ڪتاب جو نالو: باک جو آواز
مصنف: عبدالواحد آريسر
ڇپائيندڙ: ايلسا پبليڪيشن، حيدرآباد
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 20 جون 2017 ع
پڙهيو ويو: 934 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 524 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ قومپرست اڳواڻ عبد الواحد آريسر جي تقريرن، مضمونن ۽ انٽرويوز تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو مرتب منصور مزاري آهي.
عبدالواحد آريسر ادب، سياست، ٻولي، شاعري ۽ تاريخ کي سمجهندڙ ۽ ان تي لکندڙ سنڌ جو نرالو سياستدان هو، جنهن نه رڳو تاريخ کي پنهنجي قلم ذريعي سهيڙيو، پر ان اڙانگي سفر واري سياست ۾ جيل جون سختيون برداشت ڪيون ۽ ٽارچر سيل جا عذاب ۽ ڦٽڪا به سٺا، پر عشق جي هن ميدان ۾ هُو تِر جيترو به پوئتي نه هٽيو، هُو سنڌي قوم لاءِ سائين جي. ايم سيد جي پيغام جو، پنهنجي ماڻهن لاءِ ’باک جو آواز‘ به هو ته ’باک جي ساک‘ به هو.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا
  • باک جو آواز آيو ”ڪير آهين؟“
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پنهنجي پاران
  • مهاڳ: باک جو آواز- باک جي ساک
  • تقريرون

  • حليم باغي جي شاعري
  • ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي!
  • گُلڙن سان گفتگو
  • شهيد اسد عباسي
  • متان موٽو ماڳ تان
  • سيد جي سالگرهه مبارڪ
  • سن ۾ آخري خطاب
  • موهن جو دڙو
  • تنهنجي وارن ۾ حُسن
  • نيشنل ڪانگريس سان ڳالهيون
  • ٻانهن جو ٻل...
  • مضمون

  • قومي ثقافت
  • قومي تحريڪ ۽ سائين جي ايم سيد
  • انٽرويو

  • هڪ يادگار محفل
  • تفصيلي انٽرويو
  • آريسر جو عاشق منصور : ارڏو اترادي، ڪنڌڪوٽ

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا

    بـاک جــو آواز
    [عبدالواحد آريسر جون تقريرون، مضمون ۽ انٽرويو]

    مرتب
    منصور مزاري

    ايلسا پبليڪيشن، حيدرآباد
    2016ع


    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2017ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر

    ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: باک جو آواز
    موضوع: سياسي ادب
    ليکڪ: عبدالواحد آريسر
    مرتب: منصور مزاري
    ڪمپوزنگ: نظير چانڊيو
    ڇاپو پهريون 2016ع
    ڳاڻيٽو: 1000
    ملهه: 200 رپيا
    ڇپائيندڙ: ايلسا پبليڪيشن حيدرآباد


    باک جو آواز آيو ”ڪير آهين؟“

    باک جو آواز آيو
    ”ڪير آهين؟“
    ڪنهن پُڇيو ٿي ٿئي،
    جيئن ستارن جڳمڳايو،
    رات ۾ سورج سمايو ۽ وري
    آواز آيو!
    ”ڪير آهين؟“

    ”شيخ اياز“


    ارپنا

    ماڇڪي پرڳڻي جي سالار،
    راڻي خان ماڇيءَ
    جي نالي،
    جنهن سڪندر يوناني سان مهاڏو اٽڪايو!


    ــ منصور مزاري


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”باک جو آواز“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ قومپرست اڳواڻ عبد الواحد آريسر جي تقريرن، مضمونن ۽ انٽرويوز تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو مرتب منصور مزاري آهي. واحد ڪانڌڙو لکي ٿو:
    عبدالواحد آريسر ادب، سياست، ٻولي، شاعري ۽ تاريخ کي سمجهندڙ ۽ ان تي لکندڙ سنڌ جو نرالو سياستدان هو، جنهن نه رڳو تاريخ کي پنهنجي قلم ذريعي سهيڙيو، پر ان اڙانگي سفر واري سياست ۾ جيل جون سختيون برداشت ڪيون ۽ ٽارچر سيل جا عذاب ۽ ڦٽڪا به سٺا، پر عشق جي هن ميدان ۾ هُو تِر جيترو به پوئتي نه هٽيو، هُو سنڌي قوم لاءِ سائين جي. ايم سيد جي پيغام جو، پنهنجي ماڻهن لاءِ ’باک جو آواز‘ به هو ته ’باک جي ساک‘ به هو.“
    هي ڪتاب 2016ع ۾ ايلسا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپرايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري نواز آريسر ۽ منصور مزاريءَ جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪلي.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پنهنجي پاران

    آءٌ نه ڪو وڏو شاعر آهيان، نه وڏو اديب، پر بيگم فقيرياڻي جي لفظن ۾ ”محبت وڌو آ مامري، نه ته ڪير ڪشالا ڪري.“
    پڙهڻ جو اُتساهه مون کي آريسر صاحب جي لکڻين کي پڙهڻ کان پوءِ ئي مليو ۽ آريسر صاحب جن به اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن جا حوالا پنهنجن ڪتابن ۾ ڏنا آهن، مون ڪوشش ڪري انهن اديبن جي ڪتابن کي پڙهيو آهي.
    جڏهن کان آريسر صاحب سان منهنجي ويجهڙائي ٿي، ۽ جڏهن به، جتي به موقعو مليو ته مون سائينءَ جي لکڻين (پوءِ اهي تقرير جي صورت ۾ هجن يا ڪچهري جي) پنهنجي موبائيل فون ۾ محفوظ ڪرڻ شروع ڪيو، پر افسوس آهي جو سائينءَ جون ڪيتريون ئي ڳالهيون مون کان رهجي به ويون آهن، تنهن هوندي به آءٌ سندس جيڪي به ڳالهيون، ڪچهريون، تقريرون، انٽرويو ۽ مضمون محفوظ ڪري سگهيو آهيان، تن کي ايندڙ نسلن ۽ سنڌي قوم جي امانت سمجهي، ريڪارڊ تي آڻڻ پنهنجو فرض سمجهان ٿو، ۽ هي ڪتاب ”باک جو آواز“ به ان سلسلي جي ڪڙي آهي. پر سچي ڳالهه اها آهي ته مون جڏهن هنن تاريخي تقريرن، انٽرويوئن ۽ مضمونن کي محفوظ پئي ڪيو ته اهو تصور ۾ به نه هو ته، اڳتي هلي آءٌ انهن کي ڪتابي شڪل ڏئي سگهندس، مون ته صرف سائين جي تقرير ۽ تحرير جي عاشق هُئڻ ڪري مواد گڏ پئي ڪيو ته جيئن واندڪائيءَ جي وقت ۾ ويهي اُنهن کي ٻُڌي ڪجهه حاصل ڪريان، ڇاڪاڻ جو آريسر صاحب ئي اهو واحد ليکڪ ۽ مقرر آهي، جنهن جو هر لفظ مون کي پنهنجو لڳو، غالب جي هن شعر وانگر ته:
    بلائے جاں ہے غالب اس کی ہر بات٬
    عبارت کیا٬ اشارت کیا٬ ادا کیا۔
    هن جو انداز ئي پنهنجو ۽ سڀني کان الڳ آهي، بلڪل غالب جي هن شعر وانگر:
    ہیں اور بھی دنیا میں سخنور بہت اچھے٬
    کہتے ہیں کہ غالب کا ہے اندازِ بیاں اور۔
    مون کي اڄ به ياد آهن اُهي لفظ، جيڪي مون ڪچڙي وهيءَ ۾ پهريون ڀيرو سن ۾ سائين جي.ايم سيد جي سالگرهه جي جلسي ۾ ڪيل آريسر صاحب جي تقرير دوران ٻُڌا هئا ته: ”آءٌ سيد جو پيروڪار ان لاءِ نه ٿيس ته هُو ڪو سيد هو. سيدن جي ته هتي لوڌ پئي آ، پر آءٌ سيد جو پيروڪار ان لاءِ ٿيس، ته هُن اسان کي سنڌ ڏيکاري ۽ سنڌ سان عشق ڪرڻ سيکاريو.“
    ائين ئي اسان آريسر صاحب کي پڙهڻ ۽ ٻُڌڻ کان پوءِ سيد ۽ سنڌ کي سُڃاڻڻ شروع ڪيو. هڪ ڀيري سائين مون وٽ آيل هو، ڪچهري پئي ڪئي سين ۽ ان سان گڏ عمر خيام جي رُباعين جو ورد به جاري هو ته، ان وچ ۾ ماڇڪي جو ذڪر نڪتو، مون پڇيو ته: ”سائين ماڇڪي جي تاريخ ڇا آهي؟ اهو پنجاب جي قبضي ۾ ڇو آهي؟ جڏهن ته هن کي پنجاب جي ڪا به سرحد نه ٿي لڳي!“ ته سائين وراڻيو: ”اها ڀٽي صاحب جي سنڌين تي مهرباني آهي، جنهن 70ع جي ڏهاڪي ۾ ماڇڪي کي انتظامي طور پنجاب جي حوالي ڪيو، جڏهن ته تاريخي طور اهو هميشه سنڌ جو حصو رهيو آهي. سڪندر يوناني سنڌ تي جڏهن ڪاهه ڪئي هُئي، تڏهن راڻو خان ماڇي، جيڪو ماڇڪي ۾ رهندو هو، ان سڪندر يوناني سان ٽڪر کاڌو ۽ ان سان وڙهيو، پر پوءِ سڪندر يوناني ان کي مارائي ڇڏيو. ماڇي اڄ به گهڻي تعداد ۾ ماڇڪي ۾ رهن ٿا، پر هاڻي اُتي ڪو راڻو خان ماڇي نه ٿو رهي، بلڪه افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته هاڻي اهي سولنگي سڏرائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. هڪ ڀيري ڪامريڊ غلام رسول سهتي صاحب چيو ته، مون کي ماڇڪو گهماءِ، ۽ آءٌ، ڪامريڊ کي اتي وٺي ويس، اُتي هڪ نوجوان مليو، جنهن ڪامريڊ کي پنهنجو تعارف ڪرايو، نالو مون کي ياد ڪونهي، پر ان پنهنجي ذات سولنگي ٻڌائي، ان ڇوڪري جو ايترو چوڻ ۽ ڪامريڊ تپي باهه ٿي ويو، پوءِ ان ويچاري سان گهڻي ڪيائين ۽ چيائين ته، ”ماڇين جي سورهيائي سان سنڌ جي تاريخ ڀري پئي آهي ۽ اوهان فخر محسوس ڪرڻ بجاءِ ماڇي سڏائيندي شرم محسوس ٿا ڪريو.“
    چوڻ جو مطلب ته انهن سڀني تاريخي حقيقتن کان آريسر صاحب ئي اسان کي واقف ڪيو ۽ اڄ هي اکيون ان محبوب تاريخدان کي سارين ٿيون ۽ مون کي لطيف سائينءَ جو بيت ياد اچي پيو ته:

    اَڄ پڻ اَکڙِيَن سَڄڻ پَنهنجا سَاريا،
    ڳَلن تان ڳوڙهن جُون، بُوندون بَس نه ڪَن،
    سَندي سِڪ پِرين لوڪ ڏِٺي نَه لَهي.
    آريسر صاحب به پنهنجي ڪارڪنن سان اهڙو ئي پيار ڪندو هو، جهڙو هڪ پيءُ پنهنجي اولاد سان ڪندو آهي. جڏهن سنڌ جي دوري تي نڪرندو هو ته صرف پنهنجن ويجهن دوستن ۽ ڪارڪنن وٽ ئي ترسندو هو. صالح آريسر مون کي ٻُڌايو ته، آريسر صاحب هڪ ڀيري هُو خيرپور ميرس جي آس پاس پير پاڳاري (اڳوڻي) جي چيف خليفي جي رهائشگاهه تي ترسيل هو ۽ هُن جي خواهش هُئي ته آريسر صاحب رات جو وٽس رهي، پر آريسر صاحب چيو ته آءٌ پنهنجي گهر ويندس، ته ان خليفي چيو، سائين! اوهان جو ڳوٺ منهنجو ڏٺل آهي ڪافي پري آهي، اوهان اڄ رات مون وٽ ئي ترسو، سڀاڻي اوهان ڪنهن وٽ وڃڻا هُئا، ته سائين وراڻيو، آءٌ منصور مزاري وٽ وڃڻو هُئس ۽ رات اُتي رهندس، ڇاڪاڻ جو منصور جو گهر منهنجو پنهنجو آهي.
    اهڙو ئي هڪ واقعو سرمد ميراڻي به مون کي ٻڌايو ته: هڪ ڀيري جون- جولاءِ جا ڏينهن هُجن ۽ نوابشاهه جي قهر جي گرمي به. سائين آريسر صاحب ۽ آءٌ ڪنهن ماڻهوءَ وٽ ويٺا هُجون، اُن سائينءَ کي چيو ته، ”سائين رات مون وٽ ترسو، ڪافي گرمي آهي، اوهان جي طبيعت به سهي ناهي، مون وٽ هتي اي سي به آهي، توهان اتي ئي آرام ڪريو.“ پر آريسر صاحب انڪار ڪندي چيو ته، آءٌ سرمد وٽ رهندس ۽ ائين ئي ٿيو. حالانڪه سرمد وٽ ڪا به اي سي ڪانه هُئي، ته آريسر صاحب پنهنجي ڪارڪنن سان اهڙي محبت ڪندو هو:
    ہمیں یاراں دوزخ٬
    ہمیں یاراں بہشت!
    آءٌ مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته آءٌ ڪو وڏي پايي جو ليکڪ يا اديب ڪونه آهيان، جو آريسر صاحب جهڙي عالمي پايي جي دانشور تي ڪجهه لکان ۽ ساڻس انصاف ڪري سگهان! هُو ته اهڙو ماڻهو هو، جنهن جي تابع لفظ پوري زندگي رهيا، ان ڪري مان ٽٽل لفظن سان صرف ان جي يادگيرين کي سهيڙڻ جي ڪوشش پيو ڪريان ۽ هُو ماڻهو به ته اهڙو مٺو هو، جو سندس ڳالهيون ڪڏهن به وسري نه ٿيون سگهن، ۽ مون کي لڳي ٿو ته نياز همايوني هي شعر آريسر صاحب جهڙن ماڻهن لاءِ ئي لکيو آهي ته:
    پنهنجو نينهن نباهه نشانبر، مستن ۾، ميخاني ۾،
    يار ”نياز“ اسان جون ڳالهيون، رهنديون ياد زماني ۾.
    مون کي ياد آهي ته 3 مئي 2015ع تي آريسر صاحب جي آخري سفر ۾، ان سان جڏهن ڪراچيءَ کان امرڪوٽ پئي وياسين ته پوري رستي ۾ منهنجون اکيون ڪٿي به نه سُڪيون ۽ مسلسل ماضيءَ جون يادگيريون، منهنجي ذهن تي ترنديون رهيون ۽ مون کي ياد آيو ته آريسر صاحب ڪنهن جاءِ تي لکيو آهي ته: ”منهنجي خواهش آهي ته منهنجي جنازي ۾ ’ياسين‘ پڙهڻ بدران شهيدِ سنڌ الهه بخش سومري جي اها تقرير پڙهي وڃي، جيڪا هن دهليءَ جي ”آزاد مسلم ڪانفرنس“ ۾ ڪئي هُئي.“ مون پنهنجي ڀِنل اکين سان پنهنجي گاڏيءَ ۾ ويٺل ساجن آريسر کي ٻُڌايو ته ،سائينءَ جي هي وصيت هُئي، تنهن ڪري ان تقرير جو بندوبست ڪرايو ۽ اها اتي آخري رسمن ۾ ضرور پڙهي وڃي. پوءِ ساجن، تاج جويي صاحب کي فون ڪري چيو ته، سائين! اُها تقرير هٿ ڪريو ۽ اُتي پڙهائجو، پر افسوس! جو ائين نه ٿيو، اُتي ’ياسين‘ ۽ ٻين الهامي ڪتابن جا باب ته پڙهيا ويا، پر اها تقرير نه پڙهي وئي، ۽ اها تاريخي وصيت بس خواهش ئي رهجي وئي.
    بهرحال آريسر صاحب سان ته اڻ ڳڻيون يادگيريون آهن، جي قلم ۽ وقت ساٿ ڏنو ته ضرور پنهنجي ساٿين تائين پُڄائبيون.
    آخر ۾ آءٌ، پنهنجي دوست واحد ڪانڌڙي جو ٿورائتو آهيان، جنهن جي حوصلي افزائي، محنت ۽ سهڪار کان سواءِ هي ڪتاب شايد نه ڇپجي سگهي ها، ۽ پنهنجي استاد ۽ انتهائي مهربان دوست ارڏي اترادي جا به وڏا وڙ، جنهن مون جهڙي ميرانجهڙي ماڻهو بابت ٻه اکر لکيا.
    ٿـــــورا نـــه ٿـــــورا
    مون تي ماروئڙن جا.

    ــ منصور مزاري
    مريد شاخ، گهوٽڪي


    مهاڳ: باک جو آواز- باک جي ساک

    شاعرن جون تشبيهون شاعر سمجهندا آهن، عالمن جي ڳالهين کي عالم ئي پرکيندا آهن ۽ پيغمبرن جي پيغامن کي خلقِ خدا تائين پهچائڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن مٽيءَ هاڻي ماڻهوءَ جي روپ ۾ باک جو آواز ملندو آهي. ان آواز ۾ صبح جي تازگي هوندي آهي، اڀرندڙ سج جي روشنيءَ جا ڪرڻا جڏهن زمين تي پوندا آهن ته محبت ماٺيڻو ڪر کڻندي آهي ۽ هڪ هلڪي آواز ۾ قومن جا فرد پنهنجيون ٻانهون کولي ان جي آجيان ان ڪري ڪندا آهن، جو ’باک جو آواز‘ کين پنهنجو ئي لڳندو آهي.
    حضرت نوح عليه السّلام جي 9 سؤ سال عمر هئي، ان سوال مٽيءَ هاڻي ماڻهوءَ عبدالواحد آريسر کي گهڻو پريشان ڪيو ته هن جي ايڏي عمر ڪيئن ٿي. عبدالواحد آريسر اهو سوال پنهنجي رهبر سائينءَ جي ايم سيد کان پڇيو، ان تي سائين جي. ايم سيد ڏاڍي عالماڻي انداز ۾ ٻڌايو ته، اها عمر موجوده ڪئلينڊر موجب نه سمجهو، ان دؤر جو هڪ سال مهيني جو به ٿي سگهي ٿو، هفتي جو به ٿي سگهي ٿو ۽ پندرهن ڏينهن جو به ٿي سگهي ٿو. حضرت نوح عليه السّلام جي عمر بابت اڄ تائين ڪو اهڙو ماڻهو آهي، جنهن کولي سمجهايو هجي! ته اهڙا راز آريسر جهڙا ’باک جا آواز‘ ئي ماڻهن تائين پهچائيندا آهن.
    باک جي آواز کي شيخ اياز ئي سمجهيو هو، جيڪو هن پنهنجي نظم ۾ هن خوبصورت انداز ۾ سرجيو آهي.

    باک جو آواز آيو،
    ڪير آهين؟

    شيخ اياز جي شعر جي هن سِٽ کي سمجهندي منصور مزاري، عبدالواحد آريسر جي تقريرن، مضمونن، يادگار ڪچهرين ۽ انٽرويوئن کي گڏ ڪري ”باک جو آواز“ نالي سان ڪتاب جي صورت ۾ اسان جي آڏو آندو آهي. ريڪارڊ ڪيل مواد جو لفظ لفظ اتارڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، ۽ اهو ڪم اُهي ماڻهو ڪري سگهن ٿا، جن ماڻهن کي پنهنجي ٻولي، پنهنجي ادب، پنهنجي سياست، پنهنجي فڪر ۽ نظريي سان بيحد پيار هوندو آهي ۽ انهن کي مقصد ماڻڻ لاءِ وڏي تڙپ هوندي آهي، اها تڙپ منصور مزاريءَ جي هن ڪاوش مان ڏسي سگهجي ٿي.حقيقت ۾ اهو عشق ئي آهي، جيڪو کانئس ههڙا ڏکيا ڪم ڪرائي ٿو. اڄ جي موبائيل فون، سوشل ميڊيا، ڪمپيوٽر ۽ مشيني دَور ۾ جتي ماڻهوءَ کي ميسيج پڙهڻ جي به فرصت ناهي، ان ماحول ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي ريڪارڊ ڪيل مواد کي ٻُڌي، اُتارڻ تي منصور مزاري جس لهڻي.

    ’باک جو آواز‘ ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي اڻ ڳڻيون ڳالهيون آهن، جن تي جيڪڏهن فرصت سان ويهي لکجي ته هوند ٻيو ڪتاب به اچي سگهي ٿو، پر مون مٿي ڄاڻايل حضرت نوح عليه السّلام جي عمر بابت هن ڪتاب مان چونڊ ڪيل ٽڪرو ڏنو آهي ۽ ٻيو ٽڪرو عبدالواحد آريسر جي تقرير مان حليم باغيءَ جي شاعريءَ بابت هتي ڏيان ٿو.

    ”ماءُ کان جدا ٿيڻ مهل ٻار جو ناڙو ڪٽجڻ وقت، جيڪا ٻارڙي جي چيخ نڪرندي آهي، شاعريءَ ۾ به اهڙو درد هُئڻ گهرجي.“
    ٻارڙي جو جنم ۽ ان جي ناڙي ڪٽجڻ واري ڳالهه ڪيڏي نه گهرائي سان ڪئي اٿائين، سنڌ ۾ آهي ڪو اهڙو سياستدان جيڪو تازي ڄاول ٻارڙي جي چيخ جي درد کي سمجهي، اهو درد ٿر جي ڀِٽن مان واچوڙي جيان قومي تحريڪ ۾ داخل ٿيندڙ عبدالواحد آريسر ئي سمجهي سگهي ٿو.

    عبدالواحد آريسر ادب، سياست، ٻولي، شاعري ۽ تاريخ کي سمجهندڙ ۽ ان تي لکندڙ سنڌ جو نرالو سياستدان هو، جنهن نه رڳو تاريخ کي پنهنجي قلم ذريعي سهيڙيو، پر ان اڙانگي سفر واري سياست ۾ جيل جون سختيون برداشت ڪيون ۽ ٽارچر سيل جا عذاب ۽ ڦٽڪا به سٺا، پر عشق جي هن ميدان ۾ هُو تِر جيترو به پوئتي نه هٽيو، هُو سنڌي قوم لاءِ سائين جي. ايم سيد جي پيغام جو، پنهنجي ماڻهن لاءِ ’باک جو آواز‘ به هو ته ’باک جي ساک‘ به هو، هُو هميشه پنهنجن ماڻهن کي جاڳائڻ لاءِ جتن ڪندو رهيو ۽ پنهنجن ساٿين کي سياست جا نوان رُخ ٻڌائي هميشه اُتساهيندو رهيو ۽ مرڪندي کِلندي اسان چوندو ويو ته:

    باک جي ساک!
    اڄ مان ڏئي ٿو وڃان،
    اڄ چئي ٿو وڃان،
    سج سنڌوءَ مٿان،
    اڀرندو ساٿيو!

    ــ واحد ڪانڌڙو
    حيدرآباد سنڌ
    30 اپريل 2016ع


    تقريرون

    حليم باغي جي شاعري

    آءٌ ۽ ڄام ساقي هينئر ڏاڍي هڪڙي سنجيده بحث ۾ لڳا پيا هُئاسين، اهو تاريخي به هو، سماجي به هو، مذهبي به هو- پر الائي ڇو مون کي چيو ويو ته تون اچ.
    مون هڪ وقت ۾ سوچيو هو، آءٌ ڪجهه ماڻهن تي لکان ته، ”اُهي ماڻهو ڪهڙا آهن ۽ شاعر ڪهڙا آهن.“ حليم باغيءَ تي ڳالهائڻ لاءِ ايئن پيو محسوس ڪريان، ڄڻ پلصراط تان پيو مَٽان، ڇو ته هن پروگرام جي صدارت نياز همايوني ڪري رهيو آهي، جنهن جي شاعريءَ جو رُوپ ئي نِرالو آهي:
    تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول،
    مون وٽ رُوپ نه ڪو ٻهروپ الا.
    (نياز همايوني)
    شاعريءَ جو تصور سنڌ جي سياستدانن وٽ الائي ڇا آهي، پر گهٽ ۾ گهٽ مون وٽ شاعريءَ جو تصور خوبصورت آهي، ڇاڪاڻ جو شاعري، جنگ جي ميدان ۾ نيپولن جي تلوار جو حوصلو بخشيندي آهي، ٽارچر سيلن ۾ ماءُ جهڙو پيار ڏيندي آهي، ۽ آءٌ جڏهن روئندو آهيان ته مون کي پرچائيندي آهي. شاعريءَ لاءِ، عربي جو جملو يا حديث آهي ته: ”الشعراة الاميزالرحمـٰن“ يعني ”شاعر خدا جا شاگرد“ آهن.
    شاعري آسان ناهي، شاعري شعلو به آهي، شاعري شبنم به آهي، شاعري آڪاس جا ستارا به آهن، شاعري ڌرتيءَ جو گل به آهي، شاعري بُکن ۾ پاهه ٿيندڙ ٻار جون، مانيءَ جي اوسيئڙي ۾ کليل اکيون به آهي ۽ شاعري بهتر اها آهي، جنهن ۾ درد هُجي، ماءُ جي پيٽ مان ڌار ٿيندڙ ٻار جو ناڙو ڪٽجندي اُن جي چيخ مان جيڪو درد اُڀري ٿو، اُهو درد شاعريءَ ۾ هُجڻ گهرجي ۽ اُهو درد صرف مظلوم قومن جي شاعري ۾ ٿي سگهي ٿو، اها پيڙا محمود درويش جي شاعري ۾ ٿي سگهي ٿي، اهو درد شيخ اياز جي شاعري ۾ ٿي سگهي ٿو، اهو درد نياز همايوني جي شاعري ۾ ٿي سگهي ٿو، اهو درد حليم باغيءَ جي شاعري ۾ ٿي سگهي ٿو ۽ اها پيڙا وينا شرنگيءَ جي آواز ۾ به ٿي سگهي ٿي.
    شاعري ڪرڻن کي اُٿاريندي آهي، شاعري، صدين تائين عرب قبيلن ۾ قبائلي دشمنين کي دُکائيندي رهندي هُئي. توهان سڀ مون کان وڌيڪ پڙهيل آهيو، جڏهن انگريز جي فوج ڪابل تي قابض ٿي وئي، اُن وقت صورتحال ڪهڙي هُئي! (هڪڙو واقعو ياد ڪندي) ڊاڪٽر نجيب جي دورِ حڪومت ۾ آءٌ افغانستان ويو هُئس، مون اُتي هڪڙي ڇوڪريءَ جي تصوير ديوار تي لڳل ڏٺي، اُن ڇوڪريءَ پنهنجو رئو ڪنهن ڪاٺيءَ تي ويڙهي هڪ شعر پڙهيو هو، اُن ڇوڪريءَ جو نالو ملالا هو، ۽ اُهو شعر هي هو:
    ”افغانستان جون مائرون!
    توهان ڪڏهن،
    اهڙا بزدل پُٽ ڄڻڻ شروع ڪيا آهن.
    جن جي ڌرتين تي قبضو ٿي ويو آهي،
    پر هو اڃا تائين اسان ڏانهن ڏسن ٿا پيا.
    اهڙي شعر لکڻ ۽ پڙهڻ کان پوءِ هُو اُٿيا، سردار ايوب خان جي سربراهيءَ ۾ افعانستان مان انگريزن جي پاڙ پٽي ڇڏي، ڪڏهن ڪڏهن شاعري اُهو ڪم به ڪندي آهي، پر هڪڙي دور ۾ اهو نظريو پکڙيو ته شاعري، شاعر لاءِ هوندي آهي، شاعري جماليات لاءِ هوندي آهي ۽ آءٌ ڇا چوان، نياز همايوني جو مڪلي نظم آهي ته:
    ڪوئي محبوب يادن ۾ مشڪي جيئن،
    ڪوئي معصوم پينگهي ۾ مُرڪي جيئن،
    سنڌ جاڳي پئي، سنڌ جاڳي پئي!
    هڪڙو دور هو، جنهن ۾ سياستدانن جي تقريرن کان وڌيڪ شاعريءَ عمل ڪري ڏيکاريو. حليم باغيءَ جي شاعري سڄي واقعاتي شاعري آهي، گهڻي ڀاڱي جيڪا مون پڙهي آهي. مثال طور شهيد احسان ميمڻ تي هن نظم لکيو آهي.
    هاءِ هٺيلا هوڏي پريتم،
    مند ملهاري تون رِيسارو!
    احسان ميمڻ جي شهادت هڪ واقعو آهي يا سندس هڪ ٻيو شعر آهي ته:
    ڪارونجهر جي ڪاري چوٽي،
    روپو ڪولهي اڄ به رهي ٿو،
    گورا! توکي ڪائي غم ناهي،
    تنهنجو سورج ڄڻ لهي ٿو.
    شهيد ڪمال راهمون تي يا شهيد رضا محمد بنگلاڻيءَ تي به هن شعر لکيا آهن، مثال طور شهيد رضا تي لکيل سندس هي شعر:
    مون تنهنجو شهپر موڙ ڏٺو،
    هن جُوءِ سان تنهنجو جوڙ ڏٺو،
    تون ڀٽڪيل روح بلاول جو،
    هت بان جي ڪپري آيو هُئين!
    بي ڏوهه ننڌڻڪو ماريو وئين!
    اها سڀ واقعاتي شاعري آهي، جنهن ۾ قوم جو جذبو سمايل محسوس ٿئي ٿو. آءٌ هڪڙي ڀيري گرفتار ٿيس، ان وقت باغي سان منهنجي گهاٽي دوستي هُئي، باغي اُن وقت هڪ شعر لکيو ۽ اهو ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي کي پڙهي ٻڌايائين، جنهن تي ڪامريڊ سوڀي چيو ته: اهڙو شعر برصغير جي سموري مزاحمتي ڪميونسٽ تحريڪ ۾ ناهي لکيو ويو.
    هي ڇورواهه جون ڇوليون،
    البيليـــــــون اڻموليـــــــون!
    حليم باغي جي شاعري واقعاتي آهي، لينن چيو ته تاريخ، پروپيگنڊا ۽ جماليات ٽيئي گڏجي وڃن ته خوبصورت شاعري جنم وٺي سگهي ٿي. ٿرڊ انٽرنيشنل تراني ۾ اهي ٽيئي شيون آهن، ان ۾ تاريخ به آهي، واقعا ۽ جماليات به آهن. بهرحال حليم باغي تي هڪڙي مڪتبِ فڪر جو غلبو رهيو آهي ۽ ان کان کڻي، اڳتي هلي، ٿي سگهي ٿو ته انڪار ڪري ڇڏي، ڇو ته هو گورنمينٽ جو ملازم آهي، هونئن آهي ته سائين جي ايم سيد جو.
    اڄ آءٌ دعويٰ سان هيءَ ڳالهه ڪريان ٿو ته 1970ع ۾ پيپلز پارٽي يا ذوالفقار علي ڀُٽو طوفان ٿي اُڀريو، هن سنڌ جا سڀ ووٽ ميڙي ورتا، پر جي. ايم سيد سنڌ جي ساڃاهه پاڻ سان گڏ ڪري ورتي، ڪو اديب، دانشور يا شاعر ڀُٽي سان گڏ نه هو.
    ڪنين ميڙيا ماڻڪ موتي، ڪنين ميڙيا ڪک،
    پرور ڏي پک، ته اڏامي وڃان اوڏهين!
    هوڏانهن ماڻڪ موتي ته نه هُئا، ماڻڪ موتي سڀ هيڏانهن هئا ۽ اڄ ڏينهن تائين موجود آهن، حليم باغي به ان جو پرتوو آهي ۽ نظر اچي ٿو.
    حليم باغي جي شاعريءَ ۾ اسان کي پهريون دفعو احساس ٿيو، (1977-1978ع ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽو- آءٌ وڏن ماڻهن کي ’مرحوم، شهيد ۽ رحمت الله عليه‘ نه چوندو آهيان، آءٌ جي. ايم سيد کي ’مرحوم‘ يا ’شهيد‘ نه چوندو آهيان، آءٌ ڀُٽي کي به نه چوندو آهيان، اياز کي به ناهيان چوندو ۽ يقيناً نياز همايوني کي به نه چوندس، ٿي سگهي ٿو ته آءٌ هن کان اڳي هليو وڃان ۽ نياز کي به اها وصيت ڪريان ٿو ته هُو منهنجي لاءِ به ايئن (مرحوم، شهيد ۽ رحمت الله عليه) نه چوي، ڇو ته هڪڙا ماڻهو ايڏا مٿي ٿي ويندا آهن، جو رحمتون انهن جي پيرن هيٺان پرن جيان هونديون آهن، شهادتون هنن لاءِ ڪائي حيثيتون نه رکنديون آهن، هو تمام مٿانهان ماڻهو هوندا آهن.) جو هن سائين جي. ايم سيد جي فِڪر تحت جيڪا شاعري ڪئي، ان ۾ بي انتها حُسناڪي هئي، آءٌ هميشه ان ڳالهه جو قائل رهيو آهيان ته ادب لکو، ڪي ماڻهو مون تي مختلف قسمن جا الزام هڻندا آهن، پر آءٌ چوندو آهيان ته ادب ۾ جيستائين ترغيب ناهي، تيستائين اهو ڪم جو ناهي، ٻه مايون پاڻ ۾ ملن ٿيون ته ڪهڙي ڳالهه ڪن ٿيون، ٻه مرد پاڻ ۾ ملن ٿا ته انهن جو پسنديده موضوع ڪهڙو آهي، ان قسم جي ڳالهه جيڪڏهن توهان جي ادب ۾ ناهي ته اهو ادب ماڻهوءَ کي ڇڪي نه ٿو سگهي توهان ڏي! حليم باغي جي شاعريءَ ۾ اهي سڀ شيون آهن، پهريون ڀيرو هن سان مليس ته هن مون کي هڪ شعر ٻڌايو.
    مون کي ڀُر ۾ ڀانءِ، آءٌ پکي اڳ جو.
    ان وقت هن مئٽرڪ پاس نه ڪئي هئي، ان عمر ۾ به هن جو خيال اهڙو هو ۽ اڄ هو روحل واءِ کان هلي حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ پهتو آهي.
    منهنجي ٿر جو حال جي پڇندي، روئي پوندو!
    هن نظم ۾ هڪ بند مديني سان به ملايو اٿس، اڳتي هلي ڪٿي متان اقبال جيان مذهب مٿس حاوي ٿي وڃي. حليم باغي اسان جو تمام وڏو شاعر آهي. هن لفظن کي نيون معنائون ڏنيون آهن، پر حليم سان مون کي هڪڙي شڪايت آهي ته سڀ ڪجهه ڄامشورو ته ناهي، ڪجهه ته ڇاڇري جو صبح به آهي، ڪجهه ته اَمراڻي جا پولڪا به آهن، رڳو ڄامشورو ته ناهي، ڄامشورو ته ملمو آهي ۽ ڪٿي ڄامشورو اسان کان حليم باغي ڦُري نه وڃي، (اُسامه بن لادن جي رُوپ ۾) ان ڪري مون کي خوشي آهي جو توهان، اسان جي ٿر جي علائقي سان واسطو رکو ٿا ۽ هتي آءٌ هڪڙي ڳالهه ڪندس ته حليم باغي جو سئوٽ حاجي ساند آهي، ان جي شاعري پڙهبي ته محسوس ٿيندو ته ٿر جو ماڻهو شاعري پيو ڪري، ۽ جي باغي کي پڙهبو ته ان ۾ ٿر نظر گهٽ ايندو. اياز به ٿر تي لکيو آهي، ممڪن آهي ته پليجو صاحب به لکي وٺي سڀاڻي ٿر تي، پر ان ۾ ٿر جو رُوح نه هوندو، باغي به ٿر تي لکي ٿو، پر لڳي ايئن ٿو هي ٿر جو رهاڪو ئي نه آهي، حاجي ساند جو شعر آهي ته:
    هي ٽڪڙا تنهنجي چنريءَ جا
    ۽ ٽانڪيل ڪاوا خوابن جيئن.
    حليم باغيءَ جو شعر:
    چَتُون پکي چُنريءَ ۾،
    هوءَ روز اچي ٿي ڪُنريءَ ۾.
    اهو به واقعاتي آهي، کِلندي انڊيا جي فلم جو مشهور گانو آهي ته:
    چُنري ڪي پيڇي ڪيا هي،
    چولي ڪي پيڇي ڪيا هي.
    اياز گل منهنجو پسنديده شاعر آهي، سندس هي شعر ڏاڍو وڻندو آهي ته:
    تو در اچڻ جي، ڪيئن هينئڙي وجهان هير،
    منهنجا ميرا پير، اڱڻ تنهنجو اُجرو.
    يا وري
    تنهنجي چُنريءَ ۾ اچي،
    راڻي رنگن جا، سارا ٿڪ لهي ويا.
    چُنري لفظ اسان جو آهي ئي ڪونه، بهرحال آءٌ ان ڪري هن کي معاف ٿو ڪريان ته اسان جي ٻن وڏن شاعرن چُنري لفظ استعمال ڪيو آهي، ٻئي جي لاءِ آءٌ نٿو چئي سگهان!
    آءٌ سمجهان ٿو ته نياز همايوني جي ٻوليءَ ۾ جوار جي ڪانيءَ جهڙي تشبيهه آهي، نياز تي ته هن وقت ڳالهائڻو ئي ناهي.
    خدا حيدرآبادين کي توفيق ڏئي، جو هن سان شام ملهائن، جو آءٌ هن تي تفصيل سان ڳالهايان.
    بهرحال توهان دوستن جي وڏي مهرباني جو توهان اسان ٿرين کي، ۽ ڄامشوري جي هن شاعر کي مان بخشيو آهي.

    (ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ حليم باغيءَ سان رچايل رهاڻ واري تقريب ۾ ڪيل تقرير)


    ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي!

    ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي سنڌ جي سياست جو آخري دانش هو، جيڪو اسان کان موڪلائي ويو، سنڌ جو لازوال ۽ اڻمٽ ڪردار هو، هن سان منهنجون ڪُجهه ملاقاتون رهيون، تازو هن جي لاڏاڻي کان ڪجهه مهينا اڳ آءٌ هُن وٽ ويو هوس طبيعت پڇڻ، ته پاڻ ڪمري مان نڪري آيو، ڪجهه گهڙيون ڪچهري ٿي، پڇاڙيءَ ۾ موڪلائڻ وقت مون کي چيائين، ڀلا ڏي خبر! پاڪستان رهندو؟ مون چيو سائين! مون کي شڪ آهي، چيائين ڇو؟ چيومانس ته ان جي ٺاهڻ ۾ توهان ڪميونسٽن جو هٿ آهي ۽ توهان ماسڪو کي نه بچائي سگهيا ته پاڪستان کي ڇا بچائيندؤ؟ نڪسن لکيو آهي ته: جڏهن روسي سپر سائونڪ ۽ جيٽ جهاز مئيپرڪ جي پريڊ ۾ حصو وٺندا هئا ته ان وقت روسي ڪور چيف ٽپا ڏيندو هو ته، هن طاقت کي ڪير شڪست ڏئي سگهندو؟ پر اڄ اُها زمين بوس ٿي وئي آهي، اهڙن جملن کان پوءِ ڪامريڊ سوڀي ٽهڪ ڏئي تاڙو لڳائي چيو ته، ڳالهه سچي ٿو ڪرين اسان ئي انهي گناهن ۾ حصو ورتو هو.
    ڪامريڊ جو زندگي ۽ آدرش سان پيار هو، نائين اليون جو واقعو ٿيو، ڪامريڊ سوڀي ٽي وي ويٺي ڏٺي ته هُن ٽاور کي زمين تي ڪِرندي ڏٺو، ان وقت صوفي سِيٽ تان ٽپ ڏئي اُٿيو، ٻئي هٿ مٿي ڪري چيائين ”سامراج مرده باد“ اها آدرش سان محبت هُئي ۽ مون کي هڪ ٻي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. مون سندس واتان نه ٻُڌي، پر اياز لکيو آهي ته: (لينگويج اٿارٽيءَ جي مهرباني سان مون کي اياز جا سڀ ڪتاب جيڪي ثقافت کاتي طرفان ڇپيا آهن، سي سڀ مليا آهن ۽ مون پڙهي به ڇڏيا آهن) ”سوڀو، جواهر لال نهروءَ کي چوندو اداڪار يا مشڪرو چوندو هو. اياز وڌيڪ لکيو آهي ته، مون کي ذوالفقار علي ڀُٽو ياد آيو، ان چيو ته، نهرو انگريزي ائين لکندو آهي، جيئن ريشم جو تاڪيو کُلندو آهي، مون چيو بيشڪ سُٺي لکندو هوندو، پر ڇا ان ۾ دانش به هُئي، چيائين ها بلڪل، ڀُٽي صاحب جي روبرو جي ڳالهه آهي.“ اهو شايد ڪنهن ڪتاب ۾ به لکيو اٿس. ڊائري ۾ آهي يا ٻئي ڪنهن ڪتاب ۾! چيائين ها، اُن ۾ ائين جيئن ميندي رتا تازا هٿ ان تي لڪيرون ڪندا وڃن، دانش نهروءَ جي انگريزي ۾ ائين نظر اچي ٿي، پوءِ الاءِ سوڀي ڪهڙي نقطه نظر سان اياز کي اهو ٻڌايو. جويي صاحب کي الله سائين اڃا به حياتي ڏي، ان جي طويل عُمري ۽ صحت جو راز ان جي ويجهي رهندڙ ڪنهن ماڻهو کان مون پُڇيو، چيائين پنڌ گهڻو ۽ خوراڪ گهٽ، تلڪ چاڙهي کان وٺي امين منزل تائين جويو صاحب پنڌ ايندو ويندو هو، مون ته هاڻي پڙهيو آهي ته رُکي ماني کائيندو آهي، چوندو آهي ته ڪڻڪ جي ماني سُٺي اٽي جي پڪل رُکي کائجي ته ان جو مزو ئي ٻيو آهي.

    دوستو! سوڀي گيانچنداڻي زميندار گهراڻي جو هوندي به هارين لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ هڪ تاريخي واقعو آهي، جيڪو آءٌ اوهان کي ٻُڌايان ٿو ته: ”ڪيرت ٻاٻاڻي پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي ته اسين ٻئي دوست هُئاسين ۽ جيئن هينئر جيئي سنڌ ۽ ٻين تنظيمن جي ’اسٽوڊنٽ فيڊريشن‘ آهي، تيئن ڪانگريس جي به اسٽوڊنٽ فيڊريشن هُئي، ۽ ان جي صدارت جي عهدي لاءِ آءٌ بيٺس ۽ مون کي ڪانگريس جي سپورٽ هُئي، سوڀو گيانچنداڻي به منهنجي مقابلي ۾ بيٺو ۽ ان کي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي حمايت هُئي، آءٌ اليڪشن کٽي ويس ۽ سوڀو منهنجو دوست هو، سو هارائي ويو، پر ان سان اسان جي محبت ۾ ڪو به فرق نه آيو.“ مون ڪامريڊ کان پڇيو ته، چيائين، واقعي ايئن هو، پر مون دوست جي ڪري اليڪشن ۾ دلچسپي ڪونه ورتي، ته اهي ماڻهو هُئا، جيڪي پنهنجي ڪردار ۾ وڏا ماڻهو هُئا. هڪڙي عربي شعر جو مفهوم آهي ته:

    ”مضبوط پهاڙ پنهنجون جايون ڇڏي سگهن ٿا،
    پر جن جون دليون محبت ۽ خلوص سان ٽمٽار آهن،
    اهي ڪڏهن لڏي ۽ لمي ڪو نه ٿا سگهن.“

    آخر ۾ آءٌ سلام ڪريان ٿو سوڀي گيانچنداڻيءَ کي! حيدرآباد شهر جي اديبن جو شمار ڪجي ته سنڌ جي اڌ آدمشماري کان به گهڻا آهن، پر ههڙن پروگرامن ۾ نظر نه ٿا اچن، محترمه فهميده حسين جو آءٌ شڪر گذار آهيان جيڪا هتي آئي آهي.
    پروگرام ۾ حميد سنڌي به ويٺو آهي، ان سان ته پراڻا ’روح رهاڻ‘ کان وٺي لاڳاپا ۽ رشتا آهن، اسان کي هنن ماڻهن قلم هٿ ۾ جهلڻ سيکاريو ته قلم هتي نه پر هينئن جهلبو آهي، ته انهن جي مهرباني، مهرباني لک لائق مهرباني.

    (حيدرآباد ۾ ’سنڌي ادبي فورم‘ پاران ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ياد ۾ ڪوٺايل تعزيتي ميڙاڪي ۾ ڪيل صدارتي خطاب آريسرصاحب جي حياتي جو اهو آخري خطبو هو.)


    گُلڙن سان گفتگو

    توهان خوشنصيب آهيو، جو تعليم حاصل ڪري رهيا آهيو، حضور صلعم جن فرمايو آهي ته: ”جيڪڏهن ڪو ننڍڙو ٻار يا ڪو شاگرد علم پرائڻ جي ارادي سان وڃي ٿو ۽ خدانخواسته ان کي ڪو حادثو پيش اچي سگهي ٿو ته ان جو درجو اهڙو ئي بلند آهي، جهڙو ڪنهن اصحابي جي شهادت جو.“ توهان سڀ کان وڌيڪ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪريو، اڄ توهان ننڍا آهيو، سڀاڻي توهان وڏا ٿيندؤ ۽ جڏهن توهان وڏا ٿيندؤ تڏهن زماني جون ذميواريون (جيڪي آهن) اُهي اوهان جي ڪُلهن تي اينديون، جيڪڏهن توهان جا استاد، توهان جا والدين، ماءُ، پيءُ ۽ پاڙيوارا اوهان جي سٺي تربيت ڪندا ته توهان سنڌي قوم، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي تهذيب جا سٺا رکوالا ثابت ٿيندا.
    هڪڙي ڏاهي چيو آهي ته: ”ماءُ پيءُ ٻار کي ڄمڻ وقت آسمان مان کڻي زمين تي ڦٽو ڪن ٿا، پر هڪڙو سٺو استاد، جيڪڏهن سٺي تعليم ڏئي ته اهو استاد ان ٻار کي زمين تان کڻي آسمان تائين پهچائي ٿو.“ ته انهيءَ ٻار جا ارادا، نيڪيون، ڀلايون ۽ سُٺايون اهي سڀ توهان پاڻ ۾ پيدا ڪريو، توهان جي استادن کي به گهرجي ته ٻارن ۽ شاگردن جي سامهون ڪو به اهڙو لفظ يا جملو يا ڪو اکر استعمال نه ڪن، جنهن سان معصوم گُلڙن جهڙن ذهنن تي خراب اثر پوي ۽ آءٌ ڏاڍو خوش ٿيو آهيان، هي توهان سڀ جيڪي بيٺا آهيو، مون کي ائين محسوس پيو ٿئي ته، ٿر جي ريگستان ۾ برسات پوڻ وقت جيئن گُل ٽڙندا آهن، تيئن توهان به هتي گلن وانگر ٽِڙيل آهيو، منهنجون ننڍڙيون ٻچڙيون ۽ هي ٻچڙا اُهي سڀاڻيءَ جا جوڌا ۽ ٻاگهيون ثابت ٿينديون، الله سائين توهان کي خوش رکي. سدائين خوش ۽ آباد هجو، توهان مون کي ٻڌو توهان سڀني جي مهرباني.

    (مريد شاخ جي هڪ خانگي اسڪول ۾ ننڍڙن ٻارڙن کي ڪيل خطاب)


    شهيد اسد عباسي

    اسد عباسي جنهن وقت زخمي ٿيو هو، اُن وقت مون ڪنهن چاليهي جي جلسي ۾، (اهو به اسان جي قومي آزاديءَ جي تحريڪ جو ڪارڪن هو،) تقرير پئي ڪئي، منهنجو موبائيل هينئر ته بند آهي، بهرحال اُن وقت وڳو، مون کنيو ته سامهون کان ڳالهائيندڙ چيو ته سائين هينئن ٿيو آهي، مون تقرير اڌ ۾ بند ڪئي ۽ آءٌ سڌو ايل. ايم. سي اچي نڪتس، آءٌ پهتس ته ڊاڪٽر سڀ گُم ٿي ويا، مون پُڇيو مسئلو ڇا آهي؟ ڊاڪٽر گم آهن، هُو زخمي پيو آهي، اُتي ايمبولينس نه هُئي جيڪا هن کي ڪراچي پهچائي.
    بهرحال مون پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪئي، ايمبولينس به ملي ۽ مسئلو اهو پيدا ٿيو ته ڪراچيءَ جي ڪنهن هاسپيٽل ۾ (جتي ان کي وٺي وڃڻو هو) ڪمرو خالي نه هو، مون وري به فون ’متحده قومي موومينٽ‘ وارن کي ڪئي ته هي مسئلو ٿي ويو آهي، ته هُنن چيو، اسان ڪمرو خالي ڪرائينداسين، توهان پهچايو اُن زخمي کي، بهرحال زخم گهرا هئڻ ڪري اسد عباسي بچي نه سگهيو ۽ شهيد ٿي ويو.
    اهو غلط آهي، يونيورسٽي تعليم جي بائيڪاٽ جو مون ئي اعلان ڪيو هو، تعليمي ادارن مان سنڌ يونيورسٽي، لمس ۽ مهراڻ، ان ۾ مُک شاگرد ڪونه هُئا ۽ پوءِ مون تي اُنهن دانشورن تنقيد ڪئي، مون چيو ته آءٌ وري به اهو چوندس ته مهراڻ يونيورسٽيءَ جا شاگرد وڻن جي هيٺان ويهي پڙهن، پر اداري ۾ نه وڃن، توهان کي حيرت ٿيندي ته اُن جي قاتلن ۾ پنجابي گهڻا هُئا ۽ اسان جا سنڌي ماڻهو اُنهن جا سفارشي ٿي بدين کان وٺي ڄامشوري تائين پهتا، ته شاگردن کي چئو ته هُو خاموش رهن.
    بهرحال نيٺ مون ڏي ڪنهن دوست جي ذريعي وزير تعليم آيو، اُن مون کي چيو ته ڳالهيون ڪريون! مون چيو ته پهرين جيڪو قاتل آهي، اُهو ڊي. پي. او جي ڪمري ۾ ترسيو پيو آهي، اُن کي گرفتار ڪرايو، چيائين، مُنهنجي وس ۾ ناهي، اهو فلاڻي وزير جو رکرايل آهي، ان ڊي.پي.او جو نالو فرخ هو، مون چيو ته شاهه عنايت جي شهادت وقت ٺٽي جو گورنر به فرخ هو ۽ هي پوليس آفيسر به توهان فرخ رکيو آهي، اهو به ڪنهن جي چوڻ تي، ۽ پوءِ آءٌ ويس، وزير تعليم سان مليس ته ان مون سان اتفاق ڪيو، شاگردن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي ريسٽيڪيٽ ڪريو، وزير صاحب چيو ته سائين! اسان کي اختيار ناهي، پڇيم ڪنهن کي اختيار آهي؟ وراڻيائين اُن تي سڀاڻي ميٽنگ گهرايون ٿا، يعني هڪڙي ماڻهوءَ جي زندگي وئي آهي ۽ توهان ٻين کي چئو ٿا ته اسان کي اختيار ڪونهي، معنيٰ ته هي ڇولا وڪڻن! بهرحال ان تي عمل ڪو نه ٿيو، حڪومت اسان جي، جنهن کي اسان چوندا آهيون، سنڌين جي حڪومت ۽ انهي سنڌين جي حڪومت کي ڪجهه ڪو نه ٿيو، جنهن ملڪ ۾ اسين رهون پيا. آءٌ چوان ٿو پاڪستان جي ٺاهڻ جو الزام بار بار لڳندو رهيو آهي ته جي. ايم سيد ٺاهيو، جي. ايم سيد قطعي ڪونه ٺاهيو، ها اهو هڪڙو ريڪوزيشن پاس ٿيو هو 1943ع ۾، اهو ٿيو ڪهڙي صورت ۾ هو، اُن وقت ۾ ڪانگريس جا سڀ ميمبر جيل ۾ هُئا، موومينٽ جي سلسلي ۾ صوبائي اسيمبليءَ جا سڀ ميمبر جيل ۾ هُئا، شهيد الله بخش سومرو جيل ۾ هو، وزارت کان الڳ ٿي چُڪو هو، ۽ سمورا لقب واپس ڪري ڇڏيا هُئائين، باقي غلام حسين هدايت الله هو، اُنهن اهو ٺهراءُ پاس ڪرايو، جي. ايم سيد، جنهن لاءِ مولانا عزيز الله ٻوهيو صاحب چوندو آهي؛ ”عالم آهي“ ته پوئين شيءِ پهرين شيءِ جي منسوخي جو دليل آهي. جي. ايم سيد 46 کان اڳ ۾ ئي اُن ٺهراءُ کان الڳ ٿي ويو هو ۽ مسلم ليگ کان به، ان ڪري اهو الزام صحيح ناهي، هي ملڪ نه اسان ٺهرايو، نه منهنجي پيءُ ڏاڏي، نه ٻين جي پيءُ ڏاڏي ان ۾ حصو ورتو يعني حالت اها آهي. آءٌ اڄ چوان ٿو ته (ڊاڪٽر مير عالم جي خبر مطابق) خوف ۽ هراس جي جاءِ تي ماڻهو تعليم پرائي ئي نه ٿو سگهي، سنڌ يونيورسٽي ۽ خصوصن تعليمي ادارن تي رينجرز جو قبضو ۽ ڪنٽرول آهي، ان جي بندوق جي پاڇي ۾ ماڻهو پيشاب نه ٿو ڪري سگهي، تعليم ڇا حاصل ڪندو؟ ته تعليمي ادارن مان رينجرز کي هٽايو وڃي، ٻي صورت ۾ اسين تحريڪ هلائينداسين ته هن ملڪ ۾ اسان جي سنڌ کي رينجرز جي اسٽيٽ بڻايو ويو آهي، ان کي ختم ڪريو. مون کي هڪڙي صحافي ٻڌايو ته، مون عاصمه جهانگير کي چيو ته قصور کان واگها سرحد جيڪا آهي، سا اٺ ڪلوميٽر آهي، ۽ ڪارونجهر کان سرحد پري آهي، اسان ننگر وڃون ٿا ته اسان جون ڪئمرائون ڦُريون ٿيون وڃن، اسان کان ٽيپ رڪارڊر ڦُريا ٿا وڃن، ۽ اسان قصور وياسين بلي شاهه جي زيارت لاءِ اُتي ڪا به چيڪ پوسٽ ڪونه هُئي، ڪا به چيڪنگ ڪونه هُئي، ڪنهن به اسان کان ڪئميرا نه ڦُري، ڪنهن به اسان کان ٽيپ رڪارڊر جي پُڇا نه ڪئي، جنهن تي عاصمه جهانگير مون کي جواب ڏنو، ها ڀاءُ! ڪارونجهر سنڌ ۾ آهي ۽ قصور پنجاب ۾ آهي، يعني پنجابي سڀ محب وطن آهن، قابل اعتماد آهن ۽ سنڌي ناهن، هي عجيب ڳالهه آهي، ۽ پاڪستان، جنهن کي پاڪستان چوندا هُئا، اڃا به چون پيا، اُن کي ٽوڙائڻ ۾ سنڌين جو هٿ ناهي، اُن کي پنجابي بيورو ڪريسي وارن ٽوڙايو آهي، اڄ بنگلاديش جو سِڪو پاڪستان جي سِڪي کان مٿي آهي، بنگلاديش جي آدمشماري 52 سيڪڙو هُئي، اسان 48 سيڪڙو هُئاسين، پر اڄ هُو اسان کان 13 سيڪڙو گهٽ آهن، آبادي تي ڪنٽرول ڪيو اٿن. آءٌ گهٽ ۾ گهٽ ٿري آهيان، جڏهن اُتي ماين کي ڏسندو آهيان اُگهاڙا پير، جون- جولاءِ جي مهيني ۾ هلنديون آهن، هاڻي ته آگسٽ شروع ٿي ويو آهي، تتل واريءَ تي پير اُگهاڙا ڪريو اسان جي ٿر جون مايون پاڻي ڀرڻ وينديون آهن، پاڻي پيئڻ لاءِ ناهي، اهي دلا کڻي 3-4 ميل پري وينديون آهن، اياز ائين ڇو چيو هو:
    نه خسرو ڏٺو هو نه غالب،
    چمن در چمن، آهي منهنجو وطن!
    مون اياز کي چيو هو ها، اهو ٿي سگهي ٿو سکر ۽ ٺٽي ۾ هُجي، پر ٿر ۾ ته ناهي اهو چمن در چمن.
    ته منهنجا دوستو! عجيب ڳالهه آهي ته هن ملڪ ۾، هن رينجرز اسٽيٽ ۾، اسان کي پنهنجي پيارن شهيدن جي ماتم ڪرڻ جي به اجازت ناهي، هي شڪستن تي جشن ملهائيندا آهن، هنن بُري طرح شڪست کاڌي 65 واري جنگ ۾. ايئر مارشل اصغر خان پنهنجي ڪتاب A First Round ۾ لکيو آهي ته: ”65ع واري جنگ اسان فتح ڪئي، صرف راجستان سيڪٽر ۾ حُر ڪجهه اڳتي وڌيا هُئا، نه ته اسان بُري طرح شڪست کاڌي هُئي، اسين اُن جو به جشن ملهائيندا آهيون.“ شڪستن تي جشن ملهائڻ وارا اسان کي شهيدن جو ماتم ڪرڻ به ڪونه ٿا ڏين، ها ٿي سگهي ڪو اهڙو دور اچي، جو انهن جي مقتولن تي ڪو ماتم ڪرڻ وارو به ڪو نه هُجي، جيئن ڊاڪٽر صاحب چئي ويو ”سنڌ جي تاريخ تي سڪندر يونانيءَ کان وٺي چارلس نيپئر تائين 11 هزار حملا ٿيا آهن.“ ۽ هتي هڪڙي ڏينهن ۾ ويهه ويهه هزار سنڌي ڪُٺا ويا آهن، جنگ جالار ۾، ڄام صلاح الدين ۽ شاهه حاتن جي وچ ۾ جنگ لڳي ته ويهه هزار ماڻهو قتل ٿي ويا هڪڙي ڏينهن ۾، پوءِ به هي قوم ڪارونجهر کان وٺي ڪشمور تائين زندهه آهي، پنهنجي لوليءَ سان ۽ پنهنجي ٻوليءَ سان، پنهنجي مرڪڻ سان ۽ روئڻ سان هي قوم زندهه آهي، ۽ مون کي يقين آهي ته هي وري به زندهه رهندي، ڀلي اهي رينجرز اسٽيٽون قائم ڪن. ملٽري اسٽيٽون به رهيون، هتي مليٽري اسٽيٽن ڇا ڪيو، ها توهان پڙهو ۽ پڙهڻ ٺيڪ آهي، هندستان ۾ هڪڙو ماڻهو هو ’ڪامراج‘ اڻ پڙهيل هو، ۽ ان کي هندستان جو بادشاهه گڏ کنيو ويندو هو، جنهن کي آمريڪا هڪڙي اسٽوڊنٽ جي هٿان شڪست ڏياري ۽ چيني کانسواءِ ڪا ٻولي ڄاڻندو ئي نه هو، ها، دنيا جو ”مها انقلابي“ جنهن کي مرحوم حفيظ قريشي چوندو هو شايد ٿلهو هو، مون ڪونه ڏٺو، پر ايشيا ۾ وڏي ۾ وڏي تبديلي اُن آندي. ان ڪري مسئلو اهو آهي ته، شهيد اسد عباسي جي شهادت جي ذميوارن جي خلاف اسان جيڪا تحريڪ شروع ڪئي سين، اهو پنهنجن ۽ پراين جي ڪري نه بلڪه يونيورسٽيءَ جي انتظاميا ۽ سنڌ حڪومت جي ڪري بائيڪاٽ وارو سلسلو ختم ٿي ويو هو، ۽ ان جا قاتل اڃا تائين آزاد آهن، اسين اڄ هُن کي ياد ڪريون ٿا، ان ڪري ته، ”اسد عباسي! تون اسان کان وڇڙيو ضرور آهين، پر وِسريو ناهين، وڇڙڻ فطري عمل آهي، وسارڻ ڪميڻپ آهي، اسين فطري عمل جا ته قائل آهيون، پر ڪميڻا ناهيون، ان جي ڪري اسين اچي گڏ ٿيا آهيون ۽ توکي ياد ڪري رهيا آهيون.“ آءٌ خصوصاً جساف جي مرڪزي قيادت ۽ ڊاڪٽر مير عالم مري صاحب (جيڪو اسان جي پارٽي جو جنرل سيڪريٽري آهي) ان جو به ٿورائتو آهيان ته انهن پنهنجو ايترو ٽائيم سيڙائي، خرچ ڪري، هي ورسي جلسو ڪيو آهي، ۽ مون کي صرف اهي ئي لفظ چوڻا هُئا.
    توهان سڀني جي مهرباني

    (حيدرآباد ۾ نسيم نگر چوڪ وٽ شهيد اسد عباسي جي ورسيءَ کي ڪيل خطاب)


    متان موٽو ماڳ تان

    سوين آيا سنڌ ۾ نوان نادر شاهه،
    ڪانهي ڪا تاريخ ۾ ويڙهه سوا ٻي واهه،
    متان سوچو ساهه، متان موٽو ماڳ تي.
    محترم بشير قريشي صاحب!
    اسٽيج تي ويٺل هم سفر ساٿيو! ۽ ڄامشوري جي سرزمين تي گڏ ٿيل سنڌ جا باغيرت فرزندو!
    جيئي سنڌو ديش- جيئي سائين جي ايم سيد
    ڄامشوري جو ميدان ۽ سياري جي رات آهي، شايد آءٌ پنهنجي قسم جي تقرير پيو ڪريان، سياسي تقريرون سڀ ڪري ويا آهن.
    حقيقت ۾ اسين سياستدان آهيون به ڪونه، اسين سياستدان کان وڌيڪ سنڌ جا ’خادم‘ يا سنڌ جا ’عاشق‘ آهيون، سياستدانن جو، جيڪو پياري پاڪستان ۾ تصور آهي، ان کي ڏسون ٿا ته اُلٽي ڪرڻ تي دل چاهي ٿي. هي جيڪي چون ٿا ته، اڄ پاڪستان ٽٽڻ کي ويجهو پهچي چُڪو آهي، آءٌ اُنهن کان پڇڻ ٿو چاهيان ته ڇا! پاڪستان کي ان سطح تي پهچائڻ ۾ پاڪستان جي حڪمرانن جو هٿ آهي، يا اسان غدارن جو؟ اهي حڪمران، جن پاڪستان ڳئون وانگر ورتو هو، جنهن لاءِ پهرين سوچيو ويو ته هن کي ڏُهي کائينداسين، پوءِ سوچيو ويو ته ڪُهي کائينداسين، مصيبت هي آهي ته هتي ماڻهو ڪوبه سياسي ورڪر آهي ته اهو وزير ٿيڻ کان گهٽ سوچي ڪونه ٿو، ته حُڪمران، اُهي فوجي هجن يا سول، پاڪستان کي هن سطح تائين اُنهن پهچايو آهي. پنجاب، جيڪو ڪڏهن فوج جي رُوپ ۾ ته ڪڏهن سول بيورو ڪريسيءَ جي رُوپ ۾ پاڪستان جي قيادت ٿو ڪري، اهو برصغير ۾ مارشل لائن جو سرچشمو رهيو آهي، سڀ کان پهرين پنجاب ۾ مارشل لا لڳي 1919ع ۾ جليان والا باغ جي واقعي تي، ۽ ٻي مارشل لا به پنجاب جي لاهور شهر ۾ لڳي 1952ع ۾ قاديانين واري فساد وقت، ان کان پوءِ انهن پنجابي جرنيلن ۽ بيورو ڪريسيءَ جي مارشل لائن جو هڪڙو طويل سلسلو آهي، جيڪو اسان تي مسلط ڪيو ويو. ننڍي کنڊ جي اُنهن بدنصيب ماڻهن ڪي خوبصورت خواب ڏٺا هُئا آزادين جا، خوشحالين جا، زندگيءَ کي ڀرپور مسرتن ۽ ٽهڪن سان ماڻڻ جا، اُنهن سڀني خوابن کي پاڪستان جي سول ۽ فوجي حُڪمرانن پنهنجي بُوٽن هيٺيان لتاڙي ڇڏيو، يا اُنهن خوابن جي گُلابن تي اُنهن اهڙا کانگهارا اُڇلايا، جن ۾ تماڪ جي بدبوءِ آهي ۽ اڄ چو ٿا ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويو آهي، هن وقت اسين چئون ٿا ته پاڪستان جو ڏيوالو ڇو نڪتو آهي، ان ڪري ته پاڪستان تي، جيڪي توهان ادارا مسلط ڪيا آهن، اُنهن جي سائيز ايڏي وڏي آهي، جو پاڪستان جي سرزمين ۾ ماپي نه ٿا سگهن ۽ اُنهن ادارن جو سڄو بار ۽ وزن سرزمين سنڌ کي برداشت ڪرڻو پوي پيو. حيرت انگيز ڳالهه آهي ته اسان جي زمين مان ڪارو سون ڪوئلو نڪري، اطهر سومرا! يعني هڪ ٽن ڪوئلي تي هي پاڪستان جا سخي حڪمران سنڌ کي صرف هڪڙو ڊالر رائلٽي ڏين ٿا، ٽن ڪوئلي تي هڪڙو ڊالر، ته اُٺ جي مُنهن ۾ منڱ جو داڻو به نه آهي، وري چيو وڃي ٿو ته، توهان پنهنجيون حرڪتون دُرست ڪريو، توهان ماڻهن جي واتَ مان گِرهه مانيءَ جو ته نه کسيو. ڪڏهن روئڻ هارڪا ٿي ته ڪڏهن دڙڪن داٻن جي ذريعي ته توهان ملڪ جي خلاف آهيو. اسين واضح ڪرڻ ٿا چاهيون، ته جڏهن خدا به دسترخوان تي مون سان گڏ ويٺو هُجي ماني کائڻ، تڏهن به منهنجي هٿ ۾ جيڪو مانيءَ جو گرهه آهي، اهو منهنجي پُٽ لاءِ آهي. ڀلي خدا بُکيو رهجي وڃي. ان ڳالهه جي پرواهه ناهي ته هي سرزمين سنڌ جا جيڪي وسيلا آهن، هي دولت، غريب هارين، مزدورن ۽ پيرن اُگهاڙن ماڻهن جي آهي، هتي عجيب قسم جا چونڊن جا شوشا ڇڏيا وڃن ٿا، پر اسان اليڪشن وڙهندا ئي ناهيون، اليڪشني منشور به ڪونه ڏيندا آهيون، هاڻي اسان جي نگران وزيراعليٰ صاحب نئون اليڪشني منشور ڏنو آهي ته اسين سيوهڻ کي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ڪنداسين، يعني ڪو چڱو علائقو ته هُجي! قلندر جي برڪت اسان جي اکين تي! ”مون کي ياد آهي، سائين جي. ايم سيد تقرير لِکائي مون کان، پوءِ اُن ۾ پڇاڙيءَ ۾ ڪو سخت جُملو چيائين، لِک ”ڀيڄ ڀٽائي“ مون چيو، سائين! ”دمادم“ ته چيائين، نه دمادم هڻڻ وارا ٻيا آهن!“
    سو هُن چيو، قيدين لاءِ الڳ جيل پيا ٺهرايون، مون چيو ڪٿي؟ چيائين روهڙي ۾، مون چيو خدا جا بندا گهاري ۾ ته ٺهرائين ها گهٽ ۾ گهٽ موسم ته ڪجهه چڱي هُئي، گرميءَ ۾ ماڻهو ڪيئن رهي سگهي ٿو، ته اهو ممتاز صاحب جو اليڪشني منشور آهي سيوهڻ کي گاديءَ جو شهر بڻائڻ جو، اسان کي ان تي ڪوبه اعتراض ڪونهي ۽ نه ڪوئي ڪنهن علائقي مان گادي ڪنهن ٻي جاءِ منتقل ڪرڻ سان، ان علائقي کان دستبرداري آهي، پر آءٌ سمجهان ٿو ته، جيئن هي چوي پيو ته، جنهن به کاتي ۾ هٿ ٿا وجهون، اتان نانگ ٿا نڪرن، يعني توهان وٽ ايترو پئسو ڪونهي، جو ٻه ڪلوميٽر روڊ ٺهرايو، اُتي ’دارالحڪومت‘ توهان سيوهڻ ۾ ٺهرائيندو؟ سُڃا هليا آهن بُکين وٽ ته هلو عيد ڪريون، منهنجا ادا ڳالهيون تمام گهڻيون.
    ڪانڌ تنهنجي پانڌ ري، سنجهي سيءُ مران،
    ڪامل ڪپاهن ۾ پئي ٺار ٺران!
    ڪيڏي نه خوبصورت سِٽ آهي، پر ان جي پاري جو اثر جيڪو انساني جسم تي پيو، ته ان جي ڪيفيت ئي ٻي هوندي آهي، بهرحال جيڪي سانوڻ ۾ توهان وٽ گرميون ٿينديون آهن، سخت ڪاڙها ٿيندا آهن، پر جڏهن اهائي رُت ڀٽائيءَ جي سُر سارنگ ۾ اچي ته انڊلٺ رنگ بڻجي وڃي ٿي، ۽ هي موسمون خوبصورت به آهن، ۽ هاڻي راڳي ويٺا آهن، اُهي توهان کي وڌيڪ خوبصورت موسيقي ٻُڌائيندا.
    اوهان سڀني جي مهرباني.

    (مهراڻ يونيورسٽي ۾ جساف پاران ڪرايل پروگرام ۾ ڪيل صدارتي خطاب)


    سيد جي سالگرهه مبارڪ

    تون جي مون کان پوءِ اچين،
    ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين،
    منهنجا گيت ٻڌين مون کي ياد ڪرين،
    سنڌڙي ساري ڳاڙهو کنڀو ٿي ويندي تيسين!
    ۽ ڦلڙيون ڦلڙيون منهنجي ڏات ڏسين،
    ۽ اهو سمجهين، ڏات وڏي شيءِ ناهي پر سچ وڏي شيءِ آهي،
    جو سچ مچائي سو مچ وڏي شيءِ آهي.
    (شيخ اياز)
    اسٽيج تي ويٺل منهنجا همسفر ساٿيو،
    متحده قومي موومينٽ جا رهنمائو،
    منهنجون ڀينرون ۽ ڀائرو!
    جيئي سنڌو ديش _ جيئي سائين جي. ايم سيد
    آءٌ، اڄ توهان کي سائين جي. ايم سيد جي جنم ڏينهن تي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ منهنجي اها دعويٰ آهي ته گذريل هزار سالن ۾ سنڌ ڌرتي جي. ايم سيد جهڙو فرزند نه ڄڻيو آهي، ٻيا جيڪي به هُئا، اُنهن مان ڪنهن جو شعر آهي ته:
    ”حُسنِ يوسف دم عيسيٰ، معنيٰ يوسف جو حُسن ۽ عيسيٰ جو دم، يعني عيسيٰ جنهن کي ڦوڪ ڏيندو هو ته مردو زنده ٿي ويندو هو، حسنِ يوسف، دم عيسيٰ جو آزر آهين، ڦوڪ آهين، سڀئي سهڻيون تو ۾ آهن.“ سيد ۾ اهي سڀئي شيون هُيون ۽ هُو ايڏو وڏو ذهين هو، هُن کي بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ جو موقعو ڪونه مليو هو، علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ جو موقعو نه مليو هو، هُو صرف سن جي پرائمري اسڪول ۽ مڊل اسڪول ۾ پڙهيو هو، پر ايندڙ صدين جي لاءِ جيڪي پيشنگويون ڪري ويو، اُهي پيشنگويون اڄ اسان وٽ سچ ثابت ٿي رهيون آهن. هڪ وقت ۾ اسان جيل ۾ هُئاسين، جلسو ڪيوسين ته سنڌ اقليت ۾ تبديل پئي ٿي، اُتي سنڌ جو هڪڙو دانشور هو، اُن مون کان پوءِ تقرير ڪئي ۽ چيو ته اها وڏيرن ۽ جاگيردارن جي چال ۽ سازش آهي، ۽ هاڻي اُهو ۽ هُن جي پارٽي، ڌارين جي آبادڪاريءَ خلاف آهي. اڄ ساڳيا ’ذوالفقار آباد‘ جي نالي سان شهر قائم پيا ٿين، ان دَور ۾ هن مخالفت ڪئي هُئي. ٻي ڳالهه 1952ع ۾ ويانا ۾ Peace ڪانفرنس ۾ تقرير ڪندي هُن چئي هُئي، ان ۾ سائينءَ آمريڪا ۽ برطانيا جي مخالف قوتن کي ويانا ۾ چيو ته، ”توهان اسرائيل ۽ پاڪستان کي مذهبي بنيادن تي قائم ڪرايوَ ۽ اُنهن جي مدد ٿا ڪريو، اهي توهان جي لاءِ ۽ عالمي اَمن لاءِ اڳتي هلي خطرناڪ ثابت ٿيندا ۽ بنياد پرستيءَ کي جنم ڏيندا.“
    جي. ايم سيد جڏهن اها ڳالهه ڪئي، ته کيس جيل ۾ قيد ڪيو ويو، ته اسلامي نظريي جي خلاف پيا ڳالهه ڪريو، ۽ ڪنهن اسرائيلي اخبار کي انٽرويو ڏيندي ڪنهن ليڊر چيو آهي ته، اسرائيل ۽ پاڪستان هنن ٻنهي جي مشابهت هڪڙي آهي، ان تي ڪو به قدم ڪو نه ٿو کڻي، پاڪستان ٽيليويزن يا ٻيا ادارا ان خبر کي بار بار هلائن ٿا، ته جي. ايم سيد جيڪا ڳالهه ڪئي، سا اڄ پاڪستان جا حُڪمران ڪن ٿا ۽ ٽين ڳالهه ته:
    (تیسری بات سائیں جی ایم سید نے یہ بتائی تھی کے آپ جدوجہد کریں٬ لوگوں میں شعور پیدا کریں٬ اور ایک وقت آئیگا کہ پنجابی اسٹیبلشمنٹ پنجابی سیاستدان اور پنجابی فوج آپس میں لڑیں گے اور وہ وقت تمہارے لیے غنیمت ہوگا٬ اور وہ جو آج کیانی اور نواز شریف بھی لڑ رہے ہیں آج شجاع احمد پاشا اور آپس میں لڑ رہے ہیں٬ یہ بات انھوں نے بہت زیادہ عرصے پہلے کہی تھی۔)
    ان کانسواءِ پنجاب جي هڪڙي تجربيڪار سياستدان سردار شوڪت اياز خان جو ڪتاب آهي، ان سائينءَ جي اها ڳالهه نقل ڪئي هُئي ته: ”پنجابي آرمي ۽ پنجابي سياستدان اقتدار جي لاءِ پاڻ ۾ وڙهندا ۽ اُهي وڙهن ٿا پيا.“ خاص طور هندستان ۾ ڏيڍ ارب آبادي ۽ هندستان جو زرعي صوبو وڌ ۾ وڌ جيڪو خوراڪ پيدا ڪندڙ آهي، سو پنجاب آهي، پنجاب ۽ هريانا ۾ کنڊ ٽيهه روپيا ڪلو آهي، موجوده وزيراعظم من موهن سنگهه ٻٽيهه روپيا ڪلو کنڊ ڪئي ته سڄو هندستان اُٿي بيهي رهيو ۽ هن ڏيڍ ڪلاڪ اندر ٻه رُپيا کنڊ قيمت گهٽائي ڇڏي، ۽ هتي اسان وٽ وڌائيندا شيءِ رُپيي جي تعداد سان آهن، گهٽائيندا پئسن جي حساب سان آهن، اڙي بابا! پئسي جو ته ڪو سِڪو به ڪونهي اوهان وٽ، پوءِ اها اداڪاري ڇو ٿا ڪريو؟ اسان کي ڪو فائدو ئي ڪونهي، يا اسان جيڪي غريب ڪارڪن آهيون، اُنهن وٽ ننڍڙيون ننڍڙيون گاڏيون آهن، پر ايمانداريءَ جي ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ ته ڪڏهن ڪڏهن سي اين جي ڀرائڻ جيترا به پئسا نه هوندا آهن ته سن ڪيئن پهچون!
    ”هڪڙو ٿري هو، ڪنهن وڏيري وٽ نوڪر بيٺو، ٻيو آيو ڳوٺ جو ماڻهو، چيائين ته تون هتي وڏيري وٽ مانيون پيو کائين، پويان ٻار بُک ٿا مرن، ڀيڻا چيائين ترس، ٿوري دير کان پوءِ وڏيري جي گهر واري چانورن جي پليٽ ۽ کير جو لوٽو کڻي آئي، چيائين، هينئن جيڪڏهن ماني کائيندي ٻار مرن ٿا ته مرڻ ڏيو.“
    هي اسان جو وزيراعليٰ صاحب چوي ٿو ته، جيڪڏهن ڪڻڪ مهانگي ٿي وئي آهي ته چانور کائو، هن جي لاءِ ته چانور اڃا به سستا آهن، چانور جڏهن لهندا آهن اپر سنڌ ۾، تڏهن اُن جو اگهه گهٽائي ڇڏيندا آهن، پنجاب ۾ چانور لهندا آهن ته پوءِ اگهه وڌائي ڇڏيندا آهن، ته هي رياست هڪ ناڪام رياست آهي، ان ڪري سائين جي. ايم سيد چيو ته، هن رياست جي وجود جي اسان کي ڪا ضرورت ڪانهي، ڊاڪٽر مير عالم صاحب ڏاڍي شاندار تقرير ڪئي، ان ۾ هن سائينءَ جو ذڪر ڪيو ته هُو پنجابي مهاجر مستقل مفاد اصطلاح استعمال ڪندو هو، سائينءَ هڪڙو انٽرويو ڏنو ته مون واقعي اهو چيو هو، پر هاڻي آءٌ ان ڳالهه تي ناهيان ويٺو، مهاجرن به اسان کان وڌيڪ تڪليفون سٺيون آهن، هنن کان پنهنجو آبائي وطن ڦُريو ويو آهي، لال قلعو ۽ آگرا جو تاج محل ڦُرجي ويو آهي، جوش مليح آباديءَ جي شاعري ڦُرجي وئي آهي ۽ هُو اڄ وري به کڻي سڄا ووٽ هڪڙي ئي پارٽي کي معنيٰ متحده کي ڏئي ڇڏين، تڏهن به انهن مان پاڪستان جو وزيراعظم ڪو نه ٿيندو.
    مون کي الطاف حسين چيو ته: ”هڪ دفعو سي آءِ اي جي سينٽر ۾ آءٌ ارڙنهن ڏينهن هُئس، پر ڊيوٽي ڏيندڙ ڪوبه اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ اهلڪار يا عملدار نه هو.“ مون چيو: توهان کي ڪيئن خبر پئي؟ هُو ڳالهائيندا ته اردو آهن. چيائين: ”آءٌ اهل زبان آهيان، لهجي مان ئي سمجهي ويندو آهيان ته ڪير پٺاڻ ۽ ڪير اردو ڳالهائيندڙ آهي ته ڪير پنجابي اردو ۾ ٿو ڳالهائي ۽ ڪير سنڌي اردو ۾ ٿو ڳالهائي.“ پاڪستان جو وزيراعظم هڪڙو ئي ٿيو لياقت علي خان، اُن کي به پنڊيءَ ۾ گولي هڻي ماري ڇڏيائون ۽ سنڌ ۾ ته بهرحال توهان سڀ اسان سان گڏ آهيو، هڪٻئي جو کائون پيئون ٿا، هڪ ٻئي سان گڏ اُٿون ويهون ٿا، ۽ سائينءَ اهو به چيو هو ته: هڪڙو وقت ايندو هي اسان سان گڏ جدوجهد ڪندا، انٽرويو ڪندڙ سوال ڪيو ته اردو ڳالهائيندڙ توهان جي اڳواڻي ڪري سگهي ٿو؟ چيائين ته جيڪڏهن سنڌ سان محبت اٿس ته الطاف حسين سميت ڪير به اڳواڻي ڪري سگهي ٿو، پر سنڌ سان محبت اولين شيءِ آهي، باقي ائين ته اڳواڻي اسان جا الائي ڪير ڪير پيا ڪن، سنڌ کي وڪڻندڙ جي اڳواڻي ڪن ته اسان خوش آهيون، پر سنڌ جي لاءِ اسٽيبلشمينٽ سان وڙهڻ وارن جي لاءِ اسان جي دلين ۾ تير کُپيا پيا آهن.

    منهنجا دوستو ۽ ساٿيو!

    سائين جي. ايم سيد ۽ امين کوسي جي لکيل خطن تي مشتمل ڪتاب مون ۽ تاج جويي ترتيب ڏنو، ان ۾ امين کوسي جو هڪڙو خط هو، جنهن ۾ لکيو هُئائين ته: ”شاهه صاحب! تون اردو ٻوليءَ جي مخالفت ٿو ڪرين!“ ته سائينءَ جواب ۾ لکيو ته: ”امين کوسا صاحب! آءٌ ابوالڪلام آزاد ۽ حسين احمد مدني جي ٻوليءَ جي مخالفت ڪري سگهان ٿو؟ اهي ڳالهيون ڪنهن دور جون جذباتي ڳالهيون هُيون، هتي اسان کي سنڌ بچائڻي آهي، سنڌ کي متحد رکڻو آهي ۽ سنڌ کي خوشحال ڏسڻو آهي.“ ضياءُ الحق هڪڙي دفعي چيو ته: ”سياچن ڀي ڦول“ مون چيو ته سائين! ضيا هيئن ٿو چوي، ته مون کي چيائين ”تون ٿري آهين“ مون چيو ها، چيائين ٿر جي واريءَ ۾ جيڪي گُل پيدا ٿين ٿا، انهن جهڙي خوشبوءِ سياچن ۾ هُوندي، مٽيءَ ۾ گل ٿا پيدا ٿين، واريءَ ۾ ٿوهر جو گل پيدا ٿئي ٿو، ان ۾ جيڪو مٺاڻ آهي، خوشبوءِ آهي، سا ٻئي ڪنهن ۾ ٿي سگهي ٿي؟ ته هن ڌرتيءَ اسان کي ڪهڙيون ڪهڙيون نعمتون ڏنيون آهن، اهي نعمتون توهان سڀني جي لاءِ آهن، ٻار ٻچي جي لاءِ آهن، عورتن جي لاءِ آهن، ٻُڍن جي لاءِ آهن، پوڙهن پڪن جي لاءِ آهن، ڪٿي جا به ماڻهو هُجن، اسان هن دنيا کي امن جو گهوارو ڏسڻ چاهيون ٿا، توهان کي حيرت ٿيندي ته ماڻهو چون ٿا The Hundred آمريڪن ڪتاب لکيو آهي، ان ۾ سئو دنيا جا امين ماڻهو آهن، ان ۾ حضور سائينءَ جو پهريون نمبر ڏنو آهي ۽ انهن سئو ماڻهن ۾ گانڌيءَ جو نالو نه لکيو اٿن ۽ سبب اهو ڄاڻايو اٿن ته گانڌي جو نظريو ته هندستان ۾ ناڪام ويو آهي ۽ حضرت عيسيٰ جو به نالو نه ڏنو اٿن ۽ ڇا حضرت عيسيٰ جو نظريو آمريڪا ۾ مقبول ويو آهي، يا ناڪام ويو آهي؟ جتي ايٽم بم پيا ٺهن، هيروشيما ۽ ناگاساڪي جا واقعا پيا ٿين، پر اڄ دنيا جي بين الاقوامي عدالت (انصاف جي) جيڪا جنيوا ۾ آهي، اُن جي دروازي تي جنهن هڪڙي ماڻهو جو مجسمو لڳل آهي، اُهو گانڌيءَ جو آهي، ٻيو ڪنهن جو به ڪونهي، نه مارٽن لوٿرڪنگ جو آهي، نه ابراهام لنڪن جو آهي، نه جناح جو آهي، پر گانڌيءَ جو مجسمو لڳو پيو آهي، جنهن پنهنجي قوم کي انگريزي توبن، انگريزي بندوقن، انگريزي ٽينڪن جي سامهون چرخي جي تند سان برصغير خالي ڪرڻ تي مجبور ڪيو، جيڪي دوست ٻئي ڪنهن طريقي سان آزادي وٺڻ چاهن ٿا، انهن جي مخالفت نه ٿو ڪرڻ چاهيان، پر آءٌ سمجهان ٿو ته، آفريڪا، ويٽنام، ڪيوبا ۽ بنگلاديش ۾ تمام مختصر لڙايون ٿيون آهن ۽ بنگلاديش جڏهن اسان سان گڏ هو، تڏهن 52 سيڪڙو هو، هينئر آزاديءَ کان پوءِ هنن برٿ (ڄم) تي ڪنٽرول ڪيو آهي ۽ هُو صرف 13 ڪروڙ آهن ۽ اسان ارڙهن ڪروڙ آهيون، ارڙهن ڪروڙ پاڪستاني ٿي ويا آهن، جڏهن ٻوڏ ۽ برسات ايندي هُئي ته چوندا هُئا، ’بنگلاديشي بُکيا اسان تي بار آهن،‘ اڄ هُو دنيا جو شاهوڪار ترين ملڪ آهي، ۽ توهان کي حيرت ٿيندي ته اڳي اسان کي چوندا هُئا ته خوشحال ملڪ اهو آهي، جنهن جا رانديگر طاقتور هُجن، بنگلاديش جي رانديگرن ننڍڙن ڪارڙن ورلڊ ڪپ کٽيو آهي ۽ انهيءَ قوم جا معصوم سڀ ڪجهه پنهنجي ماڻهن کي ڏين ٿا، ايماندار قيادت، ايماندار يا گوڊ گورننس ٺاهي سگهي ٿي، حيرت انگيز ڳالهه آهي ته، ”آءٌ هڪڙي دفعي ويس صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر وٽ، اخبار آئي، جنهن ۾ خبر هُئي ته ’هندستان جي وزيراعظم نرسمارائو پنج لک روپيا رشوت گهري آهي.‘ ان تي صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر چيو، ’ڇا مسئلو آهي، هن کي رشوت وٺڻ ڪونه ٿي اچي، هِتي اسان جو سيڪريٽري هڪ ڏينهن ۾ هڪ ڪروڙ روپيا رشوت وٺندو آهي.‘ اهي ماڻهو آهن، جن پنهنجي قومن جي لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو آهي، اها به خبر ڪوڙي هئي، اهو پوءِ غلط ثابت ٿي ويو، ان پئسو ورتو ئي ڪو نه هو.

    تازو هتي اسان وٽ محترمه (بينظير ڀٽو) جي نالي تي پِنڻ سيکاريو پيو وڃي. هاڻي سانگهڙ ضلعي ۾ واقعو ٿيو آهي ته عورت پوڙهي سرديءَ ۾ ايم پي اي جي بنگلي جي دروازي تي ويٺي هُئي، 3 ڏينهن گذري ويا، ان کي رلي ڪو نه ملي، ماني ڪو نه ملي، اتي ئي گذاري وئي آهي ۽ هن ايم پي اي کي پرواهه ئي ڪو نه ٿي، هي ايم پي اي آهن، سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر آهن، ته اهي ڪهڙي تبديلي آڻيندا. اوهان کي به اها ثابتي اختيار ڪرڻ گهرجي. اها سچائي اختيار ڪرڻ گهرجي ته پنهنجي قوم کي خوشحال بڻائڻ لاءِ زمين جي خطي تي هڪڙو جهنڊو کوڙڻ جو نالو آزادي ناهي، پر آزادي سُکن ۽ ڏُکن ۾ ماڻهن کي خوشحالي جي منزل تي پهچائڻ جو نالو آهي.

    توهان جي مهرباني لک لائق نوازش!

    (سن ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه تقريب کي 2012ع ۾ ڪيل خطاب)


    سن ۾ آخري خطاب

    دين ڌرم جي دوکي لٽجي، نيٺ اسان اک کولي اچي،
    سنڌ سوا ٻي ڳالهه نه ٿيندي، ڀل سامهون گولي اچي!
    دوستو ۽ ساٿيو!
    جيئي سنڌو ديش _ جيئي رهبر سنڌ سائين جي. ايم سيد
    اڄ سج سڄيون روشنيون ۽ انڊلٺ رنگ رتا رتول سڀ هن سر زمين جي حوالي ڪري اسان کان موڪلائڻ وارو آهي، پر اها موڪلاڻي ڪا دائمي ناهي، اها موڪلاڻي وري وري ملڻ جي، وري رُوپ مٽائڻ جي، وري وري رنگ رتول ڪرڻ جي آهي. اسان رهبر سنڌ سائين جي. ايم سيد کي زندگيءَ ۾ ڏٺو ۽ کانئس پوءِ به ڏٺو ۽ سندس خوبصورت ترين لمحن ۽ گهڙين کي ڏٺو، سيد کي ڪتابي دنيا ۾ به ڏٺو. هڪ ڀيري مون کانئس پڇيو ته سائين! حالتون هي آهن، توهان ڇا ٿا چئو؟ چيائين ته، ها! حالتون واقعي اهي آهن، پر ان کان بدتر آهن، پر آءٌ سمجهان ٿو ته، آءٌ ڪنهن اُميد جي گهڙيءَ ۾ پيدا ٿيو آهيان ۽ اُميد جي اها گهڙي، مون کان ڪڏهن به وڇڙي ڪونه ٿي سگهي. ڪڏهن به الڳ نٿي ٿي سگهي ۽ اها اميد جي گهڙي آهي، مادر وطن سنڌ سان لانئون لهڻ جي، بلڪه اهي ڪجهه لفظ مون کي ڏاڍا ڏکيا لڳندا آهن، بهرحال ماءُ جي پيرن تي پنهنجي نيڻن جا پنبڻ رکبا آهن.
    ڪو مقرر تنگ ٿيندو آهي ته کنگهندو آهي ۽ عاشق جڏهن تنگ ٿيندو ته چُميون ڏيڻ شروع ڪندو آهي ۽ وطن جڏهن اُڀا ٿي ويندا آهن، تڏهن پنهنجي جوڌن ۽ دودن کي سڏ ڪندا آهن، ته اچو! اڄ هي ڪارونجهر کان وٺي ڪشمور تائين، هي جيڪو رُوپ مٽجي ٿو، هي بهار اچي ٿي، بهار، پهرين بهار انساني زندگيءَ ۾ تڏهن پيدا ٿئي ٿي، جڏهن هن جي چهري تي ماءُ جي مُرڪ پيدا ٿئي، ۽ ٻي بهار ان ۾ تڏهن پيدا ٿئي ٿي، جڏهن هو سنڌ کي سمجهڻ ۽ سنڌ کي سجدا ڪرڻ شروع ڪري ٿو.
    اچو ته اسان سائين جي. ايم سيد جي ڏسيل رستي ۽ واٽ تي هلون ۽ ان تي ئي عمل ڪندي سنڌ کي تاحيات ۽ تا جاويد پنهنجو زاويو پيش ڪريون.

    (17 جنوري 2015ع تي سائين جي. ايم سيد جي سالگرهه تقريب کي سن ۾ ڪيل آخري خطاب)


    موهن جو دڙو

    سائين حاڪم شاهه بخاري صاحب!
    ڊاڪٽر مير عالم مري صاحب!
    اسٽيج تي ويٺل دوستو!
    همسفر ساٿيو، جيئي سنڌو ديش.
    اوهان جي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جسقم جو ڪلچرل شعبو جس لهڻي، جو هنن ’موهن جي دڙي‘ تي سيمينار ڪرائي، سنڌ جي سڀني اديبن کي دعوت ڏني ته اوهان اچي شريڪ ٿيو.
    سائين حاڪم علي شاهه جي مهرباني، جو پاڻ آيا آهن! باقي ڪوئي ڪونه آيو آهي. موهن جو دڙو، هي سامهون ٺُل ڏسو ٿا، مون بمبئي جي ’نيشنل ميوزيم‘ ۾ هن شهر جو نقشو ڏٺو هو، اهو ايڏو واضح ۽ ايڏو چٽو هو، جو انهن جون گهٽيون کُليل هيون، انهن جا رستا ۽ ٺُل ڪشادا هُئا، مطلب ته ڪجهه واضح هو ۽ لکيل هو ”موهن جو دڙو“ مهين جو يا معين جو دڙو ڪونه لکيل هو، موهن جو دڙو لکيل هو، ۽ اتي ٻي شيءِ ڏٺي، اها هُئي سِر، ان سِر تي لکيل هو Brick of Kahu jo Daro ڪاهو جي دڙي جي سِر يعني ڪاهو جي دڙي مان جيڪا سِر نڪتل هُئي، سا اسان وٽ نه آهي، اهو ڪاهو جو دڙو به هاڻي ڊهي ويو آهي، پر اها سِر بمبئي جي نيشنل ميوزيم ۾ رکيل آهي، مير فتح علي خان جي تلوار به هئي، جنهن تي لکيل هو شمشير مير فتح علي خان ٽالپر! ته اهو سڀ انگريز دؤر جو ٿيل هو، ۽ ان کان پوءِ ڪاهو جو دڙو به ميسارجي ويو، افسوس! موهن جي دڙي جي جيڪا نوادرات هُئي، اها چوري ٿي وئي، اڄ اسان جا صحافي پُڇن ٿا ته موهن جي دڙي کي بچائجي ڪيئن؟ آرڪيالاجسٽ سائين حاڪم علي شاهه ويٺو آهي، انهن کان ئي پڇڻ گهرجي، آءٌ ڪو انجنيئر نه آهيان، پر هي شهر ٻڌائي ٿو ته انجنيئرنگ جو فن سنڌ ۾ پنج هزار سال اڳ ۾ به موجود هو، ۽ ان فن ايڏي ترقي ڪئي هُئي، تنهنڪري اهو چوڻ ته سنڌ ۾ ڪائي ايجاد ڪو نه هئي، جنهن جي ڪري ٻولي بچي! سنڌ ۾ سائنسي ايجاد هُئي، ايريگيشن جو سسٽم هو، هي جايون، هي ٺُل اهي سڀ اڳئين دور جا ٺهيل آهن، ان ڪري اسان سنڌي هن دڙي جو نالو به عجيب ”معين“ پوءِ ”مهين“ ورتو وڃي ٿو، مون جواهر لال نهرو جي ڪتاب Discovery of India پڙهيو، ان ۾ به لکيل آهي ته: ”هندستان جي تهذيب جي ابتدا موهن جي دڙي کان ٿئي ٿي.“ هن ”موهن“ لکيو آهي ”معين“ ڪونه لکيو اٿس، نه ڪو مهين لکيو اٿس ۽ ساڳيءَ طرح ڪاڪي ڀيرومل به موهن جو دڙو لکيو آهي، جواهر لال نهرو ٻين شين جو ذڪر ڪيو آهي ته، ”هندستان جي تهذيب جو سج موهن جي دڙي مان اُڀريو آهي.“ ٻي ڳالهه ته دنيا ۾ بئنڪنگ جو سسٽم سڀ کان پهرين شڪارپور مان شروع ٿيو آهي، ۽ ٻين جاين تان نه، اسين هڪڙي مهذب قوم هُئاسين، پر هي اها صوفين واري سنڌ، اها پرامن سنڌ اڄ رت ڇاڻ ۾ وهنتل آهي ۽ روز پيا قتل ٿين، روز پيون خودڪشيون ٿين، روز ٿا ٻار اغوا ٿين، روز ٿا واڻيا کڄن، روز ٿا ڪي شيخ کڄن، اهي قذاق صرف مهاراجا ڏاهر جي دور ۾ نه هئا، پر اڄ به موجود آهن، پر اهو اسان جي ادارن جو ڪم آهي ته اُنهن ماڻهن کي مهذب بڻائن، اُنهن ماڻهن کي صوفين جي تعليم ڏين، ٺيڪ آهي، عيسائي مذهب بڻائي انهن ماڻهن کي صوفين جي تعليم ڏين، ٺيڪ آهي عيسائي مذهب اڳ ۾ تشدد جو سبق ڏنو ۽ گانڌي جي لکيو آهي ته: ”عيسيٰ چيو ته، ”هڪڙي ڳل تي ڪو چماٽ هڻي ته اُن کي ٻيو ڳل ڪڍي ڏيو.“ پر ڇا مسلمانن کان وڌيڪ عيسائين جنگيون نه ڪيون آهن، اُنهن ملڪ فتح نه ڪيا آهن، هڪڙو ننڍڙو آفريڪا جو ملڪ ڊاڪار (Dakar) آهي، اُن ۾ هڪڙي ڏينهن ۾ ٻه لک ماڻهو قتل ڪيا ويا، فرانس، جنهن کي مهذب قوم سڏيو وڃي ٿو، يورپ وارا به قبلو بدلائن ٿا، اُن ۾ عدم تشدد وارو عنصر ڪونه ٿو رهي، ۽ علامه آءِ. آءِ قاضي لکيو آهي ته: ”عرب اهو سوچيندو آهي ته سڄي دنيا ۾ پيغمبر آيا، پر سنڌ ۾ ڇو ڪونه پئي آيا، چيائين اُن جو جواب مون کي اهو ٿو سمجهه ۾ اچي ته سنڌ ۾ لطيف اچڻو هو، تنهن ڪري ڪنهن پيغمبر جي ضرورت ڪونه هئي.“ ته هن وقت اسان کي اها پنهنجي تهذيب ۽ پنهنجو تمدن، تمدن الڳ شيءِ آهي، تهذيب الڳ شيءِ آهي، تمدن مديني لفظ مان نڪتل آهي ۽ ديني جي معنيٰ شهري زندگي ۽ تهذيب آهي، ٻهراڙين ۾ کاڌي پيتي جا نمونا، گهر اڏڻ جا نمونا، دال روٽي جا نمونا، ڪپڙي پائڻ جو ڍنگ ۽ اُهي سڀ تهذيب جون نشانيون آهن، تهذيب عربي لفظ آهي، ڪنهن وڻ جون فالتو ٽاريون ڪٽي، اُن کي صاف سڌو ڪري بيهارجي، تهذيب جو مطلب اهو آهي ته جيڪي غلط بيهوده روايتون ۽ رسمون آهن، اُنهن کي ڇنڊي ڇاڻي پري ڪجي ۽ نئين سِر اڏاوتون ڪجن، تهذيب اُن کي چئبو آهي، تنهن ڪري هي اسان جو موهن جو دڙو هڪڙي سڌريل قوم جو نمونو آهي. ڪاڪي ڀيرومل جي چوڻ مطابق ته: ”ڀارت کان به پنج هزار سال اڳ جو آهي، ڪتاب ’قديم سنڌ‘ ۾ هُن لکيو آهي ته مهاڀارت جي جيڪا جنگ لڳي، اُن کان به پنج هزار سال اڳ ۾ موهن جي دڙي جي تهذيب هُئي.“
    بهرحال هن شهر جو جيڪو نقشو رکيو ويو هو، بمبئي جي ميوزيم ۾ اهو ته بيضي وانگر ٺاهيل آهي ۽ اُتي اُهو اڃا سلامت آهي، جيئن سائين حاڪم علي شاهه چيو ته: ”سِرون جيڪي موهن جي دڙي جون ڪونهي اسان جون آهن.“ ظاهر ڳالهه آهي ته هي شهر ٺهندا رهندا ته سرون به اينديون.
    ٻي ڳالهه ته سنڌ جا اڪثر شهر گهڻو ڪري سنڌو درياهه جي ڪناري تي آباد هُئا ۽ آهن، يا پاڻي جو مسئلو هو، ان ڪري شهر دريائن جي ڪناري ٻڌبا هُئا ۽ درياهه بادشاهه آهي، ڪڏهن رُخ مٽائيندو آهي، ان ڪري اهي شهر تباهه ٿيندا ويا، مثال طور، ’حيدرآباد‘ کي چون ٿا ته اهو ’نيرون ڪوٽ‘ آهي، ڊاڪٽر بلوچ به لکيو آهي، پر آءٌ سمجهندو آهيان ته اُهو رني ڪوٽ آهي، ’رني ڪوٽ‘ کي ’نيرون ڪوٽ‘ سڏيندا هُئا، مون مرحوم تاج صحرائي کي به چيو هو ته، سائين! تاريخ ’مظهر شاهجاني‘ ۾ هڪڙو حوالو آهي ته: ”آمريءَ ۾ ڪي سميجا ترسيل هُئا، جن کي اُن وقت ۾ ڌاڙيل سڏيو ويندو هو، مغلن سان وڙهندا هُئا ته اهي مهمان ٿي ترسيا، اُتي ڪي جاسوس هُئا مغلن جا، اُهي رات جو گهوڙن تي چڙهي نيرون ڪوٽ ويا، نيرون ڪوٽ ۾ اڃا صبح جو اُهي ننڊ ۾ سُتا پيا هُئا ته لشڪر پهچي ويو، اُنهن کي قتل ڪري ڇڏيائون.“ ته مون چيو، ته سائين! ايترو فاصلو ماڻهو گهوڙي تي ڪري سگهي ٿو، اهو ته رني ڪوٽ آهي، جيڪو ويجهو آهي آمريءَ کي! تاج صحرائي صاحب چيو ته: ”ڳالهه ته سهي آهي، پر هاڻي مڃي ڪير، محقق ته مڃن ئي ڪونه ٿا هن ڳالهه کي!“ ۽ ساڳئي ئي طريقي سان سنڌ جي تهذيب ڪڇ-گجرات کان گلگت تائين پهتل آهي، اُتي جي ٻولي مون ٻُڌي آهي، پاڻ هتي ڏاڙهون کي ڏاڙهون سڏيون ٿا، پر سرائيڪي وارا شروع کان اُن کي انار سڏيندا آهن، پر گلگت وارا ڏاڙهون سڏين ۽ ٿُلهي عورت کي ٿُلهي سڏين، موٽي ڪونه چون، ۽ کٽ کي کٽ سڏين، معنيٰ ان حد تائين سنڌي ٻولي ۽ سنڌي تهذيب پهتل هُئي.
    دوستو! آءٌ توهان جو وڌيڪ وقت ڪونه ٿو وٺان، توهان جي مهرباني ۽ خصوصاً ڊاڪٽر مير عالم صاحب جي مهرباني جنهن تفصيل سان ڳالهايو آهي.
    آخر ۾ وري به سائين حاڪم علي شاهه بخاري جي مهرباني، پاڻ هيڏو پنڌ ڪري هتي پهتا آهن. مهرباني!

    (موهن جي دڙي تي ڪرايل سيمينار ۾ صدارتي خطاب)


    تنهنجي وارن ۾ حُسن

    دوستو ۽ ساٿيو!
    جيئي سنڌو ديش _ جيئي سائين جي ايم سيد
    معاف ڪجو، جو آءٌ طبيعت جي ناسازيءَ جي ڪري بيهي تقرير ڪونه ٿو ڪري سگهان ۽ ان ڪري چند لفظ ڳالهايان ٿو.
    هڪڙي ڳالهه سنڌ آزاد ڪونه ٿيندي، بلڪه اوهان جي حوالي ٿيندي، آءٌ ان ۾ ايترو اضافو ڪندس ته سنڌ جي ايماندار ماڻهن جي حوالي ٿئي، ڪرپٽ وڏيرن، راشي ڪامورن ۽ بدعنوان آفيسر شاهي حوالي سنڌ ڪئي وئي ته اُهي کائي ويندا، سنڌي ماڻهو وري به ڏُکن ۾ هوندا، مون هاڻي هڪڙو واقعو پڙهيو آهي ته، انڊين نيشنل ڪانگريس جو هڪڙو ماڻهو هو، جنهن تي ڪرپشن جو الزام نه هو، ڄائي ڄم کان ڪانگريس جو ميمبر هو، پر هن دفعي مديحه پرديش مان هن کي ٽڪيٽ نه ملي ته هن بجاءِ پارٽي بدلائڻ جي يا ٻي ڪنهن پارٽي ۾ وڃڻ جي، آپگهات ڪري ڇڏيو، هن چيو ته: ”جيڪڏهن هندستان جي ماڻهن کي منهنجي ضرورت ناهي ته پوءِ آءٌ مرڻ کي ترجيح ڏيندس.“ هتي اسان وٽ جيڪڏهن ڪنهن کي ٽڪيٽ نه ملي ته هُو ٻي پارٽي ۾ هليو ويندو. وقت جو خليفو پيٽ تي پٿر ٻڌي، مانيءَ جو گرهه ڪنهن جهنگ ۾ رُلندڙ ٻار جي حوالي ڪري ڇڏي ته اها آهي ماڻهن جي خدمت، هن وقت به سنڌ جا وسيلا بي پناهه آهن، ان ۾ گئس آهي، تيل آهي، ڪوئلو آهي، ڪوئلو ٿر مان نڪتو آهي ۽ هڪ اردو جي شعر جو مفهوم آهي ته:
    ”جيڪا ڪاراڻ تنهنجي وارن ۾ اچي حُسن چوائي ٿي، اُها ڪاراڻ منهنجي نصيب ۾ اچي بدبختي چوائي ٿي.“
    اها ڪاراڻ، ڪارو ڪوئلو سُون آهي، جيڪا سنڌين جي نصيب ۾ ناهي، هُو کڻيو ٿا وڃن، هاڻي چون ٿا ته جاپان کي ڏجي. هڪڙي ڳالهه توهان کي معلوم هُئڻ گهرجي ته هي جيڪي ملڪيت جون ذميواريون آهن، حڪومت جون آهن، پر اها ملڪيت وري به عوام جي آهي، اسٽيل مل جي وڪري جون ڳالهيون هلن پيون، اڄ ٻين ڪارخانن جي وڪري جون ڳالهيون ٿين پيون، توهان دڪاندار آهيو، هڪڙو دڪان وڪامي ٿو، اهو توهان خريد ڪريو ٿا، ڇا جي لاءِ؟ ته ان مان مون کي نفعو ٿيندو، هي جيڪي به ڪارخانا خريد ڪن ٿا ان ڪري ته نفعو ڪمائجي ۽ سنڌ جو ماڻهو بُک ۽ ڏُک ۾ پاهه رهي، هاڻي ته پنجاهه رپيا ڪلو اٽو آهي ۽ قائم علي شاهه چيو ته، آءٌ دورو ڪريان ٿو، اڙي بابا! دورو ڪري تون دڪان تي پيل اٽو ڏسندين يا ٿر جي ماڻهن جا پيٽ ڏسندين، پنجاهه رُپيا ڪلو اٽو ٿي ويو آهي، ۽ مون کي ياد آهي ته مون پنهنجي ننڍپڻ ۾ ست رُپيا مڻ ڪڻڪ ورتي ۽ سائين ظفر علي شاهه چيو ته ست رُپيا تو وڌيڪ ٻڌايا آهن، پر اسان ته ٽي رُپيا مڻ ڪڻڪ وِڪي آهي، ته توهان اندازو لڳايو ته، اُها ڪڻڪ ايڏي اگهه تائين پهتي آهي؟ اُها ڪيڏانهن ٿي وڃي يا ذخيره اندوزي ۽ اهو مال ميڙڻ، اهو وري ڪنهن مارشل لا کي دعوت ڏيڻ جي برابر آهي، ۽ مارشل لا وارا چوندا ته ذخيره اندوزي ظاهر ڪريو ۽ اهو ممڪن ناهي.
    آخر ۾ آءٌ اهو عرض ڪندس ته اوهان جيڪي اميدون، آسرا، تمنائون ۽ ارادا کڻي جسقم ۾ آيا آهيو، انشاءَ الله اسين انهن کي پورو ڪنداسين ۽ ڪڏهن به توهان کي مايوس نه ڪنداسين. مهرباني.
    (ڏهرڪي ۾ ڪيل صدارتي خطاب)


    نيشنل ڪانگريس سان ڳالهيون

    دوستو ۽ ساٿيو!
    جيئي سنڌو ديش _ جيئي سائين جي ايم سيد
    اڄ جيئي سنڌ قومي محاذ جي ’نيشنل ڪانگريس‘ جو اجلاس ٿي رهيو آهي، پر مون کي ڏاڍي ڳڻتي آهي ته اسان ۾ خود مرڪز کان وٺي ضلعن تائين ڏاڍيون اُوڻايون آهن، اسان رسمي طرح ته اين سي جو اجلاس ’جيئمسٽ ڪائونسل‘ جو اجلاس ’مرڪزي باڊي‘ جو اجلاس انهن شين جي پابندي ڪندا آهيون، پر جنهن جي لاءِ گهربل لوازمات ۽ ضرورتون آهن، انهن کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهيون. بهرحال هي دور آهي، جيڪو هن خطي جي سياهه ترين دورن مان آخري دور لڳي پيو ۽ جيڪا صورتحال آهي، ان حڪمرانن کي ته دلين جا بيمار ڪري ڇڏيا آهن، يا ڪن جي راتين جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن، پر جن قومن جو ۽ جن خطن جو يا جن ملڪن جو ان هلندڙ دور ۾ فيصلو ٿيڻو آهي، ان دور ۾ اُهي ڌُريون اڃا تائين اهائي لاپرواهي ۽ بي ڌياني ۽ ايگو جو شڪار آهن، يعني هِن وقت به ايجنڊائون رکائڻ تي دوستن ايڏي ڇڪتاڻ ڪئي، وٺ پڪڙ ڪئي ته بابا سنڌ جو مسئلو ئي صرف اين سي جي اجلاس ۾ ايجنڊائون رکڻ آهي، پر ان سنڌ جي اصل مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙيون تجويزون هجڻ گهرجن، ڪهڙيون شيون ٿيڻ گهرجن، هن وقت عالمي صورتحال ڪهڙي آهي، آءٌ کپري ۾ ويٺو هُئس پريس ڪانفرنس پئي ڪيم، ته اُتي هڪڙو ماڻهو آيو، عجيب ڪٽ ڏاڙهي هُجيس، ان مون کان سوال ڪيو ته: ”جيڪڏهن پاڪستان ۾ نيٽو جي جنگ لڳي ته ان ۾ ڀارت مداخلت ڪندو؟“ ته مون چيو ته، ڀارت کي مداخلت جي ضرورت ئي ناهي، ڀارت کان آمريڪا وڌ ۾ وڌ لاجسٽڪ سپورٽ وٺي سگهي ٿو ۽ پاڪستان لاءِ نقصانڪار ناهي، بلڪه فائديمند آهي، ڀارت کي پاڪستاني صورت ۾ مارڪيٽ کپي، جي هن وقت چائنا کي به پاڪستان جي مارڪيٽ جي طور کپي ٿو، چائنا جي ننڍڙين صنعتن ۽ سستين شين پاڪستان جي صنعت جي تباهه ڪاري آڻي ڇڏي آهي، يعني پاڪستان جو ٺهيل بوٽ به هاڻي مارڪيٽ ۾ ڪونه ٿو هلي، سو به چائنا جو هلي ٿو ۽ ٻهراڙين ۾ ميلا لڳن ٿا، مون ڏٺو ته مهنجون ننڍڙيون ڀائٽيون هُيون ميلي مان اهي وڄندڙ موبائيلون وٺي آيون، مون ڏٺو ته انهن تي لکيل هو ميڊ اِن چائنا، مون چيو بابا گهڻي گهڻي ۾ ورتيون اٿوَ، چيائون ته پندرهن پندرهن روپيا، اهي ساڳيا توهان پاڪستاني وٺو ها ته 2 سئو کان اڍائي سئو روپيا هجن ها، ته اها صورتحال آهي، جيڪا آهي سا هن وقت ۾ مارڪيٽ جي حوالي سان آهي، فوجي طرح اها ڳالهه طئي آهي ته پاڪستان جي آرمي جي ڪور ڪمانڊر جي اجلاس ۾ اهو طئي ڪري ڇڏيو ته اسين ڪنهن به صورت ۾ نيٽو سان مقابلو ڪري ئي نٿا سگهون، اسان کي جنگ ناهي ڪرڻي، باقي ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ جي لاءِ اهي ڳالهيون ۽ ڌمڪيون ضرور ڏينداسون، ۽ هاڻي ته حيرت انگيز ڳالهه آهي ته ٽيليويزن تي يا ٻين ذريعن مان جيڪي خبرون پاڪستاني حڪمران ڏين ٿا، ان کان وڌيڪ اعتبار ماڻهو هيلري ڪلنٽن جي بيان کي ڏين ٿا، ته هن جا بيان وڌيڪ صحيح هوندا، هي ڪوڙ آهي، يعني ٻهراڙيءَ جا اڻ پڙهيل ماڻهو جيڪي ٽيليويزن ڏسن ٿا، انهن کي به ايتري سمجهه آهي ته هي جيڪو چون ٿا پيا اڳي به ائين چيائون ٿي ته اسان ڀارت کي هينئن ڪري ڇڏينداسون، اسان فلاڻي کي هينئن ڪري ڇڏينداسون، ڪنهن کي ڪجهه ڪو نه ڪندا ۽ سڀاڻي وري به گوڏا کوڙيندا، ٻه ٽي ڏينهن اسان کي بيوقوف بڻايو ويو ته توهان جو فيصلو هاڻي پاڪستاني سرڪار وٽ نه پر توهان جو فيصلو عالمي سطح تي آمريڪا وٽ آهي. فوجي قيادت جي ماتحت هلندڙ ڊيموڪريسي هُجي يا آمريت هُجي ان سان مفاهمت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، نه ان کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهي، هن وقت ۾ اسان جي سامهون صورتحال ڏاڍي سنگين آهي، سنڌ جي معاشي حالت ڇا آهي، توهان اندازو لڳايو آهي، جيڪي معدني وسيلا آهن، تن جا انگ اکر اوهان روز پيا ٻڌو، (ان جي باوجود سنڌ جا ماڻهو) آءٌ ته گهٽ ۾ گهٽ ٿر ۾ ويٺو آهيان، هن وقت چون ٿا ته برساتون جام پيون آهن، ٿر، ٿر هوندو، پر هينئر ٿر ۾ ڏڪار جي حالت آهي، يعني ٿر ۾ وسڪاري جي موسم ٿيندي آهي، (گوار، ٻاجهر ته هن دفعي ئي ڪانه هئي،) ته گوار جا اگهه ڪيرائي ڇڏيندا آهن، ڦُٽي سنڌ ۾ تباهه ٿي وئي آهي، جيڪا بچي آهي، اُن بچيل ڦُٽيءَ جو اگهه ٻه هزار رُيپا آهي، چئي ڇو بابا؟ هتي ته ڦٽي ٿي ئي ڪانهي، هاڻي ته اگهه وڌيڪ هُئڻ گهرجن! چئي نه، هي جيڪا بچي آهي ڦُٽي، برسات جي ڇنڊن جي ڪري ان جو ڪلر (Colour) تبديل ٿي ويو آهي، اها ڪارآمد ڪونه رهي آهي، اها سموري سنڌ جي هن وقت صورتحال آهي ۽ ٻيو جيڪي زرعي جنسون آهن، ۽ سارين جو فصل پچي ويو ته سارين جو اگهه وڌايو ئي نه اٿن، اهو پڪو آهي ته اقتصادي طرح سنڌ کي فائدو آهي ۽ اسان جا وڏيرا جيڪي اسيمبلين ۾ ويٺا آهن، اهي روز ڪا نه ڪا دعويٰ ڪن ٿا، ته هي ڪوئلي جو ٺيڪو فلاڻي ڪمپني کي ڏينداسين، هيترو ڪم ٿي ويو آهي. ڌوڙ ٻُڪ ۾، ڪونه ٿيو آهي، آءٌ پاڻ ڏسي آيو آهيان، هڪڙي کڏ به ڪونه کوٽائي اٿن ۽ جنهن ڳوٺ جي نالي سان ڪوئلي جون کاڻيون نڪتيون آهن (ٻاگهو هاليپوٽو) ان جي مٿان به بجلي وڃي پئي، اهو ثمر مبارڪ ڊاڪٽر صاحب جي ڪئمپ اڳي چائنا ڪئمپ هئي، اها چائنا ڪئمپ ختم ڪري هاڻي پارڪ ڪئمپ آهي، ان تائين بجلي پهچي ٿي، ٻاگهي هاليپوٽي ٻاهران ماڻهن کان مون پڇيو ته هڪ تار يا لائين ڏني اٿن؟ انهن چيو ته، اسان جو ته مقدر ڪوئلي وانگي اڃا به ڪارو لڳو پيو آهي، يعني ان ڳوٺ کي به بجلي ڪونهي ۽ ان ۾ عالمي قوتن ڀارت، چائنا، آمريڪا ٽنهي جا مفاد آهن، خصوصاً ٿر جي ڪوئلي واري پٽي کان ويندي گوادر تائين ۽ انهن سڀني جي ويڙهه انهي تي آهي ۽ پنجاب چوي ٿو ته هو رٽائر فوجي هو، چين اسان جو دوست، چين ته اقتصادي طرح پاڪستان جي ڀينگ ڪئي آهي، ان حد تائين ته چين هٿيار به ڏنا آهن، پاڪستان کي، مون، جيڪو رٽائرڊ فوجي هو، ان جو ڪتاب پڙهيو ته، اسان جي فوجين کي چيني هٿيار هلائڻ جي تربيت ئي ڪانهي، ان ۾ هٿيارن جو استعمال ڪيئن ٿيندو آهي، فيض علي چشتي جو ڪتاب آهي ’خطِ ضياءُ اور مين‘ ان ۾ آهي ته، ”چيني هٿيارن جي اسان جي فوجين کي تربيت ئي ناهي.“
    ته منهنجا دوستو!
    صورتحال ملڪ جي اها آهي ۽ هوڏانهن بلوچستان ۾ ڇاهي! ميڊيا ۾ بلوچستان جهڙي طريقي سان نظرانداز ڪيو ويو آهي، اهڙي طريقي سان آءٌ سمجهان ٿو ته ايف تيس مور جي تحريڪ کي به نظر انداز نه ڪيو ويو، بلڪه ان کي جيڏي پبلسٽي ڏني وئي، ان جو ڏهون حصو به بلوچستان کي ڪونه ٿو ملي، حالانڪه بلوچستان جي جنگ پنهنجي آخري مرحلي جي ويجهو آهي ۽ هتي اسان وٽ ٻه اکيائي ته ڏسو! جيڪڏهن ڪنهن مائيءَ سان Rape ٿو ٿئي ته سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس صاحب پاڻمرادو نوٽيس ٿو وٺي، ۽ اسان جا قومي ڪارڪن، انهن کي زندهه گوليون هڻي ماري ساڙي لاش ڦٽو ٿو ڪيو وڃي، مون پاڻ چيف جسٽس صاحب کي خط لکيو، ان جو اڄ ڏينهن تائين نوٽيس ته ٺهيو، پر جواب ئي ڪونه آيو آهي، ويندي انساني حقن جي تنظيم جيڪا ايڇ آر سي پي آهي، انهن جواب موڪليو ته دفتر تبديل ٿي چڪو آهي، ايڊريس غلط آهي.
    ته منهنجا دوستو! اها سڄي پروپئگنڊا سنڌ کي محڪوم ۽ غلام بڻائڻ جي سازش آهي ۽ ان سازش ۾ اسين جيڪڏهن خصوصاً مون کي اهو ڏک آهي ته اسين وڏي قومي مسئلي تي سوچڻ جي بدران ننڍين انائن تي، ننڍن مسئلن تي، بابا اڄ سنڌ يونيورسٽي آهي، جي. ايم سيد جڏهن وزير تعليم هو، تڏهن سنڌ يونيورسٽي ڪانه هُئي ۽ هن اهو خاڪو رکيو ته سنڌ يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي ۽ توهان کي حيرت ٿيندي ته ان جو پهريون وائيس چانسلر ’حليم سنڌي‘ اهو علي ڳڙهه مان گهرايو هُئائين. علامه آءِ.آءِ قاضي ان وقت ۾ هتي نه هو، اهو يورپ ۾ هو، بهرحال! اهي سڀ شيون ٿينديون رهنديون آهن ۽ انهن شين کي ايڏو مٿي نه اُڀارجي، انسان جا بنيادي حق آهن ’زندگي، آزادي ۽ خوشحالي يا محبت جي تلاش‘ زندگي نه هوندي ته ماڻهو آزادي ڇا ماڻيندو، زندگي هوندي ته پوءِ آزادي ماڻيندو، ۽ آزادي جي نه هوندي ته خوشحاليءَ جي تلاشي ڪٿان ڪري سگهبي؟ سو انهن ٽن شين لاءِ اسان کي گڏجي جدوجهد ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي پارٽي ۽ تنظيم ڪاري ان کي ڪيفيت ۽ ڪميت يعني ڦهلاءُ ۽ ڍانچي ۾ اهڙو مضبوط هئڻ گهرجي، جو سڀ پهاڙ ڪري پون تڏهن به اها تنظيم پنهنجو ڍانچو برقرار رکي ۽ ماڻهن ۾ پنهنجو ڦهلاءُ برقرار رکي.
    بس اهي لفظ چئي آءٌ پنهنجي جاءِ وٺندس، ان سان گڏ توهان جي مهرباني، منهنجي طبيعت صحيح ڪونهي، تنهن ڪري آءٌ اجازت وٺي صدارت قائم مقام سينيئر وائيس چيئرمين اسلم خيرپوري حوالي ٿو ڪريان ۽ ڪجهه ڪلاڪ کن لاءِ آرام ڪرڻ ٿو چاهيان، مون کي اجازت ڏيو آءٌ بيمار آهيان.
    بهرحال حضرت شيخ الهند مولانا محمود الحسن دلي ٽرين تي ويو ته، ڊاڪٽر مختيار انصاري (اهو ان جو ڊاڪٽر هو) کيس ذاتي طرح چيو ته سائين! توهان دلي تائين ٽرين جو سفر ڪندؤ؟ (تڏهن ته ڪارون هُيون ئي ڪونه) ته توهان جي زندگي کي خطرو آهي، ته پاڻ مُرڪي چيائون ته، ان سفر دوران جيڪڏهن آءٌ مري وڃان ته منهنجو جنازو کڻي به ان افتتاحي اسٽيج تي رکجو، ته جيئن انگريز جي خلاف هلندڙ جدوجهد اڳڀري ٿئي، ان ڪري توهان سان گڏ هلان پيو، رِڙهان پيو، پير پوئتي ڪونه ڪنداسين.
    توهان جي مهرباني لک لائق.


    ٻانهن جو ٻل...

    سوين آيا سنڌ ۾، نوان نادر شاهه،
    ڪانهي ڪا تاريخ ۾، ويڙهه بنا ٻي واهه،
    متان سوچو ساهه، متان موٽو ماڳ تي.
    دوستو ۽ ساٿيو!
    جيئي سنڌو ديش _ جيئي سائين جي ايم سيد!
    مون کي هڪڙو واقعو ياد پيو اچي ته، هندستان ۾ مهاتما گانڌي اپيل ڪئي ته انگريزي تعليمي ادارن جو بائيڪاٽ ڪري، قومي تعليمي ادارا قائم ڪريو، ان سلسلي ۾ علي ڳڙهه مان جيڪي ماڻهو نڪتا، انهن هندستان ۾ ’جامعه دلي‘ جي نالي هڪڙو ادارو قائم ڪيو ۽ ان جي افتتاح جي لاءِ مولانا محمود الحسن شيخ الهند کي دعوت ڏني وئي ته توهان اچي افتتاح ڪريو، ان وقت ۾ هندستان ۾ هڪڙو ئي مشهور سرجن يا ڊاڪٽر هو، ڊاڪٽر مختيار انصاري، ان چيو ته توهان جي صحت اجازت نٿي ڏي، ته توهان دلي تائين ٽرين ۾ سفر ڪريو، پاڻ اُن کي چيائون ته، جيڪڏهن آءٌ وچ ۾ مري وڃان ته منهنجو لاش کڻي هلي اسٽيج تي رکجو ته جيئن انگريز سامراج کي خبر پوي ته اسين سرڪار ۾ ناهيون ۽ توهان جا مخالف آهيون. هن وقت ۾ سنڌ جي صورتحال جيڪا دوستن بيان ڪئي، ان تي توهان کي ٻڌايان ته: سائين جي. ايم سيد کي هڪڙي مائيءَ چيو ته: ”سائين! سنڌ جي صورتحال ڏاڍي خراب آهي، درياهه ٽٽي ويو، فلان ٿيو آهي وغيره.“ مائي پنهنجي ڳالهه ختم ڪئي، ته سائين مُرڪي چيو: ”ها، سٺو مطالبو آهي، پر مون کي لڳي ٿو ته آءٌ اُميد جي گهڙيءَ ۾ پيدا ٿيو آهيان، نا اُميد ناهيان. سنڌ جي تاريخ ۾ 11 هزار حملا ٿيا آهن، سڪندر يوناني کان وٺي چارلس نيپيئر تائين ۽ ان ۾ هڪڙي هڪڙي ڏينهن، هڪڙي جنگ ۾ ويهه ويهه هزار سنڌي ڪُٺا ويا، ماريا ويا، تباهه ڪيا ويا، بدين جي ڀرسان ’جالار‘ جو ميدان آهي، جتي قبرستان ٺهيو پيو آهي، پر ماريندڙ ارغونن جي ذات به هتي ڪونهي ۽ منڌرا ۽ ٻيا جيڪي هتي مُئا هُئا، انهن جون ذاتيون اڄ به آهن، ايترن حملن جي باوجود ڪشمور کان وٺي ڪارونجهر تائين سنڌي ٻولي به موجود آهي، سنڌي ماڻهو به موجود آهن، پنهنجي مُهانڊن سان موجود آهن، نه ڪو ارغون آهي، نه ڪو ترخان آهي، پر هتي سمان به آهن، سومرا به آهن، منڌرا به آهن، آريسر به آهن، ڪولهي به آهن، مينگهواڙ به آهن ۽ ڀيل به آهن، ته اها هن سر زمين جي خصوصيت آهي، ان سان گڏوگڏ سنڌي ماڻهوءَ جو جذبو به آهي، سنڌي هوندا ته زمين سان محبت به هوندي. ميرن کي خبر هئي ته جيڪڏهن هي انگريز ڀڄي به ويا ته بادشاهي ته وري به اسان جي ٿيندي، تڏهن ته هنن نعرو هنيو ته:
    ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“
    جيڪڏهن انگريز ڀڄي به تڏهن به بادشاهه ته هي ئي ٿين ها، هوشو ته نوڪر هُين.
    سنڌ جي مسئلن جو حل نه ڀارت وٽ آهي نه ٻئي ڪنهن وٽ آهي، سنڌي ماڻهن جي ٻانهن جي ٻل ۾ آهي، جيڪڏهن اهو تيار ٿئي ته اها ئي اسان جي فتح آهي، هن وقت ڪافي اهڙا وسيلا آهن، جيڪي هاڻي ظاهر ٿيا آهن، مخدوم بلاول جي دور ۾ ظاهر نه هئا، ان دور ۾ پيٽرول نه هو، اسان وٽ ظاهر ٿيل آهي، ان دور ۾ گئس نه هو، اسان وٽ ظاهر ٿيل آهي، ان دور ۾ ٿر جو ڪوئلو نه هو، جنهن جي لاءِ چون ٿا ته هزارن سالن تائين پوري ايشيا جو نظام هلي ويندو. آءٌ چوان ٿو ته، ان ڪوئلي جي کوٽائي نه ٿئي، آزاد سنڌ ۾ ان جي کوٽائي ٿئي، ان جا ذريعا اسين استعمال ڪنداسين ۽ هينئر ته حالت اها آهي، جو 99 سيڪڙو جيڪي ماڻهن کي ملازمتون ڏنيون ويون آهن انهن ۾ ٿري ڪوبه ڪونهي، ٿرين کي ڊيلي ويجز تي رکيو پيو وڃي، اوهان به کوهه کوٽيو، گاهه پٽيو ۽ روزاني اوهان کي تاريخ ڏني ويندي. ڪوئلو جيئن ته ڪارو ٿيندو آهي اردو جي هڪ شعر جو مفهوم آهي ته:
    ”جيڪا ڪاراڻ تنهنجي وارن ۾ اچي حُسن چوائي ٿي، اُها منهنجي نصيب ۾ اچي ته بدبختي چوائي ٿي.“
    ته اها ڪارڻ جيڪا ٿر جي حصي ۾ آئي آهي ته بدبختي ٿي وئي، اهڙي ئي طريقي سان تيل جا ذخيرا گهڻي ۾ گهڻا جيڪي نڪرن ٿا، اهي بدين ضلعي مان نڪرن ٿا ۽ پٺتي پيل غريب ضلعو بدين آهي، اتي هڪڙي کوهه مان روزاني هڪ ڪروڙ رُپين جو تيل نڪري ٿو، ۽ حالت اها هئي ڪنهن وقت ۾ ته اتي جيڪي روڊ ويندا هئا، انهن تي سنڌي ماڻهن کي بيل گاڏي هلائڻ جي به اجازت نه هوندي هئي، ته اسان جا روڊ ٿا خراب ٿين، پوءِ اتي اسان جي دوستن خصوصاً مرحوم فاضل راهو ۽ ٻين ڪارڪنن جدوجهد ڪري وڙهي اهي روڊ کولرايا، مثال طور جيئن ڇور آهي، ڇور ڪئمپ آهي، ڇانوڻي آهي ته اُتي اسان کي گاڏي هلائڻ نه ڏيندا آهن. هڪڙي دفعي پير صاحب پاڳارو آيو، اُن جي گاڏي نه ڇڏيائون، پوءِ ڪي مريد گڏجي ويا ته پير سائين آيو آهي، اُن جي گاڏي ڇڏيو، ته اسان سنڌين سان انهن جو ورتاءُ اهو آهي، هو اسان کي پاڪستاني نه ٿا سمجهن، خدا ڪري نه سمجهن ۽ نه اسان کي وفادار سمجهن ٿا ۽ نه اسين وفادار آهيون، باقي سنڌ سان وفادار آهيون، اسين ته سنڌي آهيون، ڪلهه به هُئاسين اڄ به آهيون، سڀاڻي به رهنداسين. هاڻي ڪافي دوست کڄي ويا آهن، ڪهڙي به پارٽي سان تعلق رکندا هُجن، پر آهن ته سنڌي، منهنجي ڌرتي ماتا جو پاڻي ته سڀني هِڪ ئي پيتو آهي نه، ان ڪري توهان وٽ ان لاءِ آيا آهيون ته توهان جي ٻانهن جي ٻل جي آڌار تي اسان جيڪب آباد شهر ۾ 27 مارچ تي 12 وڳي ڏينهن جو مظاهري جو اعلان ڪيو آهي، ان ۾ توهان شرڪت ڪريو ۽ دوستن کي شرڪت ڪرايو.
    سڄو ڏيهه ڏاٽا، ڪري جي اُڀا،
    سوين عيد جا چنڊ اُڀري پون!
    چنڊ جي شڪل ڏاٽي جهڙي آهي، اياز جو ٻيو شعر آهي ته:
    مون چيو مينديءَ کيت کي، اُٿي ڦُٽي پئو،
    مون کي گُهرجن، سئو ميندي رتا هٿڙا!
    انسان ايندو پنهنجي عظمت ۽ وقار لاءِ آهي، ماني لاءِ نه، جيئن بنگلاديش جو مثال آهي ته ڪالهه اسان گڏ هُئاسين، ان وقت ۾ بنگالي 52 سيڪڙو هئا، اسان 48 سيڪڙو هُئاسين، اڄ اسان 17 ڪروڙ آهيون، هينئر ڪو به بنگال ۾ ماڻهو اڻ پڙهيل نه آهي شڪارپور، جيڪب آباد ۾ معصوم ٻار گڏهه گاڏا پيا هلائين، بنگلاديش ۾ منع آهي ته ڪنهن به ٻار کي جسماني پورهئي تي نه لڳايو، انهن کي پڙهايو، اڌ خرچ والدين ڀريندو، اڌ گورنمينٽ ڀريندي.
    هتي حالت اها آهي جو هرڪو ماڻهو پارٽي ٺاهي پاڻ کي پارٽيءَ جو صدر سڏائي ٿو، مون چيو آصف زرداري لکيو ئي ڪو نهي ته، هو پ پ پ جو صدر آهي صدر ته هاڻي پارٽي جا به گهڻا آهن، امير ڀنڀرو صدر ٿيو ويٺو آهي، سنڌ ۾ پارٽين جا ايترا چيئرمين آهن، اوترا سڄي دنيا ۾ ڪونهي.
    بهرحال نهرو هڪ دفعي ڪٿي ويو هو ڏڪار سٽيل علائقي ۾ هيلي ڪاپٽر مان جتي لٿو ته لکين ماڻهو گڏ ٿي ويا، عورتون، ٻار، ٻارن جا پيٽ سُڪا پيا هُجن، عورتن جون ساڙهيون ڦاٽل هُجن، مردن جون لانگوٽيون ڦاٽيون پيون هُجن، هي جيئن لٿو ته هنن نعرا هنيا، ”نهرو ڪي جئي هو“ اهي نعرا ٻڌي هي روئي پيو، ۽ چيائين ته توهان عجيب مخلوق آهيو، جيڪو وزيراعظم اوهان کي ٻن وقتن جي ماني نٿو ڏئي سگهي، ان کي ته ڀتر هڻو، توهان ان لاءِ ”جئي جئي“ جو نعرو ڇو ٿا هڻو، ۽ اسان وارا جيڪڏهن ماڻهو بک مرندا تڏهن به چوندا جمهوريت حڪمران ڪري چونڊيون ٿا، ٺيڪ آهي توهان جي ڪشمور مان به اوهان جو ماڻهو چونڊجي ويو، اهو ڪالهه جي. ايم سيد جي قبر کي سجدو ڪندو هو، مون پاڻ پنهنجي گنهگار اکين سان ڏٺو آهي، جنهن ڏينهن سجدو ڪيائين، مون چيو منافقي ٿو ڪري، اڳتي هلي ڇڏي ويندو.
    ڇا جيڪي ماڻهو چون ٿا پارليامينٽ ۾ وڃي سنڌ جا حق وٺنداسين، اُهي ڪامياب ويندا؟ پارليامينٽ ۾ بنگلاديش 162 ماڻهو موڪليا ۽ نوَ مهينن اندر ٽيهه لک ماڻهو ماري ڇڏيائون. هي سڀ شوشا آهن، توهان کي جدوجهد ڪرڻي پوندي، جدوجهد جا ڪيئي طريقا آهن.
    ”سڄو ڏيهه ڏاٽا ڪري جي اُڀا“
    مون کي ياد آهي ته ڪنڌڪوٽ ۾ جڏهن سائين جي. ايم سيد آيو هو ته، اپر سنڌ ۾ رواج آهي ته آجيان ۾ فائرنگ ڪندا آهن، جيئن فائرنگ شروع ٿي ته سائين ناراض ٿي ويو چيائين ته، آءٌ تقرير نه ڪندس، سائين جو خاص پيارو ماڻهو چاچو حفيظ قريشي هو، ان کي مون موڪليو ويو ته توهان سائينءَ کي راضي ڪريو، سائين کي چيائين ته ڳالهه آزادي جي ڪرين ٿو ته پوءِ گولڙي ٻولڙي ته هلندي نه، جنهن تي سائينءَ چيو ته نه هلندي ڪا گولڙي ٻولڙي، نه هلندي گولڙي، قومن جي ٻولڙي هلندي، چيائين ڪيئن، جيئن هاڻي ڊاڪٽر مير عالم مري چيو ته، سڀئي سنڌي اُٿي چون ته هفتي ۾ آءٌ اوهان کي آزادي وٺي ڏيندس، چار ڪروڙ سنڌي اُٿي روڊن تي نڪري، ڳاڙها جهنڊا کڻي چون ته اسان کي آزادي کپي، ته توهان کي هفتي ۾ آزادي ملي ويندي.
    مسئلو اهو آهي ته جيترا هٿ آهن اوتريون بندوقون به هُجن، توهان جي ڪنڌڪوٽ ۾ الائي ڪيترا بندوقن جا دڪان آهن، اهي هٿيار به ڪارو ڪاري لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا، پر دشمن جي لاءِ نه، سنڌ جي ويريءَ لاءِ نه، ۽ ٻه چار باڊي گارڊ ويگو گاڏيءَ ۾، سردار پٽڪو ٻڌي ويٺو هوندو آهي، گاڏي جڏهن بازار مان گذرندي آهي ته ماڻهو هٽي پاسو ڪندا آهن.
    اسان وٽ جيڪو سرداري نظام آهي، اهو ڪنهن قائم ڪيو، ڇا رسول الله قائم ڪيو؟ ڇا مهاراجا ڏاهر قائم ڪيو؟ ڇا اهو شهيد الهه بخش سومري قائم ڪيو؟ اهو انگريزن قائم ڪيو آهي، انگريزن ان لاءِ قائم ڪيو ته هي اسان جا وفادار ٿي رائلٽيون وٺن. توهان جا هي ٻه ٽي ضلعا مرحوم ٿي ويا آهن، اسان جو ٿرپارڪر ضلعو به مرحوم ٿي ويو آهي.
    جيڪب آباد-ڪشمور، ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعا ٺهي ويا آهن. بهرحال! اها سٺي ڳالهه آهي، آءٌ ان جي مخالفت ڪونه ٿو ڪريان، ڇو ته انگريزن وڏا ضلعا ان ڪري ٺاهيا هُئا ته ان مهل بيورو ڪريسي گهٽ هُئي، هن مهل اسان وٽ بيورو ڪريسي ڪرپٽ انگريزن کان وڌيڪ آهي، هي علائقو ڪنهن وقت انگريزن جي خلاف بغاوت جو مرڪز هو، انگريزن نه پر ارغونن جي دور کان وٺي مرڪز رهيو آهي.
    اسان جو دوست آهي منصور مزاري، ان جي ڳوٺ جي ڀرسان ماڇڪو آهي، اتي جو ناگاساڪي يونانين ذڪر ڪيو آهي، جنهن کي پوءِ سنڌين راڻو خان ماڇي سڏيو آهي، اهو سڪندر يونانيءَ سان وڙهيو هو، جنهن کي پوءِ سڪندر يوناني ڦاسي ڏني، اهو انهيءَ علائقي جو هو. بهرحال! سنڌ ۾ اهڙي قسم جا ڪردار رهيا آهن، تن جي ڪري سنڌ اڄ ڏينهن تائين سلامت آهي. ڪو ڪجهه به ڪري سنڌ سلامت رهڻي آهي ۽ اياز چيو آهي ته:
    هي پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ،
    پر سنڌ اياز نه مرڻي آ.
    پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آهي، باقي سنڌ ڪونه مرندي، سنڌ جي ماءُ جي ڪُک جيستائين سائي ٿيندي رهندي، تيستائين سنڌ زندهه رهندي، توهان جي مهرباني، لک لائق.

    (گڊو ۾ ڪيل صدارتي خطاب)


    مضمون

    قومي ثقافت

    انقلابي تحريڪن جي تاريخ جي هڪ وڏي ماهر جو چوڻ آهي ته: ’ثقافت تاريخ جو ٿلُ‘ آهي، ان جو مطلب هي ٿيو ته جنهن ملڪ ۾ تاريخ جي جهڙي رفتار رهي هوندي، پيداواري ذريعن جي ڪيفيت هوندي، انساني سڀاءَ ۽ ان تي جاگرافيائي ماحول جيڪو اثر وڌو هوندو، قبيلائي دور، جاگيرداري دور ۽ آخر ۾ بيٺڪي سرشتي جي جيڪا حالت رهندي آئي هوندي، تنهن جو اندازو ان ملڪ جي قومي ثقافت جي ڌار ڌار شاخن کي ڏسي لڳائي سگهجي ٿو، قومي تحريڪ، آزاديءَ جي ثقافت جي ڪردار ۽ ان جي استعمال جي ڍنگ کان اڳ ۾ ڏسڻو هي آهي ته ثقافت آهي ڇا؟ منهنجي خيال ۾ انساني محسوسات ۽ معلومات جي خارجي اظهار ۽ اعلان جو نالو ثقافت آهي، ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته، ڪنهن قوم جي مادي ۽ روحاني ڪوششن جي ظهور ۽ مادياتي ۽ روحاني سانچي ۾ ڍلجڻ جو نالو ثقافت آهي، تاريخ جي هر دور ۾ انساني ذهن پنهنجي چؤگرد پکڙيل وسيع ڪائنات، خوبصورت فطرت جي پيدا ڪيل معاشي، معاشرتي ۽ سياسي ماحول مان جو ڪجهه ۽ ان کي پنهنجي ڍنگ رنگ سان ظاهر ڪيو، تنهن کي ثقافت چئي سگهجي ٿو، انسان جي پيدائشن ۽ اوسر سان گڏ جنهن شيءِ جو آغاز ۽ شروعات ٿئي، سا ثقافت ئي آهي ۽ ڪائنات ۾ صرف ثقافتي ورثو ئي اهڙي وٿ آهي، جنهن جي عمر ڌرتي ۽ انسان جي برابر آهي. زندگيءَ جي ڊگهي، ڏکئي ۽ اڙانگي سفر ۾ انساني قافلو ڪهڙين کڏن ۽ کوپن ۾ ڪِريو ۽ ڪهڙين ڌٻڻين ۾ ڦاٿو؟ ڪهڙن ڏکين جبلن جي چوٽين تي چڙهيو ۽ انهيءَ پوري عرصي ۾ هن پنهنجي سفر نامي ۾ هن قلم نه پر عمل سان هن ڌرتيءَ يا پنهنجي مخصوص وطن تي چٽيو، لکيو ۽ ظاهر ڪيو آهي. انهيءَ سفر نامي ۾ ڏک ۽ ڏاکڙا، ٽهڪ ۽ مرڪ، لڙڪ ۽ سڏڪا، خوشيون ۽ غميون، محبتون ۽ نفرتون، فتحون ۽ شڪستون، پيار ۽ پڇتاءُ، بزدلي ۽ بهادري، همت ۽ سستي هڪ ڪهاڻيءَ جا ڪردار بڻجي وڃن ٿا، ۽ پوءِ اها ڪهاڻي ڪڏهن شاعري، ڪڏهن موسيقي، ڪڏهن مصوري، ڪڏهن سنگتراشي، ڪڏهن لباس، ڪڏهن پهاڪن، ڳجهارتن، ڳاهن، هلت چلت، شادي مرادي، ميل ميلاپ، لوڪ گيتن، سازن باسڻن جي صورت ۾ هر ويندڙ نسل ۽ ايندڙ نسل لاءِ يادگار ۽ ورثو ڪري ڇڏي ويندو آهي. هيءَ ڳالهه ظاهر آهي ته ايندڙ نسل کي وقت، ماحول، حالتون ۽ تاريخي رفتار ويندڙ نسل کان ڌار ۽ جدا ملنديون آهن، ان ڪري هو پنهنجي اڳئين نسل جي يادگار ۽ ورثي ۾ تبديليون ۽ ترميمون، اضافا ۽ گهٽتايون ڪندو، ڪجهه پنهنجون ايجادون، پنهنجا ڏک ۽ سک جيڪي گذريل نسل کان بهرحال مختلف هوندا آهن، سي ملائيندو، ثقافت جي سلسلي ۾ زنجير کي اڳتي وڌائيندو ويندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو ثقافت لاءِ چيو ويندو آهي ته ثقافت وهندڙ درياهه وانگر آهي، جنهن ۾ روز نوان اضافا ۽ واڌارا ٿيندا پيا اچن، ظاهر آهي ته انسان پنهنجي پيدائش کان وٺي هڪ جاءِ تي نه بيٺو ته ان جي محسوسات جي عملي روپ ۾ تبديلي اچڻ ضروري آهي، ۽ ان کي به درياهه وانگر وهندڙ ئي رهڻ گهرجي. ثقافت لاءِ هڪ ٻيو لفظ ڪتب آندو ويندو آهي، جيڪو آهي ”تهذيب“ سنڌ جي عظيم مفڪر محترم سائين جي. ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ڪلچر“ ۾ (تهذيب) لفظ کي ثقافت ۽ ڪلچر جو پورو مفهوم ادا ڪرڻ کان قاصر ٻڌايو آهي. جناب سيد جي تحقيق منهنجي لاءِ حرفِ آخر آهي، تاهم جنهن به ماڻهو ثقافت لاءِ (تهذيب) لفظ استعمال ڪيو آهي، تنهن جي سمجهه ۽ سياڻپ کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي، ڇو ته تهذيب جي معنيٰ آهي وڻ مان بيڪار، سُڪل ۽ بي ترتيب ٽاريون وڍي، ڇانگي، صاف ڪري سهڻي بيهڪ ڏيڻ، جيئن ڏسندڙ لاءِ ان ۾ هڪ قسم جي دلڪشي پيدا ٿئي ۽ زمين جي پاڻياٺ بيڪار ٽارين جي ضايع ٿيڻ کان بچي، وڻ جي وڍڻ جو سبب بڻجي، انهيءَ لفظ جي مفهوم مطابق، انسان ۾ پنهنجي حالتن کي تبديل ڪرڻ، انهن کي بهتر ڪرڻ ۽ خوبصورت بنائڻ، غلط بيڪار، فرسوده ڳالهين، روايتن ۽ رسمن کان پنهنجي ماحول ۽ معاشري کي پاڪ ڪرڻ جي تڙپ ۽ تات دوران جيڪا ثقافت (تهذيب) تخليق ٿيندي رهندي آهي، سا پنهنجي دور وقت ۽ حالتن مطابق جاندار، بهتر ۽ خوبصورت ٿيندي آهي، ايندڙ نسل کي ان ۾ ڪي ڳالهيون، ريتون، رسمون بيڪار ۽ نقصانڪار لڳنديون آهن، ۽ هُو اُنهن ۾ سُڌارا ۽ اصلاحون ڪندو آهي، اهڙي ريت جُڳن گذرڻ کان پوءِ ڪنهن خطي جا ماڻهو هڪ قومي ثقافت تخليق ڪندا آهن ۽ سندن جاکوڙ، جفاڪشي ۽ خيالن جي جهلڪ ان ثقافت ۾ نظر ايندي آهي. فطرت جو قانون آهي ته، انسان پنهنجي محنت ۽ مشقت سان جيڪا شيءِ تخليق ڪندو آهي، سا کيس بيحد پياري ۽ عزيز هوندي آهي، هُو ان جي هڪ ذري تان به دستبردار ٿيڻ لاءِ ڪنهن به صورت ۾ تيار نه ٿيندو آهي.


    قومي تحريڪ ۽ سائين جي ايم سيد

    سنڌ ۾ عام طرح اهو چيو ويندو آهي ته، جي. ايم سيد جي شروع ڪيل قومي تحريڪ نتيجا ڏئي نه سگهي آهي. سڀ کان پهرين اهو سمجهڻ ضروري آهي، ته قومي تحريڪ صرف سياسي نظام تبديل ڪرڻ جو نالو ناهي، پر ان جو هڪ ذريعو آهي. مجموعي طرح قومي تحريڪ سموري سماج جي مزاج جي تبديليءَ جو نالو آهي، ان نقطه نظر سان جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته، سنڌ جهڙي پٺتي پيل ۽ صدين جي غلاميءَ واري هيراڪ سماج ۾ سياسي، سماجي ۽ ثقافتي تبديلي آڻڻ ۾ سائين جي. ايم سيد انتهائي ڪامياب ويو آهي.
    ان سلسلي ۾ سڀ کان پهرين اسان ”سياسي تبديليءَ“ کي ڏسنداسين؛ تاريخ ۾ اهو ماڻهو ئي عظيم ماڻهو تسليم ڪيو ويندو آهي، جيڪو سياست جي مزاج کي تبديل ڪري. مثال طور: سنڌ ۾ عام طور انگريز دور کان وٺي سياسي مزاج اهو رهيو آهي ته ڪنهن به طريقي سان عهدو، مرتبو ۽ پئسو حاصل ڪجي، ۽ ان لاءِ جيڪڏهن عزت نفس، قومي وقار ۽ سماجي نظام داءَ تي لڳائجي ته به پرواهه ناهي، ۽ سنڌ اڄ ڏينهن تائين جيڪي به ڏُک ڏٺا ۽ جيڪي به تڪليفون برداشت ڪيون، تن جو ڪارڻ به اهو سياسي نظام رهيو آهي. ان ڏس ۾ سائين جي. ايم سيد پهريون ماڻهو هو، جنهن ننڍپڻ کان وٺي اهڙي نظام سان ٺاهه ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ۽ قومي ناموس ۽ وقار کي هر حال ۾ پنهنجيءَ ذات کان بُلند رکيو. اڃا ڪالهوڪي ڳالهه آهي ته، ٻهراڙيءَ جو هڪ هڪ پوڙهو ماڻهو، مون سان ڪچهري ڪندي اهو چئي رهيو هو ته: ”اڄ جي دور ۾ ماڻهو پٽيوالي جي ڪُرسي به ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن، پر سيد واحد ماڻهو هو، جنهن وزارت کي لت هڻي استعيفيٰ ڏئي، ماڻهن جي ڪم ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيٺو. اُن ئي دور ۾ هن سموريءَ سنڌ جو گشت ڪيو ۽ ماڻهن جي بگڙيل حالتن جو اکين سان مشاهدو ٿيو.“
    سيد جي انهيءَ قدم، اڄ تائين لکين نوجوان مرد ۽ عورتون تيار ڪيون آهن، جن جو نعرو آهي ته: ”اسان کي حڪومتي ڪُرسي نه، پر سنڌي ماڻهن جي سَرسي گهرجي.“ سائين جي. ايم سيد کي خاص ڪري اقتداري سياست کان ان وقت شديد نفرت پيدا ٿي، جڏهن بنگال جي کٽيل اڪثريت کي هتان جي حڪمرانن ٿُڏي، هڪ ننڍيءَ پارٽيءَ کي اقتدار تي ويهاريو، ان جو ئي نتيجو آهي، جو اڄ ڏينهن تائين پاڪستان ۾ سياسي استحڪام اچي نه سگهيو آهي.
    اهڙيءَ ريت ”سماجي تبديليءَ“ جي شروعات به سائين جي. ايم سيد ڪئي هُئي، جنهن سنڌ مان ذات پات، نسل پرستيءَ ۽ قبيلائي جي پاڙ پٽڻ جي ڪوشش ڪئي، انهيءَ عمل جيتوڻيڪ انهيءَ وقت يا سندس زندگيءَ ۾ گهربل نتيجا نه ڏنا، پر اڄ سيد جي انهيءَ عمل، سنڌ ۾ سماجي تبديليءَ جي هڪ وڏي لهر پيدا ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ کان وٺي امر سنڌوءَ تائين مرد ۽ عورتون شامل آهن. سماج ۾ ”ذهني ۽ روحاني تبديلي“ ئي هوندي آهي، جيڪا اڳتي هلي سماج ۾ ”مادي تبديلي“ جو ڪارڻ بڻبي آهي. حقيقت ۾ عظيم انسان ئي عظيم ڪم جي شروعات ڪندا آهن. اِها شروعات ڪن بهتر نتيجن لاءِ ئي هوندي آهي، پر اهو ضروري ناهي ته اُهي بهتر نتيجا ترت ظاهر ٿين. حقيقت ۾ سياستدان رواجي معنيٰ ۾ ايندڙ اليڪشن لاءِ سوچيندو آهي، پر عظيم ۽ مفڪر انسان ايندڙ نسلن لاءِ، صدين جي سڌاري لاءِ پنهنجي سوچ جي پيڙهه جا پٿر رکندا آهن. حقيقت ۾ جي. ايم. سيد اهڙو ئي عظيم انسان هو.
    ڏٺو وڃي ٿو ته سنڌ ۾ ’ثقافتي تبديليءَ‘ جو آغاز به سائين جي. ايم. سيد ڪيو. ثقافتي تبديلين دوران ماڻهن جا نالا، ماڻهن جا لباس، سندن اُٿڻي ويهڻي، ۽ اُهي ماڻهو جيڪي قوم تي مشتمل آهن، تن جي ٻولي ۽ ادب کي قومي لباس يا قومي رنگ ۽ ڍنگ ڏيڻ اچي ٿو. انهيءَ نقطه نظر سان اسين سنڌ ۾ ڏسنداسين ته جتي اڳي نالن ۽ ذاتين جي سلسلي ۾ غير ملڪيءَ ڌارينءَ تهذيب تي زور ڏنو ويندو هو. اُتي سيد جي تحريڪ سان مردن توڙي عورتن جا نج سنڌي نالا رکڻ ۽ ذاتين جي سنڌي اصليت اختيار ڪرڻ تي فخر محسوس ٿيڻ لڳو. جيئن ته سنڌ ۾ اڳي ڪلهوڙا پاڻ کي عباسي سڏائي، پنهنجي نسبت عربن سان ملائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا، پر اُهي عباسي اڄ ڪلهوڙا سڏائيندي فخر محسوس ڪن ٿا. اڳي جتي مردن جا نالا خالد ۽ طارق وغيره ۽ عورتن جا نالا نرگس ۽ ثمينا وغيره رکيا ويندا هُئا، اُتي اُن جي جاءِ تي اڄڪلهه عورتن جا نالا مارئي، سسئي، سومل، بختاور، سورٺ، سهڻي، پرهه، مرڪ ۽ سون ٻائي رکيا وڃن ٿا ۽ مردن جا نالا سارنگ، دودو، هوشو، هيمون، ڏاهر، دريا خان ۽ روپلو رکيا وڃن ٿا.
    ”سنڌي ادب“ جي ڏس ۾ به سيد جي ڪوشش ۽ پرچار سان سنڌ ۾ شاعريءَ کان وٺي ڊرامي نگاريءَ تائين ايڏي شاندار تبديلي آئي آهي، جو اڄ پوري برصغير ۾ شيخ اياز، نياز همايوني، نارائڻ شيام، استاد بخاري ۽ تنوير عباسيءَ جهڙن وطن ۽ عوام سان واڳيل شاعرن جي شاعري ايڏو وڏو مقام حاصل ڪري چڪي آهي، جهڙو مقام شايد چليءَ جي شاعر پئبلونرودا کي به حاصل نه ٿيو هُجي! مون کي پئبلونرودا جي آتم ڪٿا پڙهندي، ان وقت حيرت ٿي، جڏهن سندن هيٺين جملن تي نظر پئي: ”بيشڪ اسان کي اسپين غلام بڻايو، اسان جي کاڻين مان ڪاري سون جهڙو ڪوئلو ٻُهاري ويا، پر ان جي عيوض اسان کي اسپيني ٻوليءَ جهڙي شاندار ٻولي ڏئي ويا.“ اُن وقت مون پنهنجي ڊائريءَ ۾ دنيا جي نوبل يافته شاعر جا اِهي جملا لکي، انهن جي هيٺيان لکيو ته:
    ”هي عجيب شاعر آهي، جيڪو لاطيني آمريڪا جي ملڪ چليءَ ۾ رهندي، غير ملڪي ٻوليءَ جي تعريف ٿو ڪري، پر اياز ته ڪٿي به نه لکيو آهي ته، ايرانين ۽ عربن اسان کي عربي ۽ فارسيءَ جهڙيون شاندار ورثو رکندڙ ٻوليون ڏنيون. پر جڏهن اياز کان مون پڇيو هو ته: ”سائين! توهان انگريزيءَ جهڙي وڏي زبان ۾ شاعري ڪريو ها ته توهان کي نوبل پرائيز ملي ها ته هن مون کي وراڻيو هو ته: ”ٻوليون ننڍيون ۽ وڏيون سياسي اقتدار ۽ اختيار جي بنياد تي نه ٿينديون آهن، پر اُهي پنهنجي اظهار جي قوت سبب ننڍيون ۽ وڏيون ٿينديون آهن. عظيم شاعرن جي هڪڙي اها به نشاني ليکي وئي آهي ته هُنن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيترا لفظ استعمال ڪيا آهن ۽ ان ۾ يقيناً وڏي ٻوليءَ جي شاعر شئڪسپيئر کان ته پنهنجي سنڌي شاعريءَ ۾ شاهه لطيف وڌيڪ لفظ استعمال ڪيا آهن.
    ”ڀلا آهي ڪا اهڙي ٻولي، جنهن ۾ صرف اٺ يا 16 کان مٿي نالا هجن يا کجور جي پيدائش کان فصل لهڻ تائين مختلف مرحلن جا 350 کان مٿي نالا هجن. اها يقيناً سنڌي ٻولي ئي آهي. انگريزيءَ ۾ ته ڪلارڪ ايترو لکندا آهن، جو سندن آڱرين جو رَتُ سُڪي ويندو آهي، پر انهيءَ ۾ ڪا هڪ سٽ منهنجي شاعريءَ جي هڪ جملي جو مقابلو ڪري سگهي ٿي؟ ڀلا تو سنڌ ۾ ٻهراڙيءَ جي اڻ پڙهيل ماڻهوءَ کان منهنجي شاعريءَ جي ڪا سِٽ ٻڌي آهي؟“ مون ان تي کيس عرض ڪيو ته، سائين! منهنجي گهر واريءَ اڻ پڙهيل آهي، پر هُن کي توهان جي شاعريءَ جون ڪيتريون سٽون ياد آهن. انهيءَ تي مرڪي چيائين ته: ”مون کي نوبل پرائيز ملڻ کان اها ڳالهه وڌيڪ پسند آهي ته ٻهراڙيءَ جا ماڻهو منهنجي شاعري ياد ڪن. ياد رک، اُهو ئي شاعر صدين تي حاوي ٿي ويندو آهي، جنهن جي شاعري عوام ۾ مقبول هوندي آهي. ڀٽ ڌڻيءَ کي ايندڙ ڪيترين صدين تائين زندهه رهڻو پوندو. اِهو صرف ان ڪري ته ڪڇ ۽ ٿر ۾ ڀٽ ڌڻيءَ جا حافظ موجود آهن.“
    اهڙيءَ ريت ناول جي ميدان ۾ اسين رڳو ويجهي ماضيءَ کي ڏسون ٿا ته سراج ميمڻ، آغا سليم، غلام نبي مغل، گوبند مالهي، ڪرشن کٽواڻي ۽ موهن ڪلپنا اهڙا ناول تخليق ڪيا آهن، جيڪي سنڌ ۽ سنڌين جي روح جي پاتال ۾ پئجي ويا آهن.
    ٻئي طرف اسان جي گهرن جي اڏاوت ۽ لباس جي انفراديت اڄ سوڌي برقرار رکي آهي، اهو سڀ ڪجهه اسان جي ”قومي تحريڪ“ جي حاصلات آهي.
    108065 ريلڊن ۽ انهن مان نڪرندڙ تيل جي پيداوار جا سرڪاري انگ اکر سيپٽمبر 2006ع ۾ جاري ڪيل رپورٽ موجب هن ريت هزار آمريڪي ڊالر ٿئي ٿو. هڪ ڀيري ڪراچيءَ ۾ ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل ۾ مون ڳالهائيندي سائين جي. ايم. سيد، سردار عطاءُ الله مينگل ۽ محمود خان اچڪزئيءَ جي موجودگيءَ ۾ چيو هو ته:
    قومي تحريڪ نه رڳو ڪلچر ۾ تبديلي آڻيندي آهي، پر مذهبي ۽ قبيلائي جهيڙا به ختم ڪرائيندي آهي. ان جو مثال ڏيندي مون چيو هو ته، برصغير ۾ عطاءُ الله شاهه بخاري ڪٽر سُني هو، پر هُن جي پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري مظهر علي ’اظهر‘ ڪٽر شيعو هو. اهڙيءَ ريت اِها قومي تحريڪ ئي آهي، جنهن بلوچ ۽ پٺاڻ جو فرق ختم ڪري محمود خان اچڪزئيءَ ۽ عطاءُ الله مينگل کي هڪڙيءَ ئي ٽيبل تي ويهاريو آهي.
    قومي تحريڪ، جنهن طريقي سان سائين جي. ايم. سيد هلائي، ان سان ”لساني تفرقا“ به گهٽجڻ شروع ٿيا، ان جو مثال اِهو آهي ته ون يونٽ خلاف اڪثر گڏجاڻيون اردو ڳالهائيندڙ نواب زاهد علي خان جي بنگلي تي ٿينديون هُيون، اُن ويجهڙائيءَ ۾ ان وقت کان وٺي اڄ تائين واڌارو ٿيندو پيو وڃي، پر ڪي ڌڻيءَ ڌڪيا سيد جي انهن ڪوششن کي مليا ميٽ ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن، جيڪي ڪوششون صرف ۽ صرف تعصب تي ٻڌل آهن. تعصب هڪ منفي جذبو آهي، جڏهن ته سيد جون ڪوششون، سنڌ ۽ سنڌ واسين سان محبت جو مثبت جذبو آهن، مثبت جذبو بڙ جي گهاٽي ڇانوَ ٿيندو، اهڙو منهنجو راسخ يقين آهي.


    انٽرويو

    هڪ يادگار محفل

    شام جي پهر ۾ سج آخري پساهه کڻي لهي رهيو هو ته، حيدرآباد ۾ هڪ جڳهه تي ويٺل نوجوانن جي هجوم مان هڪ نوجوان خاموشي ٽوڙيندي سوال ڪيو ته: ”سائين! آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهڙو دڳ آهي؟
    سگريٽ جو ڪش هڻي، هوا ۾ دونهون اُڏاريندي عبدالواحد آريسر نوجوان کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته: آزادي وٺڻي آهي؟
    نوجوان: ها آزادي وٺڻي آهي.
    آريسر: جنهن کي آزادي وٺڻي هوندي، اُهي ڪو نه ڪو رستو ڳولي ڪڍندا، جيڪي آزاديءَ کي منزل سمجهن ٿا، اُهي حالتن آهر رستا ٺاهي سگهن ٿا. هڪڙو مقرر طريقو ڪونهي، قوم آزادي پسندن سان گڏ آهي؟ بينظير ڀٽو مارجي وئي ۽ جيڪي حالتون پيدا ٿيون، ان تي نواب خير بخش مريءَ چيو هو ته: سنڌين وٽ رڳو ماچيس جي تيلي هئي، بم ۽ بارود ڪونه هئا، انهن ٽن ڏينهن لاءِ سنڌ کي سموري پاڪستان کان ڪٽي ڇڏيو، گانڌي جي اشارو ڪندو هو ته اڄ هندستان بند ٿي وڃي ۽ ماڪوڙي به نه چُري، ان جي لاءِ هن وٽ ماچيس جي تيلي به نه هئي، رڳو زبان هئي، جنهن سان هندستان بند ٿي ويندو هو، هندستان ۾ اڄ ڏينهن تائين مارشل لا ڇو نه آئي آهي، ڇو ته هندستان انهن هٿيارن کي آزاديءَ جي جنگ ۾ بي اثر بڻائي ڇڏيو، هٿيارن کان سواءِ به آزادي وٺي سگهجي ٿي، جيڪي ماڻهو ويڙهه جي ڳالهه ڪن ٿا، انهن لاءِ عرض ته وڙهندي بندوق ناهي، وڙهندو هٿ آهي. اسان وٽ هتي نوابشاهه ۾ سما رهن ٿا، بدين ۽ ميرپور خاص کان وٺي نوابشاهه تائين، هٿيارن جا انهن وٽ دڪان آهن، جيڪڏهن اُهي هٿيار آزادي وٺن ته سمن جا ڊيپو ڀريا پيا آهن، ته وڙهندو هٿ آهي هٿ! اياز جو شعر آهي ته:
    ”مون چيو مينديءَ کيت کي اٿي ڦُٽي پئو،
    مون کي گهرجن، سئو مينديءَ رتا هٿڙا“
    نوجوان: سائين! مون ويڙهه جي ڳالهه ناهي ڪئي، منهنجو چوڻ آهي ته هلو ٺيڪ آ ويڙهه کي ڇڏي ڏيون، پر مون کي جيڪو سوال مُنجهائي ٿو، اهو ته سائين جي. ايم. سيد جو طريقو به آهي، مثال طور بشير قريشي ڪراچيءَ ۾ هڪڙي ڀيري پنج لک ماڻهو گڏ ڪيا، وري ٻئي ڀيري ڏهه لک گڏ ڪيائين يا وري پنجن سالن کان پوءِ اهو ڏينهن ايندو، ۽ اسان اڌ ڪلاڪ لاءِ مارچ ڪري هڪڙي تقرير ڪري، وري پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿي وينداسين، اهو آخر ڪيستائين! ڪو ته لائحه عمل هوندو، ته آخر انهن ماڻهن کان ڪهڙو ڪم وٺڻو آهي ته جيئن آزاديءَ ڏانهن ويجها ٿيون.
    آريسر: مان توهان کي ٻڌايان ته بنگلاديش ۾ ضياءُ الرحمان جي مارشل لا کي بنگالين رڳو هڙتال جي ذريعي ختم ڪرايو، هڙتال ڪريو ٻه ڏينهن، چار ڏينهن، هفتو، مسلسل هڙتال ڪريو، اهو سلسلو هلندو رهيو، پوءِ وري ماڻهن دانهون ڪيون ته سائين هفتي جي هڙتال سبب اسين بک ٿا مرون، پوءِ چيائون ته هفتي ۾ هڪڙو دفعو ڪاروبار بند رکو اهو آسان هو، نتيجي طور چيائون ته رڳو اڌ ڏينهن هڙتال ڪريو، اڌ ڏينهن توهان ڀلي ڪمايو، اهڙي جدوجهد کان پوءِ ضياءَ ۽ ان جو ٽولو ويو ۽ مجيب الرحمان جي ڌيءَ وزيراعظم ٿي وئي، ۽ روس ۾ جيڪو ڪميونسٽ انقلاب آيو، اهو ڪو گوريلا جنگ جي ڪري ڪو نه آيو، اهو هڙتالن وسيلي آيو، گوريلا جنگ به ٿي، پر ان انقلاب کي بچائڻ جي لاءِ قيادت طريقا استعمال ڪيا، اهي سرمائيدار هئا، انهن سازشون ڪري انقلاب کي ناڪام بڻائڻ ٿي چاهيو، انهن جي خلاف هو وڙهيا، هارين ۽ ٻين پورهيتن حصو ورتو، آرمي جيڪا زار جي هئي، ان جي سپاهين جو ٺٺ ٿي ويو، زار قتل ٿي ويو، معنيٰ ڇڏي اقتدار ڀڳو پئي، روس ۾ هڪ ندي وهي ٿي، ان جي ڪناري تي پهتو، جتي انقلابي پهچي ويا، جن کيس ماريو، اهو به ان ڪري، ته هي ٻاهرين ملڪ ۾ ويهي، وري سازشون ڪندو.
    نوجوان: روس ۾ ته انڊسٽريل جيڪو مزدور هو، اهو لينن جي پارٽي جو ڪم ڪندو هو، اهو سڄو رشين هو ۽ اوهان جنهن انقلاب جي ڳالهه ڪئي، اهو انقلاب ڪنهن هڪڙي قوم جو ڪو نه هو.
    آريسر: چين ۾ مزدور هو، چين ۾ ڪارخانا گهڻا هئا، چين ۾ ته هارين انقلاب آندو، هاڻي اسين سنڌ جي باباءِ قوم جي ورسي ملهايون ٿا، جنهن ڀُٽن کان اڳ ۾ هاري حقدار جو نعرو هنيو هو، آءٌ خود حيدر بخش جتوئي جي جنازي ۾ شريڪ هُئس، بلوچستان کان نواب خير بخش مري آيو، عطاءُ الله خان مينگل آيو ۽ سائين جي. ايم. سيد شريڪ هو، ۽ سنڌي ماڻهو اُهي هاري ناري جن لاءِ هُو وڙهيو، سندس جنازي جي نماز ۾ هڪ سئو پنجاهه کان وڌيڪ ماڻهو ڪونه هئا، ۽ هينئر به ورسي تي توهان وڃي 21 مئي تي ماڻهو پنج سئو به ڪونه ٿيندا، ڇو ته ان جي تحريڪ کي خانداني ميراث بڻايو ويو، ۽ اڄڪلهه حيدر بخش جتوئي جو پوٽو ان جي پارٽيءَ جو ليڊر آهي. مون لکيو آهي ته، عجيب ڳالهه آهي، حيدر بخش ته ڊپٽي ڪليڪٽر جهڙي نوڪري ڇڏي، اچي ريل گاڏين ۾ چڙهي پمفليٽ ورهايا ۽ تقريرون ڪندو هو، هتي توهان ان جي جدوجهد کي ورثو بڻائي ڇڏيو آهي.
    نوجوان: توهان حيدر بخش جتوئي جو مثال ڏنو، مون اها ڳالهه ڪئي ته سوويت جو يا جيڪو رشيا جو مزدور هو، ان جيڪو انقلاب برپا ڪيو، اسٽرائيڪ جي ٿرو، پر اها اسٽرائيڪ جيڪا هئي، اتي جي انڊسٽريز جي لاءِ هئي، معنيٰ اتي جيڪو ڪارخانو پئي هليو، اتي جو اهو مزدور هو، معنيٰ اتي مقامي اسٽرگل هئي، ان جي بنياد تي اتي جي شهر جي معاشيات جي هئي، ان تي قابض هئا، هتي اسان وٽ اسان جو مزدور جهڙو آهي.
    آريسر: توهان رڳو روس کي نه ڏسو، گهڻيون مسلم رياستون هيون، جتي ڪارخانا هئا ئي ڪونه، بخارا، آذربائيجان، تاشقند ۽ تاجڪستان، اُنهن ۾ ڪارخانا هئا ئي ڪونه، اهي ماڻهو جيڪي مدرسن مان کٿابي ٿي نڪري، انقلابين سان گڏ ٿي ويا، يا چين ۾ ڪارخانا هئا ئي ڪونه، ماڻهو سڀ آفيم کايو سُتا پيا هوندا هئا، دنيا ۾ چينين کي سڏبو ئي آفيمي قوم هو، مسئلو اهو آهي ته يعني توهان گهڻو ڪري ان نقطي تي زور ڏيڻ چاهيو ٿا ته:
    ”آزادي جو هڪڙو ئي ڍنگ، گوريلا جنگ گوريلا جنگ“
    نوجوان: نه، آءٌ گوريلو ڪو نه ٿو ٿيڻ چاهيان، آءٌ چاهيان ٿو ته نان وايولينٽ طريقي سان جيڪو بنياد آهي، ان تي آزادي حاصل ڪيئن ڪجي؟ عدم تشدد جو جيڪو پرنسپل آهي ان جي بنياد تي آزادي ڪيئن حاصل ڪجي؟
    آريسر: ادا، ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته، ان ۾ اسان جي ڪوتاهي آهي، اسين ماڻهن کي ايجوڪيٽ ڪري ئي نه سگهيا آهيون، بنيادي سبب اهو آهي، بار بار ڪنهن کدڙي مان اها توقع رکڻ ته خوبصورت ڇوڪري سان شادي ڪرائي ان مان پُٽ وٺجي.
    هن قوم ڪلهوڙن جي حڪومت کان پوءِ آزادي ڏٺي ئي ناهي، ان جا نسل آزاديءَ جي مزي کان ئي واقف ناهن، جيئن توهان کدڙي کي چئو ته، خوبصورت عورت جي ميلاپ سان ڪيڏو مزو آهي، اهو چوندو ڇا کنڊ جهڙو مزو آهي، کٽمٺڙي جهڙو مزو آهي، ان کي اها خبر ڪونهي.
    توهان کي هڪڙو واقعو ٿو ٻڌايان، آءٌ انڊيا ويو هُئس پاسپورٽ تي، اتي مومل جي ماڙي ڏسڻ ويو هُئس، جيسلمير ۾ آهي، اُتي هندُن ۾ ڪي ذاتيون اهڙيون آهن، جيڪي ماس خور (گوشت خور) هونديون آهن، سو منهنجو سَهُرو ڪنهن وقت ۾ وڏو ڌاڙيل هو، ان مون کي چيو ته، جيڪڏهن ايڏانهن وڃين ٿو ته، فلاڻي ڳوٺ ۾ فلاڻي نالي منهنجو دوست آهي، ان وٽ ضرور وڃجانءِ، اهو آهي جيسلمير واري علائقي ۾، خير آءٌ ان وٽ ويس، اُهو پاڻ ته ڪونه هو، پر ان جو سهرو مون سان مليو، ان ڏاڍي خاطر توازع ڪئي، مون کي چيائين، ”کائيندين ڇا؟“ مون چيو ته، آءٌ هرڻ جو گوشت کائيندس، اوڏانهن راجستان ۾ ريگستان آهي، جيسلمير ۾ به ريگستان آهي، اتي آبپاشي جو نظام کوهن ذريعي آهي، سو اُٺ گهرايائين، ان تي هڪ نوجوان (توهان جي عمر جو هو) ا کي چيائين وڃ ۽ هرڻ ماري اچ، پر ٻن ڳالهين جو خيال رکجانءِ ته هڪ مادي نه هجي ۽ ٻيو اُهو ڪارو نه هجي، ڪاري هرڻ تي سختي سان بندش آهي (هُتي فلم انڊسٽري جو سلمان خان اڃا تائين سزا ڀوڳي پيو، اُن ڪارو هرڻ ماريو هو) مون چيو هن پوڙهي کي سائين! ”هي بارڊر ايريا آهي ۽ هتي آرمي پئي گشت ڪري، سو اهو مسئلو ڪيئن حل ٿيندو؟“ چيائين، آرمي کان اوهين ڊڄو ٿا، آزادي مون ورتي آهي، آرمي ڪونه ورتي آهي. هندستان کي آزاد مون ڪرايو آهي، گانڌي سان گڏ جيل ۾ آءٌ هُئس ۽ اُن نوجوان کي چيائين ته، آرمي وارا اچن ته اُنهن کي شوٽ ڪجان، پر منهنجي رائفل نه ڏجان، ڏسان هو ڇا ٿا ڪن، اڌ ڪلاڪ ۾ هو نوجوان موٽي آيو، شڪار ٿيل هرڻ کڻي آيو.
    مطلب ته جن ماڻهن کي احساس هوندو آهي ته، هي ملڪ اسان جو آهي، اسان ورتو آهي ان ۾ اسان کي ئي رهڻو آهي ته ڪنهن جو ڊپ ڪونه ٿو رهي.
    نهروءَ جي وقت ۾ به يومِ جشن ملهائيندا هئا، نهرو پريزيڊنٽ ڪونه هو، پريزيڊنٽ ٻيو هو، پر وزيراعظم ان کي به پاڻ سان بيهاريندو هو، جڏهن آرمي وارا يا ٻيا آفيسر ٺش ٺش بوٽن جي ٺڪاءُ ڪري هلندا هئا، هن جي اڳيان مٽندا هئا ته هو ڪنڌ ڦيري ڇڏيندو هو، نيٺ هڪڙي ڏينهن پريزيڊنٽ هن کي چيو ته، سائين! هي توهان کي سلامي ڏيڻ ٿا اچن، پر توهان نفرت کان منهن ڦيرائي ٿا ڇڏيو، جنهن تي چيائين، مون کي سلامي ڏيڻ ڇا جي لاءِ ٿا اچن. ڪالهه ته هنن انگريزن جي چوڻ تي اسان مٿان گوليون پئي وسايون. مون کي انهن کان نفرت آهي، پر هي ڪانگريس جو فيصلو آهي، ته ايتري فوج رکڻ گهرجي، جو اسين دشمنن جي وچ ۾ آهيون. هاڻي هندستان ۾ ڪو به سئو ايڪڙ جو زميندار ناهي، ۽ اتي ٽي ڪيٽيگريون آهن ماڻهن جون، جن کان گورنمينٽ ڍل نه وٺندي آهي، هڪ بيواهه عورت، ٻيو بيمار شخص يا معذور ۽ ٽيون جنهن جو پيءُ، ڏاڏو يا پاڻ آزاديءَ جي تحريڪ ۾ جيل ويو هجي.
    منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته، آزاديءَ جو مزو اسان ڏٺو ئي ناهي، سنڌي ماڻهن ووٽ ڏٺو آهي، 1000 رپيا ملي ٿو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾، ۽ ٻيو هڪڙي اڌ ڪا نوڪري، اُن تي ووٽ ڏين ٿا، هنن آزادي وارو مزو ڏٺو ئي ڪونهي. آزادي پسند ماڻهو خوف محسوس نه ڪندو آهي، اصل شيءِ آهي عزت نفس، عزت وقار - اُهو غلامي ۾ ٿي نه ٿو سگهي، باقي اهو ڪو فطرت جو قانون آهي، ته چاقون واري سان مقابلو چاقون سان ڪجي، جيڪڏهن چاقون توهان وٽ ناهي ته چاقوءَ جي لاءِ ڪنڌ ته پيش ڪري سگهو ٿا، اوهان جا ڪنڌ ايترا هُجن، جو چاقو مُڏو ٿي وڃي، توهان جا ڪنڌ نه کٽن، اهو ئي اصلي سبب آهي. ويٽنام جي گوريلا جنگ جو سرواڻ هو جنرل گياپ، ان کي جنرل جو خطاب ڏنو ويو هو، پرائمري ماستر هو، ان چيو هو ته، ويٽنام جو ماڻهو وڙهڻ لاءِ تيار هو، پر اڳتي وڌي ڪو قيادت ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هو، سياسي قيادت ته هوچي منه وٽ هُئي، چيائين، مون اها وڙهڻ واري رٿا تيار ڪئي، هوچي منه کان اجازت ورتي، ۽ مون سان گڏ ٽوٽل 34 ماڻهو هُئا، ۽ جڏهن آمريڪا ويٽنام مان ڀڳو، ان وقت 10 لک ويٽنامي منهنجي ڪمانڊ ۾ هُئا، ته ماڻهن ۾ ايترو ذوق ۽ شوق هو، جن جي لاءِ ٻه شيون ضروري آهن، هڪڙو ماڻهو ۽ ٻيو رسد، رسد ماڻهن جي به ٿيندي آهي، کاڌي خوراڪ جي به ٿيندي آهي.
    سائين جي. ايم سيد لکيو آهي ته: جدوجهد لاءِ ٻه ٽي شيون ضروري آهن، انقلابي گونگو هجي، يعني پاڻ اچي اعلان نه ڪري ته آءٌ هيئن ڪندس، ۽ اهو ٻوڙو هجي ته ٻي دنيا ڇا ٿي چوي يا منهنجي لاءِ ڪيترا نعرا ٿا لڳن، اهو نه سوچي ۽ طريقو ته (عربي) يعني جيڪي ماڻهو عشق ڪن ٿا انهن لاءِ محبوب سان ملڻ جا هزارين طريقا ٿين ٿا، عبدالقادر جوڻيجو چوندو هو ته ڪامياب ترين عشق لوڙها لتاڙڻ آهي، اوهان گانڌي فلم ڏٺي آهي.
    ڪچهري ۾ نوجوانن کي چوي ٿو، اها فلم ضرور ڏسو، اها ڏسو نيلسن منڊيلا ڏسو، ان جي ته مسڪينيءَ جي حالت اهڙي آهي، جو جڏهن ڪانگريس ٺاهيائين، تڏهن ان جو نالو به ڪنهن نه ٻڌو هو، وڃي در کڙڪائيندو هو، فلم ۾ ڏيکاريو اٿن، ته ڪُراڙي دروازو کوليندي آهي، ته هي پنهنجو تعارف ڪرائيندو آهي، اُن تي ڪُراڙي زور سان دروازو بند ڪري ڀڄي ويندي آهي، ته تون ڇو آيو آهين اسان جي ڳوٺ ۾، تون اسان کي مارائيندين ۽ اُن ماڻهو الاءِ گهڻا سال پٿر ڪُٽيا، جيل ۾ سزا طور هن تي ڪم هو ته پٿر ڪُٽ، جيڪي جاين ۽ عمارتن ۾ بجري طور ڪم اچن، ۽ پوءِ جڏهن آزاد ٿيو ته پريزيڊنٽ ٿي ويو ملڪ جو، پاڻ لکيو اٿس پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ته: ”آءٌ ويٺو هئس، هوائي جهاز مٽيا، گڙ گڙ ڪندا ۽ گلا پاشي ڪندا وڃن پيا، مون انهن ڏانهن ڪو ڌيان نه ڏنو، ڇاڪاڻ ته ڪالهه اهي اسان جي مٿان گوليون وسائيندا هئا.“
    نوجوان: سائين اوهان کي جيل جو ڪو واقعو ياد هجي ته اسان کي ٻڌايو؟
    آريسر: جڏهن مون کي جيل ۾ ڦٽڪا لڳا يا ڏنڊو ڪيائون، اهي به ٽارچر سيل جا طريقا آهن، ٽارچر سيل ۾ وٺي وڃڻ کان پهريان ديوارن تي لڳل تصويرون ڏيکاريندا آهن ته ”يه طريقي استعمال ڪرينگي.“ ته مون کي جڏهن ٽارچر سيل وٺي ويا، اُتي مرچن سان گڏ ڏنڊو ڏيکاريائون، ۽ چيائون ته ”يه ڪرينگي.“ جنهن تي آءٌ کِليس، چيائون ته، ”هنستي هو“ مون چيو ته، ظاهر ڳالهه آهي ته اهو ڏنڊو ڪندؤ، عادت ٿي وئي ته ٻاهر وڃي ڇا ڪنداسين، ته آءٌ جيل ۾ هُئس، مون کي بُخار اچي ويو، ڏاڍو سخت سيءُ سان بخار لڳو پئي يا مليريا هُئي، اُتي جيل ۾ هڪڙو ڪمبل مٿان وجهڻ لاءِ ڏنو ويو، ڪمبل هي جيڪي ريشمي بازار ۾ ملن ٿا، اهي نه، پر ڪمبل جيڪي کٿا هوندا آهن، اهڙي قسم جا، جنهن مان تارا پيا نظر اچن، اهو ڪمبل مون کي پهريدار آڻي ڏنو، مون چيو ته، يار! مون کي سيءُ ٿو لڳي بخار آيو آهي، ڇا تون هڪڙي ٻئي ڪمبل جي مهرباني ڪندين؟ هن چيو ته سائين! ٻيو ڪمبل ڏيڻ آهي ته جيل قانون مطابق ڏوهه، پر آءٌ پنهنجو ڪمبل توهان کي آڻي ٿو ڏيان ۽ پوءِ هُو اُهو کڻي آيو، اهو لمحو منهنجي دل تي نقش ٿي ويو، ۽ انسانيت ۾ پنهنجو ايمان پختو ٿي ويو ته اڃا انسانيت آهي ۽ مون اها رات، ان ڪمبل ۾ آرام سان گذاري.
    جڏهن ليڊرن کي وڏيون وڏيون آڇون ٿينديون آهن، ته ڀائي! فلاڻا کاتا اوهان کي ٿا ڏيون، فلاڻا ٿا ڏيون، فلاڻا ٿا ڏيون، ته ليڊر صاحبان ڪاٽن جا ڪپڙا پائي ريشمي پردا وڇايل ٽيبلن جي پاسي ۾ ويهندا آهن، ۽ گلاس سامهون پيا هوندا آهن پاڻي جا ڀريل، ۽ پوءِ هو ڪو نه ڪو سمجهوتو ڪري ايندا آهن، ۽ پوءِ نوجوان نڪري ويندا آهن جهنگ ڏانهن، اُتي پاڻ ۾ ويهي مچ ٻاري باهه جو، اتي ڪچهريون ڪندي چوندا آهن ته، ليڊر ته ڀاڙي نڪتو، هاڻي عوام تي ڀاڙبو، يعني عوام جي طاقت، هاڻي سنڌ جي آدمشماري 4 ڪروڙ آهي، ٿلهي ليکي جيڪا اڳ ۾ ٿي آدمشماري ان مطابق هاڻي چار ڪروڙ ماڻهن مان توهان مهاجرن کي ڪڍو، اهي پنجاهه لک آهن، 70 لک آهن يا 80 لک آهن، باقي سوا 3 ڪروڙ ته سنڌي هوندا، سوا 3 ڪروڙ هٿ، جيڪڏهن اُڀا ٿي وڃن ته ڪنهن جي پيءُ کي طاقت آهي ته سنڌ کي غلام رکي سگهي! ڪالهه آءٌ ويٺو هئس ٽنڊي محمد خان ۾، اتي هڪ نوجوان مون سان ملڻ آيو ۽ چيائين ته سائين آءٌ جساف ۾ رهيو آهيان، (اتي ٻهراڙيءَ جو ڳوٺ هو، ٻه ٽي گهر هُئا) بابا مون کي منع ڪري ڇڏي ته جساف ۾ نه وڃ. مون چيو ته، ڇا! پڻهين پيپلز پارٽي ۾ آهي، چيائين ها، مون چيو، پوءِ هتي ڇا جي لاءِ آيو آهين؟ چيائين، پيءُ جو نافرمان آءٌ نٿو ٿيڻ چاهيان، مون چيو، سنڌ سان به ساڳي صورتحال آهي، چيائين، ها ڏسون ويٺا، ان ڪري تنهنجون ڳالهيون ٻڌڻ آيو آهيان.
    نوجوان: سائين هاڻي چين جو وزيراعظم جيڪو چونڊيو آهي، پهرين پاڙيسري ملڪ ڏي ويو، پوءِ پاڪستان آيو، ان تي گهڻو بحث ٿيو پئي، جيڪي پنجابي دانشور آهن، اهي گهڻو بحث اهو پيا ڪن ته ڪاش! هُو پهرين اسان ڏي اچي ها؟
    آريسر: بابا، دنيا ۾ شاهوڪار ترين ملڪ ٻه آهن، پهرئين نمبر تي چائنا، ٻئي نمبر تي ڀارت، ان معنيٰ ۾ ته اُنهن وٽ افرادي قوت وڌيڪ آهي، ۽ افرادي قوت ئي تخليق ڪندي آهي، روبوٽ ته رڳو ڪم ڪونه ڪندو نه؟ ماڻهوءَ جي محنت به هن ۾ شامل هُوندي، روبوٽ کي به هلائيندو ته ماڻهو نه؟
    نوجوان: سائين هو ڇا چوڻ پيا چاهين؟
    آريسر: بابا، هُو مارڪيٽ حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، پاڪستان وٽ آهي ڇا، جو ڏيندا، پاڪستان وارا وڌ ۾ وڌ چوندا ته قرض ڏيو، امداد ڏيو، اڳي ڪلنٽن ڀارت ۾ هفتو رهيو، پاڪستان وارن زور ڀريو ته هُو آيو، ته اڌ ڪلاڪ ترسي ويو هليو.
    نوجوان: اهو چيائين ته مان عظيم سنڌو ماٿريءَ جي ڪري آيو آهيان.
    آريسر: اها خبر ناهي، پر مون ٻُڌي هُئي تقرير، پر اها انگريزي ۾ هُئي، اتي هندستان جي وزيراعظم تقرير ڪئي، پارليامينٽ ۾ سا هندي ۾ هُئي.
    نوجوان: موهن جي دڙي جو به ذڪر ڪيو هو ڪلنٽن؟
    آريسر: موهن جي دڙي جو چين به ذڪر ڪيو آهي، هينئر ته چائنا دنيا جي مارڪيٽ تي قابض ٿي ويو آهي، پر اسان وٽ جيڪي شيون اچن ٿيون اهي ٽوٽل 2 نمبر آهن.
    نوجوان: عورت جي پردي ڪرڻ جي باري ۾ اسلام ڇا ٿو چئي؟
    آريسر: اسلام ۾ ته برقعو ٻرقعو آهي ئي ڪو نه.
    نوجوان: معنيٰ مُلن اهو هٿرادو ٺاهيو آهي؟
    آريسر: ها اسلام ۾ آهي ته چهرو صفا اُگهاڙو نه هُجي، جيئن عام طرح اڄڪلهه آهي.
    نوجوان: ٻهراڙيءَ ۾ اڃا به هارياڻيون ٻنين ۾ ڪم ڪنديون آهن، ٻنين ۾ هونديون ته نقاب ضرور لڳل هوندو اٿن؟
    آريسر: نه، اُهي صرف هندو عورتون ڪنديون آهن، رڳو چهرو ڍڪينديون آهن ۽ اُنهن جو پيٽ اُگهاڙو هوندو آهي.
    نوجوان: اصل ڏسڻ واري شيءِ جيڪا آهي؟
    آريسر: (کلندي) ها اُها اُگهاڙي آهي، مولانا مٺل حيدري ٻڌائيندو هو ته، رونبو ٿيندو آهي اپر سنڌ ۾ سارين جو، پوءِ مايون رونبو ڪنديون آهن، پاڻيءَ کان بچڻ جي لاءِ شلوار مٿي گوڏن تائين ڪري ڇڏينديون آهن، اُتي مولانا عبيدالله کان پُڇيائون ته سائين! هي عورتون ڄنگهون اُگهاڙيون ٿيون ڪن، اهو جائز آهي؟ مولانا عبيدالله وڏو بيباڪ ماڻهو هو، چيائين ابا جيڪڏهن ماين کي چئجي ته ڄنگهون ڍڪيو ته پوءِ چانورن کان ......... کائيندو.
    نوجوان: جيئن ٻاهرين ملڪن ۾ پيپر ميرج طور نوجوان ۽ ناري مهينو ٻه ٽي رهندا آهن پاڻ ۾.
    آريسر: اهو ايران ۾ ٿيندو آهي.
    نوجوان: ڪافي ٻين ملڪن ۾ ٿيندو آهي سائين؟
    آريسر: ادا، ان وقت اهو شرط نه هوندو آهي يا مشروط شادي شرط نه هوندو آهي، پوءِ کڻي ڏهن ڏينهن کان پوءِ طلاق ڏئي ڇڏي. حضرت حسن ته ٻن ڏينهن کان پوءِ به طلاق ڏئي ڇڏيندو هو.
    ساٿي: اڇا.
    آريسر: جي ها.
    نوجوان: معنيٰ ڪري سگهي ٿو نه؟
    آريسر: (کلندي) ها ڪري سگهي ٿو، پر تون نه ڪجانءِ، ڇو ته ايڏانهن اتر واري پاسي ڪارو ڪاريءَ جو رواج آهي، سرائي قربان کهاوڙ ۽ مان آياسين پئي ڳڙهي خيرو کان مايون گذريون، اُنهن کي برقعا ٻرقعا ته هُئا ئي ڪونه، ڏاڍيون خوبصورت هُيون، مون چيو سرائي ڏسڻ جي اجازت آهي، چيائين هائو، مسئلو آهي ته هتي ڪو ڪنهن کي طعنو نه ڏي، ته اڙي! تو واري، جيڪا سا هينئن ڪندي ٿي وتي، پوءِ مڙس کي غيرت ايندي آهي.
    آريسر: سائين جي. ايم سيد به با مذهب نه هو، ڪنهن وقت ۾ ته ڪٽر هو.
    ساٿي: توهان به هئا؟
    آريسر: نه آءٌ ڪٽر ڪڏهن به ڪونه هُئس، اڳي هتي سر عام ميٽنگ تي بندش هُئي، سو آءٌ ته مسجد مان ڇڏي آيو هئس، تڏهن منهنجو دوست مولوي هوندو هو، ٽنڊي محمد خان جي ڀرسان ويٺا آهن، محمد صديق زنئور، ان جي مسجد جو حجرو هوندو هو، اتي ميٽنگ به ڪندا هئاسين، ان دوران صديق زنئور چرس به پيئندو هو، ۽ ائين به چوندو هو ته يار ڪو ڪامريڊ اهڙو آهي، جيڪو چرس ٺاهي، ڪو نه ڪو نڪري پوندو هو، هن کي چرس پياريندا هئاسين.
    وچ ۾ هڪ ٻيو نوجوان: سائين توهان جي نثر ۾ مون پڙهيو آهي ته شاعري انقلاب آڻڻ جو رستو آهي، اها انقلاب آڻيندي آهي يا قوم کي تبديل ڪندي آهي، پنهنجي شاعري انقلاب ڇو ناهي آڻي سگهي، ان جو سبب ڪهڙو آهي؟
    آريسر: نه، ڇو نه آڻي سگهي آهي! مسئلو آهي ته توهان جو نثر به جيڪو آهي، ان ۾ سموري سياسي تعليم جو اثر هجي. مذاڪرو ٿيو ڪراچي ۾ دي نيوز وارن ڪرايو هو، ان ۾ مون کي به سڏيائون، قادر مگسي، پليجي کي به، محمود خان اچڪزئي ۽ سردار عطاءُ الله مينگل به هو، سنڌ ۽ بلوچستان جي قومي تحريڪن جي هيڻائپ جا ڪارڻ ڪهڙا آهن يا ڪمزوري يا ناڪامي، اتي جيڪو انائونسر هو، اهو منهنجو پراڻو دوست هو، ڪميونسٽ هو، ان سڀني اڳواڻن کي مون کان اڳ ۾ تقريرون ڪرايون، مون کي آخر ۾ ڳالهرايائين، پليجي جي عادت آهي وچ ۾ ڳالهائڻ جي، ڇو ته جيڪو موضوع ملندو آهي، ان جي تياري ناهي ڪندو، پوءِ وچ ۾ اُٺ پٽاڙ ڳالهيون ڪندو آهي، هي وچ ۾ جناح ۽ گانڌي جي مسئلي کي کڻي ويهي رهيو، هاڻي ته هو جيئن ڳالهائي چڪا هُئا، منهنجو جڏهن وارو آيو، تڏهن مون اهو چيو ته، اهو عنوان ئي غلط آهي ته، ’سنڌ ۽ بلوچستان جون قومي تحريڪون ناڪام ويون آهن‘ قومي تحريڪ جو مطلب قوم ۾ ثقافتي انقلاب آڻڻ آهي، اسان جي تحريڪ ته ان لحاظ کان ڪامياب تحريڪ آهي، جيڪا اسان جي شاعري تي به اثر انداز ٿي آهي، اسان جي ڊرامن تي به اثر انداز ٿي آهي، اسان جي ناولن تي به اثر انداز ٿي آهي، اسان جي لباس تي به اثر انداز ٿي آهي، مون چيو هن دور ۾، جڏهن عورتون جينز پائين ٿيون تعليمي ادارن ۾ يا شاپنگ سينٽرن تي، اهي اسان جي تحريڪ سان لاڳاپيل نه به کڻي هُجن، ڪنهن به سنڌي عورت کي توهان جينز ۾ ڪو نه ڏسندؤ، غربي، يا ٻئي قسم جو ڪپڙو هُو پائينديون آهن، اهو قومي تحريڪ جو اثر آهي، ۽ مون چيو ته قومي تحريڪ جا اڳواڻ هاڻي مذهبي ۽ قبائلي جهيڙا به ختم ڪن پيا، هتي محمود خان ۽ عطاءُ الله مينگل ٻئي گڏ ويٺا آهن، حالانڪه پٺاڻ ۽ بلوچ جو تضاد تمام وڏو آهي، اهو قومي تحريڪ جو ڪرشمو آهي، جو ٻئي گڏ ويٺا آهن، هڪڙي ٽيبل تي.
    پليجي بابت مون چيو، هروڀرو ٻوڙ ۾ دال وجهندو آهي، جناح کي ۽ انهن کي ڇڏيو، اسان وٽ سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته چڱو ڪير، ته ٻئي ڏاهي جواب ڏنو، چڱو اهو، جيڪو چار چڱا گڏ ڪري، مون چيو، گانڌي ان ڪري چڱو آهي، جو هن نهرو، پٽيل، مولانا آزاد، شيخ عبدالله ڪشمير وارو، عبدالصمد اچڪزئي، خان غفار خان سميت تمام وڏا نالا آهن، انهن سڀني کي هڪ لڙي ۾ پوئي ڇڏيو، ۽ جناح چيو، منهنجي کيسي ۾ سڀ کوٽا سڪا آهن. منهنجي اُنهن جملن تي عطاءُ لله مينگل صاحب اُٿي بيهي تاڙيون وڄائي مون کي داد ڏنو، پليجي چيو ته، مون کي وري ڳالهائڻ ڏيو، مٿان وري سردار عطاءُ الله مينگل چيو ته مون کي به وري ڳالهائڻ ڏيو.
    نوجوان: سائين هاڻوڪي اليڪشن ۾ پختونخواهه ملي عوامي پارٽي 9 سيٽون کنيون آهن، بلوچستان مان ۽ انهن بلوچن جو ڇا مقصد آهي؟
    آريسر: ادا مسئلو بنيادي طرح بلوچستان ۾ سگهاري قوت جيڪي آهن، خاص ڪري نواب خير بخش مري، انهن اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو آهي ۽ سندس پُٽ هڪڙو بيٺو آهي، شايد کٽيو به اٿس، ان کي پاڻ ئي غدار قرار ڏنائين، چيائين ته هي غدار آهي بلوچستان جي قومي تحريڪ جو.
    نوجوان: نواز شريف ڪوشش ۾ لڳو پيو آهي ته وزيراعليٰ ان کي ڪري؟
    آريسر: ها، ان کي ان ڪري کيس وزيراعليٰ بڻائي پيو ته، جيئن پوڙهي سان ڳالهائڻ ۾ آساني ٿئي، اڄ تائين جيڪي به ڪميشنون مقرر ٿيون آهن، هن سان ڳالهائڻ جي ڪنهن به جُرئت ڪونهي ڪئي.
    نوجوان: سائين اوهان جو خدا جي موجودگي جي باري ۾ ذاتي خيال ڇا آهي؟
    آريسر: ان ڪري مون سن ۾ چيو ته سائين جي. ايم سيد بامذهب ناهي، باخدا آهي، آءٌ خدا تعاليٰ جي وجود کي مڃان ٿو.
    نوجوان: سائين! توهان ڪراچي ۾ چيو هو ته خدا ۽ الله ۾ فرق آهي، الله معنيٰ عربي جو هڪڙو واحد، هڪڙو اهو الله آهي خدا هر انسان پنهنجي...
    آريسر: نه خدا لفظ آهي فارسي، خدا ته زمين جو جيڪو مالڪ هجي ان کي به چئي سگهجي ٿو.
    منصور مزاري: هي جنت هي دوزخ؟
    آريسر: ان جي لاءِ غالب چيو آهي ته: ”جي ڪو بهلاني ڪي ليئي خيال اڇا هي“
    نوجوان: اهو هڪ غلط تصور ڏنو ويو آهي، غلط تشريح ڪئي وئي آهي؟
    آريسر: مولانا عبدالحق رباني چوندو هو ته، ڀٽا صاحب! تنهنجو ڪوڙ ته هڪڙي سال ۾ ئي ظاهر ٿي پيو آهي، اسان جو ته ڪوڙ 13 سئو سال گذري ويا، اڃا ڪونه ٿو ظاهر ٿئي، آئن اسٽائن جنهن ائٽم ايجاد ڪيو، پهرين هو ته ائٽم ٽٽي ڪونه ٿو سگهي، ائٽم چئبو آهي ان کي، رڳو بم نه ائٽم چار شيون آهن، ڊيگهه، ويڪر ۽ وزن ته ائٽم اهو آهي، ان جي لاءِ پهرين تصور هو ته اُهو ٽُٽي نه ٿو سگهي، ان جا ننڍڙا ذرا ٿيندا آهن، پر لينن لکيو آهي ته، ائٽم ٽٽي سگهي ٿو ۽ پوءِ اهو آئن اسٽائن ڪري ڏيکاريو. چوندو هو ته اها منهنجي زندگي جي وڏي غلطي آهي جو ائٽم مون ٺاهيو ۽ آءٌ خدا ۾ ايمان رکان ٿو.
    نوجوان: آئن اسٽائن 2000ع سال جي دنيا جي وڏي شخصيت هو؟
    آريسر: ها اهو مغرب ۾، ايشيا وارن پهريون نمبر گانڌي کي ڏنو هو.
    نوجوان: سائين هن 2000ع سال ۾ گانڌي کي ٻيو نمبر آهي؟
    آريسر: آءٌ چوان پيو اهو مغرب ۾، هتي، يعني چين، جاپان ۽ انڊيا وغيره.
    نوجوان: آءٌ سمجهان ٿو ته ڪنهن سائنٽسٽ چيو آهي ته خدا جو تصور ان جي ڪري آهي، ته ماڻهو کي موت جو خوف آهي.
    آريسر: مطلب ته موت تي ڪنٽرول ته آهي، توهان سراسري عمر ڏسو، هي ڏاڍو پيچيده سوال آهي ته حضرت نوح جي عمر نو سئو سال هُئي، مون گهڻن مولوين کان پڇيو ته جواب ڪونه مليو، هڪڙي ڀيري مون سائين جي. ايم سيد کان پڇيو ته چيائين: ”اها آسان ڳالهه آهي، توهان سوچيو ته نوح جي وقت ۾ سال گهڻن ڏينهن جو هو، هن ڪئلينڊر جي حساب سان نه، ڏينهن جو به سال ٿي سگهي ٿو، ٽن ڏينهن جو يا پنجن ڏينهن جو به ٿي سگهي ٿو.

    [حيدرآباد ۾ ڪارڪنن سان ڪيل ڪچهري، هن يادگار گڏجاڻيءَ ۾ روحل لغاري، واحد ڪانڌڙو، سرمد ميراڻي، امير آزاد پنهور، عبدالله سومرو، منصور مزاري ۽ ٻيا شريڪ هئا.]


    تفصيلي انٽرويو

    سوال: ڇا اوهان سمجهو ٿا ته ون يونٽ جو هڪڙو دور گذريو، ايم آر ڊي جو هڪڙو دور گذريو، هن کان پوءِ هي جيڪو سنڌ ۾ سياسي اتحاد سان ڪالا باغ ڊيم خلاف ڪو ٽيون عوامي اڀار، جيئن ايم آر ڊي ۾ ٿيو، ون يونٽ ۾ ٿيو، ڇا هن مهل ڪالا باغ ڊيم خلاف سنڌ ۾ ان قسم جو ڪو نئون عوامي اُڀار ايندو؟
    جواب: ڪالا باغ ڊيم خلاف سنڌ ۾ ان سطح جو عوام اڀار ناهي، جيڪو ون يونٽ جي خلاف هو، جيڪو ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ هو، ان جو سبب اهو آهي، ته ون يونٽ جي خلاف به سنڌ ۾ ماڻهن جدوجهد ڪئي، اديبن ۽ دانشورن به ان ۾ حصو ورتو، مجموعي طور ون يونٽ 14 سال هليو، ان ۾ مٿين ڪلاس جي ماڻهن، اديبن ۽ شاعرن ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي، ڳالهه وڏي اها آهي ته، ان دور ۾ ون يونٽ ٽن صوبن جو گڏيل مسئلو هو، سنڌ، بلوچستان ۽ پختونخواهه صوبو يعني جنهن کي سرحد سڏيو وڃي ٿو. انهن چوڏهن سالن ۾ مجموعي طرح ون يونٽ جي خلاف انهن ٽنهي صوبن مان جيل ۾ ويندڙ ماڻهن جو تعداد 60000 سٺ هزار هو. چوڏهن سالن ۾ سنڌ ۾ ون يونٽ جي تحريڪ خلاف صرف شهيد هڪڙو ماڻهو ٿيو، اهو بلو پنهور هو، شاهه ڪريم جو ۽ پختونخواهه ۾ هڪڙو به ماڻهو شهيد نه ٿيو، پر بلوچستان ۾ ڪافي ماڻهو شهيد ٿيا، ايم آر ڊي تحريڪ جا ٻه مرحلا آهن، پهريون مرحلو آهي 1983ع وارو، جنهن ۾ سموري سنڌ جي قيادت وڏيري خلاف اُٿي، توهان ان وقت جي جيل جو رڪارڊ ڏسندؤ ته، غلام مصطفيٰ جتوئي پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر هو، انهيءَ سڀني وڏيرن کي چيو ته، آمريڪا مون کي يقين ڏياريو آهي ته توهان هيترا مهينا جيل ۾ وڃو ته اقتدار اوهان جي حوالي آهي. انهيءَ ڪري اهي وڏيرا سڀ، جيڪي پنهنجا ماڻهو هئا، ميدانن تي ڪڍي آيا ۽ ٻيو ايم آر ڊي تحريڪ جو رائونڊ 86ع هو، جنهن جي قيادت بينظير ڀٽو ڪئي ۽ جنهن بندشون ٽوڙي وڃي لياري ۾ جلسو ڪيو، سموري سنڌ ۾ ريلوي جو نظام درهم برهم ٿي ويو، ته اها تحريڪ ڪي ڏينهن هلي ۽ بينظير گرفتار ٿي، تنهن کان پوءِ اها تحريڪ ختم ٿي وئي. هن وقت صورتحال اها آهي ته پاڻي جي مسئلي تي سياسي پارٽيون مٿين دل سان جدوجهد ڪن ٿيون، سواءِ جسقم جي، عوامي تحريڪ آهي، اها به پنجاب سان اتحاد ڪريو ويٺي آهي يا پيپلز پارٽي آهي، ان کي به اقتدار جو آسرو آهي ۽ ممتاز صاحب آهي، اهو به چئي ٿو ته سياست اقتدار لاءِ آهي، جيڪڏهن مون کي نگران وزيراعليٰ ڪيو ته آءٌ ٿي ويندس. ان ڪري عوامي اُڀار ان سطح جو ناهي پاڻي جي مسئلي تي، ان ڪري ته سنڌ جو ماڻهو اڃا تائين ورڪر جي اثر ۾ ڪونه آيو آهي، اهو اڃا تائين سردار، مير، پير ۽ وڏيري جي هٿ ۾ آهي ۽ وڏو ماڻهو جيڪو آهي، سو پاڻي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پنهنجي زمين لاءِ حاصل ڪري ٿو ۽ مڊل ڪلاس وارو زميندار يا صفا ننڍڙو آبادگار اهو پاڻي کان محروم رهجي ٿو وڃي ۽ ان جي اثر ۾ وري عوامي قوت آئي ناهي، جنهن کي هو ميدان تي آڻي. ان ڪري ايترو عوامي اڀار هينئر ناهي.
    سوال: هي جيڪا سڄي جدوجهد آهي، ان کي اوهان ڇا چوندا؟
    جواب: اها منظم ناهي، مثال طور روز اسين اخبارن ۾ پڙهون ٿا ته اڄ دمبالي شاخ جي آبادگارن ڌرڻو هنيو، اڄ ڍل شاخ جي آبادگارن ڌرڻو هنيو، ان ۾ پاڻي ڪونهي يا ڪنهن ٻين ڌرڻو هنيو ته پوڇڙي ۾ پاڻي ناهي يا نارا ڪئنال جي آبادگارن ڌرڻو هنيو، عمرڪوٽ ۾ مسئلو آهي، يا اها شيءِ هڪڙي جيڪا منظم صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ هڪڙي ئي ڏينهن تي اُٿي ائين ناهي. انفرادي ۽ مقامي طور تي جيئن مسئلا ٿيندا آهن، جيئن سماجي تنظيمون کڻنديون آهن، تيئن ئي هلن ٿا، ان جو ڪارڻ سياسي سطح تي آندو ئي نه ويو آهي ۽ نه ئي سياسي پارٽيون صرف پاڻي جي هڪڙي مسئلي تي گڏ ٿي جدوجهد ڪن ٿيون ته اسان کي پنهنجا سڀ پروگرام، سڀ ڳالهيون هڪڙي پاسي رکي ايتري وقت تائين هيترن ماڻهن جي قرباني ڏيڻي پئي ته ڏينداسين، هيترن ماڻهن کي جيل ۾ رهڻو پوي، تڏهن به وينداسين يا هيترن ماڻهن کي اسين ٻين ملڪن ڏانهن موڪلينداسين، اهڙي قسم جي ڪا به پلاننگ نه ٿي آهي.
    سوال: ڇا جسقم وٽ ڪو اهڙو پروگرام آهي، جنهن ۾ اها شيءِ طئه ڪئي وئي هُجي ته اسان هيئن ڪنداسين، جيڪو ٻين پارٽين نه ڪيو آهي؟
    جواب: جسقم به رٿابندي نه ڪئي آهي.
    سوال: ان جو سبب ڪهڙو آهي؟
    جواب: ان جو سبب جدوجهد جي مرحلن کان اڻ واقفيت آهي، جدوجهدون ڪيئن ڪبيون آهن.
    سوال: قيادت اڻ واقف آهي؟
    جواب: فيصلي ساز ادارا جيڪي آهن ۽ ان ۾ شامل آءٌ به آهيان ته انهيءَ جي اڻ واقفيت آهي ته صرف جسقم ڏانهن ان معنيٰ ۾ ڪريڊٽ وڃي ٿو ته، هن سنڌ ۾ ڌرڻا ڪلچر کي متعارف ڪرايو، نه ته اڳ ۾ سنڌ ۾ ڌرڻا ڪلچر نه هو، پر هاڻي صرف هڪڙي ئي انهي ڪلچر تي به ڳنڍ ٻڌي نه بيهي رهڻ گهرجي، سياسي ليڊر بنيادي طرح شاعر وانگر هوندو آهي، شاعر جيئن شعر ۾ تخليق ڪندو آهي، روز روز نيون نيون تشبيهون اختيار ڪري، هڪڙي ئي محبوب جي لاءِ استعمال ڪندو آهي. ائين ئي سياستدان سياسي جدوجهد جي تخليق ڪندو آهي.
    سوال: ته اوهان چئو ٿا ته جسقم جي قيادت وٽ اها صلاحيت ڪونهي؟
    جواب: جي ها، آءٌ پاڻ سميت سڀني لاءِ چوان ٿو.
    سوال: توهان به آهيو؟
    جواب: ها، آءٌ به آهيان.
    سوال: هي جيڪي پ پ وارا ۽ مسلم ليگ وارا يا انهن جا جيڪي به ڌڙا آهن، يا پ پ وارن جا ٻه ٽي ڌڙا آهن، هي به هينئر پاڻي پاڻي ڪن ٿا پيا، ووٽ بيڪ لاءِ يا؟
    جواب: سنڌ ۾ ووٽ بيڪ کي محفوظ رکڻ لاءِ ۽ اقتدار جي لالچ ۾.
    سوال: هي جيڪا هينئر صورتحال آهي، ڪالا باغ ڊيم خلاف ٿورو گهڻو جيڪو به ميڊيا ۾ ٿيو، عوامي طور تي ٿيو، ڪنهن به طريقي سان ٿيو، بهرحال هڪڙو اعلان ٿيو هو، اوهان ڇا ٿا سمجهو ته اهو سياسي پارٽين جو ڪو پريشر رهيو يا سنڌي ميڊيا؟
    جواب: سياسي پارٽين جو هو، ان ۾ آءٌ توهان کي ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي هڪڙي بيان جو حوالو ڏيندس، ان حيثيت ۾ نه، ته هُو منهنجي لاءِ آئيڊيل وزيراعليٰ آهي، پر هُو سياستڪار آهي، سياستدان الڳ شيءِ ٿيندي آهي، سياستدان جي. ايم سيد هو، سياستڪار ذوالفقار علي ڀٽو هو. سياستدان ايندڙ نسلن لاءِ سوچيندو آهي، سياستڪار ايندڙ اليڪشن لاءِ سوچيندو آهي. ان کان پڇيو ويو ته، ڪالا باغ ڊيم جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي؟ چيائين: ”مون کان ڇو ٿا پڇو، سنڌ جون گهٽيون ڳالهائن ٿيون، سنڌ جون ديوارون ڳالهائن ٿيون، سنڌ جون ڀتيون ڳالهائين ٿيون، معنيٰ سنڌ جو آواز اهو ئي آهي، مون کي ان تي ڇا ڪرڻ گهرجي.“ اهو سياسي پارٽين جي جدوجهد جو نتيجو هو.
    سوال: اها منظم ڪونهي، وقتي طور ملتوي ٿي آ؟
    جواب: ها وقتي طور ملتوي ٿي آهي.
    سوال: ارباب غلام رحيم بابت چؤٻول هُئا ته وزيراعليٰ تبديل ڪن ٿا، ايم ڪيو ايم وارن سان هن جا ڪجهه اختلاف هلن پيا، چيو اهو پيو وڃي ته، ارباب غلام رحيم ڪالا باغ ڊيم جي مخالفت ڪري، وڏي سرڪار وٽ اهو شو ڪرائڻ چاهيو ته، جيڪڏهن مون کي لاهيندؤ ته مون کي هينئر سنڌ جي حمايت حاصل آهي. هن پنهنجي سنڌ دوستي ۾ نه، پر پنهنجي ڪرسي کي ٿورڙو ڊيگهه ڏيڻ لاءِ فوري طور تي بيان ڏنو آهي؟
    جواب: سينسيئر ۽ غير سينسيئر پاليٽڪس ۾ چاچو حفيظ قريشي چوندو هو ته، صرف جي. ايم سيد ۽ لطيف حصو وٺي سگهن ٿا. پاليٽڪس ۾ هر پوليٽيشين جو مفاد هوندو آهي ۽ چاچو مثال ڏيندو هو ته:
    پرچن شال پنهوار! ڀٽائي، مارئي جي واتان چورائي پيو، جهڙو ته ڏوهارڻ اُها هُجي ۽ چوي پئي ته: پرچن شال پنهوار.
    ڄڻ ڏوهه ئي مارئي ڪيو هُجي. چيائين، بابا، اها سياست شاهه ۽ جي. ايم سيد ڪري سگهن ٿا، پاڻ کان ڪونه ٿيندي، ته اصلي مسئلو ته پاليٽڪس مفاد کان سواءِ هوندي ئي نه آهي، ان ڪري ارباب رحيم جو مفاد به هجي ان ۾، ۽ يقيناً هوندو، ته ان مفاد کي ڪيئن استعمال ٿا ڪن. مطلب ته ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ آءٌ هن کي جس ٿو ڏيان، ته ٽيون ڏينهن هڪ بيان آيو آهي ته ڏهن سالن جي ڪمزور وزيراعليٰ جي بدران آءٌ هڪڙي ڏينهن جو طاقتور وزيراعليٰ رهڻ پسند ڪندس.
    سوال: اهو سنڌي وسندين جي باري ۾ جيڪو هن جو مؤقف آيو آهي؟
    جواب: ته اها سنڌ، جنهن ۾ تمام گهٽ، شهيد الله بخش سومري کان پوءِ ڪنهن وزيراعليٰ اهڙي ڪا گفتگو ڪئي هوندي.
    سوال: اوهان ڇا ٿا سمجهو ته، هي واقعي هن مهل ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ گُهرن پيا؟
    جواب: بنيادي طرح جنرل پرويز مشرف اردو ڳالهائيندڙ آبادي جو نمائندو آهي، آرميءَ جي اڪثريت پنجاب آهي، جي ايڇ ڪيو کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪالا باغ ڊيم جو مسئلو کنيو آهي ۽ حالانڪه جن ماڻهن دعوائون پئي ڪيون ته، نواز شريف کان وٺي شوڪت عزيز تائين، ته اسان خيرات وارو ڪشتو ٽوڙي ڇڏيو آهي ته وري به اهي قرض پيا وٺن، اهي ماڻهو ڪالا باغ ڊيم پاڪستان جي بجيٽ مان ٺاهي سگهندا! عالمي ادارن ورلڊ بئنڪ وغيره انهن ڪالا باغ ڊيم جي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري اهو ممڪن ئي ڪونهي ته پاڪستان واري بجيٽ ۾ ٺاهي سگهن ۽ آمريڪا ڪيسين تائين ڏيندو رهندو خيرات جا ٽڪر، ويتر ڪالا باغ ڊيم ٺاهي بلوچستان کي ويران ڪري، سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيندا، هنن رڳو ڪور ڪمانڊر کي خوش ڪرڻ جي لاءِ هڪ شوشو ڇڏيو آهي، اردو جو هڪڙو شعر آهي ته:
    آگاہ اپنے حوالے سے کئی شہر ہیں٬
    سامان سئو برس کا پل کی خبر نہیں۔
    تون ڪيئن ٿو چوين ته ڪالا باغ 2016ع ۾ ٺاهي سگهندين!
    سوال: اوهان اهو سمجهو ٿا ته سنڌ مان هن مهل پ پ پ جي تڏا ويڙهه ٿي آهي؟
    جواب: اڃا ڪونه ٿي آهي، اسان وٽ هوندو هو عبدالحڪيم رباني پ پ جي بانين مان، 1946ع جي اليڪشن ۾ ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو غلام علي تڪن تان مير بنده علي جي مقابلي ۾ بيهندو هو. هُو مسلم ليگي هو، هي ڪانگريسي هو ۽ جواهر لال نهرو جو ٽنڊي الهيار ۾ هن جلسو ڪرايو هو. فضل احمد بچاڻي پنهنجي ڪتاب ”اڳي ايئن هياس“ ۾ هن جو ذڪر ڪيو آهي ته: ”مولانا صاحب چوندو هو ته، اسان مذهبي ماڻهن جيڪو ڪوڙ ٺاهيو! اهو معنيٰ صدين تائين ڪوڙ ئي رهندو. ماڻهو انهيءَ کي سچ سمجهندا آهن، ڪوڙو ثابت نه ڪري سگهندا آهن، پر هنن جيڪو ڪوڙ ٺاهيو (ڀُٽي جي لاءِ) اهو ته ٻن سالن ۾ ظاهر ٿي پيو.“ ڪوڙ ٺاهڻ لاءِ به دماغ ۽ هنرمندي جي ضرورت هوندي آهي. بهرحال ڀُٽي صاحب ٻيو ڪجهه ڪو نه ڏنو، هُو رڳو شاطر ۽ چالاڪ ماڻهو هو، مرحوم نظير عباسي مون سان گڏ جيل ۾ هوندو هو، اهو چوندو هو ته ڀُٽي چيو ته:
    ‘‘یہ میری پارٹی نہیں یہ امیروں کی پارٹی نہیں یہ غریبوں کی پارٹی ہے۔’’
    سو مطلب ته هُن، پارٽي کي غريب عوام جي چئي، ماڻهن کي ڏاڍو مائل ڪيو. ٽڪيٽون وري به سردارن ۽ وڏيرن کي مليون، نزهت پٺاڻ تي احسان پيا جتائن، ته هُن کي ايم پي اي ڪرايو پيپلز پارٽي، بابا، ايم پي اي ته ڪرايو پيپلز پارٽي، پر ان جي عيوض هن جيڪي جيل ڀوڳيو آهي، هن جيڪي حيدرآباد جي روڊن تي لٺيون کاڌيون آهن، ته هي ڇوڪريءَ جيڪا هرڻي جهڙي هئي، اُن کي بيماري هڻي مائي ڀاڳي بڻائي ڇڏيو آهي، انهيءَ جي قربانين کي ڪونه ٿا ڏسو! بنيادي طرح اڃا تائين خاص ڪري پيپلز پارٽي ۾ اهو آهي ته، سنڌي ماڻهو ڀُٽي جو قرضي آهي، ان ڪري سنڌي ماڻهو اڃا تائين اهو چون ٿا ته اها پارٽي اسان جي آهي، انهيءَ ڪري لڳا پيا آهن هن سان، ان جي ڪري تڏا ويڙهه ڪونه ٿي آهي اڃا.
    سوال: هي جيڪو پ پ پ مؤقف رکي پئي، مطلب ڪالا باغ ڊيم جي خلاف؟
    جواب: بيشڪ پيپلز پارٽيءَ جو مؤقف سنڌ تي آهي. آيا پنجاب جي پيپلز پارٽي ائين مؤقف ڪونه ٿي رکي. هتي مون جيئن عرض ڪيو ته، هيءَ پنهنجو ووٽ بئنڪ سلامت رکڻ جي لاءِ سياست ڪري ٿي.
    سوال: پير صاحب پاڳاري جو، جيڪو سنڌ لاءِ مؤقف آيو، ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟
    جواب: آءٌ پير صاحب پاڳاري بابت تبصرو ڪرڻ لاءِ شيخ مجيب الرحمان جا هي لفظ دهرائيندس، هي عوامي ليگ ۾ هڪ وقت ۾ شامل ٿيو هو، ۽ مهيني ڏيڍ کان پوءِ ڇڏي ويو. شيخ صاحب کان مون پاڻ پُڇيو ته: ”سائين! پير صاحب پاڳاري جي باري ۾ توهان جو خيال ڇا آهي؟“ چيائين ته: ”بهادر پيءُ جو مصلحت انديش پُٽ آهي.“ آءٌ به اهو تبصرو ڪندس ته هُو بهادر پيءُ جو مصلحت انديش پُٽ آهي، ۽ ٻي ڳالهه ته پير صاحب کي بنيادي طرح اها شڪايت آهي ته، سنڌي ماڻهن هميشه منهنجي خاندان کي نظرانداز ڪيو آهي، مون کي ڪڏهن پنهنجو ڪيو اٿن؟ اُن جي ڪري آءٌ بس ائين ئي سوچيندس، جيئن منهنجي سوچ آهي، جنهن مان منهنجي مريدن کي به فائدو اچي سگهي.
    سوال: ايم ڪيو ايم جي مؤقف کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟
    جواب: ايم. ڪيو. ايم کي آءٌ سنڌ دوست تنظيم سمجهان ٿو، ۽ ظاهر ڳالهه آهي ته هُو پارٽي اقتدار ۾ آهي. مرڪز ۾ به آهي صوبي ۾ به آهي، اقتدار ۾ هُجڻ جي صورت ۾ هن کي پنهنجو ووٽ بئنڪ به سلامت رکڻو آهي، ۽ ان ڪري هُو ان حد تائين ڪنهن به جدوجهد ۾ شامل نٿي ٿي سگهي، جنهن حد تائين اقتدار کان ٻاهر ويٺل ڌريون شريڪ ٿي سگهن ٿيون، ۽ ايم ڪيو ايم وارن کي اهو چڱي طرح احساس آهي ته، اسان مرڪزي اسيمبلي ۾ 14 ميمبرن جي حيثيت سان اقتدار حاصل نه ٿا ڪري سگهون. بهرحال ان ڪري اسان کي هتي جي ماڻهن سان گڏجي رهڻو آهي، ۽ ان ۾ انهن کي جيڪا تنظيم سوٽ ڪري پئي اها جسقم پئي ڪري، ڇو ته پيپلز پارٽي هنن جي رقيب پارٽي آهي، بلڪه پيپلز پارٽي جو سنڌ ۾ نيشنلزم به اينٽي معيار نينشلزم آهي، اينٽي پنجاب ناهي، انهيءَ ڪري شهرن ۾ ووٽ مهاجرن جو آهي، پنجابين جو ناهي، ان ڪري هنن جسقم تي ٽرسٽ ڪيو، هنن اسان ڏانهن هٿ وڌايو، اسان نه وڌايو، انهن پاڻ وڌايو ۽ ٻي بنيادي ڳالهه آهي ته، مفاهمت جو جيڪو فائونڊر هو، اهو سائين امداد محمد شاهه هو، ۽ ڳالهين ۾ اسان به هُئاسين. اسان جي پهرين گڏجاڻي ٿي، ان ۾ اسپوڪس مين مون کي مقرر ڪيو ويو، چيو ويو توکي ئي ڳالهائڻو آهي، ٻين کي نه. اُتي جيڪا ڳالهه ٿي، ان جو بنيادي مقصد سائين جي. ايم سيد هو. ٻي ڳالهه ته ڪن مسئلن ۾ ايم ڪيو ايم جون به خاميون آهن، معنيٰ ته هُو صرف اُنهن وسندين لاءِ چون ٿا بلڊوزر ڪريو، جن ۾ سنڌي ماڻهو اچي ويٺا آهن، انهن کي نه ٿا ڊهرائن، جنهن ۾ پٺاڻ ويٺا آهن. يعني هاڻي پٺاڻن جو وڏي ۾ وڏو شهر ڪراچي آهي، پشاور ناهي، ته اُنهن جي خلاف ڪارروائي ڪن، اها هنن جي به ڪمزوري آهي، ان ڪري ته پٺاڻ قومي جنرلز، جيڪو فوج ۾ آفيسر سطح تي 13 سيڪڙو آهي، اتي پٺاڻ کي هٿ ڪونه ٿا لڳائن، ۽ سنڌي ته معنيٰ برگيڊيئر سطح کان مٿي نه آهي. فوج هڪ حيرت انگيز ڳالهه آهي ته پاڪستان جي خالق وطن يا قوم جو ماڻهو پنهنجي اولاد جي فوج ۾ برگيڊيئر جي سطح کان مٿي هجي ئي نه، ۽ ماڻهو چوندا آهن ته پاڪستان سنڌ جو ٻچو آهي. آءٌ چوندو آهيان، ها ٻچو آهي، پر اهو ٻچو نانگ آهي، نانگ جو ٻچو جڏهن پيدا ٿيندو آهي ته، ماءُ جو پيٽ چيري پوءِ نڪرندو آهي، جنهن سان ماءُ مري ويندي آهي، ته پاڪستان جهڙوڪ ماءُ جو پيٽ چيري نڪتو آهي، جو سنڌ کي هن ختم ڪري ماري ڇڏيو آهي. رائو رشيد پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته: ”ڀُٽي جي زوال جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ اهو هو ته پڇاڙي ۾ هُن عوام سان رابطو ڪٽي ڇڏيو، صرف آفيسرن جي رپورٽن جي آڌار تي هُو فيصلا ڪندو هو.“ اهڙي طريقي سان الطاف حسين به صرف نائن زيرو جي رپورٽن تي خطاب ٿو ڪري، اها به هن جي غلطي آهي، اهو هن جو سنڌ ۾ زوال جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو. هُو عام ماڻهن کان رايا گهرائي فيڪس جي ذريعي ننڍن ننڍن سنڌي ڳوٺن ۾ به ٽيليفونڪ خطاب ڪري، انهن ۾ نائين زيرو جا عهديدار نه هُجن، اتان رايا وٺي ته بابا، ڇا ٿيڻ گهرجي؟ ان سان ئي هُو سنڌي ماڻهن ۾ مقبول ۽ سنڌ جو حصو ٿي سگهن ٿا.
    سوال: موجوده بلوچستان جو جيڪو مسئلو آهي، ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟
    جواب: بنيادي مسئلو اهو آهي ته، بلوچستان پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو ڪڏهن فيصلو ئي نه ڪيو، يعني 1947ع ۾ خان آف قلات هو، انهي جي اسيمبلي هُئي، ۽ ان اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر غوث بخش بزنجو هو. ان اسيمبلي رزوليشن پاس ڪيو هو ته، ’اسان پاڪستان ۾ شامل نه ٿينداسين‘ ۽ آءٌ ويس ان قلات جو محل ڏسڻ، ۽ مون کي اهو هال ڏيکاريو ويو، جتي غوث بخش بزنجي پاڪستان ۾ شامل نه ٿيڻ جو ٺهراءُ پاس ڪرايو. مون کي اهو به ٻڌايو ويو ته، ملازم سنڌي هندو هُئا. بهرحال انهيءَ کان پوءِ چار دفعا بلوچستان تي حملا ٿيا آهن. پهريون ته زوري جناح صاحب، بلوچستان تي قبضو ڪرايو، ۽ پوءِ ٻيو جيڪو شهزادي عبدالڪريم جي دور ۾ ٿيو. ٽيون ايوب خان جي دور ۾ ٿيو. چوٿون ڀُٽي صاحب جي دور ۾ ٿيو. هي پنجون حملو آهي، بلوچستان تي، پر آءٌ سمجهان ٿو ته هي پنجون حملو جيڪو بلوچستان تي آهي، اهو پنجابين جو دستڪ پئي ڏي. ها، ۽ بلوچستاني ليڊرن ٻولي جيڪا هينئر استعمال ڪئي آهي، ملائڪن فرشتن جي ٻولي آهي، ۽ ان ڪري پاڪستان جا ڏينهن به ڳڻجي چُڪا آهن، پر بلوچ آزاد ٿيندا. توهان کي حيرت ان ڳالهه جي ٿيندي ته، تاج محمد جمالي جهڙي ماڻهوءَ اخبار کي انٽرويو ڏنو آهي ته، بلوچستان آزاد ٿيڻ وارو آهي، ۽ ان جو وزيراعظم آءٌ هوندس. معنيٰ جمالي خاندان، جيڪي جناح کان وٺي سڀ پاڪستاني ۽ جناحي رهيا آهن، اهي پنهنجي بلوچستان جي آزادي جي ڳالهه ٿا ڪن، ته معنيٰ عالمي طاقتن ڪو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.
    سوال: اوهان جي ملائڪن مان مراد به اها آهي؟
    جواب: هن مان مراد اها آهي ته، اُنهن ڪو فيصلو ڪيو آهي، ته اسان ڇو نه سنڌ ۽ بلوچستان، خصوصاً آمريڪا کي سوٽ ڪن ٿا. مڊل ايسٽ هجي يا افغانستان هجي يا ايران هجي، ان تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان جا ايئربيس آهن ۽ سامونڊي علائقا آهن، اهي اُنهن کي وري سوٽ ڪن ٿا، ۽ ان ڪري جيڪو بلوچستان کي آزاد ڪرائي رهيو آهي، بلوچ ليڊر نواب خير بخش خان خصوصاً ماضي ۾ هُو ڪميونسٽ لابي جو حامي رهيو آهي. ڊاڪٽر نجيب جي دور ۾ هو افغانستان ۾ هو. بدليل حالتن ۾ هو پنجاب کان جان ڇڏائڻ جي لاءِ آمريڪا سان معاهدو ڪري سگهي ٿو، پر هڪڙي آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ نه، ڪنهن غلام ملڪ جي حيثيت ۾، ان ڪري بلوچن کي ڪجهه نه ڪري سگهندا. شيخ رشيد کان پڇيو ويو ته: ”توهان ڪوهلو ڇو نه ٿا وڃو؟” چيائين: ”هم ڪوئي پاگل هين.“ يعني ڪوهلو ۾ پاڪستان جو ماڻهو داخل نه ٿو ٿي سگهي.
    ان ڪري بلوچستان کي هاڻي پنجابي وڌيڪ غلام رکي ئي نه ٿا سگهن، پر اميد ته سنڌ به آزاد ٿيندي، پر مصيبت اها آهي ته، سڄي دنيا جي جاگرافي تبديل پئي ٿئي ۽ خصوصاً ڏکڻ ايشيا جي هن خطي جي، قائداعظم جي حوالي سان اِن وقت سان سنڌي ماڻهن وڃي چاليهه جي قرارداد ۾ پناهه ورتي آهي. آءٌ ان تي اقبال جو هڪڙو شعر پڙهندو آهيان ته:
    یہ نادان گر گئے سجدے میں٬
    جب وقت قیام آیا!
    يعني اسان ان وقت ۾ سجدو ڪيو، جڏهن اٿڻ جو وقت هو، ته هن دور ۾ معنيٰ اسان کي ته اٿڻ کپندو هو. اسان وڃي چاليهه جي قرارداد ۾ پناهه ورتي آهي، جنهن کي سائين جي. ايم سيد ڪيئي ڀيرا مسترد ڪري چُڪو آهي، ۽ بلوچ سواءِ قاضي عيسيٰ جي، قاضي عيسيٰ خان بلوچستان جو هڪڙو ليڊر هو، مسلم ليگي هو، بلوچ ته شامل نه هُئا چاليهه واري قرارداد ۾، ۽ نه ئي پاڪستان جي ٺهراءُ وقت ان دور ۾ بلوچستان جي قلات نيشنلسٽ پارٽي هئي، جنهن جو بزنجو صاحب سربراهه هوندو هو. هنن جو مسلم ليگ يا پاڪستان سان ڪو به تعلق ڪونه رهيو آهي، ان ڪري هُو آزادي چاهن ٿا يا آزادي اُنهن کي ملندي ۽ آزادي حاصل ڪرڻ جي انهن ۾ صلاحيت به آهي. بنيادي شيءِ اها آهي ته، آزادي توهان کي به ملي سگهي ٿي، پر توهان ۾ اها حاصل ڪرڻ جي صلاحيت پيدا نه ٿي آهي.
    سوال: اوهان سمجهو ٿا ته بلوچن ۾ اها شيءِ آهي؟
    جواب: بلوچن ۾ بلڪل آهي ۽ ٻي به بنيادي شيءِ اها آهي، ته بلوچن وٽ مرڪزي شهر ڪوئيٽا آهي، جنهن ۾ پٺاڻ گهڻا آهن ۽ بلوچ اڪثريت ۾ ناهن. نيوز اخبار وارن هڪڙو مذاڪرو رکرايو هو، ”سنڌ ۽ بلوچستان جي قومي تحريڪ ۽ ان جي ناڪامي جا سبب.“ ته مون ان تي ڳالهائيندي چيو ته: توهان قومي تحريڪ چوندا ڇا کي آهيو؟ ڇا ڪجهه مطالبا رکجن؟ قومي تحريڪ اها هوندي آهي، جيڪا سموري ڪلچر کي تبديل ڪري، سموري ادب کي تبديل ڪري، سمورين ريتن رسمن کي تبديل ڪري، نالن ۽ رواجن کي تبديل ڪري، مذهبي ۽ قبائلي دشمنين کي تبديل ڪري. مون چيو بلوچستان جي قومي تحريڪ جي ڪاميابي جو هي وڏو نانءُ نه آهي ته عطاءُ الله مينگل ۽ محمود خان اچڪزئي ٻئي هڪڙي ڪرسي تي گڏ ويٺا آهن، هو پٺاڻ بلوچستان جو حصو ڪٽڻ جو حامي ۽ هي بلوچ - گريٽر بلوچستان جو طرفدار، اها اڄ بلوچستان جي قومي تحريڪ جي ڪاميابي آهي، ان ڪري هن شهر ۾ سگهه ته محمود خان جي وڌيڪ آهي، ولي خان وارن جي گهٽ آهي. هو انهن سان گڏ آهي، بلوچن سان، انهيءَ ڪري بلوچن ۾ اها صلاحيت به آهي، اهليت به آهي، عالمي صورتحال به انهن جي فائدي ۾ آهي. ان جي ڪري انهن کي ضرور آزادي ملندي.
    سوال: اوهان سمجهو ٿا ته هي جيڪا بلوچستان جي ويڙهه هلي پئي، اهي آزادي لاءِ وڙهن پيا!
    جواب: جي ها!
    سوال: مطلب گريٽر بلوچستان لاءِ وڙهن ٿا پيا؟
    جواب: ها! مطلب ته ٻيا ليڊر کڻي مصلحتن کان ڪم وٺندا هجن، پر آءٌ بلوچستان جو اصلي نيشنلسٽ ليڊر نواب خير بخش مريءَ کي سمجهندو آهيان، هُو ته بنا ڪنهن پردي ۽ رک رکاءُ جي چئي ٿو ته، اسان کي آزادي کپي، ترقي اسين ڪنداسين پنهنجي وسيلن سان، هينئر جيڪي ترقي جي نالي تي روڊ ۽ رستا وڇايا پيا وڃن، اُهي پنجاب آرمي لاءِ وڇايا پيا وڃن، ۽ ان ڪري هي چون ٿا ته بلوچ تعليم جا دشمن آهن.
    سوال: پر هي بلوچستان ۾ جيڪا به شيءِ ٿئي پئي، مجموعي طور تي اهو ڏٺو ٿو وڃي ته ڊاڪٽر شازيه جي ڪيس کان پوءِ اها شيءِ ٿي آهي، اوهان ان کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
    جواب: اها صرف ڊيرا بگٽي ۾ ٿي آهي، گوادر ۾ نه، ڪوهلو ۽ خضدار ۾ اڳ ئي ويڙهه هلندڙ هئي. مون کي هاڻي سن ته ياد نه آهي، پر ڪنهن وقت ۾ ويو هُئس بلوچستان، ان وقت ڊاڪٽر شازيه جو واقعو ٿيو هو، ڊيرا بگٽيءَ ۾ ڇڪتاڻ هلندڙ هئي. آءٌ پورو هفتو رهيو پيو هُئس ڪوئيٽا ۾، اتي اسان جو هڪڙو واقفڪار هو، ان کي بلوچستان حڪومت ڊي سي ڪري رکيو پئي ڊيرا بگٽي ۾، ان انڪار ڪيو ته هن صورتحال ۾ آءٌ نه ويندس.
    سوال: هي شازيه جو ڪيس هڪڙو بهانو هو؟
    جواب: بهانو هو، ڪڏهن ڪڏهن ننڍڙا واقعا وڏين تحريڪن کي به جنم ڏئي سگهن ٿا، تنهن جي ڪري اهو کڻي ننڍڙو ئي واقعو هُجي پر سبب بڻيو آهي.
    سوال: ته اوهان اهو به چئو ٿا ته بلوچ قومپرستيءَ واري جيڪا تحريڪ هلي پئي، اها سنڌي قومپرستي واري جيڪا تحريڪ آهي، ان کان وڌيڪ مضبوط آهي؟
    جواب: عملي طرح وڌيڪ مضبوط آهي، نظرياتي طرح سنڌي قومي تحريڪ وڌيڪ مضبوط آهي، ان ڪري آءٌ به نواب خير بخش صاحب جا اهي لفظ دهرائيندس ته: مون وٽ کڻي ڪيترا به ويڙهاڪ هُجن، پر هوندا مري، سڀ بلوچ نه هوندا. جي. ايم سيد جي ورسي ۾ ٽيهه هزار به ماڻهو اچن، پر اهي سيد ڪونه هوندا، اهي سنڌي هوندا، ان ۾ آريسر به هوندا، ڀيل به هوندا، ڪولهي به هوندا، مينگهواڙ به هوندا، ٻروچ به هوندا، سماٽ به هوندا، اها آهي قومي تحريڪ، صرف هڪڙي قبيلي جي ماڻهن جو ڪنهن تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ اها قومي تحريڪ نه آهي. ان ڪري آءٌ چوندس ته سنڌ جي تحريڪ نظرياتي طرح سگهاري آهي ۽ عملي طرح هُو سگهارا آهن.
    سوال: سنڌي هن مهل پنهنجي وسيلن لاءِ ڪا اهڙي ويڙهه ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهن.؟
    جواب: سنڌي وڙهن پيا.
    سوال: ڪيئن؟
    جواب: اهو ضروري ناهي ته ڪيئن، سنڌي وڙهن پيا، مون رات شيخ اياز جو شعر وهاب ڀيي جي ورسيءَ جي حوالي سان پڙهيو ته:
    اڃان پيو جيئان، اڃان پيو جيئان،
    رڙهي رڙهي وڙهان پيو، وڙهي وڙهي رڙهان پيو!
    ته معنيٰ سنڌي پنهنجي سگهه آهر وڙهن پيا، ائين ناهي، ها:
    درياهه اندر جا دهشت آ، سا ڪنهن وقت قيامت ٿي ويندي،
    تون مان ته رڳو ان سنڌوءَ تي، ڪا لهر اُڀاري وينداسين.
    سا ضرور قيامت ٿيندي، ۽ هينئر جيڪا لهر پيا اڀاريون ته اها قيامت ٿي ويندي، اهي ماڻهو وڙهن پيا، وڙهن ٿا.
    سوال: پر چيو وڃي ٿو ته، هي جيڪا بلوچستان ۾ ويڙهه هلي پئي، اهي اڪبر بگٽيءَ جا چند ماڻهو آهن يا خير بخش مريءَ جا چند ماڻهو آهن، جيڪي وڙهن پيا، اهي انهن جا جانثار آهن، انهن کي قومپرستي، قومي حقن ۽ وسيلن جي ڪابه خبر ڪونهي، صرف پنهنجي سردارن جي چوڻ تي وڙهن پيا؟
    جواب: يعني ٻئي بلوچ کي خبر ناهي، پر جيڪو ايم بي بي ايس ڊاڪٽر آهي، توهان به ڊاڪٽر آهيو ۽ جيڪو 1970ع جي اليڪشن ۾ ۽ خان آف قلات جي پُٽ کي شڪست ڏيئي، نيشنل اسيمبلي جو ميمبر بڻيو يا غوث بخش بزنجي جو پُٽ حاصل بخش بزنجو اهو ڪو جانثار آهي؟
    سوال: پر هن مهل جيڪا ويڙهه ٿئي پئي، ڊيره بگٽي يا ان جي پاسي وارن علائقن ۾، انهن جو جيڪو ٽارگيٽ اڪبر بگٽي هو؟
    جواب: نه، اصلي مسئلو معدني ۽ خصوصاً گئس هو، ان تي هو ڪنٽرول ڪرڻ چاهين ٿا، يعني پنجابين سان بگٽين مزاحمت ڪئي، ان ڪري ويڙهه اتي وڌيڪ ٿي هلي، پر ڪوهلو ۾ ان کان وڌيڪ ويڙهه آهي، بنسبت ڊيرا بگٽي ۽ سُئيءَ جي.
    سوال: بلوچستان مسئلي تي وچ ۾ ايم ڪيو ايم وارن جو موقف آيو، انهن جا الٽيميٽم آيا، ايم ڪيو ايم جي موقف کي اوهان ڪيئن ڏسندو؟
    جواب: مون ان تي تنقيد ڪئي هُئي. مون چيو ته، هي ڳالهه توهان جي وقار کي نقصان ٿي پهچائي، توهان جي وقار ۾ اضافو ڪونه ٿي ڪري، ۽ رُڳو جيڪڏهن ٺيڪ آهي پرويز مشرف- الطاف حسين کي ٽيليفون تي ڪن ۾ چئي ڇڏيو هجي، ته اسين بلوچستان ۾ آپريشن بند ٿا ڪريون، گهٽ ۾ گهٽ الطاف حسين اها شيءِ ميڊيا ۾ ته لاهي ها، پرويز مشرف ڇا ڳالهايو، ان جي ڪري هي بليڪ ميلنگ به ٿي سگهي ٿي.
    [نوٽ: هي انٽرويو 2005 ۽ 2006ع ۾ جڏهن جسقم گڏيل هئي، ان وقت ڊاڪٽر خالد مزاري، عبدالواحد آريسر کان ورتو هو]


    آريسر جو عاشق منصور : ارڏو اترادي، ڪنڌڪوٽ

    ٽين دنيا جي اندر هڪڙي چوٿين دنيا به آهي، ان ۾ قومون ٻٽي غلامي جي چڪيءَ ۾ پيسجن ٿيون، اها ڳالهه مون ننڍي هوندي سائين عبدالواحد آريسر صاحب جن کان ٻُڌي هُئي. هُن چيو ته اُهي محڪوم ۽ مظلوم قومون تڏهن سُک جو ساهه کڻنديون، جڏهن اُنهن قومن ۾ علم ۽ شعور ايندو، ڇاڪاڻ ته حقيقي سگهه جو نالو شعور ئي آهي. علم ۽ شعور آزاديءَ جي علامت آهي. اها ساڃاهه ان ڏينهن تڏهن نصيب ٿيندي، جڏهن ان ڏيهه جا اديب، شاعر، دانشور ۽ مفڪر اُتي امن، پيار ۽ محبت جو پيغام عام ڪندا. امن کانسواءِ اتحاد ناممڪن آهي. امن، پيار ۽ اهنسا جي رهبر سائين جي.ايم سيد ته سڄي عمر قيد ڪاٽيا، پر پوءِ اُن جو پُرعزم پيروڪار سائين عبدالواحد آريسر صاحب، اهو پيغام ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين پهچائڻ لاءِ پنڌ هلي پيو، ان جي ڪچهرين، تقريرن ۽ تحريرن تي عاشق نه صرف سنڌ جي شهرن پر ٻهراڙين ۽ ڪچي جي ٻيلن مان به سائين عبدالواحد آريسر صاحب جي ٻاريل ڏيئي تي پتنگ ٿي پهتا.
    سائين عبدالواحد آريسر صاحب جي علمي آواز ٻڌڻ لاءِ منصور احمد مزاري، سائين عبدالوهاب ڀيي جي پهرين ورسيءَ تي ڪنڌڪوٽ آيو. هن مون کي چيو ته سائين عبدالواحد آريسر صاحب کان مون وٽ رهڻ لاءِ وقت وٺي ڏيو ته رات رهڻ ڪري اڃا وڌيڪ علم پِرايون! سائينءَ جن کي عرض ڪيم ته هي نينگر چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگرد اڳواڻ عهديدار خالد حسين مزاريءَ جو ننڍو ڀاءُ آهي، هي علم دوست مهذب گهراڻي جا آهن، هن جا ڪک اسان جا پنهنجا آهن، سو هلي اُتي رهڻ جو قرب ڪريو. پوءِ سائين جن سان گڏجي محترم منصور مزاريءَ جي ڳوٺ مريد شاخ آياسين. اُن کانسواءِ سائين عبدالواحد آريسر صاحب جي اتر سنڌ اچڻ لاءِ جڏهن ۽ جتي ٻُڌندو هو، اُتي ڪيئن به ڪري پهچندو هو.
    محترم منصور احمد مزاري هڪ ڪالم نگار، صحافي ۽ علم دوست ضرور رهيو آهي، پر ليڊرشپ جي جنونيت جا جيوڙا هن جي جسم ۾ ڪونه آهن. هُو هن وقت تائين مون وانگر سيدِ اعظم ۽ سائين عبدالواحد آريسر جي علم ۽ قلم کي قومن جي دردن جو علاج سمجهي ٿو. هُو هن صوفي منش عظيم انسانيت جي عشق ۽ ايمان جو مداح آهي، ان ڪري منصور احمد مزاري هن ڪتاب کان اڳ سائين عبدالواحد آريسر جي ڪتابن جا چُونڊ ٽڪرا، جيڪي هن وقت تائين هُن پنهنجي ساهه ۾ سانڍيا هُئا، سي سهيڙي ٻه ڪتاب ”مُنهنجي اڱڻ مساڳ جو وڻ“ ۽ ”ورق ورق تاريخ“ اسان عوام جي اڳيان امانت باسلامت کڻي پيش ڪيا ۽ هي ٽيون ڪتاب ”باک جو آواز“ آهي. سائين منصور مزاريءَ جو هي پورهيو انتهائي سُڃاڻپ وارو ۽ ساراهه جوڳو آهي. هن جا هي ٽيئي ڪتاب ادبي انمول خزانا ۽ قومن جو ورثو آهن. ڇاڪاڻ ته ڪتاب قومن جو اُهو پُرامن ۽ پُختو هٿيار آهي، جنهن کي دنيا جي ڪابه طاقت روڪي نه ٿي سگهي. جن قومن ڪتابن جو قدر ڪيو، تن قومن کي ڪوبه دير تائين غلام رکي نه ٿو سگهي.
    بقول منصور مزاريءَ جي ته سائين عبدالواحد آريسر صاحب سنڌ جو اُهو ٽئگور جهڙو شاعر ۽ اديب آهي، جنهن چيو هو ته: ”جڏهن هي ڌرتي آزاد ٿيندي، ته مُنهنجو رُوح آسمان جي ستارن ۾ اوهان کي مُرڪندو نظر ايندو.“ مون کي به اهڙي پڪ آهي ته مُنهنجو هي پورهيو اُن جي رُوح کي راحت بخشيندو.

    اوهان جي خاطر لکي وڃان ٿو،
    لکي اوهان لاءِ رکي وڃان ٿو.
    مُنهنجو جياپو اوهان سان ’ارڏا‘
    سنيهو لکي سَکي وڃان ٿو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566274
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215652
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ