿيو.

    هل هينئين سين هوت ڏي، ڇپر ڇُل مَ تون،
    منجهان لڌو مون، ڪوهيارو ڪيچ ڌڻي.
    سير سياحت، انسان جي مشاهداتي معلومات ۾ تمام گهڻو اضافو ڪري ٿي. سفر جي ساٿين سان گڏ هلندي ماڻهن جي مزاج، اٿڻي ويهڻي ۽ نون ماڳن مڪانن کي ڏسڻ مان گهڻو ڪجهه پرائجي ٿو. اهڙي طرح نوان نوان تجربا سندس علم جي خزاني ۾ ڀاري واڌارو ڪندا رهن ٿا. پوءِ ڪي ماڻهو اُنهي ديد و شنيد کي پنهنجي دل ۽ دماغ جي دفتر ۾ فيڊ ڪري ڇڏيندا آهن ته، ڪي وري انهن سير سياحت وارن مشاهدن ۽ مختلف قسمن جي تجربن کي قلمبند ڪري ڪتابي صورت ۾محفوظ ڪن ٿا. انهي صورت ۾ نه رڳو اهي سندن يادگار بنجن ٿا بلڪه ٻين لاءِ به رهنما ثابت ٿين ٿا.
    سنڌي ٻولي ۾ سؤ سال جي ابتدائي ورهين ۾ ڪن ايڪڙ ٻيڪڙ آڳاٽن سفرنامن جو پتو پوي ٿو، پر ماضي قريب ۾ هالن واري محترم الطاف شيخ نه رڳو بحيثيت جهاز انجنيئر جي پاڻ دنيا گهمي پر انهن مسلسل سفرن ۽ سياحتن بابت يادگار ڪتاب لکي سموري سنڌ جي ننڍي وڏي کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود ملڪن ۽ ماڻهن ۽ ماڳن مڪانن کانواقف ڪيو. شايد الطاف شيخ صاحب جي اهڙي ڪاوش، سنڌي ماڻهو ۾ سفرنامه سان اهڙي ته دلچسپي پيدا ڪئي جو هاڻي هت، سڀڪو پيو سفرناما لکي. جهاز ۾ ڪنهن پير پاتو ۽ واپسي ۾ پهتو ناهي ته، سندس سفرنامو تيار. وري پڙهندڙن جي به دلچسپي وڌي آهي. بُوڪ اسٽالن تي اهڙا نِت نوان سفرناما ڇپجي ايندا رهن ٿا. سچ پچ ته اسان کي انهي تي بيحد خوشي آهي جو اسان جي سنڌي ٻولي ۾ نِت نئون مواد ميسر ٿي رهيو آهي. پر جيئن ته الطاف شيخ سفرنامه جي موضوع تي ”ڪثير التصانيف“ آهي تنهنڪري اسان اُن کي اهڙي همت، محنت ۽ مسلسل سفرنامن لکڻ تي داد ڏيون ٿا. جيتوڻيڪ سياحتي دنيا ۾ اهي سفرناما ته ڪافي مواد مهيا ڪن ٿا. پر پوءِ به بعض حلقي جي انهن ڪتابن پڙهڻ باوجود اها علمي تشنگي، سيراب نه ٿي ٿي سگهي جيڪي مذهبيت جو ذوق سوايو رکن ٿا. ڇو ته انهن جي ذوق وٽان سنڌي ٻولي ۾ بنهه ڪي ڳاڻ ڳڻيا سفرناما موجود آهن.
    مون خود به اهڙي ڪوشش ڪئي هئي، جو 1997ع ۾ حج جي سعادت لاءِ حرمين شريفين جي زيارت دوران هڪ سفرنامو ”مِسڻ کان مديني تائين“ لکيو هو، جيڪو سنڌيڪا اڪيڊمي 2007ع ۾ ڇپرايو هو. هاڻي ته اهو ڇاپو به شائقين هٿو هٿ خريد ڪري، مارڪيٽ مان ئي ناپيد ڪري ڇڏيو. وري ان جو ٻيو ڇاپو، جڏهن يا نصيب!
    هيءَ حقيقت به آهي ته، ڪو شخص ڀلي پار تان ڀيرو ڪري اتان جون يادگيريون، اتي جا مشاهدا ۽ زيارتون، اتي جي مقدس هستين صحابه ڪرام جي سونهري ڪارنامن ۽ ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جي پاڪ سيرت سفر ۽ حضر جي ماڳن مڪانن ۽ منزلن ۽ اتي جي زيارت وارين جاين جي اکئين ڏٺي احوال سان گڏ انهي ڀلاري سفر جي روئداد ۽ ذاتي احساسات جو قلم ذريعي بيان ڪري ته، اهي روحاني رنگ ۾ لکيل هئڻ ڪري هر هڪ ديندار مسلمان لاءِ روحاني غذا مهيا ڪندي سُڪايل ۽ اُڃايل روح جي سيرابي ڪن ٿا.

    هونئن به حج جو سفر هڪ ”روحاني سفر“ آهي، جيڪو هڪ الله لوڪ سالڪ کي سلوڪ جي منزلن طئي ڪرڻ ۾ رهنمائي ڪري ٿو. سندس روحاني سفر جا ڏک ڏاکڙا آسان ٿيو پون ۽ پاڻ سلوڪ و معرفت جون منزلون تيزي سان طئي ڪريو وٺي.
    تازو اسان جي هڪ پراڻي دوست محترم سائين مولوي عبيدالله چانيهو صاحب عمرڪوٽ واري ديار حبيبﷺ جو ديدار ڪيو ۽ چڱن جي چائنٺ چمڻ سان فريضه حجھ جي ادائگي دوران اهڙو سفرنامو لکي اسان لاءِ هڪ قابل قدر مواد مهيا ڪيو آهي. سندس هي پهرين ڪوشش آهي. جيتوڻيڪ هن کان اڳ سندس لکپڙهه واري ادبي ڪم سان ڪو خاص تعلق نه رهيو آهي، پر پنهنجي اندر احساسات، اکئين ڏٺي معلومات ۽ ڪنين ٻڌي مسموعات کي قلم جي زباني پنن تي پکيڙي، دل جي ترجماني جي حق ادائي ڪندي ڪيترن نون دوستن لاءِ هڪ مذهبي تاريخي خاص ڪري ديار مقدس سان ڪنهن نه ڪنهن حواله سان واسطو رکندڙ نِت نئون مواد سهيڙي سموهي مرتب ڪري اسان جي آڏو ڪتابي صورت ۾ يڪجا ڪيو آهي.
    مولانا عبيدالله چانيهو سان 30-40 سالن کان منهنجي شناسائي آهي. پاڻ ذاتي طرح پرهيزگار ۽ ديندار ماڻهو آهي. ديني مدرسن ۾ رهي پڙهي فراغت حاصل ڪري، وري به ڪو عرصو ديني مدرسن جهڙوڪ مدرسه مدينة العلوم ڀينڊو شريف ۽ مدرسه دارالفيوض الهاشميھ سجاول وغيره ۾ اڪائونٽنٽ ۽ مدرس جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. اڳتي هلي ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ استادي جي پيشه سان سرڪاري ملازمت به ڪيائين. هاڻي ته اتان به رٽائر ڪري، عمرڪوٽ ۾ پنهنجي چانيها پاڙي جي مسجد ۽ مڪتب کي سنڀالي ۽ انهن جي خدمت ڪري پنهنجي زندگي جا ڏينهن سجايا پيو ڪري ديني مدرسن جي ساليانه حساب جي چڪاس، آمدني روانگي جي حساب جانچڻ ۽ انهن مان گورک ڌنڌي وارا نقص ڳولي ڪڍڻ جي کيس خاص مهارت آهي. جنهن ڪري چند مشهور آڊٽ ڪمپنين طرفان سندس چڪاس ڪيل مدرسن جي ساليانه حساب ڪتاب کي اهميت ۽ اوليت ڏني وڃي ٿي. هينئر لڳ ڀڳ 50-60 کن ديني مدرسن جو آڊٽ لاءِ حساب ڪتاب چيڪ ڪري ٿو. ان سلسلي ۾ پاڻ بنهه محتاط رهندو آهي، جو مجال آهي ڪنهن ديني مدرسه جي حساب ڪتاب ۾ ڪا گهوٻي يا ڪو غبن برداشت ڪري يا چشم پوشي ڪري ان کي لئي مٽي ڪري ڇڏي. اهڙن خرد برد ڪندڙ مدرسن جي منشين کي سخت تنبيهه به ڪندو ته، ان جو ڪيل حساب رد ڪري ان جو غبن وائکو به ڪندو آهي، سچ پچ ته اها تقويٰ جي نشاني آهي. پاڻ عمرڪوٽ جي چانيها پاڙي جي ڄاتل سُڃاتل شخصيت آهي، هونئن ته مذهبي ۽ سماجي لحاظ کان پاڻ ڪافي شهرت رکي ٿو. البت ادبي ميدان ۾ سندس هي ڪتاب ”دلبرﷺ جي ديس ۾“ پهريون قدم آهي.
    مون کي ته واقعي به حيرت ٿي جو هي اڪائونٽنٽ ٿي ڪري ادبي ميدان ۾ اچي هڪ تصنيف يا تاليف تيار ڪري!
    پر چوندا آهن ته، ”جنهن کي ربّ رکي تنهن کي ڪير چکي“ سو جي الله تعاليٰ توفيق ڏئي ته اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي.
    مولانا عيبدالله چانيهو صاحب جي پهرين تاليف ئي ماشاءَ الله ڀلاري پار جي احوال تي آهي، سو ان لاءِ اها ئي اميد آهي ته:
    آغاز ہے بسم اللہ،
    انجام خدا جانے۔
    يقيناً ڀلارن جي نيڪ ڪاوش جو انجام ڀلو ئي ٿيندو. جيئن قرآن مجيد ۾ ارشاد آهي ته، ”وَالْعَاقِبَةُ لِلْمُتَّقِيْنَ“ يعني چڱي پڇاڙي پرهيزگارن ۽ خوف خدا رکندڙ نيڪو ڪارن لاءِ آهي. البت هن ڪتاب ”دلبرﷺ جي ديس ۾“ کي پڙهندي جيڪي هڪ ٻه ڳالهيون محسوس ٿيون تن جو اظهار به ضروري سمجهان ٿو. سي هيءَ ته، مولانا عبيدالله چانيهو جي سنڌي تحرير ۾ عربي فارسي جي الفاظن جو امتزاج ڏسي سندس ”مولويانه انداز“ واضح ٿئي ٿو. پر ان سان گڏ سندس سنڌي به ٿري لهجه واري آهي جنهن کي پڙهڻ سان ئي ڏڪاريل ٿر جي خشڪ واري، ڀٽن دڙن، ٿاريلي مندن موسمن جي جهلڪ، عبارت ۾ نظر اچي ٿي. ليڪن جيئن ته، هي ”دلبرﷺ جي ديس ۾“ هڪ مذهبي رنگ ۾ لکيل تاليف آهي تنهن ڪري انهي ٿري لهجي ۾ خشڪ واريءَ تي ديار حبيب جو داستان، تيز وڏ ڦڙي مينهن وارو وسڪارو ڪندي محسوس ٿئي ٿو ته، پرينءَ جي پار جي هُٻڪار ۽ سرور ڀري سُرهاڻ هيءَ ڪتاب پڙهندي هتي محسوس ٿئي پئي! سبحان الله!
    مجموعي طرح ڪتاب ۾ شامل مواد ڪنهن به طرح گهٽ يا ڪسو ڪونهي، بلڪه تمام وڏي محنت، مشقت، جاکوڙ ۽ جستجو آهي. هنڪري جو ”محبوبن جي ملڪ“ جو هر احوال اسان لاءِ هينئين جو هار، اکين جو ٺار ۽ دل جو قرار آهي.
    بذات خود آئون سندس انهي ڪاوش ”دلبرﷺ جي ديس ۾“ جو نهايت قدر ڪريان ٿو ۽ اميد اٿم ته هيءَ مقامات مقدس بابت مذهبي ۽ تاريخي مواد، سنڌ جي هر ننڍي وڏي لاءِ رهبر ۽ رهنما ثابت ٿيندو. اهڙي طرح سنڌي ٻولي ۾ به تمام بهتر اضافو تصور ڪيو ويندو.
    سنڌ واسين کي گذارش ڪندس ته، هو اهڙو مذهبي تاريخي مواد ضرور مطالعو ڪن جيڪو سندس روحاني رشتا آقاءِ نامدار سرور ڪونينﷺ ۽ حضرات صحابه ڪرام رضوان الله عليهم اجمعين سان ڳنڍي آخرت موچاري ٿيڻ ۾ مددگار ٿئي.
    الله تعاليٰ، مولانا عبيدالله چانيهو صاحٻ کي اڃا به وڌيڪ همت ۽ توفيق بخشي جو آئنده باقاعده قلم کڻي ٻين مذهبي موضوعن تي به مواد مرتب ڪري ته سندس قلمي پورهيو ”صدقه جاريه“ ٿي آخرت جو ثمر بنجي.


    والسلام
    (مولو) محمد يامين شورو
    ناظم مدرسھ دارالهديٰ مسڻ وڏي

    4 شوال 1437هه
    9 جولاءِ 2016ع
    بروز ڇنڇر


    پنهنجي پاران

    الحمد لله ربّ العالمين و الصلوات والاسلام عليٰ خاتم النبيين و عليٰ رحمت اللعالمين والعاقبت للمتقين و عليٰ آلھ واصحابھ اجمعين. آمين
    هر قسم جون قولي و فعلي عبادتون ۽ هر قسم جون واکاڻون، ان واحد کي جڳائين ٿيون، جنهن جو ذاتي نالو الله آهي. جنهن جو هر وقت هر هنڌ هر پل حاضر و ناظر هجڻ، وجوب جو درجو رکي ٿو. جيڪو هر وقت جمله ڪمال جمال ۽ جلال جي خوبين ۽ سهڻين صفتن سان متصف آهي. جيڪو ازل کان آهي ۽ ابد الآباد رهندو. جنهن جي ذات اقدس کي بقا آهي. باقي سڀ فنا آهي. جيڪو رب العالمين ۽ احڪم الحاڪمين آهي.
    صلوات و سلام ان عظيم هستي تي هجن شال جيڪو بعد از خدا بزرگ توئي است ته محبوب رب العالمين به آهي. جيڪو فخر دو عالم، سيد الموجودات، سرور ڪائنات، شفيع المذنبين، خاتم النبيين، صاحب لولاڪ والمعراج محسن انسانيت، هيڻن جو همراه، اڙين جو آڌار، مڙنئي جو مهندار، بي وسيلن جو وسيلو. دُر يتيم آمنھ جو لال. خديجھ جو تاج، فاطمھ جو ابو، غيرن جو غم کائڻ وارو. دشمن وحشي ۽ هنده کي معاف ڪرڻ وارو دشمن جي گهر ان جي خيرخواهي لاءِ بار بار وڃڻ وارو، چئي پيو ته تون منهنجو آهين، آئون تنهنجو آهيان. منهنجي ٻُڌ! منهنجي ٻُڌڻ ۾ تنهنجي ڪاميابي آهي. دشمن پٿر پيو هڻي ۽ هي التجائي نظرن سان سامهون ادب سان بيٺو آهي ته منهنجي ٻُڌ!!
    اونڌاهي هجي يا روشني، گرمي هجي يا سردي، برسات هجي يا ميهوڳي، راتين ۾ هي خيرخواهانه انداز ۾ سڏي پيو ۽ هو لوڌي پيو. هي سامهون وري به خاموش بيٺو آهي، نماز جي حالت ۾ چاچو اوجهري مٿان پيو اڇلائي هي سجدي ۾ سبحان ربي الاعليٰ پيو پڙهي.
    شعب ابي طالب ۾ حق جي خاطر بي گناهه ٽي سال قيد ڪاٽڻ وارو، وطن کان بي وطن ٿيڻ وارو، پنهنجن ۾ ڌاريون، پنهنجن چيو تون جادوگر آهين. لالچي آهين. گمراهه آهين. دنيا پرست آهين. هليو وڃ. توکي ڏسڻ نٿا گهرون. تنهنجي ڪا به ڪو نه ٻڌنداسين. اڃا ٿورو اڳڙي ڪوهه صفا تي انهن چيو هو ته دنيا ۾ تو جهڙو صادق و امين ڪنهن ماءُ نه ڄڻيو آهي. نه ڄڻيندي. وري ٿوري دير بعد اهي ساڳيا خون جا پياسي جان جا ويري ٿي وڃن ٿا. ۽ پٿر پيا هڻن.
    نااميد ٿي طائف ويو. اتي جي سردارن کيس مسترد ڪري ڇڏيو. چون پيا ته تنهنجي خدا کي ٻيو ڪو اسان جهڙو سردار مليو ئي ڪو نه جو توکي نبيءَ ڪري موڪليو آهي. هل هل. اسان جو ٽائم خراب نه ڪر. اڙي ٻارو!! هن چريي کي هتان لوڌي ڪڍو ”نعوذ بالله“ ٻارن جي هٿان پٿرن سان لوڌرائي لهولهان ڪرايو ويو ۽ هي وري انهن لاءِ دعاءِ خير جي پيو گهري ته اي الله انهن کي منهنجي سڃاڻڻ جي توفيق ڏي. اهي مون کي سڃاڻن نٿا. اي خدا جهڙي ريت تون انهن کي تباهه ڪرڻ تي قادر آهين ته اهڙي ريت تون هنن کي سڃاڻپ ڏيڻ تي به قادر آهين. انهن کي منهنجي سڃاڻپ ڏي اهي نه ته من هنن جو اولاد مون کي سڃاڻي. زخمن ۾ چور ڪپڙا ليڙون ۽ جسم لهولهان. تن تنها وري واپس اچي ٿو. وري به اُهائي وائي وات ”اي انسانو منهنجي ٻُڌو. مون کي سڃاڻو. انهي ۾ توهان جي ڀلائي آهي“ مرض وڌندو رهيو. جيئن جيئن دوا ڪئي.
    آخر فطري طور فتح حق کي ٿيڻي آهي. تان جو هر ڪچي ۽ پڪي گهر ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ان جي نالي جو ڏونڪو وڄڻ لڳو ۽ ماڻهو ٽولن جا ٽولا ان جي پيغام حق کي قبول ڪري دين ۾ داخل ٿيڻ لڳا. ۽ پڻ ان جي خاص يارن ۽ هدايت جي جمله ستارن مٿان به رب جون رحمتون ۽ رضائون هجن شال. جن بهترين ساٿ ڏيئي پاڻ ملهائي ويا ”ڪاتي هيٺان ڪنڌ پوءِ به نعرا نينهن جا“ جن دنيا کي روشن راهون ڏنائون.
    مون هن ڪتاب ”دلبر جي ديس ۾“ مختلف باغن مان مختلف گل چونڊي وڏي عرق ريزي سان رس گڏ ڪري ماکي جو مانارو ٺاهيو اٿم.
    قارئين حضرات لاءِ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ دلچسپ ناول وارو انداز اپنايو اٿم. اميد ته پڙهندڙ جي ذوق وٽان وڏو لاڀ حاصل ٿيندو. هن موتين جي مالها ۾ مون پنهنجي مشاهدات ۽ دلي احساسات کي گڏ ڪري تحرير جو رنگ ڏنو اٿم. ها ضرور هن ۾ ڪي غلطيون هونديون جن جي اصلاح ۽ درگذر ڪرڻ اوهان جو ڪم آهي. هن ۾ حج و عمره جي ارڪانن جي حڪمت ۽ فلسفو بيان ڪيو آهي. ڪيئن؟ ڪڏهن؟ ڪٿي ڇا آهي؟ ۽ ڇو آهي؟ جي اسرار و رموز جو ذڪر ڪيو آهي انهي سان گڏ محبوبﷺ جي مٺڙي ديس جو محل وقوع، زمانه جاهليت جا حالات، بُت پرستي، دخترڪُشي جهڙين ڪُڌين رسمن جو احوال، ته زمانه بعثت نبويﷺ جا احوال پُڻ. آفتاب نبوت جو ظهور. دعوت و تبليغ جو عمل. پنهنجن ۽ پراون جي مخالفت. اقدام قتل. هجرت و نصرت الاهي جا ڪرشما غار ثور ۽ غار حرا جو احوال. مَڪِي جو يثرب آمد. يثرب جو مدينت النبيﷺ ٿيڻ. مدينو ڇا آهي؟ مديني وارن جو ايثار ۽ اُخوت. بارگاه رسالت مآب ۾ يهودي دنيا ۾ علم و ادب جي آسمان جي ٻن نامور عالمن: 1. عبدالله بن سلام ۽ 2. سلمان فارسي جو مسلمان ٿيڻ ۽ سندن حالات زندگي. سُهرين شيخين جو شان. امان عائشه رضه جي جنت نما حجري ۾ ٽن انمول هيرن جو گڏ ٿيڻ. امان عائشه رضه جو شان ۽ مسجد نبوي جي موذن اول جو مختصر تعارف بيان ڪيو اٿم. آخر ۾ آئون هن حديث موجب ته جنهن محسن انسان جو شڪريو ادا نه ڪيو. تنهن گويا الله پاڪ جو شڪريو ادا نه ڪيو.
    آئون پنهنجن ٻن مخلص دوستن مولوي محمد صادق سومري ۽ مولوي محمد يامين شوري جو شڪر گذار آهيان. جن پنهنجن مفيد مشورن سان، هر وقت نوازيو. مون جڏهن به ڪنهن مشڪل مسئلي لاءِ مشورو پڇيم ٿي ته لبيڪ چئي اول فرصت ۾ هر موڙ تي منهنجي رهنمائي ڪئي ٿي ۽ پڻ هن ڪتاب جي ڇپائڻ ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا تان جو انهن جي ڪوششن سان اِها موتين جي مالها اوهان جي هٿن ۾ آهي.
    ڌڻي درد دعا آهي ته اهو مالڪ هن ڪتاب کي مفيد ۽ مقبول عام بنائي ۽ منهنجي لاءِ صدقه جاريه ۽ ثمر آخرت بنائي. آمين.

    عبيدالله چانيهون
    عمرڪوٽ
    03453777591
    03313267880


    سبحانه يا اعظم شانه

    محترم جناب علامه مولانا عبيدالله صاحب وانت برکاته العاليه جو لکيل ڪتاب ”دلبرﷺ جي ديس ۾“ هن عاجز جي نظر کان گذريو. الحمد الله پڙهي دل ڏاڍي خوش ٿي. صاحب موصوف جا منتخب شده چيدا چيدا الفاظ ۽ مضمون نويسي جو اهڙو بهترين انداز جو ڪنهن اديب ۽ صحافي جي خزاني ۾ بدمشڪل ملي، لهٰذا داد ڏيڻ کانسواءِ قلم رُڪجي نٿو ۽ ان ڪتاب مان اها به خوشبو مِهڪي رهي آهي ته صحب موصوف جي روحانيه عشقِ رسولﷺ سان رچيل آهي.” فلِلّٰهِ الْحَمْدَ “ دُعا آهي ته ربّ العزت صاحب موصوف کي مزيد برآن ديني روحاني دينوي ترقي مع الاخلاص نصيب فرمائي. آمين.
    مَن قال آمين غفرلَه
    رقم لا شيءً غلام محمّد غفرله الصمد بصحابه الامحمدﷺ
    شيخ الحديث: من الجامعه مفتاح العلوم، حيدرآباد- سنڌ


    غلام محمد چانيهو
    23 محرم الحرام 1437هه
    موبائيل: 03333902791








    میری انتھاءِ نگارش یہ ہے کہ۔ تیرے نام سے ابتدا کر رہا ہوں


    سڪ ۽ سمهڻ ڇا لڳي

    * اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا،
    ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس نه ڪن،
    سندي سڪ پرين لوڪ ڏٺي نه لهي.

    * سڪي سڪي جان ستياس، تان سڪ سمهڻ نه ڏي،
    جاڳي ستياس جن لئه هو آيا، تان نه اٿياس.
    ڀينر آئون ڀلياس، نه ته سڪ، سمهڻ ڇا لڳي.
    هي دنيا مسافر خانو آهي. دنيا ۾ رهندڙ هر ماڻهو مسافر آهي. ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي. ائين کڻي چئجي ته زندگي نالو ئي سفر جو آهي ۽ سفر ڪاميابي جو ذريعو آهي ”السفر ظفر“ سفر سان انسان پنهنجي منزل ۽ مراد ماڻيندو آهي.
    سفر شر لاءِ به هوندو آهي ته سفر خير لاءِ به هوندو آهي. جيڪو سفر بري نيت سان هجي. انهي کان رب بچائي. باقي خير جو سفر جنهن ۾ هو پاڻ ۽ هن جو حبيبﷺ جن راضي هجن شال اهو هر هر ڪرائي. آمين.
    مون گنهگار عيب دارتي 2004ع ۾ ڪريم ڪرم ڪيو هو جو مون کي پنهنجي گهر ۽ پنهنجي حبيبﷺ جي در جي زيارت جي باريابي جو سفر خير، نصيب فرمايو هو. مگر هي مبارڪ ۽ عاشقانه سفر اهڙو آهي جو جيترا ڀيرا ڪجي ٿورو آهي ۽ ڍئو نٿو ٿئي دل چئي ٿي ته شل بار بار هجي. هينئن کڻي چئجي ته کاءُ ته بُک، پي ته اُڃ، سمهه ته اوجاگو. مرض وڌندو ئي وڃي ٿو، جيئن جيئن دوا ڪجي.
    * آئون ٿي اُڃ مران، پاڻي ۾ پرين رَي،
    ٻيو لاکيڻو لوڪ گهڻو، ساجن ڌاران سُڃ،
    پيئان تيئن اُڃ، تن ۾ تونس پرين جي.

    * اوپٽيان تان انڌيون، پوريون پرين پَسن،
    آهي اکڙين عجب پر سيڻن جي.

    * ڏورين سي ڏسن، پڇن سي پَسن جڏهن تڏهن پرين کي...

    * اُلٹی ہی چال چلتے ہیں دیوان گان عشق،
    آنکھون کو بند کرتے ہیں دیدار کیلئے۔

    * مکتب عشق کا ہے اُلٹا دستور،
    جس نے سبق یاد کیا اسکو چھٹی نہ ملی۔
    سال ۾ جڏهن اُهي ڏينهن ۽ اُها موسم ايندي هئي. جنهن ۾ پرين جي پار ڏانهن، جڏهن پانڌي پنهنجا ڪرها ڪاهي سامان سفر ساڻ ڪري وڃڻ وارا ٿيندا هئا ۽ سڻائي واءُ تي جڏهن اُن ڏس وڻجارا پنهنجا کونئا کولي. سڙهه سنڀاري ٻيڙا تيار ڪري وڃڻ جون وايون ڪندا هئا ته سُتل عشق جاڳي پوندو هو. هجر و وصال جي محبت جا مچ مچي پوندا هئا. ڏِيل هنجهون هارڻ لڳندو هو. ڇٽل ڦٽ چڪي پوندا هئا. هاءِ افسوس هو وڃن پيا ڀلي پار ويندڙن ۽ ايندڙن کي مبارڪون ڏيئي اندر کي آسيس ڏيندو هوس پرين جي پار جي گهٽ گهيڙ ۽ گهٽين جي باري ۾ پڇي دل خوش ڪندو هوس.
    ماندي ٿي نه ماري تنهنجو به اهڙو الله آهي،
    سو ورهن جا سورڙا هڪ لحظي ۾ لاهي،
    اهڙو به الله آهي جو ملير پهچائيندو مارئي.

    البت دل ۾ تات. طلب ۽ تڙپ تازي ۽ برقرار رهي. هر وقت داتا جي دربار ۾ بيکاري بنجي سوال ڪندو رهيس ته وري به هن ڪميڻي تي وڙ ڪر، جيئن اڳي ڪيو هو. هيڪر مدينو ڏيکار لهن اولاڻا اکڙين جا.
    يا خدا جهل تون موت کي دوست منهنجو دور آ،
    هيڪر ملان هوت سان پوءِ موت به منظور آ.
    انسان ڪيڏو به برو ۽ گناهه گار ڇو نه هجي، پر هو ارحم الراحمين هر وقت هر هنڌ هر ڪنهن جي ٻڌي ٿو. پوءِ ڪنهن مصلحت جي ڪري دير ٿيڻ ٻي ڳالهه آهي، ڇو ته مقدر جا انگ جڏهن ملن. شل رب پاڪ صبر ۽ شڪر جي توفيق عطا فرمائي. آمين


    پتنگن پچڻ جو پهه ڪيو

    سوچيم ته اڳ پوءِ هن سفر لاءِ پاسپورٽ ضروري آهي جيڪو منهنجو ڪم آهي پوءِ اڳتي رب سائين سڀ سڻايون ڪندو. منهنجو ڪم آئون ڪريان هُن جو ڪم پاڻهي هو ڪندو. ائين ته نه ٿئي جو رئيس جي ماني به جت تي الله توها رڪري ڊسمبر 2013ع ۾ پاسپورٽ ٺهرائي ورتم. مون سان گڏ گهرواري هڪ پٽ مولوي غلام صديق، ان جي گهرواري يعني منهنجي ڀائٽي زهريٰ ۽ ٻه منهنجا ڀاءُ احمد علي ۽ ڪرم علي. ڇهن ئي ڄڻن جا پاسپورٽ ٺهي ويا. 28 فيبروري 2014ع جو منهنجي محڪمه تعليم مان رٽائرڊمينٽ ٿي ويئي. رٽائرڊمينٽ بعد ملندڙ مراعات مون کي هڪ دوست ايجنٽ جي معرفت جلد ملي ويون.
    حيدرآباد شاهي بازار ۾ محمد عرفان سونارو ٽريول ايجنٽ سان مشورو ڪيم جنهن مون کي تسلي ڏياري ته توهان مطمئن رهو. پاسپورٽ پئسه، ڦوٽو ڏيئي وڃو. اميد ته مارچ 2014ع جي پهرين هفتي ۾ توهان ڀلي پار روانا ٿي ويندا. مگر بسا آرزو ڪه خاڪ شده هر چند ڪوششن جي باوجود مارچ پهرين هفتي ۾ ٽڪيٽون نه ملي سگهيون ۽ هاڻ ٽريول ايجنٽ اسان کي يقين ڏياريو ته اپريل 2014ع جي پهرين هفتي 5 اپريل 2014ع ۾ ٽڪيٽون ملي ويون آهن. جيڪي سعودي ايئرلائين ڪراچي کان سڌو جدي توهان کي موڪليو ويندو. مگر بکئي کي جيسين ماني نه ملندي ته بک نه لهندي. سو اسان کي به هڪ وهلور لهن ته ٻيا چڙهن. دل ۾ اُڻتڻ ۽ اُڌمان ته الائجي اهو وقت ڪڏهن ايندو ۽ وصل ٿيندو. انتظار ته موت کان به ڏکيو جيئن ڏينهن ڳڻيون تيئن وڏا ٿيندا وڃن ۽ پري ٿيندا وڃن ۽ سوچون پيا ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ڇا ڪيون؟ ڇو دير پئي ٿئي؟ وغيره آخر 24 مارچ 2014ع جو اسان کي پنهنجا پاسپورٽ، ٽڪيٽون شيڊيول ڪاپي ملي ويا. ڏاڍي خوشي ٿي. حال سارو تيارين ۾ مشغول ٿي وياسون. دوستن عزيزن قريبن کان موڪلائي 4 اپريل 2014ع بروز جمع بعد از نماز جمع ڪوسٽر تي سڀني ساٿين سميت ڪراچي لاءِ روانا ٿياسون. هاڻ اسان گروپ ۾ پندرهن ڄڻا آهيون. ڇهه اسان پنج افراد ڀوڻيو تعلقي ڇاڇري جا درس ٽي اوڪراڙي جا چانيها ۽ هڪ محراب گجو عمرڪوٽ. ڪراچي ۾ ايئرپورٽ کي ويجهو. اسان سان گڏ جيڪي درس هئا. هنن جو مائٽ محمد اسماعيل نالي درس جي جاءِ هئي اتي اسان جي ماني ۽ رهائش جو انتظام ٿيل هو. محمد اسماعيل ڏاڍو لائق ۽ اخلاقي ماڻهو هو. جنهن اسان جي خدمت ۾ ڪا گهٽتائي نه ڪئي. ماني کائي ڪجهه وقت آرام ڪيوسون.
    صبح ٽي بجي اٿي چانهه پي ايئرپورٽ پهتاسون. سامان جي چيڪنگ بعد سامان عملي جي حوالي ڪيوسون. جنهن پاڻهي سامان جهاز تائين پهچايو. اسان احرام ٻڌي لائونچ ۾ اچي ويٺاسون. جتي ساڍي پنجين بجي فجر نماز انفرادي طور پڙهي سون جهاز ٺيڪ اٺ بجي لڳو ۽ مقرره ٽائيم 8 لڳي 45 منٽن تي پرواز ڪيائين ۽ ٺيڪ 12 لڳي 45 منٽن تي پاڪستاني ٽائم مطابق جده پهتو. جتان جهاز مان لهي ڪاغذات چيڪ ڪرايا. انهي بعد سامان اڳ ۾ ئي چيڪنگ آفيس جي هال ۾ پهچي چڪو هو. پنهنجو پنهنجو سامان ٿيلها وغيره کڻي لائونچ کان ٻاهر آياسون. گيٽ تي مسجد هئي. جنهن ۾ ٻه ٻه رڪعتون فرض ظهر نماز ادا ڪئي سون. نماز کان بعد معلم جي ٻاهر بيٺل نمائندن سان ملياسون. جنهن اسان کان شيڊيول ڪاپي ۽ پاسپورٽ وٺي بسن ۾ ويهاريو.


    دلبرﷺ جي ديس ۾

    بس جده ايئرپورٽ ڇڏيندي روڊ تي چڙهي، روڊ نهايت خوبصورت، ڪشادو ۽ آرامده هو. بس جي اندر نهاريون ته جهڙوڪر بس بيٺي آهي ۽ جي ٻاهر نهاريون ته ڪر هلي رهي آهي. جو وڻ جبل ٽڪريون تمام تيزي سان پوئتي نڪرنديون پيون وڃن ۽ اسان اڳتي پيا وڃون.
    ڪجهه منزل کان پوءِ ڊرائيور هڪ گيرج تي گاڏي بيهاري، گاڏي ۾ ته ڪم هو يا نه؟ مگر گاڏي تقريباً هڪ ڪلاڪ بيهه رهي ۽ اسان پئسينجر بلڪل خاموش گاڏي اندر قيد ويٺا رهياسون نه هو اسان جي سمجهي نه اسان هُن جي نيٺ گونگن وانگر اشارن سان هٿ ٻڌي عرض ڪيوسون ته ٻيلي هل. هن فرمايو نعم، نعم بهرحال ڪافي انتظار بعد بس هلي. بس ايئرڪنڊيشنڊ هئي جدي کان مڪو پاڪ سٺ ڪلوميٽر آهي رستي ۾ جدي کان مڪي پاڪ تائين لاڳيتو تعميراتي ڪم هر هنڌ جاري هو. مزدور ماڻهو گهٽ، مشينري زياده ڪامشين جبل ٽوڙي پئي، ته ڪا مشين ٽٽل جبل کڻي پئي، ڪا زمين هموار پئي ڪري، ته ڪامشين اوساري لاءِ مواد مهيا پئي ڪري، انجنيئر ۽ هيلپر، ٽوپلا پاتل ڪاغذ نقشا هٿن ۾ هدايتون پيا ڏين. مطلب ته سڄي رستي ۾ تعميراتي ڪم چالو هو. تان جو اسان شهر مُولَد النبيﷺ ام القريٰ مڪھ المڪرمھ پهتاسون. مڪھ پاڪ کان گهڻو پري ٽاور مڪه ڏسڻ ۾ آيو. ڪنهن واقف ٻڌايو ته حرم پاڪ ۾ اهو مڪه ٽاور ڏسڻ ۾ پيو اچي. اسان تلبيھ وڏي آواز سان شروع ڪيوسون. لبيڪ اللهم لبيڪ لبيڪ لاشريڪ للڪ لبيڪ شهر مڪي جي حدود ۾ داخل ٿيڻ بعد اسان پنهنجن پنهنجن معلمن کي فون ذريعي ٻڌايو ته توهان بس اڏي تي اچي اسان کي وٺي وڃو. تان جو بس هڪ وڏي پلازه جي اڳيان اچي بيٺي. اتي اسان جي معلم جو نمائندو موجود هو. جنهن اسان کان شيڊيول ڪاپي وٺي چيائين ته لهو. اسان پندرهن ئي ڄڻا اتي لٿاسون. ۽ انهي فندق دارالمنسي ۾ اسان جي رهائش هئي. جيڪا حرم پاڪ کان ڪافي پر ڀري هئي.


    عمري جي ادائگي

    سامان وغيره بلڊنگ جي فلور 4 ڪمري 451، 452 ۽ 453 ۾ رکي عمري ادا ڪرڻ لاءِ مسجد الحرام ڪعبت الله شريف جو رخ ڪيوسون. ڏهن منٽن ۾ حرم پاڪ ۾ پهچي وضو ڪري. باب عبدالعزيز کان سنگت سميت داخل ٿياسون هيٺ پيرن ۾ نظر هٿ ادب جا ٻڌي ڪعبت الله کي سامهون مطاف کي ويجهو ترڪن واري اڏاوت ۾ مٿي نظر ڪري ڪعبت الله ۾ نظر وجهي، باادب يڪ ساهي هي لفظ اچارياسين ته اي داتا تو در سوال آهي ته هن مبارڪ سفر ۾ جيڪا به دعا گهرون اها قبول هجي. آمين. سجدو شڪر ڪيوسون ۽ ٻه نفل شڪراني جا ٻه نفل تحيت المسجد پڙهي دعا گهري سون.


    ڪعبت الله ۾ پهرين دعا

    بيت الله جي حضور ۾ دعا گهري سون. اي مالڪ الملڪ. جهڙي طرح تو سنڌ کان پنهنجي گهر گهرائي احسان ڪيو آهي، ته هاڻ پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان منهنجي گناهن جي کاتي تي عفو جو قلم ڦير. آئون هي گنهگار بندو گندو. تنهنجي پاڪ گهر ۾ ڏوهن جا ڏونگر ۽ بيشمار بديون کڻي حاضر ٿيو آهيان. تنهنجو ڪو به ثاني شريڪ ناهي. بيشڪ جمله واکائون ۽ نعمتون تنهنجي لاءِ آهن. بادشاهن جو بادشاهه تون آهين. اي مالڪ پنهنجي فضل و ڪرم سان مون سُڃي سکڻي تي پنهنجو فضل فرماءِ. آئون ڏوهاري خطاڪار تنهنجي در تي سوالي ۽ بيکاري بنجي آيو آهيان. هاڻي مون کي خالي نه موٽاءِ. هي تنهنجي درگاهه آهي. اها نااميدي جي درگاهه ناهي. جيڪو هتي آيو آهي ان جا ٻيڙا پار ٿيا آهن. اي منهنجا مولا منهنجا ٻيڙا پار ڪر. اي مالڪ ٿر جي واري برسات جي ڦڙين، وڻن جي پنن، جانورن جي وارن کان وڌ گنهگار آهيان. ڪو به خير جو عمل ڪونهي. هر وقت گناهن جي سمنڊ ۾ غرق هئس. تنهنجي اوامر ۽ نواهي جو ڪو حياء ڪو نه ڪيم. هر ڏوهه جو اقراري آهيان. هاڻ پشيمان ٿيو آهيان. تنهنجي رحمت جهڙي طرح ڇڪي مون کي هت، تو در آندو آهي. اهڙي طرح پنهنجي رحمت جي صدقي مون کي معاف ڪر. شرم ٿو اچي جو بهشت گهران جو مون وٽ ڪو نيڪ عمل ڪونهي. تون پنهنجي عاليٰ شان ۽ صفات ڪامله جي مهابي مون کي معاف ڪر ۽ مون کي دوزخ جي باهه کان بچائج. اي رب آئون، آئون آهيان ۽ تون، تون آهين. آئون گناهن جو عادي آهيان ۽ تون بخشڻ جو عادي آهين. پوءِ اي غفار، ستار ۽ رحمان مونکي معاف ڪر. آئون وڏو گنهگار آهيان. پر گناهن جي گهڻائي جي باوجود اهي محدود آهن ۽ تنهنجي رحمت غير محدود آهي پوءِ اي منهنجا مالڪ و خالق پنهنجي رحمت جي طفيل مون کي معاف ڪر. اي رب تو جهڙي طرح حضرت ابراهيم عليھ السلام جي لاءِ باهه کي حڪم ڪيو ته کوني بردًو سلاماً عليٰ ابراهيم. اهڙي طرح منهنجي حق ۾ به دوزخ جي باهه کي حڪم ڏي ته کوني بردًو سلاماً، اللهم اجرني من النار يا مجير يا مجير. اي رب العالمين مون کي منهنجي والدين جملي مومنين المومنات کي ۽ جن دوستن عزيزن دعاءِ خير لاءِ عرض ڪيو آهي. انهن جي گهرن ۾ خير و برڪت عطا فرماءِ سندن ٻئي جهان موچارا فرماءِ جيڪي بيمار آهن انهن کي شفاء ڪامله عاجله عطا فرماءِ. جيڪي بي اولاد هجن انهن کي نيڪ ۽ صالح اولاد عطا فرماءِ جيڪي پريشان حال آهن. انهن جي پريشاني ختم فرماءِ مال آل ۽ روزي رزق ۾ خير و برڪت عطا فرماءِ. آمين برحمتڪ يا ارحم الراحمين.


    حمد باري تعاليٰ

    پوءِ ڪعبت الله جي سامهون بيهه ثناء. ٽيون ڪلمون تمجيد، چوٿون ڪلمون توحيد، استغفار ۽ نماز تراويح جي تسبيح واري دعا پڙهي. تسبيح تراويح جو ترجمو ذهن ۾ رکي پڙهيم ته ڏاڍو لطف ۽ حظ حاصل ٿيو. ربڪ ڪعبي جي شهنشاهيت. سندس عظمت ڪبريائي. جلالت، جماليت ۽ پاڪائي ۽ قدرت ڪامله جو دل دماغ ۽ ذهن ۾ يقين حاصل ٿيو.
    وڏي سگهه سندياءِ ٻاجهن ڀريو آهين،
    مون تان مهر مَ لاهه آئون تنهنجي آهيان.
    ايتري ۾ مسجد الحرام جي موذن حرم پاڪ جي منارن کان اذان جي دل نواز صدا بلند ڪري رب ڪعبي جي ڪبريائي ۽ هيڪڙائي جو اعلان ڪندي سندس محبوب جي رسالت جي شاهدي ڏيندي عالم اسلام کي ڪاميابي جي طرف سڏيو ۽ ڏهن منٽن بعد نماز عصر لاءِ جماعت کڙي ٿي. انسانن جي سمنڊ باجماعت وچين نماز امام ڪعبي جي پٺيان ادا ڪئي. سلام کان بعد يڪدم طوافين طواف لاءِ تيار ٿي طواف شروع ڪيو. اسان جمله سنگت طواف جا ست چڪر پورا ڪري سعي لاءِ صفا ۽ مروه جو سعيو ڪري بي بي هاجره رضي الله عنه جي ياد تازي ڪئي سون مٿان نماز مغرب جي اذان ٿي اسان مغرب جي نماز باجماعت پڙهي اتي ئي حرم ۾ تسبيح تهليل ۾ لڳي وياسون تان جو سمهڻي نماز باجماعت پڙهي فارغ ٿي جاءِ تي پهتاسون اسان مان هڪ دوست مهراب گجو ڏهه ريال ڏيئي پنهنجو مٿو ”حلق“ ڪوڙائي آيو. جنهن پنهنجي هٿ سان ٻي جو مٿو ڪوڙيو. ٻي ٽي جو مٿو ڪوڙيو. سنوارت جو سڀ سامان اسان وٽ موجود هو. احرام لاهي سبيل ڪپڙا پائي. ماني کائي رات جو سمهي پياسون. صبح ٽي بجي اٿي حرم پاڪ ۾ آياسون. وضو ڪري نفل تلاوت ذڪر تسبيح تهليل ڪيوسون. تان جو اذان فجر لڳي. سنت فجر کان بعد جلد ئي فرض نماز لاءِ جماعت کڙي ٿي. امام ڪعبه پنهنجي مخصوص ۽ پياري من موهيندڙ آواز سان فجر جي ٻنهي رڪعتن ۾ ڪلام الاهي جي تلاوت ڪئي. سبحان الله ڪهڙي نه تلاوت ۾ حلاوت (ميٺاڄ) هئي. ٻيو ڏينهن حرم مڪي ۾ گذاريوسون ۽ ٿڪ ڀڳو، تلاوت تسبيح ۽ تهليل نفل جاري رهيا.


    زيارات مڪھ

    ٽي ڏينهن فجر نماز پڙهڻ کان بعد رهائشگاهه وياسون. چانهه ناشتي کان فارغ ٿي زيارات مڪي لاءِ هڪ ويگن ڪئي سون. اسان پندرهن ئي ڄڻا انهي ۾ ويٺاسون، ڊرائيور لاڙڪاڻي سنڌ جو سنڌي نوجوان هو ڏاڍو سنجيده ۽ سٺي ڄاڻ رکندڙ هو، جنهن اسان کي سهڻي نموني جملي زيارات مڪي ڪرايون.
    سڀ کان اول جبل ثور، غار ثور، جبل نور، غار حِرا، ميدان عرفات، مسجد نمره، جبل رحمت، مزدلفه، وادي محصره جتي ڪافر بادشاهه ابره الاشرم کي قدرت جي مالڪ ابابيل پکين جي هٿان تباهه و برباد ڪري ڇڏيو. اُها جڳهه جتي حضرت ابراهيم عليھ السلام پنهنجي پٽ حضرت اسماعيل عليھ السلام کي قربان ذبح ڪرڻ لاءِ ليٽايو هو. ميدان منيٰ ٽئي جمرا، جنت المعليٰ، مسجد جن، مولد النبيﷺ کان ٿيندا واپس هوٽل تي پهتاسون. نماز ظهر جو ٽائم ٿي چڪو هو. حرم پاڪ وڃي نماز ظهر باجماعت پڙهي ذڪر فڪر جي معمولات ۾ لڳي وياسون.


    مسجد عائشھ کان عمرو

    چوٿي ڏينهن نماز فجر باجماعت حرم ۾ پڙهي چانهه ناشتي کان فارغ ٿي هڪ ويگن ڪرائي تي ڪئي سون. عمري ڪرڻ لاءِ پنهنجي رهائشگاهه کان ئي احرام ٻڌوسون. سڌو مسجد عائشھ جو رخ ڪيوسون. اصل ۾ هن مسجد جو نالو مسجد تنعيم آهي. چونڪ حضرت امان عائشھ سڳوري اتان عمري جو احرام ٻڌو هو ته هاڻ هن مسجد جو نالو مسجد عائشھ رضه مشهور ٿي ويو آهي. اسان جي ويگن جو ڊرائيور هڪ عرب نوجوان هو. جنهن جو نالو اَجل ذات حربي ”معنيٰ جلد باز جهڳڙالو“ واقعي اسم با مسميٰ هو. پر ٿوري وقت لاءِ اٽڪل سان ٽائم پاس ڪيو سون. جنهن کي اسان في ماڻهو اٺ ريال ڪرايو ڏنو سون. مسجد عائشھ پهچي ٻه رڪعتون تحيت المسجد ۽ ٻه رڪعتون نفل براءِ ادائگي عمره پڙهي عمري جي نيت ڪئي سون. واپس اچي ويگن ۾ ويٺاسون. حرم پاڪ وٽ لهي. عمري لاءِ طواف ڪعبھ ۽ سعي بين الصفا والمروه ڪيوسون. ظهر نماز اتي ئي باجماعت حرم ۾ پڙهي. هوٽل تي آياسون جت هڪ دوست حجام کان ڏهه ريال ڏيئي مٿو ڪوڙائي آيو. پوءِ ٻي جو مٿو پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪوڙي احرام لاهي سبيل ڪپڙا پاتاسون. ماني کائي ڪجهه وقت آرام ڪيوسون. تان جو وچين نماز لاءِ تيار ٿي حرم پاڪ وياسون. بعد وارو ٽائم معمول مطابق حرم پاڪ ۾ پورو ڪيوسون. تان جو عشاء نماز پڙهي رهائشگاهه آياسون ۽ ماني کائي جلد سمهي رهياسون.


    دنيا ۾ ڪي مشهور جبل

    دنيا ۾ ڪي جبل اهڙا آهن، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن سبب جي ڪري تاريخ جي دنيا ۾ گهڻو مشهور آهن. جن مان (1)جبل جودي آهي ته اهو طوفان نوح عليھ السلام جي وقت حضرت نوح عليھ السلام نبي جي ٻيڙي انهي جبل کي لڳي اتي اچي بيٺي هئي جيڪو الجزيزره ۾ آهي. (2)جبل طور سيناء جيڪو حضرت موسيٰ ڪليم الله جي ڪري مشهور آهي جو رب پاڪ حضرت موسيٰ عليھ السلام سان انهي تي ڪلام ڪيو هو. رب پاڪ پنهنجو جلوو پسايو ۽ کيس ڪتاب هدايت تورات ڏنائين جيڪو مصر ۾ آهي. (3)جبل رحمت، بني نوع انسان جو ابو ڏاڏو آدم عليھ ۽ ڏاڏي بي بي حوا هن جبل تي دنيا ۾ پهريون ڀيرو مليا ۽ هڪ ٻي کي سڃاتو. جيڪو ميدان عرفات جي ڪناري تي آهي. (4)جبل نور هي جبل غارِ حرا جي ڪري گهڻو مشهور آهي. جيڪو نبي آخرالزمان حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليھ و لھ وسلم جي گوشه نشيني جي جاءِ آهي ۽ ڪلام الاهي جي نزول جي شروعات اتان ئي ٿي. جنهن انساني دنيا کي اونڌاهي مان ڪڍي روشني ۾ آندو.
    اتر کر حرا سے سوءِ قوم آیا،
    اک نسخوء کیمیا ساتھ لایا۔
    (5) جبل صفا و مروه اهي ٻئي جبل مڪي پاڪ ۾ ڪعبي کي متصل آهن. اهي ٻئي جبل بي بي هاجره جي ڪري گهڻو مشهور آهن. جو بي بي صاحبه پنهنجي ٻچڙي معصوم اسماعيل عليھ السلام جي لاءِ بيوسي ۽ مجبوري ۾ پاڻي لاءِ ڊوڙي هئي. الله پاڪ کي بي بي صاحبه جي اها ڊوڙڻ واري ادا وڻي ويئي. قيامت تائين هر حاجي ۽ عمري ڪندڙ لاءِ اها ڊوڙ فرض ڪئي ويئي آهي. ڪوه صفا اهو جبل آهي جت نبي آخرالزمان اهل مڪي کان پنهنجي صداقت ۽ امانتداري جو يڪراءِ ووٽ ورتو هو ۽ سندس تابعداري ڪرڻ ۾ دنيا و آخرت ۾ ڪاميابي جو اعلان ڪيو هو. (6)جبل ابوقبيس اهو جبل هڪ عرب ابو قبيس قريشي جي ٻڪرين جي واڙ هئي ڪفار مڪي رسول پاڪ کان معجزو گهريو ته اي محمدﷺ مٿي جيڪو چنڊ بيٺو آهي انهي کي جيڪڏهن تون ٻه ٽڪرا ڪري ڏيکارين ته پوءِ اسان توکي مڃون ته تون واقعي خدا جو نبي آهين. پاڻ ڀلارن فرمايو ته چند ته ٻه ٽڪر ٿي منهنجي نبوت جي شاهدي ڏيندو. مگر توهان پنهنجي ضديت ۽ هٺ جي ڪري مون کي مڃيندا ڪو نه؟ ائين چئي پاڻ ڀلارن چنڊ کي پنهنجي شهادت واري آڱر سان اشارو ڪيو. چنڊ ٻه ٽڪر ٿي ويو. هڪ ٽڪر لهي اچي ڪلمو شهادت پڙهي. شاهدي ڏني ته واقعي هي محمدﷺ الله جو نبي آهي ۽ وري واپس وڃي ملي ويو. ڪافرن مڃڻ جي بجاءِ چوڻ لڳا ته اي محمدﷺ تون ته وڏو جادوگر آهين جو تنهنجو جادو آسمان تي به ڪم ڪري ٿو. حالانڪ اهو جادو نه هو بلڪ نبيﷺ جو معجزو هو. هي اُهو ئي جبل آهي، جنهن تي پاڻ ڀلارا چڙهي چنڊ کي اشارو ڪيو هو. جبل ثور هي غار ثور جي ڪري جڳ مشهور جبل آهي. جنهن ۾ هدايت جو سج ۽ هدايت جو چنڊ ٻئي گڏ ٽي ڏينهن لوڪان لڪي رهيا هئا. دنيا ۾ اسلام جي پکڙڻ لاءِ هي غار بنيادي حيثيت رکي ٿي. هجرت و نصرت جي اصطلاح اتان شروع ٿي. اسلامي سال جي شروعات به اتان ئي ٿي. غار ثور جيترو زميني مفاصلي ۾ بلند آهي. اوتروئي اسلامي تاريخ ۾ سندس مرتبو بلند و بالا آهي. وڌيڪ تفصيل هجرت واري سفر ۾ ايندو.


    غار ثور جي زيارت

    مون پنهنجي پٽ مولوي غلام صديق سان مشورو ڪيم ته اڄ ضرور غار ثور جي زيارت ڪرڻي آهي. صبح جو چانهه ناشتي کان فارغ ٿي ٻه بوتلون پاڻي کڻي هڪ آئون ٻيو مولوي غلام صديق ۽ سندس گهر واري محترمه زهريٰ ۽ هڪ ساٿي مولوي صحت درس عام ٽيڪي کي ڏهه ڏهه ريال ڪرايو ڏيئي روانا ٿياسون. مڪي پاڪ کان ڇهن ڪلوميٽرن جي پند تي جبل ثور آهي. 15 20 منٽن ۾ هيٺ دامن ڪوهه ۾ پهتاسون ٽيڪسي تان لهي. اتي ئي اسٽاپ تي هڪ رسالو زيارات مڪھ نالي ڏهه ريال ۾ وٺي. سندرا ٻڌي مٿي چڙهڻ شروع ڪيو سون. هن جبل جي بلندي پنج هزار فوٽ آهي. اسان کي چڙهڻ ۾ هڪ ڪلاڪ ويهه منٽ لڳي ويا. چڙهائي رستي ۾ ڏٺوسون ته ترڪ مرد، عورتون، ڇوڪرا ڇوڪريون نهايت خوبصورت صفائي سٺائي وارا مگر هر هڪ وٽ ڪچرو، ڪاغذ بوتلون ٿيلهين ۾ گند ڀريل مٿان کان کنيو هيٺ پيا اچن. حيرانگي ٿي، اشارن ۾ پڇيو سون ته هي ڇا آهي؟ انهن نهايت غصي واري انداز ۾ چيو ”چُپ“ معنيٰ ”گند ۽ ڪچرو“ اشارن سان چيائون ته ماڻهو ڏاڍا خراب آهن. جو هن مقدس جاين تي ڪچرو ٿا ڪن. شرم اچڻ گهرجي. اسان اهو صاف ڪيو کنيو ٿا وڃون واپسي ۾ هيٺ دامن جبل ۾ ڏٺوسون ته اهو سارو ڪچرو هڪ ”کڏ“ ۾ گڏ ٿيو پيو هو. اسان مٿي چڙهي مٿاڇري جو جائزو ورتو سون اتي ٻه غار قريب قريب آهن. جيڪا مشهور غار آهي. اتي ويهي دعا گهري سون. اي رب پاڪ ان ٻن بزرگ هستين جي قدمن جي طفيل اسان جو هت اچڻ قبول فرماءِ ۽ اسان کي اسان جا گناهه معاف ڪر. سجدو شڪر ڪيو سون. تيمم ڪري ڪجهه هٽي. اتي نماز لاءِ ٺهيل ٿلهي تي ٻه ٻه رڪعتون نفل شڪرانه طور ادا ڪيوسون. گڏ آندل چهر کائي، پاڻي پي ٿڪ ڀڳو سون.
    ها! مون کي ياد آهي ته 2004ع ۾ حج جي موقعي تي به آئون انهي غار ثور تي چڙهي ويو هئس. ظهر نماز جو وقت مون کي اتي ٿي ويو هو. موسم ايتري گرم نه هئي اسان چاليهه پنجاهه ڄڻا هئاسون تيمم ڪري اسان ظهر نماز ٻه رڪعتون باجماعت ادا ڪئي سون. الله پاڪ پيش امامت لاءِ مون کي موقعو ڏٺو ” فلِلّٰهِ الْحَمْدَ“ هُن دفعي منهنجو ذهن هن ڳالهه ڏانهن ويو ته اڄ ته هت روڊ رستا بجلي پاڻي غرضيڪ هر سهوليت موجود آهي. پر اڄ کان 1435 سال اڳ هنن مان ڪا به سهوليت موجود نه هئي. پاڻ ڀلارا صديق اڪبر هت رات اونداهي پيادل ڪيئن پهتا. ٺيڪ ڀلا اهي ٻئي عظيم هستيون هڪ ته مرد هئا ٻيو ته ڪافرن جي پيڇي جو خوف هو. ٽيون ته حضورﷺ ستن اٺن سالن جي ڄمار ۾ شهر مڪي جي گوئر جون ٻڪريون چاريندا هئا ته اها غار ثور ڏٺي هجي. انهي بنياد تي هت پهتا هجن. مگر سدا مَرڪن ۽ مُرڪن اهي ماءِ ۽ پي جنهن اسماء رضه جهڙي دلير، دانا ۽ جفاڪش ڌي ڄائي جيڪا باوجود حاملھ هجڻ جي ”حضرت عبدالله بن زبير حمل ۾ هو“ رات جي اونڌاهي جبلن جو پنڌ، نانگ بلائن درنده جانورن، دشمن قريش جي چوڪسي ۽ ڳولا جي وچ ۾ انهن سڀني خطرن کي منهن ڏيندي، پنهنجو ننڍڙو ڀاءُ عبدالله ساڻ ڪري انهي جبل ثور جي غار ثور تي پهچي کاڌو پيتو پهچائي. مڪي جي قريش ڪافرن جي ڏينهن سڄي جي ميٽنگن جي مڪمل رپورٽ پهچائي وري رات پيٽ ۾ واپس گهر پهچي. گهر جو سمورو ڪم ڪار معمول مطابق پورو ڪري، گهوڙي جي سار سنڀال لهي، ٻڪرين جي ڌڻ جي خبر چار لهي وري به سڄو ڏينهن مڪي جي گهٽين ۾ جاسوسي ڪري رات جو وري واپس غار ثور تي وڃي کاڌو پهچائي چوويهه ڪلاڪن جي ڪارگذاري ٻڌائي وري واپس غارثور کان گهر پهچڻ مسلسل ٽي ڏينهن ٽي راتيون. انساني سوچ کان ڳالهه گهڻو مٿي آهي. دعا آهي ته الله پاڪ کين پنهنجي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏي. انهن جي طفيل شل اسان جي بخشش ڪري. آمين.


    غار حرا جي زيارت

    هي غار هڪ عظيم يادگار آهي، اسلامي تاريخ ۾ هن جي وڏي حيثيت ۽ اهميت آهي. هي غار جبل نور جي انتهائي بلندي تي آهي. جنهن جي بلندي ٽي هزار فوٽ آهي. انهي جبل نور جي چاڙهه چونري وانگر گول آهي ۽ سڌي آهي چڙهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. جبل نور مڪي شريف کان اوڀر طرف پنج ڪلوميٽر پنڌ تي آهي. جبل نور وٽ هيٺ دامن ۾ ڪافي آبادي، رهائشي جايون، کاڌي پيتي جي شين جا دڪان آهن. هڪ روڊ شارع عرفات جي نالي سان جبل نور کان اڳتي مِنيٰ وٽان گذرندو عرفات جي ميدان تائين وڃي ٿو. غار حرا هي وحي الاهي جي پهرين منزل آهي. سندس ڊيگهه اندازاً چار گز ۽ ويڪر پوڻا ٻه گز آهي. جڏهن نبي پاڪ جي ڄمار مبارڪ ست اٺ سال هئي ۽ حضرت ابو طالب جي سرپرستي ۾ هئا ته مڪي جي گوئر جون ٻڪريون چارڻ لاءِ انهي جبل نور ۽ جبل ثور طرف ويندا هئا. مٿي چڙهي ويندا هئا تڏهن اهي ٻئي غارون سندن ڏٺل هيون.


    جبل رحمت جي زيارت

    ميدان عرفات سان متصل جبل رحمت آهي. هي اهو جبل آهي جو جنهن وقت الله پاڪ جي طرفان منع ڪيل شيءِ جي استعمال ڪرڻ سان رب پاڪ حضرت آدم عليھ السلام ۽ بي بي حوا کي بهشت مان ڪڍي هن دنيا ۾ هن زمين تي لاٿو ته ٻنهي ڄڻن کان بهشتي نعمتون ڦرجي ويون. لباس، کاڌي ۽ پيتي جون شيون وغيره ٻنهي ڄڻن کي ڌار ڌار مختلف طرفن ۾ لاٿو ويو هو. پوءِ ڪيترو ئي زمانو ٻئي ڄڻا توبهون ڀريندا وِک وِک تي سجدا ڪندا رلندا وتيا. کائڻ پيئڻ ٿورو. روئڻ گهڻو چوندا رهيا ته اي اسان جا رب اسان پنهنجي مٿي پاڻ ظلم ڪيو آهي. هاڻ تون اسان کي معاف ڪر ۽ اسان جي حال تي رحم ڪر، تون ئي معاف ڪرڻ وارو رحم ڪرڻ وارو آهين. جيڪڏهن تو اسان تي رحم نه ڪيو ته اسان وڏي نقصان وارا ٿي وينداسون. تان جو الله پاڪ کي رحم آيو. جنهن ٻنهي زال مڙس جي توبه قبول ڪندي هن جبل رحمت تي ميلاپ ڪرايو ۽ هڪ ٻي کي تعارف ڪرايو. انهي ڪري هن ساري ميدان کي ميدان عرفات چيو وڃي ٿو. لفط عرفات جي معنيٰ آهي سڃاڻڻ واقف ٿيڻ.


    ميدان عرفات

    عرفات جو ميدان ريگزار ٻن ميلن جي چورس ايراضي تي پکڙيل آهي. جنهن ۾ جبل رحمت ۽ مسجد نمره ٻه مقدس جايون آهن. مسجد نمره ۾ ٽي لک حاجين جي گنجائش آهي. حاجين جي سهوليت لاءِ عرفات جي ميدان ۾ هڪ لک نمن جا وڻ لڳل آهن. جن جون چڪيون پاڪستان مان کڻي سعودي پهچايون ويون آهن. انهن نمن جي ڇانوَ تمام گهٽ آهي پٿريلي زمين تي لڳڻ سبب پاڙ هيٺ نٿي وڃي سگهي. هت حاجي کي 9 ذوالحج جو سج لڙڻ کان وٺي سج لهڻ جي اندر جيڪو ماڻهو ٿورڙي دير لاءِ سمهي، بيٺي، ويٺي گذريو ته حج ادا ٿي ويندو. سعودي سرڪار طرفان هت هڪ ڏينهن لاءِ سهي پر ضروريات زندگي جو مڪمل انتظام هوندو آهي. حج جو خطبو ميدان عرفات ۾ مسجد نمره ۾ حڪومت طرفان مقرر خطيب خطبو ڏيندو آهي.


    واديءَ محصر ۽ ابره جي تباهي

    حضرت نبي محمد مصطفيٰﷺ جو هن دنيا ۾ اچڻ کان اڳ پنجاهه ڏينهن جو واقعو آهي. جنهن جو پاره عم سوره الفيل ۾ مفصل ذڪر آهي. اهو واقعو 17 محرم بروز خميس سنه اميلاد النبيﷺ جو آهي. جيڪو عام الفيل جي نالي سان گهڻو مشهور آهي.
    حبش ملڪ ۾ هڪ عيسائي بادشاهه هو، ان يمن تي قبضو ڪري ورتو هو. جنهن ابره الاشرم نالي پنهنجي خاص ماڻهو کي يمن جو گورنر مقرر ڪيو هو. ابره جي گادي جو هنڌ صنعاء نالي شهر هو. ابره وڏو متڪبر، ظالم ۽ هٺيلو حاڪم هو جنهن کي هي هڪ شيطاني خيال آيو ته هتان منهنجي ملڪ کان توڙي ٻين ملڪن کان ماڻهو هيڏو سارو سفر ڪري ۽ تڪليفون سهي مڪي حجاز حج پڙهڻ وڃن ٿا. ڇو نه؟ اهڙو ڪعبو هوبهو هتي کڻي ٺاهجي. ماڻهو ايڏي ساري تڪليف ۽ مسافت کان بچي پوندا. اسان جي ملڪ جو واپار به سٺو ٿيندو ۽ ناماچاري به وڌي ويندي. انهي شيطاني خيال کي هن عملي جامو پارائڻ لاءِ هڪ حڪم نامو جاري ڪري ميٽنگ ڪوٺائي جنهن ۾ وزير مشير خوشامدڙيا گڏ ٿيا.
    جنهن جي سامهون هي تجويز رکي ويئي. سڀني واهه، واهه ڪئي ۽ چيائون ته هي ڪم ڀلو آهي، ائين ٿيڻ گهرجي ته پوءِ دير ڇا جي؟ بادشاهي حڪم موجب يڪدم انجنيئر، رازا، مزدور مٽيئريل گڏ ٿي ويا. هچي مچي اهڙي طرح ٿوري ئي عرصي ۾ مصنوعي ڪعبو تيار ٿي ويو. بادشاهي حڪم موجب ملڪن ۾ پڙها ۽ اعلان ڪرايا ويا ته آئنده حج هتي ئي ٿيندو تنهنڪري ڪو به ماڻهو مڪي جو سفر نه ڪري ۽ حج هتي ئي پڙهي. اها خبر وڃي مڪي پهتي. مڪي جي قريشين کي خبر پئي ته يمن جي بادشاهه اهڙو حڪم صادر ڪيو آهي. تنهن تي مڪي جو هڪ قريشي بنو ڪنانه قبيلي جو اتي وڃي نڪتو. صنعاء پهچي انهي هٿرادو ڪعبي جي پڇا ڪري وڃي اتي پهتو. اتي پهريائين زيارت جي بهاني ۽ پوءِ مجاور بنجي رهي پيو. اول ته ڏاڍي محنت ۽ عقيدت سان رهيو پوءِ جاءِ جو چڱي طرح جائزو وٺڻ بعد هڪ ڏينهن جلاب وٺي رات جو ان ۾ ڪاڪوس، دست الٽيون ڪري خانو خراب ڪري راتو رات اتان کان وٺي ڀڳو ته ڪٿي آهي مڪو؟ صبح جو ابره جي رعيت اٿي ڏسي ته ڇا ڪعبو ۽ ڇا سندس شان؟ اچي دنيا گڏ ٿي، جيئن حضرت ابراهيم عليھ السلام بت ڊاٺا هئا ته پوءِ دنيا گڏ ٿي هئي. هاءِ افسوس، اسان جي خدائن جو هي ڪنهن خانو خراب ڪيو آهي؟
    هاءِ، واءِ افسوس گهوڙا ڙي گهوڙا ته هن اسان جي مبارڪ ڪعبي جو اهڙو حال ڪنهن ڪيو آهي. سڀني هڪ آواز ٿي چيو ته هي ڪم هن مجاور مڪي واري قريشي جو آهي. ٻيو ڪير هي ڪم ڪندو؟ جو هو هت حاضر ناهي. ڀڄي ويو آهي. ابره بادشاه جي طرفان اعلان ڪيو ويو ته جيسين تائين هن مڪي واري ڪعبي کي ڊاهي پٽ نه ڪيو ويو. تيسين منهنجي عورت منهنجي لاءِ حرام آهي! اي منهنجي قوم انهي خيرجي ڪم ۾ مون سان ڪير مددگار ٿيندو. جيئن حضرت ابراهيم عليھ السلام جي خلاف نمرود اعلان ڪيو هو. هر طرف کان نعرا لڳي ويا. زور شور سان تياريون شروع ٿي ويون. فوج، سپاهه، اصلح لشڪر اٺ گهوڙا، خچر، هاٿي، لٺيون، ڪهاڙيون، تلوارون جنهن کي جيڪا شيءِ ملي هرحال ۾ تيار. ننڍا وڏا پوڙها پڪا، جوان هڻ هڻان وٺ وٺان ٿي ويئي. هزارن جي تعداد هڪ وڏو لشڪر منزلون جهاڳي شوق ۽ جوش سان اچي مِنيٰ ۽ مزد لفي جي وچ واري واديءَ محصر ۾ ديرو دمايائون. مڪي ۾ بلڪل ماٺ، ابره جي لشڪر جي آمد جي ڪنهن کي به خبر نه هئي ته ڪو حقيقي ڪعبي ابراهيمي کي ڊاهڻ لاءِ به ڪو لشڪر آيو آهي. اتفاق سان حضرت عبدالمطلب، حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جو ڏاڏو بزرگوار صبح جو سوير بغير ڪنهن کٽڪي جي پنهنجا وڃايل اٺ نهارڻ خاطر اُن طرف آيو ته ابره جي لشڪر جي جاسوسين حضرت عبدالمطلب کي جاسوس سمجهي پڪڙي ابره بادشاه وٽ حاضر ڪيو ته سائين اجهو قريشين جو هي جاسوس حاضر آهي. جيڪو پنهنجي جاسوسي ڪرڻ آيو آهي.
    ابره حضرت عبدالمطلب کي مخاطب ٿيندي چيو ته توکي خبر آهي ته آئون ڪير آهيان؟ ۽ هت ڇو آيو آهيان؟ حضرت عبدالمطلب وراڻيو ته مونکي ڪا به خبر ناهي ته تون ڪير آهين؟ ۽ هت ڇو آيو آهين؟ ابره پاڻ ئي جواب ڏيندي چيو ته توکي معلوم هئڻ کپي ته آئون يمن جو بادشاهه ابره الاشرم آهيان ۽ هت اوهان جو مڪي وارو ڪعبو ڊاهڻ آيو آهيان ۽ اوهان ان جي بچاءِ لاءِ ڪهڙو بندوبست ڪيو آهي؟ متان ائين نه ٿئي جو اوهان اسان جو مقابلو ڪيو ۽ ائين جبل کي پنهنجو مٿو هڻي مفت ۾ مري تباهه و برباد ٿي وڃو؟ سچ سچ ٻڌاءِ اگر وار برابر ڪوڙ ڳالهايو ته تنهنجو سر اتي ئي قلم ڪيو ويندو؟
    حضرت عبدالمطلب جواب ڏنو ته منهنجا اٺ گم ٿي ويا آهن. آئون پنهنجا اُٺ نهارڻ آيو آهيان. اسان ڪا به تياري ناهي ڪئي. باقي ڪعبو ڄاڻي ۽ ڪعبي جو خدا ڄاڻي. اسان ۾ ايتري طاقت ناهي جو هيڏي ساري لشڪر جو مقابلو ڪريون. ابره پنهنجي لشڪر ۽ سپاهه کي حملي لاءِ تيار ٿيڻ جو حڪم ڏنو. فوجي بينڊ باجا وڄايا ويا. فوج پنهنجي اسباب سميت تيار ٿي ويئي. ابره پنهنجي لشڪر کي مڪي طرف وڌڻ جو حڪم ڪيو.
    تياري بعد ابره جي سواري وارو هاٿي محمود يڪدم گوڏن ڀر سجدي ۾ ڪري پيو ۽ انهي کي ڏسي. ٻين هاٿين به ان جي تابعداري ڪندي حڪم خداوندي موجب سڀ جو سڀ گوڏا کوڙي ڪعبي جي سامهون سجدي ۾ ڪري پيا سوارن ۽ سئيسن گهڻو ئي زور لاتائون مگر جواب ندارد الله پاڪ جنهن کان ڪم وٺي ۽ جيئن وٺي مرضي وارو آهي.
    نور حق شمع الٰھی کو بجھا سکتا ہے کون؟ جس کا حامی ہو خدا اسکو مِٹا سکتا ہے کون؟
    نور حق کفر کی حرکت پر ہے خندہ زن، پھوکوں سے یہ چراغ بجھایا نہ جائے گا۔
    الله پاڪ بادشاهه بي پرواهه آهي، جنهن نمرود جي لشڪر کي ڪمزور مڇرن جي ذريعي ختم ڪرايو. فرعون جيڪو پاڻ کي انا ربڪم الاعليٰ سڏائيندو هو. کي پاڻي ۾ ٻوڙي ختم ڪرايو. عاد ۽ ثمود جي قومن کي هوا جي ذريعي ختم ڪرايو. قريش مڪي جي ناپاڪ ارادن کي ڪوريئڙي جي ڄار ذريعي ختم ڪرايا. ايتري ۾ اتر کان ابابيل پکين جا ٽولن جا ٽولا ۽ قطارون ڪاهي آيون، جن جي چنبن ۽ چهنبن ۾ پڪيون پٿريون هيون. جن پٿرين جو اهڙو ته زوردار وسڪارو ڪيائون جو هر هڪ پٿري سوار جي سر مان داخل ٿي، هاٿي منجهان نڪري زمين ۾ داخل ٿي ٿي. تان جو اک ڇنڀ ۾ ابره جو پوري جو پورو لشڪر تباه و برباد ٿي ويو. لاشن ۽ ڍونڍن جا ڍير لڳي ويا. جيئن چوپايو مال گاهه کائي اولڙ ڪندو آهي.
    انهي ابابيلن جو نسل اڄ به ڪعبت الله ۾ موجود آهي، جيڪي چوويهه ڪلاڪ ڪعبي جي چوگرد ٽولن جي صورت ۾ ڦرندا رهن ٿا. هن واديءَ محصره ۾ اڳ ترسڻ منع ٿيل هو. جو هي عذاب الاهي جي جڳهه آهي، متان نه توهان تي ان جي نحوست جو اثر پوي. مگر هن وقت حاجين جي تعداد وڌي وڃڻ ڪري اتي به حاجين جا تنبوء لڳايا وڃن ٿا ۽ حاجي اتي رات پڻ رهندا آهن.


    جنت المعليٰ جي زيارت

    هي قبرستان مسجد جن جي بلڪل ويجهو آهي. مڪي جو روڊ شارع غزه وٺي منيٰ ڏي هلبو ته قبرسان کاٻي پاسي ٿيندو. مڪي شريف جو اهو قبرستان مدينھ منوره جي قبرستان جنت البقيع کانپوءِ دنيا جي سڀني قبرستانن کان رُتبي ۾ وڏو آهي. جنت المعليٰ جي معنيٰ آهي مٿاهين درجي وارو باغ قبرستان وچان پل ذريعي روڊ پار ڪيو ويو آهي. جنهن ڪري قبرستان ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو آهي. پل هيٺيان وچ تي هڪ دروازو لڳل آهي. جنهن ڪري زائرين قبرستان جي ٻنهي پاسن بنان رنڊڪ جي اچي وڃي سگهن ٿا.
    جنت المعليٰ جي پراڻي حصي ۾ حضورﷺ جن جي پهرين گهر واري مومنن جي ماء بي بي خديجت الڪبريٰ رضه بنت خويلد جيڪا پنجهٺ سال ڄمار سن ڏهه نبوت مڪي ۾ وفات ڪئي ۽ ٽڪري ”جبل“ جي وچ ۾ سندن قبر مبارڪ هن قبرستان ۾ آهي. بي بي صاحبه مڪي ۾ ڄائي مڪي ۾ وڏي ٿي. مڪي ۾ حضورﷺ سان نڪاح ٿيو ۽ اتي ئي مدفون آهي.
    حضورﷺ جن جي ٻن پٽن قاسم ۽ عبدالله ”جنهن کي طيب“ ۽ طاهر جي لقبن سان به سڏجي ٿو“ پاڻ ڪريمن جي چاچي ۽ حضرت علي رضه جي والد محترم ابوطالب سندن والد بزرگوار حضرت عبدالله ۽ سندن ڏاڏن خاص ڪري عبدالمطلب ۽ بني هاشم خاندان جي گهڻن ماڻهن جون قبرون آهن. انهي کان علاوه ڪيترن اصحاب سڳورن، تابعي تبع تابعين ۽ اولياء الله جون قبرون پڻ آهن. اصحابن مان خاص ڪري حضرت عبدالله بن زبير رضه ۽ حضرت اسماء بنت ابو بڪر صديق شامل آهن. اولياء الله ۾ حضرت شيخ العرب والعجم امداد الله مهاجر مڪي رضه جي قبر شريف به آهي. الله جي درٻار ۾ دعا آهي ته انهن سڀني جي مغفرت فرمائي ۽ اجر عظيم فرمائي انهن جي طفيل اسان تي پڻ پنهنجو فضل فرمائي. آمين.


    مسجد جن جي زيارت

    هي مسجد قبرستان جنت المعليٰ جي ڀر سان آهي. انهي جو ٻيو نالو مسجد بيعت ۽ مسجد حرس به آهي. پر مسجد جن سان مشهور آهي. انهي جاءِ تي پاڻ ڀلارن جنن جي هڪ وفد کان بيعت ورتي هئي. ان زماني ۾ کليو ميدان هو پر خلافت عثمانيه ترڪي دور ۾ اتي هڪ عاليشان مسجد ٺاهي ويئي آهي جيڪا مسجد جن جي نالي سڏجي ٿي.


    جنات جو مٿي وڃن بند ٿيڻ

    حضرت نبي ڪريمﷺ جن جي ولادت باسعادت کان اڳ شرير جنات هڪ ٻئي جي ڪلهن تي چڙهي يا پنهنجي فطري اڏام ذريعي مٿي آسمان ڏانهن ويندا هئا ۽ ملائڪن جون ڳالهيون ٻڌي. واپس اچي انهن ڳالهين ۾ ڪوڙ بدوڙ ملائي لوڻ مرچ مصالحو وجهي ڳالهه مان ڳالهوڙو بنائي. ان کي غيب جي ڳالهين سان تعبير ڪري. عجيب و غريب طريقن سان انسانن کي گمراهه ڪندا هئا. مگر جڏهن پاڻ ڀلارن جو هن دنيا ۾ ورود مسعود ٿيو ته جنات جو آسمان ڏانهن وڃڻ بند ٿي ويو. اگر ڪو شرير جن شرارت ڪري مٿي آسمان طرف وڃڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته الله پاڪ آسماني تارن کي ملائڪن جي ذريعي اُمڙ ڪري جنات کي لڳندا هئا. پوءِ جنات يا ته ڪِري پوندا هئا. يا سڙي ويندا هئا. اهو رسول پاڪ جو هڪ معجزو هو. انهي کانپوءِ دنيا جي جملي جنن هڪ وڏي ميٽنگ ڪوٺائي ته انهي ڳالهه جو سبب معلوم ڪيو وڃي ته ڪهڙي سبب اسان جو مٿي وڃڻ بند ٿي ويو آهي ۽ هي آتش زن شعلا ڇا جي ڪري اسان جو پيڇو ڪن ٿا. يا ته دنيا ۾ ڪو انقلاب اچڻو آهي. يا ته دنيا ۾ ڪا اهڙي هستي جو ظهور ٿيو آهي. جنهن جي ڪري اسان جي خلاف هي ٻارڻ ٻريو آهي. ميٽنگ ۾ طئي ٿيو ته مشرق کان مغرب تائين ۽ ڏکڻ کان اتر تائين مختلف وفود موڪليا وڃن، جيڪي هن ڳالهه جو سبب معلوم ڪن.


    آنحضرت ﷺ سان جنن جي وفد جي ملاقات

    اتفاق سان خدا کي ائين ڪرڻي هئي جو نبي پاڪﷺ جن جي عمر مبارڪ پنجاهه سال هئي ۽ سن بعثت نبوت ڏهه هو ته پاڻ ڀلارا هڪ دفعي طائف دعوت و تبليغ جي ارادي سان ويا. اتي طائف جي شرير سردارن پاڻ ڀلارن جي ڳالهه ٻڌڻ جي بجاءِ ٽوڪون چٿرون ڪري تڪليفون ڏيئي. کين شهر کان بداخلاقي سان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
    محسنِ انسانيت بازار عڪاظه جي رستي مڪي ڏانهن واپس وڃي رهيا هئا واپسي ۾ جڏهن مقام نخلھ تي رات جو ترسيا ۽ نماز عشاء بالجهر پڙهي رهيا هئا ته جنن جي سردارن جو هڪ وفد نوَ ڄڻن تي مشتمل جاسوسي لاءِ ”نصيبن“ شهر مان نڪري ساڳيو رستو ڏيئي. تهامھ طرف حقيقت حال معلوم ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو. جنهن جو گذر رسول پاڪﷺ وٽان ٿيو ۽ الله جو رسولﷺ قران پاڪ آواز سان پڙهي رهيو هو.
    الله جي محبوب رسولﷺ جي زبان مبارڪ مان قرآن پاڪ جو پڙهڻ ائين هو جهڙو ڪر قرآن پاڪ هينئر ئي نازل ٿي رهيو هجي. اهو ٻڌي انهي وفد جو هلڻ بند ٿي ويو، جهڙوڪر بريڪ لڳي ويو هجي، سڀئي غور سان ٻڌڻ لڳا. قرآن پاڪ جي فصاحت بلاغت ۽ معاني کي سمجهڻ بعد هن وفد کي يقين ڪامل ٿي ويو ته ڪلام الاهي اهو ئي آهي ۽ هي شخص اهو ئي آهي، جنهن جي ڪري اسان سان هي حالات پيدا ٿيا آهن ۽ اهو ئي اسان جي مٿي نه وڃڻ جو سبب آهي. قرآن پاڪ جي فصاحت، بلاغت ۽ حلاوت ٻڌي، اهو ڪلام الاهي انهي وفد جي دل ۾ گهر ڪري ويو ۽ بي اختيار ٿي، حضور انورﷺ جن جي سامهون حاضر ٿي، الله جي ڪلام ۽ آنحضرتﷺ جي صداقت جو اقرار ڪري مسلمان ٿي ويو. ڪافي بحث مباحثي کان بعد پاڻ ڀلارن ان وفد کي چيو ته هاڻ توهان پنهنجي قوم ۾ وڃي دين اسلام جي حقانيت خدا جي وحدانيت منهنجي رسالت ۽ حُسن اخلاق جي تبليغ ڪريو.
    پوءِ سڄي جو سڄو جنن جو وفد واپس روانو ٿيو ۽ پنهنجي قوم جنات ۾ ”نصيبن“ شهر پهتو. جنهن اچي ڪري پنهنجي قوم کي سڄي ماجرا کان واقف ڪيو ۽ دعوت تبليغ جو ڪم شروع ڪيو. انهي وفد جي تبليغ جو ڏاڍو سٺو اثر ٿيو.


    جنات جي ٻي وفد جو شعب الحجون ۾ اچڻ

    جڏهن اهو نورڪني وفد راز معلوم ڪري واپس پهتو. جنهن اچي ٻڌايو ته جيڪو ڪلام ۽ جنهن ماڻهو کان اسان اهو ڪلام ٻڌو آهي. اهو سڀ حق ۽ سچ آهي انهن جي صداقت ۾ وار برابر شڪ ڪري نٿو سگهجي. تنهن تي اتي شهر نصيبن ۽ شهر نينوا مان نوي ڄڻن معززين جنن جو هڪ وفد ٻن سردار جنن، جن مان هڪ سردار جو نالو زويعھ هو ۽ ٻي جو نالو عموده هو. انهن جي قيادت ۾ الله جي رسول اللهﷺ کي ڏسڻ ۽ کائنس قرآن پاڪ ٻڌڻ لاءِ نڪتا ۽ مڪي پاڪ پهتا، انهن مان جيڪو وفد پهرين مقام نخلھ ۾ مليو هو تنهن پاڻ ڀلارن کي عرض ڪيو ته اي الله جا رسولﷺ اسان جي تبليغ جي ڪري اسان جا نوي ڄڻا معززين جنات مسلمان ٿي. اسان جي ٻن سردارن جي معيت ۾ اوهان سان ملڻ. اوهان کي ڏسڻ ۽ اوهان جي زبان مبارڪ مان الله جو ڪلام ٻڌڻ لاءِ آيا آهن. هاڻ اسان کي هنڌ ۽ ٽائيم ڏيو ته اسان ڪيئن ۽ ڪٿي اوهان جي زيارت ڪري سگهون ٿا.
    آنحضرتﷺ جن فرمايو ته رات جو عشاء نماز کان پوءِ ڪعبت الله جي اتر طرف متصل ٻاهر شعب الحجون جي کلي ميدان ۾ گڏ ٿجو. آئون اتي ايندس ”جت هن وقت مسجد جن آهي“ اڳ اهو کليو ميدان هوندو هو. ڇو ته شهر ۾ متان شهري ماڻهو توهان جنات کي ڏسي. توهان جي هيبت جي ڪري متان ڊڄي نه وڃن يا ڪهڙو اثر وٺن. پوءِ آنحضرتﷺ جن پروگرام موجب بعد از نماز عشاء حضرت عبدالله بن مسعود مشهور صحابي کي ساڻ ڪري اتي پهچي ويا. پهچڻ بعد جنات جي گهڻائي ڏسي. حضرت عبدالله بن مسعود کي شعب الحجون کان ٻاهر ئي بيهاري چوگرد هڪ گول دائرو ڪڍي، فرمايائون هن دائري کان ٻاهر هرگز نه نڪرج. جيسين آئون اچان، متان جنات توکي تنگ نه ڪن يا ڪا تڪليف نه پهچائين. پوءِ حضرت عبدالله بن مسعود سڄي رات انهي ڪار ۽ ڪڙي ۾ ئي رهيو سامهون کلي ميدان ۾ رسول پاڪ ۽ جنات جي سموري ڪچهري ۽ ڪارگذاري ڏسي ۽ ٻڌي رهيو هو. حضرت عبدالله فرمائي ٿو ته مون ڏٺو ته مختلف جانورن جي شڪلين ۾ هئا. ڪي گڏهه ڪي گابا، ڪي گهوڙا، ڪي مٿي پير ۽ پٺن اگهاڙا هئا. صرف دن کان گوڏن تائين سفيد ڪپڙي سان اوگهڙ ڍڪيل هئي. باقي بدن اگهاڙو هو. رنگ جا ڪارا ڪوجها بدشڪل هئا. پاڻ ڀلارا سڄي رات تلاوت، تلقين، تربيت، روزه، نماز ۽ طهارت جا احڪام سکڻ سيکارڻ جي عمل ۾ مصروف رهيا تان جو صبح صادق ٿيو ۽ مجلس برخاست ٿي پاڻ ڪريم جن مون وٽ آيا. مون کي ڪار ”دائري“ مان ٻاهر ڪڍيائون اسان حرم ڪعبي پهتاسون ۽ فجر نماز ادا ڪئي سون.
    مجلس برخاست ٿيڻ کان پهريائين، انهن جنن عرض ڪيو ته اي الله جا رسولﷺ اسان سڀني کي تبرڪ طور ڪجهه کاڌو ملي. پاڻ ڀلارن فرمايوته توهان سڀني کي ۽ توهان جي ايندڙ نسل در نسل لاءِ هميشه بغير مشقت جي کاڌو ملندو رهندو. جنات وري عرض ڪيو ته اي الله جا سچا رسولﷺ اهو ڇا آهي؟ پاڻ ڀلارن فرمايو ته اُٺ ٻڪري جون ڦولڙيون ۽ ڍڳي مينهن جو ڇيڻو، ڪوئلو ۽ هڏو جتي ملي وڃي اهو اوهان جو کاڌو آهي، جيڪو توهان هن کان اڳ کائو ٿا. انهي کان هي کاڌو وڌيڪ لذيذ، شيرين ۽ بهتر هوندو. اها منهنجي توهان لاءِ دعا آهي وري جنات عرض ڪيو ته اي الله جا رسولﷺ ماڻهو اسان جي ان کاڌي تي پليتي اڇلائيندا ۽ ان کي خراب ڪندا. پاڻ ڀلارن فرمايو ته هاڻ آئون پنهنجي امت کي منع ڪندس ته انهن شين کي خراب نه ڪن.
    شريعت جو مسئلو آهي ۽ پاڻ ڀلارن فرمايو ته سڪل گوبر، ڦينڱڻي، هڏي ۽ ڪوئلي سان استنجاء ڪرڻ منهنجي امت لاءِ منع آهي، ڇو ته اهي شيون قوم جنات جي خوراڪ آهي.
    انهن ڏينهن ۾ جنن جي ٻن گروپن ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ ٻنهي گروپن مان هڪ هڪ ڄڻو جن مارجي ويو. آنحضرتﷺ جن وٽ ٻئي ڌريون فيصلو کڻي آيون. پاڻ ڀلارن ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌي حڪم الاهي مطابق انصاف سان فيصلو ڪرڻ فرمايائون. ٻئي ڌريون رضامندي سان فيصلو قبول ڪري کير کنڊ ٿي ويون ۽ پنهنجي پنهنجي وطن هليا ويا.
    اهڙي هڪ ٻي ڀيري به جنن جا ڪيترائي قافلا مختلف ملڪن ۽ مختلف ٻيٽن کان آمنه جي لال جي ديدار ۽ ڪلام الاهي ٻڌڻ آيا هئا. جيڪي جبل نور وٽ گڏ ٿيا. انهي دفعي رسول خداﷺ اڪيلا اتي تشريف وٺي ويا هئا تمام رات اتي رهيا. اهو ئي دعوت و تبليغ سکڻ سيکارڻ جو عمل سڄي رات جاري رهيو. صبح جو صحابه ڪرام اتي باهه جا چلها ۽ ڪجهه ٻيون اهڙيون شيون جيڪي جنات اتي ڇڏي ويا هئا ڏٺائون. جنهن مان معلوم ٿيو ٿي ته رات هت جنات جو بسيرو هو.


    حج ۽ عمري جو فلسفو

    حج ۽ عمرو در حقيقت ٻن منظرن جو نمونو آهي. انهن جي هر هڪ شيءِ ۾ ٻه حقيقتون سمايل آهن. اگرچه رب پاڪ جي هر حڪم ۾ لکن جي تعداد ۾ مصلحتون ۽ حڪمتون اهڙيون آهن جنهن جي گهرائي تائين پهچڻ هر شخص جي وس کان ٻاهر آهي. ليڪن ڪي مصلحتون ۽ حڪمتون اهڙيون کليل ۽ ظاهر هونديون آهن جو هر شخص جي ذهن ۾ اچي سگهن ٿيون.
    اهڙي طرح حج ۽ عمره جي هر هر رڪن ۾ ڪافي ساريون مصلحتون اهڙيون آهن، جنهن تائين پهچڻ ڏاڍو ڏکيو آهي پر هي ٻه شيون ان جي هر هر رڪن ۽ هر هر جُز ۾ بلڪل پڌريون آهن.
    1. ته هي سفرِ حج موت ۽ موت کان بعد وارن حالات جو نمونو آهي.
    2. ته هي سفر عشق ۽ محبت جي اظهار جو نمونو آهي.
    مثال طور ٻنهي نظارن طرف مختصر طريقي سان تنبيهه ڪئي وڃي ٿي. ان نموني تي غور ڪرڻ سان سڀ شين ۾ اهي امور ظاهر ۽ چٽا ٿي ويندا. پهريون نمونو موت جو منظر آهي. حاجي جڏهن گهر ٻار عزيز و قريب ڳوٺ ڇڏي ٻئي ملڪ جو سفر اختيار ڪري ٿو. مرڻ مهل به هر شيءِ عزيز اقارب باغ بنگلا، محل ماڙيون ۽ پياريون شيون جن جي حصول لاءِ هن وڏي جاکوڙ محنت ۽ مال خرچ ڪيو هو. اهي سڀ ڇڏي پارتون ۽ وصيتون ڪري روانو ٿئي ٿو. اُهو به سوچو ته تمام جلد اهو وقت به ضرور اچڻو آهي. جو هميشه لاءِ هي سڀ ڪجهه ڇڏي وڃڻو آهي. وري جڏهن حاجي دوستن عزيزن کان موڪلائي سواري تي سوار ٿئي ٿو ته پوءِ ڪي ماڻهو گڏ هلن ٿا ته ڪي وري اتي ئي موڪلائي ترسي پون ٿا. هاڻ سواري هن کي ڳوٺ ۽ گهر کان پري ڪرڻ ۽ منزل مقصود کي ويجهو ڪرڻ لاءِ شروع ٿئي ٿي. اهڙي طرح موت جي لوڏي ”کٽ“ به آهي. ڪي عزيز جنازي کان اتي ئي موڪلائي اتي ئي رهي پون ٿا ۽ ڪي وري قربستان تائين گڏ وڃن ٿا. دفن ڪري واپس موٽن ٿا. حاجي سان گڏ به ڪي دوست عزيز اهڙا به هوندا آهن ته حاجي کي ڪا تڪليف نه ٿئي. شل ڪوسو واءُ نه لڳي ۽ ڪي وري اهڙا به هوندا آهن جو اندر ئي اندر پيا سڙندا ۽ پيا پچندا آهن ته هن حاجي کي شل تڪليف ٿئي. شل سواري خراب ٿئي. موسم جي مصيبت پوي وغيره.
    ساڳي ريت اها ئي صورت آخرت جي سفر ۾ به پيش ايندي آهي. قبرستان ۾ گڏ وڃڻ وارا رفيق سفر ڪي اُهي آهن جيڪي پڇاڙي تائين گڏ هوندا آهن. اهي نيڪ عمل آهن. جو ميت لاءِ آرام ۽ سڪون جو باعث هوندا آهن ڪن سان گڏ وري بُرا اعمال هوندا آهن. جيڪي هر وقت اذيت ۽ تڪليف جو ڪارڻ بنبا آهن. نهايت بري صورت ۾ ڊيڄاريندڙ ۽ بدبودار هوندا آهن. هن جهان ۾ جيتري به راحت پهچڻي آهي. اها پنهنجي نيڪ اعمال سان پهچندي آهي جيڪي هن شخص مرڻ کان پهريائين ڪيا هجن. جيئن سفر حج شروع ڪرڻ کان پهريائين جنهن ماڻهو پنهنجو زاد راهه ۽ ضروري سامان گڏ کنيو هوندو. انهي جو سفر حج نهايت آرامده ۽ پُرسڪون ٿيندو ۽ جيڪو بغير انتظام جي سفر حج تي روانو ٿيو هوندو. يعني کنوڻ ڏسي مال ڪاهيو هوندو اهو نه ڏٺائين ته برسات ڪٿي پئي؟ ساوڪ ڪٿي آهي يا نه؟ مون کي ٻي ديس ۾ ڪهڙي سامان جي ضرورت پوندي؟ ته اهو ماڻهو ڏاڍو ڏکيو ٿيندو زندگي جو سفر نهايت بي سڪون ۽ ڏاڍو ڏکيو گذرندو.
    اهڙي ريت هڪ انساني ميت موت جي ڊگهي سفر لاءِ نيڪ زاد راهه گڏ کنيو هوندو ته قبر، حشر، پل صراط عالم برزخ جون منزلون نهايت آسان ۽ اُخروي زندگي سڪون واري هوندي نه ته اڳيان منڪر نڪير جا سوال و جواب، قبر حشر جي سختين کي منهن ڏيڻو آهي ۽ ڏيڻو پوندو.
    ها! گهڻا حاجي اهڙا به هوندا آهن، جيڪي پنهنجي بندوبست ۽ پيسه جي لحاظ کان مڪمل تيار هوندا. جيڪي چيڪنگ کان بعد جلد حجاز مقدس چند ڪلاڪن ۾ پهچي ويندا آهن ۽ جلد پنهنجو مقصد حاصل ڪري وٺندا آهن. اهڙي طرح جن وٽ نيڪ اعمال جو چڱو خاصو ذخيرو موجود هوندو آهي. اُهي قبر جي انهن هولناڪين کان مامون و محفوظ رهندا آهن. اهي اهڙي ته آرام ۽ سڪون ۾ هوندا آهن جو قيامت تائين جو سمورو ۽ طويل زمانو انهن لاءِ منٽ سيڪنڊن ۾ گذري ويندو آهي، جهڙي طرح هڪ نئين ڪنوار ”سهاڳ رات“ پرڻي واري پهرين رات ريشمي بستري تي سمهندي آهي ۽ رات گذرڻ جي خبر ئي نه پوندي آهي. اهڙي طرح اُهي ماڻهو به قبر ۾ آرامي هوندا. حاجي جي احرام واري حالت ته بلڪل ڪفن جي ٻن چادرن جو مثال آهي. ”موتو قبل ان تموتو“ اي انسان مرڻ کان اڳ مري وڃ جو نمونو آهي.
    جنهن ۾ نه خوشبوءِ نه رنگ نه نفاست مٿو پٺا پيراگهاڙا. گوياڪ مرڻ جي هڪ ريهلسر آهي. هر وقت هڪ آواز اي منهنجا مالڪ آئون حاضر آهيان تو کان سواءِ ڪاڀيڻي ڀوا ناهي. آئون ڪجهه به ناهيان سڀ ڪجهه تون آهين. تنهنجو ڪو به ثاني شريڪ ڪونهي. آئون تنهنجي حضور بارگاهه عاليھ ۾ حاضر آهيان قبول ڪر.


    حج عشق و محبت جي اظهار جو نمونو آهي

    اهو عشق وارو منظر به حاجي جي حال کان اهڙو ظاهر ۽ چٽو معلوم ٿي رهيو آهي جو ان لاءِ ڪنهن تفصيل يا وضاحت جي ڪا ضرورت ناهي.


    ٻانهي جو تعلق رب پاڪ سان ٻن نمونن جو آهي

    1. تعلق عبديت: ان تعلق جو مظهر نماز آهي. جيڪا سراسر نياز، نوڙت عاجزي سان عبديت جو اظهار آهي. انهي ڪري ان ۾ سڀ شيون انهي تعلق جو مظهر آهن. نهايت وقار سان. سڪون سان، موزون لباس، شاهي آداب مناسب حالات سان دربار شاهي جي حاضري آهي. وضو، پاڪ ڪپڙا، ۽ پاڪائي سان، رب پاڪ سپرپاور جي سامهون پهريائين دنيامافيها کان هٿ کڻي، ڪنن تائين هٿ آڻي پنهنجي عبديت ۽ عاجزي سان گڏ الله پاڪ جي وڏائي جو اقرار ڪري پوءِ هٿ ادب جا ٻڌي ان جي ثناء سان گڏ پنهنجي درخواست پيش ڪري ٿو.
    پوءِ مٿو جهڪائي ان جي تعظيم ڪري، پوءِ زمين تي مٿو رڳڙي پنهنجي نيازمندي ۽ عاجزي جو اظهار ڪري. مالڪ سائين جي عُلو شان، وڏائي، ڪبريائي ۽ عظمت جو زبان سان اقرار ڪندي، وري دوباره به پنهنجو مٿو رڳڙي ٿو، متان ڪو رَتي ڀر انانيت جو داڻو رهي نه پوي. ٻيو ڪو قول و فعل ان جي وڏائي ۽ پنهنجي عاجزي جي خلاف نه هجي. ان نوع ۾ سڪون و وقار جي جيتري قدر پابندي ڪئي ويندي. اهو ان جي شايان شان هوندو. ان ڪري نماز لاءِ ڊوڙي اچڻ مڪروه آهي. نماز ۾ آڱرين ۾ ٺڪاء ڪڍڻ برو عمل آهي. بنا ضرورت کنگهڻ خراب ڳالهه آهي. هيڏانهن هوڏانهن نظر ڦيرائڻ پڻ بري عادت آهي. هي عبادت حالتِ نماز ۾ ڳالهائڻ سان ضايع ٿي ويندي آهي. وضو ٽٽڻ سان اها عبادت ختم ٿي ويندي آهي. حتيٰ ڪه سجده ۾ ٻئي پير زمين کان مٿي کڄي وڃڻ سان به ضايع ٿي ويندي آهي. ڇو ته هي عمل سڪون ۽ وقار جي خلاف آهن.
    2. تعلق عشق و محبت: الله پاڪ اسان جو مربي، منعم ۽ محسن آهي. جمال و ڪمال جون جيتريون به خوبيون ۽ صفتون آهن. انهن سان هو متصف آهي. مگر هو احڪم الحاڪمين اسان جي نااهلين، نافرمانين ۽ جاهليت جي ڪري اسان کان ناراض ٿي ويو آهي. هاڻ ان کي ڪنهن به ريت پرچائڻو آهي. پوءِ جهڙي طرح مجازي عاشق پنهنجي مجازي محبوب جي منائڻ لاءِ جيڪي حيلا ۽ وسيلا ڪم آڻيندو آهي، اهڙي طرح حقيقي محبوب کي منائڻ لاءِ اهڙائي حيلا ۽ وسيلا آزيون ۽ نيازيون ڪرڻيون پونديون.
    عاشق صادق جيسين پنهنجي ناراض محبوب کي راضي نٿو ڪري تيسين ان جو سک ڦٽي پوي ٿو. هر پل پنهنجي پرين جي پرچائڻ لاءِ آتو ۽ ماندو هوندو آهي. سمهڻ، کائڻ، پيئڻ زهر ٿي ايندو آهي. ”تاڙي اها ئي تنوارمند مڙوئي مينهن جي“ هر وقت تاڙي وانگر ڪڏهن پرين پرچي. ڪنهن مهل پنهنجي طور، ته ڪنهن مهل جيڪي انهي گس جا پانڌي ”سالڪ“ هوندا آهن انهن کان پرين جي پرچائڻ جو ڏس پتو ۽ نسخو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي. جنهن مهل ان کي ڪو نسخو ملي ويو ته پوءِ گهرگهاٽ، آرام ۽ ننڊون ڦٽائي ويس وڳا ڇڏي.
    ڪلهي ڦاٽو ڪنجرو مٿو منهن اگهاڙو،
    ڀينر هن ڀنڀور ۾ منهنجو ڪڄاڙو،
    ڌوٻڻ جو ڌاڙو هيڏو هوت هڻي ويا.
    محبوب جي وصل جو احرام ٻڌي. روانو ٿي پوندو آهي ”پرين جي پسڻ لاءِ پيرن پنڌ ڪنديس، پيرن پنڌ ڪرڻ ڇڏيو ته گوڏن ڀر گسڪندياس، گوڏن گسڪڻ ڇڏيو ته چيلهه ڀر چُرندياس، چيلهه چرڻ ڇڏيو ته سيني ڀر سرندياس، سيني سرڻ ڇڏيو ته نيڻن ڀرنمدياس، نيڻن نمڻ ڇڏيو، پوءِ جي ملي ته ملندياس نه ته گهوري جان جتن تان ڪٿي پنڌ ڪٿي سواري. ڪڏهن بک ڪڏهن اُڃ پر محبوب جي در ضرور وڃڻو آهي. هر حال ۾ ان کي پرچائڻو آهي. پوءِ جهرجهنگ، ٿر بر جبل جهاڳيندو رهي ٿو.
    ڪنڊا مون پيرن ۾ توڻي لک لڳن،
    آڱر آڱوٺي نه مڙي، ڇيون پير ڇنن،
    ويندي ڏانهن پرين، جُتي جات نه پائيان.
    پوءِ انهي سڪ جي سفر ۾ اگر ڪنڊا لک لڳن. لڪون ۽ جهولا ساڙين سڀ اکين تي. پرين جي پار جي سڀ مٺائي. پڇائون ڪندو. اچي دلبر جي ديس ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ دلبر جو ديرو لڀي ٿو. لباس ۾ صرف ٻه چادرون مٿي تي نه ٽوپي نه پٽڪو. بدن تي نه ڪر تو نه قميص فقيرانه صورت نه خوشبوءِ نه زينت، هڪ مجنونانه صورت، آه سرد، رنگ زرد، چشم تر، پريشاني دربدر، آليون اکيون اڻڀاوار، مٽي ڀريل پير، ازخود عاشق جي صورت، ڳالهه پڌري آهي ته جڏهن عاشق جهنگلن ۽ جبلن کي لتاڙي هت پهتو آهي ته سندس حالت ڇا هوندي؟ جيتري قدر اهي نشانيون هونديون. اوتروئي شوق ۽ بي تابي جو اظهار هوندو. اگر محبوب سندس انهي حالت کي ڏسي ته ڀلي خوش ٿئي. يا ترس کائي پرچي پوي ۽ ٻين کي ٻڌائي ته ڏسو منهنجو عاشق!!


    جملو معترضو هڪ حديث جو خلاصو

    حديث پاڪ ۾ آهي ته جڏهن بندو گرمي جي موسم ۾ روزا رکي ٿو، سياري ۾ رات جو جاڳي جواني جي موسم ۾ گرم نرم ۽ نازڪ بستري ۽ خوبصورت زال جي آغوش کي ڇڏي. مصلي تي پنهنجي پرور جي حضور ۾ گڙ گڙائي ٿو. ميدان جهاد ڪارزار ۾ ڪنڌ ڪپائي ٿو. وقت جان مال ان اڻ ڏٺي خدا جي نالي لٽائي ٿو ايثار ۽ قرباني ڪري ٿو. سڄي هٿ سان ڏي ٿو ته کٻي کي خبر ئي نٿي پوي، ان مهل رب پاڪ ملائڪن کي فرمائي ٿو ته ڏسو منهنجو عاشق. هن کي ڪهڙي شيءِ انهن اعمالن تي مجبور ڪيو آهي؟ ملائڪ ورندي ٿا ڏين ته اي عالم الغيب اسان کي ڪو به علم ناهي. تون ئي بهتر ڄاڻين ٿو. الله پاڪجه فرمائي ٿو اي ملائڪو هي منهنجو عاشق منهنجي حڪم جي بجاوري ۽ مونکي راضي ڪرڻ جا حيلا ڪري رهيو آهي. توهان شاهد رهجو هاڻ آئون هن مان راضي آهيان ۽ هو مون مان راضي آهي ۽ رضي الله عنهم ورضوعنھ هن جيڪي گهريو اهو مون هن کي عطا ڪيو.
    * عاشق زهر پياڪ وِهه ڏسيو وهسن گهڻو،
    ڪڙي ۽ قاتل جا هو هميشھ هيراڪ
    توڻي چڪن چاڪ تڏهن به آهه نه سلين عام سان.

    * کامان پچان، پڃران، لڇان ۽ لوچان،
    تن ۾ تونس پرين جي پيان تان نه ڍاپان،
    جي سمنڊ منهن ڪريان ته سُرڪيائي نه ٿئي.
    پوءِ ڪو واقف حال ٻڌائي ٿو ته تنهنجي محبوب جو ديرو هي آهي. پوءِ لوڪ منهن موڪ جون ملامتون، طعنا، تنڪا سڀ اکين تي، صرف محبوب جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ ذري کٻي ذري سڄي محبوب جي گهر جا چڪر ”طواف“ لڳائي ٿو ۽ چوي ٿو ته اي منهنجا محبوب آئون حاضر آهيان. وڍين وڪڻين، چيرين، چچرين آئون حاضر آهيان. تو جهڙو سهڻو مون ملڪن ۾ نه ڏٺو نه ڏسندس، سارو جهان تو تان گهوريان. تون وڌ گهوٽ سڄڻ ڪنهن مهل ان جي در، ديوار ۽ چوکٽ کي چميون پيو ڏي. ته ڪنهن مهل اکين تان ڳوڙها پيو اگهي، ۽ ڪنهن مهل سران جي چوکٽ تي پيو رڳڙي، ان جي در جي ڪتي جا پير پيو چمي، ته هي پير ڪڏهن ته محبوب جي پيرن کي ضرور لڳو هوندو. وري ايلاز ۽ منٿون ٿو ڪري ته اي ڀلا، تون شل جيئن منهنجي اگلاين کي نه ڏس. جاني! تون پنهنجو پاڻ ڏس. ڀلا ڀلايون ڪندا آهن. تون سمون آئون گندري مون ۾ عيبن لک، هن منهنجي هيڻي حال جي توکي سڀ پرک، ڪارڻ رب الک متان مانگر مٽئين.
    * سُہنا میں مُک ویکھن آیا ھاں، میکوں ویکھا،
    میں گولی ھان تیڈے در دی، میں حاضر ھاں۔

    * سُہنا شل جیویں میں بھوری تاں بھال کریں،
    تیڈا در چھوڑ۔ سناں میں کتھے جاواں۔

    * سُہنا میں تیڈے گولاں دی گولڑی، میں حاضر ھاں،
    جانی تیڈا کوئی ثانی نہیں، میں حاضر ھان۔
    اهو ساڳيو مثال آهي حاجي ۽ عمري ادا ڪرڻ واري جو. جيئن ته حاجي به جڏهن سنبري ٺهي. پنهنجي رب جي رضا لاءِ ڳوٺان نڪري ٿو. ”اڳ ٻيڙا ۽ بحري جهاز هئا هاڻي هوائي جهاز آهن“ ايئرپورٽ پهچي ٿو. جتي ساري سنگت هن کي ايئرپورٽ لائونچ ۾ داخل ڪري موٽي ٿي. ته هي اُهي اُچا سبيل ڪپڙا لاهي اڻ سبيل احرام واريون ٻه چادرون ٻڌي ٿو، بنان زيب و زينت ۽ خوشبوءِ جي مٿو، پٺا پير ڪُلها اگهاڙا ڪري مجنونا صورت سان جهاز ۾ وڃي ويهي ٿو. تان جو جدي پهچي ٿو. ضروري ڪارروائي کان واندو ٿي جڏهن بلد الامين مڪي پهچي ٿو. مڪي ۾ ڪعبھ جي رب جي حضور ۾ پنهنجون مدايون معاف ڪرائڻ لاءِ انهي جي واکاڻ سان پنهنجي عاجزي جو اظهار ڪندي چئي ٿو ته آئون حاضر آهيان آئون حاضر آهيان جا پُرسوز نينهن جا نعرا هڻي ٿو. ان جي ڳولڻ لاءِ ۽ ان کي راضي ڪرڻ لاءِ هن جي گهر جا چڪر لڳائي ٿو. ميڙيون منٿون آزيون نيازيون ڪري ٻاڏائي ٿو. پاڻ کي فنا ڪري هن جي وڏائي. عظمت ڪبريائي، جلالت، حاڪميت ۽ وحدانيت جا گيت ڳائي ٿو. هن جي گهر جي غلاف کي پڪڙي روئي ٿو. ٻاڏائي ٿو. هن جي چوکٽ چمي ٿو. هن جي طاقت ۽ پنهنجي ڪمزوري جا واسطا ڏيئي پڪاري ٿو. اي ڪريم ڪرم، ڪرم ڪرم، ڪرم اي سخي فضل، فضل، فضل عدل آئون نه پڄڻي ڦيرو ڪر فضل جو.
    * تر تارا مينهن ڪڻيون واري، وڻ وار،
    انهي کان اڳرا مون ۾ عيب اپار،
    پائي آئي آهيان پاند ۾ بديون بيشمار،
    هاڻي بخش بخشڻهار لطف ساڻ لطيف چئي.

    * ليلان ليلائج اٿئي ماڳ منٿ جو،
    جي ليلائي نه لهين تان پڻ ليلائج،
    آسرو مَ لاهج سڄڻ ٻاجهارو گهڻو.

    ڇو ته انهي ڪِرت کانسواءِ ٻي واه به ڪونهي ته ٻيو در به ڪونهي. وري ڪو سالڪ چوي ٿو ته هو سامهون حجر اسود آهي. جيڪو بفرمان محبوب مدني حجر اسود الله پاڪ جو هٿ آهي. ان کي چمڻ گوياڪ رب پاڪ جي هٿ کي چمڻو آهي. انتهائي لطف و ڪرم آهي ان مالڪ جو جنهن هي سعادت اسان مٽي جي پتلن کي بخشي. پنهنجي راضي ٿيڻ جا گس به پاڻ ڏسي ٿو. پوءِ حاجي ان پٿر کي چمي ٿو. ڇو ته حضور انورﷺ به بحڪم خدا وندي ان کي چميو آهي. حضورﷺ پنهنجي مبارڪ چپن سان ان کي دير تائين چميو ۽ لڙڪ جاري هئا. ان کان بعد حضرت ابوبڪر صديقرضه چميو ۽ حضرت عمررضه به چميو ۽ چمندي حجر اسود کي مخاطب ٿي فرمايو ته اي حجر اسود آئون سمجهان ٿو ته تون پٿر آهين. تو ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو به نفعو يا نقصان ناهي ان ڪري چمان ٿو جو منهنجو محبوب محمد مصطفيٰﷺ توکي چمي ٿو. واه عمر رضه تنهنجي توحيد، حضور انورﷺ جن فرمايو اي عمر هي اها جاءِ آهي. جتي گهر جي ته ڳوڙها وهايا وڃن.
    تیرے بوسے کو ہم دیتے ہیں بوسہ حجرِ اسود پر،
    مگر نہ کم کیا تھا ہم مسلمانوں کو پتھر سے۔
    حجر اسود کي چمڻ ۽ ڪعبي جي غلاف کي چمڻ اهو به ڪعبي جي رب کي راضي ڪرڻ جا گس ۽ حيلا آهن. اڳتي ملتزم آهي. اهو به ڪعبي شريف جي ديوار جو هڪ خاص حصو آهي ۽ متبرڪ جڳهه آهي. انهي جڳهه تي خصوصي طور دعا قبول ٿيندي آهي. حديث پاڪ ۾ اچي ٿو ته حضور پاڪ ۽ صحابه ڪرام ان کي چنبڙندا هئا ۽ پنهنجن چهرن کي ان سان لڳائيندا هئا ۽ رئندا هئا.
    آج ارشد کو عجب حال میں دیکھا ہم نے،
    رو رھا تھا وہ کسی کی دیوار کے پاس۔


    سعي ڇا آهي ۽ ڇو آهي؟

    حاجي کي وري ڪو پراڻو حڪيم يا صوفي ملي ٿو. جيڪو چوي ٿو ته اي عاشق جنهن رمز ۽ ادا سان بي بي هاجره پنهنجي رب کي راضي ڪيو هو. تون به ائين ڪر ته تنهنجو پرين تو سان پرچي پوندو. توکي پنهنجي مراد جو گوهر ملي ويندو. بي بي هاجره ۽ سندس معصوم پٽ اسماعيل عليھ السلام کي جڏهن ان جو مڙس حضرت ابراهيم عليھ السلام مختصر توشي سان رب جي حڪم موجب رب جي گهر اڳيان ڇڏي ويو هو. چند ڏينهن ۾ اهو کاڌو پيتو ختم ٿي ويو. ماءُ جي ٿَڃ سڪي ويئي. ٻچڙو معصوم بنا ٿڃ جي دانهون ڪرڻ لڳو. بک اُڃ، اڪيلي عورت، جهنگ ۾ مجبور ٿي پاڻي جي ڳولا لاءِ ڀر ۾ صفا جبل کان مروه جبل تي چڙهي ڊوڙي ٿي. من ڪو مسافر پاڻي وارو هجي. جنهن کان پاڻي ملي. ٻچڙي کي پياريان. اُڃ جي وگهي منهنجو ٻچڙو مري ٿو. من بچي وڃي. وري جڏهن ٻنهي جبلن جي لاهي ۾ آئي ٿي ته ويتر تيز ڊوڙي سامهين جبل تي چڙهي ٿي ته متان ڪو بگهڙ منهنجي ٻچڙي کي کڻي نه وڃي. اهڙي طرح هن بيوسي، مجبوري ۾ ست چڪر ڪڍيا، ڪٿان به پاڻي جو ڪو انتظام نه ٿيو. نيٺ نااميد ٿي آخري چڪر ۾ ٿڪي ماندي ٿي پهاڙي تي چڙهي ٻچي ڏانهن نهار ڪيائين ته سندس پٽ اسماعيل عليھ السلام جي ڀرسان ڪنهن غيبي آواز هڪل ڪري چيو ته هاجره انتظار جون گهڙيون ختم، هيڏانهن اچ پاڻي موجود آهي. بي بي صاحبه انهي آواز کي مخاطب ٿي چيو ته اي پاڻي وارا تون ڪهڙي طرف بيٺو آهين؟ سامهون ڇو نٿو اچين؟ آئون توکي نٿي ڏسان. پر کيس ڪا ورندي نه ملي بي بي صاحبه معصوم پٽ کي پوين پساهن ۾ جو ڇڏي ويئي هئي. سو هڪدم ان جي سار لهڻ لاءِ ڊوڙي. جيئن اچي ڏسي ته معصوم ٻچڙي جنهن اُڃ جي وگهي موت ۽ زندگي جي ڪشمڪش جي ڪري پٿر تي ڦٿڪندي کڙيون رڳڙيون آهن. انهي پٿر مان پاڻي ڦٽي نڪتو آهي ۽ وهي رهيو آهي بي بي صاحبه ان وهندڙ پاڻي جي آڏو پنهنجي ڪمزور هٿن سان بند ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي پر پاڻي وڌندو ويو. تنهن تي بي بي صاحبه پاڻي کي چيو ته زم زم يعني بيهه رهو. بيهه رهو. خدا جي حڪم سان پاڻي اتي ئي بيهه رهيو. بي بي هاجره پهرين پنهنجي معصوم جگر جي ٽُڪڙي اسماعيل عليھ السلام کي اهو پاڪ پاڻي پياريو ۽ پوءِ پاڻ پيتو.

    ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ري،
    تنهين جي وِرهون، سڄڻ آيو ماڳ ري.
    پاڻي ۾ الله پاڪ اهڙي خاصيت رکي ڇڏي جو ان جي پيئڻ سان اُڃ بک ٻئي ختم ٿي ويا. اهڙو ڍو ٿي ويو ٿي جو ڄڻ طعام ۽ فروٽ کاڌا هجن. اڄ ساڍا ست هزار سال گذري چڪا آهن. اهو پاڻي جاري آهي. دنيا پيئي ٿي، هاري ٿي. تبرڪ طور کڻي ٿي. مگر پاني روز بروز تيزي سان جاري آهي. بي بي صاحبه جي اها ڊوڙ واري ادا، اها عاجزي ۽ بي وسي رب پاڪ کي اهڙي ته وڻي ويئي جو ان ڏينهن کان قيامت تائين بيت الله جي مالڪ هر ايندڙ حاجي چاهي اهو نبي هجي، صحابي هجي، ولي قطب هجي ان تي فرض آهي ته منهنجي صالحه ۽ صابره بندي جي سنت ادا ڪريو. پوءِ مون کان جيڪي گهرڻو هجي اهو گهرو.
    حاجي سڳورو مٿو پٺا پير اگهاڙا، نه خميص نه شلوار نه بوٽ نه زيب نه زينت. ڪنهن مهل هيڏانهن ڪنهن مهل هوڏانهن، حيران، سرگردان ڊوڙي رهيو آهي. حاجي سڳورو اها سنت به فرض طور ادا ڪري. مالڪ کي راضي ٿيڻ لاءِ التجاء ڪري ٿو. ته صالحه، صابره جي ڊوڙڻ جي مهابي تون راضي ٿي ۽ پرچ. وري ٻاڏائي ٿو. اتي ڪو دنيادار غافل ڏسي ٿو ۽ چوي ٿو ته هو چريو ڏسو ڪهڙي نه ڪيفيت ۾ چرين وانگر خوامخواه ڊوڙي رهيو آهي ۽ روئي رهيو آهي. هي عاشق ”حاجي“ زبان حال سان چوي ٿو ته اي غافل تون دعا خير ڪر ته الله پاڪ مون کي اهڙي چريائي اڃان گهڻي ڏي.
    غالب: انکار کی سی لذت اقرار میں کہاں ہے،
    بڑہتا ہے شوق غالب انکی نہیں نہیں سے۔
    اسلام ۾ ته انهي ڊوڙڻ جي ايتري اهميت آهي جو جيڪڏهن حج ۽ عمري جي ادا ڪرڻ وقت ڪو ماڻهو صفا ۽ مروه جي وچ ۾ سعي ڊوڙڻ وارو عمل نه ڪندو ته ان جو نه حج ادا ٿيندو نڪي عمرو.
    انهي طلب تڙپ ۽ چريائي جو نتيجو اهو آهي جو يار جي منائڻ خاطر صبح جو مڪي ۾ رات جو منيٰ ۾ وري عرفات جي جهنگ ۾ ڪنهن مهل مزدلفي ۾ صبح جو منيٰ ۾ ٻنپهرن جو مڪي ۾ شام جو وري منيٰ ۾. اها ئي وائي وات آئون حاضر آهيان. تون ڪٿي آهين؟ ڪيئن راضي ٿيندي؟ ڪنهن سان راضي آهين؟ ڪنهن ۾ راضي آهين؟ آئون ڪجهه به ناهيان سڀ ڪجهه تون ئي آهين آئون تنهنجي در تي حاضر آهيان.
    جهڙي ريت دنيا داري ۾ ڪو شخص ڪنهن کان ناراض ٿي ويندو آهي ۽ انهي جي خوشي غمي ۾ شريڪ نه ٿيندو آهي ته پوءِ هو ماڻهو راڄ جا چار چڱا برادر جا ماڻهو ۽ ست نياڻيون وٺي ميڙمنٿ جو قافلو وٺي وڃي پنهنجو قصور معاف ڪرائيندو آهي پوءِ تڏي آيل ڪهڙو به قصور وار هوندو آهي، ماڻهو معاف ڪري ڇڏيندو آهي.
    اهڙي ريت عرفات جي ميدان ۾ صاحب ازل و ابد پنهنجي جلال ۾ هوندو آهي ۽ حاجي صاحب پنهنجا ڏوهن جا ڏونگر ڪلهن تي کڻي بني نوع انسان عورتون ۽ مرد گڏجي صبح کان سج لٿي تائين ميڙ منٿ قافلو ليلائي، ٻاڏائي گيسيون ڪڍي. قصورن جا اقرار ڪري معافيون وٺن ٿا. اي راڻا راضي ٿي. آئون ننهن کان چوٽي تائين گناهن ۾ چڪنا چور آهيان. مون تي ستاري ڪر، منهنجا عيب ڍڪ ۽ مون کي معاف ڪر. تون نه بخشيندين ته ٻيو ڪير بخشيندو، بخش بخشڻهار.
    * ستر ڪر ستار آئون اگهاڙي آهيان،
    ڍڪين ڍڪڻهار ڏيئي پانڌ پناهه جو.

    * پائي پانڌ ڳچي ۾ اڱڻ جي اچن،
    اوگڻ عيب ڪچايون ڍڪڻ ٿي ڍڪجن،
    توڻي لکين هجن ته به، معافيون ڏجين مينڌرا.

    * چڱن ساڻ چڱايون ائين سڀ ڪو هوءِ،
    تو جيئن ڪري نه ڪوءِ بُرن ساڻ ڀلايون.
    انهيءَ کانپوءِ ساڳي صورت. ساڳي ڪيفيت منيٰ ۾ پٿرن کي پيو پٿريون هڻي اِها چريائي ۽ وحشت جي حد انتها آهي. عاشق صادق جي چريائي جڏهن حد کان وڌي وڃي ٿي ته هو هر ان شخص کي پٿر هڻندو آهي. جنهن کي هو پنهنجي ڪم ۾ مُخل سمجهندو آهي. مِنيٰ ۾ جمرات کي پٿريون هڻڻ. اهو پڻ انهي ديوانگي جو ڪم آهي. ور نه، ڇا پٿرن کي پٿريون هڻڻ به ڪا دانائي آهي؟ ۽ سڀ کان آخر ۾ قرباني ”رت وهائڻ“ جيڪا حقيقت ۾ پنهنجي جان جي قرباني آهي. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته الله پاڪ پنهجي انتهائي رحمت ۽ شفقت سان ان کي جانور جي قرباني سان بدلائي ڇڏيو ۽ قبول ڪيو. اهو ئي عشق جي انتها ۽ آخري حال آهي.
    هي مختصر اشارا جيڪي فلسفي عشق سان تعلق رکن ٿا. جنهن جي دل ۾ ڪجهه رتي ڀر چوٽ لڳل هوندي ۽ انهي چريائي سان واسطو پيو هوندو. اهو انهن اشارن کي معلوم ڪرڻ بعد اتي پهچي ڏسندو ته ان پرين جي پار جي پنڌ جو هر جزو ان مظهر کي پنهنجي اندر ڪهڙي طرح سمايل آهي. تفصيل لاءِ دفتر به ڪافي ناهن. ۽ جذبات وري ڪاغذ تي ايندا به ناهن. جنهن ڳڙ کاڌو ئي نه هوندو ته ان کي ڪهڙي خبر ته ڳڙ ڇا آهي؟ ان ۾ ڪيتري لذت آهي. ڪيترو گرم آهي، ڪيترو سرد آهي؟ ڪيترو مٺو آهي ڪيترو کارو آهي.
    درد دل دور سے ہم تم کو سنائیں کیونکر؟
    ڈاک میں بھیج دیں آہوں کی صدائیں کیونکر،
    کاغذ تمام کلک تمام اور ہم تمام،
    پر داستانِ شوق ابھی نا تمام۔


    جمرات ۽ قرباني ڇا آهي ۽ ڇو آهن؟

    حضرت اسماعيل عليھ السلام جڏهن نون سالن جو ٿيو ته حضرت ابراهيم عليھ السلام هڪ خواب ڏٺو نبين جا خواب به سچا هوندا آهن ته آئون الله جي حڪم سان پنهنجي پٽ اسماعيل عليھ السلام کي ڪُهي رهيو آهيان. اهو خواب حضرت ابراهيم مسلسل ٽي راتيون لاڳيتو ڏٺو. حضرت ابراهيم عليھ السلام ٻه ڀيرا حضرت اسماعيل جي عيوضي ۾ سو سو اُٺ ڪُهي قرباني ڪئي. مگر ٽي ڏينهن جڏهن اهو ساڳيو خواب ڏٺو ته حضرت ابراهيم عليھ السلام پنهنجي پٽ اسماعيل عليھ السلام سان مشورو ڪيو ته پٽ آئون خواب ۾ ڏسان ٿو ته آئون الله پاڪ جي حڪم اسان توکي ڪُهي رهيو آهيان. ڀلا تنهنجو ڇا رايو آهي؟
    حضرت اسماعيل عليھ السلام آخر نبي جو پُٽ هو. جنهن کي به نبي ٿيڻو هو. جواب ڏنائين ته بابا سائين توهان کي جيڪو الله جو حڪم ٿيل آهي اهو پورو ڪريو. انشاء الله تعاليٰ توهان مون کي صابرين مان ڏسندا. جيڪڏهن رب پاڪ جو حڪم ائين آهي ته مون کي منظور آهي. پوءِ دير نه ڪر.
    حضرت ابراهيم عليھ السلام پنهنجي پُٽ اسماعيل عليھ السلام کي قربان ڪرڻ لاءِ تياري ڪري مڪي پاڪ کان ٻاهر نڪري منيٰ جي طرف روانا ٿيا. پٺيان ابليس لعين بي بي هاجره کي هڪ بزرگ جي صورت ۾ ظاهر ٿي چيو ته ابراهيم تنهنجي سڪيلڌي پٽ کي ڪهڻ لاءِ وٺي وڃي رهيو آهي. خبردار ان کي بچارا.
    بي بي صاحبه فرمايو ته اي بزرگ، پيءُ ڪڏهن پنهنجي پٽ کي ڪهي سگهي ٿو؟ هرگز نه شيطان چيو ته ان کي الله جو حڪم ائين ٿيل آهي. هو پنهنجي پٽ کي ڪُهندو. بي بي صاحبه وراڻيو ته جيڪڏهن الله جو حڪم ٿيل آهي ته پوءِ آمَنَا سلَمنا پوءِ ان کي ڪير روڪي سگهي ٿو؟
    هاڻ شيطان اُتان نااميد ٿي. حضرت اسماعيل عليھ السلام ۽ حضرت ابراهيم عليھ السلام جي پٺيان لڳو. تان جو هينئر جتي جمرات ”پٿر جا پيلر“ آهن. اتي وڃي رسيو. ساڳي بزرگي واري صورت، حضرت ابراهيم عليھ السلام کي چيائين اي ابراهيم تون به ڪو عجيب قسم جو ماڻهو آهين. جو خوابن تي لڳي پنهنجي زندگي جي سهاري چنڊ جهڙي سڪيلڌي پٽ کي ڪُهين ٿو؟ منهنجي ڳالهه مڃ. مهرباني ڪري هن معصوم کي نه ڪُهه. حضرت ابراهيم عليھ السلام سمجهي ويو هي ته ڪو شيطان آهي. بزرگ ڪونهي. جو مون کي الله جي حڪم کان ڀُلائي ٿو.
    حضرت ابراهيمعه انهي پهرين پيلر وٽ ست پٿر ان جي طرف اڇلائي هنياء ڀڄائڻ جي ڪوشس ڪئي. هاڻ شيطان هڪ ٻيو داءُ هليو. ان حضرت اسماعيل عليھ السلام کي چيو ته تنهنجو پيءَ توکي ڪهڻ لاءِ وٺي وڃي ٿو. هوشيار ٿي. منهنجي ڳالهه مَڃ ڀڄي وڃ. حضرت اسماعيل به اهو ساڳيو جواب ڏنو ته ڇا ڪو پيءُ پنهنجي پٽ کي ڪهي سگهي ٿو؟ تون ته ڪو شيطان آهين. ائين چئي ان شيطان جي طرف ست پٿر اڇلائي هنيان. ۽ شيطان هٽي ويو. وري ٻيو ڀيرو به حضرت اسماعيل کي وسوسو وجهڻ لڳو ته اي ڇوڪرا تون ڀڄي وڃ. تنهنجو پيءُ توکي ڪهندو. حضرت اسماعيل عليھ السلام وري به ان کي چيو ته ڪو به پيءُ پنهنجي پٽ کي نٿو ڪُهي سگهي. شيطان چيو ته هن کي الله جو حڪم ائين ٿيل آهي. حضرت اسماعيل عليھ السلام وراڻيو ته جيڪڏهن الله جو حڪم آهي ته پوءِ آئون ڪير ٿيندو آهيان جو ان جي حڪم کي موٽايان هن جو هر حڪم بالرئس والعين قبول آهي. ائين چئي ان ڏانهن پٿر اڇلائي هنيا ۽ شيطان ڀڄي ويو.
    انهي کان پوءِ اهو حڪم الاهي ٿيو ته هر حاجي جڏهن هنن جاين تي پهچن ته مٿن فرض آهي ته انهن جاين تي ست ست پٿريون. ٽي ڏينهن هڻي. حضرت ابراهيمعه خليل ۽ اسماعيل ذبيح جي ياد تازه ڪن. سعودي سرڪار انهي ٽنهي جاين تي پٿر جا پيلر ٺهرائي ڇڏيا آهن. جن جا نالا، جمره اوليٰ، جمره وسطيٰ ۽ جمره عقبيٰ آهن.
    حضرت ابراهيم عليھ السلام حضرت اسماعيل عليھ السلام کي وٺي، جتي موجوده منيٰ ريلوي اسٽيشن آهي ان جي پٺيان ڏکڻ طرف تقريباً هڪ سو پنجاهه فوٽ پري هڪ ٽڪري تي جتي اڄ به محراب نما سفيد پيلر ”ڏيوري“ يادگار طور ٺهيو پيو آهي ۽ هڪ هلڪو پيچرو اوڏانهن وڃي ٿو. اتي سمهاري ذبح ڪرڻ وارو هو ته فرمان بردار پٽ پيءَ کي چيو ته بابا سائين پهريائين منهنجون ٽي ڳالهيون ٻڌي وٺ هنن ٽن ڳالهين تي ضرور عمل ڪج.
    1. هڪ منهنجا ٻئي هٿ پير ٻڌ، متان نه منهنجي ڦٿڪڻ جي ڪري تنهنجا ڪپڙا خراب ٿين، 2. ٻيو ته مون کي اونڌي منهن ڀر لٽائج ۽ تون پنهنجين اکين تي پٽي ٻڌج. متان منهنجو چهرو ڏسي، تنهنجي شفقت پدري جوش ۾ اچي پلٽو کائي ۽ تون متان نه حڪم الاهي جي پوري ڪرڻ ۾ هٽي وڃين ۽ آزمائشي امتحان ۾ ناپاس ٿي پوين ۽ تنهنجو نالو نبين جي فهرست مان نڪري وڃي، 3. ٽيون ته منهنجو هي پهراڻ لاهي منهنجي امڙ هاجره کي ڏج ته هو زندگي جا باقي ڏينهن انهي آسيس تي پورا ڪري. حضرت ابراهيم اهي ٽئي شرط قبول ڪيا ۽ پورا ڪيا. حضرت اسماعيل چيو بابا پوءِ هاڻ دير نه ڪر. حضرت ابراهيم عليھ السلام پنهنجون اکيون ٻڌي ڪاتي کڻي. بسم الله الله اڪبر چوڻ وارو هو ته الله پاڪ جبرئيل عليھ السلام کي حڪم ڪيو ته، جبرئيل جلد ڪر دير نه ڪر، منهنجو خليل پنهنجي خواب کي سچو ڪري امتحان ۾ پاس ٿي ويو آهي. پنهنجي پٽ اسماعيل کي ڪهي رهيو آهي. وڃ بهشت مان دُنبو کڻي اسماعيل جي جاءِ تي رک ۽ اسماعيل کي اتان سلامتي سان ڪڍي ڇڏ. حضرت جبرئيل جي سامهون ساري ڪائنات ائين آهي. جيئن هٿ جي تري تي تِر جو داڻو. حضرت جبرئيل عليھ السلام حڪم رباني جي بجا آوري ڪندي هٿ وڌائي بهشت مان دُنبو ڪڍي. حضرت اسماعيل عليھ السلام جي جاءِ تي رکيو ۽ حضرت اسماعيلعه کي ڪڍي ڇڏيو. دُنبو ڪُسجي ويو ۽ اسماعيل بچي ويو.
    حضرت ابراهيم عليھ السلام اکيون کولي ڏسي ته اسماعيل زنده بيٺو آهي ۽ دُنبو ڪُٺو پيو آهي، انهي ڏينهن کان حضرت ابراهيم خليل ٿيو ۽ اسماعيل ذبيح ٿيو. سندن سچائي الله پاڪ کي ايڏي ته پسند آئي جو قيامت تائين اُمت محمّديه تي پُٽ جي بدلي جانور جي قرباني لازم ڪئي ويئي آهي. جو سندن ڏاڏن ابراهيم عليھ السلام ۽ اسماعيل عليھ السلام جي ياد اهي.


    عالمي منشور خطبو حجت الوداع

    حضرت نبي ڪريمﷺ جن جي ڄمار مبارڪ ٻاهٺ سال اٺ مهينا سترهن ڏينهن ٿي ته پاڻ ڀلارن حج جو ارادو فرمايو. جيڪو پاڻ ڀلارن جو پهريون ۽ آخري حج هو. نو ذوالحج جو وادي نمره عرفات جي ميدان ۾ جبل رحمت جي هنج ۾ سج لاڙو ٿيڻ بعد پنهنجي ڏاچيء قصويٰ تي سوار ٿي. حاضرين صحابه ڪرام سوا لک جي قريب جي سامهون هڪ عظيم عالمي منشور تي خطبو ارشاد فرمايائون. هر طرف مڪبر بيٺل هئا. جيڪي هر هر جملي کي دهرائي رهيا هئا. اهڙي تدبير سان ساري مجمع جي ڪنن تائين اهي الفاظ ۽ آواز پهچي رهيو هو.
    حضورﷺ يقيني طور سمجهي ورتو هو ته هي منهنجي ملاقات ۽ هي منهنجو خطبو آخري آهي. انهي ڪري ان خطبي جو نالو ئي خطبھ حجھ الوداع رکيو ويو. هي خطبو ان وقت کان وٺي رهندي دنيا تائين هڪ انٽرنيشنل منشور هو ۽ آهي ۽ رهندو.
    آنحضرتﷺ جن فرمايو: تمام تعريفون صرف هڪ الله پاڪ لاءِ آهن جيڪو هن ڪائنات جو خالق ۽ مالڪ آهي. انهي جي واکاڻ ڪريون ٿا ۽ انهي کان ئي مدد گهرون ٿا ۽ انهي جي ئي عبادت ڪريون ٿا. انهي کان ئي پنهنجي گناهن جي بخشش گهرون ٿا. هر برائي جي انهي کان ئي پناهه گهرون ٿا. الله جنهن کي چاهي ان کي هدايت ڏي ۽ جنهن کي چاهي ان کي گمراهه ڪري. جنهن کي هو هدايت ڏي ان کي ڪو گمراهه ڪرڻ وارو ڪونهي ۽ هو جنهن کي گمراهه ڪرڻ چاهي ان کي ڪو هدايت ڏيڻ وارو ڪونهي. عزت ۽ ذلت جو هو ئي مالڪ آهي. جنهن کي چاهي ان کي عزت ڏي ۽ جنهن کي چاهي ان کي ذليل و خوار ڪري. آئون اعلان ٿو ڪريان ته الله پاڪ کانسواءِ ٻيو ڪو به عبادت جي لائق ناهي هو اڪيلو آهي. ان جو ڪو ثاني شريڪ ناهي. ۽ آئون محمدﷺ ان جو ٻانهو ۽ رسول آهيان. اي مسلمانو منهنجون ڳالهيون ڌيان سان ٻڌو. آئون توهان کي چٽائي ۽ وضاحت سان ٻڌايان ٿو ته، ٿي سگهي ٿو ته آئنده پاڻ هن ميدان ۾ هڪ ٻئي سان ملي سگهون يا نه؟ دنيا جي هر شيءِ مخلوق آهي. اها مخلوق هڪ ڏينهن ختم ٿيڻ واري آهي. بقا صرف هڪ رب جي ذات کي آهي، جيڪو هميشھ کان آهي ۽ هميشھ رهندو.
    1. اي انسانو: اڄ کان پوءِ توهان جو خون توهان جو مال. مالڪ جي اجازت کانسواءِ هڪ ٻئي لاءِ حرام آهي. تان جو توهان پنهنجي رب سان ملاقاتي ٿيو.
    2. جنهن شخص وٽ ڪنهن جي امانت هجي ته اها امانت باسلامت مالڪ تائين پهچايو. ڪنهن سان ڪو وعدو ڪيل هجي ته اهو پورو ڪيو. جو امانت ۽ واعدي جي باري ۾ توهان کان پڇيو ويندو.
    3. دور جاهليت جون سودي رقمون ڪالعدم ڪجن ٿيون. سڀ کان پهريائين آئون پنهنجي چاچي عباس بن عبدالمطلب جي سودي لين دين ڪالعدم قرار ڏيان ٿو.
    4. دور جاهليت جي تمام خونن جا مطالبات، قصاص ڪالعدم ڪجن ٿا ۽ سڀ کان اول آئون عامر بن ربيع بن حارث بن عبدالمطلب جي خون جو مطالبو ختم ڪريان ٿو.

    5. دور جاهليت جا تمام اعزازات ۽ عهدا ختم ڪجن ٿا. مگر ڪعبھ الله جي سار سنڀال ۽ حاجين کي پاڻي پيارڻ وارا ٻه عهدا بحال رکجن ٿا.
    6. قتل عَھَد جو قصاص ورتو ويندو ۽ شبھ قتل عمد جيڪو لٺ ڪهاڙي پٿر سان واقع ٿيو هجي ان جي ديت هڪ سو اٺ آهي. ان کان مٿي جائز ناهي.
    7. سال ۾ ٻارهن مهينا آهن. انهن ۾ چار ميهنا حرمت جا آهن. يعني انهن ۾ جنگ و فساد قطعي حرام آهي. اهي هي آهن. رجب، ذوالقعد، ذوالحج ۽ محرم انهن مهينن ۾ گهٽا وڌي ناجائز ۽ حرام آهي.
    8. اي! انسانو! ياد رکو توهان مان هر شخص ڌنار آهي. قيامت جي ڏينهن ان کان پنهنجي پنهنجي ڌڻ ”ماتحت“ جي پڇا ڪئي ويندي.
    9. اي مسلمانو! توهان مردن تي پنهنجي عورتن جا حق آهن. ۽ عورتن تي مردن جا حق آهن. عورتن تي لازم آهي ته هو پنهنجي عصمت جي حفاظت ڪن، مردن جي عدم موجودگي ۾ پنهنجو پاڻ کي ڪنهن به غيرمرد جي ويجهو اچڻ نه ڏين. مرد جي اجازت کانسواءِ عورت کي مرد جو گهر ڇڏڻو ناهي يقيناً عورت توهان جي زير اثر آهي ”اَلرِّجَالُ قَوّٰمُوْنَ عَلَي النِّسَاۗءِ“ فرمان الاهي ظاهر آهي. اهي عورتون پنهنجي پاڻ لاءِ ڪجهه به نٿيون ڪري سگهن. توهان انهن کي الله جي امانت طور پنهنجي رفاقت ۾ آندو آهي. انهن جي جسمن کي الله جي پاڪ قانون تحت تصرف ۾ ورتو آهي. انهي ڪري عورتن جي باري ۾ خدا کان ڊڄو ۽ سهڻي نموني سان انهن جي تربيت ڪريو ۽ انهن جو خيال رکو.
    10. ٽن ڪمن ۾ دير نه ڪجو هڪ ته ڪنهن جي گهر م ميت ٿي پوي ته ان جي ڪفن دفن ۾ دير نه ڪجو، ٻيو مزدور جو پگهر نه سڪي ته ان جي مزدوري ادا ڪرڻ ۾ دير نه ڪجو. ٽيون ڪنهن جي گهر ۾ ٻار نڪاح جي لائق ٿي وڃي ته ان جي اٿارڻ ۾ دير نه ڪجو. اگر هنن ٽن ڪمن ۾ توهان دير ڪئي ته پنهنجي بي عزتي ۽ بي برڪتي لاءِ هر وقت تيار رهجو.
    11. مون کان پوءِ هي ڀائيچاري جو طريقو قائم رکجو. متان نه ڪافرن جي طريقن کي اپنائي، هڪ ٻئي جو گلو ڪٽيو. ائين ڪرڻ سان توهان تباهه و برباد ٿي ويندا.
    12. آئون توهان جي درميان ٻه اهڙيون شيون ڇڏيو ٿو وڃان جو جيسين تائين انهن کي مضبوطي سان پڪڙي رکندا تيسين دنيا و آخرت ۾ سرخرو رهندا انهن مان هڪ قرآن ۽ ٻيو منهنجي سنت ”طريقو“ هنن مان ڪنهن به هڪ کي ڇڏيو ته اوهان جو زوال آهي.
    13. الله پاڪ ميراث مان هر وارث جا حصا مقرر ڪري ڇڏيا آهن ۽ وصيت ٽي حصي مال کان وڌيڪ ڪرڻ جائز ناهي.
    14. ڄميل ٻار ان جو سڏبو جنهن جي نڪاح ۾ ڄائو هجي ۽ بدڪار لاءِ پٿر آهن
    15. اي انسانو! اڄ کان ڪنهن عربي کي ڪنهن عجمي تي ۽ ڪنهن عجمي کي عربي تي، ڪنهن گوري کي ڪاري تي ۽ ڪنهن ڪاري کي ڪنهن گوري تي ڪا به فضيلت ناهي. فضيلت جو معيار صرف هن ڳالهه تي آهي ته توهان مان الله کان وڌيڪ ڪير ڊڄندڙ آهي ۽ ڪير وڌيڪ پرهيزگار آهي ۽ ڪنهن جا اعمال صالح آهن. دولت، حُسن، حسب و نسب فضيلت جو معيار ناهن. توهان سڀ آدم جو اولاد آهيو ۽ آدم عليھ السلام مٽي مان بنايو ويو آهي. الله ئي خالق و مالڪ آهي، جنهن وٽ سڀ انسان برابر آهي.
    16. خبردار! مون کان پوءِ ڪو ٻيو نبي يا پيغمبر نه ايندو ۽ نه ئي توهان کان پوءِ ٻي ڪا امت ٿيندي. منهنجي امت جي هر فرد تي اهو نبين وارو ڪم دعوت و تبليغ واجب آهي. اوهان کي کپي ته جيڪي حاضرين آهن اهي غائبين تائين اهو پيغام الاهي پهچائين. جنهن کي به منهنجي شريعت جو هڪ مسئلو اچي ٿو ته اهو ٻين تائين پهچائي.
    17 توهان زمين وارن تي رحم ڪريو. آسمان وارو توهان تي رحم ڪندو اقتصادي طور هميشھ پاڻ کان گهٽ حيثيت واري جي طرف نظر ڪريو. مٿي نه نهاريو هميشھ ۽ هر حال ۾ الله جي نعمتن جو شڪريو ادا ڪندا رهجو.
    18. اي مسلمانو! منهنجين ڳالهين کي ڌيان سان ٻڌو. پنهنجي رب جي عبادت ۾ لڳا رهو. پنج وقت نماز وقت جي پابندي سان قائم ڪريو. قيامت جي ڏينهن سڀ کان پهريائين نماز جي پڇا ٿيندي. رمضان جا روزا رکو. پنهنجي مال جي زڪوات دل جي سچائي سان ادا ڪريو. الله جي گهر جو حج ڪندا رهجو.
    19. اي مسلمانو! حقوق الله سان گڏ حقوق العباد جو خاص خيال رکجو. الله پاڪ پنهنجا حق. سواءِ شرڪ و ڪفر جي سڀ معاف ڪري سگهي ٿو. مگر حقوق العباد هرگز معاف نٿو ڪري. جيسين ڪه بندو معاف نه ڪري.
    روزا ۽ نمازون اي پڻ چڱو ڪم،
    هو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرين کي.
    20. خبردار! اي انسانو پنهنجي پٺيان گهڻا فريادي نه ڇڏي اچجو. جو توهان قيامت جي ڏينهن گهڻيون ئي نيڪيون کڻي اچو. مگر گهڻن فريادين جي ڪري انهن ۾ ورهائجي وڃن ۽ تون هٿين خالي رهجي وڃين. اٽلندو فريادين جا گناهه تنهنجي کاتي وڌا وڃن.
    21. خبردار! توهان کان پهريائين اهڙا ماڻهو گذريا آهن. جن نبين ۽ نيڪوڪارن جي قبرن کي سجده گاهه بنائي ورتو هو. توهان ائين نه ڪجو. منهنجي قبر کي مون کان پوءِ سجده گاهه نه بنائجو. انهن ماڻهن تي خدا جو قهر ۽ غضب نازل ٿئي. جيڪي نبين جي قبرن کي سجده گاهه بنائين. آئون اوهان کي انهي کان منع ٿو ڪريان. ڏسو مون ڳالهه پهچائي ڇڏي آهي. اي الله تون گواهه رهجان. گواهه رهجان.
    يٰٓاَيُّهَا النَّاسُ! اي انسانو منهنجين ڳالهين کي غور سان ٻڌو. اي الله تون خود به گواهه هج ته مون تنهنجو دين حق پهچايو. هي خطبو انٽرنيشنل منشور هجڻ جي لحاظ سان جيڪي ڪجهه محسن انسانيت پيش ڪيو. انساني دماغ هن کان وڌيڪ ڪجهه به سوچي نٿو سگهي بلڪ ڪو ٻيو نظام تمدن اهو معيار انسانيت، عملاً پيدا ڪري نه سگهيو آهي ۽ نه ڪري سگهندو. جيڪو هن دستور ۾ ڏنو ويو آهي. جڏهن ڪڏهن به ۽ ڪٿي به اسلامي تحريڪ هلندي ۽ نظام حق نافذ ڪيو ويندو ته ان جو بنياد انهي اٽل نظريات و تصديقات تي ئي رکيو ويندو.

    هي خطبو اسلامي دستور جو بنيادي منشور آهي. انهن ڪلماتِ حقيقت افروز کان هٽي ڪري زندگي جو جيڪو به نقشو ٺاهيو ويندو. اهو غير اسلامي ۽ غير فطري نظام هوندو. هي خطبو حجت الوداع وارو هڪ ڪسوٽي ۽ آئيني وانگر آهي جنهن ۾ اسان پنهنجو چهرو به ڏسي سگهون ٿا ۽ جنهن ۾ اسان غير اسلامي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جي حقيقت جو عڪس به ڏسي سگهون ٿا.


    هڪ اڻ وسرندڙ عجيب واقعو

    سال 2004ع ۾ آئون حج جي نيت سان ڀلي پار ويو هوس. مسجد الحرام ۾ خانه ڪعبي تي پهرين نظر پوڻ شرط، الله وارن جي چوڻ موجب مون هڪ ساهي ۾ هي دعا گهري هئي ته ”اي رب هن گهر جا مالڪ. هن مبارڪ سفر ۾ آئون جيڪا به دعا گهران. اها منهنجي دعا پنهنجي فضل و ڪرم سان قبول ڪجان آمين. پوءِ مون انهي سفر مبارڪ ۾ جيڪي به دعائون گهريون. اهي هن جي فضل سان مون ڏٺو ته سو سيڪڙو قبول پيون. هاڻ جيڪو هي واقعو آئون لکي رهيو آهيان. اهو هڪ اڻ وسرندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ واقعو آهي. جيڪو ان وقت کان پوءِ هر وقت منهنجي سامهون رهي ٿو. اهو واقعو انهي دعا جو نتيجو آهي.
    عرفات واري ڏينهن جڏهن اسان جو قافلو بسن ذريعي عرفات جي ميدان پهتو هو ته مسجد نمره کان تقريباً ٻه ڪلوميٽر پري اسان جو تنبو لڳل هو. مون خيال ڪيم ۽ سنگت کي چيم ته پاڻ هلون جو مسجد نمره کي ويجهو هلي ويهون جتي پاڻ امام جو خطبھ حج ٻڌون ۽ امام صاحب کي سڌو سنئون ڏسون به سهي. مگر ڪو به ساٿي اوڏانهن هلڻ لاءِ تيار نه ٿيو. مون چيو ته اوهان هلو يا نه هلو. آئون ته ضرور ويندس. پوءِ آئون اڪيلو احرام سان پنهنجي تنبو مان نڪري مسجد نمره ڏانهن روانو ٿيس. گرمي ڏاڍي هجي. ڇهه ذوالحج جو اسان عمرو ڪيو هوسون. انهي ڪري مٿو به تازو ڪوڙايل هو. آئون هلندي هلندي وچ پنڌ تي پهتس ته اُڃ ڏاڍو تنگ ڪيو. گس ۾ عربن، شيخن ۽ ڪيئن مخير حضرات جا وڏا وڏا ٽرالر کاڌي پيتي جون شيون خدا ڪارڻ تقسيم ڪري رهيا هئا. مون به پنجن ستن ٽرالرن آڏو بيهه سوال جو هٿ ٽنگيو ته ٻين کي ڏيئي رهيا آهيو ته مون کي به هڪ بوتل ڏيو. مگر بدوي، شيدي بنگالي، سنڌي، هندي، پاڪستاني ڪيئن خلقِ خدا سوالي هئي. جو مون کي پري اڇلايو ڇڏين. قدرت سان اُڃ به ڏاڍو تنگ ڪيو هو. نيٺ نااميد ٿي پنڌ پيس پر اُڃ جي ڪري پنڌ ٿئي نه پيو. بيٺل نِمن جي هيٺان بيهندو ويس پئي. ڏسان ته هڪ وڏو ٽالر وڏيون بوتلون جوس جون ورهائي رهيو هو.


    ڪاميابي ۽ منزل مراد نااميدي جي پرڇائن ۾ هوندي آهي

    ڪنهن مهل نااميدي جي عالم ۾ ان ٽرالر جي مٿان بيٺل ماڻهو جيڪو بوتلون ڏيئي رهيو هو. مون ان ڏانهن نهاريو. ان جون اکيون منهنجي اکين سان ملي ويون. دل ۾ هو ته الله ڪري اهو ماڻهو مون کي هڪ بوتل جوس ڏي ته ڏاڍو سٺو جو اُڃ جي باه وسايان، ايتري ۾ هن هڪ وڏي بوتل مٿان کان منهنجي طرف اڇلائي ۽ مون ڪانگ وانگر جهپي ورتم ”سبحان الله رب تنهنجو شڪر چئي“ اتي جو اتي ڍڪ کولي اڌ بوتل پي ورتم. هاڻ ڏاڍو خوش، اچي مسجد نمره جي ڀت کي ويجهو پهتس. ڀت سان متصل پڪي روڊ تي دنيا هئي. خلق جو پرو نڪو پاند. هر ڪنهن ماڻهو وٽ ڇٽي ۽ نائلون رٻڙي جو مصلو ”نک“ هئي. مون وٽ احرام هٿ پير ۽ چپل کان سواءِ ٻيو الله، الله ڇو ته هلڪاڻ جي ڪري سامان ۽ پيسه آئون مڪي ۾ رهائشگاه تي ڇڏيو آيو هوس نه پيسو نه پائي نه مصلو نه ڇٽي مٿي تپندڙ سج هيٺ سيمنٽ جو پڪو فرش ” نه پاءِ رفتن نه جاءِ ماندن“ هاڻ نه ويهڻ نه ڀڄڻ. سج پيو چوي ته اڄ تپان، فرش پيو چوي ته اڄ جَلان ان ٻن باهن جي وچ ۾ آئون گنهگار انسان.
    اتي مون رب کي سوال ڪيو ته مولا سائين ڏاڍي تپش آهي. مون ۾ برداشت ناهي. قيامت جو ڏينهن ته تون ٿو ڄاڻين اهو ڪهڙو هوندو پر مون ڪميڻي ۽ ڪمزور کي ڪنهن به نموني هن باهه کان بچاءِ. ”هڪ روايت ۾ اچي ٿو ته قيامت جو ميدان اهو ساڳي ميدانِ عرفات آهي ۽ پڻ ڌڻي پاڪ روزازل ۾ ارواح کان جڏهن ”اَلَسْتُ بِرَبِّكُمْ“ جو واعدو ورتو هو ته اهو ئي ميدان عرفات هو. والله اعلم باالصواب“


    ڏهه ريال جي نوٽ جو ملڻ

    اهو ارحم الراحمين هر جاءِ هر وقت هر ڪنهن جي ٻڌي ٿو. آئون اڀکڙو ويٺل هوس. جان کڻي ڏسان ته منهنجي گوڏي جي ڀر ۾ هڪ ڏهه ريال جو ڪڙڪ نوٽ پيو هجي. دل ۾ خيال آيو ته هي کڻان ۽ هن جو هڪ نائلون وارو مصلو ”نک“ وٺان ۽ وڇائي ويهان. ڀر ۾ اهو مصلن وڪڻڻ وارو ماڻهو پڻ مسجد جي ڀت جي ڀرسان ويٺو هو. وري سوچيم ته عبيدالله عرفات ۾ آيو آهين گناهه معاف ڪرائڻ. اٽلندو ٻيڻان ڏوهه چاڙهين. پر ذهن ۽ ضمير يقين ڏياريو ته انسان ذات هت ڪو ريال ڪيرائي اهو ٿي نٿو سگهي. هي ته ڪم ان هستي ڪيو آهي، جنهن کي تو دل ۾ سوال ڪيو هو. انهي ڏسي ۽ ٻڌي ورتو آهي. ماٺ ڪري کڻ ۽ مصلو وٺ ۽ اطمينان ڪر. بهرحال اهو نوٽ مون کنيو ۽ ڀرواري کان مصلو ورتم. جيڪو پنج ريال ۾ مليو ۽ پنج ريال هن ماڻهو مون کي واپس ڏنا، جيڪي مون گوڏ جي پلئُه ۾ ٻڌي مصلو وڇائي سڪون سان ويٺس ۽ رب جا شڪرانا ڪيا.
    خطبي وارو امام ته ڏسڻ ۾ ڪو نه آيو ڇو ته هو مسجد اندر هو ۽ آئون ٻاهر ميدان تي هوس. باقي لائوڊ اسپيڪر تي خطبي جو آواز ٻڌم. بهرحال هڪ آرزو پوري ٿي، خطبو ختم ٿيو، هر ماڻهو ٽڙپکڙ ٿيڻ لڳو. ڪي ته اتي ئي ويٺا رهيا.
    مون اهو بچيل اڌ بوتل جوس پي. بوتل اڇلائي. پنهنجي تنبو ڏانهن روانو ٿيس. هاڻ پاڪستاني ٽائم مطابق ڏينهن جا اڍائي ٿيا هجن. ڏينهن سارو لنگهڻ ڪاٽيو. هاڻ ته بک به اچي بي حال ڪيو. سو تڪڙو تڪڙو نشانيون نهاريندو تنبو ڏانهن پيو وڃان. رستي ۾ هڪ وڏو ٽرالر ۽ هڪ لينڊ ڪروزر جي ڇانوَ ۾ ٽي عرب سڳورا ويٺا هجن. سندن اڳيان هڪ وڏو پر تمام وڏو ٿالهو، اعليٰ قسم جا چانور رڌل ۽ هڪ سالم ٻڪرو روسٽ، ٿورو کاڌو اٿن گهڻو بچيو پيو هجي. مون انهن ڏانهن نهاريو. مون کي انهن هٿ سان اشارو ڪيائون ته ويهه آئون ته انهي ڳالهه جو گهورو هوس. آئون ويٺس، مون کي چيائون ته ”ڪولو“ کاءُ آئون بسم الله ڪري شروع ٿي ويس. چڱو کاڌو ڍوءِ ڪيم.

    مون چيو ته مون ڍو ڪيم. هاڻ نٿو وڻي. انهن مون کي عربي ۾ چيو لا لا کولو کل الطعام نه نه هي سمورو کاڌو توکي کائڻو آهي. مون نه وڻندي وري کائڻ شروع ڪيو، مگر هاڻ ڪنهن کي وڻي، مون پاڻي جو اشارو ڪيم الماء پاڻي هڪڙو انهن مان لينڊ ڪروزر مان پاڻي کڻڻ لاءِ اٿيو. ٻي ان کي ڪا هدايت ٿي ڪئي ته ٽيون انهن ڏانهن نهارڻ لڳو. مون وقت کي مناسب سمجهي اٿي کڻي ڀڳس. ائين ڀڳس جيئن چور ڀڄندو آهي. مختلف ٽرالرن منجهان گهٽيون بدلائيندو اچي پنهنجي تنبوء پهتس. دوستن سان مليس ۽ ويٺس.


    هڪ فقير جو اچڻ ۽ سوال ڪرڻ

    مون دوستن سان اڃان ڪار گذاري شروع ئي ڪئي هوم ته هڪ فقير احرام ٻڌل سفيد ريش، مٽي ۾ ڀريل، پيٽ پٺي کي لڳل وار کنڊريل، اچي چيو ته السلام عليڪم! اسان سلام جو جواب وعليڪم السلام سان ڏنو سون. اسان جيڪي به اتي پنج ڇهه ڄڻا ويٺل هئاسون. انهن سڀني وٽ نائلون رٻڙي جا مصلا ”نکون“ هئا. مگر هو شخص گوڏو ڀڃي اسان جي سامهون ويٺو. ٽوٽي ڦوٽي اردو ۾ مون کان ئي اهو مصلو گهريائين ته اهو مصلو مون کي ڏي ۽ اسان سڀني جي چهرن ۾ ڏسڻ لڳو. مون هن کي چيو ته هي مصلو آئون توکي ڪو نه ڏيندس هن ٻه ٽي ڀيرا مون کي اصرار ڪيو. مگر مون نه ڏنو ۽ چيم ته مون کان ڇو ٿو گهرين. هنن ٻين کان ڇو نٿو گهرين؟ هن چيو ته نه. مون کي اهو ئي مصلو کپي. ڏين ٿو يا نه؟ مون چيو ڪو نه ڏيندس. هن چيو: اڇا نهين ديتا هي؟ ائين چئي هو اٿيو ۽ اسان جي تنبوءَ مان نڪري روانو ٿيو.
    هن جو تنبوء مان نڪري روانو ٿين. اسان کي اچي ڏڪڻي ۽ روئڻ کنيو. مون ماستر خالد صديقي کي چيو ته اُٿ هُن فقير کي هٿ ڪري پرچائي وٺي آءُ. ماستر خالد صديقي ۽ قمر شاهه اسٽامپ وينڊر اٿيا ۽ هو فقير اڃان ايترو پري ڪو نه ويو هو. ان کي ميڙ منٿ ڪري وٺي آيا. مون اهو مصلو کڻي هن جي اڳيان رکيو. معافي ورتم. هو ايترو ڳالهايو ڪو نه مصلو وٺي روانو ٿي ويو. پوءِ سمجهيو سون ته هي ڪو الله جي طرفان ملائڪ هو. جنهن منهنجو امتحان وٺڻ ٿي گهريو. الله جا شڪر ٿيا جو جلد ئي مون کي احساس ٿيو ۽ اهو مصلو مون هن فقير کي ڏنو. باقي بچيل پنج ريال جيڪي منهنجي گوڏ ۾ ٻڌل هئا. اهي مون ڪنهن فقير کي في سبيل الله ڏيئي ڇڏيا.
    هاڻ پاڪستاني وقت مطابق شام جو پنج ٿيا هجن. وچين نماز ڪنهن پڙهي ڪنهن ڪو نه پڙهي ”حالانڪ مستحب آهي ته وچين ۽ سانجهي واريون نمازون رات جو گڏ مزدلفي ۾ پڙهڻيون آهن.“
    اسان جي تنبوء جي پاسي ۾ ٽي چار ماڻهو گريه و زاري سان دعا گهري رهيا هئا. انهن مان هڪ ماڻهو جيڪو دعا جا الفاظ چئي رهيو هو. دعا کان بعد معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته اهو ماڻهو حاجي عبدالله بٽله امير تبليغ جماعت مڪي مسجد ڪراچي وارو هو.
    آئون انهن سان گڏ ان دعا ۾ شامل ٿي ويس. چند منٽن سيڪنڊن ۾ اهو مجمع تقريباً هزار افراد تي مشتمل ٿي ويو. هڪ ميدان عرفات جي برڪت. جت ڏاڏي آدم عليھ السلام ۽ بي بي هوا جي دعا قبول ٿي هئي. ٻيو شام جو پويون ٽائيم دعا گهرندڙ شخصيت جي تقويٰ ۽ سندس پُرسوز الفاظ ۽ اخلاص جي برڪت سان هر جملو، جملي جو هر لفظ اهڙو ته پُر اثر هو جو هر اک مان ڳوڙهن جو دريا جاري هو ۽ هر شخص جي آهن. دانهن، ڪيهن ۽ ڪوڪن اهڙو ته رنگ لاتو هو جهڙوڪر رحمت خداوندي جوش ۾ آئي هجي ۽ رحمت جو وڏ ڦڙو مينهن وسڻ شروع ٿيو هجي.
    اها دعا 40 45 منٽ جاري رهي. هر ماڻهو پنهنجي ۽ ٻي جي حال کان بي خبر هو مون کي ته ائين لڳو. گوياڪه حاجي عبدالله بٽله الله پاڪ کي هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪري. قدرت جي صاحب جو هٿ وٺي پيرين پئي سڀني کي بخشرائي ڇڏيا هجن. انهي ۾ ڪو به شڪ شبهو ناهي.
    دعا بعد هر حاجي پنهنجي پنهنجي سواري طرف روانو ٿيو. تان جو مغرب جي سج ٽٻي ڏني توپ جو ٺڪاء ٿيو. حجاج عرفات کي الوداع چئي مزد لفي ڏانهن روانو ٿيو.


    اهل ذوق جو حج ڪيئن ٿيندو آهي؟

    حضرت علامھ شبلي رحه جو پنهنجي حاجي مريد جو امتحان
    شيخ المشائخ زماني جي قطب شبلي رحمت الله عليھ جو هڪ مريد حج ڪري آيو شيخ صاحب ان کان ڪجهه سوال ڪيا. مريد فرمائي ٿو ته مون کان شيخ صاحب پڇيو ته تو حج جو ارادو ۽ عزم ڪيو هو؟ ته مون چيو ها! پڪو ارادو ڪيو هوم. فرمايائين ته گڏوگڏ انهن سڀني ارادن کي هڪدم ڇڏڻ جو پڪو پهه ڪيو هئي؟ جيڪي پيدا ٿيڻ کان بعد اڄ تائين حج جي شان جي خلاف ڪيا هئي؟ عرض ڪيم ته اهڙو عهد ته ڪو به نه ڪيو هوم. فرمايائين ته پوءِ تو حج جو عهد ئي ڪو نه ڪيو اٿئي.
    2. پوءِ صاحب فرمايو ته احرام وقت بندن جا ڪپڙا لاٿا هيئي؟ عرض ڪيم ته جي ها بلڪل لاٿا هئا. فرمايائين ته ان وقت تو الله کان سواءِ هر شيءِ کي پاڻ کان جُدا ڪيو هو؟ عرض ڪيم ته ائين ته ناهي ڪيو. فرمايائين ته پوءِ ڪپڙا ڪهڙا لاٿا؟
    3. سوال ڪيائين ته تو وضو ۽ غسل سان پاڪائي حاصل ڪئي هئي؟ عرض ڪيم ته جي ها! بلڪل پاڪ صاف ٿيو هوس. فرمايائين ته ان وقت هر قسم جي گندگي ۽ خطائن کان پاڪائي حاصل ڪئي هئي. عرض ڪيم ته ائين ته نه ڪيو هو. فرمايائين ته پوءِ تو ڪهڙي پاڪائي حاصل ڪئي.
    4. فرمايائين ته تو لبيڪ پڙهي هئي؟ عرض ڪيم ته ها! لبيڪ پڙهي هئم. فرمايائين ته الله تعاليٰ جي طرفان لبيڪ جو جواب مليو هو؟ عرض ڪيم ته مون کي ڪو جواب ته نه مليو هو. فرمايائين ته پوءِ تو لبيڪ ڪهڙي چئي.
    5. پوءِ بزرگ فرمايو ته حرم محترم ۾ حاضر ٿيو هئين؟ عرض ڪيم ته ها داخل ٿيو هوس. فرمايائين ته انهي وقت هر حرام شيءِ کي سدائين لاءِ ڇڏي ڏيڻ جو پڪو پهه ڪيو هئي؟ عرض ڪيم ته مون ائين ته ڪو نه ڪيم. فرمايائين ته پوءِ تون حرم ۾ داخل ئي نه ٿيو آهين.
    6. پوءِ فرمايائين ته مڪي جي زيارت ڪئي هئي؟ مون عرض ڪيو ته ها، زيارت ڪئي هئي. فرمايائين ته اُنهي ٻي جهان جي زيارت نصيب ٿي؟ عرض ڪيم ته انهي ٻي جهان جي ته ڪا به شيءِ نظر نه آئي. فرمايائين ته پوءِ ڪهڙي زيارت ٿي
    7. پوءِ فرمايائين ته مسجد الحرام ۾ داخل ٿيو هُئين؟ عرض ڪيم ته داخل ٿيو هوس فرمايائين ته انهي وقت توکي حق تعاليٰ شانھ جي قرب ۾ داخل ٿيڻ محسوس ٿيو؟ عرض ڪيم ته مون کي ته محسوس نه ٿيو. فرمايائين ته تڏهن ته تون مسجد حرام ۾ داخل نه ٿئين.
    8. فرمايائين ته ڪعبت الله شريف جي زيارت ڪئي؟ عرض ڪيم ته ها. زيارت ڪئي هوم. فرمايائين ته ڇا؟ اها شيءِ نظر آئي. جنهن جي ڪري ڪعبي جو سفر ڪيو وڃي ٿو؟ عرض ڪيم ته مون کي ڪا به شيءِ نظر نه آئي. فرمايائين ته پوءِ تو ڪعبت الله شريف کي ڪو نه ڏٺو آهي.
    9. پوءِ فرمايائين ته طواف ۾ رمل ڪيو هو؟ رمل ڪلها هلائي خاص طريقي سان ڊوڙڻ کي چئبو آهي. عرض ڪيم ته رمل ڪيو هوم. فرمايائين ته انهي ڊُڪڻ ۾ دنيا کان به ائين ڀڳو هئين. جنهن کي تو محسوس ڪيو هجي. ته دنيا کان بلڪل هڪ طرفو ٿي چڪو آهيان؟ عرض ڪيم ته ائين محسوس ته نه ٿيو. فرمايائين ته پوءِ ته تو رمل به ناهي ڪيو.
    10. پوءِ فرمايائين ته حجر اسود تي هٿ رکي ان کي چمي ڏني هئي؟ عرض ڪيم ته ها! ائين ڪيو هوم. پوءِ بزرگ شبليرحه درد ۽ خوف وچان آهه ڀريندي فرمايائين ته تون ناس ٿين. خبر اٿئي ته حجر اسود تي هٿ رکيو هئي. اهو الله تعاليٰ سان مصافحو ڪرڻ آهي ۽ هڪ وچن آهي ۽ جنهن سان الله پاڪ مصافحو ڪري اهو هر طرح سان امن ۾ اچي وڃي ٿو. ڇا تنهنجي مٿان امن جا نشان ظاهر ٿيا؟ عرض ڪيم ته مون تي ته امن جا اثر ۽ نشانيون ظاهر نه ٿيون. فرمايائين ته پوءِ تو حجر اسود تي هٿ ئي نه رکيو.
    11. پوءِ فرمايائين ته مقام ابراهيم تي بيهه ٻه رڪعتون نفل پڙهيا هئا؟ مون عرض ڪيم ته ها پڙهيا هئا. فرمايائين ته ان وقت الله پاڪ جي دربار شاهي ۾ هڪ وڏي مرتبي تي پهتو هئين؟ ڇا انهي مرتبي جو حق ادا ڪئي؟ ۽ جنهن مقصد لاءِ اتي بيٺو هئين اهو پورو ڪئي؟ مون عرض ڪيو ته ڪجهه نه ڪيو. فرمايائين ته توهان مقام ابراهيم تي بيهه نماز پڙهي ئي ڪو نه ۽ اهو مرتبو به حاصل ڪو نه ڪيو.
    12. پوءِ فرمايائين ته صفا ۽ مروه جي وچ ۾ سعي ڪرڻ لاءِ صفا جبل تي چڙهيو هئين؟ عرض ڪيم ته چڙهيو هوس. فرمايائين ته اتي ڇا ڪئي؟ عرض ڪيم ته ست ڀيرا تڪبير چئي ۽ حج جي قبوليت لاءِ دعا گهريم. فرمايائين ته تنهنجي تڪبير سان گڏ فرشتن به تڪبير چئي؟ پنهنجي تڪبير جي حقيقت جو توکي احساس ٿيو؟ عرض ڪيم ته نه فرمايائين ته پوءِ تو تڪبير ئي نه چئي.
    13. پوءِ فرمايائين ته صفا کان هيٺ لٿو هئين؟ مون عرض ڪيو ته لٿو هوس فرمايائين ته ان وقت هر قسم جي مير مٽي ۽ بيماري ظاهري توڙي باطني دور ٿي ۽ تنهنجي اندر ۾ صفائي اچي ويئي هئي؟ عرض ڪيم ته نه فرمايائين ته پوءِ ته نه تون صفا جبل تي چڙهين نه لٿين.
    14. پوءِ فرمايائين ته صفا ۽ مروه جي وچ ۾ ڊوڙيو هئين؟ عرض ڪيم ته دوڙيو هوم. فرمايائين ته ان وقت الله پاڪ کان سواءِ هر شيءِ کان ڀڄي ان ڏانهن پهتو هئين ”فَفَرَرْتُ مِنْكُمْ لَمَّا خِفْتُكُمْ“ اهو گهڻو ڪري هن آيت ڏانهن اشارو آهي. جيڪا سورت الشعراء جي آيت آهي ۽ حضرت موسيٰ عليھ السلام جو قول آهي فرمائي ٿو ته پوءِ جڏهن اوهان کان ڊنم ته وٺي ڀڳس. ٻي هنڌ الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ففرو الي الله پوءِ الله ڏانهن ڀڄندا اچو. عرض ڪيم ته نه فرمايائين ته تون ڊوڙيو ئي ناهين.
    15. پوءِ فرمايائين ته مروه جبل تي چڙهيو هئين؟ عرض ڪيم ته چڙهيو هوس. فرمايائين ته اتي تنهنجي مٿان سڪينو نازل ٿيو ۽ ان مان وڌ ۾ وڌ ڀاڱو حاصل ڪيئي؟ عرض ڪيم ته نه. فرمايائين ته پوءِ تون مروه جبل تي چڙهيو ئي ناهين.
    16. پوءِ فرمايائين ته مِنيٰ ويو هئين؟ عرض ڪيم ته برابر ويو هوس. فرمايائين ته اُتي الله جل جلالھ ۾ اهڙيون اميدون رکيون هيون جيڪي نافرماني جي حال جي ابتڙ هجن؟ عرض ڪيم ته ائين نه ٿي سگهيو. فرمايائين ته پوءِ تون مِنيٰ ويو ئي ناهين.
    17. پوءِ فرمايائين ته مسجد خيف ”جيڪا مِنيٰ ۾ آهي“ ۾ داخل ٿيو هوئين؟ عرض ڪيم ته داخل ٿيو هوس. فرمايائين ته انهي وقت توتي الله پاڪ جو خوف ايترو غالب ٿيو هو. جو ان وقت کان سواءِ ڪڏهن به نه ٿيو هجي؟ عرض ڪيم ته نه. فرمايائين ته پوءِ ته تون مسجد خيف ۾ داخل ئي نه ٿيو آهين.
    18. پوءِ فرمايائين ته عرفات جي ميدان ۾ پهتو هوئين؟ عرض ڪيم ته ها، حاضر ٿيو هوس فرمايائين ته اتي اها حقيقت حاصل ڪئي ته دنيا ۾ ڇو آيو آهين؟ ۽ ڇا ڪري رهيو آهين ۽ هاڻ ڪٿي وڃڻو آهي ۽ انهن حالتن کان واقف ڪرڻ واري شيءِ کي سڃاتئي؟ عرض ڪيم ته نه. فرمايائين ته پوءِ ته تون عرفات به نه ويو آهين.
    19. پوءِ پڇيائين ته مزدلفي ويو هوئين؟ عرض ڪيم ته جي ها ويو هوس. فرمايائين ته اتي الله تعاليٰ جو اهڙو ذڪر ڪيو هوءِ جو ان کان سواءِ دل مان هر شيءِ کي وساري ڇڏيو هجيئي؟ جنهن ڏانهن قران مجيد جي هن آيت ۾ ارشاد آهي ”فَاذْكُرُوا اللّٰهَ عِنْدَ الْمَشْعَرِ الْحَرَامِ“ پوءِ مزدلفي وٽ الله کي ياد ڪريو. عرض ڪيم ته ائين ته نه ٿيو. فرمايائين ته پوءِ ته تون مزدلفي به نه پهتو آهين.
    20. پوءِ فرمايائين ته مِنيٰ وڃي قرباني ڪئي هئي؟ مون عرض ڪيم ته ڪئي هوم. فرمايائين ته انهي وقت پنهنجي نفس کي ذبح ڪيو هيئي؟ مون عرض ڪيو ته نه. فرمايائين ته پوءِ ته تو قرباني به نه ڪئي آهي.
    21. پوءِ فرمايائين ته رمي الجمار ڪئي هئي؟ مون عرض ڪيو ته پٿريون چٽيون هيون فرمايائين ته هر پٿري سان گڏ پنهنجي پراڻي جهالت ۽ سَڌن کي اڇلائي. علم ۾ واڌارو محسوس ڪيو هو؟ عرض ڪيم ته نه. فرمايائين ته پوءِ تو رمي به نه ڪئي آهي.
    22. پوءِ فرمايائين ته طواف زيارت ڪيو هو؟ عرض ڪيم ته ڪيو هوم. فرمايائين ته ان وقت ڪي حقيقتون توتي پڌريون ٿيون هيون ۽ تنهنجي مٿان الله تعاليٰ طرفان انعامن ۽ اڪرامن جي بارش ٿي؟ ڇاڪاڻ ته حضور اڪرمﷺ جن جو پاڪ ارشاد آهي ته حج ۽ عمرو ڪندڙ الله جي زيارت ڪرڻ وارو آهي. ۽ جيڪو ڪنهن جي زيارت لاءِ وڃي. زيارت ڪرائڻ واري جو فرض آهي ته زيارت لاءِ ايندڙ جي عزت ۽ احترام ڪري؟ عرض ڪيم ته مون تي ته ڪجهه به پڌرو نه ٿيو. فرمايائين ته پوءِ تو ته زيارت جو طواف به ناهي ڪيو.

    23. پوءِ فرمايائين ته حلال ٿيو هئين؟ يعني احرام کوليو هو. عرض ڪيم ته کوليو هوم فرمايائين ته سدائين حلال ڪمائي جو پختو ارادو ڪيو هئي؟ عرض ڪيم ته نه. فرمايائين ته تڏهن تون حلال به نه ٿيو آهين.
    24. پوءِ فرمايائين ته طواف وداع ڪيو هُئي؟ عرض ڪيم ته ڪيو هوم. فرمايائين ته انهي وقت پنهنجو پاڻ کي مڪمل نموني الوداع چيئي؟ عرض ڪيم ته نه!! چيائين ته تو وداع جو طواف به نه ڪيو آهي.
    25. پوءِ فرمايائين ته ٻيهر حج تي وڃ ۽ جيئن توکي تفصيل سان ٻڌايو آهي. ائين وڃي حج ڪر.
    هي ڊگهو قصو هن ڪري بيان ڪيو ويو ته جيئن معلوم ٿئي ته اهل ذوق جو حج ڪيئن ٿيندو آهي ۽ حج و عمري جو فلسفو ڇا آهي؟ الله پاڪ پنهنجي ٻاجهه ۽ مهرباني سان اهڙو ذائقو هر مسلمان کي عطا ڪري آمين. بهرحال آئون ٻڌائيندو هلان ته اگرچه اهي ڳالهيون اهل ذوق صاحب بصيرت ۽ مقربين لاءِ آهن. مگر عوام الناس کي کپي ته اهي ڳالهيون پڙهي. سمجهي جيتري قدر ٿي سگهي هنن ڳالهين کي لازمي ذهن ۾ آڻڻيون آهن. الله پاڪ پنهنجي فضل و ڪرم سان ڪجهه نه ڪجهه اسان کي بهره ور ضرور ڪندو. آمين


    عرب دنيا ۾ حجاز مقدس جو محل وقوع

    مڪي جي ٽن طرفن کان عرب ملڪ آهن. ڪويت، قطر، يمن، اردن، بحرين، ابوظهبي، مصر، عراق، شام، فلسطين ترڪي وغيره ۽ مڪو پاڪ انهن جي وچ ۾ آهي ۽ چوٿين طرف عربي سمنڊ آهي. ان جي ڪناري تي جده نالي هڪ جديد طرز تي جديد شهر آهي. جتي بحري بندرگاهه آهي ۽ هو. جتي روزانو سوين بحري جهاز ۽ هزارين واپاري ٻيڙا لنگر انداز ٿين ٿا. انهي کانسواءِ هوائي جهازن جو هڪ وڏو انٽرنيشنل ايئرپورٽ آهي. جيڪو هزارين ايڪڙن تي پکڙيل آهي. جتي دنيا جا هوائي جهاز هر وقت روزانو سوين اڏامن ۽ لهن ٿا جتي باب مڪه جده جي قريب ڏاڏي حوا جي قبر مبارڪ آهي. جده تي اهو نالو به انهي ڏاڏي حوا جي نالي پٺيان پيل آهي. ڇو ته عربي ۾ جده معنيٰ ڏاڏيء.
    اوهان کي معلوم هئڻ کپي ته حجاز مقدس هڪ غيرآباد ۽ ناقابل ڪاشت علائقو آهي. هر هنڌ جبل ئي جبل، هڪ پاسي، ته اڏامندڙ ۽ تپندڙ واري ٻي پاسي آهي. پوکڻ لاءِ نه ته هموار زمين هئي نه وري پاڻي. انهي ڪري خصوصاً مڪي جي رهاڪن جو گذر سفر واپار تي هوندو هو. فطري قانون الاهي آهي ته رب پاڪ اگر هڪ نعمت روڪي ڇڏيندو آهي ته ٻي نعمت ان جي مقابلي ۾ وافر مقدار ۾ ڏيئي ڇڏيندو آهي.
    قريش مڪي واپار جي سانگي سال ۾ ٻه سفر ڪندا هئا. هڪ گرمين ۾ شام ملڪ ڏانهن جيڪو ملڪ آبهواء جي لحاظ سان سرد ملڪ هو. ٻيو سفر سردين ۾ يمن ملڪ ڏانهن ڪندا هئا. جيڪو گرم هوندو هو. قرآن پاڪ ۾ سوره قريش ۾ الله پاڪ اهل مڪي قريش کي واپاري سفرن جا احسان ياد ڏياريندي. انهي ڳالهه ڏانهن واضح اشارو ڪيو آهي ۽ واپاري لاڳاپن ۽ سرگرمين ۾ مڪو شريف ان وقت عروج تي هو. ۽ پڻ مشيت ايزدي به هئي ته مڪو پاڪ مستقبل ۾ مستقل طور هميشه لاءِ عالمِ اسلام لاءِ سجده گاهه. معزز و محترم محور و مرڪز بنائڻو هو. مڪي جا واپاري آفريڪا ۽ ايشياء جي مختلف ملڪن جو سفر ڪندا رهندا هئا. زائد از ضرورت هڪڙو مال کڻي ويندا هئا ۽ ان جي بدلي ۾ ٻيو گهربل مال آڻيندا هئا. عرب ملڪن توڙي مشرقي، مغربي ۽ شمالي ملڪن کان اچڻ وارن واپاري قافلن جو مڪو شريف هڪ چوراهو هو. يعني هڪ پل ۽ لنگهه جي حيثيت رکندو هو. مختلف ملڪن کان جيتري به ٻاهرين تجارت هوندي هئي. ان جو واسطو عرب جا ئي واپاري هوندا هئا. عمان، يمن، صنعاء، جده، ينبوع، مدينو ۽ دومت الجندل جي درميان جيڪا به تجارت ٿيندي هئي ته مڪو ئي انهن لاءِ راهداري ۽ لنگهه هو. هنن شهرن جي واپارين جا رابطا هنڌ، سنڌ، چين، ايران، عراق، مصر، روم ۽ حبش جي تمام علائقن سان هئا. وري به سرزمين عرب ۾ مڪي ۽ مديني جي سر زمين اها حيثيت رکندي هئي جو مذهبي، تجارتي ۽ تمدني حيثيت سان انهن جي قيادت جو سڪو ”رعب“ هلندو هو. مطلب ته ان دور ۾ مڪو شريف واپار ۾ گهڻو اڳتي هو. جنهن جو ثبوت هن ڳالهه ۾ ملي ٿو ته قريش جو هڪ واپاري قافلو جيڪو ابو سفيان جي قيادت ۾ بدر جي لڙائي جي موقعي تي شام کان موٽيو هو. اهو هڪ هزار اٺن تي مشتمل هو انهي تي پنجاهه هزار دينار ”گينيون سون جو سڪو“ جي قيمت جو سامان لڏيل هو. ۽ پڻ رسولِ خدا صلي الله عليھ وآلھ وسلم معراج واري رات فلسطين شام کان ايندڙ هڪ واپاري قافلي جي باري ۾ ٻڌايو هو ته هن رستي ۾ هڪ وڏو واپاري قافلو اچي رهيو آهي ۽ انهن مان هڪ ڄڻي جو اٺ گم ٿي ويو آهي.
    واپار ڪرڻ ۾ صرف مرد واپاري نه هئا. بلڪ مڪي جون عورتون به واپار ڪنديون هيون. يعني اهي عورتون پنهنجي طرفان ڪو نمائندو/مير منشي مقرر ڪري ان جي وسيلي واپار ڪنديون هيون. شام، يمن ۽ ٻين ملڪن ۾ انهن عورتن جا واپاري قافلا ويندا هئا. حضرت بي بي خديجت الڪبريٰ بنت خويلد ۽ حنظليھ ام ابوجهل واپار ۾ گهڻيون مشهور آهن.


    شهر مڪي جو ظهور ۽ فضيلت

    مڪي پاڪ جي باري ۾ ڪيترن ئي اصحاب سڳورن کان روايت آهي ته زمين ۽ آسمان جي پيدا ٿيڻ کان پهريائين اها مڪي شريف واري جاءِ پاڻي تي جهاڳ وانگر هئي. پوءِ پاڻي تي بيٺل جهاڳ کي قدرت جي مالڪ پکيڙي سموري ڌرتي انهي مان اهڙي طرح ٺاهي، جيئن اٽي جي ڳوهيل پيڙي کي پکيڙي ماني ٺاهي ويندي آهي. ۽ پڻ دنيا ۾ طوفانِ نوح کان بعد به جڏهن ڌرتي جو ظهور ٿيو ته سڀ کان پهريون مڪي پاڪ واري زمين ظاهر ٿي. اهڙي طرح مڪو پاڪ سموري دنيا جو دُن ۽ سينٽرل محوَر مرڪز ۽ وچ آهي. (قرآن پاڪ ۾ مڪه کي بڪه چيو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”وِچ“)
    مڪي پاڪ ۾ ڪعبت الله جي ڊزائن ائين هئي جيئن هڪ پيالي ۾ مکڻ جي ڪڻي پئي هجي. جو ڪعبتالله جي چوڌار ان وقت جبلن جي گولائي ۾ قطار گوياڪه پيالي جون ڪنارون هجن ۽ هيٺ اندر مکڻ جي ڪڻي وانگر ڪعبت الله هو. پوءِ انقلاب زماني ۽ تعمير ڪعبي جي ڪري اهي هيٺاهان هنڌ ڀرائي ڪيا ويا آهن. مڪي پاڪ سان اسان مسلمانن جو هڪ روحاني رشتو. مرڪز ڪعبت الله شريف آهي جنهن جو حج بني نوع انسان حضرت آدم عليھ السلام کان وٺي تاقيامت ڪندا رهندا. الله پاڪ جي حضور ۾ سندس وڏائي، ڪبريائي، حاڪميت ۽ وحدانيت جا نغما ڳائيندا رهندا.
    مڪو پاڪ هي اهو مقدس شهر آهي، جنهن جو رب پاڪ پنهنجي ڪلام الاهي ۽ ازلي ۾ قسم کنيو آهي ۽ هن شهر کي اَمُن وارو شهر ڪوٺيو آهي. ان شهر ۾ دُخول کي گناهن جي معاف ڪرڻ جو ذريعو بنايو آهي. هي اهو شهر آهي جنهن ۾ آخر زماني نبي امام المرسلين حضرت محمد مصطفيٰﷺ پيدا ٿيو.، جنهن جي اچڻ جون پيشنگويون اڳيان نبي رسول ڪندي ويا.
    روءِ زمين تي مڪي کان سواءِ ڪو به اهڙو شهر ناهي. جنهن ۾ سڀئي نبي رسول ملائڪ اولياء الله، خدا جا نيڪ ٻانها ۽ ٻانهيون، جنن ۽ انسانن مان نه آيا هجن، ڪعبت الله عظمت ۽ شان ۾ دنيا جي سڀني عمارتن کان گهڻو بلند و بالا آهي. جنهن جي عظمت جا رشتا آسمانن ۾ رهندڙ ملائڪن جي قبلي بيت المعمور سان ڳنڍيل آهن. جيڪو عرش عظيم کان سڌو هيٺ ستين آسمان تي آهي.
    حديث شريف ۾ آهي ته ڪعبت الله شريف آسماني قبلي بيت المعمور جي بلڪل هيٺ سڌائي ۾ آهي. جيڪڏهن ڪو پٿر بيت المعمور کان هيٺ ڪيرائجي ته سڌو ڪعبته الله جي ڇت تي اچي ڪرندو. اهڙي طرح بيت المعمور وري عرش عظيم جي بلڪل سڌائي ۾ هيٺ آهي.
    خدا تعاليٰ طرفان زمين وارن تي لهڻ واريون سموريون برڪتون ۽ رحمتون عرش عظيم کان هيٺ بيت المعمور تي لهن ٿيون. اتان ڪعبت الله تي لاٿيون وڃن ٿيون. جتان کان پوءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ڏانهن هوائن ۽ ملائڪن ذريعي خدائي حڪم مطابق پوري ڪائنات ۾ ڪٿي ٿوريون ڪٿي گهڻيون ورهايون وڃن ٿيون. انهي مان ثابت ٿيو ته دنيا ۾ خدا جي جملي برڪتن ۽ رحمتن جو محور ۽ مرڪز ڪعبت الله شريف آهي پوءِ ان جي فضيلت و عظمت آڏو ٻي ڪا به عمارت بيهه نٿي سگهي.


    مڪي ۾ انساني آبادي جي شروعات

    اڄ کان اڳ تقريباً پنج هزار سال پهريائين مڪي پاڪ ۾ انساني آبادي جي شروعات حضرت بي بي هاجره ۽ سندس پٽ حضرت اسماعيل عليھ السلام جي عظيم قرباني ۽ آب زم زم جي کوهه کان بعد ٿي. اڳ ۾ صرف ڪعبت الله جي ڪوٺي ۽ گاهه پاڻي کان خالي جبل هئا.

    هڪ ڀيري اتي هڪ خانه بدوش قافلو آيو، جنهن وٽ گهڻو سارو چوپايو مال هو. جيڪو پاڻي جي ڳولا ۾ هو. اهي ڏسن ته ڪوهه صفا جي ڀر ۾ هڪ عورت ۽ هڪ ننڍڙو ڇوڪرو ويٺا آهن. جنهن جي اڳيان هڪ پاڻي جو کوهه آهي. انهي خانه بدوش قافلي اتي هن کان اڳ کوهه يا پاڻي نه ڏٺو هو. ڏاڍا عجب ۾ پيا ته ڇا جبل ڇا پاڻي!! اڳ ته هت ڪڏهن به پاڻي نه هو. رڳو جبل ئي جبل هئا. انسان ذات جي ته بُوءِ به نه هئي لنگهي اچي بي بي هاجره جي آڏو پهتا. ۽ پڇيائون ته تون ڪير آهين؟ ڪٿان آئين؟ هت سُڃ ۾ ڇو ويٺي آهين؟ هي کوهه هي پاڻي ڪٿان آيو؟
    بي بي صاحبه سموري روئداد ڪري ٻڌائي جيڪا هن تي گذري هئي. هن خانه بدوش قبيلي وارن بي بي هاجره کي عرض ڪيو ته اسان کي جيڪڏهن اجازت ڏين ته اسان هت تنهنجي هن کوهه وٽ رهي پئون. ۽ پاڻي جي عيوض هر سال اسان توکي عُشر ”محصول“ ڏيندا رهنداسون. تانڪ اسان کي پاڻي حلال ٿئي. حضرت بي بي هاجره فرمايو ته توهان ڀلي رهو. انهي کان بعد اهو خانه بدوش قبيلو اتي رهي پيو. جن پنهنجا خيما لڳائي رهڻ لڳا. اٺن ٻڪرين کي اتي چراگاهه ۾ ڇڏي ڏنائون ۽ ڪافي وقت اتي رهيا ۽ اُهو مقرر عُشر ڏيندا رهيا ۽ بي بي هاجره اٺن جي پشم پُڻ ڪتي پنهنجو گذر بسر ڪندي رهي. اهڙي طرح آهستي آهستي اها مڪي جي بستي وڌندي رهي. ان وقت اهو آبادي وارو حصو ٻن پهاڙين جبل ابو قبيس جيڪو صفا جبل جي مٿان آهي. ۽ جبل احمر جنهن کي دور جاهليت ۾ اعراف ۽ ڪوهه فاران به چوندا هئا. جي وچ ۾ هو.


    ڪعبت الله جي تعمير

    هاڻي اسان ڪعبت الله جي تاريخ تعمير تي هڪ نظر وجهنداسون. ڪعبت الله شريف ڏهه ڀيرا تعمير ڪيو ويو آهي. حضرت موسيٰ عليھ السلام تائين اهو نبين جو قلعو ٿي رهيو آهي ۽ تعمير ڪندڙن جا نالا ترتيب وار هن ريت آهن. 1. ملائڪ، 2. حضرت آدم عليھ السلام، 3. حضرت آدم جا پٽ ۽ پوٽا، 4. حضرت ابراهيم عليھ السلام ۽ سندس پٽ حضرت اسماعيل عليھ السلام، 5. عمالقه، 6. جرهم، 7. قصي بن ڪلاب، 8. قريش ۽ حضرت عبدالله بن زبير رضه، 10. حجاج بن يوسف ثقفي.


    تعمير ابراهيمي

    هڪ ڏينهن حضرت ابراهيم عليھ السلام کي بحڪم خداوندي جبرئيل عليھ السلام اچي فرمايو ته اي ابراهيم عليھ السلام الله پاڪ توکي سلام چيا آهن ۽ حڪم ڪيو آهي ته ان زمين تي منهنجو هڪ گهر ٺاهه. حضرت ابراهيم عرض ڪيو ته اهو الله جو گهر ڪٿي ٺاهيان. پوءِ حضرت جبرئيل عليھ السلام جتي هن وقت موجوده ڪعبو آهي، جنهن کي پهريائين ملائڪن ۽ پوءِ حضرت آدم عليھ السلام ٺاهيو هو. جيڪو اُن وقت مٽي جو هڪ ڍڳ هو، ڇو ته گردش ايام، تمام گهڻو زمانو گذرڻ، برساتن ۽ جابلو نئين جي ڪري ڊهي ڀڙو ٿي ويو هو. اتي جبرئيل عليھ السلام ڪعبت الله جو نقشو ڪڍيو ۽ چيائين ته هت ڪعبت الله تعمير ڪيو وڃي.
    حضرت ابراهيم عليھ السلام پنهنجي فرمانبردار پٽ اسماعيل عليھ السلام کي چيو ته پٽ! مون کي رب سائين حڪم ڪيو آهي ته آئون سندس پاڪ گهر جي اڏاوت ڪريان ۽ تون مون سان ان ڀلاري ڪم ۾ مددگار ٿين؟ حضرت اسماعيل عليھ السلام جواب ڏنو ته بابا سائين جيڪو اوهان جو حڪم. آئون سر، اکين سان تيار آهيان. اوهان کي الله جو حڪم مون کي اوهان جو حڪم آئون حاضر آهيان. اهڙي ريت حضرت جبرئيل عليھ السلام انجنيئري جا فرائض بجا آندا ته حضرت ابراهيم عليھ السلام رازو ٿيو ۽ حضرت اسماعيل عليھ السلام معاون ۽ مزدور بنيو.
    روايتن ۾ آيل آهي ته حضرت ابراهيم عليھ السلام ڪعبت الله جي تعمير پنجن جبلن جي پٿرن سان ڪئي، جيڪي کيس ملائڪن آڻي ڏنا ٿي ۽ حضرت اسماعيل اهي آندل پٿر کڻي، حضرت ابراهيم عليھ السلام کي ڏيندو پئي ويو. حضرت ابراهيم عليھ السلام اوساري ڪري رهيو هو. اهي پنج جبل هي آهن. 1. جبل طور سيناء، 2. جبل طور زيتا، 3. جبل حراء، 4. جبل البنان، 5. جبل جودي جيڪو الجزيره ۾ آهي. هن جبل کي عبراني زبان ۾ ارارات چئبو آهي. جنهن وقت اهي ٻئي بزرگ پيغمبر ڪعبي جي تعمير ڪري رهيا هئا. تنهن وقت سندن زبان تي هي دعا جاري هئي. اي اسان جا پالڻهار! اسان جي هي محنت قبول فرماءِ بيشڪ تون اسان جي ڳالهه، اسان جي دعا ٻڌڻ وارو ۽ اسان جي هر ڪم کي ڄاڻڻ وارو آهين.
    ڪعبي جون پيڙهون ڀرجي ويون. ڀتيون جڏهن زمين کان مٿي کڄي آيون ته حڪم الاهي موجب ملائڪن هڪ بهشتي پٿر آڻي ڏنو. جيڪي ڪعبي جي اوڀر ڏکڻ واري ڪنڊ تي زمين کان تقريباً چار پنج فوٽ مٿي هنيون ويو. اهو پٿر کير جهڙو اڇو ۽ نوراني هو. جنهن کي اڄڪلهه ”حجر اسود“ ڪري سڏيو وڃي ٿو. اهو پٿر حضرت آدم عليھ السلام سان گڏ بهشت مان لاٿو ويو هو. جيڪو طوفان نوح وقت جبل ابوقبيس تي ڪنهن محفوظ هنڌ رکيل هو. حضرت ابراهيم عليھ السلام کي حڪم الاهي ٿيو ته انهي پٿر کي ڪعبي جي طواف جي ابتداء واري ستن چڪرن پوري ٿيڻ تي انتهاء لاءِ نشاني طور مقرر ڪيو وڃي.
    هڪ روايت آهي ته الله پاڪ حضرت جبرئيل عليھ السلام کي حڪم ڪيو ته ارواح بني نوع انسانن کي هڪ ميدان وادي نعمان ۾ گڏ ڪر پوءِ اهو لفظ ڪثرت استعمال، هلڪڙائي جي ڪري نعمان مان نُمره بنجي ويو آهي، جيڪا ميدان عرفات ۾ آهي. ميدان عرفات واري مسجد جو نالو به مسجد نُمره آهي. ميدان عرفات تي اهو نالو ان ڪري پيو ته عرفات جي معنيٰ آهي سڃاڻڻ، معلوم ڪرڻ، حضرت آدم عليھ السلام ۽ بي بي حَواء انهي ميدان ۾ هڪ ٻي سان مليا هئا ۽ هڪ ٻي کي سڃاتو هو. مٿي آئون ٻڌائي آيو آهيان ته ميثاق ارواح اتي ٿيو هو ۽ ٿي سگهي ٿو ته ميدان محشر به اهو ئي ميدان هجي والله اعلم. جڏهن سڀ ارواح گڏ ٿيا ته الله پاڪ فرمايو ته الستُ بربڪم ڇا آئون توهان جو رب ناهيان. سڀني ارواحن بيڪ آواز چيو ته قالو بَليٰ هائو تون ئي اسان جو رب آهين. الله پاڪ فرمايو ته آئون توهان کي دنيا ۾ ڪامل انسان ڪري موڪليندس. آئون ئي اوهان جو رزاق آهيان. نفعو، نقصان منهنجي هٿ ۾ آهي. اتي وڃي اوهان کي منهنجي ئي عبادت ڪرڻي آهي. مون سان شرڪ نه ڪندا. سڀني ارواح چيو لبيڪ تنهنجو حڪم صدق دل سان قبول آهي.
    الله پاڪ هڪ فرشتي کي حڪم ڪيو ته اهو عهد نامو انهن جي نالن سميت لکي رک، جيڪو به انهي عهد نامي تي قائم رهيو. اهو منهنجو فرمانبردار ۽ جنتي بندو آهي ۽ جنهن ان عهد نامي جي مخالفت ڪئي اهو نافرمان ۽ دوزخي آهي. انهي فرشتي اهو عهد نامو لکي پنهنجي منهن ۾ رکي ڇڏيو پوءِ اهو فرشتو الله پاڪ جي حڪم موجب پٿر ٿي ويو. اهو ئي پٿر حضرت آدم سان گڏ بهشت مان لاٿو ويو هو. جنهن کي خانه ڪعبي جي سڄي رڪن ۾ رکيو ويو آهي. هاڻ ان کي حجر اسود چوندا آهن. حاجي سڳورا هن کي چمندا آهن. هي پٿر پهرين ڏاڍو نوراني چمڪندڙ ۽ کير جهڙو سفيد هو. مگر ان پٿر ۾ اها وڊيو مووي وانگر خاصيت آهي جو هو هر ماڻهو جا گناهه پنهنجي اندر چوسي ۽ جذب ڪري وٺي ٿو. اهڙي ريت آهستي آهستي هو ڪارو ٿي ويو آهي. قيامت جي ڏينهن اهو ڪارو پٿر. اُهو ئي فرشتو ساڳي صورت ۾ ٿي ايندو ۽ انهن ارواحن تي شاهدي ڏيندو ۽ هر هڪ روح جو عهدنامو کوليندو ويندو جيڪو پنهنجي عهد نامي تي قائم هوندو اهو جنتي ۽ جيڪو برخلاف هوندو اهو دوزخي ٿيندو.
    حديث پاڪ ۾ آهي ته حجر الاسود يُدالله، حجر اسود الله جو هٿ آهي. جنهن هن پٿر کي چمي ڏني گويا ڪه الله پاڪ جي هٿ کي چميو. اگر توهان کي آسانگي سان چُمي نصيب ٿئي ته چُمو ور نه پري کان پنهنجو هٿ حجر اسود طرف مٿي ڪري انهي کي چُمو ان کي استلام چئبو آهي. گوياڪه توهان الله جي هٿ کي چميو. توهان جتي به هجو الله اُتي آهي. جڏهن ڪعبي جون ديوارون زمين کان ايترو مٿي کڄي ويون جو اوساري ڪرڻ وقت حضرت ابراهيم عليھ السلام جا هٿ نه ٿي پهچي سگهيا. ته خدا جي حڪم مطابق ملائڪن آندل هڪ پٿر ڏي اشارو ڪري چيو ته هاڻي انهي تي بيهه تعمير ڪريو. اهو پٿر توهان جي اشاري ۽ حڪم ۾ هوندو. جيئن توهان چاهيندو تيئن ٿيندو جيڪڏهن مٿي ٿيڻ جي ضرورت پئي ته مٿي وڏو ٿي ويندو جنهن ڪري ڪنهن چاڙهي جي ضرورت نه پوندي. جيڪڏهن کٻي ساڄي وڌڻ جي ضرورت پئي ته اهو پٿر پاڻهي اوڏانهن سري ويندو. اهڙي صورت ۾ ڪنهن قوازي ٻڌڻ جي تڪليف ڪرڻي ڪو نه پوندي. پر جيڪڏهن مٿان کان هيٺ لهڻ يا هيٺ کان مٿي چڙهڻ جي ضرورت پوي ته اهو پٿر وڌي وڏو به ٿي ويندو ۽ سڪڙجي اسپرنگ وانگر ننڍو به ٿي ويندو اهڙي طرح هيٺ مٿي آساني سان لهي ۽ چڙهي سگهو ٿا. بهرحال هر ضرورت مطابق پٿر کي حڪم ڪريو ته اهو پٿر اوهان جي هر حڪم ۽ ارادي جي تعميل ڪندو رهندو. اڄ ڪلهه اهو پٿر مقام ابراهيم عليھ السلام واري پنڃري ۾ محفوظ ڪيل آهي. جتي پيش امام بيهه نماز پڙهائيندو آهي.
    مٿين تفصيل مطابق ڪعبي جي تعمير ڇت کان علاوه مقرر ماپ تائين جڙي راس ٿي ته خدا جو حڪم ٿيو ته اي ابراهيم عليھ السلام ماڻهن کي حج ڪرڻ لاءِ سڏ ڪر. حضرت ابراهيم عليھ السلام عرض ڪيائين ته اي پالڻهار، انسانن جي آبادي جيڪا دنيا جي دور دراز ملڪن ۾ پکڙيل آهي، اوستائين منهنجو آواز ڪيئن پهچندو. الله تعاليٰ فرمايو اي ابراهيم عليھ السلام معمول مطابق سڏ ڪرڻ تنهنجو ڪم ۽ ان تنهنجي آوا زکي دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ بلڪ ستن آسمانن، ستن زمينن، عالم ارواح ”روحن جي دنيا“ تائين پهچائڻ منهنجو ڪم. پوءِ حضرت ابراهيم عليھ السلام جبل ابوقبيس تي چڙهي ٻي روايت ۾ جبل صفا تي چڙهي اهو اعلان ڪيو. اتان بيهه واري، واري سان چئن طرفن ڏي منهن ڪري اعلان ڪرڻ لڳو ته، ” يٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اِنَّ رَبَّكُمُ بَنِيْٓ لَكُمْ بَيْتًا فَحَجُوْهُ“ اي انسانو! توهان جي رب توهان جي لاءِ پنهنجو پاڪ گهر بنايو آهي. پوءِ اچو ان پاڪ گهر جو حج ڪريو. الله پاڪ اهو آواز ڪائنات جي سموري مخلوق تائين پهچايو. تان جو عالم ارواح ”ايندڙ انسانن جي روحن واري جهان“ ۾ به ٻڌو ويو. پوءِ جنهن انهي سڏ تي هڪ ڀيرو لبيڪ چيو. تنهن کي هڪ حج نصيب ٿيو. جنهن ٻه ڀيرا چيو ته ان کي ٻه ڀيرا حج نصيب ٿيندو. حضرت ابراهيم عليھ السلام ڪعبي جون چار ڪنڊون ڪيون. هر ڪنڊ کي رُڪن ڪري سڏيو ويو. هر هڪ ڪنڊ جو نالو ڪنهن خاص نسبت جي ڪري مختلف آهي. انهن چئن ڪنڊن جا نالا هي آهن. اوڀر ڏکڻ طرف، رڪن حجر الاسود، اوڀر اتر رڪن عراقي جت ملڪ عراق، اتر اولهه طرف، رُڪن شامي جت ملڪ شام، اولهه ڏکڻ طرف رڪن يماني جت ملڪ يمن. ڪعبت الله کي ڪعبو هن ڪري سڏيو ويو آهي. جو اها چئن ڪنڊن واري جاءِ آهي ۽ هي لفظ مڪعب کان ورتل اهي. جنهن جي معنيٰ آهي چئن ڪنڊن وارو ۽ پڻ حضرت ابراهيم عليھ السلام جي تعمير ڪرڻ وقت اها جاءِ آسپاس جي ايراضي کان مٿي اُڀريل دڙي وانگر هئي. عربي لغت موجب مٿاهين ۽ اُڀريل جاءِ کي ڪعب چيو وڃي ٿو. جيئن پير جي مُريي ٽڻي کي به ڪعب چيو وڃي ٿو ڇو ته اهو به مٿي اُڀريل هوندو آهي.


    قريشين جي دور ۾ مڪي ۾ سڌارا

    شروع ۾ مڪي جا رهاڪو پنهنجا گهر ۽ انهن جون ڇتيون بيت الله شريف وانگر چوڪنڊيون نه ٺاهيندا هئا. هو سمجهندا هئا ته اها ڪعبي جي وڏي بي ادبي آهي. انهي ڪري احترام خاطر گول گهر ٺاهيندا هئا. مڪي شريف ۾ مالدارن جا گهر پٿر جا ٺهيل هوندا هئا. جن ۾ ڪيترائي ڪمرا هوندا هئا. مڪي شريف جي تعمير و ترقي ۾ قصي بن ڪُلاب جو سڀ کان وڏو هٿ هو.
    هي شخص وڏو مدبر، دلير ۽ دانا هو. سربراهي جي اهليت لاءِ جيڪي خوبيون هڪ ماڻهو ۾ هجڻ کپن انهن ۾ هي لاثاني هو.
    هن مڪي جي شهر تي پنهنجو تسلط قائم رکڻ لاءِ قريش کي گڏ ڪري متحد ڪيو. انهن جي جاين جڳهين لاءِ باقاعده حد بندي ڪئي. هن طرح جو حرم ڪعبت الله کان اوڀر طرف قريش قبيلا، اولهه طرف لحيان جا قبيلا. اتر طرف به لحيان ۽ حرب جا قبيلا ته ڏکڻ ۾ خزاع جا قبيلا رهڻ لڳا.

    ابراهيمي تعمير بعد ڪعبت الله شريف ويجهو تعظيم خاطر ڪو به گهر نه ٺاهيو ويندو هو تان جو حضور انورﷺ جن جي پنجين ڏاڏي قصيٰ بن ڪلاب جي مڪي شريف جي سرداري سنڀالڻ کان پوءِ ڪعبت الله شريف جي آسپاس گهر ٺهڻ لڳا. جڏهن ته انهي کان اڳ عرب جبلن جي چرن، ڍورين ۽ پري پري جي ميداني علائقن ۾ رهندا هئا. اهڙين ڍورين تي جن جي رهائش يا قبضو هوندو هو. سو انهي جي نالي سڏبي هئي. جيئن شعب عبدالله بن عامر ”عبدالله بن عامر جو ڍورو“ شعب ابي سفيان، ابو سفيان جو ڍورو شعب ابي طالب ابو طالب جو ڍورو وغيره اتفاق سان قصيٰ بن ڪُلاب جو هڪ قبيلي بنو خزاعه سان جهيڙو ٿي پيو ته پاڻ پنهنجي قبيلي قريش وارن کي چيائين ته توهان سڀ قريشي هاشمي جبلن جون غارون ۽ ڍورا ڇڏي مڪي ۾ ڪعبت الله جي آسپاس چوڌاري ويجها گهر ٺاهيو. جي نه، ته پوءِ اوهان جو حرم تي قبضو نه رهندو.
    ٻيو ته ڪعبت الله جي ڀر سان رهڻ ڪري ٻيا عرب قبيلا توهان کان ڊڄندا. توهان مان ڪنهن سان به لڙائي جهڳڙو ڪرڻ جائز نه سمجهندا ڪعبي جي مجاور هجڻ جي حيثيت سان دنيا توهان جو ادب ۽ احترام ڪندي. واپاري راهداري ۾ توهان کي سهوليت ۽ تحفظ رهندو. بس انهن ڳالهين جي ڪري قريشين ڪعبت الله جي آسپاس گهر ٺاهڻ شروع ڪيا. انهن گهرن جا دروازا ڪعبي شريف ڏانهن ڪيا هئائون. رڳو مطاف گهرن اڏڻ کان آجي هئي. جيئن ته ڪعبي شريف کي چوڌاري جبل گهيرو ڪريو بيٺا هئا. مقدس ڪعبو جبلن جي وچ ۾ ائين هو جيئن هڪ پيالي ۾ مکڻ جي ڪڻي هجي. چوگرد جبل هئا. انهي ڪري ڪعبي کان پري پري ته گهر ٺهي به نٿي سگهيا. هوڏانهن وري قبضو به برقرار رکڻو هو. تنهنڪري گهر ويجها ٺاهيائون.


    مڪي شريف جي انهي آڳاٽي نظام تحت اهم کاتا هن طرح هئا

    1. حجابت: بيت الله شريف جي درباني، 2. سقايه: سبيل ۽ پاڻي جو انتظام، 3. رفاده: حاجين جي کاڌي پيتي جو انتظام، 4. ندوه: مجلس شوريٰ، 5. لِوَاء: جنگي معاملن بابت انتظام.
    قصي بن ڪلاب جي زندگي ۾ اهي سڀ کاتا هن اڪيلي جي هٿ هيٺ هئا ڇو ته هو پنهنجي قوم قريش ۽ مڪي وارن تي حاوي هو. قصيٰ جي وفات بعد مذڪوره عهدن ۽ کاتن جو ورهاڱو هن طرح ٿيو.
    1. بني هاشم کي سقايه، 2. بني اميھ کي قريش جو جهنڊو عقاب، 3.بني نوفل کي رفاده قريش سمجهندا هئا ته حاجي ضيوف الرحمان خدا جا مهمان آهن. انهي ڪري هر سال پنهنجي طرفان چندو ڪري خاص انهي دعوت لاءِ رکندا هئا. جيڪا حاجين کي مفت کارائي ويندي هئي. جنهن جو نالو هنن وٽ رفاده هو، 4. بني عبدالدار کي لِوَا ۽ بني اسد کي ندوه جو کاتو ڏنو ويو جن به قبيلن کي اهي عهدا ڏنا ويا هئا. اهي قريش جون شاخون هيون.
    قريش جي مختلف شخصن ۾ جيڪي انتهائي دانا، دورانديش ۽ معززترين هئا تن ۾ اهي هيٺيون ذميواريون ورهايل هيون.
    1. حضرت ابو بڪر صديق جيڪو بني تميم قبيلي مان هو. تنهن وٽ ديت ”خون بها“ ڏنڊ ۽ جرمانه هو. يعني ته اهو مڪي جي قديم نظام واري سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس هو، جنهن کي ايترا وڏا اختيارات ڏنل هئا. جنهن جو موجوده دور ۾ وزارت قانون و عدل جو نالو آهي.
    2. خالد بن وليد وٽ جيڪو بني مخزوم قبيلي مان هو. قُبه و اعنھ يعني وزارت دفاع جو کاتو هو قُبه تنبو کي چئبو آهي. جنهن ۾ فوجي ضرورت جو سامان رکيل هوندو هو. اعنھ اهو سامان جيڪو جنگ جي دوران گهوڙن تي رکيل هوندو هو.
    3. عمر بن خطاب وٽ سفارت يعني ”وزارت خارجه“ جو کاتو هو. جڏهن ڪنهن قبيلي سان جنگ ڪرڻي هوندي هئي ته قريش حضرت عمر بن خطاب کي سفير بنائي مخالف ڌر ڏانهن موڪليندا هئا. جيڪڏهن ڪو قبيلو قريش سان هوڏ، ڪندو هو ته ان جي مقابلي لاءِ به عمر بن خطاب کي چونڊيندا هئا. ڇو ته ان جي دليرائي ۽ دانائي مڃيل هئي. اهڙي طرح خارجي توڙي دفاعي معاملا طئي ڪرڻ انهي جي ذميداري هئي.
    4. صفوان بن اُميھ جي ذميداري ۾ ايسار ۽ ازلام جو ڪم هوندو هو. اهو هڪ ڍاري جو قسم هو. ايسار ۽ ازلام ٻن تيرن جا نالا آهن. جن مان هڪ تي ها ۽ ٻي تي نه لکيل هوندو هو. جڏهن به ڪو ڪم ڪرڻو هوندو هئن ته انهي ڪم جي ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فال ڪڍائڻ لاءِ ايسار ۽ ازلام جو استعمال ٿيندو هو.
    5. حارث بن قيس وٽ نظم و ضبط يعني وزير بلديات ۽ ڳوٺاڻي رٿابندي ۽ بتن جي نالي تي گڏ ڪيل مال جي سار سنڀال هئي. اهي ذميواريون ۽ عهدا انهن شخصن کي ابن ڏاڏن کان نسل در نسل ۽ موروثي حاصل هئا.


    اڄ جو مَڪو

    مَڪو شريف هن وقت تعمير و ترقي جي دنيا ۾ هڪ نمبر تي آهي. جنهن جو مثال ترقي يافته شهرن سان به لڳائي نٿو سگهجي ۽ هي شهر مڪو گهڻو مٿي آهي وڏي کان وڏيون اسڪيمون، عظيم کان عظيم تر تعميراتي منصوبا به هتي ايتري ٿوري عرصي ۾ مڪمل ٿي رهيا آهن. جيڪي دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ سالن اندر به مڪمل نه ٿو ڪيو وڃي. شايد دنيا جا ٻيا ملڪ اهڙي تيز رفتار ترقي کان محروم آهن. شهر جي هر طرف فلڪ بوس عمارتون، خوبصورت ۽ ڪشادا رستا، برساتي پاڻي، توڙي نالين جو بهترين ڊرينيج سسٽم، اسپتالن ۽ تعليمي ادارن جي نظم و نسق جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. خصوصاً وقت جي پابندي جو خيال، قانون جي پابندي ۽ امن جي پاسداري اتي ڏٺي سون. مطلب ته زندگي جي ضرورت ۽ آسائش جون شيون هر وقت هر هنڌ وافر مقدار ۾ موجود. اهو سڀ حضرت ابراهيم عليھ السلام ۽ حضرت اسماعيل عليھ السلام جي دعائن ۽ آمنه جي لالﷺ جي مبارڪ قدمن جي برڪت جو نتيجو آهي. مڪو شريف سمنڊ جي سطح کان 330 ميٽر مٿي آهي، هتي جي آبهوا گرم خشڪ آهي سياري ۾ سردي ته اونهاري ۾ سخت گرمي ۽ صحت بخش آهي. جنگلات جي ڪمي سبب برسات تمام گهٽ پوي ٿي.


    زمانه جاهليت ۽ عربن جي حالت

    نبي پاڪ حضرت محمد مصطفيٰ احمد مجتبيٰﷺ جي بعثت نبوت کان اڳ واري دور کي زمانه جاهليت جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ان وقت جو هر تاريخدان لکي ٿو ته عربن ۾ هر برائي عام هئي. قانون ۽ حڪمراني نالي ڪا شيءِ نه هئي. جيڪو ڏاڍو سو پاڏو، جنهن جي لٺ تنهنجو سڀ وارو دستور جاري هو.
    عرب نهايت مغرور، متڪبر، هٺيلا ۽ سرڪش هئا. هميشه آزاد رهيا ۽ آزاد ئي رهڻ چاهيندا هئا. هر قبيلي جو سردار جدا جدا هوندو هو. هر هڪ قبيلو ٻي قبيلي جي اطاعت ڪرڻ لاءِ ڪنهن به صورت ۾ تيار نه هو. هٺ ۽ وڏائي جو هي عالم هو ته ذرا ذرا ڳالهه تي قبيلا ٽڪرجي پوندا هئا. مهينن جا مهينا بلڪ سالن جا سال لڙائي جو سلسلو جاري رهندو هو. سوين اهڙيون لڙايون هيون جيڪي بلاوجهه گلي ۾ وڌيون ويون. جڏهن ته هر قبيلو پاڻ کي ٻين کان برتر بهتر ۽ ذي عزت سمجهندو هو. ان ڪري ڳالهه ڳالهه تي جنگ ڇڙي ويندي هئي. ايتري قدر جنگ ڇڙي ويندي هئي جو هزارن جي قتل بعد به بمشڪل بند ٿيندي هئي. اهڙي بي سود قسم جون بي سود هيٺيون جنگيون گهڻو مشهور آهن.


    بي سود جنگيون

    1. جنگ داحس ۽ غبراء: هڪ ڀيري گهوڙا ڊوڙ ”ريس“ ٿي رهي هئي جنهن مان هڪ گهوڙي جو نالو داحس هو ۽ ٻي گهوڙي جو نالو غبراء هو. داحس گهوڙو تکو هو. جيڪو اڳتي نڪري چڪو هو. غبراء گهوڙي جي ڌر ڏٺو ته اسان گوءِ هارائڻ وارا آهيون. انهي تي ان ڌر جي هڪ شرارتي ماڻهو ان گهوڙي جي منهن تي چهبڪ هنيو اهو گهوڙو رِڪ کائي پوءِ تي هٽي ويو ۽ غبراء گهوڙو اڳتي نڪري ويو. پوءِ ته بس غضب ٿي ويو. انهي وقت تلوارون ميانن مان نڪري ويون. گهوڙا ڊوڙ بند ٿي ويئي لڙائي شروع ٿي ويئي. ڪنڌ ڪٽجي رهيا هئا. لاشن جا ڍير ۽ سرن جا کرا ٺهي ويا خون جون نديون وهڻ لڳيون. هر طرف گهوڙي سوار، خوني جوان گهوڙن تي چڙهي حملا ڪري رهيا هئا نه ڏينهن ٿي ڏٺائون نه رات جو خيال. هر ڏس گهوڙا ڙي گهوڙا ٿي ويئي. اڄ به اهو پهاڪو مصيبت جي وقت چيو ويندو آهي ته گهوڙا ڙي گهوڙا. پوءِ نه ته ڪو ائين ٿيو جو لڙائي انهي وقت بند ٿي وڃي يا هڪ ٻن ڏينهن بعد ٿڌڪار ٿي وڃي. بلڪه اها لڙائي سن 564ع کان شروع ٿي. 631ع ۾ بند ٿي. قريباً ستر سال اها جنگ جاري رهي. اگر هيئن کڻي چيو وڃي ته عرب قوم جنگجو هئي ته به بي جاءِ نه ٿيندو.
    اهڙيون بي سود لڙايون ان وقت تائين جاري رهنديون هيون. جيسين خاطر خواهه انتقام نه ورتو وڃي. گهڻو ڪري ابن ڏاڏن جو بدلو پٽن ۽ پوٽن کان ورتو ويندو هو جيڪو پنهنجو بدلو نه وٺندو هو. اهو نهايت حقير ۽ نالائق سمجهيو ويندو هو.
    2. جنگ بسوس: اهڙي طرح بسوس نالي هڪ ٻي لڙائي به مشهور آهي، جيڪا سن 494ع کان شروع ٿي ۽ سن 535ع تائين ٽيهه سال جاري رهي.
    لڙائي جو ڪارڻ هي هو ته هڪ عرب جو اُٺ هڪ عورت جي ٻني ۾ هليو ويو. عورت ان اُٺ کي هڪليو ته اُٺ ان عورت تي حملو ڪري ماري وڌو. اها عورت بني بڪر قبيلي جي هئي ۽ اُٺ ثعلب قبيلي جو هو. هنن ٻنهي قبيلن ۾ جنگ ڇڙي ويئي. شروع ۾ ته هي ٻه قبيلا هئا. مگر آهستي آهستي تمام قبيلا انهي جنگي ڄار ۾ شامل ٿي ويا ۽ تقريباً پوري عرب کي وڪوڙي ۽ گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. انهي جنگ ۾ ٻنهي قبيلن جا ستر هزار ڪونڌر ڪُسجي ويا. ڪيترائي زخمي ۽ بي گهر ٿيا. اها جنگ چاليهه سال وڏي زور و شور سان مسلسل جاري رهي.
    3. جنگ فجار: اها جنگ به ٻارن جي ڳالهين تي ته تُو تُو مين مين تان چڻنگ اٿي بنڀٽ بنجي ڳوٺن جا ڳوٺ پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڦلهيار جا ڍير ڪري ڇڏيا. ڪئين عورتون بيوه ڪيئن معصوم يتيم ڪئين جوڌا قتل ۽ ڪئين بي گناهه زخمي ۽ ڪئين بي خبر بي گهر اهو قتلام تقريباً پنجاه سال هليو ڪو به باهه وسائڻ وارو نه هجي هرڪو ڪچرو اڇلائي ٻه مٺا ٻول چئي ۽ ڦوڪون ڏيئي روانو.... اهڙي قسم جي بي سود ۽ انسانيت سوز لڙاين جو ذڪر ديوان مُتنبي ۽ ديوان الحساسه ۾ وڏي تفصيل سان آيل آهي.
    انهي کان علاوه معاشرتي ۽ سماجي برايون عام هيون. جوا، سودخوري، شراب نوشي، دُخترڪُشي، ظلم زوري، دوکيبازي ۽ بت پرستي جون لا علاج بيماريون عام جام هيون. انهن جو ڪو علاج نه هو. بي حيائي، عرياني به پنهنجي عروج تي هئي. عرب زالين مردين اگهاڙا ٿي ڪعبي جو طواف ڪندا هئا. عرضيڪ عربن ۾ دنيا جا سڀ عيب موجود هئا. اخلاقي لحاظ کان نهايت ذلت و پستي جي حالت ۾ هئا.


    عربن ۾ بت پرستي جي وبا

    آئون جنهن زماني جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. ان زماني ۾ عربستان جو ذرو ذرو ڪنڊ ڪڙڇ بت پرستي کان خالي نه هو. ايستائين جو خانه بدوش عرب، اهي به پنهنجي سامان سان گڏ پنهنجا هٿرادو بت جنهن کي هو خدا سمجهندا هئا، انهن کي به گڏ کڻي هلندا هئا. هر ڳوٺ هر شهر، هر هنڌ بت خانا هئا.
    غرضيڪ بتن جي پوڄا عام جام هئي. بتن جي خاص حفاظت ۽ احترام ڪيو ويندو هو. مقرره وقت تي خلوص دل سان انهن جي پوڄا ڪندا هئا. عربن ۾ بتن تي قرباني، نذر نياز ۽ چڙهاون جو وڏو رواج هو. گهڻو ڪري اٺن جي قرباني ڪندا هئا نه ته رڍ ٻڪري ۽ ٻي ڪنهن چوپا يه جانور جي به قرباني ڪندا هئا ۽ ڪي قبيلا ته انسانن جي قرباني به ڪندا هئا. قرباني جو گوشت پاڻ کائيندا هئا ۽ رت بتن تي ڇٽڪاري ڇڏيندا هئا. بيت الحرام جي عين وچ ۾ ڪعبت الله آهي. ڪعبت الله جي چؤطرف ڪارا پردا لٽڪيل هئا. ٻيو ته ٺهيو. مگر ڪعبت الله ۾ پڻ ٽي سو سٺ بت رکيل هئا. گويا ڪه هر ڏينهن لاءِ نئون خدا هو.


    اسلام کان اڳ چند مشهور بت

    ڪعبت الله جي ڇت تي هڪ وڏو بت رکيل هو. نهايت هيبت ناڪ ڊيڄاريندڙ ڪاري پٿر جو هو. مڪي کان ٻاهر ڪيترن ئي ميلن تي نظر ايندو هو. ان بت جو نالو (1)هُبُل هو. هر قبيلو ان بت جي پوڄا ڪندو هو ۽ ان جي پوڄا پنهنجي لاءِ لازمي ۽ ضروري سمجهندو هو.
    هڪ بت سفيد پٿر جو نهايت خوبصورت عورت جي شڪل جو هو. جنهن جا وار اهڙي طرح ان جي ڪُلهن تي پکڙيل هئا، جيئن ڪا پري پيڪر حسينه هاڻي ئي وهنجي اٿي هجي ۽ ان پنهنجي مٿي جا وار سڪائڻ لاءِ چيلهه ۽ ڪلهن تي پکيڙيا هجن. ان بت جو نالو (2)سورع هو. قبيلو هذيل ان بت جي پوڄا ڪندو هو. ان قبيلي جا ماڻهو ان جي سامهون ايندي ئي سجدي ۾ ڪري پوندا هئا. هڪ ٻيو بت ڳاڙهي پٿر جو هو. ان جي صورت شينهن وانگر هئي. هڪ مٿاهين وڏي ٿلهي تي اهڙي شان مان سان رکيل هو. جهڙوڪر هو شڪار تي ڇلانگ لڳائڻ وارو هجي. ان بت جو نالو (3)يغوث هو. يمن جا جملي قبيلا ان جي پوڄا ڪندا هئا. هڪ ٻيو بت ڀوري رنگ جي پٿر جو ٺهيل هو. بلڪل گهوڙي جي شڪل جو هو. جيڪو ڪشادي ڪاري چبوتري تي بيهاريل هو. وڏو هيبتناڪ هو. ائين معلوم ٿيو ٿي. جو گوياڪه ڊوڙ لڳائڻ وارو هجي. ان جو نالو (4)يعوق هو. همدان قبيلو ان جي پوڄا ڪندو هو. هڪ ٻيو بت هو. جنهن کي هڪ ڪاري پٿر کي گهڙي تراشي ٺاهيو ويو هو. ان جي شڪل هوبهو سرڻ جهڙي هئي ڏاڍو خوفناڪ هو. هڪ اڇي پٿر تي نصب ٿيل هو. ڊگهي چهنب کولي کنڀن کي اڏامڻ لاءِ کولي رکيل هو. ان بت جو نالو (5)نسر هو. قبيلو ذي الڪلاع ان بت جي پوڄا ڪندو هو.
    زمزم کوهه جي ويجهو ٻنهي پاسن کان ٻه وڏا بت رکيل هئا. انهن مان هڪ بت ڪنهن نهايت حسين عورت جو مجسمھ هو. ائين معلوم ٿي رهيو هو ته جيئن ڪا حور مرڪي رهي آهي. ان بت جو نالو (6)نائلھ هو.
    ٻيو بت هڪ قوي الجثه مرد جي شڪل جو هو. ائين معلوم ٿي رهيو هو جيئن ڪو پهلوان پنهنجي حريف کي شڪست ڏيئي بيٺو خوش ٿي رهيو هجي. ان بت جو نالو (7)آساف هو. تمام عرب انهن ٻنهي بتن جو ڏاڍو احترام ڪندا هئا. انهن جي سامهون ايندي ئي سجدي ۾ ڪري پوندا هئا.
    اهي ٻئي بت سن 200 عيسوي ۾ عمرو بن لحي بن حارث بن مشهور شاعر عرب امراء القيس، جڏهن حجاز جو بادشاهه ٿيو ته ان ٺهرائي اتي رکيا ۽ ماڻهن کي انهن جي پوڄا جي ترغيب ڏني. انهي وقت کان انهن جي پوڄا شروع ٿي.
    انهن ٻنهي بتن جي باري ۾ تاريخ ۽ ادب جي ڪتابن ۾ هي هڪ روايت به ملي ٿي ته آساف هڪ مرد جو ۽ نائله هڪ عورت جو نالو آهي. اهي ٻئي حج جي موسم ۾ حرم شريف ۾ اچي ڪٺا ٿيا ۽ اتي ٻنهي بدڪاري ڪئي. الله سائين سندن انساني شڪلين کي ڦيرائي پٿر جا بت بنائي ڇڏيا. پوءِ عربن انهي جي بدڪاري جي مذمت ڪئي ۽ عبرت خاطر آساف جي بت کي صفا جي ٽڪري تي رکيائون ۽ نائله جي بت کي مروه جي ٽڪري تي رکيائون. هر سال حج جي موسم ۾ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ کان ماڻهو اچي حج ڪندا هئا. صفا مروه جي وچ ۾ ڊوڙڻ دوران بدڪاري کان عبرت به حاصل ڪندا هئا. ڪجهه وقت کانپوءِ پوين ماڻهن سمجهيو ته شايد اسان جي وڏڙن انهن ٻنهي بتن کي صفا ۽ مروه جي ٽڪرين تي کين معزز ۽ محترم هئڻ ڪري رکيو آهي. تنهنڪري انهن جو ادب ۽ احترام ڪرڻ لڳا ۽ سندن نالن تي نذر نياز چڙهاوا ۽ قربانيون ڪرڻ لڳا.
    ڪن مورخين لکيو آهي ته حاجي جڏهن صفا ۽ مروه جي وچ ۾ ڊوڙندا هئا ته صفا تي پهچي آساف جي اوگهڙ تي هٿ لائيندا هئا ۽ مروه تي پهچي نائله جي اوگهڙ تي هٿ لائيندا هئا ۽ ان ۾ پنهنجي وهم مطابق حج جي قبوليت جو راز سمجهندا هئا ۽ ڪن مورخين هٿ لائڻ سان گڏ چُمي ڏيڻ جو به ذڪر ڪيو آهي. ڀلا انهن ماڻهن کي ڪهڙو حياء جيڪي هڪ ٻي جي آڏو اگهاڙا بيٺا طواف ڪن ۽ شراب نوشي ڪن ۽ صفا و مروه جي وچ ۾ پيا ڊوڙن...
    8. وُد: هي بت دومت الجندل جي جابلو علائقي وادي القريٰ ۾ رکيل هو ۽ اها وادي مديني کان اُتر طرف 405 ڪلو ميٽر کن پري آهي. بنو ڪلب قبيلي وارا ان کي پوڄيندا هئا. هي بت هڪ ڊگهي قداور شخص جي شڪل ۾ هو. هيٺ سٿڻ ۽ مٿي چادر ويڙهيل. ڪلهي ۾ تلوار لڙڪيل ۽ هٿ ۾ ڪمان ڏنل هيس. اڳيان تيرن سان ڀريل ڳوٿري ۽ لڙائي جو جهنڊو رکيل هوس. حضورﷺ جن حضرت خالد رضه بن وليد کي انهي بت ڊاهڻ جو حڪم ڏنو هو. بنو عذره ۽ بنو عامر قبيلي وارن حضرت خالد بن وليد جي خوب مزاحمت ڪئي. مگر اسلام جي جرنيل انهن کي شڪست ڏيئي ڪري بت کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو.
    9. سواع: هي بت ينبوع ۾ رکيل هو. ان بت جي مجاوري ۽ شيوا لحيان قبيلي وارا ڪندا هئا. مضر ۽ هذيل قبيلا ۽ آسپاس جا رهاڪو خاص طور انهي بت کي پوڄيندا هئا جيئن هڪ شاعر چيو آهي:
    تراهم حول قبلتهم عُلُوفًا ڊکما عکفت هذيل عليٰ سواع.
    معنيٰ: اي سامع تون انهن کي پنهنجي قبيلي جي سامهون ائين گوڏا کوڙيل ڏسندين جيئن هُذيل قبيلي وارا سواع بت جي سامهون گوڏا کوڙيندا آهن.
    10. عُزيٰ: هي بت ”ذات عرق“ ميقات کان نون ميلن جي مفاصلي تي عرفات جي ويجهو ”نخله شاميه“ جي وادي ۾ ظالم بن اسد رکرايو هو ۽ ان جي مٿان قبي نما هڪ وڏي عمارت ٺهرائي هئائين. ان جي اڱڻ تي هڪ وڻ هو. جنهن جي هيٺان پوڄاري اچي انهي بت جي نالي تي قربانيون ڪندا هئا ۽ دعائون گهرندا هئا. ان قربان گاهه کي غبغب جي نالي سان سڏيندا هئا. مڪي جي فتح کان پوءِ حضورﷺ جن حضرت خالد وليدرضه کي ان جي ڊاهڻ جو حڪم ڏنو اسلامي لشڪر جي جنرل انهي بت کي سندس عمارت سميت ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ عُزيٰ جي پوڄا پاٽ ختم ٿي ويئي. ياد رهي ته ابولهب جو اصل نالو عبدالعزيٰ به انهي نسبت سان هو.
    11. لات: هي هڪ چوڪنڊو پٿر هو. جيڪو طائف ۾ اهڙي جڳهه تي رکيل هو. جتي اڄ طائف جي مسجد جو کاٻي پاسي وارو منارو آهي. ان جي مجاوري ۽ سيواثقيف قبيلي جي ذمي هئي. سڀئي طائف وارا قريش ۽ ٻيا قبيلا انهي جي پوڄا پاٽ ڪندا هئا. ان جي نالي تي زيد الات ۽ تيم الات نالا رکندا هئا. جڏهن ثقيف قبيلو مسلمان ٿيو ته حضورﷺ جن جي اشاري تي مغيره بن سعبه ان کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو.
    ان چوڪنڊي پٿر جي اصل حقيقت هي آهي ته لات هڪ نيڪ ۽ صالح شخص هو. جو حج جي موسم ۾ حاجين کي ستو پاڻي ۾ ملائي. ملڪ روز شربت جهڙو بنائي مفت پياريندو هو. ان جي مرڻ کان پوءِ گهڻي عرصي تائين ماڻهو ان جي قبر جي مجاورت ۽ پوڄا ڪندا هئا. ان کان پوءِ دل کي تسڪين پهچائڻ لاءِ ان جي نالي تي چئن ڪُنڊن وارو هڪ پٿر منتخب ڪيائون ۽ ان تي سندس تصوير چٽيائون ۽ طائف جي هڪ خاص جاءِ تي رکي ان تي هڪ خوبصورت قبو ٺهرايائون. جنهن ڪري ان هنڌ کي خاص نالي بيت الربھ سان سڏيو ويندو هو.
    12. منات: هي بت مڪي ۽ مديني جي وچ ۾ جبل قديد وٽ سمنڊ جي ڪناري تي رکيل هو. خاص ڪري مديني وارا عرب انهي جي پوڄا ڪندا هئا. انهي جي زياره تعظيم ڪندا هئا. فتح مڪي واري سال حضورﷺ جي حڪم تي حضرت علي رضه ان کي ڊاهي ختم ڪيو. لات، عُزيٰ ۽ منات اهي ٽئي بت قريش جا مشهور طاقتور خدا سڏبا هئا. جڏهن ڪعبي جو طواف ڪندا هئا ته لات منات ۽ عُزا جا قسم کڻي چوندا هئا ته اهي وڏيون هستيون آهن. قيامت جي ڏينهن اسان کي انهن ۾ شفاعت جي اميد آهي. اهي ڄڻ ته خدا جون ڌيئرون آهن. اسان جي سفارش ضرور ڪنديون ۽ الله پاڪ انهن جي سفارش کي رد نه ڪندو.
    الله جل جلالھ انهن جي انهي ڪُڌي عقيدي کي هيٺين آيت سان رد فرمايو آهي. ”اَفَرَءَيْتُمُ اللّٰتَ وَالْعُزّٰى وَمَنٰوةَ الثَّالِثَةَ الْاُخْرٰى اَلَكُمُ الذَّكَرُ وَلَهُ الْاُنْثٰى تِلْكَ اِذًا قِسْمَةٌ ضِيْزٰى“ ڀلا توهان نه ڏٺو آهي لات. عُزي ۽ منات ٽئين پوئين کي. ڇا توهان کي پُٽ ۽ انهي الله کي ڌيئون آهن؟ اها ته ورهاست کوٽي آهي ”النجم 53“ قريشين عزيٰ بت جي نالي وادي حراض جي ڪجهه زمين وقف ڪري ڇڏي هئي. جنهن کي اهي ڪعبت الله جي حرم وانگر احترام ڪندا هئا ۽ ان جي تصرف کي حرام سمجهندا هئا.
    13. منات ثاني: هي بت منات اول جي هوبهو ڪاٺي مان گهڙيل هو. بنو سلمه قبيلي جي چڱي مڙس عمرو بن جموح جي گهر ۾ رکيل هو. هيڏانهن سندس قبيلي جا ٻه نوجوان معاذ بن جبل ۽ معاذ بن عمرو مسلمان ٿي چڪا هئا. جڏهن عمرو بن جموع رات جو بت جي پوڄا ڪري آرام لاءِ سمهندو هو ته پٺيان ٻئي اصحابي سڳورا انهي بت کي کڻي گندي ڍير تي اڇلائي ايندا هئا. عمرو بن جموح وري ان کي صبح جو ڳولي هر روز ڌوئيندو هو ۽ خوشبوءِ لڳائي سرهو ڪندو هو. ان هر روز جي جُٺ کان نيٺ تنگ ٿي پيو. سوچيو هوندائين ته هي ڪهڙو خدا آهي، جو پاڻ کي گندگي کان به نه ٿو بچائي سگهي. اهو منهنجو ڪهڙو ڀلو ڪندو. بت جي بي وسي ڏسي مسلمان ٿي پيو ۽ خود انهي مصنوعي خدا کي ڀڃي ذرا ذرا ڪري ڇڏيائين.
    14. مناف: حضرت نبي پاڪﷺ جن جي پڙ ڏاڏي عبدالمناف جو نالو پڻ انهي بت جي نسبت سان رکيو ويو هو. مگر ان بت جي باري ۾ وڌيڪ معلومات نه ٿي سگهي آهي ته اهو بت ڪٿي رکيل هو ۽ ڪنهن رکيو هو.
    15. ضمار: هي بت مرداس بن ابوالعباس بن مرداس جو هو. مرداس سڄي زندگي انهي بت جي سيوا ۽ پوڄا پاٽ ۾ گذاري هئي. جڏهن مرڻ کي ويجهو ٿيو ته پنهنجي پٽ عباس کي وصيت ڪيائين ته اي منهنجا پٽڙا منهنجي ساري زندگي ”ضمار“ کي پوڄيندي گذري آهي ۽ هاڻ آئون مرڻ جي ڪنڌي تي آهيان. اگر تون منهنجي پگهر مان ۽ فرمانبردار پٽ آهين ته توکي وصيت ٿو ڪريان ته تون به انهي جي پوڄا ڪجان! توکي اتان لاڀ ملندو. عباس به پي جي وصيت مطابق ضمار جي پوڄا پاٺ شروع ڪئي. هڪ ڏينهن ان جي عبادت ۾ مشغول هو ته اوچتو هن جي زبان تي هيٺيان بيت تري آيا.
    ”قل للقبائل من سليم ڪلها، اودي ضمار و عاش اهل المسجد،
    ان الذين ورث النبوت والهديٰ، بعد ابن مريم من قريش مهتد،
    اودي ضمارو ڪان يعبد مره، قبل الڪتاب اليٰ النبي محمد.“
    ترجمو: اي ٻڌڻ وارا بنو سليم جي سڀني قبيلن کي چئو ته ضمار تباهه ٿي ويو ۽ مسجد وارا عيش ۾ آهن. بيشڪ اهو شخص جيڪو قريش جي قوم ۾ عيسيٰ بن مريم کان پوءِ هدايت ۽ نبوت جو وارث بڻيو آهي ”حضرت محمد مصطفيٰﷺ“ سچي راهه تي آهي ضمار بت جيڪو نبي سڳوري حضرت محمد صلي الله عليھ آلھ وسلم ڏانهن ڪتاب نازل ٿيڻ کان اڳ ۾ پوڄيو ويندو هو. انهي جا ڏينهن ختم ٿي ويا ۽ هو تباهه و برباد ٿي ويو. عباس چيو ته انکان پوءِ مون يڪدم ضمار کي باهه ڏئي ڇڏي. ۽ حضرت محمدﷺ جي حضور ۾ حاضر ٿي ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيس. معجم البلدان في تحقيق لفظ ضمار
    16. سعد: هي بت جده جي سامونڊي ڪناري تي رکيل هو. ان کي ڪنانھ جي پُٽن اتي رکيو هو. هي هڪ ڊگهي پٿر جو هو. آسپاس جا مانهو انهي کي پوڄيندا هئا ۽ ان جي آستاني تي قربانيون ڪندا هئا.
    17. سعير: هي بت عنزه جو هو. اهي انهي بت جي پوڄا ۽ قربانيون ڪندا هئا. ان جي چوڌاري طواف ڪندا هئا ۽ ميلا لڳرائيندا هئا.
    18. عوض: هي بت بڪر بن وائل جو هو. هڪ شاعر جو چوڻ آهي ته:
    حلفتُ بمائرات حول عوض، و انصاب ترڪن لدي السعير
    آئون قسم کڻان ٿو. انهن رتن جو جيڪي عوض بت جي چوڌاري وهايا وڃن ٿا ۽ انهن پٿرن جو جيڪي سعير بت وٽ رکيا ويا آهن.

    19. يعوب: هي بت طئي قبيلي وارن جو هو. اهي ان جي پوڄا پاٺ ۽ سيوا ڪندا هئا.
    20. باجر: هي بت اُزد قضاعه قبيلن جي سيوا ۾ هو ۽ ڪجهه طئي قبيلي جا ماڻهو به ان جي پوڄا ڪندا هئا.
    21. نهم: هي بت مزينه قبيلي جو هو. خزاعي بن نهم ان جو مجاور هو. جڏهن حضور انورﷺ جي نبوت جو پيغام سندس ڪنن تائين پهتو ۽ دل ۾ هنڍايائين ته کيس بت پرستي کان نفرت پيدا ٿي ته جن کي گهڙيون ۽ ٺاهيون به اسان ۽ ان اسان جي ٺاهيل شيءِ کي پوڄيون به اسان، حالانڪ انهن کي ته ڪڇڻ چرڻ ۽ پاڻ بچائڻ جي به سگهه ناهي. اگر ڪتو يا مک انهن تي مُٽي پئي ته ان کان پاڻ کي بچائي به نٿا سگهن. انهن سوچن بعد هن ان بي جان بت ۽ پٿر جي مورتي کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيائين ۽ هيٺيان شعر چوڻ لڳو.
    ”ذهبتُ اليٰ نهم لاذبح عنده، عتيرت شڪ ڪالذي ڪنتُ افعل،
    فقلتُ نفسي حين رجعت عقلها، اَهذا اِلٰھ ابڪم ليس يعقل،
    ابيتُ فديني اليوم دين محمد، الھ السماء الماجد المتفضل.“
    ترجمه: آئون معمول مطابق ڦنڊر ڍڳي ڪهڻ لاءِ نهم بت جي آستاني تي ويس پوءِ جڏهن عقل ڏانهن رجوع ڪيم ۽ سوچيم ته ڇا ڀلا زبان کان گونگو ۽ عقل کان خالي خدا ٿي سگهي ٿو؟ آئون ان کي نٿو مڃان. بس اڄ کان وٺي. منهنجو دين حضرت محمدﷺ وارو آهي، ۽ ان جي خدمت ۾ حاضر ٿي قانون فطرت کي تسليم ڪندي ڪلمون پڙهي مسلمان ٿيو ۽ پنهنجي مزيني قبيلي کي مسلمان ڪرڻ جو به ذمو کنيو.
    22. عُميانس: هي بت خولان قبيلي جو هو. جڏهن انهي قبيلي جا ماڻهو حضور انورﷺ وٽ اچي مسلمان ٿيا ته پاڻﷺ جن کانئن انهي بت بابت پڇا ڪئي. انهن عرض ڪيو ته الله تعاليٰ جي مهرباني سان اسان جي گهڻن کي سمجهه اچي ويئي آهي. ٿورا ڪي پوڙها ۽ پوڙهيون وڃي بچيون آهن. جيڪي پوڄين ٿا. اسان واپس وڃي ڪري انهن کي سمجهائينداسون.

    انهن وڌيڪ ٻڌايو ته اي الله جا رسولﷺ اسان جي قبيلي جا ماڻهو چوپائي مال ۽ پوک مان انهي بت لاءِ هميشھ حصو ڪڍندا هئا ۽ انهن جي طرفان الله تعاليٰ جي لاءِ پڻ هڪ حصو مقرر ٿيل هو. پر بت واري حصي کي اهڙي طرح وچ تي رکندا هئا جو جيڪڏهن چوپايو مال تباهه ٿي وڃي يا پوک کي جهولو سڪائي ڇڏي يا جهار کائي ڇڏي ۽ انهن مان ٿورو ڪي حصو بچي ته اهو عميانس جو ئي سمجهيو ويندو هو.
    هڪ سال ملڪ ۾ ڏڪار اچي ويو. ماڻهو بکن ۾ پيا مرن. پر عميانس جي پروانن انهي ڏکي حالت ۾ به عميانس جي حصي جا هڪ سو ڍڳا گڏ ڪري ان جي آستاني تي ڪٺائون ۽ گوشت اتي ئي ڇڏي هليا ويا. جيڪو بعد ۾ ڪتن ٻلن، گدڙن ۽ بگهڙن جو کاڄ ٿيو. جيڪي اڳي ئي ڪمزور جانورن کي چيري ڦاڙي کائڻ جا هيراڪ هئا. انهن لاءِ ته اهڙا ڪي به چار ٻيا به آستانا ٺهن. جتان هو مفت ۾ پيا کاڄ حاصل ڪن.
    عميانس جي عقيدتمندن جو عقيدو هو ته جيڪڏهن اهي پنهنجي مال مان ٻڪرا گهيٽا. ڍڳا يا اٺ انهي بت جي نالي تي سندن حصو سمجهي نه ڪڍندا ته انهن جو مال تباهه ٿي ويندو. چوندا هئا ته منهنجي هن ڦنڊر تان رقم معاف آهي. ڇاڪاڻ ته اهو عمانسي ڍڳو يا ڍور آهي يا عمانسي مهريو آهي. اهڙي طرح پوک بابت به ڊڄندا هئا ۽ بٽائي مهل ورهاست کان اڳواٽ عميانسي ٽويو ضرور ڪڍندا هئا.
    23. قيصر: هي بت شام ملڪ جي هڪ علائقي ۾ هو. جنهن کي لحم. قزاعه، جام عامله ۽ غطفان اهي سڀئي قبيلا پوڄندا هئا.
    24. دورا: هن بت جي ڪنهن خاص قبيلي ڏانهن نسبت معلوم نٿي سگهي آهي. مگر مورخين لکيو آهي ته عرب ٻين بتن وانگر انهي بت جي پڻ تمام گهڻي تعظيم ڪندا هئا. مرد توڙي عورتون سڀ ان جو طواف ڪندا هئا. انهي بت جو ذڪر عرب جي مشهور شاعر امروالقيس پنهنجي معلقھ ۾ هن طرح ڪيو آهي.
    فعن لناسرب کان نعاجھ، عذاري دوار في ملاءِ مذيل.
    اسان جي جهنگلي ڍڳين جي ولر تي نظر پئي جنهن ۾ ڍڳيون اهڙيون ته سهڻيون ۽ پليل هيون جهڙوڪر ڪنواريون ڇوڪريون ڊگهيون چادرون ويڙهي دوار بت جي چوڌاري طواف ڪري رهيون آهن.
    ڪن تاريخدانن امرالقيس جي انهي شعر کي ڏسي چيو آهي ته دوار بت عرب جي نوجوان ڪنوارين ڇوڪريون جي پوڄا پاٽ لاءِ مخصوص هو. نوجوان ڇوڪريون ئي ان جو طواف ڪنديون هيون ۽ ان کي پوڄينديون هيون.
    لسان العرب لغت جي ڪتابن ۾ آهي ته انهي بت جي آستاني تي پڻ پوڄا پاٺ کان علاوه ميلا ملاکڙا ڌمالون ڌمچر ٿيندا هئا. نشن پتن جون محفلون رچايون وينديون هيون.
    25. ذوالخصلھ: اصل ۾ يمن ملڪ ۾ هڪ مندر هو. ان ۾ چند بت رکيل هئا. انهن مان هڪ وڏو بت اڇي پٿر جو ٺهيل هو. ان تي تاج جي شڪل اُڪريل هئي. انهي کي خشعم دوس ۽ بحيله قبيلي وارا پوڄيندا هئا. انهن تي سکائون ۽ باسون باسيندا هئا. هونئن ته مندر ۾ رکيل سڀني بتن جي پوڄا پاٺ ڪندا هئا. مگر خاص توجهه اڇي بت ڏانهن هوندو هو. تنهنڪري مندر وارو نالو ذوالخصله انهي اڇي بت تي رکيو ويو هو. حضورﷺ جي حڪم تي حضرت جرير رضه پاڻ سان گڏ ڏيڍ سو سوار وٺي ذوالخصلھ بت جو ڪم تمام ڪيو ۽ ڀڃي ڀوراڀورا ڪيو.
    26. ذوالڪفين: هي بت دوس قبيلي جو هو. جڏهن دوس قبيلو مسلمان ٿيو ته طفيل بن عمرو دوسيءَ حضور انورﷺ جي ارشاد موجب ان کي ساڙي ختم ڪري ڇڏيو.
    27. ذوالشويٰ: هي بت بنو حارث بن يشڪر جو هو جيڪو اُزد قبيلي جي سنڀال هيٺ هو. انهن کان علاوه جُهار. اوال، محترمه، رضا، جريش، شارق، عائم، مدان، عوف، وغيرهم عجيب و غريب شڪلين ۽ صورتن سان هئا. بهرحال اهو دور زمانه جاهليت ۽ اسلام کان اڳ جو هو، جنهن ۾ رُشد و هدايت جو سلسله منقطع هو، هر شخص پنهنجي حال ۽ قال ۾ آزاد هو. جنهن جيڏانهن چاهيو اوڏانهن ڪاهيو. ظلمت جي ڪاري رات هميشه قائم نٿي رهي سگهي جنهن کي ختم ٿيڻو هو. آخرڪار آفتاب عالمﷺ جي بعثت کان پوءِ فتح مڪي جي وقت. پاڻ ڀلارنﷺ حضرت علي المرتضيٰ ٻين صحابه ڪرام کي حڪم ڏنو ته هنن پٿر جي مصنوعي خدائن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو. جاء الحق وزهق الباطل ان الباطل کان زهوقا.
    مگر افسوس اڄ اسان جي سڌريل سماج ۾ به غير مسلم ته ڇڏيو. مگر ڪلمه توحيد پڙهڻ وارا عاشق رسول سڏائڻ وارا الله جي نيڪ ٻانهن جي قبرن ۽ قبن تي ميلا ملاکڙا لڳرائي. سرڪس، ڊانس، نشا پتا، کدڙا ۽ ڇورا نچائي نه معلوم ڪنهن جي روح کي خوش ڪري رهيا آهن. جتي خدا فراموشي کان سواءِ ۽ شرڪ ۽ بي حيائي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. اللهم اهد قومي فانهم لا يعلمون.


    ان وقت عالمي حالات

    سوچيو ته جڏهن مهذب دنيا ۽ عرب انبياء جي ديش جو هي حال هو ته ان زماني ۾ دنيا جي ٻين غير مهذب ملڪن جو حال ڇا هوندو. تمام دنيا تي ڪفر ۽ شرڪ جا ڪارا بادل ڇانيل هئا.
    سپر پاور ايران جو اصلي مذهب مٽجي چڪو هو. اتي وري آتش پرستي جو زور وڌي ويو هو. ٻن خدائن کي مڃيندا هئا. هڪ يزدان خير جو خالق هو ته ٻيو اهرمن شر جو خالق مڃيندا هئا.
    روم ۽ يونان ۾ عيسائي مذهب رائج هو. گرجا گهرن ۾ حضرت عيسيٰ ۽ بي بي مريم جون تصويرون رکيل هيون. انهن تصويرن جي آڏو انساني سر، سربسجود ٿيندا هئا. خانقاهن ۾ راهب ۽ نينن جي گڏ رهڻ سان جيڪا حيا سوزي ۽ بيغيرتي عروج تي هئي. انهي جي بيان کان قلم، ڪاغذ ۽ ڪلڪ قاصر آهن. مصر ۾ اگرچه عيسائيت پکڙيل هئي. تاهم زياده تر مصري بت پرست هئا. انهن ۾ اهي سڀ عيب موجود هئا. جيڪي هڪ ذليل ۽ بت پرست قوم ۾ هئڻ گهرجن.
    جنهن سال دريا نيل ۾ پاڻي گهٽ ٿيندو هو. ان سال هڪ سورهن سالن جي حسين دوشيزه کي هار سينگار زيور پارائي ڪنوار بنائي درياء ۾ ٻوڙيو ويندو هو. انهن جو اعتقاد هو ته درياء نيل پنهنجي ڀيٽ لاءِ رڪجي وڃي ٿو. جڏهن هڪ چونڊ خوبصورت ڪنواري ڇوڪري نذر ڪئي وڃي ٿي ته ان ۾ طغياني اچي وڃي ٿي.
    هندستان مان ٻُڌ مذهب ختم ٿي رهيو هو. ان جي جاءِ تي برهمي مذهب بتدريج زور پڪڙي رهيو هو. تمام ملڪ ۾ بت پرستي جو زور هو ڪو به گهر اهڙو نه هو جنهن ۾ بتن جي پوڄا نه ٿيندي هجي. حقيقي ڀيڻ تائين پڻ شادي ڪرڻ ۾ ڪو به عار نه سمجهندا هئا. چنانچه سنڌ جي راجا ڏاهر پنهنجي حقيقي ڀيڻ سان شادي ڪئي هئي. سابقه تاريخ هندستانين جي اخلاق کي انتهائي پست ۽ انهن جي معاشرت کي بي حد قابل شرم ظاهر ڪري ٿي.
    رياستي راجائن جي دربارن ۾ شراب ڪباب ۽ شباب جون محفلون ۽ مُجرا روز جو معمول هوندو هو جتي رعيتي نوجوان ڪنواريون حسينائون نيم عريان لباس ۾ ساز، راڳ، رنگ سان رقص عام جام هوندو هو. پوءِ جيڪا جنهن کي وڻي انهي سان مجلس ۽ بستر بڻيو. بيحيائي جي به ڪا حد هوندي آهي، ليڪن هندستاني دربارن ۽ ٻاون جي مندرن ۾ ڪا به حد نه هئي. اهڙي طرح چينين جي حالت به انتهائي ناگفتھ بھ هئي. سندن تهذيب ۽ اخلاق کي سوچجي ٿو ته ڏندين آڱريون اچيو وڃن ٿيون. بهرحال اسان جو موضوع عرب دنيا سان آهي. انهي ڪري انهن جي حالات زندگي معاشرت، تهذيب و تمدن تي بحث ڪرڻو آهي.


    دنيا ۾ بت پرستي جي شروعات ڪيئن ٿي ۽ ڪڏهن ٿي؟

    حضرت آدم عليھ السلام ۽ حضرت نوح عليھ السلام جي وچ واري زماني ۾ وُد سُواع يعوق يغوث ۽ نسر نالي عظيم انسان هئا. جيڪي پنج ئي نهايت نيڪ دل ڀلارا بزرگ ۽ الله جا پيارا ٻانها هئا.
    الله پاڪ جي ڪرڻي جو اهي پنج ئي ڀلارا اتفاقي طور هڪ ئي مهيني ۾ مري ويا. هوڏانهن سندن مٽن مائٽن ۽ علائقي وارن جي ساڻن خاصي عقيدت مندي هوندي هئي. جنهن ڪري ڏينهن پهر ۾ عقيدتمند اچي سندن زيارتون ڪندا هئا ۽ کانئن خير جون دعائون گهرائيندا هئا.
    هاڻي ته ماڻهن جون دليون بي چين ۽ بي قرار ٿي پيون. اچڻ وڃڻ جو دروازو بند ٿي ويو. ان بي چيني ۽ بي سڪوني جي ڪري سندن ڪاروهنوار ۾ خاصو فرق پئجي ويو. هلندي هلندي انهن جي بي صبري ان حد تائين پهتي جو چاهڻ لڳا ته جيڪر ڪو اهڙو طريقو اختيار ڪجي، جنهن سان کين دلي سڪون ملي. انسان ذات جي ازلي دشمن شيطان موقعي کي غنيمت سمجهندي، سندن چاهت کي پرکي ورتو. تنهن قابيل جي خاندان مان ڪنهن نيڪ شخص جي صورت وٺي انهن وٽ اچي حاضر ٿيو ۽ انهن عقيدتمندن سان نهايت عجز، همدردي ۽ معذرت خاهي ڪندي. انهن کي چيائين ۽ صلاحون ڏيڻ لڳو ته آئون اوهان وٽ اوهان جي پريشاني کي ڏسي حاضر خدمت ٿيو آهيان. مون کي توهان جو احساس آهي. اوهان فقط حڪم ڪريو ته آئون انهن پنجن ئي بزرگن جي شڪلين ۽ ماڊلن ۾ ذري برابر به فرق نه هوندو بلڪل هوبهو هوندا. ٺاهي ڏيان ۽ توهان انهن مجسمن مان پيا پنهنجي زبرگن جي سڪ پوري ڪجو. ماڻهو منجهيل ۽ اٻالا هئا. اهڙي طرح شيطان جي ور چڙهي ويا ۽ کيس هٿ ٻڌي عرض ڪيائون ته انهن کي اهي مجسما ٺاهي ڏي. ته اي نيڪ مرد اسان تنهنجا ٿورائتا رهنداسون.
    شيطان به پنهنجو ڪم سمجهي اهي مجسما ترت تيار ڪري ڏنا. اهي مجسما هڪ اهڙي جاءِ تي رکيا ويا جتي هر ماڻهو اچي وڃي سگهي، ڪنهن لاءِ به روڪ ٽوڪ نه هجي. پوءِ ته جيڪو جتي پيو خبر ٻڌي. اتان پنڌ ڪري اچي زيارت ڪري ۽ پنهنجي عقيدت مندي جو اظهار ڪري. بزرگن جا مٽ مائٽ ۽ ڳوٺ وارا ته ويجهڙائي جي ڪري علي الصبح جي پهرين پهر ۾ اچي درشن ۽ مجرو ڪندا هئا. پوءِ پنهنجن ڪمن ڪارن ۾ لڳي ويندا هئا.
    انهن ماڻهن جو ڳچ عرصو اها ڪِرت هلندي رهي. پر جڏهن انهن جا پوڙها پڪا وفات ڪري ويا ۽ ننڍڙا، وڏا ٿيا ۽ جوان ٿيا ته انهن ماڻهن انهن ئي بتن جي پوڄا پاٺ شروع ڪري ڏني ۽ ڪائنات ۾ ان زماني کان وٺي مصنوعي خدائن، بتن، مجسمن ۽ مورتين جي پوڄڻ کي لائق ۽ درست سمجهيو ويو. پوءِ جيئن وقت گذرندو ويو تيئن نوان نوان لاڙا، خيال ۽ تصورات وڌندا ويا. اهڙي طرح بڇڙائي ويئي وڌندي. هاڻ پوڄا پاٺ سان گڏ، سکائون پهچڻ لڳيون. نذرانا ۽ باسون باسجڻ لڳيون. بيمار ماڻهو تندرستي لاءِ ٻاڏائڻ لڳا. بي اولاد، اولاد گهرڻ لڳا. ننڍا توڙي وڏا. جوان توڙي پوڙها انهن ئي بتن جي آڏو نرڙ گسائڻ لڳا. اتي ميڙا متا ۽ ميلا لڳا.
    وهندي ندي ۾ واندا موالي مجاور بنجي ويهي رهيا. جن به پنهنجا هٿ رنگڻ شروع ڪيا ۽ جن پڙها گهمائي ڪوڙا قصا ٻڌائي عوام الناس کي متوجهه ڪرڻ لڳا، ڄڻ ته اهو انهن لاءِ ابن ڏاڏن جو مذهب بنجي ويو. هنن سمجهيو ته هنن جي وڏڙن انهن بزرگن جي شڪلين تي اهي مجسما پوڄا ڪرڻ لاءِ ٺاهي رکيا آهن. حالانڪ اصل حقيقت اها هئي جيڪا مٿي گذري آئي.
    جڏهن ان قوم بت پرستي کي ئي پنهنجو مقصد ۽ مذهب سمجهي ورتو ته رب پاڪ کي رحم آيو. جنهن پنهنجي پياري ٻانهي حضرت نوح عليھ السلام کي انهن ڏانهن نبي ڪري موڪليائين جيئن ته انهن کي سمجهائي ۽ سڌاري ۽ هڪ خالق ۽ مالڪ جي طرف سڏي. حضرت نوح عليھ السلام توحيد جو پيغام کڻي قوم ۾ رات ڏينهن وڏي محنت ڪئي. ڪڏهن مجلس ۾ وڃي پئي توحيد جي ڳالهه ڪئي. ته ڪڏهن ڪنهن کي اڪيلي سر ويهاري سمجهايائين. مطلب ته حضرت نوح عليھ السلام کين سمجهائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. مگر ماڻهو به بنهي نٺر ۽ ضدي هئا. جيئن پوءِ تيئن ويا ضد ۾ چڙهندا ۽ الله جي نبي حضرت نوح عليھ السلام کي ايڏو ته تنگ ڪيو جو ان جو کاڌو پيتو هلڻ چلڻ ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو ۽ هڪ ٻي کي چوڻ لڳا ته وقالو لاتذ رُن الهتڪم ولا تذرُن ود ولاسوعا ولا يغوث والايعوق ولا نسرا ۽ چيائون ته هرگز نه ڇڏجو پنهنجي خدائن کي ۽ نه ڇڏجو ود کي ۽ نه سواع کي ۽ نه ڪي يغوث ۽ يعوق ۽ نسر کي سوره نوح 23.
    ڪتاب لکن ٿا ته حضرت نوح عليھ السلام ساڍا نو سو سال تبليغ ڪئي. مگر اسي يا ٻياسي ڄڻن کان سواءِ ٻي ڪنهن به ان جي نبوت کي تسليم نه ڪيو.
    آخرڪار حضرت نوح نبي عليھ السلام بيزار ٿي. بارگاهه الاهي ۾ عرض ڪيو ته اي رب تون ڏسين پيو. مون ڪيتري قدر تنهنجي هيڪڙائي جي تبليغ ڪئي اٿم. مگر انهن تي ڪو به اثر نٿو پوي. اٽلندو هنن منهنجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ تون هنن کي، هنن جي ٻچن ٻارن کي ۽ هنن جي درو ديوار کي ختم ڪر. نه رهي بانس نه بجي بانسري. جڏهن ڪا به قوم سڌرڻ کان بلڪل انڪار ڪري ڇڏيندي آهي ۽ حق کي ڇڏي ظلم ۽ باطل کان اصل نه مڙندي آهي ته پوءِ قانون الاهي حرڪت ۾ ايندو آهي. ان جو عذاب ان قوم تي حق ٿي ويندو آهي. تنهنڪري حضرت نوح عليھ السلام جي نافرمان قوم تي به پاڻي ۽ طوفان جو سخت عذاب آيو. الله تعاليٰ پنهنجي فرمانبردارن کي ٻيڙي تي چاڙهي جودي جبل تي سلامتي سان لاٿو، باقي بت پرستن ۽ ڪافرن کي سندن باطل معبود بتن سميت ٻوڙي ختم ڪري ڇڏيائين.
    تاريخ ۾ اچي ٿو ته اهي پنج ئي بت ٻوڏ جي پاڻي ۽ مٽي ۾ لڙهي لٽجي ويا هئا. ڪجهه عرصي کان پوءِ عاد عليھ السلام جي قوم انهن پنجنئي بتن کي ڳولي مٽي مان ظاهر ڪيو. اهڙي طرح نئين سر انهن بتن تي آستانا اڏجي ويا ۽ درگاهون ٺهي ويون ۽ ماڻهو کائن مرادون گهرڻ لڳا ته وري به الله تعاليٰ جو عذاب سخت طوفان ۽ ڪارن ڪڪرن مان تيز برسات جي صورت ۾ عاد جي قوم تي اچي ڪڙڪيو جنهن سان اها نافرمان قوم ذريون ذريون ٿي هلڪن کنڀن وانگر هوا ۾ اڏامي ٽڪرجي تباهه و برباد ٿي ويئي ان سان گڏ اهي پنج ئي بت پاڻي ۽ مٽي ۾ لڙهندي جده جي واهه جي ڪناري تي اچي پهتا. اتي انهن کي مٽي ڍڪي ڇڏيو.


    قريش عربن ۾ بت پرستي

    ابو المنذر هشام بن محمد بن سائب ڪلبي ڪتاب الاصٰنام ۾ لکيو آهي ته قريش عربن ۾ بت پرستي جو رواج هن طرح پيو. جو جڏهن حضرت اسماعيل عليھ السلام مڪي شريف ۾ رهائش اختيار ڪئي ته سندس ڪٽنب ۽ قبيلي ۾ الله پاڪ اهڙي برڪت وڌي جو هو تمام تيزي سان وڌڻ لڳو. تان جو ٿوري عرصي ۾ مڪو شريف حضرت اسماعيل عليھ السلام جي خاندان سان ڀرجي ويو. سڀئي پاڻ ۾ ايڪو ۽ ٻڌي قائم ڪري عمالقه جي قوم جيڪا اڳي مڪي ۾ رهندڙ هئي. ان کي لوڌي ڪڍي ڇڏيائون. پوءِ پاڻ ۾ هڪ خاندان ٿي گڏجي رهڻ لڳا. جڏهن ڌاريو ڪو به نه رهيو ته هنن جا وري پاڻ ۾ اختلاف ٿيڻ لڳا. جيئن رشتن ۾ دوري ٿيندي پئي ويئي. تيئن ايڪو ۽ اتحاد ٽٽندو پي ويو. ايستائين جو هلڪين ڦلڪين ڳالهين تي به هڪ ٻي تي هٿيار تاڻڻ لڳا. جنهن جي نتيجي ۾ انهن جون پاڻ ۾ جنگيون ٿيون. گهڻا ماڻهو جنگين ۾ موت جي منهن ۾ هليا ويا. گهڻا ماڻهو ملڪ ڇڏي ڀڄي ويا ۽ ٻي هنڌ آباد ٿيا باقي هٺيلا جوان ۽ ڏاڍا مڙس وڃي مڪي ۾ بچيا. جن ملڪ ڇڏيو. اهي به ڪنهن هڪ هنڌ آباد نه ٿيا ۽ خانه بدوش ٿي زندگي گذاريائون. مڪي جي ماڻهن ۾ ڪعبت الله جي تعظيم، حج ۽ عمري جون رسمون وغيره حضرت اسماعيل عليھ السلام کان وٺي ورثي طور رائج هيون. انهن کي قائم رکندي ۽ ڪعبت الله سان بي حد حساب محبت ۽ بي پناهه عشق هجڻ جي ڪري ڪو به شخص حرم کان ٻاهر سفر تي ويندو هو ته ڪعبت الله جي حرم جون پٿريون تبرڪ طور پاڻ سان گڏ کڻي ويندو هو. ۽ جتي ٽڪندو هو. اتي انهن کي آڏو رکي ڪعبي وانگر طواف ڪري سڪون حاصل ڪندو هو ۽ نيازمندي خاطر انهن ڏانهن مٿو جهڪائيندو هو ۽ انهن پٿرين کي چمي ڏيئي ڪعبي جي سڪ پوري ڪندو هو. وهمي مت جي موڙهيل ماڻهن ڏٺو ته سندن وڏڙا پاڻ سان گڏ پٿر کڻي هلندا هئا ۽ انهن جي تعظيم ڪندا هئا. شايد اهي پنهنجون مرادون اتان ئي ماڻي وٺندا هئا. انهي ڪري ته گڏ کڻندا هئا تنهنڪري پوين ابراهيمي سچو دين ڇڏي، پٿرن جي پوڄا پاٺ شروع ڪري ڏني.
    ان کان اڳتي وڌي عربن ۾ جنهن بت پرستي جو رواج وڌو. اهو عرب جي مشهور قبيلي خذاعھ جو وڏو ڏاڏو عمر بن لحي خزاعي هو. جنهن جي ماء جو نالو فهيره هو. جيڪا مڪي جي والي عمرو بن حارث جي ڌي هئي. جڏهن عمرو بن حارث مري ويو ته ان جي جاءِ تي سندس ڏوهٽي عمرو بن لحي خذاعي کي مڪي جي والي هجڻ جي پڳ ٻڌائي ويئي. جنهن جي خاندان تقريباً ٽي سو سال مڪي جي حڪومت سنڀالي.
    هڪ ڀيري هو بيمار ٿي پيو. ڪنهن ڪاهن ان کي چيو ته تون شام ملڪ ۾ هڪ مشهور واهه آهي. انهي ۾ غسل ڪندين ته چڱو ڀلو ٿي ويندين. هن سفر ڪري وڃي ان واهه ۾ غسل ڪيو ته خدا جي قدرت سان هو چڱو ڀلو ٿي ويو. اتان جي ماڻهن کي ڏٺائين ته هڪ خوبصورت بت جي پوڄا ڪري رهيا هئا. انهن کان هن پڇيو ته اوهين انهي مٽي جي بت کي ڇو ٿا پوڄيو؟
    انهن چيس ته هي اسان جو معبود آهي. ان کان اسان مينهن وسائڻ لاءِ دعا گهرندا آهيون ته جلد مينهن وسي پوندو آهي ۽ ان کان اسان پنهنجي دشمنن تي فتح گهرندا آهيون ته فتح حاصل ٿي ويندي آهي. اهڙي طرح اسان جيڪا به مراد هن کان گهرندا آهيون ته اها پوري ٿي ويندي آهي.
    انهي جواب تي عمرو بن لحي خذاعي پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيو ته آئون مڪي جو والي قريش جو سردار عمرو بن لحي آهيان.
    پوءِ مون کي به هڪ اهڙو معبود ”بت“ ڏيو. انهن کيس هُبُل نالي هڪ بت ڏنو، جنهن کي هو مڪي کڻي آيو. ۽ ڪعبت الله ۾ اچي رکيائين. اهو سڀ کان پهريون بت هو. جيڪو ڪعبت الله ۾ رکيو ويو. مڪي جي والي هجڻ جي حيثيت سان اعلان ڪيائين ته آئنده لاءِ هن هُبُل کي پنهنجو معبود ڪري مڃيو وڃي ۽ هن کي ئي سجدو ڪري پنهنجون مرادون گهريون وڃن. اهڙي طرح قريش عربن هڪ خاص شڪل ڏانهن مٿو ٽيڪيو ۽ هُبُل بت جي شيوا ڪرڻ لڳا.
    ان کانپوءِ عمرو بن لحي خذاعي هڪ عظيم شخصيت سڏجڻ لڳو ۽ سندس سرداري کي چار چنڊ لڳي ويا ڇاڪاڻ ته هن عربن کي نياز ۽ نوڙت لاءِ هڪ نئون رخ مقرر ڪري ڏنو. جيڪي اڳي عام پٿرن ڏانهن جهڪندا هئا ۽ مرادون گهرندا هئا. هاڻي هڪ هُبُل جي چائنٺ تي پيا نرڙ گسائين.
    ڪجهه عرصي کان پوءِ خذاعي کي شيطان خواب ۾ خبر ڏني ته ”جده“ ۾ هڪ واهه جي ڪپر تي اوائلي دور جا پنج پاڪ يعني پنج بت مٽي ۾ لٽيل فلاڻي هنڌ پيا آهن. اتان هنن کي هيڏانهن کڻائي اچ. ان سان اڃان توکي وڌيڪ عزت، دولت، ۽ دوام حاصل ٿيندو. ۽ تنهنجي حڪومت وڌيڪ پختي ٿيندي. خزاعي اڳي ئي وهمي ۽ حريص قسم جو ماڻهو هو. شيطان جي خبر تي يقين ڪري ”جده“ وڃي نڪتو. اتان واهه جي ڪناري تي خواب ۾ ڏيکاريل هنڌ تان پنج ئي بت ڳولي مٽي مان کوٽرائي مڪي شريف کڻي آيو.
    جڏهن حج جي موسم آئي ۽ آس پاس جا عرب مڪي ۾ گڏ ٿيا ته خزاعي سڀني عربن کي انهن بتن جي پوڄا لاءِ زور ڀريو. سڀ کان اڳ ۾ عوف بن عذره بن زيد بن لات ان جو چوڻ مڃي ورتو. ته ان کي ودبت ڏيئي ڇڏيائين. عوف ان بت کي دومت الجندل جي وادي ”القري“ ۾ کڙو ڪري بيهاري ڇڏيو. ۽ ان جي نالي تي پنهنجي پٽ جو نالو عبد ود رکيائين.

    عرب ۾ اهو پهريون شخص هو جنهن پنهنجي پٽ تي بت جو نالو رکيو. ان کان پوءِ عوف پنهنجي ٻي پٽ عامر کي ان جو مجاور بڻايو. اهڙي طرح اسلام جي اچڻ تائين سندس اولاد ان بت جو مجاور ٿيندو رهيو.
    بت پرست اگرچه بتن جي پوڄا ڪندا هئا ۽ انهن لاءِ طواف، قربانيون، نذر نياز به ڪندا هئا پر اصل سپر پاور الله پاڪ جي ذات کي مڃيندا هئا. ان سان گڏ هيٺيان عقيدا به رکندا هئا.
    1. زمينن ۽ آسمانن کي پيدا ڪرڻ وارو هڪ الله پاڪ آهي.
    2. سج چنڊ ۽ سيارن کي پنهنجي حڪم موجب هلائيندڙ هڪ الله پاڪ آهي.
    3. ڪشادو رزق ڏيڻ وارو ۽ رزق تنگ ڪرڻ وارو هڪ الله پاڪ آهي.
    4. آسمانن کان پنهنجي مرضي موجب مينهن وسائڻ وارو هڪ الله پاڪ آهي.
    5. ان پاڻي سان غيرآباد زمين کي آباد ڪرڻ وارو، سڀ کان ڏاڍو ۽ هر حال کي ڄاڻندڙ آهي.
    6. زمين ۾ جو ڪجهه به آهي، ان جو حقيقي مالڪ ۽ وارث هڪ الله پاڪ آهي.
    7. ستن آسمانن، ستن زمينن ۽ عرش عظيم جو رب آهي. هر شيءِ تي ان جي حڪومت آهي.
    8. هر هڪ کي پناهه ڏيڻ وارو ۽ پاڻ ڪنهن کان به پناهه وٺڻ وارو ناهي.
    9. نه هو ڪنهن جهڙو آهي نه وري ڪو هن جهڙو آهي. ٻڌندڙ، ڏسندڙ هر جاءِ حاضر ناظر آهي.
    10. جاندار شيءِ کي بي جان مان ۽ بي جان شيءِ کي جاندار مان ڪڍڻ وارو هڪ الله آهي.
    11. اسان جڏهن ٻيڙين ۾ چڙهي سمندن ۾ وڃون ٿا ته اتي حفاظت ڪرڻ وارو ۽ سامونڊي لهرن ۽ طوفانن کان بچائڻ وارو هڪ الله پاڪ آهي. جيڪو بي نياز ۽ بي پرواهه ذات آهي. اهڙي بهترين توحيد سان ڀريل عقيدن هوندي به اهي ماڻهو پنهنجي مصنوعي بتن جي به عبادت ڪندا هئا ۽ انهن کان مرادون گهرندا هئا. ان لاءِ انهن جا مختلف جواب ۽ رايا هئا.
    1. ڪن جو چوڻ هو ته اسان ۾ ايتري حيثيت ناهي جو سڌي طرح الله پاڪ جي عبادت ڪري سگهون ۽ الله پاڪ کان مرادون گهري سگهون، ڇاڪاڻ ته الله پاڪ جو شان بلند و بالاتر آهي ۽ اسان سڌي طرح ان تائين رسائي نه ٿا ڪري سگهون، تنهنڪري اسان انهن الله وارن بزرگن جي شڪلين تي ٺهيل بتن ”مورتين“ جي پوڄا ڪندا آهيون. جيئن ته اهي اسان کي به الله تعاليٰ جي ويجهو بڻائين. جيئن قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي. مانعبدهم اِلا ليقربو نا اليٰ الله زُلفيٰ. ترجمو: اسين رڳو انهن جي هن لاءِ عبادت ڪريون ٿا ته اهي اسان جو درجو الله وٽ ويجهو ڪن. الزمر3.
    2. ٻين جو چوڻ هو ته پنهنجون مرادون پوريون ڪرڻ لاءِ اسان هنن کي ان ڪري پڪاريندا آهيون جيئن ته اهي الله تعاليٰ وٽ اسان جا سفارشي ٿين ۽ اسان جا ڪم آسانگي سان ڪرائي ڏين ڇاڪاڻ ته اسان سڌي طور گهرڻ کان بي وس آهيون. انهي راءِ جو پسمنظر قران پاڪ ۾ هن طرح آيو آهي.
    ”وَيَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ مَا لَا يَضُرُّھُمْ وَلَا يَنْفَعُھُمْ وَيَقُوْلُوْنَ هٰٓؤُلَاۗءِ شُفَعَاۗؤُنَا عِنْدَاللّٰهِ ۭ قُلْ اَتُنَبِّـــــُٔوْنَ اللّٰهَ بِمَا لَا يَعْلَمُ فِي السَّمٰوٰتِ وَلَا فِي الْاَرْضِ ۭ سُبْحٰنَهٗ وَتَعٰلٰى عَمَّا يُشْرِكُوْنَ“ ترجمو: الله کان سواءِ انهن جي پوڄا ڪن ٿا. جيڪي نه نقصان ڏيئي سگهن ٿا ۽ نه وري نفعو ڏيئي سگهن ٿا ۽ اهي پوڄاري چون ٿا ته اهي بت الله پاڪ وٽ اسان جا سفارشي آهن. اي پيغمبرﷺ تون انهن کي چئو ته ڇا توهان الله پاڪ کي اهڙي شيءِ ٻڌايو ٿا؟ جيڪا آسمانن ۽ زمينن ۾ کيس معلوم ناهي؟ اهو ته پاڪ آهي ۽ انهن کان بلند و بالا آهي. جن کي سندس شريڪ ڪن ٿا. (يونس 18)
    مطلب ته اهي سڌي طرح سان نه پر اڻ سڌي طرح سان هڪ ئي خدا جي عبادت ۽ پڪارڻ جا قائل هئا. پوءِ به قرآن پاڪ انهن کي مشرڪ ۽ ڪافر قرار ڏي ٿو. اڄوڪي دور ۾ به ڪي نالي جا مسلمان انهن مشرڪن واريون ئي اٽڪلون ڪري. چرب لساني سان پنهنجا سٺا سٺا عقيدا بيان ڪري ٻين کي ۽ پاڻ کي دوکي ۾ آڻي آخر ۾ چون ٿا ته اسان ۾ الله تعاليٰ ايترو ست ئي نه رکيو اهي. جو سڌي طرح ان کي پڪاري پنهنجون مرادون گهري سگهون. تنهنڪري اسان هنن بزرگن ”بتن“ کان ٿا گهرون ۽ هو الله کان گهري اسان جو مسئلو حل ڪرائيندا.
    غير مسلم هندو به پنهنجن بزرگن سري رام چندر، سري ڪرشن، سيتا، هنومان، لڇمي وغيره جون مورتيون ٺاهي انهن جي پوڄا ۽ مرادون گُهرن ٿا ته مسلمان وري اهل قبور جي آڏو مرادون گهرن ٿا ۽ باسون، سکائون ڏين ٿا. ائين ڪرڻ سان هندو ته ڪافر ۽ مشرڪ ٿي وڃي ٿو پر مسلمانن لاءِ راهون ڪشاديون آهن نه ايمان ويو نه شرڪ ٿيو هو پڪو مومن.
    افسوس مسلمان پنهنجي نفس اماره ۽ غلط سوچ تي ڪيترو نه نازان آهي. پنهنجي حقيقي خالق و مالڪ کي ڇڏي، محتاج، بيوس مرده مخلوق کي پيو پوڄي. واه مسلمان تنهنجي سوچ.
    وُئے افسوس ناکامی متاع کاروان جاتا رہا،
    کاروان کے دل سے احساس زیان جاتا رہا،
    نہ خدا ہی ملا نہ وصالِ صنم، نہ اِدہر کا رہا نہ اُدہر کا رہا۔
    ڪي ته براءِ نام مسلمان ڪاٺي جي ٽڪري کي ايمان جو علم ”جهنڊو“ بنائي مٿو پيا ٽيڪين ۽ صبح و شام سيوا پيا ڪن. پڇڻ کان پوءِ سڀني جي راءِ اها هجي ٿي جيڪا مڪي جي مشرڪن جي هئي. مگر الله پاڪ ڪافرن ۽ مشرڪن جي انهن راين ۽ خيالن کي ڪفر ۽ شرڪ قرار ڏنو آهي. ڇاڪاڻ ته انهن سڀني راين ۽ خيالن جو آخري مقصد سڌي طرح عبادت ڪرڻ ۽ مرادون گهرڻ کي عيب سمجهڻ ۽ اڻ سڌي طريقي کي اپنائڻ اهو عين شريعت ۽ جائز و حلال آهي. اهڙي سمجهه ۽ عقل و علم تي روئڻ ئي چڱو آهي.


    ڪائنات ۾ انقلاب جا آثار

    هڪ عجيب طوفان:
    دنيا ۾ بت پرستي گمراهي ۽ ظلم جو هي ڪارو دور هلندو رهيو. تان جو هڪ ڏينهن مڪي ۾ هوا جو اهڙو ته طوفان آيو جو اک نه ڏسي گوڏي کي. ان وقت مڪي تي قهر الاهي جو نزول ٿي رهيو هو. ملائڪن خدا جي حڪم سان هوا جا تمام دروازا کولي ڇڏيا هئا. هوا پنهنجي زور ۽ طاقت سان مڪي وارن تي حملي آور ٿي رهي هئي.
    ننڍا وڏا عورتون ۽ مرد دانهون ڪيڪون ۽ ڪوڪون ڪري رهيا هئا. روئي پنهنجي مصنوعي معبودن جي آڏو روئي آهون ۽ زاريون ڪري رهيا هئا. مگر اهي معبود پٿر جا هئا. انهن ڪجهه به نه ٻڌو. انهن جي پرستارن تي قهر الاهي جو نزول هو. ۽ بت خاموش هئا. آفتاب لڪي ويو هو ۽ ڏينهن رات ۾ تبديل ٿي چڪو هو. ڪا به شيءِ نظر نٿي آئي. تيز هوا واري جا ڍڳ آڻي شهر جي مٿان واري ۽ مٽي جا وسڪارا لائي ڏنا هئا. ابو طالب ۽ سندس ڀاءُ ابو لهب ڪعبت الله جي ڇت تي چڙهيل هئا. تيز هوا جي تيز جهونڪي ٻنهي کي هيٺ پٽ تي ڪيرائي ڇڏيو هو. انهن ڏاڍيون دانهون ڪيون مگر ٻڌڻ وارو ڪو به نه هو.
    ماڻهن سمجهي ورتو هو ته قيامت اڄ ئي واقع ٿيڻ واري آهي. ڪائنات جو ذرو ذرو اڄ ئي مٽجي ويندو. اربعه عناصر هڪ ٻي سان ملي ٽڪر کائي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندا. گويا ڪه آسمان ڦاٽي انهن جي مٿان ڪرڻ وارو آهي. سڀ ڏڪي رهيا هئا. ماڻهن جي انهن دانهن ۽ چيخن تي ڌڻي پاڪ کي رحم آيو. هوا گهٽ ٿيڻ لڳي ۽ سج چمڪڻ لڳو. ماڻهن جي جسم ۾ جان آئي.

    هڪ عجيب روشني ۽ چمڪ:
    انساني دنيا تي اڃان هوا جي طوفان جو رعب ڇانيل ئي هو ته مغرب طرف کان هڪ عجيب قسم جي روشني ۽ چمڪ ظاهر ٿي عوام الناس ۾ ان روشني کي ڏسي حيرانگي ٿي. جو هنن هن کان اڳ اهڙي روشني ۽ چمڪ ڪڏهن به ڪو نه ڏٺي هئي.


    هڪ ڪاهن جا ڪرتب ۽ پيشنگوئي

    اهي عرب اڃان انهي حيرانگي ۾ هئا ته هڪ پوڙهو شخص عجيب شڪل و صورت جو انسان هو. سندس منهن ڊگهو. ڳلن جون هڏيون ٻاهر نڪتل. پيشاني تنگ. اکيون چونچيون. چمڪيليون ۽ اندر ٻڏل. مٿي جا وار ڊگها ڪلهن ۽ سيني تي پکڙيل اڇا. ڏاڙهي دن تائين ڊگهي. مڇون ڏاڙهي سان مليل. اهڙي طرح جو منهن ۽ چپ ڍڪيل جهڙوڪر باندر يا ڪا هيوليٰ هجي.
    ان جي هڪ هٿ ۾ انساني کوپري، ٻي هٿ ۾ ڪنهن انسان جي ٻانهن جي هڏي گلي ۾ انساني هڏين جي مالها. پوشاڪ عجيب اٺ جي کل جو هڪ جُبو هو. انهي پوڙهي جو نالو ابرشن هو. هي ڪاهن به هو ”گذريل زماني جي خبر ڏيندڙ“ ته اعراف ”ايندڙ زماني جي خبر ڏيندڙ“ به هو. ان کي غيب داني جي دعويٰ هئي. تمام عرب ۾ ان جي ڏاڍي شهرت هئي. عرب ان کي مافوق الفطرت سمجهندا هئا. ان جي جلال ۽ جمال کان ڏاڍا ڊڄندا هئا. ان جي چوڻ ۽ غيب داني تي ڏاڍو يقين ۽ ڀروسو هو ڪنهن به عرب کي اها جرائت نه هئي جو ان جي ڳالهه نه ٻڌي يا ان جي ڳالهه کي رد ڪري. يا ان جي ڳالهه تي يقين نه ڪري. هو هڪ ٿلهي تي چڙهي خطاب ڪرڻ لڳو.
    شريف عربو: مون ڏانهن ڏسوءِ منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌو. توهان ان روشني ۽ چمڪ کي ڏٺو؟ اچو آئون توهان کي ٻڌايان ته اهو ڇا آهي؟ ۽ ڇو آهي؟ مَت جا موڙهيل سڀ ماڻهو ان جي طرف ڊوڙيا. سڀ خاموش. ڪنهن جي ساهه کڻڻ جو آواز به بند. ابرشن شعله باز نظرن سان چئن طرفن ڏٺو. هر طرف ماڻهن جا انبوهه هجن، سڀ خاموش ان کي تڪي رهيا هئا ته هاڻ هو ڇا ٿو چوي. ابرشن چيو اي لات و منات جا پوڄاريو ٻڌو. ڏسو منهنجي هڪ هٿ ۾ هي هڪ انساني کوپري آهي ۽ ٻي هٿ ۾ انساني ٻانهن جي هڏي آهي. ابرشن پنهنجي تقرير جاري رکندي چيو. اي عرب جا مايه ناز فرزندو! هن کوپڙي جي طرف ڏسو. هن کوپري مون کي آئنده جا واقعا ٻڌايا آهن. ته دنيا پاسو ڦيرڻ واري آهي ۽ هن دنيا ۾ هڪ وڏو انقلاب اچڻ وارو آهي.
    غيور عربو: ڇا توهان پنهنجي خدائن جي تذليل برداشت ڪندا؟
    هر طرف کان آواز اچڻ لڳا نه نه ڪڏهن به نه. هرگز نه، زندگي جي آخري دم تائين نه. ابو لهب وڏي واڪي چيو ته اسان، پنهنجي معبودن جي تذليل ڪرڻ واري جو سر قلم ڪري ڇڏينداسون. مري ويندا سون مگر اسان پنهنجن معبودن جي تذليل هرگز برداشت نه ڪنداسون.
    ابرشن چيو شاباش غيور عربو. مون کي اوهان مان اها ئي اميد هئي. اهو ئي ٿيڻ کپي. جن معبودن کي اسان ۽ اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا آيا آهيون. ڇا اسان اهڙا بي حس. ذليل ۽ اهڙا ڪميڻا ٿي ويا آهيون. جو انهن جي تذليل برداشت ڪريون. لات و منات جو قسم هرگز نه، ته پوءِ معبود ان حقيقي جا پوڄاريو ٻڌو. اڄ رات صبح صادق جي وقت اها هستي عالم وجود ۾ اچي چڪي آهي. جيڪو اسان جي معبودن جي تذليل ۽ اها نت جو علمبردار هوندو.
    پاسي ۾ بيٺل هڪ اعراف اعلان ڪري چيو ته منهنجي ڇٽي حس ٻڌائي ٿي ته فارس جو آتشڪده جيڪو هزارن سالن کان وٺي ٻرندڙ هو، اهو اڄ وسامي چڪو آهي. وري هڪ ٻي ڪا هن رڙ ڪري چيو ته جنهن ڪسري کي پنهنجي شهنشاهيت ۽ قيصر شهنشاهه تي ناز هو. ان جا ٻارهن ڪنگرا ٽٽي ڪري پيا آهن. ۽ سندس خدائي جي دعويٰ مٽي ۾ ملي ويئي آهي.
    ٽي هڪ بت پرست ڏاڍي افسوس سان چيو ته اڄ منهنجي بت خانه جا سڀ بت اونڌا ڪري پيا آهن. منجهائن آواز اچي رهيا آهن ته اسان جي خدائي جا ڏينهن ختم ٿي چڪا آهن. اڄ هدايت جو آفتابِ عالم طلوع ٿي چڪو آهي.
    ابرشن پنهنجي تقرير جاري رکندي چيو ته اي غيرتمند قريش وارو. توهان هنن ڳالهين کي ڇڏيو ۽ منهنجي ڳالهين کي ڌيان سان ٻڌو. اڄ رات دنيا ۾ صرف ۽ صرف هڪ انسان پيدا ٿيو آهي. جيڪو نهايت مستقل مزاج ۽ بردبار انسان آهي. ان جي پختي عزم ۽ ارادي کي مصيبت جا هزارين بلڪ لاکون پهار لوڏي نٿا سگهن. هو پنهنجي وعدي ۽ پروگرام جو ڏاڍو پڪو هوندو.
    اڄ هُن جي عمر پورا چاليهه سال ٿي ويئي آهي. مون کي هن کوپري ٻڌايو آهي ته ايترو عرصو هو گمنام ۽ گوشئه نشين هو. هاڻ ظاهر ٿيندو. بتن جي خلاف تقريرون ڪندو بت پرستي کان منع ڪندو. هڪ خدا پرستي جي تعليم ڏيندو. اچو رُؤو ۽ خوب دل ڀري روو اسان جا هي معبود به اسان کان منهن موڙي ويندا. دنيا هڪ اڻ ڏٺي خدا جي سامهون جهڪندي. تمام عرب ان دٻاءُ ۾ اچي ويندو. هاءِ افسوس ڪهڙو نه برو زمانو هوندو. ابرشن جون اکيون پاڻي ۾ ڀرجي آيون. مجمع ۾ هڪ سڪوت طاري ٿي ويو ۽ اڪثر ماڻهو روئڻ لڳا. هڪ روڄ راڙو پيدا ٿي ويو ابو لهب ”اڳتي وڌي چيو“ مقدس هُبُل جو قسم آئون هر ان شخص کي قتل ڪندس جيڪو اڻ ڏٺي خدا کي مڃيندو يا سجدو ڪندو.
    ابرشن ڪاش! ابو لهب تون جيئن چوين پيو. تيئن ڪري سگهين؟ مگر هي کوپڙي ٻڌائي ٿي ته تون ائين ڪو نه ڪندين. پنهنجي معبودن جي تذليل ٿيندي تون ڏسندين به سهي. مگر تون ڪجهه به نه ڪندين.
    حمزو، ڇا ڪا تدبير ان مصيبت کان بچڻ جي به آهي يا نه؟
    ابرشن ها آهي پهرين ڳالهه ته توهان پاڻ ۾ پراڻيون دشمنيون ۽ اختلاف ختم ڪريو. تمام عرب قبيلا متفق ۽ متحد ٿي وڃو. کنڊ کير وانگر ملي وڃو. عهد ڪريو ته هڪ اڻ ڏٺي خدا جي مڃڻ واري جي گڏ جي پُرزور مخالفت ڪنداسون خواهه اهو شخص ڪير به هجي. ان جي ايذاء رساني ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪنداسون. ان کي ڪوشس ڪري قتل ڪري ڇڏينداسون. ان وقت ڪعبت الله جا مجاور ۽ ڪنجي بردار بنو هاشم وارا هئا ۽ مڪي ۾ حڪومت به بنو هاشم وارن جي هئي. انهي ڪري هي قبيلو ٻين قبيلن کان ممتاز ۽ مٿاهون مڃيو ويندو هو.
    ابرشن کي يقين هو ته هنن جي معبودن جي تذليل ڪرڻ وارو فرد بنو هاشم مان ئي آهي. ڇو ته گهر کي باهه گهرجي ئي ڏيئي مان لڳندي آهي. ”قانون مشهور آهي“ بني هاشم جي رعب ۽ دٻدٻي جي ڪري ڪو به هنن جي طرف ميري اک کڻي نهاري نه سگهندو. انهي ڪري هو هي چال هليو ته بيت الحرام ۾ سڀ کان عهد ورتو وڃي. عربن جي هي هڪ خصوصيت رهي آهي ته جيڪو عهد و اقرار هو ڪري وٺندا هئا. ان کان وار برابر به پوءِ تي نه هٽندا هئا. ان ڳالهه جي پرواهه نه ڪندا هئا ته ان ۾ ڪيترو مالي يا جاني نقصان ٿيندو.
    چه جائيڪ اهو عهد و پيمان بيت الحرام ۾ هجي ته ان جي اهيمت ڇا هوندي؟ تمام عربن جهُڪي لات و عُزيٰ جو قسم کڻي عهد و اقرار ڪيائون ته اسان پنهنجي معبودن کي برو چوڻ واري کي قتل ڪنداسون زنده نه ڇڏينداسون اهو خواهه ڪهڙي به قبيلي مان هجي.
    ابو لهب: معزز ڪاهن توهان شايد قبيلي بنو هاشم جي طرف اشارو ٿا ڪريو؟ آئون وعدو ٿو ڪريان ته اهڙو ماڻهو. اگر اسان جي قبيلي مان هوندو ته سڀ کان پهريائين منهنجي تلوار ان جي گردن تي هوندي. اوهان مطمئن رهو.
    ابرشن هي صرف منهنجو خيال ناهي بلڪ هي مقدس کوپڙي ٻڌائي ٿي ته اهو بني هاشم مان ئي هوندو. ابرشن کوپڙي گهمائي، سڀني ڏٺو ته چٽن لفظن ۾ نام نامي اسم گرامي ”محمد“ لکيل هو. سڀ ان مبارڪ نالي کي ڏسي خاموش ۽ حيران رهجي ويا.


    آفتاب عالم جو طلوع

    ”سچو سردار، ڪري سينگار آيو منجهه عرب“
    سَو شڪر صاحب سندا، سردار آيو منجهه عرب.
    حمد هادي کي، هنيئن جو هار آيو منجهه عرب.

    ڪل نبي جنهن نور جون خبرون ڪندا ويا خلق سان،
    سو سچو سيّد ڪري سَو سينگار آيو منجهه عرب.

    شاهه سهڻي شڪل سان شافع شفيع المذنبين،
    مالڪ ساري مُلڪ جو، مهندار آيو منجهه عرب.

    بي بهادر او بهادر، بي مثل، بالا بشير،
    هر دو عالم اجهو آڌار آيو منجهه عرب.

    مُهڙ مڙني مُرسلين، محبوب مشفق مهربان،
    مير مرسل مصطفيٰﷺ مختيار آيو منجهه عرب.

    جِن، مَلڪ، ماڻحو مڙهن ۾، اي مبارڪ ٿي مِلي،
    هوته حضرت هاشمي، هوشيار آيو منجهه عرب.

    ڪوٽ ڪريا ڪفر جا ڪر ڳل ڪفارن ۾ پيو،
    ٿيون ڪيهون، هي ڪير ڪلنگيدار آيو منجهه عرب.

    هو اڳي اڳواڻ کان عالم سڄو اوندهه هيٺ،
    اوچتو نوري نکٽ نروار، آيو منجهه عرب.

    مهندي کان هو، ملڪ موجن ۾ ملول،
    تان وٺي ترهو طرف تک تر آيو منجهه عرب.

    هو گهڻين واٽن سبب اڳ، گس ڪنان گمرهه جهان،
    پوءِ سونهون ٿي ڪاڻ سڀ، سردار آيو منجهه عرب.

    ملڪ سارو سوڪ ۾ هو، اڳ ڪنان جانيءَ جناب،
    تان ڪڪر رحمت ڪري، ڪس ڪار ڪري آيو منجهه عرب.

    هر طرف گجگاهه گوڙين، ٻي طرف کنوڻين جا کيل،
    لاهي بادل بوند، بارو بار آيو منجهه عرب.

    بر وٺا ۽ ٿر وٺا، سر وٺا اوسر لٿا،
    ميگهه مينهن مانڊاڻ سين، مڻيادار آيو منجهه عرب.

    ساوڪون صحرا ڏسي، پئي پعجبُ الزداع ياد
    سڀ جماعت سان جُڙي، جنسار آيو منجهه عرب.

    مند مڙوئي مينهن جي، جنهن دم وسي تنهن ويل وس،
    لاٿي جهڙ ڦڙ جا بابجا، جهونجهار آيو منجهه عرب.

    آهي اُوٻن عالمن جو، اول ۽ آخر امام،
    ڪين ڪو چمڪي رڳو، چوڌار آيو منجهه عرب.

    ٿيو ملاقي سان مالڪ، مصطفيٰ معراج رات،
    دم اندر اونها ڏسي، اسرار آيو منجهه عرب.

    خوبصورت خلق ۾، جهڙس نه خلقيو ڪٿ خدا،
    او امانت جو امل، اظهر آيو منجهه عرب.

    آسون ”احمد“ رکي، آخر هليو پاسي عجيب،
    پير بنبڻين مان ڪري، پينار آيو منجهه عرب.

    حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليھ وآلھ وسلم عبدالله جو پٽ، عبدالمطلب جو پوٽو ابولهب، ابوطالب حمزو و عباس جو ڀائيٽيو، آمنھ جو لال، وهب جو ڏوهٽو 22 اپريل سنه 571ع مطابق 9 ربيع الاول سن هڪ عام الفيل واقعه فيل کان پنجاهه ڏينهن بعد موسم بهار بروز سومر، پهرين تاريخ جيٺ 628 بڪرمي بوقت صبح صادق قبل از طلوع آفتاب آفتاب هدايت عالم مڪي شهر ۾ ڪوهه فاران جي چوٽي تي ظاهر ٿيو ۽ سن جولين 19 اپريل 5284 آهي ۽ انهي ابرشن واري ڏينهن سندن عمر مبارڪ پورا چاليهه سال ٿي چڪي هئي. فلِلّٰهِ الْحَمْدَ.
    جي ها!! مڪي جو ٻچو ٻچو ۽ هر فرد آمنھ جي لال جي خوبين کان چڱي طرح واقف هو. جماليت ۽ ڪماليت جي جملي اوصاف ۽ خوبين کان علاوه محبوب رب العالمين حق گو. امانت دار، صادق، جو امع الڪلام، تمام ٿورو ڳالهائيندڙ گهڻو شرمائيندڙ، گوشئه نشين. جنهن جي اخلاق جي باري ۾ خالق ڪائنات فرمايو و انڪ لعليٰ خُلق عظيم. لولاڪ لما جو صاحب، و رفعنالڪ ذڪرڪ جو مالڪ ۽ ولسون يعطيڪ ربڪ فترضيٰ جو وعدو ٿيل ڪڏهن ڪڏهن جبلن تي اڪيلو هليو ويندو هو. ڪيترائي ڏينهن اتي رهي پوندا هئا.
    زمين، پهاڙ، آسمان، خلا ۽ مخلوق کي ڏسي انهن جي خالق کي ڄاڻڻ ۽ انهن جي رازن کان واقف ٿيڻ لاءِ هر وقت غور و خوض ۾ لڳل هوندا هئا. ۽ اها ئي سوچ هوندي هئي ته هي انسانيت گمراهي ۽ هزارين هٿرادو خدائن کي ڪهڙي طرح ڇڏي هيڪڙائي جي طرف اچي.
    ليڪن اڃان تائين ان جي طرفان ڪا به اهڙي ڳالهه سامهون نه آئي هئي ته جنهن سان هي گمان ڪري سگهجي ته هي شخص بتن جي خلاف آواز اٿارڻ وارو آهي. سندن والد ماجد جو انتقال سندن ڄمڻ کان ڇهه مهينا اڳ ئي ٿي چڪو هو. پاڻ ڀلارا ڇهن سالن جا ٿيا ته سندن والده محترمه بي بي آمنھ به فوت ٿي هئي اهڙي طرح ٻارا پڻ ۾ ئي سندس والد ۽ والده محترمه جي محبت ۽ شفقت جي هنج ختم ٿي چڪي هئي.
    والدين جي وفات کان بعد پاڻ سڳورا پنهنجي ڏاڏي بزرگوار عبدالمطلب جي پرورش ۾ رهيا. مگر خداوند قدوس کي اهو به منظور نه هو ۽ هي ڏيکارڻ مقصود هو ته هڪ لاوارث يتيم نونهال صرف آغوش رحمت الاهي ۾ پرورش حاصل ڪري بام عروج تي سج بنجي چمڪي سگهي ٿو. جيڪو رب بنا پيءَ جي عيسيٰ عليھ السلام کي پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ دشمن فرعون جي جهولي ۾ موسيٰ عليھ السلام جي پرورش ڪرائي سگهي ٿو. هڪ معصوم ٻارڙي جي واتان حضرت يوسف عليھ السلام جي پارسائي جي شاهدي ڏياري سگهي ٿو، ته ان کي دنياوي نگهبان جي ڪا ضرورت ناهي. ان ڪري جڏهن پاڻ ڀلارن جي عمر مبارڪ اٺ سال ٻه مهينا ڏهه ڏينهن ٿي ته سندن ڏاڏو محترم به وفات ڪري ويو. هاڻ سندن پرورش جو ذمون ابو طالب جيڪو سندن چاچو هو کنيو. پاڻ سڳورا حضرت ابو طالب جي پرورش هيٺ رهندي چاليهه ورهن ڄمار کي پهتا. سڀ کان وڌيڪ ابو طالب ئي پاڻ ڀلارن کي مڃيندا ۽ ڀائيندا هئا. ان وقت حضرت ابو طالب ئي امير مڪه به هو ته مجاور ڪعبي به هو.
    ابو طالب: ابرشن! ڇا تون منهنجي ڀائيٽي محمد تي الزام لڳائي ڪو فتنو کڙو ڪرڻ گهرين ٿو. ڪڏهن به نه. هر گز ائين نه ڪر. آئون ان ڳالهه کي برداشت نه ڪري سگهندس.
    ابرشن: حضور آئون مقدس هُبُل جو قسم کڻي چوان ٿو ته آئون پنهنجي طرفان نه ڪجهه چئي رهيو آهيان نه ئي ڪجهه ڪري رهيو آهيان. منهنجو علم هن کوپڙي ذريعي جيڪي مون کي ٻڌائي رهيو آهي. اهو ئي آئون چئي رهيو آهيان.
    ابوطالب: ”جوش ۾ اچي“ تون ڪوڙو آهين. توکي اسان جي خاندان سان ڪو بغض ۽ ڪينو آهي. ان دشمني کي غيب داني جي پردي ۾ ڪڍي رهيو آهين؟
    ابرشن: ”عاجزانه انداز ۾“ اي مڪي جا ڌڻي، مونکي ڪهڙي مجال جو آئون حضور جي خاندان تي ڪوڙو الزام هڻان. آئون ته حضور جي خاندان جو پاليل ۽ نمڪ خور غلام آهيان. منهنجي دل و دماغ ۾ دشمني جو خيال به نٿو اچي سگهي. هڪ عرب ڪڏهن به نمڪ حرام ۽ غدار نٿو ٿي سگهي.


    کوپڙي جي ذريعي نام محمد جو اظهار

    ابرشن: ذرا صبر ڪريو ۽ ڏسو ته اها کوپڙي ڇا ٿي چوي؟ ابو طالب خاموش ٿي ويو ۽ ابرشن کوپڙي کي ڦيرايائين. اهڙي قدر ڦيرايائين جو اها گول دائري مان هڪ نقطو ٺهي ويو.
    ابرشن: ڏسو ۽ غور سان ڏسو ته اهو نقطو، پنهنجي خدائن جي تذليل ڪرڻ واري جو نالو ٿي چمڪندو. سڀئي نقطي کي ڏسڻ لڳا. نقطو پکڙڻ لڳو. پکڙندي هڪ نالو ٺهندو پيو وڃي. سڀني ان نقطي کي ڏٺو. غور سان ڏٺو. حيرت سان ڏٺو ته صاف ۽ وڏن اکرن ۾ ”محمد“ﷺ هو.
    ابرشن: ڏسو غور سان ڏسو. پنهنجي معبودن جي تذليل ڪرڻ واري جو نالو ڏسو اهو نه جادو آهي نه ئي ڪا نظربندي آهي. جڏهن محمدﷺ جو نالو مبارڪ چٽي ۽ صاف طرح سان چمڪي رهيو هو. هاڻ ته ابو طالب کي به ڪجهه چوڻ جي گنجائش نه رهي هئي.
    ابرشن: توهان ڏسي ورتو. هاڻ ٻڌو. اگر توهان پنهنجي معبودن کي خوش ڪري وٺو ته جيڪو فتنو پيدا ٿيڻ وارو آهي. اهو اتي ئي دٻجي ۽ ٽري سگهي ٿو.
    ابو لهب: معبودن کي خوش ڪرڻ جو ڪهڙو طريقو آهي؟
    ابرشن: هي کوپڙي اوهان جي ان سوال جو جواب ڏيندي کوپري وري به ڦرڻ لڳي. هاڻ اهو پهريون نالو محمدﷺ ختم ٿي ويو ۽ نقطو رهجي ويو. ماڻهو ان کي ڏسڻ لڳا ۽ اهو نقطو پکڙڻ شروع ٿيو. ڏسندي، ڏسندي هڪ لفظ ٺهي ويو. سڀني پڙهيو. چمڪدار صاف لکيل هو ”قرباني“
    ابرشن: قرباني ڏيئي توهان پنهنجي معبودن کي راضي ڪري سگهو ٿا.
    ان وقت تمام عربن کي خوف و حراص گهيري ورتو هو. سڀئي خوفزده نظرن سان ابرشن کي ڏسڻ لڳا. توهان جا معبود قرباني ٿا گهرن قرباني، قرباني ڏيئي. اچڻ واري فتني کان پاڻ کي بچائي سگهو ٿا.
    عمر بن خطاب: ”ابرشن جي سڄي پاسي بيٺل هو.“ ابرشن ٻڌاءِ ته ڪهڙي شيءِ جي قرباني ڏيون؟ ابرشن، انهي جو جواب به هي کوپڙي ڏيندي ۽ کوپڙي وري به ڦرڻ لڳي ۽ سڀني ڏٺو ته قرباني جو لفظ ميٽجي. هڪ نقطو ٺهي ويو ۽ نقطو پکڙڻ لڳو. پکڙي وڏو ٿي ويو. متجسس ماڻهن جون نظرون انهي کوپڙي ۾ کتل هيون. يڪدم وڏن اکرن سان لکيل هو ته ”هڪ خوبصورت ڏهن سالن جي ڇوڪري“ اهو ڏسي سڀ حيران ٿي ويا. کوپڙي جو چڪر ۽ اها لکت ختم ٿي ويا. ابرشن کوپڙي کي چمي پنهنجي گودڙي ۾ رکيو.
    ابرشن: منهنجي علم مون کي ٻڌايو آهي ته پنهنجي ڇوڪري کي اهو شخص قربان ڪري جيڪو هن کان اڳ ۾ پنهنجيون نَو ڌيون جئري ئي زنده درگور ڪري چڪو هجي.


    عربن ۾ دُختر ڪشي جي بري رسم

    ساري عرب ۾ دختر ڪُشي جي بري ۽ وحشيانه رسم جاري هئي. پٿر دل ۽ بي درد پيءَ پنهنجن جگر جي ٽڪرن کي جيئري ئي قبر جي حوالي ڪري ڇڏيندا هئا ۽ ان ڪُڌي رسم تي ڏاڍو فخر ڪندا هئا. چوندا هئا ته آهي ڪو مون جهڙو جنهن پنهنجي ڌي زنده درگور ڪئي هجي. گهڻو ڪري ته پيدا ٿيڻ شرط ان کي قتل ڪري ڇڏيندا هئا. يا زنده دفن ڪئي ويندي هئي. مگر ڪڏهن ائين به ٿيندو هو ته جڏهن ڇوڪري وڏي ٿي ويندي هئي. ٻاتا ٻاتا ٻول ۽ مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪرڻ شروع ٿيندي هئي ته بيدرد پيءُ پهريائين جهنگ ۾ کڏ کوٽي ايندو هو. پوءِ ڇوڪري کي سٺا ڪپڙا ۽ زيور پارائي هار سينگار ڪري ڳوٺ کان ٻاهر وٺي ويندو هو. ان نياڻي نماڻي کي ان کڏ جي ڪناري تي بيهاري پٺيان کان ڌڪو ڏيندا هئا. نياڻي پنهنجو موت اکين جي سامهون ڏسي دانهون. منت سماجت، خوشامندي ڪندي هئي. مگر هٺ جو پوڄاري ظالم پيءَ ان جي آه و زاري ۽ منت تي ذرو به توجهه نه ڏيندو هو. ۽ مٿان کان ڪوڏر جا گُدا. لتون ۽ پٿر هڻي مٽي وجهندو ويندو هو. تان جو ان بي گناهه نياڻي جون دانهون ۽ ڪوڪون ان پاڻ سان گڏ مٽي ۾ دفن ٿي وينديون هيون ۽ هي همراهه پنهنجي جگر جي ٽڪري کي جيئرو قبر ۾ دفن ڪري ڏاڍو شاد مان و ڪامران گهر موٽي ايندو هو ۽ ان سنگدلانه رسم تي وڏو فخر ڪندو هو.
    ابرشن جي ڳالهه ٻڌي هڪ اڌڙوٽ شخص ٽپو ڏيئي اٿيو. جنهن جو نالو قيس هو.
    قيس: اڄ آئون فخر سان چوان ٿو ۽ مون کي پنهنجي خدا هُبُل جو قسم. آئون پنهنجي نوَن ڌيئرن کي زنده درگور ڪري چڪو آهيان. خوش قسمتي سان منهنجي ڏهين ڌي به موجود آهي. ان جي عمر صبحاڻي نه پرين ڏهه سال ٿي ويندي. مون منت مڃي هئي ته جڏهن ان جي عمر ڏهه سال ٿيندي تڏهن ان کي زنده دفن ڪندس. سڀني طرفن کان زنده باد قيس زنده باد. خوش قسمت قيس زنده باد جا فلڪ شگاف نعرا لڳي ويا ۽ ماڻهن خوشي وچان قيس کي پنهنجي ڪلهن تي کنيو قيس زنده باد.
    ابرشن: قيس! واقعي ڇا؟ اها ڇوڪري قرباني لاءِ مناسب آهي؟
    قيس: ها. ها سائين! بلڪل مناسب آهي.
    ابرشن: ”ان قريشي ڏانهن نهاري“ قيس واقعي تون خوش قسمت ۽ سعادتمند انسان آهين. هي ملڪ ۽ هي عرب قوم توتي جيترو فخر ڪري ٿورو آهي. تنهنجي لاءِ ڪيتري نه قدر قابل فخر ڳالهه آهي. جو تون پنهنجي ڏهه ساله نياڻي کي زنده دفن ڪري پنهنجي معبودن کي خوش ڪري وٺندين. ۽ تنهنجي هن سعادتمندي تي هڪ دنيا رشڪ ڪندي. قيس توکي مبارڪون هجن بلڪه لک لک مبارڪون هجن. قيس بن عاصم قبيلي بنو هاشم مان هو. هو اهڙو ته پٿر دل هو. جو پنهنجيون نَو ڌيون زنده درگور ڪري چڪو هو ۽ ڪڏهن به ان جي پيشاني ۾ گهنج نه آيو.
    قيس: آئون نهايت اطمينان ۽ خوشي سان اعلان ٿو ڪريان ته پرين ڏينهن آئون پنهنجي ڏهه ساله ڌي کي جيئري دفن ڪندس.
    ابرشن: آئون اعلان ٿو ڪريان ۽ حڪم ٿو ڏيان ته تمام عرب ان عظيم الشان قرباني جو نظارو ڏسڻ لاءِ پرين ڏينهن مڪي کان ٻاهر جبل عمر وٽ هُن ميدان ۾ گڏ ٿين ان قرباني کان بعد ڪنهن به قسم جو ڪو انديشو باقي نه رهندو. هر بلادور اهو اعلان ٻڌي ماڻهن کي تسلي ٿي. سڀ جو سڀ پنهنجن معبودن آڏو سجدي شڪر ۾ ڪري پيا. سجده ڪرڻ بعد هرڪو جئي لات جئي منات جئي هُبُل جا نعرا هڻندي پنهنجي پنهنجي گهر روانو ٿيو. بيت الحرام ٿوري دير ۾ خالي ٿي ويو.
    پڙهندڙ حضرات: هن هيٺين واقعي مان اندازو ڪندا ته ان وقت جي انسان، جنهن کي انسان چوڻ انسانيت جي توهين آهي. ڇو جو انسان پنهنجي بي حسي، بي رحمي ۽ سنگدلي جي ڪري ڇا؟ انسان هو يا درنده صفت جانور، ها! جانور به پنهنجي ٻچي جو خيال ضرور ڪندو آهي. هتي ته حد انتها ٿي ويئي هئي. مثال طور هڪ واقعو لکجي ٿو.


    پٿر دل پيءُ

    ها اي پڙهندڙ!!! پوءِ اچ ٻڌڻ لاءِ تيار ٿي! پنهنجو هوش، حواس ۽ حوصلو بلند رک ۽ ٻُڌ! قيس بن عاصم اڄ ڏاڍو خوش هو. خوشي جو ڪارڻ هي هو ته بيت الحرام جي عظيم اجتماع ۾ ڪو به ماڻهو اهڙو نه هو. جنهن پنهنجون نَو ڌيئرون زنده دفن ڪيون هجن ان سمجهي ورتو هو ته هاڻ هو سڀني قبيلن مان معزز و متفخر ٿي ويو آهي. هر ماڻهو ان کي عزت جي نظر سان ڏسڻ تي مجبور آهي. عام ڪچهرين ۾ ان جي عزت کي چار چنڊ لڳي ويا هئا. هو فخر، تڪبر ۽ خوشي جي درياءِ ۾ ترندو گهر پهتو. ان جي گهر پهچڻ شرط هڪ ڏهه سالا نهايت خوبصورت ڇوڪري پنهنجو ڀاڪر کولي. ان جي ملڻ ۽ استقبال لاءِ اندران کان ڊوڙي پنهنجي نازڪ، نفيس ۽ ريشم جهڙن هٿن سان ڀاڪر پائي. چيو ته بابا سائين توهان اچي ويا؟ آئون اوهان جو انتظار ڪري رهي آهيان. قيس فطري محبت کان مغلوب ٿي. نياڻي کي کنئي. بي اختيار ٿي گلي سان لڳايو. پيشاني تي مِٺي ڏنائين. نياڻي پيار سان پيءُ جي گلي ۾ ٻانهون وڌائين. ڇوڪري نهايت خوبصورت هئي. ان جو چهرو گلاب جو گل، اکيون هرڻي جهڙيون سرمون آلود، ڪپار ڪشادو پُرنور، جاڙا ڀرون، ڳل ڀريل صوف جهڙا سرخ سفيد ۽ چمڪيلا ننڍڙي ڄاڙي، مٿي جي ڪارن ڊگهن وارن جي سموهيل سينڌ. جهڙو ڪر سنڌ جي نقشي ۾ سنڌو جو وهڪرو. لب دلفريب ۽ ڏند پرويل موتين جي مالها جهڙا سفيد، سروقد، اڀريل ڇاتي.
    قيس شفقت پدري کان مغلوب ٿي ان کي کنيو. سيني سان لڳايو. مگر يڪدم هو ڇرڪ ڀري، هوشيار ٿيو ۽ جلد ئي نياڻي کي هنج مان لاهي کڻي اڇلايو.
    هُن ان معصوم کي اهڙي طرح اڇلايو جهڙوڪر، ڪو انسان ڪنهن شيءِ جي دوکي ۾ اچي نانگ کي کنيو هجي ۽ ان کي جڏهن معلوم ٿيو ته هي نانگ آهي ته فوراً ان کي اڇلائي ڇڏيو معصوم نياڻي ڪرندي ٿاٻڙندي پنهنجو پاڻ کي سنڀالي ورتو. ان پنهنجي پيءُ کي ڏٺو ڀورائي ۽ غم آلود اکين سان ڏٺو ۽ پيار ڀري لهجي ۾ چيو. منهنجا پيارا ابا، ڇا تون مون کان خفا ٿي ويو آهين؟ خفا نه ٿي. اَبو! تو ۽ امي جان کان سواءِ هن دنيا ۾ منهنجو ٻيو ڪير آهي؟ قيس جي اکين مان ان وقت مُروت ۽ رحم جا جذبات موڪلائي چڪا هئا. پدري احساس ختم ٿي چڪو هو. صفا وحشي ٿي ويو هو. ان ڪڙڪ آواز ۾ چيو جميله! ڇا تون هن ڀولي ڀالي ۽ ٻاتن ٻاتن ٻولن سان منهنجي دل کي ميڻ ڪرڻ گهرين ٿي نه نه آئون ڪڏهن به ميڻ نٿو ٿي سگهان. هل ”ڇڙٻ ڏيندي“ منهنجي سامهون هٽي وڃ!!
    ابهم ۽ معصوم نياڻي ۽ پيءُ جو کارو منهن: ڪرڙيون اکيون، پُر غضب ڪيفيت ڏسي خاموش ٿي بيهه رهي. اڪثر ٻارن جي طبيعت هوندي آهي ته جڏهن هنن کي گهُوريو ۽ ڌمڪايو ويندو آهي ته اهي لاڏ ۽ پيار سان ماءُ ۽ پيءُ کي چنبڙي ويندا آهن. ڀوري جميلان به پيءُ کي چنبڙي ويئي. ان لُڙڪ وهائيندي چيو. پيارا بابا سائين تون مون کان ڇو خفا آهين؟ مون کان ڪهڙو ڏوهه ٿيو آهي؟ قيس ان جو هٿ وٺي ڌڪو ڏنو ۽ ان نياڻي کي تيز ۽ ڪاوڙيل نظرن سان گهُورڻ لڳو. جميله ڪڏهن به پنهنجي پيءُ جي اها حالت نه ڏٺي هئي. اها ڏڪي ويئي. ڪنبي الڳ ٿي بيهه رهي. ان پشيماني، ان جي معصوميت ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو هو. قيس اٿي هليو ته جميله به ان جي پٺيان هلڻ لڳي. قيس جميله کي پنهنجي پٺيان ايندي ڏسي ورتو. انهي تي هن دڙڪو ڏيئي چيو ته منهنجي پٺيان نه اچ. پر جميله اها ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري هلڻ لڳي وري ٻيهر قيس چيو ته آئون توکي چوان ٿو ته تون منهنجي پٺيان نه اچ. جميله اتي بيهه رهي ۽ منهن ڦلهو ڪرڻ لڳي.
    قيس برآمده ۾ پهتو. اتي هن جي زال سلميٰ بيٺي هئي. سلميٰ به اڌ عمر جي عورت هئي. ليڪن ان جي صحت چڱي هئي. اها پنهنجي عمر کان گهڻو ننڍي معلوم ٿي رهي هئي. ان خنده پيشاني سان پنهنجي مڙس جو استقبال ڪيو ۽ چيائين ته منهنجا سرتاج اڄ توهان جي پيشاني جا تيور ۽ طبيعت شريف بدليل پئي ڏسجي.
    قيس: ”پنهنجي طبيعت بشاش ڪندي، ڪا به اهڙي خاص ڳالهه ناهي. بلڪه سلميٰ تو واري جميله ايندي ئي چنبڙي پئي. ڇا اها ان جي ڪا سٺي عادت آهي؟
    سلميٰ: ”مڙس کي خوش ڪرڻ لاءِ“ نه منهنجا سائين نه. مگر جميله کي توهان سان ڪجهه اهڙي محبت آهي. جو جيسين تائين توهان ٻاهر هوندا آهيو ته جميله توهان کي ئي ياد ڪندي، ٻئي اکيون دروازي ۾ هونديون آهن ۽ جڏهن توکي ڏسي ٿي ته ٻهڪي، ڊوڙي توکي ئي چنبڙڻ جي ڪوشس ڪري ٿي. معصوم نياڻي کي تو سان ڏاڍي محبت آهي. آخرڪار جميله لاءِ تو کان ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪير آهي. جنهن کي چنبڙي ۽ محبت ڪري. جميله جي دنيا پاڻ ٻه ته آهيون.
    قيس: سلميٰ! جميله پنهنجي ڀورين ڳالهين ۽ محبت سان منهنجي دل کي ڪنٽرول ڪرڻ گهري ٿي. ڇا هي طريقو صحيح آهي؟
    سلميٰ ”ڪجهه شڪ وارين نظرن سان قيس کي ڏسي“ توهان جميله جا پيءَ آهيو. آخر اها سوائي تنهنجي ٻي ڪنهن سان محبت ڪري؟
    قيس: ”ڪجهه ڪڙي لهجي ۾ چيو“ مگر ان محبت سان ڪهڙو فائدو؟
    سلميٰ: مگر سادي ۽ ڀوري ڇوڪري فائدي ۽ نقصان مان ڇا ڄاڻي؟
    قيس: سلميٰ اڄ جيڪو هوا جو طوفان آيو ۽ طوفان کان پوءِ جيڪا روشني ۽ چمڪ ٿي. تو اها ڏٺي؟
    سلميٰ: ها! وڏو سخت طوفان هو. مون ته پنهنجي زندگي ۾ اهڙو طوفان نه ڏٺو آهي. مون ته سمجهيو هو ته جاين جون ڇتيون اڏامي وينديون، ديوارون ڪري پونديون. ليڪن اسان جي معبودن اسان تي مهرباني ڪئي. جو طوفان ٽري ويو. مگر روشني ۽ چمڪ مون ته پنهنجي سانڀر ۾ نه اهڙي روشني ڏٺي نه اهڙي چمڪ شل هُبُل خير ڪري.
    قيس: بيشڪ نه ڏٺي هوندي. مگر توکي ڪا خبر اٿئي ته اسان تي ڪهڙي مصيبت نازل ٿيڻ واري آهي؟
    سلميٰ: ”گهٻرائجي قيس ڏانهن نهاريندي“ نه! ڇا دنيا ۾ ڪو انقلاب اچڻ وارو آهي ڇا؟
    قيس: ”غور سان سلميٰ ڏانهن نهاريندي“ تو ٺيڪ سمجهيو آهي. سلميٰ ڪو ماڻهو اسان جي پيارن معبودن جي خلاف غلط ڳالهيون ڪري ٿو. چوي ٿو ته اهي محض مٽي جا هٿرادو بت آهن. اهي ڪنهن به قسم جي نفعي ۽ نقصان جا مالڪ ناهن. اهي بت هڪ مک جو پَر به بنائي نٿا سگهن. پر ته ڇا بلڪ مک ڪا شيءِ کڻي وڃي ته اهي واپس وٺي نٿا سگهن. واپس وٺڻ ته ڇا. بلڪ ان کي اڏائي به نٿا سگهن. اگر ڪو ڪتو انهن جي مٿان مُٽي وڃي ته هو ان کي هڪلي به نٿا سگهن. اهي ته پنهنجي به حفاظت نٿا ڪري سگهن. اهي ڪيئن خدا ٿي سگهن ٿا؟ سلميٰ اهو ماڻهو اهڙا بد عقيدا ۽ غلط نظريا رکي ٿو.
    سلميٰ: ڇا ان جو ڪو ٻيو معبود آهي؟
    قيس: ضرور هوندو.
    سلميٰ: اها ته عجيب ڳالهه آهي!
    قيس: نهايت عجيب! سلمي!! پنهنجو محترم ابرشن ڪاهِن ”گذريل وقت جي خبر ڏيندر“ به آهي ته اعراف به ”ايندڙ وقت جي خبر ڏيندڙ“ آهي. ان ٻڌايو آهي ته ”محمد“ نالي ڪو هڪ شخص آهي. جيڪو اسان جي پيارن معبودن جي خلاف آواز اٿارڻ وارو آهي.
    سلميٰ: آئون محمد کي چڱي طرح سڃاڻان ٿي. آئون ڇا، ان کي ڪير نٿو سڃاڻي هن کي ته عرب جو هر ٻچو ٻچو سڃاڻي ٿو. هو عبدالله جو پٽ ۽ والي مڪه جو ڀائيٽيو آهي. هو ته ڏاڍو نيڪ، وڏو رحمدل، وڏو همدرد، سهڻن اخلاقن وارو، انتهائي مشهور انسان آهي. هو ته صادق ۽ امين آهي. هو ائين هرگز نه ڪندو. ان جا ابا ڏاڏا پڻ اسان جي معبودن جي پوڄا ڪندا آيا آهن.
    قيس: اهو ته بلڪل سچ آهي. مگر اڄ تائين ان کي ڪنهن به بتن کي سجدو ڪندي نه ڏٺو آهي.
    سلميٰ: بيشڪ اوهان جي ڳالهه بلڪل سو فيصد درست آهي. مون به ائين ٻڌو آهي. جڏهن هو ننڍو هو تڏهن به بتن جي آڏو نه جهڪندو هو. ليڪن ان مان اها ڳالهه ڪيئن ثابت ٿئي ٿي ته هو اسان جي بتن جي خلاف آواز اٿارڻ وارو آهي.
    قيس: اها ڳالهه ابرشن چوي ٿو ۽ اهو ڪڏهن به ڪوڙ نٿو ڳالهائي سگهي ان کي ان جي محڪومن ٻڌايو آهي.
    سلميٰ: مگر هو محمد ته آبادي ۾ رهي ئي نٿو. مون ته ٻڌو آهي ته مڪي کان ٻاهر ٽي ميل جي فاصلي تي منيٰ جي رستي ۾ جبل نور ۾ هڪ غار آهي. جنهن جو نالو غار حِرا آهي. هو ان ۾ اڪيلو رهندو آهي.
    قيس: ها، واقعي هو چار چار، پنج پنج ڏينهن بلڪ هفتي ڀر نظر نه ايندو آهي. انهي غار ۾ رهندو آهي. ان جي طرفان ضرور انديشو آهي ته اهو ئي. اهو شخص ٿي سگهي ٿو. جو اسان جي معبودن جي شان ۾ گهٽ وڌ ڳالهائي.
    قيس: سلميٰ اڄ مون کي بيت الحرام إ هزارين ماڻهن جي مجمع ۾ ڏاڍي خوشي حاصل ٿي ۽ انهن ماڻهن ۾ منهنجو سر فخر سان مٿاهون رهيو.
    سلميٰ: ”خوشي مان قيس کي نهاريندي“ پڇيائين ته اي منهنجا سرتاج اها ڪهري ڳالهه ٿي. صدقي وڃان هُبُل خير ڪري جو سدائين شال اوهان جو سر فخر سان اوچو رهي توهان ته اڳي ئي عزتدار آهيو؟ صدقي، صدقي.
    قيس: ابرشن اچڻ واري فتني کي دفع ڪرڻ لاءِ هڪڙي تدبير ٻڌائي آهي ته جنهن شخص پنهنجن نَون ڌيئرن کي زنده دفن ڪيون هجن ۽ ان کي ڏهين به ڌي هجي. اگر اهو شخص ان ڏهين ڌي کي زنده درگور ڪري ته انهي اچڻ واري فتني کان نجات حاصل ٿي سگهي ٿي. سلميٰ ان وقت ان ساري مجمع ۾ ڪو هڪ شخص به اهڙو نه هو. جنهن پنهنجن نون ڌين کي زنده دفن ڪيو هجي سڀئي مٿو هيٺ ڪري شرمائي زمين کوٽي رهيا هئا. خداءِ هُبُل منهنجي پَت رکي. تڏهن مون اڪيلي وڏي واڪي چيو ته آئون اهڙو ئي آهيان. جيڪو توهان چاهيو ٿا. تمام مجمع مون کي حيرت ۽ عزت جي نظرن سان ڏٺو ۽ محترم ابرشن مون کي سلام ڪيو. سلميٰ ڇا اها ڳالهه فخر لائق ناهي؟ اهو جملو ٻڌندي ئي سلميٰ جو هوش اڏامي ويو. چهرو زرد ٿيڻ لڳو ۽ کيس جهڙوڪر ڪانَ لڳي ويو هجي. ان کي جميله سان بي حد حساب محبت هئي. قيس جي گفتگو مان هن کي خطرو لڳي ويو. هو سمجهي ويئي ته جنهن جميله کي هن سيني سان لڳايو هو. هزارين مصيبتون سر تي کڻي وڏي ناز انداز ۽ نعم سان پاليو هو. هاڻ هن جي قرباني جو وقت اچي ويو آهي.
    ان خيال سان هن جي دل دهلجي ويئي. اندر ۾ وڍ اچڻ لڳا. اکين سامهان ڪارا ڪڪر اچي چڪا هئا. ڪليجو منهن تي اچي ويو. اُلفت مادري جو جوش ڇوليون کائي. سيني کان اڀري اکين مان ٿي وهڻ لڳو. مگر پنبڻين تي اچي بيهه رهيو. متان قيس ڇا سمجهي ۽ ان جي ڊپ جي ڪري اهو سيني جو درد رخسارن تي نه ڪري سگهيو نه ڪُڇي سگهي، نه پُڇي سگهي. نه لُڇي سگهي. دل جو درد دل ۾ رهيو. سلميٰ ويچاري اندر جي ڳالهه ڪري ته ڪنهن سان ڪري، ڪو ته اهڙو هجي جو ڳوڙها اُگهي. هاءِ افسوس ڪو به نه، جتي بي داد حاڪم هجي اتي فرياد ڪنهن سان ڪجي.
    اگر کچجھ موں سے کہتا ہوں، تو مزا الفت کا جاتا ہے،
    وگر خاموش رہتا ہوں، تو کلیجہ موں کو آتا ہے۔
    قيس: سلميٰ چئو، ڇا اها ڳالهه منهنجي، تنهنجي ۽ پنهنجي ٻنهي خاندانن لاءِ باعث افتخار ناهي؟
    سلميٰ مغموم ۽ حسرت ڀري لهجي ۾ چيو. قابل فخر ته ضرور آهي! مگر... ۽ قيس زخمي نانگ وانگر پلٽو کائي سلميٰ کي ڏٺو. ان غريب جي اکين ۾ لُڙڪ چهري تي حسرت، زبان گنگ ۽ غمن جي تصوير ڏسي، اُن غضبناڪ ٿي چيو سلميٰ هي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ سلميٰ ڇا توکي جميله جي محبت مرغوب ڪري ورتو آهي؟ وڏي شرم جي ڳالهه آهي. هي تنهنجي اکين ۾ خوشي جا ڳوڙها آهن يا ازراهه محبت؟
    سلميٰ: قيس جي پُر غضب صورت ڏسي. هوشيار ٿي ويئي. اُن سَتُو پي حسرتزده نظرن سان قيس ڏانهن ڏٺو. قيس ان جي نظرن کي ڏسي ڏاڍو طيش ۾ آيو ۽ برهم ٿي ويو. اُن سختي سان چيو. سلميٰ! هوش ۾ اچ، تنهنجو حسرتزده چهرو، غم آلود نگاهون پُرنم اکيون، آئون ڏسڻ نٿو چاهيان. ڪجهه صبر کان ڪم وٺ، مگر سلميٰ خاموش بت بنجي بيٺي رهي، نه جاءِ ڀڄڻ جي نه جاءِ ويهڻ جي.
    ان حسرتوں سے کہہ دو کہیں اور جا بسو،
    اتنی جگہ کہاں ہے اس دل داغدار میں۔
    قيس: ”دڙڪي سان“ جيڪڏهن تو غلطي سان جميله جي محبت کي پنهنجي دل ۾ جاءِ ڏيئي ايتري قدر وڌاءُ ڏنو آهي ۽ ان جي قرباني جي خبر تنهنجي دل کي ٺينس لڳائي آهي ته پوءِ تون ان جي محبت کي پنهنجي دل مان ڪڍي ڇڏ.
    سلميٰ: قيس مون جميله جي محبت کي، جنهن ڏينهن هو بدنصيب ڄائي هئي ته ڪڍي ڇڏي هوم. مگر ڇا ڪريان؟ جو پيار نٿو پلجي. جيئن وسارڻ جي ڪوشش ٿي ڪريان تيئن محبت وڌي ٿي. قيس آئون مجبور آهيان مونکي وڌيڪ مجبور نه ڪر. سلميٰ هيس تائين ته صبر ڪندي رهي. ليڪن هاڻ ان جي صبر جو پيالو لبريز ۽ برداشت جو دامن ريزه ريزه ٿي چڪو هو. هو پنهنجي مڙس جي طرف هڪ قدم وڌي ۽ ان جي اڳيان گوڏا ڀڃي التجا آميز نظرن سان ان کي ڏسي ڳالهايو ته اي منهنجا سرتاج درد، دل ۾ اڳئي گهڻا آهن. هاڻ درد ڏيئي ڇا ڪندين؟ ان صبر آزما امتحان کان مونکي معاف ڪر. آئون ان صبر آزما امتحان جو پرچو حل ڪرڻ جي طاقت نٿي رکي سگهان. مون بدنصيب جي دل ۾ جميله جي پياري صورت من موهيندڙ، ٻالي ڀولي ڳالهين، ٻاتن، ٻاتن ٻولن گهر ڪري ورتو آهي. آئون ائين سمجهان ٿي ته منهنجي زندگي جميله جي زندگي سان سلهاڙيل آهي. ان ڪري اي منهنجا مجازي خدا جميله کي منهنجي ۽ صرف منهنجي خاطر زنده رک. قيس ڏس آئون تنهنجي زندگي جي ساٿڻ آهيان ۽ هاڻ به زندگي ڀر تنهنجي لڄ ۽ گولي غلام ٿي رهنديس. تون هُبُل جي صدقي منهنجي ڳالهه مڃي وٺ!! آخر ته آئون تنهنجي زال ۽ جميله جي ماءُ آهيان.
    قيس جي اکين مان باهه جا شعلا نڪرڻ لڳا. ان غضبناڪ لهجي ۾ چيو. اي بي وقوف عورت، ڌي جي محبت ۾ سرشار رهڻ واري احمق عورت. ڇا تون چاهين ٿي ته جميله کي زنده رکي ان جي شادي ڪريون؟ ڪنهن کي پنهنجو داماد بنايون؟ منهنجو سَر جيڪو هيس تائين داماد جي لعنت ۽ ذلت کان پاڪ هو ۽ مٿاهون رهيو آهي هاڻ هن پيري ۾ رُسوائي ۽ ندامت سان جهڪي وڃي.
    ”جوش ۾ اچي“ بي وقوف ڪٿي جي. مون کي قسم آهي لات و عُزيٰ جو هي ڪڏهن به نه ٿيندو.
    سلميٰ: ”عاجزانه لهجي ۾“ توهان جميله جي شادي نه ڪجو. اها تمام عمر ڪنواري زندگي گذاريندي.
    قيس: ”ڏڪندي هٿن سان“ ذليل ڪنهن جي هي ته اڃان وڌيڪ ذلت جي ڳالهه ٿي دنيا چوندي ته قيس جي ڌيءَ کي ڪنهن قبول نه ڪيو. آئون هن ذلالت آميز مسخري ۽ طعني کي هر گز برداشت نه ڪندس. انهي کان ٻڏي مرڻ بهتر آهي. آخر ته تون عورت آهين نه؟ عورت جو عقل کُڙي ۾ هوندو اهي، خاموش رهه - خاموش ....
    سلميٰ جي اکين ۾ ڳوڙها هئا ۽ ڳوڙهن ۾ ڳالهيون هيون. هاڻ اهي ڳالهيون ڪري ته ڪنهن سان ڪري. انڌن آڏو روئڻ ۽ رڍن اڳيان رباب اجايو. نه ئي ريجهن راڳ ۾ نه ئي ڏين جواب.
    سلميٰ وري به همت نه هاري پنهنجي مڙس کي مقدس بتن لات، منات ۽ عُزيٰ جا واسطا ڏيئي چيو. انهن مقدس معبودن جي واسطي جميله تي، ڀوري جميله تي معصوم جيمله تي، ڪَمسَن ۽ ڪمسُخن جيمله تي رحم ڪريو. ان کي بچايو. ڪهڙي به طرح ان کي بچايو... ”۽ زارو قطار روئڻ لڳي“
    قيس: ”ڪڙڪ آواز ۾ چيو“ ڪڏهن به نه. هرگز نه، هاڻ اها بڪواس بند ڪر. آئون وڌيڪ ڪجهه به ٻڌڻ نٿو چاهيان. اُٿي ڏس، هو جميله سامهون بيٺي آهي. سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ ڏسي رهي آهي. پَرين جو ڏينهن ان جي قرباني جو ڏينهن آهي. ان کي زنده دفن ڪيو ويندو. اڄ کان ئي ان کي سينگارڻ شروع ڪر. اهو چئي قيس اتان کان هليو ويو.
    سلميٰ اُٿي. ان وقت ان جو چهرو زرد ٿي رهيو هو. اکيون غم ۽ حسرت ۾ ٻڏل، هو پاڻ حسرت جو مجسمو، غم ۽ درد جي تصوير بنيل هئي. انهي جي غم جو وجهه معقول هو. ان جا ڏهه ٻار ٿيا. بدقسمتي سان ڏهه ئي نياڻيون هيون. نَوَن ڌين کي ته ننڍپڻ ۾ ئي. انتهائي سنگدلي ۽ ڪمال بيدردي سان زنده درگور ڪيو ويو هو. هڪ ڌيءَ آخري رهجي ويئي هئي. ان انهي تي صبر ڪيو هو. مگر هاڻ اها به ان ماءُ جي هنج مان نڪري موت جي هنج ۾ وڃڻ واري هئي. ان دل کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ ۽ ساهه کي گهٽو ڏيڻ واري خبر ٻڌي. جيتري قدر به غمگين ٿيڻ کپندو هو. اهو حق بجانب هو.
    جڏهن قيس هليو ويو ته جميله ماءُ سلميٰ وٽ آئي. ان ايندي ئي چيو امي جان تون خاموش ڇو آهين؟ بابا سائين جي اڳيان تون ڇو هٿ ٻڌي رهي هُئين؟ اڄ بابا سائين کي ڇا ٿي ويو هو؟ اَبُو جان توکي ڇا چئي رهيو هو؟ سلميٰ جميله کي پنهنجي ڇاتي سان لڳائي ڏاڍو ڀيڙو ڏنائين. خوب مٺيون ڏيئي پيار ڪيائين ۽ پيار ڪندي بي اختيار ان جي نيڻن جا ڪڪر مسلسل وسڻ لڳا.
    ڪڪر هون نه هون جهُڙ نيڻون نه لهي،
    ساريو سي پرين کي ڳوڙها گلن تي پون
    سي مر رويو رون جن مسافر سپرين.
    جميله: ”حيران ٿي پڇيو“ منهنجي ماءُ، او منهنجي جيجل ماءُ تون روئين ڇو ٿي؟ اڄ توکي ڇا ٿي ويو آهي؟ امان توکي بابا سائين جو قسم آهي. روئڻ بند ڪر نه ته آئون به ٿي روئان؟


    ڇو ٿي ڄمئي ڙي ڌيئر؟

    سلميٰ: ”اکين ۾ ڳوڙها غمزده ڀريل آواز ۾“ منهنجي ڌي. اي منهنجي دل جا ٽڪرا مونکي ڇڏي ڏي ته آئون روئان. ڪاش تون عرب ۾ نه ڄمي ها ۽ آهه تون منهنجي پاناري نه پوين ها. هن عرب ۾ جيڪو وحشيانه ۽ بربريت جو مرڪز آهي جتي ڌيون جيئري ئي دفن ٿيڻ لاءِ پيدا ٿينديون آهن. آهه اي منهنجا چنڊ! تون فنا جي ڪڪر ۾ جلد، فنا ٿيڻ کان اڳ فنا ٿيڻ واري آهين!!
    اهو چوندي سلميٰ بي چين ٿي ويئي. ان جي اکين مان بي اختيار لڙڪ جاري هئا. ماءُ کي اهڙي طرح روئندي ۽ تڙپندي ڏسي جميله به تڙپي پئي. ان وري چيو. امي جان تون روء نه. نه ته آئون به روئان ٿي. جميله ناسمجهه هئي. جنهن کي سلميٰ جي درد جي ڪهڙي خبر. جتي باهه ٻري، اها جاءِ جلي. ڪهڙو پتو پاڙي وارين کي. اگرچه سلميٰ ان جي سامهون سڀ ڪجهه بيان ڪري ڇڏيو هو مگر اها ٻار ڪجهه به سمجهي نه سگهي ۽ ٻار جي شان وٽان هُن به اها ئي ڳالهه چئي جيڪا گهڻو ڪري ٻار چوندا آهن.
    سلميٰ جميله جي ڳالهه ٻڌي سمجهي ويئي اُن سوچيو ته منهنجي روئڻ سان واقعي جيمله به روئي ڏيندي. سلميٰ کي جيمله سان ايتري قدر محبت هئي جو هو ان کي روئندي ڏسڻ به گوارا نه ڪري سگهندي هئي. سلميٰ جلدي ۾ ڳوڙها اگهي ورتا ۽ سرد آهه ڀري چيو اي منهنجي اکين جا تارا هاڻ آئون ڪو نه روئنديس. جميله تون اعتبار ڪر. تنهنجو قسم آئون ڪو نه روئندس. نه نه امان تون روئين پئي. جميله هي پگهر آهي. جميله تون پنهنجي دل ٿڌي ڪر، آئون ڪو نه ٿي روئان. سلميٰ اگرچه روئڻ بند ڪيو هو. مگر ان جي دل اڃان به روئي رهي هئي. ان هڪ ٻيو ڀيرو به معصوم جميله کي پنهنجي سيني سان لڳائي ڀيڙو ڏنو. خوب پيار ڪيو. ان جي پيشاني تي. ان جي اکين تي، ان جي ڳلن تي چرين وانگر چمين جو وسڪارو لائي ڏنائين. مگر سلميٰ جو ڍئو نه ٿيو ته نه ٿيو.
    ڪجهه دير کان بعد سلميٰ گهرجي ڪم ڪار ۾ لڳي ويئي ۽ جميله پنهنجي گُڏين سان کيڏڻ شروع ٿي ويئي. ۽ قيس گهر کان ٻاهر نڪري هليو ويو.
    مگر سلميٰ جي دل ڪنهن به ڪم ۾ نه پئي لڳي. جنهن وقت هو جميله کي ڏسندي هئي يا جڏهن ان کي هي خيال اچي کڻندو هو ته جميله صرف ٻن ڏينهن جي مهمان آهي، ته ان جي ڪليجي ۾ هڪ هُوڪ اٿندي هئي. سيني تي هڪ ٺونشو لڳندو هو. بجلي جو ڪرنٽ لڳندو هو. بي اختيار ڳوڙها جاري ٿي ويندا هئا. مگر هو ضبط ڪري وٺندي هئي متان جميله ڏسي نه وٺي ۽ جميله جي طرف کان منهن ڦيري ڇڏيندي هئي. سرد آهه ڀري ڪنهن نه ڪنهن ٻي ڪم ۾ لڳي ويندي هئي. وڏي ڏک، غم بي چيني ۽ ٻُڏ تر سان اهي ٻه ڏينهن گذريا، ٽي ڏينهن ٻنپهرن جو وقت هو. جميله کي وهنجاريو ويو. وارن کي سڪائي تيل سرمو، خوشبويون لڳايون ويون. ڦڻي ڏيئي چوٽي ڪئي ويئي. جميله خوش پئي ٿئي. ان جي چپن تي معصومانه مرڪ ڊوڙي رهي هئي. غريب ڇوڪري کي اهو معلوم نه هو ته ماءُ جي هنج مان ڪڍي موت جي هنج ۾ ڏيڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. ان وقت ڪافي ساريون عورتون گهر ۾ گڏ ٿي ويون هيون ۽ سڀ ثواب جو ڪم سمجهي. جميله جي هار سينگار ۾ مشغول ٿي ويون. سڀ عورتون خوش ٿي، خوشي جا گيت ڳائي رهيون هيون، اگر غمزده هئي ته اُها سلميٰ هئي. اها ڪيئن خوش ٿئي. جنهن ڌي کي ڄائو هو. پاليو هو ۽ وڏي سنڀال سان پرورش ڪئي هئي. اڄ هو زنده درگور ٿيڻ واري هئي ان ماءُ جي دل دهلجي رهي هئي. ڪيلجو ڌڙڪي رهيو هو. جسم جو بند، بند چڪنا چور ۽ نس نس ۾ ناسور هو. چهري تي اداسي ۽ مايوسي وسي رهي هئي. تمام جسم مان رت جي ڦڙي، ڦڙي کي غم چوسي ورتو هو.
    جميله جي چوٽي ڪري يمني ريشم جا ڪپڙا پارايا ويا. هو اڳي ئي خوبصورت ڌيءَ هئي هار سينگار ڪرڻ کان بعد ويتر هن جي حُسن کي چار چنڊ لڳي ويا هئا. جهڙو ڪر جنت الفردوس جي حور قيس جي گهر مهمان بنجي آئي هجي. جڏهن سج لاڙو ٿيو ته قيس ۽ ان جي پٺيان ڪافي سارا ماڻهو ان جي گهر آيا. ان زماني ۾ عربن ۾ پردي جو رواج نه هو. عورتون مردن ۾ ۽ مرد عورتن ۾ گڏيل رهندا هئا. قيس سان گڏ جيڪي ماڻهو اندر آيا هئا. اهي سڀ جو سڀ معزز صاحب اثر و رسوخ امير عرب ۽ قبيلن جا سردار هئا. جن مان چند مشهور هي هئا. ابو لهب بن عبدالمطلب هاشمي خاندان جو رئيس ۽ وڏو بااثر هو، وليد بن مغيره هي حضرت خالد جو پيءَ هو. قريش جو رئيس اعظم هو. وڏو بهادر ذي اثر دولت مند ۽ تمام عرب ۾ مشهور هو. عاص بن وائل هي سهم قبيلي جو سردار هو. دولتمند صاحب حيثيت. عمر بن عاص فاتح مصر جو پيءُ هو.
    عتبه بن ربيع امير معاويھ جو نانو هو. سڀني قبيلن ۾ ان جو وڏو اثر هو. ابوجهل وليد جو ڀائٽيو. حضرت خالد بن وليد جو سئوٽ هو. وڏو رئيس عرب ۽ اثر وارو هو. ابو سفيان بن ضرب امير معاويھ جو پيءُ ۽ قريش جو سپھ سالار ۽ وڏو دولتمند هو.
    انهن کان علاوه ڪافي سارا ماڻهو ٻيا به هئا. جيڪي روساءِ عرب هئا. انهن سان گڏ ابرشن ”ملعون“ به هو هي سڀ ماڻهو سڌا جميله واري ڪمري ۾ پهتا. جميله جي چوڌاري عورتن جو وڏو مجمع هو. انهن سردارن کي ايندي ڏسي عورتون سڀ هڪ طرف ٿي بيهه رهيون. ابرشن اڳتي وڌي جميله کي ڏٺو جميله حسن و جمال ۾ حور هئي. هڪ نوخيز مکڙي، ملڪو تي صفات جي مالڪه، هڪ معصوم ڇوڪري هئي. پوڙهو ڪاهن هن کي ڏسي حيران رهجي ويو. ڪجهه دير ٽڪٽڪي لڳائي ڏسندو رهيو. جميله شرم ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو هو. مگر ابرشن کي ڪو به شرم نه آيو.
    ابرشن: ”قيس سان مخاطب ٿي“ قيس اهڙي ئي ڇوڪري جي قرباني جي ضرورت هئي. پاڪ هُبُل توتي پنهنجون برڪتون نازل فرمائي. هاڻ هر مشڪل آسان هر مصيبت دور.
    ابرشن پنهنجا ٻئي هٿ جميله جي مٿي تي رکيا ۽ چيائين ڌي تنهنجي قرباني اسان جي سڀني مشڪلات ۽ مسائل جو حل آهي. ڪمسن ۽ بي سمجهه جميلھ انهي ابرشن جي ڳالهه جو مطلب نه سمجهي سگهي ۽ مسلسل مُرڪي رهي هئي. ٻاراپڻ واري چهري ۽ معصوم اکين سان ابرشن کي ڏسڻ لڳي. ابرشن قيس کي مخاطب ٿي چيو:
    ابرشن: ان کي وٺي هلو.
    قيس: جميله هلو.
    جميله: ابو جان ڪيڏانهن هلون.
    قيس: اسان سان گڏ.
    جيمله اٿي هلي ۽ ان جي پٺيان سڀ عورتون. سڀ مرد هلڻ لڳا. مگر هلڻ نه ٿيو ته اهو سلميٰ کان نه ٿيو. اها گهر جي دروازي تائين ته گڏ آئي. مگر دروازي تي بيهه رهي. اندر ۾ وڍ اچڻ لڳا. اي چرخ فلڪ ڇا هنئين به ٿيندو اهي. اهڙا هاڃا ٿين ڀينر هن بنڀور ۾. جڏهن سڀ ٻاهر روانا ٿي ويا ته اُن هڪ آهه ڀريائين ان جي جسم ۾ رڦڻي پيدا ٿي. ان پنهنجو پاڻ سنڀالڻ جي ڪوشس ڪئي مگر سنڀالي نه سگهي غش ٿي. منهن ڀر ڪري پئي. گهر ۾ اهڙو ڪو به فرد نه هو جو هڪ غمزده ماءَ کي سنڀالي يا سهارو ڏي.
    نہ تڑپنے کی اجازت ہے نہ فریاد کرنے کی،
    یونھی گھٹ کے مرجائو یھی مرضی میرے صیاد کی ہے۔


    وحشيانه قرباني

    قيس جي گهر جي سامهون سوين ماڻهو بيٺل آهن. ڪافي ساريون عورتون دف کنيو بيٺل آهن. انهن عورتن ۽ مردن ۾ هر طبقي جا ماڻهو شامل آهن. جنهن وقت ان جلوس وارن جميله کي ڏٺو ته فوراً هُبُل جي جئي، لات جي جئي جا نعرا هڻڻ لڳا. عورتن دف وڃائي خوشي جا گيت ڳائڻ شروع ڪيا. انهن گيتن ۾ بتن عربن ۽ عربن جي تمام قبيلن جي تعريف هئي. هاڻ هن مجمع جلوس جي صورت اختيار ڪري ورتي هئي. سڀني کان اڳ ۾ ابرشن هو ان جي هڪ هٿ ۾ انساني کوپڙي. ٻي هٿ ۾ انساني ٻانهن جو هڪ ڊگهو هڏو کنيل ۽ هڏين جي مالها گلي ۾ وڌل سيني ۽ ڪلهي تي پنهنجا وکريل وار، هلي رهيو هو.
    ان جي پٺيان ڪاهنن ۽ اعرافن جي هڪ وڏي جماعت هئي. جن سڀن کي ڊگها اوني جُبا پاتل هئا. جيڪي هيٺ زمين تي گهلجي رهيا هئا. هٿن ۾ مختلف انساني عُضون جون هڏيون هيون. سڀئي نهايت برين ۽ خوفناڪ شڪلين وارا هئا. انهن جي پٺيان چيلن ۽ ساڌوئن جو هڪ وڏو ٽولو هو. سڀن کي حسب حيثيت سُٺا ڪپڙا ۽ اُچازيور پاتل هُين. اڪثر نوجوان عورتون دف وڄائي خوشي جا گيت ڳائي رهيون هيون انهن عورتن جي حلقي ۽ جهرمٽ ۾ معصوم جميله به هئي. بي سمجهه ڇوڪري جلوس کي ڏسي خوش ٿي رهي هئي، کيس اهو معلوم هو ته اهو سڀ ڪجهه هُل هنگامون منهنجي ڪري ٿي رهيو آهي. مگر اهو معلوم نه هو ته هن کي ڪيڏانهن ۽ ڇو وٺي وڃي رهيا آهن؟ عورتن جي پٺيان معززين مڪه. هر هڪ قبيلي جو سردار ۽ دولتمند عرب هئا. اهي سڀ ماڻهو خاموش قدم، قدم سان ملائي هلي رهيا هئا.
    جميله جو پٿر دل پيءَ قيس بن عاصم به هنن سان گڏ هو. انهن جي پٺيان عوام الناس هئا جيڪي ٿوري. ٿوري وقفي سان مختلف بتن جا نالا وٺي. انهن جي جئي پڪاري. نعرا هڻي رهيا هئا. اهڙي طرح اهو جلوس منظم صورت ۾ زمزم جي کوهه وٽ پهتو زم زم کوهه جي ٻنهي پاسن کان نائله ۽ آساف نالي ديو هيڪل ٻه بت هئا. تمام مجمع انهن بتن جي سامهون سجدي ۾ ڪري پيو. ڪجهه دير کان پوءِ انهن مٿو مٿي کنيو ته سڀني جون پيشانيون خاڪ آلود هيون. هاڻ اهي سڀ ماڻهو منظم نموني سان شهر کان ٻاهر نڪتا. هاڻ هتي مجمع تمام وڏو ٿي ويو هو ۽ انهن ۾ اهي ماڻهو به شامل ٿي ويا. جنهن جي هنجن ۾ ڪيتريون ئي کير پياڪ معصوم نياڻيون هيون.
    بت پرستن جو هي جلوس مڪي کان نڪري ڪعبت الله کان مغرب طرف جبل عمر جي هنج کلي ميدان ۾ پهتو. پڄارين هتي پهچي گهڙيال. ناقوس ۽ دف زور سان وڄائڻ شروع ڪيا. ٿوري دير بعد هڪ شخص وڌي اڳتي آيو. جنهن چيو. اي غيور عربو! آئون پنهنجي خانداني عظمت برقرار رکڻ خاطر پنهنجي هن ڌيءَ کي زنده دفن ڪريان ٿو. سڀني سامعين چيو چئي لات، جئي منات جئي هُبُل. ان شخص جي هنج ۾ هڪ ٽن سالن جي معصوم نياڻي هئي. هُن اِن ننڍڙي معصوم کي زمين تي ويهاريو. زمين ڏاڍي گرم هئي. هي معتبر ٻنهي هٿن سان واري هٽائي. کڏ کوٽڻ لڳو. معصومڙي واري جي تپش برداشت نه ڪري سگهي. روئڻ ۽ دانهون ڪرڻ لڳي. بي درد سنگدل پيءَ ان کي گهورڻ لڳو. مگر ننڍڙي ناسمجهه معصومڙي تي گهورڻ جو ڪهڙو اثر.
    اها برابر روئندي رهي. ان جي نازڪ پنڊين ۽ دڏين تي واري جي تپش جي ڪري. ڦلوڪڻا ٿي ويا. هو هنجون هارڻ لڳي. ڦٿڪڻ لڳي. هيڏانهن، هوڏانهن نهاري پئي ته ڪو کڻي مگر کڻڻ وارو چُپ رهڻ لاءِ دڙڪا ڏيئي رهيو هو. پر هو ڪيئن چپ رهي. حالانڪ ان جي ٻوڊڻن، رانن ۽ پنڊلين ۾ باهه ٻري رهي هئي. ۽ ڦلوڪڻا ٿي چڪا هئا. معصوم نياڻي گرم واري کان بچڻ لاءِ پيءَ جي گوڏي تي چڙهي ويئي. ظالم پيءَ ڌڪو ڏئي ڪيرائي وڌي. معصوم نياڻي وري به واري تي ڪري مڇي وانگر ڦٿڪڻ لڳي. اها وري اُٿي، وري پيءَ کي چنبڙي پيئي پيءُ وري ڌڪو ڏيئي هيٺ ڪيرائي.
    سنگدلي جو هي منظر انسانن جي دلين کي جنجهوڙڻ لاءِ ڪافي هو. مگر اهو مجموعو نالي ماتر ته انسانن جو هو. مگر هنن ۾ ڪو هڪڙو به انسان نه هو. سڀ سنگدل ۽ خونخوار بگهڙ هئا. ٿوري دير بعد اها کڏ تيار ٿي ويئي. جنهن ۾ ڪنهن ٻار کي دفن ڪري سگهجي هاڻ پي ان معصومڙي کي کڻي ان کڏ ۾ اونڌي منهن ڀرڪيرايو ۽ جلدي جلدي ان جي مٿان واري پلٽائڻ لڳو. معصوم نياڻي دانهون ڪوڪون ڪرڻ لڳي. مگر ڪو به ٻڌڻ وارو نه هو. ان جي دل مان پار ٿيڻ وارين رڙين سان جبل ۽ پهاڙ لڏي ويا. لوڏو نه آيو ته انهن معززين انسانن کي نه آيو. حالانڪ ان مجمعي ۾ ان جا ڀاءُ، سوٽ ۽ ماسات به شامل هئا. انهن نهايت اطمينان سان هڪ معمولي تماشو سمجهي. ان وحشيانه بربريت جي هولناڪ منظر کي ڏسندا رهيا ۽ جئي لات، جئي منات جا نعرا هڻندا رهيا.
    معصوم نياڻي اٿڻ چاهيو، مگر ظالم ۽ شقي القلب پيءَ کٻي هٿ سان ان کي دٻائي جهليو ۽ سڄي هٿ سان ان تي مٽي ۽ واري وجهندو رهيو. ايسين تائين جو نياڻي پنهنجي رڙين سان گڏ دٻجي ويئي. دانهون ۽ ڪوڪون گهٽجندي، گهٽجندي بلڪل بند ٿي ويون. بي رحم ۽ بي درد پيءَ برابر واري وجهندو رهيو. جڏهن کڏ ڀرجي ويئي ته کڏ جي مٿان انبار لڳائي. قبر بنائي ويئي. اهڙي طرح وحشي ظالم ۽ پٿر دل پيءَ پنهنجي زنده ڌي کي دفن ڪري ڇڏيو. ۽ سامعين حاضرينن انهي کي قومي غيرت ۽ عظمت جي بحالي جون مبارڪون ڏنيون.
    انهي کان بعد جيڪي ماڻهو پنهنجين ڌين کي کڻي آيا هئا. تن سڀني معصوم ڌين کي کڏون کوٽي دفن ڪرڻ شروع ڪيو. ڪجهه دير تائين اها ڪارروائي به جاري رهي پر جلد ئي اها ڪارگذاري مڪمل ٿي ويئي.


    اچ جميلھ تنهنجو وارو

    هاڻ ڪيترن ئي ماڻهن گڏجي هڪ وڏو گهرو کڏو کوٽيو ۽ جڏهن کڏو تيار ٿي ويو. ته قيس جميله کي وٺي اڳتي وڌيو ۽ کڏي جي ڪناري تي وڃي بيٺو جميله ڏسي ورتو هو ته ”کڏن ۾ معصوم ڇوڪريون دفن ڪيون ويون آهن“ ۽ پُڻ جميله هي به سمجهي ورتو هو ته جنهن کڏ جي ڪناري تي هو بيٺل آهي. اُن ۾ انهي کي ئي دفن ڪيو ويندو. اُن حسرت زده نظرن سان پنهنجي پيءَ قيس جي طرف ڏسي چيو.
    جميله تي هراس طاري ٿي ويو. ان پنهنجو موت پنهنجي اکين سان ڏسندي چيو.
    جميله: ليڪن بابا سائين مون کي ٻڌايو ته سهي. منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي؟
    اَبُو تون مون نياڻي نماڻي کي ڇو جيئري دفن ڪرڻ گهرين ٿو؟
    قيس: اسان جي خانداني عظمت، ذاتي غيرت مونکي ائين ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي. جميله روئڻ لڳي. ان ٻئي هٿ ادب جا ٻڌي انتهائي عاجزي ۽ انڪساري سان چيو. ابا! او منهنجا پيارا ابا!! تون مون کي کاڌو ڪپڙو نٿو ڏيئي سگهين. نه ڏي. آئون اگهاڙي، بکي رهي پوندس، تون مون کي ڌي نه چئو. آئون توکي پيءَ نه چوندس. بابا مون کي هينئر جيئري دفن نه ڪر اڃان مون ڏٺو به ڇا آهي؟
    اهو چوندي ئي جميله، قيس کي چنبڙي پئي. ان جي نرگسي اکين مان لڙڪن جو درياء جاري هو. قيس جي منهن تي ڪاوڙ ۽ رکائي جا آثار ظاهر ٿيا.
    قيس: ان ڌمڪي ڏيندي چيو هينئر دفن نه ڪريان ته پوءِ توکي ان لاءِ جئيرو ڇڏيان ته تنهنجي وڏي ٿيڻ تي شادي ڪرائي وڃي. ڪو ماڻهو منهنجو داماد ٿئي. تمام عرب جي اڳيان منهنجو سَر ذلت سان جهڪي وڃي.! ماڻهو چون ته هو قيس جو داماد آهي.
    هرگز نه! اسان جي خاندان ۾ ڪڏهن به ڪا ڇوڪري زنده نه رکي ويئي آهي. جمليه جو خوبصورت چهرو زرد ٿي ويو. شدت غم سان اکيون ڳوڙها ڳاڙڻ وسري ويون ۽ موت جي خوفناڪ صورت اڳيان اچي ويئي. اها يڪدم پنهنجي پيءُ جي پيرن ۾ ڪري پئي ۽ ايلاز ڪيائين ۽ چيائين بابا مونکي بچائي، آئون تنهنجي گولي بنجي گذاريندس مونکي بچائي، مونکي مار نه.
    بيدرد پيءُ جميله کي مٿي کڻي کڏ ۾ اڇلايو کڏ اونهي ۽ سوڙهي هئي. جميله منهن ڀر وڃي کڏ ۾ ڪري، قيس جلدي جلدي واري وارڻ شروع ڪئي، جميله اٿڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ليڪن واري اهڙي تيزي سان پلٽائڻ شروع ڪئي جو ان کي اٿي سڌو ٿيڻ جي مهلت نٿي ملي سگهي. بي گناهه نياڻي ڪوڪون ڪري روئي رهي هئي ۽ سنگدل پيءُ جي خوشامدي ڪري رهي هئي. چئي رهي هئي ته او پيارا ابا سائين مون تي رحم ڪر مونکي بچائي، هاءِ افسوس هي ڏينهن منهنجي مرڻ جا ناهن، ليڪن قيس تي ان جي رڙين ۽ عاجزي جو ڪو اثر نه ٿيو. اهو برابر واري وجهڻ ۾ مشغول هو، جميله هڪ ڀيرو، وري اٿڻ جي پوري طاقت سان ڪوشش ڪئي. اُها اٿي بيهه به رهي ان جي مٿي ۾ تمام جسم ۾ واري ڀري پئي هئي. اکيون نٿي کلي سگهيون. تا هم ان روئندي چيو، ابا آئون هٿ ٿي ٻڌان، رحم ڪر، مونکي بچائي، قيس کي رحم اچڻ بجاءِ ان کي وڌيڪ ڪاوڙ آئي، ان ڌڪو ڏيئي جميله کي ڪيرايو ۽ ان تي تيزي سان واري اوتڻ لڳو جميله جو ساهه گهٽجڻ لڳو. رڙ ڪري بي هوش ٿي ويئي. مگر انهن وحشي دردن انسانن مان ڪو هڪ به منجهان اهڙو نه هو جنهن جي دل ۾ واري جي داڻي جيترو به رحم هجي، ۽ هُن نياڻي نماڻي کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رفته رفته ان جو آواز گهٽ ٿيڻ لڳو ۽ ان جي مٿان واري جو ڍڳ ٿيڻ لڳو، جڏهن کڏو واري سان ڀرجي ويو ته ان سان گڏ ان جون دانهون ۽ ڪيهون به بند ٿي ويون.
    گهڙيال ۽ ناقوس هاڻ پهريائين کان به وڌيڪ زور شور سان وڄڻ لڳا هئا قيس اٿي بيٺو کڏي جي مٿان ڍڳ واري جو چاڙهي چڪو هو، هاڻ هو ڏاڍو خوش هو، گوياڪ ڪو نهايت خير ۽ ڀلي جو ڪم سرانجام ڏيئي هاڻ فارغ ٿيو هجي، ان وقت سج لهي چڪو هو، ۽ رات جي ڪاري چادر ان انسانن جي سنگدلي ۽ قصاوت قلبي جي هن هولناڪ ۽ خوفناڪ منظر کي پنهنجي دامن ۾ ڇپائي ورتو هو. جڏهن رات ٿي ويئي ته سڀ ماڻهو مڪي جي طرف موٽيا. هرڪو قيس کي مبارڪون ڏيندي. پنهنجن معبودن جي نالن تي جَئي جا نعرا هڻندا پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿيا.


    ميڻ دل ماءُ

    * اچوڙي سورن واريون ڪريون سورن پچار،
    ڪنهن وٽ ٿورڙا ڪنهن وٽ گهڻا،
    مون وٽ آهن لک، هزار،
    ڏنا جي ڏاتار سي مون جهولي پائي جهليا.

    * دل جل کر خاک ہوا آنکھوں سے رویا نہ گیا،
    کچھ زخم ایسے ہوئے کہ پھولوں پہ سویا نہ گیا۔
    هوڏهن غمزده سلميٰ شدت غم سان بي حال ٿي غشي کائي ڪري هئي. ان کي پنهنجي تن بدن جو هوش نه رهيو هو. چهرو سڪڙجي ويو هو ۽ ساهه اهڙو مبهم آهستي هلي رهيو هو. جو ڏسندڙ کي شڪ ٿي رهيو هو ته ساهه هلي به رهيو آهي يا نه؟ ان کي جيتري قدر غم هو اها حق بجانب هئي.
    جميله کي ان وڏي لاڏ ڪوڏ سان پاليو هو. جڏهن ته ان کي ٻيو ڪو به اولاد نه هو. انهي ڪري جميله ان جي محبت جو مرڪز ۽ محور هئي. ان جي محبت جميله جي ذات تائين محدود ٿي بيهه رهي هئي. اها ئي جميله ان جي محبت جو روشن تارو، منور چند ۽ چمڪندڙ سج هو. اڄ ان جي خوشين جو خاتمون ۽ ماتم ٿي ويو هو. سلميٰ جي دنيا انڌيري ٿي ويئي هئي. گهر ۾ ڪو به ڀاتي باقي نه رهيو هو. جو ان کي کڻي. ڪير کڻي؟ ڪير ڊُڪ ڊوڙ ڪري ان کي هوش ۾ آڻي. ڪو به نه هو جو پاڻي ڇنڊي، ڇانوَ ۾ رکي ۽ لڙڪ اگهي، درد جي ماري سلميٰ اُس ۾ پئي رهي. مدهوش هئي. بيوس ۽ بي ڪس پئي هئي. تان جو سج لهي ويو. سڄو ڏينهن وسندڙ گرم هوا. قدري ٿڌي ٿي. آسمان تي تارا نڪري آيا. چمڪڻ لڳا. ان وقت سلميٰ کي هوش آيو. ان اکيون کوليون. هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو گهر ۾ خاموشي هئي. اها اٿي ويٺي ۽ سوچڻ لڳي ته آئون ڪٿي پئي آهيان ڇو؟ ۽ ڪهڙي حالت ۾ پئي آهيان؟ آهستي آهستي ان کي اهي تمام ڳالهيون هڪ هڪ ٿي ياد آيون. جيڪي هن کي ٻنپهرن جو پيش آيون هيون. جميله کي وهنجاري سنهنجاري، هار سينگار ڪري ڪنوار بنائڻ ۽ ان جي پيءُ قيس جو ان کي جيئرو دفن ڪرڻ لاءِ وٺي وڃڻ. ان خيال جي اچڻ سان ئي ان جي دل دهلجي ويئي. سوچ ساٿ ڇڏي ڏنو. ڪليجو نڙگهٽ ۾ اچي اٽڪي پيو. سيني ۾ هڪ ڪانَ لڳو. هوڪ اٿي ۽ محبت جو درياء اٿلي پيو. اها بيقرار بي چين ٿي ويئي. ڪليجو ٽهڪڻ لڳو. ويٺو ٿي نه سگهيو ۽ اٿڻ جي ڪيائين مگر هائي افسوس ضعف جي ڪري چڪر اچي ويو. ديوار جو سهارو وٺي بيٺي دير تائين بيٺي رهي. ٻنهي هٿن سان ڪليجو دٻائي. چپ ڀيڙي بيٺي رهي. ڪجهه دير بعد دل ڀرجي آئي. ڳوڙها جاري ٿي ويا. زارو قطار روئڻ لڳي. ايتري قدر رني جو لڙڪن سان دامن پسي ويو ۽ هچڪيون اچڻ لڳيون.
    معصوم جميله جي تصوير ان جي سامهون ڇڪجي آئي. ان جي وڇڙيل صورت نظر اچڻ لڳي. مغموم ۽ بدنصيب ماءَ سمجهيو ته شايد پي کي رحم اچي ويو ۽ اُن جميله کي ڇڏي ڏنو. جميله اچي ويئي آهي. سلميٰ ڀاڪر کولي اڳتي وڌي. جميله کي پنهنجي ڀاڪر ۾ آڻڻ لاءِ وڌي. ان چيو امان جميله تون اچي ويئين؟ منهنجي ڌي تون ڀلين آئين. منهنجا چنڊ اچ منهنجي سيني سان لڳي وڃ. منهنجي اڱڻ تي روشن ٿي. اي منهنجي اميدن جا سهارا اچ منهنجي دل جي دکندڙ کوري کي ٿڌو ڪر. اچ، اچ جميله اچ، مگر جميله اتي ڪٿي هئي؟ اهو ته محض تخيل هو. غمزده سلميٰ جي ڀاڪر کولي اڳتي وڌڻ سان ئي اها خيالي تصوير گم ٿي ويئي. ان جون ٻانهون پکڙيل ئي رهجي ويون.
    ان جي ڪليجي کي هڪ ڪرنٽ لڳو. ان جي ارمانن جي دنيا ۾ هڪ طوفان آيو. هڪ زلزلو ڪريو. ڌماڪو ٿيو ۽ ان شدتِ غم جي ڪري بيچين ٿي پنهنجي هٿن جون مٺيون ڀيڙي ڇڏيون. ڏندڻ پئجي ويا.
    بيوس عورت جا ڳوڙها پهريائين کان به وڌيڪ تيزي سان وهڻ لڳا.
    ان وڦلندي چيو. آهه اي منهنجي اکين جي روشني! ڇا تون مون کان خفا ٿي ويئي آهين؟ ڇا تنهنجي ظالم ۽ بي رحم پيءُ توکي زنده دفن ڪري ڇڏيو آهي؟ آه آئون هن غم کي برداشت نه ڪري سگهندس. چري ٿي وينديس. آئون توکي پنهنجي معبودن جو واسطو ٿي ڏيان. ته تون مون کي هت اڪيلي ڇڏي. اهڙو صدمون ڏيئي نه وڃ ها جميله! آئون توکان بعد ڪنهن کي ڌيءُ چونديس. ۽ ڪير منهنجي هنج ۾ ويهي انگل ۽ آڙا ڪري منهنجي سيني کي ٿڌو ڪندي؟ اي منهنجي پياري ڌيءَ تنهنجي ياد بار بار اچي. مون کي رت جا ڳوڙها روئاري ٿي.
    سلميٰ زارو قطار روئي رهي هئي. ان جي ڳلن تان ڳوڙهن جي بوندن جو درياء جاري هو. اُن گهرو، ساهه ڀري، چيو. آه عربستان ۾ عورت ڪيتري قدر بيوس ۽ مجبور آهي. ڪيتري قدر نه ذليل ۽ حقير آهي. ڪنهن ڪم ۾ دخل ڏيڻ جو ڪو حق ناهي. ٻانهي وانگر صرف ڪم ڪرڻ لاءِ آهي. يا صرف جُتي وانگر استعمال ڪرڻ لاءِ آهي. يا ته صرف مرد جي هوس پوري ڪرڻ لاءِ آهي.
    هاءِ افسوس. معصوم نياڻيون زنده دفن ڪيون وڃن ٿيون ۽ مائرون روئن ٿيون. تڙپن ٿيون. مگر لڪي لڪي، سڀني جي سامهون روئڻ جي به اجازت ناهي. جو هو پنهنجي اندر جي باهه هلڪي ڪري سگهن. اي وحشي انسانو توهان ڪيتري قدر نه ظالم آهيو؟
    اي بي رحم مردو! توهان ڪيتري قدر نه سنگدل آهيو. جو پنهنجي جگر جي ٽڪري اولاد کي پنهنجن ئي هٿن سان زنده دفن ڪري اچو ٿا؟ توهان کي ڪڏهن عقل ايندو؟ توهان ڄاڻو نٿا ته عورتن کي توهان جي انهي بري عمل سان ڪيتري تڪليف ۽ ڪيتري قدر غم ٿئي ٿو؟ سلميٰ خاموش ٿي ويئي. هن وقت ان جي روئڻ سان ان جي دل جي باهه جهڪي ٿي ويئي هئي ۽ دل جا غبار ڪجهه هلڪا ٿيا ته طبيعت کي قدري سڪون اچي ويو هو. اڃان هو ديوار سان لڳي بيٺي هئي ۽ ڪجهه سوچي به رهي هئي. بي حال ۽ نڍال کي ڪجهه دير بعد، ان جي حالت ۾ تغير پيدا ٿيو. اها ديوار کان هٽي... ان چيو لعنت آهي هن گهر تي ۽ لعنت آهي هن گهر ۾ رهڻ تي. آئون هاڻ هت هڪ گهڙي پلڪ به نه رهنديس. اُتي وينديس. جتي منهنجي جميله آهي، مونکي ان جي ڳولا لاءِ وڃڻ کپي جمليه کانسواءِ زندگي ڪهڙي ڪم جي- جمليه کانسواءِ زندگي اڌوري ۽ محض بي لطف و بي مزه. اي دل هاڻ اتي هل جتي جميله کانسواءِ ٻيو ڪير به نه هجي. اهو چوندي ئي سلميٰ گهر کان ٻاهر نڪتي. رات جو وقت هو. رات اونڌاهي هئي. تارا آسمان تي چمڪي رهيا هئا. مڪي جا رستا ۽ گهٽيون سنسان ۽ اونده وارا هئا. رهي رهي ڪتن جي ڀونڪڻ جا آواز بي ترتيب اچي رهيا هئا. جڳهه جڳهه تي کڏون ۽ ڪچري جا ڍير هئا. سلميٰ ڌڪا کائيندي. ٿڙندي، ٿاٻڙندي ڪرندي وڃي رهي هئي. ان وقت ان جو نه حواس صحيح هو نه عقل جاءِ تي هو. اونڌاهي ۾ ڪجهه به ڏسڻ ۾ نٿي آيو. مگر اها ڪرندي به هلي رهي هئي. ڪافي دير کان پوءِ اها بيت الحرام جي سامهون پهتي. جڏهن آب زم زم جي کوهه وٽ پهتي ته آساف ۽ نائله ٻئي بت ان کي سامهون نظر آيا. اها بي اختيار ان خدائن جي سامهون سجده ۾ ڪري پئي. ان زارو قطار سان روئي انهن معبودن کي چيو. اي منهنجا معبودو اي منهنجا خدائو مون عورت تي رحم ڪريو. هڪ درد جي ماري عورت تي رحم ڪريو. مون کان منهنجي جميله کسي ويئي آهي. مون کي منهنجي جميله واپس ڪرايو. آهه جميله، هاءِ جميله. سلميٰ وري روئڻ لڳي. غمزده عورت جا ڳوڙها ڳالهه، ڳالهه تي نڪري آيا ٿي.
    انهي جملو پورو نه ڪيو هو ته جميله جي ياد ان کي وري به ستائڻ لڳي. دير تائين سجدي ۾ روئندي رهي. ٿوري دير بعد اٿي. رَئي جي پَلي سان لڙڪ اگهيا ۽ اٿي بيٺي هلڻ لڳي. ٿڙندي ٿاٻڙندي مڪي کان ٻاهر نڪتي. ان وقت اهي ماڻهو جيڪي نياڻين کي دفن ڪرڻ ويا هئا. اهي واپس بينڊ باجا زور شور سان وڄائيندا اچي رهيا هئا. اهي مختلف آواز مڪي جي در ديوار سان ٽڪرائي گونجي رهيا هئا. سلميٰ انهن کي ڏسي ديوار جي آڙ وٺي لڪي بيهه رهي. ماڻهو مڪي ۾ داخل ٿي رهيا هئا. جڏهن سڀ داخل ٿي ويا. ۽ رستو خالي ٿي ويو ته سلميٰ پنهنجي جاءِ مان نڪتي ۽ سڌو جبل عمر جو رُخ رکيو. سامهون ميدان کليل هو. اتي ايتري قدر اونڌاهي نه هئي. سلميٰ مسلسل اڳتي وڌي رهي هئي. تان جو اتي پهتي جتي نياڻين کي زنده دفن ڪيو ويندو هو. اها جاءِ جبل عمر جي هنج ۾ هئي. رات جي اونڌاهي ۾ جبل جون ڇپون ڪاريون ۽ خوفناڪ نظر اچي رهيون هيون. سلميٰ درد ڀري دانهن ڪري چيو. جميلان... او منهنجي پياري جميلان... ان جو درديلو ۽ پُرسوز آواز صحراء ريگ زار ۾ گونجيو رات جو پهر هو. جبل عمر سان ٽڪرايو، پڙاڏو ٿيو. سلميٰ ڇرڪ ڀريو. ان سمجهيو آهه ڇا مون کان سواءِ ٻيو به ڪو بدنصيب. مون وانگر پنهنجي جميله کي ڳولي رهيو آهي. هو واڪيندي اڳتي وڌندي ويئي. پوءِ واٽون ويهه ٿيون ڪو نه ڄاڻان ته هو دردن جي ماري ڪيڏانهن ويئي.


    تصوير جو ٻيو رخ

    آفاقي ۽ فطري دين اسلام حضرت محمد مصطفيٰﷺ جي محنت صحابه ڪرام جي عظيم قربانين ۽ مشيت ايزدي سان پکڙڻ لڳو. ماڻهو ٽولن جا ٽولا سچي، دين فطرت ۾ داخل ٿيڻ لڳا. آفتاب نبوت ۽ هدايت جي روشني جي ڪرڻن ڪٽر دل، اُڃايل ۽ اُجهاميل ڌرتي قيس بن عاصم تي پئي. جنهن پنهنجي ڏهن ڌين کي جيئري دفن ڪيو هو. ان جو ضمير جاڳيو. بلڪ ان کي ان جو ضمير جنجهوڙڻ لڳو. آفتاب نبوت جي ڪرڻن جي روشني ان جي مرده روح کي روشن ڪيو ۽ زنده ڪيو. ڪلمه توحيد پڙهڻ لاءِ سڌو مدينة النبيﷺ جو رخ ڪيو. تان جو مدينھ پهچي رحمت اللعالمين جي دربار شاهي ۾ حاضر ٿي ڪلمون لا الھ الا الله محمد رسول اللهﷺ سان فيض ياب ٿيو ۽ رحمت اللعالمين جي حضور ۾ عرض ڪيائين ته اي الله جا سچا رسولﷺ منهنجي لاءِ بخشش جي دعا گهرو. پاڻ ڪريمن فرمايو ته ڪهڙي ڏوهه جي بخشش گهران؟ قيس عرض ڪيو ته اي الله جا رسول ڏوهه ٻڌائڻ جهڙو ناهي. منهنجي لاءِ بخشش جي دعا گهرو. رحمت اللعالمين وري فرمايو. ڏوهه ٻڌاءِ ته ان جي واسطي سان الله تعاليٰ جي دربار عالي ۾ دعا گهرون؟
    قيس: پاڻ ڀلارن جي بار بار اصرار تي اهو ڏوهه بيان ڪرڻ شروع ڪيو. جيڪا ماجرا هئي اها ٻڌائيندو ويو ۽ رحمت اللعالمين جي نيڻن جا ڪڪر وسڻ شروع ٿيا. تان جو پاڻ ڀلارا سڏڪا ڀري روئڻ لڳا. ۽ عرش عظيم هلڻ لڳو هر اک آبشار هئي عاشقان رسولﷺ صحابه ڪرام پاڻ ڀلارن جي اها حالت ڏسي. قيس کي بيان بند ڪرڻ جا اشارا به ڪيا. مگر قيس اهو دردناڪ واقعو پورو ڪيو ته سهڻي سائين وري دوباره بيان ڪرڻ جو حڪم فرمايو ۽ قيس وري به ساڳي ڪارگذاري بيان ڪئي. غيرن جي غم کائڻ واري رحمت اللعالمينﷺ جي اکين ۾ مسلسل ڳوڙهن جو درياءُ جاري هو. انهي سان گڏ قيس جي اکين مان پڻ ندامت جا لُڙڪ وهي رهيا هئا.
    چڱن ساڻ چڱايون ائين سڀڪو هوءِ،
    تو جيئن ڪري نه ڪوئي بُرن ساڻ ڀلايون.
    اهڙي طرح ٽن دفعن کان پوءِ پاڻ ڀلارن قيس لاءِ بخشش جي دعا گهري. اللهم اهد قومي فانهم لايعلمون. ۽ فرمايائون ته اي قيس الله پاڪ غفور رحيم آهي. هن ڪلمي پاڪ جي برڪت سان زماني جاهليت جا سڀ گناهه معاف ڪري ڇڏي ٿو. انهي لاءِ ئي ته رب اللعالمين مون کي رحمت اللعالمين ڪري موڪليو آهي.
    برو هو بنڀور آرياڻي اُجاريو،
    لاٿو سڀ لوڪ تان هاڙهي ڌڻي هور،
    ڇوريون ڇُرڻ سکيون پنهون ڪيائون پور،
    آيو سو اطور جنهن ڏکيون ڏِک ويهاريون.


    نبوت کان اڳ حجاز جي حالت

    جيئن ته توهان مٿي عرب ۽ دنيا جا حالات مختصر طور معلوم ڪري چڪا آهيو ته ان وقت دنيا ۾ جهالت جو ڇا راڄ هو؟ وهم، وِسوِسن، بي جان پٿرن، وڻن ٽڻن، سج ۽ چنڊ، تارن، جنن ڀوتن جي پوڄا واري وبا. هر هنڌ عروج تي هئي. خصوصاً حجاز، وري خاص مڪو. ٻيو ته ٺهيو پر خود خانهء ڪعبي ۾ پڻ هٿرادو ٽي سو سٺ بت رکيل هئا. گوياڪه هر ڏينهن لاءِ جُدا جُدا خُدا هوندو هو. جنهن جي عبادت ڪئي ويندي هئي ۽ مرادون گهريون وينديون هيون. انساني پيشانيون صبح و شام انهن جي آڏو جهڪنديون هيون. ڪائنات جي حقيقي خالق و مالڪ ڏي ڪنهن جو به ڌيان ڪو نه هو. هر ماڻهو ظاهر پرستي ۽ من ماني. دل چاهي ۾ اچي پنهنجو عقل و شعور وڃائي چڪو هو. زميني نظام جو هلائيندڙ پٿر جي خدائن کي سمجهيو ويندو هو ته آسماني نظام جي واڳ ستارن جي هٿن ۾ هجڻ جو هر هنڌ اقرار ڪيو ٿي ويو.
    مطلب ته انسانيت هڪ وڏي گمراهي جي اوڙاهه ۽ اونڌاهي ۾ ڪري چڪي هئي. انسانن جي معاشرتي ۽ سماجي حالت پڻ نهايت ابتر هئي. جو خانهء خُدا ۾ شراب نوشي ڪري اگهاڙو رقص ۽ طواف ڪيو ويندو هو ۽ معمولي ڳالهه تان سالن جا سال خونريز لڙايون هلنديون هيون. جن ۾ جنگ غبراء، فجار، ۽ بسوس گهڻيون مشهور آهن.
    جن ۾ هزارين، لاکون انسان موت جي ور چڙهي ويا. هزارين عورتون بيوه ۽ لاکون ٻار يتيم ٿي ويا. ٻيو ته ٺهيو پر پنهنجي لختِ جگر ڌين تي به رحم نه ايندو هو. اگر ڪنهن گهر ۾ بدبخت ڌيءَ ڄمندي هئي ته انکي زنده درگور ڪري ڇڏيندا هئا. ڌيءَ جي جيئري قبر ۾ دفن ڪرڻ کي فخر سمجهندا هئا ۽ اهڙا هزارين واقعا ٿيا. جنهن جي ثبوت حرم مڪه جي اولهه طرف جبل عمر وٽ ”قبورللبنات“ جيئرين ڇوڪرين جو قبرستان جي نالي سان اڄ به شاهدي طور مشهور ۽ موجود آهي. جنهن جي شاهدي ڪلام الاهي ۾ پڻ موجود آهي.
    واذا سُئلت باي ذنب قُتلت يعني قيامت جي ڏينهن انهن ”جيئري دفن ڪيل ڇوڪرين جي باري ۾ پڇيو ويندو“ ته انهن ٻارڙين کي ڪهڙي ڏوهه ۾ قتل ڪيو ويو هو.
    اهڙي درندگي ۽ گمراهي واري دور ۾ رب اللعالمين کي پنهنجي نيابتي مخلوق تي رحم آيو. جنهن پنهنجي پياري محبوب حضرت محمد مصطفيٰﷺ احمد مجتبيٰ کي رحمت اللعالمين ۽ آخرالزمان نبي ڪري موڪليو جنهن اچي ڪري هن اجڙيل دنيا کي پنهنجي محنت ۽ محبت جي پاڻي سان آبياري ڪري انسان بنايا. ڪائنات ۾ حقيقي نيابت الاهي کان مشرفياب فرمايائين. جو اهي درنده صفات انسان دنيا جا امام انقلاب ۽ رهبر بنيا.


    آغاز نبوت

    جڏهن پاڻ ڀلارن جي عمر مبارڪ اوڻيتاليهه سالن جون بهارون ماڻي. چاليهه سال جي بهار ۾ پير پاتو هو ته پاڻ سڳورا اهڙي انسانيت سوز ماحول کان بيزار ۽ متنفر ٿي تن تنها. گوشئه نشيني کي پسند ڪرڻ لڳا هئا. سندن طبيعت ماڻهن جي ميل ميلاپ کان پري رهي. اڪيلائي ۾ رهڻ جي طرف لاڙو ڪيو. ميل ملاقات فقط پنهنجن خاص دلي دوستن تائين محدود ڪري ڇڏيائون پر پوءِ ٿوري عرصي بعد ويتر پنهنجو پاڻ کي محدود ۽ بند ڪري ڇڏيائون ۽ سندن ڪلي توجهه رب العالمين ڏي. ڏينهن به ڏينهن وڌڻ لڳو. جنهن ڪري گهرجي محدود ماحول ۾ گذارڻ بعد هر رات سچن خوابن جو هڪ لڳاتار سلسلو شروع ٿي ويو. جيڪو ڪجهه مهينن تائين جاري رهيو. سچن خوابن جي تعبير هوبهو خوابن ۾ ڏنل ماجرا مطابق هوندي هئي. جنهن لاءِ حديثن ۾ هن طرح مثال ڏنل آهي ته جيئن پره ڦٽڻ کان پوءِ سج نڪرڻ ۽ ڏينهن ٿيڻ ۾ ڪو به شڪ نه هوندو آهي. تيئن حضور انورﷺ جن جي انهن خوابن جي تعبير سچي ٿيڻ ۾ به ڪو شڪ نه هوندو هو. ائين جو ائين تعبير ٿيندا هئا. هتي هن ڳالهه جي وضاحت ضروري آهي ته نبين جي خوابن ۽ ٻين عام ماڻهن جي خوابن ۾ فرق آهي. سو هي ته نبين جا خواب خدا تعاليٰ جي طرفان خوشخبري هدايت ۽ نصيحت جو ذريعو، مستقبل ۾ پيش ايندڙ واقعن کان آگاهي. ڪنهن اهم واقعي جو اطلاع. ماضي جي ڪن واقعن جي ياد دهاني، مئن يا جيئرن جي حالات جي خبر تي مبني هوندا آهن.
    پاڻ ڀلارن کي مسلسل ڇهه مهينا سچا خواب اچڻ کان پوءِ حضور اڪرمﷺ پنهنجو گهرٻار ڇڏي ضروريات زندگي جو سامان کڻي. هڪ اهڙي جاءِ تلاش ڪري ورتي هئي جتي اڪيلائي ۾ ويهي قدرت الاهي جي ڪارسازي ۽ غور و فڪر ڪرڻ لڳا. اها تنهائي واري جاءِ جبل نور تي غار حِرا هئي. جيئن ته هن غار جو رُخ اولهه طرف آهي. جنهن پاسي ڪعبت الله شريف آهي. ۽ غار حِرا وٽان بيهه اولهه طرف نظر ڪبي ته بيت الله شريف تي سڌي سنئين پوي ٿي. انهي ڪري پاڻ ڀلاراﷺ غار حِرا ۾ رهڻ دوران توحيد جي پهرين مرڪز ڪعبت الله شريف کي اکين ۾ سمائي. يڪسوئي سان دل جو ڌيان، ڪعبي جي ڌڻي ڏي ڪري ان جي هيڪڙائي، عظمت، ڪبريائي جلال و جمال ۽ سندس سهڻين صفتن اسماء الحسنيٰ جا راز پروڙڻ ۾ محو رهندا هئا.
    ضروريات زندگي پاڻي ۽ سَتو. جڏهن اهي هفتي کن ۾ کٽي ويندا هئا ته وري گهر اچي ساڳيو کاڌو تيار ڪري کڻي وڃي غار ۾ رهندا هئا. پاڻ ڀلارن جو غار حرا ۾ رهڻ اسان کي ”اعتڪاف“ ڏهي. چاليهي ۽ چلي جهڙي عبادت مثل لڳي ٿو.
    غارِ حرا ۾ زڪر الاهي دوران چند مهينن جون راتيون ڏينهن گهاريندي جڏهن سندن عمر مبارڪ قمري سال موجب چاليهه سال پورا ٿي ايڪيتاليهه سال جي پهرين سومر جي رات کي پهتي هئي.


    نزول وحي ۽ غارِ حرا

    پاڻ ڀلارا معمول مطابق غارِ حرا ۾ ياد الاهي ۾ مشغول هئا ته رات جي پوئين پهر اوچتو هڪ نوراني چهري وارو شخص ظاهر ٿيو. جنهن ايندي ئي کين فرمايو ته، اقراء- پڙهه پاڻ ڀلارنﷺ جن فرمايو ته ”انا ما بقارءِ“ آئون پڙهيل ناهيان، تنهن تي ان شخص پاڻ ڀلارن کي ادب ۽ پيار سان ڀاڪر پائي ۽ زور ڏيئي فرمايو ته، ”اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبِّكَ الَّذِيْ خَلَقَ“ اهڙي ريت لاڳيتو پنج آيتون پرهي ٻڌايون ۽ اُن جي پڙهڻ پٺيان پاڻ ڀلارا به اهي ساڳيون آيتون اچاريندا ويا.
    اهي سورة العلق پاره عَم جون شروعاتي آيتون آهن. انهن آيتن ٻڌڻ سان پاڻ سڳورن پنهنجي دل تي عجيب قسم جي ڪيفيت ۽ سرور گڏيل وزن محسوس ڪيو. پاڻ ڀلارا حيران رهجي ويا ته هي ڪهڙي حقيقت آهي. هي ڪهڙو پيغام آهي. جيڪو مون کي ڏنو پيو وڃي؟ هي آيل شخص ڪير آهي؟ ڇا لاءِ آيو؟ ڇو آيو؟ وغيره. اهي سوال پاڻ ڀلارن جي ذهن تي هئا ته هوڏهن هو آيل شخص، اڻ سڃاتل همراه پوئين پيرن موٽڻ لڳو ۽ پنهنجي اصلي صورت ظاهر ڪري مُرڪندي، غائب ٿي ويو.


    هڪ اوپرو شخص ۽ فطري خوف

    پاڻ ڀلارن جڏهن انهي آيل اوپري شخص جي واپس ويندي اصلي صورت ڏٺي ته اها ايتري ڪشادي ۽ جسيم هئي جو زمين و آسمان جي وچ وارو سمورو خلا ”فضا“ انهي سان ڀرجي چڪو هو. انهي سموري صورتحال کانپوءِ پاڻ ڪريمنﷺ تي انساني فطرت موجب خوف و دهشت ۽ ڏڪڻي طاري ٿي ويئي. جنهن ڪري پاڻ ڀلارن غار حرا مان جلد ئي نڪري سڌو گهر ڏانهن مڪي جو رُخ ڪيو.
    اتر کر حرا سے سُوء قوم آیا،
    اک نسخہء کیمیا ساتھ لایا۔


    آفتاب نبوتﷺ ۽ وفادر زال رضه

    حضور اڪرمﷺ جن جي چهره انور تي جلال الاهي جو تاثر ظاهر هو. انتهائي پريشاني، پگهر ۾ شم فوراً گهر اندر داخل ٿيا ته وفادار، محرم راز، شريڪ حيات پياري زال طاهره، مطهره ڊوڙ ڪري سندن استقبال ڪيو. اها پاڻ ڀلارن جو پُر عظمت ۽ جلاليت وارو منهن مبارڪ ڏسي حيران ٿي ويئي. پاڻ سڳورا ڪجهه به نه ڳالهايا. سڌا ڪمري ۾ هليا ويا.
    حضرت بي بي خديجت الڪبريٰ رضه به سندن پٺيان پٺيان ڪمري ۾ هلي آئي. انهي پڇيو ته منهنجا سرتاج اڄ ڪهڙي ڳالهه آهي. جو توهان صاحب ايتري قدر پريشان آهيو ۽ طبيعت مبارڪ اداس آهي؟ پاڻ ڀلارا گهر ۾ وڇايل تڏي تي ليٽي پيا ۽ فرمايائون ته زملوني، زملوني مون کي چادر اوڍايو مونکي چادر اوڍايو.
    بي بي صاحبه يڪدم چادر اوڍائي ۽ انهن جي ويجهو ويهي غم ۽ فڪر ۾ ٻڏي ويئي. امان سائڻ کي پاڻ ڀلارن سان ڏاڍي محبت هئي. جنهن کي پاڻ سڳورن جي هي حالت ڏسي سک ڦٽي ويو. ڪمال غم ۽ فڪر ٿيو ته. ڪنهن به نموني صورتحال کان واقف ٿئي. ليڪن حضورﷺ چادر اوڍي خاموش آرامي هئا. بي بي صاحبه کي حالات معلوم ڪرڻ جي جرائت نه ٿي سگهي. ٿوري دير بعد پاڻ ڪريمنﷺ جن چادر لاٿي اُٿي ويٺا. بي بي صاحبه جي جان ۾ جان آئي. بي بي صاحبه پاڻي جو گلاس ”پيالو“ اڳيان رکي لوٽو پاڻي جو ڀري آئي. لوٽو رکندي امان سائڻ دريافت ڪيو ته منهنجا سائين ٻڌايو ته هاڻ توهان جي طبيعت ڪيئن آهي؟ پاڻ ڀلارن جواب ڏنو ته ٺيڪ آهي.
    بي بي صاحبه وري عرض ڪيو ته، اي جانِ من ڪهڙي ڳالهه آهي جو توهان جو چهرو مبارڪ فڪرمند ۽ متجسس لڳي رهيو آهي.
    حضرت محمد مصطفيٰﷺ جن وراڻيو ته خديجه اڄ هڪ عجيب ڳالهه ٿي آهي ذرا صبر ڪر. حضرت امان بي بي خديجھ جيڪا هڪ تجربيڪار، دلير ۽ دانا عورت هئي جنهن حضورﷺ جي چهري انور کي غور سان ڏسي پڇيو ته اي منهنجي من جا مالڪ ٻڌايو ته سهي ڪهڙو واقعو پيش آيو آهي؟ هاڻ مون کان صبر نٿو ٿئي.
    پاڻ ڀلارن فرمايو. خديجھ آئون غار حرا ۾ ويٺو هوس. ته هڪ نهايت خوبصورت شخص نهايت اُچا پاڪيزه ڪپڙا پاتل منهنجي سامهون ظاهر ٿيو. آئون بي اختيار ان جي استقبال لاءِ اٿي بيٺس. ان جي منهن تي نورانيت جهڙوڪر وسي رهي هئي. نهايت رعبدار ۽ جسيم هو. ان مونکي چيو ته يا محمد قل اقرا اي محمد پڙهه. مون چيو ته انا ما بقاري. آئون پڙهيل ناهيان. انهي تي ان شخص مونکي ڀاڪر ۾ وٺي ڀيڙو ڏيئي. ڇڏيندي چيو ته چئو اقرا مون وري ساڳيو جواب ڏنو ته انا مابقاري انهي وري مونکي ٽيو ڀيرو ڀاڪر ۾ پڪڙي ڏاڍو ڀيڙو ڏيئي ڇڏيندي چيو ته اقرا باسم ربڪ الذي خلق الخ مالم يعلم تائين چئي ويو. ۽ آئون به انهي جي چوڻ تي ان جي پٺيان ساڳيا الفاظ دهرائيندو ويس. خديجھ مون تي ان جي هيبت طاري ٿي ويئي ۽ اهو ماڻهو خاموش مُرڪندو واپس هليو ويو. ڇا اها ڳالهه عجيب ناهي؟
    حضرت بي بي خديجه چيو ته واقعي اها عجيب صورت حال آهي پر منهنجو عرض آهي ته اي منهنجا سهڻا سائين ان سان توهان ايترو پريشان نه ٿيو. پاڻ ڪريمن فرمايو ته لقد خشيت عليٰ نفسي. آئون ان ڪري پريشان ٿيس جو مونکي پنهنجي جان جو خطرو ٿي ويو هو. بي بي صاحبه دل جو ئي لاءِ فرمايو ته، نه، نه منهنجا سائين توهان کي ته خوش ٿيڻ گهرجي. والله خدا جو قسم، توهان جو خدا توهان کي هرگز رُسوا نه ڪندو. ڇو ته توهان هميشه صله رحمي ڪريو ٿا. سچ ڳالهايو ٿا. غريبن ۽ پرديسين جي خبرگيري لهو ٿا. توهان اهي سڀئي خوبيون ۽ وصفون رکو ٿا. جيڪي عام ماڻهن ۾ ناهن. توهان مهمان نواز حق ۽ سچ تي هلو ٿا ۽ ان جي پرچار ڪريو ٿا. پاڻ ڀلارا خاموشي سان ڪنڌ مبارڪ هيٺ ڪري سوچيندا ۽ ٻڌندا رهيا.
    حضور اڪرمﷺ سان حضرت بي بي خديجت الڪبريٰ کي بي حد حساب، محبت هئي. پاڻ ڪريمنﷺ جي خاموشي سان امان سائڻ جي دل ٽڪرا ٽڪرا ٿي رهي هئي. نيٺ رهيو نه ٿيو. عرض ڪيائين ته منهنجا سائين مون سان گڏ منهنجي سوٽ ورقه بن نوفل وٽ هلو.
    پاڻ ڀلارن فرمايو ته خديجھ ڇا لاءِ هلون؟ بي بي صاحبه فرمايو ته توهان کي خبر آهي ته ورقھ بن نوفل تورات. انجيل ۽ زبور جو حافظ ۽ ماهر آهي. ان جي هر ڳالهه آخري دليل آهي. پورو مڪو ته ڇا؟ بلڪ پورو عرب ان جي قابليت کي مڃي ٿو. ۽ اعتبار ڪري ٿو. انهي سان گڏ هو عربي ٻولي پڻ چڱي طرح ڄاڻي ٿو. وڏو عالم ۽ عقلدار، ذي راءِ آهي. اهو ٻڌائي ڏيندو ته اها ڳالهه ڇا آهي. آيا توهان جي لاءِ ڪو انديشو ته ناهي؟
    ها! واقعي ورقھ بن نوفل بي بي صاحبه جو سوٽ هو. تورات انجيل تي چڱي ريت دسترس رکندو هو. عربي، عبراني، سرياني ۽ ايراني ٻولين جو ماهر هو. وڏو عقلمند ۽ دورانديش هو. عيسائي مذهب طرف مائل هو. جڏهن مڪي ۾ ڪو اهم معاملو پيش ايندو هو ته ان کان ئي مشورو ورتو ويندو هو ۽ ان جي راءِ آخري راءِ هوندي هئي. پاڻ سڳورنﷺ بي بي صاحبه جي اها ڳالهه ٻڌي فرمايو ته ڇا هينئر ئي هلون؟ بي بي سائڻ فرمايو ته جانِ من آئون اوهان کي فڪرمند ڏسي پريشان ٿي ويئي آهيان. مون کان انتظار برداشت نٿو ٿئي. مناسب ته اهو ئي آهي ته هينئر ئي هلون. اگر هلڻو آهي ته پوءِ دير ڇا جي؟ پاڻ ڪريمن ارشاد فرمايو ته پوءِ چڱو هلو. بي بي صاحبه چادر اوڍيائين. انهي زماني ۾ اڃان پردي جو حڪم نه ٿيو هو. عورتون بنا پردي جي گهٽين ۽ بازارن ۾ گهمنديون هيون. خود بي بي صاحبه به خريد و فروخت ڪندي هئي. بي بي صاحبه پاڻ ڀلارن سان گڏ گهر کان ٻاهر نڪري ورقھ بن نوفل جي گهر ڏانهن روانا ٿيا. ورقھ جو گهر ڪجهه فاصلي تي هو. جڏهن اها معزز ۽ محترم جوڙي ورقه جي گهر پهتا ته خبر پئي ته ورقھ مڪي کان ٻاهر دخترڪشي جي مزموم و منحوس رسم جي ادائگي ۾ شرڪت لاءِ ويل آهي. اهو مقدس جوڙو ان جي انتظار ۾ اتي ئي ترسي پيو. جو اهو گهر بي بي صاحبه جي چاچي جي پٽ جو هو.
    شام جو سج لهڻ کي ويجهو هو ته اهو پادري ورقه آيو. سندس گهر ۾ روشني جو ڪو به بندوبست نه هو. پوري گهر ۾ اونڌاهي پکڙيل هئي.
    حضرت بي بي صاحبه ورقه کي ايندو ڏسي ورتو هو. جنهن اڳتي وڌي چيو ته اي منهنجي چاچي جا پٽ آئون ڪيتري عرصي کان تنهنجو انتظار ڪري رهي آهيان ورقھ بي بي صاحبه کي سندس ڳالهائڻ تي سڃاتو ۽ انهن کي ڀليڪار چئي، عزت سان ويهاريو ۽ پادري ورقه خود گهر جي صحن ۾ هڪ پراڻي تڏي تي ويٺو.
    بي بي صاحبه کان پڇيائين ته ڪا نئين ڳالهه آهي ڇا؟ جنهن ڪري توهان هت تڪليف وٺي آيا آهيو؟ بي بي صاحبه وراڻيو ته ها هڪ نئين ڳالهه آهي. جنهن جي باري ۾ ضروري مشورو ڪرڻ لاءِ آيا آهيون. بي بي صاحبه پاڻ ڀلارن کي به سڏي پاسي ۾ ويهاريو ورقھ ضعيف العمر هو. مٿي ۽ ڏاڙهي جا وار سفيد. نظر ڪمزور هو. ورقھ پاڻ ڀلارن کي ڏسي. پڇيو ته خديجھ هي ماڻهو ڪير آهي. مرحبا ڀلي ڪري آئين.
    بي بي صاحبه پاڻ ڀلارن جو تعارف ڪرائيندي فرمايو ته هن جو نالو محمد بن عبدالله آهي. هي هاشمي. قريشي آهي ۽ هي منهنجو سرتاج آهي.
    ورقه وري بي بي صاحبه کي مخاطب ٿيندي فرمايو ته ها. ڀيڻ چئو، ڇا ٿي چوڻ چاهيو؟ حضرت بي بي خديجت الڪبريٰ بي ڌڙڪ ٿي اهو تمام واقعو جيڪو حضورﷺ ان سان بيان ڪيو هو. اهو بيان ڪرڻ شروع ڪيو. بي بي صاحبه نهايت فصاحت بلاغت، جامع مانع ۽ مختصر انداز ۾ پنهنجي روئداد مڪمل ڪئي.
    ورقھ نهايت اطمينان، غور ۽ توجهه سان اهو واقعو ٻڌندو رهيو. جڏهن بي بي صاحبه ٻڌائي بس ڪئي ته ورقھ بن نوفل ڳالهايو. اي محمد آئون توکي مبارڪون ڏيان ٿو هي اها ئي هستي ”ناموس اڪبر“ آهي. جيڪو حضرت موسيٰ عليھ السلام، حضرت عيسيٰ عليھ السلام ۽ ٻين ڪيترن ئي پيغمبرن تي نازل ٿيو هو.
    پاڻ ڀلارن فرمايو ته اي مُحسن ذرا تشريح ڪريو. يعني اڃان ڪجهه وضاحت ڪريو. جو آئون مڪمل طور اوهان جي ڳالهه کي سمجهي نه سگهيو آهيان.
    ورقھ: اي محمدﷺ ٻُڌ، توکي الله پاڪ نبوت لاءِ منتخب ڪيو آهي. تون آخرالزمان پيغمبر آهين. تون اهو پيغمبر آهين جنهن جي بشارت توريت، زبور ۽ انجيل ۾ موجود آهي جنهن جي اچڻ جي نويد مسرت حضرت موسيٰ عليھ السلام، حضرت عيسيٰ عليھ السلام ۽ حضرت دائود عليھ السلام ڏني آهي. تنهنجي امت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙي ويندي. تنهنجي امت خيرالامت هوندي.
    حضور انورﷺ: يا محترمي، ڇا خدا منهنجي ذريعي ڪو نئون مذهب پکيڙڻ چاهي ٿو؟
    ورقھ: توهان مذهب ابراهيم عليھ السلام حنيف جا علمبردار هوندا. مگر اي ڪاش!! مون کي ڊپ آهي ۽ يقين آهي ته جنهن وقت تنهنجي قوم تنهن جي دشمن بنجي تنهنجي مخالفت ڪندي ۽ توکي گمراهه ڪوٺي توکي تڪليف ڏيندي ۽ توکي پنهنجي مادري وطن ڇڏڻ تي مجبور ڪندي. ڪاش آئون ان وقت زنده ۽ جوان هجان ها ته ضرور تنهنجي مدد ڪريان ها. پر اي محمدﷺ تون شڪسته دل نه ٿج ۽ پُر عزم ٿج ۽ صبر جو دامن نه ڇڏج.
    پاڻ ڀلارا ورقھ پادري جون اهي ڳالهيون ٻڌي ڏاڍا متعجب ٿيا.
    پاڻ سڳوراﷺ ٻڌايو ته اهو ماڻهو ڪير هو؟ جنهن مون کي ٽي ڀيرا ڀيڙو ڏنو هو.
    ورقھ: اهو الله جو فرشتو حضرت جبرئيل عليھ السلام هو. جيڪو مختلف نبين تي مختلف وقتن ۾ الله جي طرفان پيغام کڻي نازل ٿيندو رهيو آهي.
    حضورﷺ: مگر سائين مونکي ان مان جان جو خطرو ته ڪونهي؟
    ورقھ: بلڪل نه، توهان اطمينان رکو. خدا تنهنجو حامي و مددگار آهي ۽ رهندو. هاڻ پاڻ ڀلارن کي ورقھ جي گفتگو مان مڪمل اطمينان ٿي ويو ۽ سندن طبيعت بشاش ٿي ويئي ۽ پڻ محترمه امان خديجھ کي به اطمينان ٿي ويو. انهي ڪري ٻئي ڄڻا خوش ٿي اٿيا. ورقھ کان اجازت وٺي سلام ڪري ٻاهر نڪتا ۽ گهر طرف روانا ٿي ويا.


    ٻيو ڀيرو نزول وحي ۽ آفتاب عالمﷺ

    ورقھ بن نوفل سان ملاقات کان بعد اها مقدس جوڙي پنهنجي گهر پهتي. ڪجهه کجور پاڻي کائي پيئي رات بسر ڪئي. صبح اٿي اُهائي ڪار، ڪجهه سَتُو ڪجهه کارڪون، مشڪيزه ”سانداري“ ۾ پاڻي کڻي گهر کان روانا ٿيا. اهو ئي رستو.
    چونڪ ابرشن مڪي جي رهاڪن کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته انهن جي آبائي مذهب جي خلاف، انهن جي مذمت ۽ تذليل ڪرڻ وارو اهو ئي محمد بن عبدالله هوندو. ان ڪري هر اعرابي جي دل ۾ حضور انورﷺ جي طرفان انديشو ۽ کٽڪو پيدا ٿي ويو هو. هر ماڻهو پاڻ ڀلارن کي ڪيني ۽ ڪاوڙ جي نظرن سان ڏسندو هو. ليڪن هو هميشھ نظرون هيٺ ڪري هلندا هئا، نه ته ڪنهن جي طرف اک کڻي نهاريندا هئا. نه ئي وري ڪنهن جي ڪاوڙيل نظرن جي ڪا پرواهه ڪندا هئا. دل ۾ هر دم تون هي تون جي تنوار هئي. ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي ڀلي چوي. اهڙي طرح اڄ جڏهن پاڻ سڳورا. ان شان سان نڪتا جو هڪ ڪلهي جي هڪ پاسي سَتو جو ٿيلهو ته ٻي پاسي کجور جو ٿيلهو ۽ ٻي ڪلهي تي ڪالي ڪملي لٽڪيل هٿ ۾ پاڻي جي سانداري.
    پاڻ ڀلارن جي ان هيئت مان صاف ظاهر ٿي رهيو هو ته ڪيڏاهن سفر تي وڃي رهيا آهن. ماڻهن پاڻ ڀلارن کي ڏٺو، جيڪو حسب عادت ڪنڌ هيٺ ڪري وڃي رهيو هو. جڏهن بيت الله شريف وٽ پهتو. طواف ڪيائون ۽ مڪي کان ٻاهر نڪري جبل نور جي واٽ ورتائون. جبل نور سامهون ئي نظر اچي رهيو هو. مڪي کان ٽن ميلن جي فاصلي تي هو. سخت گرمي ۽ لُو جي ڪري ائين محسوس ٿي رهيو هو ته جيئن هر پهاڙ، پهاڙ جو هر پٿر سج جي تپش جيڪري سڙي رهيو هجي. ساري پهاڙ تي ڪٿي به هريالي نه هئي، نه وڻ نه ويساهين، هر طرف ڪاروراڪاس ڦريل هو. پاڻ ڀلاراﷺ جبل جي مٿي چڙهي، هڪ غار ۾ لٿا. اهو غار ڪجهه زياده ڪشادو نه هو. هڪ اڀريل چٽان ان غار جي مٿان ڇانيل هو. انهي جي ڪري غار جي اندر اُس ۽ گرم هوا جا جهونڪا نٿي پهچي سگهيا. ان غار جو نالو غارِ حرا هو.
    جڏهن سَتُو ۽ کجور، پاڻي ختم ٿي ويا ته پاڻ ڀلارا مڪي جي طرف واپس روانا ٿيا. اڃان ڪوهه صفا و مروه وٽ پهتا ئي هئا ته اهو ئي ساڳيو شخص پاڻ ڪريمن جو اڳ وٺي مليو. جنهن چند ڏينهن پهريائين غارِ حرا ۾ پاڻ ڀلارن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ وٺي ڀيڙو ڏنو هو. اهو شخص نهايت خوبصورت، بلند و بالا نوجوان، اُچا اَڇا پاڪيزه ڪپڙا پاتل. حضور انورﷺ جن جو رستو روڪي سامهون بيهه رهيو. حضورﷺ ان کان پڇيو ته تون ڪير آهين؟ ان شخص جواب ڏنو يا محمدﷺ انت رسول الله و انا جبرئيل اي محمد تون الله جو رسول آهين ۽ آئون جبرئيل امين آهيان.
    حضورﷺ جن حيرت ڀرين نظرن سان جبرئيل کي ڏسي چيو، ڇا جبرئيل فرشتو؟ جبرئيل، جي ها. جبرئيل فرشتو. اهو فرشتو، جيڪو تمام نبين تي نازل ٿيندو رهيو آهي. اي الله جا رسول هاڻ آئون توڏانهن موڪليو ويو آهيان ۽ ايندو رهندس.


    حضورﷺ ڇا آئون الله جو رسول آهيان؟

    جبرئيل عليھ السلام: ها بيشڪ تون الله جو رسول آهين خدا توکي ساري عالم لاءِ پنهنجو بر گذيده پيغمبر منتخب ڪيو آهي.
    حضور انورﷺ ليڪن آئون ته هڪ انسان آهيان. لکڻ پڙهڻ بلڪل نٿو ڄاڻان.
    جبرئيل عليھ السلام بس خدا جي اها ئي حڪمت ۽ مصلحت آهي.
    ائين چئي جبرئيل عليھ السلام اوچتو گم ٿي ويو. حضورﷺ تي هيبت طاري ٿي ويئي. چهره انور پگهر ۾ شم ٿي ويو. جلدي جلدي هلي پنهنجي گهر اندر داخل ٿيا. محترمھ خديجھ رضه پاڻ ڪريمن کي ڏٺو ۽ پاڻ ڀلارن کي ڏسندي ئي سمجهي ويئي ته اڄ وري به ڪو نئون نياپو آيو آهي. پاڻ ڀلارا خاموشي سان تڏي تي ليٽي پيا ۽ محترمه خديجھ کي فرمايائون ته مونکي چادر اوڍاءِ، بي بي صاحبه فوراً چادر اوڍائي ڇڏي. حضور انورﷺ جن بي بي صاحبه کي فرمايو ته تون مون کان هٽي ڪري ويهه. بي بي صاحبه عرض ڪيو ته منهنجا سرتاج تنهنجو هر حڪم اکين تي. مگر اُڃيو پاڻي کان پري رهي نٿو سگهي. جيڪا گهڙي توکان پري آهي اها زهر آهي. اها ڪهڙي حياتي جيڪا پرين کان پري رهي. جتي روشني اُتي پتنگ.
    پاڻ سڳورن کي ليٽي ٿوري ئي دير گذري ته هڪ پُر جلال آواز آيو. ”يٰٓاَيُّهَا الْمُدَّثِّرُ قُمْ فَاَنْذِرْ وَرَبَّكَ فَكَبِّرْ ۽ وَثِيَابَكَ فَطَهِّرْ وَالرُّجْزَ فَاهْجُرْ“ الخ. اي چادر اوڍيندڙ، اُٿ ۽ ماڻهن کي عذاب الاهي کان ڊيڄار ۽ پنهنجي پروردگار جي بزرگي بيان ڪر. پاڪدامني اختيار ڪر. شرڪ جي پليتي کان بچ. پاڻ ڀلارا گهٻرائجي اٿي ويٺا. ڏٺائون ته اهو ساڳيو شخص جبرئيل عليھ السلام سامهون بيٺو آهي. پاڻ سونهارا ڏسندي ئي رهيا ته اوچتو جبرئيل عليھ السلام گم ٿي ويو. پاڻ سڳورن پنهنجي پياري ۽ وفادار گهرواري جي طرف ڏٺو. بي بي سائڻ پاسي ۾ ويٺل هئي. تمام غمگين ۽ پريشان حال لڳي رهي هئي. مٿي بيان ڪري آيا آهيون ته حضرت خديجھ الڪبريٰ رضه کي حضور پاڪ سان بيحد حساب محبت هئي. جو شل خدا نه ڪري کين ڪوسو واء لڳي.
    منهنجي ته دل دمدم دعا ٿي ڪري،
    ڪوسو نه لڳي واءُ سڄڻ کي شل، خدا ڪري.
    ۽ جڏهن حضورﷺ تي وحي جو نزول شروع ٿي چڪو هو ۽ نزول وحيء وقت حضورﷺ تي ايتري قدر وزن پوندو هو جو منهن مبارڪ ڳاڙهو ٿي ويندو هو ۽ جسم اطهر پگهر ۾ شم ٿي ويندو هو. اگر ڪنهن وقت حضور انورﷺ جن اٺ تي سوار هوندا هئا. ۽ وحي نازل ٿي پوندو هو ته اٺ رڙ ڪري ويهي رهندو هو. انهي ڪري امان سائن کي ڏاڍو ملال ٿيندو هو.
    هر وفادار عورت پنهنجي مڙس لاءِ خيرخواهه، ڏک سک ۾ شريڪ همدرد ۽ آرام و خوشي جي گهرندڙ هوندي آهي. ۽ هجڻ به کپي، ڇو ته هي هڪ رِشتو ئي اهڙو آهي. گويا ڪه مرد، عورت جو هڪ مجازي خدا آهي. حضور انورﷺ جن فرمايو ته خدا کانسواءِ ٻي کي سجدو جائز ناهي. اگر جائز هجي ها ته عورت کي حڪم هجي ها ته هو پنهنجي خاوند کي سجدو ڪري ها ۽ پڻ فرمايائون ته جنهن عورت کان سندس مڙس ناراض آهي ته اها عورت بهشت جي بوءِ به نه چکندي.

    عورت جو سهاڳ، عورت جي عزت ۽ شان، عورت جو آرام، عورت جي فارغ البالي جي زندگي، عورت جو تحفظ، مڙس جي ذات تائين محدود آهي. يڪجائي جي محبت پيدا ڪري. هڪ کي ٻي جي ضرورت ۽ همدرد بنائي ڇڏي ٿو. مگر حضرت خديجھ کي جيڪا محبت آنحضرتﷺ سان هئي. اها والهانه ۽ ناقابل بيان هئي.
    حضورﷺ جي اٿندي ئي. منتظر بي بي صاحبه پڇيو ته منهنجا سرتاج اڄ ڪهڙي ڳالهه آهي جو منهن مبارڪ جا تيور بدليل ۽ پگهر ڇو آهي؟ حضورﷺ جن حضرت جبرئيل عليھ السلام جي ڪوهه صفا تي ٿيل ملاقات جي تمام روئداد ٻڌايائون حضرت خديجت الڪبريٰ اهو سڀ ڪجهه ٻڌي، چيو ته منهنجا سائين ورقھ سچ چيو هو ته حضور تي خدا جو پيغام نازل ٿيندو ۽ حضورﷺ خدا جو رسول ٿيندو. پاڻ ڀلارا، ليڪن خديجھ مونکي پنهنجي قوم جو کٽڪو آهي. مونکي جيڪو خدا حڪم ڏيندو آئون ائين ڪندس. مگر ڊپ آهي ته شايد قوم نه مڃي.
    حضرت خديجھ: اهو خدشو ضرور آهي مگر ڇا توهان قوم جي خوف سبب احڪام خداوندي جي تعميل ڇڏي ڏيندا؟
    حضور انورﷺ: ڪڏهن به نه، هر گز نه، پر آئون نٿو ڄاڻان ته خدا ڪهڙو حڪم ڏيندو ۽ ڪهڙي طرح آئون ان جي حڪم جي تعميل ڪندس.
    حضرت خديجھ: جانِ من، خدا تعاليٰ ته فرمائي ڇڏيو آهي ته توهان ماڻهن کي ان جي عذاب کان ڊيڄاريو، ان جي عظمت ۽ بزرگي بيان ڪريو.
    آنحضورﷺ: بي شڪ الله پاڪ ته ٻڌائي ڇڏيو آهي، ليڪن اڄ عرب جي ريگستان جو ذرو ذرو ملحد و مشرڪ آهي. بتن کي پوڄين ٿا، هر قبيلو، هر خاندان، گوياڪ هر شخص جو خدا جدا جدا آهي. منهنجو آواز ڪير ٻڌندو. يقيناً هر قبيلو بلڪه سارو حجاز ۽ تمام عرب منهنجو دشمن ٿي ويندو. آئون اڪيلو ڪنهن جو ڪنهن جو ۽ ڪهڙي طرح مقابلو ڪندس!
    حضرت خديجھ: بي شڪ هڪ ماڻهو جو نه، هڪ خاندان جو نه، هڪ قبيلي جو نه، بلڪ سموري عرب جو مقابلو ڪرڻو پوندو. ليڪن اي منهنجا سرتاج، جيڪو چونچ ڏيندو آهي. اهو چُوڻ به ڏيندو. جنهن توکي ان ڪم لاءِ منتخب ڪيو آهي. اهو ئي تنهنجو حامي و ناصر آهي. ۽ اهو ئي توکي پاڻهي راهون ٺاهي ڏيندو. (واه امان سانئڻ واهه)
    آنحضورﷺ: ها! خديجھ مگر ڇا به کڻي ٿي پوي. آئون مقابلو ڪندس. خدا جي نصرت جي ڀروسي تي مقابلو ڪندس. نصرمن الله و فتح قريب. ڇا منهنجو خدا منهنجي مدد نه ڪندو؟ ضرور بل ضرور هو منهنجي مدد ڪندو!!
    خديجھ رضه: خدا ضرور مدد ڪندو. ليڪن حضور! عرب نهايت سخت هٺيلا. سرڪش ۽ سنگدل آهن. جن بتن کي هو ۽ هنن جا ابا ڏاڏا پوڄيندا آيا آهن. اهي ڪيئن انهن کي ڇڏيندا. انهن جي تذليل ۽ برائيون ٻڌڻ ڪيئن گوارا ڪندا. ڇا اوهان کي معلوم ناهي ته ابرشن تمام مڪي وارن جي دلين ۾ توهان جون برايون بيان ڪري انهن کي حضور جي خلاف ڀڙڪائي ڇڏيو آهي؟
    آنحضورﷺ: ها! خديجه مون کي معلوم آهي. مگر آئون خدا جو پيغام خدا جي بندن تائين ضرور پهچائيندس. ان کان بعد حضورﷺ بلڪل خاموش ٿي ويا. بي بي صاحبه ڏاڍي ملول ۽ آزرده خاطر ٿي ويئي. اها ڄاڻندي هئي ۽ چڱي طرح ڄاڻندي هئي ته حضورﷺ جن جيڪو چوندا آهن. اهو ڪري به ڏيکاريندا آهن. پاڻ ڀلارا صادق البيان. صادق القول، صادق الوعده ۽ بت شڪن آهن، حالانڪه پوري قوم عرب بت پرست آهي ۽ بتن کي ئي پنهنجو حقيقي معبود سمجهندي آهي. صدين کان بتن جي پوڄا ڪندي آئي آهي. جنهن وقت حضورﷺ بتن جي خلاف ڪجهه به چيو. ته انهي وقت حضورﷺ جي مٿان مصيبت جا پهاڙ ٽٽي پوندا. زندگي و بالِ جان بنجي پوندي. گهر کان ٻاهر نڪرڻ نه ڏيندا. حضور پوري قوم جي مقابلي ۾ تن تنها ڇا ڪندا؟ انهن خيالن امان سانئڻ کي ڏاڍو مجبور ۽ مغموم ڪري ڇڏيو. اها دير تائين سر جهڪائي سوچيندي رهي.


    محترمه خديجھ الڪبريٰ جو عيسائي راهب عداس جي گهر وڃڻ

    بي بي صاحبه کي يڪا يڪد دل ۾ ڪو خيال آيو. اٿي چادر اوڍيائين. گهر کان ٻاهر نڪري سامهين گهٽي م ويئي ۽ هلندي رهي. گلي ختم ڪري چوراهي تي پهتي. سڄي هٿ مُڙي ڪجهه پري هلي. هڪ گهر جي دروازي تي وڃي بيٺي. اهو گهر پٿر جو ٺهيل هو. امان سائڻ رضه در جو ڪڙو کڙڪايو. بلند آواز ۾ چيو ته آئون خديجھ بنت خويلد آهيان. ڇا آئون اندر اچي سگهان ٿي؟
    اندرا آواز آيو، اچو. اچو ڪير خديجھ؟ حضرت امان سائڻ گهر اندر داخل ٿي ويئي. گهر ننڍڙو هو. سخت گرمي، سخت لُوءِ سخت تپش هئي. ان ڪري صحن ۾ ڪير به نه هو ۽ امڙ سانئڻ پگهر ۾ شرابور هڪ ڪمري ۾ گهڙي. اتي هڪ ضعيف العمر جهُور پوڙهو شخص، هڪ پراڻي تڏي تي ويٺو هو. جيڪو کُڙي تائين ڊگهو اوني جبو پاتل. سفيد ۽ ڊگهي ڏاڙهي. اکيون ڀِرُن سان ڍڪيل. اهو ماڻهو عيسائي راهب هو. سندس نالو عداس هو. هر وقت انجيل مقدس جي تلاوت، عبادت ۽ رياضت ۾ مصروف رهندو هو ۽ علميت ۾ وڏو ماهر هو اهو حضرت بي بي خديجھ کي سڃاڻندو هو. ان وقت کان ڄاڻندو هو. جڏهن ته اها اڃان حضور جن جي نڪاح ۾ نه آئي هئي. اهو راهب ته ڇا بلڪه عرب جو ٻچو ٻچو بي بي خديجھ جي نالي کان واقف هو ۽ بي بي صاحبه ڪنهن تعارف جي محتاج نه هئي. اهو راهب بي بي صاحبه جي تعظيم لاءِ اٿيو.
    عداس: مرحبا خديجھ مرحبا اهلاً وسهلاً مرحبا. اچو ويهو ”بي بي صاحبه ان جي سامهون تڏي تي ويهي رهي“ ها ڀيڻ ٻُڌا! تو هن تيز اُس ۾ گرم هوا ۾ ڪيئن تڪليف ڪئي؟
    حضرت خديجھ رضه: آئون ڪي ڳالهيون توهان کان معلوم ڪرڻ آئي آهيان.
    عداس: چئو، ڇا معلوم ڪرڻ گهرين ٿي؟ ڀيڻ تون نه اچڻي نه وڃڻي چئو چئو.
    حضرت خديجھ: هي ٻڌايو ته جبرئيل ڪير آهي؟
    عداس بي بي صاحبه جي واتان جبرئيل جو نالو ٻڌي ڇرڪي ويو.! هَڪو ٻَڪو ٿي ويو!! حيرت سان بي بي صاحبه جي منهن کي تڪي ڏسڻ لڳو ۽ تعظيم لاءِ سر جهڪائي ڇڏيو. ۽ چوڻ لڳو ته تو جبرائيل جو نالو ڪيئن ورتو؟ ۽ ڪنهن کان ٻڌو؟ تون ته ان قوم جي ڌياري آهين. جنهن جو شعار بت پرستي آهي. جيڪا نه جبرئيل کي سڃاڻي نه جبرئيل جي خدا کي سڃاڻي؟
    خديجھ تون ٻڌاءِ، ته تو جبرئيل جو نالو ڪيئن ورتو؟
    خديجھ رضه: ”يا اخي“ ادا سائين آئون توهان کي سڀ ڪجهه ٻڌائينديس. مگر في الحال آئون، تو کان جيڪو سوال ڪريان ان جو جواب ڏي. مزيد مون کان ڪجهه به نه پڇ. ٻڌاءِ ته جبرئيل عليھ السلام ڪير آهي؟
    عداس: جبرئيل عليھ السلام اهو مقدس ۽ مقرب فرشتو آهي جيڪو خدا جو پيغام کڻي خدا جي رسولن تي نازل ٿيندو آهي. ان جو اچڻ خير کان خالي ناهي هوندو. انهي جو اچڻ خير ئي خير آهي. اهو جمله ملائڪن جو سردار ۽ استاد آهي.
    حضرت خديجھ: ڇا ان جو نزول خير و برڪت سان هوندو آهي؟
    عداس: ها! جنهن بستي تي هو نازل ٿيندو آهي اها بستي خير و برڪت سان لبريز ٿي ويندي آهي. ان جو هر قدم خير و برڪت کان خالي نه هوندو آهي ڀيڻ!
    حضرت خديجھ: اگر مان توهان کي ڪا ڳالهه چوان ته ان جي رازداري قائم رهندي؟ ڇو نه ”اهو رازداري جو وعدو وٺڻ“ بي بي صاحبه کي اهو ڊپ هو ته جيڪڏهن اها ڳالهه ظاهر ٿي ويئي ته حضرت محمدﷺ عربن جي معبودن جي خلاف وعظ و نصيحت ڪرڻ وارو آهي ته ماڻهو قبل از وقت شور ڪندا ان ڪري انهي عداس کان رازداري جو اقرار ۽ وعدو وٺڻ ضروري سمجهيو.
    عداس: آئون اقرار ٿو ڪريان ۽ وعدو ٿو ڪريان ته توهان جي ڳالهه ڪنهن تي به ظاهر نه ڪندس.
    حضرت خديجھ رضه: ”پنهنجو پاڻ کي سنڀالي ويٺي“ ۽ چيائين ته توهان منهنجي مڙس محمد بن عبدالله کي سڃاڻو ٿا.؟
    عداس: ها. آئون ان کي چڱي طرح سڃاڻان ٿو.
    حضرت خديجھ: توهان اُن کي ڪيئن سمجهو ٿا؟ ان جي شخصيت جي باري ۾ اوهان جي ڇا راءِ آهي؟

    عداس: خاندان بني هاشم تمام قبائل ۾ معزز ۽ راست گو قبيلو آهي ۽ وري بني هاشم خاندان مان محمد بن عبدالله سڀ کان وڌيڪ صادق، امين، خليق ۽ نيڪ، گهڻو مشهور آهي.
    حضرت خديجھ: چڱو پوءِ ٻُڌ! محمد چوي ٿو ته ان تي جبرئيل جو نزول ٿئي ٿو. عداس جڏهن بي بي صاحبه جي واتان اهي الفاظ ٻُڌا ته ان جو دماغ چڪرائجي ويو. دير تائين مجسمه حيرت بنجي پنهنجي ٻُڏل ۽ چونچين اکين سان حضرت بي بي خديجھ کي غور سان ڏٺو ۽ ڏسندو رهيو. ٿوري دير بعد ڳالهايو.
    عداس: مون کي هي ڳالهه ڏاڍي عجيب ۽ پُر اسرار معلوم ٿئي ٿي ۽ آئون سمجهان ٿو ته هن کي ڪو جنات جو اثر آهي. يا ڪو حسابي چڪر آهي. اگرچه هي درست اهي ته هڪ آخرالزمان نبي عنقريب اچڻ وارو آهي. پر محمد اهو نبي نٿو ٿي سگهي. ڪٿي جبرئيل امين ۽ ڪٿي محمد هاشمي. چھ نسبت خاڪ را بعالم پاڪ، مائي خديجھ ٻُڌ، حلوي کائڻ لاءِ منهن کپي.
    عداس متعصب عيسائي پادري هو. انهن عيسائين ۽ اهل ڪتاب جو خيال هو ته اهو آخر زمان نبي اسان عيسائين اهل ڪتاب مان ئي ٿيندو.
    حضرت خديجھ: مگر اڄ تائين هُن ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهايو آهي.
    عداس: ها، ها خديجھ هُن شخص ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهايو آهي. اهو آئون به اعتراف ڪريان ٿو. مگر هن کي ته ڪو جنات جو اثر ئي معلوم ٿئي ٿو. فڪر نه ڪريو. هي مقدس انجيل وٺي وڃو. هي آسماني ڪتاب آهي. ان جي برڪت سان اگر آسيبي چڪر آهي ته پوءِ ان ڪتاب کي ڏسي تنهنجو مڙس پريشان ٿي ويندو ۽ موجوده ڪيفيت بدلجي ويندي ۽ اگر واقعي ان تي جبرئيل جو نزول شروع ٿي ويو آهي ته پوءِ ان تي ڪوئي اثر نه ٿيندو ۽ اهو يقيناً پيغمبر آهي. عداس بي بي صاحبه کي انجيل ڏنو. امان سانئڻ عداس جو شڪريو ادا ڪيو. انجيل چادر ۾ ويڙهي اُٿي. عداس جي گهران نڪري پنهنجي گهر ڏانهن رواني ٿي... جڏهن بي بي صاحبه پنهنجي گهر پهتي ته پگهر ۾ شم هئي. ان ڏٺو ته آفتاب عالم گهري سوچ ۾ ٻڏل خاموش ويٺا آهن. امان سانئڻ چادر لاهي. هڪ طرف رکي رَئو مٿي ڪيو ۽ انجيل کڻي پاڻ ڪريمن جي سامهون ڪيائين. پاڻ ڀلارن سر مبارڪ مٿي ڪري انجيل کي ڏٺو. حضرت خديجھ جيڪا ماهر نفسيات هئي. غور سان سهڻي سائين جي چهري انور کي ڏسندي رهي. حضورﷺ جو چهرو انور بدستور بشاش هو. ڪنهن به قسم جو اضطراب ظاهر نه ٿيو. جيئن معمول مطابق پهريائين هو. ائين ئي رهيو. ڀلا ڪا شيءِ هجي ته ظاهر ٿئي؟
    حضورﷺ: حضرت خديجھ جي طرف ڏسي فرمايو ته خديجھ هي ڪهڙو ڪتاب آهي؟
    حضرت خديجة رضه: انجيل مقدس، اڃان به حضور جي چهره مطهر مان ڪنهن به قسم جو اضطراب يا گهٻراهٽ ظاهر نه ٿيو.
    حضورﷺ: خديجھ هي ڪتاب تو ڪٿان آندو آهي؟ ۽ ڇو آندو آهي؟ حضرت خديجھ انجيل رکي ڇڏيو ۽ تمام ڪار گذاري عداس وٽ وڃڻ ۽ ان سان ٿيل گفتگو ٻڌائي. آفتاب عالم مسڪرائي، فرمايائين ته خديجھ ڇا توکي ڪو شڪ آهي ته مون تي جنات جو اثر آهي؟
    حضرت خديجھ: هاڻ شڪ نه رهيو آهي. منهنجا سائين مون کي يقين ٿي ويو آهي ته توهان تي جبرئيل عليھ السلام نازل ٿئي ٿو ۽ توهان الله جا سچا رسول آهيو. پاڻ ڀلارا مسڪرائي خاموش ٿي ويا ۽ حضرت بي بي خديجھ الڪبريٰ پنهنجي گهريلو ڪم ڪار کي لڳي ويئي.


    اعلان ڪوهه صفا

    نزول وحي کان بعد حضور اڪرمﷺ الله پاڪ جي هيڪڙائي ۽ مصنوعي خدائن، بُتن جي مذمت. پنهنجي سهڻن اخلاقن جي ذريعي سان آهستي آهستي شروعات ڪئي ته سڀ کان پهريائين عورتن مان بي بي خديجھ الڪبريٰ رضه. مردن مان حضرت ابو بڪر صديق رضه ۽ نوجوانن مان حضرت علي المرتضيٰ رضه ايمان آندو ۽ چند ٻيا حضرات متفق بنجي ويا.
    الله پاڪ جو وحي جبرئيل عليھ السلام هي آيت پاڪ کڻي آيو ته وانذر عشيرتلڪ الاقربين يعني اي محمدﷺ جهڙي طرح ٻين کي ايمان آڻڻ جي تبليغ ڪرين ٿو ته اهڙي طرح پنهنجن ويجهن عزيزن کي پڻ الله جي هيڪڙائي طرف سڏ ڪر ۽ ڊيڄار. پاڻ ڀلارن عرب جي رواج موجب ته ڪو اهم واقعي يا ڪا وڏي اهم خبر ڏيڻ مقصود هوندي هئي. ته ڪنهن مٿاهين جاءِ يا ڪنهن جبل جي چوٽي تي چڙهي. سفيد چادر گهمائي ويندي هئي. انهي جو مقصد هوندو هو. ڳوٺاڻا سڀ گڏ ٿيو جو اوهان کي ڪنهن اهم واقعي بابت خبر ڏني ويندي.
    الله جي رسول پاڪ پڻ ڪوهه صفا تي چڙهي سفيد چادر گهمائي. مڪي جي قريشن ۽ ٻين قبيلن وارن ڏٺو ته محمد بن عبدالله ڪنهن اهم واقعي لاءِ سڏي رهيو آهي. مڪي جا سڀ ننڍا وڏا. مرد توڙي عورتون، امير توڙي غريب سڀ جبل صفا وٽ گڏ ٿي ويا ۽ چيائون ته اي محمد ٻڌاءِ ته ڇا چوڻ گهرين ٿو؟
    پاڻ ڀلارن اعلان ڪيو ته اي مڪي وارو قريش ۽ جمله قبائل ٻڌايو ته اوهان هن کان اڳ مون کي ڪيئن ڏنو آهي؟
    سڀني هڪ آواز ٿي چيائون ته اسان توکي هر وقت صادق ۽ امين ئي ڏٺو آهي. تو ڪڏهن به نه ڪوڙ ڳالهايو آهي نه ئي ڪڏهن امانت ۾ خيانت ڪئي آهي. تو هميشھ ذاتي منفعت کان قومي منفعت کي مقدم رکيو آهي. تو هميشه عفو و در گذر ۽ صله رحمي جو درس ڏنو آهي. توهان هر لحاظ ۾ پاڪ و صاف آهيو. پاڻ ڪريمن فرمايو ته جيڪڏهن آئون توهان کي چوان ته هِن جبل جي هُن ڀر کان دشمنن جو هڪ وڏو لشڪر اوهان کي ختم ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي ته اوهان منهنجي ڳالهه تي اعتبار ڪندا؟ سڀني بيڪ آواز چيو ته اسان يقيناً اعتبار ڪنداسون ته واقعي تون سچ چئي رهيو آهين. اسان جا ڪن ۽ اکيون ته دوکو کائي سگهن ٿا. مگر تون ڪوڙ ڪو نه ڳالهائيندين.
    پاڻ ڀلارن پنهنجي لاءِ ايتري قدر اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۽ ملڻ بعد اعلان ڪيو ته اوهان کي مون ۾ ايترو ڀروسو آهي ته پوءِ اي انسانو توهان چئو ته لا الھ الا الله محمد رسول الله و انتم تفلحون. ته توهان يقيناً ڪامياب آهيو. اهو اعلان ٿيو ۽ يڪدم اهي قريشي ائين بدلجي ويا جو جهڙوڪر سالن جا دشمن هجن. ڪو گاريون پيو ڏي. ڪو پٿر اڇلائي پيو هڻي. ڪو چوي پيو ته تون جادوگر آهين. تون ڪوڙو آهين. توکي سرداري جو شوق آهي. تون لالچي آهين. تو وٽ آهي به ڇا؟ تون يتيم سُڃو. خاموش ٿي وڃ. وغيره ابوجهل نهايت برن الفاظن سان مخاطب ٿيو ۽ سندن چاچي ابولهب پاڻ ڀلارن جي طرف پٿر اڇلائيندي چيو ته تنهنجا ٻئي هٿ هلاڪ ٿين. ڇا تو اسان کي هن ڪم لاءِ سڏيو آهي. منهنجي شهر مان نڪري وڃ. نه ته انتهائي خراب نتيجو ڏسندين. اهڙي طرح هرڪو بد شد ڳالهائيندي ٽڙ پکڙ ٿي ويو.
    ابو لهب جي ان بداخلاقي جي باري ۾ سوره لهب لٿي. جنهن ۾ فرمايو ويو آهي ته هلاڪ ٿئي ابو لهب پاڻ ۽ ان جو مال جنهن جي گهمنڊ ۾ منهنجي محبوب کي رنجايو آهي. ۽ هلاڪ ٿين سندس ٻئي هٿ. جنهن سان منهنجي پياري محمدﷺ کي پٿر اڇلائي هنيا آهن ۽ هلاڪ ٿئي ان جي زال جيڪا ڪاٺيون کڻندڙ آهي. يعني هو پاڻ. هن جي زال. هن جو مال گهر تڙ. الهو تلهو تباهه و برباد ٿئي. ۽ دنيا ڏٺو ته ابولهب کي ڪينسر جي بيماري ٿي. هٿ شل ٿي ويا. منجهان اهڙي ته بدبوءِ نڪتي جو سندس گهر ڀاتي ڀاءُ برادر پٽ پوٽا بيزار ٿي ويا ۽ شهر کان ٻاهر اڇلايو ويو. اتي ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويو. مرگيا مردود نه ختمه نه درود.


    ڪفار قريش ۽ مشرڪين مڪھ جي ميٽنگ

    ڪوهه صفا جي اعلان کان پوءِ جيس تائين سرور ڪائنات فخر موجودات حضرت محمد مصطفيٰﷺ جن اڪيلا رهي تبليغ ڪندا رهيا. تيسين مڪي جي ڪافرن کي ڪو به فڪر ۽ تشويس نه ٿي. پر اهي محسن انسانيت جي ڳالهين کي مسخري طور سمجهي ٽوڪون ۽ طنز وغيره ڪري معمولي ڳالهه سمجهندا رهيا ته هي چند ڏينهن جو اُبال آهي ۽ پاڻهي خودبخود ختم ٿي ويندو ۽ محمدﷺ خاموش ٿي ويندو. ليڪن خبر جڏهن پئي جو ٻڌائون ته محمد جي تبليغ سان ڪافي سارا عرب مسلمان ٿي چڪا آهن ۽ تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي ته پوءِ انهن ڪفار مڪي کي فڪر ٿيو ۽ تشويش وڌڻ لڳي ۽ حضورﷺ جن جي خلاف هڪ عام جوش و جذبو پيدا ٿيو.
    ڪفار مڪه هر طرف پنهنجا جاسوس مقرر ڪيا. رسول خداﷺ جي هر وقت هر طرف چوڪسي ڪرڻ لڳا ته هي ڪيڏانهن وڃي ٿو. ڪنهن سان ڳالهائي ٿو. ڪنهن سان ملي ٿو.
    انهي دوران ابو لهب پوري قوم جي هڪ ميٽنگ ڪوٺائي ته ڪهڙو لائحه عمل اختيار ڪجي جو نانگ به مري وڃي ۽ لٺ به بچي وڃي.
    آخرڪار ابولهب جي گهر هڪ وڏو عظيم الشان اجتماع ڪوٺايو ويو. جنهن ۾ سڀني قبيلن جا معزز ماڻهو جمله خاندان جا سردار، شرفاء مڪه، ڪاهن اعراف وغيرهم غرضيڪ هر طبقي جو ماڻهو شريڪ ٿيو. انهن ماڻهن مان قابل ذڪر ابولهب، ابوجهل، ابوسفيان، وليد بن مغيره. عاص بن وائل اسمعي، عتبه بن ربيع، عقبھ بن ابي معيطه، عمر بن خطاب، خالد، بن وليد، حمزه، عباس، عتبھ، شيبھ وغيره.
    هي سڀ اهي ماڻهو هئا جن جو اثر و رسوخ نه صرف مڪي ۾ هو بلڪ مڪي کان ٻاهر پوري حجاز ۽ تمام عرب ۾ اهي ماڻهو معزز و متفخر سمجهيا ويندا هئا. جڏهن سڀ ماڻهو اچي ويا ته باقاعده اجلاس شروع ٿيو. جنهن جي صدارت لاءِ ابوجهل کي مقرر ڪيو ويو ۽ ابولهب بيهه ڪري هڪ جوشيلي تقرير ڪئي.
    منهنجا عزيز: غيرتمند قريش ۽ اهل عرب جئي لات جئي منات و عُزيٰ. اڄ اسان سڀ هت ان ڳالهه لاءِ گڏ ٿيا آهيون ته اسان منجهان ئي هڪ شخص کليو کلايو. ظاهر ظهور ۽ علي الاعلان چئي رهيو آهي ته هي مصنوعي خدا مٽي جا بت ڪجهه ناهن ۽ اوهان جو موجوده مذهب باطل آهي ۽ اوهان جا ابا ڏاڏا گمراه هئا. اي منهنجي قوم هاءِ افسوس! منهنجي زنده هوندي . آئون ڇا ٻڌي رهيو آهيان؟ ۽ ڇا ڏسي رهيو آهيان؟
    اي ڪاش منهنجي ماءُ مون کي نه ڄڻي ها! ته اڄ اهو خواري جو ڏينهن ۽ منهن ڏسڻو نه پوي ها! هاءِ افسوس، ڪاش آئون هن کان اڳ مري وڃان ها. جو اڄ پنهنجن خدائن ۽ معبودن جي توهين ۽ تذليل نه ڏسي سگهان ها. جيڪا اڄ ڏسان پيو. هو ماڻهو... هن ڪائنات جو خالق هڪ اهڙي خدا کي چوي ٿو. جيڪو ڏسڻ ۾ نٿو اچي ۽ نه ئي ان کي ڪنهن ڏٺو آهي. هڪ اڻ ڏٺي خدا جي پوڄا لاءِ چوي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي ان خدا جو رسول سڏائي ٿو ۽ چوي ٿو ته مون کي خدا جو رسول ڪري مڃو ته توهان ڪامياب ٿي ويندو. اگرچه هو ماڻهو منهنجو ڀائيٽيو آهي مگر آئون علي الاعلان چوان ٿو ته منهنجي ان سان ڪا مائٽي ڪونهي. هن جو دماغ خراب آهي. هو ڪوڙو ۽ لالچي انسان آهي.
    هي دين ايمان ۽ مذهب جو معاملو آهي. مون کي ايتري قدر ڏک آهي جو جيڪڏهن منهنجو وس پڄي ته آئون پنهنجن معبودن جي برائي ڪرڻ واري جو پنهنجي هٿ سان خاتمو ڪري ڇڏيان نه رهي بانس نه بجي بانسري.
    منهنجا بزرگو: عجب ڳالهه آهي ته ان نئي مذهب کي ڪافي سارن ماڻهن اختيار ڪيو آهي. مون کي حيرت آهي جو ماڻهو ڪهڙي طرح پنهنجو مذهب مٽائين ٿا. حالانڪه انهن ۾ اسان جا غلام به آهن. ۽ انهن ۾ اسان جا ويجها عزيز پڻ آهن. مون کي ان ڳالهه تي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي جو منهنجي سڏڻ تي توهان تمام معزز ۽ اڪابرِ قوم هت موجود آهيو. مونکي يقين آهي ته ڪو نه ڪو اهڙو فارمولو سوچيو جنهن سان مسئلي جو حل ٿي وڃي. آئنده جو خطرو به ٽري وڃي جئي لات جئي منات. ابولهب جي ڊگهي ۽ تفصيلي تقرير کان بعد ابو سفيان اٿيو ۽ ان چيو.
    ابوسفيان: عزيز دوستو ڪيتري قدر غيرت ۽ شرم جي ڳالهه آهي جو اسان جي سامهون اسان جي معبودن جي برائي ٿي رهي آهي ۽ اسان بلڪل خاموش ڏسون پيا ڇا؟ اسان ايتري قدر نامرد، بزدل ۽ بي حس ٿي ويا آهيون، جو اسان جي معبودن جي اهانت جي باوجود اسان جي دلين ۾ حرارت، قومي غيرت ۽ دماغن ۾ جوش و جزبو پيدا نٿو ٿئي. اسان جي بي حسي جي حد ٿي ويئي آهي ته پوءِ اسان کي زنده رهڻ جو ڪو به حق ناهي. يا ته جوش و جزبي سان اٿوَ. ۽ پنهنجي معبودن جي برائي ڪرڻ وارو ڪير به هجي. ان جو خاتمو ڪريو. يا پنهنجي ئي هٿن سان پنهنجا گلا ڪپي مري وڃو نه ڪير هوندو نه ڪير ذلت ڏسندو. ابوسفيان جي دونهيندار ۽ دهماڪي خيز تقرير حاضرين ۾ تمام وڏو جوش ۽ جزبو گرمائي ڇڏيو هو. ان کان پوءِ حضرت عمر بن خطاب کي وارو مليو جنهن چيو:
    عمر بن خطاب: اي اهل عرب قريشيو، تقريرون گهڻيون ئي ٿي چڪيون آهن. ميٽنگ جو مقصد واضح آهي. وقت مزيد ٽائيم وڃائڻ جي اجازت نٿو ڏي. پاڻي نڪ کان مٿي چڙهي چڪو آهي. هاڻ گهڻو ڪجهه ٿي گذريو آهي. منهنجو مشورو آهي ته جنهن جنهن جو رشتيدار يا غلام صحيح دين ڇڏي مسلمان ٿيا آهن. اهي ئي انهن کي لغام ڏين انهن جو کاڌو پيتو بند ڪري کانئس سوشل بائيڪاٽ ڪئي وڃي. قيد ڪري سرعام اهڙي سخت سزا ڏني وڃي جو هو ته ڇا پر ٻيو ڪو، جنهن جي خيال وهم ۾ مسلمان ٿيڻ هجي ته اهو به نصيحت ۽ سبق وٺي جو مسلمان ٿيڻ کان ڊپ ڪري ۽ مسلمان ٿيڻ جي جرائت نه ڪري سگهي.
    هن مجلس شوريٰ تمام قبائل مڪي ۾ مسلمانن جي خلاف نفرت، حقارت، جوش، ۽ غيرت و غضب جي لهر ڊوڙائي ڇڏي هئي.
    ميٽنگ ۾ هڪ ٺهراء بحال ڪيوويو ته هڪ وفد سردار ابو طالب وٽ وڃي. ان کي سمجهايو وڃي ته هو پنهنجي ڀائيٽيي محمد کي سمجهائي. مسئلي جو حل نڪري ته بهتر. نه ته پوءِ سِر جو جواب پٿر سان ڏنو وڃي. سڀني انهي تجويز جي تائيد ڪئي ۽ مجلس برخاست ٿي. هر هڪ مسلمانن کي چونڊي چونڊي، هر ڪنهن کان جيتري قدر ٿي سگهيو. سختيون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون. جنهن کان جيتري قدر ٿي سگهيو ان پنهنجي وسان نه گهٽايو ۽ مسلمانن جي زندگي زهر ۽ تنگ ڪري ڇڏيائون حضورﷺ انهن کي صبر ۽ ضبط جي تلقين ڪندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته، ”فَاِنَّ مَعَ الْعُسْرِ يُسْرًا“ ڏکن سان گڏ سک آهن. اهي تڪليفون عارضي آهن ۽ جلد ئي لُڙ لهي ويندا آخر ۾ توهان مومن ئي ڪامياب آهيو.


    قريش جو وفد ابوطالب جي خدمت ۾

    مسلمانن تي جيڪي سختيون ۽ ظلم جا پهاڙ ٽوڙيا ويا. جنهن جي ٻڌڻ سان ئي بدن جا رونکڙا ٿيو وڃن ٿا. ليڪن جڏهن انهن ڪفار مڪه ڏٺو ته ايترين سختين باوجود نتيجو بلڪل اُلٽو پيو نڪري ۽ مسلمانن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي ۽ مسلمان ايتري قدر مستقل مزاج ۽ تڪليف برداشت جا عادي ٿي ويا آهن جو هزارن ايذائن جي باوجود الله احد جي نعري کان باز نٿا اچن. آخرڪار مڪي جا چونڊ معزز ابوجهل جي سربراهي ۾ صلح جي درخواست کڻي حضرت ابو طالب وٽ آيا. حضرت ابو طالب حضورﷺ جو چاچو قريش جو سردار مڪي جو رئيس ۽ حضورﷺ جن جو سرپرست به هو.
    حضرت ابو طالب آيل معززين جي وفد جي انتهائي عزت. احترام ۽ ادب سان استقبال ڪيو. جڏهن تمام ماڻهو حسب مراتب ويهي رهيا ته ابو طالب فرمايو ته آئون توهان سڀني آيل معزز مهمانن کي خوش آمديد چوان ٿو. توهان سڀني آيلن جو شڪريو. توهان سڀني تي لات و عُزيٰ جون عنايتون هجن. ٻڌايو ته اڄ توهان صاحبن هت ڪيئن تشريف آوري فرمائي.
    ابوجهل چيو ته اي اسان جا سردار توهان کي چڱي ريت خبر آهي ته تنهنجي ڀائيٽي محمدﷺ قوم ۾ هڪ نئون فتنو کڙو ڪيو آهي. هو چوي ٿو ته خدا هڪ آهي ايتري وڏي ڪائنات جو صرف هڪ خدا ٻڌائي ٿو. وري اهڙي شيءِ کي خدا چوي ٿو. جنهن کي اڄ تائين ڪنهن به ڏٺو ناهي. اسان جي معبودن جي توهين ٿو ڪري. اسان تو وٽ ان ڪري آيا آهيون، جو تون پنهنجي ڀائٽي کي سمجهاء ته هو اسان جي معبودن جي توهين نه ڪري. اسان جي آبائي مذهب کي برو نه چوي ۽ نئي مذهب جي تبليغ نه ڪري. توهان هاشمي آهيو. توهان بتن جا پوڄاري آهيو. توکي اسان پنهنجي معبودن ۽ مائٽي جو واسطو ٿا ڏيون ته توهان دل و جان سان ڪوشش وٺي ان کي سمجهايو. اگر تو ان کي نه سمجهايو ۽ هو برابر جو پنهنجي روَش تي قائم رهيو ته پوءِ تو سان اسان جا لاڳاپا ختم آهن. پوءِ تو سان ۽ محمد سان گهٽ نه ٿيندي ۽ اسان جي طرفان جنگ جو اعلان آهي.
    اهڙي ريت وفد جي شرڪاء هر هڪ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.
    حضرت ابو طالب انهي وفد جي گفتگو تمام غور سان ٻڌي. پوءِ چيائين ته آئون توهان سڀني آيل معززين جو تهه دل سان مشڪور آهيان. جو توهان منهنجي تڏي تي اچي مون کي وڏو مان ڏنو آهي.
    هاڻ ٻڌو! توهان کي ۽ مون کي چڱي طرح معلوم آهي ته توهان منهنجي ڀائٽي محمد تي جيتري قدر سختيون ڪيون، تڪليفون ڏنيون. اچڻ وڃڻ جا گس بند ڪيا ۽ انهي جي پيروڪارن کي جيتري قدر ستايو آهي. ڇا اوهان کي اهو مناسب هو؟ لات و منات جو قسم توهان وڏي غلطي ڪئي آهي. ۽ غلط طريقو اختيار ڪيو آهي. سختيون جڏهن ناقابل برداشت ٿي وينديون آهن ته ڪمزور کان ڪمزور انسان به مقابلي تي اچي ويندو آهي. ضِد نهايت بري شيءِ آهي. توهان کي ضِد آهي ته محمد توهان جي معبودن کي برو نه چوي ۽ محمد کي هي ضد آهي ته خدا هڪ آهي. ان ضد ڪم خراب ڪيو آهي. توهان نرم ٿيو ته هو خود بخود خاموش ٿي ويندو. منهنجي هن گفتگو مان توهان متان هي سمجهو ته مان به پنهنجو آبائي مذهب ڇڏي چڪو آهيان. هر گز نه. آئون ته مرندي دم تائين پنهنجي اصلي مذهب تي قائم رهندس. منهنجي معبودن جي توهين مان هرگز برداشت نه ڪندس. ليڪن منهنجو طريقه ڪار جُدا آهي. آئون نه ڪنهن کي بُرو چوندس ۽ نه برو ٻڌندس. اهو طريقو توهان به اختيار ڪريو. انهي بحث مباحثي کان پوءِ مجلس برخاست ٿي ۽ وفد واپس روانو ٿيو. پٺيان جيڪي ماڻهو وفد جي واپسي جو انتظار ڪري رهيا هئا. انهن لاءِ بزرگ نيڪ مرد ابو طالب جي گفتگو جو خلاصو سڀني جي سامهون بيان ڪيو ويو.
    ليڪن انتظار ۾ ويٺل حاضرين مجلس ماڻهن جي اڪثريت چيو ته ان مصالحت سان ڪو به فائدو نه ٿيندو. محمد پنهنجي پروگرام کان هرگز باز نه ايندو ۽ هو پنهنجي مشن ۾ ڪامياب ٿي ويندو. مناسب هي ٿيندو ته ”ڪجهه وٺو ڪجهه ڏيو“ جي اصول تي محمد کي پاڻ سان شامل ڪريون. سڀني انهي تجويز کي پسند ڪيو ۽ هڪ ڀيرو وفد وري به ابو طالب سان ملڻ کپي. جڏهن اها ڳالهه طئي ٿي ويئي ته ابو لهب چيو صبحاڻي واري ميٽنگ ۾ ابو طالب سان صاف صاف طور سان هڪ هڪاڻي ٿيندي ۽ چٽو چئبو ته محمد اسان سان مصالحت نٿو ڪري ته پوءِ ان کي قتل ڪري ڇڏينداسون. ابو سفيان جي دلي خواهش هئي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح آنحضرتﷺ کي قتل ڪيو وڃي. ان چيو ته ضرور ان تي اها ڳالهه واضح ڪئي وڃي. اگر ابو طالب جي سمجهائڻ ۾ محمد نٿو اچي ۽ اسان جي مذهب ۾ داخل نٿو ٿئي ته پوءِ اسان کي کپي ته ان کي جلد از جلد قتل ڪيو وڃي ۽ کانس ڇوٽڪارو حاصل ڪيو وڃي. ابو لهب چيو ته بيشڪ ائين ئي ٿيندو.


    ٻيو ڀيرو قريش مڪي جو وفد ابوطالب جي خدمت ۾

    ڪفار مڪي جي وفد تياري شروع ڪئي. سڀ معززين گڏ ٿي ويا ۽ وفد وري به ابو طالب جي خدمت ۾ پهچي ويو. ابو طالب حسب دستور انهن جي آءُ ڀڳت ڪئي. جڏهن اهي اطمينان سان ويهي رهيا ته ابو طالب پڇيو ته خبرون چارون ڏيو. اڄ ڪيئن تشريف آوري ٿي. ڇاڪا نئين ڳالهه ٿي آهي؟
    ابو لهب: ڪا به نئين ڳالهه ڪانهي. البت اڄ اسان ان ڪري حاضر ٿيا آهيون جو توهان کي درخواست ڪريون ته توهان پنهنجي ڀائٽي محمد کي اسان سان مصالحت تي راضي ڪريو.
    هيٺين ڳالهين تي اگر محمد راضي ٿئي ۽ صرف اسان جي بتن جي باري ۾ ڪجهه نه چئي ته اسان ان سان مصالحت لاءِ تيار آهيون.
    1. جيڪڏهن ان محمد کي دولت جي ضرورت آهي ته اسان سڀ قبيلا ملي ڪري ايترو سون چاندي، هيرا جواهر گڏ ڪري ڏيون جو ايتري دولت محمد کانسواءِ ٻي ڪنهن وٽ شايد نه هجي.
    2. يا ان کي سرداري منصب ۽ جاهه جي ضرورت آهي ته سارو قريش انکي پنهنجو سردار چونڊڻ لاءِ تيار آهي.
    3. يا جيڪڏهن ڪنهن خوبصورت عورت سان شادي ڪرڻ گهري ته عرب جي چونڊ خوبصورت ڇوڪري سان گهڻي ساري ڏاج، مال متاع زر زمين سميت شادي ڪرائي ويندي.
    4. يا تنهنجو ڀائيٽيو حڪومت جو طالبو آهي ته اسان ان کي ساري عرب جو بادشاهه بنائڻ لاءِ تيار آهيون. اهڙي ريت پوري عرب تي سندس حڪومت قائم ٿي ويندي.
    5. يا ته محمد کي ڪا دماغي بيماري آهي ته اسان مشهور تجربيڪار حڪيمن کي گهرائي بهترين علاج ڪرائي سگهون ٿا.
    6. يا ته ان کي ڪنهن جن ڀوت ديوَ جو اثر آهي ته بهتر ۽ ماهر نجومي، جادوگر ڪاهن کي گهرائي ان جو اثر ختم ڪرائي سگهون ٿا.
    ابو لهب جو ايترين تجويزن ڏيڻ کان بعد ”انهي مفاهمت جو ذڪر پاره عَم سوره الڪافرون ۾ چٽي طرح ڄاڻايل آهي“ کيس جوش اچي ويو. ان جو چهرو ڳاڙهو ٿي ويو ۽ جسم سارو غصي ۾ ڏڪي رهيو هو. ان انتهائي ڪاوڙ ۽ جوش و جذبي سان ابوطالب کي مخاطب ٿيندي چيو.
    ابولهب: ابو طالب ٻُڌ! ها جيڪڏهن اڃان به تنهنجو ڀائٽيو محمدﷺ ايترين سارين سهوليتن ۽ تجويزن جي باوجود پنهنجي باطل ۽ غلط نظريئي کان باز نٿو اچي. ته پوءِ تون يا ته محمد جي سرپرستي ڇڏ! يا ته مقابلي لاءِ تيار ٿي وڃ. هاڻ پاڻي نڪ کان مٿي چڙهي چڪو آهي. گهڻو ڪجهه ٿي گذريو آهي. هاڻ قرابت جو ڪو به خيال نه ڪيو ويندو. اسان جي صبر جو پيالو لبريز ٿي چڪو آهي اسان توکي ڪجهه وقت سوچڻ ۽ غور ويچار ڪرڻ لاءِ ڏيون ٿا. ۽ سوچي وٺ متان نه چئين ته مون کي سوچڻ جو ٽائم ڏيو ها.
    اگر تون پنهنجي ڀائٽي جي رفاقت کان باز اچي وئين ته اسان توکي بدستور پنهنجو سردار مڃينداسون ۽ جيڪڏهن تون باز نه آئين ۽ چمٽيو رهين ته پوءِ تنهنجي لاءِ سُٺو نه ٿيندو ۽ توتي به سختيون ڪنداسون ۽ تو سان گهٽ نه ٿيندي. ابو طالب ٻُڌ! اگر تو سڀاڻي تائين هي جواب نه موڪليو ته ”آئون محمد کان هر طرح دست بردار آهيان“ ته پوءِ تنهنجي ۽ اسان جي درميان فيصلو تلوار ڪندي. ائين چئي ابو لهب اٿي کڙو ٿيو. گوياڪه ان اعلان جنگ ڪري ڇڏيو هو. ان سان گڏ ٻيا آيل سردار پڻ بگڙي اٿي روانا ٿيا. حضرت ابو طالب باوجود رئيس مڪه هجڻ جي باوجود انتهائي بردباري جو مظاهرو ڪندي، سڀني جي وڃڻ کان بعد پاڻ ڀلارن کي گهرائي هي گفتگو فرمايائين:
    اي منهنجا ٻچا! منهنجن اکين جاتارا، منهنجي روح جي راحت، منهنجي پياري ڀاءُ جي جان و جگر ۽ نشاني، شل تون جيئن، تو ڏسي ورتو هوندو ته ساري قوم قريش ۽ سرداران عرب آيا هئا. انتهائي ڪاوڙيل آهن. آئون پيرسن ۽ ڪمزور آهيان. منهنجا هٿ، پير، ڪن، نظر ۽ قُويٰ جواب ڏيئي چڪا آهن. انهي ڪري آئون ساري قوم جو مقابلو ڪرڻ جي سگهه نٿو رکي سگهان. مون سان هُنن جي هي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ هُنن، هِنن رعايتن جي آڇ پڻ ڪئي آهي. منهنجو مشورو آهي ته تون انهن جون ڳالهيون مڃي وٺ. آئون اڪيلو ضعيف العمر ڪنهن جو ڪنهن جو مقابلو ڪندس پوري قوم سڀاڻي مون کان جواب گهريو آهي. ٻڌاءِ ته آئون انهن کي ڪهڙو جواب ڏيان؟


    اولي العزم نبيﷺ جو پُر عزم جواب

    پاڻ ڀلارن ”مٿس، منهنجا ماءُ پيءُ ۽ سارو جهان گهوريان“ چاچي ابوطالب جي هي گفتگو ٻڌي. مغموم دل ٿي ويا. پاڻ ڪريمن سمجهي ورتو هو ته چاچي ابوطالب منهنجي سرپرستي تان هٿ کڻي ورتو آهي.
    پاڻ ڀلارا گلوگير ٿي ڀِنل اکين سان فرمايو ته بابا سائين مون کي انهن جي رعايتن ۽ منصب جي ڪا ضرورت ناهي ۽ نه ئي آئون ڪو چريو يا بيمار آهيان. مون اوهان جي سرپرستي، شفقت ۽ تجربه ڪاري مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو آهي. آئون انهي حڪم خداوندي جو عامل آهيان. جنهن ڪم جي ڪرڻ جو منهنجي رب جي طرفان مون کي حڪم ڪيو وڃي ٿو.
    هڪ خدا واحد جو قسم، اگر هي ماڻهو منهنجي هڪڙي هٿ تي سج ۽ ٻي هٿ تي چنڊ آڻي رکن. تڏهن به آئون پنهنجي مشن ۽ ذميواري کان هڪ وار به باز نه ايندس. ايس تائين جو يا ته منهنجو خدا ان ڪم کي پورو ڪري. يا آئون ان ڪم تي قربان ٿي وڃان. مُحسن انسانيت جي ان پُراثر آواز ۽ جواب ابوطالب کي سخت متاثر ڪيو. لوڏي ڇڏيو. پٿرن مان پاڻي وهڻ لڳو.
    ابو طالب: ”پاڻ سڳورن کي“ چيو ته منهنجا پيارا پٽ هاڻ بي فڪر رهه، منهنجي زندگي ۾ ڪو به تنهنجو وار ونگو ڪري نٿو سگهي. تون پنهنجي پروگرام ۾ لڳو رهه. آئون تو سان گڏ آهيان. منهنجي زندگي تون آهين. اهڙي طرح حضورﷺ جن جي پريشاني دور ٿي ويئي.
    پاڻ ڀلارا اٿيا، پنهنجي چاچي ابو طالب کي سلام ڪيائون ۽ موڪلائي پنهنجي گهر ڏانهن روانا ٿيا.


    ظلم در ظلم ظلم بر ظلم، ظلم ئي ظلم

    حضرت ابو طالب جي طرف صلح جي درخواست کڻي جيڪو وفد ويو هو. اهو موٽي آيو. جنهن اچي رپورٽ پيش ڪئي ته صلح جي ڪا به اميد ڏسڻ ۾ نٿي اچي. اسان ڪافي ساريون تجويزون ڏنيون. مگر محمد ڪا به تجويز منظور ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. صاف صاف جواب ڏنو ته آئون پنهنجي پروگرام کان هڪ وار برابر به پوءِ تي نه هٽندس. مون کي جيڪو حڪم مليل آهي. ان مطابق عمل ڪندس. پوءِ ان جي آڏو چاهي پهاڙ اچي يا سمنڊ. آئون ان کي جهاڳي پار پوندس. چونڪه تمام قريش، قريش جا تمام قبيلا ۽ جمله قبيلا ڏسي رهيا هئا ته انهن جي معبودن جي، جنهن جي اهي ۽ انهن جا ابا ڏاڏا پوڄا ڪندا آيا آهن. اڄ انهن جي عظمت ۽ عزت مٽي ۾ ملي رهي آهي ۽ ملت پرستي خطري ۾ پئجي ويئي هئي. انهي ڪري سڀني کي جوش هو. ڪاوڙ هئي. انهي جوش ۽ ڪاوڙ انهن جو دماغي توازن صحيح رهڻ نه ڏنو هو. عقل ۽ سوچ ختم ٿي ويو هو. هر هڪڙي چاهيو ٿي ته جهڙي به طرح ممڪن ٿي سگهي مسلمانن کي ستايو وڃي. دٻايو وڃي ۽ انهن کي پنهنجي دين کان هٽايو وڃي. دين اسلام ڇڏڻ تي مجبور ڪيو وڃي. وري واپس پنهنجي آبائي دين ۾ داخل ڪيو وڃي. ان خيال هنن کي ظلم ۽ ستم ڪرڻ تي وڌيڪ اڀاريو.
    ابوجهل: دوستو ٻڌايو ته جيڪي ماڻهو مسلمان ٿي ويا آهن. انهن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو وڃي؟
    عمر بن خطاب: اهي ماڻهو جن جا رشتيدار آهن يا غلام آهن. اهي ئي ماڻهو انهن تي سختي ڪن ۽ ڪڙي نظر رکن. جو اهي نئي مذهب کان ڦري وري پنهنجي آبائي مذهب تي واپس اچي وڃن.
    وليد بن مغيره: ها عمر جي اها تجويز درست آهي. مگر جن آبائي مذهب ڇڏي نئون مذهب اختيار ڪيو آهي. انهن تي کلي ميدان ۾ عام ماڻهن جي سامهون سختيون ڪيون وڃن. تان جو ٻين لاءِ درس عبرت ٿئي. ۽ ٻيو ڪو مسلمان ٿيڻ جي جرائت نه ڪري سگهي.
    عاص بن وائل سهمي: آئون به انهي تجويز جي حمايت ڪريان ٿو. ان تجويزن کان بعد عتبه بن ربيعه چيو ته هاڻ انهن ماڻهن جا نالا ٻڌايا وڃن جيڪي حقي دين ڇڏي مسلمان ٿي ويا آهن؟
    ابوجهل: جيتري قدر ٿي سگهيو آهي. انهن بي دين مسلمانن جي فهرست تيار ڪري ورتي آهي.
    ابوسفيان: جڏهن ڪم مڪمل آهي ته پوءِ هاڻ هن خير جي ڪم ۾ دير ڪرڻ سٺو ناهي. صبحاڻي سڀ ماڻهو پنهنجي پنهنجي متعلقين ۽ متوسلين تي ٻه ٻه هٿ ڪن ۽ سختيون شروع ڪري ڏين. ان وڌندڙ برائي ۽ فتني کي جيتري قدر جلد ممڪن ٿي سگهي دٻايو وڃي ۽ پنهنجي معبودن اڳيان سرخرو ٿيو. سڀني انهي تجويز جي تائيد ڪئي. ان قرارداد کان پوءِ مجلس شورا ختم ٿي. ماڻهو اٿيا هرڪو پنهنجي پنهنجي گهر طرف روانو ٿيو. مگر جيڪي ماڻهو ان مجلس ۾ شريڪ هئا. انهن مان هر هڪ جو چهرو غصي ۽ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو هو. انهن جي دلين ۾ انتقامي جوش ۽ طبيعت ۾ اشتعال هو. انهن کي ايتري قدر غصو هو جو اگر ڪو مسلمان انهن جي سامهون ان وقت اچي وڃي ها ته بي دريغ انکي قتل ڪيو وڃي ها. هي ميٽنگ اها هئي جنهن تمام قبيلن ۾ مسلمانن جي خلاف نفرت، حقارت، جوش و غضب جي لهر ڊوڙائي ڇڏي هئي، حضرت زبير رضه جو چاچو جنهن وقت پنهنجي گهر پهتو ته تمام سخت غضبناڪ هو. جڏهن ان حضرت زبير رضه کي ڏٺو ته جهٽ ڏيئي ان جي مٿي جي وارن ۾ پڪڙي ڇڪيندي پڇيائين ته اي بدبخت زبير ڇا تون مسلمان ٿي ويو آهين؟ حضرت زبير رضه نرمي سان جواب ڏنو ته ها چاچا سائين آئون مسلمان ٿي ويو آهيان. ان جي چاچي کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. جو ان حضرت زبير رضه جي مٿي جا وار اهڙا ته زور سان ڇڪيا جو حضرت زبير جي اکين مان ڳوڙها اچي ويا. پوڙهي چاچي چيو او وڏن جا ويري. حق جا منڪر، تون ڇو مسلمان ٿيو آهين؟
    اگرچه حضرت زبير جوان هو. طاقتور هو. پر پنهنجي بزرگ جي گستاخي جي همت نه ٿي آهستي سان ڳالهايو ته، چاچا سائين اسلام توحيد جي تعليم ڏي ٿو. آئون پنهنجي هٿن سان گهڙيل پٿرن جي خدائن کي ڇڏي. ان خدا جو پوڄاري ٿي ويو آهيان جيڪو خالق ڪائنات آهي ۽ جنهن جي حڪم کان سواءِ وڻ جو پن به چُري نٿو سگهي. ان جي چاچي کي ڏاڍو غصو آيو. جنهن چيو ڇا جو خدا ڇا جي ڪائنات؟ زبان بند رک تنهنجي زبان ڪاڪڙي کان ڪڍي ڇڏيندس. زبير ٻُڌ! ڪن کولي ٻُڌ!! تون يا ته اسلام ڇڏي ڏي. يا ته اهڙي سختي لاءِ تيار ٿي وڃ جو ماڻهو تنهنجي حالت زار تي افسوس ڪندا ۽ رحم کائيندا.

    حضرت زبير رضه: اي چاچا! ان ڳالهه کانسواءِ جيڪو توهان جو حڪم، اهو آئون سر ۽ اکين سان قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. باقي اسلام کي ڇڏي ڏيان اهو مون کان هرگز نه ٿي سگهندو. اهو ٻڌي ان جي چاچي کي ننهن کان چوٽي تائين باهه وٺي ويئي. ان چيو تنهنجي ايتري قدر جرائت. چڱو ڏسان ته تون اسلام کي ڪيئن نٿو ڇڏين؟
    اهو چوندي ئي کجي جي توري ۾ ويڙهي اوني ڪپڙي جي وٽ ٺاهي ان کي ٻاري حضرت زبير رضه جي نڪ ۾ دونهون ڏيڻ شروع ڪيائين. جيسين تائين ٿي سگهيو حضرت زبير رضه ساهه گهٽي رکيو. مگر ڪيترو وقت روڪي. آخر روڪي نه سگهيو ۽ دونهون دماغ ۾ پهتو. انهي سان ڏاڍي تڪليف ٿي. دونهين کان منهن ڦيريائين ٿي ته ظالم چاچي ان جي مٿي جي وارن مان پڪڙي وري به دونهين جي طرف ڪيائين ٿي. آخر حضرت زبير رضه تي بي هوشي طاري ٿي ويئي. مگر ان جي چاچي ان جي اها حالت ڏسي چيو ته بدبخت اڃان ڪجهه به بگڙيو ناهي توبھ ڪري اسلام کي ڇڏي ڏي.
    حضرت زبير چيو ته چاچا مرڻ قبول آهي. مگر اسلام نه ڇڏيندس. تون تير آزما آئون جگر آزمايان يا تير کٽن يا جگر کٽي.
    ظالم چاچي کي ڪو به ترس نه آيو. هو بيهوش پيو رهيو. ان کي ڪنهن به نه کنيو ۽ نه ئي وري ڪنهن هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. پاڻي ته درڪنار پر ڪو پڇڻ وارو به نه هو. جنهن وقت حضرت زبير رضه تي اها سختي ٿي رهي هئي ته انهي وقت حضرت عثمان رضه بن عفان کي به ان جي چاچي گهرائي پڇيو ته عثمان مون ٻڌو آهي ته تون ابن ڏاڏن جو دين ڇڏي بي دين مسلمان ٿي ويو آهين؟
    حضرت عثمان رضه: ها چاچا توهان صحيح ٻڌو آهي. اگرچه آئون ڄاڻان ٿو ته ان خبر ٻڌڻ سان توهان جي دل کي تڪليف پهتي هوندي. مگر توهان جهان ديده آهيو. سوچو ته اسان اڄ تائين ڪهڙي گمراهي ۾ مبتلا رهيا آهيون. اسان ۽ اسان جا وڏڙا پٿرن جي ان بتن کي پوڄيندا رهيا آهيون. جيڪي پنهنجي مٿان ويٺل مک کي به اڏائي نٿا سگهن.اگر ڪو ڪُتو مٿن مُٽي وجهي ته هي انکي لوڌي نٿا سگهن ڇا خدا اهڙو هوندو آهي؟ اسان جتي، جنهن حال ۾ انهن کي کڻي رکون اُهي اتي ئي انهي حال ۾ پيل هوندا آهن. انهن جي وس ۽ اختيار ۾ پنهنجو تحفظ به ناهي سچ پڇو ته اسان ئي انهن جا خالق ۽ مالڪ آهيون ۽ هو اسان جي مخلوق ۽ مملوڪ آهن. اسان هنن کي پنهنجن هٿن سان گهڙي ٺاهيو آهي. اهي هرگز خدا ٿي نٿا سگهن. چاچا سائين خدا ته اهو آهي. جنهن دنيا جهان کي پيدا ڪيو آهي. جيڪو دلين جي ڀيد کي ڄاڻي ٿو. زندگي ۽ موت تي قادر آهي. ”هُوْعَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ“ هو عليٰ کُلِّ شيءِ قدير. اهو ٻڌي ان جي چاچي کي بي حد غصو آيو. جنهن چيو ته عثمان آئون تنهنجي واتان ڇا ٻڌي رهيو آهيان؟ ڇا جو خالق، ڇا جو مالڪ؟ ڇا زندگي ڇا قادر چوين ڇا پيو؟ زبان بند رک! ڏاڍو معتبر ٿي ويو آهين. اهي وعظ پاڻ وٽ رک؟ ڪم بخت تون اڻ ڏٺي خدا کي پوڄين ٿو؟ بي وقوف تون پنهنجن ابن ڏاڏن جي مذهب کي ڇڏي. هڪ نئين مذهب جو پرستار ٿي ويو آهين؟ تون بي وقوف ۽ نافرمان آهين. آئون چوان ٿو ته هن نئين مذهب کي ڇڏي ڏي. يا مرڻ لاءِ تيار ٿي وڃ؟ تو جهڙو نافرمان ۽ بي دين اولاد نه کپي؟
    حضرت عثمان رضه: چاچا! ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته جنهن شخص تمام عمر اونڌاهي ۾ گذاري هجي ۽ هاڻ ان کي روشني ملي ويئي هجي. هو شخص روشني کي ڇڏي وري اونڌاهي ڏانهن ايندو؟ آئون سمجهان ٿو ته هڪ عقلمند ماڻهو ڪڏهن به ائين نه ڪندو. ان جي چاچي کي اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو طيش آيو.
    چاچو: ”ڪاوڙ مان“ ها عثمان ٻُڌ!! تون انڌاري کان نڪري روشني ۾ اچي ويو آهين ۽ اسان اونڌاهي ۾ ياد رک! اها روشني ئي تنهنجي موت جو پيغام ثابت ٿيندي. اهو چئي اُن حضرت عثمان رضه کي کجور جي رسي سان ٻڌي. کجور جي لٺين سان بي دريغ مارڻ شروع ڪيو. ايتري قدر ماريو جو پاڻ سڳورن جو تمام بدن رت ۾ ڳاڙهو ٿي ويو.
    حضرت عثمان غني وڏو عزت دار ۽ دولتمند هو. سندس ڪئين غلام ۽ نوڪر هئا. انهن جي سامهون انکي ماريو ويو هو. انهي جو مطلب اهو هو ته ڪنهن به طرح ان کي غيرت اچي ۽ اسلام کي ڇڏي ڏي. ليڪن حضرت عثمان رضه مار کائيندي رهيا. سارو بدن زخمي ٿي ويو هو. سخت تڪليف ڏني ويئي هئي. مگر ڪاتي هيٺان ڪنڌ پوءِ به نعرا نينهن جا. پاڻ سڳورن تڪليف برداشت ڪرڻ لاءِ پنهنجي چپن کي ڏندن جي هيٺان دٻائي ڇڏيو ۽ ٻاهر ٻاڦ نه ڪڍيائون.
    * نهائين منجهان نينهن سک تون منهنجا سپرين،
    سڙي سارو ڏينهن ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.

    * عاشق زهر پياڪ وِهه ڏسيو وهسن گهڻو،
    ڪڙي ۽ قاتل جا هو هميشھ هيراڪ،
    توڻي چڪن چاڪ ته به آهه نه سلين عام سان.

    * پتنگن پهه ڪيو، مِڙيا مٿي مچ،
    پسي لهس نه لُڇيا، سڙيا مٿي سچ،
    سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا.
    آهه ته آهه!! مگر اُف به نه ڪيائون. اندر جي سا اندر ۾ ۽ اسلام ڇڏڻ جو وسوسو به پيدا نه ٿيو. حضرت عثمان اگر ڪڇيا ته صرف ايترو ڪڇيا ته منهنجي جسم جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. جيڪي چاهيو اهي تڪليفون ڏيو. مگر هي نه ٿيندو ۽ هر گز نه ٿيندو جو آئون اسلام کي ڇڏي ڏيان. آئون زندگي جي آخري گهڙي تائين مسلمان ئي رهندس.
    انهي جي چاچي کي ان ڳالهه تي ويتر ڪاوڙ آئي. اڃان وڌيڪ بگڙيو ۽ پوري طاقت سان حضرت عثمان کي مارڻ لڳو. چاچي جي هٿ ۾ چمڙي جو دُرو به هو بدن جي جنهن حصي تي لڳو ٿي کل کي ڇڪي چيري ٿي ڇڏيائين. تمام جسم مان خون جاري هو.
    پٿر دل کان پٿر دل کي به انجي حالت تي رحم اچي رهيو هو. اگر رحم نه آيو ته ان جي چاچي کي نه آيو. ايس تائين جو حضرت عثمان رضه بي هوش ٿي ويو. چاچي غلامن کي چيو ته هن کي کڻي هڪ اونڌاهي ڪوٺڙي ۾ بند ڪري ڇڏيو. ٻي ڏينهن صبح وري به ڪڍي ان کي ماريو ويو. تان جو اهو چاچو پوڙهو ٿڪجي پيو ۽ ڇڏي ڏنو.
    اڄ پوري مڪي ۾ پُر جوش ڪافرن جا ٽولن جا ٽولا هئا، جيڪي گهٽين ۾ ڦري رهيا هئا ۽ مسلمانن کي ڳولي رهيا هئا ڇو ته ڪلهوڪي ميٽنگ جي ايجنڊا اها هئي ته مسلمانن کي جتي به ڏسو اتي ختم ڪريو. اڄ جو ڏينهن مسلمانن تي سختيون ڪرڻ لاءِ مقرر هو. هر شخص پنهنجي پنهنجي ملازمن ۽ واسطيدارن جي ڳولا لاءِ نڪتل هو. ڪٿي ملي ۽ ان تي پنهنجي دل جي ڀڙاس ٿڌي ڪريان ۽ پنهنجي معبودن جي تذليل جو بدلو وٺي. انهن جي اڳيان مقبول بڻجان.
    مسلمان ڪمزور ۽ بي وس هئا. مڪي جو هر ننڍو وڏو. عورت و مرد پوڙهو پڪو انهن جو دشمن هو. مسلمانن کي ته خواب خيال ۾ به نه هو ته انهن تي مڪي جا وحشي ايتري قدر صبر آزما سختيون ڪندا. اهي پنهنجن عزيزن هٿان زندگي ۾ بربريت جا نشانا بنبا ۽ انهن تي انتهائي ظلم و ستم جا پهاڙ ٽوڙيا ويندا. حضرت عمر رضه اڃان مسلمان نه ٿيو هو. هو هڪ وڏو بهادر ۽ نهايت سخت مزاج هو. سندن بهادري عرب ۾ ضرب المثل هئي. کين شيرِ عرب چيو ويندو هو. تمام قبائل ان جي شجاعت ۽ دليري جا قائل ۽ مداح هئا.
    ان کي معلوم ٿي ويو هو ته سندس ٻانهي لُبنھ مسلمان ٿي ويئي آهي. حضرت عمر ان غريب ٻانهي کي وارن ۾ جهلي گهلي گهر کان ٻاهر وٺي آيو. پاڻ انهي ٻانهي کان انتهائي ڪاوڙ ۽ غيض ۾ پڇيو ته اي بدبخت گولي توکي ڪهڙي لالچ مسلمان ٿيڻ تي آماده ڪيو. لُبنھ پهريائين ته ڊني. جو هو صنف نازڪ ۽ عورت ذات هئي، ڪمزور هئي. ٻانهي هئي گهٻرائجي ويئي. مگر جڏهن حضرت عمران کان پڇيو ته ڪهڙي لالچ ۾ هو مسلمان ٿي آهي ته ان کي ايماني جوش ۽ غيرت اچي ويئي.
    لُبنھ: اي آقا! ڪنهن به حرص و حوس مون کي مسلمان ٿيڻ تي اڪسايو ناهي. حضرت محمدﷺ ڪو دولتمند ناهي. حاڪم يا سردار ناهي هو غريب ۽ يتيم آهي. ان وٽ ڀلا ڇا آهي؟ جو هو اسان کي ڏيندو؟
    حضرت عمر: ”ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيندي“ پوءِ تون ڪيئن مسلمان ٿي؟

    لُبنھ: ان ڪري جو اسلام صرف هڪ خدا جي پوڄا جو حڪم ڏي ٿو. مصنوعي خدائن جي پوڄا کان منع ڪري ٿو.
    حضرت عمررضه: ”غضبناڪ ٿي“ بي وقوف عورت! خيالي خدا کي پوڄين ٿي. ڪم بخت ڪميڻي. اسلام کي ڇڏي ڏي. ور نه مفت ۾ مري ويندين؟
    لُبنھ: ”عاجزي سان“ منهنجا آقا! اهو ناممڪن آهي. جان وڃي ته وڃي اسلام نه وڃي. جان ته اچڻي وڃڻي آهي. انهي تي آئون ايمان ۽ فطري اسلام کي ڪيئن ڇڏيان؟
    جان دی ۔ دی ہوئی اسی کی تھی،
    حق تو یہ ہے کہ حق ادا نہ ہوا۔
    حضرت عمر کي ان جواب تي ڪاوڙ آئي. انهي مارڻ شروع ڪيو. هڪ طرف هڪ عورت صنف نازڪ ۽ ڪمزور، بي طرف عرب جي مشهور هڪ طاقتور مرد جي مار. برداشت ڪندي رهي. تان جو حضرت عمر ماريندي ماريندي ٿڪجي پيو. ڇڏي هڪ طرف ويهي رهيو. ۽ ٻانهي سان ڳالهايو ته لُبنھ مون توکي رحم جي ڪري ناهي ڇڏيو بلڪ ان ڪري ڇڏيو اٿم ته آئون ٿڪجي پيو آهيان. ساهي پٽي وٺان. زندگي گهرين ته اسلام کي ڇڏي ڏي. اسلام ۾ ڇا رکيو اهي؟ هو سُڃن جو دين آهي.
    لُبنھ: ”استقلال ڀري لهجي ۾“ اي آقا! اگر تون منهنجي ٻوٽي ٻوٽي ڪري ڇڏين هڏيون ڀڃي ڇڏين. تڏهن به اها ڳالهه منهنجي وس کان ٻاهر آهي ۽ غير ممڪن آهي ته آئون اسلام کي ڇڏي ڏيان. آئون توهان کي عاجزي سان عرض ٿي ڪريان ته اي منهنجا آقا تون به مسلمان ٿي وڃ. انهي ۾ تنهنجو ڀلو ۽ ڪاميابي آهي.
    حضرت عمر کي ان جي ان جواب جي توقع نه هئي. ان جواب تي هن کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. اگرچه هو ان جي مارڻ سان ٿڪجي پيو هو. ليڪن ان جي ان ڳالهه تي ان کي ايتري قدر اشتعال آيو جو ان وري ٻانهي کي مارڻ شروع ڪيو.
    جنهن وقت لُبنھ تي ڏنڊا وسي رهيا هئا. گهڻا سارا ماڻهو ۽ تماشبين ان جي چوگرد گڏ ٿي ويا ۽ هر شخص ان کي لعن طعن ۽ برو ڳالهائي رهيو هو ۽ گاريون ڏيئي رهيو هو. ليڪن هن غريب عورت کي نه گارين جي پرواهه هئي نه مارجي، هڪ يار جي خاطر سڀ ٺيڪ آهي. اها بي زبان جانور يا ديوار وانگر ماري پئي ويئي. هيس تائين جو هو دم بيخود ٿي ڪري پئي ۽ ڪرندي ئي بي هوش ٿي ويئي.
    هاڻ ان جاءِ تي ڪافي مجمع ٿي ويو هو. ماڻهو وڏي جوش و خروش ۾ ڀريل. ٻانهي جي مارجڻ جو تماشو ڏسي رهيا هئا، ته اوچتو هڪ طرف کان هڪ وڏي شور و گوڙ جو آواز آيو. ماڻهو ان طرف ڏسڻ لڳا. هُن طرف کان سوين ماڻهو هڪ ڪاري رنگ جي شخص کي زنجيرن ۾ ٻڌل، آڻيندي نظر آيا. انهي مجمع پهرين نظر سان سڃاڻي ورتو هو ته بلال رضه اميھ بن خلف جو غلام. انهي جي چوگرد شرير ڪافرن جو وڏو انبوهه هو. سڀ جو سڀ جوش ۽ ڪاوڙ ۾ ڇتا ۽ چريا بنيل هئا. حضرت بلال رصه صدق و وفا جي پتلي کي گهليندا آڻي رهيا هئا. لتن،مُڪن، ٺونشن ۽ کجي جي ڇڙين جو وسڪارو هو ۽ ڪي حرامزادا پٿر، جوتا اڇلائي ماري رهيا هئا. هي صبر و استقلال جو پيڪر بلڪل خاموش هو.
    ها! ها! اگر انصاف يا رحم جو سوال ڪري ته ڪنهن کي ڪري. اتي ته ڪو انسان هو ڪونه، هڪ شريرن جو سردار، عرب جو غنڊو ۽ منافقن جو اڳواڻ انهن سان گڏ هو. اهو اميھ بن خلف هو. حضرت بلال ان جو غلام هو. اهو وڏي واڪي چئي رهيو هو ته ماريو. ان بدبخت بي دين کي ماريو. هي مسلمان ٿي ويو آهي. هي باغي ۽ غدار آهي. ماريوس.
    جڏهن هو سردار مارڻ لاءِ چوندو هو ته ماڻهو زور. زور سان ان کي ماريندا هئا. حضرت بلال رصه مار کائي رهيو هو. سندس تمام بدن زخمي ٿي چڪو هو. زخمن مان خون جا ڦوهارا وهي رهيا هئا. مگر هي بلال هو جنهن کي نه زخمن جي ڪا پرواهه هئي ۽ نه خون نڪرڻ جو ڪو وسواس هو نه سندن مبارڪ چپن تي آهه هئي، نه ڪنهن کان ڪاشڪوه و گلا، نه وري چهري مبارڪ تي ڪنهن قسم جو ملال و حُزن ظاهر هو ها! شڪوه ڪري ته ڪنهن جي ڪري ۽ ڪنهن سان ڪري. ڪو سڪوه ٻڌڻ وارو به هجي ته جڏهن کيس اڇلايل پٿر لڳندو هو. يا ڪو ٺونشو، لت يا مُڪ هڻندو هو ته هي هڪ پرسوز پُرزور نعرو هڻندو هو ته، ”اَللّٰهُ الصَّمَدُ، اللّٰهُ اَحَدٌ، اللّٰهُ اَحَدٌ“ هي بي نياز آهي ۽ هو هڪ آهي ۽ هو پاڪ آهي.
    جڏهن بلال رضه احد جو نعرو هڻندو هو ته مڪي جا ڪافر ڏڪي ويندا هئا. سخت غضبناڪ ٿي ان تي ٽٽي پوندا هئا ۽ پهريائين کان وڌيڪ لَتن، مُڪن ٺونشن ۽ پٿرن جي بارش ڪندا هئا. پاڻ چوندو هو ته ماريو، مون کي خوب ماريو. آئون مسلمان آهيان ماريو. آئون هڪ خدا جو پرستار آهيان. خدا مون کي انهي لاءِ پيدا ڪيو آهي جو آئون ان جو نالو وٺان ۽ ماڻهو مونکي مارين.
    خدا جو قسم ان مار ۾ به ڏاڍو مزو آهي. منهنجو خدا مون کي ڏسي ته بلال منهنجي نالي وٺڻ سان ماريو پيو وڃي. ماريو، ماريو تان جو آئون مري وڃان ۽ پنهنجي مالڪ ۽ خالق سان جلد ملاقي ٿيان. منهنجو مالڪ مون کان پڇي ته بلال ڪيئن ماريو وئين؟ آئون چوان ته تنهنجي نالي وٺڻ تان ماريو ويو آهيان. انهن وحشي، سنگدلن، درنده صفت انسانن ۾ ڪو هڪ فرد به اهڙو نه هو. جو ان تي رحم کائي. ان کي انهن بي رحم بگهڙن کان بچائي. سڀ وحشي درندا هئا. وحشيانه طريقي سان پٿر هڻي رهيا هئا. ان وقت سج ٻنپهرن تي پهچي چڪو هو. ان جون شعاعون سڌيون تيرن وانگي جسم ۾ کُپي رهيون هيون پٿر، هجر، شجر، در و ديوار ۽ واري تپڻ لڳا هئا. واري ايتري قدر گرم هئي جو ان تي اگهاڙي پيرن هلڻ دشوار هو. اهي شرير ڪافر حضرت بلال رضه کي گهليندي مڪي کان ٻاهر وٺي ويا. ان کي تپندڙ واري تي ڪپڙا لاهي جسم اگهاڙو ڪري. جنهن کان جيتري قدر ٿي سگهيو ماريو. پوءِ ان تپندڙ واري تي ليٽائي هڪ وڏو پٿر سندن سيني مبارڪ تي رکيو ويو. تان جو هو پاسو ڦيرائي واري جي سوزش ۽ تپش کان بچڻ جي ڪوشس نه ڪري سگهي.
    حضرت بلال رضه سڌو چُت ڀر پيو هو. وزني پٿر جنهن کي ڪيترن ئي ماڻهن کڻي ان جي سيني تي رکيو هو. اهو پيو رهيو. پاڻ چري نٿي سگهيا. بدن سڙي رهيو هو. اُڃ جي شدت جي ڪري زبان تارون سان لڳي سڪي ويئي هئي. مگر پاڻ رضه صبر جو دامن نه ڇڏيو. اهي سڀ سختيون برداست ڪندا رهيا ۽ هڪ محبوب جي رضا خاطر سڀ قبول.
    سُور سختيون سالڪن ڏانهن محب مهمانيون مُڪيون،
    اهنج اوکايون عاشقن ڏانهن محب مهمانيون مُڪيون.
    اُف به نه ڪيائين، رهي رهي اگر ڪنهن مهل شدت درد جي ڪري، درد دل مان ڪو نعرو هڻندا هئا ته الله احدا صمدا جو لفظ پڪاريندا هئا ۽ ڪفار مڪي کي اگر ضد هو ته لفظ احد جي نالي سان هو.
    جڏهن حضرت بلال احد جو نعرو هڻي الله الصمد چوندا هئا ته ڪافرن جي تن. بدن ۾ باهه جا اُلا اٿندا هئا. کڙا ٿي ويندا هئا. پٿر هڻندي سيني مبارڪ تي چڙهي بيهي. جئي لات جئي منات جئي عزيٰ جا نعرا هڻندا هئا.
    اُميھ بن خلف ”بلند آواز سان چوندو هو. بلال اگر زندگي چاهين ٿو ته ان ڪلمي کي ڇڏ. ان اسلام کي ڇڏ. آئون وعدو ٿو ڪريان ته توکي آزاد ڪري ڇڏيندس. توکي گهڻي ساري دولت سان مالا مال ڪري ڇڏيندس. تون عزت سان. آرام سان عيش و عشرت سان پنهنجي باقي زندگي گذارج.
    حضرت بلال رضه: اُميھ، آئون جيس تائين زنده آهيان. احد جو نعرو لڳندو رهندو دين فطرت منهنجي رگ و ريشه ۾ ويهي رهيو آهي. جيس تائين رڳن ۾ رت جاري آهي. اسلام جو ئي ٿي رهندس. موت ۽ زندگي منهنجي لاءِ برابر آهن. مون کي ڪا به لالچ اسلام کان ڦيري نٿي سگهي. اميھ کي ته هن ڳالهه تي چڙ ايندي هئي. اهو ڪافرن کي اشارا ڪندو هو ته ماريوس اهي ڪافر حضرت بلال کي ماريندا هئا.
    برہم ہوں بجلیاں ہوائیں خلاف چلیں زمانہ بھی ہو عد و میرا،
    جو کچھ بھی ہو، اہتمام گلستان کریں گے ہم۔
    جنهن وقت حضرت بلال رضه تي اهي سختيون ۽ صبرآزما ستم جا پهاڙ ڪري رهيا هئا ته انهي وقت ان جي ويجهو انهي ميدان ۾ صهيب رومي رسن سان ٻڌل پيو هو. قريش ان کي ماري رهيا هئا. ان کي سڌو سمهاري ان جي سيني تي ٻه ٿلها عرب پهلوان چڙهيل هئا ۽ اهي ٻئي چئي رهيا هئا ته صهيب خدا جو نالو نه وٺ، زندگي گهرين ٿو ته بتن کي معبود تسليم ڪر. انهن جي خدائي جو اقرار ڪر ۽ انهن جي اڳيان سر جهُڪاءُ، حضرت صهيب رضه سخت تڪليف ۾ هو. اگهاڙي جسم تتل واري تي پيو هو. عرب جي گرم واري تمام بدن ۾ جلڻ پيد اڪري ڇڏي هئي. پاسريون سڪڙجي ويون هيون. موت ۽ زندگي جي ڪشمڪش ۾ هو. ليڪن اسلام ان جي دل کي ايتري قدر سخت ڪري ڇڏيو هو. جو باوجود ايتري تڪليف جي زبان کان اهو نڪرندو هو ته مري ويندس. مگر اسلام کي نه ڇڏيندس. توهان جو ڪم مارڻ آهي ماريو. ايتري قدر ماريو جو آئون مري وڃان. باقي اوهان جي ڪا به ڳالهه حق ۽ سچ جي خلاف مونکي هرگز منظور ناهي.
    باطل سے دبنے والے ای آسماں نہیں ہم،
    سو بار کر چکا ہے تو امتحان ہمارا۔
    قريش ان نعري حق کي ٻڌي مزيد چڙندا هئا. انهن هن جي مٿي ۾ پٿر هنيا. مٿو ڦاٽي پيو ۽ خون ڦواري وانگر وهڻ لڳو. حواس منتشر ٿي ويا. بي هوش ٿي ويو بي هوشي جي عالم ۾ پاڻي گهريو. مگر انهن وحشين ۾ ڪو به انسان صفت ماڻهو نه هو. جوان بي وس مسلمان جي نڙي ۾ پاڻي جاچند قطرا وجهي.
    حضرت صهيب رضه بي هوش ٿي ويو. چهري تي زردي اچي ويئي. اکيون دٻجي ويون جسم بي حس و بي حرڪت ٿي ويو. مگر ساهه اڃان باقي هوءِ چپ چري رهيا هئا. مڪي جي ڪافرن کي مسلمانن کان اهڙي ته الرجي ٿي ويئي هئي جو اُنهن جي بي هوش ٿيڻ تي به اِنهن کي رحم نٿي آيو. اهي ڪافر انتهائي سنگدلي، انتها ئي بربريت انتهائي شقاوت قلبي سان انهن مسلمانن کي تڪليفون ڏيندي رهيا ٿي. مسلمان تختھ مشقِ جفا بنيل هئا. خدا جي وسيع زمين انهن تي تنگ ٿي رهي هئي. انتهائي سختين باوجود انهن تي ڪلمه توحيد ۽ اسلام جو اهڙو گهرو رنگ چڙهي ويو هو جو شدائد و مصائب برداشت ڪري رهيا هئا. مگر ڪا به سختي انهن کي سڌي رستي کان متزلزل يا هٽائي نه سگهي. جنهن ميدان ۾ مسلمانن تي سختيون ڪيون ويون ٿي. اتي مڪي جي ڪافرن جو مجمع وڌي ويو هو. عورتون، مرد ۽ ٻار هزارن جي تعداد ۾ گڏ ٿي بيٺا هئا. اگرچه ٻنپهرن جو وقت هو ۽ اُس ايتري قدر تيز هئي جو دماغ ٽهڪي رهيا هئا، واري ايتري قدر گرم هئي جو اگهاڙي پير هلڻ وارن جي پيرن جي ترين ۾ ڦوڦا ٿي ويا هئا. گرم ۽ تيز هوا جا جهونڪا جسم کي ساڙي رهيا هئا. ليڪن مڪي جا ڪافر هئا. جن کي مسلمانن تي ظلم و ستم ڪرڻ سان اهڙو مزو پي آيو جو اهي گرم هوا ۽ واري تي بيهه ظلم و ستم ڪري رهيا هئا. سخت اُس ۽ گرم هوا جي به پرواهه نٿي ڪيائون ته من اسان جا بت معبود ”جن جي مسلمانن تذليل ٿي ڪئي، راضي ٿي پون.
    جڏهن حضرت صهيب رومي بي هوش ٿي ويو. ماڻهن نظرون ڦيرائي سامهون ڏٺو ته سو سوا سو ڪافر ٽن مردن ۽ هڪ عورت کي گهليندا پيا اچن. انهن ٽن مرد مسلمانن ۾ هڪ حضرت ابو فڪيهه رضه به هو.
    حضرت ابو فڪيهه جي پيرن ۾ رسو ٻڌل هو. چند ماڻهو ان رسي کي ڇڪيندا اچن پيا. حضرت ابو فڪيهه ڊگهو پيل گهلبو پي آيو. جسم مڪمل اگهاڙو ۽ ساري جسم تان کل لٿل. ڦٽن تي گرم واري چپڪيل، جيڪا انتهائي تڪليف ڏيئي رهي هئي. جڏهن انهن شيطانن جو ٽولو حضرت ابو فڪيهه جي ويجهو آيو ته هڪ باندر نڪري آيو. جيڪو انهن سان گڏ هو ۽ اُميھ به اتي موجود هو. ان ٽوڪ طور چيو. او ابو فڪيهه! ڏس تنهنجو خدا هي آهي.
    ابو فڪيهه ڪنڌ مٿي کڻي باندر کي ڏٺو. ان چيو، اُميھ تون تمسخر نه اُڏاء منهنجو ۽ تنهنجو ٻنهي جو خدا اهو آهي. جنهن مون کي توکي ۽ هن ساري جهان کي پيدا ڪيو آهي. اميھ برو منهن ڪري چيو. او بدبخت اهي مقدس بت اسان جا معبود ۽ خدا آهن جنهن کي اسان جا ابا ڏاڏا ۽ سارو عرب پوڄيندا آيا آهن.
    ابو فڪيهه: پٿر جا بت! تنهنجي هٿن جا ٺاهيل مجسما، مندرن ۾ رکيل مورتيون خدا نٿا ٿي سگهن. خدا ته اهو آهي جنهن جي قبضي قدرت ۾ موت ۽ حيات آهي. جيڪو آسمانن کان برسات وسائي ٿو. هوا کي هلائي ٿو. ظاهر ۽ باطل کي ڄاڻي ٿو. ازل کان آهي ابد تائين رهندو هو اڪيلو ۽ وحده لاشريڪ لھ آهي. نه هن جهڙو ڪو آهي ۽ نه هو ڪنهن جهڙو آهي.
    هي ٻڌي ڪري اُميھ کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. هن جهُڪي ابو فڪيهه جو گلو دٻايو ۽ گهٽو ڏنو. ان جون اکيون ٻاهر نڪري آيون. چهري جو رنگ بدلجي ويو ۽ ساهه رڪجي ويو سڀني سمجهي ورتو هو ته ابو فڪيهه جو ساهه نڪري ويو آهي.
    اُميھ اٿي بيٺو حضرت ابو فڪيهه کي ڏسندو رهيو. ان جي ڏسندي ڏسندي ابو فڪيهه جو ساهه هلڻ لڳو. نڪتل اکيون درست ٿي ويون. ڪجهه دير بعد ان اکيون کوليون. ڪافر ان کي زنده ڏسي سخت حيران ٿيا.
    اُميھ: ابو فڪيهه! ٻڌاءِ ته خدا ڪير آهي؟
    حضرت ابو فڪيهه: خدا اهو آهي، جنهن مونکي ۽ توکي پيدا ڪيو آهي.
    اميھ: او زبان دراز! زبان بند رک نه ته زبان ڇڪي ڪڍي ڇڏيندو سانءِ! بد بخت! سختيون ڏسي رهيو آهين ۽ خدا جي نالي جي رٽ لڳائي رهيو آهين. اڙي شڪاريو وٺوس نه ڇڏيوس!!
    حضرت ابو فڪيهه: اميھ جيس تائين جسم ۾ جان آهي ۽ زنده آهيان. تيسين خدا جو نالو وٺندو رهندس.
    اميھ: ”حاضرين ماڻهن کي“ اڃان هن جو دماغ درست نه ٿيو آهي. ذرا هي پٿر هن جي ڇاتي تي رکو ۽ هڪ وزني پنج ڇهه مڻ جو پٿر جيڪو ويجهو ئي پيو هو. ڪافي سارن ماڻهن گڏجي کڻي ان جي ڇاتي تي رکيو. اهو پٿر وزني ۽ گرم هو. ايترو گرو هو. جو ان جي سيني تي رکڻ سان ان جي زبان ٻاهر نڪري آئي. تڙپي ويو چُري نه سگهيو بي دم ساڪن ٿي ويو.
    اميھ: هاڻ ٻُڌاءِ ته خدا ڪير آهي؟
    حضرت ابو فڪيهه ڳالهائي نٿي سگهيو. ساهه رڪجي رڪجي کڻي رهيو هو. حرڪت ڪرڻ جي قدرت نه هئي. انهي اشاري سان ٻڌايو ته خدا ساهه جي رڳن کان به ويجهو آهي هو هر جاءِ حاضر ۽ ناظر آهي. توکي ۽ مون کي ڏسي رهيو آهي.
    اُميھ ڪجهه ڳالهائڻ گهريو ٿي ته ويجهي کان هڪ دل سوز چيخ جو آواز آيو. سڀني ڪنڌ ڦيرائي ڏٺو. پهرين نگاهه ۾ ڏٺو ته ابوجهل لعين ڀالو هٿ ۾، کنيو بيٺو آهي. ان جي سامهون هڪ پوڙهي عورت ڪمزور بي بي سمعيه هئي جيڪا حضرت يا سرجي زال ۽ حضرت عمار جي ماءُ هئي.
    ابوجهل لعين ان کي هڪ ڀالو عورتاڻي شرم گاهه ۾ هنيو ۽ ٻيو سيني ۾ هنيو هو جنهن سان خون ڦوهاري وانگر جاري هو.

    ابوجهل چئي رهيو هو ته ڪم بخت گولي ڇو ٿي مرين. اڃان به وقت آهي. اقرار ڪري وٺ ته هُبُل سڀ کان وڏو خدا آهي ته بچي ويندين؟
    اگرچه بي بي سمعيه جي سيني ۽ شرم گاهه مان خون جا ڦوهارا جاري هئا. چهرو زرد، اکيون شدت تڪليف جي ڪري، حلقن مان نڪري آيون هيون. ليڪن ان جي باوجود ان جي زبان تي ”هو هڪ آهي“ جو ورد جاري هو.
    سمعيھ: هُبُل خدا ناهي. هو پٿر جو مجسمو آهي. جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو نفعو يا نقصان ناهي. خدا اهو آهي جو خالق ڪائنات آهي. ارض و سماء جو مالڪ آهي، هر وقت، هر هنڌ موجود آهي.
    ابوجهل جو چهرو شدت غيظ و غضب سان متغير ٿي ويو. هن هڪل ڪري چيو ته او خدا جي چَري، هبل جي دشمن، هبل جي شل مارپوي. ڏسان تنهنجو خدا توکي اڄ منهنجن هٿن مان ڪيئن بچائي ٿو؟ ها! ان کي سڏ ڪر، آواز ڏي. حضرت سمعيھ خدا وڏي آواز سان يا آهستي آواز سان پڪار کي ٻڌي ٿو. هو پنهنجي نيڪ ٻانهن جو امتحان وٺندو آهي. ابوجهل ذرا سوچ! ڇا پٿر جون مورتيون جنهن کي توهان يا توهان جي وڏن خود گهڙيو آهي. خود ٺاهيو آهي ڇا اهي خدا ٿي سگهن ٿا؟ خدا جو قسم اهي خدا ناهن. بلڪ خدا اهو آهي جو تمام دنيا جو خالق و مالڪ آهي. عزت، و ذلت، موت و حيات، نفعو ۽ نقصان ان جي هٿ ۾ آهي.
    ابوجهل ڪاوڙ ۾ چرين وانگر وِڦلندي غضبناڪ ٿي، ڪاوڙ ۾ حضرت سمعيه رضه جي دل تي نيزو هنيو. ان جي زبان مان الله جو پيارو نالو نڪتو. اها ڏڪي ويئي ان جي چهري تي مسڪراهٽ جا آثار ظاهر ٿيا. اکيون بند ٿي ويون. جسم ۾ هڪ ارتعاش پيدا ٿيو. نازڪ لبن تي سڪرات جي وقت به هلڪي مسڪراهٽ پکڙڻ لڳي. هڪ دفعي ان اکيون کوليون ۽ چوطرف نظر گهمايائين. ان جي نظرن مان ظاهر هو ته هو ڪي اهڙيون شيون ڏسي رهي آهي. جنهن کي ٻيا ماڻهو ڏسي نٿي سگهيا. هو مسڪرائي، ان جو اهو مسڪرائڻ آخري هو. موت ان جي چپن تي مهرِ سڪوت لڳائي ڇڏي. پوءِ هميشھ لاءِ ان جون اکيون بند ٿي ويون ۽ بهترين موت ان جون تمام تڪليفون هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيون. درندگي، بربريت ۽ سفاڪي جو هي منظر نهايت دلشڪن، نهايت خوفناڪ نهايت نفرت انگيز، نهايت شرم ناڪ هو. هڪ شريف انسان، انساني فطرت رکڻ واري انسان کي ان منظر کي ڏسي. نرمي اختيار ڪرڻ کپي. مگر انهن وحشي ماڻهن ۾ شريف انسان هڪ به نه هو. انهن ڪنهن جي به دل حضرت سمعيه جي مرڻ تي متاثر نه ٿي. بلڪه جهڙي طرح بگهڙ کي هڪ خون ڪرڻ کان بعد مزيد خون ڪرڻ جي عادت پئجي ويندي آهي. اهڙي طرح اُهي به مزيد خون ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا هئا.
    تمام ڪافرن هي گهريو ٿي ته ڪنهن نه ڪنهن نموني مسلمان اسلام ڇڏي. واپس ڪافر ٿي وڃن. انهي ڪري هو. مسلمانن تي ظلم و ستم جا پهاڙ ٽوڙي رهيا هئا ۽ مسلمان جان ڏيئي رهيا هئا. مگر ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍيائون ۽ اسلام تي ثابت قدم رهيا.
    حضرت عمار رضه جڏهن پنهنجي والده محترمھ کي شهيد ٿيندي ڏٺو ته محبت جوش کاڌو اُهو پنهنجي والده جي لاش جي ڀر ۾ ويهي رهيو. والده جو مٿو مبارڪ کڻي پنهنجي گوڏن تي رکيو ۽ ان جي واري ڀريل وارن کي صاف ڪندي چيو! اي منهنجي جيجل، جان کان وڌ پياري ماءُ، ظالمن توکي هلاڪ ڪيو آهي. اڄ منهنجي خوشين جو سج لهي ويو. آئون ڪيترو بدنصيب آهيان. جو تنهنجي خدمت ڪري نه سگهيس. ڪاش! مون کي به پاڻ سان گڏ وٺي وڃين ها؟ آه، مگر تنهنجو خدا تو سان گڏ آهي.
    ان وقت اتي خدا جو نالو وٺڻ گويا ڪ ڪافرن کي ظلم جي دعوت ڏيڻ هو. جيس تائين حضرت عمار رضه رُئندو رهيو ۽ بَين ڪندو رهيو. تيسين ڪافر چپ چاپ بيهه ٻڌندا رهيا. مگر جڏهن ان خُدا جو نالو ورتو ته تمام ڪافر بگڙي ويا. سڀئي ان تي ٽٽي پيا. لَتن، مُڪن، ٺونشن ۽ پٿرن سان مارڻ شروع ڪيائون. ايتري قدر ماريائون جو هو بيهوش ٿي پنهنجي ماءُ جي لاش مٿان ڪري پيو.
    حضرت ياسر رضه به ويجهو ئي بيٺو هو. زال جو موت ۽ پٽ جو اکين سامهون مار کائيندي ڏسڻ. هُن جو بي هوش ٿي وڃڻ. سخت مغموم ڪيو ۽ ڏاڍو بي قرار ٿيو. مگر ڪري ڪجهه به نه ٿي سگهيو.

    انهي چيو: اي بدبختو توهان مان ڪو به هڪ خدا جو اهڙو بندو ناهي. جو ان جي بي گناهه ۽ بي زبان مخلوق تي رحم ڪري. خدا جو نالو انهن اڳيان ائين هو جيئن ماءُ تي گار.
    ڪافرن خدا جو نالو ٻڌندي ئي طيش ۾ اچي ويا. انهن مان ڪنهن لَت ڪنهن مُڪ ڪنهن ٺونشي سان مارڻ شروع ڪيو ۽ چوڻ لڳا ته اي بي وقوف پوڙها خيالي خدا جو نالو ٿو وٺين. خيالي خدا کي ڇڏ ۽ اسان جي معبودن جو اقرار ڪر ته بچي وڃين.
    حضرت ياسر اهو ناممڪن آهي. مسلمان ان خدا جي پوڄا ڪندو آهي، جيڪو خالق عالم ۽ قادر مطلق آهي. ان جو مٿو ڪڏهن به ڪوڙن معبودن ۽ مٽي جي بتن جي سامهون جهڪي نٿو سگهي.
    ابوجهل: ”سخت ڪاوڙ مان“ او جان جا دشمن! توکي اسان جي معبودن جي سامهون مٿو جهڪائڻو پوندو.
    حضرت ياسر رضه: جيسين بدن ۾ طاقت، جسم ۾ روح ۽ دماغ ۾ سوچ جي قوت باقي آهي. تيسين تائين ته اهو ڪم غير ممڪن ۽ محال آهي. ڇا منهنجو مٿو؟ ڇا ڪنهن مسلمان جو مٿو؟ ڪنهن پٿر جي بت جي سامهون جهڪي وڃي. اهو ٿي نٿو سگهي. ڪٽجي ته سگهي ٿو باقي جهڪي نٿو سگهي.
    ابوجهل: ايتري قدر پختو ارادو، چڱو ڏسان ڪيس تائين تون پنهنجي ضد تي قائم رهندين. اهو چوندي ئي ان پنهنجن ماڻهن کي ٻه اُٺ آڻڻ جو حڪم ڏنو ماڻهو ڊوڙندي ويا ۽ ٻه اُٺ وٺي آيا. ٻنهي اٺن تي تنگ ڇڪيل هئا.
    ابوجهل: ياسر اڃان ڪجهه به بگڙيو ناهي. اسان جي معبودن جي ربوبيت جو اقرار ڪري وٺ بچين ويندين. نه صرف بچي ويندين بلڪ دولت سان مالا مال ڪري ڇڏيندس ڪم بخت زنده رهه ۽ آرام و راحت سان زندگي بسر ڪر.
    حضرت ياسررضه: ابوجهل هي دنيا چار دن ڪي چاندني آهي. آخرت دائمي آهي. آخرت جو آرام به دائمي آهي ته آخرت جي تڪليف به دائمي آهي. جنهن کي آخرت ۾ آرام مليو ان حقيقي آرام حاصل ڪيو. جنهن کي آخرت ۾ تڪليف پهتي ان زندگي جو ماحصل وڃائي ڇڏيو. خدا پاڪ ارشاد فرمايو آهي ته توهان خدا کان سواءِ جن شين جي پوڄا ڪريو ٿا. اهي سڀ دوزخ جو ٻارڻ ٿيندا. ان کُلي تنبيھ کان پوءِ حقيقي معبود کي ڇڏي مصنوعي بتن جي سامهون مٿو جهڪائڻ مسلمان جو شان ناهي.
    موحدچه برپاءِ ريزي زرش، ڪه شمشير هندي نهي بر سرش،
    اميد و حراسش نه باشدزڪس، برين است بنياد توحيد و بس.
    ترجمھ: ان هيڪڙائي جي طالب کي لالچ ۽ ڊپ، ان هڪڙي خدا کانسواءِ ڪنهن جو به ناهي، اگرچه ان جي قدمن ۾ سون جا ڍير ڪيا وڃن يا ان کي هندستاني تلوار سان ٽڪرا ٽڪرا ڪيو وڃي. ان وٽ اهو ئي توحيد جو بنياد آهي ۽ اها ئي آخري ڳالهه آهي.
    ابوجهل: چڱو ڪا ڳالهه ناهي. هاڻ توکي زبردستي بتن کي سجدو ڪرايو ويندو ان پنهنجي ماڻهو کي اشارو ڪيو. جنهن هڪ اُٺ سان ان جي هڪ ٽنگ ۽ ٻانهن ٻڌي. ٻي اُٺ تي ٻي ٽنگ ۽ ٻانهن ٻڌي. اهڙي طرح حضرت ياسر رضه ٻنهي اٺن جي وچ ۾ لٽڪڻ لڳو.
    ابوجهل: ياسر ڇا اسان جي معبودن کي سجدو ڪندين يا نه؟
    حضرت ياسر رضه: آخري ساهه تائين نه، ابوجهل اوٺين کي اشارو ڪيو. انهن ٻنهي اُٺن کي مخالف سمت ۾ هڪليو، اُٺ هليا. قضا آئي. حضرت ياسر رضه اڌ مان چيرجي ٻه ٽڪر ٿي ويو. ملڪ الموت ان کي ڀلي ڪار چئي پنهنجي ڀاڪر ۾ ورتو ۽ ان جي مصيبت جو هميشھ لاءِ خاتمو ٿي ويو. اسان مڪي جي ڪافرن جا ظلم تمام گهٽ بيان ڪيا آهن. تاريخ جا ڪتاب ان نادر روزگار، ظلم سان ڀريا پيا آهن. اسان عبرت لاءِ چند واقعات تي اڪتفا ڪيو آهي.


    ابوجهل جو موت ۽ رُسوائي

    حضرت عبدالرحمان بن عوف رضه مشهور صحابي آهي. اهو فرمائي ٿو ته بدر جي لڙائي ۾ آئون جنگ وڙهڻ وارن جي صف ۾ بيٺل هوس. مون ڏٺو ته منهنجي کٻي ۽ سڄي انصار مدينھ جا ٻه ننڍا ڇوڪرا آهن. مون کي خيال آيو ته ڪاش! اڄ آئون ڪنهن مضبوط تجربي ڪار بهادر جي پاسي ۾ بيٺل هجان ها ته ضرورت جي وقت هڪ ٻي جي مدد ڪري سگهون ها. مگر منهنجي ٻنهي پاسن کان ٻه ننڍا، ناتجربي ڪار ڇوڪرا آهن. اهي ڪهڙي مدد ڪندا. ايتري ۾ ٻنهي ڇوڪرن مان هڪ ڄڻي منهنجو هٿ پڪڙي پڇيو ته چاچا سائين، ڇا توهان ابوجهل کي سڃاڻو ٿا؟
    مون هن کي جواب ڏنو ته ها، آئون ان کي سڃاڻان ٿو. اوهان جو ان جي باري ۾ پڇڻ جو مقصد ڇا آهي؟
    ان ڇوڪري جواب ڏنو ته چاچا سائين مون ٻڌو آهي ته هو بي ايمان مسلمانن جو سخت دشمن آهي. مسلمانن کي سخت تڪليفون ڏي ٿو ۽ حضرت محمد مصطفيٰﷺ جن جي شانِ اقدس ۾ گستاخي ۽ بڪواس ڪري ٿو ۽ پاڻ ڀلارن کي گاريون ڏي ٿو. آئون خدا جو قسم کڻي چوان ٿو ته اگر آئون ان گستاخ رسولصه کي ڏسان ته ان کي هرگز نه ڇڏيندس. جيس تائين ڪه يا هو مري وڃي يا مان مري وڃان مون کي ان ٻارڙي جي ان سوال و جواب تي ڏاڍو تعجب ٿيو. ايتري ۾ ٻي ڇوڪري به ساڳيو سوال ڪيو ۽ ساڳيو جواب ڏنائين.
    خدا کي ائين ڪرڻو هو. جو اتفاق سان ميدان ۾ ابوجهل بحيثيت ڪمانڊر انچيف گهوڙي کي ڊوڙائيندو. لشڪر جون صفون سڌيون ڪرائيندي. فوج کي هدايتون ڏيندي پري کان اسان جي سامهون نظر آيو. مون انهن ٻنهي کي چيو ته توهان جو مطلوب جنهن جي باري ۾ توهان مون کان پڇي رهيا هئا. اُهو هو سامهون گهوڙي تي وڃي رهيو آهي. اڃان منهنجي اشاري جي دير هئي. اُهي ٻئي پا پيادا. تلوارون هٿن ۾ بازواري شوڪر ڪري، ابوجهل ۽ سندس گارڊز اڃان سنبريا به نه هئا ته هنن مان هڪ ڄڻي گهوڙي جي منهن تي تلوار هلائي ۽ ٻي ابوجهل جي ٽنگ تي حملو ڪري ڏنو ابوجهل گهوڙي سميت لڙائي جي ميدان ۾ ڌڙام پٽ تي اچي ڦهڪو ڪيو. انتهائي جلدي ۾ ٻنهي ڄڻن ابوجهل جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو. ”مر گيا مردود ته ختما نه درود“. انهن ٻنهي ڇوڪرن مان هڪ جو نالو معاذ بن عمرو بن جموح ۽ ٻي جو نالو معاذ بن عَفراء هو. معاذ بن عمرو چوي ٿو ته جنهن مهل مون ابوجهل جي ٽنگ تي حملو ڪيو هو ته ابوجهل جو پُٽ عڪرمھ به سندس حفاظت ۾ ان سان گڏ هلي رهيو هو. ان منهنجي ڪلهي تي حملو ڪيو. جنهن سان منهنجي هڪ ٻانهن ڪٽجي ويئي ۽ صرف کل ۾ لٽڪيل رهجي ويئي. مون ان لٽڪيل ٻانهن کي پنهنجي پٺي تي رکي ڇڏي. سڄو ڏينهن ٻي هٿ سان لڙندو رهيس. مگر جڏهن مون ڏٺو ته اها منهنجي ڪم ۾ رڪاوٽ بنجي رهي آهي ته پوءِ مون پنهنجي پير جي هيٺان رکي زور سان ڇڪيو ته اها منهنجي ٻانهن کل سميت مون کان جدا ٿي ويئي. مون اُن کي ميدان ۾ اڇلائي پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويس.
    هي سڀ الله جو فضل آهي. جنهن کي ڏي ۽ جنهن کان ڪم وٺي. هُن، هِن مغرور ۽ متڪبر کي ٻن ابابيلن جي هٿان جهنم رسيد ڪرائي ڇڏيو.


    ڇا اسلام تلوار جي زور تي پکڙيو آهي

    هي شيطاني مظالم، هي وحشيا نه درندگي، هي هولناڪ ستم، بي وس ۽ مجبور مسلمانن تي ڪيا ويا. قرون اِوليٰ ۾ جهڙي طرح مسلمانن تي ظلم ڪيا ويا. ان جا مثال تاريخي دنيا ۾ تمام گهٽ ملن ٿا.
    تاريخ ابن خلدون م لکيل آهي ته قريش مڪه مسلمانن کي اهڙي طرح ستايو جو ظلم و ستم جي تاريخ ۾ ان جو مثال پيدا ڪرڻ قريش جي يڪتائي ستم جي توهين آهي. گويا ڪه جيتري قدر مظالم انساني دماغ ۾ اچي سگهيا ٿي. اهي سڀ قسم جا مظالم، مظلوم، بي ڪس، بي وس مسلمانن تي ڪيا ويا. مسلمان صبر و استقلال سان اهي تمام مظالم برداشت ڪندا رهيا. جيڪي هنن تي ڪيا ويا. بعض احمق، تاريخ کان ناواقف ۽ نابلد ماڻهو چون ٿا ته اسلام تلوار جي زور تي پکڙيو آهي. انهن ضدي ماڻهن کي واقعات ۽ حقيقت جو ڪو به پتو ناهي. جيڪا ڳالهه انهن جي خناث دماغ ۾ اچي ٿي. اها چئي ٿا ڇڏين. اگر اهڙا ماڻهو تعصب جي عينڪ لاهي. تاريخ جو مطالعو ڪن ۽ اگر پڙهيل ناهن يا پڙهي نٿا سگهن ته ڪنهن کان ٻڌي وٺن ها. پوءِ اهڙي غلطفهمي ۾ مبتلا نه ٿين ها.
    پر سمجهون ٿا ته اها ڳالهه به ناهي. ڄاڻين به ٿا ۽ چڱي طرح ڄاڻين ٿا ته اسلام تلوار جي زور تي نه، بلڪ قدرتي مذهب هجڻ جي ڪري، انساني فطرت جي عين مطابق هجڻ جي ڪري، پنهنجي حقانيت جي تاثير جي ڪري ۽ باني اسلام جي مڪارم الاخلاق جي ڪري پکڙيو آهي. پکڙي رهيو آهي ۽ قيامت تائين پکڙندو رهندو. دنيا جا عظيم دانشور، اسڪالر، فيلسوف ۽ مڃيل حڪماء، اسلام ۽ باني اسلام جي صداقت ۽ امانت جي سامهون سر تسليم خم ڪن ٿا. ان جي صداقت جي شاهدي ڏيندي مسلمان ٿي رهيا آهن. انهن جي اسلام قبول ڪرڻ کي دنيا جي ڪا طاقت روڪي نٿي سگهي. روز به روز مسلمان ٿي رهيا آهن ۽ اسلام وڌي رهيو آهي. اگر ڪو چميڙو ”شبپره“ سج کي ان جي تيز روشني جي ڪري نٿو ڏسي سگهي ته اها ان جي بدنصيبي آهي يا تعصب پرستي آهي. ان ۾ سج جو ڪهڙو قصور، اهو ان هٺ ڌرمي ”مين نه مانون“ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.
    ها! ها! پري ڇو وڃو، تازو اسان جي سامهون برطانوي صحافڻ مريم ريڊلي جيڪا هڪ ماهر سيڪالائيجسٽ دنيا جي مڃيل صحافڻ ۽ صهافت جي آسمان جي ماهتاب جو علي الاعلان مسلمان ٿيڻ. اسلام جي حقانيت کي دنيا جي آڏو صحيح صورت ۾ پيش ڪرڻ ڪا لِڪي ڇُپي ڳالهه ناهي، هن جو چوڻ ته دين فطرت ۾ سماوات، قانون عدل، نه تبديل يندڙ سندس اصول، هر شخص ۽ هر زماني سان مطابقت رکندڙ سندس قانون، حقوق الله سان گڏ حقوق العباد جو خاص خيال رکڻ جو تاڪيد ۽ داعيء اسلام حضرت محمد مصطفيٰﷺ جن ۽ سندن متبعين جي اخلاق ۽ اخلاص مونکي مجبور ڪيو ته آئون مسلمان ٿيان ۽ آئون مسلمان ٿيس.
    دنيا لاءِ منهنجو اهو پيغام آهي ته اگر توهان دارين جي فلاح و ڪاميابي چاهيو ٿا ته دير نه ڪريو ۽ دين فطرت کي قبول ڪري، پاڪ ڪلمون پڙهي مسلمان ٿيو. دير ڪرڻ سان متان وقت نڪري وڃي ۽ افسوس جا هٿ مهٽڻا پون.
    انهي کان علاوه مزيد معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ دعويٰ اڪيڊمي اسلام آباد جو ڇاپيل ڪتاب ”اسان ڪيئن مسلمان ٿياسون“ پڙهي ڏسو اسلام دين فطرت آهي. جنهن انسان ۽ حيوان، جيت ۽ جانور، عورت ۽ مرد، اڪثريت ۽ اقليت، ننڍي ۽ وڏي، هجر ۽ شجر، شهري ۽ غير شهري، امير ۽ غريب، شاهه ۽ گدا، غلام ۽ آقا، ظالم ۽ مظلوم، حاڪم ۽ محڪوم غرضيڪ سڀني جا مساوي حق بيان ڪيا آهن.
    جنهن جي واقفيت لاءِ سيرت رسول مقبولﷺ جو مطالعو ۽ خطبھ حجت الوداع جيڪو هڪ عالمي منشور آهي. پڙهي ته ڏسو... اسلام ۾ حقوق الله کان علاوه حقوق العباد ۽ مخلوق الاهي جي حقن جو خاص خيال رکڻ جو تاڪيد ڪيو ويو آهي.
    روزو ۽ نمازون اِي پڻ چڱو ڪم،
    هو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرين کي.
    اهو ٻيو فهم حقوق العباد جي ادائگي آهي. خالق ڪائنات پنهنجا حق ته پنهنجي ڪريمانه ۽ رحيمانه وصف جي ڪري ستاري ڪري سگهي ٿو. مگر حقوق العباد معاف نٿو ڪري سگهي. بشرطيڪ هو متاثر ۽ مظلوم خود معاف ڪري.
    جهڙي طرح سج جي موجودگي لاءِ سج خود دليل آهي، اهڙي طرح اسلام جي حقانيت لاءِ اسلام خود دليل آهي. ان جي حقانيت لاءِ ٻي ڪنهن دليل جي ڪا ضرورت ناهي. باني اسلام ﷺ جي سچائي لاءِ ان جا اخلاق مُحسنه، ان جي مبارڪ زندگي جي سيرت و صورت ۽ دشمنن جي شاهدي ته اي محمد تون صادق و امين آهين. تون ڪڏهن به ڪوڙو نٿو ٿي سگهين. ايتري قدر سچائي جي شاهدي جي باوجود ڪو ضدي ۽ تعصبي نٿو مڃي ته اهو تعصب براءِ تعصب آهي ته ”اسلام تلوار جي زور تي پکڙيو آهي.“


    اڪابرين اسلام جا مثالي چند واقعا

    اسان جو نبي صلعم محسنِ انسانيت، سردارِ دوجهان، صاحبِ لولاڪ و المعراج آرزوءِ زمن، مڪارم الاخلاق جي مالڪ جي سيرت طيبھ جي باري ۾ پوري دنيا جي ڪابه لائبرري اهڙي ناهي جنهن ۾ انسان ڪامل جي مبارڪ زندگي جي باري ۾ ڪو ڪتاب نه هجي. بلڪه اُسوه حسنه تي ضرور ڪئين ڪتاب هوندا. اگر نه هوندا ته اها لائبرري نامڪمل ۽ ناتمام آهي.
    پاڻ ڀلارن جو هجرت وقت ڪافرن ۽ قريش جون امانتون واپس ڪرڻ ۽ فتح مڪي جي وقت فاتحانه انداز ۾ مڪي ۾ داخل ٿيڻ. عام معافي جو اعلان ڪرڻ ته لاتثريب عليڪم اليوم اڄ توهان تي ڪو پڇاڻو ناهي، توهان سڀ آزاد آهيو. ”سبحان الله“
    بار بار حقوق العباد جو فڪر ڏيارڻ، خاص طور عورت ۽ غلامن جي حقن جي باري ۾ آخري وقت تائين تاڪيد ڪرڻ، جنگ هجي يا امن، دوستي هجي يا دشمني، صلح هجي يا لڙائي، مگر تحمل ۽ برد باري جو دامن ڇڏڻو ناهي.
    اعلان ڪن ٿا ته خبردار!! ميدان جنگ ۾ ڪنهن عورت ٻار، پوڙهي، بيمار گهر اندر ويٺل تي ڪڏهن به هٿ ڊگهو نه ڪجو، ڪنهن کي به مسلو نه ڪجو يعني ڪنهن جو به ڪو عُضوو نَڪ، ڪَن، چَپ نه ڪاٽجو، اگر توهان ايئن ڪندا ته نه توهان منهنجا آهيو ۽ نه آئون توهانجو.
    تاريخ جي سيني ۾ اسان جي اڪابرين جون هي ڳالهيون قيامت تائين قائم ۽ دائم رهنديون. پنهنجا ته خير، مگر ڌاريان به شاهدي ڏيندا ته دين فطرت ۾ ڪي اهڙيون خوبيون آهن جو دشمن جي دل تي به پنهنجو تاثير ڄمائي ٿيون ڇڏين، لامحدود اهڙا واقعا آهن. جيڪي دين فطرت جي برحق ۽ سچ هجڻ جون شاهديون ڏين ٿا.
    * هڪ ڀيري آنحضرت صلعم جن ڪيڏهن وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ هڪ يهودي مليو ان چيو ته اي محمدﷺ مونکي تو ۾ ڪم آهي، توسان ڳالهه ڪرڻي آهي. پاڻ ڀلارا بيهه رهيا ۽ فرمايائون ته ٻڌاءَ ڪهڙو ڪم آهي.؟
    اهو يهودي گهر ويو ۽ اتي ڪنهن مشغولي جي ڪري، ان کي اها ڳالهه وسري ويئي ته ائون ڪنهن سان ملڻ جو وعدو ڪري آيو آهيان ۽ پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويو. ٽن ڏينهن کان پوءِ اهو يهودي اُنهي ساڳي رستي کان مٽيو. ڏسن ته محمد بن عبدالله ساڳي هنڌ بيٺو آهي. ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ چوي پيو ته اي محمد ڇا تون اڃان اتي بيٺو آهين؟ مونکي ڳالهه وسري ويئي مون سمجهيو ته توهان هليا ويا هوندا.
    پاڻ ڀلارن نه ڪاوڙ ڪئي نه ئي ڏوراپو ڏنائون،فرمايائون ته مون توسان بيهڻ جو واعدو ڪيو هوم. هاڻ ڪيئن واعدي خلافي ڪيان؟ متان سڀاڻي چئو ته مسلمانن جو نبي وعده خلاف آهي. ها! توهان پنهنجو ڪم ٻڌايو اهو يهودي فوراً ڪلمون پڙهي مسلمان ٿيو. ان ڏٺو ته جنهن دين ۾ ٻي جي دل ايذائڻ ۽ وعدي پاڙڻ جي ڪيڏي نه اهميت آهي. جو مسلمانن جو نبي وعدي پاڙڻ لاءِ ٽي ڏينهن انتظار ۾ بيٺو رهيو. اهو ئي دين برحق ۽ سچ آهي.
    * شهنشاهه فارس هُرمَز ان جيڪو ڏاڍو متڪبر ۽ هٺيلو انسان هو. جنهن مسلمانن کي ايذائڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي هئي. آخرڪار گرفتار ٿي. حضرت فاروق اعظمرضه جي حضور ۾ پيش ڪيو ويو.
    حضرت عمر فاروقرضه فرمايو ته ”اَسلِم تُسلِم“ اگر ڪلمون پڙهي مسلمان ٿينئن ته امن ۽ سلامتي وارو آهين. اگر مسلمان نٿو ٿينئن ته پوءِ قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. مگر اُن هٺيلي صاف صاف انڪار ڪيو ته آئون اسلام قبول ڪونه ڪندس. حضرت عمررضه سائين ان جي قتل جو حڪم صادر فرمايو ۽ جلاد کي گهرايو ويو.
    انهي شاههِ فارس هڪڙي چالبازي هلايائين. حضرت عمررضه کي عرض ڪيائين ته آئون ڏسان پيو ته مونکي عنقريب قتل ڪيو ويندو. مگر مسلمانو مونکي پاڻي پياريو. پاڻي گهرايو ويو. پيالو ان جي هٿ ۾ ڏنو ويو، پيالو وٺي هن چؤطرف نهاريو ۽ چيائين. اي مسلمانن جا بادشاهه عمر آئون سمجهان پيو ته تنهنجو جلاد مونکي پاڻي پيئڻ ڪونه ڏيندو، آئون پاڻي پيئڻ شروع ڪندس ۽ هي مونکي پاڻي پيئڻ دوران قتل ڪري ڇڏيندو. تنهن ڪري انهي پاڻي پيئڻ تائين مونکي امان ملي.
    حضرت عمر فاروقرضه فرمايو ته اي ”هُرمَزان“ آئون توسان عهد ٿو ڪريان ته جيسين تائين تون هي پاڻي پي ختم نه ڪندين تيسين تائين تون بلڪل مَامون آهين. اِهو ٻڌي ڪري ان يڪدم پاڻي زمين تي هاري ڇڏيائين ۽ چيائين ته هاڻ توهان مونکي قتل ڪري نٿا سگهو. ڇو ته هاڻ ان پاڻي جو پيئڻ ممڪن ناهي ۽ ان جي پيئڻ تائين مونکي امن آهن ۽ مسلمان پنهنجي وعدي جو پابند ۽ پڪو هوندو آهي. حضرت عمررضه امير المؤمنين فرمايوت ها هو موعود پاڻي ختم، ”هُرمَزان“ آزاد هاڻ هن تي ڪابه پابندي ناهي.
    ”ف“ هُرمَزان کي پنهنجي چال تي ايترو ڀروسو هو ۽ چڱي ريت ڄاتائين ٿي ته حضرت عمررضه جي ان فرمان تي ته، ”تون جيسين پاڻي پي نه وٺندين، تيسين هرگز قتل نه ڪيو ويندين.“ قتل ڪونه ٿيندس، ان چال سان بچي ويندس اهو واقعو ڏسي هُرمَزان فوراً ڪلمون پڙهي مسلمان ٿيو ته واقعي هي دين برحق ۽ سچ آهي. جنهن ۾ مخالف دشمن سان به ايترو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو.
    * هڪ ڀيري حضرت علي ڪرم الله وجهھ جن لڙائي جي ميدان ۾ هڪ يهودي کي دسي ڇاتي تي چڙهي ويهي رهيو ۽ ذبح ڪرڻ جو ارادو ڪيائين. ”مرندڙ ماڻهو مرڻ مهل ڪهه به ڪري سگهي ٿو. ڇو ته هن جو هاڻ اهو آخري وقت آهي.“ ان بدبخت ڇا ڪيو جو حضرت علي ڪرم الله وجهھ جي چهري مبارڪ تي ٿُڪيو. هاڻ ٿيڻ ته اينئن کپندو هو ته حضرت علي ڪرم الله وجهھ ان کي فوراً ذبح ڪري ڇڏي. مگر اُن يهودي جي ٿُڪڻ بعد پاڻ سڳورا ان جي ڇاتي تان لهي اُٿي بيهه رهيا ۽ فوراً ان کي ڇڏي ڏنو.
    اهو يهودي ڏاڍو متعجب ٿيو ته منهنجي ان حرڪت تي ته ان کي گهربو هو ته، هو مونکي جلد قتل ڪري ۽ ڪنهن به طرح جيئرو نه ڇڏي. مگر هن ته معاملو برعڪس ڪيو آخر ان کان رهيو نه ٿي سگهيو ۽ حضرت علي شيرِ خدا کان ان جو سبب پڇيائين ته توهان مونکي ڪافر ۽ دشمن سمجهي قتل ڪرڻ گهريو پئي، ۽ منهنجي ٿُڪڻ تي توهان مونکي ڇڏي ڇو ڏنو. اهو ڇو؟ حالانڪه انهي منهنجي ٿُڪڻ واري فعل سان نه منهنجو ڪفر گهٽيو ۽ نه ئي منهنجي سابقه عادت ختم ٿي، آئون ته قتل ٿيڻ جو وڌيڪ حقدار هوس.
    حضرت علي المرتضيٰ فرمايو ته واقعي ان فعل کان پوءِ منهنجو توکي آزاد ڪرڻ بظاهر عجيب آهي، مگر ڳالهه هي آهي ته اول جڏهن مون تو تي حملو ڪيو، ته انهي وقت بجز رضاءِ الٰهي جي، مونکي ٻي ڪابه شئي مطلوب نه هئي ۽ جڏهن تو منهنجي مٿان ٿُڪيو ته مونکي ڏاڍي ڪاوڙ ۽ جوشِ انتقام پيدا ٿيو. مون ڏٺو ته هاڻ منهنجو توکي قتل ڪرڻ محض رضاءِ الٰهي خاطر نه هوندو بلڪه ان ۾ منهنجي نفس جي ملاوٽ به ٿي ويندي ۽ مون اهو نه گهريو ته نفس کي خوش ڪرڻ لاءِ پنهنجي عمل کي ضايع ڪري ڇڏيان، انهي لاءِ توکي ڇڏي ڏنم. انهي يهودي اها ڳالهه ٻڌي فوراً ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيو ۽ سمجهي ويو ته واقعي اهو ئي مذهب حق ۽ سچ آهي، جنهن ۾ شرڪ کان ايتري قدر نفرت ڏياري ويئي آهي، جو ڪو به ڪم نفس لاءِ نه ڪريو، بلڪه محض رضاءِ الٰهي خاطر ڪريو.


    عدم تشدد جي تعليم جو حڪم

    خالق ڪائنات رب العالمين پنهنجي قانون فطرت ”قرآن پاڪ“ ۾ فرمائي ٿو ته،”قَدْ تَّبَيَّنَ الرُّشْدُ مِنَ الْغَيِّ ۚ“ دين ۾ ڪا به زبردستي ۽ ڏاڍ ناهي. اسان ٻئي رستا ڏيکاري ڇڏيا آهن. هدايت ۽ گمراهي روز روشن وانگر ظاهر آهن. هاڻ اختيار آهي ته هر ماڻهو جيڪو به رستو اختيار ڪري ڪنهن تي به جبر ناهي.”لَكُمْ دِيْنُكُمْ وَلِيَ دِيْنِ“ توهان کي جيڪڏهن توهان جو دين پسند آهي ته بهتر خوب. اسان کي اسان جو دين پسند آهي ته بهتر خوب ڪنهن کي به ٻي جو دين زبردستي سان اپنائڻ جي ڪا به نه اجازت آهي نه ئي ڪا ضرورت آهي ۽ زوري جي ميهندي لڳندي به ناهي، جڏهن لڳندي به ناهي ته پوءِ رنگ به ڪندي ناهي.


    عدم تشدد لاءِ هادي اعظمﷺ جي هدايت

    1. محسن انسانيتﷺ جن فرمايو ته توهان زمين وارن تي رحم ڪريو آسمان وارو توهان تي رحم ڪندو.
    2. توهان مان صحيح مسلمان اهو آهي. جنهن جي هٿ ۽ زبان جي شر کان ٻيو انسان محفوظ رهي. جيڪي پنهنجي لاءِ پسند ڪريو. اهو ٻي انسان ڀاءُ لاءِ پسند ڪريو ۽ جيڪو پنهنجي لاءِ ناپسند سمجهو ٿا. اهو ٻي لاءِ به ناپسند سمجهو. پوءِ اهو چاهي مسلم هجي يا مجوسي هجي.
    3. اي منهنجا امتيو وڏي جو ادب ڪريو. ننڍي تي شفقت ڪريو. هڪ جيڏن سان پيار و محبت سان هلو. سلام ڪرڻ ۾ پهل ڪريو. انهي سان قرب ۽ همدردي وڌندي.
    4. پاڙيسري سان سهڻو سلوڪ ڪريو. اگر ڪو مسلمان رات جو پيٽ ڀري سمهي رهيو ۽ سندس پاڙيسري بکيو رهيو ته اهو مسلمان بهشت جي بوءِ به نه چکندو.
    5. گهر ۾ اگر ڀاڄي پچايو ته ان ۾ پاڻي گهڻو وجهو متان پاڙي ۾ ڪنهن ڀاڄي نه پچائي هجي ۽ هو رُکي ماني کائيندو هجي. ان کي ڀاڄي موڪليو.
    6. اگر گهر ۾ فروٽ واپرايو هجي ته ان جا ڇلڪا ”کلون“ ٻاهر گهٽي ۾ اڇلائي نه ڇڏيو متان غريب جو ٻار ڏسي ۽ ان ۾ احساس محرومي پيدا ٿئي.
    7. جانور کي ذبح ڪرڻ وقت تيز ڌار اوزار سان ذبح ڪريو. مڏي ڪاتي سان ذبح نه ڪريو ان سان جانور کي تڪليف ٿيندي آهي.
    8. ڪنهن به موذي جانور کي ماريو ته هڪ ڌڪ سان ماريو چچري چچري نه ماريو ان کي باهه ۾ جيئرو نه ساڙيو.
    9. ٻِر ۾ ڪاڪوس يا پيشاب نه ڪريو. آخر هو به ڪنهن جو ته گهر آهي ۽ پڻ ان ۾ ڪو زهريلو جيت هجي جو توهان کي ڏنگي وجهي.
    10. سبز ۽ سايه دار وڻ کي نه ڪٽيو. ڇو ته ڪو مسافر يا جاندار ان جي هيٺان آرام حاصل ڪندو. رستي ۾ ڪو ڪنڊو يا پٿر هجي ته ان کي هٽائي ڇڏيو. متان نه ڪنهن جي تڪليف جو ڪارڻ بنجي.
    11. ماءُ پيءُ جي خدمت ڪريو. هو اوهان جي خدمت جا محتاج آهن ۽ هنن ڏکي وقت ۾ اوهان جي پرورش ڪئي آهي. انهن کي محبت جي نظر سان ڏسندا ڪريو. انهن کي محبت جي نظر سان ڏسڻ ۾ مقبول حج جو ثواب ملي ٿو. اگرچه هو ڪافر يا مشرڪ ڇو نه هجن.
    12. فتح مڪي جي وقت، اگرچه ڪفار قريش ۽ مشرڪين مڪه جو ساهه مٺ ۾ هو ڇو ته مڪي کان هجرت وقت هُنن جيڪي پوکيو هو اهو سامهون هو. مگر صاحب مڪارم الاخلاق ا۽ محسن انسانيت فرمايو ته لاتثريب عليڪم اليوم اڄ ڏينهن توهان تي ڪنهن به قسم جي پڪڙ يا ڏاڍ ناهي. سڀني کي منهنجي طرفان عام معافي جو اعلان آهي. ڇا دنيا جي تاريخ ۾ ڪنهن فاتح ائين ڪيو هجي؟ ڏيکاريو.
    اي متعصبو!! سوچو!! سوچو!!
    جڏهن ته ان عظيم هستي وٽ حيوانات، جمادات، نباتات جو ايترو احترام آهي ته پوءِ هو انسانيت تي ڪيئن ايترو ڏاڍ ۽ تشدد ڪري پنهنجو نطريو زوري مسلط ڪندو. مگر تاريخ شاهد آهي ته هُن ۽ هُن جي متبعين، پيار، محبت، قرباني، ايثار، اخلاق، اخلاص ۽ ڪردار جي زنجيرن ذريعي هر ڪنهن کي پنهنجو گرويدو بنائي ڇڏيو. مگر اهي تعصبي ۽ ضدي حقيقت حال کان خالي. ٻين کي مغَالَطي ۾ وجهڻ لاءِ غلطفهمي ۾ مبتلا ڪرڻ لاءِ، اسلام کان متنفر ڪرڻ لاءِ، اهي مادر پدر ۽ اخلاق کان آزاد ذهن، اسلام جو غلط تعبير ۽ تليس ابليس ڪري پنهنجي خباثت جو اظهار ڪندي غلط ۽ بالڪل بي بنياد چئي ٿا ڏين ته ”اسلام تلوار جي زور تي پکڙيو آهي“.


    اقدام قتل

    حضرت ابو طالب جي طرف ويل وفد، جڏهن واپس پهتو، ۽ جمله روئداد جيڪي انتظار ۾ ويٺل هئا. انهن کي ٻڌائي ويئي. سڀني متفقھ طور چيو ته اهو محمدﷺ هرگز، هرگز پنهنجي پروگرام کان باز نه ايندو. هاڻ آخري ڳالهه هي آهي ته هر صورت ۾ کيس قتل ڪيو وڃي.
    وري به دارالندوه ۾ سڀني قبيلن ۽ انهن جي سردارن کي سڏيو ويو. ان ۾ هر قبيلي هر خاندان ۽ هر طبقي جا ماڻهو گڏ ٿيا. ٻاهران کان به خاص خاص ماڻهو گهرايا ويا هئا. يمن، يمبوع، نجد ۽ مڪي جي پسگردائي کان وڏي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ٿيا. جنهن ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته محمد کي جيڪو به قتل ڪري ايندو ته ان کي ٻين انعامن کان علاوه هڪ سو سٺا اٺ انعام طور ڏنا ويندا. مگر اهو به هڪ خطرو هو ته جيڪو به ماڻهو ڪنهن کي قتل ڪندو هو ته انکان ان جي قوم وارا بدلو وٺندا هئا. يا قصاص وٺندا هئا. بدلي جي صورت ۾ ڪافي عرصو انهن ٻنهي ڌرين ۾ جنگ و جدال جو سلسلو پيو هلندو هو. جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو قتل ڪيا ويندا هئا. ۽ ڪيترائي ٻار يتيم ۽ ڪيتريون ئي عورتون بيوه ۽ ڪيترائي انسان معذور ٿيندا هئا.
    پر ابوجهل ۽ ابولهب ٻئي ڀائر قريشي قبيلي جا سردار هئا. جن چيو ته قتل جي قصاص يا بدلي جي باري ۾ توهان ڪجهه به نه سوچيو. ان ڳالهه کي اسان پاڻهي منهن ڏينداسون اسان ڄاڻون اسان جو ڪم. توهان انهي کان مطمئن رهو. جنهن کان به ٿي سگهي اهو قتل ڪري. دير مناسب ناهي. جيتري دير ٿيندي اوترو ئي اهو ناسور وڌندو. حضرت عمر رضه اڃان مسلمان ڪو نه ٿيو هو. جنهن چيو ته اهو خير جو ڪم آئون ئي ڪندس. ابوجهل اٿي شاباس ڏني ۽ همٿايائين، چاپلوسي طور چيائين ته ها واقعي عرب قوم ۾ تون ئي واحد سپوت آهين ۽ تون ئي اهو ڪم ڪري سگهين ٿو. تون ئي پنهنجن سچن معبودن جو سچو پوڄاري آهين ۽ پوري قوم کي توتي فخر آهي.
    ابو لهب: ائين نه ٿئي. بلڪ قريش جي ٻارهن ئي قبيلن مان هڪ هڪ جوڌو جوان چونڊي. رات جي وقت هڪ ئي مهل گڏيل تلوارن سان حملو ڪري محمد کي ختم ڪيو وڃي. اها خبر ئي نه پوي ته حملي جي پهل ڪنهن ڪئي.
    اهڙي طرح حملي لاءِ هڪ چاق و چوبند دستو تيار ڪيو ويو چنانچه منتخب ماڻهن کي اها هدايت ڪئي ويئي ته اهي اچڻ واري رات محمد جي گهر جو گهيرو ڪن. جنهن وقت هو تهجد واري نما ز لاءِ ٻاهر اچن ته فورن ئي قتل ڪري وجهن. ان ٺهراءِ ۽ هدايت کان بعد مجلس شوريٰ جو اجلاس برخاست ٿيو ۽ اهو شيطانن جو ٽولو. اهڙي خاموشي سان پکڙي ويو جو ڪنهن کي به معلوم نه ٿيو ته دارالندوه ۾ به ڪو اجلاس ٿيو هو.
    هاڻ انهي شيطاني گروه ۽ سندن ڇاڙتن پنهنجي ڪارروائي لاءِ نيٽ ورڪ شروع ڪيو. هُتان الله پاڪ حضرت جبرئيل عليھ السلام جي ذريعي پنهنجي حبيبﷺ کي سڄي صورتحال کان واقف ڪري ڇڏيو ۽ جلد از جلد هجرت ڪرڻ جو به حڪم ڪيو ته هاڻ حجرت ۾ دير نه ٿيڻ کپي.
    نبي پاڪﷺ ڏينهن جو ٻنپهرن جي وقت مڪي جي سخت گرمي ۾ سڌو پنهنجي رازدان رفيق باوفا حضرت ابو بڪر صديق رضه جي گهر پهتا. اندر وڃي کين سڄي ماجرا کان واقف ڪيو. پاڻ ڀلارن فرمايو ته ابو بڪر مون کي خدا بزرگ برترو بالا ٻڌايو آهي ته رات قريش مڪي هي تجويز رٿي اٿن. ته اڄ رات هو منهنجي گهر جو گهيرو ڪن ۽ جڏهن آئون ٻاهر نڪران ته فورن هو مونکي قتل ڪري ڇڏين.
    صديق اڪبر کي هي ٻڌي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. انهي ڪاوڙ مان چيائون ته شرير شيطان ايتري قدر دلير ٿي ويا آهن؟
    آنحضرتﷺ: مونکي الله تعاليٰ جي طرفان حڪم مليو آهي ته مان اڄ رات ئي انهن جي وچان نڪري وڃان. جو انهن کي معلوم ٿئي ته الله پاڪ پنهنجي ٻانهن جي ڪهڙي طرح حفاظت ڪري ٿو. جنهن جي حفاظت خدا ڪري ان جو ڪو به وار ونگو نٿو ڪري سگهي.
    * نور حق شمع الھی کو بجھا سکتا ہے کون،
    جس کا حامی ہو خدا اسکو مٹا سکتا ہے کون۔

    * نورِ خدا ہے کفر کی حرکت پر خندہ زن،
    پھوکوں سے یہ چراغ بجھایا نہ جائے گا۔
    حضرت ابو بڪر: بلاشڪ خدا جي حفاظت بهترين حفاظت آهي. ان کان وڌ حفاظت ڪرڻ وارو ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو؟ مگر حضور ٻڌايو ته اوهان جو رفيقِ سفر ٻيو ڪير هوندو؟
    پاڻ ڀلارا: ”مرڪي فرمايو ته“ تون، ٻيو ڪير؟
    اهو جواب ٻڌندي ئي حضرت ابو بڪر صديق کي ڏاڍي خوشي ٿي. ايتري قدر جو اکين مبارڪن مان خوشي جا ڳوڙها تري آيا.
    بلبل کو ہے گلاب کا پھول بس،
    ابوبکر کو ہے خدا کا رسول بس۔
    حضرت ابوبڪر صديق: الله پاڪ جا اڻ ڳڻيا احسان آهن جو ان مالڪ سائين منهنجي تمنا پوري ڪئي.
    حضور پاڪ: ابو بڪر اسان کي اڄ رات ئي هلڻو آهي. انهي ڪري مڪمل تياري ڪري وٺو ۽ هڪ رهبر جي پڻ ضرورت پوندي جنهن جو پڻ انتظام ڪجو.
    حضرت ابوبڪر: سائين مون کي رهبر جو پهرين کان خيال هو. ان لاءِ عبدالله بن اربقط کي ان ڪم لاءِ تيار ڪيو اٿم.
    آنحضرتﷺ: ليڪن هو ته مشرڪ ۽ ملحد آهي. ڇا ان تي اعتبار ڪري سگهجي ٿو؟
    صديق اڪبر: واقعي هو ڪافر ۽ ملحد ته آهي پر عرب آهي. قول جو پڪو ۽ وعدي جو سچو آهي. ۽ هو اقرار جو خيال زندگي جي آخري گهڙي تائين نڀائيندو. منهنجو آزمايل آهي.
    پاڻ ڀلارا: جڏهن توکي ايتري قدر اعتبار آهي ته پوءِ مونکي ڪو به اعتراض ناهي. چڱو هاڻ آئون وڃان ٿو ۽ توهان خفيه طريقي سان تمام تياريون رات کان پهريائين مڪمل ڪري وٺو.
    ابو بڪر رضه: قبله سائين توهان بي فڪر ۽ مطمئن رهو. آئون انتهائي رازداري سان ڪم مڪمل ڪريان ٿو.
    آنحضرتﷺ: رات جو سمهي نه رهجان. نه معلوم آئون ڪهڙي ٽائم اچان.
    صديق اڪبر رضه: سائين توهان چاهي ڪڙي به وقت اچو. مون کي باخبر ۽ منتظر لهندا ٻئي بزرگ هستيون جڏهن گهر کان ٻاهر نڪري صحن ۾ آيا ته ٻاهر تيز گرمي. اُس ۽ لُڪ حد انتهاء کي پهتل هئي. گوياڪه آسمان کان باهه جا گولا وسي رهيا هجن.
    صديق اڪبر: ” عرض ڪيو ته“ حضورﷺ توهان هن ساڙيندڙ ڪاڙهي ۾ ڪيئن وڃي سگهندا بهتر آهي ته شام تائين هتي ئي ڪجهه آرام ڪيو.
    آنحضرتﷺ: اي ابوبڪر زندگي نالو ئي آهي. جدوجهد جو ڪنهن به قوم جي ترقي و تعمير، آرام ۽ استراحت سان نه ٿيندي آهي. بلڪ يقين محڪم ۽ عمل پيهم سان ٿيندي آهي. قومي راهنمائن کي شدائد ۽ ابتلاءِ جي بٺين مان گذرڻو پوندو آهي. هي ڪڙڪندڙ اُس ۽ هي گرم هوا منهنجي رستي کي روڪي نٿيون سگهن. مون کي اِخفاء مدنظر آهي.
    باد مخالف سے نہ گھبرائیے ای عقاب،
    یہ تو چلتی ہے تجھے اونچا اڑانے کیلئے۔
    هن وقت سخت گرمي جي ڪري مڪي وارا آرامي ستل هوندا نه ڪير ويندي ڏسي نه ڪير ايندي ڏسي. انهي ڪري مون کي هاڻ ئي وڃڻ مناسب آهي.
    پاڻ ڀلارا مٿي تي چادر ”ڪالي ڪملي رکي“ روانا ٿيا. گرمي جي ڪري سنسان گهٽين مان نڪري. پنهنجي گهر پهتا. سڄو ڏينهن گهر اندر ئي رهيا. ٻاهر نه نڪتا.


    محبوبِ خدا جي گهر جو گهيراءُ

    جڏهن سج لٿو، ڪاري رات اونڌاهي جا پردا پکيڙيا ته آسمان مان تارا چمڪڻ لڳا ڏينهن واري لُڪ جو زور ٽٽو. پاڻ ڀلارن عشاء جي نماز پڙهي ته اوچتو حضرت علي رضه المرتضيٰ اچي ويا. حضرت علي رضه سلام و آداب عرض ڪيا. پاڻ سڳورن سلام جو جواب ۽ ڍير ساريون دعائون ڏنيون ۽ فرمايائون چڱو ٿيو جو علي رضه تون اچي وئين. منهنجي ڀر ۾ ويهه. حضرت علي سائين ويهندي ئي عرض ڪيو ته اي حبيب خدا، اڄ مشرڪن ۽ ڪفار مڪه اسان جي گهر کي گهيري رکيو آهي. اها نئين ڳالهه ڇو آهي؟
    آنحضرت صلعم، علي مونکي به خدا جي طرفان هجرت جو حڪم مليو آهي، ڪفار قريش گهرن ٿا ته مونکي ختم ڪن. اسلام کي مٽائي ڇڏين، ليڪن هو اهو نٿا ڄاڻين ته اسلام مٽجڻ وارو ناهي، اُهي ميٽيندڙ مٽجي ويندا. اهي سمجهن ٿا ته مون نئون دين جاري ڪيو آهي. حالانڪه حضرت آدم عليھ السلام کان وٺي نوح عليھ السلام، يحيٰ عليھ السلام، موسيٰ عليھ السلام، عسيٰ عليھ السلام ۽ مون تائين مطلب ته جيڪي به نبي آيا، جمله انبياء عليهم السلام انهي دين حق جي تبليغ ۽ تلقين ڪندي آيا آهن.

    حضرت ابراهيم عليھ السلام هن دين جو نالو دين اسلام ۽ ان دين ۾ داخل ٿيڻ واري جو نالو مسلمان رکيو آهي. آئون به ان دين اسلام جو متبع ۽ مبلغ آهيان. روز اول کان اڄ تائين هميشھ هر دو ر۾ هر هنڌ ڪافرن اسلام کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مٽائڻ تي زور ڏنو. مگر اسلام نه ختم ٿيو ۽ نه ختم ٿيندو. ختم ڪرڻ وارا خود ختم ٿي ويندا.
    حضرت علي المرتضيٰ: اي الله جا رسولﷺ توهان ٻاهر نڪري ڏٺو ناهي؟ سوين ڪافر ۽ لوفر تلوارون کڻي. گهر جي چئن ئي طرفن کان گهيرو ڪيو مستعد بيٺا آهن. مون کي ڊپ آهي ته متان هو پليت پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب نه ٿي وڃن.
    آنحضورﷺ: علي تون فڪر نه ڪر. مطمئن رهو. منهنجو نگهبان خدا مون سان گڏ آهي. اهو ئي مون کي انهن جي شر کان محفوظ رکندو.
    جتنے تارے گگن میں، اتنے شترو ہوں،
    کجھ نہیں بگڑ سکتا، جب ایک راضی ہو۔
    علي ٻُڌ!! اگر اڄ آئون قتل ٿيڻ وارو هجان ها ته منهنجو رب مون کي هجرت جو حڪم نه ڏي ها. آئون مطمئن آهيان ته منهنجو خدا ضرور منهنجي حفاظت ڪندو. ”واهه نبي واهه تنهنجو يقين“
    حضرت علي رضه: حضورﷺ توهان ڪڏهن هجرت ڪندا؟
    آنحضرتﷺ: اڄ نه بلڪ هينئر جو هينئر آئون روانو ٿيڻ وارو آهيان. رات جو تون منهنجي بستري تي سمهي رهو ۽ آئون روانو ٿو ٿيان.
    حضرت علي: ڇا مون کي پاڻ سان گڏ وٺي نه هلندا؟
    آنحضرتﷺ: ”نه“ ان ڪري جو مڪي جي ڪافرن جون ڪي امانتون مون وٽ رکيل آهن. تون صبح جو هن تيار ڪيل فهرست مطابق سموريون امانتون انهن جي مالڪن جي حوالي ڪري پوءِ يثرب هليو اچج. ڪافر متان طعنو نه ڏين ته مسلمانن جو نبي اسان جون امانتون کڻي هليو ويو آهي.
    حضرت علي رضه: ڇا توهان يثرب تشريف وٺي ويندا؟
    آنحضرتﷺ: ها مونکي يثرب وڃڻ جو حڪم ٿيو آهي.
    حضرت علي رضه: ڇا توهان اڪيلا ويندا؟
    آنحضرتﷺ: نه، منهنجو سفر جو رفيق صديق اڪبر هوندو. هاڻ تون اطمينان سان منهنجي بستري تي سمهي رهه.
    حضرت علي رضه فوراً آنحضرتﷺ جي بستري تي ليٽي پيا ۽ پاڻ ڀلارن اهي امانتون ۽ امانتن جي فهرست جيڪا ڏينهن جي تيار ڪرايل هئي. حضرت علي رضه جي حوالي ڪيون ۽ خدا حافظ چئي روانا ٿيا.
    پاڻ ڀلارا مصلي کان اٿي، حضرت امان بي بي فاطمھ الزهريٰ جي گهر ويا. جڏهن ته رات جو گهڻو حصو گذري چڪو هو. امان سانئڻ سمهي رهي هئي. پاڻ ڀلارن لاڏلي کي سجاڳ ڪيو. کيس پيار ڏنائون. ٿوري دير لاءِ بيهه محبت ڀرين نظرن سان ڏٺو. آهستگي سان فرمايائون. منهنجي معصوم ڌي. منهنجي نور نظر الوداع. اي پاڪائي جي مجسمھ، پيڪر محبت، پنهنجي پيءَ سان بي حد محبت ڪرڻ واري ڌيءُ پيءُ تي ڪافرن جا ظلم و ستم ڏسي روئڻ واري معصومھ ڌيءُ الوداع. آئون توکي پنهنجي خدا جي حوالي ڪريان ٿو. ان خدا جي حوالي جيڪو ڪائنات و عالم جو نگهبان آهي. اهو ئي تنهنجي حفاظت ڪندو. اي منهنجي محبت جي دنيا اهو ئي مالڪ وري توکي مون سان ملائيندو.
    ائين چئي رحمت اللعالمين جي نيڻن جا ڪڪر وسڻ لڳا.
    ڪڪر هون نه هون، جهُڙ نيڻون نه لهي،
    ساريو سي پرين کي ڳوڙها ڳلن تي پون،
    سي مر رويو رون جن مسافر سپرين.
    حضرت بي بي فاطمھ پاڻ ڀلارن جي سڀ کان ننڍي صاهبزادي هئي. ٻاراپڻ ۾ ئي ان جي والده محترمھ بي بي خديجة الڪبريٰ جو انتقال ٿي ويو هو. پاڻ ڪريمن کيس نهايت لاڏ ڪوڏ سان پاليو هو. انهي ڪري بي بي صاحبه سان ڏاڍي محبت هئي. اڄ حضورﷺ جن هجرت ڪري رهيا هئا. پنهنجي مادري وطن، عزيز و اقارب ۽ سلڇڻي سٻاجهڙي ۽ لاڏلي ڌي کان جدا ٿي رهيا هئا. بتقاضيٰ فطرت محسن انسانيت جون مبارڪ اکيون ڀرجي آيون هيون.

    ای اہل چمن اب ہماری الوداع،
    زندگی میں پھر ملیں گے جب کبھی موقع ملا۔
    پاڻ ڀلارا موڪلائي دروازي تي پهتا. دروازي تي جهانڪي ڏٺائون ته بي شمار ڪافرن ۽ لوفرن کي کليل تلوارن سان دروازي جي ٻاهران نهايت تياري سان بيٺل ڏٺائون ان وقت آڌي رات ٿي چڪي هئي. رات اونڌاهي هئي. هر طرف اونڌاي جي ڪاري چادر ڇانيل هئي. پاڻ ڀلارن حسبي الله نعم الموليٰ و نعم النصير، افوض امري اليٰ الله چئي الله توهار ڪري دروازي کان ٻاهر نڪتا.
    الله پاڪ وحي جبرئيل عليھ السلام جي ذريعي پاڻ ڀلارن کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته اي محمدﷺ منهنجا محبوبﷺ تون انهن ڪافرن جي موجودگي ۽ گهڻائي جو فڪر نه ڪج. مُٺ مٽي جي ڀري. انهن جي طرف اڇلائڻ تنهنجو ڪم ۽ انهن کي انڌا ڪرڻ منهنجو ڪم. پاڻ ڀلارن مٽي جي مُٺ ڀري. سورة يٰسۗ جون ابتدائي آيتون پڙهڻ شروع ڪيون اهي آيتون پڙهي مُٺ مٽي تي دم ڪري، مٽي ڪافرن جي طرف اڇلايائون. اگرچه اها مٽي مٺ جيتري هئي. مگر مشيت ايزدي سان هوا ان کي چئن ئي طرفن پکيڙي ڇڏيو ايس تائين جو مڪي جي ڪافرن جي اڳيان لنگهي ويا. پر ڪنهن جي به نظر پاڻ ڪريمن تي نه پئي. سڀ جو سڀ جتي ۽ جنهن حالت ۾ بيٺل هئا. اتي ئي ۽ انهي حالت ۾ بيٺل رهيا.
    مدعی لاکھ برا چائے تو کیا ہوتا ہے،
    وہی ہوتا ہے جو منظورِ خدا ہوتا ہے۔
    هو هڪ ٻي کي پيا چون ته تو مون ڏانهن مٽي اڇلائي، ٻيو پيو چوي ته مون تي تو مٽي اڇلائي آئون ڪو نه هوس. تون... تون... تون ڇا؟ وغيره وغيره. پاڻ ڀلارا نهايت اطمينان سان هلي. حضرت ابو بڪر صديق رضه جي گهر پهتا. دروازي تي آهستگي سان دستڪ ڏنائون. دستڪ سان دروازو کليو، سامهون صديق اڪبر رضه انتظار ۾ هو. سلام ۽ جواب سلام کان پوءِ پاڻ ڀلارن پڇيو. ابو بڪر تيار آهين؟ يارِ وفا فرمايو لبيڪ يا رسول اللهﷺ بلڪل تيار آهيان. هي ٻه ڏاچيون ۽ هي رهبر خدمت عاليھ ۾ پيش آهن.

    پاڻ ڀلارن فرمايو ته ڏاچين ۽ رهبر جي في الحال ڪا ضرورت ناهي. ڇو ته مون رستي ۾ ڏٺو آهي ته ڪفار مڪه هر جاءِ تي چوڪسي ڪري رهيا آهن. اگر اسان ڏاچين تي سوار ٿي هلنداسين ته هو پنهنجي روانگي ۽ گس کان خبردار ٿي ويندا.
    انهي ڪري بهتر آهي ته مڪي جي هيٺين طرف جيڪو جبل ڪوهه ثور جي نالي سان مشهور آهي ان جي ڪنهن غار ۾ لڪي رهنداسون ۽ جڏهن ڪافر اسان کي ڳولي ڳولي هليا ويندا ته پوءِ انهي کان بعد پاڻ غار مان نڪري سفر شروع ڪنداسون.


    وڻجارا وڃڻ جون وايون ڪن

    صديق اڪبر رضه: اها نهايت سٺي تجويز آهي. مگر هي چئي نٿو سگهجي ته اسان اتي ڪيترو عرصو رهون؟ ان ڪري توهان جي اجازت هجي ته آئون پنهنجي پٽ عبدالله کي هدايت ڪري اچان ته هو پنهنجي لاءِ کاڌو ۽ پاڻي جبل ثور تي آڻيندو رهي. انهي سان گڏوگڏ سڄي ڏينهن جون خبرون به پاڻ کي پهچائي ويندو.
    آنحضرتﷺ: اها تجويز به نهايت مناسب آهي.
    صديق اڪبر رضه: منهنجي غلام عامر بن فهيره کي به چوان ته هو پنهنجي ٻڪرين جو ڌڻ جبل ثور جي ويجهو ئي چاريندو ڪري. تان جو ضرورت جي وقت اسان کير پي وٺون. منهنجو پٽ عبدالله ۽ منهنجي ڌي اسماء جڏهن واپس وڃن ته انهن جي پيرن جا نشان ٻڪرين جي ولر جي هلڻ سان ختم ٿي وڃن.
    آنحضرتﷺ: اها راءِ به نهايت بهتر آهي.
    حضرت ابو بڪر صديق واپس گهر ويو. جتي سندن فرزند ارجمند عبدالله، نور چشمھ اسمآء ۽ فرمانبردار وفادار غلام عامر اڃان جاڳيل ئي هئا. صديق اڪبر رضه ٽنهي کي مخاطب ٿي چيو ته اسان جبل ثور ڏانهن وڃي رهيا آهيون. اتي ئي ترسيل هونداسون. عبدالله تون ڏينهن جو گهٽين ۾ وڃي ڪافرن جي ارادن ۽ پروگرام جي خبر وٺي رات جو اچي اسان کي واقف ڪج ۽ ڌي اسمآء تون روزانه کاڌو تيار ڪري، پنهنجي ڀاءُ عبدالله سان گڏ غار ثور تي اچج. عامر تون روزانه آڌي رات تائين. ٻڪريون جبل ثور تي چارڻ لاءِ آڻيندو ڪج. جنهن طرف کان عبدالله ۽ اسماء اچن ۽ وڃن. تون ٻڪرين جو ڌڻ انهي طرف ڪاهي وڃج. تان جو انهن جي پيرن جا نشان ختم ٿي وڃن. ٽنهي ڄڻن پنهنجي پنهنجي ذميوارين جي بجاوري جو اقرار ڪيائون. انهن کي نصيحت ڪري ابو بڪر صديق رضه، آنحضرتﷺ سان اچي مليو ۽ ٻئي ڄڻا رات جي اونڌاهي ۾ روانه ٿي خانه ڪعبي ۾ پهتا. ان جو طواف ڪيائون. جڏهن مڪي جي آخري حصي تي پهتا ته پاڻ ڀلارن ڪنڌ ڦيرائي پوئتي ڏٺائون ۽ چيائون. اي ديار مڪه اي بلدامين تون مون کي ڏاڍو پيارو آهين. پر افسوس جو اڄ آئون توکان جدا ٿي رهيو آهيان. تنهن جي مڪينن مون کي اتي رهڻ نه ڏنو. اي مادر وطن مڪا الوداع، الوداع اي ابراهيم عليھ السلام، اسماعيل عليھ السلام ۽ هاجرا جي نشاني الوداع.
    صديق اڪبر رضه: اي الله جا سچا رسولﷺ ڇا توهان کي مڪي سان اڃان به ايتري محبت آهي.
    آنحضرتﷺ: ابو بڪر ها صرف ان ڪري ڪونهي ته هي مڪو منهنجو مادري وطن آهي بلڪ ان ڪري جو ان کي منهنجي ڏاڏي ابراهيم خليل الله عليھ السلام ٺاهيو اهي. منهنجي پي اسماعيل عليھ السلام جا مبارڪ قدم ۽ هٿ هت لڳا آهن. هي شهر مرجع خلائق آهي خدا جو پسنديدو گهر هن ۾ آهي.
    هاڻ اهي ٻئي عظيم هستيون مڪي کان ٻاهر نڪري کلي ميدان ۾ اچي ويا. چو طرف اونڌاهي پکڙيل هئي ۽ اها جمعي جي رات 27 صفر سن 53 ميلاد سن 13 بعثت ۽ سن 622 عيسوي هو.
    هڪ هدايت جو سج ٻيو هدايت جو چنڊ، دنيا کي اونڌاهي مان ڪڍي روشني ۾ آڻڻ وارا رات جي اونڌاهي ۾ گم ٿي ويا.


    سڄڻ سفر هليا ۽ سندن ڳولا

    مڪي جي ڪافرن آنحضرتﷺ جن جي گهر جو گهيرو ته رات جي شروعاتي حصي ۾ ئي ڪري رکيو هو. ساري رات تلوارن کڻي. نگراني ڪندا رهيا. انهن جو ارادو هو ته جيئن پاڻ ڀلارا نماز تهجد لاءِ ٻاهر نڪرندا ته اوچتو حملو ڪري اُن کي قتل ڪري ڇڏينداسون ”مگر جنهن کي رب رکي ته ان کي ڪير چکي!“ پاڻ ڀلارن جو معمول هوندو هو، رات جي آخري حصي ۾ اٿي، حرم شريف وڃي، صبح تائين پنهنجي رب جي حضور ۾ دعا، استعفار سان سربسجود هوندا هئا. سج اڀرڻ بعد نماز اشراق ادا ڪري، پوءِ واپس گهر ايندا هئا. جڏهن پاڻ ڀلارا معمول مطابق نه اٿيا ته مڪي جي ڪافرن دروازي مٿي چڙهي. جهانڪي ڏٺو ته هڪ ماڻهو بستري تي ستو پيو آهي. اهي اطمينان سان بيٺڪي ڪري وري چوڪسي ڪندا رهيا ته اجهو ٿو نڪري حالانڪ اهو حضرت علي رضه هو. جڏهن چٽي صبح ٿي ۽ حضرت علي ڪرم الله وجھ نماز لاءِ بستري مان اٿيا. انهن ڪافرن آنحضرتﷺ جي بستري مان حضرت علي رضه کي اٿندي ڏٺو ته انهن جا ته ٺڪر ئي وڃي ويا. کين حيرت سان گڏ ڪاوڙ به ڏاڍي ٿي. جنهن کي هو محمد سمجهي سڄي رات چوڪسي ڪندا رهيا هئا اهو ته علي نڪتو. ٻه به ويا ته ڇهه به ويا.
    حضرت علي گهر کان ٻاهر نڪتا ته ڪافرن ان کي پنهنجي گهيري ۾ ورتائون ۽ ان ڪارروائي ۾ صرف عام ماڻهو نه هئا. بلڪ سارو مڪو اچي گڏ ٿيو. جن ۾ خصوصي طور ابوجهل، ابو لهب، ابو سفيان، ابوالجنتري، وليد، عتبه، شيبه، عاص بن وائل، زمعه، نضر حڪم جهڙا مڪي جا معزز ۽ متفخر ماڻهو شامل هئا.
    قريش جا سردار سڄي رات نگراني ڪندي جاڳندي رهيا ته جنهن مهل محمد اٿندو ته اونڌاهي ۾ سڀ ملي ڪري ان روشني جو خاتمون ڪنداسون. مگر بسا آرزو که خاڪ شد سمورا خواب اڌورا رهجي ويا.
    جڏهن حضرت علي رضه پاڻ ڀلارن جي بستري مان اٿي ٻاهر آيا ته ابو سفيان سختي سان پڇيو ته علي ٻُڌاءِ ”محمد ڪٿي آهي؟“ حضرت علي اگرچه عمر ۾ ننڍا هئا. مگر دلير ۽ جرئت مند هئا. اهو ڪافرن جي گهڻائي ڏسي، نه گهٻرايو ۽ نه ئي مرعوب ٿيو. بلڪ دليرانه انداز ۾ چيو ته مون کي ڪا به خبر ناهي ته محمد ڪيڏانهن ويو ۽ ڪٿي آهي؟ آئون ته توهان جي سامهون سڄي رات گهر ۾ ستل هوس. نگراني ته توهان ڪري رهيا هئا. وري پڇو مون کان پيا. توهان کي ته صورتحال جي وڌيڪ خبر هوندي. ڪافرن کي ان جي بي باڪانه جواب تي بيحد ڪاوڙ آئي.
    ابوجهل: علي تون ضرور ڄاڻين ٿو ته محمد ڪڏهن ويو؟ ۽ ڪيڏانهن ويو؟ جيڪڏهن تون اسان کي ٻڌائين ته اسان توکي مڪي جو حاڪم بنائينداسون ۽ اگر نٿو ٻڌائين ته پوءِ تو سان اها ٿيندي جا دنيا ڏسندي.
    حضرت علي: مون کي اوهان جي حڪومت جي ڪا ضرورت ناهي. اهي لالچون ۽ ڊپ ٻين کي ڏيو. آئون جنهن حال ۾ آهيان اتي خوش آهيان. مون کي انهن شين جي ڪا پرواهه ناهي. مون کي تنگ نه ڪريو. پاسي ٿيو. منهنجي صبح جي نماز جو وقت قضا ٿي رهيو آهي.
    ابو لهب: رعب ويهارڻ لاءِ. هڪ چمات هڻي. علي تون جيس تائين محمد جو ڏس پتو نه ٻڌائيندين، تيسين توکي نه ڇڏينداسون. توکي قيد ڪيو ويندو ۽ ٻُڌ! اگر تون برابر ضد تي قائم رهين ته توکي قتل ڪيو ويندو.
    حضرت علي رضه نوجوان ۽ ضدي انسان هو. پنهنجي ضد تي اٽڪي بيهه رهيو. کيس غُصو اچي ويو. انتهائي جذبات ۾ اچي ويو.
    حضرت علي رضه: چاچا پنهنجي قسمت کي غنيمت ڄاڻو. آنحضرتﷺ جن ڪنهن به مسلمان کي تلوار کڻڻ جي اجازت ناهي ڏني. ور نه، ته منهنجي تلوار هينئر جو هينئر تنهنجو ۽ تنهنجن هنن ڇاڙتن جو فيصلو ڪري ها. اوهان کي ٽُڪرا ٽُڪرا ڪري ها.
    ابوسفيا: ذرڙي جان ۽ گز ڀر زبان. علي پنهنجي جان تي رحم ڪر، پنهنجي جان سان دشمني نه ڪر، جبل کي مٿو نه هڻ. ٻُڌا، نه ته قتل ڪيو ويندين.
    حضرت علي رضه: پري ٿيو ڪمينو، مون کي ٿا ڊيڄاريو، توهان کي خبر آهي ته دنيا جي ڪا به طاقت مون کي مرعوب نٿي ڪري سگهي. ڪير آهي جو مون کي مرعوب ڪري ۽ منهنجو رستو روڪي؟
    ابوجهل: ”جيڪو سندن چاچو هو“ کي سخت ڪاوڙ آئي، انهن سندن مٿي جي وارن ۾ پڪڙي ڇڪيو، وليد ۽ ابوسفيان کين ٺونشن ۽ مُڪن سان مارڻ شروع ڪيو.
    حضرت علي: اي بي رحمو، بي دردو ياد رکو، خدا توهان جا مظالم ڏسي رهيو آهي. توهان حد کان نڪري رهيا آهيو. هاڻ توهان جي هستي ۽ مستي ختم ٿيڻ واري آهي. توهان بي وسي ۽ بي ڪسي جي موت مري ويندا. ڪو به توهان جي پُڇڻ وارو ۽ روئڻ وارو ڳوليو نه ملندو. توهان خدا جي قهر کي دعوت ڏيئي رهيا آهيو. گهڻي ڇڪتاڻ بعد انهن حضرت علي رضه مان هٿ ڪڍيا ۽ هو نماز پڙهڻ هليو ويو.
    ابوجهل: دوستو هي ڏاڍو بُرو ٿيو. جو محمد ڪهڙي طرح زنده بچي نڪري ويو اسان هيس تائين تمام ارادن ۾ ناڪام ويا آهيون.
    ابو سفيان: چڱو هلو. ڏسون ته محمد اڪيلو ويو آهي يا سندس دوست ابو بڪر به ساڻن گڏ ويو آهي؟
    وليد: جيتري قدر منهنجو ذهن چئي ٿو ته اهي ٻئي گڏ ويا هوندا تاهم ابو بڪر جي گهر هلي پڇون ۽ اطمينان ڪري وٺون. پڇڻ ۾ هرج ڪونهي اتان کان هلي. حضرت ابو بڪر جي گهر پهتا. سڀ جو سڀ بغير اطلاع جي گهر اندر هليا ويا. گهر ۾ حضرت ابوبڪر جو والد صاحب ابو قحافه، حضرت اسماء، حضرت عائشه، حضرت عبدالله هئا. سندن غلام عامر ڪنهن ڪم سانگي ڪيڏانهن ٻاهر ويل هو. ابو قحافه ضعيف العمر ۽ نابين هو. حضرت عائشه ننڍي ”ڪم عمر“ ۽ حضرت اسماء نوجوان هُئي.


    واهه اسمآء واهه

    ابو جهل بي بي اسماء کان پڇيو، ڇوڪري ٻڌاء ته تنهنجو پيءَ ابو بڪر ڪٿي؟ بي بي اسماء تي ڪنهن جو به رعب طاري نه ٿيو. آخر شير جو ٻچو شير ئي ٿيندو آهي انهي دليرانه انداز ۾ چيو ته مون کي ڪا به خبر ناهي. ته منهنجو پيءَ ڪٿي آهي. لعين ابوجهل غضبناڪ ٿي. اهڙي ته زوردار ٿڦڙ هنيائين جو بي بي صاحبه جو ڳل ڳاڙهو ٿي ويو ۽ سندس ڪن مان والي نڪري هيٺ پٽ تي ڪري. بي بي صاحبه کي جوش اچي ويو. انهي انتهائي ڪاوڙ ۽ غضب سان ڀرجي چيو.
    اسماء: ابوجهل شرم ڪر، مرد ٿي ڪري، عورت تي هٿ ٿو کڻين. ٻُڏي مر، تون مرد ناهين بي غيرت آهين. توکي معلوم هئڻ کپي ته عورت سِر جو جواب پٿر سان ڏيئي سگهي ٿي. مون کي تنهنجي ٿڦڙ جو جواب تلوار جي نوڪ سان ڏيڻ اچي ٿو. مگر اها مجبوري آهي. جو خدا جي رسولﷺ تلوار کڻڻ کان منع ڪيو آهي.
    ابوجهل: ”خراب تيورن سان ڏسندي“ ڇوڪري ايتري قدر جرائت؟
    اسماء: ابوجهل توکي جرئت ڏسڻي آهي ته تلوار کڻ ۽ منهنجي تلوار کي سامهون اچ. اهو چوندي بي بي صاحبه گهر اندر ويئي ۽ تلوار کڻي ٻاهر آئي. ميان مان ڇڪي ٻاهر ڪڍندي چيائين.
    اسماء: ابوجهل هاڻ ٻڌاء ڪير ماءُ جو لال مون تي تلوار کڻڻ جي جرئت ڪري ٿو؟
    ابوسفيان: قريش جي غيور ڌي تنهنجي همٿ قابل داد آهي. تنهنجي جرئت کي سلام. تون بهادر ابوبڪر جي دلير ڌي آهين. تون عظيم پيءُ جي عظيم اولاد آهين. قوم کي تو جهڙين بهادر ۽ عظيم ڌين جي ضرورت آهي. اسان کي تو جهڙين ڌين تي فخر آهي. ابوجهل غلطي ڪئي جو هڪ شينهڻ کي لُومڙي سمجهي ڇيڙڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي. اي اهل قريش توهان جي هڪ غيور ڌي کي جوش اچي ويو آهي. ان جو جوش صد هزار بار تحسين جي لائق آهي.
    اچو هتي ابوبڪر ناهي. واپس هلو، انهن ٻنهي جي ڳولا ڪريو. بيڪار وقت نه وڃايو. سڀئي ماڻهو گهر کان ٻاهر نڪتا. گهوڙن تي چڙهي مڪي جي چئن ئي طرفن ۾ پکڙي ويا. اهي سڀئي ماڻهو ڏينهن سڄو حيران، سرگردان و پريشان حال تلاش ڪندي رهيا. مگر آنحضرتﷺ ۽ سندس رفيق سفر ۽ همدرد صديق اڪبر جو ڪٿي به پتو نه پيو. شام وقت نهايت برن حالن ۾ سڀ ناڪام نامراد واپس آيا. مڪي جي ڪافرن کي ڏاڍي پريشاني لاحق ٿي. انهن قابل آزموده گار ۽ تجربيڪار پيرين کي گهرائي. سراغ لڳائڻ جي هدايت ڪئي. ڪيترين ئي لالچن ۽ انعامن جي آفر ڪيائون. پيري ڏاڍا هوشيار هئا. جيڪي قدمن جي نشانن سان سراغ لڳائيندا هئا. ٻي ڏينهن صبح سوير اهي پيري ڪُفار قريش جي هڪ وڏي جماعت ساڻ ڪري سراغ رسائي لاءِ روانا ٿيا. نهايت غور، وڏي توجهه ۽ ڪمال احتياط سان سراغ لڳائيندا هلندا رهيا. انهن کي اهڙي سڃاڻپ ۽ اهڙي ڪمال جي نظر هئي، جو هزارن پيرن مان جنهن جا نشان واري تي نقش هئا. انهن مان آنحضرتﷺ ۽ حضرت صديق اڪبر جي مبارڪ پيرن جا نشان سڃاڻندي. سراغ لڳائيندي جبل ثور تي مٿي پهچي ويا. جبل تي مٿي چڙهڻ بعد هڪ غار جي منهن تي وڃي پهتا. غار انتهائي ڏکي، سوڙهي، اونهي ۽ اونڌاهي واري هئي. اهڙي اونڌاهي واري جو اُن جي اندر جي ڪا به شيءِ نظر نٿي اچي سگهي. انهي غار جو نالو غار ثور هو.
    سراغ رسان غار جي چئني پاسن کان چڪر لڳايو. مگر چيزي ڪه ندارد، انهن چيو ته اي قريش جا سردارو. هن کان اڳتي پيرا نٿا هلن. محمد ۽ ان جو ساٿي ابوبڪر هتي ڪٿي لڪي ويا آهن. يا ته زمين انهن کي ڳهي ويئي آهي يا آسمان انهن کي کڻي ورتو آهي. سڀ ماڻهو غار جي چئن ئي طرفن کان پکڙي ويا. نهايت غور ۽ توجهه سان تلاش و جستجو ڪرڻ لڳا. جيڪا شيءِ ڳولي نه لڀي سا نه لڀن آنحضرتﷺ ۽ صديق اڪبر رضه مڪي کان نڪري نهايت خاموشي سان جبل ثور طرف تيزي سان روانا ٿيا هئا. اهو جبل مڪي کان چار ميل پري آهي. جنهن جي اوچائي پنج هزار فوٽ آهي. چونڪ ڪافرن جي پيڇي جو فڪر هو ان ڪري قدري تڪڙا تڪڙا وڃي رهيا هئا هنن ٻنهي مقدس هستين ڄاتو ٿي ته يقيناً سندن پيرا کنيا ويندا. انهي ڪري اهڙي احتياط سان هلي رهيا هئا جو پيرن جا پورا نشان نه لڳن. مگر انهي احتياط جي باوجود پيرن جا ڪجهه نشان ٿي رهيا هئا. تان جو جبل ثور تائين پهچي ويا. مگر هڪ رات جي اونڌاهي، ٻيو ور وڪڙ واري جبل جي چاڙهه، جيڪا چاڙهه پنج هزار فوٽ بلند هئي. ٽيون ڪافرن جي تعاقب جو فڪر. ”اي پڙهندڙو ذرا سوچو“ چالولاڪ لما جو صاحب محبوبِ خدا معراج جو مالڪ، جبرئيل عليھ السلام غلام ۽ ڇا قوم جي طرفان سندن قدر!!؟
    هن سفر ۾ هڪ الله جو رسول جيڪو خالق ڪائنات کان پوءِ ساري ڪائانت ۾ بزرگ برتر و بالا، افضل المخلوقات آهن، ته ٻيو سندس يار غار، صدق، و وفاء تسليم و رضا جو پيڪر، مخلوق ۾ جملي انبياء عليھ السلام کان بعد ساري ڪائنات ۾ افضل الانسان. انهن ٻنهي هستين جبل ثور تي چڙهڻ شروع ڪيو. نهايت دشوار گذار پهاڙ ۽ سندس چاڙهه. پاڻ ڀلارن چاڙهه جا ٻه حصا آساني سان طئي ڪري ورتا. مگر رهيل منزل انتهائي اُڀ ڪپري هئي. چڙهيو نه پيو سگهجي. صداقت جي صاحب عرض ڪيو ته منهنجا سائين هي منهنجا ڪلها حاضر آهن. مهرباني ڪري توهان منهنجي ڪلهن تي چڙهو. پرهه ڦٽڻ واري آهي. مٿان سج اڀرڻ وارو آهي. پاڻ ڀلارا حضرت ابو بڪر صديق جي ڪلهي تي چڙهيا. ۽ غار ثور جي منهن تي پهتا.


    هڪ باريڪ تمثيل

    شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليھ رحمت، سُر سسئي پنهون ۾ پنهون جي ڀائرن جو پنهون کي وٺي وڃڻ وقت. سسئي جبلن جي چاڙهن، ڏينهن جو گرم لُڪن، لَڪن جي لوڏن ۽ ڏکن جي ڪري پنهون جي ڀائرن ۽ سندن اُٺن کي جيڪي ميارون، پِٽون ۽ پاراتا ڏنا آهن. سسئي جي زباني:
    اُٺ ته آري ڄام جا ميا سڀ مرن،
    گر پَوي گورن ۾ هورائي ۾ رڙن،
    ميا اُهي مَرن جن منهنجو پنهون نيو پاڻ سان.
    شاهه صاحب سسئي کي نصيحت ڪندي چوي ٿو ته اي سسئي اڃان عشق ۾ ڪچي آهين، تون ڏيرن جي اٺن کي ميارون، پِٽون ۽ پاراتا نه ڏي. ميارون ۽ پٽون ڏيڻ عاشقن جو ڪم ناهي. عاشقن جو ڪم ته سهڻ، صبر ۽ ماٺ آهي. آهه ڪرڻ، ٻاڦ ٻاهر ڪڍڻ عاشقن جي مذهب ۾ حرام آهن ۽ تون وڏيون ميارون ۽ پاراتا ٿي ڏين؟
    بلڪ تون انهن کي دعائون ڏي. جو انهن اُٺن تنهنجي پنهون کي پنڌ ته ڪو نه ڪرايو. پر انهن اُٺن پنهون کي ته پنهنجن پٺن تي کنيو، تون ته هيئن چئو:
    اُٺ ته آري ڄام جا ميا سڀ مَچن،
    گر لهي گورن تان، هو راهي ۾ رَچن،
    ميا اُهي مَچن جن منهنجو پنهون پيادو نه ڪيو.

    رب پاڪ جو غلامانِ محمد ﷺ جي گهوڙن جو قسم کڻڻ
    هڪ ڀيري حضرت نبي ڪريمﷺ جن هڪ سرڪش ۽ باغي قبيلي جي سرڪوبي لاءِ اڍائي سو مجاهدن جو هڪ سريھ لشڪر موڪليو. حرب و ضرب جي سامان جي قلت هئي ۽ پٺيان کان رسد ۽ ڪمڪ جو ڪو به بندوبست نه هو اسلام جي لشڪر کي انهي سفر ۾ اندازي کان وڌيڪ ڏينهن لڳي ويا. پٺتي ڪا به خبر چار موڪلي نه سگهيا.
    پاڻ ڀلارن کي ڏاڍو فڪر ۽ اُلڪو ٿيو. رستي تي بيهه هر ايندڙ ويندڙ پانڌي مسافر کان پڇائون پيا ڪندا هئا. تان جو رب پاڪ کي پنهنجي محبوبﷺ جي پريشاني ناگوار گذري، فوراً وحي جبرئيل عليھ السلام کي سورة وَالْعٰدِيٰتِ ڏيئي موڪليو ته وڃي منهنجي محبوب کي خوشخبري ڏي ۽ تسلي ڏي ته تنهنجا غلام ”مجاهد“ جن گهوڙن تي چڙهيل آهن. مون کي انهن گهوڙن جو قسم آهي. مون کي هنن گهوڙن جي هلڻ رَلَومن هڻڪار جو قسم آهي. مون کي انهن گهوڙن جو سنب هڻي سنبن سان مٽي اڏائڻ پٿرن مان چڻگون ڪڍڻ ان مٽي ۽ چڻگن جو قسم. مونکي انهن گهوڙن جو صبح جي وقت پلٽو کائي وري مچ ۾ ٽپي پوڻ جو قسم ته پيارا تون پريشان نه ٿي. هو تنهنجا سڀ ساٿي مجاهد پنهنجن گهوڙن سان گڏ گهڻو خوش آهن. تون فڪر نه ڪر. پوءِ ٻڌايو ته ان سواري جو ڇا شان هوندو. جنهن تي محبوبِ خدا خود سوار هجي. وفا ۽ صداقت جي صاحب پاڻ ڀلارن کي ڪلهن تي کڻي! حضورﷺ معراج جي رات براق تي ۽ هجرت واري رات ابوبڪر رضه جي ڪلهن تي. الله جي امانت ۽ محبوبِ خدا کي محفوظ و مطلوب جاءِ تي پهچائي. سک جي سامان سان گڏ، هر طرح سان پاڻ ۽ پنهنجي ساري گهر کي وقف ڪري ڇڏيو ۽ وفادار نوڪر وانگر خدمت ۽ حفاظت ۾ ڪا ڪسرباقي نه ڇڏيائون. سڀ ڪجهه سهڻي سائين تي لٽائي. پاڻ ملهائي رضا الاهي جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيائون. مگر ڪي عقل جا انڌا. حق ۽ سچ جا دشمن چميڙا ذهن. ضدي ماڻهو پاڻ تي قياس ڪري. صدق وفا جي صاحب جي باري ۾ چهميگويون. بدگمانيون ۽ پِٽڪا ڪندا آهن. الله تعاليٰ شل انهن کي سمجهه ۽ هدايت ڏي. آمين.


    سدا جئي صديق رضه جي صداقت

    اها غار نهايت اونڌاهي ۽ اونهي هئي. ان ۾ شايدڪ انسان ذات جو دخول يا خروج ڪڏهن ٿيو هجي. هِن وقت رات جو پويون حصو هو. حضور اڪرم حضورﷺ ان غار ۾ داخل ٿيڻ لڳا ته صديق اڪبر رضه عرض ڪيو ته الله جا رسول حضورﷺ غار ڪيتري عرصي کان گند ڪچري سان ڀري پئي آهي. ٿي سگهي ٿو ته اِن ۾ ڪي حشرات الارض نانگ، بلا ۽ وڇون وغيرهم هجن. انهي ڪري توهان چند گهڙيون ٻاهر پٿر تي ويهو ته توهان جو هي غلام غار کي صاف ڪري وٺي. صديق اڪبر رضه غار اندر گهڙيا. غار تمام بري طرح گند ڪچري سان ڀريل هئي. حضرت ابوبڪر ان کي صاف ڪرڻ لڳو. گند ڪچرو اتان کڻي ٻي پاسي واري غار ۾ وجهندو ويو. اهو صفائي وارو ڪم ظاهري طور ته معمولي هو. مگر نهايت خطرناڪ هو. اهڙين جاين تي گهڻو ڪري مُوذي ۽ زهريلا جانور رهندا آهن. مگر صديق اڪبر پرواني نبوت کي مطقاً ان جي ڪا به پرواهه نه هُئي.
    هو مسلسل غار جي صفائي ڪندو رهيو. ڪلاڪ کن جي محنت کان بعد انهن غار کي صاف ڪري ورتو. هاڻ غار جو جائزو وٺڻ لڳا. غار جي هر پٿر کي جانچيو. انهن کي ڪافي سارا سوراخ ڏسڻ ۾ آيا. انهن جي بند ڪرڻ جو سوچيائون، مگر بند ڪرڻ لاءِ ڪا شيءِ موجود نه هئي. هڪ تڪڙ ٻي رات ٽيو ڪافرن جي تعاقب جو فڪر. صديق اڪبر پنهنجي پٽڪي جا ٽڪر ڪندو ويو ۽ سوراخ بند ڪندي ويو. تان جو پٽڪو به ختم ٿي ويو. مگر هڪ سوراخ اڃان به رهجي ويو. سوچيائين ته ان ۾ پير جو آڱوٺو ڏيئي ڇڏيندس. نماز فجر جو ٽائم ٿي چڪو هو. صديق اڪبر غار کان ٻاهر نڪتا. ڏسن ته پاڻ ڀلارا ربجه جي حضور ۾ سربسجود ليلائي سندس علوشان ۽ ڪبريائي ۾ نماز پڙهي رهيا آهن ۽ صديق اڪبر به سندن ڀر ۾ فجر جي نماز پڙهڻ شروع ڪئي.


    سج ۽ چنڊ ٻئي هڪ برج ۾

    نماز جي فراغت کان پوءِ آنحضرتﷺ صديق اڪبر کان پڇيو ته ڇا غار صاف ٿي ويئي آهي.
    صديق اڪبر: وراڻيو، ها سائين غار صاف ٿي ويئي آهي.
    آنحضرتﷺ: هاڻ ڏينهن ٿي ويو آهي. هر شيءِ پري کان صاف ڏسڻ ۾ پئي اچي. هلو غار ۾ هلي لِڪون. اهو چوندي ئي آفتابِ عالم ۽ ماهتابِ عالم ٻئي غار ۾ داخل ٿي ويا. صديق اڪبررضه پنهنجي چادر وڇايائين. پاڻ ڀلارا چادر تي ويٺا ۽ ليٽڻ جو ارادو ڪيائون. ته حضرت ابو بڪر صديق کين عرض ڪيو ته سائين! منهنجي هنج اوهان لاءِ هندورو ته منهنجي سٿر اوهان لاءِ وهاڻو آهي. پاڻ ڪريمن اها پيشڪش قبول ڪري آرام ڪرڻ لاءِ ليٽيا. ٻنپهرن تائين ٻئي ڄڻا خاموشي سان ويٺا رهيا. سج جي ڪرڻن ۽ شعاعن ساري ماحول کي روشن ڪري ڇڏيو هو ۽ اُس جي تپش پٿرن کي گرمائي ڇڏيو هو. گرم هوا تمام تيزي سان لڳي رهي هئي.
    غار ثور ڪجهه اهڙي طرح واقع هئي. جو سج ٻنپهرن جو مٿي اچڻ جي باوجود غار جي اندر هڪ به شعاع يا ڪرڻو داخل ٿي نٿي سگهيو. بلڪ غار ۾ بدستور انڌيرو رهيو. ٻنپهرن جو سردار دوجهانﷺ، صديق اڪبر جي گوڏي تي سرمبارڪ رکي سمهي پيا. هڪ سوراخ جيڪو باقي رهيو هو. صديق اڪبر جو ان ۾ پنهنجي پير جو آڱوٺو ڏنل هو. ٿوري دير کان بعد پاڻ ڀلارا گهري ننڍ ۾ هئا ۽ ابوبڪررضه سندس خدمت ۽ حفاظت ۾ جاڳي رهيا هئا. جنهن سوراخ تي حضرت ابو بڪر رضه جي پير جو آڱوٺو ڏنل هو. ان ۾ هڪ زهريلو ڪارونانگ ڇپيل هو. انکي سوراخ مان ٻاهر نڪرڻو هو. چونڪه سوراخ آڱوٺي سان بند هو. انهي ڪري نانگ ٻاهر نڪرڻ لاءِ رڪاوٽ بنيل آڱوٺي تي ڏنگ هنيو.
    صديق اڪبر رضه جي پير مبارڪ مان رت ڦوهارا ڪري وهڻ لڳو. ۽ سارو جسم زهر سبب جلڻ لڳو. مگر آنحضرتﷺ جن جي ننڊ خراب ٿيڻ جو احتمال هو. ڇو ته پاڻ ڀلارنﷺ جو سر مبارڪ سندن گوڏي تي هو. انهي ڪري بنان ڪنهن چُر پُر جي تڪليف برداشت ڪندي رهيا. مگر محبوب خدا کي جاڳايائون نه.
    هي سچ آهي ته جن ٻن ۾ محبت هوندي آهي انهن کي هڪ ٻي لاءِ اُٿي ويٺي، سُتي جاڳي، آداب جو خيال ۽ فڪردامن گير هوندو آهي. جيتري قدر صديق اڪبر رضه کي حضور اڪرمﷺ سان محبت هئي. اوتري قدر آنحضرتﷺ کي به صديق اڪبر سان محبت هئي. تون جنهن جي تات سي پُڻ تنهنجي تات جڏهن صديق اڪبر کي نانگ ڏنگيو ان کي تڪليف ٿي. سندن اکين مان سور جي ڪري ڳوڙها نڪتا. سائينﷺ جن جي چهره انور تي ڪريا. سرور ڪونينﷺ سجاڳ ٿي پيا. صديق اڪبر جي طرف ڏٺو ته ان جو چهرو مبارڪ پيلو ۽ ڦڪو ڏٺائون پاڻ ڀلارا اٿي ويٺا.
    آنحضرتﷺ: صديق ڇا ماجريٰ آهي. تنهنجو چهرو ڇو ڦڪو ۽ لٿل آهي؟
    صديق اڪبر: اي الله جا سچا رسولﷺ مون هن غار جا سڀ سوراخ بند ڪري ڇڏيا هئا. مگر هڪ سوراخ باقي رهجي ويو هو. ان سوراخ تي مون پنهنجي پير جو آڱوٺو ڏيئي ڇڏيو هو. ڪنهن زهريلي جانور ڏنگ هنيو آهي.
    حضورﷺ: ڏسان ڪٿي ڏنگيو آهي. صديق اڪبر سوراخ تان پير هٽايو ته فوراً ان مان نهايت خوفناڪ ۽ ڪاري رنگ جو نانگ نڪري بيهه رهيو.
    پاڻ ڀلاراﷺ: نانگ سان مخاطب ٿيندي فرمايو، اي ڪارا نانگ تو منهنجي صديق جي آڱوٺي تي ڏنگ هڻي مونکي ڏاڍو ايذايو آهي. تَئين ميڏي دل رنجائي اي، مار تيڪون مار گهتان، تو ميڏي محبوب دا پير رنجايا اي.
    نانگ آنحضرتﷺ جي طرف ڏٺو ۽ جهُڪيو ۽ غار مان ٻاهر نڪري هليو ويو. آنحضرتﷺ جن پنهنجي وات مبارڪ مان پِڪ مبارڪ ڪڍي صديق اڪبر جي آڱوٺي تي خود پاڻ لڳايائون. خدا جو شان جو فوراً سور ۽ جلن ختم ٿي ويئي. ترياق جهڙي طرح زهر جي اثر کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي. اهڙي طرح پاڻ ڀلارن جي لعابِ دهن نانگ جي زهر جي اثر کي ختم ڪري ڇڏيو. جهڙو ڪر ڪجهه به نه ٿيو هجي.
    سهڻي سائين، حضرت ابو بڪر رضه جي دل جوئي لاءِ کانئس پڇيو. صديق اڪبر رضه ڇا تمنا آهي؟ صدق و وفا جي صاحب فرمايو. اي الله جا سچا رسولﷺ دل ٿي گهري ته هڪ مان هجان. ٻيو تون هجين، منهنجون اکيون تو ۾ هجن ۽ تون منهنجي اکين ۾ هجين. پوءِ توکي نه ڏسي ڏيهه. آئون نه ڏسان ڪو ٻيو.
    * اکين ۾ ٿي ويهه آئون واري ڇپر ڍڪيان،
    توکي نه ڏسي ڏيهه آئون نه ڏسان ڪو ٻيو.
    (شاهه)

    * من تو شدم تو من شدي
    من تن شدم تو جان شدي
    تاڪس نگو يد بعد ازين من ديگرم تو ديگري
    (خسرو)
    ۽ پڻ انهن گهڙين جي ۽ صديق اڪبررضه جي آواز جي ترجماني احمد ملاح پنهنجي زباني هيئن ڪئي آهي. اي سماع ٻُڌ!!
    مرحبا محبوب! منهنجا، تو مٿان سِر گهوريان،
    گس گهٽيون ڇايان گلن سان، گنج گوهر گهوريان.

    هي تن، هي بدن، هي جان هي جسم،
    تنهنجي جلوي جوت تان جنسار جوهر گهوريان.

    ماڻڪن جا مينهن وسايان، تنهنجي مارڳ، ماڳ تان،
    تنهنجي خدمت ۾ خزانا، خوب خوشتر گهوريان.

    هنجه هرڻ، هورون پريون، هيرا حسن ۾ هيچ هٿ،
    تنهنجي جلوي جوت تان جنسار جوهر گهوريان.

    تنهنجي خط ۽ خال کي، مشڪي خطا، ڪوٺڻ خطا،
    عرق تنهنجي تان عجيبا! عطر عنبير گهوريان.

    ڪونجڙين ڪي ڪرنمايا، ڪنڌ اڳيان تنهنجي قريب!
    تنهنجي قهه قهه تان ڪيڪ، قمريون، ڪبوتر گهوريان.

    نڪ نيلوفر نمونو، نرم انگ، نرمل اکيون،
    تنهنجي پيرن تان پيارا! پٽ پٽيهر گهوريان.

    چنڊ چهرو چسم چڪ مڪ، چوسرو چوٽو چنڊن،
    وات ڪوثر کان ڪَثر، زمزم ذقن سر گهوريان.

    آهي ”احمد“ کي اندر ۾، عمر ساري جي اداس،
    اچ ته اڄ ڪي من اندر جون اوريان گهر گهوريان.
    مرحبا محبوب منهنجا! تو مٿان سر گهوريان.

    محبوبن مرڪي کڻي ماٺ ڪئي وري به پاڻ ڀلارن آرام ڪيائون سڄو ڏينهن خاموشي سان غار اندر رهيا. شام جو جڏهن سج لٿو ۽ هر طرف رات جي اونڌاهي پنهنجا پر پکيڙيا. اونڌهه ٿيڻ شرط صديق اڪبر جو غلام عامر ٻڪرين جو ڌڻ ڪاهي اتي پهچي ويو. صديق اڪبر ٻاهر آيا. عامر وڌي سلام ڪيو. صديق اڪبر سلام جي جواب بعد، چيو عامر ڪجهه کير آڻ جو پاڻ ڀلاراﷺ سڄي ڏينهن جا بلڪل اڃايل ۽ بکايل آهن. عامر وٽ هڪ ڪاٺ جو پيالو هو. اهو ڀري صديق اڪبر رضه کي ڏنو. صديق اڪبر اهو پيالو آنحضرتﷺ کي غار ۾ ڏيڻ لاءِ وڌيا ته پاڻ ڪريمﷺ به غار کان ٻاهر نڪري آيا. کير جو پيلاو وٺي. هڪ پٿر تي ويهي اڌ پيالو کير پيتو ۽ اڌ واپس صديق اڪبر رضه کي ڏنو. اهو بچيل کير صديق اڪبر رضه جن پيتو ۽ پيالو عامر کي واپس ڪيائون. اڃان ٿوري دير ئي مس گذري ته ابوبڪر صديق جو پٽ عبدالله ۽ سندس ڌي بي بي اسماء رضه به کاڌو کڻي غار تي پهچي ويا. ٻنهي پهرين حضور انورﷺ کي پوءِ صديق اڪبررضه کي سلام ڪيائون. ٻنهي بزرگ هستين انهن ٻنهي کي ڍير ساريون دعائون ڏنيون ۽ کاڌو پاڻ سڳورن جي اڳيان رکيو.
    صديق اڪبر رضه: ”پنهنجي پٽ عبدالله کان پڇيو“ ها پٽ! ڪر خبر، قريش جي ڪافرن جي ڪا خبر ڏي. اڄ سمورو ڏينهن هنن ڇا ڪيو؟
    حضرت عبدالله: بابا سائين اڄ صبح جو جڏهن حضرت علي ڪرم الله وجھ. حضورﷺ جن جي بستري تان اٿيا ته ڪافرن کيس گهيري ورتو. ان کان پڇيائون ته ٻُڌاء محمد ڪيڏانهن ويو. ان لاعلمي جو اظاهر ڪيو. ڪافرن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. انهن حضرت علي سائين کي ڏاڍي مارڪُٽ ڪئي. پر حضرت علي سائين پنهنجي ڳالهه تي ڊٽيا رهيا. تمام ڪافر آنحضورﷺ جي زنده هلي وڃڻ سان ڏاڍا حراسان ۽ ڊنل آهن ۽ اُهي پنهنجي گهر به آيا هئا. آئون به گهر ۾ موجود هئس. ادي اسمآء ۽ادي عائشه هئا. اُهي ادي اسماء سان اٽڪي پيا ۽ پڇڻ لڳا ته تنهنجو پيءَ ڪٿي آهي؟ ان چيو ته مون کي ان جي باري ۾ ڪا به خبر ناهي ته هو ڪٿي آهي. ها! اَبُو! ظالم ابوجهل ڪاوڙ مان ادي اسماء کي اهڙي زوردار ٿڦڙ هنئي جو ان سان ادي جو ڳل ڳاڙهو ٿي ويو ۽ سندس ڪن جي والي به هيٺ پٽَ تي ڪري پئي. صديق اڪبر کي جوش اچي ويو ۽ چيائين ته بدبخت ابوجهل تنهنجي تقدير توتي منڊلائي رهي آهي. اهو ڏينهن پري ناهي، جنهن ڏينهن تون ذليل و خوار ٿيندين ۽ تنهنجي ماءُ توتي ماتم ڪندي؟
    بي بي صاحبه سمجهي ويئي ته بابا سائين کي چمات جو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي. بي بي سانئڻ فرمايو ته نه، نه بابا سائين ابوجهل مون کي آهستي سان ٿورڙي لَپاٽ هنئي هئي ۽ مون پنهنجي والي جلدائي سان کڻي ورتم.
    صديق اڪبر جوش سان ڀرجي چيو ته، مگر ان ملعون کي منهنجي ڌي تي هٿ کڻڻ جو ڪهڙو حق هو؟ ڪاش! الله جو رسولﷺ اسان کي تلوار کڻڻ جي اجازت ڏي ها ته والله آئون اِنهي وقت ان مردود ۽ بزدل جي خبر ۽ بدلو وٺان ها. الله جي رسولﷺ فرمايو ابو بڪر! اسان جو توهان جو ۽ جملي مسلمانن جو بدلو خدا وٺندو. هو ئي اسان جو والي ۽ وارث آهي. ڇا هو ڏسي نٿو؟ اسان اِنهن مشرڪين مڪي جو ڇا وڃايو آهي؟ اهو ڪم خدا جي حوالي ڪري ڇڏ. اهو ئي بهترين بدلي وٺڻ وارو آهي. اهو ٻڌي صديق اڪبر رضه نرم ٿيو ۽ چيائين ته اُفوض امري الي الله مون پنهنجو ڪيس ۽ پنهنجو معاملو الله جي حوالي ڪيم. خدا منهنجي نياڻي جو بدلو وٺندو. چڱو عبدالله پوءِ ڇا ٿيو؟
    عبدالله: جڏهن انهن کي اوهان جو سراغ نه مليو ته اُنهن تمام اهل مڪي کي تلاش لاءِ چيو. اوهان جي حاصل ٿيڻ جي صورت ۾ ڪافي ساري انعام و اڪرام جا واعدا وغيره ڪيا اٿن. ماڻهو هر طرف اٺن، گهوڙن تي چڙهي ويا. مگر سڀ جو سڀ ناڪام و نامراد موٽيا.
    آنحضرتﷺ: انشاء الله ناڪام ئي رهندا. هاڻ سڀني گڏجي کاڌو کاڌائون کاڌي کائڻ کان بعد صديق اڪبررضه پنهنجي پٽ عبدالله کي چيو. پُٽ هاڻ تون ۽ ڀيڻ اسماء ٻئي ڄڻا وڃو. رات ڪافي گذري چڪي آهي. صبحاڻي رات وري به ٻئي ڄڻا ڀاءُ ڀيڻ ماني کڻي اچجو ۽ پڻ قريش جي ڪافرن جي مڪمل رپورٽ وٺي اچجان.
    ٻئي ڀاءُ ڀيڻ سلام ڪري روانه ٿيا ۽ انهن جي رواني ٿيڻ بعد صديق اڪبر رضه عامر کي چيو ته عامر پُٽ تون انهن جي پٺيان ٻڪرين جو ڌڻ اهڙي طرح ڪاهي وڃ جو انهن جي پيرن جا نشان ختم ٿي وڃن. عامر چيو، سرڪار ائين ئي ٿيندو توهان بي فڪر رهو.
    عبدالله، اسماء ۽ عامر جي رواني ٿيڻ بعد ٻنهي هستين عشاء جي نماز پڙهي جبل جي هڪ وڏي ڇپ تي چادر وڇائي سمهي پيا. پره ڦٽڻ تائين نهايت آرام ۽ بي فڪري سان سُتا رهيا.
    طلوع سحر کان پوءِ اُٿي ضروريات زندگي کان فارغ ٿي صبح واري نماز پڙهي وري غار ثور ۾ لڪي ويا.
    جڏهن سج اڀريو ته آنحضرتﷺ ۽ ابو بڪر صديق رضه جن ڏٺو ته هڪ وڏو ڪوريئڙو غار جي منهن تي اچي ڄار اُڻڻ شروع ڪيو آهي. جڏهن ڄار اُڻي، تمام غار جو منهن ڍڪي ڇڏيائين ته هڪ پاسي هليو ويو. ان جي وڃڻ کان بعد ٿوري دير ۾ ٻه جهنگلي ڪبوتر آيا. جن غار جي منهن جي ويجهو ئي پنهنجو آکيرو ٺاهڻ شروع ڪيو ”نوٽ“ مڪي ۽ مديني ۾ جيڪو ڪبوتر آهي. اهو ان جي نسل مان آهي.
    حضورﷺ: پنهنجي يار غار صديق اڪبر رضه کي چيو، ابو بڪر تو خدا جي ڪا حڪمت ڏٺي.
    ابو بڪر: ها يا رسول الله، ڪوريئڙي جو ڄار اُڻي هليو وڃڻ، ڪبوتر جو آکيرو ٺاهڻ، بغير وجهه ناهي، ضرور ڪا حڪمت آهي.
    آنحضرتﷺ: ابو بڪر تو ٺيڪ سمجهيو آهي. حڪيم جو ڪو به ڪم حڪمت کان خالي نه هوندو آهي. لڳي ٿو ته اڄ قريش جا ڪافر اسان جي ڳولا ۾ هن طرف اچن. انهي ڪري قدرت واري اسان جي حفاظت جو انتظام. ڪوريئڙي جي ڪمزور ڄار ذريعي ڪيو آهي.
    صديق اڪبر: ليڪن هڪ ڪمزور ڪوريئڙي جي ڄار اُڻڻ ۽ جهنگلي ڪبوترن جو آکيرو ٺاهڻ. اهو اسان جي ڪهڙي طرح حفاظت ڪندا؟
    آنحضرتﷺ: ابو بڪر رضه خدا پنهنجي حڪمت جي رازن کي هو پاڻ ئي ڄاڻي ٿو. اسان ان جي گهرائي تائين نٿا پهچي سگهون. بندي جي مَن ۾ هڪڙي هوندي آهي ۽ خدا ٻي ڪري ڇڏيندو آهي. تڏهن ته هو خدا آهي.
    صديق اڪبر رضه اڃان ڪجهه چوڻ وارو ئي هو ته ٻئي ڪبوتر ڦڙ ڦڙاهٽ ڪري اڏاڻا.
    پاڻ ڀلارن فرمايو! ابو بڪر هوشيار باش. دشمن پهچي ويا آهن. ٻئي ڄڻا خاموش ٿي ويا. انهن کي غار جي ٻاهران ڳرن پيرن جي آواز جي آهٽ محسوس ٿي. اهو ٻنپهرن جو وقت هو. سخت ۽ گرم لُو هلي رهي هئي.
    اگرچه غار کان ٻاهر سخت ڪاڙهو ۽ اُس هئي. مگر غار اندر مڪمل اونڌاهي ۽ ٿڌاڻ هئي. هي ٻئي بزرگ هستيون بلڪل خاموش ۽ پيرن جو آواز ٻڌي رهيا هئا. متعدد ماڻهن جي پيرن جو آواز هو جيڪو وڌندو ويجهو اچي رهيو هو.
    ابو بڪر رضه: (نهايت آهستگي سان) اي خدا جا حبيبﷺ دشمن بلڪل مٿي تي اچي ويا آهن.
    آنحضرتﷺ: لاتحزن اِن الله معنا. ابو بڪر ڪو به کٽڪو نه ڪر پنهنجو محافظ پاڻ سان گڏ آهي. صديق اڪبر رضه خاموش ٿي ويا. هاڻ پيرن جو آواز ايتري قدر ويجهو اچي ويو. جو ان غار نشينن سمجهي ورتو هو ته دشمنن کي اسان جو سراغ ملي ويو آهي ۽ هو سِڌا انهن جي ڳولا ۾ غارِ ثور تي اچي ويا آهن. صديق اڪبر رضه ڏاڍو گهٻرايو. سوچيائين ته آخرالزمان نبيﷺ فخرالرسول، رحمت اللعالمين الله جي امانت مون ساڻ آهي. هاڻ الائي جي ڇا ٿيندو؟ مٿي نظر ڪري ڏٺائون ته ابوجهل، ابولهب، ابوسفيان، عتبه، شيبه وغيرهم سامهون آهن. پر غار جي طرف انهن ڪافرن جي پُٺ هئي.
    صديق اڪبر رضه: (اشارن سان) منهنجا سائين. صدقي وڃان. هي دشمن سامهون ئي ته اچي ويا آهن. اگر هنن پنهنجي پيرن جي طرف نظر ڪيو ته اسان کي ڏسي وٺندا آنحضرتﷺ ”تسلي آميز انداز ۾“ ابوبڪر هو اسان جي پيرن جي طرف نظر ڪن ڇو؟ نظر ڪو نه ڪندا فڪر نه ڪر. مطلق نه ڊڄ. اهي پنهنجو ڪجهه به بگاڙي نٿا سگهن. ”واهه سهڻا واهه فداه ابي و امي“ تنهنجو يقين ۽ ڀروسو،ﷺ.
    صديق اڪبر رضه ڪجهه چوڻ وارو هو ته، ڪنهن انهن مان چيو، اي قريش جا سردارو هن کان اڳتي پيرا نٿا هلن. پنهنجو مطلوب محمدﷺ ۽ سندس ساٿي ابوبڪر اتي ڪٿي لڪي ويا آهن. يا ته آسمان تي اڏامي ويا آهن. يا ته هُبُل ڪندو جو زمين هنن کي ڳهي ويئي.
    ابوجهل: هتي ئي تلاش ڪريو. اتي ئي لڪيا هوندا. آسمان تي اڏامي نٿا وڃي سگهن ان کان پوءِ آواز بند ٿي ويو. صرف پيرن جي آهٽ محسوس ٿي رهي هئي. ٿوري دير بعد ڪنهن چيو، سارو جبل ڇاڻي ڇڏيو، ڪٿي به پيرو نٿو ملي، نه معلوم هو ڪيڏانهن ويا.
    ابوسفيان: اسان جبل جو ذرو ذرو، ڪنڊ ڪڙڇ، پٿر پٿر ڪري نهاريو آهي. اهي هتي ناهن، هنن حرامين پيرين اسان کي دوکو ڏنو آهي. ٿي سگهي ٿو ته هي پيري ڪميڻا، هُنن ٻنهي سان مليل هجن ۽ اسان کي اهي ٻي طرف وٺي آيا هجن.
    ابوجهل: نه، نه ابوسفيان، مون کي هنن سراغ رسانن تي مڪمل ڀروسو آهي. هي پنهنجا خاص ماڻهو آهن ۽ هي اسان کي دوکو نٿا ڏيئي سگهن. هڪ پيري چيو: سائين اسان، اوهان کي يقين ٿا ڏياريون ته اسان اوهان کي دوکو ناهي ڏنو. پر اسان پيرن جا نشان هيس تائين صحيح انداز سان آندا آهن. مگر هتي پهچي ڪري پيرن جا نشان غائب ٿي ويا آهن.
    وليد: ڀلا هن غار ۾ ته ڏسو شايد هن غار ۾ لڪيا هجن؟
    صديق اڪبر رضه اهو جملو ٻڌي ورتو ۽ ڪجهه پريشان ٿيو. جو مون کي ڪو نقصان پهتو ته ڪو حرج ناهي. مگر مون سان گڏ الله جي امانت ۽ ان جو محبوب نبيﷺ آهي. ان جو ڇا ٿيندو؟
    آنحضرتﷺ: اشاري سان انکي وري تسلي ڏني ۽ خاموش رهڻ لاءِ چيو.

    ابو جهل: ”ٽوڪ طور“ ها ها! غار جي اندر هوندا. وليد ذرا عقل کان ڪم وٺ. هي غار صدين کان خطرناڪ حالت ۾ پئي آهي. ڪنهن کي کُٽي کنيو آهي ته هن غار ۾ گهڙي. ڪو به ماڻهو ان ۾ داخل ٿيڻ جي سوچڻ جي به جرئت نٿو ڪري سگهي.
    ابوسفيان: وليد تو ڪوريئڙي جي ڄار ڪو نه ڏٺي؟ اگر ڪو انسان هن غار ۾ هجي ها ته ڇا اهو ڄارو صحيح ۽ سلامت رهي ها؟ ڏس هڪ تار به ٽٽل ناهي ۽ هي تازو ڪبوتر جا لاٿل انڊا، ڇا ماڻهو اندر هجن ۽ ڪبوتر جا آنا هت هجن ٿي سگهي ٿو؟ حالانڪ ڪبوتر نرمادي پاڻ کي ڏسي هاڻ ئي ته اڏاڻا آهن.
    ابولهب: وليد جي ته مَت ويئي آهي نه ڄارو ٿو ڏسي. نه ان کي ڪبوترن جو آکيرو ۽ آنا ڏسڻ ۾ ٿا اچن؟ نه آکيري مان اڏامڻ وارا ڪبوتر ٿا نظر اچن. ڀلا ان بد عقلي ۽ موڳائي جو به ڪو علاج؟
    عُتبه: هي وليد ته اڳي به اهڙيون بي تُڪيون ۽ بي سُريون ڳالهيون ڪندو آهي. هن جي ڳالهين تي نه لڳو.
    شيبه: ”ڪوريئڙي جي ڄار کي ڏسندي“ هينئن چيو ته يارو! هي ڄار ته ايتري پراڻي آهي جو محمد جي ڄمڻ کان به اڳ جي آهي.
    اچو هلو. هلو اهي هتي ناهن. ڪير به اهو نٿو چئي سگهي ته هو ڪيڏانهن ويا. وليد ڦِلهو منهن ڪري ماٺ ڪري بيهه رهيو. سڀ ڪافر نامراد و ناڪام واپس موٽيا. جڏهن اهي پري نڪري ويا ته صديق اڪبر الله جا شڪر ۽ احسان مڃيا.
    صديق اڪبر رضه: الله پاڪ جا اڻ ڳڻيا احسان، جنهن اسان کي ڪافرن جي شر کان بچائي ورتو.
    آنحضرتﷺ ابو بڪر جيڪي ماڻهو خدا تي ڀروسو ڪندا آهن ته خدا به انهن جي حفاظت ۽ مدد ڪندو آهي. هڪ مسلمان لاءِ اهو ضروري آهي ته هو دنيا جي جملي طاقتن کان منهن موڙي ۽ بي نياز ٿي. صرف هڪ خدا جي طاقت تي ڀروسو ڪري ته انشاء الله خدا پاڪ ضرور ان جي مدد ڪندو ۽ ان جي قبوليت وارو دروازو تڏهن کلندو آهي. جڏهن ٻيا سڀ دروازا بند هوندا آهن.
    صديق اڪبررضه: منهنجا حضورﷺ واقعي توهان جي ڳالهه درست آهي. اسان ڪافرن کي ايتري قدر ويجها ۽ ان حد تائين سامهون هئاسون. جو هڪ قدم وڌي غار جي اندر ذرا سي نظر ڪن ها ته اسان سامهون نظر اچي وڃون ها. مگر ڪافرن جي فريب ۽ مڪر کان خدا کي اسان جي حفاظت منظور هئي ان ڪري ان مالڪ سائين انهن جي مڪر ۽ فريب کي ختم ڪري. ان اهڙا اسباب پيدا ڪيا، جو ڪافر دوکو کائي واپس هليا ويا.
    اِنَّهُمْ يَكِيْدُوْنَ كَيْدًا وَّاَكِيْدُ كَيْدًا فَمَــهِّلِ الْكٰفِرِيْنَ اَمْهِلْهُمْ رُوَيْدًا
    (ترجمو: اهي ڪافر تدبيرون ڪن ٿا ۽ آئون الله به تدبير ڪريان ٿو پوءِ اي محمدﷺ تون انهن کي ٿوري مهلت ڏيئي ڇڏ پوءِ ڏس ته ڪنهن جي تدبير مؤثر آهي. حالانڪه تدبير جو مالڪ ته آئون ئي آهيان.)
    آنحضرتﷺ: ابو بڪر هاڻ بي خوف و خطر آرام ڪريو. ٻئي بزرگ هستيون غار اندر چادرون وڇائي سمهي رهيا. سج لڙڻ مهل اٿيا. غار کان ٻاهر تيمم ڪري پنهنجي خدا جي آڏو سربسجود ٿيا. ظهر جي نماز پڙهي رب پاڪ جا شڪر بجا آندا، ان وقت سج جي گرمي پنهنجي جوڀن جي آب و تاب تي هئي.
    آنحضرتﷺ: ابو بڪر ٻاهر نڪري مٿاهين چٽان تي چڙهي ڏس. ڪٿي عامر هجي. صديق اڪبر رضه غار کان ٻاهر نڪري مٿاهين چٽان تي چڙهي ويو. چوطرف نظر ڊوڙائي ڏٺو. مگر عامر ڪٿي به نظر نه آيو. صديق اڪبر رضه هيٺ لٿو. محسن انسانيت جي ويجهو اچي عرض ڪيو ته عامر جو ڪجهه به پتو ناهي. هر طرف واري جو طوفان آهي. ڏسڻ ۾ ڪجهه به نٿو اچي. سڄو ڏينهن ٻنهي هستين اڃايل، بکايل وقت گذاريو. عصر نماز پڙهي، پوءِ مغرب نماز پڙهي. اگرچه سج لهي چڪو هو. مگر پٿر اڃان به گرم هو. هي ٻئي آفتاب عالم ۽ ماهتاب عالم هڪ کليل وڏي چٽان تي ويهي رهيا.
    ايتري ۾ عامر به ٻڪرين جو ولر ڪاهي پهچي ويو. عامر ٻڪريون ڏهي کير جو وٽو حاضر ڪيو. ٻنهي بزرگن کير پيتو.
    صديق اڪبر رضه: عامر ڇا تو ڏينهن جو ڪفار قريش کي ڏٺو هو؟
    عامر: ها سائين اڄ آئون سڄو ڏينهن جبل جي دامن ۾ ٻڪريون چاري رهيو هوس مون قريش جي سردارن کي جبل تي ايندي ۽ مٿي چڙهندي ڏٺو هو. آئون ڊڄي ويس ته متان نه اهي ظالم توهان تائين پهچي وڃن. آئون ته انتظار ۾ هوس ته خدا خير ڪري مون عزم ڪري ڇڏيو هوم ته خدانخواسته اگر اهي توهان تائين پهچي ويا ۽ توهان کي قيدي بنايائون ته پهرين منهنجي تلوار هنن جو فيصلو ڪندي. پوءِ اڳتي ڏٺو ويندو. سائين هي منهنجي تلوار ڏسو ڪيئن ڀلا چڱي آهي. اڄ پاڻ سان گڏ کڻي آيو آهيان مگر خدا جا اڻ ڳڻيا احسان ۽ ڪروڙها ڪرم جو ان جي نوبت ئي نه آئي ۽ اهي زليل و خوار ٿي واپس موٽيا.
    ٿوري دير بعد حضرت عبدالله ۽ بي بي اسماء ٻئي ڀاءُ ڀيڻ اچي ويا. سلام ڪيائون. بي بي اسماء اڳتي وڌي کاڌو پاڻ ڀلارن جي اڳيان رکيائين.
    صديق اڪبر رضه: ها! پُٽ عبدالله اڄ جي ڪارگذاري ٻُڌا، ڏينهن ڪيئن گذريو؟
    عبدالله: با با سائين اڄ به ڪافرن ۽ لوفرن سڄو ڏينهن مڪي جا گهٽ، گهيڙ، گهٽيون، جهر جهنگ چو طرف ڳولا ڪرڻ ۾ ڪو نه گهٽايو. مگر ناڪام ۽ نامراد ٿي شهر ۾ واپس آيا. شام جو انهن حرم بيت الله ۾ هڪ مجلس شوريٰ گهرائي. مشوري ۾ طئي ٿيو ته جيڪو به محمد ۽ ابو بڪر صديق کي مرده يا زنده هٿ ڪندو ته ان کي هڪ سو سُٺن اُٺن کان سواءِ ٻيو به ڪيترو ئي انعام و اڪرام ڏنو ويندو.
    آنحضرتﷺ: ”مسڪرائي فرمايو ته“ انشاء الله ڪافر پنهنجي اراد ي ۾ ناڪام ئي رهندا. پر هاڻ اسان کي صبحاڻي رات جو هتان کان روانو ٿيڻو آهي.
    صديق اڪبر: ”خوش ٿيندي“ حضورﷺ ڇا؟ آئون عبدالله کي چوان ته صبحاڻي رات جو هو ٻه ڏاچيون آڻي ۽ عبدالله بن اربقط کي به اطلاع ڪري ته هو رات جو رهبري لاءِ پنهنجي اٺ سان گڏ پهچي وڃي.
    آنحضرتﷺ: ها ان کي ڀلي هدايت ڏيئي ڇڏيو.
    صديق اڪبر رضه: نورچشم عبدالله، تو اهي ڳالهيون ٻڌيون. سڀاڻي انهن تي عمل ٿيڻ کپي. ٻئي ڏاچيون تيار ڪري خفيه طور پهچي وڃج. عامر به اسان سان گڏ هلندو. عبدالله بن اربقط کي چئج ته هو به رات جي پهرين پهر ۾ هت پهچي وڃي. بي بي اسماء کي ڳراٽڙي پائي چيائين ته، ها! منهنجي پياري ڌي تون صبحاڻي سَتو ۽ کجور جا ٿيلها ڀري آڻج ۽ منهنجا ڪپڙا به کنيو اچج. آئون سمجهان ٿو ته اوهان کي وڌيڪ سمجهائڻ جي ڪا ضرورت ناهي. هر ڳالهه ۾ احتياط ضروري آهي. ٿورو چوڻ گهڻو سمجهڻ.
    عبدالله ۽ بي بي اسماء چيو ته بابا سائين اسان چڱي طرح سمجهي ويا آهيون. توهان ڪنهن به ڳالهه جو ڪو به فڪر نه ڪريو. اوهان جيئن چيو ۽ جيئن چاهيو ائين ڏسندا. انهي کان بعد سڀني گڏجي ماني کاڌي ۽ کاڌي کان واندا ٿيڻ بعد عبدالله ۽ اسماء ٻئي ڀاءُ ڀيڻ رات جي اونڌاهي ۾ مڪي ڏانهن روانا ٿيا. ۽ عامر انهن جي پٺيان ٻڪرين جو ڌڻ ڪاهي روانو ٿيو، ٻڪرين جي ڌڻ جي هلڻ ڪري. عبدالله ۽ اسماء جي پيرن جا نشان ختم ٿيندي ويا.
    پاڻ ڀلارنﷺ ۽ صديق اڪبر رضه عشاء جي نماز پڙهي ۽ هڪ چٽان تي چادر وڇائي سمهڻ جي ارادي سان بي فڪر ٿي ليٽي پيا. مگر گرمي گهڻي هئي. دير سان ننڊ آئي. ليڪن جڏهن ننڊ آئي ته آرام سان ستا رهيا. صبح جو پرهه ڦٽي. ٻئي ڄڻا ضروريات زندگي کان فارغ ٿي فجر نماز باجماعت پڙهي ۽ غار ۾ هليا ويا ٻنپهرن تائين غار اندر ويٺل رهيا. جڏهن سج لڙيو ته نماز ظهر ادا ڪئي. اڃان نماز ظهر کان فارغ ٿيا ئي هئا ته عامر کير جو هڪ وڏو وٽو ڀريل کڻي آيو ٻنهي هستين کير پيتو.
    صديق اڪبر رضه: عامر ڏي خبر! ڇا ڪافر اڄ هن طرف آيا هئا؟
    عامر: يا سيدي ها، اڄ به ڪجهه ڪافر اُٺن تي سوار ٿي صبح سويري يثرب طائف، جده ۽ ٻين پاسن تلاش لاءِ ويا آهن. مگر خاص، خاص ماڻهو ڳولا لاءِ نڪتا ناهن، بلڪ لالچي، لوفر ۽ واندا ماڻهو جيڪي انعام جي آسري تي ڌڪا کائي رهيا آهن.
    آنحضرتﷺ: غالباً اُهي ناڪام ۽ نااميد ٿي ويهي رهيا آهن؟
    عامر: حضورﷺ، بيشڪ ائين ئي معلوم ٿئي ٿو.

    صديق اڪبر رضه: عامر وري به خيال رکجين ته اهي مڪي جا مشرڪين ڪيڏانهن وڃن ٿا. اڄ رات جو اسان هتان کان روانا ٿينداسون ۽ توکي به اسان سان گڏ هلڻو آهي. خاص طور هن ڳالهه جو خيال رکج ته يثرب طرف ڪهڙا ۽ ڪيترا ماڻهو وڃن ٿا ۽ اهي واپس اچن ٿا يا نه؟
    عامر: ڏاڍو سٺو سائين، توهان مطمئن رهو. ائين چئي هو هليو ويو. عامر جي وڃڻ کان پوءِ آفتاب هدايت ۽ ماهتاب هدايت، ٻنهي سڄو ڏينهن غار ثور ۾ آرام ڪيائون. جڏهن سج لٿو ۽ رات ٿي، ٻئي ڄڻا غار کان ٻاهر آيا ۽ هڪ صاف ٽڪري تي ويهي، عبدالله، عامر ۽ بي بي اسماء جو انتظار ڪرڻ لڳا. ڪجهه وقت کان پوءِ انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون. حضرت عبدالله ۽ سندس ڀيڻ امان سانئڻ اسماء پهچي ويا. ٻنهي ڄڻن سلام عرض ڪيو. ٻنهي عظيم هستين سلام جي جواب سان گڏ ڪافي ساريون خير، عافيت، برڪت، سعادت مندي ۽ درازي عمر جون دعائون ڏنيون.
    آنحضرتﷺ: عبدالله، ڪر خبر، اڄ مڪي جي ڪافرن جي ڪهڙي رپورٽ آهي؟ عبدالله، حضورﷺ مڪي جي ڪافرن مان اڪثر معززين ٿڪجي نااميد ۽ نامراد ٿي ويهي رهيا آهن. مگر جيڪي سُڃا، اتيت ۽ لالچي قسم جا ماڻهو آهن. اُهي اٺن ۽ گهوڙن تي چڙهي انعام جي لالچ ۾ سارو ڏينهن هيڏانهن، هوڏانهن گهمي رهيا آهن. پر هاڻ ته هنن جو به جوش ٿڌو ٿيندو پيو وڃي.
    صديق اڪبر رضه: پٽ عبدالله، تو عبدالله بن اربقط کي چيو هو ته هو ڏاچيون وٺي اچي؟ عبدالله، ها بابا سائين، مون ان کي چيو هو ۽ هو سارو ڏينهن تياري ۾ مصروف هو اميد ته ايندو هوندو.
    انهي دوران عامر به ٻڪرين جو ولر ڪاهي اچي ويو. يڪدم کير ڪڍي ٻنهي بزرگ هستين کي پيش ڪيو. ٻنهي ڄڻن کير پيتو، ايتري ۾ عبدالله بن اربقط به ڏاچين سميت پهچي ويو. اُن ايندي ئي سلام ڪيو. سلام جي جواب بعد صديق اڪبر رضه، عبدالله تون تيار ٿي اچي ويئين؟ ڪنهن ماڻهو توکي ايندي ڏٺو ته ڪو نه؟

    عبدالله: ها سائين آئون بلڪل تيار ٿي آيو آهيان ۽ يقيناً مون کي ڪنهن به ڏٺو ناهي.
    صديق اڪبر رضه: تو ڪنهن کي ڳالهين جي وهڪري ۾ اسان جي يا پنهنجي روانگي جو احوال ته نه ڪيو آهي؟
    عبدالله بن اربقط: نه، نه سائين هڪ نمبر ته مون کي ڪو به ماڻهو گڏيو به ناهي ٻيو نمبر ته آئون عرب آهيان. آئون ڪو ذليل قسم جو ماڻهو ناهيان جو رازداري جو عهد ٽوڙي پنهنجي قومي شرافت ۽ اهل عرب جي روايات کي بدنام ڪريان. ياد رکو! جهڙي طرح توهان عرب آهيو. اهڙي طرح آئون به عرب آهيان. هڪ عرب ڪڏهن به غداري يا دوکو نٿو ڏيئي سگهي. ۽ ڪڏهن به وعده خلافي نٿو ڪري سگهي. اسان جو قومي طره امتياز اهو ئي ته آهي.
    صديق اڪبر رضه: واقعي عبدالله تون سچ چئين ٿو. الله پاڪ توکي انهي عزم ۾ اڃان وڌائي.
    عبدالله بن اربقط: منهنجي خيال ۾ ته اسان کي دير ڪرڻ مناسب ناهي. جلد روانو ٿيڻ کپي. جيئن سج نڪرڻ کان اڳ اسان ڪافي منزل طئي ڪري وٺون.
    آنحضرتﷺ: بلاشڪ جلدي ڪريو. سامان ٻڌو ۽ روانا ٿيو. حضورﷺ جن سامان جو جائزو ورتو. هڪ کجور جو ٿيلهو جيڪو پاکڙي سان ٻڌو ويو. ٻيو سَتُوئن جو ٿيلهو هو. جنهن جي ٻڌڻ لاءِ اتفاق سان رسي نه هئي. اَمَان اسماء اها رسي تڪڙ ۾ گهر ڀلجي آئي هئي ۽ هتي ڪا شيءِ نه هئي جو سَتُوئن جو ٿيلهو ٻڌجي. سڀ سوچڻ لڳا ته هاڻ ڇا ڪجي؟ فوراً امان اسماء کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي. جنهن پنهنجي چيلهه وارو پٽو ”آزار بند“ جيڪو ڊگهو هو. اڌ پٽي سان پنهنجو پاجامو ٻڌو ۽ اڌ ڪٽي، ان سان سَتُوئن واري ٿيلهي کي پاکڙي سان ٻڌو. پاڻ ڀلارا بي بي اسماء جي ان تدبير سان ڏاڍا خوش ٿيا مسڪرائي دعاءِ خير جي ڏيندي فرمايائون اسماء تون ذات النطاقين آهين. بي بي اسماء صاحبه شرمائڻ لڳي. مگر پاڻ ڀلارن جيڪو لقب ڏنو هو. اهو اهڙو ته مشهور ٿيو جو ساري عرب ۾ بي بي اسماء ان لقب سان مشهور ٿي ويئي. اسلامي تاريخي ڪتابن ۾ به بي بي اسماء کي ذات النطاقين لکيو وڃي ٿو. اسلامي ڪلينڊرن مطابق حضورﷺ جن جي عمر مبارڪ انهي واقعي وقت ربيع الاول ۾ ٽيونجاه سال پوري ٿي. چوونجاهه سال شروع ٿيو هو. اهڙي طرح تيرهون سال بعثت پورو ٿي چوڏهن جو آغاز ٿيو هو. اها رات پهرين ربيع الاول سومر هو. مطابق سورهن سيپٽمبر 622 هو. انهي ڏينهن کان پوءِ عالم اسلام ۾ هجري سال شروع ٿيو. غار ثور جي اهميت ۽ افاديت، اسلامي تاريخ ۾ وڏي حيثيت رکي ٿي. اها اسلام جي عروج جو ڪارڻ ۽ شروعات جي پيڙهه جو پٿر آهي. هنن چئن ماڻهن جو مختصر قافلو روانو ٿيو ته بي بي اسماء جون اکيون ڀرجي آيون ۽ پنهنجي پُرنم نيڻن سان دعا ڪئي ته اي ڀلارا خدا هن قافلي جي رهنمائي فرماءِ ۽ هن جي حفاظت فرماءِ آمين.
    صديق اڪبر رضه: منهنجي پياري ڌي ”الوداع“
    الوداع جو لفظ ٻڌندي ئي حضرت اسماءِ جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا ۽ نيڻن جا نار جاري ٿي ويا.
    اکين کي اُداس جو ڏاڍو ڏک ٿيوم،
    آيو آب اکين ۾ پتو تڏهن پيوم،
    چرين کي چيوم تڏهن به رهيون ڪو نه روئڻ کان.
    بي بي اسماء: پيارا بابا سائين شال توهان جيئو، ڇا توهان هميشه لاءِ اسان کان جدا ٿي رهيا آهيو؟
    صديق اڪبر رضه: نه، منهنجي پياري ڌي، هميشه لاءِ نه بلڪه اسان دارالامان يثرب پهچي جلد ئي توکي، عائشه ۽ تنهنجي ڀاءُ عبدالله کي پاڻ وٽ گهرائي وٺنداسون.
    بي بي اسماء: ”هڏڪيون ڀريندي“ ڏسجو متان اسان کي وساري نه ڇڏيو؟ الله کان سواءِ اوهان کان سواءِ اسان جو هن جهان ۾ ٻيو ڪير آهي؟ بابا سائين اوهان جي وڃڻ کان پوءِ اُهي مڪي جا ڪافر اسان کي ڏاڍو ستائيندا، لهٰذا اسان کي جلد گهرائجو.

    بي بي اسماء: ”آنحضرتﷺ سان مخاطب ٿيندي“ اي رحمت اللعالمين توکي خبر آهي ته آئون عائشه جي وڏي ڀيڻ آهيان. توکي ان قرابت ۽ رحمت جو واسطو آهي ته اسان کي نه وسارجو. اي حضورﷺ ياد رکجو ته اسان پنهنجي پٺيان ڪهڙا بي وس، بي ڪس ۽ مجبور ماڻهو ڇڏي آيا آهيون. جيڪي ڪهڙن درندن ظالمن ۽ شرير ڪافرن جي وچ ۾ ڪهڙي ڪسمپرسي جي زندگي گذاريندا هوندا.
    آنحضرتﷺ: اسماء توهان منهنجي نهايت معتبر صحابي جي اولاد آهيو. توهان کي ڪيئن وساري سگهجي ٿو. ڏکن پٺيان سک آهن. اِن مع العُسر يُسرا.
    ڏک سُکن جي سُنهن گهوريا سک ڏُکن ري،
    تنهين جي وِرهون سڄڻ آيو ماڳ ري.
    انشاء الله توهان کي ان صبر جو سٺو بدلو ملندو.
    ماندي ٿي نه مارئي تنهنجو اهڙو به الله آهي،
    سو ورهن جا سورڙا هڪ لحظي ۾ لاهي،
    اهڙو به الله آهي جو ماڳ پهچائيندو مارئي.
    اسماء آئون ڪنهن هڪ مسلمان کي به ڀُلائي نٿو سگهان. مون کي منهنجي امت جو هر فرد پنهنجي زندگي، دنيا و جهان کان وڌيڪ پيارو ۽ عزيز آهي. مگر هي تقدير جا چڪر آهن. بندي کي هر حال ۾ صبر ۽ شڪر ڪرڻو آهي. ”متان دل لوڏين لهي ڏک ويندا“ چڱو منهنجي ڌي هاڻ الوداع.
    حضرت اسماء: في امان الله! خدا حافظ
    اڄ پڻ وايون ڪن وڻجارا وڃڻ جون،
    هلڻ هارا سپرين، روئان تان نه رهن،
    آئون جهليندس ڪيترو آيل سامونڊين،
    پڳهه ڇوڙي جن، وڌا ٻيڙا ٻار ۾.
    هي قافلو مديني ڏانهن روانو ٿيو ۽ عبدالله ۽ بي بي اسماءِ رات جي اونڌاهي ۾ پنهنجين ٻڪرين جو ولر ڪاهي مڪي ڏانهن روانا ٿيا.
    میری دعا ہے تم عمر جاودان پائو،
    تمھارے قریب غم و پاس نہ آئے۔


    سراقھ جو تعاقب ڪرڻ

    مديني کان مڪي ايندڙ هڪ اعرابي، مڪي ۾ سراقھ بن مالڪ بن جعشم سان ڳالهه ڪئي ته سراقه آئون رات عسقلان جي وادي کان اچي رهيو هوس. رستي ۾ مون ٽن اٺن وارن کي ويندي ڏٺو، جيتوڻيڪ اونڌاهي رات هئي. مگر جڏهن مون غور سان ڏٺو ته انهن مان هڪ محمد بن عبدالله هو.
    سراقه نهايت توجهه سان ان جي ڳالهه ٻڌي. انکي قريش جي رکيل انعام جي لالچ کنيو سراقه پنهنجو عربي گهوڙو تيار ڪري انهي مقدس قافلي جي تعاقب ۾ روانو ٿيو. اڃان ٿورو ئي پنڌ هليو ته گهوڙو هڪ گڏهه کي اوچتو ڏسي ڇرڪ ڀري ٽٺو ۽ سراقه تڪڙ ۾ گهوڙي تي ويٺل هو. سو اچي گهوڙي جي پيرن ۾ ڦهڪو ڪيو. ان کي گڏهه تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. اُٿيو، ڪپڙا ڇنڊي گڏهه کي گاريون ڏيندي گهوڙي تي سوار ٿيو. هن کي سامهون قافلي کي شڪار ڪرڻ جي تڪڙ ۽ شوق هو نه، ته ڪر گڏهه جي چڱي خاصي خبر وٺي ها.
    سراقه جڏهن وادي عسقلان کي ويجهو ٿيو. ۽ ڏٺائين ته ها. برابر ٽن اٺن جو قافلو وڃي رهيو آهي. هو سمجهي ويو ته جنهن جي ڳولا ۾ هو گهران نڪتو آهي اها مراد سامهون ئي آهي. سراقه گهوڙي کي اِڙي هنئي. گهوڙو نهايت تيزي سان فراٽا ڀريندو هلي رهيو هو. اوچتو گهوڙي ٺوڪر کاڌي ۽ ان جا اڳيان ٻئي پير زمين ۾ هليا ويا ۽ همراهه گهوڙي جي اڳيان ڌو پٽ تي. ڏاڍو ڪاوڙيو. هيڏانهن هوڏانهن لوڻا هڻي نهاريائين ته وري ڪنهن گڏهه ڪا گستاخي ڪئي هجي. مگر هن ڀيري هُتي نه گڏهه نه گڏهه جي ذات. هاڻ هن کي گهوڙي تي ڪاوڙ آئي. مگر جڏهن ان گهوڙي جي پيرن ۾ ڏٺو ته ان جا پير گوڏن تائين زمين ۾ دٻيل هئا.
    هي ڏاڍو حيران ٿيو ۽ ان تي خوف و هراس وڌڻ لڳو. ليڪن ان جي فطري بهادري ان جي خوف تي غالب اچي ويئي. ان گهوڙي کي سڌو ڪري سوار ٿي قافلي جي پٺيان تيزي سان روانو ٿيو. جو انعام جي لالچ به هن تي سوار هئي هن ڏٺو پئي ته آنحضرتﷺ ۽ ان جا ساٿي نهايت اطمينان ۽ بي خوفي سان ڳالهيون ڪندي سامهون وڃي رهيا آهن. هن کي هُنن جي ان اطمينان ۽ بي خوفي تي ڏاڍو تعجب ٿيو. مگر پوءِ به هن پنهنجي گهوڙي جي رفتار تيز ڪري ڇڏي...
    جڏهن گهوڙو اوٺين جي بلڪل ويجهو ۽ حملي جي موڊ تي پهتو ته يڪدم هو پيٽ ڀرزمين ۾ هليو ويو ۽ سراقه وري به زمين تي بري طرح ڦهڪو ڪيو. هاڻ سراقه تي هيبت طاري ٿي ويئي ۽ ڏڪڻ لڳو. ڳالهه سمجهي ويو ته هي سڀ ڪجهه هنن ماڻهن جي ڪرامت ۽ معجزو آهي. جنهن جي تعاقب ۾ هو آيو آهي. هنن کي هٿ ڪرڻ انتهائي ڏکيو ۽ غير ممڪن آهي. هنن جو خدا هنن جي حفاظت ڪري رهيو آهي.
    هِن کي اِن ڳالهه تي ضرور افسوس ٿيو ته هو انعام حاصل ڪري نه سگهيو. مگر هو وڏي سوچ وارو ۽ عقلمند ضرور هو. هن آنحضرتﷺ کي سڏي چيو ته او محمد ٿورو بيهه. منهنجي ڳالهه ٻُڌ! پاڻ ڀلارن ان جي آواز تي اٺن جي روڪڻ جو حڪم ڪيو ۽ اُٺ رُڪجي ويا.
    آنحضرتﷺ: سراقه جلد اچ. ٻُڌاء ته ڇا ٿو چوڻ گهرين؟
    سراقه: ڊوڙي پاڻ ڪريمن تائين پهتو. اي مسلمانن جا هادي ۽ رهبر آئون توکي ۽ تنهنجي ساٿين کي پڪڙڻ جي ارادي سان نڪتو هوس. ٽي دفعا گهوڙي تان ڪريو آهيان. پهرين ٻن دفعن ۾ مون اتفاق سمجهيو. مگر هاڻ هن ڀيري منهنجو گهوڙو پيٽ تائين زمين ۾ دٻجي ويو آهي. آئون سمجهي ويس ته اوهان کي پڪڙڻ آسان ڪونهي. اوهان جو خدا اوهان جي حفاظت ڪري رهيو آهي. اوهان سچي خدا جا سچا رسول آهيو. اوهان کي ڪير به پڪڙي قيدي نٿو بنائي سگهي. منهنجا حضورﷺ مون کي يقين آهي ته تون هڪ ڏينهن صرف مڪو نه بلڪ تمام عرب تي تنهنجي حڪومت ۽ تسلط هوندو. آئون انهي ڪري چاهيان ٿو ته مون کي معاف ڪريو ۽ هڪ امان نامون لکي ڏيو جو اهو منهنجي ۽ منهنجي پونئر عزيز و اقارب کي بوقت ضرور ڪم اچي.
    پاڻ ڀلارا: ”حضرت ابو بڪر کي چوندي“ ابو بڪر هن سچ ڳالهايو آهي. تنهن ڪري هن کي هڪ امان نامون لکي ڏي.

    حضرت ابو بڪر اٺ تي ويٺي ويٺي امان نامون لکي سراقه جي طرف اڇلايو. سراقه ان کي کڻي پنهنجي پٽڪي ۾ ٻڌو. اهو پهريون امان نامون هو جيڪو لکيو ويو هو.
    سراقه: حضورﷺ، هاڻ توهان اطمينان سان پنهنجي منزل طئي ڪريو. توهان جي پٺيان ڪو به نه ايندو. اگر ڪو ماڻهو ايندڙ هوندو ته آئون ان کي واپس مڪي وٺي ويندس.
    ها! ها! ڪيترا سارا ماڻهو آيا. جن پاڻ ڀلارن جي باري ۾ سراقه کان پڇيو ته سراقه تو هتان محمد بن عبدالله ۽ سندس ساٿي ڪي ويندي ڏٺا هجن ۽ تون به اسان سان گڏ هل ته هٿ ڪري انعام حاصل ڪيون. مگر هن بقول سچل سائين جي ذو معنيٰ ”ٻن معنن وارو“ جملو چئي انهن کي واپس مڪي موٽائي ڇڏيو. يعني نه ها هئي نه نه هئي.
    ڪلمو ڀران تان ڪافر ٿيان، ڪلمون ڀري ڪير،
    جيڏهن راهه رسول جي اوڏهن آئون نه پايان پير،
    تنهن سان منهنجو به وير، جيڪو پڇي پيغمبر جو.


    سراقھ جي باري ۾ حضور جي پيشنگوئي

    آنحضرتﷺ سراقه کي امان نامون ڏياري روانو ٿيا. (جيڪو فتح مڪي جي وقت کيس ڪم آيو) سراقه ڏاڍو خوش ٿيو. بلڪه خوشي مان نه پيو ماپي. انهي موقعي تي حضورﷺ جن سراقه بن مالڪ بن جعشم جي خوشي کي ڏسي کين بشارت ڏني ته اي سراقه هن امان نامي وقت تنهنجي خوشي جو هي حال آهي ته پوءِ ان وقت تنهنجو ڪهڙو شان هوندو. جنهن وقت توکي شهنشاهه ايران ڪسرا جا هيرن ۽ جواهرن سان جڙيل سونا ڪنگڻ پارايا ويندا.
    آخرڪار سراقه مسلمان ٿيو. مديني پهتو. جتي بيت المال جا اُٺ چاريندو هو. اهو حضرت عمر فاروق رضه جي خلافت جو دور هو. اهو زمانو فتوحات اسلام جو زمانو هو. انهي دوران سراقه بن مالڪ بيمار ٿي پيو. دوست صحابه ڪرام عيادت لاءِ آيا. انتهائي ڪمزور هئا. هلڻ چلڻ کان معذور هئا. مگر دل و دماغ صحيح طور ڪم ڪري رهيا هئا. دوستن چيو ته سراقه هاڻ تنهنجو آخري وقت آهي. اهو ٽائم ياد الاهي ۾ پورو ڪر. حضرت سراقه فرمايو ته توهان غلط سمجهيو آهي. منهنجي آخري ٽائم ۾ اڃان دير آهي ڇو ته رسول خدا جي منهنجي باري ۾ پيشنگوئي اڃان رهي پئي آهي اها اڃان پوري ناهي ٿي. پاڻ ڀلارن مون کي هجرت وقت فرمايو هو ته اي سراقه ايران فتح ٿيندو. ايران جي شهنشاهه ڪسريٰ ايران جا سونا ڪنگڻ توکي پارايا ويندا ”انهي وقت تنهنجو ڪهڙو شان هوندو“ اهو وقت اڃان آيو ناهي.
    حضرت اميرالمومنين عمر فاروق رضه جي دور ۾ ايران فتح ٿيو. شهنشاه ايران جا اهي سونا ڪنگڻ آندا ويا. حضرت عمر رضه جي اها پيشنگوئي ٻڌل هئي. پاڻ رضه جن فرمايو ته سراقه ڪٿي آهي؟ حاضرين مان ڪنهن چيو ته اي اميرالمومنين هو ته جهنگل ۾ بيت المال جون اُٺيون چاري رهيو آهي. نه معلوم ڪهڙي جهنگ ۾ ڪهڙي حال ۾ آهي. پاڻ فرمايو ته سراقه کي گهرايو ۽ منهنجي سامهون حاضر ڪيو وڃي. نيٺ سراقه آيو. جنهن کي اميرالمومنين رضه اهي ڪنگڻ پنهنجي هٿن سان پارايا. سراقه جي اکين مان ڳوڙها وهي نڪتا ۽ فرمايائين ته ڇا محمد جو غلام سراقه ۽ ڇا شهنشاهه ايران جا ڪنگڻ؟


    سور سختيون سالڪن ڏانهن محب مهمانيون مُڪيون

    سج ٻنپهرن کي پهچي چڪو هو. انهي ڪري اُس جي تپش، گرم گرم هوا جا تيز تر جهونڪا ناقابل برداشت هئا. واري ايتري قدر تپي ويئي هئي جو هوا جا گرم گرم گولا ۽ واري جا ڀنوريا ”اڏامندڙ واري“ جن واري جي ذرڙن کي مسافرن جي جسمن کي چنبڙائي، مسافرن جي بدن ۾ باهه ٻاري ڇڏي هئي. جيڪي ماڻهو هوا جي ان ڀنورن ۾ ڦاسي وڃن ٿا. اهي پنهنجي پوري طاقت لڳائڻ جي باوجود انهن ڀنورن ۽ دُٻڻ جو مقابلو نٿا ڪري سگهن. جيتري قدر بچڻ ۽ ڀڄڻ جي ڪوشش ڪبي اوترو ئي ماڻهو ان ۾ قابو ٿيندو ويندو.
    نوٽ: اهڙي قسم جا ڀنور ۽ دُٻڻ اسان جي ملڪ ۾ ماشڪيل ضلع چاغي ۽ اڇڙي ٿر ضلع سانگهڙ ۾ عام جام آهن. پاڻ سڳوراﷺ جنهن وقت سفر ڪري رهيا هئا ته واري جي سمنڊ ۾ گرم ۽ تيز هوا واري جا گرم ڀنوَراکڻي ڦرندي هئي. مگر ڪوئي ڀَنوَرو حضورﷺ جي ويجهو نه آيو سڀ کٻي، سڄي ڪترائي نڪري ٿي ويا.
    جڏهن ته انديشو هو ته مڪي جا ڪافر حضورﷺ جن جي تعاقب ۾ ضرور ايندا هجن. ان ڪري عبدالله بن اربقط جيڪو رهبر هو. مستعمل عام ۽ سڌو رستو ڇڏي سمنڊ جي طرف عسقلان جي طرف روانو ٿيو. جنهن رستي تي هي مختصر قافلو سفر ڪري رهيو هو. ان جي چئن ئي طرفن کان حد نگاهه واري جا اڇا دڙا ۽ ڀٽون هيون. ڪٿي به ڪو وڻ، ڪوئي جبل يا ڪا اهڙي پناهه گاهه نظر نٿي آئي. جتي ويهي انسان ڪجهه گهڙيون آرام ڪري. هر طرف واري جو سمنڊ هو. يا واري جا دڙا، جن ۾ ٽن اٺن تي چار مسافر بي سروسامان جي باوجود خوش و خرم سفر ۾ روان دوان هئا.
    عبدالله بن اربقط: يا سيدي، ڪاڙهي ۽ گرم لُو ڏاڍا پريشان ڪيا آهن. جان لبن تي آهي. پاڻي ختم آهي. اگر اسان اهڙي طرح سفر ڪندي رهياسين ته ڊپ آهي ته متان نه اسان جي زندگي ئي ختم ٿي وڃي.
    آنحضرتﷺ: عبدالله تون ٿورڙي ئي تڪليف سان گهٻرائجي ويو آهين. اُهي به ته انسان هئا. جن ڪافرن جي هٿان ڪيتري قدر سختيون ۽ تڪليفون برداشت ڪيون. سڄو ڏينهن گرم واري تي اگهاڙي بدن ليٽايا ويندا هئا. وزني پٿر سينن تي رکيا ويندا هئا. ڪاتي هيٺان ڪنڌ، پوءِ به نعرا نينهن جا هوندا هئا. عبدالله ياد رک! هر تڪليف کان پوءِ راحت آهي. هيرو گهڙجڻ بعد خوبصورت ٿيندو آهي. سون تپائڻ سان پيش بنجي چمڪندو آهي. انسان کي مصيبت ۽ تڪليف ۾ گهٻرائجڻ نه کپي.
    * انسان انسان بنتا ہے، ٹھوکریں کھانے کے بعد،
    رنگ لاتی ہے حِنا، پتھر میں پس جانے کے بعد۔

    * ابرباران گرنبارد بوستان گل کئے کند،
    رنج و زحمت گرنہ بیند مرد کامل کے شود۔
    قافلو پنهنجي رفتار ۾ روان دوان هو ته ايتري ۾ سامهون ڪجهه کجور جا وڻ ڏسڻ ۾ آيا. قافلي وارن کي خوشي ٿي ته ضرور ڪا آبادي آهي. ويجهو اچن تي معلوم ٿيو ته واقعي چمڙي جو ٺهيل هڪ تنبو اُڀو آهي. تنبوء جي اڳيان ٻه اٺ ويٺل اوڳاري رهيا آهن. ۽ خيمي جي دروازي جي ٻاهران ٻڪري ٻڌل بيٺي آهي.
    قافلي وارن تنبو کان ڪجهه فاصلي تي پنهنجا اٺ جهيڪاريا ۽ اٺن تان هيٺ لٿا. اٺن جي ويهڻ ۽ رڙڻ جي آواز تي خيمي جي اندران هڪ ضعيفه پوڙهي عورت ٻاهر نڪتي. اها دروازي تي بيهي حيرت ڀرين نظرن سان قافلي وارن کي ڏسڻ لڳي. انهي پوڙهي عورت جو نالو اُم معبد هو. هو بنو خزاعه قبيلي مان هئي. نهايت نيڪ ۽ مسافر نواز عورت هئي. جڏهن پاڻ سڳوراﷺ ۽ صديق اڪبر رضه هن جي طرف وڌيا ته هو عورت به انهن مسافرن ڏانهن اڳتي وڌي. قريب اچڻ تي ان پوڙهي عورت حضرت ابو بڪر صديق کي سڃاڻي ورتو ۽ مخاطب ٿي چوڻ لڳي:
    الله اچن اُوءِ جن آئي من سرهو ٿئي.
    آئون ڪيڏي نه خوش قسمت آهيان جو منهنجي اڱڻ تي اڄ ابو قحافھ جو پُٽ مهمان ٿي آيو آهي. آئون صدقي وڃان. اچ اچ ابو بڪر ڀلي ڪري آئين. منهنجي اکين ۾ ٿي ويهه. آئون عيد ڪيان. اها جاءِ ڪٿي جو توکي ويهاريان. ها! ابوبڪر ٻُڌا ته ڀلا هي تو سان گڏ ٻيو ڪير ماڻهو آهي؟
    حضرت ابو بڪر: جواب ڏنو ته هي منهنجو ديني رهبر آهي.
    اُم معبد: رڙ ڪري چيو، ڇا محمد بن عبدالله آهي؟
    ابو بڪر صديق: جي ها واقعي هي محمد بن عبدالله آهي.
    اُم معبد: اي آمنھ جا لال! اي عرب جا سج خوش آمديد ڀلي ڪري آئين. بني خزاع جي ڪمزور عورت جون دعائون ۽ سلام قبول پون. اهلاً وسهلاً مرحبا مرحبا. مون تنهنجو نالو ٻڌو آهي. تون ڀلو ماڻهو آهين. تون سُٺن اخلاقن جي تعليم ڏيندو آهين.
    آيا اڱڻ عجيب ٿيا نصيب ڀلا. پوءِ اڱڻ چمان يا عجيب چمان.
    صديق اڪبر رضه: تجارت پيشه ماڻهو هو. تجارت جي غرض سان يثرب، طائف، جده، حبش ۽ شام ملڪن طرف واپار سانگي ويندو رهندو هو. ان ڪري ماڻهو ان کي سڃاڻندا هئا. پاڻ ڀلارن کي ڏٺي گهٽ ماڻهو سڃاڻندا هئا. ليڪن پاڻ ڀلارن جو قد و قامت، پُر جلال صورت ۽ رعب دارو ضح قطع پُر نور چهري سان هر ماڻهو تي ان جو رعب پوندو هو.
    آنحضرتﷺ، ام معبد جا سلام ۽ دعائون قبول ڪيون. اها ڏاڍي خوشي وچان حضورﷺ ۽ حضرت صديق اڪبر رضه کي ساڻ ڪري تنبوء جي دروازي وٽ پهتي.
    ام معبد: اي چوڏهين جا چنڊ هن منهنجي غريب خاني ۾ ويهو ۽ آرام ڪريو ”ٽهڪندي ۽ ٻهڪندي چيو“ آئون اوهان جي لاءِ کير وٺڻ وڃان ٿي.
    آنحضرتﷺ: اي مسافر نواز ضعيفه ذرا بيهه. ڪاڙهو ڏاڍو آهي. هوا گرم آهي. اهڙي تيز گرم هوا ۾ ڪيڏانهن ويندين؟
    اُم معبد: هو جيڪو سامهون دڙو ڏسي رهيا آهيو. ان جي پرين ڀر منهنجي ٻڪرين جو ڌڻ چري رهيو آهي. منهنجا سائين آئون تمام جلد واپس اچي وينديس.
    آنحضرتﷺ: آئون اها ڳالهه هرگز پسند ڪو نه ڪندس ته تون اسان جي کير لاءِ اهڙي ڪاڙهي ۾ پري وڃين. اگر ٻه چار کجورون ۽ ٿوررو پاڻي هجي ته آڻ.
    اُم معبد: منهنجا حضور منهنجي اها عادت آهي ته آئون هميشه هر مسافر جي کير سان خاطر تواضع ڪندي آهيان. ڇا مڪي جي هاشمي آفتاب جي صرف کجور ۽ ٿورڙي پاڻي سان آجيان ڪئي وڃي؟ نه، نه منهنجا حضورﷺ اها منهنجي ضمير ۽ عادت جي خلاف آهي. انهي سان مون کي وڌيڪ تڪليف ٿي ٿئي. جو منهنجي فطرت جي خلاف آهي.
    آنحضورﷺ: چڱو ڀلا ايتري دير ترس ته منهنجا ساٿي اچي وڃن.
    ام معبد: حضور ڏاڍو سُٺو. انهي ۾ ڪو به حرج ناهي. ٺيڪ آ.
    عامر ۽ عبدالله اٺن جا پلاڻ وغيره لاهي. چارو اڳيان رکي اٺن جا گوڏا ٻڌي. فارغ ٿيا. تيسين پاڻ ڀلارا ۽ صديق اڪبر رضه انهن جي انتظار ۾ تنبوء جي ٻاهران بيٺا رهيا. جڏهن اهي ٻئي واندا ٿي آيا ته چار ئي ڄڻا تنبوء ۾ داخل ٿي اندر وڇايل هڪ ڪنمبل تي ويهي رهيا.
    ام معبد: منهنجا سائين هاڻ مون کي اجازت آهي ته آئون پنهنجي ڌڻ ۾ وڃي اوهان لاءِ کير وٺي اچان؟

    آنحضورﷺ: جيڪا ٻڪري تنبوءَ جي دروازي تي بيٺي آهي. تون انهي کي ڇو نٿي ڏُهي وٺين؟
    اُم معبد: حضور هي ٻڪري پوڙهي ڪمزور آهي. هن ۾ ايترو کير ناهي. جو توهان چار ئي ڄڻا پي سگهو؟
    آنحضورﷺ: تون ٻڪري کي هيڏانهن وٺي اچ. ام معبد ٻڪري کي وٺي آئي. الله جي رسولﷺ ان جي ٿنڻن ۾ هٿ وڌو. اگرچه ٻڪري نهايت ڪمزور، ڏٻري ۽ پوڙهي هئي. مگر پاڻ سڳورن جو ٿڻن ۾ هٿ وجهڻ سان ٿڻ کير سان ڀرجي آيا. پاڻ ڪريمن پيالو وٺي پنهنجي مبارڪ هٿن سان ٻڪري ڏوهڻ شروع ڪئي. پيالو ڀري پهرين صديق اڪبر کي پياريو، پوءِ عامر، عبدالله ۽ اُم معبد، سڀني کي ڏنو. جڏهن سڀني پي ڍو ڪيو ته انهن کان بعد پاڻ ڀلارن خود پيتو ۽ جيترا به ٿانوَ گهر ۾ موجود هئا سڀ کير سان ڀري ڇڏيا. ساري سنگت حيران ٿي ويئي ۽ حضور جو هي معجزو اکين سان ڏٺو.
    عبدالله بن اربقط اي محمد واقعي تون خدا جو سچو رسول آهين. ۽ دل ۾ ڪلمون پڙهي مسلمان ٿي ويو ۽ بعد ۾ انهي جو اظهار به ڪيو. هي خدا جي مهرباني آهي. جنهن توهان جي لاءِ هڪ ڪمزور ٻڪري ايترو سارو کير ڏنو. سڀئي ساٿي کير پي ان تنبو ۾ ڪنمبل تي سمهي رهيا ۽ سجاڳ ٿيڻ تي ظهر جي نماز پڙهي. قافلي هلڻ جي تياري ڪري، امڙ ام معبد کان موڪلائي، کيس گهڻيون ساريون دعائون ڏنيون ۽ روانا ٿيا.


    حضرت زبير بن العوام جو ملڻ

    اهو مقدس قافلو جڏهن قدير جاءِ تي پهتو ته کين هڪ تجارتي قافلو مليو. جيڪو شام ملڪ کان تجارت جو سامان کڻي اچي رهيو هو. ان قافلي ۾ زبير بن العوام به شامل هو. جيڪو حضرت ابوبڪر صديق جو داماد هو. جنهن سان بي بي اسماء رضه جي شادي ٿيل هئي.
    ان حضور صلي الله عليھ و آلھ وسلم ۽ صديق اڪبر رضه کي ڏسندي ئي هنن وٽ آيو. ايندي ئي پڇيائين ته حضور صلي الله عليھ و آلھ وسلم ڪيڏانهن تشريف وٺي وڃي رهيا آهيو؟

    آنحضور صلي الله عليھ و آلھ وسلم: مون کي مڪي وارن مڪي ۾ رهڻ نه ڏنو. انهي ڪري آئون مجبوراً هجرت ڪري يثرب وڃي رهيو آهيان.
    حضرت زبير: اي الله جا رسول جڏهن توهان مڪو ڇڏي يثرب وڃي رهيا آهيو ته پوءِ آئون به مڪي وڃي ڇا ڪندس؟ آئون به هتان کان پاڻ ڀلارن سان گڏ هلندس هاڻ اسان جو مڪي ۾ رهيو به ته ڇا آهي؟ پرين کان پوءِ ڏجي باهه ڀنڀور کي.
    ڪريان ڪوهه ڀنڀور ۾ پڄاڻان پرين،
    هاڻي ويهڻ ڇا؟ ڀينر هن ڀنڀور ۾.
    (سچل)
    اُڏر بلبل هتان هاڻي تنهنجو چمن ۾ رهيو ڇا؟
    گلابي گل ويو نڪري رهيو تنهنجو چمن ۾ ڇا؟
    آنحضرت صلي الله عليھ و آلھ وسلم: زبير هي ڳالهه مناسب ناهي. تون مڪي وڃ. اتان جي جملي ڪمن کان فارغ ٿي. پوءِ ڀلي يثرب هليو اچج. پاڻ سڀني جا ٻار ٻچا. گهر تڙ ۽ قبيلو مڪي ۾ آهي.
    حضرت زبير: ڏاڍو سٺو، مگر مون حضور جن ۽ صديق اڪبر لاءِ شام ملڪ مان ڪجهه ڪپڙا تيار ڪرائي آندا آهن. مهرباني ڪري منهنجي طرفان هي ادنيٰ هديو قبول ڪريو.
    آنحضور صلي الله عليھ و آلھ وسلم: چڱو، جلد کڻي اچ! حضرت زبير ويو. اهي تيار ٿيل ڪپڙا کڻي آيو ۽ صديق اڪبر جي حوالي ڪيا. ائين هڪ ٻي کان موڪلائي تڙ تڪڙ ۾ روانا ٿيا. چونڪه تعاقب جو انديشو هو. انهي ڪري رهبر عبدالله بن اربقط عام رستو ڇڏي ڊگهو، ڏکيو ۽ غير معروف رستو اختيار ڪيو هو. جهر جهنگ جهاڳندي منزلون طئي ڪندي ذي سُليم جي عظيم الشان صحريٰ ۾ قدم رکيائون. گرم واري جي برسات، اُڃ، بک، اوجاڳن جي ڪري چار ئي حضرات نهايت چُور بدن، ٿڪل ٽٽل پريشان حال، مگر مسلسل سفر ڪندي رهيا.


    حضرت بريده اسلمي جي مهماني

    اوچتو ئي انهن کي ڪجهه تنبو نظر آيا. تنبوئن جي اڳيان ڪجهه ماڻهو ڳالهيون ڪري رهيا هئا. اهو وقت ٻنپهرن جو هو. کين بک ۽ اُڃ ڏاڍو تنگ ڪيو هو. ان ڪري انهن اٺن جو رُخ انهن تنبوئن طرف ڪيو. تنبوئن وارن انهن کي ايندي ڏٺو ته اهي سڀ اٿي انهي قافلي طرف وڌيا. سڀ کان اڳ ۾ هڪ اڌيڙ عمر جو ماڻهو اچي رهيو هو. جيڪو تمام وجيهه چهري وارو، رعبدار ڏسڻ ۾ آيو ٿي. انهي ويجهو اچي ڪري چيو ته خوش آمديد. اي صهراء ذي سُلَيم کي عبور ڪرڻ وارو. اچو قبيلي بنو سُليم جي خيمن ۾ آرام ڪيو.
    حضرت ابو بڪر صديق رضه: اي مسافر نواز بَنو سُليم جا ميزبانو. اسان اڃايل آهيون. مسافر آهيون. اسان کي پاڻي پياريو. جيڪو ماڻهو پهريائين هم ڪلام ٿيو هو. انهي حضرت ابو بڪر کي ڏسندي ئي سڃاڻي ورتو.
    بريده اسلمي: اي ابو قحافه جا پُٽ! اسان ڏاڍا خوش نصيب آهيون جو مڪي جو هڪ معزز ۽ وڏو تاجر اڄ اسان جي تڏي تي مهمان آهي. تون پاڻي گهرين ٿو. ڇا اسان ايترا ڪريل آهيون جو توهان کي کير به پياري نه سگهون. اسان تنهنجي خدمت ڪنداسون. اچو تنبوئن ۾ هلي ويهو ۽ آرام ڪريو. جڏهن اهي سڀ تنبوئن وٽ پهتا ته خيمن جي اندران گهڻا سارا ماڻهو نڪتا جيڪي جملي ستر ڄڻا هئا. سڀئي مسافرن کي ڏسي ڏاڍا خوش ۽ سَرها ٿيا. اهڙا خوش ٿيا جو جهڙو ڪر انهن جا سڳا عزيز اچي ويا هجن. خيمن جي ويجهو پهچي. اٺن جو بار لاهي. اٺن جا گوڏا ٻڌي. هڪ وڏي تنبوء ۾ داخل ٿيا. اهو تنبوء ان ذي جاهه شخص جو هو. جيڪو هنن سڀني جو سردار هو. سردار پنهنجي ماڻهن کي حڪم ڪيو ته کير آڻيو. ڪيترائي ماڻهو کير آڻڻ لاءِ ڊوڙيا.
    پاڻ سونهاراﷺ: صديق اڪبر، عبدالله بن اربقط ۽ عامر سڀ خيمي ۾ ڪنمبل جي فرش تي ويهي رهيا. انهن جي سامهون انهن جو ميزبان به ويهي رهيو. انهي بار بار حضورﷺ کي غور سان آڏي اک سان ڏسندو رهيو. ڪجهه سوچڻ ۽ چوڻ جي موڊ جي باوجود چوڻ جي همٿ نه ٿي.
    صديق اڪبر رضه: ”معاف ڪجو“ معزز ميزبان توهان جو نالو ڇا آهي؟
    ميزبان: منهنجو نالو بريده اسلمي آهي.
    صديق اڪبر: ڇا توهان پنهنجي قبيلي جا سردار آهيو؟
    بريده: جي ها، آئون انهن جو سردار آهيان. منهنجي قبيلي ۾ ستر ماڻهو آهن. اهي سڀ مون سان گڏ آهن ۽ هر حال ۾ مون سان ٻڌل آهن.
    حضرت بريده سردار هجڻ سان گڏ هڪ باصلاحيت، باهمت، تجربي ڪار انسان هئا. تير اندازي، نشانه بازي، گهوڙي سواري، بهادري، جرئتمندي، معامله فهمي ان جون خاص خوبيون هيون. مطلب ته هڪ قومي سردار ۾ جيڪي خوبيون هئڻ گهرجن. اهي هن ۾ ڪمال درجي جون هيون. هميشه حق چوڻ ۽ حقيقت کي مڃڻ، دشوار معاملي کي حل ڪرڻ ان جي لاءِ کٻي هٿ جو کيل هو.
    صديق اڪبر رضه: بريده توهان هتي ڪيتري عرصي کان ترسيل آهيو؟
    بريده: تقريباً ٻن هفتن کان اسان هت ترسيل آهيون.
    صديق اڪبر: هاڻ ڪيڏانهن وڃڻ جو ارادو آهي؟
    بريده: اسان جهنگلين جو ڪهڙو ارادو؟ في الحال ته هتي قيام جو ارادو آهي اڳتي ڏٺو ويندو. جيڏاهن موڊ ٿيو. ايتري وچ ۾ بريده جا ماڻهو کير کڻي پهچي ويا. سڀني کير پيتو. هاڻ بريده ابو بڪر صديق کان پڇيو ته هي ”حضورﷺ جي باري ۾“ تو سان گڏ ڪير ماڻهو آهي؟
    صديق اڪبر رضه: هذا يهدي السبيل. هي مون کي رستو ڏسيندڙ آهي. بريده ڪنهن قدر حيرت جو اظهار ڪندي، آئون سمجهان ٿو ته هي محمد بن عبدالله هاشمي قريشي آهي.
    صديق اڪبر رضه: ها، تو صحيح سمجهيو آهي. واقعي هي محمد بن عبدالله آهي؟
    بريده: هن جي منهن تي ڪاوڙ جا آثار ظاهر ٿيا. هي ته اسان جي معبودن جي توهين ڪندڙ شخص آهي؟ اسان جي مذهب کي باطل سڏي ٿو. اسان جي بزرگن جي باري ۾ گهٽ وڌ ڳالهائي ٿو ۽ چئي ٿو ته هڪ خدا کانسواءِ ٻيو ڪو به معبود ناهي.
    صديق اڪبر رضه: بريده! تون وڏو قابل ۽ تجربي ڪار ماڻهو آهين. تو هن شخص جي باري ۾ جيڪي ڳالهيون ٻڌيون آهن. اڄ اهو ماڻهو توهان جي سامهون آهي. توهان پنهنجا تحفظات ۽ خدشا هن جي سامهون پيش ڪريو. ٻُڌل ۽ ڏِٺل برابر نٿا ٿي سگهن پوءِ جيڪڏهن اوهان جا خدشا صحيح آهن ته هن کي قائل ڪري وٺنداسون ۽ اگر هن جون ڳالهيون حق ۽ سچ آهن ته پوءِ حق ۽ سچ کي تسليم ڪرڻ ۾ ڪهڙو حرج؟
    بريده: ابو بڪر اهو فيصلو بلڪل صحيح آهي.


    اسلام جو تاثير

    آنحضورﷺ: ”نهايت فصاحت، بلاغت، جامع الڪلمات، اختصار ۽ اخلاص سان چيو“ بريده ٻُڌ! هڪ سمجهندار انسان جو فرض آهي ته هو هر ڳالهه کي غور سان ٻُڌي ٿڌي دل سان سوچي ۽ پوءِ جو ڪجهه ان جي دل دماغ ۽ ضمير ان کي اجازت ڏين. ان تي عمل ڪري. ٻُڌ!! بريده جنهن بتن جي توهان پوڄا ڪريو ٿا. انهن کي توهان يا توهان جي وڏن بزرگن پنهنجي هٿن سان ٺاهيو آهي. پوءِ جنهن جيئن چاهيو. اهڙي شڪل ڏيئي پوڄڻ شروع ٿي ويا. ليڪن ان ڳالهه تي ڪنهن به غور نه ڪيو ته جيڪا شيءِ مون پاڻ پنهنجي هٿن سان ٺاهي آهي جنهن جو ٺاهيندڙ آئون خود آهيان ۽ اها پنهنجي مرضي سان حرڪت به نٿي ڪري سگهي. نه ٻڌي ٿي سگهي نه ڏسي ٿي سگهي نه هو پنهنجي اختيار ۾ آهي. اهو ڪيئن مشڪل ڪشا ۽ خدا ٿي سگهي ٿو. خدا ته اهو آهي. جو هر وقت هر هنڌ بااختيار هر جڳهه موجود هر شيءِ کي ڏسي رهيو آهي. هر شخص جي هر ڳالهه ٻڌي ٿو ۽ هر فعل کي ڏسي ٿو. ان کان ڪا به ڳالهه يا ڪوئي فعل پوشيده ناهي هي دنيا جيڪا اسان جي نظرن جي سامهون آهي ۽ اهو جهان جيڪو اسان جي نظرن کان مخفي آهي. انهي ئي ته بنايو آهي. اهو لامحدود قدرت جو مالڪ آهي. اڪيلو آهي. ڪوئي ان جي خدائي ۾ ثاني شريڪ ناهي. زندگي ۽ موت ان جي قبضي قدرت ۾ آهي. ان جي حڪم کان سواءِ وڻ جو پن به چُري نٿو سگهي. خشڪ ۽ مرده زمين تي برسات وسائي ميوا ۽ اناج پيدا ڪرڻ ان جو ڪم آهي ۽ هو سپرپاور ۽ خود مختيار آهي.
    بريده ٻڌايو ۽ سوچو ته گهڻن بتن کي پوڄڻ مناسب آهي يا هڪ خدا کي بريده ۽ ان جا ساٿي. نهايت توجهه ۽ وڏي ڌيان سان حضورﷺ جي تقرير دلپزير ٻڌي رهيا هئا. جڏهن پاڻ ڀلارن تقرير ڪري ختم ڪئي ته بريده جو ضمير جاڳيو حقيقت روز روشن وانگر سامهون آئي.


    بريده جو مسلمان ٿيڻ

    الله جي رسولﷺ: محسنِ انسانيت جي مدلل تقرير دلپذير، انداز گفتگو، دين فطرت جي خوبين، عقيده توحيد جي محاسن کان متاثر ٿي بريده مسلمان ٿيڻ تي مجبور ٿي ويو.
    بريده: مون اڄ حضورﷺ جي تقرير ٻڌي آهي. جيڪا نهايت اثرائتي، حقيقت تي مبني ۽ آب حيات آهي.
    منهنجو ضمير گواهي ٿو ڏي ۽ آئون سمجهان ٿو ته محمدﷺ سچو آهي ۽ سچ ڳالهائي ٿو. مون کي افسوس آهي جو اڄ کان پهريائين جڏهن محمد جي نبي ٿيڻ جي خبر ٻڌي هئي. تڏهن آئون مڪي وڃي مسلمان ڇو نه ٿيس؟ هن کان اڳ جي منهنجي ساري زندگي غفلت ۾ تباهه و برباد ٿي ويئي. هاءِ افسوس ليت الايام يعود ڪاش ڪه اهي ڏينهن موٽي اچن.
    حضورﷺ: بريده، هاڻ به ڪجهه بگڙيو ناهي. هينئر کان ئي مسلمان ٿي وڃ. بتن جي پوڄا ڇڏي هڪ خدا جو پوڄاري ٿي وڃ ۽ ان جي رحمت ۾ اچي وڃ. جيڪو ماڻهو ڪفر و شرڪ کان توبه تائب ٿي مسلمان ٿي وڃي ٿو ته خدا اهڙو رحيم ۽ ڪريم آهي. جو ان جا سابقه تمام گناهه معاف ڪري ٿو ڇڏي. مسلمان ٿيڻ وارو ائين ٿي وڃي ٿو جهڙو ڪر ماءُ جي پيٽان هاڻ ڄائو هجي.
    بريده: آئون مسلمان ٿيڻ لاءِ تيار آهيان مونکي مسلمان ڪيو. حضورﷺ ان کي ڪلمون پڙهايو ۽ بريده مسلمان ٿي ويو.
    بريده مسلمان ٿيڻ بعد تمام سنگت کي گڏ ڪيو ۽ چيائين اي منهنجي قوم توهان کي معلوم آهي ته مون ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهايو آهي. ڪڏهن به غير معقول ڪم يا ڳالهه نه ڪئي اٿم. ڪڏهن به ناحق ڳالهه جي پيروي نه ڪئي آهي. هاڻ ٻڌو اڄ آئون ڪلمون پاڪ پڙهي محمد بن عبدالله جي غلامي ۾ اچي ويو آهيان. مون تي ڪنهن جو به ڏاڍ هلي نٿو سگهي. مون اسلام کي سٺو مذهب سمجهي ان جي سچائي کي قبول ڪري مسلمان ٿيو آهيان. دل گهري ٿي ته توهان به سڀ مسلمان ٿي وڃو. صرف هڪ خدا جي عبادت ڪريو. گهڻن جي غلامي کان هڪ جي غلامي بهتر آهي. مگر! ياد رکو! هر هڪ پنهنجي سوچ ۾ آزاد ۽ خودمختيار آهي. ڪنهن تي به جبر ناهي. سڀئي هڪ ٻي کي حيرت ڀرين نظرن سان ڏسڻ لڳا. اهي سڀ بت پرست هئا. انهن ڪڏهن به اسلام جو نالو نه ٻڌو هو. انهن کي حيران ڏسي بريده چيو.
    بريده: ان ۾ حيرت جي ڪا ڳالهه ناهي. جن بتن کي اسان ۽ اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا هئا. اهي پٿر جون مورتيون آهن. جيڪي نه حرڪت ڪري سگهن ٿا. نه ته ڪنهن کي ڪو نفعو يا نقصان پهچائي سگهن ٿا. پوڄا جي لائق اها ذات واحد آهي. جنهن ڪائنات کي پيدا ڪيو آهي. ۽ هر جڳهه موجود ۽ حاضر و ناظر آهي.
    قبيلي وارا: ”سڀني ماڻهن يڪراءِ چيو“ اي اسان جا سردار. جڏهن تو سمجهي سوچي اسلام کي، دين ڪري پسند ڪيو آهي ۽ تون مسلمان ٿي ويو آهين ته پوءِ اسان به مسلمان ٿيڻ لاءِ تيار آهيون. اسان ته انڌا ۽ ڍور آهيون. تون ئي اسان جو سردار ۽ ڏاهو آهين. حق ۽ سچ کي ڪير قبول نه ڪندو؟ هون به اسان جو مرڻ ۽ جيئڻ تو سان آهي. پوءِ هاڻي ڪلمي پاڪ پڙهائڻ ۾ دير نه ٿيڻ کپي پاڻ ڀلارن انهن سڀني کي ڪلمون پڙهايو ۽ اهڙي ريت سڀ مسلمان ٿي ويا. سڀ ڏاڍا خوش ٿيا ۽ سڀني جا چهرا ڏاڍا ٻهڪڻ ۽ چمڪڻ لڳا. جهڙوڪر انهن کي ڪو هڪ وڏو خزانو هٿ اچي ويو هجي.
    بريده: ”حضورﷺ کان عرض ڪيو“ حضور هاڻ ڪيڏانهن وڃڻ جو ارادو اٿوَ؟
    حضورﷺ: يثرب وڃڻ جو ارادو آهي.
    بريده: ”حيرت مان حضور انورﷺ جي چهري مبارڪ کي ڏسي“ ڇا يثرب؟ پوءِ ان غير معروف اڻانگي ۽ ڏکي رستي کان سڌو رستو ڇو نه اختيار ڪيوَ؟ ڪيڏهن يثرب ۽ ڪيڏهن اوهان جو رُخ انور؟
    آنحضورﷺ: ان ڪري جو منهنجي قوم مون کي ڏاڍو ستايو. جڏهن مون انهن جي ظلم و ستم کان تنگ ٿي هجرت جو ارادو ڪيم ته انهن شديد مزاحمت ڪئي ۽ مونکي هجرت ڪرڻ به نه پيا ڏين. آخر ۾ آئون موقعو وٺي لڪي نڪتس ۽ هاڻ انهن جي تعاقب جي انديشي جي ڪري، هن غير معروف اڙانگي ۽ اوجهڙ رستي کي پسند ڪيو آهي.
    بريده اسلمي: ليڪن حضورﷺ توهان کي هي اطمينان ڪيئن ٿيو ته يثرب وارا مڪي وارن وانگر ايذاء نه پهچائيندا؟
    آنحضرتﷺ: ان ڪري جو يثرب جا ماڻهو گهڻي ڀاڱي مسلمان ٿي ويا آهن. ۽ جيڪي ماڻهو مڪي کان هجرت ڪري يثرب پهتا آهن ته يثرب وارن هنن جو ڏاڍو پُر تپاڪ خير مقدم ڪيو اٿن. ان کان علاوه مون کي به حڪم الاهي اوڏاهن وڃڻ جو ٿيو آهي. ۽ اهل يثرب مون کي گهرايو به اٿن.
    بريده: اي الله جا رسولﷺ ڇا اسان به توهان جي هن پاڪيزه قافلي سان گڏ هلي سگهون ٿا؟ بقول شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه
    * ڪيچان آيو قافلو ڄامن سندو ڄام،
    پسندي پرين کي اکين ڪيو آرام،
    ناتر چاهيان نام جي مون نين پاڻ سين.

    * ڪيچان آيو قافلو ساٿ ڌڻي سرواڻ،
    وار وڍي واڳون ڪريان پوان هوند پلاڻ،
    آندائون عطر جا مُشڪ ڀري ماڻ،
    جهڙو پنهون پاڻ تهڙي سٽاءُ ساٿ جي.

    * ڪيچان آيو قافلو طرح موچاري توڏ،
    سينگاريائون سيد چئي ڪرها منجهارا ڪوڏ،
    لک لهي ٿي لوڏ جيجان تن جتن جي.

    * ڪيچان آيو قافلو ڀليرو ڀايان،
    پڻي جا پيرن جي سا آئون لڱن کي لايان،
    چنبيلي چايان جي مون نين پاڻ سان.
    آنحضورﷺ: ها، توهان به هلي سگهو ٿا. يثرب وارا اوهان جو به خير مقدم ڪندا.
    بريده: ”خوش ٿي چيو“ چڱو پوءِ اسان به توهان سان گڏ هلون ٿا. همھ ياران خوشي همھ ياران غم. هاڻي اسان جي زندگي توهان آهيو.
    آنحضورﷺ: اگر اها ڳالهه آهي ته پوءِ جلد تياري ڪري وٺو ۽ هلون. اسان ڪي گهڙيون آرام ٿا ڪريون ۽ توهان تياري ڪري وٺو.
    بريده: حضورﷺ اسان کي تياري وري ڪهڙي ڪرڻي آهي. صرف تنبو اکيڙي ۽ اٺن تي رکڻا آهن. توهان ڀل آرام ڪريو ۽ ايتري ۾ اسان تيار ٿي وٺون.
    پاڻ ڀلارن: صديق اڪبر، عامر ۽ عبدالله بن اربقط ٿوري دير لاءِ آرام ڪيو ۽ اٿيا ظهر جي نماز ادا ڪيائون. ايتري ۾ بريده جو قافلو به پنهنجي مڪمل تياري سان تيار ٿي ويو. هڪ سبز رنگ جي چادر هڪ نيزي تي ٻڌي چيائون ته حضورﷺ هي اسلامي جهنڊو آهي. مسلمانن جو قومي جهنڊو رعب ۽ دٻدٻو پيدا ڪرڻ وارو جهنڊو ۽ الله جا رسول ڇا اسان کي هن جهنڊي کڻڻ جي اجازت آهي؟
    حضورﷺ جن خوشي سان اجازت ڏنائون. جيش اسلام ۾ سڀ کان پهريون جهنڊو اهو ئي هو.
    بريده نعره تڪبير: الله اڪبر جو نعرو هڻي جهندو کنيو ۽ حضور انورﷺ جن جي سواري جي پاسي پاسي ۾ پنهنجي اُٺ تي هلڻ لڳو. هاڻ هي قافلو هڪ عظيم الشان قافلو بنجي ويو. وري جهنڊي جي حالت ۾ لشڪر اسلام جي صورت ۾ ٿي ويو. پري تائين ڪونجهن جي قطار وانگر، اٺن جي هڪ ڊگهي قطار پکڙيل هئي. ان شان و شوڪت سان حضورﷺ ذوالعضوين وادي جو علائقو طئي ڪري رهيا هئا. پاڻ ڀلارن جي چوگرد پروانه رسالت، جان نثار ۽ وفادار صحابه ڪرام جو جم غفير موجود هو.
    هئا هيڪاندا حبيب سين محب مٺا منٺار،
    صديق صادق صدق ۾ سندو يار غار،
    عمر عدالت اڳرو عثمان عزت دار،
    قادر پنهنجي قدرت جا ڪيا علي سان اقرار.
    ياقوتي جنسار حسن مير حسين هئا.


    آفتاب عالم قبا ۾

    يثرب ۾ آنحضرتﷺ جي تشريف آوري جي خبر عام پکڙيل هئي. مسلمان، ڪُفار، يَهود و نصاريٰ مطلب ته هر ڪنهن کي معلوم هو ته آفتاب هدايت يثرب ۾ پهچڻ وارا آهن. يثرب ۾ ڪفار ۽ يهودين جي اڪثريت هئي. مگر مسلمان ه ڪافي تعداد ۾ موجود هئا. جڏهن ته مسلمانن کي پاڻ ڀلارن جي آمد جو شديد انتظار هو. تنهن ڪري هر وقت سندن اکيون مڪي جي رستي ۾ کتل هونديون هيون. ٻنپهرن تائين انتظار ڪري جڏهن سج جي تپش وڌي ويندي هئي ۽ اُس ناقابل برداشت ٿي ويندي هئي ته شمع رسالت جا اهي پروانا ۽ هدايت جا تارا واپس پنهنجي گهرن ڏانهن موٽي ويندا هئا. يثرب جو شهر تمام وڏو هو. جنهن ۾ يهودين جا ننڍا ننڍا قلعا ۽ ڳڙهه هئا.
    قباء جي بستي مديني کان پهريائين مڪي جي رستي تي ٻن ميلن جي فاصلي تي هئي اها به هڪ ننڍو قلعو هو. ان قبا ۾ زياده تر مسلمان آباد هئا. مسلمانن قبا ۽ يثرب جي قلعن کي رسولﷺ جي آمد جي ڪري خوب سينگاريو هو. جهنڊين، دلي گيٽن سان سينگاري ڪنوار بنائي ڇڏيو هو.
    مسلمانن آنحضرتﷺ جي استقبال جون تياريون اهڙي شان سان ڪيون هيون. جهڙوڪر ڪنهن شهنشاه جي خيرمقدم لاءِ ڪيون وينديون آهن. مسلمانن جي گهرن ۾ شادمانا ۽ خوشيون هيون. هر قبيلو، هر خاندان، هر شخص، عورتون مرد، ننڍا وڏا، پوڙها پڪا رات ۽ ڏينهن قبا ۽ يثرب ۾ حضور انورﷺ جو انتظار، اوسيڙو ۽ مدح سرائي ڪندا رهندا هئا. تان جو اهو ڏينهن به آيو جو انهن جي انتظار جون گهڙيون ختم ٿيڻ تي اچي پهتيون.
    8 ربيع الاول بروز سومر 53 ميلاد ۽ 13 بعثت مطابق 23 سيپٽمبر 622ع اڄ به ساڳي طرح مڪي جي رستي تي آفتاب هدايت ۽ شمع رسالت جو انتظار لڳو رهيو.
    * وسن ۽ وهسن ڏيهاڙي ڏسڻ لاءِ،
    جيئن جيئن پرين پسن تيئن تيئن نشا نينهن جا.

    * محبت منجهارا سپرين توکي آڻيندو الله،
    توکي ساريو ساهه اُڪنڊيون آهون ڪن.

    * وسن ۽ وهسن ڏيهاري ڏسڻ لاءِ،
    ڏسي ڏسي آيو توءِ، به تلاشون ڪن،
    ڍايون نه ڍاپن ڪا جا اُڃ اکين کي.

    * پکين پئي پچار، اڄ تماچي آئيو،
    مُرڪن ملاحن جا، مٿي پانڌي ٻار،
    وڏي ڄام ڄمار، جنهن مياڻيون موکيون.
    انهن انتظار ڪندڙن ۾ هر طبقي جا ماڻهو مرد عورت ٻار ٻڍا ننڍا وڏا شامل هئا، نوخيز ڇوڪريون دف، چنگ ۽ رباب وڄائي، خير مقدمي ۽ مدح سرائي جا نغما ۽ گيت ڳائي ماحول کي گرمائي رهيون هيون.
    انهن نغمن جو مفهوم هي هو ته اسان خدا جا بي حد شڪرگذار آهيون. جنهن اسان جي هدايت لاءِ هڪ اهڙو نبيﷺ موڪليو آهي جو وڏو ڪريم الاخلاق، پاڪيزه نفس ۽ وڏي حوصلي وارو انسان آهي. خدا جو برگزيدو بندو محترم و مڪرم رسول آهي. جنهن اسان کي اونڌاهي مان ڪڍي روشنائي ۾ آندو آهي. شرڪ و ڪفر جي لعنت کان ڇوٽڪارو ڏياريو آهي. اسلام جي روشني ۾ خدا جي رحمت جي سايه ۾ حقيقي معبود جي دامن ۾ بيهاريو آهي. اڄ ڪوڙي فخر ۽ غرور جو خاتمو ۽ نسلي امتياز ختم ٿي ويو. آقا ۽ غلام برابر ٿي ويا. ڪهڙي نه خوشي جي ڳالهه آهي جو نه ڪو بندو رهيو نه بنده نواز، اها آنحضرتﷺ جي ڪهڙي نه ڀلي تعليم آهي جو سڀ برابر ٿي ويا آهن. محمدي مساوات قائم ٿي ويئي آهي. مٿس سهسين سلام و درود هجن شال.
    ٻن پهرن جو ٽائم هو. سخت اُس ۽ گرمي هئي ۽ لو به تيزي سان لڳي رهي هئي. هر طرف ٿي ويو. مبارڪون مبارڪون ۽ مومنو مبارڪون. اي مومنو اچو آفتاب عرب ۽ ماهتاب عالم يثرب تي اڀري چڪا آهن. انهي آواز جي گونج چو طرف گونجڻ لڳي. قبا جا سڀ مسلمان مڪي جي رستي تي پهچي ويا هر طرف هر ماڻهو خوش هو. جيئن ڪنهن کي سون هيرن ۽ جواهرن جو وڏو خزانو هٿ اچي ويو هجي. هر ڪنهن جو چهرو خوشي مان چمڪي ۽ ٻهڪي رهيو هو.
    مسلمانن جي ڏيکا سيکي ۾ ڪفا ر۽ يهودي به ڊوڙڻ لڳا هئا. سوين ماڻهو رستي جي ٻنهي پاسن کان بيهه رهيا. انهن ڏٺو ته کجورن جي باغ وٽان اُٺ سوارن جو هڪ وڏو قافلو اچي رهيو آهي. سڀني کان اڳيان هڪ ڏاچي تي هڪ نهايت خوبصورت نوراني چهري وارو شخص سوار آهي. ان جي برابر ۾ هڪ شخص بريده اسلمي جهنڊو کنيل اچي پيو ۽ جهنڊي جو ڇيڙو ان جي مٿي تي جهولي رهيو آهي. هڪ ٻيو شخص خوبصورت وضح قطع ۾ نهايت شاندار عرب، چادر کڻي ان تي ڇانهه ڪري رهيو آهي. ماڻهن ان خوبصورت عرب کي سڃاڻي ورتو ته هي ابوبڪر صديق بن ابو قحافه آهي. جنهن پاڻ ڪريمن کي مميز ڪرڻ لاءِ پنهنجي چادر مبارڪ سان حضور انورﷺ تي ڇانوَ ڪئي هئي.
    هي شاندار قافلو نهايت شان و شوڪت سان اڳتي وڌي رهيو هو. جڏهن سائين جن جي سواري ويجهو آئي ته ماڻهن پاڻ ڀلارن کي سڃاڻي ورتو. سڀني فرداً فرداً حضورﷺ کي سلام ڪيائون ۽ عرض ڪيائون ته اي الله جا سچا رسولﷺ اسان سڀني جي آرزو آهي ته توهان بددستور ڏاچي تي سوار رهو. سڀني جي درخواست قبول ڪندي. پاڻ ڀلارا بدستور ڏاچي تي سوار رهيا. سڀني جي سلامن جا جواب ڏيندي رهيا. قبا جي سڀني کان معزز و مفخر سردار اڳتي وڌي ڪري. عرب جي دستور مطابق پاڻ ڀلارن جي ڏاچي جي مهار ورتي ۽ وڏي مسرت، فخر ۽ وڏي جوش سان روانو ٿيو.
    ماڻهن جو هڪ سمنڊ هو يا سيلاب هو جو اٿلي پيو هو يثرب جي تاريخ ۾ اهڙو اجتماع ۽ جلوس نه ڪڏهن ٿيو هو ۽ نه ٿيندو. جيڪو يتيمن جي يار، هيڻن جي همراهه، اڙين جي آڌار، بي وسيلن جو وسيلو فخر موجودات محمد مصطفيٰ احمد مجتبيٰ جي سواري جي اڳيان پويان ۽ پاسن کان وڏي شوق، جوش ۽ جذبي سان هلي رهيو هو. آنحضرتﷺ جي سواري هڪ وڏي جلوس جي صورت اختيار ڪري ورتي هئي. پري پري تائين ماڻهن جو سمنڊ هو. جنهن طرف به نظر ٿي ويئي ماڻهن جو هجوم نظر ٿي آيو. ترڇنڊڻ جي جاءِ نه هئي. جنهن وقت پاڻ ڪريمن جي سواري قُبا ۾ داخل ٿي ته قبا جون ننڍيون ۽ وڏيون ڇوڪريون دف وڄائي جوش مسرت سان مرحبا ئي گيت ۽ سَهرا آلاپي رهيون هيون.
    طلع البدر علينا من ثنيات الودا،
    نحن جوار من بني نجار
    يا حبذا محمد من جار.
    مڪي جي رستي تي، قبا جي هنج ۾ اسان جي مٿان هڪ چوڏهين جو چنڊ اڀريو آهي. اسان بني نجار قبيلي جا مرد ۽ عورتون انهي چنڊ جي آمد کي خوش آمديد چئون ٿا. اسان رب ڪريم جا شڪر گذار آهيون. جنهن اسان کي محمد نبيﷺ جا پاڙيسري بنايائين. شل اهو چنڊ ۽ سندس چانڊاڻ هميشھ قائم دائم رهي. اي ڀلارا ”محمد“ تون ڀلين آئين ڀلي آئين.
    هِن وقت اگرچه ٻنپهرن جو وقت هو. گرمي نهايت شدت سان پئجي رهي هئي ۽ لُو به گرم هلي رهي هئي. اُس ۽ گرمي ماڻهن ۽ ٻارن کي ساڙي رهي هئي. مگر نبوت جي پروانن کي نه گرمي جي ڪا پرواهه هئي نه اُس جو ڪو خيال. سڀ پاڻ ڀلارن جي محبت، عشق ۽ قرب ۾ هلي رهيا هئا. پاڻ ڀلارن جي قافلي ۾ ٽيهتر اُٺ هئا. هر اٺ جي مهار اڳين اٺ جي پڇ ۾ ٻڌل هئي. ان ڪري پري تائين اٺن جي ڊگهي قطار پکڙيل هئي. اٺن جي ڊگهي قطار، ماڻهن جي گهڻائي، هن قافلي کي مزيد چار چنڊ لڳائي ڇڏيا هئا. حضورﷺ جي سواري جو منظر ئي هڪ عجيب ۽ شاندار فتح جو نظارو هو.
    مسلمانن جو هي عالم هو جو اُهي جوش عقيدت ۽ فرط محبت سان آنحضورﷺ جي سواري جي چوگرد ائين هئا. جيئن شمع جي چوگرد پتنگ. مديني ۽ پسگردائي جي يهودين ۽ ڪافرن نهايت حيرت سان مسلمانن جو جوش و جذبو، مسلمانن جي خوشي، پاڻ ڀلارن سان محبت ۽ عقيدت، پاڻ سڳورن جي سواري جو شان و شوڪت وڏي ڌيان سان ڏسي رهيا هئا. مسلمان قدم قدم تي نعره تڪبير، الله اڪبر جا نعرا هڻي رهيا هئا. انهن نعرن جو آواز در ديوار سان ٽڪرائجي پڙاڏو بنجي، گونجي رهيو هو.
    اگرچه قبا يثرب کان ٻه ميل پري هو. مگر مسلسل نعرن جو آواز يثرب ۾ به پهچي ويو هو. اتان کان به ڪافي تعداد ۾ ماڻهو عورتون مرد ڊوڙندي قبا ۾ پهچڻ شروع ٿي ويا هئا. انهن ماڻهن جي اچڻ سان جلوس تمام ڊگهو ٿي ويو. انسانن جون ڇوليون هڻندڙ سمنڊ نظر اچي رهيو هو. هيئن ته سوين جلوس نڪتا هوندا ۽ نڪرندا رهندا. مگر اهڙو پُر خلوص، عقيدتمند، پُر بهار جلوس نه نڪتو هوندو نه نڪرندو. جهڙو رحمت للعالمينﷺ، محسن انسانيت، آمنھ جي لال، دُر يتيم جو جلوس نڪتو هو.
    آقاءِ نامدارﷺ جي ڏاچي جي مهار جنهن اعرابي پڪڙي هئي. انهي جو نالو ڪلثوم بن الهدام هو. اهو قبيلي بني نجار جو سردار هو يثرب کان اچڻ وارن ۾ سعد بن معاذ رضه به هو. اهو اوس قبيلي جي مشهور شاخ بني عبدالاشهل مان هو جيڪو تمام قبيلن جو سردار اعظم هو. حضورﷺ جن جي سواري جو شان و وقار ڏسي ان کي اهڙو ته جوش آيو جو هو پنهنجي گهوڙي تان لهي. آنحضورﷺ جي ڏاچي جي مهار پڪڙي ورتي پيادل هلڻ لڳو. هن ماڻهو جو شمار چونڪه نهايت عزتدار ۽ باوقار ماڻهن ۾ ٿيندو هو. ان ڪري عوام و خواص تي هن جو مهار پڪڙي پيادي هلڻ جو ڏاڍو گهرو اثر پيو. انساني دنيا ڏٺو ته هت آقا و غلام ۾ ڪو فرق ڪونهي. سڀ برابر آهن.


    هڪ ڪاهن جي پيشنگوئي

    جلوس جڏهن قبا جي وچ تي پهتو ته هڪ عرب ڪافر ڪاهن. جنهن جي گلي ۾ هڏين جي مالها هئي. رستي جي ڪناري تي بيٺل نظر آيو. ان جو چهرو نهايت ڊيڄاريندڙ اکيون ڳاڙهيون ٻاهر نڪتل، پيشاني تي وڏا وڏا گهنج، ڳلن جا هڏا سڪل اُڀريل، ڏاڙهي صرف ڄاڙي تي هئي. گائودم ڍڪيل انهي پاڻ ڀلارنکي غور سان ڏٺو، سواري کي ڏٺو ۽ جلوس کي ڏٺو، وڦليو ۽ چيائين.
    ڪاهن: اي انسانو ياد رکو!! اڄ کان پوءِ يثرب ۾ بت پرستي جو راڄ ختم. بت پرست ذليل و خوار ٿي تڙيا ويندا. باطل ڀڄي ڀورا ڀورا ٿيندو. حق ۽ سچ جو بول بالا ٿيندو عنقريب حجاز ۽ عرب ته ڇا؟ بلڪه ڪره الارض تي هن شخص جي حڪومت قائم ٿيندي ۽ هيڪڙائي جو نعرو لڳندو.
    ماڻهن ان جا اهي لفظ ٻُڌا. مسلمان ٻڌي خوش ٿيا ۽ ڪافرن ۽ منافقتن جا جيرا جلي ويا ۽ اهي هميشھ لاءِ غم جي درياء ۾ غرق ٿي ويا.
    جلوس اڳتي وڌندو رهيو. تان جو بني نجار قبيلي جو محلو شروع ٿيو. جڏهن حضرت ڪلثوم بن الهدام جو گهر آيو ته انهي عرض ڪيو.


    حضرت ڪلثوم جي مهماني

    ڪلثوم: اي الله جا رسولﷺ توهان جي غلام ڪلثوم جو گهر غريب خانو هي آهي. ڇا توهان صاحب هت قيام نه ڪندا؟ مون مسڪين کي خدمت جو موقعو ڪو نه ڏيندا؟
    * مون ساريندي سپرين اچين جي هيڪار،
    ته پيرين ڌريان پنبڻيون هنڌ وڇايان وار،
    ساجن سڀ ڄمار، هوند مان گولي ٿي گذاريان.

    * ڪيچان آيو قافلو عطر آندائون،
    کٿوري خوشبوءِ سين وڻ ٽڻ واسيائون،
    پسند ئي پنهون کي وسريون وڃايائون،
    خيما کوڙيائون وريو بخت بنڀور جو.

    * شمع ٻاريندي شب بره باکون ڪڍيون،
    موٽ، مران ٿي مينڌرا راڻا ڪارڻ رب،
    تنهنجي تات طلب مون ڪانگ اُڏاريا ڪاڪ جا.
    آنحضورﷺ ها! ڇو نه؟ آئون ضرور تو وٽ قيام ڪندس. منهنجي ڏاچي کي ويهاريو. حضرت ڪلثوم ڏاچي کي اشارو ڪيو ڏاچي ويهي رهي. فوراً سڀ اُٺ ويهاريا ويا. سڀ کان پهريائين پاڻ ڪريمﷺ اٺ تان لٿا. ان کان پوءِ ابوبڪر صديق رضه پوءِ عامر پوءِ بريده ۽ ان جا ساٿي.

    حضورﷺ مهمانانِ گرامي ۽ چند معززين حضورﷺ جن سان گڏ گهر اندر داخل ٿيا ۽ باقي جملي جلوس ٽڙ پکڙ ٿي ويو. حضور انورﷺ جڏهن ڪمري ۾ آرامي ٿيا ته يثرب ۽ قبا جا چيدا چيدا ماڻهو گهر اندر داخل ٿيا. هر هڪڙو نهايت ادب و احترام سان اچي ويٺو. حضرت ڪلثوم رضه جلدي سَتُو، پاڻي ۾ ملائي پهرين پاڻ ڪريمن کي ڏنائون پوءِ جملي حاضرين جي سَتُوئن سان اڪرام ۽ خاطر تواضح ڪئي ويئي. جيڪو عرب جو پراڻو رواج هو. جڏهن سڀني ماڻهن سَتُو پي ورتا ته حضرت سعد بن معاذ رضه پهرين پنهنجو تعارف ڪرايو. بعد ۾ سڀ حاضرين و معززين جو تعارف ڪرايو ويو.
    گند جنين جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ،
    تنين جي اوطاق راجا ريجهي آيو.
    ٻي ڏينهن به ماڻهو ٽولن جا ٽولا ايندا رهيا. صبح کان شام تائين سلسلو جاري رهيو. ماڻهو الله جو قرآن ۽ محبوبِ خدا جون ڳالهيون ٻڌندا رهيا. دلين جون بنجر زمينون نرم ٿيون. وٽَ اچڻ لڳيون ۽ آباد ٿيون. سڄو ڏينهن ميلي جو سَمان لڳو پيو هوندو هو. ٽي ڏينهن پاڻ ڀلارن هڪ زمين جو ٽڪرو ڏسي مسجد ٺاهڻ جو ارادو ڪيو. اهو زمين جو ٽڪرو حضرت ڪلثوم بن الهدام جي کجور سڪائڻ جو کرو هو. ڪلثوم پاڻ ڀلارن جي مهماني جو شرف حاصل ڪري چُڪو هو.
    سبحان الله ڪلثوم بن الهدام ڪيڏو نه خوش قسمت انسان هو جو ٻنهي جهانن جو سردار ۽ سندس يار غار، مهاجرين، والانصار ڪيترائي صحابه ڪرام سندن مهمان هئا. ان وقت حضرت ڪلثوم جي گهر جو مان ۽ شان تمام مٿاهون ۽ نرالو هو. سندس مُلهه ۽ شان عرش عظيم کان به وڌ هوندو. حضرت ڪلثوم بقول شاهه ڀٽائي رحه هي بيت جهونگاريو ته هوندو.
    آيا اڱڻ عجيب ٿيا نصيب ڀلا،
    پوءِ اڱڻ چمان يا عجيب چمان.
    ۽ پڻ بقول ”مفتون“ مولانا عبدالغفور همايوني عليھ رحمت
    تنهنجي قدمن تان قربان سڄڻ، تو تان صدقي منهنجي هي جان سڄڻ،
    هڪ جان سندم اي جانِ جهان ڇا آهي؟ جو گهوريان تنهنجي مٿان،
    توتان گهوري جانيون سارو جهان، تو تان قربان ٿئي جي ڪون و مڪان،
    ته به تنهنجو اڃان وڌ شان سڄڻ، حيران هزارين هڪ مان نه رڳو،
    اهل قبا جلد از جلد مسجد جي تعمير شروع ڪري ڇڏي. اسلامي دنيا جي تاريخ ۾ سڀ کان پهرين هي مسجد ٺهي. هن مسجد جو بنياد محبوب خدا آنحضرتﷺ جن خود پنهنجي مبارڪ هٿن سان رکيو جنهن جي تعريف خود خدا پاڪ پنهنجي ڪلام الاهي ۾ ڪئي آهي. پاڻ ڀلارا چار ڏينهن قبا ۾ ترسڻ بعد، پنجين ڏينهن بروز جمعي 12 ربيع الاول 1هه بعثت 14 مطابق 27 سيپٽمبر 622ع جو صبح واري نماز فجر پڙهي يثرب هلڻ جو ارادو ڪيائون.
    مگر عاشقانِ رسول، قبا وارن عرض ڪيو ته اي الله جا رسولﷺ هت ئي ترسي پئو.
    دل اُڃايل ڌرتي تي بادل بنجي برسي پئو،
    زماني کان پوءِ ته آيو آهين ڪجهه عرصو ترسي پئو.
    حضورﷺ جن فرمايو، ايترو پري ته ناهيان، قبا يثرب جو هڪ محلو ته اهي. منهنجو يثرب ۾ تازندگي رهڻ جو ارادو آهي. ماڻهو خاموش ٿي ويا ۽ هي قافلو يثرب ڏانهن روانو ٿيڻ وارو هو ته حضرت علي ڪرم الله وجھ سامهون کان ظاهر ٿيو. حضرت علي رضه جي پيرن تي لَٽ مٽي چڙهيل هئي پيرن تي سوڄي معلوم ٿي رهي هئي. هو هلڻ ۾ آهستي آهستي هلي رهيو هو. ان جو هلڻ ٻڌائي رهيو هو ته هو انتهائي ٿڪل ۽ پنڌ جا ماريل آهن.
    حضور انورﷺ حضرت علي رضه کي ڏسي مسرت سان اوڏهن وڌيا، ته حضرت علي رضه تڪڙا تڪڙا پير کڻي حضورﷺ کي سلام ڪري مصافحو ڪيائون ۽ حضورﷺ جن فرمايائون ته علي ڏاڍو سٺو ٿيو جو تون اچي وئين. ”مڪي کان هجرت وقت علي رضه سڀ کان اڳيان، مديني پهچڻ وقت علي رضه سامهون حاضر“. ڀلا ٻڌا ته امانتن جو ڇا ٿيو؟ اُهي مالڪن جي حوالي ڪيون؟ اگرچه حضورﷺ جن ڏسي رهيو هو ته حضرت علي رضه انتهائي ٿڪل آهن. ان کي مڪمل آرام جي ضرورت آهي. اُڃ ۽ بُک جي ڇا صورتحال آهي مگر پاڻ سڳورن کي امانتن جو ايتري قدر فڪر هو جو پاڻ سڳورن حضرت علي رضه کان نه حال احوال پڇيا نه سماچار نه سفر جا واقعات معلوم ڪيا. مگر سڀ کان پهريون سوال ڪافرن ۽ دشمنن جي امانتن کي واپس ڪرڻ جو هو.
    حضرت علي رضه: جي حضور ها، مون اهي سڀ امانتون اصل مالڪن جي حوالي ڪيم. آنحضورﷺ ڏاڍو سٺو ٿيو، توهان مڪي کان ڪڏهن نڪتا؟
    حضرت علي: حضور مون کي اڄ ٻارهن ڏينهن ٿيا آهن.
    آنحضورﷺ: ”حيرت سان حضرت علي کي ڏسي پڇيو“ ٻارهن ڏينهن؟ گويا ڪ تون به ان ڏينهن هليو آهين جنهن ڏينهن اسان غار ثور کان روانا ٿيا آهيون؟
    حضرت علي رضه: ها. انهي حساب سان ته اهو ئي معلوم ٿئي ٿو. ليڪن اسان هڪ ٻئي سان ملي ڇو نه سگهياسون؟
    آنحضورﷺ: اهو، ان ڪري جو اسان سڌي رستي سان ڪو نه آيا آهيون. بلڪه اسان غير معروف اوجهڙ رستي کان هلياسون ۽ تون سڌي رستي سان آيو آهين. انهي ڪري پنهنجي ملاقات نه ٿي سگهي. ڇا تون پيدل آيو آهين؟
    حضرت علي رضه: ها! سائين آئون پيدل آيو آهيان. رات جو سفر ڪندو هوس ۽ ڏينهن جو سڃاڻپ ۽ گرفتاري جي انديشي جي ڪري واري جي دڙن ۾ لڪي ويهي رهندو هوس.
    آنحضورﷺ: ڪاش توهان پيدل نه اچو ها. ڪجهه ڏينهن مڪي ۾ رهي ڪري ڪنهن قافلي سان گڏ اچو ها؟
    حضرت علي رضه: دراصل مون کان صبر نه ٿي سگهيو. سڄڻن کان سواءِ سک نه آيو. جدائي برداشت کان ٻاهر هئي. حوالي ڪيل ڪم امانتون تقسيم ڪندي ئي هلي پيس.
    آنحضورﷺ: اسان جي مڪي کان نڪرڻ بعد مڪي جي ڪافرن مسلمانن تي يا منهنجي خاندان تي يا صديق اڪبر جي خاندان تي سختيون ته ڪو نه ڪيون؟
    حضرت علي رضه: سختيون ڪرڻ ته انهن جي فطرت ۾ داخل آهن. عام مسلمانن تي پڻ انهن جون سختيون عام آهن. البتھ حضورﷺ ۽ صديق اڪبر جي لواحقين تي زياده سختين جي جرئت نه ٿي. پر نگراني شديد طور تي ڪئي وڃي ٿي.
    قبا کان روانگي ۽ يثرب آمد
    حضورﷺ: انشاء الله عنقريب انهن جي ظالمانه حڪومت جي جبر و تشدد جو خاتمو ٿي ويندو. خدا ظالمن کي گهڻي مهلت نٿو ڏي جو هو ان جي مخلوق کي ايذائيندا رهن. ائين اهو قافلو قبا کان روانو ٿيو. قبا وارن جهڙي طرح گرم جوشي. جنهن خوشي، جنهن جوش عقيدت سان استقبال ڪيو هو. اهڙي طرح سڀني رخصت ڪيو. اهڙي طرح اهو قافلو انتهائي شان و شوڪت سان روانو ٿيو حضورﷺ جي قافلي جي اچڻ جي خبر يثرب ۾ پهريائين پهچي چڪي هئي. اهل يثرب قبا وارن کان زياده شان و شوڪت سان استقبال جون تياريون ڪري رهيا هُئا. ماڻهن جو هجوم يثرب کان ٻاهر قبا جي رستي تي بيهه آفتابِ عالم ۽ ماهتاب عالم ”صديق اڪبر“ جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا. هن عظيم جلوس ۾ به عورتون مرد، ٻار، جوان، ڇوڪرا ڇوڪريون سڀ شامل هئا. سڀ جو سڀ انتهائي مسرور و شادمان هئا. اهڙا خوش هئا جهڙي طرح عادل بادشاهه جي آمد وقت سندس وفادار ۽ جانثار رعايا خوش هوندي آهي. ٻار خوشي وچان واري جي دڙن تان ڪُڏي ۽ ٽپا ڏيئي رهيا هئا. نوخيز ڇوڪريون پاڻ سڳورن جي شانِ عالي ۾ مدحيه سهرا ۽ گيت ڳائي رهيون هيون.
    مرحبائي گيت
    مبارڪ اڄ مديني ۾ محمد مصطفي آيو،
    رسول الله نبي الله حبيب ڪبريا آيو.
    ٿيو هن نور حق سان دروديوار سڀ روشن،
    اَجهو ظلمات ۾ شمس الضحيٰ بدرالدرجيٰ آيو.
    يتيمن جو يار، هيڻن سندو همراهه آنحضرتصه،
    مٺو مرسل مديني ۾ سو محبوب خدا آيو.
    فقيري ۾ فائق يتيمي ۾ يگانو سو،
    يگانه گوهر دريتيم و بي بها آيو.
    وساريو جن خدا کي هو. هو موڙيو حق کان،
    جن، منهن رسول هاشمي، تن لاءِ رهبر رهنما آيو.
    هئا مشتاق جي مومن رسول الله جي صحبت جا،
    انهن لاءِ هادي حق سيد هردوسرا آيو.
    ڏني جنهن لاءِ خبر موسيٰ ۽ عيسيٰ سو نبي برحق،
    خلاصو رب جو خاصو حق جو ختم الانبياء آيو.
    امام امت عاصين اجهو آڌار اڙين جو،
    شفيع المذنبين سو شافع روز جزا آيو.
    دليون جن جون هيون ڪاريون، قلب جن جا هئا ٽامون،
    رسول پاڪ تن لاءِ پارس ٿي آيو.
    مديني ۾ پئي هي ڌوم، هر ڪنهن وات هي وائي،
    وٺي پيغام حق جو صاحب عزو عُلا آيو.
    مدنيي جي مبارڪ شهر ۾ هن طرح پيو سهرو،
    محمد مصطفيٰ آيو، مٺو محمد مصطفيٰ آيو.
    چيو زالن، مڙسن ۽ ننڍن توڙي وڏن هِن پر،
    محمدصه مرحبا محمدصه مرحبا، محمدصه اڄ آيو.
    خوشي مان ٿي چيو هر دم صغيرا مومنن ان وقت،
    محمد مصطفيٰ، محمد مرتضيٰ صلو عليھ و آلھ آيو.
    جڏهن سج تمام مٿي چڙهي آيو ته ٻارن پري کان اٺن کي ايندي ڏٺو. سڀني کان اڳين اُٺ تي جهنڊو ڦڙڪي رهيو هو. اگرچه ٻار نا سمجهه هئا. مگر اٺن کي پري کان ايندي ڏسندي ئي سمجهي ويا ته پاڻ سڳورا تشريف وٺي اچي رهيا آهن. ان ڪري انهن شور ڪيو ۽ نعري بازي ڪئي ته قبا کان آفتاب هدايت طلوع ٿي چڪو آهي. ٻارن جي انهي شورو غوغاء تي ماڻهن سمجهي ورتو ته محسن انسانيت جي تشريف آوري تمام ويجهي آهي ۽ عاشقن مشتاقن نعري تڪبير، الله اڪبر جا نعرا هڻڻ شروع ڪيا. انهن نعرن سان يثرب جي وادي گونجي اٿي.
    يثرب جي ڪافرن يهودين کي به پاڻ سڳورن جي تشريف آوري جو علم ٿي ويو هو. ماڻهو پاڻ ڀلارن کي ۽ سندن سواري کي ڏسڻ لاءِ اٿلي پيا. ٿوري ئي دير ۾ هزارن جو مجموعو گڏ ٿي ويو ۽ ايس تائين سرڪار دو عالمﷺ جن جي سواري به سامهون پهچي ويئي. ماڻهو اڳتي وڌڻ لڳا. هن طرح سان بدنظمي جو خطرو وڌي ويو. متان نه ڪو ڪمزور، ٻار ۽ عورتون لتاڙجي نه پون. ان ڪري سعد بن معاذ رضه ماڻهن کي سختي سان چيو ته هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي جاءِ تي بيٺو رهي ۽ پاڻ ڀلارن جي زيارت ڪري وٺي پوءِ سڀ ماڻهو پنهنجي پنهنجي جاءِ تي بيٺا رهيا. جڏهن پاڻ سڳورن جي سواري اڳيان اچي ويئي ته ماڻهن اهڙي زور سان نعرا هنيا جو زمين ڏڪي ويئي. فضا ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ واديءَ يثرب گونجي اٿي. پاڻ ڀلارن اتي لهڻ جو ارادو ڪيو. مگر حضرت سعد رضه وڌي ڪري عرض ڪيو ته اي جهان پناهه لڄپال محمدﷺ توهان کي لهڻ جي ضرورت ناهي. اسان سڀ غلامن جي تمنا آهي ته حضورﷺ جن بدستور سوار ٿي هلن. مجبوراً حضور جن سواري تي چڙهيل ئي رهيا ۽ حضرت سعد ڏاچي جي مهار پڪڙي اڳيان هلڻ لڳو. مگر آنحضرتﷺ جن فرمايو. اي يثرب جا والي! مونکي اها ڳالهه پسند ناهي جو توهان منهنجي ڏاچي جي مهار ڇڪي هلو ۽ آئون ڏاچي تي چڙهيل رهان. مون کي ان طريقي تي خوف آهي. جو متان منهنجي دل ۾ غرور پيدا نه ٿي پوي. آئون اهو ئي آهيان. جو پهريائين هوس. من آنم ڪه من دانم.
    حضور انورﷺ: آئون هڪ يتيم. بيڪس پنهنجي قوم جو ستايل، پرديسي مادر وطن کان ڪڍيل، بي وس خدا جو بندو آهيان. توهان ماشاء الله يثرب جا والي آهيو نه تنهنجي لاءِ اهي پيدل هلڻ مناسب آهي نه منهنجي لاءِ.
    حضرت سعد: حضور هاڻ توهان لاوارث ناهيو. نه ئي بي وس آهيو نه ئي پرديسي آهيو. هاڻ توهان اسان مسلمانن جا حاڪم آهيو. هاڻ توهان اسان جا ڀرجهلا آهيو. هاڻ توهان اسان جا آهيو ۽ اسين اوهان جا آهيون. اها ڪنهن جي قسمت ۽ ڪنهن جو سهڻو نصيب.
    آنحضرت: سعد توهان به پنهنجي ڏاچي تي سوار ٿي مون سان گڏ هلو.
    حضرت سعد رضه: ان ۾ به منهنجي سعادت آهي. آئون حضورﷺ جي هر حڪم جي تعميل ڪندس ائين چئي. حضرت سعد به اُٺ تي چڙهيو. اهڙي طرح ماڻهو ايندا ويا ۽ قافلو ٺهندو ويو ۽ وڌندو ويو. مسلمان الله اڪبر جا نعرا هڻندي اڳتي وڌندا رهيا. يثرب ۾ باقي رهيل ماڻهو ڪي ته رستي جي ٻنهي طرفن کان قطارون ٺاهي بيٺا رهيا ته ڪي عورتون، مرد جاين جي ڇتين تي چڙهي حضورﷺ جن جي آمد جو انساني سمنڊ جي ڇولين ۽ لهرن جو نظارو ڪرڻ لڳا اگرچه ان وقت ڏينهن جو ٻنپهرن جو وقت هو. اُس، گرم هوا، لُو جي ڪري هر ماڻهو پگهر ۾ شِم هو. پر ايتري قدر جوش ۽ خوشي ۾ مست هو جو ڪنهن کي به گرمي جي پرواهه نه هئي. سڀ نهايت اطمينان ۽ وڏي خوشي سان جلوس ۾ هلي رهيا هئا. يثرب جا يهودي انتهائي حيرانگي سان مسلمانن جو جوش. باهمي اخوت و محبت ۽ جلوس جو شان ڏسي رهيا هئا. جنهن وقت هي جلوس محلي بنو سالم وٽ پهتو ته نماز ظهر جو وقت ٿي ويو هو. چونڪ اڄ جمع جو ڏينهن هو. حضورﷺ جن عامر کي حڪم ڪيو ته سواريون روڪيو. نماز جمع جو وقت ٿي چڪو آهي. اُٺ رڪجي ويا ۽ قافلو بيهه رهيو. حضورﷺ جي لهڻ سان سڀ ماڻهو لهي پيا. سڀ ماڻهو هڪ وسيع ميدان ۾ گڏ ٿي ويا. پاڻي آندو ويو. وضو ڪري سڀني بارگاهه ايزدي ۾ حضورﷺ جن جي پٺيان بغير فرش ۽ تنبو جي سخت اُس ۽ تپندڙ ميدان ۾ نماز جمع ادا ڪئي. بعد ۾ عمر بن عبدالعزيز دور ۾ انهي ميدان ۾ مسجد ٺاهي ويئي. جيڪا اڄ به مسجد جمع جي نالي سان مشهور آهي.
    نماز کان اڳ امام الرسل: محسن انسانيت هڪ عظيم خطبو ڏنو جيڪو يثرب ۾ سڀ کان پهريون خطبو هو. جنهن ۾ رحمت اللعالمينﷺ جن فرمايو ته حمد ۽ واکاڻ جي لائق اهو هڪ خدا آهي جنهن هن ڪائنات ۽ ڪائنات جي هر ذره ذره کي پيدا ڪيو آهي. اهو ئي زندگي ۽ موت جو مالڪ آهي. اهو ئي هر شيءِ تي قادر مطلق ۽ مختار آهي. جيڪي گهري اهو ڪري سگهي ٿو. مسلمان اهو آهي جو خدا ۽ صرف هڪ خدا جي عبادت ڪري. نفع ۽ نقصان جو مالڪ. عزت و ذلت جو مالڪ اهو ئي آهي. جنهن کي چاهي عزت ڏي. جنهن کي چاهي تنهن کي ذليل و خوار ڪري. عيش ۽ طيش ۾ ڏُک ۽ سُک ۾ ڪڏهن به خدا کي نه وساريو هي دنيا چند روز آهي. لهٰذا ان جو آرام به چند روز آهي. انسان جي زندگي پاڻي جي ڦوٽي يا هوا جي جهونڪي وانگر آهي. تمام جلد ختم ٿي وڃڻ واري آهي. هميشھ واري زندگي مرڻ کان بعد شروع ٿئي ٿي. بد بخت ۽ ڪم عقل آهن اُهي ماڻهو جيڪي چند روزه عارضي زندگي جي عيش و آرام ۾ پئجي ويا آهن ۽ خدا کي وساري ويٺا آهن ۽ ان جي عبادت نٿا ڪن.
    ياد رکو: مرڻ کان بعد پهريائين پڇا نماز جي ٿيندي، جنهن نماز وقت تي دل لڳائي پڙهي هوندي ته نماز ان جي شفاعت ڪندي. نماز ان کي بهشت ۾ داخل ڪرائيندي ۽ جنهن نماز کان غفلت ڪئي هوندي يا قضا ڪئي هوندي. اهو دوزخ ۾ ويندو. مسلمانو نماز جي حفاظت ڪريو. نماز جي حفاظت ڪريو. وقت تي ۽ دل جي سچائي سان پڙهو. حقوق العباد جو خيال رکو. نيڪي ڪريو ۽ نيڪي پکيڙيو، پرهيز گاري اختيار ڪريو. گناهن کان بچو گناهه اهو آهي. جيڪو توهان جي دل ۾ کٽڪي. نيڪ ٿيو. ايڪ ٿيو. شرڪ کان پاسو ڪريو الله پاڪ ٻيا سڀ گناهه معاف ڪري سگهي ٿو. مگر شرڪ کي هرگز معاف نه ڪندو. شرڪ الله پاڪ سان وڏو ظلم ڪرڻ آهي. اهو ئي زندگي جو مقصد ۽ ماحصل آهي.
    يثرب ۾ هي پهريون خطبو هو ۽ پهريون جمعو هو. سڀ ماڻهو نهايت آرام سان سڪون سان ٻڌندا رهيا. خطبي کان پوءِ نماز پڙهي ويئي. نماز پڙهي پاڻ ڀلارا پنهنجي ڏاچي قصويٰ تي سوار ٿيا. پاڻ سڳورن جي سوار ٿيڻ سان گڏ حضرت سعد، حضرت ابوبڪر صديق، حضرت علي، حضرت بريده ۽ ان جا ساٿي سوار ٿي ويا.


    خوش نصيب ميزبان

    پاڻ سڳوراﷺ جن اڃان هلڻ گهورائي هئا ته بني سالم محلي جا معززين حضرات آيا ۽ سندن ڏاچي جي مهار پڪڙي محلي اندر هلڻ لڳا. جيئن ته هر محلي ۽ هر قبيلي وارن جي خواهش هئي ته حضورﷺ انهن وٽ ترس. انهي ڪري اڪثر قبيلن جا ماڻهو اڳتي وڌيا. ۽ سندن ڏاچي جي مهار وٺڻ جي ڪوشس ڪيائون. ان سان بحث و تڪرار وڌڻ لڳو ۽ هر شخص پنهنجو پنهنجو حق ثابت ڪرڻ لڳو.
    حضورﷺ جن اها صورتحال ڏسي فرمايو ته مسلمانو! توهان سڀ هٽي وڃو. ڏاچي جي مهار سندس ڪلهي تي رکي ڇڏيو. ان کي خدا جي طرفان ويهڻ جو حڪم مليل آهي. جنهن جاءِ تي هي پاڻهي ويهي رهندي هت آئون به ان محلي ۾ ان جاءِ تي لهي پوندس. جيڪي ماڻهو بحث و تڪرار ڪري رهيا هئا. اهي پاڻ سڳورن جو هي حڪم ٻڌي سڀ پوئتي هٽي ويا. ڏاچي رواني ٿي ۽ سڀ جلوس ۽ قافلو انجي پٺيان هلڻ لڳو.
    ڏاچي خاموشي سان هلندي رهي. صحابه ڪرام نعرن جي گونج ۾ جلوس کي گرم رکيو آيا. ڏاچي هلندي هلندي بنو بياضھ جي محلي پهتي. ان محلي جو سردار ۽ رئيس زياد بن لبيد ۽ فروه بن عمرو هئا. فوراً ٻنهي وڌي ڏاچي جي مهار پڪڙي ورتي. آنحضرت فرمايو. ان کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيو. انکي ويهڻ جو حڪم مليل آهي. زياد ۽ فروه مهار ڇڏي پري هٽي ويا ۽ ڏاچي هلندي رهي. هاڻي ماڻهن ۾ اهي چهميگويون ٿيڻ لڳيون. هر ماڻهو چئي رهيو هو ته ڏسون اهو خوش قسمت محلو ڪهڙو آهي. جنهن ۾ هي ڏاچي ويهندي ۽ اهو ڪهڙو خوش قسمت انسان آهي. جيڪو حضورﷺ جن جي مهمان داري جي سعادت حاصل ڪندو. ڏاچي برابر هلندي رهي. تان جو محلو بنو ساعده ۾ پهتا. ان محلي جو سردار سعد بن عباده ۽ منذر بن عمرو هئا. ٻئي خوش ٿي اڳتي وڌيا. ڏاچي جي مهار ۾ ورتو. حضور انورﷺ جن فرمايو ان کي ڇڏي ڏيو. ان کي ويهڻ جو حڪم مليل آهي. ٻئي صحابي سڳورا هٽي ويا. ڏاچي وري اڳتي هلڻ لڳي.


    واهه ايوب انصاري ڀلا ڀاڳ تنهنجا

    تان جو محلو بنو ملڪ بن النجار ۾ پهچي هڪ غيرآباد ۽ بيڪار زمين تي وڃي بيٺي ڪجهه دير بيهڻ کان بعد ويهي رهي. ليڪن ويهي ۽ جلدي سان اٿي هلڻ لڳي مگر ڪجهه هلڻ بعد پاڻهي واپس مڙي ۽ ٺيڪ ساڳي جڳهه تي ويهي رهي. پنهنجي گردن هيٺ ڪري پڇ هلائڻ لڳي. مطلب هي هو ته منزل مقصود اچي ويئي آهي. هاڻ هيٺ لهو. حضورﷺ جن هيٺ لٿا ۽ انهن کي ڏسي باقي قافلي وارا به پنهنجن پنهنجن اُٺن تان لهي پيا.
    اها غيرآباد زمين حضرت ابو ايوب انصاري جي هئي. جيڪو حضورﷺ جن جي ناناڻڪي مان هئا. ان کي خواب خيال ۾ ئي نه هو ته ڪو شهنشاهه دوجهان اچي هت لهندا ۽ ان کي حضورﷺ جن جي خدمت جي سعادت حاصل ٿيندي.
    جڏهن حضرت ابو ايوب انصاري ڏٺو ته سرور ڪونينﷺ جن جي سواري منهنجي گهر اچي ويٺي آهي ۽ آمنھ جو لال، دُر يتيم پارس، هيٺ لهي منهنجي گهر تشريف وٺي اچي رهيا آهن. انهي اڳتي وڌي سلام ڪيو ۽ عرض ڪيائين. ابو ايوب انصاري، اي الله جا رسولﷺ هي غريب خانو منهنجو گهر آهي... آئون غريب ماڻهو آهيان ڇا؟ سڄڻ سار لهي. مون غريب کي مهمانداري جو شرف بخشيندا؟
    آنحضرتﷺ: ”مُرڪي فرمايو“ غريبي يا اميري دنيا دارن جي نطرن ۾ ڪا وقعت رکندي هوندي. آئون ته خود غريب آهيان. دين دارن لاءِ اها ڳالهه ناهي مسلمان غريب هجي يا امير. سڀ پاڻ ۾ برابر آهن ۽ پاڻ ۾ ڀاءُ آهن انما المومنون اخوت. تو ن به ڀاءُ آهين. آئون تنهنجي گهر تر سندس ۽ مون کي ائين ئي حڪم ٿيل آهي. حضرت ايوب انصاري اها نويد مسرت ۽ روح پرور جواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. فرط خوشي ۽ محبت مان ان جي اکين مان خوشي جا لُڙڪ لارون ڪري لڙي پيا اڳتي وڌي خوش ٿي پاڻ ڀلارن جو سامان کنيائون ۽ گهر اندر داخل ٿي ويا.
    ٿوري دير بعد ٻنهي جهانن جو شهنشاهه ابو ايوب انصاري جي جهوپڙي نما گهر ۾ تشريف فرما ٿيا. عام ماڻهو جلوس وارا حضرت ابو ايوب انصاري جي خوشي بختي تي رشڪ ڪرڻ لڳا.
    سڀ سَميون، سڀ سومريون، سڀني ڳچي هار،
    پسڻ ڪارڻ پرين جي سڀن وڇايا وار،
    ڍوليو تنين جي ڍار جي هيٺايون هليون.

    مدينو اُخوت ۽ محبت جو خزينو
    آنحضرتﷺ حضرت ابو ايوب انصاري جي گهر رهڻ لڳا ۽ ان جي گهر جي اڳيان زمين جو هڪ ٽڪرو ”پلاٽ“ خالي پيو هو. ان ڪري مسلمان روزانو انهي ميدان ۾ گڏ ٿيندا هئا. حضورﷺ جن اتي اچي وعظ و نصيحت ڪندا هئا. جيڪي ماڻهو مڪي مان پنهنجا گهر ٻار ڇڏي آيا هئا تن کي مهاجر ۽ جيڪي ماڻهو يثرب ۾ رهڻ وارا هئا ۽ مسلمان ٿي مهاجرين جي امداد ۽ اعانت ڪندا هئا. انهن کي انصار چوڻ لڳا.
    مهاجرين ۽ انصارين ۾ بي حد محبت ويگانگت اهڙي ته پيدا ٿي ويئي جو حقيقي ڀائرن ۾ به اهڙي محبت. اهڙي همدردي ۽ اهڙي رواداري نه ڏٺي ويئي جهڙي مهاجرين و انصار ۾ پيدا ٿي ويئي هئي.
    هي هجرت جو پهريون سال هو. سن هجري انهي سال کان شروع ٿيو. جو دنيا ۽ اسلام ۾ اڄ تائين جاري آهي. انشاء الله قيامت تائين جاري رهندو. اگرچه پاڻ سڳورن ڏسي ورتو هو ته مهاجرين و انصار هڪ روح ٻه قالب آهن. يا هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن. هڪ ٻي جي ڏک سک ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن. مگر ضرورت هن ڳالهه جي هئي ته جملي مسلمان هي سمجهي وٺن ته حقيقي اخوت ”ڀائيچاري“ ڪهڙي شيءِ آهي. پاڻ ڀلارن هڪ ڏينهن. جنهن وقت تمام مسلمان مهاجرين و انصار جو تعداد نوي افراد تي مشتمل هو. جيڪي حضرت ابو ايوب انصاري رضه جي گهر جي سامهون حضرت انس رضه جي گهر گڏ ٿيا. اتي آنحضرتﷺ جن اخوت ۽ اسلامي مساوات جي موضوع تي وعظ فرمايو.
    پاڻ سڳورن فرمايو، تمام حمد و ثناء ۽ سڀ واکاڻون واحد کي جڳائين ٿيون جيڪو ساري عالم جو پروردگار آهي هو پنهنجي مخلوق تي ايتري قدر مهربان آهي. جو جڏهن ٻانهون ان کان منهن موڙي، هجر و شجر، سج و چنڊ مخلوقي شين جي پوڄا ڪري ٿو ۽ ان حقيقي خالق ۽ سندس قدرت کي ڀلجي وڃي ٿو ته اهو رب پنهنجا رسول، نبي ۽ پنهنجا پيغمبر موڪلي ماڻهن کي صراط مستقيم تي آڻي، ضلالت و گمراهي کان ڇوٽڪارو ڏياريندو آهي. اهڙي طرح اُهو رب هن دنيا ۾ هزارين نبي موڪلي چڪو آهي ان رب مون کي به خاتم المرسلينﷺ ڪري موڪليو آهي. مون کان بعد ڪوئي هادي ڪوئي نبي ڪوئي رسول ڪوئي پيغمبر يا ڪوئي ڪوڙو ظلي نبي نه موڪليو ويندو ۽ نه ئي هاڻ ڪنهن نبي جي اچڻ جي ضرورت آهي. قصر نبوت جي آخري سر آئون آهيان ۽ اها قصر نبوت هاڻ مڪمل ٿي چڪي آهي. هاڻ ڪنهن به سِر جي ڪا به ضرورت ناهي. ياد رکو! نئي نبي جي اچڻ جي ضرورت ان وقت ٿيندي آهي، جڏهن اڳين مذهب ۾ ان جا پوئلڳ تغيرو تبدل ڪري ان جي اصل حقيقت کي ختم ڪيو وڃي. سابقه تمام آسماني ڪتابن ۽ صحيفن ۾ ردوبدل ڪري ماڻهن ۽ انهن جي عالمن پنهنجي مرضي مطابق انهن کي بدلائي ڇڏيو هو.
    جڏهن به مذهب ۾ تغير ۽ آسماني ڪتاب ۾ تحريف ٿي ته مشيت الاهي مطابق نئون نبي موڪليو ويو. هاڻ مون کان بعد ڪنهن به نبي جي ضرورت ان ڪري نه هوندي جو قرآن مجيد ۾ زير و زبر جي تبديلي به غير ممڪن آهي، ڇو ته خدا ان فطري مذهب اسلام ۽ ان مقدس آسماني ڪتاب قرآن پاڪ جي حفاظت جو ذمو خود پاڻ کنيو آهي. ترجمو: هي ڪتاب مون نازل ڪيو آهي ۽ آئون ئي ان جو محافظ آهيان. هي مقدس ڪتاب ڪلام الاهي ماڻهن جي سينن ۾ محفوظ رهندو. قيامت تائين ماڻهو ان کي ازبر ياد ڪندا رهندا.
    مسلمانو: کل مومن اخوت، سڀ مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن. حقيقي ڀائر آهن. حقيقي ڀائرن کان به وڌ مسلمانن کي پاڻ ۾ محبت هئڻ گهرجي. جيڪو مسلمان پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي مدد نه ڪندو. ان جي ڏک سور ۾ شريڪ نٿو ٿئي. ڪنهن مسلمان سان حسد ٿو ڪري يا ڪنهن مسلمان سان خوامخواه دشمني رکي ٿو. يا ڪنهن مسلمان کي تڪليف يا نقصان پهچائيندو. انهي تي قهرالاهي نازل ٿيندو. قيامت جي ڏينهن آئون ان جي شفاعت نه ڪندس. ان جا تمام اعمال ضايع ٿي ويندا ۽ ان کي دوزخ جي ٻرندڙ باهه ۾ وڌو ويندو.
    تڪبر: غرور، نسل پرستي، دولت تي فخر ڪرڻ، خود غرضي اهي سڀ شيطاني وسوسا آهن. پنهنجي ڪنهن مسلمان ڀاءُ کي پاڻ کان گهٽ سمجهڻ ڪنهن غريب مسلمان کي غُربت جي ڪري حقير خيال ڪرڻ نهايت بري ڳالهه آهي انهي سان مالڪ و خالق ناراض ٿئي ٿو. قيامت جي ڏينهن ذات و نسل جي باري ۾ سوال نه ٿيندو بلڪ اعمال صالح، نماز، روزه، حج، زڪوات ۽ توحيد جي باري ۾ پڇيو ويندو. الله پاڪ وٽ مقرب بنجڻ لاءِ دولت، حسن، حسب نسب معيار ناهن. بلڪ حسنِ اخلاق ۽ تقويٰ سان الله پاڪ جو قرب حاصل ڪري سگهجي ٿو.
    مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن. انهن کي هڪ جسم وانگر، گهرجي ڀاتين وانگر، ڀائر بنجي رهڻو آهي. حقيقي ڀائرن برابر محبت هئڻ گهرجي. هڪ امير مسلمان جو فرض آهي ته هو پنهنجي غريب ڀاءُ جي هر ممڪن مدد ڪري. جڏهن ڪو مسلمان ڪنهن ضرورت مند مسلمان ڀاءُ جي هر ممڪن مدد ڪري ٿو ته خدا ان تي ڏاڍو خوش ٿئي ٿو. الله جا ملائڪ ان جي حق ۾ دعا خير ڪن ٿا. خدا پنهنجي مقرب ملائڪن کي شاهدي طور فرمائي ٿو ته اوهان شاهد آهيو. مون فلاڻي مسلمان جا پويان گناهه معاف ڪري ڇڏيا. جو ان فلاڻي غريب مسلمان مصيبت زده جي مدد ڪئي آهي.
    لهٰذا مسلمانو: پاڻ ۾ محبت ۽ ربط قائم رکو. ڪنهن به مسلمان کي حقير ۽ ذليل خيال نه ڪريو. ور نه، توهان جا اعمال صالح ضايع ٿي ويندا. توهان وڏي نقصان ۽ خساري وارا ٿي ويندا. مون کي سڃاڻو، مون کي مڃو، منهنجي مڃو، مون کي پنهنجو بنايو. آئون هن هڪ رب جي طرفان توهان جي هدايت ۽ رهبري لاءِ موڪليو ويو آهيان. انهي ۾ توهان جي ڪاميابي آهي ۽ فتح هر وقت توهان جا قدم چمندي جڏهن تمام مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن ته پوءِ هر طبقي جا مسلمان برابري جو درجو رکندا آهن. هڪ مسلمان کي ٻي مسلمان تي ڪا به فوقيت ناهي. توهان سڀ آدم عليھ السلام جو اولاد آهيو. آدم مٽي مان بنايو ويو هو. اها ئي مساوات آهي. اسلام هڪ خدا پرستي ۽ پاڻ ۾ اخوت سان رهڻ جي تعليم ڏيڻ لاءِ آيو آهي. خدا جو حڪم اهو ئي آهي ته مسلمان پاڻ ۾ محبت رکن. همدردي ۽ مساوات قائم ڪن. متفق ۽ متحد رهن انهي ۾ ئي طاقت ۽ ڪاميابي آهي. جڏهن به مسلمان خدا جي ان احڪامن جي نافرماني ڪندا. ذليل و خوار ٿي تباهه و برباد ٿي ويندا.
    دنيا جو اصول آهي ته باهمي اُخوت و مساوات بام عروج تي پهچائيندي آهي. جيڪي قومون انهي اصول تي ڪاربند آهن. اهي ترقي جون منزلون طئي ڪندي رهيون آهن ۽ جيڪي انهي اصول کان هٽي ويون. اهي تنزل ۾ اچي دنيا جي صفحي هستي تان ميٽجي ويون. مسلمان جو فرض آهي ته اهو پنهنجي غريب مسلمان ڀاءُ جي هر طرح مدد ڪري. جيڪو مسلمان ڪنهن ٻي مسلمان کي ڪنهن جنگ يا مصيبت کان بچائيندي مارجي ويو ته اهو شهيد آهي. شهيد مرندا ناهن. بلڪ اهي زنده هوندا آهن. انهن جا روح عالم بالا ۾ سير ڪندا رهن ٿا ۽ هن دنيا ۾ ايندا رهندا آهن. مگر توهان انهن جي زندگي کي سمجهي نٿا سگهون.
    مسلمانو! خدا جي خوشنودي چاهيو ٿا ته پوءِ پاڻ ۾ محبت ۽ اخوت قائم رکو ڪڏهن به ڪنهن مسلمان سان دشمني يا عداوت نه رکو.
    هن تقرير کي سڀ مسلمان عورتون توڙي مرد نهايت شوق ۽ توجهه سان ٻڌي رهيا هئا انهن جي دلين تي رسول خدا جو هر، هر لفظ نقش ٿيندو ٿي ويو. اهڙي طرح جڏهن پاڻ سڳورن تقرير ختم ڪئي ته تمام مسلمانن جي دلين ۾ محبت پيار ۽ اخوت جو درياء ٺاٺون مارڻ ۽ پلٽا ڏيڻ لڳو.


    تقرير دلپذير جو اثر

    مهاجرين و انصار انهي تقرير دلپذير کان بعد ڪجهه ايستائين متاثر ٿيا جو انصارن انهي وقت مهاجرين سان تعلقات اخوت قائم ڪيائون ۽ انهن کي حقيقي ڀائرن کان وڌيڪ سمجهڻ لڳا. چنانچه جن انصارن جون ٻه ٻه يا ٽي ٽي زالون هيون. انهن انهي وقت هڪ هڪ کي ٻن ٻن کي طلاق ڏيئي. انهن کي انهن مهاجرين سان جن جون زالون نه هيون. نڪاح ڪرائي ڇڏيو. هي وڏي رواداري. وڏي همٿ حوصلي، وڏي نفس ڪُشي ۽ دليري جو ڪم هو. اڄ جا مسلمان سوچين، ڇا؟ اهي ايتري قدر ايثار ڪري سگهن ٿا؟ جيتري قدر انصار ڪيو تجربو ۽ مشاهدو ته ائين آيو آهي ته رواداري ته درڪنار. مگر اٽلندو ٻنهي ڌرين ۾ دشمني ڪينو ۽ بدخواهي عروج تي آهي. هڪ ٻي کي نقصان پهچائڻ ۽ گلي ڪپڻ جي فڪر ۾ لڳل رهندا آهن. اهو نٿا سمجهن ته سندن اعمال حسنه ضايع پيا ٿين ۽ دوزخ جي ٻرندڙ باهه ۾ اڇلايا ويندا. جو سندن خدا ناخوش ٿي رهيو آهي. اڄ مسلمان جيتري قدر پستي و ذلت جي اوڙاهه ۾ وڃي رهيو آهي. ان جو ڪارڻ صرف اهو آهي ته مسلمانن اسلام ۽ احڪام خداوندي کان منهن موڙي ڇڏيو آهي. انصار، مهاجرين جي خاطر مدارت ۾ هر طرح مدد ڪئي. جنهن خلوص، ايثار ۽ جنهن احتياط سان انهن ڀائيچاري نڀائي، تاريخ ۾ ان جو مثال ملڻ نهايت مشڪل آهي. صرف مشڪل به نه بلڪه ناممڪن آهي. انهن حقيقي معنيٰ ۾ مهاجرين کي پنهنجا ڀاءُ سمجهيا. پهرين انهن کي کاڌو کارائيندا هئا. پوءِ پاڻ کائيندا هئا. انهن جي تڪليف کي پنهنجي تڪليف ۽ انهن جي آرام کي پنهنجو آرام سمجهڻ لڳا. چونڪ انصاران ڳالهه کي ڄاڻندا هئا ته مهاجرين محض دين جي خاطر، مڪي ۾ انتهائي تڪليفون برداشت ڪيون آهن. پنهنجا گهر، وطن، عزيز و اقارب، مال و زر، خاندان ۽ برادري وغيره سڀ ڪجهه ڇڏي يثرب آيا آهن. ان ڪري اهي خيال ڪندا هئا ته مهاجرين ڪنهن به نموني شڪسته دل نه ٿين. انهي ڪري انهن مهاجرين جي دلداري ۾ ڪنهن به قسم جي گهٽتائي نه ڪئي.
    اهڙي طرح مهاجرين به انصار جا بيحد شڪر گذار ۽ احسان مند هئا. اهي هن ڳالهه جي ڪوشش ڪندا هئا ته اسان ڪنهن به طرح انصار تي بار نه ٿيون. انهي ڪري هنن نهايت جفاڪشي ۽ محنت سان مزدوريون ڪري. دڪانداري وڻج واپار ڪري پنهنجو پيٽ پالڻ لڳا. ٿورن ئي ڏينهن ۾ هنن پنهنجي لوازمات زندگي پنهنجي قوت بازو سان حاصل ڪري ورتي. اهڙي طرح هو جلد ئي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جهڙا ٿي ويا ۽ انصار لاءِ تقويت جو ڪارڻ بنيا.
    جڏهن مسلمان ضروريات زندگي کان بي فڪر ٿيا ته انهن اسلام جي تبليغ شروع ڪري ڏني. انهن جي تبليغ جي ڪري الله پاڪ اسلام ۾ اهڙي ته جاذبيت ۽ قرآن پاڪ ۾ اهڙي ته تاثير رکي جو ٻڌندڙ جي دل متاثر ٿيڻ کانسواءِ نٿي رهي سگهي. چانچه ان عالم گير تبليغ جي تاثير جي ڪري يهود يثرب جوق درجوق. ٽولن جا ٽولا مسلمان ٿيڻ لڳا. مسلمانن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳو. ائين کڻي چئجي ته ڏينهن ٻيڻو ۽ رات چوڳيڻو ٿيندو ويو. هين ته سوين ڪافر، مشرڪ، يهودي مسلمان ٿيا ليڪن ٻه ماڻهو اهڙا مسلمان ٿيا جو جنهن جي ڪري يثرب جي ماڻهن تي خاص ۽ ڏاڍو اثر پيو. بلڪه ٿرٿلو ۽ هراس پئجي ويو ۽ ماحول ئي بدلجي ويو. انهن مان هڪ ته عبدالله بن سلام هو. هي يهودين جو وڏو عالم هو. هو تورات ۽ انجيل جو ياد حافظ هو ۽ مٿس ڏاڍو عبور حاصل هو. يهودي دنيا ۾ ان جي وڏي مشهوري هئي. يثرب ۽ عرب دنيا ۾ ان جي قابليت ۽ صلاحيت جو سڪو ڄميل هو. هر ماڻهو جو مٿس بي حد حساب اعتبار هو. ان جي ڳالهه آخري مڃي ويندي هئي. ان جي مشرف باسلام ٿيڻ سان يهودي دنيا حيران ۽ ششدر رهجي ويئي.


    حضرت عبدالله بن سلام حالات زندگي

    حضرت قيس بن عُباد رضه جليل القدر تابعي آهي. اهو هڪ ڀيري مسجد نبوي ۾ ويٺو هو ته ايتري ۾ هڪ صاحب مسجد ۾ داخل ٿيو. حضرت قيس رضه فرمائي ٿو ته قد دخل رجل عليٰ وجھ اثر الخشوع ان صاحب جي چهري تي ڏاڍو خشوع، وقار، سڪون ۽ نوراني آثار پڌرا هئا. ان صاحب کي ڏسندي ئي مسجد ۾ ويٺل ماڻهن ۾ تبصرا شروع ٿي ويا. ڪي چون پيا ته هٰذا رجل من اهل الجنت هي ماڻهو ڪو جنتي آهي. ڪي چون پيا ته چهرو مبارڪ ڪهڙو نه پيو چمڪي. ڪي پيا چون ته هي ولي الله آهي. وغيرهم پوءِ هو ماڻهو مسجد نبوي ۾ ٻه رڪعتون نفل نهايت خشوع و خضوع ۽ اطمينان سان پڙهي مسجد مان ٻاهر هليو ويو.
    آئون ان جي پويان لڳي ويس. مون ان کي هڪڙي جاءِ تي بيهاري پڇيم ته مسجد ۾ ويٺلن جا تنهنجي باري ۾ هي تاثرات آهن. توهان مهرباني ڪري پنهنجو تعارف ڪرايو ته توهان ڪير آهيو.
    منهنجي سوال تي هن پنهنجو تعارف ڪرايو. جيڪو هن ريت هو.
    منهنجو نالو عبدالله بن سلام بن حارث آهي. ڪنيت ابو يوسف آئون حضرت يوسف عليھ السلام جي اولاد مان آهيان. اسلام آڻڻ کان پهريائين منهنجو نالو حصين هو. پوءِ حضور انورﷺ جن منهنجو نالو عبدالله رکيو. آئون بني اسرائيل جي قبيلي بنو قينقاع سان تعلق رکان ٿو. جڏهن پاڻ ڀلاراﷺ هجرت ڪري يثرب پهتا ته پاڻ ڪريمن کي ڏسڻ لاءِ آئون به آيو هوس. پوءِ مون جڏهن محمد بن عبدالله کي ڏٺو هو ته منهنجي منهن مان بي اختيار هي لفظ نڪري ويا ته ملت وجھ فعلمت انھ ليس بوجهه ڪذاب. آئون حضرت محمد مصطفيٰﷺ کي ڏسندو رهيس. مون کي يقين ٿي ويو ته اهڙو منهن ڪوڙو نٿو ٿي سگهي ”الاستيعاب صه 460“. ٿي سگهي ٿو ته قبا جي ميدان ۾ جنهن ڪاهن پيشنگوئي ڪئي هئي اهو حضرت عبدالله بن سلام ئي هجي.
    حضرت قيس بن عباد رضه فرمائي ٿو ته هن بزرگ ”حضرت عبدالله بن سلام“ مون کي پنهنجو هڪ خواب به ٻڌايو. جنهن ۾ هن فرمايو ته مون نبي عليھ السلام جي زماني ۾ هڪ خواب ڏٺو ته ڄڻ آئون هڪ باغ ۾ آهيان. باغ ڏاڍو خوبصورت ۽ شاداب آهي جنهن جي حُسن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. آئون ڏسان ٿو ته باغ جي وچ ۾ لوهه جو هڪ ٿنڀ آهي جنهن جو هيٺيون ڇيڙو زمين ۾ آهي ۽ مٿيون ڇيڙو آسمان ۾ آهي. ان ٿنڀ جي مٿي ۾ هڪ ڪڙو آهي. پوءِ مون کي چيو ويو ته ٿنڀ تي چڙهي اچ. مون چيو ته مون ۾ ته اهڙي ٿنڀ تي چڙهڻ جي همٿ ناهي. تڏهن هڪڙو خادم مون وٽ آيو. جنهن منهنجو سامان کنيو ۽ مٿي چڙهڻ شروع ڪيو. تان جو هو مٿين بلندي تائين پهچي ويو ۽ انهي ڪڙي کي جهلي ورتائين ۽ مون کي به چيائين ته تون به انهي ڪڙي کي مضبوطي سان جهل پوءِ اهو ڪڙو ”خواب ۾“ منهنجي هٿ ۾ ئي هو ۽ منهنجي اک کلي ويئي. پوءِ اهو خواب مون پاڻ ڪريمن کي ٻڌايم. پاڻ ڪريمن فرمايو ته عبدالله اهو باغ اسلام آهي. اهو ٿنڀ اسلام جو ٿنڀ آهي ۽ ڪڙو عروه الوثقيٰ آهي. جنهن جو قرآن پاڪ ۾ ذڪر آهي. ترجمو: جنهن طاغوت جو انڪار ڪري. الله تي ايمان آندو. انهي مضبوط ڪڙو پڪڙي ورتو.
    ان خواب ۾ اشارو آهي ته تون پنهنجي سڄي زندگي آخري لمحي تائين اسلام ۽ سچي دين تي ثابت قدم رهندين.
    حضرت قيس رضه بن عباد فرمائين ٿا ته اهو صاحب حضرت عبدالله بن سلام هو ۽ حضرت عبدالله بن سلام فرمائين ٿا ته حضور انورﷺ کان، سڀ کان پهريون ڪلام مون هي ٻڌو هو.
    پاڻ ڀلارنﷺ جن فرمايو ته سلام کي عام ڪريو. بکين کي ماني کارايو. صله رحمي ڪريو. يعني مائٽيون ڳنڍيون. رات جو ان وقت نماز پڙهو جڏهن ماڻهو سڀ سُتل هجن يعني تهجد نماز پڙهندا ڪريو ۽ سلامتي سان جنت ۾ داخل ٿي وڃو ”سنن دارمي“ بخاري شريف ۾ آهي ته حضرت عبدالله بن سلام فرمائين ٿا ته نبي ڪريمﷺ جن جڏهن مدينه منوره ۾ آيا ته آئون ان وقت پنهنجي باغ ۾ ميوا چونڊي رهيو هوس. جڏهن منهنجي نظر محسن انسانيتﷺ تي پئي ته حاضر خدمت ٿي عرض ڪيم. اي الله جا رسولﷺ منهنجا ٽي سوال آهن. انهن جا جواب ته ڪو نبي ئي ڏيئي سگهي ٿو. اگر اوهان منهنجي انهن سوالن جا جواب ڏيئي سگهو ٿا ته اوهان کي نبي تسليم ڪري وٺندس ۽ اوهان تي ايمان آڻيندس.
    پهريون سوال هي آهي ته قيامت جي سڀ کان پهرين اهم نشاني ڪهڙي آهي؟
    ٻيو سوال هي آهي ته جنت ۾ جنتين کي پهريائين ڇا کارايو ويندو؟
    ٽيو سوال هي آهي ته ڪهڙو سبب آهي جو اولاد ڪڏهن ماءُ مهانڊي هوندو آهي ۽ ڪڏهن پيءُ جي مهانڊي ٿيندو آهي؟
    نبي ڪريمﷺ جن فرمايو ته عبدالله هينئر هينئر حضرت جبرئيل عليھ السلام مون وٽ آيو. جيڪو مون کي انهن سوالن جي جوابن کان آگاهه ڪري ويو آهي. سوال نمبر هڪ جو جواب هي آهي ته قيامت جي سڀ کان پهرين اهم نشاني ۽ علامت هي آهي ته هڪ طرف کان باهه اٿندي جا ماڻهن کي اڀرندي کان الهندي طرف ڇڪي ڪاهي اچي گڏ ڪندي. ٻي سوال جو جواب هي آهي ته جنت ۾ جنتين کي سڀ کان پهريائين الله پاڪ جي طرفان مهماني ۾ مڇي جي جگر جو اضافي حصو ”جيڪو گهڻو لذيذ هوندو آهي“ کارايو ويندو ۽ ٽي سوال جو جواب هي آهي ته مرد جو پاڻي ”انزال“ اڳرائي ڪري وڃي ته ٻار پيءُ جي مهانڊي ٿي وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن عورت جو پاڻي ”انزال“ سبقت ڪري وٺي ته ٻار ماءُ جي مشابهه ٿي وڃي ٿو.
    حضرت عبدالله بن سلام اهي جواب ٻڌي بغير سوچ ويچار جي فوراً ڪلمون شهادت پڙهي مسلمان ٿي ويو. ۽ چيائين ته يا رسول اللهﷺ، يهودي بهتان تراش، دوکي باز ۽ وعده خلاف قوم آهي. تنهنڪري انهي کان پهريائين جو منهنجي اسلام آڻڻ جي انهن کي خبر پوي. اوهان انهن کان منهنجي ڪردار جي باري ۾ پڇي وٺو. نبي ڪريمﷺ يهودين کان پڇيائون ته عبدالله بن سلام جي اوهان وٽ ڪهڙي حيثيت آهي ۽ هو ڪهڙي ڪردار جو مالڪ آهي؟ يهودين چيو ته هو خير ”ابن خير، سيدنا ابن سيدنا، اهو شخص اسان سڀني کان ڀلو آهي. اهو شخص اسان جو سردار آهي ۽ هن جو پيءَ به اسان جو سردار آهي. هي اسان جي سردار جو پٽ آهي. اسان هن جا غلام آهيون نبي ڪريمﷺ وري سوال ڪيو ته جيڪڏهن اهو اسلام آڻي مسلمان ٿي وڃي ته پوءِ اوهان ماڻهن جي راءِ ڇا آهي؟ يهودين چيو ته الله انهي کي اسلام آڻڻ کان محفوظ رکندو ايتري ۾ حضرت عبدالله بن سلام سامهون ڪلمون پڙهندي ٻاهر ظاهر ٿيو. يهودي انهي کي ڪلمون پڙهندي ڏسي يڪدم ڪلٽي کائي چوڻ لڳا ”شرنا و ابن شرنا“ هي شخص انتهائي بُرو آهي ۽ هن جو پيءُ به بُرو هو.
    حضرت عبدالله بن سلام چيو ته يا رسول اللهﷺ مون کي انهي شيءِ جو ڊپ هو ”بخاري شريف“ حضرت سعد بن ابي وقاص رضي الله عنھ فرمائين ٿا ته مون زمين تي هلڻ وارن مان حضرت عبدالله بن سلام جي باري ۾ پاڻ ڀلارن کان ٻڌو آهي ته اِن هو مِن اهل الجنت“ عبدالله بن سلام جنتي شخص آهي.
    حضرت عبدالله بن معقل رصه فرمائين ٿا ته حضرت عبدالله بن سلام، سيدنا حضرت علي رضه کي ڪوفي وڃڻ کان روڪيو هو ته اي علي توهان ڪو في نه وڃو ۽ پڻ هي به فرمايائون ته نبي ڪريم جو منبر نه ڇڏيو. اگر اوهان هي منبر رسولﷺ ڇڏيو ته وري ڪڏهن به اهو ڏسي نه سگهندا. پوءِ ائين ٿيو. حضرت علي رضه انهي وقت فرمايو هو ته انھ رجل مِنا صالح. عبدالله بن سلام اسان مان گهڻو نيڪ ۽ صالح شخص هو.
    حضرت ابو هريره فرمائي ٿو ته آئون مديني منوره ۾ آيس ته هڪڙي حلقي ۾ حضرت عبدالله بن سلام ويٺل هو. تمام وڏي خشوع و تواضع سان ويٺل هو. سندس چهري تي خير ۽ بشاشت جا آثار نمايان هئا. آخرڪار هي ناميارو ۽ جليل القدر صحابي 43 هجري ۾ پنهنجي خالق حقيقي سان وڃي مليو. انا لله و انا اليھ راجعون.
    حضرت عبدالله بن سلام سان گڏ ٻيو جيڪو شخص مسلمان ٿيو هو. اهو حضرت سلمان فارسي هو. اهو فارس ”ايران“ جي رهڻ وارو هو. باهه جو پوڄاري هو. ليڪن هي آتش پرستي کان بيزار ٿي عيسائي ٿيو. ليڪن حضورﷺ جن جي مديني ۾ اچڻ بعد هو مسلمان ٿي ويو. سلمان فارسي تورات، انجيل جو وڏو جيد عالم هو. هر فرقو ۽ هر طبقو ان جي عزت ڪندو هو. ان حق جي متلاشي جي ڪهاڻي خود ان جي زباني ٻڌو.


    قصو حضرت سلمان فارسيرضه

    حضرت سلمان جو بيان آهي ته آئون ملڪ ايران ۾ صوبي اصفحان جي شهر رامهرمز جي ڳوٺ ”جَئي“ ۾ باهه جي پوڄاري ”مجوسي“ هڪ خاندان آب الملڪي آباد هو. جنهن خاندان جو سردار منهنجو والد نالي بوذخشان بن مور سلان آب الملڪي هو. اهو ايراني دربار ۾ وڏي اثر و رسوخ جو مالڪ هو. هو هڪ وڏو زميندار ۽ سردار هجڻ سان گڏ هڪ آتشڪده جو مهتمم پڻ هو. آئون انهي گهر ۾ ڄائو هوس. والدين جي طرفان منهنجو اصل نالو مآبھ هو. مون کي صرف هڪڙي ڀيڻ هئي.
    منهنجي پيءَ جي مون سان ڏاڍي محبت هئي ڇو ته آئون اڪيلو سڪيلڌو پٽ هوس. مون کي پاڻ کان پري اصل ڪو نه ڇڏيندو هو. هر وقت مون ۾ ان جي اک هوندي هئي. مون کي والدين وڏي لاڏ ڪوڏ سان پاليو هو. جيئن مائٽ هڪ لاڏلي ڌي جي پرورش ڪندا آهن. منهنجي به پرورش اهڙي طرح ٿي هئي. آئون زبان مان جيڪو به لفظ ڪڍندو هوس. سامهون اهو ڪم ٿيل هوندو هو. مون ۾ عام ٻارن ۽ ڇوڪرن وارو طرز عمل ڪو نه هو. ائون صرف پنهنجي ڪم جي ڌُن ۾ هوندو هوس. منهنجي طبيعت ۾ چلو لائپ ۽ شرارت نالي ڪا به شيءَ نه هئي. منهنجي هر وقت اها ئي ڊيوٽي هوندي هئي ته گهر جو آتشڪده هرگز وسامي نه. تنهنڪري هن ڪم ۾ رات ڏينهن صبح و شام ڪاٺيون وجهندو هوس. منهنجي اها ئي ڪوشش هوندي هئي ته آتشخانو هر وقت ٻرندڙ ۽ روشن رهي.
    هڪ ڏينهن منهنجي والد بزرگوار مون کي چيو ته پُٽ اڄ تون پنهنجي ٻني تي وڃي هارين ۽ ٻني جي ديک ڀال ڪري اچ ۽ آئون پنهنجي بنگلي جي تعميراتي ڪم ۾ مصروف آهيان. هاڻ اها ٻني جي ديک ڀال تنهنجي ذمي آهي. ”ياد رهي ته ايران ۾ سلمان فارسي جي پيءَ جي نالي سان اڄ به بوذخشان، بدخشان نالي بهترين شهر گهڻو مشهور آهي.
    ۽ منهنجي طبيعت انهي دنياوي ڳالهين کان بيزار هئي. هر وقت دل و دماغ تي اهو ئي خيال سوار هوندو هو ته ڪنهن به نموني، ڪنهن به ماڻهو ذريعي حق ۽ سچ ملي وڃي. آئون ”مابھ“ پنهنجي والد صاحب جي حڪم جي تعميل ۾ پوک ڏانهن ڀيرو ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هوس ته رستي ۾ عيسائين جو گرجا گهر هو. قدرتي طور اهو وقت انهن جي عبادت جو هو. اهي بلند آواز سان مناجات ۽ دعائون گهري رهيا هئا. ۽ ڪي ماڻهو انجيل مقدس پڙهي رهيا هئا. عجيب شغل عجيب ماحول نظر آيو... سو آئون به وڃي اتي ٻڌڻ لڳس. مون کي اهو ماحول ڏاڍو پسند آيو. هاڻ آئون روزانو ٻني جي نگراني لاءِ گهران نڪري. ان گرجا گهر ۾ ويهي دين سکڻ شروع ٿي ويس تان جو مون آتشڪده جي پوڄا ڇڏي ڏني ۽ آئون عيسائي ٿي ويس. منهنجي دل ۾ شوق جاڳيو ته آئون مزيد علم سکان. مون ان گرجا گهر جي وڏي پادري عالم کان پڇيو ته اوهان جي دين جو وڏو مرڪز ڪٿي آهي؟ ان وراڻيو ته اسان جو مرڪز شام ملڪ ۾ آهي. هاڻ شام تائين پهچڻ منهنجي لاءِ مسئلو هو. ڇو ته جيڪڏهن پيءَ کي ٻڌايان ٿو ته هو ڇڏيندو ڪو نه ۽ بغير ٻڌائڻ جي وڃان ٿو ته سڀ ڪجهه ڇڏڻو پوندو ۽ هٿين خالي بي سروسامان جي وڃڻو پوندو ۽ نه معلوم ته اڳتي ڇا ٿئي؟ نيٺ آئون موٽي گهر آيس مون کي اتي تمام گهڻي دير ٿي ويئي هئي. تنهن تي منهنجي پيءَ مون کان سبب پڇيو. مون سڀ سچ ٻڌايم ته اڄ آئون عيسائين جي مڙهي ۾ ويو هوس. اتي دير لڳي ويئي. منهنجي پيءَ جا اها ڳالهه ٻڌائين ته ڇرڪ ڀري گهٻرائجي ويو ۽ چوڻ لڳو ته پُٽ اهو مذهب سُٺو ناهي. تون پنهنجي ابن ڏاڏن جي مذهب تي قائم رهو. ان ۾ ڀلائي آهي. مون چيو بابا هرگز نه. دين اهو ئي بهتر ۽ سچو آهي. جنهن کي مون اڄ ڏٺو آهي. اسان جي انهي بحث تي منهنجي پيءَ کي شڪ پئجي ويو. ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ مون کي حڪم ڪيائين ته اڄ کان پوءِ تنهنجو گهر کان ٻاهر نڪرڻ بلڪل بند آهي ۽ زنجير سان منهنجا پير ٻڌي مون کي گهر ۾ بند ڪري ڇڏيائين. مگر منهنجي دل ۽ دماغ ۾ سچ جي تلاش، طلب ۽ تڙپ گهر ڪري چڪي هئي ۽ مون دل سان فيصلو ۽ عهد ڪري ڇڏيو هو ته شام وڃڻو آهي ۽ علم حاصل ڪرڻو آهي. مون گرجا جي پادري کي چئي ڇڏيو هو ته اگر ڪو قافلو شام وڃڻ وارو هجي ته مون کي اطلاع ڪجو. آئون شام ويندس.
    اتفاق سان هڪ واپاري قافلو شام وڃي رهيو هو. ان پادري مون کي اطلاع ڏياريو ته هڪ واپاري قافلو اڄ شام جو شام وڃي رهيو آهي. اگر تنهنجو اوڏهن وڃڻ جو ارادو هجي ته دير نه ڪر. جلدي اچڻ جي ڪر. مون پنهنجي ڀيڻ جيڪا منهنجي مٿان نگران هئي. ان کي چيم ته اي منهنجي پياري ڀيڻ. آئون تنهنجو ڀاءُ آهيان. هن زنجير مون کي ڏاڍا وڍ وڌا آهن. ڏاڍو تنگ ٿيو آهيان. ٿوري دير لاءِ مون کي ڇوڙي نه ڇڏين؟ تنهن تي ڀيڻ کي ڪهل آئي، جنهن مون کي ڇوڙي ڇڏيو. مون کي جو خلاصي ملي، سو ڊوڙندو، ڀڄندو، سڌو انهن عيسائين وٽ پهتس. انهن گرجا وارن چيو ته اسان توکي پاڻ وٽ رهائي نٿا سگهون. اسان تنهنجي پيءَ کان ڊڄون ٿا. هو امير آهي اسان کي تڪليف ڏيندو ۽ تنگ ڪندو. باقي هي قافلو وڃڻ لاءِ تيار آهي هن سان تون وڃي سگهين ٿو ته اهي توکي اسان جي مرڪز شام ۾ پهچائي ڇڏيندا.
    آئون ان قافلي وارن سان روانو ٿيس. جنهن مون کي شهر شام پهچايو. آئون عيسائيت جي مرڪز جي پڇا ڪري مرڪز ۾ پهچي ويس. اتي هڪ وڏي پوپ جي خدمت ۾ مون عرض ڪيو ته آئون دين جو علم سکڻ لاءِ فارس کان اوهان وٽ پهتو آهيان. مون کي ديني علم سيکاريو. ان وڏي پادري جو نالو اُسقف هو. مگر اهو شخص رياڪار منافق دنيا جو پڄاري هو. ان جي ظاهري زندگي ته انتهائي زاهدانه هئي. ليڪن ان جو اندروني طور عيش و عشرت، مال و دولت جمع ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو ڪم نه هو. ان سون ۽ چاندي جا مَٽ جمع ڪيا هئا. ماڻهن کي نيڪي جو چوندو هو. مگر پاڻ خالي هو. گوياڪه هو منهن ۾ موسيٰ اندر ۾ ابليس هو. مون کي ان جي ڪردار تي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي هئي. مگر آئون ان کي ڪري ڪجهه به نٿي سگهيس. ڇاڪاڻ ته ماڻهو ان کي نهايت ئي ادب عزت ۽ احترام جي نظرن سان ڏسندا هئا. آئون هڪ ته طالب ٻيو پرديسي، منهنجي نه ڄاڻ نه سڄاڻ.

    نيٺ اهو راهب ٿوري عرصي کان بعد پنهنجي موت پاڻ مري ويو. ماڻهون ان جي ڪفن دفن ۽ آخري رسمن لاءِ گڏ ٿيا ته مون ”جو اُن جو خاص چيلو هوس“ ان جو اڇو چٺو ماڻهن جي سامهون رکيو ۽ انهن کي اُسقف جي ميڙيل دولت جي مٿان بيهاريو. ماڻهون اهو ڏسي بگڙي ويا ۽ اُسقف جي لاش کي بجاءِ پورڻ جي ڦاهي تي لٽڪائي ان جي مٿان پٿرن جي برسات وسايائون. پوءِ هڪ عابد ۽ زاهد پادري کي ان جو جاءِ نشين مقرر ڪيائون.
    اهو پادري واقعي نيڪ پرهيزگار ۽ دنيوي لذتن کان نفرت ڪندڙ هو. آئون ان جو انتهائي عقيدتمند بنجي ويس جو هو خدا ترس ۽ اهل انسان هو. آئون دل و جان سان ان جي خدمت ۾ لڳي ويس ۽ پادري به مون کي فيض رسائڻ ۾ ڪا به ڪسر باقي نه رکي. مون کي ڏاڍو ڀائيندو هو. آخرڪار ان جو به آخري وقت آيو. سڪرات وقت ان مون کي سڏي چيائين ته پُٽ! هاڻ تون مون کان پوءِ موصل ۾ فلاڻي شخص ڏانهن هليو وڃج. جيڪو مسيحي دين جو سچو ڄاڻو ۽ عاشق آهي. ان کان سواءِ توکي مشڪل سان ئي ڪو ئي حق پرست ملندو. آئون ان جي وفات بعد موصل شهر پهتس اتي اچي ان بزرگ جي زيارت ڪيم ساڻس سمورو احوال عرض ڪيم. تنهن تي هن مون تي ڏاڍي شفقت ڪئي ۽ مون کي پنهنجي خدمت ۽ شاگردي لاءِ قبول ڪيائين. اهو ڏاڍو ڀلارو انسان هو. مگر هت جيڪو آيو آهي. اهو هڪ ڏينهن ضرور ويندو ته هن پادري جو به آخري وقت هو. مون عرض ڪيو ته استاد سائين هاڻ مون کي ڪنهن جي حوالي ڪري ٿا وڃو. ان پادري چيو پُٽ! مون کي پنهنجن هٿن سان دفن ڪرڻ کان پوءِ تون نصيبين شهر ڏانهن فلاڻي شخص وٽ وڃجان. منهنجي ڄاڻ موجب اهو ئي واحد شخص آهي جيڪو توکي سچي دين تي هلائيندو. ٻين ماڻهن دين ۾ تحريف ڪري ڇڏي آهي ۽ گمراهه ٿي ويا آهن. بهرحال آئون ان جي وفات بعد نصيبين پهتس ۽ استاد جي ڏسيل پادري بزرگ وٽ پهچي. استاد جا سلام چيم ۽ ان کي به پنهنجي ماضي جي ڪارگذاري ٻڌايم. ۽ وٽس رهي پيس. اهو ماڻهو به ڏاڍو لائق انسان هو. ڪجهه وقت بعد ان جو اجل اچي ويو. ان آخري وقت ۾ مون کي فرمايو ته اي پُٽ! تون مون کان پوءِ عُمُور يا شهر فلاڻي شخص وٽ وڃي رهج. آخر آئون اتي اچي پهتس. اهو پادري ڏاڍو نيڪ خدا ترس ۽ عبادتگذار هو. الله پاڪ ان کي علم سان گڏ عمل به نصيب ڪيو هو مون ان جي صحبت ۾ خوب پرايو. ۽ مسيحي دين جو سچو پيرو ڪار بنجي ويس. پنهنجي استاد وانگر آئون به رات ڏينهن عبادت الاهي ۽ حقوق العباد جي پورائي ۾ گذاريندو هوس اتي مون ڪجهه ٻڪرين جو ڌڻ ڌاريم. الله پاڪ ان ۾ اهڙي ته برڪت وڌي جو اهو ڌڻ منهنجي سنڀالڻ کان به ٻاهر ٿي ويو.
    هوڏهن عمور يا جي پادري جو به آخري وقت اچي ويو. جڏهن هو دم ڌڻي حوالي ڪري رهيو هو ته مون عرض ڪيم ۽ روئي پيس. استاد صاحب! مون کان پڇيو ته مابھ تون ڇو روئي رهيو آهين؟ مون عرض ڪيو ته قبله استاد روئان نه ته ٻيو ڇا ڪريان؟ نه معلوم منهنجي قسمت ۾ ڇا لکيل آهي. ڪٿي ملڪ، ڪٿي ماءُ پيءُ، ڪٿي آئون، جنهن جي آسري تي هت آيس. آئون سمجهان پيو ته اهو به حڪم الاهي جي سامهون لبيڪ چئي وڃڻ جون وايون ڪري رهيو آهين. هاڻ مون پرديسي غريب الوطن جو ڇا ٿيندو؟ ائين چئي مون کي زارو قطار روئڻ اچي ويو ۽ آئون روئندو رهيس. استاد سائين فرمايو ته مابھ عيسائي دين ۾ تمام گهڻي گڙ ٻڙ ٿي ويئي آهي. ان ۾ ماڻهن ۽ عالمن ايتري ته ڦير گهير ڪري ڇڏي آهي ۽ مذهب کي اهڙو ته بدلائي ڇڏيو آهي. جو حق کي پرکڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي. خدا جو قسم هن وقت اهڙو ماڻهو ملڻ مشڪل آهي جنهن طريقي تي اسان آهيون. تنهنڪري هاڻ تون صبر ڪر. اجهو آخر زماني جو نبيﷺ پيدا ٿيڻ وارو آهي. جيڪو ابراهيمي دين تي هوندو. عرب جي پٿريلي سر زمين تي پيدا ٿيندو. سندس ماء جو نالو ”امن واري“ آمنھ هوندو. ان جا ماءُ پيءُ ان جي ننڍپڻ ۾ مري ويندا ۽ هو يتيم هوندو. سندس قوم ان جي حق ڳالهه ٻڌڻ کان انڪاري هوندي. هو بُت پرستي کان منع ڪندو ۽ هڪ خدا پرستي ڏانهن سڏيندو. قوم هن کي مادري وطن کان هجرت ڪرڻ تي مجبور ڪندي. آخر هو مجبور ٿي اهڙي ملڪ ۾ هجرت ڪندو جتي کجور جا وڻ ڪثرت سان هوندا. ان جي ٻنهي طرفن کان پٿريلي زمين ۽ پهاڙ هوندا. جنهن بستي ۾ هو هجرت ڪري ايندو ان بستي جو نالو يثرب هوندو. اهو نبي سڳورو پاڻ صدقي جي شيءِ نه کائيندو پر هديو قبول ڪندو. ان جي ٻنهي ڪلهن وچ ۾ مهر نبوت ظاهر هوندي. انجيل مقدس ۾ ان جي انهن نشانين جو ذڪر ٿيل آهي.
    تون ڪوشس ڪري اتي پهچي وڃجان. ان کان پوءِ توکي ٻي ڪنهن جي ضرورت نه رهندي. اها هستي هدايتِ ڪل آهي. اگر هو توکي حاصل ٿي وڃي ته پوءِ منهنجا سلام ان کي چئج، ايترو چئي. هن بزرگ استاد جو روح پرواز ٿي ويو. ان بزرگ مون کي منزل جو گس ۽ نشان ته ٻڌائي ڇڏيو هو. مگر ڪٿي شام ڪٿي يثرب ڇا منهنجي حيثيت ڇا هزارين ميلن جي منزل ۽ سفر، آئون دل شڪسته ٿي ماٺ ڪري ويهي رهيس ۽ خدا در هر وقت اها ئي دعا هئي ته مولا هيڪر هوت ملا، پوءِ ڀلي مار، هڪ ڏينهن مون کي هڪ تجارتي قافلو مليو. اهي بني ڪلب قبيلي جو تجارتي قافلو هو. انهن ٻڌايو ته اسان يثرب جي قريب رهڻ وارا آهيون. تجارت لاءِ آيا هئاسون. هاڻ واپس وڃي رهيا آهيون. مون انهن کي چيو ته مون کي پاڻ سان گڏ اوڏهن وٺي هلو. مگر انهن مون کي گڏ ڪوٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. آئون قافلي جي سردار وٽ ويس. ان کي مون التجا ڪئي ته منهنجو سڀ مال توهان کڻو. پر مون کي پاڻ سان گڏ يثرب وٺي هلو. قافلي جو سردار راضي ٿي ويو.
    جڏهن قافلو وادي ام القريٰ مدينه منوره کان شام وڃڻ واري رستي تي هڪ ڳوٺ جو نالو آهي. پهتو ته قافلي جي سردار جي نيت بدلجي ويئي. جنهن مون کي پنهنجو غلام ظاهر ڪري هڪ يهودي بنو قريظه جنهن جو نالو عثمان بن اشهل هو وٽ وڪڻي ڇڏيو تنهن مون کي پاڻ سان پنهنجي وطن يثرب آندو. يثرب کي ڏسندي ئي منهنجي دل باغ و بهار ٿي ويئي. عمور يا جي پادري جون ٻڌايل نشانيون سموريون انهي شهر يثرب سان ٺهڪي آيون. آئون ان وٽ رهڻ لڳس ۽ دل و جان سان ان جي خدمت ڪندو رهيس. مون کي يقين ٿي ويو هو ته جنهن آخري نبيﷺ جو ذڪر عمور يا جي راهب ڪيو هو. اُهو پنهنجي پاڪ قدمن سان هڪ ڏينهن ضرور هن کجين واري زمين کي شرف بخشيندو. هاڻ ڏينهن رات مون کي اها ئي تات ۽ وائي وات هئي ته:
    * ويٺي ڏسان راهه اڄ پڻ آيا ڪين ڪي،
    ساجن لاءِ هوند گهڻو سڪي منهنجو ساهه،
    آڻي شال الله ته اڱڻ ٿيندم اُجرا.
    * صدقے ای مولاءِ دکھادے روءِ زیباءِ رسولؐ
    ہے بیابانِ مدینہ ہر قدم خُلد نظر رسولؐ
    سر میں ہے دیوانہ باصحاءِ سودائے رسولؐ
    تاريخ مان معلوم ٿو ٿئي ته حضرت سلمان رضه فارسي تقريباً ڏهن ماڻهن وٽ وڪامندو ۽ انهن جو غلام ٿيندو رهيو آهي. آخر هڪ اهڙي ماڻهو وٽ آيو جو ڏاڍو خطرناڪ هو. ذري ذري معمولي ڳالهه تي هن سان وڙهندو ۽ ماريندو هو. هميشھ سخت ڪم وٺندو هو. هن وٽ نه ٽائم ٽيبل هو نه اُڃ بک ۽ ننڊ جو ڪو خيال. منهنجو زندگي جو گاڏو هلندو رهيو. يا تن رسد بجانان يا جان زتن برآيد. وارو معاملو هو. ملڪ بدر خاڪ بسر، درد مقدر، هزار پريشانيون، اميري ڇڏڻ، وطن کان نڪرڻ. غلامي جي زندگي گهارڻ، سخت جفاڪشي ۾ گذارڻ، اهو سڀ الله تعاليٰ کي راضي ڪرڻ ۽ هڪ محبوب دلبرﷺ جي وصل لاءِ سڀ سَٺا ٿي. آئون سڄو ڏينهن گڏهه وانگر ڪم کي لڳل رهيس.
    نيٺ اهو زمانو به آيو. جنهن لاءِ سڪندي سال گذري ويا هئا. جنهن گهڙي جو مون کي هر وقت انتظار هو ”جو منهنجو مطلوب هجرت ڪري يثرب پهچي ويو هو“ ٿيو هن ريت جو آئون آقا جي باغ ۾ کجور جي هڪ وڻ تي چڙهي گوشا وڍي رهيو هوس. يهودي آقا هيٺ ويٺو هو. ايتري ۾ منهنجي آقا جو سوٽ يثرب کان ڊوڙندو باغ ۾ آيو. ڀاءُ تو ٻڌو آهي! هي جو نئون معاملو ٿيو آهي؟ ان چيو اهو وري ڪهڙو نئون معاملو ٿيو آهي؟ سوٽ چيس ته مڪي کان هڪ شخص هت آيو آهي. اهو چوي ٿو ته آئون خدا جو آخري رسول آهيان. يثرب جا جيڪي غريب ماڻهو آهن. اهي هن جي ڳالهه مڃيندا ٿا وڃن. اهي مرد عورتون ۽ ٻار ڪڏندا ٿا وتن ۽ ڏاڍي خوشي ڪري رهيا آهن. مون جو اها ڳالهه ٻڌي ته منهنجي جسم مان سسراٽي نڪري ويئي ۽ وار اُڀا ٿي ويا. مون وڻ تان لهڻ جي بجاءِ مٿان کان کڻي ٽپ ڏنم. ڌو زمين تي، مون انهي شخص کان پڇيم ته ادا تو ٿورو اڳڙي ڪهڙي ڳالهه پئي چئي. مون کي به ٻُڌا. ان ڳالهه تي مون وارو آقا نه ٿئي ڀلو. ڳاڙهو لال پيلو ٿي ويو ۽ زور سان ڀري منهنجي منهن تي چماٽ وهائي ڪڍيائين ۽ مون کي چيائين ته وڃ بدبخت! وڃي پنهنجي ڪم جي ڪر. تنهنجو انهن ڳالهين سان ڪهڙو واسطو، آئون مفت ۾ ٿڦڙ کائي پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويس. واهه ڪريم تنهنجا ڪم. آئون دل تي پٿر رکي خاموش ٿي ويس. ڇو ته غلام کي احتجاج جو ڪو به حق ناهي ۽ ڪري به ڪجهه نٿي سگهيس. ليڪن منهنجي صبر جو پيالو لبريز ٿي چڪو هو. مون هڪڙي ڏينهن باغ کان ٻاهر نڪري ان بابت پڇا ڪيم ماڻهن چيو ته برابر اهڙو هڪ شخص مڪي کان هجرت ڪري واقعي هت آيو آهي. پنهنجي لاءِ نبي هجڻ ۽ ختم نبوت جي دعويٰ ڪري ٿو. اتي مون کي خيال ٿيو ته پادري واريون ڏسيل نشانيون ڇو نه آزمائي ڏسجن. مون کي هفتي ۾ هڪ ڏينهن ڇٽي ٿيندي هئي. هاڻ آئون انتظار ۾ هوس ته ڪڏهن ڇٽي جو ڏينهن ٿئي ۽ آئون شهر وڃان ان هستي سان ملي زيارت ڪريان. جنهن کان مون کي علم حاصل ٿيندو. اهو انتظار وارو ڏينهن به اچي ويو. سو مون ڇا ڪيو جو ڪجهه کجورون، ڪجهه پيسا کڻي ان جي حضور ۾ حاضر ٿيس. جڏهن اهي شيون کڻي خدمت عاليھ ۾ پيش ڪيم ته رحمت اللعالمينﷺ جن پڇيائون ته اي سلمان هي ڇا آهي؟ عرض ڪيم ته توهان پرديسي مسافر آهيو. توهان لاءِ هي صدقو آندو اٿم. محسن انسانيت منهنجي دلجوئي لاءِ وٺي ته ڇڏيائون، پر فرمايائون ته آئون صدقي جي ڪا به شيءِ نه کائيندو آهيان. ائين چئي پنهنجي حاضرين صحابه ڪرام رضه کي فرمايائون ته توهان جي ڀاءُ اوهان لاءِ هي صدقو آندو آهي. اوهان اهو کائو.
    مون ڏٺو ته هڪ نشاني ته پوري ٿي. البته دل ۾ اميد جاڳي ته اها عظيم هستي اها ئي آهي. وري ٻي هفتي تي ڪجهه کجورون کڻي وري به خدمت عاليھ ۾ حاضر ٿيس. اڳين وانگر وري به پڇا ڪيائون. عرض ڪيم ته جيئندا قبلا اهي هديي جون کجورون آهن. اوهان لاءِ آنديون اٿم. پاڻ ڀلارن قبول ڪيون ۽ سنگت سان گڏ پاڻ به تناول فرمايائون. مون کي هاڻ پڪ ٿي ويئي ته صدقي کان پري رهڻ وارو ۽ هديو قبول ڪرڻ وارو اهو ئي آخري نبي آهي. ليڪن اڃان مهر نبوت جو مشاهدو باقي هو. ٽي هفتي جڏهن آئون بارگاه رسالت جي حاضري تي حاضر ٿيس ته خبر پئي. پاڻﷺ سڳورا جنت البقيع قبرستان ۾ ڪنهن صحابي جي نماز جنازي ۾ شرڪت لاءِ ويل آهن. آئون جلدي، جلدي جنت البقيع پهتس، سهڻي سائين کي سلام ڪيم ۽ سندن پٺيان وڃي بيٺس ته ڪنهن وقت ڪپڙو هٽي ته مهر نبوت جو مشاهدو ڪريان.
    حضور انورﷺ جن منهنجي مراد ۽ دلي ڪيفيت سمجهي ويا ۽ پنهنجي پٺي مبارڪ تان از خود ڪپڙو هٽائي ڇڏيائون ۽ منهنجي سامهون مهر نبوت پنهنجي پوري ڪمال، جلال ۽ جمال سان موجود هئي. مون نهايت عقيدت واحترام سان جهڪي پنهنجا ڏڪندڙ چَپ مهر نبوت تي لڳايا ۽ پوءِ آئون بي اختيار ٿي روئڻ لڳس.
    ایک آرزو پوری ہوئی،بڑی مدت کے بعد،
    تیری آرزو کے بعد، کوئی آرزو نہیں۔
    سڄڻن مون کي مرڪي فرمايو ته مآبه سامهون اچ، آئون هٿ ادب جا ٻڌي آفتابِ عالم ۽ شهنشاهه دوجهان جي سامهون آيس.
    رحمت للعالمينﷺ مون کي فرمايو ته مابھ مون کي تنهنجي جذبات ۽ احساسات جو قدر آهي. ڪجهه صبر ڪر ۽ تون پنهنجي ماضي جي آپ بيتي بيان ڪر.
    مون پنهنجي ماضي جي ڪارگذاري حاضرين مجلس جي سامهون پيش ڪئي. مون ڏٺو ته چوڏهين جي چنڊ جي چهري انور تي ڪنهن مهل خوشي، ڪنهن مهل غم جون بادليون بکي رهيون هيون. پوءِ سڄڻن مون مسڪين غريب الوطن جو حال ڏسي. ڀلارن ڀال ڪيو. مون کي ڪلمون توحيد پڙهائي مسلمان ڪيائون ۽ منهنجو نالو سلمان فارسي بن بوذخشان رکيو ويو ۽ آئون انهي نالي سان مشهور ٿيس. هاڻ آئون پنهنجي منزل ۽ مراد کي پهچي ويس ۽ منهنجي زندگي ۾ هڪ عجيب انقلاب اچي ويو هو. نه ڪم وڻي نه سُک اچي. هاڻ هفتو ڏاڍو وڏو ٿيڻ لڳو. انتظار ته موت کان به ڏکيو هڪ پاسي يهودي جي غلامي ته ٻي پاسي عشق رسول جي برهه جي باهه، نه ويهڻ نه بيهڻ، تاڙي اهائي تنوار، مُند مڙيئي مينهن جي، مجني جي من ۾ ليلان ئي ليلان ڪڏهن هفتو پورو ٿئي، جو اکيون مجبوبِﷺ جو ديد ڪري عيد ڪن. ڪڏهن وصل جو واءُ وري جو وڇڙيا ملن پر يهودي جي غلامي جو ڳٽ اهڙو ته ڳچي ۾ پيل هو جو ڪنهن به وقت ان مان ڇوٽڪارو ناممڪن هو. بدر ۽ احد جون جنگيون ائين ئي گذري ويون. ان غلامي مون کي انهن عظيم غزوات ۾ شرڪت کان محروم رکيو.
    هاڻ هڪڙي گهڙي به پرين کان پري رهڻ منهنجي برداشت کان ٻاهر هو. پر محض مجبور هوس جو ڪري ڪجهه به نٿي سگهيس. حضور انورﷺ جن کي منهنجي مجبوري جي خبر هئي ۽ احساس هو.
    هڪڙي ڏينهن رحمت للعالمينﷺ مون کي فرمايو ته سلمان! تون وڃي پنهنجي آقا کان پنهنجي آزادي جي باري ۾ لکت ۾ فيصلو ڪراءِ. تنهنجي قيمت ۾ جيڪو به شرط رکي تون اهو بغير چونچراءِ جي قبول ڪج. حضرت سلمان دل ۾ ته اهو چاهيو پئي. تنهنڪري هي ويو يهودي مالڪ وٽ ۽ کيس چيائين ته مون کي آزاد ڪر، تون جيڪي گهرين اهو آئون ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.
    يهودي منهنجي اها ڳالهه ٻڌي پهرين ته کليو ”هن جو مون کي آزاد ڪرڻ جو هر گز خيال نه هو“ پوءِ سوچيائين ته اهڙو مطالبو رکان ٿو جيڪو هي نه ڪري سگهي ۽ نه ئي آزاد ٿئي. پوءِ چيائين ته ڏهه تولا سون هجي. ان کان پوءِ ٽي سو وڻ کجور جا پوکي پوءِ اهي سڀ جو سڀ وڻ ڦر ڏين. ان کان پوءِ تون آزاد آهين، حالانڪ کجور جو وڻ ست سالن کان بعد ڦر ڏيندو آهي.
    آئون اهي پورا نه ٿيڻ وارا شرط کڻي دربار رسالت ۾ پهتس. پاڻ ڪريمن فرمايو ته سُلمان ڏي خبر تنهنجي مڪاتبت جو ڇا ٿيو؟ مون عرض ڪيم ته اي الله جا رسولﷺ ان يهودي اهڙا ته شرط رکيا آهن جو نه ته اهي پورا ٿي سگهندا نه ئي آئون آزاد ٿيندس اِن رات جو طول ايڏو ته ڊگهو آهي جو شايد پرهه ئي نه ڦٽي. پاڻ ڀلارن فرمايو ته ڀلا ٻڌاءِ ته سهي. اهي شرط ڪهڙا آهن. مون اهي پورا نه ٿيڻ وارا شرط ٻڌايم پاڻ ڀلارن فرمايو ته اهو يهودي پنهنجن شرط تي قائم رهندو؟ ڦري ته ڪو نه ويندو؟ بهتر ته ائين هو ته ان کان لکت ۾ وٺين ها. مون عرض ڪيو ته اي الله جا رسولﷺ هن مون کي پڪ ڏني آهي. اميد ته ڦرندو ڪو نه.
    آنحضرتﷺ پنهنجي صحابه ڪرام کي فرمايو ته توهان پنهنجي ڀاءُ سلمان کي هڪ دشمن اسلام جي غلامي کان آزادي ڏيارڻ ۾ ڪهڙي مدد ڪري سگهندا؟ صحابه ڪرام وراڻيو ته جيئندا قبلا جيڪو توهان جو حڪم ٿئي. پاڻ ڀلارن حڪم فرمايو ته جنهن کان جيتري قدر ٿي سگهي کجور جون چڪيون گڏ ڪريو...
    صحابه ڪرام رضه خوشي سان منهنجي آزاد ڪرائڻ جو پڪو پهه ڪيو. هر هڪ پنهنجي استطاعت موجب زياده کان زياده چڪيون جمع ڪيون. ايستائين جو پورا ٽي سو وڻن جون چڪيون گڏ ٿي ويون. پوءِ سڀني ملي ڪري بحڪم رسول پاڪﷺ جي کڏا کوٽيا. حضورﷺ جن پاڻ آيا ۽ صحابه ڪرام سان ملي سموريون چڪيون زمين ۾ لڳايون. پاڻ ڀلارا هر چڪي پنهنجن مبارڪ هٿن سان کڻندا هئا ۽ صحابن کي ڏيندا ٿي ويا ۽ صحابه سڳورا پوکيندا ٿي ويا. هنن سڀني چڪين مان هڪ چڪي حضرت عمر رضه بغير اجازت نبويﷺ سڌي کڻي پاڻ پنهنجي هٿن سان لڳائي هئي چڪيون زمين ۾ لڳائڻ کان بعد پاڻ ڀلارن پنهنجي چادر مبارڪ وڇائي دعا گهري اچي جو برسات پئي ٻني ٻارا. نديون نالا ڀرجي ويا. ڏسندي ڏسندي کجيون اڄ ننڍيون صبحاڻي وڏيون ساڳي سال ٻور جهليو ڦر ڏنائون ۽ پچي ٽڙ ٿيون. چند ڏينهن بعد پاڻ سڳورن کي هڪ غزوه ۾ ڏهه تولا سون مالِ غنيمت مان ملي ويو. حضورﷺ جن اهو سون مون کي عنايت ڪيو ته سلمان وڃ تون پنهنجي آقا کي اهوڏهه تولا سون ڏيئي ۽ چئو ته هل هلي باغ گهمي ڏس. تنهنجا شرط پورا آئون آزاد. آئون خوشي مان ڊوڙندو ڊوڙندو ويس. سون ان يهودي کي ڏيئي مون چيو ته هاڻ هل پنهنجو باغ گهمي ڏس ته اهو ڦر جهليو بيٺو آهي. منهنجو آقا حيرت ۾ پئجي ويو ته ٺيڪ سون ته ملي ويو مگر کجور جا وڻ ايترو جلدي ڦر ڪيئن ڏيندا. مآبھ چريو ته ڪو نه ٿيو آهين. مون وراڻيو ته سرڪار جي اعتبار ناهي ته پوءِ هلي ڏس؟
    اسان باغ ۾ آيا سون هر هڪ وڻ جانچي چڱي طرح ڏٺو سون. ٻه سو نوانوي وڻ بلڪل کجور سان ٽمٽار هئا ۽ هڪ وڻ ۾ مال بلڪل نه هو. يهودي مون کي چيو ته هن هڪ وڻ ۾ مال ڇو ناهي؟ آئون عجب ۾ پئجي ويس. وري به واپس ڊوڙ ۾ اچي دربار ۾ ماجرا بيان ڪيم. حضورﷺ جن حيران، ته هي ڇا ٿي ويو؟ اتي حضرت عمر رضه اٿي بيٺا. عرض ڪيائون ته اي منهنجا سائين معذرت. اها غلطي مون کان ٿي آهي. جو اهو وڻ اوهان جي هٿ لائڻ کان سواءِ بغير اجازت مون پوکيو هو پاڻ ڪريمﷺ انهي مهل اٿيا ۽ باغ ۾ پهتا وڻ اکيڙي وري پنهنجي مبارڪ هٿن سان پوکيو وڻ ٻُور جهلي ڦر ڏنو. يهودي جڏهن هي معجزو ڏٺو ته تعصب، تڪبر ۽ نفرت جا هٿيار اڇلائي ڪلمون توحيد پڙهي مسلمان ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته اي الله جا رسولﷺ اڄ کان پوءِ هي باغ سلمان جو، سلمان منهنجو آقا ۽ آئون غلام سلمان جو. سلمان کي چئو ته منهنجي غلامي قبول ڪري. اهڙي طرح جڏهن منهنجي ڪنڌ مان غلامي جو ڳٽ نڪتو ته پوءِ آئون آجو ٿي ويس ۽ پنهنجي حقيقي آقا جي قدمن ۾ اچي ڪريس پوءِ سفر هجي، حضر هجي، مجلس هجي يا اڪيلائي هجي، جتي شمع اتي پروانو.


    جنگ احزاب ۾ خندق جو مشورو

    ذوالقعد سن 5 هجري ۾ حضورﷺ کي غزوه احزاب پيش آيو. هن غزوه ۾ مشرڪين جو هڪ وڏو لشڪر مديني تي چڙهائي ڪري آيو. حضورﷺ جن جنگ جي باري ۾ صحابه رضه سان مشورو ڪيو. حضرت سلمان فارسي ايران جي جنگي چالن ۽ طريقن کان چڱي ريت واقف هو. ان عرض ڪيو ته يا رسول اللهﷺ دشمن جي هيڏي ساري لشڪر جي مقابلي ۾ اسان جو تعداد بلڪل ٿورو آهي. تنهن ڪري کليل ميدان ۾ جنگ ڪرڻ مناسب ناهي. بهتر هي آهي ته مديني جي چوگرد خندق ”کاهي“ کوٽي شهر کي محفوظ ڪيو وڃي. حضورﷺ جن ان تجويز کي ڏاڍو پسند فرمايو ۽ خندق کوٽڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو. پاڻ ڀلارن سان گڏ ٽي هزارن صحابه ڪرام رضه به هن ڪم ۾ حصو ورتو. اٽڪل پندرهن ڏينهن جي لڳاتار سخت محنت کان پوءِ پنج گز ويڪري ۽ پنج گز اونهي خندق تيار ٿي ويئي. ڪم جي ورهاست وقت انصار ۽ مهاجرين وچ ۾ حضرت سلمان فارسي رضه جي باري ۾ هڪ دلچسپ بحث ڇڙي پئي.
    انصار چون پيا ته سلمان اسان مان آهي ۽ مهاجرين چون پيا ته سلمان اسان مان آهي. يعني حضرت سلمان جو رويو هر ڪنهن سان اهڙو مساويانو هو جو هرڪو پنهنجو پيو سمجهي. حضور انورﷺ جن جڏهن اهو بحث ٻڌو ته فرمايائون ته سلمان من اهل البيت يعني سلمان منهنجي اهل بيت مان آهي.
    الله الله فارس جو پرديسي ۽ مسڪين سلمان جو مقدر، جو حضورﷺ جن پنهنجي زبان مبارڪ سان انکي پنهنجي اهلبيت ۾ شامل فرمائي رهيا آهن. اها سعادت تلوار جي زور تي حاصل نه ٿيندي آهي. بلڪ خدا پاڪ جنهن کي نصيب ڪري مشرڪين مڪه مديني پاڪ کي دنيا جي نقشي تان ختم ڪرڻ لاءِ آيا هئا. ليڪن الله پاڪ جي نصرت ۽ خندق جي ڪري شهر تائين به پهچي نه سگهيا 27 ڏينهن جو محاصرو ختم ڪري. ناڪام و نامراد ٿي وٺي ڀڳا ۽ سندن مڪروه ارادا مٽي ۾ ملي ويا. اها تجويز حضرت سلمان فارسي جي هئي. بهرحال حضرت عبدالله بن سلام ۽ حضرت سلمان فارسي جي مسلمان ٿيڻ سان يهوديت جي دنيا ۾ هڪ وڏو انقلاب پيدا ٿي ويو هو. ان عرصي ۾ مسجد نبويﷺ ۽ سندس پاسي ۾ پاڻ سڳورن جو گهر به تيار ٿي ويو هو. هوڏاهن زيد بن حارث نبي پاڪ جو پٽيلو ۽ ابو رافع حضورﷺ ۽ صديق اڪبر رضه جي اهل و عيال کي مڪي کان وٺي مديني پهچي ويا. انهن کان علاوه ٻيا به ڪافي سارا مسلمان گڏ اچي ويا. انهي بعد پاڻ سڳورا ابو ايوب انصاري رضه جي گهر مان لڏي نئين گهر تشريف فرما ٿي ويا.
    مکڻ، ماٺ، ماکي مصري خوب مٺا، پرمٺا! تون انهن کان به مٺو
    ڪڏهن ڪو نه ڏٺم ڪا مٺائي مٽ تنهنجو.


    مسجد نبوي جو سنگ بنياد ۽ تعمير

    پاڻ سڳورنﷺ جن مدينھ منوره ۾ اچڻ سان جيڪو پهريون ڪم ڪيو. سو هو. اسلام جو مرڪز يعني مسجد جو قائم ڪرڻ. تنهن لاءِ فرمايائون ته جنهن جاءِ تي منهنجي ڏاچي ويٺي هئي. بس اها ئي جاءِ مسجد لاءِ مناسب آهي. وڌيڪ فرمايائون ته انهي جاءِ جي مالڪ کي سڏايو وڃي. ساڻس ڳالهايون. اصحابه سڳورا ٻن يتيم ڀائرن سهل ۽ سهيل کي دربار عالي ۾ وٺي آيا. جيڪي انهي پڊ جا مالڪ هئا ۽ هڪ صحابي اسعد بن زراره جي سار سنڀال هيٺ هئا. پاڻ ڪريمن انهن ٻنهي ڀائرن کي مخاطب ٿي فرمايو ته اسان کي مسجد لاءِ جاءِ گهربل آهي. تنهن لاءِ توهان جي جاءِ چونڊي ويئي آهي. سو انهي جي قيمت ٻڌايو ته ادا ڪري مسجد جي اڏاوت شروع ڪئي وڃي. ٻنهي ڀائرن عرض ڪيو ته اي الله جا رسولﷺ اسان خدا ڪارڻ اهو پلاٽ مسجد لاءِ بخش ڪيو سون. توهان ڀلي اتي خدا جو گهر اڏيو. پر پاڻﷺ جن انڪار ڪندي فرمايائون ته آئون ته يتيمن جي حقن جو محافظ بنجي آيو آهيان. سو وري يتيمن جو مال ڪيئن ضبط ڪندس. پاڻ ڀلارن جي زور ڀرڻ تي انهن يتيمن ۽ سندن سنڀاليندڙ پاران ڏهه گنيون سونيون ”دينار“ قيمت مقرر ڪئي ويئي. جيڪا حضرت ابوبڪر صديق رضه بر وقت ادا ڪئي. مسجد لاءِ ورتل انهي جاءِ تي ان وقت ڪي کڏون، ڪٿي دڙا ۽ چند مشرڪن جون قبرون ته ڪجهه حصو هموار هو. جتي کجور جاکرا هئا. ڪي کجي جا ساوا سُڪا ٿڙ هئا.
    پاڻ سڳورن مسجد جي تعمير جي شروعات انهي خريد ڪيل پلاٽ کي هموار ڪرڻ سان ڪئي. کجي جا وڻ ۽ سڪل ٿُڙ وڍيا ويا. مشرڪن جون قبرون کوٽي اتان انهن جا هڏا ڪڍي ٻي هنڌ دفن ڪيا ويا. دڙا دڪا ڊاهي. پاڻي جو چشمون ۽ کڏون ڀريون ويون. اهڙي طرح مسجد لاءِ ميدان هموار ڪيو ويو بقيع جي ويجهو بيرايوب انصاري، ايوب جو کوهه وٽ مسجد لاءِ ڪچيون سرون لڳايون ويون. انهي کان پوءِ پاڻ سڳورن جي حڪم مطابق اصحاب سڳورا رضه پنهنجن هٿن ۽ پٺن تي سرون ۽ اوساري ۾ ڪم ايندڙ پٿر ڍوئڻ لڳا. جنهن ۾ پاڻ سڳوراﷺ به برابر جا شريڪ رهيا. جيتوڻيڪ پروانا رسالت صحابه ڪرام رضه هر هر پيا عرض ڪن ته اي محبوب خدا! توهان تڪليف نه ڪريو. اسان پاڻهي هي سارو ڪم ڪريون ٿا. پاڻ ڀلارا وراڻين پيا ته نيڪي حاصل ڪرڻ ۾ آئون ته توهان سڀني کان وڌيڪ خدا جو محتاج آهيان. يا وري هيئن به فرمايائون ته خيبر جي کجور ۽ انگور ڍوئڻ جي مزدوري کان هي مزدوري وڌيڪ فائدي واري آهي. صحابه ڪرام رضه جنهن جوش. جزبي، شوق ۽ محبت محنت سان هن مسجد جي تعمير ۾ حصو وٺي رهيا هئا. سو ته ڏسڻ وٽان هو. حديثن جي ڪتابن ۾ انهن ڀلارن جي اهڙي نيڪ ۽ پُر خلوص جذبي بابت پڙهي وري پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائي ڏسون ٿا ته انتهائي شرمساري ٿئي ٿي. ڇو ته صحابه ڪرام رضه مسجد کي محض دين جي مرڪز طور تعمير نه ڪندا هئا. بلڪ انهي کي دين جو مرڪز سمجهي توحيد، نماز، تلاوت، ذڪر الاهي ۽ تعليم دين، سکڻ سيکارڻ سان آباد رکندا هئا. ليڪن اسان ته اڪثر ڪري مسجد کي چٽسالي، دنياداري، خود غرضي ۽ مفاد پرستي لاءِ استعمال پيا ڪريون. تڏهن ته هر مسجد جي متولي جو فرقو ٺهيو پيو آهي. مسجد نبوي جي تعمير جي سلسلي ۾ هڪ هڪ پٿر ۽ هر هڪ سر کڻندي هر ڪنهن ڀلاري جي زبان تي ذڪر سان گڏ توحيد جي تنوار ۽ ڪلام الاهي جي تلاوت هئي. ڀلا جنهن مسجد جي اوساري ۽ بنياد ۾ ڪم آيل هر پٿر ۽ اوساري ۽ هر سر سان گڏ حضرت محمد مصطفيٰ سيد الانبياء ۽ سابقون الاولون اصحابن رضه سڳورن جو خلوص ۽ بي ريا عمل شامل هجي ته اهڙي مسجد مٿان رب جون رحمتون، رضائون، برڪتن جون بارشون ڪيئن نه وسنديون رهنديون. مسجد جي پيڙهه ڀرڻ وقت پاڻ سڳورن هي خاص اهتمام ڪيو هو، جو پنهنجي قريبي ساٿين کي سڏائي، پهريون پيڙهه جو پٿر پاڻ رکيائون ته ٻيو پٿر ابو بڪر صديق هٿان، ٽيون پٿر عمر فاروق رضه هٿان ۽ چوٿون پٿر حضرت عثمان غني هٿان ۽ پنجون پٿر حضرت علي المرتضيٰ هٿان رکايو ويو پوءِ معمول مطابق رازي هٿان اوساري شروع ڪئي ويئي. مسجد جي ڇت ۾ کجين جا ڦڙها سٿيل هئا ته کجين جا ٿڙ وري ٿنڀي طور استعمال ڪيا ويا. ڇت تي پيل ڦڙهن مٿان مٽي پکيڙي ويئي. شايد ڪو هلڪو گارو به لڳايو ويو هجي. اصحاب سڳورن جو بيان آهي ته جڏهن بارش پوندي هئي ته ڇت سڄي پئي ٽمندي هئي. پاڻ سڳورا توڙي اصحاب سڳورا، انهي گپ چڪ ۾ خدا جي حضور سربسجود هوندا هئا. هڪ ڀيري جڏهن پاڻ سڳورن ۽ اصحابن سڳورن مينهن سبب گپ چڪ ۾ پئي سجدا ڪيا ته هڪ اصحابي اهو ڏسي لسيون پٿريون جهولي ڀري کڻي آڻي مسجد ۾ پکيڙيون. بس پوءِ ته ٻيا پروانا رسالت به اهو ڏسي اهڙين پٿرين جا جهول ڀري مسجد ۾ وڇائيندا ويا. پاڻ ڀلارنﷺ جن کي پٿرين جو اهو فرش ڌاڍو پسند آيو. جنهن مان بارش وقت نماز سجدي وغيره ۾ گپ چڪ واري ڪا به تڪليف ڪا نه هئي. هن مسجد کي ”مسجد نبويﷺ“ هن ڪري ٿو سڏجي جو انهي جي پيڙهه جو پٿر خود ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰﷺ جن پنهنجي مبارڪ هٿن سان رکيو هو. پيغمبرﷺ جي هٿن مبارڪن هن مسجد کي اها عظمت بخشي جو هن ۾ هڪ نماز پڙهڻ جو ثواب ۽ درجو پنجاهه هزار نمازن جي ثواب برابر ٿيو. جيئن مڪي کي بيت الله شريف هئڻ ڪري حرم جو شرف عطا ٿيو. تيئن هن مسجد جي برڪت سان مديني کي به حرم جو شرف ۽ عزت نصيب ٿي. ايڏي عظمت وڌي جو جيئن مڪي شهر تي ملائڪن جو پهرو آهي. تيئن مديني کي به ملائڪن جو پهرو حاصل آهي. هنن ٻنهي شهرن جي حفاظت جو انتظام غيبي طرح نوراني ملائڪن هٿان ڪيو ويو آهي. ڪروڙها ملائڪ انهن ٻنهي شهرن جي انتظام ۾ لڳل آهن. تڏهن ته اهي ٻئي مبارڪ شهر دنيا جي انتظامن جي لحاظ سان سرفهرست آهن، سُبْحَانَ اللَّهَ وَ بِحَمْدِهٖ.


    مسجدن جي اڏاوت جو فلسفو

    حديثن جي مطالع مان معلوم ٿئي ٿو ته، خدا تعاليٰ وٽ دنيا جي سڀني جاين کان پسنديده جايون مسجدون آهن. ڇو ته مسجدون اسلام جي اجتماعي نظام جو روح ۽ ديني مرڪز جو ساهه آهن. جنهن جو عظيم مقصد پنج وقت نماز باجماعت کان علاوه محلي، ڳوٺ، شهر جي انفرادي ۽ اجتماعي معاملن ۽ مسئلن جي حل، مشڪل گهڙين جي پروڙ ۽ ان تي همدردانه غور و فڪر ڪرڻ، ڏينهن ۾ پنج ڀيرا هڪ ٻئي سان ملڻ، حال احوال ڏيڻ ۽ وٺڻ، اٺين، ڏينهن وري جمع جي ڏينهن جملي آبادي جو هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ. خطيب جو خطبو ٻڌي، اسلامي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ جملي مسلم برادري لاءِ خير خواهانه سوچ رکڻ. مسلمانن جي ڇڙوڇڙ طاقت کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ. مسلم فردن جي اهڙي ريت جوڙ جڪ ڪرڻ جو تسبيح جي داڻن وانگر سڀ هڪ سڳي ۾ پوئجي وڃن. يعني متحد ۽ منظم ٿي وڃن. مسجدن جي تعمير جو اهو اعليٰ مقصد اسان کي ٻنهي جهانن جي سردار جي مسجد تعمير ڪرڻ ۾ نظر اچي ٿو. باقي هن وقت ته اهو مقصد ئي فوت ٿيندي ڏسجي ٿو. ڇو ته پاڻ ڀلارن جي مسجد نه رڳو مسجد هئي. پر اسلام جو هڪ جامع مضبوط قلعو به هئي.
    اتان ئي ديني دستور ۽ دنياوي قانون جاري ڪيا ويندا هئا. جنهن ۾ اسلام جي سرويچ سپاهين ۽ مخلص مجاهدن کي ڪفر جي خلاف ٿيندڙ لڙاين جا اصول ۽ ضابطا، قانون ۽ قاعدا سيکاريا ويندا هئا. اتان ئي اسلامي فوج کي ترتيب ۽ تربيت ڏيئي محاذن تي موڪليو ويندو هو. ڄڻ ته نبويﷺ جي دور ۾ مسجد عبادت گاهه سا گڏ عدالت گاهه ۽ فوجي ڇانوڻي به هئي. اها مسجد مدينھ المنوره جي پهرين اسلامي يونيورسٽي به هئي. جنهن ۾ ديني توڙي دنيوي هر سبجيڪٽ پڙهايو ويندو هو ۽ سيکاريو ويندو هو. اتي ئي ٻنهي جهانن جي سردار جي عام دربار لڳندي هئي. اها ئي تعليم، تربيت، وعظ نصيحت، هدايت دعوت و تبليغ عبادات، معاملات، شجاعت، عدالت ۽ جهاد جي سکڻ ۽ سيکارڻ جو مرڪز هو. پالڻهار پنهنجي پياري حبيبﷺ جي هن مسجد کي اها عظمت بخشي جو سموري دنيا جون عظمتون مٿس قربان ڪري ڇڏجن.
    هن ڀلاري مسجد جي فضيلت بابت هڪ ڀيري پاڻ ڪريمنﷺ جن فرمايو ته جنهن ماڻهو منهنجي هن مسجد ۾ چاليهه نمازون لڳاتار باجاعت پڙهيون. انهي وچ ۾ کانس ڪا به نماز فوت نه ٿي ته الله تعاليٰ اهڙي ماڻهو لاءِ دوزخ جي باهه جي عذاب ۽ نفاق کان ڇوٽڪاري جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان جي شفاعت ڪرڻ منهنجي مٿان واجب آهي.


    رسالت، برسات ۽ لطيف سرڪار

    جيئن ته توهان مٿي زماني جاهليت ۾ عربن جي حالت پڙهي آيا آهيو. انهي کي شاهه صاحب ڏڪاري حالت سان تشبيهه ڏني آهي ۽ زماني نبوت کي سڪاري حالت سان تشبيهه ڏني آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليھ رحمت محسن انسانيت ۽ رحمت اللعالمينﷺ جي نبوت ۽ رسالت کي سُر سارنگ ۾ ڏاڍو سهڻي نموني ذڪر ڪيو آهي. پاڻ ڪريمن جي ٽيويهه سالھ نبوت واري مبارڪ زندگي پروانه شمع نبوت جي جان نثارن ۽ انهن تبليغي وفدن اعلاءِ ڪلمت الحق جي فروغ لاءِ جيڪي محنتون ۽ ڪوششون ورتيون ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين ديني دعوت و تبليغ جو ڪم پهچايو آهي. انهن جو ذڪر ڪيو اهي. رسالت محمدي کي برسات سان تشبيهه ڏي ٿو ته جهڙي ريت برسات ساري عالم ۾ آسودگي ۽ خوشحالي آڻي ٿي. ڏڪاريل علائقا. ٿرن برن ۾ ترايون ٽوڀا ڀرجي وڃن ٿا ۽ مارو خوش ٿي هڪ ٻي کي مينهن جون مبارڪون ڏين ٿا. ساوا گاهه ٿين ٿا. قحط سالي دُور ۽ خوشحالي اچي ٿي.
    حضرت محمد مصطفيٰﷺ جن جي رسالت پڻ اهڙي ريت جِت ظلم، زور، ڏاڍ جو عالم هو. بت پرستي، دخترڪشي جو راج هو. انسانيت ختم هئي. قحط الرجال ۽ اونڌاهي جو دور هو. اُت آفتاب نبوت، رحمت جو ڪڪر بنجي چمڪيو ۽ هدايت جو سج اڀريو، جنهن جانورن کي انسان بنايو. حضرت عمر بن خطاب رضه پاڻ کي مخاطب ٿي فرمائي ٿو ته اي عمر هي تنهنجو ڪمال ناهي. تون ته اٺ چاريندڙ جَت هئين. اُٺن جا ڏاوڻ تنهنجي ڪلهي تي هوندا هئا. تون ٽي سو سٺ مصنوعي خدائن جو پوڄاري هئين. هي سڀ محمدﷺ جن جي غلامي جو ڪمال آهي. جو تون اڄ اميرالمومنين آهي ۽ صاحب عدالت آهين جو دنيا جي بادشاهن جا سفير تنهنجي سامهون ڏڪي رهيا آهن.
    * اڄ پڻ اترپار ڏي تاڙي ڪئي تنوار،
    هارين هر سنڀاريا سرها ٿيا سنگهار،
    اڄ پڻ منهنجي يار وَسَڻ جا ويس ڪيا.

    * جاني آيو جوءِ ۾ ٿيو قلب قرار،
    وَهِلو وچانئين ويو ڪري غم گذار،
    نظر و نروار پئي پَسايو پنهنجو.

    * بَر وٺا ٿر وُٺا وُٺي ڪڇ ڪنار،
    پونياڙي جو پٽن تي ڏس نايائون نار،
    سٻاجهي ستار لاٿا ڏُرت ڏيهه تان.
    * سارنگ سار لهيج الله لڳ اُڃيين جي،
    پاڻي پوڄ پٽن ۾ ارزان اَن ڪريج،
    وطن وسائيج ته سنگهارن سُک ٿئي.

    * ڍٽ ڍري پٽ پيئيون، ٿيا ولهارن وي،
    سج چنڊ نه پاڙيان سيڻن جي شبيهه،
    جي جاني اندر جيءَ سي پرين پيهي گهر آيا.

    * ڍٽ ڍري پٽ پيئيون وڃن ڪيا ڌرم،
    واحد وڏائي ڪيا، ڪُنڍين ساڻ ڪرم،
    سنگهارن شرم، رک منهنجا سپرين.

    * اُتران ٿي آيون ڪري هڪل هوءِ،
    ڀري تل ترايون جوڙي هليون جوءِ،
    پَسو جا پٽن ۾ کٿوري خوشبوءِ،
    اچي روبرو وٺيون روضي تان رسول جي.

    * بر وُٺا ٿر وٺا وٺيون ترايون،
    پرهه جو پٽن تي ڪن وِلوڙا وايون،
    مکڻ ڀرين هٿڙا سنگهاريون سايون،
    ساري ڏوهن سامهيون ٻولايون ۽ رَايون.

    * ٻانهيون ۽ ٻايون پَکي سُنهن پاهنجي،
    بَر وٺا ٿر وٺا وٺو جيسلمير،
    آگم ڪري آيون پائر ڀري پير،
    لاٿائون لطيف چئي، وانڍين مٿان وير،
    سرها ڪيائون سير، سرهيون سگنهاريون ٿيون.
    * سارنگ کي سارين ماڙهو مِرگهه مينهون،
    آڙيون ابر آسري، تاڙا تنوارين،
    سپون جي سمنڊ ۾ نئين سج نهارين،
    پلر پيارين ته سنگهارن سک ٿئي.

    * ڪانڌ! تنهنجي پانڌ، رَي سَنجهي سِيءُ مُران،
    ڪامل! ڪپاهن ۾ پيئي ٺار ٺران،
    تاري توتران، جيئن وَر وهاڻي وارئين،
    اچين جي پرڀات ته آئون سِيءَ نه ساريان.

    * آگم ڪيو اچن، سڄڻ سانوڻ مينهن جيئن،
    پاسي تِن وَسَن جي سڀ ڄماندر سُڪيا.

    * موٽي مانڊاڻ جي واري ڪيائين وار،
    وڄون وسڻ آيون چوڏِس ۽ چوڌار،
    ڪي اُٿي ويون استبول ڏي، ڪي مُڙيون مغرب پار،
    ڪي چمڪن چين تي ڪي لهن سمر قند سار،
    ڪي رمي ويون روم تي، ڪي قابل ڪي قنڌار،
    ڪي دهلي، ڪي دکن ڪي گُڙن مٿي گِرنار،
    ڪنهن جنبي جيسلمير تان، ڏنا بيڪانير بڪار،
    ڪنهن ڀُڄ ڀڄايو، ڪنهن ڍٽ مٿي ڍار،
    ڪنهين اچي عمر ڪوٽ تان وسايا ولهار،
    سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
    دوست مٺا! دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
    هن سُر سارنگ ۾ اتر پار کان تاڙي پکي جو تنوارڻ، اها محبوب خداﷺ جن جي دعويٰ نبوت آهي. تاڙي جي اها تنوار ٻڌي هارين جو هر کڻڻ ۽ سنگهارن جو خوش ٿيڻ اهو مظلوم انسانيت جو ظلم ۽ شرڪ جي خلاف علم بغاوت آهي. پنهنجي ڪفر جي تاريڪي ۽ غفلت کي ڇڏي. اسلام جي اعلان کي قبول ڪرڻ آهي. هن سُر سارنگ ۾ شاهه صاحب حضور انورﷺ جن جي رسالت کي برسات سان صحابه ڪرام جي دعوت و تبليغ اسلام جي وفدن کي ڪڪرن ۽ بادلن جي مانڊاڻ ۽ آڙنگ سان، مجاهدن غازين جي لشڪر اسلام کي وڄن ۽ ڳوڙ سان تشبيهه ڏني آهي. ڪفر ۽ شرڪ کي ڇڏي اونڌاهي مان نڪري روشني ڏانهن اچڻ اهو اسلام جو قبول ڪرڻ آهي. ٿر بر جهر جهنگ جو برسات سان آباد ٿيڻ ۽ سڪار جو اچڻ. ڏڪار جو وڃڻ، اهو اسلام جي تعليم جو اچڻ ۽ ان کي قبول ڪري مسلمان ٿيڻ سان تشبيهه آهي.
    ٻانهن، غلامن، سنگهارين ۽ عورت جو خوش ٿيڻ. اهو انهن کي اسلام جي طرفان قانوني تحفظ ۽ صنف نازڪ مظلوم عورت کي مساوات محمدي جو ملڻ آهي.
    بُرو هو بنڀور آرياڻي اُجاريو،
    لاٿو سڀ لوڪ تان هاڙهي ڌڻي هور.
    ڇوريون ڇُرڻ سکيون، پنهون ڪيائون پور،
    آيو سو اطور جنهن ڏکيون ڏِک ويهاريون.
    برسات جي اچڻ سان سڀني جا ڏرت ۽ ڏک لهي وڃڻ. اهو اسلام جي اچڻ سان هر هڪ کي تحفظ ملڻ آهي. قانون فطرت جي حڪمراني ٿيڻ ۽ امن حاصل ٿي وڃڻ آهي. جنهن جي انسانيت کي ضرورت آهي.
    برسات جي اچڻ جو هر جيت، پکي پکڻ، جانور ۽ انسان کي هر وقت خواهش هوندي آهي. پوءِ اها مخلوق بري هجي، بحري هجي يا فضائي هجي. هر ڪنهن کي انتظار شديد هوندو آهي. اهڙي طرح رسالت مآب جو به هر انسان کي هدايت لاءِ انتظار شديد هو. نيٺ اهو آخرزمان نبيﷺ آيو. جنهن جي اچڻ سان هر هنڌ، هر طرف سُرهاڻ، سَوهائي ۽ سَرهائي ٿي ويئي.
    پوءِ جن ان جي آمد کي خوش آمديد چيو ۽ مڃي تابعداري ڪئي. اهي ڪامياب ٿي ويا. ۽ جن ان جي انڪاري ڪئي. اهي خوار خراب ۽ تباهه و برباد ٿي ويا. هميشھ خدا جي قهر و غضب هيٺ اچي ويا. اهي ماڻهو جيڪي دنيا پرست الالچي، تعصبي ۽ هٺيلا هئا. مثال طور ابو جهل، ابو لهب، اميھ بن مخلف، ابيھ بن خلف وليد بن مغيره، نضر بن حڪم وغيرهم جن جي دنيا و آخرت ٻئي تباهه ٿي ويون.
    انهن لاءِ شاهه صاحب فرمائي ٿو:
    جن مهانگو لَهي ميڙيو سي ٿا هٿ هڻن،
    پنجن منجهان پندرهن ٿيا، ائين ٿا ورق وارين،
    ڏڪاريا ڏيهه مان شال موذي سڀ مرن،
    وري وڏي وَس جون ڪيون ڳالهيون گنوارن،
    سيد چوي سڀن آهي توءِ آسرو تنهنجو.


    روضو پاڪ رسول جو

    پاڻ ڪريمنﷺ جن جي روضھ اطهر جي تعمير، تجديد ۽ مرمت جي وڏي تاريخ آهي. ڪڏهن اهو ڪاٺ جو ٺهيل هو. ڪڏهن پتل جي ڄارين سان جڙيل ته ڪڏهن سيهي جي اڇي رنگ وارو قبو. مختلف مرحلن مان گذرندو موجوده شڪل ۾ گنبذ خضراء بنيو.
    حضور اڪرمﷺ مسجد نبويﷺ جي تعمير کان فارغ ٿيڻ تي پاڪ بيبين سڳورين لاءِ الڳ الڳ نو حجرا تعمير ڪرايا هئا. جن مان هر هڪ حجري جي ماپ 10 x 15 فوٽ هئي. جڏهن ته اوچائي ڇهه فوٽ هئي. حضرت بي بي امان عائشه رضه جو حجرو مسجد نبوي سان بلڪل لڳو لڳ هو. ايتري قدر جو حضور پاڪﷺرمضان شريف ۾ جڏهن مسجد نبوي ۾ اعتڪاف ۾ ويهندا هئا ته ام المومنين رضه امان بي بي عائشه رضه پنهنجي حجري ۾ بيهي دري مان سندن وارن مبارڪن کي ڦڻي ڏيئي وٺندي هئي. حالانڪ پاڻ سونهارا ان وقت مسجد ۾ ئي هوندا هئا. وچان رڳو ننڍڙي دري هوندي هئي. اهو ئي حجرو هو جنهن ۾ حضور انورﷺ جن لاڏاڻو فرمايو ۽ اتي ئي سندن تدفين ٿي ۽ اها ئي جاءِ آخري آرام گاهه بڻي. اهو ئي هاڻي رسول پاڪ جو روضو پاڪ گنبذ خضراء سڏجي ٿو. انهي روضي ۾ سندن جسم پاڪ هن طرح آرامي آهي جو سندن مٿو مبارڪ اولهه طرف پير مبارڪ اوڀر طرف ۽ منهن مبارڪ قبلي ڏانهن ڏکڻ طرف آهن.
    انهي روضي پاڪ ۾ پاڻ ڀلارن سان گڏ سندس ٻه وفادار، جان نثار ساٿي شيخين، سُهرين، خلفاءِ راشدين هڪ ابوبڪر صديق رضه ”وصال 13هه“ ۽ ٻيو حضرت عمر فاروق رضه ”وصال 23هه“ آرامي آهن.
    تن جي تدفين هن طرح ٿي جو حضرت ابو بڪر صديق جو مٿو، حضور انورﷺ جي سيني برابر ته حضرت عمر فاروق رضه جو مٿو حضرت ابو بڪر جي سيني برابر آهي. ان کان سواءِ روضي پاڪ ۾ هڪ قبر جيتري جاءِ ڇڏيل آهي. جتي هڪ حديث مطابق حضرت عيسيٰ عليھ السلام جو آخري آرام گاهه ٿيڻو آهي.
    حضرت عمر فاروق رضه جي دور خلافت ۾ انهي روضي پاڪ تي ڪا به اڏاوت يا قبو وغيره ڪو نه هو. فقط ڪچين سرن سان چوديواري هئي. اموي خليفي وليد بن عبدالملڪ جي زمانه ”86هه کان 96هه تائين“ ۾ جڏهن بيبين سڳورين جي ٻين حجرن کي مسجد ۾ شامل ڪيو ويو. تڏهن به حضرت بي بي امان عائشه جي حجري ”روضي پاڪ“ جون ڪچيون ديواريون باقي رکيون ويون البتھ وليد جي دور ۾ جڏهن حضرت عمر بن عبدالعزيز ”ثاني عمر“ حضرت عمر فاروق رضه جو ڏوهٽو مديني جو گورنر بڻيو ته انهي روضي پاڪ جي چو طرف اونهي پيڙهه کوٽي. پنج ڪُنڊي ڇٽي ٺاهي هئي. پنج ڪنڊي هن ڪري ته جيئن ڪعبت الله جي تعمير سان مشابهت نه ٿئي. متان جاهل ماڻهو انهي جو به طواف شروع ڪري ڏين. انهي زماني کان پوءِ ستين صدي هجري تائين روضي پاڪ تي ڪو به گنبذ ڪو نه هو. مزار مبارڪ کليل هئي. پري کان ئي زيارت پئي ٿيندي هئي. سن 678هه ۾ بادشاهه منصور قلائون صالحي جي دور ۾ مزار مبارڪ مٿان چوڌاري تعمير ڪيل ديوارن تي ڪاٺ جو هڪ قبو جيڪو هيٺان ته چوڪنڊو هو پر مٿي وڃي اٺ ڪنڊو بنايو ويو. انهي قبي کي ٺهندي ٻه سو سال کان به ڪجهه مٿي عرصو گذريو ته سن 886هه ۾ مسجد نبويﷺ کي پهريون ڀيرو باهه لڳي. جنهن ۾ مسجد جي سامان سان گڏ قبو به سڙي ويو. وري به مرمت ٿي. پر 887هه ۾ ٻيهر مسجد نبوي کي باهه لڳي. جنهن مسجد جو سامان ته ساڙي رک ڪيو. پر قبو به باهه جو کاڄ ٿي ويو. پوءِ 892هه ڌاري ترڪي جي بادشاهه قاتبائي پنج ڪنڊي ديوار تي ٻيو قبو اڏايو. جنهن تي اڳي وانگر اڇو رنگ ڪرايو ويو. انهي ڪري صدين تائين اهو قبو گنبذ بيضاء اڇو سڏيو پي ويو ۽ ساڍا ٽي سو سال گذرڻ تي قبو پراڻو ٿي ويو. منجهس هنڌان، هنڌان ڏار پئجي ويا. تنهن ڪري 1233هه ۾ ترڪي جي بادشاهه سلطان محمود عثماني اهو زبون قبو مٿان کان ڊهرائي وري نئون قبو اڏايو. جنهن کي اڳتي هلي سن 1255هه ۾ سائو رنگ ڏياريائين.
    بس انهي سال کان بعد اڄ تائين گنبذ خضراء ”سائو قبو“ سڏيو پيو وڃي. موجوده سائو رنگ انهي ئي بادشاهه جو قائم ڪرده ۽ يادگار آهي. جنهن کي سعودي حڪومت به قائم رکيو اچي.


    قبن جي تعمير متعلق شريعت جو حڪم

    هن موقعي تي هي ڳالهه سمجهڻ ضروري آهي ته مٿي ذڪر ڪيل تاريخي حوالن مان ثابت ٿيو ته پاڻ ڪريمنﷺ جن جي قبر مبارڪ مٿان هڪ ٻي پٺيان قبن جي اڏاوت وقت جي بادشاهن جو ذاتي فعل هو. جنهن جو شريعت سان ڪو به تعلق ڪونهي. جيتوڻيڪ بادشاهن پاڻ ڪريمنﷺ جن جي قبر مبارڪ کي اصلي حالت ۾ رکيو. اها پڪي ته نه ڪرائي پر ان جي چوڌاري ديوار کڻائي ۽ پوءِ ان جي مٿان گنبذ اڏايو. پر ائين ڪرڻ جو حڪم نه ته پاڻ سڳورن ڏنو ۽ نه ڪي پاڻ سڳورن جي لاڏاڻي کانپوءِ اسلام جي سونهري دور قرني خلافت راشده ۾ ڪنهن به خليفي جهڙوڪ حضرت ابو بڪر صديق رضه، حضرت عمر فاروق رضه، حضرت عثمان غني رضه ۽ حضرت علي ڪرم الله وجھ وغيرهم کانسواءِ اُموي توڙي عباسي خليفن، بادشاهن قبي اڏائڻ جي، شرعي خلاف ورزي جهڙي عظيم گستاخي ڪئي. پر، ڀلا اسلام ۾ اهڙي ڪم جي اجازت به ڪيئن هوندي. جڏهن ته پاڻ ڀلارن قبن اڏڻ ۽ درگاهن قائم ڪرڻ جي سختي سان منع ڪئي آهي. جنهن لاءِ حديثون موجود آهن.
    حديث پاڪ: اللهم لاتجعل قبري عيدا ولا تجعل قبري وثنا يُعبدُ. ترجمو: اي الله منهنجي قبر تي ميڙا ملاکڙا نه لڳائجان ۽ نه ئي وري منهنجي قبر کي بت بنائجان جو ماڻهو مندرن وانگر پيا پوڄين.
    اللهم لاتجل قبري مسجد، لعن الله اليهود والنصاري!. اتخذو قبور انبياء هم مساجِد. اي الله منهنجي قبر کي مسجد وانگر پوڄا پاٺ ۽ سجدي گاهه نه بنائجان جو ماڻهو منهنجي قبر کي سجدا ڪن. يهودين ۽ عيسائين تي الله تعاليٰ لعنت ڪري جو انهن پنهنجن نبين جي قبرن کي سجدي گاهه بنايو. اسان هت مثال طور ٻه حديثون نقل ڪيون آهن نه ته حديث ۽ فقھ اسلامي ۾ اهڙا بي شمار دليل موجود آهن.
    جيڪڏهن سنجيدگي سان ويهي سوچجي ته انهن حڪمن جي روشني ۾ پنهنجي مذهبي حالت جو جائزو وٺجي ته هي ڳالهه پڌري پَٽ معلوم ٿيندي ته اسان جي ملڪ ۾ موجود قبا، قبرون ۽ درگاهون پوڄا پاٺ جا مرڪز آهن. اتي وڃي ماڻهو بجاءِ عبرت حاصل ڪرڻ جي، درگاهن جي چانئٺ کي سجدا ڪن ٿا. ولين جي قبرن کي ڪعبت الله وانگر طواف ڪن ٿا ۽ پنهنجون مرادون گهرن ٿا. درگاهن تي ٻاراهو ميلا، ملاکڙا لهو و لعب ڪن ٿا. انهي کان علاوه ٻيا ڪيترائي خدا فراموشي، بي حيائي، ناچ گانا، منشيات جو کلي عام استعمال، جهڙا غير شرعي ڪم ٿين ٿا. جڏهن ته انهن سڀني ڪمن کان الله پاڪ ۽ ان جي محبوب رسولﷺ تمام سختي سان روڪيو آهي. هتي ذهن ۾ هي سوال ضرور اڀرندو ته جڏهن پاڻ ڪريمن به پڪي قبر ٺاهڻ قبو اڏائڻ، درگاهه ٺاهڻ کان منع ڪئي آهي ته پوءِ خود پاڻ ڪريمن جي قبر مبارڪ مٿان قبو اڏيل ڇو آهي؟ اهو ته نه هجڻ گهرجي ها. تنهن لاءِ مختصر جواب هي آهي ته ترڪي جي ڪنهن بادشاهه پنهنجي ذاتي سوچ ۽ اصرار تي قبي اڏائڻ جو ڪم ڪيو هو. جنهن ۾ کيس شريعت اسلام ۽ خود وقت جي عالمن باعمل مفتين فقيهن. محدثن جي ڪا به سپورٽ نه هئي. فقط پنهنجي بادشاهي زور تي ۽ محبت رسولﷺ ۽ عشق رسولﷺ جي آڙ ۽ نالي تي اهو ڪم ڪيائون. باقي ان ڳالهه کي نه ڏٺائون ته اهو فعل جائز آهي يا ناجائز آهي.
    ها! اڄ به اهي ميلا، ملاکڙا، بزرگن جا عرس، قبا ٺاهڻ، قبرن جو طواف ڪرڻ،قبر وارن کان مرادون گهرڻ، نذر نياز ڪرڻ ناجائز ۽ حرام آهن. مگر دنيا ڪري پئي. ڪنهن عالم با عمل کان پڇڻ يا انهن جي ڳالهه مڃڻ جو سوال ئي ڪونهي.
    جڏهن ترڪن جي خلافت عثمانيھ جي هٿ مان مڪو ۽ مدينو نڪري ويا ۽ حجاز تي نجدين يعني سعودي حڪومت جي بانيڪارن جو قبضو ٿيو ته هنن سعودي جي سڄي ملڪ خاص ڪري مڪي ۽ مديني ۾ موجود اصحابن، تابعين شهيدن، اولياء الله وغيرهم جي قبرن تي قائم ڪيل درگاهن ۽ قبن کي ڊاهڻ شروع ڪيو. ڇو ته اتي به اسان جي ملڪ پاڪستان، هند ۽ سنڌ وانگر، قبر پرستي، عرس مبارڪ ميلا، نذر نياز ۽ چڙهاوا عام جام ٿي ويا هئا. ماڻهو مجاور بنجي روزگار جو ذريعو بنائي ڇڏيو هو. شيطان پنهنجي چالن جي ذريعن ماڻهن کي گمراهه ڪري، شرڪ ڪرائڻ شروع ڪيو تنهن تي سعودي سرڪار شاهه عبدالعزيز بن سعود، پنهنجي دوست دست راست ۽ رهبر شيخ عبدالوهاب نجدي جي مشوري سان هڪ تحريڪ ”قبر پرستي مٽائو“ هلائي. جنهن چيو ته غلط محبت جي آڙ ۾ جيڪا مزار سازي ۽ قبرپرستي عروج تي آهي. ان جو سدباب ڪيو وڃي، نه ته پورو عرب ته ڇا بلڪ پوري دنيا انهي شرڪ ۽ قبر پرستي جي لاعلاج بيماري ۾ مبتلا ٿي ويندي ۽ اسلام جو بنيادي عقيدو روح توحيد ختم ٿي ويندو. جيڪو بعثت نبوت جو مقصود آهي.
    هوڏهن برطانيه سرڪار ۽ قبرپرستن کي وجهه مليو. جنهن دين ۾ فرقه واريت ڦهلائڻ خاطر دين ۽ ضمير فروش، علماء سوءِ ۽ فتويٰ باز ڪرايه دار مُلائن کي خريد ڪري جعل سازي ۽ غلط الزام تراشي سان فتويٰ بازي جي صنعت کي فروغ بخشيو ۽ فرقه بازي وڌندي رهي. شاهه عزيز ۽ شيخ عبدالوهاب پنهنجي تحريڪ ”قبرپرستي مٽائو“ جاري رکي تان جو آسپاس جون سڀ درگاهون، قبا ۽ پڪيون قبرون ڊاهي واندا ٿيا ته هاڻي حضور اڪرمﷺ جي روضي پاڪ جو رُخ ڪيائون ۽ هنن جو پروگرام هو ته اهو قبو شرعي لحاظ کان ممنوع آهي. انهي ڪري اهو به ڊاهيو وڃي، ته ان وقت جي عالمن سعودي بادشاهه کي ائين ڪرڻ کان منع ڪيو ۽ چيائون ته توهان پهرين پوري دنيا جا عالم گهرايو. انهن جي سامهون اهو مسئلو رکو پوءِ جيڪڏهن سموري دنيا جي عالمن جو متفقه فيصلو ۽ فتويٰ هجي ته ڊاهيو جي نه، ته آئنده روضي پاڪ جي هٿ چراند کان باز رهو. ڇو ته هڪڙا حڪمران اچي ٺاهين ٻيا حڪمران اچي ڊاهين، اهو سلسلو رهيو ته انهي سان روضي پاڪ جي بي حرمتي آهي.
    غالباً اهو زمانو 24 1925ع جو هو. اهو واقعو حضرت مولانا شبير احمد عثماني رحه مسلم شريف جي شرح فته الملهم ۾ لکيو آهي. مولانا لکن ٿا ته سموري دنيا جا مڃيل ۽ مسلم عالم سعودي بادشاهه جي سڏ تي مڪي پاڪ ۾ گڏ ٿيا جنهن ۾ برصغير هند ۽ سنڌ جا عالم به هئا.
    مولانا عثماني رحه جي لکڻ مطابق ته دارالعلوم ديوبند هند مان ويندڙ وفد ۾ آئون به شامل هوس. مون خود بادشاهه عبدالعزيز سان انهي موضوع تي ڳالهايو هو. ”انهي گفتگو جو خلاصو هي هو“ مون ڳالهايو ته حضور انورﷺ جون چند اهڙيون خصوصيتون آهن، جيڪي انسان ذات جي ٻئي ڪنهن فرد ۾ ڪونهي. اهڙي طرح سندن فضيلت ۽ شانِ اقدس جي تقاضا آهي ته جيترو سندن شان مبارڪ آهي. اوترو ئي سندن ادب ۽ احترام ڪجي. جيتوڻيڪ قبو ٺاهڻ شريعت جي رُوءِ ۾ حڪم جي ڀڃڪڙي آهي. پر جيئن ته روضو پاڻ ڪريمن جي قبر مبارڪ مٿان ٺهيل آهي ۽ انهي جي ڊاهڻ جي صورت ۾ قبر مبارڪ مٿان قبي جي ملبي جو ڪرڻ، ڀڃ ڊاهه، مشينن ۽ ڪرينن جي قبر مبارڪ مٿان لتاڙ، گوڙ گهمسان وغيره سان پاڻ ڪريمن جي سخت بي ادبي ٿيندي. قبو واقعي نه ٺهڻ کپندو هو. مگر ٺهڻو ته ٺهي ويو. پر هاڻي انهي کي ڊاهڻ سان نه رڳو سخت بي ادبي آهي. پر پاڻ ڪريمن جي آرام ۾ سخت خلل ۽ ايذا جو ڪارڻ ٿيندو. يقينن نفعي جي بجاءِ نقصان گهڻو آهي. جيڪو سخت شرعي جرم آهي. بهرحال انهي بحث مباحثي کان پوءِ سعودي شهنشاهه قبي ڊاهڻ وارو ارادو ملتوي ڪري ڇڏيو.


    شانِ شيخين رضي الله عنهما

    مٿي پڙهي آيا آهيون ته انهي روضي اطهر ۾ حضور انورﷺ جا ٻه وُزرا اعليٰ مشيران خاص شيخين، سُهرين وفادار جانثار هڪ صديق. ٻيو شهيد هڪ صداقت ۾ مشهور، ٻيو عدالت ۾ اڳرو، هڪ مُريد ٻيو مُراد ”رب کان گهري ورتل“ ٻنهي رضاءِ محبوب مدنيﷺ خاطر پنهنجو تن، من، ڌن، جان، جسم اولاد گهر گهاٽ وقف ڪري ڇڏيو. جن ٻنهي دنيا ۾ صداقت ۽ عدالت جو ڏونڪو وڃايو. ۽ قيامت تائين دنيا جي تاريخ ۾ سندن مبارڪ نالا سونهري اکرن ۾ لکيا ويندا. ستامر سونهن ننڊ عبادت جن جي. هڪ صاحب جمال آهي ته ٻيو صاحب جلال اهي. هڪ ۾ جامعيت ۽ ٻي ۾ ڪامليت آهي. پاڻ ڀلارن فرمايو ابو بڪر و عمر رضه منهنجي زندگي جا ساٿي. آخرت جا ساٿي سفر حضر جا ساٿي. قبر حشر ۽ حوض ڪوثر جا ساٿي. انهن مان هڪ آبحيات آهي ته ٻيو پارس، حضورﷺ جن فرمايو ته قيامت جي ڏينهن منهنجو رب مون کي حڪم ڪندو ته اي منهنجا محبوب محمد مصطفيٰﷺ تو منهنجي لاءِ دنيا مان ڪهڙو تحفو آندو اهي. آئون ان وقت ابو بڪر صديق ۽ عمر عادل کي پيش ڪندس. يا رب هٰذان. اي منهنجا رب هي ٻه رضي الله عنھ، حضورﷺ جن فرمايو ته مون کان پوءِ ٻن ماڻهن جي اوهان ڪامل تابعداري ڪجو اهي ٻئي ابوبڪر رضه ۽ عمر رضه آهن. اهي ٻئي زمين تي خدا جي مضبوط رسي آهن. جنهن به ان ٻن جي تابعداري ڪئي. ان اهڙي خدائي زنجير کي پڪڙي ورتو. جيڪو هرگز ٽٽڻ واري ناهي. يعني ابو بڪر صديق ۽ عمر فاروق رضه خدائي رسا آهن. جنت ڏي پهچڻ جا واسطا آهن.
    پاڻ ڀلارن فرمايو ته هر نبي کي ٻه وزير آسمان وارن مان ۽ ٻه وزير زمين وارن مان مليل هوندا آهن. منهنجا آسمان جا وزير جبرئيل عليھ السلام ۽ ميڪائيل عليھ السلام آهن ۽ زمين جا وزير ابو بڪر رضه ۽ عمر رضه آهن. حالات حاضره ۽ باطنه کي ڏسي يقيني طور چئي سگهجي ٿو ته ٽنهي عظيم شخصيتن جو پاڻ ۾ توارد قلبي وارو ”دلي همخيالي ۽ هم آهنگي“ ربط و ضبط هو.
    حضرت علي رضي الله عنھ فرمايو ته ابو بڪر رضه ۽ عمر رضه اولين و آخرين جا جنت ۾ سردار هوندا سواءِ نبين ۽ رسولن جي يعني ابو بڪر ۽ عمر جنت ۾ انبياء ۽ رسولن کان سواءِ ٻين تمام انسانن جا سردار هوندا.
    حضورﷺ جن فرمايو ته ابوبڪر صديق ۽ عمر فاروق منهنجون اکيون ۽ ڪن آهن. انهن جي ذريعي آئون ٻڌان ٿو ۽ ڏسان ٿو. اهي ٻئي شخص منهنجي امت ۾ سڀ کان ڀلارا آهن. ابو بڪر ۽ عمر کي مون مقدم نه ڪيو آهي. بلڪ الله تعاليٰ ٻنهي کي شرف ۽ فضيلت ۾ مقدم ڪيو آهي.
    هڪ ڏينهن پاڻ ڀلارنﷺ حضرت ابو بڪر صديق رضه ۽ حضرت عمر عادل رضه سان مخاطب ٿيندي فرمايو ته الله تعاليٰ ڪجهه دلين کي کير کان به وڌ اڇو ۽ نرم ٿو بنائي ۽ ڪجهه ماڻهن جون دليون ارادي ۽ عمل جي لحاظ سان ڏاڍي مضبوطي رکن ٿيون.
    ابو بڪر تنهنجو مثال ابراهيم عليھ السلام وانگيان آهي. جنهن فرمايو، ” فَمَنْ تَبِعَنِيْ فَاِنَّهٗ مِنِّىْ ۚ وَمَنْ عَصَانِيْ فَاِنَّكَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ “ ترجمو: جيڪو منهنجي تابعداري ڪري ٿو. اهو ته منهنجو آهي. باقي جيڪو منهنجي نافرماني ڪري ٿو ته پوءِ تون ئي غفور رحيم آهين يا ته وري اي ابو بڪر تون عيسيٰ عليھ السلام جهڙو آهين. جنهن چيو هو ته، ”اِنْ تُعَذِّبْهُمْ فَاِنَّهُمْ عِبَادُكَ ۚ وَاِنْ تَغْفِرْ لَهُمْ فَاِنَّكَ اَنْتَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ “ اي رب تون جيڪڏهن هنن کي عذاب ڪرين ته به وس وارو آهين. جي بخش ڪرين ته به وس وارو آهين.
    اي عمر رضه تون ٺهيل ٺڪيل نوح عليھ السلام آهين. جنهن قوم جي لڳاتار سرڪشي تي رڙيون ڪري چيو هو ته، ” رَّبِّ لَا تَذَرْ عَلَي الْاَرْضِ مِنَ الْكٰفِرِيْنَ دَيَّارًا“ اي رب انهن ڪافرن مان زمين تي ذري به نه ڇڏ. جو هنن ڪا به گهٽتائي نه ڇڏي آهي يا ته تون موسيٰ عليھ السلام جهڙو آهين. جنهن جو نعرو هو، ”رَبَّنَا اطْمِسْ عَلٰٓي اَمْوَالِهِمْ وَاشْدُدْ عَلٰي قُلُوْبِهِمْ فَلَا يُؤْمِنُوْا حَتّٰى يَرَوُا الْعَذَابَ الْاَلِيْمَ “ اي رب هنن سان انتهائي سختي سان پيش اچ. اهي ايمان ڪو نه آڻيندا. تان جو اهي تنهنجي درناڪ عذاب کي ڏسن.
    انهي مان ثابت ٿيو ته حضرت ابو بڪر صديق نرم مزاج ۽ رحمدل هئا ۽ حضرت عمر رضه سخت مزاج ۽ تيز طبيعت هئا. اهي ٻئي صفتون طبيعت جو سخت هجڻ ۽ نرم هجڻ. اجتماعي ۽ دعوتي مقاصد جي حصول لاءِ نهايت ضروري آهن پُرهيبت شخصيت پُر عظمت هستي. ايتري قدر ضروري آهي جيترو رحمدلي لطيف ۽ نرمي سان سينگاريل داعي ۽ راهنما، ڄڻ ته هڪ جماعت جو ترڪيبي ڍانچو جيڪو ماڻهو تيار ٿو ڪري ان لاءِ ضروري آهي ته ان جا مختلف فرد مختلف قسمن جي صفتن جا پيڪر هجن. جيڪڏهن صديق اڪبر رضه جهڙا لطيف مزاج هجن ته فاروق اعظم رضه جهرا فولادي ۽ تيز طبيعت وارا ماڻهو به ضروري آهن ۽ نبي انهن سمورين مختلف ۽ متضاد صفتن جو جامع هوندو آهي.
    جهڙي طرح بجلي پيدا ڪرڻ ۽ ڪرنٽ حاصل ڪرڻ لاءِ مين سوچ کان فيز ۽ ارٿ لازمي هوندا آهن. اهڙي طرح لطافت سان شدت به ضروري آهي تڏهن نظام حڪومت صحيح هلندو.


    شان صديق اڪبر رضي الله تعاليٰ عنھ

    پاڻ ڀلارا فرمائين ٿا ته معراج جي رات جڏهن حضرت جبرئيل عليھ السلام صدره المنتهيٰ تي بيهه رهيو ته آئون اڪيلو ٿي ويس. مون کي عظمت الاهي ۽ رب جي ڪبريائي جو فطري خوف پيدا ٿيو. ان وقت منهنجي رب هڪ ملائڪ ابو بڪر صديق رضه جي هم شڪل هم آواز پيدا ڪيو. جنهن مون کي آواز ڏنو ته اي محمدﷺ ذرو توقف ڪر. ان وقت آئون تعجب ۾ پئجي ويس. دل ۾ بارگاهه الاهي ۾ عرض ڪيم ته يا الاهي هن جڳهه تي صديق اڪبر رضه ۽ سندس آواز ڪٿان آيو ۽ ڪيئن آيو؟ حڪم الاهي ٿيو ته اي حبيبﷺ ابو بڪر صديق جو آواز ان ڪري هو جو هو تنهنجو يار غار آهي. اهو تنهنجو معتبر، مونس، وفادار ۽ جانثار آهي. پوءِ اهڙي يار معتبر ۽ مونس جي آواز ٻڌڻ سان تنهنجي وحشت ۽ خوف ان جاءِ تان دفع ٿيندي. انهي ڪري مون هڪ ملائڪ صديق اڪبر رضه جي هم شڪل ۽ هم آواز پيدا ڪري تو ڏانهن موڪليم. جنهن توکي پنهنجي صورت ڏيکاري ۽ آواز ڏنو. انهي سان تنهنجي وحشت ۽ خوف ويندو رهيو. سبحان الله اهو هو ابوبڪر صديق رضه، غار ثور ۾ صديق اڪبر کي ثاني اثنين اذهمافي الغار جو لقب رب پاڪ کان مليو الله ۽ سندس رسول جي معيت ملي ان الله معنا پنهنجو رب پاڻ سان گڏ آهي. حضورﷺ جن غار ثور ۾ فرمايو ته ابوبڪر ڇا توکي گمان آهي ته غار ۾ پاڻ ٻه ڄڻا آهيون؟ ابو بڪر ائين ناهي. پاڻ ٻه ڄڻا ناهيون. بلڪ پاڻ ٽي ڄڻا آهيون ٽي خداوند قدوس جي ذات پاڪ پاڻ سان گڏ آهي. پاڻ کي ڪا به طاقت لوڏي نٿي سگهي ۽ نه ئي ڪو نقصان پهچائي سگهي ٿي. سفر هجرت ۾ کيس رسولﷺ جي رفاقت ۽ خدمت ملي، غار ثور وارين راتين ۾ کاڌو پيتو صديق اڪبر جي گهران آيو ٿي.

    هجرت واري رات بارِ امانت نبوت، ابو بڪر صديق پنهنجي ڪلهن تي کنيو. اهو بار کڻڻ ڪنهن جي نصيب ۽ وس جي ڳالهه ناهي. ذالڪ فضل الله يؤتيھ من يشاءُ حضورﷺ جن فرمايو، جيڪو چاهي ته آئون محمد ان کان خوش رهان. ان کي کپي ته منهنجي يار غار ابوبڪر صديق کي خوش رکي. ابو بڪر جي خوشي منهنجي خوشي آهي. ابو بڪر جو ناراضپو منهنجو ناراضپو آهي. ابو بڪر جو دوست منهنجو دوست آهي ابو بڪر جو دشمن منهنجو دشمن آهي.
    منهنجي خدا مون کي جبرئيل عليھ السلام جي ذريعي وحي ڪئي ته ابو بڪر عتيق من النار آهي يعني دوزخ جي باهه کان آزاد آهي. اي محمد مون ان جو نالو صديق رکيو آهي. تون به هن کي صديق چئو. قرآن ان ڳالهه جو شاهد آهي ته الله تعاليٰ ابوبڪر صديق رضه جي ذريعي هر جاءِ تي نبي ڪريمﷺ جن جي حفاظت ڪئي آهي. حضورﷺ جن حضرت ابو بڪر صديق کي حضرت ابراهيم خليل الله عليھ السلام سان تشبيهه ڏيندي فرمايو ته ابراهيم، الله جو خليل آهي. منهنجو خليل ابو بڪر صديق آهي. حضورﷺ جن ڪيترائي دفعا فرمايو ته مون کي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ محبت عورتن مان عائشه سان اهي ۽ مردن مان ان جي پيءُ ابو بڪر صديق سان آهي. بالغ مردن مان سڀ کان پهريائين حضرت ابو بڪر صديق اسلام قبول ڪيو. مسلمان ٿيڻ لاءِ ٻين دليل ۽ معجزا گهريا، ليڪن ابو بڪر صديق بنا دليل گهرڻ جي مسلمان ٿيو.
    * حضرت علامه جلال الدين سيوطيرح خصائص الڪبريٰ جي-1، ص-29 ۾ حضرت ابوبڪر صديقرضه جو هڪ خاص مرتبو لکيو آهي. ته حضرت ابوبڪررضه تجارت پيشه هو. هڪ دفعو واپار سانگي شام ملڪ ويو. اتي هڪ خواب ڏٺائين ۽ اتي هڪ راهب کان پڇيائين ته هن خواب جو تعبير ڇا آهي؟
    ان راهب پڇيو ته تون ڪير آهين؟ ڪٿان کان آيو آهين؟ ۽ تنهنجو ڌنڌو ڪهڙو آهي؟ حضرت ابوبڪر صديقرضه فرمايو ته منهنجو نالو ابوبڪر آهي ۽ آئون مڪي پاڪ کان واپار سانگي هت آيو آهيان. انهي مختصر تعارف معلوم ڪرڻ کانپوءِ راهب چيو ته هن خواب جو تعبير هي آهي ته اوهان جي هن شهر مڪي ۾ الله تعاليٰ هڪ نبي مبعوث فرمائيندو. ان جو نالو مبارڪ، محمدﷺ هوندو. جنهن جو والد ان جي ڄمڻ کان اڳ فوت ٿي ويندو. ان پيغمبر جي زندگي ۾ تون سندس مشير خاص هوندين ۽ ان جي وفات کانپوءِ سندس نائب خليفو هوندين، علامه سيوطي لکي ٿو ته هن خواب ۽ تعبير کي حضرت صديق ”اڪبررضه“ لڪائي ڇڏيو ڪنهن به انسان کي نه ٻڌايائين. تانجو پاڻ اٺٽيهن سالن جو ٿي ويو ۽ سندن بچپن جو ساٿي حضورﷺ جن چاليهه سالن جا ٿي ويا ۽ کين نبوت عطا ٿي ويئي ۽ پاڻ سڳورن نبوت جي دعويٰ ڪيائون. حضرت ابوبڪر صديق خدمت عاليه ۾ حاضر ٿيو ۽ پڇيائين ته ما دليل عليٰ ماتُدعيٰ؟ اوهان جيڪا نبوت جي دعويٰ ڪريو ٿا ڇا اوهان وٽ ان جي ثبوت لاءِ ڪو دليل آهي؟
    پاڻ ڀلارنﷺ فرمايو ته ”رؤياڪ التي رَئيتَها بالَشام“ منهنجي نبوت جي دعويٰ لاءِ تنهنجو اهو خواب ثبوت آهي. جيڪو تو شام ۾ ڏٺو هو ۽ تو اهو خواب ڪنهن کي به نه ٻڌايو هو.
    * الله پاڪ جبرئيل عليھ السلام جي ذريعي، ابوبڪر صديق جي اچڻ کان اڳ ٻڌائي ڇڏي هئي. پوءِ حضرت ابوبڪررضه حضورﷺ کي گرمجوشي سان ڀاڪر پاتو ۽ ٻنهين اکين جي وچ ۾ پيشاني تي چمي ڏني ۽ چيائين ته واهه سبحان الله منهنجو دوست هن اعليٰ رتبي تي آهي. هي معانقو خوشي جو هو. (حڪيم محمد اختر)
    * منهنجي نبوت ۽ معراج جي تصديق سڀ کان پهريائين ابو بڪر صديق ڪئي تڏهن بحڪم خداوندي صديق ٿيو.
    * حضرت ابو بڪر صديق رضه پنهنجون چار پيڙهيون اسلام جي حالت ۾ ڏٺيون. ڪيتريون ئي وڏيون وڏيون نامور هستيون صحابه ڪرام ابو بڪر جي تبليغ سان مسلمان ٿيون. حضرت ابو بڪر صديق رازدان نبوت هئا. صلح حديبيھ جي موقعي تي ڪافرن جي طرفان ظاهري طور ڏکيا ۽ ڪڙا شرائط قبول ڪرڻ تي صديق اڪبر رضه کان سواءِ سڀني جليل القدر صحابه ڪرام جن اعتراض واريو. مگر ابو بڪر صديق رضه جن خنده پيشاني سان سڀ شرط قبول ڪيا. پاڻ ڀلارا ڏاڍا خوش ٿيا. صديق اڪبر فرمايو ته الله پاڪ نبي جي زبان سان ڳالهائيندو آهي. جڏهن نبي ڪريمﷺ جن جو فيصلو آهي ته اسان کي سَر اکين سان قبول آهي. پوءِ رب پاڪ انهي صلح حديبيھ کي وحي جي ذريعي ”فتح مبين“ قرار ڏنو.
    * سورة الفتح جي نازل ٿيڻ وقت ٻيا صحابه ڪرام رضه ڏاڍا خوش ٿي کلڻ لڳا. ابو بڪر صديق رضه انهي سوره جي نازل ٿيڻ وقت زارو قطار روئڻ لڳا ڇو ته هو نبوت ۽ وحي جي رازن کي ڄاڻڻ وارو هو. انهي ۾ اشارو هو ته فتح مڪي کان پوءِ پاڻ ڀلارا اسان کان جلد ئي جُدا ٿيڻ وارا آهن. ڇو ته آمد رسولﷺ جي پروگرام جو سبب ۽ وقت ختم ٿيڻ وارو آهي.
    * حضور انورﷺ جن فرمايو ته قيامت جي ڏينهن مون کان پوءِ سڀ کان پهريائين ابو بڪر صديق رضه کي اٿاريو ويندو. سڀ کان اول اعمال نامون صديق اڪبر رضه جي هٿ ۾ ڏنو ويندو. ابو بڪر صديق لاءِ جنت جا اٺ ئي دروازا کوليا ويندا. جنت جي هر دروازي کان ابوبڪر صديق کي سڏ ٿيندو ته مون مان داخل ٿي. تنهنجي قدمن جي قدم بوسي جو شرف ۽ خوش نصيبي مون کي حاصل ٿئي... دنيا جي انسانن مان سڀ کان پهريائين ابو بڪر صديق جنت ۾ داخل ٿيندو ۽ پوءِ ٻي دنيا داخل ٿيندي. قيامت ۾ مومنن جو قائد ابوبڪر صديق هوندو. حضرت بي بي خديجھ الڪبريٰ رضه سان شادي ڪرڻ ۾ به هٿ ابوبڪر صديق جو هو. امان عائشه رضه جي حق مهر جي ادائگي ابو بڪر صديق رضه ڪئي. امان بي بي فاطمھ الزهريٰ رضه ۽ علي المرتضيٰ رضه جي نڪاح جا ٻه شاهد صديق اڪبر رضه ۽ عمر فاروق اعظم رضه هئا. حضورﷺ جن فرمايو ته ابو بڪر صديق جي مال و جان جيترو فائدو مون کي پهچايو آهي. اوترو ٻي ڪنهن جي مال فائدو نه پهچايو آهي. دنيا ۾ مون سڀني انسانن جو حق ادا ڪيو آهي پر صداقت جي جوهر ابو بڪر صديق رضه جو حق آئون ادا ڪري نه سگهيو آهيان جنهن جو حق منهنجو رب ئي ادا ڪندو.
    * مسجد نبويﷺ جي پلاٽ جي خريد لاءِ ابو بڪر صديق جو پيسو ڪم آيو. جنگ يرموڪ ۾ گهر جو سارو الهو تلهو کڻي اچي بارگاهه نبوت ۾ پيش ڪيو. پاڻ ڀلارن جي پڇڻ تي ته اي ابوبڪر گهر وارن لاءِ ڇا ڇڏي آيو آهين؟ عرض ڪيائين ته اي الله جا سچا رسولﷺ گهر ۾ الله ۽ ان جي رسول جو نالو ڇڏي آيو آهيان. رسول پاڪ جي عاشق صادق، پرديسي نڌڻڪي بلال حبشي کي اميھ بن خلف وٽان آزاد ڪرائڻ ۾ ابو بڪر صديق جو پيسو ڪم آيو.
    * سندس خلافت دوران سندس گهرواري وظيفي مان ٿوري ٿوري بچت ڪري هڪ ڏينهن مِٺو طعام تيار ڪيو ته پاڻ سڳورن اوترو وظيفو بيت المال مان گهٽائي ڇڏيائون ۽ فرمايائون ته معلوم ٿيو ته ايتري گهٽ ڪرڻ سان گذارو ٿي سگهي ٿو.
    * وفات وقت وصيت ڪيائون ته خلافت دوران جيڪو وظيفو مون ورتو آهي. منهنجي فلاڻي جائداد وڪڻي ان مان اهو واپس ادا ڪيو وڃي. حضرت ابو بڪر رضه خلافت وارن ڏينهن ۾ به بيوه ضعيف عورتن کي ٻڪريون ڏوهي ڏيندا هئا. کين اٻوجهن ۽ ڪمزور ماڻهن جو ايترو ته خيال هوندو هو. جو حضرت عمر رضه فرمائي ٿو ته آئون هڪ پوڙهي عورت جي گهر کي ٻهاري ڏيڻ ۽ پاڻي ڀرڻ لاءِ ويندو هوس. مگر اڪثر ڪري ڏٺم ته ابو بڪر صديق رضه مون کان اڳ ۾ اهو ڪم ڪري ڇڏيندو هو. مون ان عورت کان پڇيو ته امان اهو ڪم ڪير ماڻهو ڪري ويو آهي. اها عورت جواب ڏيندي هئي ته اَبا الائجي هڪ ماڻهو سوير ئي ايندو آهي پاڻي ڀري ٻهاري ڏيئي منهنجو بسترو ٺاهي هليو ويندو آهي. نه معلوم ته اهو ماڻهو ڪير آهي؟
    * حضرت مولانا محمد قاسم نانو توي عليھ رحمت فرمايو آهي ته حضرت ابو بڪر صديق جي دل علوم نبوت سان معمور هئي ۽ آئيني مثل صاف هئي. اهو ئي سبب هو جو بدر واري لڙائي ۾ قيدين متعلق حضرت ابو بڪر رضه ۽ نبيﷺ جن جي راءِ ساڳي هئي. ان کي توارد قلبي چئبو آهي.
    * شاهه ولي الله محدث دهلوي رحه کان علاوه ڪيترن ئي محدثين ۽ مفسرين لکيو آهي ته ڪلام الاهي ۾ پندرهن جاين تي صديق اڪبر جو شانِ عالي ۽ ڪيل فيصلن جي تائيد جو ذڪر ٿيل آهي.

    * هڪ ڀيري امڙ سائڻ عائشه رضه اونڌاهي رات جو آسمان ۾ گهڻا تارا ڏسي عرض ڪيو ته اي منهنجا سرتاج ڇا ڀلا جيترا تارا آسمان ۾ آهن. ايتريون ڪنهن جون نيڪيون هونديون؟ پاڻ سونهارنﷺ جن فرمايو ته عائشه ها! عمر بن خطاب جون نيڪيون ايتريون ٿينديون.
    * امان عائسه رضه عجيب ۾ پڇيو ته اي الله جا رسولﷺ ڇا منهنجي پيءَ ابو بڪر جون نيڪيون ايتريون ڪو نه هونديون ڪيئن؟ پاڻ ڀلارنﷺ جن فرمايو ته اي عائشه عمر رضه بن خطاب جي ساري عمر جون سڀ نيڪيون هڪ پاسي ۽ تنهنجي پيءَ ابو بڪر رضه جي هڪ رات غار ثور واري نيڪين جي برابر نه ٿي سگهنديون حضرت عمر رضه جن فرمائيندا هئا ته ابو بڪر آئون پنهنجي سڄي ڄمار جون نيڪيون توکي ڏيان، تون صرف غار ثور جون نيڪيون مون کي ڏي.
    * حضورﷺ جن جي وفات، حسرت آيات وقت جڏهن صحابه ڪرام تي حضورﷺ جي وفات سبب غم جا پهاڙ اچي ٽٽا. گهڻن صحابن کي ته هوش به نه هو. امان فاطمھ رضه ان غم جدائي جي باري ۾ فرمائي ٿي ته اڄ اسان جي مٿان اهڙيون مصيبتون ٽٽي پيون آهن جو اگر اهي مصيبتون ڏينهن جي مٿي ٽٽي پون ته اهي به ڪر راتيون ٿي پون.
    صُبت علي مصائب، لواَنها صُبت علي الايام صِرن ليا ليا
    پاڻ ڀلارن جي وفات حسرت آيات جي موقعي تي حضرت عمر رضه شير اسلام تلوار مياڻ مان ٻاهر ڪڍي مٿي سڌي ڪري فرمايائين ته خبردار! اگر ڪنهن چيو ته محمدﷺ جن وفات ڪري ويا آهن ته پوءِ هن تلوار سان سندس سر اڏائي ڇڏيندس. بهرحال هر هڪ صحابي پنهنجي حال کان بي حال هو.
    ان وقت حضرت ابو بڪر صديق رضه جو سينو هو. جنهن پنهنجي فهم و فراصت سان اهڙو ته استقلال ڏيکاريو جو دنيا حيران رهجي ويئي ۽ اچڻ واري دنيا لاءِ راهون ٺهي ويون. ان اصحاب سڳورن کي دلداري ڏيئي هوش ۾ آندو جنهن پُر مغز، پُر خلوص هڪ خطبو ڏنو. جنهن ۾ قرآن پاڪ جي آيت پڙهي فرمايو ته ماڪان محمد ابا احدمن رجالکم الخ ترجمو: محمد اوهان مان ڪنهن جو به پي ناهي. هو الله جو آخري رسول ۽ بندو آهي. اوهان مان جيڪو به الله جي بندگي ڪندڙ آهي. ان کي معلوم هئڻ کپي ته الله زنده آهي ۽ زنده رهڻ وارو آهي. ان جي ذات کي ئي بقا آهي باقي سڀ فنا آهي. هر مخلوق شيءِ موت جو مزو چکندي، حضرت محمدﷺ اسان کان جسماني طور جدا ٿي چڪا آهن ۽ وڃي پنهنجي رب سان ملاقي ٿيا.
    انهي کان بعد حضرت عمر رضه پنهنجي تلوار اڇلائي ۽ جملي اصحاب سڳورن جا هوش و حواس بحال ٿيا ۽ پاڻ ڪريمن جي تڪفين و تجهيز جو عمل شروع ٿيو. حضورﷺ جن فرمايو. جنهن منهنجن شيخين، سُهرين صديق رضه ۽ عمر رضه جي مخالف ڪئي تنهن منهنجي مخالفت ڪئي. جنهن منهنجي مخالفت ڪئي. تنهن گويا ڪ خدا جي مخالفت ڪئي. پوءِ سوچيو ته ڪنهن جي مخالفت ڪري رهيا آهيو؟ حضرت نبي ڪريمﷺ جن پهريون حج اڪبر صديق اڪبر رضه کي پنهنجو نائب ”اميرالحج“ ڪري موڪليو هو.


    حضورﷺ سان مماثلث جو منفرد انداز

    حضرت ابو بڪر صديق رضه حضورﷺ سان هر وقت هر قدم تي مطابقت ۽ اتباع جي ڪوشش ڪئي آهي. مگر فطري طور ۽ غيراختياري ڪمن ۾ به مماثلت ڏٺي وڃي ٿي. مثال طور حضرت انس رضه فرمائين ٿا ته ڪافرن تبليغ دين جي ڏوهه ۾ حضور سائينﷺ کي هڪڙي ڏينهن ايتريون ته تڪليفون ڏنيون جو پاڻﷺ جن بيهوش ٿي ويا. اهڙي طرح پهريون ڀيرو ڪعبت الله ۾ اعلانيھ تبليغ تي حضرت صديق اڪبر رضه کي به ڪافرن ايترو ماريو هو حضور اڪرمﷺ جن جي ولادت باسعادت مڪي مڪرمھ ۾ ٿي ته حضرت ابو بڪر رضه جي ولادت به مڪي مڪرمھ ۾ ٿي. حضور اڪرمﷺ جي عمر 63 سال هئي ته حضرت ابو بڪر صديق جي عمر به 63 سال هئي. پاڻ ڀلارن کي پنهنجي ننڍي ڌي فاطمھ رضه سان محبت هئي ته ابو بڪر صديق کي به پنهنجي ننڍي نياڻي عائشه سان ڏاڍو پيار هو.

    حضور انورﷺ جي ڏوهٽي حضرت حسين رضه کي ڪربلا م بي دردي سان شهيد ڪيو ويو ته ابو بڪر رضه جي ڏوهٽي عبدالله بن زبير کي به مڪي ۾ بي دردي سان شهيد ڪيو ويو. محبوبﷺ کي هڪڙي جنگ کان واپسي تي هڪڙي يهودي عورت دعوت ۾ ماني کارائي. ان دعوت ۾ ٻڪري جو گوشت هو. گوشت ۾ زهر مليل هو. حضورﷺ کي رب تعاليٰ بچائي ورتو ۽ ٻيو صحابي شهيد ٿيو. ائين ئي حضرت ابو بڪر صديق رضه کي هڪڙي جنگ جي واپسي تي هڪڙي يهودي عورت گوشت ڏنو. گوشت ۾ زهر هو. کائڻ کانپوءِ رب تعاليٰ بچائي ورتو ٻيو ساٿي شهيد ٿي ويو. مرض وفات جي شروعات انهي زهر جي اثر سان حضورﷺ کي ٿي ته حضرت ابوبڪر صديق سان به ائين ٿيو.
    حضرت محبوب مصطفيٰﷺ جن وفات کان پندرهن ڏينهن پهرين بيمار ٿيا ته حضرت ابو بڪر صديق رضه به وفات کان اڳ پندرهن ڏينهن بيمار رهيا. محبوبﷺ کي بيماري جي حالت ۾ چار ڀيرا غشي آئي. حضور جي يار غار حضرت ابو بڪر رضه کي به بيماري دوران چار دفعا غشي آئي. محبوبﷺ پنهنجي پٺيان خليفي بنائڻ لاءِ پنهنجي مصلي تي حضرت ابو بڪر صديق رضه کي بيهاريو ۽ صحابه کي ان جي اطاعت ڪرڻ لاءِ چيائون ته حضرت ابو بڪر صديق به پنهنجي پٺيان جنهن کي مصلي تي بيهاريو، خليفي بنائڻ لاءِ اهو حضرت عمر فاروق هو. محبوبﷺ وفات وقت ڏندڻ گهريو. پر چٻاڙي نه سگهيا. حضرت عائشه رضه ڏندڻ نرم ڪري ڏنو ته سندس دوست ابو بڪر صديق به ڏندڻ گهريو هو. پر پاڻ چٻاڙي نه سگهيا ته حضرت بي بي امان عائشه رضه جن پنهنجي وات سان نرم ڪري ڏنو.
    محبوبﷺ جن جا آخري لفظ اللهم بالرفيق الاعليٰ... الصلواة الصلواة هئا ته ابو بڪر رضه جا به آخري لفظ اهي ئي هئا. اللهم بالالرفيق الاعلي!... الصلواة الصلواة.
    محبوبﷺ جن جي وفات وقت مٿو مبارڪ حضرت عائشه جي جهولي ۾ هو ته يار مزار حضرت ابو بڪر رضه جي وفات وقت مٿو مبارڪ امان سائڻ عائشه رضه جي جهولي ۾ هو. محبوبﷺ جن سومر جي ڏينهن وفات ڪئي ته يار غار ابو بڪر صديق به سومر ڏينهن وفات ڪئي. جنهن کٽ تي پاڻ ڪريمنﷺ جو جسم اطهر هو انهي ئي کٽ تي يار مزار حضرت ابو بڪر رضه جو جسم اطهر هو جيڪا چادر محبوبﷺ جي ميت تي وڌل هئي. اها ئي چادر حضرت ابو بڪر صديق جي ميت تي وڌل هئي. محبوبﷺ کي جنهن حجري ۾ دفن ڪيو ويو ابو بڪر صديق کي به انهي حجري ۾ دفن ڪيو ويو. اهڙي مماثلث کي مد نظر رکي حضرت علي ڪرم الله وجھ جن فرمايو ته ابو بڪر صديق رضه سيرت، عادت راستبازي رحم دلي ۽ فضل بزرگي ۾ حضورﷺ سان وڌيڪ مشابهه هو.
    صحيح بخاري ۾ روايت آهي ته يار غار ابو بڪر صديق رضه جي ياري ۾ تعلقات ايترا ته گهرا هئا. جو هجرت ڪري مديني شريف ويا ته مديني جا اهي ماڻهو جن حضور انورﷺ کي نه ڏٺو هو تن اچي حضرت ابو بڪر صديق کي وڏي احترام ۽ وقار سان پهرين سلام ڪندا هئا ۽ عزت و احترام سان کيس پيش ايندا هئا. ۽ حضرت ابو بڪر صديق رضه وري اشارتاً فرمائيندا هئا ته منهنجو ۽ توهان جو آقاﷺ هي هستي آهن.


    صِدق و وفا جي صاحب جي سيرت مبارڪه مان چند جهلڪيون

    * محبوبﷺ جي محبت ۾ سفر هجي يا حضر رات هجي يا ڏينهن. گرمي هجي يا سردي ۾ هر وقت حاضر اهو ابو بڪر صديق رضه.
    * آقاﷺ جي بچپن جو ساٿي، جواني جو ساٿي غار جو ساٿي، مزار جو ساٿي، نبوت جي دعويٰ ۾ مشڪلات ۾ ساٿ ڏيڻ وارو ساٿي ابو بڪر صديق رضه جنهن جو محبوبﷺ جن جي اشاري تي تن، من، ڌن جان، جسم ۽ سارو خاندان نبي جي قدمن تي قربان. اهو ابو بڪر صديق رضه.
    * جنهن پيغمبرﷺ جن جي محبت ۾ نانگ جا ڏنگ برداشت ڪيا پر پير نه چوريائين. آخر اکين جي آب محبوب جي چهري انور تي ڪري. سور جي شڪايت ڪئي. سڄڻ سجاڳ ٿيا. فرمايائون ته صديق هي ڇا؟ صديق عرض ڪيو ته اي جانِ من هي ڪنهن زهريلي جانور جي زهر جو اثر آهي. پوءِ پرين پنهنجي لعاب خود پنهنجي هٿن سان صديق اڪبر جي پير کي لڳائي. اُن مسيحا جي لعاب سان زهر جو اثر هو ئي ڪو نه. اهو هو ابو بڪر صديق رضه.
    * قرآن جنهن کي ثاني اثنين چيو، قرآن جنهن کي تسلي ڏيڻ لاءِ لا تحزن ان الله معنا چيو. قرآن جنهن لاءِ الذي جاءَ بالصدق و صدق بھ چوي قرآن جنهن کي اولائڪ هم المتقون چوي اهو ابو بڪر صديق آ.
    * جنهن جي فضيلت ۾ ڪلام الاهي جون تيرهن آيتون نازل ٿيون. نهايت خطرناڪ غار ثور ۾ پهرين گهڙي صفائي ڪئي. جنهن سراقه بن مالڪ کي ڏسي پيغمبرﷺ کي آگاهه ڪيو. اهو ابو بڪر صديق رضه هو.
    * جيڪو سڀ کان پهريائين نبي سان گڏجي قباء جي مقام تي پهتو. جنهن سڀ کان پهرين مسجد قبا جي تعمير ۾ سڀ کان پهرين سِر رکي. جنهن لاءِ قرآن چيو ته اهي ئي پرهيز گار ۽ پاڪيزا انسان آهن اهو هو ابو بڪر صديق رضه.
    * مسجد نبويﷺ جي زمين خريد ڪرڻ ۾ جنهن عظيم انسان جو پيسو ڪم آيو اهو هو ابو بڪر صديق رضه.
    * جيڪو پيغمبر عليھ السلام سان گڏ جي ام معبد جي لانڍي ۾ پهتو. جنهن رياض الجنت جو ٽڪرو خريد ڪيو ۽ جنهن غزوه بدر ۾ پيغمبرﷺ جي ڪلهن تان چادر ڪرڻ وقت سنڀالڻ وارو اهو ابو بڪر صديق هو.
    * صلح حديبيھ جو مشورو ڏيڻ وارو، نبيﷺ جن جي هٿ تي سڀ کان پهرين بيعت ڪرڻ وارو ۽ ٿيل فيصلي کي بغير چون و چرا جي قبول ڪرڻ وارو اهو هو ابو بڪر صديق رضه.
    * فتح مڪي جي موقعي تي پاڻ ڀلارنﷺ سان گڏ هلڻ وارو، غزوه تبوڪ جي موقعي تي پوري گهر جو سامان کڻي پيغمبرﷺ جي قدمن ۾ آڻي رکڻ وارو حضرت علي المرتضيٰ رضه ۽ فاطمھ الزهريءِ جي نڪاح جو شاهد ٿيڻ وارو ۽ جنهن ڏانهن حضرت جبرئيل عليھ السلام جي ذريعي الله تبارڪ و تعاليٰ جا سلام آيا. اهو هو ابو بڪر صديق.
    * جنهن پيغمبرﷺ جن جي زندگي ۾ سترهن نمازن جي امامت ڪئي. جنهن پيغمبرﷺ کان پوءِ ٻه سال ٽي مهينا حڪومت ڪئي. جيڪو خيرالقرون قرني جو مهندار بنيو جنهن يارهن لک چورس ميل تي اسلامي سلطنت جو جهنڊو لهرايو. اهو ابو بڪر صديق هو.
    * جيڪو حضورﷺ جي حجري ۾ سڀ کان پهرين دفن ٿيو. جنهن لاءِ پاڻ ڀلارن فرمايو ته حوض ڪوثر تي مون سان گڏ صديق اڪبر رضه هوندو. آئون امت مان سڀ کان پهرين جنهن ماڻهو کي حوض ڪوثر مان پيالو ڀري پياريندس اهو ابو بڪر صديق رضه هوندو.
    * جيڪو پيغمبرﷺ جي تڪليف کي ڏسي بي چين ۽ بي قرار ٿئي. اهو ابو بڪر صديق رضه،
    * جيڪو منڪرين زڪوات تي جهاد جو اعلان ڪري ۽ نبيﷺ جي هر قول و فعل ۾ محبوبﷺ جي سنت تي اتباع ڪرڻ پنهنجو فرض منصبي سمجهي. اهو ابو بڪر صديقرضه.
    * جنهن ماڻهو کي محبوبﷺ جن 9 هجري ۾ پنهنجو نائب امير الحج ڪري موڪليو. اهو ابوبڪر صديق هو.
    * حضرت علي المرتضيٰ جي والده محترمه فاطمھ بنت اسد ۽ حضرت علي رضه جي زوجھ محترمه فاطمھ الزهريٰ جي نماز جنازه پڙهائڻ وارو وقت جو امام حضرت ابو بڪر صديق هو.
    * جيڪو نبويﷺ درسگاهه جو پهريون طالب العلم بنيو. جنهن پنهنجي لاءِ پراڻن ڪپڙن کي ڪفن لاءِ مناسب سمجهيو جنهن فتنو ارتداد جو ڄمي مقابلو ڪيو. جنهن محبوبﷺ جي دستور ۽ قانون کي برقرار رکيو. جنهن محبوبﷺ جي رحلت کان پوءِ حضورﷺ جا سڀ قرض ادا ڪيا. اهو ابو بڪر صديق هو.
    * جنهن پنهنجي نو سال جي نياڻي کي محبوب جي نڪاح ۾ ڏيئي اجر عظيم حاصل ڪيو ۽ نبي جو سُهرو بنيو جنهن حضرت سعد بن ربيع جي شهادت کان پوءِ ان جي ننڍي ڌي کي پنهنجي سيني سان لڳائي. شفقت پدري جو حق ادا ڪيو. جنهن اخلاق ۽ ديانتداري جي صلي ۾ امين الناس جو خطاب حاصل ڪيائين. اهو ابو بڪر صديق هو.

    * جنهن محبوب جي معجزات جي تصديق ڪئي ۽ معراج النبيﷺ کي بغير چون و چرا جي تسليم ڪري صديق جو لقب حاصل ڪيو. جنهن پنهنجو سمورو سرمايو قربان ڪري حضرت بلال رضه جهڙي غريب الوطن حبشي کي آزاد ڪرائي. حضورﷺ سان ملائي ڇڏيو.
    * حضرت عمر رضه ۽ حضرت علي رضه جهڙن خدا جي شيرن جنهن جي هٿ تي بيعت ڪئي. جنهن والذين استجابو لله و الرسول جي مطابق وڙهڻ لاءِ پنهنجي جان پيش ڪئي. جنهن هجرت واري رات بار امانت نبوت پنهنجي ڪلهن تي کنيو. جنهن جي لاءِ محبوبﷺ جن ارحم امتي فرمايو اهو ابو بڪر صديق هو.
    * جنهن جي سربراهي ۾ غزوه خيبر ۾ يهودين جو غرور ختم ٿيو. جنهن جي ڌيءَ جي پاڪدامني جي شاهدي رب العالمين، قران جي 19 آيتن ۾ ڏني آهي. جنهن کي سڄي قرآن ۾ صاحب النبيﷺ ”نبي جو دوست“ جو لقب مليو. جنهن کي محبوبﷺ جن احب الرجال قرار ڏنو ۽ جنهن کي جنت جي اٺن ئي دروازن مان پڪاريو ويندو ته مون مان داخل ٿي. اهو ابو بڪر صديق رضه هوندو.


    حضرت ابو بڪر صديق رضه جي بيعت

    حضرت صديق اڪبر رضه جي بيعت واري مسئلي تي تاريخ جي ڪتابن ۾ دشمنِ اسلام منافقين ۽ يهودين جون ڪجهه من گهڙت مختلف روايتون موجود آهن. پر اسان هتي ان معاملي تي زياده کان زياده حضرت علي رضه ۽ ان جي آل جي روايتن کي وٺنداسون. جيڪي اهل تشيع جي معتبر ۽ مستند ڪتابن ۾ لکيل آهن. جيئن ته انهن تي ڪو شڪ نه ڪري.
    حبيب ابن ابي ثابت رضه روايت ڪري ٿو ته. حضرت علي المرتضيٰ رضه پنهنجي گهر ۾ ويٺل هئا. اطلاع مليو ته حضرت ابو بڪر رضه خلافت جي بيعت لاءِ مسجد نبويﷺ ۾ آيا آهن ته حضرت علي رضه بنا دير جي جلدي جلدي گهران نڪتا ۽ مسجد ۾ بيعت واري مجلس ۾ پهتا ۽ حضرت ابو بڪر رضه جي هٿ تي بيعت ڪيائون. انهي مجلس ۾ ويٺا رهيا. هڪڙو ماڻهو موڪلي گهران مٿان ڪرڻ واري چادر گهرايائون ۽ سمورو وقت پاڻ مجلس ۾ حاضر رهيا. تاريخ ابن جرير طبري جلد 3 ص 201.


    حضرت علي رضه طرفان تصديق:

    قيس رضه بن عباد چئي ٿو ته حضرت علي رضه مون سان ذڪر ڪيو ته حضورﷺ جن آخري ڏينهن ۾ ڪيترن ئي ڏينهن تائين بيمار رهيا ۽ فرمائيندا هئا ته ابو بڪر صديق کي چئو ته ماڻهن کي نماز پڙهائين ”۽ حضرت ابو بڪر نماز پڙهائيندا رهيا جنهن جو تعداد سترهن نمازون هو.“
    پوءِ جڏهن پاڻ سڳورن جو انتقال ٿيو ته مون ان ڳالهه تي غور ڪيو. نماز اسلام جو هڪ رڪن ۽ ستون آهي ۽ دين جي قائم رهڻ جو هڪ ذريعو آهي. پوءِ دين جي ان اهم ڪم لاءِ نبي سڳوريﷺ جن ان ”ابو بڪر صديق“ کي اسان لاءِ پسند ڪيو ته اسان به دنياوي معاملن ”خلافت“ لاءِ ان کي پسند ڪيو ۽ ان تي راضي رهياسين. ۽ اسان ابو بڪر رضه جي بيعت ڪئي سون ”الاستعاب ج 2 صه 242“ طبري ج اص 416 مصري“

    حضرت علي رضه جو اعتراف:
    مشهور شيعه مورخ مرزا محمد نقي لسان الملڪ، وزيراعظم سلطان ناصرالدين قاچار شاهه لکي ٿو ”حضرت علي رضه فرمائي ٿو ته آئون حضرت ابو بڪر رضه وٽ ويس ۽ ان جي بيعت ڪيم ۽ ان سان گڏ رهيس ايتري تائين جو باطل ”فتنه ارتداد“ ختم ٿي ويو. ۽ ڪلمون الله جو بلند ٿي ويو. جڏهن ته ڪافرن کي اهو پسند نه هو. جيئن ئي حضرت ابو بڪر خلافت سنڀالي ته انهن سڀني حالتن کي سنڀالي درست ڪيو ۽ آسانيون پيدا ڪيائين. پاڻ ميانه روي اختيار ڪيائون ان ڪري آئون سندس ساٿي ۽ مشير بنجي رهيس. مون ڪوشش ڪري حضرت ابو بڪر رضه جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪئي. جيتري پاڻ رضه الله تعاليٰ جي فرمانبرداري ڪيائون. ناسخ التواريخ ج 3 ص 533 طبع ايران.
    نهج البلاغه ۾ حضرت علي رضه فرمائي ٿو ته الله جي تقدير، قضا تي اسين ”وفات رسول“ الله ڪارڻ راضي ٿي وياسين. ۽ الله جي رضا خاطر ان جي امير کي مڃيو سين مون جڏهن انهي ڳالهه تي غور ڪيو ته انهي مسئلي يعني خلافت ابو بڪر رضه ۾ منهنجي تابعداري ڪرڻ منهنجي بيعت ڪرڻ کان گوءِ کڻي ويئي. منهنجي لاءِ ابو بڪر جي حق ۾ قول و اقرار لازم ٿي چڪو هو. ”نهج البلاغھ مصري ج ص 93“
    غالي شيعه سيد ذاڪر حسين جعفري پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”تحفة الاحباب“ ۾ تسليم ٿو ڪري ته مسجد نبوي ۾ وڏي مجمع ۾ حضرت علي رضه اٿي بيهي حضرت ابو بڪر جي حق ۾ ان جي عظمت، فضيلت، خصائص ۽ دين ۾ ٿابت قدمي کي بيان ڪيو ۽ پوءِ ان جي بيعت ڪئي. ماڻهو حضرت علي رضه جن وٽ آيا ۽ چيائون اي ابوالحسن! توهان ڏاڍو سٺو ڪيو ۽ ڏاڍو سٺو چيو. جڏهن بيعت مڪمل ٿي ويئي ته ابو بڪر صديق رضه لاڳيتو ٽن ڏينهن تائين اهو اعلان ڪندا رهيا ته اي ماڻهو توهان منهنجي ڪمزور ڪلهن تي خلافت جو بار رکيو آهي. آئون انهي جو اهل ناهيان توهان منهنجي بيعت ختم ڪري ڇڏيو جڏهن ته توهان ۾ حضرت علي رضه جهڙا قابل ماڻهو موجود آهن. ان ڪري آئون اها بيعت ٽوڙيان ٿو. آهي ڪو توهان ۾ جيڪو مون سان بغض يا نفرت ڪندو هجي، هر دفعي سڀني کان پهرين حضرت علي رضه اٿي بيٺو ۽ چوندو هو ته ”خدا جو قسم اسان توسان بيعت نه ٽوڙينداسون ۽ نه ئي توکي اها بيعت ٽوڙڻ ڏينداسين. اسان مان ڪنهن کي به تو سان نفرت ناهي. اسان سڀني توکي پنهنجو امير مڃيو سين ”تحفة الاحباب في تاريخ الاصحاب باب دوم ص 14“
    هي حقيقت امام زين بن علي، عبدالرحمان بن ابي بڪر، ابوطالب عشاري ۽ قيس بن عباد جي زباني ڪيترن ئي ڪتابن ۾ لکيل آهي. انهي حقيقت کان بعد ثابت ٿئي ٿو ته صديق اڪبر رضه جي بيعت ڪرڻ لاءِ حضرت علي رضه تي ڪا به سختي يا جبر نه هو. بلڪه ان ڳالهه جي بلڪل آزادي هئي ته بيعت واري مجلس جيڪڏهن چاهي ته ڪنهن ٻي کي به خليفو چوندي سگهي ٿي. جيڪڏهن حضرت علي رضه جي دل ۾ ذري برابر به خواهش هجي ها ته حضرت ابو بڪر رضه جي انهي پيشڪش کي بنا دير جي قبول ڪن ها پر پاڻ ائين نه ڪيائون ۽ خود اٿي بيهه سڀن کان پهريائين حضرت ابو بڪر صديق رضه جي بيعت واپس وٺڻ کان انڪار ڪيائون. جيڪڏهن حضرت علي ان کي پنهنجو حق سمجهي ها ته انهي سونهري موقعي مان ضرور فائدو حاصل ڪري ها. انهي پيشڪش ۾ تقيھ جو ڪو به سوال پيدا نه ٿو ٿئي. جيڪو اهل تشيع وٽ وڏو هٿيار آهي.
    باقي اسلامي رياست بنائڻ ۽ نظام اسلام قائم ڪرڻ ۾ وراثت جو خيال نه ڪيو ويندو آهي. بلڪه ان ۾ ”سڀ کان بهتر اهل“ جو خيال رکيو ويندو آهي. شورائي فيصلن تي عمل ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ خير و برڪت جو عنصر هر وقت موجود هوندو آهي. امارت جي قيام ۾ اگر توارث کي ملحوظ رکيو ويو ته بعد جا حالات و واقعات ٻڌائين ٿا ته وڏو نقصان ڏسڻو پوندو. اسلامي تاريخ ۾ ڪربلا جو عظيم واقعو انهي جو عظيم شاهد آهي.
    حضرت ابو بڪر رضه جي خلافت ۾ اچڻ کان فوراً پوءِ سندن زڪوات جي منڪرين سان پلو اٽڪيو. حضرت علي رضه انهي جهاد ۾ حضرت ابو بڪر رضه سان ساٿي بنجي مدد ڪئي.
    حضورﷺ جن جڏهن نماز جي پيش امامي ۽ امت جي پيشوائي حضرت ابو بڪر رضه جي حوالي ڪئي ته ان تي حضرت علي رضه ڪا به ناراضگي يا احتجاج نه ڪيو. بلڪ ان وقت کان وٺي آخر تائين انهن بزرگن يعني حضرت ابو بڪر رضه، حضرت عمر رضه حضرت عثمان غني رضه جن صديق اڪبر جي پٺيان پنج وقت نماز باجماعت پڙهندا رهيا. ”حمله حيدري ج 2 ص 256“
    حضرت علي رضه سڀني خلفاء يعني حضرت ابو بڪر رضه، حضرت عمر رضه، حضرت عثمان رضه جن جي سڄي ڄمار ملڪي معاملن ۾ انهن جي مدد ۽ معاونت ڪندا رهيا. انهن جي خدمت گذاري، اطاعت ۽ تابعداري ۾ ڪڏهن به ذرو فرق نه آيو. ناسخ التواريخ ج 2 ص 532“
    حضرت علي رضه ٽنهي خليفن جي دور ۾ سندن مشير ٿي رهيو. جڏهن به ڪو اهم مسئلو پيش ايندو هو ته ان کي حل ڪرڻ لاءِ حضرت علي رضه کي مقرر ڪيو ويندو هو. اهڙي طرح ڪيتريون ئي اهم زميواريون کين سونپيل هيون. ”شرح نهج البلاغه حديدي“ انهن ذميوارين دوران حضرت علي رضه نه ڪڏهن انڪار ڪيو نه منهن گهنجايو نه جواب ڏنو نه ئي ڪا مخالفت ڪئي.
    بصري جي دوري دوران حضرت علي رضه جن کان خلافت جي بيعت بابت سوال ڪيو ويو. حضرت امام حسين رضه کان روايت آهي ته ان سوال جي جواب ۾ حضرت علي رضه فرمايو. آئون حضورﷺ جن سان ڪوڙ ۽ بهتان لاڳو نه ڪندس. الله جو قسم! حضورﷺ جن جي وفات ڪا اچانڪ نه ٿي هئي ۽ نه ئي کين ڪنهن شهيد ڪيو. پاڻ بيماري ۾ مبتلا رهيا. جڏهن موذن کين نماز جو اطلاع ڏيندو هو ته پاڻﷺ جن فرمائيندا هئا ته ابو بڪر صديق کي چئو ته ماڻهن کي نماز پڙهائين. جيڪڏهن منهنجي لاءِ حڪم ڪن ها ته آئون پڙهايان ها.
    جڏهن پاڻ سڳورن جو انتقال ٿيو ته مسلمانن ان معاملي تي غور فڪر ڪيو. نبيﷺ دين جي اهم معاملي ۾ حضرت ابو بڪر کي اڳواڻ بنائي ڇڏيو ته مسلمانن دنياوي معاملن ۾ پڻ ابو بڪر رضه کي متولي بنايو. مسلمانن ان جي بيعت ڪئي ۽ ان سان جهاد ۾ شريڪ ٿيا. آئون به شريڪ ٿيندو رهيس. جڏهن حضرت ابو بڪر مون کي عطيا ۽ تحفا ڏيندو هو ته آئون قبول ڪندو هوس. آئون حضرت ابو بڪر رضه سان شرعي حدون قائم ڪرڻ ۾ شريڪ رهيس.
    ابو بڪر رضه جي وفات وقت جيڪڏهن هو طرفداري يا اقربا پروري ڪري ها ته خلافت پنهنجي اولاد کي مخصوص ڪري سگهيو پي. مگر پاڻ رضه عمر بن خطاب جي حق ۾ اشارو ڪيائون. انهي مسئلي ۾ پاڻ ڪا به ڪوتاهي نه ڪيائون ۽ ”شوري! به“ انهي اشاري جي حمايت ڪئي. پوءِ مسلمانن حضرت عمررضه سان بيعت ڪئي ۽ مون به ان سان ٻين وانگر بيعت ڪئي. جڏهن به هن جهاد لاءِ مون کي سڏيو ٿي ته مون سندن ساٿ ڏنو. جڏهن به هو مون کي هديا ۽ تحفا ڏيندا هئا ته آئون خوشي سان قبول ڪندو هوس ۽ الله جي حدن کي جاري ڪرڻ لاءِ آئون انهن سان هر وقت شريڪ ڪار رهيس.


    شان حضرت عمر فاروق اعظم رضي الله عنھ

    رحمت اللعالمينﷺ جي بغل رحمت ۾ محو استراحت ٻي هستي حضرت عمر فاروق اعظم رضه جي نام نامي اسم گرامي کان ڪير واقف نه هوندو. انهي خليفي دوئم تي هر دور ۾ مسلمانن کي فخر آهي. اهو شير عرب جنهن جي ايماني جوش کان اڄ به ساڍا چوڏهن سو سال کان بعد به ڪافرن جي دل ۾ سندس خوف موجود آهي. اسلام آڻڻ کان اڳ مسلمانن کي تڪليفون پهچائڻ ۽ مقابلي ڪرڻ ۾ ممتاز هو. ايستائين جو نبي اڪرمﷺ جي قتل ڪرڻ پٺيان لڳل هو. مگر جڏهن مسلمان ٿيو ته وري ڪافرن جي مخالفت ۾ ممتاز رهيو. گويا ڪه مسلمانن لاءِ روشن ڏِيو ته ڪافرن لاءِ اُمڙ هو.
    حضور نبي ڪريمﷺ جن هڪ ڏينهن دعا گهري ته اي الله عمر بن خطاب يا عمر بن هشام انهن ٻنهي مان جيڪو توکي پسند هجي ان کي مشرف بااسلام فرماءِ، اسلام کي قوت بخش. ٻي ڏينهن حضرت عمر بن خطاب حضورﷺ جن کي شڪار ڪرڻ لاءِ نڪتو هو پر قضاءِ الاهي، خود شڪار ٿي ويو. اهو جمع جو ڏينهن هو. حضرت عمر رضه جي مسلمان ٿيڻ سان ڪافرن جا حوصلا ڪمزور ٿي ويا ۽ مسلمانن جا حوصلا وڌي ويا پر ڪافر پنهنجي طور روز بروز ڪئين تدبيرون ڪرڻ لڳا ۽ نت نيون سازشون گهڙڻ لڳا ته اسلام ڪنهن به ريت وڌي نه. انهي ڏينهن اڳين نماز جو ٽائم ٿي چڪو هو. مسلمان لڪي ڇپي نماز لاءِ وضو ڪرڻ لڳا حضرت عمر رضه فرمايو ته توهان اهو لِڪ ڇپ، ڪن ڦوسي ڇا لاءِ ڪري رهيا آهيو ۽ توهان جو پروگرام ڇا آهي؟ مسلمانن جي مختصر جماعت جواب ڏنو ته عبادت لاءِ نماز ظهر جو ٽائم ٿي چڪو آهي. سرگوشي ڪري رهيا آهيون ته ڪيئن ڪريون؟ ۽ ڪيئن نماز ادا ڪريون؟ دل گهري ٿي ته ڪعبي شريف ۾ جماعت ڪري نماز پڙهون. مگر ڪفار قريش جو ڊپ آهي ته متان نه حملو ڪن ۽ نقصان پهچائين.
    حضرت عمر رضه سائين جن فرمايو ته اي مسلمانو! عبادت ڪرڻ لاءِ اوهان جي دل جيئن چاهي. ان ريت عبادت ڪريو. اهو خوف وارو وقت ويو. عمر مسلمان ٿئي ۽ مسلمان وري لڪي چپي عبادت ڪن. اهو ٿي نٿو سگهي ”الحمد لله“ ان ڏينهن مطاف ڪعبي جو در کليو ۽ قيامت تائين کليو رهندو. اهو هاڻ بند نه ٿيندو.
    مسلمانن کليو کلايو وضو ڪري باجماعت نماز پڙهڻ لڳا. ڪافرن جو ڏٺو ته مسلمان کلي طور ڪعبي ۾ نماز پڙهي رهيا آهن. چئن طرفن کان ٽٽي پيا ۽ حملي ڪرڻ تي هئا ته شير عرب گجگوڙ ڪري اعلان ڪري چيو ته اي مڪي جا قريشو!! خبردار! ياد رکو!!! آئون عمر محمد جي غلامي قبولي، مسلمان ٿي چڪو آهيان. هاڻ گهڻو ٿيو. اڄ کان بعد اگر ڪنهن کي پنهنجي زال بيوه ڪرڻي آهي. يا پنهنجا ٻچا ٻار يتيم ڪرڻا آهن ته پوءِ مون عمر جي تلوار جي گهاءُ جي سامهون اچي. پوءِ يا هو نه هوندو يا آئون نه هوندس. ڪافرن اها هڪل ٻُڌي هٿ افسوس جا مهٽيندي بيهه رهيا ۽ چون پيا ته مسلمانن اسان کان چڱو بدلو ورتو آهي. جو عمر مسلمان ٿي ويو آهي. ان ڏينهن کان پوءِ عمر فاروق رضه مشهور ٿيو.
    حضرت عبدالله بن مسعود رضه فرمائين ٿا ته عمر جو مسلمان ٿيڻ. مسلمانن جي قوت ۽ فتح الاهي هئي. ان جي هجرت مسلمانن جي نصرت الاهي هئي ۽ ان جي خلافت رحمت الاهي هئي.
    حضرت عليﷺ فرمائين ٿا ته شروعات ۾ هر شخص هجرت لڪي ڇپي ڪئي. مگر جڏهن حضرت عمر رضه هجرت جو ارادو ڪيو ته تلوار ڪلهي ۾ وڌائين، ڪمان هٿ ۾ کنيائين، ڪافي سارا تير ترڪش ۾ وجهي پهريائين ڪعبت الله ۾ ويو. اطمينان سان طواف ڪيائين پوءِ نهايت پرسڪون نموني سان نماز پڙهيائين. ان کانپوءِ ڪفار مڪي جي مجمع ڏانهن ويو. سڀني کي کليو علي الاعلان فرمايائين ته آئون عمر مڪي کان مديني ڏانهن هجرت ڪريان ٿو. متان ڪو ائين نه چوي ته عمر لڪي ڇُپي هجرت ڪري ويو. اگر ڪو منهنجو رستو روڪڻ گهري ٿو يا جنهن جي دل گهري ته سندس ماءُ ان تي پار ڪڍي روئي. يا ان جي زال بيوه ٿئي ۽ ان جا ٻچا يتيم ٿي رُلن ته پوءِ اهو شخص مڪي کان ٻاهر اچي منهنجو مقابلو ڪري يا پيڇو ڪري... سڀني خاموشي جو روزو رکيو ۽ حضرت عمر رضه ائين چئي مڪي کان روانو ٿيا. حضورﷺ جن فرمايو ته آئون قصر نبوت جي آخري سِر آهيان. منهنجي اچڻ سان قصر نبوت مڪمل ٿي ويئي آهي. الله پاڪ مون تي نبوت ختم ڪري. نبوت جو دروازو ئي بند ڪري ڇڏيو آهي. مون کان بعد ڪو به نبي نه ايندو. اگر مون کان پوءِ ڪو نبي اچي ها ته ”لڪان عمر“ ته اهو حضرت عمر نبي ٿئي ها.
    ڪلام الاهي ۾ ارڙهن جاين تي حضرت عمر رضه جي فيصلن جي تائيد ٿيل آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو ته جيڪو عمر جو فيصلو اهو منهنجو فيصلو آهي.


    حضرت عمر رضه ۽ فڪر آخرت:

    پهاڙن کان مٿي اولوالعزم هستي. ڪنهن غير کي دل ۾ نه آڻن وارو انسان، ڪافر ان جي للڪار ٻُڌن ته حوصلا پست ٿي وڃن. دوستن لاءِ مهربان، دشمنن لاءِ قهر الاهي، اهو عرب جو شير، فولادي انسان جڏهن دربار شهنشاهه عالي، احڪم الحاڪمين ۾ بيهن ٿا ته جسم مبارڪ ڏڪي رهيو آهي ۽ اکين ۾ ڳوڙهن جو درياء جاري آهي.
    ڪڏهن هڪ ڪک هٿ ۾ کڻي فرمائيندو هو ته ڪاش آئون هي ڪک هجان ها. ڪڏهن فرمائيندا هئا ته ڪاش منهنجي ماءَ مون کي ڄڻي ئي نه ها ته آخرت ۾ مون کان پڇا ئي نه ٿئي ها. ڪيترائي ڀيرا حضرت عمر رضه فرمايو اٿن ته مون کي ڪو چوي ته سارو اولاد آدم دوزخ ۾ ويندو ۽ هڪ شخص بهشت ۾ ويندو. آئون رب جي رحمت مان اميد رکان ٿو ته اهو آئون هوندس ۽ ڪو ماڻهو چوي ته بني آدم سڀ جا سڀ بهشت ۾ ويندا ۽ هڪ شخص دوزخ ۾ ويندو ته آئون رب جي جباريت ۽ قهاريت کان ڊڄان ٿو ته متان اهو آئون هجان. حالانڪ حضور انورﷺ جن ڪيترا ڀيرا کيس جنتي هجڻ جي بشارت ڏني آهي ۽ پاڻ سڳورا يقيناً عشره مبشره مان آهن.
    * هڪ ڀيري ڪنهن ڪم ۾ مشغول هئا. هڪ ماڻهو آيو. جنهن اچي چيو ته اي اميرالمومنين فلاڻي ماڻهو مون تي ظلم ڪيو آهي. توهان هلو مون کي بدلو وٺي ڏيو. پاڻ سڳورن انهي ماڻهو کي ڪاوڙ مان هڪ چهبڪ هڻي ڪڍيائين. فرمايائين ته آئون جنهن وقت انهي ڪم لاءِ ويهان ٿو ته توهان اچو ڪو نه ٿا ۽ جڏهن ڪنهن ٻي ڪم ۾ لڳان ٿو ته اچو ٿا ۽ چئو ٿا ته بدلو وٺي ڏي.
    اهو ماڻهو ماٺ ڪري هليو ويو. ٿوري دير بعد غلام موڪلي ان کي گهرائي ورتائين ”ڇو ته حضرت عمر رضه بادشاهه هو“ چهبڪ ان جي هٿ ۾ ڏنائين. ۽ فرمايائين ته هاڻ پنهنجو بدلو وٺ، ان شخص عرض ڪيو ته اي اميرالمومنين مون توکي الله لڳ معاف ڪيو. گهر آيو، ٻه رڪعت نفل پڙهيو. ان کان بعد پنهنجو پاڻ کي مخاطب ٿي ملامت ڪرڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو. اي عمر تون ڪميڻو هئين. الله پاڪ توکي مٿاهون ڪيو عمر تون گمراهه هئين رب توکي هدايت ڏني. عمر تون ذليل هئين الله توکي عزت و شرف بخشيو. جو ماڻهن جو توکي بادشاهه بنايائين. هاڻي هڪ ماڻهو، تو وٽ انصاف جي حصول لاءِ اچي ٿو. ته تون ان کي مارين ٿو. صبحاڻي قيامت جي ڏينهن پنهنجي رب کي ڪهڙي منهن سان، ڪهڙو جواب ڏيندين. اي عمر اگر فُرات ندي جي ڪناري تي ڪو ڪتو بک يا اُڃ وگهي مري ويو ته قيامت جي ڏينهن توکان پڇيو ويندو ته اي عمر تون ان جي حفاظت جو ذميوار هنئين. اهو ڪتو ڇو مري ويو. اي عمر پوءِ اُت تون ڪهڙو جواب ڏيندين. ڪافي دير تائين اهڙي ريت پنهنجو پاڻ کي ملامت ڪندو رهيو ۽ زارو قطار روئندو رهيو.
    * حضرت عمر رضه جو غلام اسلم روايت ٿو ڪري ته هڪ ڀيري آئون، حضرت عمر رضه جي دور ۾ حضرت عمر رضه سان گڏ چوڪيداري جي خيال سان حره نالي مديني جي ويجهو هڪ جاءِ، جي طرف وڃي رهيا هئاسون. جهنگ ۾ هڪ جاءِ تي اسان باهه ٻرندي ڏٺي سون. حضرت عمر رضه جن فرمايو ته شايد هي ڪو قافلو آهي جو رات ٿيڻ سبب شهر ۾ اچي نه سگهيو ۽ ٻاهر ئي ترسي پيو آهي. هلون انهن جي خبر چار وٺون ۽ رات جي حفاظت جو بندوبست ڪريون.
    اتي وڃي ڏسون ته هڪ عورت آهي. جنهن سان گڏ چند ٻار آهن. جيڪي روئي ۽ دانهون ڪري رهيا آهن. امان بُک، امان بُک ۽ ممتا ڦٿڪي رهي آهي ۽ هڪ ديگڙي چلهي تي رکيل آهي. ڏٺو سون ته ان ۾ خالي پاڻي پيل آهي ۽ ان جي هيٺان باهه ٻري رهي آهي. حضرت عمر رضه انهن تي سلام ڪيو ۽ ويجهي اچڻ جي اجازت گهري انهن جي پاسي ۾ وياسون ۽ پڇيوسون ته اهي ٻار ڇو روئي رهيا آهن عورت جواب ڏنو ته هنن ٻارن کي بهلائڻ جي واسطي ديگڙي ۾ خالي پاڻي وجهي باهه تي رکي ڇڏي آهي ته هنن کي ذرا تسلي ٿي وڃي. مون کي تنگ نه ڪن ۽ ائين آسرن ۾ هنن کي ننڊ اچي وڃي. اسان جي بادشاهه عمر رضه بن خطاب منهنجي مڙس کي جهاد تي موڪليو هو. هو اتي شهيد ٿي ويو.
    هاڻ اسان جي سنڀال لاءِ ان رب کانسواءِ ٻيو ڪو وسيلو ناهي. جنهن منهنجي مڙس کي شهادت جو وڏو رتبو بخشيو آئون صرف ان آسري تي زنده آهيان ته آئون هڪ شهيدِ اسلام جي بيوه آهيان. اميرالمومنين عمر رضه جو ۽ منهنجو انهي رب جي سامهون فيصلو آهي. جو هو اسان جو بادشاهه ٿي اسان جي خبر گيري نٿو لهي. پوءِ مان کٽان يا عمر کٽي. ٻيو آئون بيوه، بيوس ۽ بيڪس ڪري به ڇا ٿي سگهان؟
    انهي ڳالهه جو ٻڌڻ هو ته حضرت عمر رضه ڏڪڻ لڳو، پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي. هماليه پنهنجي جاءِ ڇڏي ڏني انهي عورت جي انهن زباني گهائن ۽ تيرن جي غير مرئي زخمن جي ڪري قريب هو ته ڪري پوي. مگر وري به پاڻ سنڀالي زارو قطار روئندي. ان عورت کي چيائين ته اي الله جي ٻانهي. الله توتي رحم ڪري ڀلا عمر غريب کي تنهنجي حال جي ڪهڙي خبر؟ ان عورت چيو ته پوءِ هو اسان جو بادشاهه ڇو ٿيو آهي؟ جو اسان جي حال جي خبر نٿو وٺي؟
    اسلم رضه چوي ٿو ته حضرت عمر رضه فوراً واپس ٿيو ۽ تڪڙو تڪڙو سهڪندو اچي هڪڙي ٻوري ۾ بيت المال مان ڪجهه اٽو، ڪجهه کجور، ڪجهه چرٻي، ڪجهه ڪپڙا ۽ ڪجهه درهم کنيائين، مطلب ته ان ٻوري کي چڱي طرح ڀريائين، مون کي فرمايائون ته اي اسلم هي ٻوري منهنجي پٺن تي رک.
    مون عرض ڪيم ته منهنجا سائين اهو بار کڻڻ منهنجو ڪم آهي. آئون کڻان. مون کي وري فرمايائون ته اسلم نه. هي منهنجن پٺن تي رک. ٻه ٽي ڀيرا اصرار ڪيم ته سائين مون کي اوهان جي پٺن تي ٻوري رکڻ نٿي اچي. منهنجو ضمير مون کي اجازت نٿو ڏي. .پاڻ فرمايائون ته اسلم ڇا. قيامت جي ڏينهن به منهنجو بار تون کڻندين؟ اسلم انهن ڳالهين کي ڇڏ. دير ٿي ويئي آهي. ان کي آئون ئي کڻندس. ان ڪري جو قيامت جي ڏينهن مون کان ئي ان جو پڇاڻو ٿيندو. مون مجبور ٿي ٻوري سندن ڪلهن تي رکيم. بادشاهه سلامت تمام تيزي سان انهي پوڙهي عورت وٽ پهچي ويو. آئون به ساڻن گڏ هوس. اتي پهچي ان چڙهيل ديگڙي ۾ اٽو چرٻي کجور وڌائون، چلهي کي ڦوڪن سان دکايائون. مون ڏٺو ته سندن گهاٽي ڏاڙهي مبارڪ مان دونهون ۽ اکين مان لڙڪ نڪري رهيا هئا. ديگڙي ۾ ڪاٺي گهمائي رهيا هئا. تان جو سيرو ٺهي ويو. انهي کان پوءِ خود ئي پنهنجي هٿن سان ڪڍي. انهن کي ٺاري ڏيندا رهيا ۽ کارائڻ لڳا. انهن کائي ڍو ڪري کلڻ ۽ ڪڏڻ ۾ لڳي ويا ۽ جيڪو بچيو هو. اهو ٻي ٽائم لاءِ انهن جي حوالي ڪري ڇڏيو. اها پورهي عورت ڏاڍي خوش ٿي ۽ دعائون ڏيندي چوڻ لڳي ته الله توکي خوش رکي ۽ سٺو بدلو ڏي. مهرباني ڪري ٻڌاءِ ته تون ڪير آهين؟ اي لائق انسان تون ئي انهي منصب جو وڌيڪ حقدار هئين جو عمر بن خطاب جي بجاءِ تون ئي خليفو بنايو وڃين ها.
    حضرت عمر رضه ان کي تسلي ڏيندي فرمايائين ته جڏهن توهان بادشاهه وٽ ويندا ته مون کي تون اتي ڏسندين.
    حضرت عمر رضه ذور پوءِ تي هٽي زمين تي هيٺ ويهي رهيو. ڪجهه دير بعد اٿي واپس روانو ٿيو. فرمايائون ته اسلم آئون ان ڪري ويٺس ته مون انهن ٻارن کي اڳ روئندي ڏٺو هوم. منهنجي دل گهريو ته ٿوري دير آئون انهن کي کلندو به ڏسان... هڪ خدا کانسواءِ ڪنهن کي به خاطر ۾ نه آڻڻ واري هستي جڏهن تهجد نماز يا نماز فجر پڙهائيندو هو ته وڏيون سورتون پڙهندو هو پاڻ ته روئندو هو مگر پوري جماعت کي روئاري ڇڏيندو هو.
    * هڪ دفعي صبح واري نماز ۾ سوره يوسف پڙهندي جڏهن آيت اِنما اشڪوبثي وحزني الي الله تي پهتا ته روئندي روئندي هچڪين سان آواز بند ٿي ويو ۽ ڪيترين ئي صفن تائين اهو آواز پهتو ۽ ڪري پيا. اهو هو ان هستي کي خوفِ خدا ۽ فڪر آخرت جو خيال.
    * هڪ ڀيري گورنر عمرو بن العاص جي پٽ ۽ هڪ عام شهري ٻار ڊوڙڻ ۾ شرط رکيو اچ ڊوڙ ۾ شرط ٿا لڳايو. ڪير تيز، پوءِ اهو عام شهري ٻار ڊوڙڻ ۾ گورنر جي پُٽ کان وڌڻ لڳو. گورنر جي پُٽ محسوس ڪيو ته مون کي شڪست ٿي رهي آهي. ان گورنر جي ٻارهن عام شهري ٻار کي ٿڦڙ وهائي ڪڍي ۽ چيائين ته توکي خبر ناهي ته آئون گورنر جو پٽ آهيان.
    ان وقت انهي عام ٻار ٻي واهه نه ڏسي سڌو مسجد نبوي پهتو ۽ حضرت عمر رضه کي درخواست ڏني ته مون کي گورنر عمرو بن العاص جي پُٽ بي گناهه اهڙي ريت ماريو آهي. حضرت عمر رضه هڪ قاصد هٿ حڪم نامو ڏيئي موڪليو ته گورنر تون ۽ تنهنجو پُٽ فوراً منهنجي سامهون مديني ۾ حاضر ٿيو. توهان ٻنهي جي شنوائي آهي. تعميل حڪم موجب گورنر ۽ سندس پٽ حضرت عمر رضه جي سامهون پيش ٿيا. ڳالهين ۾ گورنر جو پٽ ڏوهاري ثابت ٿيو. حضرت عمر رضه ان عام ٻار کي چيو ته هاڻ تون گورنر جي پٽ کي منهنجي ۽ گورنر جي سامهون اهڙي ٿڦڙ هڻ جهڙي طرح توکي هن هنئي آهي. پوءِ حضرت عمر رضه گورنر عمرو بن العاص سان مخاطب ٿي فرمايائين ته توهان ماڻهن کي ڪڏهن کان غلام بنائي رکيو آهي؟ حالانڪ انهن کي انهن جي مائرن آزاد ڄڻيو آهي. خبردار آئنده لاءِ اهڙي شڪايت نه اچڻ کپي.
    هڪڙي ڏينهن حضرت عمر رضي الله عنھ مسجد النبوي جي منبر تي چڙهي خطبو ڏيئي رهيو هو. ۽ خطبي ۾ فرمايو ته ”عورتن کي مهر گهٽ ڏيندا ڪريو“ تنهن تي خطبي جي دوران هڪ عورت اُٿي بيٺي. جنهن اعتراض ڪيو ته اهو عمر ڪير ٿيندو آهي؟ جو اسان جي مهر گهٽائي. حالانڪه الله پاڪ مهر ”قنطار“ جو حڪم فرمايو آهي. حضرت عمر رضه فرمايو ته اهو الله جو حڪم ڇا آهي؟ ان عورت چيو ته الله پاڪ سوره النساء آيت 20 ۾ لفظ قنطار فرمايو آهي. جنهن جي معنيٰ گهڻائي جي آهي. ۽ تون گهٽائين پيو. حضرت عمر رضه ٿوري دير خاموش ۽ سوچ ۾ پئجي ويو ۽ معلوم ڪيائين ته منهنجي غلطي آهي پوءِ ڀري مسجد ۾ منبر کان اعلان ڪيائون ته مون غلط چيو ۽ هن عورت صحيح چيو.
    * هڪ دفعي روم ولايت جو هڪ ماڻهو مديني پاڪ آيو. جنهن کي حضرت عمر رضه ۾ ڪم هو ان حضرت عمر رضه جي باري ۾ پڇا ڪئي ته مون کي مسلمانن جي بادشاهه سان ملڻو آهي. ايوان صدر ڪٿي آهي؟ جو آئون ان سان ملي سگهان ۽ ان سان ملڻ جا پروٽوڪول ”آداب“ ڇا آهن؟ ماڻهن ان کي چيو ته ان جو ڪو خاص ايوان صدر ناهي. هو هر ماڻهو سان هر وقت بغير ڪنهن تڪلف جي ملي سگهي ٿو. مگر هن وقت قيلولي جو ٽائم آهي. هو ڪنهن وڻ هيٺ ڇانوَ ۾ ڪٿي ستل هوندو. اهو ماڻهو مسجد نبوي کان ٻاهر ڦري رهيو هو ڏسي ته هڪ ماڻهو کجي جي وڻ هيٺ، سِر مٿي هيٺ، گهري ننڊ ۾ سُتو پيو آهي. ڪنهن ماڻهو کان پڇا ڪيائين ته هي ماڻهو ڪير ستو پيو اهي؟ جواب مليس ته هي مسلمانن جو خليفو عمر رضه بن خطاب آهي.
    پوءِ اهو ماڻهو مٿس وڃي بيٺو ۽ چيائين اي عمر تو انصاف ڪيو. تو امن ڪرايو تو الله ۽ سندس رسولﷺ جي حڪم تي عمل ڪرايو. هاڻ تون آرام سان ننڊ ڪر ”سُتا مر سونهن ننڊ عبادت جن جي.“
    * هڪ ڀيري حضرت عمر رضه منبر رسولﷺ تي چڙهي فرمايائون ته اي مسلمانو. اگر آئون الله جي حڪم ۽ رسول جي طريقي موجب هلي اوهان سان انصاف ڪريان ته توهان منهنجي تابعداري ڪجو. مگر جيڪڏهن آئون انهي طريقي کان ٿڙهي وڃان يا ڦري وڃان ته پوءِ توهان ڇا ڪندا؟ مجمع مان هڪ بدوي اٿيو. جنهن جي هٿ ۾ تلوار هئي. انهي جواب ڏنو ته. پوءِ هي تلوار تنهنجو فيصلو ڪندي ”واهه بدوي تنهنجو جواب، واهه عمر رضه تنهنجو صبر، واهه اسلام تنهنجي مساوات، واهه محسن انسانيت تنهنجي تعليم“ حضرت عمر رضه الله جو شڪر ڪيو ته الحمد لله هن امت ۾ اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي عمر کي سڌو ڪري سگهن ٿا.


    فاروق اعظم جو بيت المال مان وظيفو

    حضرت عمر رضه خليفو ٿيڻ کان پهريائين واپار ڪندا هئا. انهي مان سندس گذر سفر سٺو پيو هلندو هو. مگر خليفو بنجڻ کان پوءِ اڪابرين صحابه ڪرام مشورو ڪري متوسط طور سندن وظيفو مقرر ڪيو. پر سندن لاءِ ڪافي نه هو ۽ تنگي ٿي رهي هئي. وري به اڪابرين جي هڪ مجلس شوريٰ منعقد ٿي ته سندس وظيفي ۾ اضافو ڪيو وڃي. مگر خليفي جي منظوري ضروري هئي. ڪنهن کي به اها جرئت ۽ همٿ نه ٿي جو ڳالهه ڪن. آخرڪار امان بي بي حفصه رضه جي معرفت جيڪا حضرت عمر رضه جي محترمه ڌي. رسول پاڪ جي گهرواري ۽ امهات المومنين هئي. اها ڳالهه ان جي ذريعي پهچائي ويئي. پاڻ سڳورن بي بي صاحبه جي واتان اها ڳالهه ٻڌي. ڏاڍي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ فرمايائون ته ڌي حفصه رضه تون ئي ٻڌا ته حضور اڪرمﷺ جن جو لباس ڇا هو؟ سندن کاڌو پيتو ڇا هو؟ بسترو ڪهڙو هو؟ ۽ پڻ فرمايائون ته حفصھ رضه انهن ماڻهن تائين اها ڳالهه پهچائي ڇڏ ته حضورﷺ پنهنجي طرز عمل سان هڪ اندازو مقرر ڪري ڇڏيو آهي ۽ اُميد آخرت تي ڪفايت ڪيائون. آئون به حضورﷺ جي اتباع ڪندس. منهنجو ۽ منهنجي ٻن پيشرو ساٿين حضورﷺ ۽ صديق اڪبر رضه جو مثال ان ٽن ڄڻن وانگر آهي. جيڪي ٽيئي هڪ رستي تي هليا. پهريون ساٿي ايترو سامانِ سفر کڻي هليو جو مقصد کي پهچي ويو. ٻي ساٿي به پهرين جي تابعداري ڪري ان جي رستي تي هلي. پهرين تائين پهچي ويو. انهي کان پوءِ ٽي ساٿي به هلڻ شروع ڪيو آهي. اگر اهو انهن ٻن ڄڻن جي ڏسيل رستي تي هلندو ته انهن سان ملي ويندو. اگر انهن جي رستي جي ابتڙ هلندو ته ڪڏهن به اڳين ساٿين سان ملي نه سگهندو.


    حضرت عمر رضه جو پنهنجي خاتون اول کي هڪ مسافر عورت جي ويم لاءِ وٺي وڃڻ

    محبوب خدا حضرت محمد مصطفيٰﷺ جو سهرو، حضرت علي المرتضيٰ ۽ فاطمة الزهريٰ جو داماد بي بي ام ڪلثوم جي سر جو تاج، حسنين جو ڀيڻيو، امير المومنين حضرت عمر رضه پنهنجي دور خلافت ۾ گهڻو ڪري چوڪيداري جي غرض سان شهر، بازار ۽ مديني جي پسگردائي ۾ چڪر لڳائيندا هئا. هڪڙي ڀيري انهي خيال سان هڪ ميدان وٽان گذر ٿيو. اتي ڏسن ته هڪ پراڻو تنبوء لڳو پيو آهي. جيڪو هن کان اڳ اُتي ڪڏهن به ڪو نه هو. ان جي ويجهو ويو. ڏسن ته هڪ ٻهراڙي جو ماڻهو ”بدوي“ اداس ويٺو آهي تنبوء مان ڪنجهڻ جو آواز اچي رهيو آهي. سلام چئي ان ماڻهو جي پاسي ۾ ويهي. ان کان پڇيائون ته توهان ڪير آهيو؟ ڪٿان آيا آهيو؟ هت ڪهڙي ارادي سان آيا آهيو؟ ان مسافر تنگ ٿي چيو ته فقير تون پنهنجو گس وٺ. اسان مسافرن جي پچر ڇڏ. اسان ڄاڻون. اسان جي قسمت، ڀلا توکي اسان مسافرن جي پڇڻ مان ڪهڙو مطلب؟
    حضرت عمر رضه وري پڇيائون ته هن خيمي مان ڪهڙو آواز اچي رهيو آهي؟ اهو ٻڌي اهو ”پريشان حال بدوي ڪاوڙ ۾ اچي ويو“ چيائين ته ميان هل، هل! ڇو اچي مٿو کاڌو اٿئي؟ ڇڏ منهنجي جان! پنهنجو رستو وٺ.
    حضرت عمر رضه: ”تمام نرم“ لجاجت واري انداز سان اصرار ڪري چيو“ ادا سائين تون مون کي ٻڌاءِ. آئون سمجهان ٿو ته اندر ضرور ڪا تڪليف واري صورتحال آهي. ٿي سگهي ٿو ته آئون تنهنجي ڪا مدد ڪري سگهان؟
    ان بدوي چيو ته پوءِ ڀلا هاڻي ٻُڌ! آئون مسافر آهيان. جهنگل جو رهڻ وارو آهيان. مون کي اسان جي بادشاهه عمر بن خطاب ۾ ڪم آهي. جو ان کان ڪجهه امداد وٺڻ لاءِ آيو آهيان رات پئجي ويئي آهي. انهي ڪري هت ترسي پيس. صبح ڏينهن شينهن آهي. جيڪا رب کي وڻي.
    اندر تنبوء ۾ منهنجي زال آهي. جنهن کي ٻار ڄمڻ جو وقت آهي. ولادت جا سور ٿي رهيا آهن. دائي وغيره ڪونهي. اسان اڪيلا مسافر آهيون نه حال ڀائي نه ساٿي ثمر. سڀ ڪم ڪريم تي آهن. هاڻ جيڪا هُن جي مرضي. آئون ته ڪجهه به ڪري نٿو سگهان. محض بيوس محض مجبور آهيان. سڀ دربند آهن. هاڻ ڏسان هن ڪريم جو در ڪڏهن ٿو کلي؟ فاروق اعظم رضه اتان اٿيو. گهر پهتو. پنهنجي اهليھ محترمھ ام ڪلثوم بنت حضرت علي المرتضيٰ رضه ۽ فامطة الزهريٰ رضه کي فرمايائون ڪلثوم اُٿ تنهنجو نصيب کليو آهي. جو تنهنجي مقدر ۾ وڏي ثواب جو ڪم رب پاڪ موڪليو آهي. محترمه بي بي صاحبه پڇيو ته منهنجي سر جا تاج شل جيئن، ٻڌاءِ ته اهو ڪم ڪهڙو آهي؟ حضرت عمر رضه وراڻيو ته هڪ ٻهراڙي جي غريب عورت آهي. جنهن کي ٻار ڄمڻ جا سُور آهن. وٽس ڪا به زائفان ذات ”دائي“ ڪا عورت ناهي. اگر همٿ ڪرين ته ٽائم اهو آهي. بي بي صاحبه فرمايو ته منهنجا حاڪم جيڪو تنهنجو حڪم آئون حاضر آهيان. آخر اها به ته فاطمة الزهريٰ رضه جي لخت جگر هئي.
    حضرت عمر رضه جن فرمايو ته ڪلثوم ولادت لاءِ گهربل جن شين جي ضرورت پوندي آهي. اُهي کڻ، تيل، پوتڙا، هنڊي، گيهه ڏارو وغيره به کڻ نه معلوم ڪيتري عرصي کان بکايل هجن. بي بي صاحبه دير ئي نه ڪئي بلڪل تيار ٿي ٻئي ڄڻا رات جي اونڌاهي ۾ هلڻ لڳا. تان جو انهي تنبوء وٽ پهتا. بي بي صاحبه فوراً تنبوء اندر داخل ٿي ويئي ۽ اميرالمومنين ٻاهر ويهي. انهي مسافر سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو ۽ گڏوگڏ باهه ٻاري هنڍي مٿي رکي. گيهه، کجور، ڏارو ملائي حلوو ٺاهي ورتو. ايتري ۾ ولادت کان به فراغت ٿي ويئي.
    تنبوء جي اندران کان بي بي ام ڪلثوم رضه آواز ڏنو ته اي اميرالمومنين پنهنجي دوست کي پٽ ڄمڻ جون مبارڪون ڏي.
    اميرالمومنين جو لفظ ٻڌي اهو بدوي هڪو ٻڪو ٿي ويو ۽ گهٻرائجي ويو. ڪجهه به نه پيو اُڪلي. حضرت عمر سائين فرمايو ته گهٻرائڻ جي ڳالهه ناهي. اُها هنڍي تنبوء جي دروازي تي رکي اهليه محترمه کي چيائون ته پنهنجي ڀيڻ کي وَڌي ڏي. بي بي صاحبه ان کي وڌي ڏنو ۽ کارايائين. باقي بچيل خيمي کان ٻاهر موڪلي ويئي. حضرت عمر رضه ان بدوي کي چيو ته تون به کاءُ سڄي رات تنهنجي جاڳڻ ۾ گذري آهي. حالانڪ اهو بدوي نه معلوم ڪيتري عرصي کان بکايل هو. اهو کائيندو وڃي ۽ حضرت عمر رضه جا هٿ پڪڙي، پير پڪڙي، پير پڪڙي هٿ پڪڙي ذري ذري ڏاڙهي مبارڪ تي هٿ گهمائي خوشامد پيو ڪري ۽ چوي پيو ته اي عظيم انسان مهرباني ڪري ٻُڌاءِ ته تون ڪير آهين؟ الله تنهنجو ڀلو ڪري، ٻڌاءِ ته تون ڪير آهين؟ حضرت عمر رضه پنهنجي اهليه محترم خاتون اول کي ساڻ ڪري، ساڳين پيرين اونڌاهي رات جو واپس پنهنجي گهر پهتو. انهي بدوي کي فرمائي ڇڏيو هو ته صبحاڻي مسجد نبوي ۾ اچجو. آئون اتي توهان کي ملي ويندس ۽ مزيد تنهنجي لاءِ انتظام ڪيو ويندو.
    ”ف“ اسان جي زماني جو ڪو حڪمران يا رئيس ته ٺهيو. بلڪ ڪو معمولي حيثيت جو مالدار به اهڙو آهي جو هڪ غريب مسافر جي مدد لاءِ اهڙي طرح پنهنجي بيگم صاحبه کي رات جو جهنگ ۾ وٺي وڃي. ۽ پاڻ باهه ٻاري کاڌو تيار ڪري. ڪنهن غريب مسافر ناواقف جي خدمت ڪري. مالدار کي ته ڇڏيو پر ڪو ديندار به ائين ڪندو؟


    عدل عمررضه:

    دور فاروقي ۾ هڪ عورت هڪ تازو ڄاول ٻار کڻي آئي. حضرت عمر رضه جي سامهون بيهه ڪري چيائين ته اي اميرالمومنين هي ٻار مون کي تنهنجي فلاڻي پٽ مان ناجائز ۽ زبردستي سان پيدا ٿيل آهي. حضرت عمر رضه اها ڳالهه ٻڌي پنهنجي انهي پٽ کي گهرايو ۽ پڇيائين ته ڇا هي عورت سچ ٿي ڳالهائي؟ پٽس اقرار ڪيو ته ها، واقعي اها عورت سچ ٿي ڳالهائي. حضرت عمر رضه جلد جلاد گهرايو ۽ حڪم ڪيائين ته منهنجي پٽ کي هڪ سو درا هنيا وڃن. جلاد حڪم جو بندو هو جنهن دُرا هڻڻ شروع ڪيا. هڪ ٻه ٽي چار جڏهن جلاد اَسي درن تي پهتو ته پُٽ پاڻي گهريو. حضرت عمر رضه فرمايو ته جيسين قانون الاهي پورو نه ٿئي تيسين پاڻي بند آهي ڪلام الاهي ۾ اهو لکيل ناهي ته وچ سزا جي پاڻي پي سگهجي ٿو.
    جلاد جڏهن نَوي دُرن تي پهتو ته صاحبزادي جو روح پرواز ڪري وڃي ٿو. جلاد عرض ڪيو ته اي اميرالمومنين ڌڻي جي شيءِ ڌڻي کي پهتي. هاڻ ڏهن دُرن جو ڇا حڪم آهي؟ بي بي صاحبه ماءُ آئي. جنهن عرض ڪيو ته اي اميرالمومنين آئون انهن ڏهن دُرن جي عيوض ڏهه اُٺ نذارانه ڪريان ٿي. اهي ڏهه دُرا معاف ڪيا وڃن حضرت عمر رضه فرمايو ته الله جو حڪم پورو ٿي ڪري رهندو. اڳين قومن يهود و نصاريٰ ائين ڪيو. تباهه و برباد ٿي ويا. يا شڪليون تبديل ٿي ويون.
    اهي ڏهه دُراهن جي مرده جسم تي هنيا وڃن. جلاد حڪم جي تعميل ڪئي ۽ سَو دُرا پورا ڪيا. ان سو دُرن لڳڻ کان پوءِ حضرت عمر رضه پٽ کي هنج ۾ کنيو. پيشاني چُمي الله جي دربار ۾ روئي سندس لاءِ بخشش جي دعا گهري التجا ڪيائين ته اي رب مون کي جيڪو تنهنجو حڪم هو اهو پورو ڪيم. هاڻ تون پنهنجي رحمت سان بخشش ۽ پنهنجو فضل ڪر. پوءِ ڪفن دفن جي تياري ڪئي ويئي. اهو هو عدل عمر رضه، ان ڏينهن کانپوءِ عمر عادل مشهور ٿيو، جنهن پنهنجي پٽ کي به بخش نه ڪيو.


    احتياط عمررضه:

    هڪ دفعي قِصر روم جو سفير آيو. جنهن ملڻ لاءِ اجازت گهري حضرت عمر رضه ان وقت قومي امور بيت المال جي حساب ڪتاب ۾ مصروف هئا. ڪجهه دير انتظار ڪرڻ لاءِ چيائين. جڏهن بيت المال جي معاملات کان فارغ ٿيو ته انهي سفير کي گهرايو. پاڻ سڳورن سفير جي اچڻ تي ٻرندڙ ڏيئو وسائي، وسايل ڏيئو ٻاريائون انهي تي هن سفير سبب پڇيو ته اي اميرالمومنين اهو ڪهڙو سبب آهي. جو ٻرندڙ ڏيئي کي وسائي ۽ وسايل ڏيئي کي ٻاريو اَٿوَ؟ حضرت عمر رضه فرمايو ته هن اڳين ٻرندڙ ڏيئي ۾ تيل بيت المال جو هو. مون جيس تائين بيت المال جو ڪم ڪيم ته انهي کي ٻاريم. هاڻ توهان مون عمر سان ملڻ لاءِ آيا آهيو ته مون پنهنجي ذاتي تيل وارو ڏيئو ٻاريو اٿم ڇو ته توهان جو ڪم مون سان آهي. تنهن ڪري منهنجي ذاتي تيل وارو ڏيئو ٻاريو اٿم.


    پنهنجي گهرواري کي مشڪ تورڻ کان منع ڪرڻ:

    هڪ ڀيري ڪٿان کان ڪا مُشڪ آئي پاڻ سڳورن ان کي توري برابري سان وهرائڻ جو حڪم فرمايو سندن اهليھ محترم عرض ڪيو ته آئون توري ورهايان. پاڻ سڳورا خاموش رهيا. ٿوري دير بعد وري فرمايو ته ڪير هجي جو هي مشڪ توري ورهائي. وري به اهليھ محترمه عرض ڪيو ته آئون ورهايان پاڻ رضه وري به خاموش رهيا. ڪجهه دير بعد وري فرمايائون ته ڪير هجي جو هي مشڪ توري ۽ ورهائي بي بي صاحبه وري عرض ڪيو ته ڇا؟ آئون ورهايان؟ فاروق اعظم رضه جن فرمايو ته تون نٿي ورهائي سگهين ڇو ته مشڪ مان مقصود ان جي خوشبوءِ آهي. اها تنهنجي ورهائڻ سان توکي وڌيڪ حاصل ٿي وڃي ها ۽ مون کي اها ڳالهه پسند ناهي ته منهنجي گهر جي فرد کي وڌيڪ خوشبوءِ لڳي وڃي. ۽ بي بي محترمه جو خيال هو ته سندن تعميل ارشاد ۾ دير نه ٿئي، آئون ئي کڻي اهو ڪم سرانجام ڏيان.
    اهو حضرت عمررضه جو ڪمال احتياط هو ور نه جيڪو ورهائيندو ته ان کي مشڪ ضرور لڳندي.


    ايران جي باري ۾ حضورﷺ جي پيشنگوئي،

    قاصد جو فتح جي خبر کڻي اچڻ ۽ فاروق اعظم جو ڊوڙڻ:
    حضور انورﷺ جن پنهنجي مدني دور ۾ ايران جي شهنشاهه خسرو پرويز مجوسي کي قاصد دحيه ڪلبي هٿ هڪ خط لکيو. جنهن ۾ فرمايو هَوَن ته، ”اِنْ تَسْلِمُ اَسْلَمَ“ تون هڪ خدا ۽ سندس رسول محمدﷺ کي مڃين ته سلامتي وارو رهندين. اگر نٿو مڃين ته پوءِ پنهنجي بربادي لاءِ تيار رهو. ايران جي بادشاه جڏهن اهو خط پڙهيو ته ڪاوڙ ۽ تڪبر مان لال. پيلو ٿي ويو ۽ خط کي ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيائين ۽ سفارتي آداب جي خلاف قاصد کي مارائي ڇڏيائين. حضورﷺ جن کي جڏهن وحي ذريعي اها خبر پهتي ته پاڻ ڀلارن فرمايو ته شهنشاهه ايران قتل ڪيو ويندو. سندس حڪومت ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندي. ايران اسان جي قبضي ۾ ايندو. ايران جي شهنشاهه جا سون ۽ هيرن سان جڙيل ڪنگڻ سراقه بن مالڪ کي پارايا وڃن. حالانڪه ايران ان وقت دنيا ۾ سُپر پاور حڪومت هئي. بعد ۾ دنيا جلد ئي ڏٺو ته خسرو پرويز کي سندس ئي پٽ شيرويه قتل ڪيو. تخت تي سندس ڌي ويٺي قتل ۽ غارت گري جو هڪ سلسلو شروع ٿيو. يڪي بعد ديگري ست حڪمران قتل ٿيندي ويا، تان جو حضرت عمر رضه پنهنجي دور فاروقي ۾ حضورﷺ جن جي ايران بابت پيشنگوئي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ ۽ ايران فتح ڪرڻ لاءِ سن 31هه مطابق 662ع ۾ حضرت سعد بن ابي وقاص جي زير ڪمان هڪ مختصر لشڪر اسلام موڪليو هو. بي سرو سامان ۽ رسد جو ڪو به انتظام نه هو. سامهون شهنشاه ايران جي آزمودگار ڪثير تعداد مصلح ۽ تيار فوج هئي ۽ پنهنجو ئي ملڪ هو.
    ڪافي عرصو گذري چڪو، مگر لشڪر اسلام جي باري ۾ ڪا به خبر چار نه ملي. حضرت عمر رضه ڏاڍو پريشان حال ۽ متفڪر هو نه معلوم هنن سان ڇا ٿيو؟ هر وقت صبح و شام رستي تي پريشال حال ويٺا هوندا هئا. هر ايندڙ پانڌي کان انهي لشڪر اسلام جي باري ۾ پڇندا هئا. ڪو ماڻهو اتان اچي ته خبر ڏي؟
    چند مهينن کان بعد حضرت عمر رضه هڪ جبل تي چڙهي ۽ ڏسي ته پري کان هڪ ماڻهو اٺ تي سوار تمام تيز رفتاري سان دز اڏائيندو اچي پيو. جڏهن اهو اوٺي ويجهو آيو ته حضرت عمر رضه رستي تي اچي بيٺو ۽ اوٺي کي بيهڻ جو اشارو ڪيائين. مگر اهو اوٺي بيٺو نه. ساڳي پهرين واري رفتار سان اُٺ کي ڊوڙائيندو ويو. ڇو ته ان کي ڪمانڊر انچيف جي طرفان هدايت مليل هئي ته بادشاهه سلامت عمر رضه کان سواءِ ٻي ڪنهن وٽ توکي نه بيهڻو آهي. نه ڳالهائڻو آهي ۽ هن غازي مجاهد خليفه وقت کي سڃاتو به نٿي.
    حضرت عمر رضه ڏٺو ته اوٺي نه بيٺو نه ڳالهايو آهي. ٿي سگهي ٿو ته اهو ئي قاصد هجي بادشاهه سلامت جنهن رفتار سان اهو اُٺ ڊوڙي رهيو هو. انهي ئي رفتار سان انهي اوٺي جي پٺيان ڊوڙندو اچي پيو. جيئن ڪو ٻار رونشي طور ڪنهن سواري جي پٺيان ڊوڙندا آهن ۽ هو اوٺي وري اٺ جي رفتار کي اڃان تيز ڪئي ته متان نه آئون پڪڙيو وڃان، تان جو حضرت عمر رضه مديني ۾ مسجد نبويﷺ جي سامهون انهي اوٺي سان گڏ پهتا. مسجد شريف ۾ ويٺل صحابه ڪرام رضه حضرت عمر رضه کي ڊوڙندو ڏسي ڊوڙي ٻاهر نڪتا. ڏسن ته حضرت عمررضه دز ۽ مٽي سان ڀريل پگهر ۾ شِم سهڪندو ان اوٺي جي پٺيان ڊوڙندا پيا اچن. انهن صحابه سڳورن ان اوٺي کي چيو ته الله تنهنجو ڀلو ڪري. هي ڪهڙو قهر ڪيو آهي جو اميرالمومنين رضه کي تو ايتري قدر ڊوڙايو آهي. اوٺي چيو ته ڪٿي آهي؟ اوهان جو اميرالموننين هي ته ڪو مون جهڙو واٽهڙو آهي.
    صحابه ڪرام جن فرمايو ته هي جيڪو تو سان گڏ پيادو ڊوڙندو پيو اچي اهو ئي اميرالمومنين حضرت عمر رضه ته آهي. تون خبر ڏي ته ڪير آهين؟ ڪٿان آيو آهين؟ تنهنجي اچڻ جو مقصد ڇا آهي؟ ان اوٺي جواب ڏنو ته آئون صرف اميرالمومنين عمر رضه سان ئي ڳالهائيندس. باقي ٻيا سڀ پنهنجي پنهنجي جاءِ وٺن. اميرالمومنين کان سواءِ ٻيو ڪو مون سان ڳالهائڻ جي جرئت نه ڪري.
    حضرت عمر رضه جن حڪم ڪيو ته هن شخص جو اُٺ ٻڌو. کيس ۽ سندس اٺ جي کاڌي پيتي جو بندوبست ڪريو. هن کي مڪمل پروٽوڪول سان فريش ٿيڻ ڏيو.
    ڪجهه دير بعد حضرت عمر رضه محسوس ڪيو ته هاڻ اهو شخص مڪمل ڳالهائڻ جي سگهه ۾ آهي ته ان قاصد وٽ ويو. پنهنجو تعارف ڪرائڻ کان پوءِ کانئس خبرون چارون ڪرڻ لڳا.
    ان اوٺي چيو ته مون کي مسلمان فوج جي سپھ سالار حضرت سعد بن ابي وقاص ايران کان موڪليو آهي. اوهان کي ايران فتح ٿيڻ جون مبارڪون هجن. مون کي هي خط ۽ چند شيون مع فهرست ڏنيون آهن. جيڪي منهنجي ”خرزين“ ۾ آهن. جيڪي توهان جي خدمت ۾ حاضر ڪجن ٿيون. حضرت عمررضه اها فهرست ۽ اهي شيون ورتيون. جنهن ۾ ٻي سامان کان علاوه بادشاهه جو هيرن ۽ جواهرن سان جڙيل تاج به هو. انهي کان بعد حضرت عمر رضه فرمايو ته اها فهرست مڪمل ناهي. ڇو ته ان سامان ۾ هڪ اهم شيءِ شهنشاهه جا سونا موتين ۽ جواهرن سان جڙيل ڪنگڻ ناهن اهي ڪٿي؟
    قاصد عرض ڪيو ته جيئندا قبلا! اهي به آهن. سعد رضه بن ابي وقاص اهو مون کي جدا ڏنا آهن. جيڪي منهنجي ازار بند جي ور ۾ آهن. اجهي هي حاضر خدمت آهن. حضرت عمر رضه حضورﷺ جن جي پيشنگوئي سچ ثابت ٿيڻ تي اکين مان لڙڪ روڪي نه سگهيو ۽ سراقه بن مالڪ کي بيت المال جي اُٺين مان گهرائي پارايا ويا جيڪو توهان مٿي پڙهي آيا آهيو.


    حضرت عمر فاروق جي باري ۾ فرمان رسولﷺ:

    پاڻ ڪريمنﷺ جن فرمايو ته الله پاڪ عمر رضه جي زبان تي حق کي جاري ڪري ڇڏيو آهي. حضورﷺ جن فرمايو ته بني اسرائيل جي قوم ۾ ڪجهه بزرگ اهڙا هئا. جيڪي پردي ۾ خدا سان ڳالهائيندا هئا. اگر منهنجي امت ۾ اهڙو ڪو ماڻهو آهي ته اهو عمر رضه آهي. حضرت عم رضه ۾ الله پاڪ پنهنجن لاءِ عدل، محبتِ راحت، سڪون وفاداري ۽ همدردي رکي آهي. ڪافرن، مشرڪن ۽ منافقن لاءِ قهاريت رکي آهي. حضرت عمررضه جي عدالت جو اقرار پنهنجا ته ڪندا پر غيرن وٽ به عمر فاروق رضه جي عدالت سج وانگر روشن ۽ مڃيل آهي. مهاتما گانڌي ۽ جواهر لال نهرو پنهنجن وزيرن ۽ مشيرن کي ائين چوندا هئا ته ملڪي سلامتي، محبت، اخوت عدل و مساوات چاهيو ٿا ته پوءِ ابو بڪر صديق ۽ عمر فاروق واري طرز حڪومت اپنايو.
    عظيم انسان جون عظيم خوبيون
    فاروق اعظم رضه جي اچڻ سان اسلامي تاريخ جو هڪ نئون باب کلي پيو ۽ ڪعبة الله جو در کليو جيڪو قيامت تائين بند نه ٿيندو ۽ ڪعبي ۾ نماز پڙهڻ حضرت عمر رضه جي اسلام آڻڻ سان شروع ٿي.
    الله پاڪ ان عظيم انسان ۾ هڪ ئي وقت ڪيتريون ئي خوبيون رکيون هيون. اهو ساڳي وقت امير به هو ته فقير به. سراپا جلال به هو ته پيڪر جمال به هو. عالم به هو ته عامل به راتين جو جاڳي عبادت ڪندڙ به هو ته ميدانِ جهاد ۾ سپهه سالار به، حق پرست به هو ته باطل شڪن به، ائين کڻي چئجي ته هر فن مولا هو.
    حضرت عمر رضه توحيد جي باري ۾ اهڙو ته پُختي ذهن وارو هو جو هڪ ڀيري ڪعبي جو طواف ڪندي، حجر اسود کي مخاطب ٿي فرمايو ته اي حجر اسود آئون سمجهان ٿو ته تون بهشت مان آندل محض پٿر آهين. تون ڪنهن به قسم جو نقصان يا نفعي جو مالڪ ناهين. آئون توکي ان ڪري چمان ٿو ته توکي منهنجي آقا محبوبﷺ جن چميو آهي. ور نه ته پٿر آهين. واهه عمر سائين تنهنجي توحيد، هاءِ عمر رضه تنهنجو عشق ۽ اتباع رسولﷺ صلح حديبيھ جي وقت هي افواهه پکڙي ته حضورﷺ جو مڪي جي ڪافرن سان ڳالهين لاءِ موڪليل قاصد حضرت عثمان غني کي ڪافرن شهيد ڪري ڇڏيو آهي، ته حضورﷺ جن هڪ وڻ جي هيٺان ويهي پنهنجي هڪ هٿ کي حضرت عثمان غني جو هٿ قرار ڏيئي، وعدو ورتو هو ته جيستائين حضرت عثمان غني جي شهادت جو بدلو نه وٺنداسون. تيسين واپس نه وينداسون. مگر بعد از تحقيق معلوم ٿيو ته اها افواهه ڪوڙي هئي.
    ڪجهه عرصي کان پوءِ ۽ فاروقي دور ۾ ماڻهن ان وڻ ”بيعت رضوان“ کي متبرڪ سمجهي پوڄڻ لڳا. ۽ اگر ڪو بيمار ٿيندو هو ته. ان جي پن کائڻ سان ان کي شفا ملندي هئي. اها خبر حضرت عمر فاروق رضه کي پهتي. حضرت عمر فاروق ڏٺو ته اگر اهو سلسلو جاري رهيو ته دنيا مشرڪ بنجي ويندي؟ توحيد جو عقيدو خراب ٿي ويندو. پاڻ سڳورن﷦ حڪم فرمايو ته هن وڻ کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري. ساڙيو وڃي، جو بنياد ئي ختم ٿي وڃي. نه رهي بانس نه بجي بانسري. حضرت شاهه ولي الله محدث دهلوي جي قول مطابق حضرت عمر رضه باوجود ان جي جوهو هڪ انسان هو پر حقيقت ۾ ڪيترن ئي باصلاحيت انسانن جو مجموعو هو. جنهن پنهنجي خدا داد صلاحيتن سان پنهنجي عزت ۽ عظمت کي مڃرايو ۽ ان ڳالهه کي ثابت ڪيو ته مسلمانن کان وڌيڪ بهترين قسم جو منتظم، عادل، قاضي، منصف، مفڪر ۽ حڪمران ٻيو ٿي نٿو سگهي.
    حضرت عمر رضه الله جي فضل و ڪرم سان پنهنجي محنت سان ڪفر و شرڪ بدعت، ظلم ۽ ڏاڍ جو دروازو بند ڪري ڇڏيو. هن رومي ۽ ايراني قوتن کي ڪمزور ڪيو عيسائين، يهودين ۽ مجوسين کي مات ڏني. هن غريبن ۽ مسڪينن کي تحفظ فراهم ڪيو. حضرت عمر رضه سرمائيدارن، جاگيردارن جي ظلم جو خاتمو آندو. حضرت عمر رضه انسان ذات کي غلامي مان نجات ڏياري، حقيقي آزادي ڏياري. حضرت عمر رضه انسانيت کي جيئڻ جو طريقو سيکاري شعور بخشيو. انساني حقن ۽ فرضن جو احساس ڏياريو. حضرت عمر رضه جو دور تاريخ اسلام جو سونهري دور ليکجڻ ۾ اچي ٿو. هن عدل ۽ انصاف جا اهي مثال قائم ڪيا. جيڪي قيامت تائين مثالي ۽ زنده رهندا. هن سادگي ۾ زندگي گذاري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. اڌ دنيا تي حڪمراني ڪرڻ واري شخصيت چتين لڳل ڪپڙا پائي. راتين جون راتيون جاڳي قوم کي پهرو ڏي. قوم آرام جي ننڊ ۾ آرامي آهي ۽ سندن حڪمران پاڻ پهري تي آهي. غريبن جي در تي وڃي حال احوال معلوم ڪري. ڪنهن غريب کي ڪم اچڻ. اهي حضرت عمر رضه فاروق جائي ڪارناما هئا. حضرت عمر شاهي نزاڪتن ۽ بادشاهي ٺاٺ باٺ. نفيس لباس ۽ امتيازي رهڻي ڪهڻي کان گهڻو پري هو.


    ذمه داري جو احساس:

    * هڪ ڏينهن گرمي جي موسم هجي. سخت ٻنپهرن جي وقت گرم لُو هلي رهي هئي. حضرت عمررضه تن تنها تڪڙا تڪڙا جهنگل جي طرف وڃي رهيا هجن. حضرت عثمان غنيرضه پري کان ڏٺائون ۽ سڃاتائون ته اميرالمؤمنين حضرت عمررضه آهن، ويجهو وڃي آواز ڏنائون ته اي اميرالمؤمنين هن وقت اهڙي سخت گرمي ۽ لُو ۾ ڪيڏهن ۽ ڇو وڃي رهيا آهيو.؟
    اميرالمؤمنين فرمايو ته بيت المال جو هڪ اُٺ گم ٿي ويو آهي. مونکي هينئر اطلاع مليو آهي، ان جي ڳولا ۾ وڃي رهيو آهيان.
    حضرت عثمان غنيرضه عرض ڪيو ته منهنجا سائين پوءِ ڪنهن خادم کي موڪلي ڇڏيو ها؟ فرمايائون ته عثمان! قيامت جي ڏينهن ان جو سوال مونکان ٿيندو، خادم کان نه ٿيندو. حضرت عثمانرضه وري عرض ڪيو ته الله تعاليٰ توهان جو ڀلو ڪري، ڪجهه دير توقف ڪري پوءِ وڃو ها؟ جو گرمي گهٽ ٿي وڃي ها!
    فرمايائون ته عثمان ”نَارُ جَهَنَّمَ اَشَدُّ حَرًّا“ جهنم جي باهه انهي کان به وڌيڪ گرم آهي ۽ آئون عمر ڪمزور آهيان. اهو چئي، انهي تپش ۽ لُو ۾ جهنگ طرف روانا ٿي ويا. اها هئي حڪومت ۽ ذمه داري.
    * هڪ دفعي پاڻ سڳوراﷺ ميمبر تي چڙهي خطبو ڏيئي رهيا هئا. فرمايائون ” اسْمَعُوْا وَاَطِيْعُوْا“ منهنجي ڳالهه ٻڌو ۽ تابعداري ڪجو. هڪ بدوي اٿي بيهه، ڀري مسجد نبوي ۾ چيو ته ”لَا نَسْمَعُ وَلَا نُطِيْعُ“ اسان نه تنهنجي ڳالهه ٻڌنداسون نه ئي تابعداري ڪنداسون. حضرت عمررضه فرمايو ته ڇو ڀلا؟
    ان بدوي چيو ته توهان ٻه چادرون پائي رکيون آهن، حالانڪه مالِ غنيت مان ٻين وانگر توهان کي به هڪ چادر ملي هئي. هي ٻه چادرون تو ڪٿان آنديون؟ ٿي سگهي ٿو ته توهان مالِ غنيت ۾ خيانت ڪري ٻه چادرون رکيون آهن. اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو، اول ان جو جواب ڏي، پوءِ خطبو.
    حضرت عمر فاروق اعظمرضه فرمايو ته تو ٺيڪ چيو ۽ پنهنجي پٽ کي اشارو ڪري فرمايائون ته پُٽ عبدالله هن سوال جو جواب تون ڏي.
    حضرت عبدالله بن عمررضه اُٿي بيٺو، چيائون ته اميرالمؤمنين وٽ اڄ ڏينهن ڪوبه ڪپڙو نه هو. جنهن کي پائي هو نماز پڙهائين، مون پنهنجي چادر پنهنجي پيءُ کي عارضي طور ڏني اٿم. جيئن ته هو نماز پڙهائي سگهن، اهڙي طرح هن وٽ ٻه ڪپڙا ٿي ويا. جنهن مان هڪ جي گوڏ ٻڌي اٿن ۽ ٻي چادر ڪُلهن تي ويڙهي اٿن.
    اهو جواب ٻُڌي انهي سائل ۽ جماعت ۾ هڪ قسم جو روڄ راڙو پئجي ويو، سڀني چيو، ”جزاڪ الله احسن الجزاء“ اي اميرالمؤمنين هاڻ خطبو ڏيو. اسان تنهنجي ڳالهه ٻڌنداسون ۽ تابعداري ڪنداسون. اسان جو مرڻ ۽ جيئڻ تو سان گڏ آهي. هي هئي انهن حضرات جي حڪومت، جو رعيت جو هر فرد انهن کان پڇڻ ۽ روڪ ٽوڪ لاءِ هر وقت موجود هو، جنهن جي هر ڳالهه ٻڌي ويندي هئي ۽ اطمينان بخش جواب ڏنو ويندو هو.
    انهن وٽ خلافت ۽ حڪومت ڪا راحت جي شيءَ نه هئي، جنهن جي تمنا ڪئي وڃي، بلڪه ڪنڊن جي سيج هئي ۽ هر وقت فڪر آخرت دامن گير هو. (حضرت ٿانوي صاحب)
    اهو پنهنجي قائد، رهبر ڪامل حضرت محمد مصطفيٰﷺ جي باوقار زندگي. قناعت، درويشي سادگي، ۽ استغناء جو هڪ بهترين نمونو هو. واقعي هن بادشاهي ۾ فقيري ڪئي ۽ فقيري ۾ بادشاهي ڪئي. پاڻ ظاهري رعب و تاب کان ڏاڍو پري هو. پر الله پاڪ سندس شخصيت ۾ قدرتي ايڏو ته رعب ڏنو هو جو ظلم و جبر جي دنيا حضرت عمررضه جي نالي کان به ڊڄندي هئي. شيطان به حضرت عمررضه کي ڏسي رستو ڇڏي ڀڄي ويندو هو.
    هڪ ڏينهن فاروق اعظم رضه حجامت پئي ڪرائي. وچ ۾ زور سان کنگهڪار ڪيائون ته حجام بدهواس ٿي ويو. ان خيال کان ته ڪٿي عمر رضه ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙ يا نه هجن. بي هوش ٿي ڪرڻ کي ويجهو هو. ڪهڙي ڳالهه ڪجي ان جي رعب ۽ دٻدٻي جي، رڳو کنگهڻ سببان حجام غش ٿي پيو. خير اهو ته هڪ ويچارو حجام ئي ته هو. مگر فاروق اعظم رضه کان وڏا وڏا اصحاب ڪرام رضه به ڏڪندا هئا.
    موتمر عالم اسلامي طرفان ”عبقريت عمر رضه“ نالي ڇپيل ڪتاب ۾ آهي ته هڪ ڏينهن حضرت عمر رضه ڪيڏاهن وڃي رهيا هئا ۽ سندن پويان اصحاب سڳورن جي هڪ جماعت هئي. اوچتو حضرت عمر رضه کي ڪو ڪم ياد اچي ويو جنهن سببان هو ڏاڍي ڦڙتي سان پوئتي موٽيو ته سمورا اصحاب سڳورا سندن رعب سبب گوڏن ڀر ڪري پيا.
    ڪتاب جو مصنف مزيد لکي ٿو ته خود آنحضرتﷺ جن به حضرت عمر رضه واري انهي مبارڪ زندگي جي انهي مخصوص ادا ۽ رُخ جي رعايت ڪندا هئا. جيئن ڪتاب وارو لکي ٿو ته هڪ دفعي امان عائشه رضه حضورﷺ جن لاءِ سيرو تيار ڪيو. اتفاق سان اما سانئڻ بي بي سودهرضه به اتي اچي ويئي. بي بي عائشه رضه، بي بي سوده کي کائڻ لاءِ ڏنائين مگر بي بي سوده رضه کائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين. حضرت امان عائشه رضه ڏاڍي اصرار ۽ ڏي وٺ کان پوءِ کل ڀوڳ ۾ حضورﷺ جن جي سامهون سيري مان لپ ڀري حضرت سوده رضه جي منهن تي ٿڦي ڇڏيو. پاڻ ڀلاراﷺ مرڪي سيري مان ڪجهه حصو بي بي سوده رضه ڏانهن وڌائيندي. فرمايو ته ”وٺ تون به عائشه رضه جي چهري تي لڳائي ڇڏ“ پاڻ سونهاراﷺ جن اهو چوندي رهيا ۽ مرڪندي به رهيا ته ايتري ۾ حضرت عمر رضه اتان کان لانگهائو ٿيا.
    پاڻ ڪريمنﷺ جن محسوس ڪيو ته عمر رضه هيڏانهن ايندو. ان ڪري پاڻ ڪريمنﷺ بي بي سوده ۽ عائشه رضه جن کي فرمايو جلدي اٿيو ۽ پنهنجا پنهنجا منهن ڌوئي وٺو. حضرت عمر رضه اچي پيو.


    حضرت عمر فاروق جي بيعت

    حضرت ابو بڪر صديق رضه جي انتقال جو وقت جڏهن ويجهو آيو ته پاڻ گهر جي دري مان ماڻهن کي خطاب فرمايو ۽ خلافت جي باري ۾ چيائون.
    مون هڪ عهد ڪيو آهي. ڇا توهان ان تي راضي ٿيندا؟ ماڻهن چيو اي خليفه رسولﷺ اسان راضي آهيون. ان تي حضرت علي المرتضيٰ رضه چوڻ لڳو ته عمر بن خطاب کانسواءِ ٻئي ڪنهن به شخص تي اسان هرگز راضي نه ٿينداسون. اسد الغابه ج 4 ص7.
    انهي موقعي تي به حضرت علي رضه جيڪڏهن پنهنجو حق سمجهي ها ته ضرور ڪجهه چئي ها. پر پاڻ کليل لفظن ۾ حضرت عمر فاروق جي خلافت کي تسليم ڪيائون. پر ايتري قدر چيائون ته عمر بن خطاب کي اگر امير نه بنايو ويو ته ٻيو ڪو به امير اسان کي قبول نه آهي نه ئي ان کي تسليم ڪيو ويندو.
    حضرت علي رضه جي دل ۾ خلافت جي مسئلي تي ڪو غم و غصو هجي ها ته هو پنهنجي نياڻي امان بي بي اُم ڪلثوم حضرت عمر جن جي نڪاح ۾ نه ڏين ها. جنهن کي اهل تشيع عالم به قبول ڪن ٿا.


    حضرت عمر رضه جو حضرت علي المرتضيٰ جن جي نياڻي سان نڪاح جو احوال:

    هڪ دفعي حضور انورﷺ جن فرمايو ته قيامت ڏينهن سڀ رشتيداريون ۽ نسبتون ختم ٿي وينديون پر منهنجي رشتيداري ۽ نسبت قيامت ڏينهن به قائم رهندي. حضرت عمررضه کي باوجود وڏي شرافت ۽ مقام و مرتبي جي دل ۾ هي خيال ٿيو ته ڪنهن به نموني سان اهو شرف حاصل ٿئي. انهي لاءِ هِن حضرت علي رضه سان مشورو ڪيو ته مان هن وقت اگرچه وڏي ڄمار سبب شادي جي لائق ناهيان. پر چاهيان ٿو ته نبي پاڪ جي خاندان سان منهنجي نسبت قائم رهي. سو گهران ٿو ته توهان پنهنجي نياڻي مون کي نڪاح ۾ ڏيو. حضرت علي ڪرم الله وجھ اها ڳالهه ٻڌي يڪدم آماده ٿيو ۽ پنهنجي نياڻي اُم ڪلثوم جو نڪاح حضرت عمر رضه سان ڪيائين.


    حضرت عمر رضه جي وفات وقت حضرت علي جي دعا گهرڻ:

    حضرت عبدالله بن عباس رضه جي فرمان مطابق ته حضرت عمر فاروق جي وفات وقت آئون ماڻهن سان گڏ اتي موجود هوس. ماڻهو حضرت عمر رضه جي چو گرد ڏک ۾ بيٺا هئا. ان جي حق ۾ الله تعاليٰ کان مغفرت جون دعائون گهري رهيا هئا. حضرت عمر بن خطاب کي کٽ تي رکيو ويو هو. ان وقت حضرت علي ڪرم الله وجھ منهنجي پٺيان منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي. فرمايو! اي عمر الله تعاليٰ توتي رحم فرمائي تون حڪم الاهي ۽ سنت رسولﷺ تي عمل ڪيو. آئون اها اميد ۽ توقع رکان ٿو ته توکي الله تعاليٰ تنهنجي ٻنهي ساٿين نبي ڪريمﷺ ۽ ابو بڪر رضه سان دنيا ۾ معيت نصيب فرمائي. اهڙي طرح توکي آخرت ۾ به معيت نصيب فرمائي. ان ڪري جو مون حضورﷺ کان گهڻو ٻڌو آهي ته پاڻ ڀلاراﷺ جن فرمائيندا هئا ته آئونﷺ، ابو بڪر رضه ۽ عمر رضه سان گڏجي هي ڪم ڪيو. آئون، ابو بڪر رضه ۽ عمر رضه سان گڏ هن طرف ويا سون. آئونﷺ، ابو بڪر رضه ۽ عمر رضه مسجد نبوي ۾ داخل ٿياسون. آئونﷺ، ابو بڪر رضه ۽ عمر رضه ٻاهر نڪتاسون، آئونﷺ، ابو بڪر ۽ عمر هليا وياسون وغيرهم (ڪنزلعمال ج 6 ص 36)
    پوءِ دنيا ڏٺو ۽ ڏسي رهي آهي ته حضور نبيﷺ ۽ ابو بڪر صديق جي پاسي ۾ حضرت عمر رضه فاروق جي تدفين سان حضرت علي جي ان گمان کي پڪ ملي ويئي. جهڙي طرح هو زندگي جي سفر ۾ هر معاملي ۾ گڏ رهيا. اهڙي طرح آخرت جو سفر به هڪ ئي جڳهه مان شروع ڪيو.
    اگر فردوس بر روءِ زمين است، همين است و همين است، همين است.
    حضرت عمررضه کي خلافت ملڻ واري وقت جڏهن حضرت عمر رضه جي بيعت تي ڪجهه اصحاب سڳورن رضه ۾ سندن شدت ۽ حدت تي چهميگويون ٿيڻ شروع ٿيون ته حضرت عمر رضه جيڪي ڪجهه چيو ان جو مطلب هي آهي.
    مسلمانو! مون تائين اهي ڳالهيون پهتيون آهن ته توهان منهنجي سخت مزاجي کان ڊڄو ٿا ۽ چئو پيا ته عمر رضه اسان جي معاملن ۾ ڏاڍو سخت هو. جيتوڻيڪ آنحضرت جن حيات هئا. ۽ عمر جي اها تيزي ان وقت به قائم هئي. مٿان جڏهن جو حضرت ابو بڪر صديق رضه خليفة المسلمين بنايا ويا تڏهن به منهنجي طبيعت ساڳي رهي هاڻي جڏهن آئون توهان جو امير بنايو پيو وڃان. خدائي بهتر ڄاڻي ٿو ته آئون ڇا آهيان ۽ ڇا ٿي رهندس.
    خدا جو قسم! توهان صحيح پيا چئو. آنحضرت سان گڏ ته سندن غلام ۽ خادم هوس ۽ پاڻ ايتري قدر نرم ۽ رافت پسند هئا جو قرآن به بالمومنين رئوف الرحيم چوندي سندن نرم دلي جي تصديق ڪئي آهي. آئون سندن هٿ ۾ کليل تلوار هئس. پوءِ آئون تيز تلوار ثابت ٿي. ڏيکاريندو هوس. دل گهرندي هئي ته پاڻ ڀلاراﷺ مون کي مياڻ مان ٻاهر ڪڍندا هئا ۽ دل گهرندي هئي ته مون کي مياڻ ۾ بند ڪري رکي ڇڏيندا هئا.

    آنحضرتﷺ جن جي وفات ٿي ته هو مون کان گهڻو راضي ۽ خوش هئا. اهو منهنجو سڀاڳ هو. ان پڄاڻان حضرت ابو بڪر رضه مسلمانن جا مختيار بنايا ويا ته انهن جي نرمي سان گڏ مون واري سختي وارو ميلاپ فائدي مند ثابت ٿيو. سندن لاءِ به منهنجو وجود تلوار وارو رهيو. ڀلي مياڻ ۾ رکن يا جي چاهن ته ٻاهر ڪڍي ڇڏين. ته آئون تيز ڪاٽيندڙ ثابت ٿيان. منهنجو حضرت ابو بڪر رضه سان اهو ئي معاملو رهيو. تان جو سندن وفات ٿي ويئي ۽ پاڻ دنيا مان هليا ويا ته مون مان ڏاڍا خوش هئا ۽ آئون ان کي به پنهنجو سڀاڳ سمجهان ٿو. الحمد لله عليٰ ذالڪ. اي انسانو! هاڻ مون واري سختي گهٽ ٿي ويئي آهي. مون کي سمجهڻ وارا ۽ استعمال ڪرڻ وارا عظيم انسان روانا ٿي ويا آهن. اگر آئون سختي ڪريان ته ڪنهن جي اڳيان ڪريان. ائين چئي زارو قطار روئڻ لڳو ”سڏڪا ڀرڻ لڳو رضه“ ٿوري وقفي کان پوءِ ها! ڏاڍ، سرڪشي ۽ باطل جي خلاف اهو ئي عمر کليل تلوار آهيان. باقي امن پسند، ديندار ۽ سلامتي اختيار ڪرڻ وارن لاءِ ته آئون نهايت ئي نرم ۽ ذميدار آهيان.
    حضرت عمر رضه جي حق واري حڪومت کي پنهنجن ته ڇا پر پراون به دل و جان سان تسليم ڪيو آهي. آخرڪار اهو حق جو ستارو ڏهه سال. ڇهه مهينا ۽ ڪجهه ڏينهن بارخلافت جا فرائض سرانجام ڏنائين سن 23 هجري 27 ذوالحج فجر نماز پڙهائيندي مسجد نبوي جي عظيم المرتبت مصلي تي. عيسائين، يهودين ۽ ايراني مجوسين جي ايجنٽن جي گڏيل سازش تحت هڪ غنڊي ابو لولو فيروز مٿن زهريلي خنجر سان حملو ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ اهو عظيم انسان ۽ اسلامي تاريخ جو عظيم هيرو پهرين محرم سن 24 هجري 63 سالن جي ڄمار ۾ شهادت جو عظيم رتبو ماڻي پنهنجي حقيقي محبوب سان وڃي ملاقي ٿيو. الله پاڪ جون رحمتون برڪتون ۽ رضائون پل پل هجن.
    جنهن جي نماز جنازه عاشق رسولﷺ حضرت صحيب رومي پڙهائي. قدرت جو هي عجيب اتفاق آهي، جو امان عائشه رضه جي جنت نما حجري ۾ بي نوع آدم عليھ السلام جون ٽي عظيم ۽ قداور هستيون آرامي آهن. ٽنهي مان هر هڪ جي ڄمار مبارڪ ٽيهٺ سال هئي. ٽئي ساڳي هڪ ڏينهن سومر جي، ۽ ٽنهي جي وفات جو ڪارڻ زهر بنيو. زندگي ۾ ٽنهي جو هردم ساٿ رهيو. دنيا ڇڏڻ پڄاڻان به هردم ساٿ، ٽيئي هيرا هڪ سِپ ۾ بند آهن. جڏهن نڪرندا ته گڏ، امت کي آب ڪوثر پياريندا ته گڏ، ائين کڻي چئجي ته هڪ سج ۽ ٻه چنڊ هڪ برج مان دنيا کي پنهنجي روشني بخشي رهيا آهن.


    شانِ اُم المومنين بي بي عائشھ صديقھ الحميرا رضه

    حضرت صديق اڪبر رضه جي باغ صدق و وفا مان ٻه مکڙيون ٽڙيون. جنهن پنهنجي سرهاڻ ۽ سڳنڌ سان پوري دنيا کي معطر ۽ خوشبوءِ سان واسي ڇڏيو. انهن مان هڪ ته بي بي اسماء رضه جي نالي سان مشهور ٿي، جنهن جي دليرائي، دانائي، جرئت مندي ۽ جفاڪشي توهان هجرت واري واقعي مان مٿي پڙهي آيا آهيو.
    ٻي مکڙي حضرت امان سانئڻ بي بي عائشه رضه هئي. مخلوق ۾ بعد از خدا بزرگ تريکي بعد ديگر ٽي عظيم هستيون جنهن جاءِ ۾ کير کنڊ ۽ ماکي مليل محو استراحت آهن. اهو حجر و بي بي امان عائشه رضه جي نالي سان تاريخ عالم ۽ تاريخ اسلام ۾ گهڻو مشهور آهي.
    سندس نالو عائشه، ڪنيت ام عبدالله، لقب صديقھ ۽ حُميراء هو. پي جو نالو ابو بڪر صديق ”خليفئه اول“ ماء جو نالو زينب ڪنيت ام رومان، ولادت بعثت نبوي کان پنج سال پهرين. بي بي صاحبه انهن بزرگ هستين مان آهي. جن ڪفر و شرڪ جو آواز ڪڏهن ڪنن سان نه ٻڌو. پاڻ رضه فرمائي ٿي ته جڏهن مون هوش سنڀاليو ته مون پنهنجي ساري گهراڻي کي دولتِ اسلام سان مالا مال ڏٺم... امام زهري رحه فرمائي ٿو ته جيڪڏهن سمورن مردن جي علم کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو وڃي ۽ ان سان ام المومنين رضه عائشه رضه جو علم ڀيٽيو وڃي ته حضرت عائشھ جو علم انهن جي مجموعي علم کان وڌي ويندو.
    علامھ ابن قيم رحه فرمائي ٿو ته نسبي شرافت جي اعتبار سان حضرت فاطمة الزهريٰ رضه سڀني کان افضل آهي. سابقيت اسلام جي لحاظ سان حضرت بي بي خديجة الڪبريٰ رضه سڀني کان وڌيڪ مرتبي واري آهي. پر جيڪڏهن علمي ڪمال، ديني خدمات ۽ حضورﷺ جي تعليمات ۽ ارشادات جي نشر و اشاعت جي فضيلت جو پهلو آڏو هجي ته پوءِ انهن ۾ امان سانئڻ عائشه صديقه کان ڪو به وڌيڪ فضيلت وارو نه ٿو ٿي سگهي. حضورﷺ جن جي زوجه محترمه بي بي خديجة الڪبريٰ جو جڏهن وصال ٿيو ته حضورﷺ کي ڏاڍو صدمو رسيو. پاڻ ڪريمن انهي سال کي ”عام الحزن“ وارو سال نالو رکيو.
    هي ڳالهه بلڪل صحيح آهي ته وفادار ۽ سگهڙ گهر واري جي رحلت ڪري وڃڻ سان گهر جو سڄو نظام درهم برهم ٿي ويندو آهي ۽ وري سيده خديجة الڪبريٰ جي وفاداري دانشمندي ڪنهن کان لڪل نه آهي. امان سانئڻ انهن ڏينهن ۾ حضورﷺ جن جي رسالت جو اقرار ڪيو. جنهن وقت پاڻ سڳورن کي الله تعاليٰ جو رسول چوڻ به وڏو جرم هو ۽ انهن نبوت جي ابتدائي ڏينهن ۾ بي بي صاحبه جيڪو دليرائي ۽ دانائي جو مظاهرو ڪري نبي پاڪ جو ساٿ ڏيئي حوصلو بلند رکيو اهو هڪ مثالي ڪردار هو.
    پاڻ سڳورا بي بي صاحبه جي وڇوڙي سببان گهڻو اداس رهندا هئا. ڪن اصحاب رضه سڳورن ٻئي نڪاح ڪرڻ جو مشورو ڏنو. پاڻ سڳورن انهي مشوري کي سامهون رکندي. فرمايائون ته جيڪو رب جو حڪم هوندو اونئين ڪبو. چند ڏينهن بعد وحي جبرئيل عليھ السلام ذريعي الله پاڪ حڪم فرمايو ته پنهنجي يارِ غار صديق اڪبررضه جي نياڻي عائشه رضه ويٺي آهي. اي محبوبيﷺ اها ئي توکي سونهي ٿي. منهنجو انتخاب اهو آهي ۽ تون ان کان گهُر ڪر ۽ بي بي سانئڻ جي تصوير پڻ ڏيکاري ويئي پاڻ ڀلارن سيده عائشھ رضه جي سڱ گهرڻ لاءِ حضرت عمر رضه حضرت عثمان رضه کي موڪليائون. سيدنا صديق اڪبر رضه مانگيتن کي عرض ڪيو ته ”فداه ابي وامي“ منهنجي هر چيز مٺي محمدﷺ آمنھ جي لال لاءِ آهي. مگر آئون ته مٺڙي محمد جو ڀاءُ آهيان ۽ عائشھ سندس ڀائٽي آهي. اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ مانگيتن موٽي اها ڳالهه دربار رسالت مآب ۾ پيش ڪئي.

    پاڻ ڀلارن مُرڪندي فرمايائون ته ابو بڪر تون منهنجو ديني ڀاءُ آهين. خوني ڀاءُ ناهين. حضرت ابو بڪر رضه اها ڳالهه ٻڌي فرمايائين ته باالراس والعين مون کي اهو رشتو قبول آهي. منهنجا اهڙا ڀاڳ ڪٿي جو منهنجي نياڻي نبيﷺ جي نڪاح ۾ هجي اهڙي طرح بي بي صاحبه ڇهن سالن جي مڪي ۾ هئي ته سندس نڪاح ٿيو ۽ ڪجهه عرصو مائٽن جي گهر رهي. هجرت کان پوءِ جڏهن مديني منور آئي ته آبهوا جي تبديلي ڪري بيمار ٿي پئي. بيماري سبب تمام گهڻي ڪمزور ٿي ويئي. جڏهن صحت درست ٿي ته سن 2 هجري ۾ رخصتي ٿي. ان وقت امان سانئڻ جي عمر شريف 9 سال هئي. حضورﷺ جن فرمايو ته مون عائشه رضه سان نڪاح حڪم خدا وندي تحت ڪيو آهي. عورتن مان سڀ کان وڌيڪ محبت مون کي عائشه رضه سان آهي ۽ مردن مان ان جي پيءَ صديق اڪبر رضه سان آهي.
    حضرت امان عائشه رضه تي منافقن ۽ دشمنان اسلام ڪفارن تهمت لڳائي. بقول سيد عطاء الله شاهه بخاري رحه جي ته بي بي مريم عليھ السلام تي تهمت لڳي ته سندس پٽ معصوم حضرت عيسيٰ عليھ السلام پاڪدامني جي گواهي ڏني ۽ يوسف عليھ السلام تي تهمت لڳي ته هڪ معصوم ٻار سندس معصوميت جي شاهدي ڏني. مگر حضرت امان عائشھ تي تهمت لڳي ته خود الله پاڪ پاڻ عدالت جي ڪٽهڙي ۾ بطور صفائي جي شاهد ٿي آيو ۽ وڏن زوردار لفظن ۾ فرمايائين ته هذا بهتان عظيم. هي بي بي عائشه رضه تي وڏو بهتان آهي. سندس ڪلام الاهي جون سترهن آيتون ام المؤمنين جي پاڪ دامني لاءِ دليل آهن. ۽ قيامت تائين پڙهيون وينديون. اگر رهندي دنيا تائين ڪو ابنِ سبا، يا ابن اُبي جهڙو ڪتو ڀونڪي ته ان جي منهن تي موچڙو قائم دائم ۽ ڪافي آهي.
    جيڪڏهن ”نعوذ بالله“ حضرت عائشه پاڪدامن نه هجي ها ته رسول خدا جي گهر واري ٿيڻ جي لائق نه هجي ها ڇو ته فرمان رسولﷺ آهي ته الله کي اها ڳالهه نا پسند آهي ته مان جنتي عورت کان سواءِ ٻي ڪنهن سان نڪاح ڪيان. ڇا ان احڪم الحاڪمين ۽ عالم الغيب جو انتخاب غلط هو.

    انهي خاص واقعي کانسواءِ ٻيون به گهڻيون ئي خاصيتون حضرت عائشھ رضه کي نصيب هيون. جنهن تي امڙ سانئڻ کي ناز هو.
    جڏهن اسان سيده حوا عليها السلام کان اڄ تائين عورتن جي تاريخ جو جائزو وٺون ٿا ته جيڪي خاصيتون اسان کي حضرت امان سانئڻ عائشھ رضه ۾ ملن ٿيون. دنيا جي ڪنهن به عورت ۾ اهي نٿيون لڌيون وڃن.
    1. صرف امڙ حضرت عائشھ رضه جو نڪاح ڪنوارپ ۾ ٿيو. 2. حضرت جبرئيل عليھ السلام حضرت عائشھ رضه کي الله جا سلام چيا. 3. عائشه رضه جي بستري تي جڏهن رسول خداﷺ جن هوندا هئا ته وحي نازل ٿيندو هو. 4. وفات جي وقت حضرت محمد رسولﷺ جو مٿو مبارڪ سندن گود ۾ هو. 5. حضرت عائشه جو حجرو الله جي رسولﷺ جو آخري آرام گاهه ۽ مدفن بنيو. 6. صحابيات ۽ امهات المومنين مان سڀ کان گهڻيون روايتون حضرت عائشھ رضه کان مروي آهن. 7. حضرت عائشھ جي روايتن جو تعداد ٻاويهه سو ڏهه آهي. 8. جنگ بدر ۾ حضرت عائشھ جي رَئي مان حضورﷺ جن جهنڊو ٺاهي بلند ڪيو هو. 9. سندن خصوصي شاگردن جو تعداد سَون ۾ آهي. 10. پاڻ ڀلارنﷺ جي وفات کان بعد جليل القدر صحابه رضه حضرت عائشه رضه کان ارشادات رسولﷺ جي تشريح پڇندا هئا. 11. دنيا ۾ عورتن مان سڀ کان پهرين حافظه قرآن بي بي عائشھ رضه هئي. 12. دنيي علم جي اڌ يعني نسواني دنيا جي مسائل جي مفسره بي بي عائشه هئي. حضرت ابو موسيٰ اشعري رضه فرمائي ٿو ته اسان کي جيڪڏهن ڪا علمي مشڪل پيش ايندي هئي ته ان جو حل حضرت امان بي بي عائشھ کان ٿيندو هو. کانئس ان مسئلي جي حل جي باري ۾ مڪمل تحقيق ملندي هئي. امڙ سانئڻ خود فرمائي ٿي ته آئون مڪي پاڪ ۾ ٻاراپڻ ۾ پنهنجي گڏين سان کيڏي رهي هئس. ته ان وقت حضورﷺ تي سوره القمر جي هي آيت ”بَلِ السَّاعَةُ مَوْعِدُهُمْ وَالسَّاعَةُ اَدْهٰى وَاَمَرُّ“ نازل ٿي ته اها گهڙي ۽ آيت مون کي ياد آهي. مڪي پاڪ ۾ بي بي صاحبه ڪل اٺ سال عمر تائين رهي آهي. حالانڪ ان ڪم عمري ۾ ان آيت جي نازل ٿيڻ جي خبر هئڻ ۽ وري ان جو ياد رکڻ. اهو دين سان خاص لڳائوَ سان ئي ٿي سگهي ٿو ور نه اٺ سال جي ڄمار ئي ڪهڙي شيءِ آهي.

    الله پاڪ امڙ سائين کي جيڪا ذهانت، فهم و فراصت ۽ جيڪو حافظو عطا ڪيو هو اُهو دنيا جي ٻي ڪنهن به عورت کي، اها نعمت نه ملي هئي ڇو ته اها اڳتي هلي لولاڪ لما جي صاحب ۽ محبوب خدا ختم الرسل جي رفيق حيات بنجڻي هئي.
    امان عائشھ رضه الله جي نبيﷺ کي مسواڪ چٻاڙي ڏيندي هئي. پاڻ ڀلارا اهو مسواڪ استعمال ڪندا هئا. امان عائشھ رضه جو لعاب دهن پاڻ ڀلارن جي شڪم اطهر ۾ ويو آهي ۽ پاڻ ڀلارن جو لعاب دهن امان عائشھ رضه جي بطن انور ۾ ويو آهي. پاڻ ڪريمﷺ جن امان سانئڻ کي هردم خوش رکڻ ۽ خوش ڏسڻ جا متمني هوندا هئا.
    حضورﷺ جن امان سانئڻ کان پيڻ لاءِ پاڻي گهرندا هئا. پوءِ امڙ سانئڻ جڏهن پاڻي کڻي ايندي هئي ته پاڻ ڀلارا فرمائيندا هئا ته عائشھ پهريائين تون پي. پوءِ مان پيان ٿو. امان سانئڻ پهريائين پيالي مان پاڻي پيئندي هئي. پوءِ پاڻ ڪريمﷺ جن پيئڻ فرمائيندا هئا ته عائشھ تو پاڻي ڪٿان پيتو. پاڻ ڀلاراﷺ انهي جاءِ تان پاڻي پيئندا هئا. جتان امان عائشھ پاڻي پيتو هو. امان سانئڻ جي فضيلت جي باري ۾ الله جي رسولﷺ جن فرمايو ته دنيا جي عورتن مٿان عائشھ رضه جي فضيلت ائين آهي، جيئن سمورن کاڌن مٿان ثريد کي آهي. ”ثريد گوشت جي شوربي ۾ مهٽيل ماني“ حضورﷺ جن کي ثريد وارو کاڌو تمام گهڻو پسند هو. 1. حضرت بي بي ام سلمھ کي رسول خدا جن فرمايو ته قسم آهي خدا جو مون تي ڪنهن به گهرواري جي خواب گاهه ۾ وحي نازل نه ٿي. سواءِ حضرت عائشھ جي، 2. سيده فاطمة کي الله جي رسولﷺ جن فرمايو ته اي منهنجي ڌيءَ جنهن سان مان محمدﷺ محبت ڪريان ٿو ڇا تون ان سان محبت ڪندين؟ بي بي فاطمة رضه فرمايو ته بابا سائين ڇو نه؟ تنهن تي سڄڻن فرمايو ته پوءِ آئون عائشھ سان محبت ڪيان ٿو. تون به عائشھ رضه سان محبت ڪندي ڪر.
    حضرت عمر بن عاص رضه حضور پاڪ کان عرض ڪيو ته اي الله جا رسولﷺ توهان کي سڀ کان وڌيڪ محبت ڪنهن سان آهي؟ پاڻ ڀلارن فرمايو ته عائشھ سان، عمرو بن عاص وري عرض ڪيو ته سائين منهنجي مراد مردن مان آهي. تنهن تي سڄڻن فرمايو ته پوءِ عائشھ رضه جي پي ابو بڪر صديق سان آهي.
    حضرت علي المرتضيٰ رضه کي اطلاع مليو ته ٻن ڄڻن حضرت عائشھ جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي. پاڻ سڳورن انهن ٻنهي کي گهرائي سو سو دُرا لڳرايا ۽ فرمايائين ته حضرت عائشھ دنيا ۽ آخرت ۾ توهان جي نبيﷺ جن جي گهرواري آهي. ام المومنين ۽ جنتي آهي.
    هڪڙي ڀيري هڪ ايراني نسل پاڙيسري صحابي سڳوري پاڻ ڀلارن جي دعوت ڪئي ۽ شوربو ”حليم“ تيار ڪيائين. حضورﷺ جن کي وٺڻ لاءِ آيو. پاڻ ڀلارن فرمايو ڇا عائشھ رضه کي به دعوت آهي؟ ان شخص جواب ڏنو ته نه سائين. پاڻ سڳورن فرمايو ته پوءِ آئون ڪو نه هلندس. ڪجهه دير بعد اهو پاڙيسري وري آيو ته سائين توهان کي منهنجي دعوت آهي هلو... پاڻ ڀلارنﷺ فرمايو ته ڇا عائشھ کي به تنهنجي دعوت آهي؟ ان چيو نه. ”شايد کاڌو ٿورو هو يا عام مردن جي شرڪت هئي“ پاڻ ڀلارن فرمايو ته پوءِ آئون ڪو نه هلندس. آئون محمدﷺ شوربي واري دعوت کاوان ۽ عائشھ رهجي وڃي. اهو ٿي نٿو سگهي. انهي تي اهو پاڙيسري واپس روانو ٿي ويو. ٽي دفعي اهو پاڙيسري وري آيو ۽ عرض ڪيائين ته اي الله جا رسولﷺ توهان کي ۽ امان عائشھ رضه کي منهنجي حليم جي دعوت آهي. پاڻ ڀلارا خوش ٿيا ۽ ٻئي عظيم هستيون نبي پاڪ ۽ سندس محترمھ گهر واري تيار ٿي دعوت لاءِ روانا ٿيا. سردار دوجهان اڳيان اڳيان ۽ امڙ سانئڻ پٺيان پٺيان تان جو ايراني پاڙيسري صحابي جي گهر پهتا ۽ دعوت کاڌائون. اهو هو الله جي نبيﷺ جو سندس گهرواري بي بي عائشھ رضه سان پيار. واهه نبيﷺ تنهنجو پيار، واهه صحابي تنهنجو اصرار. واهه امان سانئڻ تنهن جو اقرار...


    حضور انورﷺ جن جي طرفان سندن دل جوئي

    (1) بيھقي ۾ هڪ روايت آهي ته، حضرت عبدالله بن مسعودرضه فرمائين ٿا ته هڪڙي ڀيري حضور انورﷺ جن حضرت عائشهرضه کي فرمايائون ته ٻاهر مسجد نبوي جي صحن ۾ حبشي ماڻهو نيزه بازي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. ڇا تون ڏسڻ گهرين ٿي؟ امان سائڻ فرمايو ته ها، آئون ڏسڻ گهران ٿي.
    پوءِ پاڻ ڀلارا اُتي بيهه رهيا ۽ بيبي صاحبه کي پنهنجي ڪُلهي پٺيان بيهاريائون ۽ فرمايائون ته هاڻ ڏسي وٺ، تانڪه پردو به ٿي وڃي.
    حالانڪه پاڻ ڪريمن کي انهي مظاهري سان ڪابه دلچسپي نه هئي. ليڪن حضرت عائشهرضه جي دل جوئي خاطر ائين ڪيائون. ٿوري دير کان پوءِ پڇيائون ته عائشه هاڻ هلون؟ امان سائڻ فرمايو ته، نه الله جا رسول اڃان وڌيڪ ڏسڻ لاءِ دل گهري ٿي پاڻ ڀلارا وري به ڪجهه دير ترسي پيا.
    (2) امان سائڻ فرمائي ٿي ته، هڪ ڀيري آئون پاڙي جي پنهنجي سهلين سان گڏ، گُڏين سان راند کيڏي رهي هيس ته اوچتو منهنجا سرتاج اچي ويا. مون يڪدم پنهنجن گڏين کي گڏ ڪري ڪپڙي ۾ ويڙهي رکيم ۽ منهنجو سهيليون ڪمري کان ٻاهر نڪري ڪنڊائيتون ٿي بيهه رهيون، پاڻ ڀلارن مُرڪي فرمايائون ته عائشه ڇا راند ۾ رُخنو پئجي ويو ڪيئن؟
    ۽ ڪجهه گهڙيون ترسي مونکي ڏسي گهر کان ٻاهر هليا ويا، ۽ منهنجي سهيلين کي چيائون ته اندر وڃو، عائشه سان کيڏو ۽ کيس خوش ڪريون. (سبحان الله)
    (3) امان سائڻ فرمائي ٿي ته، هڪ ڀيري ڪنهن هنڌ اڪيلائي ۾ پاڻ ڀلارن فرمايو ته عائشه اچ ته ڊوڙون ٿا، ڪير تِکو، پوءِ اسان ٻئي ڊوڙياسون، آئون ننڍي هوس ۽ منهنجو جسم به هلڪو هو، ڊوڙ ۾ آئون اڳتي نڪري ويس ۽ گوءِ مون کٽي ورتم، پوءِ وري ڪافي عرصي کان بعد پاڻ ڀلارن فرمايو ته عائشه اڄ ڊوڙ ۾ مقابلو ڪنداسون، مون چيو هائو سائين، پوءِ اسان ٻئي ڊوڙياسون هن ڀيري آئون جسماني طور ٿلهي هوس پاڻ ڪريمﷺ ڊوڙ ۾ کٽي مونکان اڳتي نڪري ويا ۽ مقابلو کٽي ورتائون، ۽ فرمايائون ته عائشه فڪر جي ڳالهه ناهي اڳين گوءِ تو کٽي هن دفعي مون کٽي پاڻ ٻئي برابر ٿياسون.
    (4) بخاري شريف ۾ هڪ حديث آهي، جنهن جي راوي بي بي عائشه خود آهي. امان سائڻ فرمائي ٿي ته حضور انورﷺ جن جڏهن به گهر ايندا هئا ته نهايت خنده پشاني سان پيش ايندا هئا. خوش طبعي سان ڳالهيون ڪندا هئا. هڪڙي ڀيري مونکي يمن جي يارهن عورتن جي باري ۾ هڪ آکاڻي ٻڌايائون فرمايائون ته عائشه يمن ۾ يارهن عورتون رهنديون هيون، انهن پاڻ ۾ طئي ڪيائون. هر عورت پنهنجي پنهنجي مڙس جو حال بيان ڪندي پوءِ سڄو واقعو فرمايائون.
    حديث پاڪ ۾ آهي ته پاڻ ڀلارن فرمايو ته توهان مان ڀلو اهو آهي جو پنهنجي گهر وارين سان ڀلو هجي، آئون پنهنجي گهر وارين سان ڀلو برتاءُ ڪندڙ آهيان.


    اسلام ۾ اذان جي اهميت ۽ مفهوم

    اها اسلام جي ئي انفراديت آهي. جو نماز جهڙي اهم عبادت جي ادائگي لاءِ اذان ”سڏڻ“ جي ذريعي سڏڻ ۽ گڏ ڪرڻ جو هڪ خوبصورت انداز ۽ جامع طريقو مقرر ڪيو ويو آهي. انسان پنهنجي نجي مصروفيات سبب ڪنهن وقت غافل ٿي ويندو آهي، ته اذان ذريعي کيس احساس ڏياريو ويندو آهي ته نماز باجماعت جو وقت ويجهو اچي چڪو آهي. انهي ڪري نماز جي تياري ڪئي وڃي. اذان ۾ جيڪي لفظ شريعت مقرر ڪيا آهن. انهن مان سڀ کان پهرين الله پاڪ جي ڪبريائي بيان ڪبي آهي ۽ توحيد جي شاهدي ڏيڻ سان گڏوگڏ الله تعاليٰ جي آخري نبي حضرت محمد مصطفيٰﷺ جي رسالت جي شاهدي پڻ ڏني ويندي آهي پوءِ نماز جو سڏ ٿيندو آهي. ان کان بعد نماز کي ڪاميابي جو ذريعو ٻڌائيندي. نماز ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني ويندي آهي. پوءِ الله پاڪ جي وڏائي بيان ڪئي ويندي آهي. ان کان پوءِ ٻيهر توحيد جي شاهدي ڏئي اذان ختم ڪئي ويندي آهي. انهي اعلان ڪرڻ لاءِ بلند آواز وارو ماڻهو کپي ۽ ان جو آواز پري پري تائين پهچندو هجي جنهن لاءِ حضور عليھ الصلواة و السلام جن جو نظر انتخاب حضرت بلال حبشي تي پئي. جيڪو نهايت بلند آواز مشهور هو.


    مسجد نبوي صلعم جي مؤذن اول جو شان

    حضرت بلال رضه جو مختصر تعارف
    حضرت بلال رضه جي والد جو نالو رباح ۽ سندس والده جو نالو حمامه هو. هو حبش جي علائقي ۾ ڄائو هو. تنهنڪري بلال حبشي چيو ويندو هو. هي حبشي ظاهري طور شڪل صورت جو ڪوجهو ۽ ڪارو، پر اندر ۾ کير کان وڌ اڇو ۽ اُجرو، سچائي، پيار ۽ وفا سان ٽمٽار يهودي اميھ بن خلف جو غلام هو. حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي نبوت ۽ ڪلمھ هيڪڙائي جو ٻڌي مسلمان ٿيو. سندس مسلمان ٿيڻ ۽ دين فطرت جي خاطر تڪليفون برداشت ڪرڻ جي باري ۾ توهان مٿي پڙهي آيا آهيو. بعد ۾ حضرت صديق اڪبر رضه هن کي اميھ بن خلف کان آزاد ڪرايو. آزاد ٿيڻ کان بعد اصحاب صفھ سان گڏ رسول پاڪ جي صحبت فيض اثر ۾ هر وقت حاضر رهيو. سفر هجي، حضر هجي، گرمي هجي يا سردي بلال رضه پاڇولي وانگر گڏ.
    حضرت رسول خداﷺ جڏهن به بلال کي فرمائيندا هئا ته بلال ڇا حال آهي؟ ته حضرت بلال رضه فرمائيندو هو ته منهنجا سڄڻ سائين. منهنجي هر درد جو دارون دوا هڪ تنهنجو ديدار آهي. سڄڻ شال جيئن، توهان خوش ته آئون خوش.
    دنيا ۾ حضرت بلال رضه محبوبِ خدا جي عشق و محبت ۾ ايتريون ته تڪليفون ۽ مصيبتون ڏِٺيون ۽ سَٺيون جو انهن سورن جي بٺين ۾ پچندي پچندي. هن شخص پچڻ کي پچائي. پنهنجو پاڻ کي ڪُندن بنائي ڇڏيو هو. بقول شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي:
    پتنگ چاهين پاڻ کي ته اچي آگ اُجها،
    پچڻ گهڻا پچايا. تون پچڻ کي پچا،
    واقف ٿي وِسَاء آگ نه ڏجي عام کي.
    جيئن چڪور جون اکيون هر وقت چنڊ ۾ هونديون آهن، تيئن بلال رضه جون اکيون هر وقت چهره انورﷺ ۾ کتل هونديون هيون. بقول ڀٽائي رحه چنڊ کي مخاطب ٿي هينئن چوندا هئا.
    * چنڊ تنهنجي ذات آئون پاڙيان نه پرين سان،
    تون اڇو منجهه رات سڄڻ نت سوجهرا.

    * سهسين سج اڀرن، چوراسي چنڊن،
    بالله، ري پرين سڀ اونڌاهي ڀايان.

    * چنڊ چوان ئي سچ جي مَٺي نه ڀانئين،
    ڪڏهن اُڀرين ٿورڙو ڪڏهن اڀرين ڳچ،
    جو تو ۾ ٻَري مَچ، سو پدم پرين جي پير ۾.

    * چنڊ چوڏهين اڀرين سهسين ڪرين سينگار،
    مٽ نه ڀانيان محبوب جو توڻي حيلا ڪرين هزار،
    جهڙو تون سڀ ڄمار، تهڙو دم دوست جو.

    * چڱا چنڊ چئيج، سنيها کي سڄڻين،
    مٿان اڱڻ اڀري پرين جي پئيج،
    جهڻو ڳالهائج، پيرين وجهي هٿڙا.
    جنهن وقت هجرت مديني کان بعد نماز لاءِ اذان جو حڪم مليو ته حضرت بلالرضه جي پُر خلوص، پُر سوز بلند آواز ڏاڍو ڪم ڏنو ۽ مسجد نبوي مديني جو موذن اول بنيو.
    حضرت نبي ڪريمﷺ جن جڏهن معراج تي ويا. عرش عظيم تي پهتا. اتي عرش عظيم تي ڪنهن ماڻهو جي هلڻ جو آواز ۽ آهٽ محسوس ڪيائون. اتي نبي پاڪﷺ جن جبرئيل عليھ السلام امين کان پڇيائون ته جبرئيل اهو آواز ۽ آهٽ ڇا جي آهي؟
    جبرئيل عليھ السلام فرمايو ته اي رحمة اللعالمين اهو تنهنجو چهيتو غلام بلال آهي. جيڪو جتي سوڌو هلي ته مديني جي گهٽين ۾ پيو. پر الله پاڪ ان جي جوهر صدق و وفا جي ڪري. سندس آواز عرش عظيم تي پيو ٻڌرائي. اهو آهي مقام فنا في الله ۽ فنا في الرسول.
    هڪ ڀيري صحابه ڪرام رضه اجمعين پاڻ ڀلارنﷺ جي سامهون اهو تذڪرو ڪيو ته اي الله جا رسولﷺ، بلال اذان غلط ٿو ڏي. لفظ اشهد ۾ ”ش“ کي هو ”س“ ٿو پڙهي. تنهن ڪري هن کي اذان کان معزول ڪري ٻيو ڪو صحابي مقرر ڪيو وڃي. پاڻ ڀلارن فرمايو ته چڱو. آئنده لاءِ فلاڻو صحابي اذان ڏيندو ڪري.
    الله جي قدرت، هاءِ بلال رضه تنهنجو اخلاص. ڪتاب لکن ٿا ته اُها رات ايڏي ته وڏي ٿي جو صحابه ڪرام سڄي رات پاسا ورائي ورائي ٿڪجي پيا. مگر پرهه ڦٽڻ جو نالو ئي ڪونهي. صحابه ڪرام رات جو پاڻ ڀلارن وٽ ويا ته اي الله جا رسولﷺ ڇا قيامت اچي ويئي آهي. جو پرهه نٿي ڦٽي؟ رحمت اللعالمين فرمايو هو ڏسو بلال مسجد نبوي جي ٻانگي ”اذان ڏيڻ جي جاءِ“ وٽ ڇري کنيو بيٺو آهي ته اڄ بلال کانسواءِ ٻي ڪنهن اذان ڏني ته پوءِ مونکي اها زبان نه کپي جو رب جو نالو غلط وٺي ”نه رهي بانس نه بجي بانسري“ ۽ هوزبان ڪٽي ڇڏيندو. هاڻ بلال کي پرچايو ته رب پرچي ۽ پرهه ڦٽي اگر بلال اذان نه ڏيندو ته پرهه نه ڦٽندي.
    حضرت بلال رضه کي چيو ويو ته اي بلال تنهنجو مُحِب محمد رسول اللهﷺ چوي ٿو ته بلال اذان ڏي. بلال اذان ڏيڻ لاءِ اٿيو. الله اڪبر چيو اتان پره باک ڪڍي حضرت بلال رضه جڏهن به اذان ڏيندو هو ۽ اشهد ان محمد ارسول اللهﷺ جي لفظ تي ايندو هو ته شهادت واري آنڱر سان مٺي محمدﷺ جي طرف اشارو ڪندا هئا. الله پاڪ کي اها اشاري واري ادا وڻي ته اذان بلال ڏي.
    هڪ ڀيري حضرت بلال رضه ۽ حضرت عمر رضه ۾ ڪنهن ڳالهه تي تڪرار ٿي پيو حضرت عمر رضه پنهنجي سخت مزاجي جي سبب حضرت بلال رضه کي گهڻو ڪجهه چئي ويو. رات جو حضرت عمر رضه کي خواب ۾ آقاءِ نامدارﷺ جن آيا. حضرت عمر رضه کي ميار طور ڏوراپو فرمايائون ته عمر رضه تو ”منهنجي بلال رضه سان سٺو ڪو نه ڪيو“ حضرت عمر سائين رضه اميرالمومنين انهي مهل رات جو اٿي حضرت بلالرضه جي گهر ويو ۽ حضرت بلال رضه کان معافي ورتي ۽ پرچايائون. انهي کان پوءِ حضرت عمر رضه، حضرت بلال جو خاص خيال رکندا هئا ۽ هميشھ ”سيدنا بلال رضه“ ڪري پڪاريندا هئا. ان جي اچڻ تي کين خوش آمديد چئي. پنهنجي چادر وڇائي ڏيندا هئا. هر وقت نهايت نرم لهجي سان پيش ايندا هئا ۽ پنهنجي لاءِ دعائون گهرائيندا هئا. حضرت عمر رضه جي ايتري قدر خوشامد ڪرڻ تي حضرت بلال فرمائيندا هئا. اي اميرالمومنين تون فخرالرسول جو سهرو ۽ رسول خدا تنهنجو داماد، تون مراد رسولﷺ خليفة الراشد، تون عشره مبشره آئون پرديسي، غريب الوطن بلال حبشي، حضرت عمررضه فرمائيندا هئا ته اي بلال رضه جهڙي طرح محمدﷺ الله جو محبوب، ته تون ۽ صديق اڪبر رضه محمدﷺ جا محبوب آهيو. اوهان ٻئي منهنجي جي جا جيارا آهيو. منهنجي خدمت اوهان در قبول پوي شال.
    هڪڙي ڀيري پاڻ ڀلارن ارشاد فرمايو بلال تون جنت ۾ مون کان اڳ ۾ ويندين. حضرت بلال رضه روئي پيو ۽ چوڻ لڳو ته اي الله جا رسولﷺ مونکي اهڙي بهشت ئي نه کپي جنهن ۾ آئون پهريان وڃان ۽ توهان پوءِ وڃو. سڄڻن مُرڪي فرمايو بلال آئون پنهنجي ڏاچي قصويٰ تي چڙهيل هوندس. تون جَت هوندين. مهار تنهنجي هٿ ۾ هوندي. پهريائين تون جنت ۾ داخل ٿيندين پوءِ آئون انهي تي حضرت بلال رضه کلڻ لڳو. بلال پهريائين رُنو پئي، هاڻ بلال کلي پيو.
    حضورﷺ جي وصال کان پوءِ مديني طيبھ ۾ رهڻ ڏاڍو ڏکيو لڳو ڇو ته جيڪي آديسي جيءَ کي جياريندا هئا. اُهي لاهوتي لڏي ويا. هاڻ اُهي مڙهيون خالي کائڻ پيون اچن. بلال کي حضورﷺ جن جي جاءِ خالي ڏسڻ ۽ اذان ۾ اشهد ان محمد رسول اللهﷺ چوڻ مهل آڱر جو اشارو ڪنهن ڏانهن ڪري. دل ڀرجي آيس ۽ ارادو ڪيائين ته زندگي جا باقي ڏينهن جهاد ۾ گذارجن. پيار وارن پرين سان ديس ڀلو نه ته پرديس ڀلو. انهي ڪري جهاد ۾ شرڪت جي نيت سان هليو ويو. مدينة الرسول کان ٻاهر رهيو ۽ مدينھ پاڪ موٽي نه آيو.
    هڪڙي ڀيري سڄڻنﷺ جي خواب ۾ زيارت ٿي. پاڻ ڪريمن ڏوراپو ڏنو ته بلال تو اسان کي وساري ڇڏيو ڇا؟ اچين به نٿو، منهن به نه ٿو ڏيکارين؟
    حضرت بلال رضه ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿيو، ”نه سنياسي نه سامي نه سامين جُوءِ“ سڪ، اڪير، درد فراق جو وڇوڙو ته اڳ پڻ هوس. ويتر برهه جي باهه ڀڙڪو کاڌو. ڇُٽل ڦٽ چِڪيا. سور تازا ٿيا، ننڊ، کائڻ، پيئڻ سڀ وسري ويا. اي دل اُت هل جِت دلبر جو ديس هجي. سِڌو مديني پاڪ، هِتان بلال هو ۽ سامهون محبوبن جو روضو اطهر هو. بلال صدا هنئي دري کول دلبر مين مک ويکڻ آيا هان. تو کان سواءِ سهڻا ٻيو منهنجو آهي ڪير آهي ڪير؟
    * وسن ۽ وهسن ڏهاڙي ڏسڻ لاءِ،
    ڏسي ڏسي آيون، توءِ تلاشون ڪن،
    ڍايون نه ڍاپن، ڪا جا اُڃ اکين کي.

    * اس گگن کے سایہ تلے،
    میرا کوئی نہیں، میرا کوئی نہیں تیرے سوا۔
    هر طرف هوڪو هلي ويو. بلال آيو. بلال آيو دنيا گڏ ٿي. مديني جا ماڻهو گڏ ٿيا ۽ پڻ نبيﷺ جي نياڻي فاطمة الزهريٰ جا ٻئي لاڏلا گڏ ٿيا. جن امام الرسول جي ڪلهن تي چڙهي سواري ڪئي هئي. ”هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته ٻئي چنڊ پاڻ ڀلارن جي ڪلهن تي هئا ته حضرت عمر رضه فرمايو سبحان الله سواري ته ڪهڙي نه ڀلي آهي؟ تنهن تي پاڻ ڪريمن فرمايو ته عمر سوار به ته گهٽ ناهن“ اتي پيارن صاحبزادن حسنين رضي الله عنهم اذان جي فرمائش ڪري ڏني. لاڏلن جي درخواست اهڙي نه هئي جو رد ڪري سگهجي. نماز جو ٽائم هو. بلال رضه اذان ڏيڻ شروع ڪئي. مديني ۾ حضورﷺ جن جي زماني جي اذان ڪنن ۾ پئي. ۽ مديني ۾ روڄ راڙو مچي ويو. گويا ڪه هڪ قيامت صغريٰ جو منظر هو. ننڍا وڏا باپرده عورتون ۽ مرد روئندا رڙندا. ڪيهون ۽ ڪيڪون، آهون ۽ دانهون اوڇنگارون ڏيندا گهرن مان ٻاهر نڪري آيا.
    حضرت بلال رضه چند ڏينهن قيام کان بعد وري به مدينو ڇڏي شام هليا ويا. جتي سن 20هه دمشق ۾ مٽي ۾ ملي وڃي پنهنجي محبوبن جا مهماني ٿيا ۽ مليا.
    هڪ ڀيري حضرت بلال رضه کان ڪنهن ماڻهو پڇيو ته حضورﷺ جي گذر بسر ۽ اخراجات جو طريقي ڪار ڇا هو؟ حضرت بلال رضه فرمايو ته حضورﷺ جن وٽ مستقل ته ڪا به آمدني جو ذريعو نه هو. باقي اها خدمت منهنجي حوالي ٿيل هئي ته اگر ڪو نئون مسلمان بکيو اچي ويندو هو. يا ڪنهن کي ڪپڙي لٽي ۽ اجهي ۽ جتي جي ضرورت هوندي هئي ته مون کي حڪم ٿيل هو ته ڪٿان قرض کڻي. انهي ضرورتمند جي ضرورت پوري ڪئي وڃي. بعد ۾ ڪٿان ملي ويندو هو ته اهو قرض ڀري ڇڏيندو هوس.
    حضرت بلال رضه فرمائي ٿو ته هڪ دفعي هڪ يهودي آيو. جنهن مون کي چيو ته اگر توکي ڪنهن شيءِ جي ضرورت پوي ته مون کان ئي قرض کڻندو ڪر ۽ جڏهن تو وٽ ٿي وڃي ته مون کي ڏيئي ڇڏيندو ڪج. مون چيو ٺيڪ انشاء الله ائين ٿيندو. مون ان کان قرض کڻڻ شروع ڪيو. ڪجهه رقم ان جي مون تي قرض ٿي ويئي. هڪ ڏينهن آئون وضو ڪري اذان ڏيڻ لاءِ اٿيس ته اهو يهودي چند ماڻهن سان گڏ اتي اچي ويو ۽ مون کي گار گند ڏيڻ شروع ٿي ويو ۽ جيڪي الفاظ منهن ۾ آيا اهي ڪڍڻ لڳو ۽ چوي پيو ته او شيدي شيدي جا پُٽ ٻُڌاءِ ته مهيني ختم ٿيڻ ۾ اڃان ڪيترا ڏينهن باقي آهن. اگر چئن ڏينهن کان بعد وعدو پورو نه ڪيو ته توکي غلام بنائي ٻڪريون چارائيندس جيئن پهريان چاريندو هئين. اهڙي قسم جون ڌمڪيون ڏيئي هو روانو ٿي ويو. حالانڪ وعدي ۾ اڃان چار ڏينهن پيا هئا. آئون سڄو ڏينهن پريشان رهيس. رات جو سومهڻي نماز کان پوءِ اڪيلائي ۾ پنهنجي ماوا، ملجاء وٽ حاضر ٿيس. حقيقت حال پيش ڪيم ۽ چيم ته اي الله جا رسولﷺ نه ته اوهان وٽ ڪجهه آهي نه ئي مون وٽ، چئن ڏينهن کان پوءِ هو اچي ذليل و خوار ڪندو. مون کي اجازت هجي ته آئون چند ڏينهن روپوش ٿي وڃان. جڏهن اوهان وٽ ڪجهه ٿي پوي ته مون کي اطلاع ڪجو آئون اچي ويندس. پاڻ ڀلارن فرمايو ته بلال فڪر نه ڪر، ڪرڻ وارو سڀ سڻائي ڪندو. جنهن چونچ ڏني آهي. اهو چوڳو به ڏيندو.
    جنهين ڏاند نه ٻج تنهين تنهنجو آسرو،
    اول ڏيئين انهن کي پوءِ اڀارين سج.
    آئون گهر آيس سک نه اچي، تلوار ڍال ۽ جُتي کڻي، بس مون وٽ اهو ئي سامان سفر هو ۽ صبح ٿيڻ جو انتظار ڪندو رهيس ته پرهه ڦٽي ۽ آئون گهر ڇڏيان. اڃان انهي اُن تُڻ ۾ هوس ته هڪ ماڻهو ڊوڙندو اچي پيو. جنهن مون کي چيو ته فوراً حضورﷺ جن جي خدمت عاليھ ۾ حاضر ٿي. خدمت عاليھ ۾ پهتس ڏسان ته چار اُٺ مال سان ڀريل ويٺا هجن. محبوبن فرمايو ته بلال مبارڪون هجن جو تنهنجي رب، تنهنجي ٻُڌي ورتي. تنهنجي بي باقي جو انتظام ڪيو آهي. تنهنجي رب کي تنهنجو ذليل ٿيڻ گوارا نه ٿيو. فدڪ جي والي هنن چئن اٺن سميت سامان نذراني طور موڪليو آهي. هاڻ هي چار ئي اٺ سامان سميت تنهنجي حوالي آهن. جيئن مرضي پوي تيئن خرچ ڪر. مون اهو ڪجهه سامان وڪڻي. انهي يهودي جو قرض ادا ڪيم ۽ الله پاڪ جا شڪرانا ادا ڪيم، جيسين آئون واپس مسجد شريف پهتس. رحمة اللعالمينﷺ اتي ويٺا رهيا. مون واپس اچي عرض ڪيم ته حضور، الله جو شڪر جو سڀ قرض لهي ويو. هاڻ ڪجهه به قرض باقي ناهي. پوءِ فرمايائون ته هاڻ بچيل مال غريبن، مسڪين ۽ مستحقين ۾ تقسيم ڪري ڇڏ. جيس تائين مال ختم نه ٿيندو تيسين آئون اتي ئي ويٺو رهندس ۽ گهر ڪو نه ويندس. پوءِ رهيل مال مون مستحقين ۾ تقسيم ڪري ختم ڪيو. بعد ۾ محسن انسانيت پنهنجي گهر ويا.


    محبوب، مقصود مدينة النبي ڏانهن روانگي

    اڄ 10 اپريل 2016ع آهي. رات جو معلم جو ماڻهو آيو ته صبحاڻي نماز فجر بعد جلد تيار رهجو ته توهان کي مديني پاڪ روانو ڪيو ويندو. اسان فجر نماز ڪعبة الله ۾ باجماعت پڙهي. جاءِ تي آياسون. مختصر ناشتي چانهه وغيره کان فارغ مس ٿيا سون ته معلم بس سان گڏ آيو. ۽ جلدي سان اسان کي جملي سامان سميت چاڙهي، جنهن منزل مقصود جي تمنا هئي. اوڏهن روانو ڪيو ويو. الحمد لله اهو مبارڪ سفر ڏينهن جو هو. بس جي درين مان هر چيز جو نظارو ڪندا پيا وڃون. روڊ جي ٻنهي پاسن کان جبل ننڍيون وڏيون ٽڪريون رڻ روهي. پٿريلي زمين جبل ٽڪريون. ماٿريون ميدان سڀ ڪاري رنگ جا نه وڻ نه ٽِڻ نه پاڻي نه پکي. الله جي قدرت جو عجب شان آهي. جو من جي مراد جي موتي کي ڪٿي ۽ ڪيئن لڪايو آهي. اُت مون کي شاهه صاحب جو هي بيت سسئي جي سُر مان ياد آيو.
    * ڪارا ڏونگر ڪهه گهڻي. واٽن تي واري.
    آڏا لڪ لطيف چئي بر سمجهن ٿا باري،
    پوءِ منزلن جي ماري قادر پهچائيندو ڪيچ کي.

    * ڪنڊا مون پيرن ۾، توڻي لک لڳن،
    آڱر آڱوٺي نه مُڙي، ڇپون پيرن ڇنن،
    ويندي ڏانهن پرين، جُتي جات نه پائيان.
    هن وقت اسان ايئرڪنڊيشنڊ ڪوچ، جهاز جهڙي سواري، سو فوٽ شيشي جهڙي ڪشادي روڊ تي گاڏي ۾ کاڌي پيتي جي هر سهوليت موجود هجڻ باوجود ڪيترا بور پيا ٿيون. مون کي ان وقت گاڏي ۾ اهو دور ياد آيو ته اڄ کان ساڍا چوڏهن سو سال اڳ ڪيڏو نه مشڪل دور هوندو. جو ڪا به سهوليت نه تاهم اهي اخلاص و وفا جا مجسما پنهنجي محبوبﷺ جي حڪم کي لبيڪ چئي. هٿين خالي پٺا پير اگهاڙا ڪي پنڌ پيادا، ڪي اٺن گهوڙن گڏهن تي، پنهنجي پرور کي پرچائڻ ۽ رب کي ريجهائڻ سڄڻ ڪيئن پرچايان توکي، ڪيئن ريجهايان توکي؟ ڪٿي ڳوليان توکي. هنن پٿرن، هنن پوٺن تي هليا هوندا. بهرحال انهن سوچن ئي سوچن ۾ آئون سوچيندو رهيس ۽ گاڏي هلندي رهي. رستي ۾ ٻن جاين تي بس بيٺي به سهي. هڪ جاءِ تي چانهه پاڻي پيتو سون. ٻي جاءِ تي ظهر نماز پڙهي سون. تان جو اسان جي بس محبوب جي شهر مدينة النبيﷺ پهچي ويئي.


    مدينة النبي ڏانهن روانگي

    شهر کان ٻاهر چيڪ پوسٽ تي بس بيٺي، جتي ٻيون به ڪافي ساريون بسون چيڪنگ لاءِ بيٺل هيون.
    بس جي دري مان نيڻ کڻي نهاريان ته مٻوبن جي مسجد جا مينار سامهون هئا، ۽ گنبذ خضراء پنهنجي آبب و تاب سان دنيا کي روشني بخشي رهيو هو. من جون مرادون پوريون ٿيون، ۽ اندر جون آسون اگهيون، دلبر جي ديري جون نِيلُون پسي نيڻ ٺريا. اکين جا اولاڻا لٿا، نيڻن مان ندامت جا نِر وسڻ شروع ٿيا. دل پنهنجي دل ۾ سِڪ ۽ سوز سان درودو سلامن جا هديا پيش ڪرڻ شروع ڪيا. انهي گهڙي احمد ملاح جا هي بيت دل تي تري آيا.
    اسان جي دلي احساسات جي ترجماني ملاح جي زباني

    ”هو منارا، هو منارا، هو منارا مير جا
    اڄ ڪيا اوٺين اشارا، هو منارا مير جا.

    ڪاف ڪاهي قافلو ٿيئڙو قريبن کي قريب،
    بس جبل ٿيا جِيءُ جيارا، هو منارا مير جا.

    هو نبي جي نيل سوني ٿي آهي، نڪري نروارا،
    جيئن سُونهن اُڀ ۾ ستارا، هو منارا مير جا.

    هو قبا مسجد قريبن، هو قبا هو ڪونگرا،
    ٿا سُونهن ان طرف تارا، هو منارا مير جا.

    هُو مدينو هُو مديني جا محل، هو ماڙيون،
    هاڻ ٿيو مؤمن متارا، هو منارا مير جا.

    درد دوري جو ٿيو، داخل ٿياسون درِ رسول،
    شڪر ڪريو شوق وارا، هو منارا مير جا.

    اڄ ته ”احمد“ چئي اکين کي عيد اندر عيد آ،
    ٿيون ڏسن باغ و بهار، هو منارا مير جا.


    پرين جي پاڙي ۾

    بس هلندي اچي پرين جي پاڙي ۾ مسجد نبوي جي دروازي باب الفهد شاهراه فهد، جبل احد جي طرف کان سامهون ئي ايڪڙ جي فاصلي تي فندق الاشراق لڳ عراقي قونصل خانه تي اچي بيٺي. اسان کي حڪم ٿيو ته لهو. سوچن کان ڇرڪ ڀري پنهنجو سامان وغيره کڻي ڪمرن ۾ رکي. فوراً ئي سامهون ئي حرم مسجد نبوي مدينه ۾ پهچي نماز عصر با جماعت ادا ڪرڻ لاءِ تياري ڪئي سون. نماز عصر با جماعت پڙهي فارغ ٿيا سون.

    مدينو ڇا آهي؟
    نماز جي ادائگي بعد آئون سوچ ۾ پئجي ويس ته ڇا آئون نااهل واقعي مدينة النبيﷺ ۾ آهيان يا الائي جي خواب ۾ آهيان. ڪٿي مدينو ڪٿي آئون ”ڪٿي مهر علي ڪٿي تيري ثناء“ مگر جلد ئي مون کي پنهنجو مديني ۾ هجڻ جو احساس ٿي ويو ته آئون واقعي مدينة النبيﷺ ۾ آهيان. پوءِ آئون عالم تصور ۽ حال ۾ مخاطب ٿيس ۽ چيم اي مدينة النبي تو تي سلام هجن. تون ته ڪائنات جي فخر و ناز جو سرمايو آهين. تنهنجا بنياد شل قيامت تائين قائم ۽ دائم هجن.
    اي مدينا تو اها عزت حاصل ڪئي جيڪا ڪرة الارض جي ٻي ڪنهن حصي اها عزت حاصل نه ڪئي آهي نه وري حشر تائين ڪو ئي خطو اها سعادت حاصل ڪري سگهندو.
    تنهنجي هنج ۾ هڪ اهڙي هستي محو استراحت آهي، جيڪو پنهنجي مولد کان هت هجرت ڪري آيو. تو ان کي پناهه ڏني. تو ان جي ميزباني ڪئي پوءِ اهو هميشھ لاءِ تنهنجو ئي ٿي ويو تنهنجي مٽي کي هن پنهنجي وجود سان زنده جاويد ڪري ڇڏيو. تنهنجو نالو يثرب مان انهي جي نالي سان ٿي ويو.
    اي مدينا توکي ايس تائين بلند ڪيو ۽ دوام بخشيو جو صدين کان ۽ صدين تائين انسانن جا قافلا صبح و شام تنهنجي طرف ڇڪجيو اچن ٿا ۽ قيامت تائين ايندا رهندا. تنهنجي فضائن ۾ صدين کان مسلسل درود سلام جا موتي وسي رهيا آهن تو ۾ حاضر ٿيڻ دنيا جي عظيم سعادتن مان هڪ سعادت آهي. اڄ تقريباً ساڍا چوڏهن سو سال ٿيا آهن. تنهنجي ڪا به ساعت ڪا به گهڙي پل ڪڏهن به درود و سلام کان خالي نه رهي آهي.
    تنهنجون گهٽيون، اسان جهڙن لاءِ مصري جون ڪڻيون ۽ گلاب جون مکڙيون آهن.
    تنهنجا ذرڙا مهرو ماهه کي شرمائين ٿا ۽ دل و نگاهه کي چمڪائين ٿا.
    تنهنجي هوائن ۾ انفاس رسالت جون خوشبويون پکڙيل آهن.
    اي مدينا تون ڪيترو حليم ۽ ڪريم آهين جو اسان جهڙن ناڪارن کي به حاضري جي سعادت بخشين ٿو تنهنجي عزت بي پايان ۽ تنهنجي عظمت جي ڪا حد ئي ناهي.

    اي مدينا تون اهو درياء ڪرم آهين جو هر ساهه وارو تو وٽ اچي پنهنجي اُڃ وسائي ٿو تون اکين جو نور ۽ دل جو سرور آهين.
    اي ڪره الارض جا سرتاج، اي سرتاج الانبياء جي آرام گاهه هڪ انسان جي بدولت ڪروڙين انسانن کي زندگي بخشڻ وارا، اي رحمتن ۽ عظمتن جا شهر امين، اي جود و سخا جا مخزن، اي جمال دولت جا مسڪن، اي جن و انس ۽ ملائڪن جا بوسه گاهه. اي خطا ڪارن جي خطائن کي ڍڪڻ وارا، اي عاشقان صادقين جا محمل، هڪ ڪميني ۽ بي سرو سامان جا سلام قبول ڪر.
    اي مدينة النبي تون مرڪز انوار الاهي آهين. فرشتا عرش الاهي کان تنهنجي فرش تي درود و سلامن جا تحفا آڻين ٿا. تو اسلام کي رونق بخشي. تاريخ کي عزت ڏني. تو ادب کي روشن ڪيو. تو قلم کي توانائي ڏني. زبان کي رعنائي، بيان کي زيبائي ۽ فڪر کي گهرائي بخشي آهي. اسان تنهنجا ۽ تون اسان جو آهين. قريش مڪه امانت الاهي کي ٺڪرايو. ۽ تو گود ۾ جڳهه ڏني.
    تنهنجي صبوحن ۾ صحابه ڪرام رضه جو سوز و عشق ۽ انصار و مهاجرين جو جوشِ جنون آهي، تنهنجي شامن ۾ قال الله و قال الرسول جون صدائون آهن. جيڪي دنيا و آخرت ۾ ڪاميابي جون راهون ڏيکارين ٿيون.
    تو دين اسلام کي اهڙا ته متوالا انسان مهاجر و انصار ڏنا جنهن ڪره الارض جي ڪنڊ ڪڙڇ کي صداقت، عدالت، سخاوت، شجاعت، اطاعت، طهارت، اُخوت، مروت، عزت، غيرت، امانت، ديانت، عفت، حڪمت، بصيرت، وحدانيت ۽ انسانيت جو سبق سيکاريو.
    تنهنجي آغوش ۾ اتم، اهم اڪمل، افضل، اجمل، اڪرم، احسن دينِ اسلام ستل اهي. تنهنجي مٽي پاتال تائين مقدس آهي. تنهنجي خاڪ، خاڪِ شفا آهي ۽ تنهنجو آب، آب حيات آهي تنهنجا جبل، جبل رُماتھ، سلع ۽ جبل احد سونهن ۽ سينگار آهن.
    اي مدينا، تون سڀ کان وڏي تاريخ آهين، تاريخ اسلام توکان ئي شروع ٿئي ٿي. تنهن جي بغل ۾ جبل احد آهي. اهو قيامت جي ڏينهن جنت ۾ کنيو ويندو. جنهن جي اوڀڙ ۾ شفا آهي. جنهن جي مٽي به آب حيات آهي. جنهن جي ميدان کي سچن سرويچن پنهنجي خون سان آبياري ڪري دنيا کي شهادت جو گس ڏَسي اَمر ٿيا. تو ۾ جنت البقيع آهي. جتي اهي هستيون آرامي آهن. جيڪي اول کان ازل تائين زنده جاويد آهن. جنهن لاءِ انهن جي رب فرمايو ته اهي زنده آهن، پر اوهان انهن جي زندگي سمجهي نٿا سگهو. جنهن لاءِ موت ناهي. جنهن کان موت ٽهندو رهيو. جن موت کي ماري زنده ۽ امر بنجي ويا. جيڪي صرف زنده رهڻ لاءِ پيدا ڪيا ويا. جنهن جو عقيدو هو ته موت زندگي جي ابتداء آهي.
    اي مدينا تو اهڙا ماڻهو ڏنا. جن جو نعرو هو ته موت هجي يا زندگي هجي جو ڪجهه به هجي تنهنجي مدني مٺيﷺ لاءِ هجي. هو خوش ته اُهي خوش. اُهي مري زندگي جو بنيادي پٿر رکي ويا. اها ئي زندگي اُتان کان هيس تائين روان دوان آهي.
    اي مدينة النبيﷺ توتي سلام،
    اي شهرن جا شهنشاهه توتي سلام.
    اي انسانن جا اميدگاهه اي زير فلڪ عالم پناهه تو تي سلام،
    اي اسلام جي عظمت ۽ عصمت جا امين تو تي صلواة و سلام،
    اي ملڪ، جن و انس جا مرجع اي شهرِ جانان تو تي سلام.


    زيارت روضھ اطهر

    روضي پاڪ رسول جي زيارت جي سِڪ ۽ سَڌ هر مسلمان جي سيني ۾ سدائين موجزن ۽ سمايل هوندي آهي. اهو ئي هڪ سچي مومن جو سرمايو حيات آهي. جنهن جو سبب هي آهي ته روضي پاڪ جي سايه ۾ اسان جي دل جو سرور، محبوب خدا ۽ ٻنهي جهانن جو سردار آرامي آهن ور نه ته خود گنبذ جي ڪا به حيثيت ڪانهي. ڇو ته مڪان جي سونهن، مُلهه ۽ مرتبو مڪين سان هوندو آهي.
    دنيا جو به دستور آهي ته ڪا به شخصيت جيتري قدر معزز، قداور ۽ عظيم هوندي آهي ته اوتري ئي قدر ان جي آمد وقت يا ان جي گهر وڃڻ وقت اوتري قدر سندس مان مرتبي جي لحاظ سان سندس پروٽوڪول ۽ آداب جو اهتمام ۽ خيال رکيو ويندو آهي.
    هر امتي کي سوچڻ گهرجي ته اڄ اسان جنهن عظيم هستي جي حُضور ۽ دربار شاهي ۾ حاضري جو شرف حاصل ڪري رهيا آهيون. اها ڪا معمولي هستي ناهي بلڪ هي ٻنهي جهانن جو سردار، لولاڪ لما جو صاحب، زماني جي آرزوء، جمال، جلال ۽ ڪمال جي جملي خوبين سان متصف، امامن جو امام، سيد المرسلين، شفيع المذنبين، رحمت اللعالمين، محبوب رب العالمين، رب پاڪ جنهن جي خُلق عظيم ۽ حُسن اعليٰ جو قسم کڻي پنهنجي ڪلام الاهي ۾ جنهن لاءِ فرمايو اني جاعِل في الارض خليفھ اهو حقيقي خليفو، شخص اڪبر ۽ نائب جو مصداق، جنهن جي اُمتي ٿيڻ لاءِ اڳيان نبيﷺ تمنائون ۽ دعائون گهرندي ويا. جيڪو بعد از خدا بُزرگ بود و است.
    چون بشانش نگاهه موسيٰ کرد، شدن از اُمتش تمنا ڪرد.
    جڏهن موسيٰ عليھ السلام، عيسيٰ عليھ السلام ان جي ادنيٰ امتي جو شان ڏٺو ته رب پاڪ جي دربار عالي ۾ سوال ڪيائون ته اي مالڪ تون اسان کي نبي نه بنائين ها. مگر آخر زمان نبي جا امتي بنائين ها.
    جن و بشر ۽ ملائڪن جو محبوب، مطلوب ۽ مقصود، حُسن اخلاق جو عظيم مجسمو محسنِ انسانيت، هادي عالم جنهن اسان جي ڀلي جي خاطر ڪيئن سختيون سٺيون. جسم مبارڪ لهولهان ڪرايو. مادري وطن ڇڏيو. ان عظيم هستي جي عظيم درٻار آهي جنهن جي حضور ۾ بهتر ته ائين هو ته پيرن ڀر نه بلڪ پلڪن ڀر اچڻو هو. جيڪي حيات پنهنجي روضھ اطهر و انور ۾ سامهون موجود آهن. اسان جو هر قدم، هر نظر، هر ادا ڏسي رهيا آهن. اسان جي هر اخلاق و اخلاص کي توري تڪي رهيا آهن. صبحاڻي روز محشر، يا اُمتي يا اُمتي ڪري اسان جي کيڪار ڪري، حوض ڪوثر تي جام عشق و محبت پياريندو. شافعي ۽ ساٿي ٿيندو. اللهم صل و سلم دائماً ابداً عليٰ خيرالخلق کُلهم.

    ته پوءِ ان جي پاڪ روضي اطهر جو، جيڪو عرش عظيم کان وڌ شان وارو آهي ته ان جا به ڪي آداب آهن. جنهن جو خاص خيال رکڻ هر مومن تي نهايت ضروري آهي.


    آداب زيارت

    مديني ۾ پانڌي، جڏهن محبوبن جي شهر پهچي وڃي ته سڀ کان پهرين پنهنجو سامان سفر ڪنهن جاءِ تي هنڌائتو ڪري. مطمئن ٿئي، پوءِ وهنجي يا وضو ڪري پاڪ صاف ڪپڙا پائي خوشبوءِ لڳائي. مسجد نبويﷺ ۾ حاضر ٿئي، باب جبرئيل عليھ السلام وٽان داخل ٿئي ته بهتر، جي نه ته پوءِ باب السلام، باب الرحمت، باب الصديق يا ڪنهن به دروازي مان داخل ٿئي. مسجد ۾ نهايت ادب ۽ احترام سان داخل ٿيڻ کان پهرين درود پاڪ پڙهي. اللّٰهم اِفۡتحۡ لي اَبواب رَحمتِلڪَ چوندي پهرين ساڄو پير مسجد ۾ رکي پوءِ کاٻو پير ۽ سڌو رياض الجنة ڏي وڃي. جتي ٻه رڪعتون تهية المسجد نفل پڙهي. اتي نفل پڙهڻ افضل آهن. پر جي رياض الجنة ۾ جاءِ نه ملي ته ڪٿي به پڙهي وٺي. مگر بنان تحية المسجد پڙهڻ جي روضي پاڪ ڏانهن نه وڃجي. اتفاق سان جيڪڏهن ڪو ماڻهو مڪروه وقت ۾ پهتو آهي ته اهو مسجد ۾ ڪنهن پاسي ويهي انتظار ڪري. مڪروه وقت گذري وڃي ته پوءِ نفل پڙهي. يا فرض نماز ٿي رهي هجي يا نماز قضا ٿيڻ جو ڊپ هجي ته پهريان نماز فرض پڙهي. انهي سان تحية المسجد جو حق ادا ٿي ويندو.
    رياض الجنة ۾ نماز پڙهڻ نصيب ٿئي ته خدا وند قدوس جو شڪر ادا ڪريو ۽ زيارت جي قبول ٿيڻ لاءِ دعا گهرو. ادب سان هلي وڃي روضي پاڪ تي حاضر ٿيو. هيڏهن هوڏهن لوڻا نه هڻو. سامهون صاحبﷺ جلال و عظمت سان جلوه افروز آهن. سندن تنهنجي هر لحظي تي نظر اٿن. خيال رک جنيد رحه، بايزيد رحه ۽ رومي جهڙن جا پير به ڏڪي ويا هئا. تڪڙو به نه هل، سنجيدگي کي قابو جهل. زيارت واري ڄاري کي چنبڙي نه پئو. ڄاري کي چمڻ، چنبڙڻ ۽ جهلڻ صحيح ڪونهي. باوقار انداز سان شهنشاهه هر دوجهان جي شان جو خيال رکندي. هلڪي جهيڻي نوڙت واري آواز سان سلام پڙهو. جيئن پاڻ ڀلارن جي حياتي مبارڪه ۾ سندن اڳيان وڏي آواز سان ڳالهائڻ جي منع هئي. تيئن هاڻي به وڏي سڏ رڙيون ڪري سلام پڙهڻ منع آهي.
    پاڻ ڪريمنﷺ جي خدمت عاليھ ۾ ڪهڙي به ٻولي ۾ صلواة و سلام پيش ڪيا وڃن ته پاڻﷺ خدا جي واسطي سان اهي سڀ سمجهن ٿا ۽ جواب ڏين ٿا، پاڻ ڀلارا انسانن، جنن، جانورن ۽ پکين جي ٻولين کي چڱي ريت ڄاڻن ٿا. درود و سلام کان پوءِ پاڻ ڀلارن جي شفاعت لاءِ ڌڻي تعاليٰ کان سوال ڪريو ۽ پنهنجي دل جون تمنائون سندن خدمت ۾ پيش ڪريو. روضي پاڪ جي حاضري وقت سامهون پتل جي ڄاري ۾ ٻه ننڍا گول دائرا ۽ هڪ وڏو گول دائرو نظر ايندو. انهي وڏي گول دائري وٽان پاڻ سڳورنﷺ جن جو چهرو مبارڪ آهي، انهي هنڌ کي ”مواجهه شريف“ چئبو آهي يعني پاڻ ڀلارن جي خدمت ۾ سامهون بيهڻ جي جاءِ“ انهي جاءِ تي بيهه ڪري جيڪو درود پڙهڻو آهي. سو هي آهي. الصلواة و السلام عليڪ يا رسول الله الصلواة و السلام عليڪ يا حبيب الله. انهي جاءِ کان هٽي دنيا جي ٻي ڪنهن به جاءِ تي اهو درود ۽ سلام پڙهڻ جي اجازت ناهي. اهو مخصوص درود پاڪ صرف انهي مخصوص جاءِ تي پڙهڻو آهي. البت ٻيا درود ابراهيمي وغيره انهي جاءِ کان سواءِ پڙهي سگهجن ٿا ڇو ته مٿيون درود و سلام پاڻ سڳورن جي سامهون پڙهڻو آهي، پر پٺ غائبانه انهي درود جي پڙهڻ جي اجازت ناهي. جنهن لاءِ قرآن ۽ حديث جا شرعي دليل ۽ فقھ جي چئن ئي امامن جا معتبر ڪتاب شاهد آهن. باقي جيڪي ماڻهو عقل جا انڌا. روضي پاڪ کان پري پنهنجن هنڌ ۽ ملڪن ۾ پڙهن ٿا. تن کان شرعي دليل وٺجي. پر اسان کي يقين آهي ته سواءِ لاف زني جي. قرآن و حديث جو اهڙو ڪو به حڪم ڪونهي.
    شايد اهي سمجهن ٿا ته نبي اڪرمﷺ جن هر هنڌ، هر وقت اسان جي سامهون موجود آهن. يا حاضر ٿي وڃن ٿا ته اهو سندن ڀل ۽ ضد آهي يا سندن پڌري غلطي ۽ شيطاني دوکو آهي. ڇو ته هر هنڌ، هر وقت تي حاضر موجود ۽ سامهون رهڻ کي حاضر ناظر چئبو آهي. سو ته فقط ڌڻي تعاليٰ آهي. اها خاص ان جي صفت ۽ شان آهي. جيئن قرآن پاڪ ۾ فرمايل آهي ته وَهُوَ مَعَكُمْ اَيْنَ مَا كُنْتُمْ. اهو الله پاڪ توهان سان هر وقت، هر هنڌ گڏ آهي. توهان ڪٿي به هجو، اينما تڪونو فثم وجھ الله. توهان جتي به هوندا. الله پاڪ جي ذات اتي موجود هوندي. وڌيڪ لاءِ هي مثال ڪافي آهي ته خدا تعاليٰ جي هر هنڌ حاضر ناظر هجڻ لاءِ دليل هي آهي ته سندس، گهر مسجد جو دنيا ۾ هر هنڌ هجڻ آهي، جتي به نماز پڙهه خدا موجود، باقي دنيا ۾ نبي سائينﷺ جو روضو پاڪ فقط هڪڙو آهي. جيڪو مديني ۾ مسجد نبويﷺ جي احاطھ ۾ آهي. ته پوءِ خدا تعاليٰ هر هنڌ حاضر ناظر ٿيو يا نبي سڳورو؟
    بهرحال پاڻ سڳورن تي صلواة و سلام پڙهڻ کان پوءِ پنهنجن مٽن مائٽن. استادن، دوستن طرفان موڪليل سلام به عرض ڪجن. پوءِ پاڻ سڳورن جي ٻنهي يارن، وفادارن، جان نثارن ڀلارن حضرت ابو بڪر صديق رضه ۽ حضرت عمر رضه تي به نهايت محبت ادب و احترام سان سلام پڙهجن. واندي ٿيڻ تي هڪ پاسي بيهي قبله رُخ ٿي دعاء خير جي گهري هليو وڃجي.


    بارگاهه رسالت مآب ۾

    مون پنهنجي سوچ موجب ڪافي سوچيو هوم ته دربار شاهي ۾ حاضر ٿي، درود ابراهيمي درود تاج، درود لکي، اذان کان بعد واري دعاءِ وسيله وغيره شهنشاهه عالي جي حضور ۾ پيش ڪندس، مگر بقول ڪنهن شاعر جي ته:
    چتاري چوندياس ڳالهيون ڪي سڄڻين،
    جڏهن منهن مقابل ٿياس تڏهن سڀ ويون وسري.
    دماغ جي تختي تان سڀ ميسارجي ويو. البت دل ۾ هڪ هوڪ اٿي ته عُبيد ڇڏ اهي قصا ۽ ڪهاڻيون. هو رستو وٺ جو سِدْرَةِ الْمُنْتَهٰى جت جبرئيل امين بيهه رهيو. آمنھ جو لال، خديجھ جو تاج، فاطمة الزهريٰ جو ابو، در يتيم، آرزو زمن، سردارڪون و مڪان، عرش عظيم، لوح و قلم کان اڳتي ٽپي جڏهن هو جي عالم ۾ قاب قوسين او ادنيٰ تي پهتا هئا ۽ ڪُن فَيَڪون جي مالڪ جي حضور پاڪ ۾ محب ۽ محبوبﷺ جيڪا قيل و مقال ڪيو. اها ئي تشهد جي تند تنوار، پوءِ ته منهنجي عقل ۽ فڪر جي سوئي جو ڪانٽو، اسلام عليڪ ايها النبي و رحمة الله و برڪاتھ تي دل جي شوق ۽ سوز سان ٽڪيل رهيو ۽ بس اها ئي تنوار بار بار جاري هئي. ان وقت جيڪا لذت، ميٺاج ۽ استغراق حاصل ٿيو ان لاءِ الفاظ ناهن جو بيان ڪجي.
    مگر هاءِ افسوس اِن بدنصيبي جو ڪهڙو ذڪر ڪجي. جو هجوم جي ڇڪ ڇڪاڻ ۽ ماڻهن جي ڪئميرائن، موبائل فونن ۽ ليپ ٽائپ جي ٽِڪ ٽِڪ ۽ شعائن حضور قلب نصيب ٿيڻ نه ڏنو. تان جو هڪ شُرطي ”سپاهي“ ٻين سان گڏ مونکي به ٻانهن ۾ جهلي ڌڪي باب جبرئيل عليھ السلام کان ٻاهر ڪڍيو. تاهم نماڻي نيڻن جي ڪڪرن وسڻ بند نه ڪيو هو فِا لِلّٰهِ اَلْحَمْدُ.
    ایک آرزو پوری ہوئی بڑی مدت کے بعد،
    تیری آرزو کے بعد کوئی آرزو نہیں۔


    سامهون جنت البقيع هو, مقدس خاموش دنيا

    جنت البقيع جي باري ۾ امام مالڪ رحه فرمائي ٿو ته هن قبرستان ۾ ڏهه هزار کان وڌيڪ اصحابي سڳورا مدفون آهن. حضرت سيد عبدالقادر جيلاني رحه فرمايو آهي ته انبياء عليهم السلام کان سواءِ پوري دنيا جا تابعي، اولياء، اتقياء، ابدال غوث و اقطاب سڀ گڏجي پون. مگر هڪ ادنيٰ درجه جي صحابي جي شان کي نٿا پهچي سگهن. اهي گهڻي ڀاڱي اتي مدفون آهن. انهن کان علاوه هن قبرستان ۾ آسماني علم و عمل جا ڪئين آفتاب و ماهتاب بي شمار هدايتِ نبوت جا روشن تارا آرامي آهن. جن عشق نبوي ۽ اتباع رسولﷺ ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه لٽائي الله پاڪ کان سندس رضامندي جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيائون ۽ پڻ ڪئين عاشق صادق انهي انتظار ۾ گذاري ڇڏيائون ته شل پرين جو پاڙو نصيب ٿئي.
    هن قبرستان جي خاڪ پاڪ تان دنيا جون مڙيئي بادشاهون گهوري ڇڏجن ته به گهڻو گهٽ آهي ۽ هِن مٽي جو ملهه مهانگو ۽ مٿاهون آهي. ڇو ته انهي مٽي ۾ ڪئين قطب، ابدال، ولي ۽ اهي عظيم هستيون ستل آهن. جن لاءِ ڀِٽ ڌڻي فرمايو آهي ته:
    جاڳي جن ياد ڪيو. ساري رات سبحان،
    ان جو عبداللطيف چئي مٽي لڌو مان،
    ڪوڙين ڪن سلام، اچيو آسڻ ان جي.
    جنهن کي اها جنت البقيع جي ڀلاري ڀُون نصيب ٿي ان جا ڀاڳ ڀلا ٿيا. ڄڻ جنت الفردوس ۾ جاءِ ملي ۽ پرين جا پاڙيسري ٿيا. جنت البقيع مدينة المنوره جو مقدس شهر خموشان آهي. اسان گهنگارن جي طرفان داورجي دربار ۾ دمدم دعا آهي ته اهو مولو ملڪ ڌڻي تعاليٰ مٿن پنهنجي ٻاجهه، رحمت، فضل، سلامتي ۽ رضا جي بارش هردم وسائيندو رهي. سندن قبرن کي راحت، ۽ پنهنجي نور سان منور فرمائي. آمين.
    جنت البقيع جي فضيلت جي باري ۾ پاڻ ڀلارنﷺ فرمايو ته قيامت جي ڏينهن سڀ کان پهريائين آئون ۽ منهنجا ٻئي سُهرا اٿاريا وينداسون ۽ پوءِ جنت البقيع ۾ جيڪي مومن مرد ۽ مومن عورتون هوندا. انهن کي اٿاريو ويندو. انهي کان پوءِ مڪي مڪرمھ جي مقدس قبرستان جنت المعليٰ جا مدفون مسلمان اٿاريا ويندا. انهن ٻنهي قبرستان مان اٿندڙن جا چهرا چوڏهين جي چنڊ وانگر روشن هوندا. سڀئي بنان حساب ڪتاب جي بهشت ۾ داخل ٿيندا. جنت البقيع جي مدفونن لاءِ شفاعت ڪرڻ منهنجي مٿان واجب آهي. جو اهي منهنجا پاڙيسري آهن. جن پاڻ ملهائي ٻنهي جهانن ۾ سُرخرو ٿيا. الله جي رحمت هر وقت مٿن هجي شال.
    جنت البقيع قبرستان ۾ داخل ٿيڻ وقت ڪا به خبر نٿي پوي ته هي قبر ڪنهن جي آهي ڇو ته اسان جي قبرستانن ۾ قبرن جي سڃاڻڻ لاءِ ڪتبا يا نالي جي سِر، تختي لڳل هوندي آهي. جنهن سان مدفون جي سڃاڻپ ٿئي ٿي. مگر هت سعودي سرڪار انهن کي غير اهم سمجهي ڪا به نشاندهي نه ڇڏي آهي. هڪ ته ان ڪري جو تعارفي پٽي سان ماڻهو عقيدت ۽ محبت جي ڪري متان خلافِ شرع ڪو شرڪ جو ڪم نه ڪري وجهن. جيئن اسان جي ملڪن ۾ عام جام آهي. بزرگن جي قبرن تي نياز، نذر، مرادون، گهرڻ سجدا ۽ طواف ڪرڻ وغيره عام آهي. ٻيو ته ڪو شومي بدبخت، پليت دل تعارفي ڪتبي جي ڪري پنهنجي خباثت ظاهر ڪري. متان نه اها نت ڪري وجهي جملي قبرستان هموار زمين آهي. هر قبر تي هڪ پٿر رکيل آهي. ان لاءِ ته هت قبر آهي. هن قبرستان ۾ پاڻ ڀلارن جون چار ئي نياڻيون زينب رضه، رقيھ رضه، ام ڪلثوم رضه ۽ فاطمة رضه دفن ٿيل آهن. هڪ پٽ ابراهيم بن ماريھ قبطيھ جي بطن مان پيدا ٿيو. جيڪو جنت البقيع ۾ مدفون ٿيل آهي ۽ سندن نَو گهرواريون مومنين جون مائرون پڻ جنت البقيع ۾ مدفون آهن. باقي پاڻ ڪريمن جون ٻه گهرواريون هڪ ام المومنين حضرت بي بي خديجة الڪبري رضه جن جو نڪاح مڪي پاڪ ۾ ٿيو ۽ وفات به مڪي پاڪ ۾ عالم الحزن هجرت کان پنج سال پهرين ٿي ۽ جنت المعليٰ مڪي ۾ دفن ٿيل آهي ۽ ٻي بي بي حضرت ميمونه بنت حارث عامري مڪي پاڪ کان ڏهه ميل پري سَرف نالي ڳوٺ ۾ سن 51 هجري ۾ وفات ڪئي. اتي ئي دفن ٿيل آهي. ۽ سندن نڪاح به سرف ڳوٺ ۾ ٿيو هو.
    هن قبرستان ۾ مظلوم شهيد حضرت عثمان بن عفان خليفه رسول ثالث، داماد رسولﷺ ذي النورين جي پڻ قبر مبارڪ آهي. حضرت عثمان غني يار نبيﷺ آهن. جيڪو پنهنجي قبيلي ۾ معزز عثمان غني يعني شاهوڪار جي نالي سان مشهور هو، نبي پاڪ جون ٻه نياڻيون هڪ ٻي پٺيان حضرت عثمان غني جي نڪاح ۾ هيون.
    حضورﷺ کان پڇيو ويو ته توهان ٻه نياڻيون حضرت عثمان کي پرڻائي ڇڏيون آهن؟ ته پاڻ ڀلارنﷺ جن فرمايو ته هي ٻه هيون. اگر منهنجون سَو نياڻيون هجن ها ته اهي به هڪ ٻي پٺيان عثمان غني رضه کي پرڻايان ها. اسلام جي ترويج خاطر جيڪي جنگيون ٿيون ته پاڻ بنفس نفيس شريڪ ٿيڻ کان علاوه سندن مال جو گهڻو حصو اعلاء ڪلمة الحق جي خاطر قربان ڪيو. هڪ ڀيري پاڻ ڀلارا ليٽيل هئا ته ابو بڪر صديق آيو. حضرت عمر رضه آيو. پاڻ ڀلارا ساڳي ڪيفيت ۾ ليٽيل ئي رهيا. ۽ سندن پنڊلي مبارڪ کليل هئي. ايتري ۾ حضرت عثمان غني رضه آيا ته پاڻ ڀلارا اٿي سڌا ٿي ويهي رهيا ۽ پنهنجي پنڊلي مبارڪ ڍڪي ڇڏي. صحابه ڪرام رضه پڇيو ته اي الله جا رسولﷺ ابو بڪر و عمر شيخين آيا ته توهان ساڳي ڪيفيت ۾ رهيا ۽ حضرت عثمان غني رضه آيا ته توهان فوراً سڌا ٿي ويٺا ۽ پنڊلي مبارڪ تي ڪپڙو درست ڪيو؟ جواب ۾ سهڻي سائين فرمايو ته جنهن ماڻهو جو حياء خود ملائڪ ڪن ٿاته آئون ان جو حياء ڇو نه ڪريان؟ مدينه منوره ۾ مسلمانن وٽ پيئڻ لاءِ مٺي پاڻي جو کوهه نه هو. انهي لاءِ مسلمان هميشه هڪ يهودي جا محتاج هوندا هئا. اهو يهودي مهانگو ۽ بي ٽيمو پاڻي ڏيندو هو. حضرت عثمان غني اهو کوهه يهودي کان خريد ڪري مسلمانن ۾ وقف ڪري ڇڏيو. اهو کوهه اڄ به مسجد ذوالقبلتين جي رستي ۾ ڪوٽ اندر موجود آهي. البتھ هن وقت استعمال هيٺ ناهي.
    جنت البقيع جي ڪوٽ اندران مسجد نبوي طرف خيراتي اسپتال جي مٿان حضرت عباس رضه جي قبر مبارڪ آهي. جتي هر وقت اهل تشيع عورتن توڙي مردن جو هڪ وڏو تعداد موجود هوندو آهي. جيڪي مرثيا ۽ سلام چوندا رهندا آهن. جنت البقيع اندر ڪجهه گهمي ڦري ڪيل تلاوت، تسبيع ۽ تهليل جو جملي مومنين و المومنات لاءِ ايصال ثواب ڪيو سون. اهل قبور جي بلندي درجات، رحمت و رضاءِ الاهي جي نزول لاءِ دعائون گهريون سون ۽ انهن مقرب هستين جي مهابي ۽ واسطي سان اسان سراپا عاصين جي مغفرت، خير و برڪت ٻنهي جهانن جي ڀلائي. خاتمو بالخير ۽ وري در دوست جي گهرائڻ جي دعا گهري سون. ”شل ٻاجهارو ٻاجهه ڪري“ معمول مطابق اهو ڏينهن خير سان گذريو. ٻي ڏينهن زيارات مديني لاءِ صبح فجر نماز باجماعت مسجد نبويﷺ ۾ پڙهي. جاءِ تي آياسين جتي چانهه ناشتي کان واندا ٿي هڪ بس ۾ اسان پندرهن ڄڻن کانسواءِ تقريباً پنجاهه کن معتمرين جو قافلو هڪ سٺي سينيئر گائيڊيٽ پنجابي لاهور واسي سان، جنهن چيو ته مونکي هت ڪم ڪندي تقريباً اوڻٽيهه سال ٿي ويا آهن. منهنجو ڪم اهو ئي آهي جو آئون حاجين ۽ عمري وارن کي زيارتون ڪرائيندو آهيان. گاڏي اسان کي کڻي جنت البقيع جو ٽن ڪاٽي مسجد غمامه، مسجد علي، مسجد ابوبڪر صديق، ۽ اها جاءِ جيڪا اڳين زماني قديم ۾ ثنيات الوداع جي گهاٽي جي نالي مشهور هئي. يعني ”ڳوٺ جو هنج“ جتي اڳي رواج موجب ڳوٺاڻا اتي اچڻ واري جو استقبال ۽ وڃن واري کي الوداع ڪندا هئا. جتي پاڻ ڪريمن جي مديني ۾ داخل ٿيڻ کان پهريائين مديني جي ماڻهن سردار دوجهان جو استقبال ڪيو هو ۽ ننڍڙن ٻارن ۽ ڇوڪرين آمِد رسولﷺ جي موقعي تي مرحبائي گيت چيا هئا.
    طلع البدر علينا من ثنيات الوداع،
    مرحبا يا محمد مرحبا، اهلاً وسهلاً يا محمد مرحبا
    هن وقت اُت ٻارن جو اسڪول آهي، جنهن جو نالو مدارس قصويٰ الاهليھ آهي. اسان اسڪول گيٽ تي بيهه اهو هنڌ ڏٺو سون. ان کان بعد حضرت سلمان فارسي رضه جي کجين جو باغ ڏٺو سون، جنهن جو تعارف مٿي پڙهي آيا آهيون.
    پوءِ مسجد قباء جو ديدار ڪيو سون. جنهن جي باري ۾ رسول پاڪﷺ جن فرمايو ته جنهن ان ۾ ٻه رڪعتون نفل پڙهيون. تنهن کي مقبول عمري جو ثواب حاصل ٿيندو. دنيا ۾ سڀ کان پهرين مسجد اسلام، مسجد قباء آهي. اسلامي تاريخ ۾ مسجد قباء کي، خصوصي اهميت حاصل آهي ڇو ته هن مسجد سان سيرت طيبھ جو اهو دور وابسته آهي جنهن کان سواءِ اسلامي تاريخ يا سيرت طيبھ جو تذڪرو اڌورو آهي.
    مسجد جي هاڻوڪي اڏاوت واقعي اسلامي فن جو اڻ لڀ مثال آهي. مسجد ڪافي ڪشادي عمارت بنهي بلند آهي. مسجد جو فرش قيمتي پٿر سنگ مر مر جو ته خوبصورت ميمبر به سنگ مرمر جو، مسجد ۾ هر قسم جي سهوليت موجود هئي. مسجد ۾ بهترين قالين، ايئرڪنڊيشنڊ، لائبرري، بيت الخلاءِ، وضو خانا، مسجد جي ملازمن لاءِ رهائشي ڪمرا، پارڪنگ، باغيچو وغيرهم، غرضيڪ بهترين انتظام سان معمور آهي. جنهن لاءِ خالق ڪائنات پنهنجي ڪلام الاهي ۾ شاهدي ڏني آهي ته هن مسجد جو سنگ بنياد صاحب تقويٰ تي رکيو آهي. اي محمد تون انهي ۾ پنهنجي رب جي بندگي لاءِ بيهندو ڪر يعني نماز پڙهندو ڪر.
    انهي کان پوءِ حضرت عثمان غني وارو اهو کوهه جيڪو هُن هڪ يهودي کان خريد ڪري مفاد عامه لاءِ مسلمانن ۾ وقف ڪري ڇڏيو هو. اهو ڏٺو سون، جيڪو هڪ ڪوٽ ۾ بند پيل هو. انهي کان پوءِ مسجد ذوقبلتين ڏٺي سون. ڏاڍي ڪشادي، نهايت خوبصورت هر نموني سان شاندار هئي. اڳتي وري هڪ مصنوعي آبشار چشمو ڏٺو سون جنهن جو پاڻي جبل تان لهي رهيو هو. ڏاڍو عجيب منظر هو. ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا سون. ان کان پوءِ جبل احد، جبل روماتھ هي اهو ٽڪر آهي جو جنگ احد جي موقعي تي پاڻ ڀلارن جنهن دستي کي هن هنڌ مقرر ڪرڻ تي کين فرمايو هو ته جيسين آئون نه چوان تيسين اها جاءِ نه ڇڏجو. مگر انهي دستي ڪافرن کي شڪست ملڻ تي اهي ڪافر وٺي ڀڳا ۽ ان دستي پنهنجي فتح سمجهي اها جاءِ ڇڏي ڏني ۽ ڪافرن وري اها جاءِ خالي ڏسي. مٿي چڙهي آيا ۽ حملو ڪري ڏنو. پوءِ اها فتح مسلمانن جي حق ۾ شڪست ۾ بدلجي ويئي ۽ ٻاهتر ناميارا اصحاب ڪرام رضه شهيد ٿي ويا. جن جون قبرون اتي شهداء احد جي نالي قبرستان ۾ موجود آهن. ٻين کان علاوه حضورﷺ جن جي چاچي حضرت حمزه رضه جي مزار اقدس به اتي آهي. جنهن کي وحشي نالي ڪافر شهيد ڪيو هو. سندس نڪ ۽ ڪن ڪٽيا ويا هئا ۽ سندن جگر هنده نالي هڪ يهودي عورت ڪڍرائي چٻاڙيا هئا ڇو ته جنگ بدر ۾ سندس ڀاءُ جيڪو مشهور پهلوان هو ۽ يهودين کي ان جي پهلواني تي وڏو ناز هو، اهو حضرت حمزه رضه جي هٿان قتل ٿي ويو هو. انهي عورت وڏي ضد ۽ خار سان اهو بدبختي وارو عمل ڪرايو هو.
    انهي کان علاوه ٻيون جيڪي زيارتون ڪيون سون. انهن مان اها جاءِ جيڪا جبل احد ۾ آهي. حضورﷺ جن پناهه ورتي هئي. جبل سلع، مسجد فتح، مسجد حضرت سلمان فارسي، مساجد خمس، جنگ خندق جو هنڌ وغيره
    نوٽ: مون انهن مقامات مقدسه جو تعارف نه ڪرايو آهي. ان ڪري جو انهن جو تعارف ڪافي سارن ڪتابن ۽ سفرنامن ۾ گهڻو ڪري آيل آهي ۽ طوالت جي ڪري اهو بحث ڇڏي ڏنم.
    هاڻ نماز ظهر جو ٽائم ويجهو اچي چڪو هو. زيارات کي ختم ڪري اچي مسجد نبوي کي ويجها ٿياسون ۽ ظهر نماز باجماعت پڙهي رهائشگاهه تي پتهاسون. ماني کائي ڪجهه دير آرام ڪيو سون. شام جو چار بجي اٿي نماز عصر، مغرب ۽ عشاء مسجد نبوي ۾ پڙهي رهائشگاه آياسون ماني کائي سمهي پياسون. وري صح ٽي بجي اٿي مسجد نبوي پهتاسون تسبيح، تهليل، تلاوت ۽ نماز فجر کان فارغ ٿي جاءِ تي آياسون. آرام ڪري ناشتي کان فارغ ٿي ڏهه بجي مسجد نبويﷺ ۾ حاضر ٿياسون. تحية المسجد کان پوءِ باب السلام کان داخل ٿي. بارگاهه رسالت مآب ۾ درود و سلام لاءِ حاضر ٿياسون.


    پيرين جي پيرانڌي

    مون وٽ هميشھ هڪ ننڍو رومال ”ٽوال“ هوندو آهي. جنهن جو پانڌ ڳچي پائي هٿين خالي شرم سار اکيون کڻي. نطر هيٺ زبان تي درود ابراهيمي، دعا وسيله ۽ تشهد پڙهندي قطار ۾ وڃي حضور ۾ حاضر ٿيس. مون همٿ ڪري قدم وڌائڻ گهريم. مگر ضمير چيو اوگنهگار، خطاڪار، سياهه ڪار او بداعمال انسان ڪهڙي ديده دليري سان اڳتي وڌين ٿو. ڪهڙي بنياد تي ايڏي جسارت ڪرين ٿو. تو وٽ آهي به ڇا؟
    اپنا دامن تو ذرا دیکھ،
    ذرا بند قبا کو بھی دیکھ۔
    دامن ته هو. ليڪن خالي، پاسي ۾ ضمير ته هو، ليڪن نامطمئن، قبا ته هئي، ليڪن چاڪ، چاڪ، اعمال نامي جي خدا خير ڪري. پنهنجي بي سروساماني ۽ خالي جهولي تي روئڻ آيو. ندامت جا لڙڪ وهڻ لڳا. هاڻ نه اڳتي وڌڻ جي جرئت نه ڀڄڻ جي گهٽي. همٿ جواب ڏيئي ويئي. هلڻ جو حال نه هو روئندو رهيس، سوچيندو رهيس.
    سوچ ساٿ ڏنو. سيرت النبي جو باب رحمت کلي ويو. وما ارسلناڪ الا رحمة اللعالمين. ذهن ۾ گونجڻ لڳو ته هو شفيع المذنبين. رحمت اللعالمين آهن. اهو ابر رحمت هر مٺي ۽ کاري مٽي تي ۽ عاصين، معصومن تي وسڻ وارو آهي. اي دل دلگير نه ٿي هتي مايوسي گناهه آهي. هتي مرادن جا گُل کُلن ٿا. هتي پڪاريندڙ جي ٻڌي ويندي آهي. هتي دعائن کي جودو ڪرم جو دامن ملندو آهي. هن آستاني جمال تي جيڪو خالي جهولي آيو. اهو جهوليون ڀري ويو آهي. هتي رحمت جو درياء آهي ته بخشش ۽ ڪرم جو بيڪناره سمنڊ به آهي. تصور ۾ عفو و درگذر، لطف، عنايت، اڪرام انعام جا ڪئين دروازا کلي ويا.
    يقين آيو ته جيڪو آقا و مولاﷺ پنهنجي جاني دشمنن کي سيني سان لڳائي سگهي ٿو. ابو جهل جي پٽ عتبه کي درگذر ڪري سگهي ٿو. حضرت حمزه رضه جي قاتل وحشي ۽ هنده کي معاف ڪري ڇڏي ٿو. ته اهو پنهنجي غلامن جي غلام عاصي ۽ گناهه گار امتي کي به دامنِ رحمت ۾ ڇُپائي سگهي ٿو.
    احساسِ ندامت کی بڑی قدر ہے انکو،
    عاصی پہ وہ کرتے ہیں کرم اور زیادہ۔
    اتي شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليھ رحمت به ڀر ورتي دلاسا ڏنائين. مون کي چائين عاصي، اي مسلم عاصي مايوس نه ٿي. سڄڻ سٻاجهو گهڻو.
    * ليلان پئي ليلائج، اٿئي ماڳ منٿ جو،
    جي ليلائي نه لهين تان پڻ ليلائج،
    آسرو مَ لاهج، سڄڻ سٻاجهو گهڻو.

    * ڪاريون، ڪوجهيون، ڪُٻريون مور نه موچاريون،
    وٺي ويٺيون واٽن تي ککي هاڻيون کاريون،
    انهن جون آريون، سمي ري ڪير سهي.

    * ماڻڪ مِٽ سندوم، اونڌاهي ۾ سوجهرو،
    حشر ويل حساب ۾ ڇڏي نه ويندومَ،
    ساري سڏ ڪندوم، ڪوهيارو ڪيچ ڌڻي.

    * وڏي سگهه سندياءُ، ٻاجهن ڀريو آهين،
    مون تان مَهرمَ لاهه آئون تنهنجي آهيان.

    * تون تماچي تڙ ڌڻي، آئون مهاڻي مَئي،
    مون کي ڏهاگ مَ ڏي آئون جا سُيس نالي تنهنجي.
    هاڻ منهنجي دل جي مونجهه جي گرهه کُلي. برهه جي باهه ڀڙڪو کاڌو. سڀ غم و الم ختم ٿي ويا. آئون پنهنجو پاڻ کي تمام گهڻو هلڪو محسوس ڪرڻ لڳس. دل ۾ خيال پيدا ٿيو ته مڱتا، گهُر جيڪي گهرڻو اٿئي. کڻ جيڪي کڻڻو اٿئي. اتي کوٽ جو ڪو امڪان ناهي.
    اميد جي ڪرڻن مان صاف نطر آيو ته اُڃايل مِٺي درياء رحمت جي ڪناري تي پهچي چڪو آهي. دل ۾ يقين ڪيم ته عُبيد هن جام ڪوثر مان پي جيڪو پيڻو اٿئي. مگر ان درياء جود و ڪرم مان ڪمي ڇا جي؟ سوئي درياء ۾ ٻوڙي ڪڍڻي هئي. حالانڪ هت ته هاڻ زماني کان رُڃ ۾ پاڻي لاءِ ڀٽڪندڙ کي منزل مراد ملي ويئي ۽ هڪ چشمون شيرين هٿ اچي ويو. وري نئي سر همٿ پيدا ٿي. مرده دل ۾ جان پئجي ويئي.
    رکھ رکھاؤ اس آنکھ کا دیکھ،
    چُپ کی چُپ اور بات کی بات۔
    انهي کان پوءِ ياران وفاداران شيخين. سُهرين ابو بڪر صديق رضه، عمر عادل رضه جن ٻنهي پاڻ ملهائي. ٻنهي جهانن ۾ سُرخرو ۽ موچارا ٿيا ۽ وڃي يار مزار بنيا. انهن مٿان درود سلام ۽ الله جون برڪتون. رحمتون ۽ رضائون هر وقت هجن شال پڙهي. پنهنجي لاءِ والدين، استادن، جملي مومنين والمومنات ۽ جن احبابن دعاءِ خير لاءِ چيو هو. انهن لاءِ مهابي محمدﷺ جي خير جون دعائون گهريون پوءِ باب جبرئيل عليھ السلام کان ڦري اچي اصحاب صفه ۾ ويٺس ۽ تلاوت ۾ مشغول ٿي ويس تان جو نماز ظهر ادا ڪري رهائشگاهه تي آياسون. ماني کائي ڪجهه دير قيلولو ڪيوسون. 3:30 بجي شام اٿي چانهه ٺاهي پي، وري واپس حرم نبوي ۾ نماز عصر لاءِ حاضر ٿيا سون. معمول مطابق عصر، مغرب ۽ عشاء پڙهي جاءِ تي آياسون. کاڌو کائي آرامي ٿياسون. آخر تاريخ 19 اپريل 2014ع به آئي. معلم جو قاصد آيو ته صبح سوير تيار رهجو ته اوهان کي واپس مڪي روانو ڪيو ويندو.


    اي مدينا الوداع

    اڄ 19 اپريل 2014ع صبح جو سوير اٿي، مسجد نبويﷺ ۾ حاضر ٿي روضهء رسولﷺ تي درود سلام پيش ڪري ۽ شيخين. سُهرين ياران مزارﷺ تي پڻ درود سلام عرض ڪري. تسبيح، تهليل ۽ تلاوت کان فارغ ٿي فجر نماز باجماعت پڙهي ساري سنگت کي ساڻ ڪري نه چاهيندي به واپس رهائشگاهه پهتاسون. اڃان ناشته چانهه وغيره کان فارغ ئي مس ٿيا سون ته معلم جي موڪليل گاڏي ”بس“ اچي ويئي سامان سڙو کڻي گاڏي ۾ رکيو سين ۽ گاڏي هلڻ لڳي.
    اي شهر محبوب، منزل مقصود الوداع، الوداع اي شهر جانان الوداع،
    امن و سڪون جا گهوارا الوداع، اي نوري قبا ۾ ملبوس مينارو الوداع،
    اي سبز پوش گنبذ خضراء الوداع، اي ڪشاده ظرف دروازو الوداع،
    اي مديني جا خوش نصيب انسانو الوداع، اي معطر هوائو اي منور فضائو الوداع
    اوچتو ئي اوچتو يڪايڪ دل و دماغ ۾ هڪ زلزلو، هڪ طوفان کڙو ٿي ويو، منهنجي سامهون جهڙو ڪر قيامت اچي ويئي هجي.
    قیامت سے پھلے ہم نے قیامت دیکھی ہے،
    تیرا مل کے بچھڑ جانا، اور قیامت کیا ہے۔
    تصوراتي دنيا ۾ هل چل پيدا ٿي هاءِ قسمت ڪيئن هت آيا سون؟ محبوب مرسل کي پٺ تي ڇڏي ڪيڏهن وڃي رهيا آهيون؟
    اکين کي اداس جو ڏاڍو ڏک ٿيوم،
    آيو آب اکين ۾ پتو تڌهن پيوم،
    چرين کي چيوم، تڌهن به رهيون ڪو نه روئڻ کان.
    نيڻن جي ڪڪرن مان وڏ ڦڙو مينهن وسڻ شروع ٿيو. چپن ۾ ڏڪڻي، جسم ۾ رڦڻي، زبان گنگ ۽ خاموش، ذهن ۾ اضطراب جو هڪ طوفان بپا ٿي ويو.


    ٿر راجستان جي هڪ رواج جي ياد

    سچ پچ ته مون کي ان مهل ٿر راجستان جي اُن ڪنوار جو هڪ روپ، هڪ منظر جو سين اکين سامهون تري آيو ۽ اهو رواج اڄ به انهن علائقن ۾ قائم آهي. علائقي ۾ ٻي ڳوٺ کان پرڻجڻ لاءِ آيل ڄڃ وارا جڏهن ڪنوار کي اباڻن ڪکن ۽ پڊمان ڪڍي، ”جنهن ڪکن ۾ هو ڄائي نپني ۽ وڏي ٿي هئي“، هڪ جيڏين سرتين، ساهيڙين، ڀاءُ، ڀينرن، ماءُ پيءُ کان موڪلائي اٺ تي چاڙهي ڄڃ وارا روانا ٿيندا آهن ۽ سهاڳڻيون، سرتيون ”پري وڃڻ جو گيت“ ڏورو ڳائينديون آهن، جنهن ۾ بچپن جي محبت، انگل ۽ آڙا پيار سان گذريل ماضي جا ڏينهن، چاچن، مامن، ماساتن ۽ سوٽن جي نينهن جا ناتا، محبت ڀريون ڪچهريون بيان ڪري الوداع ڪنديون آهن.
    اها ڇوڪري ”ڪنوار“ جڏهن ڳوٺ جو هنج ڇڏي اڳتي رواني ٿي. پنهنجا گذريل ڏينهن ياد ڪري، ڳوٺ جا وڻ وٿاڻ گابا ڇيلا اڪ، نم، ڦوڳ ٻوهه ڪوڀنٽ ڪنڊيون. دڙن-ڀٽن کي ياد ڪري، اُٺ تان ڪنڌ پوءِ تي موڙي، با ربار نهاري روئي درد دل سان ڪيهون ۽ ڪوڪون ڪري ٿي. ٻاڪاري ٿي. ان جي دل ۾ هڪ هلچل ۽ اباڻن کان جدائي ۽ وڇوڙي جي جهوري جو خيال ۽ فڪر جان کي جلائي رهيو هوندو آهي. آئون ڇا؟ آئون ڪٿي؟ آئون ڪيئن؟ آئون ڪيڏهن؟ منهنجا مارو ڪٿي؟ هاءِ قسمت آئون پنهنجا اباڻا پَٽ ۽ پڊ ڇڏي ڪيڏهن وڃي رهي آهيان؟ هاءِ افسوس منهنجو نصيب اڄ مونکي ڪيڏهن ڇڪي وٺي وڃي رهيو آهي؟ اهڙا هاڃا ٿين ڀينر هن ڀنڀور ۾.
    اي منهنجا رب، منهنجا ملڪ مونکي وري به منهنجي ماروئڙن سان ملائج. بقول شاهه صاحب:
    * واجهائي وطن کي جي آئون هٿ مياس،
    ته گهور منهنجي سومرا ڪج پنهوارن پاس،
    ڏج ڏاڏاڻي ڏيهه مان ولڙين سندي واس،
    پوءِ ميائي جياس جيڪر وڃي مڙهه ملير ڏي.

    * قسمت قيد ڪياس، نه ته ڪير اچي هنن ڪوٽن ۾،
    ونحن اقرب اليھ من حبل الوريد،
    وطن آئون ويندياس، مارن سان ملندياس،
    ڪو دم آهيان هنن ڪوٽن ۾.
    منهنجي ته اها ئي ساڳي ڪيفيت ۽ تصوير هئي، پر مون ڏٺو ته هر ڪنهن مسافر جو ڪنڌ پوءِ تي ورايل هو ۽ هر نيڻ پنهنجي پنهنجي طور نير وهائي رهيو هو. گاڏي ۾ بلڪل سُڪوت ۽ سڪونت هو. گويا ڪه هر ماڻهو محبوبﷺ کان وڇوڙي جي ڪري پنهنجي جيءَ ۾ جهُري رهيو هو. ان وڇوڙي جي گهڙي جي ماحول ۽ صورتحال بيان ڪرڻ لاءِ نه قلم ۾ جرئت آهي نه الفاظن ۾ تعبير، نه ذهن ۽ سوچ حقيقت کي سمجهي سگهي ٿو پر حقيقت ۾ حقيقت به پنهنجي حقيقت وڃائي ويهي ٿي. بهرحال جيڪو آيو آهي. اهو مسافر آهي. اهو ضرور هڪ ڏينهن ويندو. جيءَ ۾ اهو ئي جهيڙو هو. تان جو گاڏي مسجد ذوالحليفھ پهتي. اها جاءِ مديني کان ڇهه ميل مڪي جي رستي تي آهي. جتي ماڻهو مڪي پاڪ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ عمري جو احرام ٻڌندا آهن. اسان کي چيو ويو ته لهي عمري جو احرام ٻڌو. اسان عمري جو احرام ٻڌي ٻه رڪعتون نفل براءِ عمرو ۽ ٻه رڪعتون سفرفرض براءِ ظهر پڙهيون سون ڇو ته نماز ظهر جو وقت ٿي چڪو هو. ۽ واپس اچي بس ۾ ويٺا سون. بس مڪي جي ڪشادي رستي تي پنڌ کي سوڙهو ڪرڻ لڳي. تان جو اسان بعد از نماز مغرب مڪي پاڪ پهچي وياسون.
    حرم مڪي کي ويجهو ئي فندق دارالماسا وٽ گاڏي بيٺي لهي سامان کڻي. فندق الماسيٰ ۾ رکي. نماز عشاء لاءِ حرم مڪي وياسون. نماز عشاء باجماعت پڙهي عمرو ادا ڪيوسون. بعد احرام لاهي، مٿو ڪوڙائي، سبيل ڪپڙا پاتاسون ۽ جاءِ تي اچي ماني کائي سمهي پياسون. صبح سوير اٿي مسجد الحرام ڪعبةالله ۾ آياسون. نفل تسبيح تهليل تلاوت بعد نماز فجر باجماعت پڙهي جاءِ تي آياسون اهو ڏينهن خير سان معمول مطابق گذريو... ٻي ڏينهن 21 اپريل 2014ع جو مسجد عائشه وياسون. جتي وري عمري جو احرام ٻڌي. والدين جي لاءِ عمري جي نيت ڪري. واپس حرم مڪي اچي عمرو ادا ڪري حلق ڪري، سبيل ڪپڙا پاتاسون.
    22 اپريل 2014ع جو مڪي پاڪ جي ڪن مشهور تاريخي جاين جي زيارت جي خيال سان ٽيڪسي ڪري نڪري پياسون. مگر بسا آرزوء ڪه خاڪ شُد. ڏاڍو ڏک ۽ افسوس ٿيو.


    زميني حقائق ۽ آثار قديمھ جي تباهي

    مڪي پاڪ ۽ مديني پاڪ ۾ اسان جڏهن زيارت لاءِ نڪتاسون. تاريخ ۽ سيرت جي ڪتابن ۾ پڙهيل مقدس جاين جي ڏسڻ جي شوق سان روانا ٿياسون ته ڏاڍو ڏک ٿيو. ڇو ته زميني ۽ ميداني حقائق ۽ آثار قديمه جي اعتبار سان مڪو پاڪ ۽ مدينو پاڪ بلڪل نوان ۽ ماڊل طرز جا لڳا ۽ اهي آثار قديمه جيڪي حديث، تاريخ ۽ سيرت جي ڪتابن ۾ پڙهيل هيون. اهي جايون بلڪل نه هيون صرف هنڌ هئا، جتي دولت جي ڪثرت سبب فلڪ بوس عمارتون ٺهي چڪيون هيون. يا جديد مشينري ۽ ڪرينن جي ذريعي اهي هنڌ جبل جايون ڊهي رهيون هيون. جديد طرز جا فليٽ، پلازه، هوٽل ٺهي رهيا هئا.
    مڪي ۽ مديني ۾ اهي قديم هنڌ ۽ جايون جتي روحانيت جو محور، مرڪز ۽ حُسن هو اهو ڏسڻ ۾ نه آيو. ڇو ته حڪومت سعوديه عربيه وڌندڙ آبادي، دنياوي حرص و هوس ۽ توحيد جي اشاعت ۽ شرڪ جي ختم ڪرڻ جي آڙ ۾ زميني حقائق ۽ تمام آثار قديمھ کي ختم ڪري ڇڏيا آهن ۽ ختم ڪري رهي آهي.
    آثار قديمه ۽ مشهور جايون ميسارجي رهيون آهن. حالانڪ انهن سان خبر پوندي هئي ته هِن جاءِ تي ڇا هو؟ ۽ هُن جاءِ تي ڇا هو؟ اهي مبارڪ ۽ عظيم تاريخي ورثو آهن. جيڪي ماڻهن جي ذوق و شوق جا محور آهن. عام حاجي ۽ زائرين پنهنجي ملڪن مان انهن جاين جي ڏسڻ جي تمنا کڻي ويندا آهن. واپس پهچڻ تي وڏي ڪروفر ۽ ذوق و شوق سان پنهنجن عزيزن کي قديمي آثارن جي باري ۾ حال احوال ڏيندا آهن. جن سان تاريخي لحاظ سان خبر پوي ٿي ته هت پاڻ ڀلارا ترسيا هئا. يا هت پاڻ سڳورن پنهنجي پيارن ساٿين. هدايت جي ستارن سان گڏ نماز پڙهي هئي يا هِت پاڻ سونهارن هي ڪم ڪيو هو. يا هُت جنگ لڙي هئي. يا هت هي حڪم صادر ڪيو هو وغيره. موجوده سعودي حڪومت جي هن ڊاهه ڊُوهه جي عمل جي ڪري انهن تاريخي هنڌن ۽ واقعات جي ڏسڻ ۽ سمجهڻ ۾ ڏاڍي پريشاني ۽ دشواري آهي ۽ پڻ ڏينهن به ڏينهن وڌي رهي آهي.
    اڄ حاجي سڳورا مڪي ۽ مديني شهرن جي ان اصلوڪي حسن کي نٿا ڏسي سگهن، جنهن کي گذريل اڌ صدي ۾ نام نهاد جدت ۽ توحيد جي هٿ ٺوڪيل انجيڪشن جي راڪاس ڳڙڪائي ڇڏيو آهي.
    اها قدامت، اها تاريخي عمارت سازي، اهو غير مشيني اوزارن واري اڏاوت جو قديمي حسن جهاتيون پائيندو هو. ان جي جاءِ تي جديد عمارتون جيڪي مغربي طرز تعمير جو ڏيک ڏيئي رهيون آهن. ڄڻ ته سعودي سرڪار کي اسلامي تاريخ جي انهن شاهڪار شين جي سنڀال ۾ ڪا به دلچسپي ناهي.
    واءِ افسوس ناڪامي متاع ڪاروان جاتارها،
    ڪاروان دل مين احساس زيان جا تارها.
    مڪي پاڪ ۾ مسجد الحرام خانه ڪعبي جي سامهون وسيع و عريض ايراضي تي ڦهليل مڪي جو 1972 فوٽ ڊگهو اهو بادشاهي گهڙيال ”ٽاور“ آهي. جيڪو صليبي طرز دنيا جي ڊگهين ترين عمارتن مان هڪ آهي. اها هوٽلن، شاپنگ سينٽرن ۽ وڏن وڏن اسٽورن تي مشتمل آهي. پر ان جي جديد اوچائي، ان قديم مسجد الحرام جي حُسن ۽ ديد کي بلڪل ڍڪي ڇڏيو آهي.
    جيڪا مسلم اُمھ لاءِ هڪ انتهائي اهم ۽ مقدس جڳهه آهي. انهي کان علاوه مڪي پاڪ ۾ جبل عمر، جبل ابوقيس “جنهن تي چنڊ چيرجڻ جو معجزو ٿيو هو“ جبل فاران ”جنهن تي رسول پاڪ جي ولادت ٿي هئي“ جبل ثور، جبل حرا جبل رحمت عرفات کي به ختم ڪيو پيو وڃي، مزدلفه، مِنيٰ، وادي محصره ۾ به جديد تعميرات مڪي ۽ پسگردائي کي بلڪل بدلائي ڇڏيو آهي. حالانڪ اها سرزمين اڻ ڳڻيل آثار ۽ تبرڪات نبوي جي امين آهي. جنهن جي ڪڙي ڪنهن نه ڪنهن طور تي سيرت مصطفيٰﷺ سان جڙيل آهي. تاريخ اسلامي جا مختلف سنگ ميل ناهن آثار مبارڪه جي شڪل ۾ اڄ به هر زائرِ طيبه جي دلين ۾ ان سوانح حيات طيبه جي ياد تازي ڪن ٿا. جنهن کي عرف عام ۾ سيرت رسول مقبولﷺ چيو وڃي ٿو.
    معلوم هئڻ کپي ته انهن آثار نبوي ۽ تاريخي نشانين کي مٽائڻ سان مذهبي سهپ ۽ هر کنڊ کان ايندڙ مسلمان زائرين جي سوچ تي ڪافي اگُرا اٿر پون ٿا. مڪي ۽ مديني جا شهر جيڪي مسلم دنيا لاءِ هڪ آئيڊيل ۽ مرڪز هئا. اتي اڄ تاريخي نشانين کي مٽائي، مذهبي عالمن جي زبان بندي ڪري، يورپي تقليد ڪري نوان مادرن شهر بنايا پيا وڃن. اهو هڪ افسوس ناڪ عمل آهي. شل الله پاڪ سعودي حڪمرانن کي آثار قديمه ۽ مقدس نشانين جي حفاظت جي سوچ ڏي. آمين


    سعودي عربيھ کان اڳ جو منظر نامو

    سعودي عربيھ تي اهو نالو بعد ۾ پيو آهي، مگر اهو عرب علائقو پهريائين سلطنت عثمانيه جو هڪ صوبو هو. جنهن کي خلافت عثمانيه به چيو ويندو هو. جنهن جو سلطان ترڪي ۾ رهندو هو. سندس گادي جو هنڌ انقره هو. پوري دنيا جا اسلامي ملڪ سلطنت عثمانيه ۾ شامل هئا.
    برطانيه جنهن جي حڪومت جو سج اڌ دنيا تي اڀرندو ۽ لهندو هو. انهي کي مسلمانن جي ان مرڪزيت تي حسد ۽ ساڙ هو ته مسلم دنيا ايترو متحد ڇو آهي؟ برطانيه حڪومت مسلمانن جي ان مرڪزيت کي ختم ڪرڻ لاءِ هر وقت مختلف حربن سان پٺيان لڳل هئي. جنهن لاءِ هن هڪ جڳ مشهور جاسوس دجال چال ۽ شيطان صفت ڪيپٽن