ڪتاب جو نالو: بک عشق ادب
مصنف: موهن ڪلپنا
ڇپائيندڙ: سنڌي ساهت گهر
ڪيٽيگري: آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي
شايع ٿيڻ جو سال: 2002
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 21 جون 2017 ع
پڙهيو ويو: 1321 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 458 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
نامياري شاعر ۽ ليکڪ موهن ڪلپنا جي مختصر آتم ڪٿا جو ڪتاب ”بُک عشق ادب“ اوهان اڳيان پيش آهي. موھن پنھنجي آتم ڪٿا ۾ دل کولي سڀڪجهھ لکيو آھي. اھوئي سبب آھي جو موھن جو نالو؛ اسان سمورن سنڌين جي دلين تي اُڪريل آھي ۽ ان کي ڪو به مٽائي نه ٿو سگھي. هو لکي ٿو:
”جھاز ھليو ۽ مان آھستي آھستي سنڌ جي ڌرتيءَ کان پري ٿيندو ويس. سڀ ته ياد اٿم.
خيال آيم ته ھوا جو جھوٽو بڻجي وڃان ۽ سنڌ جي زمين، مڪانن ۽ ماڻھن کي چمڻ شروع ڪريان. ڪتو ٿي وڃان ۽ سنڌ جي رستن تي ھلڻ شروع ڪريان. ڀنگي ٿيان ۽ سنڌ جي زمين تي ٻھاري ڏئي ان جي مٽيءَ سان سنانَ ڪريان. شايد چيز جو قدر وڃائڻ مھل پائبو آھي“.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ٻه اکر
  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10
  • 11
  • 12
  • 13
  • 14
  • 15
  • 16
  • 17
  • 18
  • 19
  • 20
  • ڪٿا اڃا اڌوري آھي

  • ارپنا

    ارپيم

    هر ٽين رات خواب ۾ ايندڙ
    ڪجهه ڌنڌلي،
    ڪجهه مبهم،
    سنڌ کي...

    موهن ڪلپنا

    جمعو 14 آگسٽ 1984


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”بُک عشق ادب“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري شاعر ۽ ليکڪ موهن ڪلپنا جي مختصر آتم ڪٿا آهي.
    موھن پنھنجي آتم ڪٿا ۾ دل کولي سڀڪجھ لکيو آھي. اھوئي سبب آھي جو موھن جو نالو؛ اسان سمورن سنڌين جي دلين تي اُڪريل آھي ۽ ان کي ڪو به مٽائي نه ٿو سگھي. هو لکي ٿو:
    ”جھاز ھليو ۽ مان آھستي آھستي سنڌ جي ڌرتيءَ کان پري ٿيندو ويس. سڀ ته ياد اٿم.
    خيال آيم ته ھوا جو جھوٽو بڻجي وڃان ۽ سنڌ جي زمين، مڪانن ۽ ماڻھن کي چمڻ شروع ڪريان. ڪتو ٿي وڃان ۽ سنڌ جي رستن تي ھلڻ شروع ڪريان. ڀنگي ٿيان ۽ سنڌ جي زمين تي ٻھاري ڏئي ان جي مٽيءَ سان سنانَ ڪريان. شايد چيز جو قدر وڃائڻ مھل پائبو آھي“.
    هي ڪتاب 2002ع ۾ سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين رزاق بجير جا جنهن هن ناول کي فيسبوڪ پيج تي قسطوار ڪمپوز ڪري رکيو آهي ۽ اسانکي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ به رکڻ لاءِ موڪليو. پياري راشد شر کي جس هجي جنهن هن ناول جون سڀ قسطون سهيڙي ڪتابي شڪل ڏني. پروف جون چُڪون ڪمپوز ڪندڙ ۽ اسان طرفان سمجهجو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ٻه اکر

    ”بک عشق ادب“ سنڌيءَ جي مشھور قلمڪار موھن ڪلپنا جي مختصر آتم ڪٿا آھي جيڪا سنڌ ۾ ھن کان ٻه دفعا پھرين به ڇپجي پڙھندڙن وٽ مقبوليت ماڻي چُڪي آھي. ھي ته موھن جي آتم ڪٿا آھي پر ان جي اُھا ڪھڙي تحرير آھي جنھن اسان سنڌين وٽ مانُ نه ماڻيو آھي. اھا ان جي شاعريءَ ھجي، ڪھاڻيون ھجن، رپوتاز ھجي، مضمون ھجن، ناول ھجن يا ناوليٽ. سمورين تحريرن ھڪجھڙو مانُ پئي ماڻيو آھي، شايد ان ڪري جو موھن جي تحريرن ۾ آيل درد، رُڳو ان جو درد ڪونھي پر اسان جي سڄي ماحول/سموري ارد گرد ۽ سموري آس پاس جو درد آھي ۽ جڏھن اسين درد سان ٽٻ ٿيل سندس انھن تحريرن کي پڙھون ٿا ته انھن ۾ پنھنجو ۽ پنھنجي آس پاس جو اولڙو پسون ٿا.
    ”بک عشق ادب“ نه رڳو موھن ڪلپنا جو بھترين ڪتاب آھي پر ھيءُ سنڌيءَ جو به بھترين ڪتاب آھي. آتم ڪٿائن ۾ بھترين ڪتاب آھي ۽ آتم ڪٿائن جا جيڪي سنڌيءَ ۾ ڪتاب آيل آھن، انھن ۾ به ان جو مٿانھون درجو آھي. ”بک عشق ادب“ ۾ موھن جي بک جي به ڪھاڻي آھي. ھُن زندگيءَ ۾ جيڪا بک ڪٽي آھي، جيڪي رولڙا ڪٽيا آھن، جيڪي پريشانيون ان کي پلئہ پيون آھن، جيڪي مشڪلاتون ان جي راھن ۾ رنڊڪون بڻيون آھن، اُھي سڀ ھن ڪتاب، ھن آتم ڪٿا جي ھر ورق ۾ موجود آھن ۽ ھن اھا آتم ڪٿا به ان ڪري لکي جو ھن کي ان ڳالھ جو ڀرپور احساس ھو.
    ”مون جيون سان ڀرپور پيار ڪيو آھي، ان جا دک، سک، آنڀو، خواب، آدرش ۽ اڻپوريون ٿيل خواھشن جا درد ونڊڻ چاھيان ٿو. “ ۽ انھن دردن کي ونڊڻ لاءِ ھن آتم ڪٿا کي تحرير ڪيو ۽ پنھنجو شروع ۾ ئي تعارف ڪرائيندي ٻڌائي ٿو:
    ” ان ڪري زندگيءَ جو گھڻو حصو فاقہ ڪشيءَ ۾ گذاريو اٿم. جيتوڻيڪ ان سوچ کان به واقف آھيان ته ماڻھو ھميشہ سچ ڳالھائي نه ٿو سگھي. “
    ”جيل به ڪٽيا اٿم ته گولين جي سامھون سينو به ساھيو اٿم. ادبي محفلن ۾ سر ڪٽيا اٿم ۽ ڪٽايا اٿم. زلفن جي پينگھن ۾ وڪڙ بڻجي لطف ماڻيو اٿم ۽ غلط گلاسن جو زھر پيتو اٿم. پنھنجو رت به پياريو اٿم. حاصل مطلب اھوئي ته جتي ھوس. اتي آھيان. منھنجو بئنڪ بئلنس فقط ڪي يادون آھن. ڪجھ به ته نه آھيان مان. قوم جي قسمت ٺاھي نٿو سگھان. قوم ته قوم پنھنجو مقدر به ٺاھي نه سگھيو آھيان ۽ عمر جي اڌ صديءَ ۾ فقط خوابن جي لاشن کي اکين ۾ چڀندو ڏٺو اٿم“.
    ان جي عشق/عشقن جي کليل ڪھاڻي ھن آتم ڪٿا ۾ آيل آھي. ھن جي زندگيءَ ۾ جن به عورتن /محبوبائن پير رکيو يا جن به ان جو دروازو کڙڪايو يا جن جي پيار ۾ ھو بار بار وڃائجي ويو، اھو سڄو تذڪرو ھتي اسين پڙھي سگھنداسين ھو چوي ٿو:
    ”شايد ڪنھن ڪلاڪار جي زندگيءَ ۾ ٻه چار عورتون ھڪ خاص اثر ڇڏي ٿيون وڃن. پوء ھو کين مختلف ڪنڊن کان چٽڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. آرٽسٽ جي زندگيءَ ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٻه عورتون ضرور اچڻ گھرجن. ٻن وڻن جي باھ چٽڻ ۽ تن جو اختلاف ٻڌائڻ ئي ڪلا آھي. “
    ھن ڪوٽڙيءَ ۾ جنم ورتو. جنم ڀوميءَ جي حوالي سان ته ڪوٽڙي ان کي پياري ھئي. سنڌ پياري ھئي پر ڪوٽڙي ان کي نياضيءَ جي ڪري به پياري ھئي. ھن ڪيڏن نه دل کي ڇھندڙ لفظن ۾ لکيو آھي:
    ”ڪوٽڙيءَ جي سرزمين تي شاھ لطيف جي پيرن جا نشان به ته آھن. ڪٿي ته پير سائين لطيف جي پير جي جڳھ مٿان آيو ھوندو. منھنجو ۽ سندس تصوف جو ڪجھ حصو منھنجي من ۾. وجود ۾ گھسي ويو ھوندو. پر اتي مون گھڻو. سنڌوءَ کي نه. نياضيءَ کي ڏٺو آھي. ڪراچيءَ ۾ جوانيءَ جڏھن جسم ۾ پچڻ شروع ڪيو ته سوچيم ڪوٽڙيءَ وڃان ۽ کيس ڀڄائي اچان.
    نياضيءَ لسيءَ جا گلاس موڪليندي ھئي. ڪڏھن مان نياضيءَ جي گھر. ڇاڇ پياريندي ڀاڪر به پائيندي ۽ چميون به ڏيندي ھئي. تڏھن ڏسان ته من جا گل تاج جي گلن جيان سنگمرمر جيان سخت ٿيندا وڃن“....
    ''جڏھن سورنھن سالن جو ٿيس ته سيني ۾ سور جي سٽ اڀريم. ھن جي ياد آئي مون ماءُ کان پنج روپيا ورتا. رپئي نوين آني ڪوٽڙيءَ جي ٽڪيٽ ورتم. اسٽيشن تي ٽانگي ۾ ويٺس. ٻه آنا ڀاڙو، ٻه ميل پنڌ. لڳم ته ھاڻي جوان ٿيو آھيان ۽ کيس ڀاڪر پائي چمي ڏئي سگھندس....
    منھنجي اکين ۾ ڪلور فارم ڀريل اٿئي. مان ان وقت ھوس ھڪ پڪو ھندو ۽ آر -ايس-ايس جو ميمبر ھئس. مگر عشق ۾ فقط ھڪ انسان ھئس. رُڪ جھڙو بدن، سقراط جھڙي زبان، ماکيءَ ۽ زھر جھڙو آواز، نظر ائين ڄڻ ست ديوارون پار ڏسي. ڪپڙا ته ڪجھ نه ھئا. پر اھا اُڪنڊ ۽ اُڪير حوس مٿان حاوي ٿي وئي.... ڏسان ته گھر کي تالو جو ڄڻ منھن تي لڳل. دل ڄڻ بيھجي وئي“.
    نياضيءَ سان موھن ڪيترو پيار ڪيو. اچو ته اُھو به پڙھون:
    ”ڏھن سالن جي عمر بعد مون کيس وري ڪونه ڏٺو. آرزو اٿم ته کيس ڏسان. ٻڍي ھوندي. شايد سڃاڻي به نه. مان به شايد نه سڃاڻانس. الائي جيئري به ھوندي يا نه. ضرور ٿورو مون کي به ياد ڪندي ھوندي. مون کان ڪو حياتيءَ جو سال کسي وٺي ۽ ھڪ منٽ نياضيءَ سان ملاقات ڪرائي ته مان وڌيڪ سال ڏيڻ لاء تيار ٿي وڃان. شايد اھو منھنجو پھريون پيار ھو. معصوم، الڙ، نادان، پر مان اھو دعويٰ سان چئي ٿو سگھان ته ھن جي پيار ۾ ڀاڪر ۽ چمين ۾ ھڪ شفقت ھئي. اھا چمي جا ماءُ، زال ۽ پريمڪا جي چميءَ کان مختلف ھئي“...
    ان جي زندگيءَ ۾ رڳو نياضي ڪانه آئي ھئي. نياضي ته ان جو پھريون پيار ھئي.
    '' عشق مون گھڻا ڪيا آھن ۽ مان اڪثر صادق ۽ ثابت قدم رھيو آھيان اڪثر ماڻھو پيار ڪن ۽ سمجھن ته سچو پيار ٿا ڪن ۽ پوء جڏھن اھو پيار ختم ٿي وڃي ته ان کي دوکو ڪوڙ چون ۽ ٻئي پيار کي صحيح معنيٰ ۾ سچو چون“....
    سرجوءَ جڏھن پھريون دفعو مون کي چمي ڏني ته بنھ ان کن نياضي ياد آيم. پر سوچيم ته جنھن سان آھيان. ان کن ان جو خيال ڪندس. ان جي جذبن ۽ احساسن جو. ھو به اندر جو سچ آھي جو موقعي جي ساڳيائي ڏسي ياداشت جي دريءَ مان پنھنجو سيس ڪڍي ٿي. پر چمي ھڪ جي ۽ لطف ٻئي جو وٺان. مون پاڻ کي اھڙي تربيت نه ڏني“.
    پيار ته مون گھڻا ڪيا. ڄڻ عشق جو ٽرئفڪ پوليس مئن ھوس. حسينائون جي موٽرون آھن. جي ھٿ جي اشاري سان بيھن ۽ ھليون وڃن“.
    ھن پنھنجي آتم ڪٿا ۾ نه رڳو پنھنجي بک ۽ عشق جي سچائين کي تحرير ڪيو آھي پر ادب ۽ سياست تي به کلي دل سان پنھنجي راين کي اظھاريو آھي. لکي ٿو:
    مان آتم ڪٿا مان تاريخ ۾ انڪروچمينٽ نٿو ڪرڻ چاھيان. پر ڪو به شخص تاريخي طاقتن کان ٻاھر نٿو جيئي. ھڪ ساڌو مھاتما جي غلطيءَ ۽ ان جي ايڏي سزا؟ منزل گاھ ته ويو. سنڌ به ويئي. ھاڻ چمڙن جيان آسمان ۾ ابتا لٽڪيا پيا آھيون ۽ ويٺا سنڌ ڏانھن نھاريون. ڪڏھن ماٺ ۾ منزل گاھ جا آواز ڪن تي پوندا آھن. ھو ھو، دانھون ڪوڪون، مليٽريءَ جي آمد ۽ ھڪ لنبي کٽڪندڙ ماٺ. ڄڻ سڀڪجھ مري ويو آھي. گھٽيءَ، شھر، انسان ائين ھر ملڪ جي تاريخ ۾ آھي. ڳالھيون عام جام ڏسجن ٿيون. بنگال، بھار، پنجاب جا فساد. ھوڏانھن ٻي مھاڀاري جنگ مون ڏٺي آھي. وڏا ننڍا ٿيندا آھن. تنگ دل. تنگ خيال. تعصبيءَ مان ھندستان ۾ گانڌيءَ، نھروءَ ۽ سباش کي ائين نه ٿو سمجھان. جي اُھي ئي ٺھن ھا ۽ عبداللھ سنڌيءَ ۽ جناح کي پاڻ سان کڻن ھا ته قصو ڪجھ ٻيو ھجي ھا“.
    ”ڪاش ان وقت ڪو مون کي قوم جو وگيانڪ تصور ڏئي ھا. مان يارنھن سالن جي عمر ۾ انقلابي ٿيس. سورھن سال انڊر گرائونڊ به ويس. ارڙھن ۾ ٽي مھينا جيل ۾ بند به ٿيس. پر ان وقت مون کي خبر نه ھئي ته قوم ڇا ھئي ۽ ڪھڙيءَ قوم لاء لڙڻو ھو. منھنجي جيون جو اھو اھم دؤر ھڪ غلط آدر شواد جو شڪار ٿيو. مون ڄڻ ڪجھ پاڻ خلاف لڙائي ڪئي. پاڻ کي زخمي ڪيو. ڪنھن جڳھ تي بندوق، ڪارتوسن ۽ ڪرچين جي سنڀالڻ جي جوابداري به کنيم“.
    '' مون ڪٿي لکيو آھي ته ھندستان جي آزاديءَ مون کي ڪا خوشي نه ڏني آھي ۽ مون گذريل 355 سالن ۾ ھندستان جي قومي جھنڊي جي سلامي نه ڪئي آھي. اڃا آزادي لولي لنگڙي سمجھي اٿم ۽ آزاديءَ جي ڏينھن ڪڏھن به جشن ۾ شامل نه ٿيندو آھيان. اھو ڏينھن مون کي ياد ڏياريندو آھي ته اسان پنھنجي وطن کي ان ڏينھن وڃايو ھو. “
    '' جھاز ھليو ۽ مان آھستي آھستي سنڌ جي ڌرتيءَ کان پري ٿيندو ويس. سڀ ته ياد اٿم.
    خوش رھو اي اھل وطن ھم تو سفر ڪرتي ھين؛
    در ديوار پر حسرت ڪي نظر ڪرتي ھين.
    خيال آيم ته ھوا جو جھوٽو بڻجي وڃان ۽ سنڌ جي زمين، مڪانن ۽ ماڻھن کي چمڻ شروع ڪريان. ڪتو ٿي وڃان ۽ سنڌ جي رستن تي ھلڻ شروع ڪريان. ڀنگي ٿيان ۽ سنڌ جي زمين تي ٻھاري ڏئي ان جي مٽيءَ سان سنانَ ڪريان. شايد چيز جو قدر وڃائڻ مھل پائبو آھي“.
    موھن پنھنجي آتم ڪٿا ۾ دل کولي سڀڪجھ لکيو آھي. اھوئي سبب آھي جو موھن جو نالو؛ اسان سمورن سنڌين جي دلين تي اُڪريل آھي ۽ ان کي ڪو به مٽائي نه ٿو سگھي. موھن پنھنجي ٻاراڻيءَ وھي جي ھڪ ياد کي تحرير ڪندي لکيو آھي؛
    ”مان سکر راجا رام ھاء اسڪول ۾ ڪچي ٻاراڻي کان ٽئين درجي تائين پڙھيس. سامھون سنڌوءَ جو شاھي درياء ھو جتي مائي راجا نالي ڪو مندر ھو. اتي ھڪ پپر جو وڻ به ھو. جتي پٿر سان ھڪ نالو لکيو ھوم؛ موھن، وڏو بند ھو. پاڻي اٽڪل اٺ ڏھ فوٽ ھيٺ. چاليھن سالن کان وڌيڪ عرصو ٿيو آھي. سکر نه ڏٺو اٿم. ڪڏھن ڏسندو آھيان. ھڪ ٻار آھي. پپل جي وڻ وٽ بيٺو آھي. سنڌوءَ ڏانھن نھاري رھيو آھي. چاھيندو آھيان ڪاش! ھڪ دفعو اتي پھچي وڃان. ان وڻ ھيٺان جيڪڏھن اڃا به اتي آھي ۽ جي نه آھي ته ڪو تصور جو وڻ کڙو ڪريان. ائين تصور ۾ گھڻا دفعا سنڌوءَ جي ڪپ تي پپل جي وڻ ھيٺان بيٺو آھيان. ھاڻي به ڪيترا اتي بيھندا ھوندا. ڪنھن کي خبر نه ھوندي ته ان جڳھ تي ستن سالن جي عمر جو موھن ڪلپنا به بيھندو ھو“.
    ۽ ھن وقت موھن. اسان وٽ موجود ناھي. ھو سنڌ کي ھڪ ڀيرو ڏسڻ جي تمنا رکي رکي موڪلائي ويو. ڪاش ھو ھاڻي ڏسي سگھي. محسوس ڪري سگھي. تصور ڪري سگھي ته ھن ستين سالن جي عمر ۾ سنڌ ۾ جنھن وڻ تي موھن ڪلپنا جو نالو تحرير ڪيو ھو اھو وڻ سلامت آھي. اھو نالو سلامت آھي. نه رڳو اھو نالو ان وڻ تي تحرير ٿيل آھي پر ھر سٻاجھو سنڌي پنھنجي دل تي موھن جي نالي کي ايڏي ته پيار ۽ قرب مان تحرير ڪري چڪو آھي جيڏي پيار پاٻوھ مان موھن پنھنجي ھن آتم ڪٿا کي تحرير ڪيو آھي.

    ناز سنائي
    5 ڊسمبر 2001ع
    شاھ فيصل ڪالونيءَ
    حيدرآباد سنڌ.


    1

    ھڪ نھايت ڊگھو رستو طئه ڪيو آھي مون. ھونءَ ڪو رستو ٿيندو ته نه آھي زندگيءَ ۾ پيچرا، پھاڙ، ميدان تي ڪريل گُل. پير رکجن ته اڪثر ڪنڊا لڳن، واديون لھندو وڃجي، ڪرندو وڃجي، ڪرڻ ۾ موج آھي. ڪنھن سان ڪوڙ، ڪنھن سان دوکو، ڪڏھن اجايو اڀمان پر مون اڪثر مٿي چڙھڻ چاھيو آھي، مٿي ۽ مٿي. ان کان به مٿي. ان ڪري مون ڌرم شاسترن جي به اوٽ ورتي آھي. ڏسان ته اتي ئي بيٺو آھيان. ياترا فقط من جي ڪئي اٿم. آدرشن جا پھاڙ، عمل جون کاھيون، ڪڏھن عمل جون باھيون، جيل به ڪاٽيا اٿم ته گولين جي سامھون سينو به ساھيو اٿم. ادبي محفلن ۾ سر ڪٽيا اٿم. ڪٽايا اٿم. زلفن جي پينگھن ۾ وڪڙ بڻجي لطف ماڻيو اٿم ۽ غلط گلاسن جو زھر پيتو اٿم. پنھنجو رت به پياريو اٿم. حاصل مطلب اھوئي ته جتي ھوس، اتي آھيان. منھنجو بئنڪ بئلنس فقط يادون آھن. ڪجھ به ته نه آھيان مان. قوم جي قسمت ٺاھي نٿو سگھان، قوم ته قوم پنھنجو مقدر پڻ ٺاھي نه سگھيو آھيان. ۽ عمر جي اڌ صديءَ ۾ فقط خوابن جي لاشن کي اکين ۾ ڇنڀندو ڏٺو اٿم. مان ھڪ ليکڪ آھيان، اڌ زندگي ٽيبل تي گذاري اٿم. روشنيءَ جي تلاش ۾ اوندھ ۾ قلم کنيو آھي مون. رواجي ماڻھو آھيان مان. رواجي ڪير به مونسان گڏجي کيس خسيسپڻي جو احساس نه ٿئي، ڪنھن ڪنھن سان به گڏجان مان ته ساڳيو احساس مون کي به نه جاڳي. خسيس ماڻھوءَ کي خسيسپڻي جو احساس مشڪل ئي جاڳندو آھي. ته پوءِ آتم ڪٿا ڇا جي؟ مون جيون سان ڀرپور پيار ڪيو آھي... ان جا دک، سک، آنڀو، خواب، آدرش ۽ اڻپوريون ٿيل خواھشن جا درد ونڊڻ چاھيان ٿو مان. ائين مون رستي جي فقيرن سان گفتگو ڪئي آھي ته ملڪ جي وزيرن ۽ وزيراعظم سان پڻ ملاقاتون ڪيون آھن. فلم ائڪٽريسن سان شامون گذاريون اٿم ته ڪن سان راتيون جاڳي ڪچھريون ڪيون اٿم. مان شايد ڏيکارڻ ٿو چاھيان ته ڪٿا فقط وڏن ماڻھن جي نه ٿيندي آھي، ننڍن جي به ٿيندي آھي. ته زندگيءَ جو لطف ماڻڻ لاءِ بنگلن، ڪارن ۽ ھيليڪاپٽرن جي ضرورت نه آھي؛ چاھي من خلاف جھاد کڙو ڪرڻ به جھالت آھي. زندگيءَ جيئڻ ھڪ ڪلا آھي. شايد مان پنھنجي سوچ ۾، وھنوار ۾، فطرت ۾ نھايت تخليقي آھيان. مان مصنوعيت کان ڀڳو آھيان. مون قدرن جي تلاش ڪئي آھي ۽ ان لاءِ ڪي اصول قائم ڪيا. قدرن کي پائي نه سگھيس ته قدر نه ڇڏيم، اصولن کي ڇڏيم. نيم يا ماپا غلط ھوندا ته قدرن تي عمل ٿي نه سگھندو. اصول گنگا جيان آھن. اھا رشي ڪشن وٽ اجول آھي. ڪانپور ۾ ساڳي گنگا ۾ لاش پيا وھن ۽ ڪناري تي ويٺل ڳجھين جا کليل پر ۽ کتل چنبا، ساڳي گنگا جو روپ امرت بدران زھر جو ٿا ڏين. اصول ڪوڙڪا آھن ته ان ۾ قدرن جا شينھن ڦاسن، جن کي ڦاسائي ھيسائي، ٻڪرين سان دوستي رکائي وڃي.
    دنيا ۾ سڀ کان وڏو قدر آھي انسان جي پاڪ ۽ مقدس جذبن جو بچاءُ. اھو قدر ھندوستانين ۾ ورڻ سرشتي ۾ مار ٿو کائي. ڪن کي ڀڳوان منھن مان، ڪن کي ٻانھن ٽنگن مان، ڪن کي پيرن مان پيدا ڪيو. برھمڻ، کتري، وئش شودر، شودرن کي اڇوت به چون. پر اھي برھمڻ جڏھن ڀڳوان جي مورتيءَ جي پوڄا ڪن ته ڌوئن ھن جا پير ٿا. ڪيڏو ٻھروپ! کين ڀڳوان جا پير اصل نه ڌوئڻ گھرجن جو اھي اڇوت آھن. برھمڻ جو ڪم آھي وديا ڏيڻ. مگر برھمڻ وٽ ھن ديش کي مضبوط ۽ طاقتور بنائڻ لاءِ ڪو علم نه آھي. جڏھن ھنن بيلچيءَ جي ڪن اڇوت ڪٽنبن کي جيئري جلائي ڇڏيو ته ڄڻ پنھنجي ورڻ تي فتويٰ ڏني ته ھندوستان ۾ فلسفانه سطح تي اھو طبقو ختم آھي.
    ھاڻي ته کتري به اھي آھن جي فوج ۾ آھن. ھر ذات آھي ان ۾ ساڳي حالت واپار جي آھي:ڪوڙ، ٺڳي، ملاوٽ، ڪارو ڌنڌو. ۽ شودر به وزير ٿيڻ لڳا آھن ۽ ھندوستان جي بچاءُ جھڙا وڏا کاتا سنڀاليا آھن.
    سو جنم مان ڪير به ڪجھ نٿو ٿئي. اھو سرشتو ختم ٿي رھيو آھي. جرمن ۽ يھودي، يھودي ۽ عرب، مسلمان ۽ ھندو، انھن سڀني جا گڙ، ڪنھن سطح تي ته ھڪ ڳالھ ڪن ٿا مگر ان جي غلط پڙھائي سبب ڪي شخص ۽ سرشتا، انسان جي سوکيم عمل ۽ سريشٽ ڀاونائن جي ھنسا ڪن ٿا. انھن پوڄا لائق ڪتابن ۾، اصولن جون وڏيون وڏيون ڳالھيون آھن ۽ اھي سڀ اصول تاريخ ۾ انساني قدرن کي ڪچليندا نظر اچن ٿا. ٻن جرمنين جي وچ ۾ ديوار ڇو آھي؟ فلسطيني ملڪ وجود ۾ ڇو نٿو اچي؟ ٻه ڪوريائون ڇو آھن؟ ڪجھ ۽ ڇا ڪٿي ٿو ضربجي ۽ اھا قوميت جي ھنسا آھي.
    منھنجي جيون ۾ انھن سوالن جي مناسبت آھي به ۽ نه به آھي. قدرت انسان کي اھو ستايو آھي جو ھو پنھنجي وجود جي پاڇي کان ڏڪي ٿو ۽ ان کي گولي ھڻي ٿو. ۽ جڏھن پاڇو نٿو مري تڏھن ھو سچ جي ڳولا ڪري پاڻ کي گولي ھڻي ٿو ڇڏي. مھاڀارت کان وٺي ٻي عالمگير جنگ تائين انسان ائين ڪيو آھي. مون گھڻن وڏن ماڻھن جون جيونيون پڙھيون آھن. اھي مون کي ڏاڍا ننڍا لڳندا آھن. بس پنھنجي زمين جو ٽڪر، پنھنجا ماڻھو، پنھنجو ڪلچر ۽ نظام، جنگ ۽ تباھي. ڪتاب نيپولين کي وڏو جنگي سورمو سمجھندا آھن. ھڪ غنڊو، شخصي سطح تي ھڪ خون ڪري ته اسين ان کي پڪڙي، کيس ٿڪون ۽ مڪون ھڻي، جيلن ۾ بند ڪرائيندا آھيون پر اھو ساڳيو ماڻھو قومي سطح تي خونريزي ڪري ته ان کي سورمو سڏيندا آھيون. ڪرشن ڀڳوان سچ جو طرفدار ٿيو پر ھڪ ھڪ ڪورو کي ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ سان مارايو.
    چي: ھنن ڪوروَن به ته اوھان سان دولاب ڪيو. يعني جو ڪوروَن پھرين ڪيو سو پانڊوَن پوءِ ڪيو ۽ سڀ خلاص. اھي سڀ قومي سورما آھن. ھٽلر ۽ مسولني قومي غنڊا ھئا. کين انسان جي سچن دشمنن جي خبر نه ھئ ته اھي آھن بک، غريبي، بيماري، جھالت، قدرت طرفان ٻوڏ سوڪ زلزلا، ان ڪري منھنجو يقين آھي ته دنيا ۾ فقط ٻن قسمن جا وڏا ماڻھو پيدا ٿيا آھن:
    ھڪڙا و گياني ۽ ٻيا ڪلاڪار.
    وگيانين دنيا کي بھتر بڻايو آھي. چاھي ان ۾ اھي مفڪر اچن ٿا جن کي وگيانڪ سوچ آھي ۽ ڪلاڪار، جن جي ڪلا جيون سان پيار ڪرڻ ٿي سيکاري. باقي اھو ماڻھو، جن جيون جي بھتريءَ لاءِ جدوجھد ڪئي، مسيح کان وٺي گانڌي تائين انھن جي فھرست به وڏي آھي. انھن کان الڳ اھي درويش، صوفي جن زندگيءَ جي قدرن تي زور ڏنو، جيئن نانڪ، ڪبير، شاھ لطيف آھن.
    سچا سورما اھي خسيس ماڻھو آھن جن جي ڪا نه ڪا خواھش مسيح جيان صليب تي چڙھي ٿي ۽ ڪو انسان گانڌيءَ جيان گولي کائي ٿو يا سندس ڪو خواب سقراط جيان زھر پيئي ٿو. ان ڪري مون قبول ڪري ڇڏيو آھي ته منھنجي جيون ڪٿا ھڪ اھڙي خسيس ماڻھو جو داستان آھي.
    مان سکر راجا رام ھاءِ اسڪول ۾ ڪچي ٻاراڻي کان ٽئين درجي تائين پڙھيس. سامھون سنڌوءَ جو شاھي درياءَ ھو جتي مائي راجا نالي ڪو مندر به ھو. اتي ھڪ پپر جو وڻ به ھو، جتي پٿر سان ھڪ نالو لکيو ھوم: موھن، وڏو بند ھو. پاڻي اٽڪل اٺ ڏھ فوٽ ھيٺ. چاليھن سالن کان وڌيڪ عرصو ٿيو آھي، سکر نه ڏٺو اٿم. ڪڏھن ڏسندو آھيان: ھڪ ٻار آھي، پپل جي وڻ وٽ بيٺو آھي، سنڌوءَ ڏانھن نھاري رھيو آھي. چاھيندو آھيان ڪاش!ھڪ دفعو اتي پھچي وڃان. ان وڻ ھيٺان جيڪڏھن اھو اڃا به اتي آھي ۽ جي نه آھي ته ڪو تصور جو وڻ کڙو ڪريان. ائين تصور ۾ گھڻا دفعا سنڌوءَ جي ڪپ تي، پپل جي ھيٺان بيٺو آھيان. ھاڻي به ڪيترا شخص اتي بيھندا ھوندا. ڪنھن کي خبر نه ھوندي ته ان جڳھ تي ستن سالن جي عمر جو موھن ڪلپنا به بيھندو ھو:
    رھندو فريئر روڊ تي ڪنھن پريس جي مٿان ھوس، جنھن جو منھن پٺئين گھٽيءَ ۾ ھوندو ھو. پريس اڪثر بند رھندي ھئي ۽ اندر ٻليون پيون گھمنديون ھيون. نم جي چاڙھيءَ وٽ شايد پوڪرداس ائنڊ سنس جو شاھي ڪتاب گھر ھو. ٿلھي تي ٽانگا اسٽينڊ ھو. رستا پڪين سرن جا ھئا، جتي ميونسپالٽيءَ جون ٽرڪون پاڻي ھاري ٿڌڪار ڪنديون ھيون يا ڪڏھن اھو ڪم پخالي ڪندا ھئا. مون کي اصل خبر نه ھئي ته انھيءَ شھر ۾ مونکان پنج ڏھ سال وڏا، شيخ اياز، سڳن آھوجا، ھيمون ڪالاڻي ۽ رشيد ڀٽي رھندا ھئا يا ان جي گھٽين مان خطرناڪ انقلابي پرچو وديارٿي لنگھندو ھو.

    مان ھڪ ٻار.
    اسڪول مان موٽي تير ڪمان کڻي ٻلين جا شڪار ڪندو ھوس. مون کي خبر ناھي ڪنھن جي مون ھڪ ٻلي ماري وڌي. ڪنڊ تي ھڪ گراموفون جو دڪان ھو. اتي بيھي ڪتي واري فوني جا رڪارڊ ٻڌندو ھوس، جا عادت اڳواڻن جون تقريرون ٻڌڻ ۾ تبديل ٿي. مان ان دوڪان واري کان فوني جون سيون وٺندو ھوس ۽ تيرن ۾ اڳيان، ٿلھو پاسو اندر وجھي شڪار تي نڪرندو ھوس. ھڪ دفعي پريس جي شيخن واري در مان ھڪ ٻليءَ کي پيٽ تي تير ھنيم. ٻليءَ دانھن ڪئي: ميائون... سئي اندر ھلي ويس ۽ تير سڌو ٻاھران اٽڪي پيس. ڪجھ ڪري نه سگھي. مان به کيس ڏسندو رھيس. ٻه چار دفعا اچ وڃ ڪري پوءِ اندر ھلي ويئي. ان گھٽيءَ ۾ ڪا جڳھ ٿي ٺھي. اتي ريتي، سرون ۽ چني جو منو ڀريل ٽب پيو. ھڪ ڏينھن ڏٺم ته ھڪ ڪاري ٻلي ٽب ڀرسان ويٺي آھي. اکيون بند، ڄڻ عبادت ۾ مشغول ھئي. طوفان جي تيزيءَ سان ھيٺ جھڪي مون کيس پڇ کان جھليو ۽ کيس ڇڪي چني جي ٽب ۾ وجھي ڇڏيم. ڪڏھن اندر ڪڏھن ٻاھر. ڏاڍي جدوجھد ڪيائين. ھئي ڪاري اڇي ٿي وئي. ڪافي وقت کيس ڏٺم. آخر ھوءَ ان ٽب ۾ غرق ٿي ويئي.
    زندگيءَ ۾ جڏھن ڪڏھن ڪو دک ڏسندو آھيان، جڏھن بيوسيءَ جو احساس من کي سوگھو جھليندو آھي، روشنيءَ جو ڪو ترورو ڏسڻ ۾ نه ايندو آھي، من ۾ تازي ھوا جي ڪمي محسوس ٿيندي آھي، تڏھن ذھن جي ڪنھن ڪنڊ مان، من عجائب گھر مان اھا ٻلي اجاگر ٿيندي آھي ۽ ٽب مان ٻاھر نڪرڻ لاءِ ٽپا ڏيندي نظر ايندي آھي. في الحال مفڪرانه سطح تي، مون لاءِ اھو ٽب ھندوستان آھي ۽ ان ٽب کان ٻاھر فقط سنڌ آھي.
    ھڪ ماڻھوءَ پاڻ کي ماري ڇڏيو. ڳچيءَ ۾ نوڙي ٻڌي. ڪافي ماڻھو جمع ٿيا. ڇت ۾ ڪمان ۾ لٽڪيو پيو ھو. اکيون ڦاٽل، زبان ٻاھر، ڳچي ڇڪيل، ٻاھر جوڻس ۽ ماءُ پيءُ روئي رھيا ھئس. منھنجي من ۾ ان وقت فقط ھڪ ويچار آيو: ائين نه ٿيڻ کپندو ھو. شايد مايوسيءَ جي مستقل لمحن ۾ ڪڏھن مان آپگھات ڪري ڇڏيان ھا، مگر مون کي زندگيءَ سيکاري ڇڏيو ھو : نه، ائين نه! ھوءَ عورت جوان، ڪيترو ھن رنو. ڇا ان سورمي کي ھن جو نه سوچڻ کپندو ھو؟ ان ڪري منھنجا ڪردار آپگھات ڪندي ڪندي ان جو خيال لاھي ڇڏيندا آھن.
    وشنو ڀاٽيا، منھنجو پيارو دوست. شايد ھندستان جي سنڌي اديبن ۾ مون جيان وشنو ڀاٽيا آھي، جنھن ڪافي معاشرتي تڪليفون ڏٺيون آھن.
    عشق ۾ ڦڪا ڪانا چوسيا آھن. ھن جا کيسا اڪثر خالي رھندا آھن. پنج سؤ نوڪريون ڪيون اٿائين ۽ ڇڏيون اٿائين يعني نه ڪيون اٿائين.
    مائونٽ ابوءَ جي ھڪ پھاڙ تي ويٺا ھئاسين. اديب چوندا آھن، وشنو کي ڳالھائڻ نه ايندو آھي. غلط چوندا آھن. وشنو ڪچھرين ۾ نه، دوستن ۾ ڳالھائيندو آھي. ماڊرن آرٽ، ميوزڪ، لٽريچر، رليجن، فلاسافي چيائين: آمريڪا جي اخبارن ۾ چرچ طرفان ھڪ اشتھار ڇپجندو آھي: خدا واسطي، آپگھات ڪرڻ کان اڳ ھڪ دفعو اسانکي فون ڪريو.
    ”ڇو آمريڪا ڪوچ ڪرڻ جو خيال ڪيو اٿئي“؟
    ”کلي، منھنجي آمريڪا انڊيا ۾ آھي. “
    ”اڇا. “
    ”منھنجي دل ۾، جڏھن به آپگھات ڪرڻ جو خيال ايندو آھي، مان تو وٽ ھليو ايندو آھيان“.
    ايشور آنچل به چوندو آھي ” آپگھات جو فلسفو غلط آھي. اسين موھن کي ڏسندا آھيون، اسان کي لڳندو آھي، آپگھات سچ پچ ڪانئرتا آھي“.
    منھنجو شخص جيون جيئڻ جو اتساھ ڏئي ته ان مان مون کي پنھنجي شخص کي جائز فخر ٿيندو آھي. مون کي زندگيءَ سيکاريو؛ نه، ائين نه، کيس ائين نه ڪرڻ کپندو ھو، مون کي، ڪنھن کي ائين نه ڪرڻ کپي، گم ٿيل شخص جي ڳولا باقي بچيل شخص کي مارڻ ۾ نه آھي.
    ھڪ ڏينھن ڏسان ته بزار بند ٿيڻ لڳي آھي. ڪي ماڻھو دڪان لٽي رھيا آھن. منزل گاھ ! منزل گاھ! چون شھر ۾ ھندن مسلمانن جو فساد ٿيو آھي. تڏھن مون کي خبر نه ھئي ماڻھو ھندو به ٿيندا آھن ۽ مسلمان به ٿيندا آھن. ساھ ھوندو ته ٻنھي کي پيارو آھي، پر ٻئي سمجھندا آھن فقط ھڪڙن کي ۽ ٻين کي پيارو نه ھوندو آھي.
    دادا منھنجو پيءُ به دڪان تان نوان بوٽ کڻي آيو. پوءِ جڏھن مليٽري آئي ته دادا اھي بوٽ ھيٺ ڦٽا ڪري ڇڏيا مليٽري ايندي ھئي ته شھر ۾ راڪاس گھمي ويندو هو، ماءُ ٻارن کي ڇاتيءَ سان لڳائي ڊپ ۽ ھراس وچان آسمان ڏانھن نھاريندي ۽ مان سوچڻ لڳندس ته ھي ماڻھو پاڻ ۾ وڙھن ڇو ٿا.
    گھڻو پوءِ سمجھيم ته ماڻھو وڙھندا نه آھن، ويڙھايا ويندا آھن.
    ھڪ ڏينھن مون دادا کان پڇيو: ”دادا منزل گاھ ڇا آھي“؟
    ”توکي اھا جڳھ ڏيکاري اٿم“.
    ”پر آھي ڇا“؟
    ”مسلمان چون ٿا ته اتي ھڪ پراڻي مسجد آھي“.
    ”مسجد ڇا کي چئبو آھي“؟
    ”ھندو ڀڳوان جي مندر ۾ پوڄا ڪن ۽ مسلمان مسجد ۾ خدا جي“.
    ”ڀڳوان ۽ خدا ۾ ڪھڙو فرق آھي“؟
    ”ڪو به نه“!
    ”مندر ۽ مسجد ۾ ڪھڙو فرق آھي“؟
    ”ڪو به نه“.
    ”ڀلا ھندن ۽ مسمانن ۾“؟
    مٿي تي ھٿ رکي پيار ڪندي چيائين” سچ پچ ته ڪو به نه “.
    ”جڏھن ڪنھن به ڳالھ ۾ ڪو فرق ناھي ته پوءِ ماڻھو وڙھن ڇو ٿا“؟
    ”اڻ پڙھيل آھن“.
    ”فساد ٿيو ڄڻ طوفان لڳو. چؤ طرف ويراني ۽ سنسناھٽ، ڊپ ۽ ھراس ۽ ھوءَ منھنجي ماءُ ؟ متان منھنجن ٻچڙن کي ڪجھ ٿي پئي. جي دنيا جون مائرون ٻڌي ڪن ته دنيا ۾ ڪا جنگ نه لڳي. ڪو دنگو فساد نه ٿئي. ماءُ ھڪ يونيورسٽي آھي. زبان به اھا ڏئي، تھذيب به، پيار به، موھ، ممتا، وشواس ۽ تياڳ. جمھوري ملڪن جون پارليامينٽون اھو قاعدو پاس ڪن ته ملڪ جا صدر ۽ وزيراعظم فقط عورتون ٿي سگھن ٿيون.
    گھٽيءَ ۾ مليٽري پريڊ، شوٽ ائٽ سائيٽ جا آرڊر.
    مان صبح جو پنجين لڳي اڪثر خالصن وارو وڏو گلاس کڻي دادا لاءِ چانھ وٺڻ وڃان. سخت اوندھ، ته واچ مئن پڇندو؛ ڪير؟
    اڙي موھن آھين، وڃ وڃ.
    پئسي ۾ ھي گلاس، پئسي پلو مون ورتو، پنجين پئسي سير کير، ھڪ پائيءَ ۾ نو يعني پيسي ستاويھ مرچن جا پڪوڙا. پئسي ۾ سٺ ننڍا بسڪيٽ. مون کي ياد آھي. ٿلھي تان چانھ وٺي ايندو ھوس. اھي ڏينھن ھئا، سکر ۾ ڀڳتون به ٿينديون ھيون، رام ليلائون به. مشاعرا، راڳين جون مجلسون مون ڪو نه ڏٺيون.
    ڪنھن درويش جي مائٽ کي ڪن خبيث ھندن ماري ڇڏيو، ٻين خبيثن بدلي ۾ ڀڳت ڪنور جو خون ڪيو. تيرٿ بسنت ڪنور تي زبردست ڪتاب لکيو آھي سال کن ٿيو ته وري پڙھيم:
    ڪنور نه ھندو _نه مسلمان ھو.
    ۽ اڃا سنڌ جي قومپرستن ڪنور جو ڏينھن نه ملھايو آھي.
    کين رھڙڪيءَ ۾ ڪنور جي سماڌيءَ اڳيان گوڏا کوڙي پنھنجن وڏن جي گناھن جي معافي وٺڻ گھرجي.
    مان ان سرگس ۾ شامل ھوس. ٻيا رنا پئي، مون نه رنو. ڪجھ سمجھيم به نه ته ڪنور کي ڇو ماريو اٿائون. مون سندس کليل شڪل ڏٺي منھن ۾ نور ھئس. ماڻھن ڳايو پئي؛ ڪجھ ھن ريت:

    ھئہ ھئہ اسان جا سنت سچا ڪنور ڪسي وئين.
    اڄ اوچتو ئي اوچتو...

    ان سرگس ۾ مسلمان به ھئا. ھندن ۽ مسلمانن جي شڪلين ۾ فرق صرف ڏاڙھين مڇن ۽ ڪپڙن جو ھو. ساڳيا مھانڊا، خط و خال، قد بت. ڳالھائڻ جو انداز، مسلمانن جي ڇاتين ۾ ڪعبا، ھندن جي ڇاتين ۾ ڪاشيون، سنڌ ته ڄڻ ڏسڻ ۾ نٿي آئي. سنڌ فقط لطيف جي ڪلام ۾ ھئي.
    مان ڪن خاص حالتن ۾ آر-ايس ايس ۾ ڀرتي ٿيس. ڪراچيءَ ۾ شايد 11 سالن جو ھئس. 1942ع کان 1951ع تائين. پر مان ھر مسلمان کان نفرت ڪري نه سگھيس؛ بلڪہ مون ھندن کان وڌيڪ مسلمانن سان محبت ڪئي. جو سنڌ ڌرتيءَ مسلمانن ۾ ڏاڍا سٺا ماڻھو، فنڪار، مفڪر درويش پيدا ڪيا آھن. پر ھاءِ پير علي محمد راشدي، جنھن مسلمانن کي سٺو انسان بنائڻ بدران غلط بنائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن ۾ جي- ايم سيد ڪافي مدد ڪيس.
    سو مون ھوش سنڀاليو ته مون کي ٻڌايو ويو ته مان ھندو ھئس.
    منھنجو جنم ڇنڇر 22 نومبر 1930ع ڪوٽڙيءَ ۾ صبح جو ساڍي پنجين لڳي ٿيو. ڏاڏيءَ جو پھريون پوٽو، ناني ۽ نانيءَ جو پھريون ڏوھٽو ۽ ماءُ پيءُ جو پھريون پٽ ھئس. چوندا آھن؛ پئسو ھٿن جي مَير آھي. شايد جنم جي پھرين ڏينھن منھنجا ھٿ ايترا ته چميائون جو منھنجي ھٿن ۾ اڌ صديءَ جي عمر تائين ڪا مَير ڄمي نه سگھي آھي.
    ديڳيون چڙھيون، شرنائي وارا گھرايا ويا. ان ڏينھن ھر رستو سيوھاڻي گھٽيءَ لنگھن جي پاڙي ڏانھن ٿي ويو. ڪنڊ ۾ گھاڻو، ان بعد اسانجو گھر، گھر وٽان سنڌوءَ طرف وڃجي ته رستو مڱڻھار جي پاڙي کان وڃي سنڌوءَ ۾ سماپت ٿئي. ان جي ابتڙ رستو عيد گاھ کان ڦرندو بند ڏانھن وڃي ماڇين جي پاڙي ۾ ڇيڙو ڪري. چوڪنڊي جو سڌو رستو، ھڪ ته ان اسڪول طرف وڃي، ٻيو مکيه بازار، مختيار ڪار جي آفيس، حيدرآباد ڏانھن ويندڙ بس اسٽئنڊ ان ئي بزار مان ھڪ رستو اسٽيشن ڏانھن جنھن جا ننڍا وڻ ۽ ڪنڊ اڃا به ياد اٿم.
    منھنجو دادا بولچند منگھارام لالا، اصل سيوھاڻي ريلوي ۾ ڪلارڪ ھو ۽ ھر پنجين ستين سال سندس بدلي ٿيندي ھئي، ان ريت ڪوٽڙي بعد ڪي سال سکر، ڪي سال لاھور، ڪي سال ڪالڪا سملا، وري ڪي سال ڪوٽڙي ۽ ڪي سال ڪراچيءَ ۾ گذارياسين. ڏاڏو لالا منگھارام وڏو دھشت وارو شخص ھو ۽ ماڻھو سندس وڏي عزت ڪندا ھئا. ناناڻا حيدرآباد ۾ اولھندي ڪچي ۾ رھندا ھئا، کين بنگلو ھو مان ٻيو دفعو جڏھن ڪوٽڙيءَ آيس ته پنڌ ئي حيدرآباد ويندو ھوس ۽ ساڳئي ڏينھن واپس ورندو ھوس. منھنجو پڦڙ جيتورام ڀٽ شاھ ۾ اسٽيشن ماسٽر ھو. مان شاھ لطيف جي زمين تي پيدا ٿيس پر ياد نه اٿم ته ڪڏھن ڀٽ شاھ ويو ھوس. منھنجي پيءُ جو مامو تلسيداس به سيوھاڻي گھٽيءَ ۾ رھندو ھو، جنھن جون ٻه ڌيئرون رڪمڻي ۽ ليلان شھر جون خوبصورت ڇوڪريون ليکيون وينديون ھيون ۽ خاص طور ٻروچ سندن گھر ٻاھران ٿڌا ساھ ڀري سڄي شھر کي ايئر ڪنڊيشنڊ ڪري ڇڏيندا ھئا. نانو ميٺارام بٽاڻي ڊپٽي ڪليڪٽر ھو. منھنجي ماءُ ڌمي ٻائي تعليم ڪانوينٽ ۾ ورتي ۽ مرڻ تائين ڀڳل ٽٽل انگريزي ڳالھائيندي ھئي. دک ۾ اڪثر انگريزي ڪوتائون ڳائيندي ھئي.
    ڏاڏو به ريلوي ۾ ھو. رٽائر ٿيڻ بعد ھن چارلس ڊڪنس جا ناول پڙھڻ شروع ڪيا. ٻيو ھن وٽ ٽئگور جا ڪتاب ھوندا ھئا. پڇاڙيءَ جو ھو انڌو ٿي پيو. ان ھوندي به ڪڏھن بزار ويندو ھو ته ٽانگي وارا پاسو ڪندا ھئا ته لالا منگھارام ٿو اچي. نالو سندس ياد نه اٿم ؛ مگر مان جڏھن ٻيو دفعو ڪوٽڙيءَ آيس ته ھڪ ٽانگي واري ھفتي ٻئي مون کي اڳيان ويھاري شھر گھمائڻ شروع ڪيو. اھو زمينداري دور ھو، ان ڪري صدين کان ماڻھن جي زندگي ٺھر واري ھوندي ھئي. ماڻھن ۾ سادگيءَ ۽ سچائي ھوندي ھئي ۽ لڳ ڀڳ اندران ٻاھران ساڳيا ھوندا ھئا. مان شڪل مان ذھين لڳندو ھوس ۽ گھٽ پڙھڻ جي باوجود ياداشت تيز ھئڻ سبب، ڪچي ٻاراڻي کان مئٽرڪ تائين ڪلاس جو مانيٽر رھندو آيس؛ چاھي ته في نه ڀري سگھڻ ڪري مئٽرڪ ۾ اسڪول فقط ايڪويھ ڏينھن وڃي سگھيس. مان سکر ۾ ٻئي درجي جو ھئس جو ماستر رسيس ۾ سڏ ڪري ٽي صلاحون ڏنيون ته مان شڪل مان کيس ائين ٿي لڳس ته مان پنھنجي ماڳ ۽ ماڻھن لاءِ ڪجھ ڪندس، ان ڪري.
    1. تون ھميشه سچ ڳالھائج.
    2. ڪڏھن ڪنھن کي گار نه ڏج.
    3. روز اخبار پڙھج.
    منھنجا ڪوڙ به اڪثر ڪلياڻڪاري ھوندا آھن. دنيا ڀر جون اخبارون پڙھندو آھيان ۽ اڄ تائين ڪڏھن ھڪ گار نه ڪڍي اٿم. غصي جي حالت ۾ گار ۾ غصو زوردار نموني ظاھر ٿيندو آھي، پر جيئن ته مان گار نه ڏيندو ھئس ان ڪري ننڍي عمر کان زوردار اظھار جي تلاش ۾ ھوندو ھئس. سوچ جي ان وقت منھنجي زبان توڙي ادب ۾ ڪافي سختي پيدا ڪئي؛ ان ڪري ظرافت جو ھنر ٻئي ھن ڀلي اسڪول ماستر جي صلاح سان حاصل ڪري ورتم. ان ظرافت وڏن ماڻھن سان گڏجڻ ۾ مون کي ڪافي مدد ڏني آھي ۽ مان يا عمر ان گمنام ماستر جو مشڪور رھيو آھيان. مون پنھنجي شخصي مطلب يا فائدي لاءِ شايد ئي ڪوڙ ڳالھايو آھي؛ ان ڪري زندگيءَ جو گھڻو حصو فاقه ڪشيءَ ۾ گذاريو اٿم. جيتوڻيڪ ان سوچ کان به واقف آھيان ته ماڻھو ھميشه سچ ڳالھائي نٿو سگھي.
    سو مون ھوش سنڀاليو ته مون کي ٻڌايو ويو ته مان ھندو ھئس.
    سکر جي ڪَسينِ ۾ ڪانا وجھي ان جو پيڇو ڪندو ھوس ته آخر اھي ڪيڏانھن ٿا وڃن ۽ اھي ڪٿي وڃڻ بعد خلاص ته نه ٿيندا ھوندا،
    مگر روپ ضرور بدلائيندا ھوندا ۽ ڪنھن ٻئي روپ ۾ قائم رھندا ھوندا. وڏو ٿيس سوچيم ھندن جون چوراسي لک چوڻيون به ان ريت ھونديون. لاش کي باھ لڳي. رک نديءَ ۾ ويئي. ندي سمنڊ ۾ سمنڊ مان ڪڪر. ڪڪرن مان مينھن. سو دنيا جي ھر پراڻيءَ جي وجود ۾ ان جو ڪو جزو سمائجي وڃي.
    سکر ۾ زندھ پير جي مقبري تي ويندو ھئس ۽ پائي ڏيئي ساڌ ٻيلي ۾ ڍوڍو چٽڻي لسي وغيره ملندا ھئا. سنڌو درياءَ ۾ اھو ٻيلو ڏاڍو وڻندو ھو. مان ننڍي عمر کان رولاڪ بڻيس ۽ دادا جي مسلسل ٻولي. مون کي وڻن تي چڙھي وڏين ٽارين تي لٽڪڻ جي عادت پئجي وئي سا اڃا به اٿم. ڪوٽڙيءَ توڙي سکر ۾ ٻٻرن ۽ کجين جي وڻن جو ڪو اوھي واھي نه ھو. کجور ڏاڍي وڻندي ھئم. ائين مون ڪعبي جي کجور به کاڌي آھي. مون ھڪ ڪھاڻيءَ به لکي”. امن حليلن لاءِ“. کجور اھڙي سٺي آھي جو ان جي حاصلات لاءِ ھندوستان، پاڪستان سان دائمي جنگنبندي جو عھدنامو ڪري سگھي ٿو. رلڻ پنڻ، ڀٽڪڻ، سوچ، سوچ مان ڪٿان آيس مان، ڪيڏانھن ويندس. زندگيءَ ۽ موت وچ ۾ ڇا غلط، ڇا صحيح آھي. ان کي ڪيئن بھتر بنائجي. پھرين ٻن، ويد وياس ۽ والميڪي ۽ آخرين ڇيد ۾ ڪارل مارڪس سگمنڊ فرائڊ ۽ رابرٽ آئنسٽائن منھنجي سوچ کي وگيانڪ ڏانءُ بخشيو آھي. چاھي ٿورو گھڻو، دنيا جي گھڻن مفڪرن کي پڙھيو اٿم.
    سکر جي منزل گاھ منھنجي دل تي نھايت گھرو اثر ڇڏيو آھي. پر عمر ننڍي ھئم.
    مسئلو سمجھ ۾ نٿي آيو. اسان جا ماستر ۽ پروفيسر به سنڌي تاريخ بابت اڪثر جھڙا ڄٽ. ليکڪن وٽ به خالي اڻ لکيل پٽي. ڏاھر کي شيخ اياز معرفت، محمد ابراھيم جويي مشھور ڪيو ته اھو سنڌي تاريخ جو پھريون سنڌي سورمو آھي، جو پنھنجي زمين ۽ ماڻھن لاءِ لڙيو. ان کان به وڏو درجو دودي جو آھي جو به سنڌ جي زمين ۽ ماڻھن لاءِ، سنڌي غيرت لاءِ دھليءَ جي شھنشاھ علاؤالدين خلجيءَ سان لڙيو. اڏيرو لعل کي اوتار مڃيو ٿو وڃي، مگر ھن جي زندگيءَ تي گھٽ کوجنا ٿي آھي ۽ اسين سندس سيڪيولر ڪردار اڀاري نه سگھيا آھيون، ڇو ته اھوئي مسلمانن لاءِ زندھ پير آھي، جو سکر ۾ آھي؛ ۽ سخت سياسي مت ڀيد رکندي به مان مڃان ٿو ته پير علي محمد راشديءَ ”اُھي ڏينھن اُھي شينھن“ ۾ منزل گاھ تي ڪافي سنڌ سان صحيح لکيو آھي. جيڪڏھن ڪير نارائڻداس ملڪاڻي جي آتم ڪٿا، ”نرالي زندگيءَ“ پڙھي، جا ھن پير علي محمد راشديءَ کان اڳ لکي آھي ته لڳندو ته منزل گاھ ھڪ پراڻي مسجد ئي آھي.
    سومرن ۽ سمن جي وقت کان، رياستي سطح تي سنڌ ۾ مذھبي نفاق ڏسڻ ۾ نٿو اچي. ترخانن جي وقت ۾ ٿوري سختي ٿي. مگر انگريزن زور ايڪڙ ٻيڪڙ واقعن تي آندو. پر مسلمانن سان وڙھن ۽ ھندو ھندن سان، اھڙا ڪيترا مثال تاريخ ۾ موجود آھن. يعني روايات جي لعنت، مگر سامراجوادين پنھنجي راڄ کي قائم رکڻ لاءِ سنڌين ۾ نفاق جو ٻج وڌو. سنڌ جي تاريخ ۽ ھندوستان جي تاريخ ۾ وڏو فرق آھي. سنڌ ۾ تصوف جو گھڻو اثر رھيو آھي. اڪبر بادشاھ 1574ع تي بکر فتح ڪيو ۽ 1591ع ۾ ٺٽو ۽ سيوھڻ. ھو پاڻ امر ڪوٽ سنڌ ۾ 15-آڪٽومبر 1542ع ۾ راڻا ويرسال جي گھر ۾ ڄائو ۽ سنڌ محض ٻن خيالن کان فتح ڪيائين ته اتي سيڪيولر راڄ برپا ڪندو ۽ سنڌ افغان ڪارواين کي روڪڻ لاءِ بفر اسٽيٽ ٿي ڪم ايندو.
    سنڌ جي مغل فتح کان اڳ ھڪ صوفيءَ شيخ مبارڪ سوچيو ته سنڌ ۾ اھڙو راڄ برپا ڪجي، جتي دائما صلح ۽ شانتي ھجي، ان لاءِ دھليءَ روانو ٿيو. اڪبر کي معلوم ٿيو ته سنڌ مان ھڪ وڏو صوفي آيو آھي، سو کيس گھرايائين ۽ چيائينس؛ ”مان سنڌ لاءِ ڇا ٿو ڪري سگھان؟ مون کي ته رات جو ننڊ به نٿي اچي“
    ”ڇو عالم پناھ“؟
    ”ھتي دھلي ۾ ڪا به سلطنت ڏھن ويھن سالن کان وڌيڪ نٿي ھلي. مان ھندوستان لاءِ ڪيترو سوچيان ٿو. پر ٿيندو ڇا؟ مان مري ويندس ته ماڻھو چوندا دھلي ۾ ھڪ ان بادشاھ راڄ ڪيو، جنھن جو نالو ھو ابو الفتح جلال الدين محمد اڪبر ! اھڙو ڪو رستو نظر نٿو اچي، جنھن مان ھندوستان ۾ مغل سلطنت قائم رھي“.
    شيخ مبارڪ مشڪڻ لڳو. ”ان جو رستو ته منھنجا پٽ فيضي ۽ ابو الفضل ٻڌائي سگھن ٿا. اوھان مون اڳيان ڪو وڏو مسئلو رکو“.
    جلالدين اڪبر کي رستو سنڌي شاعر فيضيءَ ڏيکاريو، جنھن کي اڪبر ھندوستان جي پوئٽ لاريٽ سڏيو. فيضيءَ چيو، ”شھنشاھ، ھن ملڪ جا گھڻا ماڻھو ھندو آھن، جي ان ڪري جزيو ۽ ٻيو ڍلون ڀرين ٿا جو ھو مسلمان نه آھن. کين پوري مذھبي آزادي نه آھي؛ ان ڪري اھي اوھان سان ڪا ھمدردي نٿا رکن. حڪومت کان ڪٽيا رھن ٿا. ھندن ۽ مسلمانن کي ساڳي طرح برابري سان ھلايو- اوھان جو راڄ صدين تائين ھلندو رھندو “.
    اڪبر کي ڳالھ دل سان لڳي ۽ پيش پيش ھن پنھنجي نئين مذھب دين-الاھي موجب صوفي متي قبول ڪيو. ڄائو سنڌ ۾، صلاح سنڌيءَ جي ۽ صوفي مت به سنڌ جي تاريخ جي روايت.
    دين-الاھي جو تاريخي دستخط به سندس سنڌي وزير صوفي شاعر فيضي ٺاھيو، جنھن جي نقش مان خود پتني ڪمل ۽ ڌيءَ گيتا سان آگري جي فتح پور سڪريءَ جي شاھي ديوار تي ڏسي آيو آھيان. 22 جون 1579ع ۾ اڪبر بادشاھ فتح پور سڪريءَ جي چبوتري تي بيٺو ۽ دين -الاھيءَ جو خطبو پڙھيو. ان ۾ ھڪ ھنڌ چيائين، ”جيڪڏھن صحيح علم سڀني مذھبن ۾ موجود آھي، ته پوءِ سچ کي فقط ھڪ مذھب تائين محدود ڇو ڪجي؟..
    اي-ايل-سريواس جو ڪتاب ”دي مغل ايمپائر“صفحہ 167.
    ڏسجي ته ھندوستان ۽ دنيا کي ”اڪبر -دي گريٽ“ سنڌ ڏنو. سنڌ جي صوفي روايت ڏنو ۽ ان ڌرتيءَ جي صوفي مت کي شھيد ڪيو وڃي !


    2

    ڳالھ ھيئن آھي ته جاچ ڪميشن ثابت ڪيو منزل گاھ پراڻي مسجد ئي آھي. ڪانگريس جا سنڌي ليڊر، خاص طور جئرامداس دولترام ۽ چوئٿرام گدواڻي، اڳ ھندو مھاسڀا جا اڳواڻ رھي چڪا ھئا. ھو مسلمانن کي جاھل، ڄٽ ۽ وھٽ سمجھندا ھئا. کين صبر نه ھو. حڪومت ۾ سندن ھلندي ھئي. وڏن عھدن تي ھئا. مسلمان اڪثر گھٽ پڙھيل ۽ انھن جي گھڻائي ڳوٺن ۾ رھندي ھئي. بس ساڌ ٻيلي جي مھنت چيو: ٻيلي سامھون مسجد نه ھجي. ان جو مطلب اھو ٿيو ته جي ھڪ گھر ۾ ھندو آھي ته ٻئي ۾ مسلمان نه رھڻ گھرجي. سکر ۾ ھندن جي گھڻائي ۽ ان طرف جا ھندو لڙاڪو به ھئا. جن بکر وٽ چڱيون جنگيون جوٽيون ھيون. مسلمانن کي مارڻ شروع ڪيائون. ڪانگريسي اڳواڻن جا ھندو سنسڪار جاڳي اٿيا.
    معاملو علي محمد راشديءَ ۽ جناح ھٿ ۾ کنيو. سنڌ جا مسلمان جي ھندن جي اڳواڻن ۾ وشواس رکندا ھئا، ھندن کان ڪٽجي ويا. سنڌ ۾ مسلم ليگ زور ورتو. ھندو مسلم پاڻ کي اڳ الڳ قومون سمجھڻ لڳا. ڪنور ڀڳت ماريو ويو. ورھاڱو ٿيو، سنڌي ھندن کي ملڪ بدر ٿيڻو پيو.
    ساڌ ٻيلي جي مھنت شري ھرنامداس ته ضرور ڪو وڏو مھاپرش ھوندو! مگر پاڻ شايد سنڌ جي تاريخ کان واقف نه ھو. کيس تصوف ۾ ڪو اعتقاد نه ھو.
    مان آتم ڪٿا مان تاريخ ۾ انڪروچمينٽ نٿو ڪرڻ چاھيان. پر ڪو به شخص تاريخي طاقتن کان ٻاھر نٿو جيئي. ھڪ ساڌو مھاتما جي غلطي ۽ ان جي ايڏي سزا؟ منزل گاھ ته ويو، سنڌ به ويئي. ھاڻ چمڙن جيان آسمان ۾ ابتا لٽڪيا پيا آھيون ۽ ويٺا سنڌ ڏانھن نھاريون. ڪڏھن ماٺ ۾ منزل گاھ جا آواز ڪن تي پوندا آھن. ھو ھو، دانھون ڪيڪون، مليٽري جي آمد ۽ ھڪ لنبي کٽڪندڙ ماٺ. ڄڻ سڀڪجھ مري ويو آھي... گھٽي، شھر انسان ائين ھر ملڪ جي تاريخ ۾ اھي ڳالھيون عام جام ڏسجن ٿيون. بنگال، بھار، پنجاب جا فساد. ھوڏانھن ٻي مھاڀاري جنگ مون ڏٺي آھي. وڏا ننڍا ٿيندا آھن، تنگ دل، تنگ خيال، تعصبي، مان ھندوستان ۾ گانڌي، نھرو ۽ سڀاش کي ائين نٿو سمجھان. جي اھي ئي ٺھن ھا ۽ عبيداللھ سنڌي ۽ جناح کي پاڻ سان کڻن ھا ته قصو ڪجھ ٻيو ھجي ھا.
    ”جي، پر، ته “.... فضول لفظ آھن. اھي حقيقتن جي مٿان خوابن جو ملمعو ٿا لڳائن.
    شايد نون ڏھن سالن جو ھوس، جو ڪٽنب سان لاھور ويس. اتي به اسٽيشن تي؛ ھندو چانھ، مسلم چانھ ڏٺم. مون ته ٻيئي پي ڏٺيون. مون کي ڪو فرق نظر نه آيو.
    لاھور باغن جو شھر آھي. وڏيون تاريخي عمارتون ۽ مقبرا به آھن. جيئن دھلي ۽ آگري ۾ آھن. شاليمار باغ جھڙو باغ ڪو مون نه ڏٺو آھي. جيتوڻيڪ ڪشمير اڃا نه ڏٺو اٿم. نئين پراڻي انارڪلي اسٽريٽ، چڙيا گھر، وائسراءِ جو بنگلو، راوي ڪناري راجا رنجيت سنگھ جو قلعو. مان ته ڏاڍو گھمندو ھوس. گھر رام گليءَ ۾ ھو، جتي گھڻائي سنڌي ھندن جي ھئي. سنڌ ۾ چانھ جو واھپو وڌيڪ ھو. پنجاب ۾، انگريز مفت ۾ چانھ جا پڙا ورھائيندا ھئا. گھرن ۾ ڦٽا ڪري ويندا ھئا. رستن جي چوڪن تي چانھ مفت ملندي ھئي. اتي پنجابي ٻولي سکي ويس ۽ عجب سنڌي ٻولي وسري ويئي.
    دادا، ڀاڀي ۽ ٻارن کي مال روڊ تي وٺي ھلندو ھو.
    ان وقت ھندوستان جي سڄي سونھن اتي ئي ڏسي سگھيو ھوس. ڇوڪريون ڄڻ ڳلن تي، مکڻ لڳل چانڊوڪي مَلي گھمنديون ھيون.
    جيئن اڄڪلھ بيوٽي پارلرس ۾ وڃي منھن تي چونو گاسليٽ وغيره ھڻائينديون آھن.
    وڻنديون ھيون. سوچيم وڏو ٿيس ته ڪنھن پنجابي دوشيزه سان شادي ڪندس. دادا ريلوي ۾ فورمئن ھو ۽ شايد ٿيئٽر وارن سان دوستي ھئس. ان ڪري اڪثر ٽڪيٽ وٺڻي نه پوندي ھئي. سکر ۾ سڀ سئنيمائون مفت، لاھور ۾ ٻه چار. مون سکر ۽ لاھور ۾ خاص فلمون؛ خزانچي، نوڪر، اڇوت ڪنيا، ٻنڌن ۽ ڪي-ناديا جون ڏٺم. دراصل منھنجو جنم ان سال ٿيو جڏھن انڊيا ۾ فلم انڊسٽري جو پايو پيو ۽ شايد ان ڪري مڪالمہ بازي ۽ خانگي زندگيءَ ۾ اداڪاري ڪرڻ ۾ ماھر ٿيس. سھڻو ۽ ڊگھو ھئس، وار به گھاٽا ھئم. جي گذريل ڏھن پندرھن سالن کان مٿي کي خدا حافظ ڪري رھيا آھن. ھندن ۽ مسلمانن جون معمولي جھڙپون لڳنديون ھيون. ائين ڄڻ ڪنھن دوڪان تان پانَ کاڌو يا ڪيلي جي کل تان ترڪيو ۽ ابتو ڪري پيو. لاھور ۾ ان آس جنم ورتو ته جلد جوان ٿيا ڪنھن پنجاپڻيءَ سان شاديءَ ڪريان. کيس شاليمار وٺي وڃان ۽ سندس وارن ۾ ڳاڙھو، اڇو، نيرو، ڪارو يا پيلو گلاب اٽڪايان. شاليمار جا گل چنڊ جھڙا وڏا. ڇوڪريون به چندر مکي. مان سڀاءَ جو عشقي نه ھئم ۽ اھو شايد فلمن جو اثر ھو، جيئن ڄڻ ڪنھن جي لاٽري لڳي.
    لاھور کان ڪالڪتا وياسين. پڙھائيءَ کي جواب. اتي جبلن جھڙا ۽ ھاٿين جي ٽنگن جھڙا وڏا ڪچالو ڏسي عجب ۾ پيس. ڪنڊ تي وڃي قدرت جي سونھن ڏسندو ھوس. چانڊوڪيءَ جو وڻ جي پنن ۾ الجھڻ، ھاريل کير جيان پٽ تي ڦھڪو کائڻ ۽ گلن جيان ڦھليو وڃڻ. سج ائين نڪري ڄڻ من ۾ ڪنھن خواب جنم ورتو. ھوا ٿڌي، اڃا به ڪالڪتي سوچيان ته سخت گرميءَ ۾ به ھڪ پل لاءِ من ۾ سياٽو گھمي وڃي.
    شملو ڪلاڪ پنڌ تي. پر وڃي نه سگھيس.
    اتي جا سوئر جھنگلي ھوندا ھئا، جن کي مان تيرن ڪمانن سان زخمي ڪندو ھوس،
    جيتوڻيڪ تيرن ۾ سيون نه ھونديون ھئم.
    وري واپسي ڪوٽڙي. جڳھ ڏاڏي جي گھر سامھون. رستي تي پھرين منزل. ھيٺان موديءَ جو دڪان. نور محمد اسڪول ۾ داخلا دوڪان ڀرسان نياضيءَ جو گھر. ھڪ پٺاڻ ڇوڪري، اکيون وڏيون ۽ ڪاريون، ڪڏھن به اڌ اکيون نه ٻوٽيائين. ڳل لسا ۽ اھڙا ڳاڙھا ڄڻ سڄو وقت کيس ڪنھن چميو آھي. واسينگن نانگن جيان ڪارا وار، ڊگھي ڳچي، ڪنڌ مٿي ڪري ڄڻ خوابن مان جاڳي آھي. ڇاتي شايد سخت ۽ وڏي، جنھن جي بار سبب ھلي ته سندس ڪنڌ ٿورو ھيٺ جھڪي وڃي. ڪاري سلوار، ڪارو ڪڙتو ۽ ان تي ٽٽل آرسيون. مون اڪثر کيس فقط ڪاري يا فقط اڇي ڊريس ۾ ڏٺو. مون کي ياد آھي، اھو سال 1940ع جو ھو ۽ ٻي مھاڀاري جنگ لڳي چڪي ھئي. منھنجو ڏھين سالين ۾ پير ھو ۽ ھوءَ فقط سترنھن يا ارڙھن سالن جي ھئي جنھن سان پريم يا شاديءَ نه ڪرڻ جو ڏک مان چاليھن سالن کان سيني ۾ سانڍيندو ٿو اچان. مون ھن جو ڪو نه ڪو روپ ”رڃ ۽ پاڇا“ ماءُ”، ”ڪانءُ ۽ سمنڊ“، ۾ٿورو جلاوطني ۽ ڪن ڪھاڻين ۾ چٽيو آھي.
    شايد ڪنھن ڪلاڪار جي زندگيءَ ۾ ٻه چار عورتون ھڪ خاص اثر ڇڏي ٿيون وڃن. پوءِ ھو کين مختلف ڪنڊن کان چٽڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. آرٽسٽ جي زندگيءَ ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٻه عورتون ضرور اچڻ گھرجن. ٻن وڻن جي باھ چٽڻ ۽ تن جو اختلاف ٻڌائڻ ئي ڪلا آھي. شرٽ چندر جي زندگيءَ ۾ فقط ٻه عورتون آيون آھن. سندس مڙني ناولن ۾ ان جا الڳ روپ ملن ٿا. ”شريڪانت“ جي راج لڪشمي آھي. اھائي ”آخرين التجا“ جي وجيا آھي جا ”سوال“ جي ڪمل آھي، اھائي ”چريترھيڻ“ جي ڪرڻمائي آھي. ھونءَ مون کي ذاتي طور ڄاڻ نه آھي ته شرٽ جي زندگيءَ ۾ گھڻيون عورتون آيون. نه ان ريت مان پنھنجي ڀيٽ شرٽ چندر سان نٿو ڪريان. ھو ته اپنياس سمراٽ آھي ۽ استري من و گيان جو ماھر.
    ڏاڏيءَ چيو ته سامھون عيد گاھ آھي، اتي ڪڏھن نه وڃج. اتي ھڪ جن آھي. مٿو ڪو نه اٿس ۽ اکيون ڇاتيءَ ۾ اٿس. مان ڊپ کان غير واقف. مان روز ان جي تلاش ۾ وڃان. جتي وڃڻ ۾ خطرو آھي. موج اتي ئي آھي. ماءُ ته اڪثر رامائڻ، مھاڀارت، ڀاڳوت، الف ليليٰ، حاتم طائي، علي بابا، علاولدين ۽ شيخ چليءَ جون ڪھاڻيون ٻڌائي ڇڏيون ھيون. سو جن کي بوتل ۾ بند ڪرڻ جو ته مان تصور ڪري نه سگھيس، پر عقل سان طاقت کي وس ڪرڻ چاھيم ٿي. اتي گھاٽا وڻ ھئا. پھرين ڪنھن ھڪ وڻ پٺيان، پوءِ مٿي، کاٻي پاسي ۽ پوءِ سامھون نھاريندو ھوس. اڳيان بند ھو، بند تي مون ڪڏھن به ھڪ ماڻھو نه ڏٺو. انھن وڻن ۾ جام پکي ۽ انھن جا مٺا آواز. ڪوئل، بلبل، چانھ پکي، ڳيرا، جھرڪيون ۽ ٻيا جن جا نالا نه ٿا اچن. مون ٽيھ کن سال اڳ ادبي ڪلاس ۾ ھڪ دفعي چيو ھو ته سنڌيءَ ۾ وڻن، تارن، گلن ۽ پکين تي خاص ڪتاب ھئڻ گھرجي.
    مان ٿورو اڳيان وڌي ٿو اچان. مان مڃيان ٿو، اڪثر اديب منھنجي چرچن کان ڪو کائيندا آھن؛ جيتوڻيڪ مان ڪنھن جي بيعزتي نه ڪندو آھيان. فنڪارن جي ڪئفي جڳ موھن ۾، ٽيرس تي اديبن جي گڏجاڻي وقت مون بلبل جو آواز ٻڌو پر سڃاڻي نه سگھيس. پاسي کان گنو سامتاڻي، لعل پشپ، ڪرشن راھي، موتي پرڪاش، ڪيرت، اتم، مالھي دھلي جا ڪافي اديب ويٺا ھئا: انند، پرم، ھريڪانت.
    مون نارائڻ شيام کان پڇيو، ”ھي ڪھڙو پکي آھي“؟ پکي ڪنھن ڪنڊيءَ کان ٻاھر بيٺو ھو. ڪارو. ھيٺان پٺ ڳاڙھي.
    ”بلبل“!
    ”ڪيتري ڪاري“. مون چيو، ”جھڙي روايتي سنڌي شاعري“.
    شيخ اياز جي معيار جو شاعر شيام به ظرافت جو استاد آھي.
    منھنجو سر ڪٽيندي چيائين، ”پر آواز ڪھڙو مٺو اٿس“.
    مون ھندوستان ۾ ان وقت تائين ڪا بلبل نه ڏٺي ھئي. ڀڳونتي ناواڻيءَ جو ذڪر نٿو ڪريان يا عابده پروين جو. اھو آواز مون مھابليشور ۾ ڏاڍو ٻڌو. اتي ٻن ٽن قسمن جون بلبليون ٿين. ائين نورجھان ۽ لتا کي ته مون ھر ٻن ۽ پھاڙ تي ٻڌو آھي. نورجھان جو ته مان لڙڪپن کان پرستار آھيان.
    مان ڇنڇر جي ڏينھن ڄائو ھئس، ان ڪري پير ۾ ڇنڇر ھئم. بند تان گھمندي راڳ ڳايان. مٿان ھيٺ ٽپا ڏيان. پکين ڏانھن نھاريان. ميوا پٽي کاوان ۽ پاڻ کي خوش سمجھان ۽ ان حقيقت کان غير واقف ته دنيا جي سڀ کان خطرناڪ ٻي عالمگير جنگ جاري ھئي. جتي ماڻھن کان وڻن ۽ پکين جون موسيقيون وسري ويون ھيون.
    ھڪ دفعي دادا ڪنھن کي چيو ھو: ”منھنجي فئملي- مون وٽ ته روس جي فوج آھي“. لاھور ۾ ڪٿي. ڪجھ ياد نٿو پويم ۽ ان جو مطلب به گھڻو پوءِ سمجھيم.
    ڀائي گھڻو رليو ڀٽڪيو آھيان. اھا منھنجي دماغي خانه بدوشي به آھي. اھو ڀٽڪاءُ منھنجي ڳالھين ۾ به آھي. مون وٽ شروعات، وچ پڇاڙي ڪونھي. ڪو ماستر ناھيان جو منڍ جي ڳالھ ڪريان، آتم ڪٿا ۾ ڪٿا ته ھئڻ گھرجي.
    اسان جي گھر ھر ٻين ٽين سال ڪو ڀاتي پئدا ٿيندو، پھرين ڀيڻ ليلان، جا چار سال وڏي اٿم. سندس شادي تيئن جي ھڪ زميندار سان ٿي. پاڻ ھن وقت ڏاڏي ناني آھي. ان بعد گروپ پات، پوءِ مان. جنم جو نالو منگھارام ان بعد گلاب، جو گذريل 32 سالن کان برٽش ايئر ويز ۾ ڪم ڪندو آھي. ان بعد اندرا جنھن اشوڪ ڪشوراڻيءَ سان شادي ڪئي ۽ جنھن جا ٻار سنسڪرت جا پنڊت آھن. ڪملا، مايا، موتي، آشا، آشا ورھاڱي واري سال ڄائي. وديا الھاس نگر ۾ مٽيءَ جا چاپوڙا کائي مري وئي. موتيءَ مٿان ڪراچي ٽيليگراف آفيس جو لوھي دروازو ڪري پيو. ان تي لڏيو ھو. نون سالن جو ھو. ڪنھن مدد نه ڪيس. پاڻ اھو دروازو مٿي ڪيائين. جو وري مٿان ڪريس ۽ پاڻ مري ويو.
    ان جو اسان وٽ ڪو فوٽو نه ھو. تڏھن سوچيو ھئم پينٽر ٿيندس. ڀاءُ جو ھڪ امر چٽ چٽيندس. پر اھا خواھش پوري ٿي نه سگھي. پاڻ ۾ ان جي صلاحيت نه ڏٺم. چٽ ته من تي چٽيو پيو آھي. مون کي رنگ نه، لفظ مليا، سڀني ڀائرن ڀينرن جي شادي ٿيل آھي ۽ بس ھلن پيا. سو اھا ٿي روس جي فوج.
    بند تان ھلندي، ان جي آخر ۾ ھيٺائين تي وارياسي زمين ھئي. اتي مون ھڪ ”مينھن -وسڪارو“ ڏٺو. ٻڌو ھوم ته ان کي مٽيءَ ۾ وجھڻ سان مينھن وسندو آھي. بخملي مون کيس مٽيءَ ۾ بند ڪيو ۽ چيم: ڀيڄ موليٰ، چاندي جا گولا. سو ٿيو ائين ته ان شام مينھن پيو ۽ وسڪارو ٿيو.
    جڏھن به ڪٿي سوڪ پوندي آھي ته سوچيندو آھيان؛ ڪاش سنڌ مان ”مينھن وسڪارا“ امپورٽ ڪجن. ڪڏھن ڏاڍو ڏک ٿيندو اٿم ته مون کيس پوريو ڇو. جو مان ڏاڍو ھوس ۽ ھو ڪمزور ھو ؟ ھو ڪڇي نه سگھيو. مون سان وڙھي نه سگھيو. اھا ھندو رشين، چاھي چارلس ڊارون جي ٿيئري آھي. جو ڏاڍو سو گابو. وڏي مڇي ننڍي مڇيءَ کي ڳڙڪائيندي آھي. جنگ فساد جو اصل ڪارڻ ته آرٿڪ فساد ئي ٿيندا آھن، مگر ان پٺيان انسان جي فطرت جو اھو نقص ڪم ڪندو آھي. شاعر سڳن آھوجا چوندو ھو ته اسين سوشلسٽ برابري جا حمايتي آھيون. اسان کي ڪو حق ڪونھي ته اسين گائين، مينھن، ٻڪرين، مڇين پلن کي کائون. ھڪ ڏينھن ايندو جڏھن سوشلسٽ کي ويشنو ٿيڻو پوندو. سماجواد جي انسان پرستيءَ جو پھريون سبق سنڌ جي ھڪ خسيس مينھن -وسڪاري سيکاريو، جنھن کي پنھنجي نادانيءَ سان شھيد ڪيو ھوم. ان ڪري ڪٿي ڪيولي يا ماڪوڙي پاڻيءَ ۾ ڏسان ته کيس ڪک پن سان کڻي سلامتيءَ واري جڳھ تي رکان. پير به سنڀالي کڻان. ھڪ ماڻھوءَ جون ٽنگون ڀڳل ھيون. ٽرئفڪ سبب رستو ڪراس ڪري نٿي سگھيو. سڳن آھوجا چيو : ھاڻ ٻڌاءِ سوشلسٽ جا پٽ، ان جو ڪھڙو حل آھي؟ مان ٻاويھن سالن جو جوان ۽ آواره ناول لکي چڪو ھئس. مون ان شخص کي ھنج ۾ کنيو ۽ کيس منزل تي پھچايم. سڳن چيو؛ تو جو ھن شخص لاءِ ڪيو، اھو ڪارل مارڪس پوري محنت ڪش آدم لاءِ ڪرڻ چاھي ٿو؛ ان ڪري ڪميونسٽن جو مقابلو نه ڪر، بلڪ ھنن ۾ شامل ٿي وڃ.
    قصا وڏا آھن بابا، جيترو ماڻھو ننڍو، اوتريون ڳالھيون گھڻيون. مان ڪافي وقت سنڌوءَ جي ڪناري تي ويھندو ھوس. اڃا به اتي ويھندو آھيان. تصور جي ٿوري مدد وٺندو آھيان.
    شاھي درياءَ -۽ آواز -۽ ھو و و و و ن- گر ر ر ر-گر. ش. آن ۾ ذر ر. ر ي گر ر ر ر. لھرون اٿن. ڪر کڻن. ماڻھو ڏسي خودڪشي ڪري ڇڏين. ان ۾ مسڪراھٽون، ھٽڪون، شرمائڻ، سمجھڻ، اڳرائي ڪرڻ جون وصفون ته اسين پنھنجي عقيدي جي مدد سان جوڙي ٿا وٺون.
    ڏاڏيل: ”او موھن -تون منھنجو ساھ ڪڍندين“ چلائيندي اتي پھچي وڃي. ڏسي ته ڳلي تي ھٿ ڏيئي، شايد سنڌوءَ کي حيدرآباد کان ويٺو ڏسان. جتي ھن وقت به منھنجا ڪيترا دوست آھن: ماھتاب محبوب، مشتاق شورو، سحر امداد، طارق اشرف، شوڪت شورو ۽ گلشن ! ۽ پوءِ ھو سڀ کان وڏو: محمد ابراھيم جويو، علي بابا ته آھي ئي ڪوٽڙيءَ جو. ساڳئي اسڪول ۾ چار درجا گڏ پڙھندو ھو. کيس خبر پئي ته موھن ليکڪ ٿي ويو آھي ته ھڪدم پاڻ مون کان وڏو ليکڪ ٿي ويو. ڪوٽڙيءَ جي سر زمين تي شاھ لطيف جي پيرن جا نشان به ته آھن. ڪٿي ته پير، سائين لطيف جي پير جي جڳھ مٿان آيو ھوندو. منھنجو ۽ سندس تصوف جو ڪجھ حصو منھنجي من ۾، وجود ۾ گھسي ويو ھوندو. پر اتي مون گھڻو، سنڌوءَ کي نه نياضيءَ کي ڏٺو آھي. ڪراچيءَ ۾ جواني جڏھن جسم ۾ پچڻ شروع ڪيو ته سوچيم، ڪوٽڙيءَ وڃان ۽ کيس ڀڄائي اچان.
    نياضي لسي جا گلاس موڪليندي ھئي. ڪڏھن مان نياضيءَ جي گھر ڇاڇ پياريندي. ڀاڪر به پائيندي ۽ چميون به ڏيندي. تڏھن ڏسان ته من جا گل تاج جي گلن جيان سنگ مرمر جيان سخت ٿيندا وڃن.
    ڪوٽڙيءَ ۾ ڪھڙا وڏا ماڻھو رھندا ھئا، سو ته مان نٿو ڄاڻان مگر وڏيرو نصير خان ياد اٿم. مکيہ رستي تي سندس اوطاق ھئي. پل جي کاٻي طرف وڃي واگھو سيسر ماريندو ھو ۽ ان جون کلون ايوان جي ديوارن تي ٽنگي ڇڏيندو ھو. اتي بندوقون ۽ تلوارون ھونديون ھيون. ڊگھو قداور اکيون سنڌ جي شاھ نثار حسين لطيفيءَ، شاھ لطيف جي گويسر جيان ڳاڙھيون، مڇون راڻا پرتاب جيان مٿي وريل، وڏي سلوار، شاھي چوغو، بدن تي ڪارتوسن جو پٽو، کلي ته لڳي اُڀ ٿو گجي.
    ھڪ دفعي سڏ ڪيائين؛
    ”تون لالا منگھارام جو پوٽو آھين“؟
    ”ھا“.
    ”نياضيءَ کي سڃاڻين“؟
    ”ھا“.
    ”ھڪ ڪم ڪندين“؟
    ”چئو“.
    ”ھان وٺ- ھي پنج رپيا کيس ڏج، کيس چئج؛ رات نه ايندس“
    ”اوھان کي لھڻي“؟
    ”چريا - ھوءَ منھنجي سريت آھي“
    ”نوڪرياڻي“؟
    ”منھنجي زال“.
    ”پر اوھان جي زال ته پٺيان حويلي ۾ رھندي آھي“
    ”اھا پھرين آھي. “ ھن مشڪيو، ”حق ٻڌي“.
    ”ته اوھان کي ٻه زالون آھن“؟
    ”ھاڻ بڪ نڪ نه ڪر ۽ لالا منگھارام سان ڳالھ نه ڪج“.
    ”چڱو“.
    ”پوءِ خبر پئي ته ماڻھو ھن سان ڳالھائي نه سگھندا ھئا ۽ ھن سان اکيون ملائڻ وقت اڪثر گھڻن جو ھيٺان ڪجھ وھي ويندو ھو. “
    ته تون نصير خان جي زال آھين“؟
    ”تو کي ڪنھن چيو“؟
    ”پاڻ چيائين“.
    خوشي وچان ٺڪ ڳلي تي چمي.
    ”پاڻ چيائين ته مان ھن جي زال آھيان“.
    ”پر حق ٻڌي نه “.
    اداس ٿي”؛ مان فقط ٻڌل آھيان، منھنجا ڪھڙا حق“.
    ”۽ ھي پنج رپيا ڏنائين“.
    ھن ورتا. چيائين”، ھڪ ڪم ڪر، ھڪ آنو وٺ. پل طرف ھڪ دوڪان اٿئي، اتان آفيم وٺي اچ. ھن ڏس پتو ڏنو.“
    ان ڏينھن بعد کيس مان روز يا اڪثر آفيم آڻي ڏيندو ھوس. ھڪ ڏينھن ڏسان ته روئي پئي، پٽ ۾ لٺ پيئي ھئي.
    مون کيس ٻانھن کان جھلي چيو”، تون روئين ڇو ٿي“؟
    ”منھنجو نصيب “.
    ”نه ٻڌاءِ“.
    ”ھن مون کي ماريو. نصير خان“!
    ”ڇو“؟
    ”مون کيس چيو ته مان ماءُ ٿيڻ چاھيان ٿي. ھميشه چوندي آھيانس“.
    ”پوءِ ھو تو کي ماءُ ڪيئن ڪندو“؟
    ”پنھنجي ماءُ نه. منھنجي ٻار جي“.
    ”پوءِ پَرين کي چئو نه. ڀاڀي چوندي آھي، ٻار گھري وٺبو آھي. رات جون پَريون اڇيون پوشاڪون پائي چنڊ مان ھيٺ لھنديون آھن ۽ ٻار کي ماءُ ڀرسان سمھاري وينديون آھن“.
    ھن اکين ۾ چتائي نھاريو. اداس ھوندي به مرڪيائين، ڄڻ اماس رات آڪاش مان کير ڌارا وھڻ شروع ڪيو.
    ”تو کي ڪجھ خبر ناھي“.
    ”تو کي ھنيائين ڇا“؟
    ”ھي ڏنڊو“.
    مون اھو ڏنڊو کنيو.
    ”ڇا ٿو ڪرين“؟
    ”مان سندس مٿو ڀڃندس“.
    ”ھو تو کي بندوق ھڻندو“.
    ”ڇو- مان واگھو آھيان“؟
    ”تون ڪجھ سمجھين نه ٿو“.
    ”سڀ ٿو سمجھان. ھڪ ڪم ڪر. تون مونسان شادي ڪر. مان لال پريءَ کي چوندس، ھو تو کي ھڪ ٻار ڏئي“.
    ھن مشڪيو. ” تو کي خبر آھي، شادي ڇا ٿيندي آھي- تون ننڍو - مان وڏي. تون ھندو، مان مسلمان“.
    ”شادي معنيٰ گڏ رھڻ. باقي جلدي وڏو ٿيندس. ھندو ڇا، مسلمان ڇا. تون وڏي آھين ته مون کي چميون ٿي ڏين. مان وڏو ٿيندس ته پوءِ مان به تو کي چميون ڏيندس“.
    چڱو -ھي لٺ رک. کٽ تي ليٽ. اڄ مون ٻوڙ ٺاھيو آھي“.
    مون لٺ رکي. کٽ تي ليٽيس. ھوءَ به ليٽي. مان ڪافي ڊگھو ھوس، ھن مون کي ڀاڪر پاتو. مون ھن کي. ھن وقت جي ڪجھ خبر نه پيئي. وري ڏسانس ته اکين مان پاڻي پيو وھيس مان چپ چاپ اٿيس ۽ ھليو ويس.
    ترت اسان کي ڪراچيءَ وڃڻو پيو. ھوءَ مون کي ڇاتيءَ سان لڳائي رني ھئي. ڪجھ ته ڏٺو ھن مون ۾. الائي ڇا چيائين، منھنجا شھزادا، ھميشه خوش رھج. ڪراچيءَ ۾ ھن جي ياد ايندي ھئي، پر ھوءَ نه آئي. جڏھن سورھن سالن جو ٿيس ته سيني ۾ سور جي سٽ اڀريم. ھن جي ياد آئي. مون ماءُ کان پنج رپيا ورتا. رپئي نوي آني ڪوٽڙيءَ جي ٽڪيٽ ورتم. اسٽيشن تي ٽانگي ۾ ويٺس ٻه آنا ڀاڙو. ٻه ميل پنڌ. لڳم ته ھاڻ جوان ٿيو آھيان ۽ کيس ڀاڪر پائي چمي ڏئي سگھندس. ان عمر ۾ اھا خبر نه ھئم ته ڇوڪرا ڇوڪريون سماگم به ڪري سگھندا آھن، بلڪہ مون تصور ۾ به ڪنھن عورت جو ننگو جسم نه ڏٺو ھو. اندر ۾ باھ جا بٺ ٿي ٻريا، ڪراچيءَ ۾ ڪشتي، مُڪي بازي، لڙڻ، انڱوري ھڻي ڪيرائڻ سکيو ھوس. ائين سائيڪل چيمپئن به ٿيو ھوس.
    نصير خان ڪي ايسي ڪي تئسي. ھڪ لت رئيس جي عضوي تي، ھڪ پيٽ ۾، نڪ تي ھڪ ٽڪر ۽ ھڪ، انڱوري ۽ ھڪ ڌڪو. نصير خان پٽ تي. مان ھن جي ڇاٿيءَ تي لت رکي رڙ ڪندس؛ ھہ -آ آ آ... ھو و و و و.... پر ٽانگي مان لٿس نصير خان ياد نه آيو. سڌو نياضيءَ جي گھر ويس. بس کيس ڀاڪر پائي سمھي پوندس ۽ صبح جو ڳالھائيندو سانس، ڏس پنھنجو شھزادو موھن. ڇوڪريون ڏسن ته بيھوش ٿين. منھنجي اکين ۾ ڪلورو فارم ڀريل اٿئي. مان ان وقت ھوس ھڪ پڪو ھندو ۽ آر -ايس- جو ميمبر ھئس. مگر عشق ۾ فقط ھڪ انسان ھئس. رُڪ جھڙو بدن. سقراط جھڙي زبان، ماکيءَ ۽ زھر جھڙو آواز. نظر ائين ڄڻ ست ديوارون پار ڏسي سو ڪپڙا ته ڪجھ نه ھئا. پر اھا اُڪنڊ اڪير حوس مٿان حاوي ٿي وئي. ڄڻ زمين تي پرنس سليم ٿي ھليو، ڪٿي جنھن جي ڪا انارڪلي ھئي. ڏسان ته گھر کي تالو. جو ڄڻ منھن تي لڳل. دل ڄڻ بيھجي وئي.
    ”ھو نياضي ؟! سال ٿيا ته ھلي وئي، الائي ڪيڏانھن پڻھس کي شايد ڪابل ۾ سڪي ميوي جي دڪان آھي. شايد اتي ويئي ھجي“.
    ڀالو ته مون نه کاڌو آھي پر ڏاڏيءَ جا لفظ ڄڻ نشترن جيان ڇاتيءَ ۾ گھسي ويا. ھن وقت نياضي دليپ ڪمار جي سس نسيم جي عمر جي ھوندي. يا شايد ھن کان پنج اٺ سال گھٽ شڪل نسيم کان به سٺي ھئس. ڏھن سالن جي عمر بعد مون کيس وري ڪو نه ڏٺو. آرزو اٿم ته کيس ڏسان. ٻڍي ھوندي، شايد سڃاڻي به نه، مان به شايد نه سڃاڻانس، الائي جيئري به ھوندي يا نه ضرور ٿورو مون کي به ياد ڪندي ھوندي. مون کان ڪو حياتيءَ جو سال کسي وٺي ۽ ھڪ منٽ نياضيءَ سان ملاقات ڪرائي ته مان وڌيڪ سال ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃان. شايد اھو منھنجو پھريون پيار ھو. معصوم، الڙ، نادان. پر مان اھا دعويٰ سان چئي ٿو سگھان ته ھن جي پيار ۾ ڀاڪر ۽ چمين ۾ ھڪ شفقت ھئي. اھا چمي جا ماءُ، زال ۽ پريمڪا جي چميءَ کان مختلف ھئي. ھينئر پنھنجو ھٿ ڳلي تي رکيو اٿم. قلم به رکان ٿو ۽ پلنگ تي ليٽان ٿو. چاھيان ٿو، ٿورو ھن جي ياد ۾ روئان. نياضي -منھنجو پيار!


    3

    عشق مون گھڻا ڪيا آھن ۽ مان اڪثر صادق ۽ ثابت قدم رھيو آھيان. اڪثر ماڻھو پيار ڪن ۽ سمجھن ته سچو پيار ٿا ڪن ۽ پوءِ جڏھن اھو پيار ختم ٿي وڃي ۽ ڪير ڪٿي سندن انتظار ڪري. اھي جذبا به صادق آھن. دائما جوان ھئڻ جا امنگ. مان ٻئي پيار ۾، شخص جي ٻئي پيار ڪرڻ جي وسعت ڏسندو آھيان. درد ماريندو آھي، اکيون ڪڍندو آھي، مگر پيار ديوداس بڻائي، ان ۾ مون کي انسان جي محدودگي ڏسڻ ۾ ايندي آھي.
    ڪي ماڻھو ساڳيا ساڳيا چھرا ڏسي بور ٿيندا آھن ۽ نون چھرن جي تلاش ڪندا آھن، جي لازمي طور اڳين چھرن کان بھتر نه ھوندا آھن. اھا فقط حوس نه آھي، مگر ھن جي امنگن جي ٺھراءَ خلاف بغاوت آھي ۽ ان ۾ ماڻھوءَ جي تخليقي قوت سمايل آھي. ڪي مون جيان اھڙا تخليقي ٿين جو پتنيءَ ۾ به ھميشه نئون روپ ڏسن ۽ انھيءَ تخليقيت جي موٽ زال وٽان به ملين ۽ زال کي ھميشه وڻڻ لڳن. اسان انسان جي ٻئي پيار ڪري سگھڻ جي خوبصورت قوت کي ڏسي، شخص جي مٿان بي وفا، مڪار جو الزام لڳائيندا آھيون، حالانڪ مڪاري ۽ بي وفائي دنيا ۾ گھٽ آھي، ائين به ڪونھي. پر ماڻھن جون ڪيتريون خرابيون، اسان جي غلط سماجڪ شعور موجب به آھن. اسان کي صحيح پڙھائي نه آھي. پيار آھي، ھڪ ھئڻ جو احساس، جو ٽٽڻ بعد ٽڪرا ٿي جيئندو آھي.
    گھڻا پيار گھڻا ٽڪرا، يادون، من عجائب گھر ٿيو وڃن.
    مون ڪوٽڙيءَ ۾ ڪافي ڪتاب پڙھيا ۽ ڪراچيءَ جون گھڻيون لئبرريون خالي ڪيم. ڪراچيءَ آيس ته ھڪ ناول به لکيم، جنھن ۾ بلئڪ جاسوس جو موت ڏيکاريم ته ھيءَ ڪھڙي چريائي آھي ته رڳو چور بدمعاش پيا مرن ۽ بلئڪ نٿو مري. سو کيس رائمر ڪيو ھٿان مارائي ڇڏيم. ڪي خاڪا به ڪڍيم. عمر اھائي ڏھ يارنھن. ڪتاب دوستن کي پڙھايم. خبر ناھي ان جو ڪھڙو حشر ٿيو.
    ڪراچيءَ ۾ منھنجو گھر پرنس روڊ تي ھو. لا ڪاليج جي ساڄي، ڪراچي ٽيليگراف آفيس پٺئين گيٽ جي بلڪل سامھون. پٺيان، کاٻي آزاد پريس ھئي. منھنجو گھر ٽماڙ تي، اتر اوڀر ڏکڻ ۾ ھو. بلڊنگ جو نالو ڪرم نارائڻ ھو، جو ڦري رگھومل تولارام مئنشن ٿيو. منھنجي ڀرسان ھڪ پنجابي ڇوڪري راڻي ڀاٽيا رھندي ھئي، جا ھن وقت آل انڊيا ريڊيو بمبئي ۾ وڏي عھدي تي آھي. ھوءَ اردو شاعريءَ جا ڪتاب پڙھندي ھئي. جيئن لنڊن ۾ فرينچ. اسين پاڙي جا ڇوڪرا ھندو مسلمان سنڌي پنجابي رانديون ڪندا ھئاسين ۽ لورس برج جي درن پاسي ڪلفٽن ويندا ھئاسين. سائيڪل تي ريسون ڪندا ھئاسين. لڙائيءَ سبب ڪراچيءَ ۾ بلئڪ آئوٽ ٿي ھئي. اسين ڳائيندا ھئاسين؛
    ٺڪ ٺوٺا جليبي کا
    جرمن مئو- اسان جو ڇا!ڪ
    انگريس جا جلوس ڏسي، رستن جا بلب به ڏسندا ھئاسين. ھڪ ھئنڊل تي، ھڪ اڳيان، ھڪ پٺيان، ھڪ بيٺل ۽ ڪڏھن ھڪ ڪلھن تي ويھاري سائيڪل ھلائندو ھوس. مون گھڻيون اسڪولي چٽا ڀيٽيون کٽيون. ڪراچي ملير ڪراچي شرط ۾ اول آيو ھوس. سنھو ھوس ۽ بعضي ٽپ به سورھان سورھان فوٽ ھئم. ھڪ کير واري جي پٽ مون کي گار ڏني، مون مٿي تي زور سان ٺونشو ھنيو مانس. ته ان وقت ڳوڙھو نڪري آيس. وڃي پيءُ کي وٺي آيو چي؛ ھن مون کي پٿر ھنيو آھي. مون ان وقت کيس مٿي تي ٻيو ٺونشو ھنيو ۽ پڻھس کي چيم؛ ڏسو ڪوڙ ٿو ڳالھائي-ٻيو ڳوڙھو ڏسوس.
    صدر ۾ منھنجي ھم-عمر انگريز ڇوڪري مون سان ريس ڪئي. پنھنجو پاڻ ٿي ويئي. ريگل کان مي فيئر طرف ھو کٽي نه سگھيو ۽ ڪنھن سان ٽڪرائجي ڪري پيو. مون کي ڏک ٿيو. ان بعد آرام سان سائيڪل ھلايم. ھو ڀڳو. اڳيان پڻھس جو دوڪان ھو، سو ڏسان ته پيءُ پٽ ٻانھون کنجي بيٺا آھن. مون کي پھرين انگريزي چڱي سمجھ ۾ ايندي ھئي جو ماءُ به پڙھيل ۽ پيءُ به مئٽرڪ تائين پڙھيل ھو ۽ مامي موھن خاص شوق وٺي مون کي حيدرآباد ۾ انگريزيءَ سيکاري ھئي. مون چيو؛ سر ون باءِ ون!پڻھس چيو؛ ھي تنھنجي عمر جو آھي. تون لڙينس، سو اسان جي باڪسنگ چالو ٿي. ٽرئفڪ جام ٿي پئي. مان ڌڪ روڪڻ ۾ ماھر ۽ حملي جي خبر نه پوندي ھئي ته اھو ڪٿي ڪندس، سو جوان جي نڪ ۽ وات مان رت وھڻ لڳو ۽ پٽ تي ڪري پيو ۽ ھو انگريز پيءُ پٽس پٽ تي ڪريو پيو ھو، پر ھو مون ڏانھن وڌي آيو. ھٿ ملايائين ۽ پيشانيءَ تي چمي ڏيندي چيائين ”يو آر اي ھيرو. نيڪسٽ فائيٽ فار يوئر نيشن“. تون سورمو آھين، ھاڻ تون پنھنجي قوم لاءِ لڙ. واقعي ڪو عّظيم انگريز ھو.
    ڪاش ان وقت ڪو مون کي قوم جو وگيانڪ تصور ڏئي ھا. مان يارنھن سالن جي عمر ۾ انقلابي ٿيس سورھن سالين انڊر گرائونڊ به ويس. ارڙھين ۾ ٽي مھينا جيل ۾ بند به ٿيس. پر ان وقت مون کي خبر نه ھئي ته قوم ڇا ھئي ۽ ڪھڙي قوم لاءِ لڙڻو ھو. منھنجي جيون جو اھو اھم دور ھو غلط آدرشواد جو شڪار ٿيو. مون ڄڻ پاڻ خلاف لڙائي ڪئي. پاڻ کي زخمي ڪيم. ڪنھن جڳھ تي بندوقن، ڪارتوسن ۽ ڪرچين جي سنڀالڻ جي جوابداري کنيم ۽ ان وچ ۾ ھڪ دفعو ڪوٽڙيءَ مان به ٿي آيس، جتي فقط ھُن جي ياد ھُئي، نياضي نه ھئي.
    يارنھن سال ڪا وڏي عمر نه آھي. پر ان وقت مان پاڻ کي ڪافي وڏو سمجھندو ھئس. ھاڻ جڏھن ان عمر جا ٻار ڏسندو آھيان ته ھنن جا اُمنگ ۽ خواب سمجھي سگھندو آھيان. مٿي ۾ ٿوري خرابي ھئم، جو مار ڪٽ گھڻي ڪندو ھئس. دوستن به چيو مان پاڙي جو دادا ھئس، سو انگريزيءَ ۾ کاٻي ٻانھن تي اکر لکايم؛ پي-ڊي. يعني پاڙي جو دادا، جي اڃا به قائم آھن ۽ ڪن دوستن جا مختصر نالا، جن به ٻين جا ۽ منھنجو لکايو.
    ماڊل ھاءِ اسڪول ۾ پڙھندو ھوس. ھڪ دفعي ڪلاس وارن رسيس ۾ ڪٻٽي راند ڪئي. مون کين چيو ته مون کي ڪرايو پر نه ڪرايائون. مان وچ ميدان ۾ بيھي رھيس. مون کي راند نه ڪرائيندا ته راند نه ٿيندي. ٻه چار ڇوڪرا اڳيان وڌيا. مون کين مار ڏني. ھو سڀ ڀڄي ويا. مون کي ماستر سڏايو ۽ چيائين ته مار ڏيڻ کان بھتر آھي ته تون ناٽڪن ۾ ڪم ڪرين سو سالياني جشن ۾ ناٽڪ ۾ ڀارت ماتا جو رول ڏنائين. ائين ھڪ ناٽڪ ڪلياڻ رفيوجي ڪئمپ جي سنڌ نئشنل ھاءِ اسڪول 1949ع ۾ ڪيم جتي مون کي حيدرآباد دکن جي خاڪسار اڳواڻ قاسم رضويءَ جو رول ڪرڻو پيو. ائين 1959ع ۾ ھڪ رول گوبند مالھيءَ جي ”گستاخي معاف“ ۾ به ڪيم، جنھن ۾ سندري اُتمچنداڻي مون سان گڏ ھئي. پر اداڪاريءَ مان زندگيءَ ۾ ڪري سگھيس، ناٽڪ ۾ ڪري نه سگھيس ۽ اھا به جيئڻ جي ادا.
    ڪراچيءَ جو مئڪلوڊ روڊ اتان پرنس روڊ جو رستو ڦٽي ۽ جو پريميئر ھاءِ اسڪول بعد بندر روڊ تي ختم ٿئي، جنھن کي اڳ مھاتما گانڌي روڊ به چوندا ھئا ۽ ھاڻ اھو جناح روڊ آھي. مئڪلوڊ روڊ ھاڻ چندريگر روڊ آھي ۽ پرنس روڊ جو نالو چون ٿا، محمد بن قاسم روڊ رکيو اٿن. سو انھن ٻن رستن جي ڪنڊ تي برٽش اوورسيز ايئرويز ڪارپوريشن جو خالي پلاٽ ان بعد ھڪ بلڊنگ جتي منھنجو گھر، اوڀر طرف.
    اسين ان ميدان تي ڪرڪيٽ راند ڪندا ھئاسين. ھڪ ڏينھن ڏسون ته اتي ٽيھ چاليھ پنجاھ ڇوڪرا قطارون ۽ چڪرا ٺاھي رانديون ڪري رھيا ھئا. منھنجا دوست راند ڪرڻ ويا ته کين ڇڙٻون ڏيئي واپس ڪيائون. اھا آر-ايس-ايس جي ھڪ برانچ ھئي ۽ ميدان تي ٻن ڪنڊن وارو ڪيسري جھنڊو لھرائجي رھيو ھو. ھو دوست مون وٽ آيا؛ موھن، ھي ظلم آھي، بغداد آھي، آر-ايس -ايس آھي ۽ تنھنجي ھوندي! ھڪ پنجابي، ھڪ سنڌي، ھڪ گجراتي، ھڪ مرھٽو. ڌرمپال، لعل، ڪشن ۽ بالڪشن. مون نڪر تي پٽو ٻڌو ۽ ھنن سان اُن ميدان تي آيس. ٻيا دوست بيٺا جو سنگھين اُتان لنگھڻ تي به روڪ لڳائي ھئي. مان ميدان لنگھيس ته ان جو انچارج اڳيان وڌي آيو ۽ چيائين، ”ھتان لنگھڻ جي منع آھي“!
    ھو اٽڪل پنجويھ سالن جو جوان ھو.
    ”ھي ميدان تنھنجي پيءُ جو آھي“؟. مون جوش ۾ چيو.
    ”ڀڄ نه ته مار کائندين“.
    مون اسپين جي ڍڳي جيان ھن تي حملو ڪيو. منھنجا ٻئي ھٿ ھن جي گلي ۾ مٿو ڇاتيءَ ۾ وجھي اھڙو ڌڪو ڏنومانس جو ڇھ فوٽ پريان وڃي ڪريو ۽ مان ھن جي مٿان ڇاتيءَ تي چڙھي منھن ۽ لوندڙيءَ تي مڪون ھڻڻ لڳوسانس. ھن رڙ ڪئي، ”ڪرو“يعني مارو! بس پوءِ ته سڀ ڇوڪرا منھنجي مٿان اچي، ٽنگن ٻانھن گلي ۽ وارن کان جھلي پٽ تي ڦٽو ڪن. منھنجا دوست ڀڄي ويا. آخر ڪافي مار ڏيڻ بعد ھنن مون کي ڀت پاسي ڦٽو ڪيو ۽ وڃي راند تي لڳا. ھڪ ڇوڪرو شايد گاڏي کاتي، ڪجھ رپورٽ ڪرڻ ويو. منھنجي وات ۽ نڪ مان رت وھي رھيو ھو. ڪپڙا ڦاٽي پيا. منھن ۽ سڄي بدن ۾ زخم ٿي پيا. مان اٿي بيٺس. ھٽيس ڪو نه ۽ رنم ڪو نه. ھڪ طرف ھو انگريز پيءُ ۽ ٻئي طرف ھي ھندو بھادر. سوچيم ته اھو انچارج به اڄ گھر نه پھچندو ۽ جي گروپ ۾ ويو ته رات جو گھر مان ڪڍي ڪٽيندوسانس.
    ان وچ ۾ نيرين اکين سان ھڪ جوان اتي پھچي ويو. جنھن جو نالو پريو بٽاڻيءَ ھو. ھو ھن وقت ناگپور ۾ رھندو آھي ۽ ناگپور سميلن جي 1959ع جي مشاعري ۾ منھنجي زبردست ڪاميابي ڏسي مون وٽ آيو ھو. ھو ڳري ڪنڊا ٿي پيو ھو. کيس فخر ٿيو ته ڪڏھن ھو منھنجو راڄنيتي گرو ٿيو ھو ۽ ٻڌايائين ته ھن منھنجون ڪھاڻيون ڪافي پڙھيون ھيون. ھن اچڻ شرط ڪجھ ھن ريت چيو، ”تون وير آھين ننڍي ھوندي رام ۽ ڪرشن به ائين ھوندا ھئا. راڻا پرتاب ۽ شوا جي به“، نالو ڇا آھي؟ موھن لالا ته -موھن جي، تون ھن ميدان لاءِ لڙين ٿو. ڇو ته اھو تنھنجو آھي. اسين به ھڪ ميدان لاءِ لڙون ٿا. جو اسان سڀني جو آھي. ان ميدان جو نالو آھي ڀارت، اڄ ڀارت ماتا انگريزن وٽ غلام آھي. اسان کي پنھنجي ماءُ آزاد ڪرائڻي آھي ۽ ميدان به پنھنجي قبضي ۾ ڪرڻو آھي. اڳي ڀارت ۾ کير ۽ ماکيءَ جون نديون ھيون. ھاڻ پاڻي به پوتر نه ٿو ملي. اڳي ڀارت سون جون جھرڪيون ٺاھيندو ھو. ھاڻي مٽيءَ جون به نه... ڀارت ھندن جو آھي جي اسين سڀ ھندو ملي ھڪ ٿيون ته انگريز ھڪ ڏينھن به ھتي رھي نه سگھندا. تون به ھندو آھين تون به روز ھتي اچ ۽ ڀارت ۾ ڪرانتي آڻ.
    ھن ڪلھي تي ھٿ رکيو پيار ڪيو. ٻانھن کان جھلي اڳيان وٺي آيو. چڪرا ۽ قطارون بند ڪرائي اتي منھنجي واقفيت ڪرايائين. ھنن مون کان معافي ورتي۽ سڀني گڏجي ھڪ راڳ ڳايو؛
    ڀارت مان تيري جيہ ھو وجيہ
    تو شڌھ تو ٻڌھ تو پريم آڪار
    تيرا وجيہ سوريہ ماتا آديہ ھو.
    1941ع ۾ مان سنگھ ۾ داخل ٿيس ۽ 1952ع ۾ ان کي ڇڏيم. يارنھن سالن جي عمر ۾ داخل ٿيس ۽ ٻارنھن سال اُن ۾ رھيس1952ع ۾ مون ”آواره“ ناول لکيو. ھونءَ 1949ع کان مان سنگھ کان ٽٽي رھيو ھئس. پر صفا ڪٽجڻ ۾ ٽي سال لڳي ويا. ورھاڱو ان وچ ۾ ٿيو. جيڪڏھن مان سنگھ ۾ نه ھجان ھا ته شايد مان سنڌ ڪڏھن نه ڇڏيان ھا. مون سپنن سان پيار ڪيو ۽ سپنا ڀارت جي آزاديءَ جا ھئا. ڀارت آزاد ٿيو، پر سنڌ اُن ۾ ڪا نه ھئي. ان ڪري مون سنڌ ڇڏي. مان اھڙو ڪو بھانو نه ٿو ڏيان ته مان ننڍو ٻار ھوس ۽ مون کي ڪا سمجھ نه ھئي. پر مان غلط رستي تي ھليو ويو ھئس.
    صبح اسڪول شام جو شاخا. آرتوار صبح جو شاخا ڪتاب. ان ۾ مون ايتري ترقي ڪئي جو ٽن چئن سالن ۾ ھڪ شاخا جو اسسٽنٽ انچارج ٿيس ۽ 1948ع ۾ ڪلياڻ رفيوجي ڪئمپ يعني الھاس نگر ۾ ان جو پايو وڌم ۽ ان وقت گني سامتاڻيءَ ۽ راجن چاولا کي آندم، جن به پوءِ اُن کي ڇڏي ڏنو. ھن وقت الھاس نگر جا وڏا اڳواڻ، عھديدار، آفيسر منھنجا جھونا شاگرد آھن ۽ اڃا اُن پارٽيءَ ۾ آھن ۽ منھنجي ڪافي عزت ڪندا آھن، ڇو ته فنڪار جي جتي ڪٿي عزت ٿيندي آھي ۽ چاھي ھو عمر فاقا ڪشيءَ ۾ گذاريندا ھجن پر وڪامجندا نه آھن. راڳ- رانديون- ڪرانتيءَ جا گيت. سنگھ جا آدرش ڪجھ ھن ريت ھئا؛
    -ھندوستان ھندن جو ملڪ آھي.
    ھندي اسان جي راشٽر ڀاشا آھي.
    -ھندو ڌرم اسان جو راشٽر ڌرم آھي.
    -ھندوستان ۾ سڀ رھي سگھن ٿا، پر اھي ھندوستان جي قومي سورمن کي پنھنجا قومي سورما سمجھندا ۽ ھندوستان سان وفادار رھندا.
    ان لاءِ ھندن ۾ ٻڌي ھئڻ ضروري آھي. ڪٿي ڪو ھندو مار کائي ته ان تي گڏجي حملو ڪيو ۽ کين مار ڏيئي وري وچ ۾ پئي ٺاھ ڪرايو. ڪانگريس جي اھنسا ڪانئرتا آھي. ظلم جو مقابلو ھنسا سان ڪبو، جيئن روس ۾ بولوشيوڪين ڪيو. مسلمانن جي گھڻائي انھن ڪانئر ھندن جي آھي، جي اسلام جو سج اڀرندو ڏسي ان ۾ ھليا ويا ۽ انھن کان ڏڪڻ نه گھرجي. جي راجا مانَ سنگھ پرتاب جو ساٿ ڏئي ھا يا جئسنگھ ڇتر پتي شواجيءَ کي مدد ڪري ھا ته ڪڏھن جو ھندوستان ۾ ھندو راڄ ھجي ھا. ھندوستان جي غلاميءَ جو ڪارڻ ھندن جي ڦوٽ آھي. فرق وساريو ۽ ملڪ مٿان قربان ٿيو.
    مان اخبارون پڙھندو ھئس ۽ ان زماني ۾ چاھيندو ھئس ته ھٽلر جنگ کٽي ۽ سباش چندر بوس، جرمنيءَ ۽ جپان جي مدد سان ھندوستان کي آزاد ڪرائي. پر جنگ انگريز ۽ سندن ساٿين کٽي. ھٽلر شايد پاڻ کي شوٽ ڪيو. ۽ سباش بابو به ھوائي حادثي جو شڪار ٿيو، جنھن جو اڃا تائين وڏو صدمو اٿم. جنگ جو سبب سامراجوادي ۽ سرمائيداري مفاد پرستي ھئي. سڀ سامراجي ملڪ روس جي انقلاب جي خلاف ھئا. پر ڪنھن حد تائين روس سبب ھنن جنگ کٽي ۽ ھن وقت سوشلسٽ روس جي وجود سبب دنيا عالمگير جنگ کان بچيل آھي ۽ ھندوستان به صحيح طور بي طرفدار ملڪن جي رھبري ڪري رھيو آھي. سنگھ ۾ مون نالو ڪڍيو. سنڌ انچارج راجپال پوريءَ سان واقفيت ٿيم. ھڪ ٻيو به پرڀداس بٽاڻي ھو، جنھن چيو ته پاڪستان ضرور ٿيندو.
    اسين اوچتو سنڌ جي پوليس اسٽيشن، ايئرپورٽ، ريڊيو اسٽيشن وغيره تي قبضو ڪنداسين. ان خيال کان مان اڃا به ننڍو ھئس ۽ خبر نه ھئم ته ھٿيار ڪٿان ٿي آيا. ڪرم نارائڻ پنھنجي بلڊنگ رگھومل تولا رام کي وڪي ۽ پاڻ الائي ڪيڏانھن ويو. سندس جوان ڌيءَ پپن وري ڪا نه ڏٺي اٿم. ان فلئٽ خالي ڪيو. جنھن جي چاٻي مون کي ملي. اتي سنگھ جا ڪي انقلابي ايندا ھئا. اڪثر شري شواجي سنگھ ايندو ھو ۽ ھڪ پنجابي چرن جيت سنگھ: ھن پوءِ دھليءَ جي سينٽرل بئنڪ ۾ نوڪري ڪئي ۽ ٻه ٽي خط لکيائين. دادا مون کي خط ۾ نورچشم لکندو ھو، اکين جو نور. مان ان جو اھو مطلب ڪڍندو ھئس؛ پيارا پيارا موھن سو مون کيس لکيو؛ نورچشم چرن جيت، ھن لکيو؛ نورچشم تون منھنجو يا مان تنھنجو؟ 49-50 ۾ اديب مون کي بر خوردار سڏيندا ھئا، جو مان سڀني ۾ ننڍو اديب ھئس ۽ ھڪ ڏينھن مون ”منجري ڪولھڻ “ جي ليکڪ ليکو تلسياڻي کي چيو، ھلو بر خوردار. چئي، بر خوردار تون منھنجو يا مان تنھنجو؟ مان پوکيان ۽ تون لڻين يا تون لڻين ۽ مان پوکيان!
    ھي اُھو وقت ھو، جڏھن ذھن ٺھندا آھن، من کي ريچڪ ايندا آھن ۽ خوابن لاءِ لڙي پئبو آھي. نوان پور، نوان اٺسٺا، آزادي آزادي آزادي. ڪڏھن من وياس ٿئي اندران آواز اچي، ڪرانتي، اسين رات جو مشعالون کڻي ڳائيندا ھئاسين. ھندي ۾ ڪجھ ويڌن جو اڀياس ڪيم ۽ رامائڻ، مھاڀارت ۽ ڀاڳوت پڙھيم. مھا ڀارت چرن جيت سان پڙھيم جو گورکپور جي ڪلياڻ رسالي ڇپايو ھو. اھو پورو ڪرڻ ۾ ٽي سال لڳايم. ٻه يا ٽي راتيون سڳن آھوجا، وجريشريءَ جي چشمن ۾ ھليو. مون کيس مھاڀارت جون اُھي حيرت انگيز ڳالھيون ٻڌايون جو مارڪسوادي سڳن آھوجا چيو، جيڪڏھن مان ڪڏھن به پنھنجو گھر ٺاھي سگھندس ته اتي ديوار تي فقط ٻه تصويرون ٽنگيندس، ھڪ مھاڀارت جي ليکڪ ويدوياس جي ۽ ٻي ڪارل مارڪس جي.
    سنڌ ۾ ڪھڙي وزارت ٺھي يا ڊٺي ٿي، اھو ڪجھ به سمجھ ۾ نٿي آيم. بس، ھندي-ھندو-ھندوستان! مون کي جا خالي فلئٽ ملي ان ۾ مون کي ڪي ڪارتوس ۽ ڪرچون به ڏنيون ويون. ڪرچون ڄڻ ھٿ ۾ ننڍي لٺ. کولي ھڻ ته خنجر. مون کي چيو ويو ته تون شڪل مان معصوم ٿو لڳين. تنھن ڪري خفيہ وياڳ ۾ اچ ۽ جاسوسيءَ جو فن سک. آزادي ڄاڻ ملي. پر پاڪستان ضرور ٿيندو. تون فھرست ۽ پتا وٺ ۽ فلاڻن فلاڻن جو جو پيڇو ڪر ته ڪيڏانھن ٿا وڃن. ڪنھن سان ٿا ملن ۽ ڇا ٿا ڪن. اھا خبر تون فلاڻيءَ ھند راجپال پوريءَ کي پھچاءِ جنھن کي اسان شري جي چوندا ھئاسين.
    رکي رکي من ڪوٽڙيءَ ڏانھن ڀڄندو ھو. پر اتي نياضي نه ڏسي پورو من سنگھ جي ڪمن ۾ لڳايم روز، حاضر، روزجاسوسي، مارا ماري خواھ رانديون ڪندي ٽنگ تي ڪافي ڌڪ لڳا. پھرين علاج نه ڪرايان، پئسا ھجن به ته. وري ٽڪو پئسو وٺي ڪرايان ته زخم مھينا ھلن. منھنجي نشاني ٽنگ تي ڪا پٽي.
    ان انقلابي خيمي ۾ جتي ھٿيار ھوندا ھئا. ھندن جي ڌرم ھلندو ھو. اسين ڪلفٽن تي شو جي مندر ۾ وڃي سنسڪرت ۾ گيتا ڳائيندا ھئاسين. ڏھن اوتارن، جن مان نو ٿي چڪا آھن. انھن جو ڪٿائون ٻڌيوسين. ھن ديش ۾ ڪجھ نھايت سندر ۽ الو ڪڪ آھي. جو بچائڻو آھي. ڪجھ اَدڀت ۽ رھسيہ مئہ.
    گھر جي حالت ڪجھ ھن ريت ھئي، گھر ۾ بيڊروم ۽ ھال، ٽائيلس فقط ڪوٺين ۽ بالڪنين ۾ ھيون، جي ٻه ھيون، رنڌڻي، ڪاڪوس، سنانَ جاءِ سان گڏ، اسٽور روم به ھئي، مسواڙ اوڻيھ رپيا. پاڻي نلڪن رستي. ڪوٽڙيءَ ۽ سکر جيان پخالي ڪو نه کڻي ايندا ھئا. دادا کي انگريزي مليٽري ڪئمپ ۾ گروسر جي نوڪري جي آڇ ٿي ۽ ھو وڏي پگھار سان ان ڪم تي لڳو. للت پور، بينا، ساگر ۽ چتر پور ۾ ڪم ڪيائين ۽ ورھاڱي وقت سندس شاپ ڪلياڻ مليٽري ڪئمپس ۾ ٿيو. يعني الھاس نگر ۾، جتي اسان جو ڪٽنب پھريون سنڌي ڪٽنب ھو جو آباد ٿيو.
    ناني به برنس روڊ تي سيوھاڻي ڪلب مٿان وڏو گھر ورتو، جتي پنج بيڊروم ھئا. مامو موھن بٽاڻي دادا کي ڀائيندو ھو ۽ لاھور ۾ ٻه چار مھينا اچي ٽڪيو ھو. ڪراچيءَ ۾ ھر ديويءَ ھاءِ اسڪول ٻاھران ڇوڪرين کي تڪيندو ھو ۽ اڪثر ھڪ کي سائيڪل تي چاڙھي برنس گارڊن وٺي ويندو ھو. اھو به دادا وٽ ويو ۽ ڪم تي لڳو. ھڪ ڏينھن تار آئي ته ڪن ۾ سور پوڻ سبب ھو گذاري ويو ۽ دادا کي گرفتار ڪيو ويو آھي. بعد ۾ معلوم ٿيو ته ھڪ انگريز جو ھن سان جھڳڙو ٿيو ته ھندوستاني ڪتا آھن. جنھن تي مامي مُڪ ھڻي ھن جا اڳيان ڏند ڀڃي ڇڏيا، کيس امالڪ شوٽ ڪيو ويو. دادا تي مقدمو ھليو ۽ کيس ٻه ٽي سال جيل جي سزا ڏني ويئي. دادا اھو ڪيس چڱي طرح ڪڏھن نه ٻڌايو. -کيس پنھنجو اھو سالو ڏاڍو پيارو ھو. ھن جي شڪل ھوبھو ڌرميندر جھڙي ھئي. سندس ان بھادري ۽ شھادت جي خبر ڪنھن اخبار ۾ نه ڇپي. ماءُ تار پڙھي بيھوش ٿي ويئي. پوءِ سندس ڪپڙا، جي امان وٽ ھئا، انھن کي ڇاتيءَ سان لڳائي ڏاڍو روئندي ھئي.
    الھاس نگر ۾ حشمت ڪيوليراماڻي منھنجي ماءُ سان گڏجندو ھو ۽ چوندو ھو ته ھو ھڪ عظيم سنڌي عورت آھي. تن ڳالھين جي مون کي خبر نه آھي. ڪراچيءَ ۾ ھن مون کي ٻه اڇيون پينٽون ۽ اڇيون قميصون سبائي ڏنيون. اڇا جوراب، اڇو ٽينس شو، اڇو رومال، اُھا ڊريس پائي ڪوٽڙيءَ نياضيءَ وٽ ويو ھئس. منھن به اڇو جو اُسن ۾ رلي سانورو ڪري ڇڏيم. ھينئر به قميص لاھيان ته لڳندو شڪل ھڪ جي آھي بدن ٻئي جو آھي. بدن اڃا به ڪافي اڇو اٿم. سکر ۾ ھڪ پائي خرچي ملندي ھئي، جنھن مان اسڪول ۾ ٽي پوريون ۽ دال کائيندو ھئس. ڪراچيءَ ۾ چار آنا، ٻي آني ۾ ايترو گوشت ملندو ھو جو آرام سان ڇھ مانيون کائي وڃجن. آني ۾ چانھ، اھي به زمانا ھئا. فلمون اڃا به ڏسندو ھئس. ڀاءُ گلو دادا سان ھو ۽ ٻن ڀينرن جي شادي ٿي چڪي ھئي.
    ليکڪ مون کي ماءُ ئي بڻايو. ”خزانچيءَ“ فلم ۾ گانو ھو، ڪڻڪان دي فصلان... ھوءَ سکر مان لاھور دادا کي خط لکندي ھئي، اھا نڀاڳي نڀاڳي ايڪسپريس ھئي. مان ھم عمر مامي رام کي خط لکندو ھوس، اُھا نڀاڳي نڀاڳي مڪسڊ ھئي، يعني ھلي ته ميل، بيھي ته گوڊس گاڏي. ڀاڀي چوندي ھئي، تون جڏھن منھنجي اميدن ۾ ھئين ته تڏھن مان رامايڻ پڙھندي ھيس ته تون ڏاڍو گوڙ ڪندو ھئين پر مھاڀارت وقت چپ رھندو ھئين.
    ھا ماءُ، مان ضرور ان ڪري چپ ٿيندو ھوندو ھئس جو سوچيندو ھئس اھو ڪھڙو سچ ھو، جنھن جي گھوڙي تي غلط سواري ڪندي ڪرشن پوري ھڪ يُگ کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ يُگ پرش بڻيو.
    ھڪ دفعي لڪ ڇپ راند ڪندي ميٺارام ھاسٽل ۾ ھليو ويو ھئس ۽ ھڪ روم ۾ وڃي لڪو ھئس، پاسي واري روم ۾ شاھ لطيف جي شاعريءَ تي بحث ٿي رھيو ھو. پوءِ راند وسري ويئي. اتي ڪجھ وقت آئون اڀياس - ڪلاس سامھون وڃي بيٺو ھئس. اڇي ڊريس ۾ ھئس مان اھو خيال به ته مان زندگيءَ ۾ ٿيندي ھڪ ليکڪ ئي، اٺ ڏھ جوان ھئا. سندن اکين ۽ چھرن ۾ اُمنگ ھئا. ڪنھن جو نالو به نه ٻڌو ھئم، پر سمجھان ٿو ته انھن ۾ شيخ اياز ضرور ھوندو. جنھن گھڻا سال پوءِ چيو، ھڪ آھين تون ۽ توسان منھنجو جنم جنم جو ناتو آھي.
    مون قومي ڪھاڻين سان گڏ سنڌ ۾ ئي خاص طور موپاسان ۽ چيخوف جون ڪھاڻيون پڙھيون. او ھينريءَ کي بعد ۾ پڙھيم. ڪافي ليکڪ پڙھيم جن جا نالا ٻڌائي پنھنجي وڏائي ڪرڻ نٿو چاھيان. ھڪ سنڌي اصلوڪيءَ ڪھاڻي به پڙھيم، جا ڪجھ ھن ريت ھئي؛
    طوفان لڳي رھيو ھو وڄ پئي ڪڙڪا ڪيا. ڪلاڪار محل جا در دريون بند ڪري ڏاڪڻ ۾ ستار وڄائي رھيو آھي. جنھن جو آواز ٻڌي سندس پريمڪا ساھيڙي گھر روئي رھي ھئي.
    مون سوچيو طوفان، بجلي، در دريون بند، پوءِ ڪلاڪار جي ستار جو آواز ٻئي ھنڌ ڪيئن پھتو؟ مان لکندس ڪھاڻيون، ھن ملڪ ۾ انقلاب آڻيندس مان. ماڻھو چوندا آکاڻي معنيٰ موھن. ڪٿي به ويندس ته چوندا، ھن کي ڏسو ھي موھن آھي، ليکڪ آھي.
    مان ھڪ شام ھيٺ پانَ وٺي رھيو ھئس جو ٽڪي ۾ اڌ ملندو ھو ته ملباري ھوٽيل ۾ رکيل ريڊيو تان پڌرائي ٿي. ڪانگريس ٻن قومن جو اصول مڃيو آھي ۽ مسلم ليگ کي پاڪستان ملي رھيو آھي. ماڻھو جمع ٿيڻ لڳا ۽ ”پاڪستان زندھ آباد“ جا نعرا ھڻن لڳا. اسان جي بلڊنگ جي سامھون، ٻه ماڙ تي ھڪ مسلم ليگي مسلمان رھندو ھو. اکيون ۽ منھن ايڏو وڏو جو ھڪ وقت سندس منھن ڏسي نه سگھجي، نالو ھوس شاھ جي. ڳاڙھو گٽڪو، ڊگھو، قداور، اڇي سلوار، اڇو ڪڙتو. مان کيس ھر ھوليءَ تي ڳاڙھي رنگ جي پچڪاري ھڻندو ھئس. سڀ ڪپڙا خراب، اصل ناراض ڪو نه ٿيندو ھو. کلندو ھو ۽ جليبيون وٺي کارائيندو ھو. سنڌي مسلمان جيترو پيار سنڌي ھندن کي ڪندا ھئا، اوترو پيار ھندوستاني ھندوستانين کي شايد ئي ڪندا ھجن.
    ھن به خبر ٻڌي، اڳيان اچي چيائين، ”ھاڻ اوھان جو سنگھ ڇا ڪندو“؟
    ” ڇو؟“
    ”ھاڻ ته اوھان ھندن کي سنڌ ڇڏڻي پوندي“.
    ”سنڌ جا اصل مالڪ ھندو آھن“.
    ”ھاڻ ته سنڌ مسلمانن جي ھوم-لئنڊ ٿيندي“.
    مان چپ.
    ”اوھين ھندوستان ويندا“.
    ڪجھ ان طرح جي گفتگو، پوري ياد نه اٿم. مون کي لڳو، ته سامھون ڪا جڳھ ھئي جا وچ مان ٽٽي ويئي. بس ائين ڏسندي ڏسندي پاڪستان ٿي ويو. مان صدر ۾ جشن -جمھوريت جي سرگس ڏسڻ لاءِ صدر ويو ھئس. جناح ۽ مائونٽ بيٽن ھڪ ڪار ۾ ويٺا ھئا ۽ ھنن سان گڏ ھندوستان ۾ انگريز فوج جو آرمي-ڪمانڊر به ھو. سرگس وڏي ھئي. مون پاڻ کي نھايت خسيس سمجھيو، ملڪ جي قسمت ٺاھڻ، لڳو ڏکيو ڪم ھو، مان شطرنج جو پيادو ھئس، اعليٰ سطح تي منھنجو ڪو آواز نه ھو.
    مون ڪٿي لکيو آھي ته ھندستان جي آزاديءَ مون کي ڪا خوشي نه ڏني آھي ۽ مون گذريل 35 سالن ۾ ھندوستان جي قومي جھنڊي جي ڪڏھن سلامي نه ڪئي آھي. اڃا آزادي لولي لنگڙي سمجھي اٿم ۽ آزادي جي ڏينھن ڪڏھن به جشن ۾ شامل نه ٿيندو آھيان- اھو ڏينھن مون کي ياد ڏياريندو آھي ته اسان پنھنجي وطن کي ان ڏينھن وڃايو ھو.
    پاسي ۾ شيلا رھندي ھئي ۽ ھوءَ ڪئرم بورڊ راند ڪرڻ لاءِ منھنجي گھر ايندي ھئي. مون وٽ کيس لفٽ ڏيڻ ۽ عشق ڪمائڻ جو ڪو پروگرام نه ھو. ائين ڪن جوان ڇوڪرن ڇوڪرين سان ڪلفٽن به ھلي ۽ پاسي ۾ ويھي ڪافي چرچا مستي ٿي ڪيائين. سندس پيءُ ڊي-جي سنڌ ڪاليج ۾ بائلاجي جو پروفيسر ھو ۽ ڀاءُ نھال ٽينس چئمپين ھو. مون کي لڳو ته شادي ھن سان ئي ڪندس. سندس مسڪراھٽون ۽ اداس نھارون اڃا به ياد اٿم. ھڪ دفعي ھڪ ڳالھ تي مون ڪنھن ڇوڪري کي مار ڏني ته ڀيڻس ميران اکيون چمڪائي پاسي کان اچي بيٺي ۽ اتساھ مان منھن ڏانھن ٿي نھاريائين. ورھاڱو ٿيو، شيلا الائي ڪيڏانھن ويئي، کيس ڪراچيءَ بعد اڃا تائين ڪو نه ڏٺو اٿم.
    جا مون پھرين ڪھاڻيءَ 1948ع ۾ لکي ان جو عنوان ھو، ”آتم ھتيا. “ ھتي ڪنھن سنڌي فلمي رسالي ۾ ڇپي. ان جي شروعات ھن ريت ھئي، ”مون کي ھن سان پيار ھو، نه ان ڪري ته ھو حسين ھئي، پر رحم دل پڻ“، آخر ۾ لکيم، ”ھوءَ ته رھي نه آھي، مان به نه رھندس، قلم رکندس ۽ ٽرين جي پٽن ڏانھن ويندس، پاٺڪ ھن ڪردار جي موت جي خبر اخبارن ۾ پڙھندا. “ ڪھاڻي ورھاڱي ۽ وڇوڙي تي ھئي. مون ڪلاس ۾ گني کي پڙھي ٻڌائي، گني پڇيو،
    ”ڇا اردو تان ترجمو آھي“؟
    چيم،
    ”نه- اصلوڪي آھي“.
    ھوءَ ھمدرد ھئي،
    اھو مون غلط لکيو ھو.
    ڪيترا لفظ ان ڪري لکندو ھئس جا ڄاڻندو ھوس پر مون کي ان جي معنيٰ نه ايندي ھئي.
    حيدرآباد ۾ مامو موھن چوندو ھو، موھن يو آر ڊانڪي. منھنجو ترجمو ھيئن، يو معنيٰ تون. آر معنيٰ گڏھ. ڊانڪي معنيٰ آھين. سو مون ھڪ آمريڪي فوجي کي چيو، گڊ ڊانڪي سر. اسين ڪڏھن ڪڏھن آمريڪن ھاسٽل ۾ سنگتڙا کائڻ ويندا ھئاسين، منھنجو مطلب، تون ڏاڍو سٺو ٿو لڳين. بندوق کڻي پٺيان پيو. پر مون کي پڪڙي نه سگھيو. لفظن طرف منھنجي ناداني جو ھڪ ٻيو مثال، جيل ۾ نارائڻ ڀارتيءَ چيو، ”گوبند مالھي چوٽيءَ جو ليکڪ آھي مون سمجھيو ته شايد آريہ سماجي ھوندو. پر کيس ڏٺم ته حيران ٿي ويس. مالھي جي مٿي تي دھليءَ جو درياھ گنج ھو. مون ڀارتيءَ سان شڪايت ڪئي، مالھي کي وار ئي ڪٿي آھن جو چوٽي رکائي. ڀارتيءَ ڪي ٻَڌا ڪي ڇڙا ٽھڪ ڏنا“.
    دادا وٽ ڪي انگريز فوجي ايندا ھئا. مون کي چوندا ھئا، برنگ چاڪليٽ. برنگ پيئرس. سوپ وغيره. مان چوٿون پڙھي انڊيا آيو ھئس پر مون کي برنگ يعني اڻ لفظ جي معنيٰ نه ايندي ھئي. مون سمجھيو ته برنگ ڪو خريديءَ جو اسم آھي کين چوندو ھوس، نو برنگ سر، ٻيو سڀڪجھ آھي، برنگ نه آھي.
    سنڌ ۾ مسلمان ڀائرن کي ”ڀائي جان“ ۽ ”سلام مالي ڪم“چوندو ھئس جا غلطي طارق اشرف درست ڪئي.
    ائين گھڻن سنسڪرت لفظن جو ست ٽوڙيو ھوندو. جيتوڻيڪ ھنديءَ ۾ ماھر ھئس ۽ اُن ۾ ھزارين ڪتاب پڙھيا ھئم پوءِ ھندوستان ۾ پڙھڻ بدران جليبيون کائڻ شروع ڪيم.


    4

    شڪارپور ڪالونيءَ ۾ بم ڦاٽو ۽ پرڀداس بٽاڻي مري ويو. ھڪ ڏينھن صبح جو چئين لڳي فوجي اسان جي جڳھ کي ورائي ويا. ٽي چار مٿي آيا. ھٿن ۾ بندوقون ۽ ٽارچون ھئن. ھڪ فوجي منھن ۾ ٽارچ ھڻندي چيو، ”ھي آر-ايس جي آفيس آھي“؟
    “”هي گھر آھي“.
    ”زالون آھن“؟
    ”اھي ھندوستان ويون آھن، اسين به ٻن ٽن ڏينھَنَ ۾ وينداسين“.
    ”اسان کي سرچ ڪرڻي آھي“؟
    ”ڇا جي“؟
    ”ھٿيارنَ جي“؟..
    ”ھٿيار ۽ ھتي، مان اسڪولي شاگرد آھيان ۽ ھندوستان وڃي فلمي ائڪٽر ٿيڻ چاھيان ٿو“.
    ”دروازو کول سڄو “؟. ھو اندر گھڙيا، چرن جيت ڏڪي ويو، مون کي چيائين، ٻاھر بلڊنگ کي مليٽري گھيرو ڪيو آھي.
    چيو مانس، تنھنجي شڪل خراب آھي،
    چئجانءِ مان ھن جو نوڪر آھيان. مان ڪرچيون ۽ ڪارتوس بالڪنيءَ ۾ تلسين جي ڪونڊين ھيٺان لڪائي رکيا ھئا، جي اھي کين ملن ھا ته گرفتاري ۾ ڦاسي طئي ھئي. ھو ته اسان جون شڪليون ڏسي لڄي ٿيا ۽ اڇاتري سرچ ڪري، معافي وٺي واپس موٽي ويا. ڀاڀيءَ چيو؛ ھتي رھڻ ٺيڪ نه آھي. سو رتن تلاءُ تي ھڪ جڳھ مسواڙ تي ڪيائين، سنگھ جون شاخون لڳڻ بند ٿي ويون. مامن جو ھڪ دوست مسلمان ھو، جو ڪنھن ھندو ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ھندو سڏائيندو ھو ۽ پنھنجو نالو ڀڳوان رکيو ھئائين. ھن مون کي ڪراچيءَ صدر ۾ پي-ڊبليو-ڊي آفيس جي جھرڪ ڊويزن ۾ ھڪ ٽريسر جي نوڪري وٺي ڏني. پگھار ستر رپيا. ڏاڍي خوشي ٿي. اھو زمانو ڪجھ ٻيو ھو.
    6 جنوري 1948ع ۾ بھار مان آيل مھاجرن فساد ڪيا ۽ اٺ ڏھ سک ماڻھو ماري ڇڏيائون. ڪي ٽولا رتن تلاءُ تي ڦرون ڪرڻ آيا ۽ ھڪ اسان جي گھر به آيو. ھڪ جوان ڪپ کولي گھر ۾ گھڙيو، ڀاڀي کين چيو، ”ڇا اسلام توھان کي سيکاري ٿو ته زالن ۽ ٻارن تي حملو ڪريو، اوھان کي ڇا ملندو؟ منھنجي ٻچن کي ھٿ نه لڳايو، ڀل مون کي ماريو“.
    مان ھجان ھا ته شايد خونريزي ٿئي ھا. پر مان آفيس ۾ ھئس. ٻڌم ته ڀاڀي ڪجھ اھڙي وشواس مان ڳالھايو جو ھو واپس ھليا ويا. ۽ ھڪ پاجي ڀت تي ڪليءَ ۾ ٽنگيل منھنجي اڇي پينٽ کڻي ويو. اُن جو دک سال منھنجي من تي قائم رھيو. اُھو پائيندو ھوس ته نياضي ياد ايندي ھئي. اڃا به ڪڏھن اڇي ڊريس پائيندو آھيان ته اڪثر ھوءَ ياد ايندي آھي.
    مان ٽرام ۾ چڙھي آفيس ويندو ھوس ۽ ٽرام ۾ واپس ايندو ھوس.
    اتان سڌو پنھنجي اڳئين پاڙي ۾ ويندو ھوس. جنھن جي رونق بدلجي ويئي ھئي.
    سنسان، ڪابه چھل پھل نه.
    جمعو دادا: جو محرم ڏينھن پاڻ کي ماري رتو رت ڪندو، چوندو ھو؛ ڪيئن يار. تون به سنڌ ڇڏي ويندين؟ جمعو دادا باڪسر ھو. ماڻھن کي مارون ڏيندو ھو. پر ڪپ نه ھلائيندو ھو. اھي اسان جي پاڙي جا مئجسٽريٽ ھئا. ڪو ٻيو غنڊو ان حد ۾ گھڙيو ته جمعي دادا جا ٽڪر ۽ مڪون چالو. ائين بھار مان ھڪ جعفري دادا آيو ھو ۽ جمعي کي ڏاڍي مار ڏني ھئائين. سنڌين مارون ئي ته کاڌيون آھن. ھيٺ جمنوءَ جي ھوٽل ھئي. جمعي جو اتي پنڪج ملڪ جا راڳ ايندا ھئا ۽ سڄو ڏينھن جڳنو پڪچر جو رڪارڊ ھلندو ھو. نورجھان ۽ رفيع جو ڳاتل؛
    يھان بدلا وفا ڪا بي ڪي سوا ڪيا ھئي
    محبت ڪر ڀي ديکا، محبت ۾ ڀي دوکا ھئي
    اھو رڪارڊ اڃا به ياد اٿم. سوچيم وڏي آھي ته ڇا ٿيو، شادي ڪندس ته نورجھان سان. مون نورجھان ۽ ھل اسٽيشن ماٿيران سان زبردست محبت ڪئي آھي. مان انڊيا ويس ۽ ھو پاڪستان ھلي آئي.
    شيخ اياز ۽ رشيد ڀٽيءَ کي جو ھو بيچ جي بنگلي تي ھڪ گانو ٻڌايو ھئم ؛
    مجھ سي پھلي سي محبت ميري محبوب نه مانگ.
    ان غير سنڌين جي فساد سبب ھندن ۾ ٿرٿلو ۽ ھراس پيدا ٿيو ۽ ھڪ ڏينھن اسين به پنھنجا ٽپڙ کڻي اٺ گاڏي ۾ چڙھي ڪراچي بندر آياسين. ڪراچي عيدگاھ ٻاھران ڪافي سنڌي ڪتاب ٿي وڪاميا. ٻين ٻين آني. مون ڪافي ڪتاب خريد ڪيا. شايد اھو 16جنوري 1948ع جو ڏينھن ھو ۽ مان حياتيءَ جا سترنھن سال پورا ڪري رھيو ھوس. اُھا اٺ گاڏي پل پل مون کي منھنجي ڌرتيءَ، سنڌوءَ ماءُ کان پري ڪندي ھلي. برنس روڊ، ڪچھري روڊ، ڊي-جي سنڌ ڪاليج. گاڏي کاتو، لائيٽ ھائوس، بندر روڊ، ميونسپالٽي، بولٽن مارڪيٽ. جمعي دادا ڏسي ورتو ۽ سائيڪل تي اچي ھٿ ڏيئي ھلڻ لڳو، چيائين، ”ڀاءُ ھميشه لاءِ ٿو وڃين“؟ ”نه“مون چيو. ”مان واپس ايندس.“ ھن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ ھو ھليو ويو. واپس ۽ مان ؟
    ۽ اھو به سنڌ.
    سگريٽ جي دونھي ۾ اڃا به ڏسان پيو، پنھنجي ڪراچي اھا اٺ گاڏي ۽ جلاوطنيءَ جو سفر. ٻليءَ ٽب مان ٻاھر نڪرڻ لاءِ ڏاڍا وڏا ٽپا ڏنا. پر بت کان وڏيون ڀتيون -ڪجي ڇا-؟ ھڪ سرد آھ، ھڪ زرد ماٺ.
    ختم ٿي ويو اھو سندر جيون. اھو سنڌ جي زمين تي ھلڻ ۽ مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پائڻ. ھاڻ اھي منگھن جا منظر نه ڏسبا، نه اھا جوان ڇوڪرين جي جھمر پيل ڌاڳا ٻڌي انھن جو نچڻ ۽ زالن جو سنڌوءَ ۾ ڏيا مارڻ!سنڌ اسين ھن بلبلون ۽ ھوءَ اسان جو گلستان (اقبال). اھو کليل آسمان ۽ سڌي سنوت واري ڌرتي. ان جا ماڻھو به سڌا سادا. ختم ٿي وئي اھا بي فڪر سوچ ۽ آرام جي زندگيءَ. اھي کير ۽ مکڻ. پڪوان ۽ سيرا. اھي عيد تي ٻوڙ ۽ نياضيءَ جي ڇاڇ.
    مان ھندي ھندوستان ٿي ويس. پر من ۾ خوشي نه ھئي، پر ھندستان ھندي ۽ ھندو نه ھو، سيڪيولر ھو. اھو پوءِ ڄاتم، سنڌ ۾ اتر پرديش ۽ بھار جا مھاجر آيا ته ھراس وچان ھندو ڀڄڻ لڳا. ھو مذھب جي نالي پنھنجي ڌرتي ڇڏي آيا. اسان خون خرابيءَ بدران ملڪ بدر ڪرڻ پسند ڪيو.
    ان ۾ به سنڌين جو تصوف آھي. اسين توھان کي نه کپون؟ چڱو وڃون ٿا. ھاڻ جڏھن توھين گھرائندا، تڏھن اينداسين نه ته ڌارين زمين تي ختم ٿي وينداسين! آباد سنڌو ماٿريءَ جي ڪجھ بناوٽ اھڙي آھي. تاريخ ۾ اسان تي ڏاڍا حملا ٿيا ۽ اسان مقابلو ڪيو ۽ اڪثر مارون کاڌيوسين. پر سنڌي مسلمان ڀائر اسان کي نه چاھين ته اھو اسان کان برداشت ٿي نه سگھيو. ھڪ منزل گاھ ئي پس پيش اسان کي ملڪ بدر ڪيو. اسان اھا به غلطي ڪئي جو اسان بمبئيءَ کان سنڌ جي ڪٽجڻ جي مخالفت ڪئي، ان ڪري قوم پرست مسلم عوام اسان کان ڪٽجي ويو. اسان تنگ رستي کان ھلياسين ۽ پوءِ رستو ئي نه ھو ۽ تاريخ جون گمناميون ھيون. اوندھ ۽ لاھيون ۽ لاھيون پوءِ بس باھيون ھيون.
    بندر تي ھڪ سمنڊ ماڻھن جو به ھو. اسين ھڪ رات چادرون وڇائي پٽ تي سمھياسين ۽ ٻئي ڏينھن جھاز ۽ بندر جي وچ ۾ لٽڪيل ڏاڪڻ تان ڌڪا کائيندي مٿي ڊيڪ تي چڙھي وياسين. ماڻھن ۾ ڏک ھو ته ھنن وطن ڇڏيو ٿي ۽ ھڪ اڻ لکي خوشي به ھئي ته ھو ھن ملڪ ڏانھن ٿي ويا جتي ھو آزاديءَ سان سلامتيءَ سان ساھ کڻي سگھيا ٿي. !
    پٽ تي منھنجي سامھون ھڪ جوان ڇوڪري ليٽيل ھئي، منھنجا پير ھن جي منھن جي ڀرسان پئجي رھيا ھئا. ھڪ کن لاءِ خيال آيم ته ھڪ پير آھستي وڌائي ھن جي ڇاتيءَ تي رکان، وري سوچيم. ائين ٺيڪ نه ٿيندو، من ۾ ڪافي وقت جنگ ھلي، جنھن ۾ مون ھار کاڌي يعني پنھنجي خواھش پوري نه ڪيم. ڊيڪ تي ھڪ ڇوڪري وار کولي بيٺي ھئي. مان ڀرسان وڃي بيٺومانس. ھن جو آنچل ھوا ۾ ڦڙڦڙائي رھيو ھو. مان اڇي ڊريس ۾ ھن مون ڏانھن نھاريو. ڄڻ صدين کان سڃاڻي، اوھ تون! پر منھن تي ڪا به مشڪ نه، جا اھڙن موقعن تي ھلڪڙائپ لڳندي آھي. پوءِ ھوءَ ھلي، بيٺي پٺيان نھاريائين، مشڪي، شڪجي، سمھي. ڄڻ مون سان ھڪ خيالي ٽڪر کاڌائين ۽ چيلھ تي رکيل ھڪ خيالي گلن جي ٿالھي پٽ تي ڪيرائي ڇڏيائين. منھنجي اکين ۾ به خواب ھئا. ڪجھ ڌنڌلا، مبھم. عورتون عورتون آھن. جتي وڃ اتي انھن جو سنيھ آھي. ڄڻ نرسون آھن. زخمن کي مرھم ھڻن ۽ بيٺي بيٺي دونھون ٿي وڃن. مون ”رڃ ۽ پاڇا“ ۾ ھن جو ڪردار کنيو آھي. نالو وندنا رکيو مانس. ھئي الائي ڪير ۽ وري جيون ۾ نه ملي. ائين مون بمبئي ۾ ھن جي تلاش ڪئي. مرين ڊرائيو تي، ھئگنگ گارڊن تي. چوپاٽيءَ ۽ جھو ۽ گيٽ وي آف انڊيا تي. ھوءَ ھڪ زخم ڇٽائي ٻيو زخم ڪري وئي.
    جھاز ھليو ۽ مان آھستي سنڌ جي ڌرتيءَ کان پري ٿيندو ويس. سڀ ته ياد اٿم. خوش رھو اي اھل وطن ھم تو سفر ڪرتي ھئي، دور ديوار پر حسرت ڪي نظر ڪرتي ھئي. خيال آيم ته ھوا جو جھوٽو بڻجي وڃان ۽ سنڌ جي زمين مڪانن ۽ ماڻھن کي چمڻ شروع ڪريان. ڪتو ٿي وڃان ۽ سنڌ جي رستن تي ھلڻ شروع ڪريان. ڀنگي ٿيان ۽ سنڌ جي زمين تي ٻھاري ڏيئي ان جي مٽيءَ سان سنان ڪريان. شايد چيز جو قدر وڃائڻ مھل پائبو آھي.
    گھڻا سال پوءِ مون ھڪ ڪوِتا لکي:

    ”جھاز جي ڊيڪ تي“
    ڪي سٽون ھن ريت آھن. :
    اڄ حياتي زھر ڍڪ تي پنھنجو ست آھي وڪيو
    اڄ وڇن جو فلسفو ئي زندگيءَ جو فلسفو آ
    موت ٿو اڄ زندگيءَ جا حج ڪري
    اڄ آ ڇاتيءَ تي زيارت
    چڪ ۽ چنبي ڪپ ڇريءَ جي!
    ھي برابر زھر يگ آ-زھر يگ آ زھر يگ آ
    ھيٺ پاڻيءَ ۽ مٿي آڪاش آھي
    وچ ۾ منھنجو لاش آھي-لاش آھي (1958(

    دراصل وطن جي ياد ھميشه ايندي ھئي پر رڳ گھڻو پوءِ ڇڪڻ لڳي. اڳ واپس موٽڻ جي آس ھئي جنھن آس نامعلوم ڪڏھن پنھنجو دم ٽوڙيو. ھاڻ فقط سنڌ ڏسڻ جي خواھش اٿم جا به شايد بيھوشيءَ جي عالم ۾ آھي يا مري دم ٽوڙي چڪي آھي.
    سنڌ ۾ جيون جو ھڪ ڪانڊ پورو ٿيو.
    بمبئي بندر کان وي-ٽي آياسين. ڏسون ته گاڏيون بنا انجڻ جي پيون ھلن. اسين به سامان کڻي چڙھي پياسين. گاڏي خالي ھئي. ھاڻ اھا خالي گاڏي به فقط خوابن ۾ ڏسي سگھبي آھي. ھينئر گاڏيءَ ۾ جڳھ ملي، ڄڻ دفتر ۾ بونس مليو. مان فئملي کي ڪلياڻ اسٽيشن ٻاھران ڇڏي مليٽري ڇانوڻيءَ ۾ ويس. جتي اڃا به انگريز فوجي ھئا. جاچ ڪندي دادا کي ڳولي ڪڍيم. ھو مون کي ڏسي عجب ۾ پئجي ويو. ڀاڪر پاتائين. پٺي ٺپريائين. کيس ڪنھن ٻڌايو 6 جنوري جي فسادن ۾ سندس فئملي مارجي ويئي ھئي. گلوبه اتي ھو ۽ خوش ٿيو. دادا ھڪ جيپ جو بندوبست ڪيو ۽ سالن بعد اسان جو ڪٽنب ھڪ ھند گڏ ٿانيڪو ٿيو. اتي ھڪ ڀيڻ وديا ڄائي جا پورو کير نه ملڻ سبب گذاري ويئي. ان رات چنڊ جي شڪل ڪتي کان بدتر ڏٺي ھيم. مون ”آواره“ ۾ ان جو منظر چٽيو آھي.
    ڪئمپ ۾ فقط اسان جو سنڌي ڪٽنب ھو.
    ٻه سينيمائون ھيون، جتي شام جو ٻه شو انگريزي فلمون ھلنديون ھيون. آبادي اٽڪل پندرھن ھزار. پندرھن ھزار کن انگريز ھئا. جي آھستي آھستي پنھنجي وطن روانا ٿيا. جنرل ھيڊڪوارٽر ۾ ننڍو ھوائي جھاز منھن ڀر ڪريو پيو ھو. ھڪ ڀيري ان کي منھن کان جھلي زور ڏنم ته پينگھ جي گاڏي جيان ٽيھ فوٽ مٿي چڙھي ويو ۽ پڇ وڃي پٽ سان ٺڪاءُ ڪيس. ڪافي ماڻھو گڏ ٿيا. ڇوڪرو سترنھن سالن جو ۽ ھن کي ايڏي طاقت. پوءِ اھو ھوائي جھاز الائي ڪيڏانھن ويو. اھو موجودھ ڪورٽ جي سامھون جنرل ھيڊ ڪوارٽرس ۾ ڪريو پيو ھو.
    دادا وٽ پراڻو ريڊيو ھو ۽ ھڪ ڏينھن خبر آئي ته ڪنھن شخص مھاتما گانڌيءَ جو خون ڪيو ھو. سنگھ ۾ ھئڻ سبب اسان کي گانڌيءَ لاءِ ڪا عزت نه ھئي ۽ نه نھروءَ لاءِ. اسان لاءِ ھڪ ئي وڏو شخص ھو، پرم پوجنيہ شري گروجي. جنھن جا ڀاشڻ سنڌ ۾ ٻڌا ھئم ۽ پوءِ ھند ۾ به. روبرو گڏيو ھوس. شايد اھو زندگيءَ ۾ پھريون دفعو ھو جو اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. پنڌ ڪري ڪلياڻ شھر ويس ۽ اتان بمبئي ويس. نھروءَ ريڊيو تي چيو، روشني ھلي ويئي، ھاڻ جتي ڪٿي انڌڪار آھي.
    مئي-جون ۾ ڪئمپ ۾ سنڌي اچڻ لڳا ۽ ڪئمپون کلڻ لڳيون. جيم سائيڊنگ تي ھڪ اسڪول کليو، جتي پنجين ۾ داخلا ورتم. گنو سامتاڻي ۽ راجن چاولا ساڳئي ڪلاس ۾ ھئا ۽ اتي دوست ٿيا راجن اڄڪلھ لنڊن ۾ آھي ۽ گنو، بمبئي ۽ چرچ گيٽ تي. مون ٽئين نمبر ۾ سنگھ جي شاخا کولي، پر اتي بندش سبب ڪم وڌائي نه سگھيس. سنگھ تان بندش ھٽائڻ لاءِ ھندستان ڀر تحرڪ ھليو ۽ جي شخص ان ۾ گرفتار ٿيا، مان تن مان ھوس. چيائون معافي وٺ. مون انڪار ڪيو. مون کي ٽي مھينا سزا ملي. ۽ مان ھڪ رات ڪلياڻ لاڪ-اپ ۾، ھڪ دفعو ٿاڻا جيل ۾ ۽ باقي وقت ويساپور جيل ۾ ھوس.
    ويساپور جيل ۾ اسين اٺ سئو قيدي ھئاسين. جمعي جو پاڻ ڳڻپ ڪندا ھئاسين. رانديون ڪندا ھئاسين. روز رات جو راڳ ۽ تقريرون. اتي نارائڻ ڀارتي به ھو، جو ڀت تي سنگھ تي بندش خلاف پوسٽر لڳائيندي گرفتار ٿيو. ھو پنھنجي مرضي خلاف جيل ۾ آيو ھو. ٻين کان ڪٽيو ڪٽيو رھندو ھو. البته ھو منھنجون تقريرون چاھ سان ٻڌندو ھو ۽ مون سان بحث ڪندو ھو.
    جيل ۾ مون سان ڪير به گڏجڻ نه آيو. ڪو دوست به نه. مان جيل جي شيخن ٻاھران آسمان ڏانھن نھاريندو ھوس. آسمان ۾ پکي ڏسي سوچيندو ھوس ته ڪڏھن آزاد ٿيندس. ميدان تي گايون ڏسندو ھوس ته پاڻ کي بدنصيب سمجھندو ھوس.
    سنڌ ۾ سنگھي ھندو ھئا ۽ ھندو راڄ جون ڳالھيون ڪندا ھئا. ھو مسلمانن جا مخالف ھئا پر کانئن نفرت نه ڪندا ھئا. جيل ۾ سنڌي ڏھ ٻارنھن ھئا- باقي گھڻا مرھٽا جي سخت ڪٽر ھئا. جوش ۾ ڳائيندا ھئا:

    جئچند توني ھند ڪو برباد ڪرديا؛
    غيرون ڪو لاڪي، ھند ۾ آباد ڪرديا؛
    ڪاشي بني بنارس، پرياگ الھ باد؛
    ايوڌا پوري ڪو، فيض آباد ڪرديا؛!

    مھاتما گانڌيءَ چيو ته پاڪستان منھنجي لاش تي ٺھندو. پاڪستان ٺھيو ۽ ماڻھن گانڌيءَ جو لاش ڏٺو، گانڌي مري ويو تڏھن به جيل ۾ ڳائيندا ھئا:

    اب بتا گانڌي، اب وھ تيري گانءِ ڪھان؛
    پھلي ھوگي ميري ٽڪري، ڦر پاڪستان يھان.

    مون کي پھريون دفعو محسوس ٿيو ته ھنن ماڻھن وٽ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪجھ ڪونھي. فقط نعرا ۽ تقريرون ۽ نفرت آھي. رڳو ماضيءَ جون وڏايون، اڄ ڇا ڪجي، ديش کي ڪيئن مظبوط ڪجي، ٿوراين وارين جاتين جا حق ڪيئن سلامت رکجن، کين ڪجھ خبر نه آھي.
    ھڪ رات اتي سيمينار ٿيو؛ جيڪڏھن گانڌيءَ جو خون نه ٿئي ھا ته؟
    ڪنھن چيو؛ ته اسين ھندو راڄ قائم ڪريون ھا.
    ڪنھن چيو؛ ته اسين پاڪستان کي ختم ڪريون ھا.
    مون چيو؛ ڪجھ نه ٿئي ھا- اسين ٿورو گھٽ راڳ ڳايون ھا.
    اسان جو ھڪ نعرو ھو؛ سنگھ ڪو توڙدو، گرو جي ڪو ڇوڙدو.
    ماني، گاھ، تيل ۽ سڪل مانيون. سو کاڌو نه وڻندو ھو. چانھ به نه ملندي ھئي. اسان کي آرتوار صبح جو بوھيمنگ ۽ ڳڙ ملندو ھو. چاھ سان کائيندو ھوس ۽ ڏينھن جو گوشت. اسان جو سنڌي اڳواڻ ڪوئي ڪشور واسواڻي، فرينچ ڪٽ ڏاڙھيءَ سان، جيلر سان گڏيو ۽ چانھ جي گھر ڪيائين. ھو ۽ مان ڪافي بحث ڪندا ھئاسين. ھن جو مون کي چيو، تون ”آگ“ فلم جو راجڪپور ٿو لڳين. تون نھايت ذھين ۽ تيز آھين. تنھنجي اکين ۾ نھارڻ سان بحث جو موضوع وسريو وڃي. تون آگ جو شعلو، طوفان آھين، تون بارن انقلابي ۽ آرٽسٽ آھين.
    ھڪ ڏينھن چانھ آئي ته سنڌين ڊڪ پاتي. جيل جي ھڪ مراٺي اڳواڻ سنڌين بابت ھڪ خطرناڪ رايو ڏنو ”ھنن کي ڏسو، پاڪستان ۾ مسلمانن سان وڙھي نه سگھيا ۽ ھتي چانھ پٺيان چرين وانگر ڊڪي رھيا آھن“.
    چندر واسواڻيءَ چيو، ”سنڌي ھڪ ماڊرن قوم آھي، مھاراشٽرا کي چانھ قبول ڪرڻ ۾ صدي لڳندي. ھنن کي سنڌين سان جيلسي آھي“.
    ھڪ مرھٽي اڳواڻ چيو، ”اوھين سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ڇو ٿا ڳالھايو. يا ھندي ۾ ڳالھايو-يا مرھٽيءَ ۾“.
    سو سنگھ سان مانسڪ طور ان ڏينھن ٽٽس. پر سامھون ڪو ٻيو آدرش به نه ھو ۽ ڪم ڪرڻ جو جنون سر تي سوار ھئم.
    جيل ۾ ھڪ ڏينھن گني سامتاڻي جو خط آيو، ”خبر اٿئي لال چنداڻي ٽيچر ڇا چيو؟ اسان کي موھن تي ناز آھي. ھن جو فوٽو آڻيو ته ڪلاس روم ۾ ٽنگيون. موھن تون منھنجي ڪلپنا آھين“!
    منھنجي پھرين ڪھاڻي ”آتم - ھتيا “موھن لالا جي نالي سان ڇپي. گني جي خط بعد مون پنھنجو نالو ڊسمبر 1948ع ۾ موھن ڪلپنا رکيو جو اڃا تائين قائم اٿم. جيتوڻيڪ گھڻا دفعا سوچيو اٿم ته نالي پٺيان تخلص جي ڪا ضرورت نه آھي ۽ ڪلپنا لفظ کي ڇڏي ڏيان!
    گنو سامتاڻي مون کان چار سال ننڍو آھي. چوڏھن سالن جي عمر ۾ اھو خط لکيو ھئائين. شيرين زبان، تيز ذھن، ادب جو تمام گھڻو اڀياس، مھذب، سٺا ڪپڙا پائڻ جو شوق، سھڻو جھڙو انگريز. ھن تي ڇوڪريون عاشق ٿيون، پر ھو ڪڏھن اک کڻي نه نھاريندو. ٿورو وڏو ٿيو ته ڇوڪريون کيس ودوان سمجھي پيرين پوڻ لڳيون. گني جا پير ڏاڍا اڇا ۽ سھڻا. ھڪ دفعي چيومانس، ڇوڪرين تنھنجي ايتري چرڻ وندنا ڪئي آھي جو ان ۾ مون ڪڏھن به مٽي نه ڏٺي آھي. پاڻ انتر -مکي ڏک ھن به ڏٺا پر اُڦ نه ڪيائين. راجن چاولا ٻاھر -مکي لوھي بدن پر ٺاھوڪو، مارڪٽ ۾ ھوشيار. موھن ھن کي-؟ ھا! سندس ھڪ چماٽ ۽ ڇوڪرو واچوڙي وانگر ڦرندو وڃي. پاڻ به ھڪ مخصوص رات مون سان گڏ گرفتار ٿيڻو ھو، پر سندس والد ڀاشيمل کي سڻس پئجي وئي ۽ ھڪ ڪمري ۾ کيس بند ڪري ٻاھران ڪلف لڳائي ڇڏيائين. راجو ڇت تان ٽائيلس لاھي به مون وٽ اچڻ ۽ جيل ۾ ھلڻ لاءِ تيار ٿيو ۽ ڏاڍا ٽپا ڏنائين پر ڇت تائين پھچي نه سگھيو. ادب ۾ اسان ٽنھي ڪميونسٽن جو زبردست مقابلو ڪيو ۽ اسان کي ”ٿري ائنگري ينگ مين آف سنڌي لٽريچر“ جو خطاب مليو. اسان ترقي پسندن کي قوميت جي صليب تي لٽڪائي ڇڏيو. پوءِ راجن چاولا ادب ۾ پندرھن سال گڏ رھي ڌنڌي ۾ ھليو ويو ۽ سندن ڪرسيءَ تي آرام سان اچي لعل پشپ ويٺو. جنھن جي گفتگو ۽ قلم ۾ اڪثر زھر رھيو آھي. ادب ۾ اسان جي ٽمورتيءَ تي تمام گھڻو لکيو ويو آھي. ھونءَ لعل پشپ 1954ع کان اسان جي دوستي ۾ آيو. سٺ کان چوھٺ تائين راجوءَ جي تخت تي براجمان ٿيو. راجو وري فلمن ۾ ويو پر اھو ٻيو قصو آھي.
    جيل ۾ پاڻي خراب ھئڻ سبب مون کي ڦٽ ڦرڙيون ٿي پيا، سو مون کي ڦاسي گھاٽ جي ھڪ ڪوٺيءَ ۾ بند ڪيائون جا ڇھ -فوٽ ھئي. ڪاڪوس پاڻي اندر ماني شيخن مان ڏني وڃي. پاسي ۾ ھڪ ٻي ڪوٺي، جتي ھڪ چاليھن سالن جو قيدي، جنھن کي ڦاسي اچڻي ھئي. ھڪ دفعي ھن آواز ڏنو، ”ڇا تو به زال جو خون ڪيو“؟
    ”مان ڪنوارو آھيان“.
    ”عمر“؟
    ”ارڙھن سال“.
    ”توکي ڇو بند ڪيائون “؟
    ”مان سچ ڳالھائيندو آھيان“.
    ”سچ تي ڦاسي“؟
    ”ڦاسي نه جيل. توھان کي ڦاسي ايندي“؟
    ”ھا“.
    ”ڇو“؟
    ”مون زال جون خون ڪيو آھي“.
    ”ھوءَ بي وفا نڪتي“.
    ”زالون بي وفا نه ٿينديون آھن“.
    ”تڏھن“؟
    ”تو ھن کي پيار نه ڏنو ھوندو. کيس اھو ٻئي ھنڌان مليو ھوندو. ھلي ويئي ھوندي“.
    ”ڀلا مان مزوري ڪريان يا سڄو ڏينھن چمانس.. چٽيانس“..
    ”سو اوھان کي ڦاسي ايندي“؟
    ”ھا“.
    ھو مون کي پنھنجي چانھ، ڳڙ، بوھيمگ ۽ گوشت ڏيندو ھو. جڏھن ڦاسيءَ لاءِ وٺي ويس ته سامھون ٿيو چيائين، ”مون کي خبر پئي ته اوھين ديش ڀڳت آھيو. ڀاءُ ھتي اھڙو راڄ برپا ڪريو جو مزورن کي سٺو پگھار ملي. کين آرام ملي ته جيئن ھو زالن سان پيار ڪري سگھن“. منھن ۾ وارن جو جھنگل ۽ اکين ۾ پاڻي، خبر ناھي ڪٿي وڃي ڦاسي ڏنائونس. ھو ويو ته وري اھو خيال آيم:
    ائين ٿيڻ نه کپندو ھو!
    مان ھر کن جيئڻ ۽ ماڻڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان. پاڻ سان ٻين سان نباھڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان. ان ڀرپور احساس سان ڪڏھن ڪڏھن ارد گرد کان ڪٽجي به ويندو آھيان ۽ گھڻن کي اجنبي لڳندو آھيان. مون ڪڏھن به پنھنجي سامھون مفاد پرستيءَ جو نظريو نه رکيو آھي ۽ نه ڪڏھن ڪنھن سان گڏجي منصوبا سٽيا اٿم. فلسفن جو وڍ ڪٽ ڪرڻ ۾ ماھر آھيان. سنڌوءَ ۾ ٽٻيون گھٽ ڏنم پر ٽٻين ۾ پوڻ جي عادت اٿم. مون انسانن جي تاريخ تي گھڻو سوچيو آھي ۽ انھن جا نفاق فساد ۽ جنگيون ڏسي ٽٻيءَ ۾ پئجي ويندو آھيان. ته اسين ڪجھ سڌرنداسين به يا نه.
    جيل ۾ کل مستي به ٿيندي ھئي. ڪو سمھيو پيو ھوندو ته ان جي قميص ۾ نوڙي ٻڌنداسين ۽ نوڙيءَ کي ٿنڀي سان. پوءِ اٿاري چونداسين ته فلاڻا تنھنجو خط! اٿي ڊڪندو ۽ ڌو، منھن ڀر وڃي ڪرندو. قميص به ڦاٽي پوندس ۽ ٿورو شرمندو ٿيندو ۽ پنھنجو نالو بيوقوفن جي فھرست ۾ ڳڻائي موٽي ايندو. ڪو کونگھرا ھڻندو ته کيس بستري سوڌو کڻي ٻاھر ڪاڪوس ٻاھران ڇڏي اينداسين. پوءِ صبح جو اٿندو ته چٻري جيان سوچ ۾ پئجي ويندو، ڄڻ تازو ماءُ پيٽان ڄمي دنيا ۾ آيو آھي. ۽ اوئان اوئان پيو ڪندو ته مان ۽ ڪاڪوس ٻاھران ڪيئن - پر ڪاڪوس اھو جو ڪڏھن مھاتما گانڌي خود صفا ڪندو ھو.
    ھڪ دفعي اڳواڻ چيو وڙھڻ سکو. ھڪ ٻئي کي ڌڪ ھڻو ۽ پٽ تي ڪيرايو. سو ھڪ بھادر گھاٽي مون ڏانھن ڊڪيو. جي مٿان ڪري ھا ته شايد ڇاتيءَ جون ھڏيون ڀڄي پون ھا. ھو تيز رفتاريءَ سان ڊوڙيو ۽ پاڻ تي ڪو ظابطو نه رکيائين جيئن سندس سڄو بار مون مٿان پوي. مون ساڄي ٽنگ پٺيان ڪئي، ڪلھو کاٻي ورايم ۽ ڦڙتائي سان سندس ٻانھن ۾ ھٿ وجھي ان طرف ڌڪيومانس جتي حد ھئي ۽ ڪنڊن واريون لوھ جون تارون ھيون. ھو وڌيڪ رفتار سان انھن تارن مٿان وڃي ڪريو ۽ ضربجي ويو. اٽڪل سورھن فوٽ پريان ڪريو. اھي موجون به ختم ٿي ويون ۽ ڦاسي جي ڪوٺڙيءَ ۾ بند ٿيس.
    ڪڏھن سنڌ جي ياد ايندي ھئي. ڪڏھن نياضيءَ جي. ڪڏھن شيلا جي ۽ ڪڏھن ڪملا جي.


    5

    مون ڪملا جو نالو بينا رکيو ۽ ھن تي پنجاھ کن ڪھاڻيون لکيم. اسان جي ملاقات نه ٿي. ” آوراھ“جي نائڪا اھا ئي آھي. شڪل ”اسٽيشن ماستر“ جي ھيروئن ونھالا جھڙي اڪثر مون کي ڏسي مشڪندي ھئي ۽ ڇاتيءَ تان رئو ڪيرائيندي ھئي. مان به ھن ڏانھن نھاريندو ھوس ۽ سوچيندو ھوس ته بس شادي ھن سان ڪندس. ڀرسان وڃي آسمان ڏانھن نھاري گانو ڳائيندو ھوس.
    آتا ھئي ڪون آتا ھئي ڪون
    ڇپ ڇپ ڪي-ڇپ ڇپ ڪي
    ڇپ ڇپ ڪي ميري خوابون مين
    گاتا ھئي ڪون- بجاتا ھئي ڪون
    مئٽرڪ جي ڏينھن ۾ سندس ڀرسان ھڪ ڪمرو خالي ٿيو جتي مان، گنو ۽ راجو پڙھندا ھئاسين ۽ مان رات جو ڳائيندو ھوس.
    ھم ڪو تمھارا ھئي آسرا
    تمڪو ھمارا ھو نه ھو
    آئين ھمين ستائين وھ
    دل ڪي صدائين سنائين وھ
    ان ڪو ھم سي ھو نه ھو
    ھمڪو تو ان سي پيار ھئي...
    مون سوچيو، مان ھڪ مھا پرش. ھوءَ مون وٽ اچي ۽ چوي، تون منھنجو ساھ، منھنجو پيار، منھنجو سوامي آھين. گني کي منھنجو رخ وڻندو ھو، پر راجو چوندو ھو، ٻچا گانا ڳائڻ سان ڇوڪريون نه ملنديون آھن. کيس ٻانھن کان جھل ۽ چئينس ھينئر شاديءَ جي منڊپ ۾ وھين ٿي يا نه؟ بس، ھڪ ڏينھن ھوءَ شھر ڇڏي بمبئي ھلي ويئي. هن جون اکيون وڏيون ۽ ھن جي نھارڻ ۾ وادين جو ڌنڌ ھو. جيل ۾ ڏاڍو ياد ايندي ھئي.
    نارائڻ ڀارتي جيل ۾ انگريزي گرامر جو ڪتاب پڙھندو ھو. مون کي چيائين، اسان جي خاندان ۾ ڪنھن به مئٽرڪ پاس نه ڪئي آھي. مون کي ڪيئن به مئٽرڪ پاس ڪرڻي آھي. مون ٻاھر نڪري کيس پنھنجي اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏني. ھاڻ ھو ايم-اي فرسٽ ڪلاس آھي. فلاسافي ۾ ڊاڪٽر آھي. ايڊيٽر آھي ڪاليج ۾ ليڪچرار آھي. روٽري ڪلب جو صدر آھي. ھن سخت محنت ڪري سماج ۾ مانَ مرتبو حاصل ڪيو آھي.
    ھڪ ڏينھن پڌرائي ٿي ڪن ٽياڪڙن جي وچ ۾ پوڻ سان سنگھ ۽ حڪومت ۾ ٺاھ ٿيو آھي. ھونءَ سنگھ مٿان الزام اھو ھو ته نٿورام گوڊسي، سنگھ جو اڳيون ميمبر ھو. سنگھ وٽ نفرت جي فلاسافي آھي، پنھنجن کان گمراھ ٿي نٿورام گانڌيءَ جو خون ڪيو. وير سان ورڪر کي به گرفتار ڪيو ويو ھو، جنھن کي انگريزن سٺ سال جيل جي سزا ڏني ھئي.
    اسين ٻاھر آياسين. ويساپور ۾ گاڏي آئي ته مان دريءَ کان ٽپ ڏئي، سيٽ تي سمھيل جوان عورت کي ڪراس ڪري لنگھ جي وچ تي اڀو ٿي بيٺس. ڀارتيءَ جي بدن ۾ اِھا ڦڙتي نه ھئي، پھرين منجھي پيو ته دريءَ ۾ پھرين مُنھن وجھي يا ٽنگون، سو مُنھن وڌائين، دريءَ ۾ ٻانھون اٽڪائي زور ڏنائين ۽ پوءِ سندس مُنھن مائيءَ جي ڇاتيءَ مٿان، مائي ننڊ مان اُٿي ۽ حيران ٿي کيس پري ڪرڻ لڳي پر ڀارتي اندر گھڙندو اچي ۽ آخر بنا ارادي عورت مٿان سمھي پيو. وري اٿي ته ٽنگون مائيءَ جي پيٽ مٿان. سو کيس ڀاڪر ۾ جھلي پاڻ ڏانھن ڇڪيو ۽ مائيءَ کي ھٿ جوڙي چيو:
    ” ماءُ اسان کي معاف ڪر. اسين نادان، دروازو بند، گاڏي ڏسو ھلي پئي. کپيو ته اسان کي ٻه چار چماٽون ھڻو. “ جوان مائيءَ شايد ائين سمجھيو ته ڀارتي ڪو ڊاڪو ھو ۽ اوچتو سندس عصمت لٽڻ لاءِ تيار ٿيو ھو، ان ڪري پھرين ته ڏاڍيون دانھون ڪوڪون ڪيائين. ڀارتي شادي شدھ ھو. عمر ۾ ننڍو ھو ۽ اڃا زال کي ھٿ به ڪو نه لاٿو ھئائين. ڏاڍو شرمندو پئي ٿيو. ھن به مائيءَ کي ھٿ جوڙيا. گاڏيءَ جا ماڻھو اسانجو قيمو ڪري ڇڏين ھا جي اسين اھا شرافت نه ڏيکاريون ھا.
    ائين گاڏيءَ ۾ ھڪ دفعو مان، گوبند پنجابي. ڪرشن راھي، مايا راھي، گنو سامتاڻي. لعل پشپ، وشنو ڀاٽيا ۽ ھري موٽواڻي، کاجو راھوءَ جا مندر ڏسي، رات جو اڍائين لڳي اسٽيشن تان چڙھياسين. ٿرڊ ۾ جڳھ نه ملي ته سيڪنڊ ڪلاس ۾ چڙھي پياسين. اتي به ھڪ ٻه مرد ۽ ٻه چار عورتون ليٽيون پيون ھيون. کين ننڊ ھئي. وشنو وڃي پھرين ماڙي جي برٿ تي سمھيو. ھن جا کونگھرا خطرناڪ آھن. ڪجھ ھن طرح کؤن-کر-کا- آ آ آ -ھو-او. کان کان کان کون کون -کانکان کان کون کرررر.... ھو. ڦو-اُو اُو.
    ھڪ جوان ڇوڪري جاڳي پئي ۽ رڙ ڪيائين چيتو! گني، لعل ۽ مون سگريٽ مان ڪش ھڻي لکندو سميملن (1964) ع ۾ مشاعري ڦٽائڻ جي موضوع تي ڳالھايو ٿي. لعل ڊپ وچان اٿيو ۽ دروازي ٻاھران ٽپو ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائين پر ھمت نه ٿيس، پر ٻاھر بيھي دروازو بند ڪري ڇڏيائين ۽ ڊسمبر جي ٿڌ ۾ ڪنبڻ لڳو. گني زنجير ڇڪي.
    مون ڇوڪريءَ کان پڇيو، ڪٿي آھي چيتو؟
    چي، مٿي! وشنوءَ جي شڪل ڪجھ چيتي جھڙي آھي. پڪو سنڌي چيتو!
    اسان گاڏيءَ ۾ گوبند پنجابيءَ سان چڱا چرچا ڪيا ھئا، ھن خارن مان وشنوءَ ڏانھن نھاريو. جيڪڏھن سندس نظرون شينھن جي وات ۽ وشنو مک بڻجي پوي ھا ته ھڪدم ڳڙڪائي وڃينس ھا. ڀائي آخر به گوبند پنجابي سنڌي ترقي پسند ڪھاڻي جو باني آھي. ڇوڪريءَ وشنوءَ کي ڏسي چيو، شڪل انسان جي اٿس، باقي بدن ۽ آواز چيتي جھڙو اٿس. وشنو ھيٺ لھي آيو کيس چيائين، ”بس، اھا ئي ڳالھ آھي جو ڪنوارو رھجي ويو آھيان. “
    مان سڀ ياداشت مان ٿو لکان. لفظ به لفظ ته ڪجھ به ياد نه رھندو آھي، پر سندس نظرن جو مطلب ته فقط اھوئي ھوندو ۽ شايد سوچيو ھوندائين، ھيءَ ئي ھا ڪري ته کيس وٺي وڃان ۽ پاڻ سان گڏ، کاجو راھوءَ جي مندر ٻاھران اٽڪائي ڇڏيانس. ھڪ ٻيو سيڪس-پوز دنيا ۾ مشھور ٿيندو.
    جيل مان اسين واپس شھر پھتاسين. ٻئي ڏينھن اسڪول بند ڪرايم ۽ اٽڪل پنج سؤ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين اڳيان تقرير ڪيم.
    اڳي سمجھ ۽ اڀياس گھٽ ھئم ته ڳالھائي سٺو سگھندو ھوس. ھاڻ اھا گليبازي ختم ٿي ويئي آھي. ھينئر سوچ ڪجھ گھري اٿم، پر ڳالھين ۾ گھماءُ اڃا تائين اٿم. ان ڪري ئي سڳن آھوجا مون تي ھڪ شعر لکيو:
    ان وچ ۾ مان ته يارو دھلي کان ٿي اچان ٿو:
    ڳالھين ۾ يار جي اڄ ڪافي گھماءُ آھي!
    ڀلا مون کي مليا مھاڀارت ۽ داستان الف ليليٰ سو مان ڳالھين ۾ فرانس جو احتساب (سينسرشپ) ڪٿان آڻيان. مون ڳالھ شروع ڪئي سڳن دھليءَ جي ٽڪيٽ ورتي، اتي گھميو ڦريو ۽ واپس موٽي آيو ۽ منھنجي ڳالھ اڃا به اتي.
    پرنسپال تقرير مان خوش ٿيو. اٺ آنا خرچي ڏنائين. ان ئي سال پنجن ئي ڪئمپن جي ڊگھي جمپ جي چٽا ڀيٽي ٿي، مان پھريون نمبر آيس. ۽ مون کي انڊين نيشنل آرميءَ جي ھڪ وڏي آفيسر شاھنواز ھڪ مليٽري شرٽ انعام ۾ ڏني جا ڪافي سال پاتم. کيس انگريز ڦاسي ڏين ھا. ھن جو ڪيس نھرو، ڊيسائي ۽ جناح لڙيا. ڀارتيءَ کي اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏنم سو ھو، گنو، راجو ۽ مان، اتي ھڪ ٻيو سوشلسٽ ھريپال پنجابي به ھو، جوبلز ۽ نيو ايج اخبار پڙھندو ھو ۽ ھڪ دوست موھن مٽاڻي به اسان سان شامل ٿيو. اسان اسڪول ۾ ھڪ شيڊو -ڪئبنيٽ ٺاھي، جنھن ۾ ھن ريت کاتا ورھايا ويا:
    پرڌان منتري: موھن ڪلپنا
    پرڏيھي منتري: گنو سامتاڻي
    کاڌو خوراڪ منتري: موھن مٽاڻي
    جنگ منتري: راجن چاولا
    تعليم ۽ تھذيبي کاتو: نارايڻ ڀارتي
    مخالف اڳواڻ: ھريپال پنجابي.
    اسين پاڻ ۾ ڇتا بحث ڪندا ھئاسين. ھڪ دفعي بمبئي جو مکيہ وزير مرارجي ڊيسائي اسڪول آيو، جڏھن سنسڪرت جو پيرڊ ھو مرارجي ڊيسائي پوءِ جنتا سرڪار جي ڏينھن ۾ ڀارت جو پرڌان منتري ٿيو. شايد منھنجي اکين ۾ سپنا ڏسي چيو: ”تون ڪجھ سنسڪرت ۾ ڳالھائي“.
    مون چيو، ” آديہ ميئہ سڌينتي ڪارياڻي نه منو رٿني، نھين سپت سيہ سھن شيہ مکي مرگھاءُ“.
    مرار جي ڊيسائي چيو ”؛مطلب“؟.
    ”مطلب ته آدم سان ئي ڪم ٿيندا، نه فقط سوچڻ سان. شينھن به جھنگل ۾ وات کولي سوچيندو ته وات ۾ ھرڻ ڪو نه اچي پوندس. جيئن اوھان جي سرڪار فقط سوچي ڄاڻي، ڪري ڪجھ نه ٿي“.
    ھن چيو” ويھي رھ“. ۽ خارن مان ٻاھر ھليو ويو.
    ڀائي ان گفتگو جو ته لفظ لفظ ياد اٿم ۽ سڀ دوست اڃا جيئرا آھن.
    ھڪ دفعي ڪلاس ۾ ڊبيٽ ٿي؛ شھر ۾ رھجي يا ڳوٺ ۾. مان جو لاھور ۽ ڪراچيءَ ۾ رھي چڪو ھوس سو مون چيو؛ شھر ۾، شھر ۾ جڳھيون ۽ رستا آھن. بجلي ۽ پاڻي آھي. اسپتالون ۽ پوسٽ آفيسون آھن. فلمون آھن. شھرن جي پاسن کان ڳوٺ آھن-پر ڳوٺن ۾ ڪا سھوليت نه آھي ۽ نه سو ميلن ۾ ان جي پاسن ڪي ٻيا ڳوٺ آھن.
    ماستر چيو، ”موھن صحيح ٿو چوي، پر دنيا جي سڀني ودوانن چيو آھي؛ ڳوٺن ۾ رھجي. سو سڀني کان ڳالھايو سٺو موھن آھي، پر جي مان کيس انعام ڏيندس، ته منھنجي نوڪري ويندي، ڇو جو پرنسپال چوندو؛ تو ڪتابن جي خيالن جي خلاف وڃي انعام ڏنو آھي“.
    انعام گني سامتاڻي کي مليو، جنھن ڌيراڌون ۽ چڪراتا جي وچ ۾ ڳوٺن جي سانت، ايڪانت، وڻن جي ڇانو، گايئن جي ڳچين ۾ پيل چڙن جي سنگيت، تازي ھوا، روشني ۽ پکين جي مٺن آوازن جي اھا منظر ڪشي ڪئي جو ماستر جي وات مان گگ وھڻ لڳي ۽ کيس ٻه انعام ڏنائين. انعام گني، راجو، ڀارتيءَ يا مون کي ملي ته ڳالھ ۾ ڪو فرق نه پيو. اسان جي پنھنجي وزارت. ان ٻين آني مان ڏاڍيون موجون ڪيونسين ٻه چانھيون ٻه پيسٽريون. جڏھن مون اٺ آنا کٽيا ھئا آڌي رات تائين عيش ڪيو ھوسين.
    ھڪ دفعي بحث ٿيو؛ ماستر ٿجي يا سولجر؟ بحث ڪرائڻ وارو ماستر رنگروٽ ھو ۽ تازو اسڪول ۾ ڀرتي ٿيو ھو. ھن چيو؛ پر اوھين ان وشيہ تي ڳالھائي سگھندا ؟ اسين کلياسين، پر ڀارتي جوش ۾ اچي ويو چيائين ”توھان کي خبر آھي ته ھتي ليکڪ ويٺا آھن. مفڪر ويٺا آھن. سمپادڪ ويٺا آھن. توھان اسان جي بيعزتي ڪئي آھي. ھڪدم معافي وٺو. نه ته اسٽرائيڪ ٿيندي. ماستر ئي سولجر پيدا ڪندا آھن. ٻڌايو معافي وٺو ٿا؟. ماستر غصي ۾ ٻاھر ھليو ويو. وڃي استعيفا ڏنائين- ھتي اسٽرائيڪ چالو. ٻاھر ڀارتيءَ جي تقرير؛ شاگرد ئي آھن جي غلط رسمن ۾ نٿا ڦاسن ۽ دنيا ۾ انقلاب آڻي سگھن ٿا. ٿي سگھي ٿو اسان مان ڪو مارڪس ٿئي، ڪو لينن ٿئي، ڪو مائو ٿئي“.
    ڀارتيءَ ”وديارٿي“ اخبار پريس ۾ ڏني ھئي ۽ سوشلسٽ ٿي چڪو ھو. ۽ پوءِ لوڪ ادب کي لڳو ۽ ان ۾ ڊاڪٽوريٽ ورتائين. ڪليم ۽ دستاويز، ٻه شاھڪار ڪھاڻيون به لکي ورتائين. غريب ھو مگر رٿا سان ڪم ڪري سماج ۾ پنھنجو مانَ درجو مٿي ڪيو اٿائين. کيس ٻه ٻار آھن ۽ خوش پيو گذاري.
    اسين مئٽرڪ ۾ وياسين ته ڀارتيءَ ايشور سان گڏجي ادبي ڪلاس جي رٿا بڻائي. مون کي چيائين ”مان تنھنجي چوڻ تي تنھنجي وزارت ۾ آيس. ھاڻ اچ ته ادبي ڪلاس کوليون“.
    منھنجون ڪھاڻيون روز انصاف ۽ آواز ۾ ڇپجنديون ھيون. نرگس ۾ ڇپيون ته سنڌي جڳت ۾ مشھور ٿيس. 1949ع ۾ آلوچنا چٽاڀيٽيءَ ۾ پھريون نمبر کٽيم. 1956ع ۾ اگيئہ جي ”نديڪي دويپ“ (استري ھڪ پرولي) تنقيد ۾ به اول انعام کٽيم. ”نرگس“ مخزن چئين آني جي ھئي، پر منھنجين ڪھاڻين ۽ آنچل جي انقلابي شعرن سبب رپئي بلئڪ ۾ وڪامجندي ھئي. نرگس معرفت آنچل سان ملاقات ٿي انچل کي گوبند مالھي شاعرِ انقلاب ڪوٺيو ھو. آنچل ڪنوارو ۽ ٺاھوڪو. آواز بلند. ھن 1951ع ادبي ڪلاس ۾ ھن ريت تقرير ڪئي”اسٽالن چيو؛ ليکڪ انسان جي آتما جا انجنيئر آھن. اڄ جي سياست ۾ راجنيتي اڳواڻ ناڪامياب ويا آھن. ھينئر ليکڪ يگ بدلائندا. ھي ئي عوام ۾ سچي سجاڳي آڻي سگھن ٿا. لينن چيو آھي؛ سڄي دنيا ۾ انقلاب ماسڪو معرفت پيڪنگ معرفت دھلي ايندو. وقت ايندو جڏھن ماڻھو ھٿيار کڻندا ۽ ٺوڳي ديش ڀڳت، سرمائيدارن، ڪامورن ۽ وزيرن کي گولين مان اڏائيندا. چمڪيو لعل نشان ڙي ساٿي چمڪيو لعل نشان“.
    انگريز ھليا ويا ته دادا ۽ گلو بيروزگار ٿيا. گھر ۾ ڪا آمدني نه ھئي. ڀاڀي سون وڪڻي گھر ھلائيندي ھئي. تڏھن سون ٽيھ روپيا تولو ھو، جو ھاڻ ٻين ھزارين آھي. مون مئٽرڪ پاس ڪئي، پر مون کي پنج سال نوڪري نه ملي. ڪافي وڏا ليکڪ گھر ايندا ھئا ۽ ڀاڀي ڪڏھن به طعنو نه ھڻندي چوندي ھئي؛ تون لک. تمام سٺو، ان ريت ماءُ پيءُ جو نالو روشن ڪج. سو حقيقت اِھا آھي ته 1948ع تائين منھنجي جوان زندگيءَ ۾ ھڪ به ھفتو اھڙو نه آيو. جو روز ھڪ نيرن ۽ ٻه ويلا ماني نصيب ٿي ھجي. پئسا ئي نه ھجن ته نوان ڪپڙا ڪيئن پايان. گھر ۾ ڪا کٽ، پلنگ نه ھو ته زال گھر ۾ ڪيئن آڻيان. ۽ اڪثر پريمڪائون به گھر ڏسي چپن تي آڱر رکي بيھوش ٿي وينديون ھيون ۽ ھوش ۾ اچڻ سان ياداشت وڃائي ويھنديون ھيون ۽ سڃاڻڻ کان انڪار ڪنديون ھيون.
    ادبي ڪلاسن جو صدر ٿيو پرسرام ضيا، جو مرڻ تائين ان جو صدر رھيو. بمبئي ۾ ڇنڇر جي ڏينھن ته ھتي آرتوار جي ڏينھن ادبي ڪلاس لڳندو ھو. اتان خاص طور گوبند پنجابي ۽ مالھي باقاعدي ايندا ھئا ۽ ڪڏھن ڪيرت ۽ اُتم به ھونءَ آنچل، ڀارتي، گنو، راجو، مان، ھيرو باغي، رام لعل، اجھل، ويڙھو رفيق، سڳن آھوجا ۽ ٻيا ڪيترا. ڪڏھن لعلچند امر ڏنو مل، پرنسپل لعل سنگھ اجواڻي، منگھارام ملڪاڻي ۽ رام پنجواڻي به آيا. ڪڏھن ٺاڪر ۽ جيوت چاولا، پوءِ ھري موٽواڻي ۽ لعل پشپ به اچڻ لڳا.
    جيل مان آزاد ٿيڻ بعد مون شري گروجيءَ کي ڪئمپ ۾ آندو ۽ ٻه دفعا دادر ۽ ڪلياڻ ۾ ملاقات ڪئي مانس. اڪثر ڏاڍو کلندو ھو. ھڪ دفعي ھندو مھاسڀا جي اڳواڻن پنڊت ڊگ وجينات ۽ شري ديشمک کي به آندم.
    وڏيون تقريون ٿيون. چون؛ گانڌي ويو ته باقي پاڪستان رھندو ڪيئن. ؟
    ”ڪيئن ويندو“؟ مون پڇيومانس.
    ”جڏھن نھرو ويندو. “
    ”نھرو ڪيئن ويندو“؟ پنجو رام ورما پڇيس.
    ”موھن کان پڇو؛ ٿي سگھي ٿو ھيءُ کيس گولي ھڻي“!
    بس ان ڏينھن کان مون اِھا راھ ترڪ ڪئي. گھڻائي اڳواڻ گھر آيا مون چيو؛ بس. مان نراش ٿي چڪو آھيان.
    ڀائي، نراشا ۾ به آشا آھي. ھا، پر ان اڳيان به نه آھي.
    ۽ ھڪ دفعي ڪلاس مان موٽندي، گوبند پنجابي چيو،
    ”سٺو ٿيو جو تو سنگھ ڇڏيو. اھو مرده سماج جو حامي آھي. تو ۾ انقلاب جو جذبو آھي.
    انقلاب لاءِ لک. سوشلسٽ انقلاب “.
    ھن گھڻو ڪجھ ڳالھايو. مان ڪميونسٽ ته ٿي نه سگھيس، پر مون تي ان ڏينھن جي وڏي تقرير جو چڱو اثر پيو. پر مان ادب کي پارٽي پڌرنامي تي لکڻ وارو نه ھئس ۽ ڪلا کي پرچار جو ذريعو ڪڏھن به نه بنايم. شايد ان ڪري مان ڪجھ بھتر لکي سگھيو آھيان. مان نٿو سمجھان ته ڊگ وجيہ ناٿ ھندستان ۾ مون کي ئي ان قابل سمجھيو ته مان نھروءَ کي گولي ھڻندس. ھي اڳواڻ ائين جوان تازا امنگن ڀريا چھرا ڏسي وھي ويندا آھن. ڪڏھن ڪو ته کين گنڀيرتا سان کڻندو. گانڌيءَ جي موت دک پھچايو ھوم. نھروءَ کي مان گولي ھڻان؟ جيل ڏينھن به ياد آيم. منھنجي فطرت ۾ نه ھو ته مان ڪٽرپنٿي ٿيان. مون ھڪ مسلم ماھجبين سان محبت ڪئي ۽ ان محبت کي اھا طاقت ھئي جو ان مون کي مسلمانن سان محبت ڪرڻ سيکاري ۽ نه نفرت.
    ھاڻ دؤر -فاقہ ڪشي، عشق ۽ ادب پيدا ٿيو.
    آنچل ضيا تي ڏاڍو غصو ڪندو ھو؛
    ”خدا خدا خدا. ڪٿي آھي خدا؟ اوھين سرمائيدار پريس جا گمراھ ڇاڙتا آھيو. ھاڻ اوھان جو دور ختم آھي. مصيبت ۾ مالڪ مددگار ٿيندين! ڪھڙو مددگار ٿيندو؟ ڪٿي ويو مالڪ جڏھن ھندستان جو ورھاڱو ٿيو ۽ سنڌين سنڌ ڇڏي؟
    آزاديءَ کيس سرحد تي پوري ڇڏيو آھي“.
    ھڪ دفعي جبلن تي گھمڻ تي دل ٿي. مون اسڪول جي نوٽيس بورڊ تي لکيو ؛
    افسوس جو بادشاھ ڇھون مري ويو آھي. ان جي ماتم ۾ اسڪول بند ٿو ڪجي. راجوءَ وڃي بيل لڳايو. پرنسپال خوش ته شاگردن ريڊيو تي نيوز ٻڌي اسڪول جو نالو مٿي ڪيو.
    جيتوڻيڪ بادشاھ ته مئو ڪو نه ھو.
    ھڪ دفعي جوھوءَ تي وياسين ته ٻئي ڏينھن لعلچنداڻي مون کي، گني، راجوءَ ۽ ڀارتيءَ کي بينچ تي بيھاريو. ھا، مئٽرڪ ۾.
    ڪير موھن؟ ڪتي جو پڇ سڌرندو، پر تون نه سڌرندين.
    توکي ڪجھ چوڻ مٿي جو زيان. انگريزيءَ ۾ سؤ مان ھڪ مارڪ.
    ھاڻ تون ويھ، نه ته رولر سان ڪٽيانءِ نه.
    ڪير گنو؟ سنڌين جو شرٽ چندر! موھن سان دوستي ڇڏ، نه ته پيو جيلن ۾ چڪي پيھندين.
    راجو؟ ٿڪ اٿئي. ماءُ پيءُ جو ھڪ پٽ، ۽ سمنڊ ۾ ٻڏي وڃين ته ؟
    ٻڏڻو اٿئي ته شرم ۾ ٻڏ.
    نارو ؟ نه نه نارايڻ ڀارتيءَ. پڙھين ڇو نٿو ۽ اڳٺ لٽڪائي اسڪول مان ڀڄي ٿو وڃين!
    ”پڙھان -مان ڪيئن پڙھان سر “ ؟ ڀارتيءَ چيو، ”مان جڏھن به پڙھڻ ويھندو آھيان تڏھن منھنجي ڪنن تي انھن عورتن جو آواز پوندو آھي، جن جون پنجاب ۾ عصمتون لٽيون ويون آھن. انھن ٻارن جون ڪيڪون پونديون آھن، جن کي ھوا ۾ اڇلائي نيزن جي نوڪن تي سمھاريو ويو آھي.
    تڏھن پڙھي نه سگھندو آھيان سر ۽ موھن جي ڪلھي تي ھٿ رکي جھنگ منھن ڏيئي ھليو ويندو آھيان. “
    ھڪ دفعي نارايڻ ڀارتيءَ ادبي ڪلاس ۾ شعر پڙھيو؛
    جڏھن آزادگي آئي وٺي ھن جو پتي وئي.
    يعني آزاديءَ ۾ ھن جو پتي ورھاڱي جي فسادن ۾ مارجي ويو ھو.
    راجا رام موھن راءِ ستي لڪڙيءَ جي رسم ختم ڪرائي ھئي، پر سنگھ ۾ ان رسم کي ٻليدان چيو ويندو ھو. ڀارتيءَ کي ادبي ڪلاس ۾ خوب واھ واھ ملي. پوءِ ھن اھا سٽ دھرائي ۽ پٺيان جي سٽ مون اتي جو اتي جوڙي.
    ڀارتيءَ چيو؛
    جڏھن آزادگي آئي وٺي ھن جو پتي وئي.
    مون چيو؛
    ويھاري دک جي ڪاٺين تي ڪري ھن کي ستي وئي!
    غزل جي بندش تي خوب واھ واھ ٿي. اڃا ايم -ڪمل اسان سان نه مليو ھو ۽ غزل تي دسترس ٻه ڏھاڪا پوءِ ٿيس. سڳن آھوجا چيو؛ تون چاھين ته وڏو شاعر ٿي سگھين ٿو.
    مون چيو؛ نه مون اھي اسپتال جا بسترا اوھان لاءِ خالي ڇڏيا آھن.
    ھڪ ڏينھن ڀارتي گھر آيو. گھر ۾ ڪجھ به نه ھو ۽ ڪير به نه ھو. مون چانھ ٺاھي.
    ڀارتيءَ چيو ”تون جھڙو شرٽچندر. اڪيلو“.
    ”ويھ -چانھ پي“.
    ”نه - سڀاڻ امتحان آھن. سائنس جو پيپر آھي پر ڪتاب نه اٿم“.
    مون کيس ڪتاب ڏنو.
    ھو، گنو ۽ راجو سڀ پاس ٿيا. مان سائنس ۾ فيل ٿيس. ڪتاب ھو ڪو نه ۽ مان وڃي پواڻي واري پل تي سمھي پيس. اٽڪل ٻه سال ٿڌ ۾، گرميءَ ۾، برسات ۾ مان اتي ويھندو ھوس ۽ ليٽي پوندو ھوس. پل جو ٿلھو اٽڪل ٽي فوٽ ھو ۽ اٽڪل ويھ فوٽ ھيٺ نالو ۽ ان ۾ تيز وھندڙ پاڻيءَ ماڻھو صبح مرداني دڪن تي نوڪري ڪرڻ ويندا ھئا ۽ مون کي اٿاريندا ھئا. پر مان نه اٿندو ھوس. سمجھندو ھوس ته ھڪ ڏينھن اتي ڪملا يعني بينا ضرور ايندي ۽ چوندي، ”تون منھنجو مجنون، فرھاد ۽ رانجھو آھين، مان تنھنجي ليلا، شيرين ۽ ھير آھيان. مان تنھنجي سسئي، تون منھنجو پنھون آھين. مان سھڻي، تون ميھار، مان راڌا، تون ڪرشن، مان سيتا، تون رام، مان دمينتي، تون نل، مان ساوتري، تون سيوستان، مان مارئي، تون کيت، مان بينا، تون موھن. اٿ ۽ منھنجي زلفن جي سھائي ۾ اچ.“
    ڀرسان ئي سندس گھر ھو ۽ کيس ڪملا مٽاڻي ۽ موھن ڇڪاڻي ٻڌايو ھو ته مان ھن لاءِ ھن برج تي ليٽندو ھوس. پر ھوءَ ڪڏھن نه آئي. ڪڏھن پل تان ڪران ھا ته مري وڃان ھا مون کي سيءُ اصل ڪو نه پوندو ھو ۽ برسات ۾ پسندو ھوس. مون سوچيو، منھنجي پريم جي تپسيا ضرور سڦل ويندي. پر پوءِ ھوءَ نه آئي. زندگي ڪو قصو يا فلم نه آھي جو آھون وڃي معشوقائن جي دل جا دروازا کڙڪائين. غالب جو ھڪ شعر زبان تي ايندو ھو؛
    خاڪ ۾ مل جائين گي تم ڪو خبر ھوني تڪ.

    ھڪ سنڌي شعر به جوڙيم؛

    آشا ڦري نراشا ٿي ڪلپنا ڪروٽ بدلايو؛
    بيدرد اکين تڏھن به ھڪ آنسو نه وھايو.

    ھڪ دفعي خيالن ۾ رام پنجواڻيءَ جو شعر چيائين،
    پيارا پنجابي سبائي ڏي سلوار،
    منھنجو جواب ؛
    چيڪ مٽايان، حاضر پوءِ سرڪار.
    چيڪ ته چيڪ، بئنڪ جو کاتو ته کاتو، ھتي آنو نه ھوندو ھو چوڏس-پان ڪري سگھان، سگريٽ ڇڪڻ اڃا شروع نه ڪيا ھئم. ھوءَ ته بمبئي ھلي ويئي ۽ گھڻا سال پوءِ وي -ٽي تي گڏي، مان ھن کي ڏسي پٿر جي بت وانگر بيھي رھيس. ھوءَ اڌ گول چڪر جي انداز ۾ پٺيان نھاريندي ھلي.
    خيال آيم ته وڌي پڇانس؛ ڪيئن آھين؟ بيٺي ھوءَ به. اکين ۾ ڄڻ شڪايت ھئس ۽ پوءِ ھلي ويئي.
    ڏھن سالن بعد بس ھڪ دفعو ائين ھڪ ڀرپور ملاقات ٿي.
    ”آواره “ ناول سڄو ختم ٿي وڃي ٿو، پر ھڪ دفعو به ان ۾ نائڪ نائڪا نٿا ڳالھائين ۽ اھا ڳالھ به مون کي ئي چوڻي ٿي پوي. گذريل ٽيھن سالن ۾ ڪنھن نقاد ڪو نه چئي آھي. تن ڏينھن ۾ مان ھڪ جوڳيءَ وٽ ويو ھوس، ھن جي جھوپڙيءَ ۾ کوپڙيون ٽنگيل ھيون. چاڪ سان ڪجھ چوڪنڊا ڪڍيائين ۽ بوتل ۾ ھڪ روح گھرايائين. گھڻا سوال جواب ڪرڻ بعد چيائين ته توکي تنھنجي بينا برسات بعد ملندي. گھڻا مينھن آيا ۽ ويا. نه ھوءَ مون وٽ آئي، نه مان ھُن وٽ ويس. وري ھڪ ساڌوءَ چيو؛ ڏيئو کڻ ۽ ان ۾ نھاريندو رھ، پوءِ جنھن ڏانھن اک کڻندين، اُھا تنھنجي. پر ڪرشن ڀڳوان جيان اوچو ٿيڻ ٿو چاھين ته ڪڏھن به پيار جو اظھار نه ڪج. راڌا ڪرشن کي، سيتا رام کي ۽ پاروتي شو کي پيار ڪيو ۽ ڪرشن، رام ۽ شو ڪڏھن به پنھنجي پريمڪائن کي ايئن نه چيو؛ مان توکي پريم ٿو ڪريان. ڀلا ھو ڪتابي ڀڳوان ۽ مان ھڪ خسيس انسان. ھو ان الٽ گيان جيون ۾ گھڻو دک ڏٺم. پر شڪايت نٿو ڪريان. آخر ڪمل کي پاتم ۽ سکي آھيان. جيڪڏھن انھن مان ڪير ملي به ھا، ته ڪمل نه ملي ھا ۽ ڌيءَ گيتا به نه. آھي اھا به جذبات. پر ماڻھو آھي ته پنھنجي خوابن ۽ جذبات مان آھي.
    ڄاڻان ٿو ته موھ انڌو ٿيندو آھي پر مان ڪھڙو سڄو آھيان. ٻه ڪتاب پڙھي، ٿورو انڀو پائي ماڻھو وڏي يقين سان ڳالھائيندا آھن. ھن ئي ڌرتيءَ تي گوتم، گانڌيءَ، عيسيٰ، موسيٰ، ڪنفيوشس، حضرت محمد صہ، نانڪ ۽ ٻيا وڏا ماڻھو ٿيا آھن. مگر دنيا آھي ڇا؟ ميس آھي. نفاق، ورھاڱا، جنگ، غريبي، جھالت، بيماري.
    بيڪٽ جي ”اينڊ گيم“ ناٽڪ ۾ ھڪ ڪردار درزيءَ کي پتلون سبڻ لاءِ ڏئي ٿو. سڀاڻ سڀاڻ ڪندي ڪندي ڪافي ڏينھن ڪڍي وڃي ٿو.
    آخر ڪردار صبر وڃائي ٿو ويھي ۽ درزيءَ کي چوي ٿو ”خدا به دنيا کي ڇھن ڏينھن ۾ ٺاھيو ۽ تو ھيڏا ڏينھن لڳايا آھن“.
    درزيءَ چيو ”۽ ھن ڇھن ڏينھن ۾ ٺاھيو ڇا آھي؟ ھوءَ ڏسو دنيا ۽ ھيءَ ڏسو پنھنجي پينٽ“!
    ڪلاس ۾ ڪملا مٽاڻي، درو ڪرپالاڻي ۽ موھن ڇڪاڻي به ھيون.
    گني جو ڪنھن گئونتي مير چنداڻيءَ سان پيار ٿي ويو. ھن سڀ ڪھاڻيون ھن جي نالي لکيون. فقط ھڪ ڪھاڻي”مان رام ٿيندس“ (1949) نيوسنسار سماچار، ھڪ ڪھاڻي ”مان ماءُ ٿيندس“ نرگس (1954) ۽ ھڪ ڪھاڻي ”طوفان جي ھڪ رات“ سال ٻه پوءِ نئين دنيا ڇپيس. باقي ڪھاڻين جون نائڪائون اڪثر عشق ۾ بيمار بسترن تي پيون ھونديون ھيون. مڙسن کي ڌنڌن مان فرصت نه ملندي ھئي کين ڪو مھا پريمي ملي ويندو.
    اسين ٻئي ھڪ ٻئي کي ڪھاڻيون پڙھي ٻڌائيندا ھئاسين. گني ان قسم جون فقط ٻه ڪھاڻيون پنھنجي نالي سان ڇپايون. باقي اٽڪل ٻه ڊزن گئونتي جي نالي سان، جن جون ڪاپيون نه کيس آھن، نه مون وٽ آھن. نه ٻئي وٽ ”شڪست“ ڪھاڻي ھن مون تي لکي آھي.


    6

    ڪملا درو ۽ موھني مون ۾ چاھ وٺنديون ھيون. ساڌنا شوداساڻي، جا ڪملا جي ساھيڙي ھئي، اتي آئي. ھوءَ پوءِ وڏي فلم ائڪٽريس ٿي. مون لاءِ چيائونس؛ ھي ڪرانتڪاري ڪلاڪار آھي. ھٿ به ڏسي ڄاڻي. مون ھن جو ھٿ ڏٺو ۽ چيو ”تون ھڪ ڏينھن ضرور پنھنجي پريميءَ سان گھر ڇڏي ڀڄي ويندينءَ .“
    ”۽ اھو پريمي تون ھوندين“ ھن کلندي چيو.
    ”تنھنجو نصيب“!
    ”اڄ رکڙيءَ ٻنڌن آھي. اچ ته رکڙيءَ ٻڌانءِ“
    ھوءَ من کي جچي وئي. ٻانھون لچڪائيندي، ھٿن سان ڪٿڪليءَ جا اشارا ڪندي ٽي دفعا رکڙي کڻي اڳيان وڌي.
    مون ٽيئي دفعا رکڙي نه ٻڌائي.
    ”اٽ لوڪس، يو بليو ان لؤ ائٽ سائيٽ)“. لڳي ٿو، تون ڏسڻ سان عاشق ٿيندو آھين.“
    ”ھا لڳي ٿو“.
    ”پوءِ چڱا عيش ڪيا ھوندئي“.
    ”جک ماريا اٿم“.
    ”ٿورا کڻي وڌيڪ کاءُ“.
    ساڌنا سان ملاقات سندس آخري فلم ”محفل“ جي شوٽنگ تي ٿي، جتي راجندر سنگھ بيديءَ جي ”گرم ڪوٽ“ جي ڊائريڪٽر امر ڪمار گھرايو ھو. ڏھ سال کن ٿيا. ڪھاڻي فرينچ ليکڪ اليگزينڊر ڊوملس جي آھي، جنھن ساڳي ڪھاڻيءَ تي خواجہ احمد عباس”انھوني“ فلم ڪڍي ھئي، جنھن ۾ راجڪپور ۽ نرگس ھئا. نرگس جو ڊبل رول ھو. جنھن سبب نرگس کي دنيا ۾ مشھوري ملي. مون ”محفل“ ڏٺي آھي، چاھي ته رليز نه ٿي آھي. ساڌنا نرگس کان بھتر ائڪٽنگ ڪئي آھي. پر نه سندس مارڪيٽ آھي، نه ھيرو انيل ڌاون جي. باقي فقط اشوڪ ڪمار سان فلم ھلڻ مشڪل آھي.
    جيئن اڪيلي سر اڄڪلھ دليپ ڪمار به فلم کڻي نٿو سگھي. ساڌنا مون کي ڪو نه سڃاتو. سال اڳ ھڪ فلمي رسالي جو ايڊيٽر مون وٽ آيو ۽ چيائين ”تون سوالن جوابن جو ڪالم کڻ سوال پبلڪ جا، جواب تنھنجا، پر نالو ساڌنا جو ايندو. ساڌنا ھا ڪئي آھي“.
    ”ته منھنجي به ھا آھي“.
    ”پئسا“؟
    ”اھي کانئس وٺي تون کڻج“.
    مون ڏٺو آھي ته جن وٽ گھڻو پيسو آھي، اھي اڃا به وڌيڪ ھٿ ڪرڻ جي خفن ۾ ھوندا آھن ۽ جن وٽ نه ھوندو آھي، انھن کي وقت تي ملندو به آھي ته وٺڻ جو اتساھ ئي نه ڏيکاريندا آھن. کين ڄڻ يقين ئي نه ايندو ته ائين پيسو به ملي سگھندو آھي.
    ائين پوءِ ببيتا جي نالي به ڪالم کنيم ۽ پيسا نه ورتم ”شعلي“، ”شان“ ۽ ”شڪتي “جي ڊائريڪٽر رميش سپي جي شادي وقت ببيتا منھنجي ۽ ڪمل جي سامھون ويٺي ھئي، پر کيس خبر نه ھئي ته سندس نالي جواب ڏيڻ وارو مان سندس سامھون ويٺو ھوس.
    موھني مون کي وڻندي ھئي ۽ اڪثر شام جو سندس گھر چانھہ پيئڻ ويندو ھوس. ھوءَ مون کي چاھيندي ھئي ۽ کيس خبر ھئي ته مان چانھہ جو شوقين ھوس ۽ غريبيءَ سبب گھر ۾ گھڻي پي نٿي سگھيس.
    ھڪ دفعي ھن چيو ”موھن - ھو ڏس، ھن غنڊي اڄ مونسان مستي ڪئي، ھينئر تنھنجي ھوندي“!
    شايد اھا منھنجي آخري لڙائي ھئي، پر ھڪ ٻي لڙائيءَ ۽ ٽن چماٽن جو ذڪر ڪري جھڳڙي جي داستان کي ھتي ختم ٿو ڪريان.
    ڪراچيءَ ۾ ڪلفٽن جي پل جي ٻني تان چڙھي سمنڊ ڏانھن ٿي ويس، جو ڏٺم ته ھڪ ڊگھي قداور مڪرانيءَ ھڪ سنڌي ٻار کي ٿي ماريو. چيومانس؛ شرم نٿو اچيئي جو ھڪ ٻار کي ٿو مارين. ٻار ته مان به ھئس.
    چيائين؛ تون اچ. اتان پندرھن فوٽ ٽپو ڏنم، ٺونشيبازي چالو. مون کيس چڱا ڌڪ ھنيا. سندس مون کي ھڪ ئي لڳو-نڪ ٿورو ٽيڙو ٿي پيو، جو اڃا به اٿم. پاڻ ڀڄي ويو ۽ نڪ تي پنھنجو امٽ يادگار ڇڏي ويو.
    الھاس نگر ۾ ھڪ جوان دادا چيو ”تو وٽ آھي ڇا جو ھوا ۾ ٿو ھلين“.
    ”مون وٽ ھيءُ آھي“! ھڪ چماٽ ھنئي مانس ته وٺي ڀڳو.
    ھڪ ليکڪ ڪي-سي ڪاليج جي بالڪنيءَ ۾ ھڪ ڇوڪريءَ سان مستي ڪئي. گني ۽ منھنجي وچ ۾ ويٺو ھو. ناٽڪ ”انڊر سيڪريٽري“ ھو، جنھن ۾ ڀڏي آڏواڻي ڪم ٿي ڪيو. منھنجي منع ڪرڻ تي به ھن خراب ڳالھائڻ بند نه ڪيو. مون گردن ورائي کيس ابتي چماٽ ھنئي ۽ ھو چار ڪرسيون پريان وڃي ڪريو ۽ ڇھن مھينن ۾ رومانٽڪ مان ماڊرن ليکڪ ٿي پيو.
    الھاس نگر سنڌي سميلن (1978ع) ۾ ارجن سڪايل جي گھران ھنس پنجابي ۽ رجني پنجابي احمد آباد ٿي ويا، پر رات جو آٽو وارو کين کڻي نه. سڪايل کي چيائين؛ اوھان چيو ته ٻه ماڻھو آھن- پر ھي ته ھڪ ھڪ ماڻھو ٽن جي برابر آھن. ھنن جي گاڏي ٿي ڇٽي. ڊرائيور به ڪو دادا ھو. مون کي اڇو چوغو پئجامو پيو ھو. چيومانس؛ ٻڌئون شرافت سان کڻي وڃ. ھن سيٽ تان اٿندي چيو، تون ڇا گورنر جو پٽ آھين؟ مون چاھيو ته ڪو نه پر زور سان چماٽ وھائي ڪڍي مانس. سڌو آٽو جي ھئنڊل تي ڪريو ۽ ھڪ ٻه ڏند ڀڄي پيس. رڙ ڪيائين؛ خون خون! سندس ساٿي گڏ ٿي ويا. اتي گلوڪار گلشن کيماڻيءَ جو گھر به ھو. ھن جا ڀائر خنجر کڻي آيا. غنڊن جي سردار ڪپ کوليو پر سڪايل جي ھٿ جوڙ تي ٺاھ ٿي ويو، بلڪہ مون جو ھيڏو وڏو سميلن سڏايو ۽ ٽي-وي تي ڊاڪيومينٽري ڊائريڪٽ ڪئي ھئم، پس پيش غنڊن جو سردار شرمسار ٿيو ۽ آخر پيرين پئي معافي ورتائين. ڪلاڪ کن اھا ردبدل ھلي. سڪايل نھايت ناراض ٿي پيو. چئي ”ليکڪ امن جو فرشتو آھي. ان کي ڪڏھن به ھٿ نه ھلائڻ گھرجي“.
    ”پر ھن مون کي گار ڏني“!
    ”گار به ھڪ گفٽ آھي، جا نه وٺجي ته اھا ڏيڻ واري جي ٿيندي“.
    ھا، مون گوتم جو اھو گفتو ٻڌو آھي.
    منھنجي ھوندي بدمعاش موھنيءَ کي ڇيڙي.
    مون اٺ فوٽ مٿان ٽپو ڏنو ۽ کيس ڏاڍي مار ڪڍيم. دادا ڀڄي ويو. راجن چاولا آيو ته موھني منھنجي تعريف ۾ نه پئي ڍاپي. اڌ ڪلاڪ ۾ دادا ڏھ کن ٻيا دادا وٺي آيو. مان اڪيلو ھيٺ لٿس. ھو ڏنڊن ۽ شيخن سان ورائي ويا. راجو وچ ۾ آيو. ٻنھي جا مٿا ڀڃي ڇڏيائون. مون کي سورھن ۽ راجوءَ کي ٽيھ ٽوپا لڳا. اسين ٻئي بيھوش. پھرين ڪلياڻ ۽ پوءِ ٿاڻا اسپتال ۾ کڻائي ويا. مان سورھان ڏينھن ۽ راجو ٽيويھ ڏينھن اسپتال ۾ رھيو. پر پوءِ بدمعاش موھنيءَ جي رستي تان لنگھڻ ڇڏي ڏنو.
    ٿاڻا اسپتال ۾ ھڪ نرس وڻي ويئي. ڇوڪريون ته لاھور جي زماني کان وڻنديون ھيون ۽ اڃا به وڻنديون آھن. پر ڪنھن کي زبردستي گلي نه پوندو آھيان.
    ھڪ ميڙ ۾ شيخ اياز چيو ”سنڌ ۾ ڇوڪريون جوان ٿي، الائي ڪيڏانھن وينديون آھن“!
    اديبن مون ڏانھن نھاريو ته موھن ڇا ٿو چوي. مون چيو.
    ”ھو ھندستان ۾ موھن ڪلپنا وٽ اينديون آھن“.
    ”ملي ته ھڪ به نه ٿي. “ سڳن آھوجا چرچي کي وڌايو.
    ”ان ڪري ئي سڀ ملڻ اينديون آھن- اھي جي منھنجون ڀينرون آھن، مائرون آھن، دوست آھن“.
    ”يعني چرچي ۾ به پنھنجو ھندستانيپڻو ڇڏيندين ڪو نه“.
    سڳن چيو.
    ”ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، پر اھو ڇڏي نٿو“.
    ڏاڍي کل ٿي.
    ”نرس جو نالو مريم ھو. چئي؛ توکي ڏاڙھي مڇون ۽ وڏا وار ھجن ته جيسين ڪرائيسٽ لڳين. مان جيوز آھيان. ھينئر اسرائيل وجود ۾ آيو آھي. تون مونسان پئلسٽائن ھلندين“؟
    ”تون وٺي ھلندينءَ “؟
    ”ھڪ شرط تي“.
    ”ڪھڙو“؟
    توکي ڪرسچئن ٿيڻو پوندو“.
    ”ان سان مون ۾ ڪھڙو فرق پوندو“.
    ”اسرائيل ۾ داخلا ملندي “.
    ”مون کي ته ڪڏھن سنڌ ئي وڃڻو آھي“.
    ”مسلمان ٿي“؟
    ”نه، جو آھيان -ھندو“.
    ھوءَ ڳلن تي ھٿ رکي پيار ڪندي ھئي. ھڪ ڏينھن نشپاپ چمي ڏنائين ۽ پلسٽائن ھلي ويئي. وار ڪٽيل ھيس. اکيون ھرڻيءَ جيان ڪاريون. پر ڪجي ڇا؛ آنچل ٺيڪ چيو آھي. ڪير پنھنجي وسان گھٽائيندو.
    منھنجي قسمت خراب آ شايد!
    مون کي قسمت لفظ نه وڻندو آھي، نه ان ۾ وشواس اٿم. بس اسين زندگيءَ جي ڪنھن ائبسرڊٽيءَ کي قسمت لفظ جو عنوان ڏيئي، پنھنجي جند کي ٿيل زيادتيءَ کان بچائيندا آھيون.
    گھر ۾ نه کٽ، نه بجلي، نه پاڻي. رستي جي بجليءَ تي ڪتاب پڙھي مون مئٽرڪ پاس ڪري ورتي. جڳھ ريجنٽ ٽاڪيز جي ڀرسان ھئي. اتي ئي راجو ڄائو. پوءِ اھا جڳھ ڪري پئي. مان چوٿين نمبر نيتا جي ڀرسان ھڪ جڳھ ڳولي آيس جتي ڪڏھن رشيد ڀٽي، طارق اشرف آيا. مون اياز کي گھر ھلڻ لاءِ نه چيو جو سندس وڏي خوشامد ٿي رھي ھئي ۽ مون پاڻ کي چٽاڀيٽيءَ کان ٻاھر رکيو ھو.
    دادا کي ويسٽ اينڊ ۾ نوڪري ملي جتي سال کن ڪم ڪيائين. گلوءَ به اتي ڪم ڪيو. پوءِ دادا کيس ايئرپورٽ تي نوي رپئي پگھار تي نوڪري وٺي ڏني. ھاڻي پگھار ٽي ھزار اٿس ۽ دنيا ۾ ڪٿي به فئملي سان مفت ھوائي جھاز ۾ وڃي سگھي ٿو. ٿورا سال ٿيا ته ھانگ ڪانگ ۾ کيس ڪي سنڌ جا سنڌي گڏيا ۽ پاڻ جڏھن ٻڌايائين ته موھن ڪلپنا جو ڀاءُ آھيان ته ڏاڍو مانَ ۽ رات جو ڊنر ڏنائونس. مون مئٽرڪ پاس ڪئي پر نه واقفيت نه پھچ. وري ايمپلائيٽ ايڪسچينج مان انٽرويو جو سڏ ٿئي ته مون تي لکڻ جو موڊ سوار. دادا پوءِ اسٽرئنڊ ھوٽل ڪولابا ۾ مئنيجر ٿيو ۽ پگھار چڱو ٿيس.
    اسان وٽ ھڪ پراڻي ٽيبل ھئي. لوھي شيخن جا ٻه چوکٽ ھئا ۽ وچ مان گڏيل ھئا. مان انھن ٻنھي کي چٻو ڪري مٿان صندلي رکندو ھوس ۽ ان تي ويھي ڪھاڻيون لکندو ھوس. مان ليٽي سمھي وھاڻو ھنج ۾ رکي ڪڏھن به لکي نه سگھان. مون کي چست ٿي ويھڻ وڻندو آھي. راتين جون راتيون لالٽين جي روشنيءَ ۾ لکندو ھوس. ھڪ دفعي مس ڪپڙيءَ کي چانھ سمجھي پي ويس. ھڪ دفعي لالٽين وسامي ويو ۽ مان سڄي رات اندازي سان لکندو رھيس، پوءِ خبر پئي پر ھڪ دفعي لکندي وات ۾ سگريٽ وجھي تيلي ٻاريم. ڌيان لکڻ ۾ مڇن کي تيلي لڳائي ورتم.
    مان ”آواره“ ناول لکڻ بعد دھلي ويو ھئس ۽ موٽندي ويٺلواڙي وٽ اشوڪ ڪشوراڻيءَ جي لئبريري ھلائي ھئم. اتي به آنچل، گنو، راجو ۽ ڀارتي باقاعدي ايندا ھئا ۽ جڏھن سڳن آھوجا اچي ڪئمپ ۾ رھيو تڏھن اھا نوڪري ختم ٿي چڪي ھئي.
    مان اڪثر ڀڳل نب سان لکندو ھوس ۽ اھو جڏھن صفا ڀڄي پوندو ھو ته نئون وٺي ان کي ڀڃي لکندو ھوس. مون لئبريري جي ٻاھران بورڊ ھنيو ھو؛ ڀڳل نب ڏيئي سڄا وٺي وڃو. 1953ع جي ڳالھ آھي. پاسي ۾ اسان جو جھونو اسڪول ھو، جتي ڪلا پرڪاش کي ماستري ملي ھئي، پر اڃا موتيءَ سان شادي نه ڪئي ھئائين.
    ”اوھان وٽ موتي پرڪاش جو انڌيرو -اجالو، آھي“؟ ھڪ دفعي ھوءَ آئي.
    ”اڃا نڪتو ڪونھي“.
    ”اوھان نالو ٻڌو آھي“؟
    ”ڪنھن جو؟ ليکڪ جو، ڪتاب جو“؟
    ”ٻنھي جو“.
    ”موتي منھنجو دوست آھي“.
    ”ته پوءِ اوھان منھنجو نالو به ٻڌو ھوندو“.
    ”ڪلا پرڪاش“.
    ”تنھنجو نالو“؟
    ”ڪڏھن ڄاڻي ويندينءَ “.
    ”ڀلا ھن بورڊ جو مطلب“؟
    ”نب سنھو ھوندو آھي ته اکر گسڪڻ بڻجي ويندا آھن. خيال روڪي روڪي پش ڪجن. ته گنڀير لڳندا. ڀڳل نب سوچڻ جي رفتار کي ڍلو ڪري ٿو“.
    ھن مشڪيو. ھوءَ اڪثر ايندي ھئي. ھوءَ ممتا جو روپ آھي. ھن جڏھن ”ممتا جون لھرون“ لکيون ته مون کيس سنڌي ادب جي ”ڇوٽي مان“ ڪوٺيو.
    سي بلاڪ ۾ ڪافي چوريون ٿينديون ھيون. مون اتي ھڪ ڪلب ٺاھي. نالو پروگريسو ڪلب. سيڪريٽري مون کي چونڊيائون. اسين اڪثر سڀ جوان بيروزگار ھوندا ھئاسين. رات جو پھرو ڏيندا ھئاسين ۽ جمعي جو والي بال راند ڪندا ھئاسين. منھنجي پاسي کان نوابشاھ جو ھڪ ايسراڻي ڪٽنب اچي رھيو ھو، جن ۾ پنج جوان ڇوڪريون ھيون؛ ساون، ھيرو، نمو، جانو، رتنا مان ڄاڻي ٻجھي والي بال سندن ڪمپائونڊ ۾ ڦٽو ڪندو ھوس. ميران اکيون ڦاڙي مون کي ڏسندي ھئي؛ ڪيترا شادي شده جوان مون کي چوندا ھئا: اسين ٻڍا ٿي ويا آھيون. تون ڪنوارو- يار اڄ رات تون پھرو ڏي نه. اسانکي لٺيون، ٽارچون ۽ سيٽيون ڏنيون ويون. ھڪ دفعي اسان ھڪ چور ڏٺو. چور چور ڪيوسين، روشني ٿي ويئي. پاڙي وارا ٻاھر نڪري آيا. چور جو ڪو پتو نه پيو. مون سان گڏ ھڪ جوان منوھر واسواڻي ھو. مون ھڪ نئين ڪاڪوس ۾ ڪپڙن جي ڳٺڙي ڏٺي. مون چيو ”، ڏس-ھتي مال لڪائي ويو آھي“.
    ”اھو مال ڪونھي ڪپڙا آھن“.
    ”ڇا جا ڪپڙا“؟
    ”جيڪي زالن کي ايندا آھن“.
    ”زالن کي ڪپڙا ايندا آھن -ڇو“؟
    ”تون ليکڪ آھين: توکي اھا به خبر ڪانھي. ڪنھن سان ڪڏھن سمھيو آھين“؟
    ”ڪوٽڙيءَ ۾ ڪنھن سان سمھيو ھوس“.
    ”ان کي ڪپڙا نه ايندا ھئا“؟
    ”بزار مان وٺندي ھوندي“
    ھو کلڻ لڳو. پڇيائين. تو عورت جو ننگو روپ ڏٺو آھي“؟
    ”ڪيئن ٿو ڏسي سگھان“.
    ”ڇو“؟ ھن پڇيو.
    ”مان ڪنوارو آھيان“.
    ”پٺتي پيل آھين. ھاڻ ٻڌ“.
    ان رات ھن مون کي رتو-دان ۽ عورت جي بدن جي بناوٽ سمجھائي جا سمجھي نه سگھيس.
    مون سوچيو ته ڪڏھن به زال سان سماگم ڪندس ته بتي ٻاري ڪندس. وڏو ڪٺن ڪم آھي. الائي ڇو عورتن جي سوال تي جنگيون لڳيون آھن. منوھر مون کي سيڪس جي ڄاڻ ڏيئي منجھائي ڇڏيو. مٿان فرائڊ جي سائڪوائنلس تي ھزار صفحن جو ڪتاب ڏنائين جو مھينا پڙھندي به پورو ڪري نه سگھيس.
    ادبي ڪلاس تي آنچل ڇانيو رھيو. موھني ڇڳاڻي بمبئي ھلي ويئي. اڪثر ھر رات مان ۽ گنو گڏجندا ھئاسين ۽ ھڪ ٻئي کي گھر تائين ڇڏڻ لاءِ وري وري پيا ھڪ ٻئي جي گھر ويندا ھئاسين. آنچل شاعر ته ھو، پر جلاد به ھو، وري کيس ڪا رچنا وڻندي ھئي ته دل کولي داد ڏيندو ھو.
    جيئن ته مان پاڻکي ڪميونسٽ ته ڇا ترقي پسند به سڏائڻ لاءِ تيار نه ھئس ۽ نه اھو ھاڻ به تيار آھيان، جو مون سان نعمتن سان گڏ لعنتون به لاڳو ٿينديون جن سان منھنجو ڪو واسطو نه رھيو آھي، مان اڪثر دوستن جي نڪته چيني جو شڪار رھيو آھيان.
    ھڪ دفعي سنيل دت جي اسٽيجي گروءَ داس طالب نڪت چيني ڪئي، ھن چيو ”جڏھن گڏھ ھينگڻ لڳندو آھي. تڏھن موھن ڪلپنا تي لکڻ جو نزلو ڪرندو آھي... “
    مون کيس وچ ۾ ڪٽيو، ”تڏھن اوھان ڳالھائڻ شروع ڪندا آھيو“.
    سڳن داد ڏنو ۽ داس طلب يا عمر منھن تي نه چڙھيو. سڳن بعد ڪرشن راھي به اچي الھاس نگر ۾ رھيو. سڳن تي مون ”فنڪار ۽ فيلسوف“ ڪتاب لکيو آھي ۽ ترقي پسندن سان چڪرين جو بيان ”سنڌي اديبن ۾ نظرياتي ڪشمڪش“ ۾ ڏنو اٿم. راھي ڇھ فوٽ ٻه انچ ٺاھوڪو. کلمک بحث ۾ منطقي چرچو ڪندو ته ڪير ان ۾ پنھنجي بيعزتي نه سمجھندو. ھميشہ ڀاڪر پائي ملندو. دل جو صاف. سوچ جو چٽو. سڳن ۽ راھي جي اچڻ سان ادبي ڪلاس جي رونق وڌي. پر آنچل اسان سڀني ۾ جارحانه ھو. سڳن ۽ راھي سبب ضيا جو وڌيڪ قدر ٿيڻ لڳو ۽ اسٽالن جي موت ۽ سندس ڪارناما ظاھر ٿيڻ بعد آنچل ضيا تي سخت ڪلامي بند ڪئي. ائين احمد آباد ۾ ضيا ۽ آنچل سنڌين جا عيوضي شاعر ٿي ويا ۽ واپس موٽيا ته ھنن ۾ ڪافي دوستي ٿي چڪي ھئي.
    شروعاتي دور ۾ گوبند پنجابيءَ سردار جعفريءَ جو ڪو شعر ھن ريت پڙھيو؛
    روتا رھيگا جواھر لعل نھرو- غدار جئہ پرڪاش نارائيڻ اسٽالن ڪي جيہ ھو-لينن ڪي جيہ ھو.
    مون چيو ”ڀائي نھرو ڇو روئندو ۽ جيہ پرڪاش غدار ڪيئن آھي؟
    اوھين رھو ھندستان ۾، کائو ھندستان جو ۽ جيہ اسٽالن ۽ لينن جي ڇو“؟
    ”نھرو ۽ جيہ پرڪاش سرمائيدارن جا پڇ لٽڪائو آھن“.
    ”اوھين ڪنھن جا پڇ لٽڪائو آھيو“؟
    ”تون پنھنجي واري سان ڳالھاءِ “.
    ”مان ڪو تنھنجا وار نٿو پٽيان“.
    ”توکي انقلاب جي معنيٰ نه ايندي آھي“.
    ”اوھين ھندستان ۾ رھي نھرو ۽ جيہ پرڪاش کي گاريون ڪيئن ٿا ڏيئي سگھو“؟
    ”بس، ھتي گار ڏيڻ جي آزادي آھي“.
    ”روس ۾ ڪنھن کي گار ڏيو ته آزاديءَ جي معنيٰ جي خبر پويئو“.
    اڳتي ھلي ھنن نھرو جي جيہ چئي ۽ مارڪسواديءَ ڪميونسٽن ته جيہ پرڪاش کي قومي سورمو قبول ڪيو. دراصل ترقي پسندن وٽ پنھنجي سوچ گھٽ ھئي ۽ پڙھندا به گھٽ ھئا. پارٽيءَ جي پڌرنامي کي ستگروءَ جو وچن چئي قبول ڪندا ھئا. بعد ۾ اسٽالن ۽ مائو کي گاريون ڏنائون ۽ اھو به ٻين جا رايا پڙھي. اسان وٽ پھريون ترقي پسند آنچل ھو، جنھن اسٽالن ڏانھن آڱر کڻي چيو؛ ھنن کي لينن يا نھرو بڻجڻ لاءِ ھڪ جنم ڪافي نه پوندو ۽ ٻيو جنم ٿيندو نه آھي. ٻيو ڪرشن راھيءَ بغاوت ڪئي ته ڪميونسٽ جو ھندستان جي اڳواڻن لاءِ ڳالھيون ڪن ٿا اھو جيڪڏھن روسي اڳواڻن خلاف روس ۾ ڳالھائين ته اھي صفحہ ھستيءَ تان ائين مٽايا وڃن ڄڻ ڄاوائي نه ھئا.
    سنڌي ۾ ڪميونسٽن ۾ ٻڌي ھوندي ھئي ۽ اھي ھر ڳالھ تي گدڙن وانگر ڪوڪو ڪندا ھئا سندن سوچ، اظھار ۽ ڳالھائڻ ساڳيو، ان ڪري گوبند مالھيءَ کان موتي پرڪاش تائين خبر نه پوندي ھئي ته ڪھڙي رچنا ڪنھن جي لکيل آھي. ھنن وٽ ريڊي ميڊ سچ ۽ ريڊي ميڊ نعرا ھوندا ھئا، ان ڪري مجال جو پنھنجي انڀون ڏانھن اک کڻي نھارين. ھنن جي وفاداري پنھنجي آدرشن ڏانھن ھئي. ان ڪري ٿورين رچنائن کي ڇڏي ڪو به ابدي ادب خلقي نه سگھيا. سڳن آھوجا سڀني ۾ مٿڀرو رھيو ۽ آنچل ڪرشن راھي. پر ڪنھن جي اٺ ڪندا ھئا ته ھڪ سر ۾. ماڻھو جيڪر ڀڄي وڃي. ھو ائين سمجھندا ھئا ته ھنن سماجواد ۽ امن جو ٺيڪو کنيو آھي. پر فن ڪھڙي بلا جو نالو آھي اھو ڄاڻڻ لاءِ پير ھٿ ھڻڻ ۾ ساھ ٿي منجھين. ادب ۾ دنگو فساد ۽ اڪثر بڪواس ھئي. آيا ادب ۾ جن بنجي، پر پوءِ گھڻا دونھون ٿي گم ٿي ويا. مالھيءَ ڪا ھڪ اڌ سٺي ڪھاڻي ۽ ٻه ڪتاب ”پکيئڙا ولر کان وڇڙيا“ ۽ ”ديسي سيڻ ڪجن“ سٺا ڪتاب لکيا. اتم اڄ تائين ڪا سٺي ڪھاڻي لکي نه سگھيو آھي ۽ روس ۾ سندن ڪھاڻي ڇپي آھي ته لڳي ٿو ته روسين کي ادب جي گھڻي خبر نه آھي ۽ ھنن لاءِ ادب جيئرن اڳواڻن جو ست وچن آھي. اڳواڻ مئو ته سندس نالو کڻڻ جيل ياترا جي ٽڪيٽ پيا سمجھندا نه ته ڪيڏانھن ويو بيريا؟ بلگينن؟ مالنڪوف؟ مارشل زخوف؟ اسٽالن؟ خروشچوف؟ ڪيرت ٻاٻاڻي به آھستي پاڻ کي سنڀاليو آھي ۽ پنج ست سٺيون ڪھاڻيون لکيون اٿس.
    ادب ذاتي انڀون جو قابل اعتماد صادق اظھار آھي. مس ۾ مارڪسواد جون گوريون وجھڻ سان بھتر ادب پيدا نه ٿيندو، ٻيا وري سارتر جا سوٽ - پائو پيدا ٿيا آھن. ھو ادب ۾ ھستيواد جي مستي کڻي آيا ۽ کين به فٽ آدرش ۽ نعرا مليا. فنڪار سطح تي ڪھاڻين ۾ فقط ٽي ڄڻا چمڪيا؛ وشنو ڀاٽيا، ايشور چندر، شيام جئسنگھاڻي. شاعرن ۾ انند کيماڻي، ھريش واسواڻي ۽ واسديو موھي. باقي اھائي گدڙن جي ڪو ڪو. تنقيد ۾ ھريش واسواڻي ۽ ھيرو شيوڪاڻي جوت جا نوان دوڪان کوليا. ھيرو وڌيڪ درسگاھي آھي. کيس تيز ذھن ۽ ڇيد ڪندڙ من اٿس. دوستي مخالفت جو لحاظ ڪو نه رکي ۽ نئين سنڌي تنقيد جو ڪنڌ مٿي ڪيو اٿس. ائين مضمون نويسي ۽ تنقيد ۾ اتم ترقي پسندن جو جھنڊو بلند ڪيو آھي. ٽن مکيہ ليکڪائن ۾ ھڪ لمبي دور ۾ پوپٽي ھيرانداڻي، سندري اتمچنداڻي ۽ ڪلا پرڪاش کان گھڻو اڳيان نڪري آئي آھي. شاعري جي آسمان ۾ ٽي چنڊ ٻيا نڪتا آھن؛ ڪرشن راھي، ايم -ڪمل، ارجن حاسد، نارائڻ شيام ته آھي ئي سج ۽ سڳن آھوجا قطب تارو. آنچل وري افق ۾چمڪڻ لڳو آھي. گني سامتاڻي ۽ لعل پشپ ۾ گني جي سوچ جديد ۽ اظھار ڪلاسيڪي آھي. لعل لکي. جيئي ۽ سوچي جديد. پرم ابيچنداڻي به تيز ذھن آھي پر ھو ادب جا صحيح اصول ٻڌائڻ ۾ وڌيڪ ماھر آھي. ترقي پسندن ۾ آنند گولاڻيءَ سٺو لکيو، پر سندس ادب کي پرچار جو ڪينئون کائڻ لڳو. ارجن شاد سٺو لکيو آھي ۽ اھو ڪنھن دور جو يادگار آھي. گوبند پنجابي ترقي پسند دور جو باغي آھي. پر مون کي سندس ھڪ به ڪھاڻي نه وڻي آھي. شايد ھو پيٽ ڀري ماني کائِي پوءِ قلم کڻندو آھي. تارا ميرچنداڻي ادب ۾ آئي ۽ پنھنجي نالي پٺيان جيٽ جو دونھون ڇڏي ويئي. موتي لعل جوتواڻي وڏو عالم آھي. لڇمڻ ڪومل ادب ۾ ٻوٽو ٻارڻ جي ڪوشش جاري رکيو ويٺو آھي.
    سنڌين ۾، ھتي، ھڪ ئي جينيس آھي؛ تيرٿ بسنت-ڄڻ ھڪ ئي وقت اتھاس ۽ يورپ جي ياترا. ھن جو گانڌيءَ تي لکيل ڪتاب گانڌيءَ تي لکيل دنيا جي ڪنھن به ليکڪ سان ڀيٽي ٿو سگھجي-ائين ھن ٽيھ کن ڪتاب لکيا آھن جي سڀ سٺا آھن. عزيز ته زبان جو استاد ھو. ھي روايتي شاعري جو بادشاھ ھو، سندس شخصيت اھڙي جو ليکڪ کي نظر، مشڪ، ڀرن جو کڄڻ، وقتي ماٺ سان ماري. منگھارام ملڪاڻي آزاد طبع جو قربدار انسان. لعلچند امر ڏنومل حياتيءَ جا پڇاڙيءَ وارا سال زندگيءَ کان خفا ٿي پيو. پھرين سنڌي ليکڪ سميلن (1952ع) ۾ سينٽ زيويئرس ڪاليج ۾ ڀڳونت گيتا جو مھورت ڪيو ويو ۽ اتي ناشر پرمانند ڀڳوان جي مھما ڳائي. لالچند چيس ”تنھنجو ڀڳوان سمھي پيو آھي. ادا، جڏھن وطن ڇڏي بمبئي آيس ته ٽڪو ڪو نه ھئم جو ڏاڙھي لھرائي سگھان. ان ڏينھن بعد ڏاڙھي رکائيندو اچان. منھنجي ڏاڙھي ڀڳوان جي موت جو اعلان آھي“!
    لعل سنگھ اجواڻي ڳالھائيندي گجندو ھو. وات مان گجي پيئي نڪرندي ھئس. وڏو عالم ھو. جڏھن رام پنجواڻيءَ جو نئشنل ڪاليج ۾ سنمان ٿيو ۽ جتان اسان کيس ڀڄايو ھو، اجواڻيءَ سان منھنجو ٽڪر لڳو. مالھي، سڳن ۽ ٻيا اديب بيٺا ھئا.
    مون چيو”، ڪالھ اوھان ٽيليفون ڊسڪنيڪٽ ڇو ڪيو“؟
    ”ڳالھائڻ لاءِ ھو ڇا-توھان رام خلاف ڪات ڪھاڙا کنيا آھن“.
    ”توھين وڏا ليکڪ ۽ پرنسپال آھيو، پر توھان ۾ ڪلچر ڪونھي“.
    ٻيا به ڪافي اديب ھئا. سڳن وچ ۾ روڪيو. مون سخت جوش ۾ چيو ”اوھان اسان کان چاليھ سال اڳ پيدا ٿيا، ان ڪري اوھان اسان کان وڏا ماڻھو ٿيا؟ وڏو ماڻھو ته پنھنجي وھنوار سان ٿيندو آھي. اوھان ”ڪنور“ جي مھاڳ ۾ سنڌين کي گاريون ڏنيون آھن. اوھان ڪھڙا شاگرد پيدا ڪندا اوھان کي ڪو حق ڪونھي ته اوھين ڪنھن ڪاليج جا پرنسپال ٿيو“.
    مون ٽيليفون تي فقط کانئس جشن جو وقت پڇيو ھو. مان اھو واضع ڪريان ته مون ھميشه اجواڻيءَ کي علم عقل ۾ پاڻ کان وڏو مڃيو آھي. پر ان ڏينھن پاڻ غلط ھو، ان ڪري منھنجي منھن ڏانھن نھاري نه سگھيو ۽ چپ رھيو.
    پرسرام ضيا ته ھوئي نمرتا جي مورتي.
    ھڪ دفعي آنچل غصي مان چيس ”اوھين ھر ڪنھن کي پيرين ڇو ٿا پئو“.
    ”ان ڪري ته جيئن وقت تي کين ڇڪي ڪيرائي ڇڏيان“.
    رام پنجواڻي ته آھي ئي اسٽيج جي دنيا جو بادشاھ. اردو ڪلام جي اھا پلٽ پلٽان ڪندو ڄڻ مينھن ۾ جمنا جي تيزي. ھزارن ماڻھن کي ھڪ ئي وقت کلائي ۽ روئاڙي سگھندو. زبان شيرين، آواز صاف، جذبي جي صداقت. پبلڪ جيون ڪنور جيان نشڪلنڪ. اٽل بھاري واجپائي جيان تقريرن جو جادو ڪري پر جي سندس تقريرن تي سوچجي ته حاصل مطلب ٻڙي.
    چي؛ سنڌي آھيان-سنڌي آھيان-ھندي منھنجي ٻولي.
    يا؛ ھندي آھيان-ھندي آھيان-سنڌي منھنجي ٻولي.
    اکر حاضر- مطلب غائب. پر اھا به سندس شخصيت جي ڪرامت آھي. اھي گشا ھڻندو جو ماڻھو حيران. چي؛ مون ڳائڻ شروع ڪيو ته نھروءَ ٽنگون ٻانھون ھلائي نچڻ شروع ڪيو. پاڻ آھي ته وڏو ماڻھو پر بنڊل بازيءَ جو استاد آھي ۽ ان ڪري مون کي ڏاڍو وڻندو آھي. سنڌين مان احساس ڪمتري ھن ڪڍي. چي؛ آمريڪي جڏھن چنڊ تي پھچندا ته ڏسندا اتي سنڌي دوڪان کولي اڳ ۾ ئي ويٺو آھي. رام پنجواڻي جتي به ھوندو آھي ته چاھيندو آھي، شھرت ۽ نگاھن جو مرڪز پاڻ ٿئي ”ڪنور“ جو رول ڪندي ٽانگي ۾ ويھي ٿو. ھاڻ سنڌي فلمن ۾ نظارن جي ڪٽ ڪوٽ گھٽ ٿيندي آھي.
    ديپڪ آشا ٽانگي ٻاھران ماڻھو بيھاريا. ھاڻ اھي ماڻھو ڪي ايڪٽر نه ھئا جو ھدايتڪار جي ڳالھ ٻڌن. ھڪ ڇوڪري ٽانگي جي ڦيٿي مٿان ٻني تي ھٿ رکيو. رام پنجواڻي، جو فلم ۾ ڪنور ھو، شايد سوچيو ته متان ڪئميرا ھن ڏانھن وڃي سو ھڪ ھٿ پٺيان ڪري، ڇوڪري جو ھٿ ھٽائڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر ان ڍنگ سان، جيئن ڪئميرا ان منظر کي نه جھٽي. پر ڪئميرا سندس ان ڪمزوريءَ کي جھلي ورتو. مون سڳن آھوجا سان اھا ڳالھ ڪئي. سڳن چيو؛ رام پنجواڻيءَ جي اھا ڪمزوري ڪنور جي ڪردار کي ڪمزور ٿي ڪري ۽ تنھنجي آبزرويشن حيرت ۾ وجھندڙ آھي.
    منگھارام ملڪاڻي کان ديال آشا تائين، منھنجي سڀني ليکڪن سان شخصي ۽ گھري دوستي رھي. ھڪ ھڪ جا داستان ڄاڻان ٿو. ھرچند اجھل شاعري ڪندو نه آھي، جيئدو آھي. ھل اسٽيشن تي مٽيءَ ۾ ليٽي پوندو ۽ چانڊوڪيءَ ۾ سنان ڪندو. مون کي ڪڏھن به پنھنجيون غلطيون ڄاڻڻ تي دل ٿيندي ته وٽس ويندس.


    7

    ترقي پسندن ۾ ھڪ ڳالھ ھئي. ھنن قوم جا مڙيئي فرنٽ سنڀاليا. ادب. ادبي ھلچل. سنڌي ھلچل. تعليم. ناٽڪ. ڪلچر. زبان. سنڌي لپي. جوان ھئا، جوانيون ان کي ڏنيون اٿائون. اسان غير ترقي پسندن به شروعات کان ھنن سان گڏ ڪم ڪيو آھي. اخلاق جا سٺا ۽ شخصي وھنوار ۾ بغض ۽ تعصب کان آجا. ھنن سنڌين لاءِ اھو ڪجھ ڪيو آھي جو دنيا ۾ ان جو مثال نه ملندو. اتم ھلچل لاءِ نوڪري ڇڏي. مالھيءَ ناٽڪ لاءِ ماستري ڇڏي. ڪيرت به سر تي ڪفني ٻڌي ھندستان جا گھڻا دورا ڪيا- ھنن جون ڪيتريون تخليقي قوتون ايڏي وڏي ڪم سبب ضرور برباد ٿيون ھونديون. پوپٽي ۽ راھي به گھڻو ڪم ڪيو آھي.
    ھڪ دفعي انند کيماڻيءَ چيو ”ھلچل ڪلا کان ڀاڄ آھي. ناڪامياب ليکڪ سنڌيت جي پناھ ھيٺ آھن“.
    ”ھڪ خيال کان “ مون چيو ”ڪلا زندگيءَ کان ڀاڄ آھي. اسين زندگيءَ کي منھن ڏيئي نٿا سگھون، ان ڪري پناھ لاءِ ڪلا جي ڇت ھيٺيان اچون ٿا“.
    ترقيءَ پسندن جي اھا دعويٰ غلط آھي ته چيٽي چنڊ ڏينھن ملھائڻ جي رسم ھنن شروع ڪئي. شري ٻلديو گاجرا جي والد تارا چند خود مون کي چيو ته ھن پاڻ اھا رٿ چڪاگو ڪمپنيءَ جي نانڪ موٽواڻي کي ڏني. ھن رام پنجواڻي کي گھرايو. ھندستان اخبار ۾ پڌرائي ٿي ته کار ۾ چيٽي چنڊ جو ميلو ملھايو ويندو. پوءِ سڀا وارا به وڃي مٿن ڪڙڪيا. جيئن تلڪ گڻپتيءَ کي، تيئن رام پنجواڻي اڏيري لعل کي مشھور ڪيو آھي ۽ جتي ڪٿي وڏا فنڪار خواھ للو پنجو سندس ڏينھن ملھائين ٿا. پر ھڪ غلط ڳالھ اھا ٿي آھي جو اڏيري لعل جو صوفي ڪردار گم ٿي ويو آھي ۽ کيس ھڪ ھندو سورمي ۽ ڀڳوان جيان ياد ڪيو وڃي ٿو؛ جا ڳالھ اڳيان ھلي سنڌي ھڪ قوم جي اصول کي ڌڪ ھڻي سگھي ٿي. اھا غلطي ڪارل مارڪس کي سنڌوءَ ۾ سنان ڪرائڻ وارو گوبند مالھي به ڪري رھيو آھي.
    ترقي پسندن سنڌي ادب ۾ ڪافي صحتمند لاڙا پيدا ڪيا آھن.
    محنت ۽ ايڪتا، جمھوري ۽ سماجوادي اصولن تي زور ڏنو آھي. عورت کي مرد جي برابر ڏيکاريو آھي. غلط رسمن کي وائکو ڪيو آھي. پر ھنن غلطي اھا ڪئي جو ھلچل ۾ وڏا عھدا ملڻ سان پاڻ کي وڏو اديب سمجھڻ شروع ڪيو.
    بسڪيٽ ۽ کٽمٺڙن وارن کي ھلچل ۾ ڇڪي آيا ۽ کين صدارتي ڪرسيون ڏنائون. جئرامداس دولترام ۽ پروفيسر گھنشام، جن سنڌين کي ھندستان ۾ جذب ٿي وڃڻ جي صلاح ڏني ۽ حڪومت کي سنڌي ٻولي تسليم ڪرڻ بدران، ھندي لپي لاءِ لکيو جيڪا رٿ حڪومت قبول ڪئي. ترقي پسندن تن سان گڏجي ڪم ڪيو. چون اھا حڪمت عملي آھي. مون جئرامداس کي ھڪ خط لکيو ”اوھين چئو ٿا، سنڌ کي وساري ڇڏيو. اوھين جڏھن بھار جا گورنر ھئا تڏھن ھڪ تلاءُ ۾ بوٽنگ ڪندي اوھان جي ھڪ منڊي ان ۾ ڪري پئي. اھا اوھان جي وڏن جي يادگار ھئي، اوھان سرڪاري خرچ تي اھو تلاءُ خالي ڪرايو. اوھان وڃايو ڇا- فقط ھڪ منڊي. اسان ته وطن وڃايو آھي سائين“.
    وچ ۾ سخت بيمار ٿي پيس ۽ مون وٽ آپريشن جا پئسا نه ھئا ته نارائڻ ڀارتيءَ معرفت نياپو موڪليائين ته تنھنجا فلاڻا ڪتاب ديوناگري ۾ آندا وڃن ته ان جو توکي ھيترو اجورو ملندو، جو ڪل ٽي ھزار ۽ اڄ جي حساب سان پندرھن ھزار ٿو بيھي. مون چوائي موڪليو؛ ماڻھو پنھنجي عقيدن سان ٿيندو آھي. مان آدرش وڪڻي نٿو سگھان. منھنجي حياتيءَ کان سنڌي ٻوليءَ جي سلامتيءَ جو وڌيڪ ملھ آھي.
    گھر جي حالت بھتر ٿي، پر مان بيروزگار ھئس. مون کي پٽ تي سمھڻ تي اعتراض نه ھو، پر چاھيم ٿي ته منھنجو دادا پلنگ تي سمھي. گھر ۾ بجلي ھجي، بٽڻ دٻايان ته روشني ٿي وڃي. ديال آھوجا ”آواره“ ناول ڇپايو ته مون مٿان فحاشيءَ جو الزام آيو. پر ڪتاب جون ھڪ ھزار ڪاپيون ھلي ويئون. ديال ھڪ ڏينھن چيو؛ گھر جيڪو گھرڻو ھجيئي. مون ڪتاب مان گھڻو ڪمايو آھي.
    چيو مانس ؛ ھڪ پلنگ وٺي ڏي.
    ھو دوڪان خالي ڇڏي مون سان ھليو ۽ مون کي اھو پلنگ، جو سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن لاءِ ٿيندو آھي، وٺي ڏنائين. قيمت ويھ رپيا. ھن وقت چار سئو. مان ٻاويھن سالن جو جوان. ان کي مٿي تي رکي خود گھر کڻي ويس ۽ رات جو جڏھن دادا ان تي سمھيو ته مون کي پھريون ڀيرو ليکڪ ھئڻ تي ناز ٿيو.
    ائين ڀاڀيءَ ھڪ دفعي ٻياني ڏني، جا والي بال راند ڪندي وڃائجي ويئي، ڏاڍو صدمو رسيم. ميدان تي ڳولھيم، پر نه ملي. ڪيترا مھينا، جڏھن به چانھ پيئڻ تي دل ٿيندي ھئي ته ميدان تي ويندو ھوس. ڪاش اڄ ملي. پر نه ٻياني ملندي ھئي ۽ نه چانھ ملندي ۽ من جي ترشنا ٻليءَ جيان ٽب ۾ ٽپا ڏيندي نظر ايندي ھئي.
    ”نرگس“ اخبار جو ايڊيٽر تيج پارواڻي ھو. ان جي ڀاءُ مولچند ايم-پي جي تخلص سان پھرين ”اڙٻنگ“ ۽ پوءِ ”الجھن“ ناول لکيو. ھڪ دفعي آنچل جي گھر اچي ٽڪيو. پاڻ ھو شاھوڪار، پر ھن غريبي ۽ بک ڏسڻ ٿي چاھي. مون کي چيائين؛ تنھنجي ڪامياب ٿيڻ جو سبب اھو آھي جو تو گھڻي بک ڏٺي آھي. مان به ھتي بکون ڪڍڻ آيو آھيان. جيئن قلم ۾ طاقت اچي.
    چيومانس ”اوھان جي گھر ۾ چانورن ۽ ڪڻڪ جون ڳوڻيون ڀريل آھن ۽ گيھن جا دٻا آھن. اوھين بکون ڪڍندا، پر اوھين ان جي شدت محسوس ڪري نه سگھندا. ڇو ته اوھان وٽ نااميدي نه آھي. اسان وٽ نه اڄ جو ڀروسو آھي، نه سڀاڻي جو. بک نٿي ماري پر اھو خيال ٿو ماري ته ڪڏھن زندگيءَ ۾ ٻه ويلا ماني نصيب ٿيندي به يا نه “.
    مڙس ٽپڙ کڻي واپس پوني ھليو ويو. گھڻو پوءِ ھن منوھر جي ڀيڻ اندرا واسواڻيءَ سان شاديءَ ڪئي. اندرا ريلوي ۾ آفيسر ھئي ۽ ھڪ دفعي فرسٽ ڪلاس ۾ دھلي ويئي. کيس ھڪ نوڪر جي مفت پاس ھئي. منوھر پڇيو؛ دھلي ڏسندين ؟ مون ھا ڪئي ۽ سرونٽ ڪلاس ۾ چڙھي دھلي ويس. وچ وچ ۾ اندرا وٽ ويس ٿي. ھن چانھ گھرائي پاڻ به پيتي ۽ مون کي به ٿي پياري.
    مون ڀاڀيءَ کي چيو ته آگري ۾ تاج محل سامھون ھڪ ھوٽل ۾ نوڪري ملي آھي. پگھار ستر رپيا. رھڻ لاءِ ڪوٺي. کاڌو سڀ مفت. ڀاڀيءَ ٻه رپيا ڏنا ۽ آسيس ڪئي. اندرا دھليءَ ۾ ڀيڻ وٽ ھلڻ لاء ِ گھڻو چيو، پر مون چيو ته مون کي دھليءَ ۾ گھڻا دوست آھن. ائين جواھر لعل نھروءَ وٽ به ٽڪي سگھان ٿو. مگر دھليءَ ۾ (1953ع ۾) منھنجو ڪو به واقف نه ھو. اتي بکون ڪڍيم ۽ نوڪريءَ جي تلاش ڪيم. رھيس فتح پور واري سنڌي ڌرمشالا ۾. جليبين کائڻ تي دل ٿيندي ھئي ته ھندي ڳالھائيندو ھوس. ھڪ دفعي قيمي جي چاپ کائڻ جي خيال خوب ستايو پر مون وٽ چار آنا نه ھئا جو چاپ کائي سگھان. (ڪھاڻي ؛ آخرين حسرت، ڪتاب؛ فرشتن جي دنيا. (
    ساڌو واسواڻيءَ چيو آھي:
    اي دل نه ڪر فڪر؛
    ڪر شڪر ڪر شڪر.

    شڪر جو ڪارل مارڪس اھو نظريو نه اپنايو، نه ته لينن ان جو قائل ٿي پوي ھا ۽ روس ۾ ڪوئي انقلاب نه اچي ھا. ھڪ نوجوان چاھي ته به نوڪري ھٿ نٿو ڪري سگھي. چاپ کائڻ تي خير ان لاءِ عياشي آھي. ائين گھر ۾ ماني نه ٺھندي ھئي ته ڪچا چڻا کڻي، ان ۾ لوڻ مرچ وجھي کائيندو ھوس ۽ جڏھن پيٽ ۾ سور پوندو ھو ته سنڌ جا سکيا ستابا ڏينھن ياد پوندا ھئا. سمجھيو ھوم ته راشٽر جو ھڪ وڏو نيتا ٿيندس. پر بڻيس پناھگير. بيروزگار. ڪنگال ۽ بس ھڪ ليکڪ.
    ڌرمشالا پٺيان ھڪ گھر ھو، جتي ھڪ جوان ڇوڪري رھندي ھئي. مان ھفتو ڏيڍ اتي رھيس. پھرين نھاريندي پوءِ مشڪندي ھئي. ھرمن ھيس جي جرمن ڪھاڻيءَ آھي ”يوٿ، بيوٽيفل يوٿ“. مون کي به لڳو ته جوانن جي پنھنجي الڳ دنيا آھي ۽ جوانيءَ جي تسليمي ھئي ھڪ مرڪ. تون ڪيتري سندر!. تون ڪيترو سھڻو. واھ!زندگي ھڪ موج آھي. انھن مرڪن جو ڪو ٻيو مطلب نه ھوندو آھي. خدا ڪري تون خوش ھجين. اھي مرڪون ڪي عشق جون ڪوالٽيون نه آھن جو گرفتار ڪن. اھي ته روزانيءَ زندگيءَ جي نراشا ۽ مايوسيءَ کان آزاد ڪن.
    دھليءَ جي اسٽيشن ٻاھران ھڪ جوان گڏيو. پاسي ۾ لٺيون رکيون ھئس چي ”بابو جي، جي ھيءَ ننڍي لٺ ٻانھن کي ھڻي ڀڃان ته آنو ڏيو. وڏي ڀڃان ته چار آنا“.
    ”يعني تون پاڻَکي ماريندين“؟
    ”اوھين شايد گرئجوئيٽ آھيو. ھونءَ مون به شيڪسپيئر پڙھيو آھي“.
    مون مشڪي چيومانس ”مون کي اڌ پئسا ڏي ته مان ٿو ان کي ڀڃان“.
    ”ته اوھين به بيروزگار آھيو“.
    مون کيس سلام ڪيو ۽ ھلڻ لڳس. چون ٿا، ھڪ گرئجويٽ کي سرڪس ۾ نوڪري ملي. اتي شينھن جي ھڪ پوسٽ خالي ھئي، سو کيس شينھن جي کل پارائي پڃري ۾ بند ڪيائون. شينھن لڳو لڳ پڃري ۾ به ھو ۽ اتفاق سان اھو دروازو کليل ھو. اھو شينھن گرئجوئيٽ شينھن ڏانھن وڌيو ته ھن رڙ ڪئي؛ بچايو بچايو. ھن شينھن رڙ ڪري چيس ؛ ماٺ ڪر- ھندستان ۾ رڳو تون بيروزگار نه آھين!
    مان دھليءَ جي درمشالا جي بالڪنيءَ ۾ بيھي نڪ مان تريل چاپ جي خوشبو کي ناسن ۾ گھمائڻ لاءِ يوگ پچائيندو ۽ ائين دماغ کي خيالي نرواڻ ڏيئي پٺيان ان جوان ڇوڪريءَ وٽ بيھندو ھوس. کيس اڪثر پيلي رنگ جي ساڙھي پيئي ھوندي ھئي ۽ ھوءَ لاھور مال روڊ جي دوشيزائن جيان خوبصورت ھئي. ان بعد ڏھ ٻارنھن دفعا دھليءَ ويو آھيان. ڪمل ۽ گيتا کي به وٺي. ھميشه ھڪ دفعو ان ڌرمشالا ۾ ويندو آھيان. پر وري ان پنجاپڻيءَ کي نه ڏٺو اٿم، پر وڃڻ جو نيم اڃا ته نه ڀڳو اٿم ۽ ھڪ دفعي ايشور چندر ۽ وشنو ڀاٽيا کي به وٺي ويو ھوس.
    پٺيان ايشور آنچل شادي ڪئي. کيس ڏک ٿي پيو جو مان ان شاديءَ ۾ شريڪ ٿي نه سگھيس. ٻين ليکڪن به منھنجي ڪمي محسوس ڪئي. مان بنا ٽڪيٽ واپس آيس. پڪڙيس ڪو نه. بکايل گھر اچي ڀاڀيءَ کي چيم؛ ڏاڍي بک لڳي آھي. قيمي جي ھڪ چاپ کارائي. چيائين؛ مون سمجھيو ته توکي نوڪري ملي آھي. تون ھمت نه ھار. مان آھيان نه. وٺ رپيو، ھوٽل مان چاپ کائي اچ.
    مون چيو آھي؛ راڄ سرڪار جون واڳون مائرن کي ملڻ گھرجن. ملڪ ۾ ھڪ به ڪنگال ڳوليو نه لڀندو.
    ڀاڀيءَ پٺيان کٽمٺڙن جي ڪارخاني ۾ نوڪري وٺي ڏني. ڏينھن جا چار آنا. معنيٰ ٽڪي ۾ ڪلاڪ. ڪم خطن تي پتا لکڻ. ھڪ ڏينھن ۾ ٿڪجي پيس ۽ مالڪ کي چيم، ھڪ ڏينھن ائين گذريو آھي ڄڻ سال گذريو آھي.
    کلي چيائين ”ھڪ سال ڪم ڪندين ته لڳندئي سڄي زندگي گذري ويئي اٿئي“.
    پوءِ اھڙي ڌنڌي ۾ پنھنجي زندگي ڇو پيا خراب ڪريو.
    واڇون ٽڙي ويس ”ڇا “؟
    ”اوھين اڄ جو حساب ڪري ڇڏيو ۽ سڀاڻ ڪو ٻيو ماڻھو رکجو“.
    پرسرام وليڇا خانگي بسن ۾ چيڪر جي نوڪري وٺي ڏني. ھڪ ڪنڊيڪٽر منجھند جو ھٿ تي ويھ پئسا رکيا. چيائين؛ ڪي پئسينجر پئسا ڏين پر ٽڪيٽون ڪو نه وٺن. ڪمائي ۾ اڌ اڌ. مون چيومانس؛ اھا سڄي ڪمائي تون پاڻ وٽ رک ۽ پوءِ اتان گھر ھليو ويس ۽ پگھار تي حق نه ڄمايم. دادا ويسٽ اينڊ ھوٽل ۾ اسٽاف بواءِ جي نوڪري وٺي ڏني. جا ٽي ڏينھن ڪيم. پھرئين چيائون ته ھال ۾ وڃي بيھ ۽ چانھ ڪافيءَ جو آرڊر وٺ. ڏاڍو شرم آيم. اڇا ڪپڙا ڏنائون. مان ھندستان جي شيڊو ڪئبنيٽ جو پرڌان منتري ۽ ڪم ته آرڊر وٺان ته چانھ پاڻيءَ کڻي اچ. پر قومي روايت؛ گدا ٿي ڪمائجي، شاھ ٿي کائجي. ٻئي ڏينھن ٻن ھٿن ۾ کاڌي جي ٽري ڏنائون، ته مالڪ کي فلاڻي ھنڌ پھچائي. وڃڻو ٽرام ۾ ھو.
    ڌوٻيءَ تلاءُ تي ٽرامون آيون ته ٿي پر مان ان ۾ چڙھي نٿي سگھيس. ايتري ۾ ڪرشن راھي گڏيو. ھو سوچي به نٿي سگھيو ته مان ڄڻ ڪٿي حمال ٿيو ھوس. ڪيڏانھن ؟ بس- شادين ۾ ائين ئي ته وھڻو پوندو آھي. ٽئين ڏينھن ٿڪاوٽ سبب دفتر جي ھڪ ڪرسيءَ تي ويٺس ته وڏو مالڪ اچي نڪتو.
    ”ڪرسيءَ تي ڇو ويٺو آھين“؟ جوش مان پڇيائين.
    ”ته پٽ تي ويھان. “
    ”منھنجي مٿي تي“.
    ”مان مئٽريڪيوليٽ آھيان، سر“
    ”پي -ايڇ -ڊي ھج. توکي اٺئي ڪلاڪ بيھڻو آھي“.
    مون ان وقت استعيفا لکي ڏني. ٽن ڏينھن جڳ پگھار شايد ٽي رپيا ڇھ آنا مليو. مون کي پاڪستان ۾ نوڪري ملي ھئي ته پگھار ستر رپيا ۽ پڙھيل به گھٽ، ھتي حالت اھا جا ٽيھ رپيا تي لئبريريءَ ۾ لڳس. وچ ۾ اليڪشن آئي ته ٻه رپيا روز تي ووٽرن جون لسٽون ٺاھيم ۽ چڱو ناڻو ڪمايم اليڪشن ۾ چيائون ته خانچند گوپالداس لاءِ ڪم ڪر مون چيو؛ ھو سنگھي آھي. پر تون به ته ھئين. ھئس، آھيان ڪو نه. پر زبردستيءَ وٺي ھليا ۽ مون ھڪ تقرير ڪانگريس جي خلاف ڪئي. وري آنچل چيو ته ڪامريڊ ڀوڄراج پرسواڻي اليڪشن (1954ع) ۾ بيٺو آھي. ڪم ڪر. ھڪ تقرير ھن جي ميڙ ۾ ڪانگريس خلاف ڪيم. تقرير ساڳي ڪيم، پر ائين نه چيم ته ووٽ الف يا ب کي ڏيو. ان ٻه چتائي سبب خود ئي پاڻ کي چوندو ھوس؛
    اس سادگي پي ڪيون نه مرين خدا
    لڙتي ھئن اورھاٿ ۾ تلوار ڀي نھين!
    لئبريري ۾ ھئس ته ماڻھن جا ميھڻا ٻڌي ”جواب“ ڪھاڻي لکي ھئم (1953ع) جنھن کي آنچل بروقت شاھوڪار ڪوٺيو ۽ ھيري شيوڪاڻي ان کي (1975ع) ۾ڪامياب جديد ڪھاڻي لکيو ۽ عجيب اتفاق سان ماڻڪ، سنڌ ۾ ويھ سال پوءِ ساڳئي رنگ ڍنگ ۽ ٽيڪنڪ ۾ ”۽ ھو مري ويو“ ڪھاڻي لکي.
    ھاڻ اسان جون بيٺڪون شام جو ديال آھوجا جي دوڪان تي ٿيڻ لڳيون. روز سڳن، آنچل ۽ مان اچون ۽ ڪڏھن گنو، راجو ۽ ڀارتيءَ سال ٻن بعد ان جڳھ جي ھاڪ ٻڌي ايم- ڪمل به اچڻ لڳو. پر اڃا پاڻ تي ”ڪمل“ تخلص نه رکيو ھئائين.
    ھڪ ڏينھن جمعي جي اتي اڇي ڊريس ۾ ھڪ جوان عورت آئي. (1919ع) ۾، ڄائي ھئي ۽ شانتي نڪيتن ۾ اندرا گانڌيءَ سان گڏ پڙھي ھئي. ڇند بحر وزن ايندا ھئس. کيس وھم ھو ته ھوءَ جڏھن مرندي ته گڏيل قومن جي جماعت طرفان جاچ ٿيندي. ڪميونسٽن جي سخت مخالف ھئي ۽ مون لاءِ ديال کان پڇيو ھئائين ته ڪيڏو آھي ۽ ڪٿي رھندو آھي، ڇا ڪندو آھي. ھن مڙس کي طلاق ڏنو ھو ۽ مراٺا سيڪشن ۾ ٻن ڪوٺين واري جڳھ ۾ اڪيلي رھندي ھئي. مون ”لڳن“ ناول ھن تي ئي لکيو آھي ۽ ”پيار جي پڇاڙي“ ۽ ”وشواس“ ۾ ھن جو ڪردار کنيو اٿم. مون ھن جو نالو رکيو سرجو، اھا ندي جا ايوڌيا ڀرسان وھندي آھي کلي ته جيستائين ماڻھو فنڪ نه ٿئي ته کلڻ بند ته ڪري.
    ته تون موھن ڪلپنا آھين“؟
    ”منھنجو ڪو ڏوھ“؟
    ”توکي ”آواره“ ناول جو ٻيو ڀاڱو لکڻو پوندو“.
    ”ڇو“؟
    ”ھيرو ھيروئن کي حاصل نه ڪري سگھيو ۽ پوءِ فرسٽريشن ۾ خانگي وئشيا سان شادي ڪيائين“.
    ”ھا“
    ”شادي ته ڪنھن سان به ڪرڻ سولي آھي. سوال نباھڻ جو آھي، جذبات ۾ شادي ته ڪيائين، ان وئشيا سان پوءِ ھليو ڪيئن“؟
    ”ٺيڪ ته ھليو ھوندو“.
    ”نه ڪھاڻي شروع اتان ئي ٿئي جتي ناول ختم ڪيو آھي“.
    ”تون به ليکڪا آھين“؟
    ”ڪڏھن ڪڏھن شاعري ڪندي ھيس“.
    ”ڪو ھڪ شعر ٻڌاءِ“.
    ”ڪڏھن پوءِ“.
    اھا ڪڏھن پوءِ مون کي سندس گھر وٺي ھلي.
    ھن جي گھر ٻه پلنگ پيا ھئا ۽ لالٽين، پلنگ تي وھاڻا ڪو نه ھئا. ھڪ آرام ڪرسي ڀت تي ڪوبه فوٽو وغيره نه.
    ”چانھ پيئندين“؟
    ”منھنجو ھڪ شعر آھي“.
    ٻڌاءِ “.
    ”کپي چانھ سگريٽ اخبار ۽ بس“.
    حياتيءَ سان ٻي ڪا شڪايت نه رھندي ”تڏھن ھڪ اڌ سگريٽ ڇڪي سگھندو ھوس. “
    ”حياتيءَ مان تمام گھٽ اميدون ٿو رکين“.
    ”ھا نه ته ڏک گھڻا ملندا“.
    ”ڪٿي آھي ھوءَ جنھن سان تو شادي ڪئي“.
    ”باقي ڪتاب ته پاڻ تي لکيو اٿم ۽ ھوءَ ھڪ خيال آھي“.
    ”ائين ٿي نٿو سگھي“.
    ”ھڪ ڇوڪري ھئي، اڪثر نھاريندي ھئي، ھڪ دفعي جئہ ھند ڪو آپريٽو بئنڪ ٻاھران ڏسڻ ۾ آئي. ھن کي ھڪ گل ھو. ھن اھو گل مون ڏانھن وڌايو، پر مون کانئس اھو گل نه ورتو. ھن پڇيو ڇو-؟ چيومانس؛ گل وٺندس ته توکي به سويڪار ڪرڻو پوندو- منھنجي ڪجھ ٻي ڪلپنا آھي“.
    ”پوءِ تو تصور ۾ ھن کي طوائف بڻايو“.
    ”شايد“.
    ”جوش مارڻ لاءِ رس ول پيئندو آھيان. ان ڪري منھن تي ھيترا موھيڙا آھن“.
    ”ھون“.
    ”۽ تنھنجو مڙس“!
    ”ھن کي منھنجي جسم سان محبت ۽ ڪوتا لاءِ نفرت ھئي، نتيجو-؟ تون ته ڏسين ويٺو“.
    ھن چانھ ٺاھي ۽ اھو چانھ جو دؤر ھر شام چالو رھيو. ۽ ھڪ شام ٿيو ائين جو لالٽين مان روشني گھٽجڻ لڳي ۽ بند ٿي ويئي. اسان ٻنھي مان ڪنھن به نه ڳالھايو. ڪافي وقت ھن نه ڳالھايو. مان به چپ. ڇت جي ھڪ سر ڀڳل ھئي جتان چنڊ جي چانڊوڪي ٿي آئي. ھن ڇا سوچيو سو کيس معلوم، چيومانس ”اٿ، بتي ٻار“.
    ھن بتي ٻاريندي پڇيو ”رات جا ٻارنھن ٿيا آھن. ويندين ڪونه“!
    ”روز ته ويندو آھيان“.
    ”ته رات رھندين“؟
    ”سوچيو ناھي“.
    ”ھا ڪڏھن ڪڏھن سوچڻ ڇڏي ڏجي“.
    مان چپ چاپ ٻئي پلنگ تي ليٽي پيس. رات جو ڏاڍو سيءُ پيو جو ڊسمبر جو مھينو ھو. صبح جو پنجين لڳي اٿيس ۽ گھر ھليو ويس. ٻي شام وڃڻ شرط ان ئي پلنگ تي ويٺس.
    ھن چيو ”رات ڏاڍو سيءُ پيو. سوچيم تنھنجي ڀرسان ليٽان اچي ۽ ڪمبل جي ٿوري ڪناري پاڻ ڏانھن ڇڪيان“.
    ”ته پوءِ اچين ھا “.
    ھوءَ چپ.
    مون ساڄو گوڏو مٿي ڪيو، چيومانس اچ. ھوءَ آئي ۽ گوڏي کي ڀت سمجھي ان تي پٺ رکيائين. مون ساڄي ٻانھن وڌائي ھٿ بيڊ جي لڪڙيءَ ڏانھن کپايو. ھن منھنجي سخت ٻانھن تي ٻئي ٽنگون رکيون. ٻنھي ويٺي کليو ۽ چرچا مستي پئي ڪياسين.
    ”ڀلا اڄ رات بتي بند ٿي وڃي ته“؟
    ”ته“؟
    ”گوڏي کي زور ڏيندس ۽ تون منھنجي ڇاتيءَ مٿان“.
    ھن بلڪل نه کليو ۽ چپ رھي. ٻئي ڏينھن گني کي ٻڌايم ته اھا سڄي رات ھن جي اڌ بدن منھنجي ساڄي گوڏي تي ھو ۽ ٻيئي خوبصورت ٽنگون منھنجي مظبوط ساڄي ٻانھن مٿان، ائين مون کي بار محسوس ٿيو، پر مان چريس ڪو نه ۽ کيس به پوءِ تڪليف ٿي ھوندي، پر ھوءَ به سڄي رات ائين ليٽي ۽ ڳالھيون ڪندي رھي.
    ”رشي وشواتر جو به جوڳ ٽٽي پيو“. وري ٻي رات ھن چيو ”تون وڌيڪ مھانَ آھين“.
    ”تون مينڪا کان به وڌيڪ سندر آھين. پر جنھن عورت بدن جي ڇن پٽ تي مڙس کي ڇڏيو، ان سامھون ته سنڀالڻو پوندو“.
    ”تون زندگيءَ ۾ تمام اوچو ويندين“.
    ”۽ ھوا ۾ لٽڪي پوندس. چڱو؛ وري اچ منھنجي گوڏي تي“.
    ”ھوءَ آئي ۽ مون کيس پاڻ ڏانھن ڇڪيو. بدن کي ڪجھ عجيب لڳو. رت ۾ حرارت آئي. نياضي ھئي ته ننڍو ھئس ۽ ھينئر زندگيءَ جا ٽيويھ سال پورا ڪيا ھئم.
    ”مون ڪام شاستر نه پڙھيو“. ٿورو لڄي ٿي چيم.
    ”يعني“؟
    ”سيڪس جي راھ کان اڻ واقف آھيان“.
    ”ته مان تنھنجي گائيڊ ٿيان“؟
    ”سيڪس ۾“.
    ھن مون کي ھڪ پئشونيٽ چمي ڏني. ڪنھن به ته نه ڏني ھئي اھڙي. لڳم ته شانتينڪيتن جي ڪوتا مارگ تي قدم رکيو ھو مون، پر جسمن ۾ ڪوتا جئہ ديو جي گيت گوندم جي ھئي. ان رات شايد ان قسم جون ٽي ڪوتائون پڙھيم ۽ ھر رات ھڪ به پڙھندو ھوس. ٻه چار مھينا بس رتي ۽ مدن جي راس ليلا ھئي!
    ھوءَ نوڪري ڪندي ھئي ۽ پگھار مان ڪي پئسا ھل اسٽيشن جي ھاسٽل ۾ رھندڙ پٽ کي موڪليندي ھئي، اھو قصو پوءِ ٻڌايائين. مون کي به مونا مل ۾ مزدوري ملي ويئي. ميرا چيو ھو ته پھرين پگھار مان مون کي پيسٽري کارائج ۽ ھوليءَ تي رنگ به ھنيو ھئائين، جا ڳالھ سرجوءَ کي نه وڻي. ان بعد مون کي ساڙڻ لاءِ دفتر جي ڪن جوانن جي ساراھ ڪندي ھئي، مون کيس چيو؛ مان ڪرشن ٿيڻ چاھيان ٿو. ھڪ منھنجي راڌا ۽ ھزار منھنجون گوپيون ھونديون. ھڪ دفعي چيائين ته منھنجي بدلي اڪبر ڪئمپ ۾ ٿي ٿئي ۽ ڪنھن کيس پروپوز به ڪيو آھي. مان پاسو ورائي سمھي پيس. ٻي رات ھن چيو ”مون توتي ھڪ ڪوتا لکي آھي-ٻڌندين“؟
    ”ٻڌاءِ “.
    اھا ڪوتا ڪجھ اڃا به ياد اٿم. ھن ريت آھي؛
    واھ جو بڻيو ھي ڪرشن سڀ کي سکي چوي ٿو ھر ڪنھن تي پنھنجي دعويٰ ٻئي جي نه ڪجھ سھي ٿو نالو وٺان جي ڪنھن جو ھڪدم رسي پوي ٿو سمجھي ٿو مون کي پنھنجو پوءِ ڇو حسد ڪري ٿو ھن ھن جي ذھن ۾ ھو ھر دم رھڻ ٿو چاھي تنھنجو ئي آھيان مٺڙي مون کي به ائين چوي ٿو.
    مون به کيس پنھنجي لکيل ھڪ ڪوتا ٻڌائي:
    زندگيءَ جو ارٿ ڇا آھي؟
    ھڪ چمي اوندھ ۾ ڪنھن جي.
    سرجوءَ جڏھن پھريون دفعو مون کي چمي ڏني ته بنھ ان کن نياضي ياد آيم. پر سوچيم : ته جنھن سان آھيان، ان کن ان جو خيال ڪندس-ان جي جذبن ۽ احساسن جو. ھوءَ به اندر جو سچ آھي جو موقعي جي ساڳيائي ڏسي ياداشت جي دريءَ مان پنھنجو سس ڪڍي ٿي. پر چمي ھڪ جي ۽ لطف ٻئي جو وٺان، مون پاڻ کي اھڙي تربيت نه ڏني. جيتوڻيڪ فرائڊ چيو آھي ته ھڪ ماڻھو جڏھن ھڪ کي چمي ٿو ته ٻه ماڻھو ٻن کي چمن ٿا. اھو اڌورو سچ آھي، ڇو ته نياضيءَ جي چمين وقت ڪو به ياد نه آيم. ان ڪري ئي پيار ساڳيو ھوندي به پھريون پيار وڌيڪ اھميت رکي ٿو.
    ھڪ دفعي سرجوءَ چيو ”مون کي آمريڪي جاسوس کاتي طرفان خاص ھدايتون آھن ته ھندستان ۾ جيئن مان سنڌي آھيان، سنڌين ۾ روس جي جاسوس کاتي جي سرگرمين مٿان نظر رکان. آءِ ايم ٽيرر فار ٽيررسٽس مان سنڌين ۾ ڪميونسٽن کي اسرڻ نه ڏيندس. ھو غدار آھن. ھنن جو ھندستان سان نه، روس سان پيار آھي. ھي اھي وڀيشڻ آھن جي لنڪا جلائيندا. ٿي سگھي ٿو مون کي خون ڪيو وڃي. پوءِ ان جو سوال يو -اين او ۾ اٿندو ۽ تون مون کي ان ڪارج ۾ مدد ڪندين“. ”يعني تنھنجو پيار ھڪ اسٽراٽجي آھي“؟
    ”اسٽراٽجي آھي ۽ پيار به آھي“.
    ”پر ڪميونسٽن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ آمريڪا ڏانھن نھارڻ ضروري ڇو آھي“؟
    ”آمريڪا آزاديءَ پسند آھي. تون ئي ھڪ آھين. تون ڪجھ ڪري سگھين ٿو“.
    ”مان... مان ته سؤ رپين جي ھڪ ڊيسينٽ نوڪري به نٿو ڳولھي سگھان“.
    اِھا وڏي ڳالھ ناھي“.
    ”پر آمريڪا ڏکڻ ڪوريا کي پاڻ سان ٻڌي رکيو آھي. ھن جرمني ۽ ويٽنام جو ورھاڱو ڪيو ۽ مارشل پلان ھيٺ پوري آزاد دنيا کي پنھنجو غلام بنائڻ چاھي ٿي. آمريڪا روس جي انقلاب کي ختم ڪرڻ چاھي ٿي. روسي انقلاب روس مان غريبي ۽ بيماريءَ جو خاتمو آندو آھي. پرٿوي راج ڪپور چيو آھي: روس جو انقلاب قائم دائم ھجي، پر مان چاھيندس ته ان جو جھنڊو فقط ڪريملن مٿان ئي لھرائي“.
    ھوءَ چپ رھي ۽ ٻي رات اتي نه ويس. ڪافي راتيون اتي نه ويس. ھڪ رات ڏسان ته اتي ڪلف لڳو پيو آھي، جيئن نياضيءَ جي گھر ٻاھران ڏٺو ھئم. جاچ ڪندي معلوم ٿيم ته سندس بدليءَ اڪبر ڪئمپ ٿاڻا ٿي ھئي ۽ پاڻ به اتي وڃي رھي پئي ھئي. مون وٽ رپيو ٻه ھو سو لوڪل ٽرين ۾ چڙھي ٿاڻا ويس ۽ چار پنج ميل پنڌ ڪري اڪبر ڪئمپ وڃي پھتس. رات جا ٻارنھن ٿيا ھئا، چوڪيدار سنڌي ھو، ان کان پتو پڇيم ۽ آخر سرجوءَ جي گھر ٻاھران اچي بيٺس. آھستي سڏيم. ھن بتي ٻاري پر در نه کوليو ۽ دريءَ وٽ اچي بيٺي.
    ”تون ھلي آئين“!
    ”تو اچڻ ڇو بند ڪيو“؟
    ”ڇا پيار ايترو محدود ٿيندو آھي“؟
    “تون مون سان شادي ڪندين“؟
    “ڪئي ته آھي“.
    “ائين نه، سماج اڳيان“.
    ”ڇا سٻند شاديءَ ۾ ختم ٿيندا آھن؟ ائين ئي رھنداسين. مان توسان رھندس ۽ ٻيءَ سان شادي نه ڪندس. شادي ھڪ وڏو ٻنڌڻ آھي“.
    ”ميران سان شادي نه ڪندين“؟
    ”ھوءَ منھنجي دوست آھي“.
    ”مان تنھنجي ڪير آھيان“؟
    ”تون !تون منھنجي پريمڪا آھين“.
    ”اجايون ڳالھيون آھن، موھن، مون کي لڳي ٿو تون به ڪميونسٽ ٿيندين ۽ ڳالھيون به ان قسم جون ٿو ڪرين، ڪميونسٽن لاءِ پيار ھڪ سوڍا جي بوتل آھي، جا پي پياس ٻجھائڻي آھي. شاديءَ ڪرڻ لاءِ تيار ھجين ته در کوليان“.
    ”نه-در نه کول، مان ائين ئي ھليو ويندس، مون کي ڪو به شرط ڪو به ٻنڌڻ قبول ڪونھي“. ۽ مان ھليو آيس. نھايت ڪاري رات ھئي اُھا، رستو سنسان، گاڏيون بند، مان پنڌ ئي نڪري پيس. شايد ويھ ميل ھو، جبل، ٽڪر، پھاڙ. من ۾ ڏک ھو ۽ ھلندي ٿڪجي پيس، صبح جا چار کن ٿيا، جو رستي تي ھڪ ٽرڪ بيٺي، ڊرائيور ڪو سردار جي ھو.
    ”بابو جي ڪيڏانھن ويندين“؟
    ”ڪلياڻ “.
    ”اچ“.
    ھن مون کي پنھنجي ڀرسان ويھاريو، کيس به ڪلياڻ وڃڻو ھو، پر جڏھن سڄو پتو پڇيائين ته سڌو اچي گھر ٻاھران ڇڏيائين، ڏسان ته بخار اٿم، سو پنج ڇھ ڏينھن بستري تي پيو ھوس.
    عشق ني غالب نڪما ڪر ديا- ورنا آدمي ٿي بڙي ڪام ڪي.
    گھڻا سال ٿيا جو ھوءَ گڏي.
    ”ڪيئن آھيو“؟
    ”بس ھلان پيو“.
    ”شاديءَ ڪيئي“؟
    ”نه“.
    ”اخبارن ۾ پڙھندي آھيان ڪميونسٽن سان چڱو مقابلو ڪيو اٿئي“.
    ”ھا، پر ان لاءِ مان آمريڪا کان ھدايتون نه وٺندو آھيان“.
    ”مون سان ناراض آھين“؟
    ”نه“.
    ”ڇو“؟
    ”جو سڀاويڪ آھي، اھو سندر آھي. مون آ سندرتا کي ڪڏھن پسند نه ڪيو آھي“.
    ھوءَ وڃڻ لڳي ته پڇيومانس ”تون ڪيئن آھين“؟
    ”بس زندھ آھيان “، ائين چئي ھلي ويئي، ان بعد وري ڪا ملاقات نه ٿي ۽ خبر نه اٿم ته ڪٿي آھي ۽ نه ان جي جاچ ڪئي اٿم. بس زندگيءَ ۾ ھڪ طوفان آيو، ھليو ويو. مان ڪو شاھي وڻ نه ھئس جو ڪري پوان، طوفان ۾ گاھ کي ڪو به خطرو نه ٿيندو آھي. رڳو زندگي ان کي لتاڙيندي آھي.


    8

    الھاس نگر شھر جي بنيادي پٿر جو مھورت ھندستان جي پھرئين گورنر جنرل راج گوپال آچاريہ ڪيو، سنڌين ان ڏينھن وڏا مظاھرا ڪيا ته شھر جو نالو سنڌو نگر رکيو وڃي، پر حڪومت نه مڃيو. پوليس لٺ بازي ڪئي، ڪي بانٺا مون ۽ راجن چاولا کاڌا، آخر اسان اھو زخم قبول ڪيو ته ھتي اسان جي جذبات جو ڪو ملھ ڪونھي. ٿيئٽر بند ٿي ويا. رستا، رستا ڄڻ دنيا جو ٻارھون عجوبو، ٻه قدم ھل ته ڪري پئجي. اڃا اڳئين شخص تي کلجي ته پاڻ ڪري پئجي. ڄڻ بيربل جا چرچا ھڪ سان ڪندو ته اھو تلوار کڻي ڪاھي ايندس، ٻيا کلندا، وري ٻئي سان ڪندو ته تلوار مياڻ ۾ وجھي خود کلي موٽي ايندو ۽ ٻيو تلوار اڀي ڪري ڪاھي ايندس. شھر ۾ ھڪ به اسڪول، اسپتال، باغ، پوسٽ آفيس نه. نه ڪو دوڪان، چانھ جي ھوٽل، مليٽري جا کليل ڪاڪوس جن جا دروازا اڪثر ڀڳل. شھر ۾ ھزارين سوئر، ڪاڪوس ۾ وڃ ته منھن کي ڀنگيءَ جو ٻھارو سمجھي اچي ٻاھران بيھندا. رستن جون بتيون اڪثر بند، ٿورو مينھن پوي ته تار ٽٽي پوي ۽ ھڪ ٻه جوان ان جو شڪار ٿين. نل به گھر کان ٻاھر، آمدرفت جو وسيلو نه، تڏھن پرسرام ضيا ڪلاسڪ شعر چيو؛
    جبلن تي ٿا جتيون گسايون
    لوھ جا بوٽ وٺي ڪي پايون.
    ماڻھو به بئرڪن ۾ سٿيل، وچ ۾ ڳوڻين جون ڀتيون ۽ ان جي چيرن مان زندگيءَ جي پت وائِکي. آھستي آھستي سنڌين شھر ٺاھيو، گاڏيون بيھاري پنھنجي اسٽيشن الھاس نگر ورتي. ھينئر اتي رونقون آھن، اڳي ماڻھو بمبئي ڀڄندا، ھينئر اُلٽ گنگا آھي. ھتي جي زمين جا اگھ بمبئي جيترا آھن. سڀ سھولتون، شھر ڪافي وڌيو آھي، آدم اٽڪل پنج لک آھي. ان حساب سان رستا ننڍا آھن ۽ آمدرفت گھڻي آھي. اڪثر زالون ٻارن کي پيٽ، ھنج ۾ کڻي ۽ ھٿن کان جھلي رستن تان لنگھنديون. پوءِ ٽرئفڪ جئم. ھينئر ھتي چاليھ پنجاھ اسڪول، ٽي چار ڪاليج، ڏھ ٿيئٽر، پندرھن ويھ باغ آھن ۽ اسان ھتي ھڪ شاھ عبدالطيف رستو به ورتو آھي. پٽاٽن، ٽماٽن، ڀاڄين ۽ کير ورا، پڪوڙائي، مٺاين وارا، فرنيچر، پلاسٽڪ انڊسٽري وارا لکاپتِي ڪروڙ پتي ٿي ويا آھن ۽ ماڻھو چندا وٺڻ لاءِ ھتي ايندا آھن. ھتي ماڻھو محنت ڪري ٿڪجي پون ٿا ۽ اڪثر ڀڳوان ۽ شراب جي شرن وڃن ٿا. الھاس نگر پھرئين ٻئين ٽئين ۽ چوٿين پنجين کي ريل جا پٽا الڳ ڪن ٿا. اڳ اتي ھيٺان نالو ھو، جنھن مٿان سيمينٽ جي فٽ اُڀي پل.
    اتي جام ماڻهو ٻڏا.
    مان چار پنج ميل پنڌ ڪري مونا مل ويندو ھوس ۽ جي بس نه ملندي ھئي ته پنڌ ئي واپس ايندو ھوس. اتي نقلي سلڪ ٺھندي ھئي. مون کي ڊافس سيڪشن ۾ رکيو ويو. مان ڊافس ٺاھيندو ھوس. ھفتي ھفتي ڊيوٽي بدلجندي ھئي. ستين کان ٽين، ٽين کان يارھين، يارھين کان ٽين. ان ڪيميائي ماحول ۾ اکيون ڳاڙھيون ٿي وينديون ھيون ۽ ھجن نه ھجن، پر لڳندو ته اکين اڳيان بادل لنگھي ويا آھن.
    اتي مزدورن جي حالت ڏٺم. مون اٽڪل ٽن سؤ رپين جو ڪم ڪيو ٿي. پگھار ملندو ھو نوي رپيا. ھڪ مزور تي جيڪڏھن مالڪ کي ٻه سو بچن ٿا ته ڏھن ھزارن تي کين گھڻو بچندو؟ ڪارل مارڪس ”سرپلس وئليو“جو نظريو ان اصول تي ٻڌو آھي. ان ڪري ھن چيو آھي ته دنيا جا مزدور ھڪ ٿيو ۽ پيداوار جي وسيلن ۽ ذريعن جا مالڪ ٿيو. اسين به ڄڻ مشين جا پرزا ھئاسين. وقت تي اچڻ، بيھڻ، ڊافس جون ناليون صاف ڪرڻ. ڪيميائي پاڻي ھڪ ڌاڳي تان ھيٺ لھندو. ھيٺ ڄڻ ڪو بنا راڳ رڪارڊ ھلندو. ان تي ڌاڳن جو بنڊل ٺھندو ويندو. ھڪ دفعي ھٿ چيرجي ويو. ڪنھن ڌيان نه ڏنو. مسلمان انچارج اڳيان وڌيو. ڪلھي تي ھٿ رکيائين ۽ ھلي ملم پٽي ڪيائين. مان ڪنھن سان به نه ڳالھائندو ھوس. ھن چيو ”ھي جڳ مشين جو آھي. مشين لاءِ ڪو ھٿ ھندو يا مسلمان نه ٿئي. ان ۾ جنھن جو ھٿ پوندو، اھو ڪٽجي ويندو“.
    آر - ايس- ايس جو سڄو فلسفو مشيني جڳ ختم ٿو ڪري. مون ان وقت ڪھاڻي ”ڦيرو“ لکي جا سنڌ ھند ڪھاڻي چٽا ڀيٽيءَ ۾ ”مھراڻ “کي موڪلي. اتي اھا ٻيون نمبر آئي. پھرين جمال ابڙي جي آئي ۽ ٽين شيخ اياز جي. ھتان جي گھڻن ليکڪن ڪھاڻيون لڳاتار ڇپجنديون رھيون آھن. ” ڦيرو“ ھلال 1982ع جي پرچي ۾ وري ڇپي آھي. ھتي اھا ڪھاڻي اڃا نه ڇپي آھي. حشو ڪيولراماڻي کي دھليءَ مان ھڪ خط لکيم ”تون سنڌين جو پھريون پرولٽرئين ليکڪ آھين.“
    ادبي ڪلاس ۾ ويندو ھوس ۽ اتي جي راڳ جي جشن ۾ ميران کي وٺي ويندو ھوس جا اتي راڳ ڳائيندي ھئي. ھڪ ڀيري سڳن پڇيو ” ڪير آھي“؟
    ”منھنجي گرل فرينڊ “.
    ”خوب“!
    رستي تي ميران پڇيو ”ٻڌاءِ، مان تنھنجي گرل فرينڊ ڪيئن آھيان“؟
    ”تون منھنجي فرينڊ ته آھين“؟
    ”ھا“.
    ”۽ گرل به“.
    ”ھا “.
    ”ھا-ته پوءِ ڇا“؟
    ”نه ري، گرل فرينڊ معنيٰ معشوقا، دلربا، پريتما“.
    ”تو منھنجي پھرئين پگھار جي پيسٽري جو کاڌِي“.
    ”ٻڌ موھن، ھڪ ڳالھ ٻڌ. تون برابر ڊگھو آھين. پر مون کي مڙس اھو کپي جو ڇھ فوٽ ڊگھو ھجي ۽ پگھار سورھان سو رپيا ھجي“.
    تازو مون ڪونج ۾ ھن تي ڪھاڻي لکي ”صبح، جو نه ٿيو “. سڀ ته ان ۾ سچ نه ھوندو. شڪل ڪنھن جي، ٽنگ ٻانھن ڪنھن جي. ڪو واقعو، ڪو گفتو ڪٿان جو. فن جي سانچي ۾ وجھ ته ڪھاڻي تيار. ائين مون ادب کي زندگيءَ کان وڌيڪ گنڀيرتا سان ورتو آھي ۽ سالن بعد سٺي ڪھاڻي لکي اٿم.
    ميران رات جو راڳ ڳائيندي ھئي ۽ مان به ٻاھر ٿلھي تي ليٽي ان زماني ۾ لالٽين جي روشنيءَ ۾ ڪميونسٽ پڌرنامو يا ان قسم جو ادب پڙھڻ ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ڪندو ھئس. ھڪ دفعي گرمين ۾ جانو آئي ۽ چيائين ”گھر ھل“. مان ويومانس. ماءُ پيءُ، ڀاءُ، ميران ۽ سڀ ڀينرون ٻاھر ويل ھئس.
    ”مون کي ڪاليج ۾ ھڪ سبجيڪٽ تي پيپر لکڻو آھي“.
    ”سبجيڪٽ“؟
    ”لؤ پريم.“ ھن چيو ”تون مدد ڪر نه“.
    ”ڪھڙي -توکي مضمون لکي ڏيان يا توسان پريم ڪريان“.
    ھوءَ شرمائي”مان پريم ڪرائڻ لاءِ توکي نه وٺي آئي آھيان“.
    ”پريم“، مون چيو ”پريم آھي ھڪ ٿيڻ جو احساس پريم سيکاريندو آھي ته ٻين جي جذبات جو، چاھنائن جو خيال رکجي ۽ گھرجون پوريون ڪجن“.
    ”اڄ ڏاڍيءَ گرمي آھي“.
    ”چئين ته ھوا لڳرايانءِ“.
    ”ڪيئن “؟
    ”مون وٽ ھڪ منتر آھي. پڙھندس ته ھوا به لڳندي، مينھن به پوندو“.
    ”پوءِ ته توکي مئٽرالاجيڪل ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪرڻ گھرجي“.
    ”اڄ اِھا ڊپارٽمينٽ تون آھين“.
    ”ته پڙھ منتر“.
    ”تون پنجويھن انھن شھرن جا نالا کڻ، جن جي پٺيان پور لفظ ھجي. مثال طور ماڙيءَ پور، ميرپور، خيرپور، شڪارپور، شھدادپور، محرابپور، انڙ پور، ٻڍاپور، جھمٽ پور، تاج پور، ڪانپور، جئپور، جوڌپور“...
    ھن اکيون بند ڪيون ۽ ھٿ ٻڌي اھي نالا چوڻ بعد وڌيڪ نالا چيائين؛ گورک پور، جمشيد پور، مرتضيٰ پور، رام پور، سيتاپور، آدي پور، شاھ پور، للت پور، ڇترپور، جولاپور، ديوداس جي ماڻڪ پور، موھن جي ويساپور، ، ، ٿيا پنجويھ-؟ نه، تيج پور، سھارڻپور، ڌرمپور، ھندو پور“...
    ٺڪاءُ -ھوا جو جھوٽو آيو ۽ دري بند ٿي ويئي. ھن اکيون ڦاڙي مون ڏانھن ڏٺو. ھوا لڳي طوفان آيو. مينھن پيو. مان پلنگ تي ۽ ھوءَ ڪرسيءَ تي ويٺي. اٿي ٻئي ھٿ اچي منھنجي ڪلھن تي رکيائين. اکين ۾ امرت ۽ مشڪ ۾ ماکي ڀري چيائين ”موھن، تون ڀڳوان آھين“.
    ”ھا آھيان. ھڪ ننڍي دنيا آھي منھنجي ۽ مان ان جو ڀڳوان آھيان“.
    ”پوءِ تون گھر کي ٺاھين ڇو نه ٿو؟ اتي ڪجھ به نه آھي. نه بتي، نه پکو، نه ڪٻٽ، نه فرنيچر. آخر توسان شادي ڪير ڪندي؟“
    مان اٿي ڪرسيءَ تي ويٺس. چيم ”ھڪ ڏينھن ته ملندي اُھا، جا منھنجي ٽيبل يا ڪرسيءَ، ڀت يا ڇت سان نه، مون سان شادي ڪندي. مون سان، مان، جو آھيان؛ جي منھنجا سپنا آھن، منھنجا آدرش، منھنجون سمرتيون، اڻپوريون ٿيل خواھشون، اٺسٺا، منھنجا اُمنگ ۽ ارمان، منھنجون نا اميديون، پريشانيون، من جي غفائن جون اونداھيون ۽ ان ۾ فن جون روشنيون آھن“.
    ھوءَ مشڪڻ لڳي ۽ مان تيز برسات ۾ ٻاھر نڪري ويس. مان به ڪجھ عورت جي نفسيات ڄاڻان ٿو. مون کي جتي ڪٿي امرت مليو، مگر مون ڪڏھن به ھمدرديءَ جو زھر نه پيتو آھي. ڪافي ذلف پريشان ٿيا ۽ مون اک نه کنئي. ٻاھر آيس. مينھن ۾ آسمان ڏانھن نھاري اک ھڻي چيم؛
    ٿئنڪ يو گاڊ.
    اھڙو ھڪ ڪرشمو ماھتاب محبوب کي به ڏيکاريم. ھوءَ 18 مئي 1980 ع ۾ منھنجي گھر آئي. اتم، سندريءَ ۽ ھري موٽواڻي به گڏ ھئس-مون چاھيو ته ماھتاب منھنجي گھر ھڪ رات ٽڪي. ڪمل ۽ ڌيءَ گيتا جو به اھو خيال ھو. پر اتم نه مڃي. ماھتاب چيو؛ اوھين رڳو ماستر چندر کي فون ڪريو. مون رسيور کنيو به، پر اتم چوي ته ماھتاب کي مان وٺي آيو آھيان ھن جي جوابداري منھنجي مٿان آھي.
    اسٽيشن تي مون ماھتاب کي چيو؛ چاھيان ٿو ته تون مون سان ڪجھ وڌيڪ وقت گڏ ھجين. تون منھنجي سنڌ آھين. ڏس مان ڪلاڪ گاڏيءَ کي روڪي ٿو ڇڏيان. وري گاڏي ايندي ته ڪلاڪ وچ رستي تي بيھي رھندي. استعمال نه ڪندو آھيان. پر مون کي تمام وڏي طاقت آھي. “
    ”ڇا خدا وٽ پھچ اٿو“؟
    ”منھنجو دوست آھي ھو“.
    ”پوءِ به سنڌ اچي نٿا سگھو“.
    ”اڄڪلھ خدا سان دوستي ڪٽ آھي“.
    مون کاٻو ھٿ کڻي امبر ناٿ ڏانھن ڪيو. ڪلاڪ ڪابه گاڏي نه آئي. وري آئي ته مان به ھنن سان گڏ چڙھيس ته وري ھڪ ھٿ ٻاھر ڪيم ۽ چيم؛ بيھ رھو ۽ گاڏي ڪلاڪ رستي تي بيھي رھي. ماھتاب حيران، چي؛
    ”اوھان ائڊوانس ۾ اڳڪٿي ڪيئن “!
    اڳڪٿي! نه، اِھا اڳڪٿي نه آھي. شاھ لطيف جي ڌرتيءَ جو آھيان، مان به ھڪ درويش آھيان. خدا کان ڪجھ گھرندو نه آھيان. سڀ ته ھن کان گھرندا آھن. پنھنجي مان- ايمان ۽ سومان. جو خيال نه رکن. مان خدا کان ڪجھ به گھرندو نه آھيان. بس ائين ئي وقت جي پرواھ ۾ وھندو آھيان يا وقت جو دريا وھندو آُھي ۽ مان ان جي ڪناري تي بيھي ان جي رونق ڏسندو آھيان“.
    انسان وٽ ڪا ازغيبي طاقت ضرور آھي. جنھن کي عقل ۽ منطق سان سمجھي نٿو سگھجي. ڪپل رشيءَ جو سانکيہ درشن ۽ ڪانٽ جو ”دي ڪرٽڪ آف پوليٽيڪل ٽريٽائيز“ ان موضوع تي ڪافي روشني وجھن ٿا. مارڪس يا سارتر ان کي ائبسرڊ ڪوٺيو آھي. اھا طاقت آھي ته ائبسرڊ پر ان کي رد نٿو ڪري سگھجي. ڪجھ آھي جو آتما ڄاڻي ٿي. پر ڪڏھن به ان جي تار ٽٽي سگھي ٿي. نه، مان رھسيواد نه آھيان، پر اھو رھسيہ جيون جو ھڪ يٿارٿ ئي آھي. مون ”جلاوطني“ 1974ع ۾ لکيو منھنجي ماءُ جو موت 1976ع ۾ ٿيو، بلڪل ائين جيئن مون ”جلاوطنيءَ“ ۾ چٽيو آھي. ھوءَ مئي، بنھ ان بعد کيس خالي گيس سلينڊر ڏنو ويو.
    جان برئڊمئن يا سنيل گواسڪر توڙي ظھير عباس دعويٰ سان چئي نه سگھندا ته فلاڻي بال ۾ فلاڻي جي وڪيٽ وٺندا. ازغيبي شڪتيءَ جو ڪو وڏو دائرو به ڪونھي، نه ته ايڏيون جنگيون نه لڳن، ٻوڏون ۽ زلزلا نه اچن ۽ سنڌ مان سنڌي ھندو نه نڪرن. پر صفا اوندھ ڪانھي. لينن جي برف جي کڏ ۾ ٽنگ ڦاسي پيئي. سمجھيائين ته بچڻ مشڪل آھي. چيائين؛ نه- مان ھي ناشانائتو موت نه مرندس. ھن من ۾ ڇا چيو سا کيس خبر، پر اکيون آسمان ۾ ڪيائين ته ٽنگ ٻاھر نڪري آيس.
    رابرٽ آئنسٽائن چيو آھي؛ ھن برھمانڊ ۾ ھڪ رٿا ۽ ترتيب آھي. ان ۾ ڪو نقص ڪونھي. ڪا طاقت آھي جا خود خلقيل آھي ۽ ڪائنات کي ھلائي ٿي.
    اسان جو پيارو شاعر ھريش واسواڻي، جنھن لاءِ زندگي ھڪ بي مقصد مشغولي آھي ۽ جو قدر ۽ انسان جي وچ ۾ ڪو به رشتو نه ڏسندو آھي، اھو به مسوريءَ ۾ ان ڪري ويندو آھي ته قدرت سان ڪا ويس -واٽ قائم رکي سگھي. ماڊرن وشنو ڀاٽيا به آڱر ۾ ڇنڇر جون منڊيون پائي ۽ تاج بلوچ سندس موڪليل سائين بابا جو تعويذ ٻانھن ۾ ٻڌو ته دفتر ۽ گھر جا مسئلا ھڪدم ختم ٿي ويس.
    ته مان نٿو چاھيان ته اسين انڌ وشواس ۾ جيئون. امن ۽ اتحاد ۽ عالمگير برادريءَ لاءِ ڪم ڪريون ۽ خدا کي ادب ۽ ساست ۾ نه آڻيون. ھونءَ مارڪس به چيو آھي ته صليبي جنگيون واپار جي لنگھن تان لڳيون آھن. ڀڳوان کي گھر ۾ مڃو ۽ بزارن ۾ نه کڻي اچو.
    خير، مان ڪو پنڊت يا تتوگيان جو ماھر نه آھيان. منھنجي لاءِ ڀڳوان ان ڏينھن مري ويو، جڏھن سنڌي سنڌ مان نڪتا. ان بعد اسان جي دوستي گھٽ آھي. ائين جانو ۽ ماھتاب کي ان جو ھلڪو روپ ڏيکاري ڇڏيم.
    جيون ۽ ساھت ۾ وڏو فرق آھي. ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ ويچار ڪردار، فضا، واقعو، يا طرز بيان. شعر ۾ ھڪ نقطو يا ڪيفيت، مضمون ۾ ھڪ موضوع، ناٽڪ ۾ ڪردار، انھن جا رخ، زندگيءَ جا واقعا، رخن جو ٽڪراءُ- ڄڻ شطرنج جي راند، جا آھستي رٿا سان ھلي ۽ پوءِ ٺڪا ٺوڪي چالو. پڇاڙيءَ جو سڀ ڪردار چارلس ڊڪنس جي ڪردارن جيان ھڪ ھنڌ گڏ ٿين يا مدارسي فلمن جيان گڏيل فوٽو ڪڍائين. اينٽي ناول يا ناٽڪ من طرف اندر ٿو وڃي. پر زندگيءَ ۾ ڪيتريون ڳالھيون گڏ ھلن. ڪڏھن سمانتر. ڪڏھن ھڪ ٻئي کي رد ڪن. زندگيءَ کي ھوبھو پيش نٿو ڪري سگھجي.
    مون ھڪ ڪتاب پڙھيو. لکيل ھو؛ نائڪ ۽ نائڪا ھڪ ڪلاڪ ھڪ ٻئي سان نه ڳالھايو. مان سوچڻ لڳس؛ ماٺ جي ھڪ ڪلاڪ ۾ انھن ڇا سوچيو ھوندو! ڪلاڪ ڪتاب نه پڙھيم ته وڌيڪ مزو آيو. مگر سڳن آھوجا چيو؛ ٻچا، ڪتاب ٽن ڪلاڪن ۾ پورو ٿئي ۽ گھڻن ڪردارن جي جيون - ريکا پيش ڪري. ديوداس کڻ. ٽي ڪردار آھن. ديوداس، پاروتي ۽ چندر مکي. ھاڻ تون جنھن نموني سان پڙھين ٿو، ان ابجد سان توکي اھو ڪتاب پورو ڪرڻ ۾ ٽي جنم لڳندا. سڳن جي اِھا ڳالھ ٻڌڻ بعد منھنجو ادب مان چاھ گھٽجي ويو ۽ اڪثر شاعري، راڄنيتي، وگيان ۽ تاريخ جا ڪتاب پڙھندو آھيان.
    مون بکون به ڪڍيون ٿي، عشق به ڪيا ٿي ۽ ادب به خلقيم ٿي. ”سرجوتي“ ناول لکيم ته 1954ع ۾ آنچل جي رٿ تي سنڌي ساھت سڀا منھنجو سمان ڪيو. سڳن چيو؛ متان ان سنمان جي اھميت مڪاني سمجھي وڃي. ان ڪري گوبند مالھيءَ جي ”پکيڙا ولر کان وڇڙيا“ ناول تي به سنمان ڪيو وڃي. ھر چند اجھل جي چوڻ تي ”ساھيڙي“ ناول جي سنمان جي رٿ آئي، پر ڪاروباري ڪاميٽيءَ قبول نه ڪئي. ان ڪري اجھل ۽ ڀارتي ان جشن ۾ شريڪ نه ٿيا. ميڙ ۾ بمبئيءَ مان مالھي، ڪيرت، اتم، گوبند پنجابي. طالب، جڳت آڏواڻي، بھاري ڇاٻڙيا، ارجن شاد، موتي ۽ گھڻا ليکڪ آيا ۽ ھتان به ضيا، سڳن، آنچل گنو، راجو، راھي ڪافي ليکڪ گڏ ٿيا. سڳن منھنجي ڀيٽ شرتچندر، ته آنچل جيئندر ڪمار اگييہ سان ڪئي. چيائون موھن سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ننڍي عمر جو پھريون ليکڪ آھي، جنھن ٽيويھن سالن جي مختصر عمر ۾ شاھڪار ناول لکيو آھي. ٻه چار سال پوءِ لعل پشپ چيو ته منھنجي محبوبا اھو ناول سورھن دفعا پڙھيو آھي ۽ وڌيڪ دفعا ان ڪري نه پڙھيو اٿائين جو ڪتاب کانئس ڪير وٺي ويو آھي.
    سڳن جو اڀياس گھڻو ھو ۽ ان ڪري سٺي ادب جي ڄاڻ ھئس ۽ ھن ۾ تعريفي جذبو ڪوٽان ڪوٽ ڀريل ھو. ”لڱن“ جي ھن ڪردار لاءِ چيائين: اھو کوکلو، ٽاءِ کي ڍلو نٿو ڪري پر پنھنجي گھرگلائي ظاھر ڪري ٿو. آنچل به ائين چيو ” آواره “۾ نائڪ جي پيءُ جو پير سُڄي ٿو پئي ۽ ان مان اڇيون تنتون ٿيون نڪرن. ھو سمجھي ٿو ته اھي شايد پيٽ جا سانپا آھن. ان ڪري بليڊ سان انھن کي ڪٽي ٿو. اھا پناھگير زندگيءَ جي دردمند تلخي آھي.
    جئہ ھند ڪاليج ۾ منگھارام ملڪاڻي ٽئين ليکڪ سميلن (1954ع) ۾ چيو؛ ھتي موھن ڪلپنا ھجي ته اٿي بيھي. مان اٿي بيٺس. چڱي طرح شڪل ڏسي چيائين؛ تمام سٺو ٿو لکين البته ھِجي جون غلطيون ٻين کان وڌيڪ ٿو ڪرين.
    ميران جي ڀيڻ ساون چيو، ”آواره سٺو ناول آھي. تو ڪا وئشيا ڏٺي آھي“؟.
    ”نه“.
    ”بمبئي ۾ شايد انھن جون گھٽيون آھن“.
    ”ٻڌو اٿم“.
    ”ڪڏھن اتي ويو آھين“؟
    ”نه“.
    ”مان چاھيندي آھيان ته کين ڏسان“.
    ”توکي شرم نه ايندو“.
    ”نه تون وٺي ھلندين“؟
    ”ڏاڙھي مڇون رکي ويس بدلائي ھلين ته ڪير ڌيان شايد نه ڏي“.
    ”ڀلا اھو ته ٻڌاءِ ” “... ڇا“؟
    ”چوندا آھن استري ۾ ڪام ولسنا مردن کان وڌيڪ رھندي آھي“.
    ”ڪيئن“؟
    ”ھڪ دفعي شو ڀڳوان ڪام جون گوريون ٺاھيون، پاروتي اھي سڀ گوريون کائي وئي. چيائينس مون لاءِ ڇا ٺاھيو اٿئي، بس ان ڏينھن بعد ڪام استرين وٽ ھليو ويو“.
    مان کلڻ لڳس.
    ”ڇو“؟
    ”ته انھن گورين کان اڳ ۾ ھنن ۾ ڪام جاڳندو ئي نه ھو ڇا“؟
    ”شايد ڇو ته پوءِ ئي شو کي گڻپتي ۽ ڪارتڪ ڄاوا“.
    مون ھن ڏانھن چتائي نھاريو. ”مان ڄاڻان ٿو“، مون کيس چيو، ”مان تو کي وڻان ٿو“.
    ”ھا “.
    ”شادي ڪندين“؟
    ”اھا اڳ ۾ ڪيل اٿم“.
    ”ڪيئن“؟
    ”ته ٻڌ“. ۽ پوءِ ھن شروع ڪيو پنھنجو پريم داستان. نوابشاھ ۾ ھن جو ڪنھن گل نالي مسلم نوجوان سان پيار ٿي ويو. پڻھس کي اھو سنٻد نه وڻيو، پر ھن پيءُ جي ھڪ نه ٻڌي ۽ گذريل ٻارنھن سالن کان ھن سان نه ڳالھايو ھئائين. پاڻ مشين ھلائي ھن جي اسڪول جون فيون ڀريائين. ھوءَ مشين ھلائيندي ھئي وڏي سلائي وٺندي ھئي. مھيني ۾ اٽڪل ڇھ سؤ روپيا کيس موڪليندي ھئي. ٻه چار دفعا پاڻ ڪراچيءَ ۾ ملي آيس ۽ ھوٽل شاليمار ۾ رھيس.
    ھڪ ڏينھن اھو گل ھتي به آيو ۽ ساون اسان ٻنھي جي واقفيت ڪرائي. ۽ ھي آھي جناب موھن. ليکڪ آھي. رات جو ڪافي پھرا ڏنا اٿائين، پر ھن پاڙي ۾ ڪھڙيون سھڻيون ڇوڪريون رھيون آھن، ان جي کيس خبر نه آھي.
    ڏاڍو سٺو ماڻھو پئي لڳو.
    گل پوءِ وڌيڪ پڙھائي لاءِ لنڊن ويو ۽ سندس جنم ڏينھن تي لفافي ۾ پلاسٽڪ جي پني ۾ ويڙھيل ٿوري پيسٽري موڪليائين ۽ ھڪ دفعي تار ڪيائين؛ تون ديوي آھين. تو مون کي پاليو آھي. ديوين جي پوجا ڪبي آھي. مون کي آسيس ڏني. مون ھڪ انگريز ڇوڪريءَ سان شاديءَ ڪئي آھي.
    ھوءَ بيمار ٿي پئي، تار آيس ته مون کي گھرايائين. تار ھٿ ۾ ڏنائين مان کلڻ لڳس، ”ھي به زندگيءَ جون ادائون آھن. زندگيءَ جي مصيبتن کان بچڻ جو ھڪ رستو ھيءُ به آھي؛ ان مان گھڻيون اميدون نه رکجن. زندگيءَ کي ائين شڪست ڏجي. تون تمام سٺي آھين. ڪڏھن به زندگيءَ ۾ اڪيلائي محسوس ڪرين ۽ ان لائق سمجھين ته آواز ڏج-موھن آھي“.
    ھوءَ پندرھن ڏينھن کن بيمار رھي. ھونءَ کيس پاسپورٽ ڪمپنيءَ جو ھڪ جوان به وڻندو ھو. جنھن جي پيءُ جون ڇاوڻيءَ ۾ چار خانگي بسون ھلنديون ھيون. ان به شايد چيس؛ مان آھيان ! (يعني ھو آھي). ھو بي-اي-ايل -ايل. بي. ترڻ ڪار ھلائڻ به ڄاڻندو ھو ۽ کيس الڳ وڏو گھر به ھو. مون وٽ ته رڳو مان پاڻ ھوس: باقي لڙ لھرون لس ليٽ.
    ھو، روپ به اتساھي ۽ انقلابي جوان ھو.
    اسين جڏھن 15 آگسٽ 1955ع ۾ گوئا ۾ ستياگرھ ڪرڻ وياسين ته ھن کي ئي سنڌين جو رھبر بڻايو ويو.
    اسان مٿان گوليون ھليون ته مان بچي ويس،
    پر کيس گولي لڳي.
    ساون فرنٽ تي آئي.
    خبر نٿي پيئي ته ڪنھن سان گڏجڻ آئي آھي.
    ھوءَ پوءِ روپ جي سيرانديءَ ويٺي ۽ منھنجي ھڪ نئين ڪامنا جي ٻلي شڪست جي ٽب ۾ ٻڏي مري ويئي.
    ائين گاگنداس به بھادري ڏيکارِي.
    مون گوئا ستياگرھ جو احوال ”اڃا رات باقي آھي“ رپورتاج ۾ لکيو آھي.
    ڏٺم، ته ھڪ ٻي ميران، جا گني سان ڪي-سي ڪاليج ۾ پڙھندي ھئي ۽ اجنبي دورين جي احساس سان بزار ۾ مون سان ھلڪي چشمائي ڪندي ھئي ۽ اڻ لکين مرڪن جا ڇنڊا اڇلائيندي ھئي.
    ٻڌم ته گاگنداس ان کي پاڻ وٽ،
    الڳ گھر ۾ رکيو آھي ۽ ھن سان ٻي شادي ڪئي آھي.
    مون لاءِ پسند ايندڙ ڇوڪريون،
    ائين ٻين سان منسوب ٿي وينديون ھيون.
    مان جڏھن گوئا ويس ته بيلگام ۾ روپ ساون کي ۽ گاگن ميران کي خط لکيو.
    چيائون:
    تون ليکڪ آھين.
    خط تون لکاءِ.
    جيئن ته ٻئي مون کي پسند ھيون،
    ان ڪري جذبات جي اوت پوت ڪيم.
    ڪڏھن به گڏجاڻيون نه ھيون.
    واپس موٽي جيڪڏھن اھو خط ھوبھو دھرايان ھا ته چپن تي آڱر رکي بيھوش ٿي وڃن ھا يا غشي کائي منھنجي گود ۾ ڪرن ھا.
    پر اھا مون طرفان ڪميڻائي ٿئي ھا.
    جا فطرت ۾ نه ھئم.


    9

    ملڪ لاءِ مان ڪجھ نه ڪري سگھيو ھوس ۽ جڏھن ڏٺم ته پورچوگيز گوئا کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه ھئا ۽ 15 آگسٽ 1955ع ۾ گوئا ستياگرھ ۾ ان جي ھر سرحد تان اٽڪل ڏھ ھزار جوان اندر گھڙڻ تيار ٿيا ته مون به اتي وڃڻ جو فيصلو ڪيو.
    انھن ڏھن ھزارن ۾ شايد يارنھن سنڌي ھئاسين ۽ انھن ڏھن ھزارن ۾ ليکڪ صرف ھڪ ھو، جو مان ھئس.
    سمجھيم ته ان گوليبازيءَ ۾ مان شايد شھيد ٿي وڃان، ان ڪري نوڪري ڇڏي ڏنم.
    ادبي ڪلاس ۾ ان کان اڳ ٽئگور جي ھڪ شام ملھائي ھئائون، پر پوءِ اھا شام
    ”موھن ڪلپنا“ ٿي ويئي.
    ھر ڪنھن جي وات ۾ اھائي وائي ھئي ته موھن ڇاتي کولي پورچوگيزن جو مقابلو ڪندو ۽ شھيد ٿيندو.
    گھر ۾ دادا چيو:
    ڀل وڃ ۽ سنڌين جو نالو مٿي ڪج
    ڊڄي ڀڄي نه اچج،
    نه ته وڃ ئي نه.
    ڀاڀيءَ ڇاتيءَ سان لڳائي پيشانيءَ تي چمي ڏني :
    شل وڏو ٻڍو ٿين.
    جواني ماڻين ۽ شل تنھنجو وار به ونگو نه ٿئي.
    ان دعا شايد سنڌين کي ڪو ٻيو ھيمو ڪالاڻي نه ڏنو ۽ مون مٿان به مشين گنون ھليون ۽ شرراٽ ڪري مٿان ۽ پاسن کان گوليون لنگھي ويون، لڳيون ڪين.
    ان ھلچل بابت فقط پنج ڳالھيون لکندس.
    اسان کان پوني ۾ لوڪمانيہ تلڪ جي آفيس ۾ لکائي ورتو ويو ته اسين پنھنجي آزاد اڇا سان گوئا ۾ ٿيَ وياسين. اتي مارشل لاءِ شوٽ-ائٽ - سائٽ جو به آرڊر ھو. ته اسين مرڻ لاءِ تيار ھئاسين. اسين قومي جھنڊي کي ڪڏھن به پٽ تي ڪرڻ نه ڏينداسين.
    بمبئي جي چيف منسٽر مرار جي ڊيسائي حڪم ڪڍيو ته جيڪڏھن ٽرڪ وارا والنٽيرن کي گوئا جي مکيہ بارڊر باندا تي ڇڏڻ لاءِ ساونتواڙي ويندا، انھن جا ليسن رد ڪيا ويندا. ان ڪري بيل گام جي ھڪ ميڙ ۾ اھو فيصلو ٿيو ته جيڪي تمام پريان آيا آھن. انھن کي اندر وڃڻ ڏنو ويندو. ان حساب سان سنڌي اتي وڃي نٿي سگھيا: مون تقرير ڪئي ته اھو فيصلو غلط آھي. گوئا جيڪڏھن بمبئيءَ کان ٻه ھزار ميل پري ھجي ته اسين وڃون ھا. اوھين الڳ ٻولين موجب عيوضو ڏيو ۽ سنڌين کي ان انقلابي تحريڪ ۾ بھرو وٺڻ ڏنو وڃي. تاڙين جي ڦھڪن ۾ منھنجي رٿ منظور ٿي. اتي ايس- اي ڊانگي به ھو، جو پونا کان اسان سان گڏ آيو ھو.
    ساونتواڙيءَ ۾ چيو ويو ته سنڌي پنجابين سان سٺ ميل پنڌ ڪري فلاڻي بارڊر کان گوئا ۾ گھڙن. اسان پنجابين کان اڳ نڪري وياسين. پنجابين پي چيو؛ آ بول پنجابيا ھلا بول. بول سنڌيا ھلا بول. پر پوءِ سندن آواز پٺيان پئجي ويا. جھيڻا پئجي ويا. روپ چيو ته اسين به واپس موٽي ھلي باندا مان اندر گھڙون. ھي چاھين ٿا. سنڌي سٺ ميل پنڌ ڪن ۽ اھو به ھڪ رات ۾ اڄ 14 آگسٽ آھي. اھو فيصلو غلط آھي. ھلو. واپس ھلو. سڀني چيو ھلو-واپس ھلو. مون چيو مان واپس نه ھلندس. اسين ھتي پڪنڪ ڪرڻ نه آيا آھيون. واپس ھلنداسين، چوندا؛ ھيءُ ڏسو سنڌي بھادر! سھوليت پسند! ڊڄڻا! مان اڪيلو اڳيان وڌندس. روپ چيو:
    ”پر باندا ۾ ڪي اڳ ۾ به شھيد ٿيا آھن. اسين شھيدن جي سرحد تي شھيد ٿينداسين“.
    ”اسين اتي شھيد ٿينداسين “. مون چيو ”جا زمين گمنام آھي“.
    ھڪ ھڪ ڪري سڀ مون طرف ٿيا ۽ روپ به جھڪو. پر اسان برسات جي ان ڪاري اونڌاھي رات ۾ نديون ۽ نالا پار ڪندا فقط سورھن ميل اڳيان وڌياسين ته اتي ڪي اڳواڻ گڏيا. چيائون باقي رات مندر جي دالان ۾ رھو ۽ صبح جو ساسولي بارڊر کان اندر گھڙجو.
    منھنجي من ۾ اھو خيال آيو ته ھندستان مون لاءِ ڪيو ڇا آھي. جو ان لاءِ مران. وري خيال آيم، ھي ڪو واپار سودو نه آھي. ديس لاءِ ئي ته کلندي کلندي مربو مٽبو آھي. او ديش ڏس. تنھنجي لاءِ کلندي ڪڏندي گوليون کائي ٿو وڃان. پر اندر جڏھن وڻ تي قومي جھنڊي لڳائڻ جو سوال اٿيو ته بندوقون ۽ اسٽيشن گنون مون طرف سڌيون ٿيون. مان ھڪ دڙي تي بيٺو ھوس. روپ ڀرسان بيٺو ھو. منھنجو من ٿورو ڪمزور ٿيو ته ڄاڻ مئس. روپ کي چيم؛ تون اڳواڻ آھين. جھنڊو تون چاڙھ، ڪرندو ته ان کي کڻندس. ھن چيو؛ تو به ڪلھ ليڊر بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي، پھرين تون چاڙھ، مون چيو: جئہ ھند. مون وڻ تي جھنڊو چاڙھي ڇڏيو. پورچوگيز مليٽري جا گوئاني فوجي اسان کي اندر اچڻ کان روڪي نه سگھيا پر جڏھن جھنڊو لڳو ۽ اسين اندر گھڙياسين ته شروع ٿي مشين جي ڦٽ، ڦٽ، ڦٽ، اسين زمين تي ڪرندا وياسين ليٽندا وياسين-ائين ھدايت مليل ھئي.
    گاگنداس چيو؛ اسين سڀ مرون، پر تون نه مرج. تون ليکڪ آھين. تون اسان جي شھادت جي ڪھاڻي لکج. گوليبازي ھلڻ وقت ھڪ جوان جيون شھدادپوري اٿي بيٺو. چيائين : ماريو-سڌو ڇاتيءَ تي گوليون ھڻو. ۽ قميص ڦاڙي ڇاتي کولي چيائين: ڀارت ماتا زندھ باد-سالازار مردھ باد. ٻيو اٿيو گاگنداس مون کي چيائين؛ ڪلپنا، تون سمھيو ڇو پيو آھين. اٿ. مان اٿيس ته ھن جوش ۾ فوجين کي چيو؛ سالا توھان کي شرم نٿو اچي جو بي ھٿيارن تي گوليون ھلايو ٿا. اسان کي بندوقون ڏيو ۽ ڪريو مقابلو. يا بندوقون ڦٽيون ڪريو ۽ اچو ھڪ ھڪ ٿي. گوليبازي ته بند ٿي. پر گاگنداس کي پڪڙي ويا. کيس نديءَ ۾ غوطا کارايائون ۽ بيلٽون لاھي ڪٽيائونس. ھو ٻٽي ڏينھن گرفتار رھيو. اسين روپ ۽ ٻين ساٿين کي ڪلھن تي کڻي واپس آياسين.
    نھرو سرڪار 1961ع ۾ مليٽري قدم کڻي گوئا کي آزاد ڪرايو. ان بعد گوئا جي آزاديءَ جا وڏا جشن ملھايا ويندا آھن، پر سنڌين کي ڪڏھن ياد نه ڪيو ويندو آھي. پوءِ به ھڪ آس پوري ٿيم ته مون به ھڪ دفعو ديش جي آزاديءَ لاءِ ڪم ڪيو.
    اڳواڻن کي چندن وسيلي ڪافي پئسا مليا ھئا. پر پاڻ پيا مکڻ ۽ بيدا کائيندا ۽ اسان کي سکڻي چانھ به نه آڇيندا. مانيون ته ائين ماڻھو پيا کارائيندا ھئا. مان به ٻن چئن روپين جو خزانو کڻي ويس. ان سال پھرين تاريخ کان مون ۽ گني با سلسلي سگريٽ ڇڪڻ شروع ڪيو ھو، سو سگريٽ جام ڇڪيم. جڳت آڏواڻيءَ ”ھندستان“ اخبار طرفان مون کي فرنٽ تي ان جو عارضي خاطو ڪري موڪليو. سو ڀڳل ٽٽل انگريزيءَ ۾ چڱيون خبرون موڪليون مان ۽ پنھنجو ذڪر رڳو ھڪ ڀيرو ڪيم ته ان طرف مون ئي جھنڊو چاڙھيو-پر ھندستان اخبار وارن کي ھڪ خسيس ماڻھوءَ کي پنھنجي خسيسپڻي جو احساس ڏيارڻ لاءِ ان اھم خبر کي نه ڇپيو ته ھڪ سنڌيءَ جان جو وڏو جوکم کڻي اھو ڪم ڪيو ھو.
    ٻي ڳالھ اھا ٿي ته الھاس نگر ۾ خبر پکڙي ته موھن ڪلپنا کي گولي لڳي آھي. مان اڳي ڪٿي به ويندو ھوس ته آنچل کي خط ضرور لکندو ھوس. ان کي احوال لکيم ۽ گھر ۾ به، ته شھيد ٿيڻ کان محروم رھجي ويو آھيان.
    منھنجي موت جي خبر ڪيئن پکڙي، خبر نه آھي. سئميول بيڪيٽ چيو آھي: ڪڏھن ڪڏھن، جن کي گھڻو چاھبو آھي، تن جي موت جي ڪامنا ڪبي آھي. سڳن آھوجا جڏھن سخت بيمار ھو ۽ ان بيماريءَ کان آخر بچي نه سگھيو، مان دفتر کان جڏھن اسپتال ويندو ھوس ته سمجھندو ھوس ته سڳن مري چڪو آھي، پر دوستن جا چھرا ڏسي من ۾ اڻ لکيو درد محسوس ڪندو ھوس. خبر نه آھي، اھا انسانِي زندگيءَ جي ڪھڙي بيھودگي آھي.
    ميران بئگ سان ايندي ڏٺو ته ڊڪندي آئي. ھٿ ملايائين.
    چيائين: موھن، يو آر ھيرو.
    سو مان ڪڏھن پرنس، ڪڏھن ھيرو، من ۾ چيم: بچي ويندينءَ ڪيڏانھن. زندگي ته توکي مون سان گڏ گذارڻي آھي. دادا به گھر ھو. پيرين پيومانس ته پٺيءَ تي ڌڪ ھڻندي چيائين: ڇُٽ!
    ليکڪن جي ميٽنگ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي گھر ٿي، جتي ٻار اڃا به نعرا ھڻي رھيا ھئا:
    لاٺي کائين گي-ڦر ڀي گوئا جائين گي.
    گلي گلي مين شور ھئي- سالازار چور ھئي.
    گوبند مالھيءَ تقرير ڪندي چيو ”موھن ڪلپنا سنڌين جو عيوضي ليکڪ آھي، ھن سنڌي قوم جو ڪنڌ مٿي ڪيو آھي. موھن ڪلپنا قوم پرست آھي. موھن ڪلپنا انقلابي آھي.
    وقت جي تقاضا آھي: موھن ڪلپنا سوشلسٽ ٿئي.
    رپورٽاج مون لکي ۽ مھيني اندر ڇپجي ويئي. سنڌ ۾ ھڪ ڪاپي پھتي ته پئي ڪراچيءَ، حيدرآباد ۽ سکر جا چڪر لڳائي. ڪنھن اديب ”مھراڻ“ ۾ لکيو :موھن ڪلپنا اھو ڪتاب لکي سنڌ جي ٻچي ٻچي تي احسان ڪيو آھي. ان ڏينھن کان سنڌ جي اديبن، پروفيسرن ۽ شاگردن مون کي پيار ڏنو. ”جلاوطني“ تي بندش وقت ھڪ اديب لکيو: اسين مسلمان بت پرستيءَ جي خلاف آھيون، پر اسان جيڪڏھن ڪو بت ٺاھيو ته اھو موھن ڪلپنا جو ھوندو.
    نه پنھنجي ساراھ نٿو ڪريان. مان رڳو ٻڌائڻ ٿو چاھيان ته ماڻھو قوم لاءِ ڪم ڪندو آھي، قوم ھن جو قدر ڪندي آھي ۽ اھو نه ڏسندي آھي ته ھن جو بئنڪ بئلنس ڪيترو آھي، پگھار گھڻو اٿس، اٿس به يا نه، انڪم ٽيڪس ڀريندو آھي يا نه، پر مون کي لڳي ٿو ته مان ندين جا رخ ڦيري ڇڏيندس. ذات پات جنس طبقي ۽ فرقن جا فرق مٽائيندس. مان ھن پوري يگ کي بدلائي ڇڏيندس. مون کي اھا خبر ھئي ته ادب انسان جي لطيف ۽ مقدس جذبن جي حفاظت ٿو ڪري، پر پوءِ آزمودي مان ڏٺم ته ادب محض سجاڳي پيدا ٿو ڪري سگھي ۽ اھو تاريخ جي ڏاڍين خلاف فقط ھڪ ٿڪل بي زور احتجاج آھي.
    ائين سنڌين جي ھڪ ئي مزدور نيتا ڪميونسٽ پارٽيءَ طرفان امبرناٿ ۾ شاھي ميڙ رکيو، جتي مون ڏھن ھزار مزدورن اڳيان تقرير ڪئي ته ظلم خلاف لڙڻ گھرجي ۽ پنھنجي خانگي ملڪيت جو ڪجھ حصو قوم جي بھبوديءَ لاءِ خرچ ڪرڻ گھرجي. ھتي به جشن ڪيائون، پر حالات اھي ھا جو مان وري بيروزگار. اھي ئي اداس راتيون، اھي ئي مايوس تنھايون، گھر ۽ قرضين جا چڪر لڳڻ ته بند ٿي ويا، پر اتي اڃا بجلي، پاڻي ۽ فرنيچر نه ھو. ھند سنڌ مان خط ايندا ھئا ته جواب ڏيڻ لاءِ پئسا نه ھوندا ھئا. جيتوڻيڪ پاڪستان لاءِ لفافي تي رڳو پندرھن پيسن جون ٽڪليون لڳنديون ھيون. چانھ سان گڏ سگريٽ پيئڻ عياشي ھئي. بس ڪاپي ۽ پين لکڻ لاءِ ڪٿان مفت ۾ ڪتاب اچي ته دريءَ ۾ وڪڻي پنا وٺي اچان. ائين ھڪ دفعي ”پيار جي پڇاڙي“ جو دستخط به ڀل وچان وڪڻي آيو ھوس، جو ڪتاب وري لکڻو پيو ھوم.
    ھڪ دفعي ادبي ڪلاس ۾ ھڪ برک اديب کلندي چيو: يورپ ۾ ماڻھو ھڪ ڏينھن ۾ چار ڊريسون پائين. ھتي موھن کي ڏسو: کيس چوويھ ڪلاڪ ساڳي ڊريس. ھو مون کان به غريب ۽ ڀاڻھس درزي ھو، سو پاڻ ڪپڙا سٺا پائيندو ھو، پر بھتر ادب ته ھو خلقي نه سگھيو ۽ منھنجن ڪپڙن تي طنز ڪيائين. مان اتي حاضر نه ھئس، نه ته ايڏي ھمٿ نه ٿئيس ھا.
    پر چيو ھن سچ.
    ڇوڪريون منھنجون چھرو ڏسي عاشق ٿينديون ھيون، پر ڪپڙا ڏسندي سندن عاشقي سرڳواس ٿي ويندي ھئي. ھڪ دفعي سڳن آھوجا چيو ”ڪميونسٽ اسين آھيون پر سچو باغي تون آھين. ھن سماج تنھنجو قدر نه ڪيو آھي ته تون به لنڊيون پينٽون پائي ان کي چئينس؛ آئي ڊونٽ ڪيئر فار يو.
    )مون کي اوھان جي پرواھ نه آھي“. (
    مون چيو ”نه سڳن، اھا بغاوت نه آھي جو چونڊ نه آھي. سٺيون پينٽون ھجن ۽ نه پايان ته تون صحيح آھين“
    ”ڪارل مارڪس پئرس ۾ گڏھ تي چڙھي بورجوا سماج کي ڇيڙيندو ھو“.
    ”مارڪس کي ڪار ھجي ھا سندس پروٽيسٽ کي ڪا معنيٰ ھجي ھا“.
    ”تون مارڪس کي به نه ڇڏيندين“!
    ”نه سڳن “. مون چيو ”مارڪس ھڪ سج آھي ۽ مان رستي تي ڦٽو ڪيل ٻرندڙ سگريٽ آھيان. پر اھي ڳالھيون آھن ملعما. پنھنجي اڇا سان ڪو راج، پنھنجو سڀ ڪجھ ڇڏي. ھرشچندر ڏس. رام چندر. گوتم ٻڌ. گانڌي. نھرو. سباش “.
    ”مارڪس چاھي ھا ته پروفيسر ٿي سگھي ھا، پر ھن اڀياس ڪرڻ ۽ سکڻ پسند ڪيو، اھو گھٽ تياڳ آھي؟ لنڊن ميوزم جي چوڪيدار کي خرچي ڏيئي پاڻ کي ڪلف سان بند ڪرائي اندر لڪي اڀياس ڪندو ھو. ھن تي ڪنھن ڪنھن ڪيس نه ڪيا. ڪاساين. مودين، کير وارن. ھن يورپ ۽ آمريڪا ۾ ٿرٿلو پيدا ڪيو. سندس زال کي پڪڙي وئشيائن سان بند ڪيائون. پاڻ لکڻ ۾ مشغول. ڪنھن چيس :کيس ڇڏائي.
    مارڪس چيو: مان پوري دنيا جو ٿو، سوچيان. ھوءَ ته بس ھڪ عورت آھي. “
    مون سڳن جي چمڪندڙ اکين ڏانھن نھاريو ۽ ڪو بحث نه ڪيو. ھڪ قسم جي خوشي ٿيم ته سڳن منھنجي غريبيءَ جو نه فقط مذاق نه اڏايو، پر مھاپرش جي غريبيءَ جو مثال ڏيئي سمجھايائين ته جڏھن ھنن کي ٻه ويلا ماني نصيب نه ٿي ته اسين انھن اڳيان ليکي ۾ به نه آھيون -پر پنھنجو رستو ساڳيو آھي، چاھي اسين خسيس ۽ جيتامڙا آھيون. اھو رستو آدرشواد جو آھي. پر مان آدرشواد جي ڀيٽ ۾ انڀو ڏانھن وڌيڪ وفادار رھيو آھيان.
    ھاڻ عالم بيروزگاريءَ جو ھو ۽ لکڻ ۽ ادبي ڪلاس جون سرگرميون زورن تي ھيون. اديبن جي وچ ۾ مون کي غريبي جو ڪڏھن احساس نه ٿيو. اديبن ۾ تڏھن ڪو به پروفيسر نه ھو، سواءِ عزيز ۽ رام پنجواڻيءَ جي. ٻيا سڀ ماستر ڪلارڪ، ننڍا وڏا ڪامورا ۽ وڪيل ھئا. انھن سان پوري زندگي گذري آھي ۽ اطمينان سان گھڻن تي لکيو اٿم. ھڪ دفعي سڳن آھوجا مون سان ايم-ڪمل به پرسرام ضيا جي گھر ھليو. ضيا گھڻو پوءِ گذاري ويو ۽ مرڻ کان اٽڪل ھڪ ھفتو اڳ ھن مون کي چيو ته منھنجي زندگي ھاڻ ڪڏھن به ختم ٿيندي، ان ڪري چاھيان ٿو، توکي پنھنجي جيون ڪٿا ٻڌايان جا تون ئي لکندين. ھو ان بعد فقط ستن ڏينھنَ ۾ گذاري ويو. مون سندس مختصر زندگي ”سھڻي“ رسالي ۾ لکي. ضيا اڪثر شام جو شراب پيئندو ھو، جا عادت پوءِ سڳن آھوجا ۾ به پيئي. اتي ڪمل ھڪ شعر پڙھيو. شايد ھيءُ؛
    تون مون سان گڏ ھئين پر
    نه ٿم خبر ڪڏھن ڪٿي.
    ضيا نشي ۾ چيائين واھ واھ ڪمل خوش. وري چيائين: ٺيڪ آھي. ڪمل حيران. وري ضيا چيس: ڇا لکيو اٿئي؟ ڪمل جي منھن جو پنو نه، سندس سڄو چنو لھي ويو. ڪمل پوءِ ڏاڍي محنت ڪئي ۽ اڄڪلھ وڏن شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.
    ھڪ دفعي ڪمل مون کان پڇيو ”ادب ۾ نواڻ ڇا ھي؟“
    چيو مانس ”اھو دک، جو ڪنھن يورپيئن ظاھر ڪيو ھجي. “
    ھڪ دفعي غصي ۾ ڪيرت چيو ”ھڪ ڏينھن ايندو، جڏھن ھر ايماندار شخص کي ڪميونسٽ ٿيڻو پوندو“.
    ھڪ دفعي مالھيءَ سڳن آھوجا اڳيان چيو ”تون اھا غلطي نه ڪج جا اسان ڪئي آھي“.
    ”ته مان ڪميونسٽ ٿيان“، مون کليو.
    ”نه“ سڳن چيو ”تون شادي نه ڪج. شادي ادب جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ آھي“.
    ”برابر“ سڳن چيو ”ڪنوارو ماڻھو پنھنجو ڌيان ادب کي ڏيئي سگھندو آھي“.
    ”جيئن عزيز ۽ تيرٿ بسنت ڏنو آھي“.
    ”ھا “، مالھيءَ چيو.
    ”گھر جون تقاضائون، زال جون تقاضائون، ٻارن جي پرورش، وري نوڪري“. سڳن چيو”اسان جي اھا غلطي اسانکي وڏو ليکڪ بنجڻ نٿي ڏي“.
    ”۽ نوڪري به نه ڪرڻ گھرجي“؟ مون چيو.
    ”ھا“. سڳن چيو ”جيڪڏھن اھو ممڪن ھجي“.
    ”ڪامياب ليکڪ ڪامياب پتي نٿو ٿي سگھي“.
    مالھيءَ چيو،
    ”شاھ لطيف، ٽالسٽاءِ ۽ برنارڊشا ناڪامياب مڙس ھئا“.
    سڳن آھوجا چيو.
    مان پيو کلان. منھنجي لاءِ وڏو سوال اھو ھو ته مان شادي ڪري سگھندس به يا نه. گھر الائي ڪڏھن ٺھي. ڪا نوڪري به ملندي يا نه. ڪجھ ملڻ بعد ته ان ڏانھن ڌيان گھٽ ئي ويندو آھي ۽ ادب ته منھنجي رڳن ۾ ڊوڙندو آھي.
    ائين سڳن آھوجا سومر سومر ڏينھن گڏجندو ۽ الڳ ٿيڻ وقت ھڪ پائلي ڏيندو ھو. وقت گذريو ته مالھي کيسي ۾ ھٿ وجھي سڄي چينج ڏيندو ھو. ادب ۾ اسين وڙھندا ھئاسين پر دوستيءَ ۾ ڄڻ ڀائر ھئاسين. مالھي ڪيانيءَ ريسٽارنٽ ۾ ويھندو ھو، جتي صلاح مصلحت لاءِ ڪافي اديب، خود ڪيرت ۽ اتم به ھن وٽ ويندا ھئا ۽ ڪڏھن مالھي منجھندو ھو ته ويسٽ اينڊ جي ريسٽ ھائوس گل بھادر ۾ سڳن وٽ ويندو. سڳن گرئجوئيٽ ھو ۽ اھو به انگريزيءَ ادب ۾، اديب کيس ”واڪنگ ڊڪشنري“ چوندا ھا. نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز جو گھرو دوست. ان دور ۾ بحث اڪثر ادبي ۽ نظرياتي ھئا. ايڪڙ ٻيڪڙ اديب پتلونن ۽ فونن، فرجن ۽ ٽي -وي تي ڳالھائيندا ھئا. مالھي پوءِ اپٽا ۾ ويو. رتو گھتڪ سان دوستي ٿيس. ڀڳونتي ناواڻي کي سنڌي ھلچل ۾ ڇڪي آندائين. اُتم مخالفن سان ڪڏھن به نه مشڪي. ھنن کي پاڻ کان پري رکندو. ڪيرت وڌيڪ ڊپلومئٽ. ڪڏھن به ڪنھن کي لکا پوڻ نه ڏيندو ته ھو اڳلي لاءِ ڪھڙو رايو ٿو رکي، پر پيش نھايت فضيلت سان ايندو. مالھيءَ سان ڳالھائڻ مھل ڪنھن خسيس ماڻھوءَ کي به پنھنجي ھستيءَ جو وڏو احساس ٿيندو. آنچل سٺو شاعر ته ھو، پر لڳندو به شاعر ھو. جڏھن ڪو ماڻھو نه وڻندس ته ھن ڏانھن اک نه کڻندو. سڳن کي سڀ ماڻھو وڻندا ھئا. لڳندو ڄڻ پنج سؤ سالن جو دوست آھي. ڪرشن راھي به دردمند شاعر. جيڪڏھن وڪيل ٿئي ھا ته سپريم ڪورٽ ۾ نالو ڪڍي ھا. دليل بازيءَ ۾ نھايت قابل. ماڻھو ويٺو ھوندو ته ثابت ڪري سگھندو ته ھو ان شھر ۾ ئي ڪونھي. ھر ڇنڇر ھڪ کان چار تائين ڪياني ريسٽارنٽ. پوءِ ادبي ڪلاس. مون کي لوناولا ۾ نوڪري ملي ته اتان به ڇنڇر ڏينھن ادبي ڪلاس ۾ ايندو ھوس. چانھ جا آرڊر گڏيل ھوندا ھئا، پر بل الڳ الڳ ڏيندا ھئاسين: يعني آنو يا ٻياني. ھڪ چانھ. ڪڙي ۽ مٺي، گھاٽي ۽ گرم ۽ جلدي. ھڪ پان ڏي. ڪلڪتو. مٺو. سادو، ڪچي سوپاري، خوشبو ڪمام جو ھلڪو اشارو.
    ” آنچل، ھي پاڻ پٽ تي ڪرندو ته آواز نه ڪندو، پر شيشي وانگر ٽٽي ڇينھون ڇينھون ٿي ويندو“.
    ” اِھو تنھنجن لفّظن جو جادو آھي-تڏھن ئي ڇوڪريون توتي چريون ٿيون ٿين. “
    ” پر منھنجي قسمت تڏھن ٺھندي جڏھن مون تي چريون نه ٿينديون، مون لاءِ سنئيون ٿينديون“.
    ھڪ دفعي ميران ۽ ساون جي ڀيڻ رتنا چيو ”تون فقط پنجن منٽن لاءِ سٺو آھين. تنھنجين ڳالھين ۾ سڀ ڪجھ وسريو وڃي“.
    ”دنيا جون سڀ وڏيون ڳالھيون، فيصلا منٽن ۾ ٿيندا آھن“.
    ” پر موھن، ڏينھن ۾ چوويھ ڪلاڪ ٿين. ڪلاڪ ۾ سٺ منٽ. ان مان ڪو پنج منٽ ئي“...
    ” ھونءَ اھي پنج منٽ ئي اھم آھن. ماڻھو پنھنجي شخصيت جو ڪجھ حصو ڏيکاري، باقي لڪائي ڇڏين. مان ته پنھنجي پوري سچائي سان ننگو آھيان“. ھوءَ چپ رھي.
    ”شايد ان ڪري تون صحيح آھين“.
    بيروزگاري ۽ عشق جي ناڪامي ڄڻ جاڙيون ڀينر آھن. ٻيئي ٻنھي پاسن سمھن. منھنجي ڳالھ تي کلن، مشڪن ۽ مان نقاشيءَ ۾ پورو. ڪڏھن ٿو شاديءَ ڪرين؟ ڪو پڇندو. بس ھن سال خيال اٿم. ڊسمبر ۾ ڪندس. ڊسمبر گذرندو ته وري پڇندا -شادي نه ڪئي؟ شادي ! اھا رد ٿي ويئي. وري ڪڏھن ڪندين؟ ڊسمبر ۾ خيال آھي. ڀائي مون وٽ شاديءَ جي اميد ھوندي آھي، خاطري ته فقط رد ٿيڻ جي ھوندي آھي.
    1956ع ۾ ٽي مھينا جي -جي ھاسپيٽل ۾ نوڪري مليم. جنوري 1957ع ۾ ريلوي ۾ مليم جا 58 ۾ ڇڏيم. 59 ۾ لا لا آرڪيٽيڪٽس ۽ انجنيئرس ۾ مليم. 65 ۾ رام دادلاڻي وٽ ڪيم. 67 ۾ بيمار ٿيس ۽ آر -ڪي تلريجا ڪاليج ۾ ڪيم. 69 ۾ ھڪ انگريزي اخبار جو ايڊيٽر ٿيس ۽ 70 ۾ ان جو مالڪ، جا 75 تائين ھلايم ۽ ڪنسٽرڪشن لائين ۾ آيس. 78 تائين پنھنجي ڪمپنيءَ جو مالڪ ٿيس. ان سال فلم ڊسٽربيوشن ڪمپني کوليم ۽ ان ۾ اڳ ۾ ڪمايل پئسا وڃايم. سوينير ڪمپنيءَ ۾ پبلڪ رليشن آفيسر ٿيس. اتي نومبر 1979ع کان آڪٽومبر 1980ع تائين ڪم ڪيم. وري پنھنجي ڪمپني کولي اٿم ۽ ان وچ ۾ ٻه آفيسون بدلايون اٿم.
    نوڪري بدلائڻ جا مکيہ طور ٽي سبب ھئا:
    ڪو مون سان سٺو نه ھلي.
    ساڳيو ماحول ڏسي مصنوعيت جو احساس.
    بھتر آمدنيءَ جي خواھش.


    10

    ڪڏھن علي بابا يا ماڻڪ جون ڪھاڻيون پڙھندو آھيان ته لڳندو آھي ته ھي به پنھنجا ذات ڀائي آھن. ھڪ دفعي مشتاق احمد شورو انٽرويو ۾ پاس ويو پر کيس نوڪري ان ڪري نه ملي جو عمر ٻه سال ننڍي ھئس. مون جتي به نوڪري ٿي ڪئي، اتي جي ماحول تي گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ڪھاڻي ته ضرور لکيم ٿي. اھا ڳالھ به وشنو ڀاٽيا ڪئي ته تون پڪاسو وانگر ڪٿي به پاڻ کي دھرائيندو نه آھين.
    ھڪ دفعي پرچي وديارٿيءَ جي دفتر مان واپس ورندي ھيري شيوڪاڻيءَ نھايت پنھنجائپ مان چيو ”تون ايتريون نوڪريون مٽائي ڪيئن ٿو سگھين، ڪيئن ٿو پاڻ کي جدا جدا ماڻھن ۽ جڳھين سان ائڊجسٽ ڪرين“؟
    ”شايد مان ڏاڍو تخليقي آھيان.“
    ھن ڄڻ چوڻ چاھيو: ان حساب سان زال به مٽائڻ گھرجي. چوڻ چاھيان ٿو: اتي پريم آھي جا خود ۾ تخليق آھي. نه ته، ڪنھن ھڪ جڳھ جي مصنوعيت باقي ماحول جي تخليق کي وسعت بخشي ٿي. ھن شايد چاھيو ٿي ته ھڪ ھنڌ اسٿائي ٿيان ۽ زندگيءَ ۾ ٿوري ساھي پٽيان پر مون زندگيءَ کي يڪساھي جيئڻ، ڀوڳڻ ۽ ماڻڻ چاھيو آھي. اھا ئي ٽيبل ڪرسي پنا، پين، لکڻ شايد ميٺا رام ھاسٽل ۾ ڪجھ عظيم ۽ گھرو ڏٺو مون. شايد لکڻ منھنجي فطرت ۾ آھي. يا شايد مان شروعات کان غلط ھئس. گھر جا ڀاتي بک ۾ پاھ ٿيندا ھئا ۽ مان لکڻ ۾ مشغول. ”ڪوڙو آھي منھنجو جيون“ ۽ ھڪ دفعي مون قلم کنيو:
    مون ڪڏھن سوچيو ھئو مان نه لکندس ڪا ڪھاڻي
    درد ان جو سھڻ کان پري آھي
    _ _ _

    دادا تي وڏو بار ھو. گھر جا ڪل اٺ ڀاتي پاڻ.
    پوءِ اسٽئنڊ ھوٽل جو مئنيجر ٿيو ۽ گلو به انگريزي فرم ۾ لڳو. منھنجا دونھان ۽ سوچ ۽ ادبي محفلون. پر دادا زندگيءَ ۾ ڪڏھن چماٽ نه ھنئي. مان ڊگھو. قداور. بھادر. انقلابي ۽ ليکڪ. يا شايد کيس خبر ھئي ته آزاديءَ جي ڪک ۾ بيروزگاريءَ جو بار آھي، گرئجوئيٽ پيا ٽيڪسيون ھلائين ۽ فلاسافيءَ جا ڊاڪٽر بوٽ پالشون ڪن.
    وري جيڪڏھن جيون واپس ملي ته ڇا ڪريان؟ سوال نٿو اٿي. پر منھنجي ڪنھن به ڪم جي اڳيان پٺيان پڇٿاءُ نه آھي. لالائن جي نوڪري ڇڏڻ بعد غلطي محسوس ڪيم. ايئرڪنڊيشن آفيس. مئنيجري. ٻه فون. تڏھن بمبئي ۾ مشڪل سان ڪا آفيس ايئرڪنڊيشن ھئي. طارق اشرف جڏھن ان آفيس ۾ آيو ته حيران ٿي ويو. سادگي حيرت جي ماءُ آھي. سنڌ ۾ چڱي مشھوري ڏنائين ته موھن وڏو آفيسر آھي.
    گاگنداس چيو ته موھن ھڪ قرب ڪر. ميران کي منھنجي بھادريءَ جون ڪھاڻيون تون ٻڌاءِ ۽ ان ريت ھن مون کي پنھنجي سريت وٽ موڪليو. پوءِ اھو روز جو نيم ٿي ويو. صبح جو نوين کان ھڪ لڳي تائين اتي. ٻه چار ڪوپ چانھ جا. ھن جو مُنھن ڳاڙھسرو ۽ اکيون بنھ ڪاريون ھيون. مينا شوريءَ وانگر وڏيون. سندس چھري تي ھڪ وقت حسرت مسرت ۽ حيرت ۽ ترشنائن جا اظھار.
    ” اسين سڀا طرفان شرت چندر جو ڏينھن ٿا ملھايون -تون ھلندينءَ“؟
    ”گاگن کان پڇ“.
    ” تون پاڻ فيصلو ڪري نٿي سگھين“.
    ” نٿي ڪري سگھان“.
    ” اِھا غلام منورتي آھي. تون ھلج، مون سان“.
    ٻئي ڏينھن ھن جو مُنھن پيلو. گاگنداس منھنجو ڪردار جاچڻ لاءِ پاسي واري ڪوٺيءَ ۾ ھو، پر مون کي ان جي خبر نه ھئي. ميران چيو: گاگن دھليءَ ويو آھي. ڀلا، تنھنجو فيصلو؟ شام جو اچج.
    ھن مون کي ڪڏھن به شام جو نه گھرايو ھو، سو ڏاڍو خوش ٿيس. ھاڻ ٿورو آزاد ٿي ڳالھائيندي. وڃان ته ڏسان گھر ۾ اوندھ. سڏ ڪيم. ٻاھر آئي. اندر وٺي ھلي. در ڀرسان ڪرسيءَ تي ويھاريائين، جتي ٻاھران روشني ٿي آئي. تڏھن اتي پراڻي پوسٽ آفيس ھئي ۽ ادبي ڪلاس ان ڀرسان ناري شالا ۾ لڳندو ھو. ھوءَ ھڪ ٽيبل ۽ ڪرسيءَ پاڻ کڻي آئي.
    ٽيبل تي چانھ رکيائين ۽ ڪرسيءَ تي پاڻ ويٺي.
    ” تون مون کي پيار ٿو ڪرين“؟ ھن پڇيو.
    ” شايد ٿي ويو آھي“. مون چيو.
    ” مون سان شادي ڪندين“؟
    ” مون کي خوشي ٿيندي“.
    ” پر تون ته بيروزگار آھين“!
    ” ڪڏھن ته نوڪري ملندي“.
    ” پر اِھا توکي ملندي ڪيئن؟ جڏھن کان گوئا مان موٽيو آھين. روز ته مون وٽ ايندو آھين. ٽي چار مھينا ٿي ويا آھن. “
    ” چئين ته نه اچان. ٺيڪ آھي. سڀاڻ کان نه ايندس“.
    ” مان ائين نٿي چوان“.
    ” زندگيءَ ۾ رس ڪجھ گھٽ ئي آھي. اِھا زمين مان کوٽي ڪڍندو آھيان“.
    ھن مشڪيو.”مان ھلنديس توسان -تنھنجي پروگرام تي. ۽ مون کي شرت چندر جا ڪي ڪتاب کپن“.
    مان منجھي پيس. ڪتابن لاءِ پئسا ۽ مون وٽ ڪٿي. چيم:
    سڀاڻ کڻي ايندس.
    ٻاھر نڪتس ته ڏٺم گاگنداس بيٺو ھو ۽ وٺي ھلي ھڪ حجام جي پاسي بينچ تي ويھاريائين.
    ” تو گوئا ۾ ته منھنجي بھادري ڏٺي“؟ ھن ڏند شيڪيندي چيو.
    ”ھا“.
    ”ڪير ميران ۾ اک رکندو ته مان ان جو خون ڪندس“.
    ”ڀلي ڪريو اوھين ته دھليءَ ويا“!
    ”تنھنجي شرافت کي آزمائڻ ٿي چاھيم“.
    ”توھان ٻه زالون رکيون آھن، اِھا اوھان جي شرافت آھي“؟
    ”اِھو منھنجو ذاتي معاملو آھي“.
    ”موھن، اسان ٻنھي جان جو جوکو کڻي گڏ ڪم ڪيو آھي. تون ميران وٽ وڃڻ ڇڏي ڏي“.
    ”اوھان ئي ته اتي موڪليو “.
    ”پنھنجي ساراھ ڪرائڻ لاءِ“.
    ” مان ڪو درٻاري ڀٽ آھيان“.
    ”مون وٽ وڏو ڇرو اٿئي. جي سڀاڻ تون اتي ويندين ته لاچار مون کي تنھنجو خون ڪرڻو پوندو“.
    مان اٿي بيٺس، چيم ”تون منھنجو دوست آھين، ان ڪري توکي ايترو ڳالھائڻ ڏنو اٿم. پر سڀاڻي جڏھن خنجر کڻي اچين ته سنڀالي ھلائج، ڇاڪاڻ جو مان جنھن کي ھٿ کان جھلي ڇڪ ڏيندو آھيان، ته اُھو اوڪڙو ٿيندو ويھ فوٽ وڃي پريان ڪرندو، ان بعد ٻه چار فوٽ زمين تي گھلجندو ويندو“.
    ھن کي اِھو جوش ته مون سندس ٻي زال سان پيار ٿي ڪيو. مٿان ائين ته مون کيس ھٿ به نه لڳايو. وري سندس ڳالھ نه مڃيم ۽ کيس تون ڪري مخاطب ٿيس. ھو ڏند ڪرٽيندو رھجي ويو. زالن جي معاملي ۾ الائي ڪيئن ھو، پر ماڻھو سٺو ھو. ٻئي ڏينھن ڀارتيءَ کان ڪتاب اڌارا وٺي، اتي ڏسان ته گھر کي ڪلف لڳو پيو آھي. خبر پيئي ته ھنن بمبئيءَ ۾ جڳھ ورتي آھي. ھو ھميشه لاءِ الھاس نگر ڇڏي ويا آھن.
    ميران ويھن سالن ۾ ھڪ دفعو گڏي. مان ۽ گنو ڪي-سي-ڪاليج ۾ ڪنھن جشن تي ٿي وياسين ته ايروز ريسٽارنٽ ۾ ملي. گاگنداس گڏ ھو. جنھن چيس ته مون کي تڪڙو ڪم آھي، اتي موھن سان اچج.
    پڇيائين ”ڪيئن آھيو“؟
    مون آسمان ڏانھن اکيون ڪيون ”خدا جي مھر آھي“.
    ”ڏاڍا اداس پيا لڳو“.
    ”ائين ئي. من چنچل آھي. ڪڏھن اھو پٺيان ڍڪي“.
    مون کيس ڪي-سي ڪاليج ۾ ڇڏيو. گاگنداس جو نمونو تمام سٺو. اٽڪل پنج ڇھ سال ٿيا جو ٽائيمس ۾ خبر ڇپي ته ميران ۽ ھندستان جي ڪنھن وڏي شراب ڪمپنيءَ جي ھڪ جوان نالي ڪپائي گڏجي آپگھات ڪيو. سندن لاش ڪار ۾ ڏٺا ويا. ان بعد اھو ڪيس سي-آءِ -ڊي وارن کنيو ته متان مرڊر ڪيس ھجي. خبر نه آھي ان جو ڇا ٿيو. اخبارن ۾ گاگنداس خونيءَ جي خبر لھڻ شايد پنجاھ ھزار رپيا ڏيڻ جي پڌرائي ڪئي. الائي ان جو ڇا ٿيو. اتي ھنن دستوري شادي به ڪئي ۽ کين ڌيءَ ڄائي ھئي.
    جي-جي اسپتال جي نوڪري ٽي مھينا ھئي. ڪنھن ٽٿ برش ڪمپنيءَ اٽڪل ٽي سئو انساني کوپريون ميسر ڪري ڏنيون ته ان جي ڏندن جي ماپ وٺي ٻڌايو ته ھي سراسري طور ڪيڏا ٿين ٿا. جيئن اسين برابر ماپ جا ٽٿ برش ٺاھيون. مون ڪنھن جو اسسٽنٽ ٿي ڪم ڪيو. پگھار تمام وڏو ڏيڍ سئو رپيا. ٻه چار سٺيون ڊريسون ٺھرايم. پر اھا نوڪري ڪندي ات جو اکين ۾ کوپرين جو ڦرڻ شروع. ڪنھن جي منھن ۾ ڏسان ته يڪدم اتان اکيون ۽ ماس ھٽيو وڃن ۽ کوپري ڏسڻ ۾ اچي. مٿو، ڳلن جا ڪنڊا، ڏند ۽ کاڏيءَ جو ھڏو. تڏھن سونھن فاني لڳم ۽ مساڻي گيان جا خيال اچڻ لڳا. مون ”پيار ۽ سونھن“ ڪھاڻي لکي جا به ”مھراڻ “سنڌ ۾ ڇپي ۽ ھتي اڃا نه ڇپي آھي.
    نوڪري ختم ٿي ويئي. مان وري بيروزگار. ڪپڙا اڇا. کيسا خالي. ان سان دھليءَ ۾ پھرين ايشين رائيٽرس ڪانفرنس ٿي. مون کي به دعوت آئي. ريلوي جي ھڪ پاسي رعايت.
    پر ڀاڙو ڪٿان اچي. ادبي ڪلاس ۾ لوڪناٿ جيٽلي چيو ته موھن اتي ضرور وڃڻ گھرجي. ھن مون کي پندرھن رپيا ڏنا جي پڇاڙيءَ تائين واپس ڪري نه سگھيس. ھو اٽڪل ڏھ سال ٿيا ته مري ويو. ٿورا گھر مان ورتم.
    اتي سنڌيءَ ٻوليءَ جي تسليميءَ لاءِ دنيا جي وڏن ليکڪن کان رايا ورتم. ھڪ روسي شاعره ڪافي گَھري ٿي. ان سان ھڪ فوٽو ڪڍايم ته ڏسان پاسي ۾ سندري اچي بيٺي آھي. وري ڪلا پرڪاش، پوءِ اُتم، موتي، ملڪاڻي ۽ ضيا سڀ بيھندا ويا. اھو فوٽو پوءِ ”نئين دنيا “۾ ڇپيو. فوٽو روسيءَ ايمبسيءَ ۾ نڪتل آھي. منھنجي ھٿ ۾ ووڊڪا جو گلاس آھي ۽ ھٿ شاعره جو ڪلھي تي رکيل اٿم. ان ۾ ووڊڪا. پر فوٽو ۾ اڇو گلاس ۽ ان ۾ اڇو شراب ڏسڻ ۾ نٿو اچي. البرتو موراويا سان اتي ملاقات ٿي. پنج سال پوءِ، ٽئگور شتابديءَ جي پروگرام تي گڏيو. ھتي ٽيھ رپيا ٽڪيٽ خرچي ويو ھوس ۽ سنڌين مان ٻيو فقط اسان جو سائين منگھارام ملڪاڻي آيو ھو. نھروءَ سان ملاقات و گيان ڀون ۾ ٿيڻي ھئي، پر اسين وقت تي پھچي نه سگھياسين. بمبئيءَ ۾ اسان فقط اکيون ملايون ۽ ھڪ ٻئي کي ھٿ جوڙيا. ملڪاڻي اسان جي وفد جو اڳواڻ ھو، جنھن صدر-جمھوريت راجندر بابوءَ کي آئين ۽ ساھت اڪاڊميءَ ۾ سنڌي ٻولي آڻڻ لاءِ چيو. سندس اِھا ملاقات ملڪ راج آنند معرفت مون ڪرائي. ھونءَ مان گھڻو اگييہ سان ٿي گھميس ۽ تارا شنڪر بئنرجي، جئنيندر ڪمار، امرتا پريتم، ڌرم وير ڀارتيءَ، يشپال ۽ ٻين سان گڏيس.
    مون جڏھن فيض احمد فيض کان پڇيو ”پاڪستان ۾ سنڌي ٻولي ڪڏھن تسليم ٿيندي“؟
    ھن چيو ”پاڪستان ۾ فقط انگريزي ۽ اردو ٻوليون آھن بنگالي ۽ سنڌي ته حڪومت کي خيال ۾ به نه آھن“.
    مون ان جي رپورٽ به ”مھراڻ “۾ موڪلي جا سٺي نموني ڇپي. ان تي ڪن ليکڪن سٺا رايا ظاھر ڪيا. ائين مان ڪانفرنس ۾ ڪافي ٻاھر ويو آھيان: ڪلڪتو دھليءَ، ڀوپال، جينپور، ناگپور، گانڌيڌام، پونو، مائونٽ ابو، لوناولا، الور، رائپور، لکنو وغيره ان ڪري تمام گھڻو گھميو آھيان. اديبن جي پنھنجي سلطنت آھي. اسين ادب جا شھزادا، لکاپتي پيا پاتلن ۾ ماني کارائيندا ۽ ڪيترا شخص چاھيندا ته ھڪ دفعو اسان ڏانھن نھارين.
    مون ڪشميري ليکڪن سان ضياءَ جي واقفيت ڪرائي. ”ھي از اور پيپلس پوئٽ“. ھي اسان جو عوامي شاعر آھي. اِھي ويا ته ضيا اچي ڪاوڙيو. چي: تو مون کي بازاري شاعر سڏيو آھي. پاڻ کي وارن ھينگسٽن ۽ ڪلائيو جو اولاد پيو سمجھين. اردو ۾ ڳالھائين ھا. وچ ۾ سائين ملڪاڻيءَ پڇيو ته ضيا ڳالھ آھي ڇا جو محبوب موھن تي مٽيو آھين. ڳالھ ٻڌي ملڪاڻي ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳو ”موھن ته تنھنجي وڏائي ڪئي آھي“. ضيا پوءِ ان لاءِ معافي ورتي.
    لکنو سميلن وقت ھندي ليکڪن اسان کي گھرايو. ترقي پسند اتي ان ڪري نه ھليا جو ھنن دعوت گني سامتاڻيءَ ۽ مون کي ڏني ھئي. اسان مائيڪ تان ٻين کي دعوت ڏني. گنو، لعل پشپ، موتي لعل جوتواڻي اتي ھليا (1964ع) ھنن طرفان يشپال، رام لعل، بيگم سجاد ظُھير. پھرين دور چرچن جو ھليو. مون ھنن سان ڏاڍا چرچا ڪيا. رام لعل چوي: امان ڪيا ڪھتي ھئن. مان چوان: بابا سچ ڪھتا ھون. يشپال ماسڪو مان اک جو آپريشن ڪرائي آيو، سو سوچيم ته ٻيءَ جو مان ڪندو مانس. مون رٿ ڏني ته ھنديءَ جا ليکڪ سنڌيءَ ٻوليءَ جي تسليميءَ لاءِ يڪراءِ ٺھراءُ بحال ڪن. تقرير ۾ مون چيو: اسان وٽ موھن جي دڙي جي تھذيب ۽ اعليٰ ادب آھي. اسان جي زبان به ترقيءَ يافته آھي. اسين ٿورائي واري جاتيءَ جا آھيون. اسان جي ملڪ تان ھن ملڪ جي تاريخ شروع ٿئي ٿي. ڇو ته زمين نه اٿئون ته اھو جائز حق ملندو؟ توھان کي خبر آھي ته يونيسڪو طرفان چيو ويو آھي ته دنيا ۾ شينھن ۽ گھوڙن جو نسل ختم ٿي رھيو آھي، انھن کي بچايو وڃي. ھند سرڪار پڻ انھن کي بچائڻ لاءِ ڪروڙين رپيا خرچ ڪري رھي آھي. اوھان کي شينھن جو خيال آھي. گھوڙن جو خيال آھي. باقي سنڌي مرن يا جيئَنَ، ڪنھن کي فڪر ڪونھي!
    ھندي اديب ڏاڍو کليا ۽ منھنجو نقطو سمجھ ۾ آين. موتي جوتواڻيءَ، سنڌ جي تاريخ ۽ ڪلچر تي سٺو ڳالھايو ۽ ھندي ليکڪن کي عجب ۾ وڌائين ته چاھي سنڌ پاڪستان ۾ ويئي ۽ سنڌي ھندو ھندستان آيا، اتي ڪو ھندو مسلم فساد نه ٿيو.
    ٺھراءُ جي سخت مخالفت يشپال ڪئي. چيائين ”ھيءَ ھڪ سياسيءَ ٺھراءُ آھي. اسين اھو قبول ڪري نه سگھنداسين“.
    ”پر اوھان ته سياسي تحريڪن جي رھبري ڪئي آھي ۽ ترقي پسند ادب کي سياسي مقصدن جو ھٿيو بڻايو آھي. اوھين ڇو ٿا ڏڪو“!
    ”پر اسان جي ٺھراءُ مان اوھان کي فائدو“؟
    ”سنڌيءَ ٻوليءَ جي تسليميءَ لاءِ بھتر وايو منڊل پئدا ڪندو“.
    اتي پندرھن ويھ مشھور ھندي اديب ويٺا ھئا. انھن سڀني ھا ڪئي. ٺھراءُ بحال ٿيو ۽ ان تي يشپال به صحيح ڪئي. اھو ٺھراءُ ”راڻي“ رسالي ۾ ڇپيو. ھندستان اخبارن ۽ نئين دنيا نه ڇپيو، ڇو ته ڪا ڳالھ نئين ۽ سٺي ٿئي ۽ اھي غير ترقي پسند ڪن ته کين گوار نه ٿيندو، بلڪہ ذھني تڪليف ٿيندن. مون ميڙ ۾ ترقي پسندن جي پرچاري ذھنيت تي سخت حملو ڪيو ۽ اھو به يشپال جي اڳيان، سو ڄڻ ناراض ٿي لڳو. بيھي سنبوسا ٿي کاڌم ته پٺيان اچي ڪنھن پيار مان مُڪ ھنئي. ڏسان ته بيگم سجاد ظھير آھي. چيائين ”تنھنجي گفتگو ۾ انقلاب جي خوشبوءِ آھي. توکي ڪميونسٽ ٿيڻ گھرجي. مان ايندس تنھنجي گھر. اتي رھندس. تو جھڙو جوان ۽ ڪميونسٽ نه ٿئي، اھو اسان جو قومي نقصان آھي“.
    حقيقت ۾ ھن جي ڳالھ کان وڌيڪ مون کي مُڪ وڻِي. شرٽ چندر خواھ مخواھ بنگالي عورتن کي اڀ تي چاڙھيو آھي. اھي ته اڪثر ھر جڳھ مھانَ آھن. پوري دنيا جو وٽن درد آھي-نه ته ڪٿي مان ھڪ غريب ٻوليءَ جو ھڪ غريب ليکڪ، ڪٿي غير واقف امير اردوءَ ٻوليءَ جي مسلم ليکڪا بيگم سجاد ظھير. جڏھن ڪي سال اڳ روس ۾ سجاد ظھير مري ويو ته چاھيم وڃي سندس بيگم سان گڏجان ۽ چوانس : تنھنجي غم ۾ مان به شريڪ آھيان، ڀيڻ.
    پر ڪمال ھن به اِھا ڳالھ چئي، جا گوبند مالھيءَ ڏھ سال اڳ چئي ھئي. شايد ڪميونسٽ چاھيندا آھن ته دنيا جا سڀ سٺا ماڻھو ھن طرف ھجن. اھا به ھڪ وڏي انساني دوستي آھي. پر ڪميونسٽ ٿيڻ لاءِ پنھنجن خيالن جي آزاديءَ کي ان جي پڌرنامي جي نعرن جو بک ڪرڻ مون کي يا عمر پسند نه آئي آھي. ويچارن جي آزادي وڏي نعمت آھي. پارٽيءَ ۾ مت ڀيد جي گنجائش نه رھي. ھندستان ۾ ٽي ڪميونسٽ پارٽيون آھن ۽ ٽنھي جا منھن لکنوءَ جي ٽانگي جيان ٽطرفا ۽ اڳيان تاريخ جو گھوڙو. ھن وقت ڪميونسٽ ملڪن جا به ٽي طرف آھن. : روسي ڪميونزم، چيني ڪميونزم ۽ يورو -ڪميونزم. ھونئنءَ ڪميونسٽ ماڊرن رشيءَ آھن. پوڄا لائق آھن. پر مت -ڀيدن ۾ فرشتن جا تخت ڇڏي سخت ۽ مقرر اصولن جي اٺ تي چڙھندا. ھونءَ به وڏا ماڻھو پنھنجو گھڻو وقت ھڪ ٻئي کي ھيٺ ڪرڻ ۾ خريد ڪندا آھن. پوءِ خروشچوف چوندو: ھيءَ پيٽنگ آھي؟ ھا. ماڊرن آھي؟ ھا. مون کي ته ڪا رنگين ٿي لڳي. آرٽسٽ ميڙ ۾ بيھوش. خروشچوف چئي: انگلينڊ جي پرائيم منسٽر ائنٿوني ايڊن ۽ مون ۾ ھڪ ڳالھ جي سھمتي ٿي ته اسين ”جاز“ ۽ پڪاسو جو ماڊرن آرٽ سمجھجي نٿا سگھون. ڄڻ سمجھڻ لاءِ ڪنھن ذھني تربيت جي ضرورت نه آھي. چين ۾ ھڪ ڪميسار ناٽڪ جي ريھرسل ڏسڻ ويو. نائڪا ائڪٽنگ سٺي ڪئي. پر ھي چوي: ائڪٽنگ غلط آھي. پر ڪامريڊ، ڊاريڪٽر او-ڪي ڪئي آھي! ڊائريڪٽر ڪير ٿيندو آھي؟ پارٽي سيڪريٽرين، ايڊيٽرن، ۽ ڪميسارن اھو رخ ورتو. آمريڪي سامراج جا ڪيڏا به تضاد ھجن، پر اتي ھڪ ڪالمسٽ واٽر گيٽ سوال تي ملڪ جي طاقتور صدر نڪسن کي سندس عھدي تان ھٽائي سگھي ٿو. جيئين سيمينٽ -لڳي جي سوال تي اخبار نويس ارون شوري مھاشٽرا جي مکيہ منتري اي- انتلي کي ھٽايو.
    گوبند مالھي سڀا جو جنرل سيڪريٽري ٿيو ته ھن مون کي ”سنڌي ٻولي تسليمي ڪاميٽيءَ “جو ڪنوينئر ڪيو جا جوابداري آل انڊيا ليول تي پھريون دفعو کنيم. ان ڪري لکنوءَ ۾ به ڪجھ ڪم ڪيم. ھونءَ گھوڙن ۽ شينھن وارو چرچو ٻئي ڏينھن اردو اخبار انقلاب ۾ ڇپيو ته سرڪار کي شينھن ۽ گھوڙن جو خيال آھي پر سنڌين جو فڪر ئي نه اٿن.
    شينھن جو ذڪر نڪتو آھي ته ڪرشن راھيءَ بابت ھڪ ڳالھ ٻڌايان. اسين جئپور 1962ع ۾ سميلن تي وياسين. جو چين جي حملي سبب رد ڪيو ويو. اسين احمد آباد جي راڻي باغ وياسين. مان راھي، مايا، ڀارتي جئوير ۽ ڪو مڪاني ليکڪ، اسين ببر شينھن جي سامھون بيٺاسين جو اٺ فوٽ ھيٺ وڻ ھيٺان ويٺو ھو. چوڌاري وڏيون شيخون ۽ پرڀرو سندس نقلي غفا. راھيءَ چيو: موھن، مڃيندو ماءِ جيڪڏھن تون ھن شينھن کي ھتان. اٿاري سگھندين.
    مون چيو ٺيڪ آھي. مان ٻن منٽن ۾ اٺين آني جا گانٺيا وٺي آيس ۽ نھايت سنڀال سان اھو پڙو شينھن جي منھن وٽ ڦٽو ڪيم. شينھن ان کي سنگھيو. ڪنڌ مٿي ڪيائين ۽ اٿي ھليو ويو. مايا، راھيءَ تاڙيون وڄايون:
    موھن کٽيو. موھن کٽيو.
    ڪرشن راھي: موھن، شينھن مٿي ڇو نھاريو ۽ ڇا چيائين؟
    مان: ھن اسان کي ڏٺو ۽ چيائين: يو سنڌي فولس. اوھ -سنڌي بيوقوفو!
    مان سمجھان ٿو راھيءَ ايڏو ته وڏو ٽھڪ ڏنو جو موٽ ۾ شينھن به گجگوڙ ڪري چيس ته آھيو ته اوھين به شينھن، پر رڍن جي دوستيءَ ۾ پنھنجو اتھاس وساري ويٺا آھيو. اھو انڀو ڏاڍو ملھائتو اٿم. مان سمجھان ٿو ته ڪرشن راھيءَ جا ان دؤر ۾ تجرباتي شاعري ڪئي ان سان ان احمد آباديءَ شينھن جي ڪا وابستگي ضرور آھي.
    ڏسجي ته ليکڪن وٽ آپو ٻين کان وڌيڪ ٿئي ٿو. ”سج چنڊ آھي. ڇو ته مان آھيان. آڪاش، سمنڊ، پھاڙ، ڪڪر، نديون، واديون بن، غفائون، گلن جي مرڪ، مورن جو نچڻ، سڀ مون لاءِ آھن. ڪم به سڀ مون ڪيا“... مون وٽ اھڙي ڪا به خوشفھمي نه آھي. تحريڪ اجتماعي ٿيندي آھي، جنھن ۾ ننڍا وڏا پنھنجي ڀومڪا پنھنجي قوت ۽ شفقت موجب نڀائيندا آھن.
    جڏھن ڪن ڪانگريسين، ڪن ليکڪن کي ھٿ ڪري، سنڌيءَ ٻوليءَ لاءِ ديوناگري لپيءَ جو ٺھراءُ بحال ڪيو ته ان مان سندن اھو خيال پڌرو ھو ته ھنن سنڌين کي ٻه طرفا ۽ نه ھڪ قوم ٿي سمجھيو. انگريزن جڏھن سنڌيءَ ٻوليءَ لاءِ عربي لپي قبول ڪئي ته اھو جمھوري اصول ھو، ھنن، چاھي سياسي طور اھي شخص مڪار ھئا، پر تاريخ ۾ پھريون دفعو ھنن سنڌيءَ ٻوليءَ کي صوبائي زبان بڻايو-جنھن سبب سنڌيءَ ٻوليءَ ڪافي ترقي ڪئي. اھا اسڪولن، ڪاليجن، واپار، ٽپال، ڪورٽ وغيره ۾ ھلڻ لڳي. اسٽيشن جا بورڊ به سنڌيءَ ۾. اِھو ورھاڱو سياسي ھو ۽ نه ڪلچرل. ڪيرت ٻاٻاڻي شايد ڪراچيءَ جيل ۾ بند ھو ۽ اُتم ادبي ميدان جي بالڪنيءَ ۾ اڃا بيٺو ڪو نه ھو. اڪيلو گوبند مالھي ڇا ڪري؟ ھو موھن ڪلپنا ته نه ھو. مان ڪجھ ڪچو ۽ اڻ گھڙيو آھيان. مان رڙيون ۽ واڪا ڪريان ھا. ميڙ ڦٽايان ھا. مار کائي به ان جھگڙي کي اخبارن تائين ڇڪيان ھا. اسين سنڌ مان ڇا کڻي آياسين؟ ڪلچر اھو”ان -ٽئڪٽ “رکڻو ھو. اسين ھندي ھندو ھندستان نه، سيڪيولر ھندستان آيا ھئاسين. سنڌي اڃا اکڙيل ھئا-ان وقت لپيءَ جو سوال!وزير تعليم مولانا آزاد. ھڪدم اھو ٺھراءُ بحال ڪيائين. شايد ڊپ ٿيس ته جي قبول نه ڪندس ته سندس قوم پرستيءَ مٿان داغ اچي ويندو. ان ٺھراءُ پٺيان ڪا عوامي ھلچل نه ھئي. ٻيو ته حڪومت کي ڪو حق نه ھو ته ديوناگريءَ لپيءَ جو اصول قبول ڪن، ڇو جو ھنن سنڌيءَ ٻوليءَ کي به اڃا تسليم نه ڪيو ھو.
    سنڌي وچولي طبقي جا، جي اڪثر ڪامورا شاھي ۽ راڄ ڪندڙ پارٽيءَ جا پڇ لٽڪائو ٿين. سرڪار ڪانگريس جي. ماڻھن کي حڪومت جا ليسن ۽ پرمٽون کپندا ھئا. خبر ناھي لالچند امر ڏنو مل. منگھارام ملڪاڻي ۽ آسانند مامتورا ان ھلچل ۾ ڪيئن ڦاٿا. ديوناگريءَ وارا چون: ديوناگري ديوتائن جي لپي آھي. اھا اسان ھندن جي اصلوڪي لپي آھي. عربي قران جي لپي آھي.
    دھليءَ ديوناگريءَ سيمينار خلاف اسان مظاھرا ڪيا. ھڪ ڪانگريسيءَ جوش ۾ مون کي چيو ”تنھنجي ترڪي ٽوپي ڪٿي آھي“؟ ڪنڌ ڀڃندي چيومانس ”تنھنجي لنگوٽي ڪٿي آھي“؟
    مڙس جون اکيون ڦاٽي ويون ۽ وات مان ڄڀ گم ٿي ويس.
    ايشور آنچل چوندو آھي ته جيڪڏھن ڪير مون کي ائين چوي ته مان رات جو پتلون ان ڪري پايان، ڇو جو اھا سنڌي آھي ته مان کيس ٿڦڙ ھڻي ڪڍان، بس ان ۾ سھوليت آھي. انگريزي ڪپڙا پائڻ سان بدن ۾ چستي ايندي آھي. ڇاڪاڻ جو راجا رامچند ڌوتي پائيندو ھو، فقط ان ڪري ڌوتيءَ کي قبول نٿو ڪري سگھجي. پوءِ اسان کي ٽرين ۽ ھوائي جھاز ۾ مسافري نه ڪرڻ گھرجي.
    ترقي پسندن ڇا ڪيو جو سنڌيءَ ٻوليءَ کي تسليم ڪرائڻ لاءِ ديوناگريءَ وارن سان ھڪ محاذ تي آيا. ته پھرين سنڌي ٻولي تسليم ٿئي-پوءِ لپيءَ جو سوال کڻبو.
    مون پھرين سنڌي ليکڪ سميلن (1952ع) وقت مالھيءَ کي چيو ”اوھان جو اِھو ٺاھ سنڌيءَ ٻوليءَ کي ختم ڪندو. اڄ ديوناگري پھرئين درجي ۾ آئي آھي. ڏھن سالن بعد اھا مئٽرڪ ۾ ايندي. پوءِ اِھو مسئلو پيدا ٿيندو جو اسين حل ڪري نه سگھنداسين“.
    سڳن آھوجا چپ رھيو.
    مالھيءَ چيوڀ”ھنن کي وڏي طاقت آھي. کين پئسو اخبارون آھن. اسين اندران ڪم ڪنداسين. عوام اسان سان شامل ٿيندو. مارڪس اسانکي سيکاريو آھي. ٻه قدم اڳيان. ھڪ قدم پٺتي“.
    ھر سال سميلن ۾ چونڊن تي ڇڪتاڻ ٿيندي ھئي. ٻئي ڌريون گھڻا ڊيليگيٽ ڪنديون ھيون. ڀوپال سميلن (1961ع) ۾ مار ڪٽ ٿي. ھڪ ڊيليگيٽ اجواڻيءَ جو مائيڪ کسيندي چيو: ڀارت ماتا ڪي جئہ !ڀلوڪناٿ جيٽلي ھڪ ليکڪ کي چماٽ ھڻي ڪڍي. سميلن ڦٽي ويو. گنو سامتاڻي چوندو ھو؛ سميلن احمقن جي پارليامينٽ آھي: جيئن حشو ڪيولراماڻيءَ لکيم: ھي سميلن ڪونھي، ڏاھرين جو ميلو آھي. مان گني کي زبردستي لکنو سميلن تي وٺي ويس. وچ ۾ جھانسي ۽ کاجو راھو وياسين. موٽندي لکنو کان ڪانپور ۽ ڪانپور کان آگرو بس ۾ مسافري ڪئي سين. لعل پشپ لکنو ۾ رھجي ويو ۽ اتي جيڪو پريم ڪيائين، ان تي ”ھڪ سرد ديوار“ ۽ ”اھا ديوار آسمان تائين“ ناول لکيائين. موٽندي مايا، ھري موٽواڻي، وشنو ڀاٽيا اسان سان گڏيا ھئا. لکنو ۾ زبردست چڪري لڳي. گني ٻانھن کان جھلي چيو: ڇڏي ڏين.
    پوءِ سميلن ٿيندي ٿيندي رد ٿيندا ھئا. آخر مئي 1970ع ۾ الھاس نگر ڪنوينشن ۾ منھنجي رٿ ته جيڪڏھن سميلن ديوناگريءَ وارن جي منصوبن سبب رد ٿين ٿا ته ان جي ميمبرن کي سڀا کان ٻاھر ڦٽو ڪيو وڃي، يڪراءِ بحال ٿي ويئي. ديوناگريءَ وارن جئرامداس دولترام جي رھبريءَ ھيٺ سڀا ٺاھي ۽ ٻه چار سميلن ڪوٺايائون، پر جئرامداس جي موت بعد اِھا سنسٿا ڪينسر جي مرض ۾ ورتل آھي ۽ چند موقعي پرست اديب، جي نوڪري، انعامن، ڪالمن يا اسانجا ستايل ھئڻ سبب ان سنڌيءَ - دشمنن تحريڪ ۾ ويا، تن واپسي موٽڻ شروع ڪيو آھي، يا ھو ان سوال تي گونگا ٿي ويا آھن.
    پر اِھا حقيقت آھي ته ھڪڙو ورھاڱو سنڌي ھندن ۽ مسلمانن جو ٿيو، ٻيو ورھاڱو جئرامداس ۽ سندس پڇ لٽڪائن سنڌي ھندن جو ڪري ڇڏيو. ھڪ ته ھندستان ۾ سنڌي ٽڙيل پکڙيل، ٻيو سنڌي زبان. جي يتيمي مٿان لپيءَ جو وڏو واد. ماڻھن سنڌي لکڻ ڇڏي ڏني. نه پنھنجي زمين، نه پنھنجي حڪومت ان ڪري اسان جي ٻولي ھندستان ۾ آھستي آھستي مري رھي آھي. ھڪ سنڌ وطن کان دور، ٻيو پنھنجي زبان جي مرڻ جو احساس، نه اسان کي سياسي طاقت، ڪير اسان کي کنگھي.


    11

    ايمرجنسيءَ وقت، آٿرس گلڊ سيمينار دھليءَ 1976ع وقت ڪيترا اديب وزير تعليم نورالحسن سان فوٽو ڪڍرائي رھيا ھئا. چندو لعل جئسنگھاڻي ۽ سندس شريمتي موتي پرڪاش ۽ ڪلا، لڇمڻ ڪومل ۽ ڪي ٻيا. ھو پيو ساڻن چرچا ڪري. مان گني سان اتي پھتس، ته وزير چيو ”سنڌي ليکڪن ۾ دم نه آھي“.
    کيس ڏاڙھي ھئي، سو شايد اتان ٿي ڳالھائين. مون کيس چيو ”اوھان سنڌي ادب پڙھيو آھي“؟
    ”اوھان ڪير آھيو“؟
    ”جنھن کي اوھان گار ڏني آھي“. مون جوش ۾ چيو ”وزير آھيو ان ڪري اوھان ڪا به بڪواس ڪري سگھو ٿا“.
    ايمرجنسيءَ ۾ وزيرن يا سرڪار خلاف ڳالھائڻ معنيٰ جيل. چندو لعل چيو ”ڪلپنا -پليز، ڪيپ سئلينس“.
    مون کيس انگريزيءَ ۾ چيو ”ڇو؟ ڇا ھن شاھ لطيف جو نالو ٻڌو آھي؟ سچل جو ٻڌو آھي. اياز، سڳن آھوجا ۽ نارائڻ شيام جو ٻڌو آھي؟ ھي شڊ بي بلاسٽيڊ، رائيٽ نائو ائنڊ ھيئر“.
    ڀائي مان ڏاڍو ننڍو آھيان. کيسي ۾ پنجاھ رپيا نه ھئا، پر ھو منھنجي ٻوليءَ جي اديبن جي بيعزتي ڪري، ۽ منجھين اکين ۾ نھاري سگھي، ايتري ٿوم ھن ۾ نه ھئي ۽ ھو شرمندو ٿي اتان ھليو ويو. فقط گني ڪلھي تي ھٿ رکيو ۽ ٻيا دوست ناراض ٿي ويا.
    چئو تون ڇا ٿو چاھين؟
    چئو تون ڇا ٿو چاھين؟
    چئو تون منھنجي پٺيان ايندين
    سک جي سيڄ ڇڏي-
    ھا اياز، مون سنڌ ڌرتيءَ ۽ شاھ لطيف بعد توسان ئي گھڻي محبت ڪئي آھي. ڪير ڪٽي ڇڏيندو ته ڪٽائي ڇڏبو، پر ھيءُ سر سنڌ جي شان ۾ ھميشہ اوچو رھندو.
    چندو لعل جئسنگھاڻيءَ چيو ”موھن تون اسان لاءِ مصيبتون پيدا ڪندين“.
    ” ٿورا گھٽ فوٽو ڪڍايو“. مون چيو ”مصيبتون عزت ۾ تبديل ٿي وينديون“.
    ان ئي سيمينار لاءِ مون لعل پشپ کي چيو ته ان ميڙ جو مھورت اندرا گانڌي ٿي ڪري ۽ جيڪڏھن ھن اسان کي ويھ سوتري پروگرام تي لکڻ لاءِ چيو ته مان اٿي بيھندس ۽ پڇندس؛ ڇو؟ لعل اِھا ڳالھ ڪيرت سان ڪئي. دھليءَ ۾ ڪيرت چيو ”ٻڌو اٿم دھليءَ آرٿر ڪوئسلر پھچي ويو آھي“.
    ”جتي خدا ناڪام ويندو. اتي ڪوئسلر ضرور پھچندو“.
    ”گرفتار ٿي ويندين“. ڪيرت چيو.
    ”اڳ ۾ نه ٿيو آھيان ڇا“؟
    ”پر فائدو“؟
    ”ادب ڇا ڌنڌو آھي؟ اندرا گانڌي اسان جي پرڌان منتري آھي. ڀل ھوءَ ڪانفرنس جو مھورت ڪري. پر ھوءَ ادب تي ڳالھائي نٿي سگھي. ھوءَ اديبه نه آھي“.
    پوءِ ٿيو ائين ته جڏھن اندرا گانڌي آئي ته ھڪ ٽي-وي سڌو مون تي. پردي پٺيان ھٿياربند فوجي پر نه اندرا ويھ اسمي رٿا تي ڳالھايو، نه مان اٿيس. ھن البت ايترو چيو: ھن ديش ۾ وھم ۽ جھالت گھڻي آھي. اھا اوھان کي دور ڪرڻي آھي. ھن ملڪ ۾ ڪجھ سندر، رھسميہ آھي. ڪجھ سريشٽ مھانَ آھي. جو اوھان کي بچائڻو آھي. اوھان جي وچ ۾ منھنجو ڪو درجو ڪونھي. پوءِ به چاھيندس ته اوھين عالمگير امن سماجواد ۽ جمھوريت جا طرفدار ٿيو ۽ لکڻ وقت اھو ياد رکو.
    اھي ئي ڳالھيون جي مون ”جلاوطني“ ناول ۾ لکيون ھيون. ھوءَ مون کي ڏاڍي وڻي. سمجھيم ته ايتري خوبصورت عورت ڪڏھن نه ڏٺي اٿم-چاھيم ته ڪڏھن اڪيلي ملي ته ڳلي لڳايانس يا شايد پيرن تي ڪري پوانس، ڪيترو ھن کي ديش جو خيال آھي.
    اھا لوڪشاھي آھي ته کوکلي جتي فقط اظھار جي آزادي آھي. پھرين ماڻھوءَ جي معاشي سلامتي آھي. جنھن جو حق حڪومت کي تسليم ڪرڻ گھرجي. لوڪشاھي معنيٰ پسندي. پسندي معنيٰ پنھنجي قسم جي سرڪار جي چونڊ معنيٰ بدل. ھتي حڪومت ته حڪومت، ماڻھو پنھنجي چونڊ سان نوڪري به بدلائي نٿو سگھي. عزت سان اھا جلدي ملي، ان جي به خاطري نه آھي. ان ڪري جواھر لعل نھروءَ ٽيبل جي شيشي ھيٺان رابرٽ فراسٽ جي ڪوتا رکي ھئي: بن ڏاڌا گھاٽا ۽ گھرا آھن ۽ نھايت لمبو سفر آھي منھنجو. مون کي ڪي واعدا به ته پورا ڪرڻا آھن.
    ريلوي جي نوڪريءَ ۾ ھئس ته اجمير ويو ھئس 1958ع ۾. ھري، سندر، تيرٿ بسنت سان ملاقات ڪرائي. ھن جو ڪتاب پريس ۾ ھو بسنت صاحب ٽي پيتيون اڻڇپيل ڪتابن جون ڏيکاريون. سنڌيءَ ٻوليءَ جو آئيندو!وطن ويو-آئيندو ڇا جو؟ موھن، تنھنجا تلفظ غلط آھن. ڳالھائڻ جي پنھنجي موج آھي. پاڻ کي ان موج کان محروم نه رک. اتي ھريڪانت سان به دوستي ٿي، جو ڏاڍا سٺا ترائيل لکي رھيو ھو.
    خبر پيم ته گورڌن ڀارتيءَ کي ٽي-بي ٿي پيئي ھئي ۽ پاڻ اسپتال ۾ ھو. مان ھن سان گڏجڻ لاءِ اسٽيشن تي ويس ۽ ڏٺم ته ٽرين ڇٽي چڪي ھئي. اسپتال اجمير کان اٺ ڏھ ميل پري. ياد نه اٿم. بس پنڌ نڪري پيس. وچ ۾ جبل ٽڪر به آيا ۽ پاڻيءَ جا واھ به. پنھنجي فطرت : يڪي ٻوليءَ يا حسين. ٽي-بي سينيٽوريم پھتس ته چوڪيدار اندر اچڻ نه ڏئي. اسپتال کي جيل جيان اٺ ڏھ فوٽ وڏيون ديوايون ھيون. مان پرڀرو وڃي گل-موھر جي وڻ تي چڙھيس جو ديوار جي لڳو لڳ ھو ۽ اتان ھڪ گل پٽي، ھيٺ ٽپو ڏنم. خبر پيم ته گورڌن جو ھڪ ڦڦڙ ڊاڪٽرن ڪٽي ڇڏيو ھو.
    مون کيس ڳولھي ڪڍيو. مون کيس گل ڏنو. ھو تيز نظر سان مون ڏانھن نھارڻ لڳو.
    ” تنھنجو نالو“؟ ھن پڇيو.
    ”مان ھڪ ساھت پريمي آھيان. مون کي تنھنجون ڪوتائون ڏاڍيون وڻنديون آھن“.
    ”ڪھڙي گاڏيءَ ۾ آيو آھين؟ ھن وقت ته ھتي ڪا گاڏي نه ايندي آھي“.
    مان چپ.
    ھاڻ کلڻ لڳو ”مان توکي تنھنجو نالو ٻڌايان. تون آھين موھن ڪلپنا“.
    مان سخت عجب ۾ پئجي ويس. اسين ڪڏھن به پاڻ ۾ نه گڏيا ھئاسين.
    ” ضرور تون موھن ڪلپنا آھين. متوالو. جذباتي. اھو جو گوئا ۾ سٺ ميل پنڌ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ٻيو ڪو ليکڪ ايڏو پنڌ ڪري نه ايندو. ھڪ موھن ئي سخت موھي آھي“.
    ” ما، مان ئي اھو آھيان-موھي، جذباتي، متوالو، آواره، خانه بدوش“.
    ھن مون کي ھڪ سنگتڙو کارايو ۽ ھڪ ٻه ڪوتا ٻڌائي. ان ئي سال ”ھن سئنيٽوريم ۾ ھڪ رات“ زبردست ڪوتا لکي، جنھن سنڌيءَ ڪوتا کي ھل دائمي موڙ ڏيئي ڇڏيو. ان ئي سال ڪرشن راھيءَ ”سنڌ ۽ سنڌي“ ڪلاسڪ ڪوتا لکي ۽ آنچل ”ھٿ“ تي 38 لفظن جي ڪوتا لکي: ٻه سٽون : ”چند ٽڪڙا/جسم جي قيمت“ ۽ ھڪ ٻي: زندگيءَ جي قمارخاني مان آخرين داءُ ھارائي... ۽ ان ئي سال سڳن آھوجا ڪوتا لکي: زندگي تنھنجي ادائن کان ٿيو بر آھيان -غم جا پھلو ته بدل نيٺ ته به شاعر آھيان... ۽ ان ئي سال ھڪ ڪوتا مون به لکي: مان پري کان ئي سکي آھيان / ڪجھ الڳ ۽ مختلف/ ڪجھ بلند ۽ ڪجھ ڪٽيل/ پنھنجن خوابن ۽ سراپن/ جي جوڙ ڪٽ ۽ سوچ ۾ گم سم.
    ان ئي سال مون ادبي ڪلاس ۾ ھڪ ڪوتا پڙھي:
    مان ڪميونسٽ ؟
    ڪوڙ!
    تھمت لعل پيلن جي
    يا ڳالھ نئين مت
    ڳالھ ساڳي....
    سڳن آھوجا، جنھن مون کي بحر وزن سيکاريو ھو تنھن چيو؛ پھريون دفعو مون کي لڳي ٿو ته سنڌيءَ ۾ ھڪ ماڊرن پوئٽ پيدا ٿيو آھي.
    آنچل به چيو ته ڪلپنا جي نئين ڪويتا ۾ مزاج جي شوخي ۽ زندگيءَ جو زھر آھي.
    ھڪ دفعي مون ايم -ڪمل جي گھر عزيز ۽ سڳن اڳيان ھڪ شعر پڙھيو:
    تنھنجو فوٽو منھنجي کيسي ۾ پيو آ
    پرس ۾
    ڊگريءَ سان گڏ....
    ايم -ڪمل چيو ” موھن، تو وٽ زبان جي چاشني آھي“.
    ”اھا مون دٻن ۾ ڀري تاڪ تي رکي ڇڏي آھي“. ايم -ڪمل منھنجي ان نادانيءَ تي ڏاڍو کليو ۽ اڄڪلھ ھو پاڻ نئين ڪويتا ۾ اھا ”ناداني“ ڪري رھيو آھي.
    ايشيائي ليکڪ سيملن کان موٽيس ته ڪلياڻ يارڊ ۾ ڪلارڪ جي نوڪري مليم. خوش ٿيس ته ريلوي جون پاسون ملنديون ته زال ۽ ٻارن کي سڄو ھندستان گھمائيندس. ٻن ٽن مھينن بعد منھنجي بدلي لوناولا ٿي. اھا ھل اسٽيشن سمنڊ کان ساڍا ٽي ھزار فوٽ مٿي آھي. ٻه سؤ انچ کن برسات پوي ۽ چار چار ڏينھن پوري زور سان پوي ۽ بند ٿيڻ جي نه ڪري.
    جڏھن به برسات پوي ته سنڌ ياد اچي، جتي برسات وڻندي ھئي. سنڌ ۾ برسات سڌي پوي، پر ھتي ڇَٽي رڳو مٿو ئي بچائي سگھي.
    لوناولا ۾ رھجي ڪٿي، اِھو سوال اُٿيو. آخر ھڪ انگريز جوان عورت جي بنگلي ۾ ھڪ ڪوٺي ملي. مسواڙ پگھار جو ڏھون حصو. ڊيوٽي ٽڪيٽ بابو. جنھن لاءِ يوساول ۾ تربيت ورتي ھئم. اتي ھڪ ڪلارڪ صلاح ڏني : ڪمائڻ جو ھڪ طريقو آھي ته گاڏي ايندي ته ماڻھو ڀڄندا آھن. سمجھ ڪنھن رپئي جي ٽڪيٽ ورتي. ھڪ رپيو ڏيئي چئينس ٻه، ان ريت ٽي چار... نو. مسافر ھليو ويندو ته تو کيس نو رپيا ڏنا ۽ باقي رپئي جي ٽڪيٽ. يعني پھريون ۽ ڏھون انگ ڳڻڻو آھي.
    ” غريبن کي لٽڻ مان فائدو“؟
    ” جنھن کي جتي ملي ٿو، ٻئي جو گلو ڪٽي ٿو“.
    ” دنيا ۾ ڪا ايمانداري ٿيندي آھي يا نه“؟
    ” ايمانداري.... ھ ھ ھا “!
    اتي سخت ٿڌ ھئي ۽ ٿڌ ۾ زڪام ستائڻ شروع ڪيو. مان به ڊيوٽيءَ تان لھي ڇوڪرين جي تلاش ۾ نڪرندو ھوس ته ڪٿي ڪا ملي. بيھي، مشڪي، سمھي، ٻانھن کان جھلي چوندومانس ھل. بنگلو ته پنھنجو آھي. اتي پارڪ به آھي. سرجو منزل تي وٺي ھلي پر ھن رستو ڪونه ڏيکاريو ھو.
    ھڪ دفعي ڊئم ڀرسان ھڪ ڪرسچن ڇوڪري ملي.
    چيومانس”:تون سھڻي آھين“.
    ” مھرباني“.
    ” مون سان بنگلي تي ھلندين“؟
    ” ڏينھن جو، رات جو“؟
    ” پورو مھينو ھل“.
    ” گھڻا پئسا ڏيندين“؟
    ” پئسا“! مان پھرين عجب ۾. پوءِ مشڪي:”پگھار“!
    ” پنج رپيا ھڪ رات جا“.
    ” پنج رپيا !سڄو ڏينھن ويھي پنج رپيا ته ڪمائيندو آھيان“.
    ” اوھان جي مرضي “.
    ” ڀلا فقط ھڪ رات جا“؟
    ” پنج رپيا“.
    ”تون پنھنجو جسم وڪڻندي آھين ڇا“؟
    ”مجبوري“!
    مون ھن ڏانھن چتائي نھاريو. ڪڻڪ رنگي ۽ جوان، ڇاتي ائين ڄڻ اجنتا جي غفائن کان اڌاري ورتي اٿائين. وار ڪٽ، بدن تي رڳو اسڪرٽ. نظرون ائين ڄڻ پاڪيءَ سان گھڙي تيز ڪيون ھئائين. پھرين خيال آيم ته کيس وٺي وڃان پر پوءِ مون کيس پنج رپيا ڏيندي چيو ”توسان غلط ڳالھايم، ان جو ڏنڊ وٺ. مون کي پريم ڪرڻو ھو. پوءِ ان ۾ ڪجھ به ٿئي“.
    ھن انگريزيءَ ۾ چيو”، مان بکارڻ نه آھيان“. ھن پنج رپيا واپس ڪيا ۽ ھوءَ ھلي ويئي.
    سوچيم ته کيس روڪيان. جسم ڄڻ واسنا وچان جليو پئي. وري چيم: ھن ديش مان ھيءُ سڀ ڪڏھن ختم ٿيندو؟ مان جيڪڏھن راجا ٿيان ته ملڪ مان پھرين فقيرن ۽ طوائفن جو طبقو ختم ڪريان. کين اسڪول ۾ موڪلي تعليم ڏياريان ۽ کين ڪم تي لڳايان.
    مان اڪثر رات جو دير تائين لکندو ھوس. انگريز عورت کي ڪو ٻار نه ھو ۽ مڙس به شايد ريلوي حادثي ۾ مري ويو ھئس-ڪڏھن ھن ڏانھن وڌڻ تي دل ٿيندي ھئي. ڪيتري جوان آھي. ھڪ اک ۾ شيلي، ٻئي ۾ ڀائرن. بنگلو ائين ڄڻ ورڊس ورٿ جو”ساليٽري-رپير“. مون کان ٿوري وڏي آھي. پوءِ ڇا؟ نياضي سرجو به ته وڏيون ھيون. شيڪسپيئر ۽ جانسن به ته پاڻ کان وڏين سان محبت ڪئي آھي. راڌا به ڪرشن کان وڏي ھئي. پر مارگريٽ جي اکين ۾ ”نو وئڪنسي“ جو بورڊ لڳو پيو ھوندو ھو. البته سوچيندي ھوندي ته ھيءُ آھي ڪير جو رات جو دير تائين بتيون ٻاري لکندو رھي ٿو. جوان آھي، پر جوانيءَ لفظن ۾ خرچ ڪري رھيو آھي.
    ھڪ دفعي اُتم لوناولا جو پتو پڇيو. چيومانس ”اروشي ڀون -رتي روڊ -لوناولا “.
    ھن ايڊريس نوٽ ڪئي. اندر سڀا جون ٽي نرتڪيون مشھور آھن.
    اروشي، مينڪا ۽ رنڀا. رتي سونھن جي ۽ ڪام ديوتا مدن جي پتني آھي. ڪاليداس انھن تي ڪافي گھڻو لکيو آھي.
    ٻئي دفعي ادبي ڪلاس ۾ اتم پڇيو”، نئين دنيا مليئي“؟
    ”نه“
    ”توکي لوناولا جي پتي تي موڪلي ھئم“
    ”پوءِ ته اِھا سڌو سرڳ ۾ ڪاليداس کي ملي ھوندي“.
    مان کلڻ لڳس ته اُتم به کلڻ لڳو ۽ ايستائين کل بند نه ٿيس جيستائين پنھنجو وات نه بند ڪيائين.
    مان ھر ڇنڇر ڏينھن دفتر مان ٽي ڪلاڪ گھٽ ھڻندو ھئس. ريلوي جي دائمي پاس ھئي ۽ ادبي ڪلاس پھچي ويندو ھئس. ھڪ دفعي ڏسان ته مون کي سسپينڊ ڪيو ويو آھي. ھٿ ۾ ميمو مليو. ويس اسٽيشن ماسٽر وٽ ”:منھنجو ڏوھ“؟
    ”تو ڪئش مان ست رپيا ڇھ آنا چوري ڪئي آھي“.
    ”پر مان چوري نه ڪندو آھيان، سر“
    ”تون ٽيون ڏينھن بمبئي وئين-ڪئش ڳڻي وئين“؟
    ”پر سر چوري ڪندس ته ايتري ننڍي ڪيئن ڪندس“!
    ”وڏي چوري ڪرڻ لاءِ جرئت کپي“.
    مون کي چيو ويو ته وي-ٽي تي فلاڻي تاريخ وڃج، جتي ريلوي انٽيلينجنس جا ٽي آفيسر توکان آڏي پڇا ڪندا. اتي ويس ته اکين ۾ ائين ٿي نھاريائون جو ڄَڻ سندن خاندان جي ڪنھن عورت سان ناجائز رستو رکيو ھئم.
    ”تون ڀڳوان کي مڃيندو آھين“؟ ھڪ پڇيو.
    ”ھا“،
    ”ان کان ڏڪندو آھين“؟ ٻئي پڇيو.
    ”نه“
    ”ڇو“؟
    ”ڀڳوان کان فقط گناھگار ڏڪندا آھن“
    بس ان سوال جواب تي مون کي ڏوھ کان آجو ڪيو ويو. مون کي چيو ويو ته تون فلاڻي تاريخ ڪم تي چڙھج. وري آڊٽ جي رپورٽ آئي ته ڪلارڪ پئسا ڳڻڻ ۾ غلطي ڪئي آھي. ڪابه چوري ٿيل نه آھي. مان مارگريٽ جي بنگلي تي رھيل ھوس ۽ ھن ئي اِھا خبر ٻڌائي ته اسٽيشن ماسٽر خود آيو ھو. تون بي قصور آھين.
    مان اندر روم ۾ ويس، اتي استعيفا لکيم ۽ اسٽيشن ماسٽر وٽ ويس ۽ کيس ڏنم.
    ”تون پاڳل آھين. اسان وٽ تنھنجي عزت وڌي آھي“.
    ”نه سر- اوھان کي ميمو نه ڏيڻ کپندو ھو.
    اوھان منھنجي شڪل ڏسو.
    موھن جي دڙي جو رھواسيءَ آھيان. مان ھتي رھي نه سگھندس. ھر چيز چوندي : چور..... چور.... “

    ” پر تون چور ڪو نه آھين“.
    ” سڄي زندگي مان تلوار جي ڌار تي ھليو آھيان ۽ ڪويتائن سان پنھنجو پيٽ ڀريو اٿم. ھي ديش ھلي ٿو جو اوھان جھڙا ماڻھو ھتي رھن ٿا“.
    ھو عجب ۾ منھنجو مُنھن تڪيندو رھيو ۽ مان ھليو ويس. ان بعد چار پنج دفعا لوناولا ويو آھيان ۽ مارگريٽ جي بنگلي ٻاھران بيھندو آھيان. ھوءَ ڪڏھن به ڏسڻ ۾ نه آئي آھي. جڏھن مان اتان سامان کڻي نڪتس ٿي ته ھن چيو ”ڪڏھن به لوناولا اچين- مون وٽ رھج. تون ويندين ته ھيءُ گھر مون کي کائڻ ايندو“.
    ”ڇو“؟
    ”تون جڏھن بتي ٻاري لکندو ھئين ته مون کي تنھنجيءَ زندگيءَ ۾ اوندھ ڏسڻ ۾ ايندي ھئي. پر جڏھن تون اوندھ ڪندو ھئين ته روشني ڏسڻ ۾ ايندي ھئي. تو ڪڏھن ھتي ڪا ڇوڪري نه آندي“.
    ”ڪوشش ڪيم، پر ھن پئسا گھريا“.
    ”عياشي لاءِ پئسا ته کپندا آھن“.
    ”اوھان کي مون کان ڊپ نه لڳو“؟
    ”ٻن گھڙين جي موج آھي عياشي. پوءِ پڇتاءُ آھي. توکي ڏسي لڳم ته تو زندگيءَ ۾ ڪو پڇتاءُ نه ڪيو آھي“. ھن اڳيان وڌي ڀاڪر پاتو.
    ”ڪلاڪار استرين کي ڪڏھن به ھيٺ نه ڪندا آھن. منھنجو ھي ڀاڪر. انگلينڊ جو ھندستان جي شرافت کي سلام آھي“.
    بئگ ۽ بسترو کڻي نڪتس ته ھن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. ھن جي جسم جي گرمائش مون کي خاطري ڏني ته جن سان پيار ڪجي، مان تن مان ھوس. ان بعد ڪافي انتظار ڪيم ته ڏيڍ سال جي نوڪريءَ جو ڪٽيل پراويڊنٽ فنڊ ۽ ھر مھيني 15 روپيا ھل اسٽيشن الائونس ضرور ملندو. پر اڄ تائين اھو مون کي نه مليو آھي. شايد آفيسرن کي ليکڪن بابت اھو تصور آھي ته ھو ڄاڻي ٻجھي ڪنگالپڻو گھري وٺندا آھن.
    باقي سڀ پگھار ڀاڀيءَ کي ڏيندو ھوس. پر پھريون پگھار دادا کي ڏنو ھئم ته خوش ٿئي ته پٽ ڪمائڻ شروع ڪيو ھو. جڏھن به ٻاھر ويندو ھوس ته منھن تي ھلڪيون ۽ سنھيون ٽڪون ھڻندو ھو ته جيئن مون کي نظر نه لڳي ۽ کيس ھميشہ ياد پوان. دادا جا پَير سُڄي پيا. ھڪ دفعي لوڪل ۾ چڪر آيس. ھو ھڪ ڏينھن سخت بيمار ٿيو. ھڪ ڊاڪٽر چيو: کيس بلڊ پريشر آھي. ٻئي چيو: ھارٽ ٽربل اٿس. ٻنھي الڳ دوائون لکيون ۽ ان ئي شام 28 آگسٽ 1958ع ۾ دادا آخرين ساھ کنيو.
    گھر ۾ بجلي ۽ ٽي پلنگ اچي چڪا ھئا. آخرين ساھ کڻڻ وقت دادا جو منھن ڳاڙھو ٿيو ۽ ٿورا ڏند ڪرٽيائين. ڄڻ اندر ۾ شينھن جو مقابلو ڪيائين. پوءِ ھو ٿڌو ٿي ويو. مان دادا جي بدن مٿان سمھي پيس: دادا.... منھنجا دادا.... دادا.
    مون کي ياد آھي سال ٻن جو ھوس ته دادا مون کي ھنج ۾ کڻي صدر وٺي ھلندو ھو ۽ چانديءَ جي رپئي جيڏو چاڪليٽ وٺي ڏيندو ھو. ڀاڀيءَ بيروزگاريءَ وقت پنھنجو سون وڪڻي ڇڏيو ھو ۽ سوچيو ھئم ته گھڻا پئسا ڪمائي ماءُ کي سون جون چوڙيون وٺي ڏيندس. پر ھاڻ ته اھي کيس پائڻيون نه ھيون. سمجھيم ته ھن دنيا ۾ جو ڪجھ آھي جو گم ٿي ويو آھي. ۽ پوري سنسار جي سونھن مون لاءِ بي معنيٰ ٿي ويئي آھي. دوستن مان فقط آنچل ئي آيو. آنچل ڏاڍو وڏو انسان آھي. مان جڏھن 1968ع ۾ سخت بيمار ٿيس ۽ ٽيويھ ڏينھن نئشنل ھاسپيٽل بمبئي ۾ ھئس ته ھو روز اتي ايندو ھو. گنو ھڪ نه ٻئي ڏينھن. لعل پشپ ھڪ دفعو آيو ۽ راجن چاولا ھڪ دفعو به نه. اتم ۽ سندري به پيا ايندا ھئا، پر مالھي ۽ ڪيرت ڪڏھن نه آيا.
    جي-جي -ھاسپيٽل ۾ نوڪري ھئم ته صبح جو ستين لڳي ڍگي گاڏي پڪڙڻي پوندي ھئم. اٽڪل ٻه ميل ڊوڙ. سو ھڪ دفعي سخت بيمار ٿي پيس. آنچل کي خبر پئي ته گھر آيو. مون کي پليورسي ٿي پئي ھئي ۽ ڊاڪٽر ماکيجاڻيءَ کيس چيو ته موھن جو بچڻ مشڪل آھي. پوءِ جڏھن ويو ته گھر ۾ کيس ڏيڻ لاءِ في نه ھئي. آنچل کيس پنھنجي واچ ڏيندي چيو: في الحال ھيءَ رکو ۽ اسانجي دوست کي بچايو. پر ڊاڪٽر اھا واچ کيس واپس ڪندي چيو: ھن ديش جا ڪلاڪار اڪثر غريب ٿين. مان ته اوھان سڀني جو فئن آھيان. مان ھن جو علاج مفت ڪندس. ھو روز ايندو ھو ۽ انجيڪشن ھڻندو ھو. ان ئي بيماريءَ ۾ ڊاڪٽر شيام پرساد مڪرجي گذاري ويو ھو. کيس وڏا ڊاڪٽر بچائي نه سگھيا، پر ڊاڪٽر ماکيجاڻي مون کي بچائي ويو.
    دادا جي موت وقت اھو سوال اٿيو ته ڪفن وغيره لاءِ پئسا ڪٿان ايندا. مان پنڌ ڪري ٽئين نمبر ۾ ھڪ بوڪ سيلر دوست ھيراسنگھ وٽ ويس. جوئي نرگس اخبار جي چئين آني جي ھڪ ڪاپي رپئي ۾ وڪڻندو ھو. ۽ مون کي ڏاڍو وڏو ليکڪ مڃيندو ھو.
    ”پر تون ھميشہ غريب -پئسا واپس ڪيئن ڪندين“؟
    ”منھنجي سيني ۾ به ھڪ جارج واشنگٽن آھي. تون خيال نه ڪر“.
    ھن سو رپيا ڏنا. پوءِ ڪڏھن پئسا اچن ته ھو ياد نه اچي ۽ جي کيسا خالي ھجن ته اھو قرض ستائي. آخر مئي 1981ع جي ھڪ ڏينھن ھن وٽ ويس ۽ کيس سئو رپيا ڏنم. چوويھن سالن بعد. ھٿ جوڙي چيومانس: ٻن رپين جي حساب سان ان جو وياج 567 رپيا ٿئي ٿو. مان ته فقط توکي مور ٿو ڏيان.
    ھو وٺي ئي نه. اھا رات ويئي، اھا ڳالھ ويئي. پر مون زوريءَ اھو نوٽ ھن جي کيسي ۾ وڌو ۽ ھليو آيس.
    مان وري بي روزگار. ٻه چار اڇيون ڊريسون سبائي ورتيون ھئم.
    ھڪ دفعي عزيز چيو ”سنڌي ۾ گھڻا شاعر آھن. پر شاعر لڳندو ھڪ تون ئي آھين. ٻڌو اٿم سندري اتم چنداڻيءَ سان. تنھنجو عشق آھي“
    ”اوھان کي ڪنھن چيو“؟
    ”يعني آھي“.
    ”نه عزيز صاحب، دوست جي زال ماءُ سمانَ آھي“.
    ”ٻڌو اٿم ته سڄو سڄو ڏينھن ھن جي گھر پيو ھوندو آھين“.
    ”شايد اُتم چاھي ٿو ته سندري مون کي ڪامريڊ بڻائي“ عزيز مشڪڻ لڳو.
    ھڪ دفعي رشيد ڀٽيءَ اڳيان شيخ اياز چيو ”تنھنجو اُتم سان ڪو به نظرياتي جھڳڙو ڪونھي. تون کيس ھيٺ ڪري کائنس سُندري کسڻ چاھين ٿو“.
    ”ڪيئن“؟ مون پڇيو.
    ” تون ئي ھندستان جو وڏو ليکڪ آھين. تون چاھين ٿو ته سُندري اُتم جي نه، تنھنجي زال ٿيڻ گھرجي“
    ” پر ھوءَ منھنجي ماءُ آھي“.
    ” سچ“!
    ” ھا اياز“.
    سُندري ۽ مان مالھيءَ جي ڊرامن ۾ ريھرسل ڪندا ھئاسين. ڪي-سي ڪاليج جي ڏاڪن تان لھندي کيس چيم ”اِھو ڊرامو ھٽ ويندو، جنھن ۾ تون ۽ مان ھيرو ۽ ھيروئن ھونداسين“.
    ” مان توکان عمر ۾ پنج سال وڏي آھيان“.
    ” مان توکان انڀو ۾ پنج سال وڏو آھيان“.
    ھڪ دفعي سنڌ ماڊل ھاءِ اسڪول ۾ ريھرسل ھلندي چيو مانس ”آخر تون منھنجي ھيروئن ڇو نٿي ٿين“؟ سوال پڇي مان مشڪڻ لڳس.
    ”مان تنھنجي مُنھن ۾ ھڪ معصوم ٻار ڏسندي آھيان“.
    عجب گھڻا سال پوءِ ساڳي ڳالھ مون کي ماھتاب محبوب به چئي ۽ ھڪ خط ۾ پوپٽيءَ به لکي ته ”موھن بحث ۾ جن، جلاد، قاتل، ظلمي آھي. اھو موھن جو ھڪ روپ آھي. موھن جو ھڪ ٻيو روپ آھي، ته اڃا به ٻار آھي. ھن ۾ ٻار جي معصوميت آھي ۽ ان ۾ ڪو ڇل ول ڪونھي. موھن ڪلپنا جي پھرئين روپ پٺيان ٻئي روپ جو بنياد آھي، ۽ ان ڪري موھن سان سنڌ جو ھر اديب ”پيار ڪري ٿو“. عجب ته جولاءِ 1982ع ۾ دھلي آگري جي ياترا ۾ منھنجي نئين مسلم ڀيڻ گلشن به ساڳي ڳالھ چئي.
    ھڪ دفعي سُندري دھلي ۾ آٿرس گلڊ ڪانفرنس لاءِ بمبئي سينٽرل اسٽيشن تي آئي. کيس ٽڪيٽ ھئي، پر رزرويشن نه ھئي. مان چانھ پيئڻ ويو ھوس کيس جڳھ نه ملي. مالھي، گنو، لعل، موتي، ڪلا، پوپٽي، راھي ڪافي اديب ۽ مان ھڪ گاڏيءَ ۾ ھئاسين.
    مالھيءَ پڇيس ”تون ويھندينءَ ڪٿي“؟
    ”ڪلپنا جي سيٽ تي“.
    ”۽ ڪلپنا“؟
    ”ان جو بندوبست ھو ڪندو“.
    مان آيس ته قصو ٻڌايو ويو. مون کيس پنھنجون ٽڪيٽون ڏيندي چيو ”چيڪنگ ٿئي ته ٻڌائج ته منھنجو نالو موھن ڪلپنا آھي“. ھن کليو.
    ان کان اڳ ڪلا پرڪاش جي گھر ۾ ڪافي اديب گڏ ٿياسين: مالھي، شاد، راھي، موتي وغيره منھنجي شادي ٿي چڪي ھئي ۽ ڌيءَ گيتا به وڏي ٿي رھي ھئي.
    مون موتي پرڪاش سان چرچو ڪيو ”منگھارام ملڪاڻيءَ لکيو آھي ته مون کي مرد ليکڪن ۾ موھن ڪلپنا ۽ عورت ليکڪن ۾ ڪلا پرڪاش وڻندي آھي. ان ڏينھن سائين ملڪاڻيءَ ۽ ھيري شيوڪاڻيءَ اڳيان مون ڪلا کي چيو؛ ڪلا، موتيءَ سان شاديءَ ڇو ڪئي؟ مون سان ڇو نه ڪئي؟ ڪلا جون اکيون ڦاٽي ويون. کيس يقين نه آيو ته شاديءَ بعد منھنجي پريم جو مرڪز فقط منھنجي پتني ڪمل رھي آھي“.
    ”موتيءَ مشڪي چيو ”ڪلا مون سان ڳالھ ڪئي. مون کيس چيو: توسان اھڙو نشپاپ چرچو فقط موھن ئي ڪري سگھي ٿو“.


    12

    دراصل سُندريءَ ۽ منھنجي نزديڪيءَ جو ڪارڻ فقط اِھو نه ھو ته اسين ايشيائي سطح جا مشھور ليکڪ ھئاسين. اُتم نه چاھيندو ھو ته مان ڇنڇر جي ڏينھن ايراني ھوٽلن ۾ ادبي چرچن ۾ پنھنجو وقت وڃايان. مونکي لالا آرڪيٽيڪس ۾ نوڪري ملي ته ھن جي نزديڪ ٿيس. ھو پراڻي سيڪريٽريٽ ۾ وڏي عھدي تي ھو. منھنجي دفتر ايندو ھو. اسين ھوٽل ۾ گڏجي ماني کائڻ ويندا ھئاسين. اسين مغز ڪڙي کائيندا ھئاسين. ھن مون کان ڪرشن چندر جي ”گلدستو“ ڪھاڻي به ترجمو ڪرائي. سنڌي ليکڪ ڪرشن چندر کان تمام گھڻو متاثر ٿيل ھئا. ڪرشن چندر جي رپورتاج ”صبح ھوتي ھئي“ ۾ ھن تلنگانه انقلاب جي فائدي ۾ نھروءَ ۽ چندن جي وڻن خلاف گھڻو لکيو ھو. جڏھن جڳت آڏواڻيءَ کانئس ان جا سنڌي حق وٺڻ ويو ته ڪرشن چندر نھروءَ خلاف لکيل ڪافي ٽڪرا ڪٽيا. رڳو ھڪ ٽڪرو رکيائين: ڏکڻ ھندستان ۾ مون تان ٻن چيزن جو جادو لٿو: چندن جي وڻن جو ۽ نھروءَ جو.
    ھڪ دفعي انجمن -ترقي پسند ۾ ڪرشن چندر ڪھاڻي پڙھي، ھڪ نقاد چيو: ڪرشن چندر ڪھاڻي نٿو لکي، جادو ٿو ڪري.
    راجندر سنگھ بيديءَ چيو؛ جادو گھڻو ڪيو اٿائين، ھاڻي چئوس ڪجھ ڪھاڻي به لکي.
    مان اُتم جي آشا ۽ بينا کي ھنج ۾ کڻي پيار ڪندو ھوس، ھو مون کي ماما چونديون ھيون. ھنن پوءِ ڪلاسيڪل ناچ ۾ تربيت ورتي ۽ ٽي-وي تي سٺا پروگرام ڪيائون. ٻنھي سنڌيءَ ۾ ايم -اي ڪئي آھي ۽ اڃا به ماما ڪري سڏينديون آھن.
    اُتم نه کائيندو ھو، پر مان ڳاڙھا مرچ گھڻا کائيندو ھوس. سو مانيءَ ڏيڻ وقت سُندري ڳاڙھن مرچن جي شيشي به اڳيان رکندي ھئي. ھڪ دفعي مان پلنگ تي ليٽيو پيو ھوس. جو سُندري ھڪ وڏي ڪينچيءَ کڻي آئي ”تون ۽ اُتم سچ پچ عجيب ماڻھو آھيو. پنھنجي بدن جو خيال نٿا رکو. پنھنجن پيرن جا نَنھن ڏس، ڪا ڇوڪري توکي ڪيئن پسند ڪندي ھان وٺ - پنھنجا نَنھن لاھ “.
    سال ٻن بعد جڏھن اسان ٽيھن کن ليکڪن ممبرا کاريءَ ۾ سير ڪيو ۽ سڄي چنڊ ڏانھن منھن ڪري سُندريءَ پاڻيءَ ۾ پير وڌا ته مون کيس چيو؛ تون ماءُ آھين. يا شايد چيم ڪو نه پر من ۾ خيال آيم ۽ ڪٿي لکيم؛ ھوءَ ماءُ آھي. سڀني سان ڪيترو سٺو ھلي ٿي. اُتم جي نظر به تيز آھي. گذريل ويھن، پنجويھن سالن ۾ اُتم ”نئين دنيا“ جي پرچن ۾ منھنجون جيڪي به رچنائون ڇپيون آھن ته پھرين سُندريءَ جي، پوءِ منھنجي ۽ ان بعد پنھنجي ڏني آھي يا سُندريءَ جي پنھنجي ۽ منھنجي وچ ۾ ڏني آھي. شايد ان رام چاھيو ته سيتا ڀرسان تير ڪمان وارو لڇمڻ ھجي.
    مون کي سنيھ جي ڇايا جتي ڪٿي ملي آھي. گنو، راجو ۽ مان اسين ويھن سالن جا ھئاسين جو راجوءَ چيو؛ دوستي اُھا جو زال ننگي سمھي ته دوست ھن ڏانھن اک نه کڻي.
    ھڪ دفعي گني چيو؛ تو وٽ وحشت ۽ دھشت آھي. پر مان توکي ھڪ ڳالھ جي خاطري ٿو ڏيان. شروعات ۾ ڇوڪرين کي مردن جون اِھي ٻه وصفون وڻنديون آھن. پر دائمي پريم لاءِ ماڻھوءَ ۾ ڪجھ ٺھر کپي. ڪلاسيڪي سورمن جيان سوچ جي گھرائي. اوچتو انترمک ٿي وڃڻ جيڪڏھن تنھنجي ۽ منھنجي زال ساڳي ھجي ته اِھا توڏانھن اک کڻي نه نھاريندي.
    مان کلڻ لڳس.
    ”تنھنجي اِھا کل بند ٿي ويندي“.
    ”شرتچندر جي ”جوالا“ ۾ ھڪ اچلا آھي، ان ۾ ھڪ بابو آھي، تو وانگر انترمکي، ھڪ سريش آھي، دھشتي - مون جيان، ۽ اچلا جڏھن سريش سان ڀڄي ويئي ته مھيم ھن جي ڳولا به نه ڪئي ۽ آرام ڪرسيءَ تي ليٽي انتر سوچ جي دنيا ۾ گم ٿي ويو “.
    ”۽ سندس اھا پيڙا اچلا کي واپس ڇڪي آئي“.
    گني مشڪيو.
    ”مان عشق ۾ توکي چيڀاٽي ڇڏيندس“.
    ”ھاڻ سنڌين ۾ ڪير آھي جو بحث ۾ توکان کٽي سگھي ٿو“.
    ”ته ھار مڃين ٿو“؟
    ”نه گنا “، مون چيو ”مان انھن مان آھيان جي پٽ تي ڪرڻ کانپوءِ به پنھنجي لڙائي جاري رکندا آھن“.
    ”ته پوءِ اچ اسين ھڪ قسم ٿا کڻون “.
    ”ڪھڙو “؟
    ”اسان مان جيڪو به پھرين شادي ڪري، اُھا اسان ٻنھي جي زال ٿيندي“.
    اسان ٻنھي ڄڻن ھٿ ملايو. مون چيو ”پوءِ مان به آڱر کڻي سگھندس؛ ھي آھي منھنجي ۽ ھن جو جسم منھنجو آھي. آتما منھنجي آھي. پلنگ تي رات جو پاسو ورائي ڏسندس ته اِھو خالي ته نه آھي“.
    ”مان تنھنجي اِھا آڱر ڪٽي ڇڏيندس“.
    اھو به ھڪ وقت ھو ھڪ دفعي ھڪ ويد شاستريءَ چيو ”تون عورتن تي گھڻو ٿو لکين“.
    ”اوھان کي ڪو اعتراض“؟
    ” پنھنجي عورت تي لکڻ بي شرمي آھي. پرائي عورت تي لکڻ آڌرم آھي“.
    حقيت ۾ ان نقطي کي وڏي معنيٰ آھي. ادب ته تخليقي آھي. آتم - ڪٿا ۾ اھو نقطو ھڪ سوال بنجي سامھون بيھي ٿو. لکڻو ته سچ ئي آھي، پر ڪڏھن ھٿ ۾ رکڙي ٻڌڻي پوي ٿي. يا اِھا رکڙي اڪثر مون پنھنجي ٻانھن ۾ ڏٺي آھي. جڏھن به دوست جي زالن سان اڪيلو ھوندو آھيان. شايد من ۾ ڪي پراڻا سنسڪار آھن. پر انھن جو ھئڻ سچ آھي.
    ”نيا دؤر ۾“ گني چيو ”دليپ پنھنجي دوست اجيت کان پڇي ٿو؛ مان مندر ۾ ٿو وڃان. ٻڌاءِ، شو ڀڳوان کان تولاءِ ڇا گھران؟ اجيت چئي ٿو؛ جيڪو پنھنجي لاءِ گھرين، مون لاءِ به اُھو گھرج. ٻنھي جو وجينتي مالا سان پيار آھي. پوجا بعد وجينتي دليپ کان پڇي ٿي؛ تو ڀڳوان کان ڇا گھريو؟
    دليپ؛ ڪجھ به نه. وجينتي؛ ڇو؟ دليپ؛ جيڪو مان پنھنجي لاءِ گھران ھا، اُھو اجيت لاءِ به گھران ھا ۽ مان ته اِھو سوچي به نٿو سگھان“.
    گني مُشڪيو ”اِھو آھي پيار، دوستي ۽ ذھني ايمانداري “
    پيار ته مون گھڻا ڪيا، ڄڻ عشق جو ٽرئفڪ پوليس مئن ھوس، حسينائون جي موٽرون آھن، جي ھٿ جي اِشاري سان بيھن ۽ ھليو وڃن. گھڻو پوءِ مون ”مارچ جا گل“ ھڪ ڪوتا لکي؛
    ڪي گل ڪرن ٿا موٽرن تي گل نه آھن،
    خواب آھن-
    ڪنھن حسين عورت جا-ڪاليج گرل جا!
    ٺوس عشق پھرين راجوءَ ڪيو. گيتا راج سان. سڄو ڏينھن ھن وٽ پيو ھوندو ھو. ٻنھي ڄڻن ڪھاڻيون لکيون. گيتا شڪل صورت ۾ ڪنھن به فلمي ائڪٽريس کان گھٽ نه ھئي. کلندي ته لڳندي ڄڻ پھاڙيءَ چشمو آھي. پوءِ ته ناٽڪ ۽ فلمن ۾ نائڪا به بڻي. کيس شيخ اياز ھڪ ڪتاب منسوب ڪيو آھي. ڪڏھن جيئن ٿيندو آھي، ڪنھن ڳالھ تي رسندي ته ڀڄندي گني ڏانھن. گنو پوءِ شرٽ جي سويہ- ساچيءَ جيان اسٿر ٿي کيس واپس راجوءَ وٽ موڪلي ڏيندو. راجوءَ کي اِھا ڳالھ نه وڻندي ھئي. اڄڪلھ ھو لنڊن ۾ ھن ۽ ھر ڇنڇر تي راجو گني کي فون ڪندو آھي.
    گيتا جي مون تي وڏي سَند ھئي. کيس شايد خبر ھئي ته موھن ٽي دفعا ساڳيو سوال ٻڌڻ بعد آخرين طور نه ڪري نه سگھندو.
    ”اڄ اسين ناگپور ٿا وڃون“. مُشڪي ”اوھان به ھلو“. ”نه“. اھا ٿي پھرين ۽ پختي نه.
    ” ھن کي اوھان کان سواءِ مزو نه ايندو، ھلو“.
    ” نه “. ارادي جي محڪمتا.
    مون اجھل کي چيو آھي ته ھو اوھان جي گھر وڃي ڀاڀيءَ کي چوي ته اوھين ھفتو ناگپور ٿا ھلو. ھو ڪلياڻ اسٽيشن تي اوھان جا ڪپڙا کڻي ايندو. اوھين آفيس مان سڌو وڪٽوريا ٽرمينس ايندا. اھا ”نه“ اوھين ڪنھن ٻئي لاءِ روزو ۾ رکو“.
    ايئرڪنڊيشن آفيس ۾ ڪرسيءَ تي منھنجي سامھون. مان چوندس ”چڱو“
    ڪڏھن بيمار ٿي پوندس ته راجوءَ کي موڪلي گھر گھرائيندي ھئي. راجو دفتر ھليو ويندو ھو ۽ ھوءَ مون کي چانھيون پياريندي ھئي ۽ ”سريڪا“ ۽ ”نئين ڪھانيان“ ۾ پڙھيل ڪھاڻيون ٻڌائيندي ھئي. ھو جڏھن باندرا پالي ھل تي ائڪٽرن پاسي وڃي رھيا ھا ته مان ڪافي بيمار ٿي پيو ھوس-بيماري ته ڪانه ھوندي ھئي، رڳو من اداس رھندو ھو. نراس. ڪجھ نه وڻندو ھو. سوچيندو ھوس ته اکيون ٻوٽي ڇڏيان ۽ بستري تي فقط گل پيا ھجن.
    استريءَ جو پيار مرد کي ڪافي مٿي ٿو کڻي. راجو ريلوي ۾ ڪلارڪ مان بلڊر ۽ فلم پروڊيسر ٿيو. بسو ڀٽا چاريہ کي ھن ئي فلم لائين ۾ آندو ۽ سندس فلم ”آس ڪي ڪھاني“ جي نائڪا راجيش کنا جي پھرين زال آنجو مھيندو ھئي. راجيش کنا جڏھن سپر اسٽار ٿيو ۽ رستي تان ڪار ۾ لنگھڻ سبب ٻه ٻه ڪلاڪ ٽرئفڪ جئم ٿيڻ لڳي ته ھڪ رات ٻين لڳي راجو راجيش کنا کي گھر وٺي ويو. گيتا کيس گراموفون تي بيگم اختر جا اٺ رڪارڊ کڻي ويو. ھڪ دفعي گيتا چيو ”راجيش بلڪل اوھان جيان آھي. شانت اداس، اوچتو مشڪندڙ ”امر پريم“ ۾ راجيش کنا ڪونھي. اوھين آھيو“.
    راجوءَ ڪار ورتي. ھو مون کي اڳيان ويھاريندو. گيتا، انيتا ۽ اميش پٺيان. ھي دليپ جو گھر آھي. ھي نرگس جو. راجڪپور ھتي ڪڏھن نه آيو آھي. توکي رڳو ھڪ فل سوٽ جي ضرورت آھي. ھزارين ڇوڪريون توتي مرنديون. موھن، تون ھڪ سٺي ڪھاڻي ته لکي ٿو سگھين. تون وٽ ڏھ رپيا نه آھن جو ڪنھن کي فلم ڏيکاري سگھين ۽ آئسڪريم کارائي سگھين“.
    مان سنڌي ساھت منڊل جو سيڪريٽري ھئس جو شيخ اياز ۽ رشيد ڀٽي ھتي آيا. ڪافي ادبي محفلون لڳيون. ھر روز ڪير سندن ماني ڪري پوءِ ٿيو ائين جو سفر جا پويان ڏينھن راجوءَ جي گھر رھيا ۽ راجو به اھڙو جو ڪار کڻي کين دھلي ۽ آگرو گھمائي آيو. گيتا جو پيار ۽ مھمان نوازي شاعر جي دل ۽ دماغ ۾ گھڙي ويا، ان ڪري سندس پروگرام گيتا ئي ٺاھيندي ھئي. رات مان ۽ گنو راجوءَ وٽ ھئاسين -سنڌ جو اداس روح ڀٽي به ھو، گيتا بتيون بند ڪري ڇڏيون. ھن چينيءَ جي وڏي پليٽ ۾، ھڪ قطار ۾ چار وڏيون ميڻ بتيون ٻاريون. اياز جي اڳيان ٽيپ رڪارڊ رکيو. اياز رات جو ٻارھين لڳي کان صبح جو پنجين تائين ڪوتائون پڙھندو رھيو. چانھين جا.
    دور ۽ ڪوتائون.
    ھئگنگ گارڊن تي جھرمر ۽ ٻنين جو ميل اڌ گول وارو رستو ڏسي اياز چيو ”جھڙو ڀڳل نيڪلس “.
    مون چيو ”ڄڻ اڌ ۾ ڇڏيل آزاد نظم“.
    الھاس نگر سڳن آھوجا جي گھر ٻاھران ھن مون کي پنھنجي پاسي کان ويھاريو. سڄي کاٻي ھٿ سان منھنجي ساڄي ٻانھن کي مھٽيندو رھيو. ڄڻ منھنجي ٻانھن ۾ ڪو ڪليات - شاعري، ڪو خزانو ڀريو پيو ھو.
    جوھو تي سنان ڪندي مون کيس چيو،
    ” اياز، تون شاعري ٿو ڪرين ته لڳي ٿو، ڄڻ راڻا پرتاب جي تلوار ٿي ھلي“.
    ” اِھو ڪيئن“؟
    ” راڻا پرتاب جي تلوار ڳري ھوندي ھئي، پر ھو ڪيترو به لڙي، ھن جي پھرئين ۽ آخري وار جو زور ۽ رفتار ساڳي رھندي ھئي. راڻا پرتاب جلاوطنيءَ ۾ ھو، جڏھن ھن ڪنھن سامراج واديءَ کي ماريو، ٽي دفعا تلوار ھلايائين. ھڪ جھوپڙيءَ ۾ ھڪ پيءُ ان تلوار جي زوم جو آواز ٻڌي پٽ کي چيو؛ ٻاھر ڏس ”راڻو پرتاب بيٺو آھي!جو ساڳي زور سان فقط پرتاب ئي راجپوتانه ۾ تلوار ھلائي سگھي ٿو“.
    ھن بنگلي تي چيو ”موھن مون کي پنھنجو رايو منھنجي ڊائريءَ ۾ لکي ڏي“.
    ريڊيو ڪلب مرحبا ۾ شروعاتي واقفيت وقت ھن چيو ”منھنجو توسان جنم جنم جو ناتو آھي“.
    ۽ وڃڻ کان اڳ ڊائريءَ ۾ مون تي انگريزيءَ ۾ لکيل ھي بيان پڙھي ٻڌايين ”موھن ڪلپنا -سنڌيءَ ٻوليءَ جي آخري اميد، ھن جو حوص دٻيل آھي. ھو ڊگھو ۽ قداوَر آھي ۽ کيس ڪشش ڪندڙ شخصيت آھي“. ۽ سنڌ مان خط لکيائين ”ھندستان ۾ مون ھڪ ست- منھون راوَڻ ڏٺو، جنھن جو سِر ڪير ان ڪري نٿي ڪَٽي سگھيو، جو ھن وٽ رام جي آتما ھئي. مون اروڙ ۾ ٻه ھرڻ ڏٺا جي اوڀر طرف منھن ڪري سنڌ جي ڪماليت ڏسي رھيا ھئا“.
    ھونءَ اياز عظيم شاعر ھوندي به طنز جو ماھر ھو. اُتم گھر ۾ وسڪي کولي ته اياز چيس ”تون ھڪ ٽھڪ ڏي ته وِسڪي پيان“. اتم چيس ”ڇو، مون ٽيون ڏينھن جو مھيم بيچ تي ٽھڪ ڏنو ھو“.
    رشيد ڀٽي قوم پرست ھو ۽ آھي. ھن به ڪافي جيل ڀوڳيا آھن. چرچن ۾ استاد، کلي ائين ماٺ ڪندو، ڄڻ اِھي ڪنھن ٻئي ڪيا آھن. جوھو جي سِنانَ وقت ھن چيو ”ھندو ۽ مسلمان جي وحشت جو پتو فقط کٽڻ تي پوندو آھي“.
    ” اِھو ڪيئن“؟
    ” سنڌ ۾ راڻيپور کان ڌاٻر کوٽا ٻه گاڏيون وينديون آھن. ھڪ گاڏي ھڪ ھڪ اسٽيشن تي بيھي ۽ ٻي سڌو ڌاٻر کوٽا. ھندو شروع ڪندو، ھلندو، بيھندو-وري ھلندو. ۽ مسلمان “؟ ڀٽيءَ آواز کي وڏو ۽ ڳالھائڻ جي رفتار ميل جھڙيءَ ڪئي ”مسلمان شروع ڪندو. ھڪ اِسٽيشن راڻيپور، ٻي ڌاٻر کوٽا، نانَ اسٽاپ. راڻيور ڌاٻر کوٽا، راڻيپور ڌاٻر کوٽا. راڻيپور-ڌاٻر کوٽا. مڙس پوءِ ساڻا ٿيو پون“. وات مان گجي نڪري آيس. اياز ڏاڍو کليو. مون به کلي ڀٽيءَ کي چيو ”اوھان طھر ٿا ڪرايو نه، شايد ان ڪري اوھان جي گاڏي ڪٿي بيھي نٿي. ان ڪري ئي توھان وٽ شرنگار-رس گھٽ آھي“.
    ” اِھا وري ڪھڙي رَس آھي“؟
    ” اوھان وٽ جلادن جو جھٽڪو آھي- اسان وٽ مينا ڪاري آھي“.
    ھڪ دفعي نشي ۾ رشيد ڀٽي وڃي گٽرن پاسي کان ويٺو.
    راجوءَ چيس ”ڀٽي، ھتي ڇا ويٺو ڪرين“؟
    ” ڀارت ماتا جي پوجا ٿو ڪريان“!
    ” ھتي-گٽرن ۾“؟
    ” ڀارت جتي ڪٿي ڀارت آھي“. ڀٽيءَ چيس.
    سڳن جي گھر ٻاھران رات گذاريسين. اھو منھنجي گھر کان ھڪ منٽ پنڌ تي ھو-جيئن ته سڀ ڪنھن اياز کي ڇڪيو ٿي، مون اياز کي گھر ھلڻ لاءِ نه چيو. پر ڀٽيءَ چيو؛
    ” موھن-مونکي ڏاڙھيءَ لاھڻي آھي ۽ اِھا تنھنجي گھر لاھڻي آھي“.
    مان کيس گھر وٺي آيس. ھو منھنجي غربت جو اندازو لڳائي ويو. افسوس جو ان ڏينھن آرسيءَ سان گڏ بليڊ به ڀڳل ھو. صابڻ به ڪو نه ھو. ھن ڪپڙن ڌوئڻ جو صابڻ گھريو. ڀڳل بليڊ سان ڏاڙھي لاٿائين ته ڪافي ڪٽيون آيس. اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيس.
    ڀاڀيءَ کي ھٿ جوڙ ڪيائين ته مون کيس چيو ”وڏو پٽ ھوندي به مون کيس ڪو سک نه ڏنو آھي. اسان وٽ اِھا اوندھ اٿئي، ڀٽي.
    ڀٽيءَ جذبي ۾ چيو ”ان اوندھ مان ھڪ ڏينھن کير جھڙو سوجھرو ڦٽي نڪرندو“.
    اسان جي حالت؛ آڻيون ۽ چاڙھيون ڏٿ ڏھاڙي سومرا! دادا جي موت بعد لڳم ته ھڪ وڏي جوابداري منھنجن ڪلھن تي پيئي آھي. ريلوي جي نوڪري ڇڏڻ بعد لالا سوٽن ويس، جن پھرين ڪلارڪ ۽ پوءِ سترنھن ڪمپنين جو مئنيجر ڪيو. انجنيئر سوٽ، ڪيول لالا مون کي ھڪ شارڪ ۽ اسڪن جو اڇو ڪوٽ ٺھرائي ڏنو ۽ ھڪ ڪاري پينٽ اياز ۽ ڀٽيءَ وقت گھڻائي دفعا اِھو ڪوٽ پاتم. ڀٽيءَ منھنجي ڪلھي تي ھٿ رکيو ۽ اھو ڇھاءُ ھن وقت به محسوس ٿو ڪريان. مان شيخ اياز جي شاعريءَ ۽ ڀٽيء جي شخصيت کان گھڻو متاثر ٿيس. شيخ اياز جي مون سان قرب جا شايد پنج سبب ھئا.
    ھڪ ته مڃيو ويو ته مون سُٺو ٿي لکيو.
    ٻيو ته ادبي ڪلاس ۾ ترقي پسندن کي شڪست بندر جون ھوائون کارايون ھئم.
    ٽيون ته ھري موٽواڻيءَ مون کي ان دؤر جو بھترين، خود دار، غير موقعي پرست، ايماندار فنڪار سمجھي مون کي ”ڪونج “ رسالي جو ايڊيٽر ٿيڻ لاءِ چيو ھو ۽ مون ھا ڪئي ھئي. ڪونج ھڪ پاسي سڳن، آنچل، گني، راھيءَ ۽ سنڌ جي اديبن جون بھترين رچنائون ڇپيون، ٻئي طرف ان وڏا ادبي بحث ۽ طوفان پئدا ڪيا. جنھن سبب ترقيءَ پسندن جا ھنڌ ھنڌ ڦھليل پاٺڪ ان جو اڀياس ڪندي ترقي پسندن کان بدظن ٿيڻ لڳا.
    چوٿون ته مون به ٻين جيان سنڌي ٻوليءَ جي تسليميءَ لاءِ ڪم ڪيو ٿي ۽ مان ديوناگريءَ لپيءَ جي ديوتائن لاءِ مھا ڪال ھئس. ۽ ھونءَ سنڌ سان محبت ڪيم ٿي. اتي ھند جي مڙني اديبن کان مقبول ھئس. جيل ۾ ويو ھوس. گولين جو مقابلو ڪيو ھوم ۽ مھراڻ رسالي طرفان ڪھاڻي -چٽاڀيٽيءَ ۾ اياز کان ھڪ درجو مٿي انعام کٽيو ھوم.
    جيئن ته اسان ادب کي زندگيءَ کان وڌيڪ گنڀيرتا سان کنيو ھو. ان ڪري ”انوکا آزمودا “ جھڙي خسيس ڪتاب تي جڏھن ساھت اڪادميءَ جو انعام مليو ته اسان ۾ جوش جاڳيو. تڏھن اسان انعام کي وڏي اھميت ڏني ھئي. ھاڻ ته اڪثر للو پنجو اھي انعام کٽن ٿا. بوٽ پالشون ڪن ٿا ۽ ڪميشنون ڏين ٿا. ان انعام سان گھڻيون بيھودگيون وابسته ٿي چڪيون آھن.
    مون ھڪ ميڙ سڏايو. اتي فيصلو ٿيو ته رام پنجواڻيءَ جي مرحبا جشن ۾ بغاوت ڪجي. مون زھر جون گوليون کائي اھو ڪتاب پڙھيو ھو ۽ پاڻ کي گھٽا ڏيئي، گھٽا ڏيندڙ تنقيد لکي ھئم. لعل پشپ اِھا تنقيد پڙھي وڌيڪ جوش ۾ آيو ۽ ھن وڌيڪ سخت تنقيد لکي. آرتوار ڏينھن اسان جو ”آپريشن رام پنجواڻي“ جو پروگرام ھو. ان ڏينھن وري ”ھندواسيءَ “۾ اِھا خبر ڇپي ته آل انڊيا سڀا طرفان به رام پنجواڻيءَ جو سنمان ٿي رھيو ھو. ان ڏينھن سڀا جي ڪاروباريءَ ڪاميٽيءَ جو ميڙ جئہ ھند ڪاليج ۾ رکيل ھو. مان ۽ رام پنجواڻي ان جا ميمبر ھئاسين. ڀوڄراج ناگراڻي پرڌان ۽ اُتم جنرل سيڪريٽري مان ”ھندواسيءَ “ جو اھو پرچو کڻي ان ميڙ ۾ ويس. اتي مالھي، ڪيرت ۽ پوپٽي ۽ ڪافي ٻيا اديب ھئا.
    ” مون اخبار مٿي ڪري پڇيو ”صدر صاحب -رام پنجواڻيءَ جي مرحبا جو فيصلو اوھان خود ڪيو آھي“؟
    ” ھا“، ڀوڄراج ناگراڻيءَ فلڪ سان وراڻيو.
    ” اوھان اِھو ڪتاب پڙھيو آھي“؟
    ” نه“ ھن چيو ”سَنمانَ ته انعام سبب آھي“.
    ” سوال آھي ته بنا ڪتاب پڙھڻ جي اوھان سڀا طرفان مرحبا جو اصول ڇو قبول ڪيو؟ ڇا اوھان ماڊرن ادب پڙھيو آھي؟ ھن ۾ ته جادُن منترن ۽ ڪرامتن جون ڪھاڻيون آھن سڀا ۾ اسين به آھيون. اوھان کي اسان جي راين لاءِ ترسڻ کپندو ھو“.
    مان ان پوري ميڙ ۾ اڪيلو ھوس، جنھن سڀا جي فيصلي جي مخالفت ڪئي.
    پوپٽيءَ چيو ”ڪلپنا برابر آھي. سڀا کي پڪچر ۾ نه اچڻ کپندو ھو“.
    مون چيو ”ڪنوينيئر لعل سنگھ اجواڻي آھي. مون ٻڌو آھي ته ان انعام جي سودي ۾ رام پنجواڻيءَ بمبئي يونيورسٽي سنڌي بورڊ فار اسٽڊيز جي ڪرسي اجواڻي صاحب کي ڏيڻي ڪئي آھي“.
    پوپٽيءَ چيو ”ڪلپنا بلڪل صحيح ٿو چئي “.
    پوءِ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ به منھنجو پاسو کنيو ته ناگراڻيءَ مٿان ادبي ڦٽڪار جا فانوسا ڦٽا ڪيا ويا. رام پنجواڻيءَ جو مُنھن ڳاڙھو. اتي يڪراءِ فيصلو ٿيو ته سڀا طرفان رام پنجواڻيءَ جو ڪو سَنمان نه ٿيندو ۽ ناگراڻي ۽ اُتم اسٽيج تي نه، ھيٺ ڪرسين تي ويھندا.
    رام پنجواڻيءَ چيو ”ڪلپنا -ھيڏانھن اچ“.
    ھو مون کي ڪتابن جي ٻن ٽن ڪٻٽن پٺيان وٺي ھليو ۽ ھٿ جوڙي چيائين؛ موھن، اعتبار ڪر ته ان ڪتاب جو وڏو معيار اٿئي- ۽ ان لاءِ مون ڪا سوديبازي نه ڪئي آھي. مان تنھنجو وڏو ڀاءُ آھيان، ان ڪري تنھنجو فرض آھي ته منھنجي عزت ڪرين ۽ ھونءَ به؛ ڍڪين تون ته ڍڪجي اگھاڙن شرم“.
    مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو ته ھند سنڌ ولايت جي مشھور سنڌي پروفيسر جي حالت رحم جوڳي ھئي، پر ان وقت مون لاءِ انعام وڏي ڳالھ ھئي جو اسان وٽ ادبي شفقت ھئي.
    ” اوھين مون کي ھٿ ڇو ٿا جوڙيو“؟
    ” شايد اڄ ميڙ ۾ ڪو دنگو ڪرين“.
    ” اِھو ته ٿي سگھي ٿو“.
    ” اِن لاءِ ٿو ھٿ جوڙ ڪريان، بس، تون چپ رھج، باقي مان سنڀالي ويندس“.
    اسين باندرا جي ھوٽل ۾ گڏياسين، آنچل، راھي، گنو، راجو، ڦتن، ايم -سڳن، وشنو ڀاٽيا، چترو ناگپال، لعل پشپ، برج موھن وغيره..
    رستي تي نارايڻ ڀارتيءَ کي برج موھن گڏيو، ڀارتيءَ پڇيس ”ڪيڏانھن ٿو وڃين“؟
    ” رام پنجواڻيءَ خلاف مظاھرا ڪرڻ“!
    ” تو ھن جو ڪتاب پڙھيو آھي“؟
    ” موھن ڪلپنا پڙھيو آھي“.
    ھوٽل ۾ مون کين چيو؛ شروعات مان ڪندس، گوڙ ٿئي ته وشنو اسٽيج کي پٺي ڏيئي راڪاسن وانگر رڳو ھا ھا ھا واڪا ڪري. برج کاٻي ته چترو ساڄي ڀت ڏانھن مُنھن ڪري ڪيڪون ڪن. مقدمي جي دليل بازي راھي ڪندو، لعل پشپ مفت ۾ ”پرھ ڦٽي“ جا پرچا ورھائيندو.
    نيشنل ڪاليج باندرا جو ھال سڄو ڀريل، ترقي پسند اڳين بينچن تي ويٺا، جتي ڪي ديوناگريءَ وارا به ويٺا ھئا. مالھي ”ھندستان “ جي مئنيجر ٻلديوَ موٽواڻيءَ جي ڀرسان ويٺو ھو. لڳ ڀڳ سڀ ليکڪ، ماستر، پروفيسر ۽ وڏا ماڻھو آيل ھئا. ڪتاب اڃا پبلڪ ۾ ظاھر نه ٿيو ھو. اسٽيج تي ٽي ڄڻا ويٺا؛ اجواڻي، رام پنجواڻي، سيتا رام پنجواڻي. رام پنجواڻيءَ جي اک ڪانو وانگر ٿي ڦري ۽ ڦري ڦري مون وٽ ڄمي ٿي بيٺي. ھال ۾ عزيز ڪو نه ھو، جنھن کي اڃا اِھو انعام ڪو نه مليو ھو.
    اجواڻي رام پنجواڻيءَ جي ڪتاب جي ساراھ ۾ شيرين آسڻ ڪرڻ لڳو ۽ چيائين ”رام پنجواڻيءَ کي انعام جنتا ڏنو آھي“.
    مون اديبن کي ھڪٻئي کان پري ويھاريو ھو- جيئن انتظام مان بدانتظامي ڦھلائجي. ڏٺم ته راھي اڃا ماٺ ھو ۽ اُٿيو ڪو نه. مان ڪافي پٺيان ويٺو ھوس، مون اٿندي بلند آواز ۾ چيو ”جنتا اِھو ڪتاب ڏٺو آھي“؟
    سڀ سسيون اُبتيون ٿي منھنجو مُنھن تڪڻ لڳيون.
    اجواڻيءَ به رڙ ڪئي ”يو سٽ ڊائون، مسٽر ڪلپنا“.
    مون وڌيڪ رڙ ڪئي ”دس از ناٽ يوئر ڪاليج! يو سٽ ڊائون“.
    سسيون وري اسٽيج طرف. وري واپس مون ڏانھن. سسين جي اِن انتظاميءَ ”ابائوٽ ٽرن، جي ايڪتا جيڪڏھن سنڌين ۾ اچي ته شايد کين ڪو به ڪٿي جھڪائي نه سگھي، حيرت ۾ سڀ اکيون ڦاٽل“
    ھاڻ راھي دليل بازيءَ لاءِ اٿيو. مون ڪافي سوال جواب ڪيا. پر ان وچ ۾ وشنو، چترو ۽ برجوءَ اُھي رنڀون ڪيون جو راھيءَ جو ليڪچر ٻڌڻ ۾ نه آيو. رام پنجواڻيءَ مائيڪ تي اچي، پنج ئي آڱريون نڪ تي رکي، ھٿ وڌائي چيو؛ اوھان کي لڄ ڪانھي، شرم ڪونھي، حياءُ ڪونھي، اوھين غنڊا آھيو، غنڊا آھيو. ھٿ نڪ تي ۽ وري کولي اسان ڏانھن ڪري. آواز بند ٿي ويس. پر ڦٽ لعنت جي ادا قائم رھيس. مون کي به لڳو جوش، سو اڳيان وڌي اسٽيج تي ويس ۽ ٻه فوٽ مٿي ٽپو ڏيئي ٽيبل تي مُڪ ھنيم؛ بند ڪريو ھيءُ تماشو ۽ پوءِ ماڻھن ڏانھن مُنھن ڪري چيم؛ ھي ليکڪ آھن؟ ٺڳ آھن. چور آھن. ھنن ئي سنڌي ادب کي زوال تي پھچايو آھي. اديب اسين آھيون، اسان کي ٻوليءَ سان مُحبت آھي.
    مان موٽيس ته ٻلديو موٽواڻيءَ غصي ۾ چيو ”يو ڪميونسٽ“! رڙ ڪري چيومانس ”ڪال مي آءِ ڊاگ، بٽ ناٽ ڪميونسٽ“! مالھيءَ جو مُنھن لھي ويو. ڄڻ اِھا گار مون کيس ڏني. ھن ئي ھڪ چيو؛ موھن نئشنلسٽ آھي ڪاش سوشلسٽ ٿئي.
    لعل پشپ به چيو؛ پڙھو رام پنجواڻيءَ جا ڪارناما. ائين چئي ھن ”پرھ ڦٽي“ جا ڪيترا پرچا نوٽن جيان ھوا ۾ ڦٽا ڪيا ۽ رام پنجواڻيءَ جا پرستار منگھي پير جي فقيرن جيان ھيٺ جھڪي جھپا ھڻڻ لڳا ۽ ھڪ ٻئي کي ڌڪا ۽ ٺيلھا ڏيڻ لڳا. ميڙ ڦٽي ويو. رام پنجواڻيءَ جو سَنمانَ ٿي نه سگھيو، اَپمانَ ٿي ويو.
    ان واقعي تي سنڌيءَ جي لڳ ڀڳ سڀني ليکڪن افسوس ظاھر ڪيو آھي ۽ انھن به جن بغاوت ۾ شرڪت ڪئي. ھڪ مون ئي دک ظاھر نه ڪيو آھي. رام پنجواڻي اسانجي قوم جي ھڪ وڏي شخصيت آھي ۽ ڳالھ به ھڪ انعام جي ھئي. پر مان دک ان ڪري نٿو ڪريان جو ان واقعي مان اسان جي پنھنجي ادب طرف صداقت ظاھر ٿي ٿئي. رام پنجواڻيءَ ادبي دنيا ۾ ڀرشٽا چار جي روايت قائم ڪئي. حق، لائقيءَ ۽ ايمانداريءَ موجب ڪنھن کي انعام عھدو ڪجھ به ملي ته مان ان جو قدر ڪندو آھيان. سنسٿا واد فنڪار جي انقلابي جذبن کي ڪچلڻ لاءِ ٿيندو آھي. فنڪار اھو جو پنھنجا جائز حق وٺڻ بعد ڳالھ پنھنجي ڪري. ھڪ خيال کان ڏک ٿيندو اٿم ته رام پنجواڻيءَ جو اِھو ادبي حشر سندس پتني سيتا اڳيان ڪيوسين. مھذب شخص مرجاتا جي گھيري اندر رھندا آھن. پر اسان جي حالت پانڊون جھڙي، جي ڏينھن جو ڪورون کي ماريندا ھئا ۽ رات جو اعذا پرسيءَ ڪندا ھئا. سمجھان ٿو، ھڪ غلطي ٿو ڪريان. اِھو واقعو شيخ اياز جي وڃڻ بعد ئي ٿيو. ڳالھيون اڳيان لکان پا پٺيان، ان جو پنھنجو تسلسل آھي. ادب ڪا اسڪولي ڪتاب جي تاريخ نه آھي، جتي سن واقعا يا سلسلا ڏنل ھجن. مون کي جيئن ياد ٿو اچي تيئن ٿو لکان.


    13

    ڳالھ گني ۽ منھنجي ھئي ته ٻئي شادي ھڪ ڇوڪريءَ سان ڪنداسين. پوءِ ان احمقپڻي تي کلياسين، ھن ديپتيءَ سان شاديءَ ڪئي، ھو کيس شاديءَ کان اڳ انپورڻا چوندو ھو. ديپتي ريلوي ۾ ۽ پاڻ بيروزگار. الھاس اسٽيشن ڀرسان، او- ٽيءَ پاسي نديءَ ڪناري ليٽيءَ ائڊالف ھٽلر جي جيوني پڙھندو ھو. ديپتي ايندي، گھر ويندا، گني کي پوءِ سيڪريٽريٽ ۾ نوڪري مِلي، جتي ھو ھن وقت انڊر سيڪريٽري آھي. شاديءَ جي سال ٻن بعد بمبئيءَ لڏي ويو. ھن وقت چرچ گيٽ ڀرسان رھندو آھي. ديپتي ڏاڍي کِل مُک ۽ ذھين آھي. ھڪ دفعي آفيس ۾ ڪنھن کيس چيو؛ يو آر اي فلاوَر. ديپتيءَ چيس؛ بٽ يو آر ناٽ آءِ بٽر فلاءِ . (تون ھڪ گُل آھين!-ھا، پر تون پوپٽ نه آھين(.
    لالا آرڪيٽيڪٽ آفيس. روز فرسٽ ڪلاس ۾ الھاس کان بمبئي سڳن گڏ ھوندو ھوم. اتان نيوا ايمپاير ريسٽارنٽ. صنوبر جي وڻن جي وچ ۾ چانھ. ادبي سوچون.
    ھڪ دفعي ادبي ڪلاس ۾ جڳت آڏواڻيءَ جي زال پتليءَ چيو ”موھن ھٿ مٿي ڪر“.
    مون ھٿ مٿي ڪيو. ھوءَ ھڪ جوان ۽ خوبصورت ڇوڪريءَ کي اتي وٺي آئي ھئي. شايد کيس مڙس جي تلاش ھئي ۽ مون کي زال جي. اسانکي پنھنجي گھر چانھ تي گھرايائين.
    مون ھن جو نالو راجڪماري رکيو، جا اڃا به بمبئي اسٽيٽ بئنڪ آف انڊيا فورٽ ۾ نوڪري ڪندي آھي. جڳت آفيس. پتليءَ ٽيوشن تي ۽ اتي سندس سورھن سالن جي ڌيءَ شوڀا. راجڪماري ۽ مان. ھڪ دفعي راجڪماريءَ شوڀا کي ڪلاڪ ٻه ٻاھر وڃڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ در بند ڪري اچي پلنگ تي ويٺي-
    ”تون روپ جو پوڄاري آھين يا آتما جو“؟
    ” شاديءَ کان اڳ روپ جو“.
    ”ڇو“؟
    ” شادي ٿي. ڳالھ ختم. پوءِ آتما پرماتما جون ڳالھيون“.
    ” توکي شايد ننڊ ٿي اچي“.
    ” سو تنھنجي ڀرسان ليٽان اچي“.
    ھن جو مُنھن شرم کان ڳاڙھو ٿي ويو.
    ” تنھنجي پگھار گھٽ آھي“. ھن شڪايت ڪئي.
    ” ٽي سؤ آھي“. مون فخر مان چيو.
    ” رھين به اُلھاس نگر“؟
    ” ته ڇا ڪريان“.
    ” چاچي کي چيمپور ۾ ھڪ فلئٽ آھي، ھو اُھو مون کي ڏيڻ لاءِ تيار آھي“.
    ” تنھنجي لاءِ گھر ڇڏيان“. ؟
    ” اڄ نه سڀاڻ توکي اِھو ڇڏڻو پوندو“.
    مان چپ.
    ” تارا مير چنداڻي ڪير آھي“؟
    ” ھڪ ليکڪا، بنارس ۾ رھندي آھي“.
    ” تو ”درد ۽ سپنا“ ڪھاڻي ھن تي لکي آھي“؟
    ” ھا“.
    ” ڪھاڻيءَ ۾ تون کيس ھٿ به نٿو لڳائين“..
    ” ھوءَ شادي شده آھي“.
    ” پر تون ته روپ جو پوجاري آھين“.
    ” ان روپ جي اگنيءَ ۾ جلي منھنجي سڄي آتما سوني ٿي ويئي آھي. پر ھڪ شخص کي فقط بستري تائين محدود نٿو ڪري“.
    ” ڀائي تنھنجون ڳالھيون ته ڳوڻين ۾ ڀرڻ جھڙيون آھن“
    ” تون نٿي ڄاڻين راجڪماري“ مون چيو ”مون سڄي زندگي پنھنجو پيٽ ڪويتائن سان ڀريو آھي. توکي به بُک لڳي ته مون کان ڪوتائون گھرج“.
    ھو کلڻ لڳي.
    پتلي سندس ماسي ھئي ۽ جڳت منھنجي ڪھاڻي ”درد ۽ سپنا“ ڇپي ھئي، جنھن لاءِ مالھيءَ چيو ته عورت -مرد تي ان سنٻنڌ جي ڪا اعليٰ ڪھاڻي ڪنھن ٻوليءَ ۾ نه پڙھي آھي. آنچل اِھا ڪھاڻيءَ ھڪ ئي وقت ٽي دفعا پڙھي.
    تارائون به ٻه آھن، ھڪ اجميريءَ ۾ قيصر گنج ۾ ڀيڻ ليلا جي ڀرسان رھندي ھئي. جيا ڀارتيءَ وانگر قد جي ننڍي. ھن منھنجو گوئا وارو ڪتاب پڙھيو ھو ۽ پنھنجي قد جي حصاب سان منھنجي قد جو اندازو لڳائي ھن ھڪ سوئيٽر مڙھيو ھو، جو مون کي ڏنائين. راتيون راتيون ويھي ڪھاڻيون ٻڌندي ھئي. اِھو سوئيٽر مون کي پورو نه ٿيو ۽ پوءِ اِھو ڀاڀيءَ پائڻ شروع ڪيو.
    تارا مير چنداڻيءَ جھڙي مونالزا. مون سان ڪافي گھري ٿي. ادبي بيٺڪ، ڪلچرل پروگرامن ۽ مشاعري ۾ مون سان گڏ رھي. ھوءَ بمبئيءَ سميلن 1958ع ۾ آئي ھئي ۽ ھڪ شام ھن چيو ته مون ۾ نھايت گھرو درد، پر چھري ۾ گوتم ۽ ڪرائيسٽ وارو نور آھي. مشاعري جي صدارت ساحر لڌيانوي کي ڪرڻي ھئي ۽ کيس آڻڻ جي جوابداري مون مٿان. مان ٻه چار دفعا ھن جي گھر ويو ھوس. مشاعري جي شام مان کيس ڪي-سي ڪاليج جي ڪئنٽين ۾ وٺي ويس. تارا گڏ ھئي. ساحر جو مزاج ڪافي خراب ھو.
    تارا لاءِ پڇيائين؛
    ”تنھنجي پتني آھي“؟
    ” نه- دوست آھي. “ مون چيو.
    ” دوست ئي ته پتنيون ٿينديون آھن“.
    ” نه ساحر“ مون چيو”ھوءَ شاديءَ شده آھي“.
    ساحر پنھنجي غلطيءَ تي پشيمان ٿيو.
    ” اوھان جو مزاج ڪجھ خراب آھي“! مون پڇيو.
    ” ھا دوست - اڄ مون زندگيءَ جو ھڪ فيصلو ڪيو آھي“.
    ” ڪھڙو “؟ تارا پُڇيس.
    ” ته فلم لائين ڇڏي ڏيان“.
    ” ڇو“؟ وري به تارا پُڇيس.
    ” اديب دوست چون ٿا ته فلم ۾ اچڻ بعد مان ادبي نه رھيو آھيان. اڄ وري ٽائيمس آف انڊيا ۾ مون تي سخت نڪته چيني ٿي آھي“.
    ” اوھان جو فيصلو غلط آھي“، مون چيو ”اوھان جي فلم ”پياسا“ جا شعر لکين ماڻھن کي اُردو سکڻ لاءِ مجبور ڪندا. فلمون ادب ڏانھن وڃڻ جو رستو آھن. اوھان جي فلمن ۾ اچڻ سان فلمن جي گيتن جو معيار وڌيو آھي. ٽئگور چيو آھي؛ کين موقعو ڏيو، نه ڏيو. گلا ڪرڻ وارا اوھان جو ڪو ڪيس ڳولي ئي لھندا“.
    تارا چيو ”موھن ٺيڪ ٿو چوي“.
    ھن اسان ٻنھي ڏانھن نھاريو. اسان جا چھرا ڏسي مشڪي پيو. پوءِ اُتم به اچي ڪيفي ۾ پھتو ۽ چانھ ۽ سنبوسو کاڌائين. ساحر چيو ”اوھين صحيح آھيو. مان پنھنجو فيصلو بدلايان ٿو“. ان ئي شام ھن اٽڪل ڏھن ھزار سنڌين اڳيان پنھنجي ھڪ لنبي ڪوتا ”تصورات ڪي پرڇايان، پڙھي“:
    ان ڪو يہ يقين ھم ڪڀي نه بڇڙين گي
    مجھي يہ گمان ھم مل ڪر ڀي پرائي ھين
    تصورات ڪي پرڇايان اڀرتي ھئين
    ان بعد نه تارا گڏي ۽ نه ساحر. ٻه سال ٿيا ته ساحر مري ويو. تارا ٻه چار دفعا بمبئيءَ آئي آھي، مون سان گڏجڻ جي ڪوشش ڪئي اٿائين. ھڪ ٻه دفعا فون به لڳائين. مون کي به دل ٿيندي آھي ته بنارس ۾ گڏجي اچانس. اسان جون ڪيتريون ملاقاتون مون ھوبھو ”درد ۽ سپنا“ ۾ ڏنيون آھن. ائين اسان جو صبح شام گڏجڻ گھڻن کي ٺيڪ نه لڳو. منگھارام ملڪاڻيءَ پڇيو؛ ٻئي ھڪٻئي سان ٻڌجي ته نه ويا آھيو؟ مون چيو؛ فنڪار ته ھڪ ٻئي سان ھميشہ ٻڌا پيا آھن- باقي اھڙي ڪا ڳالھ نه آھي.
    ان ڪو يہ يقين ھم ڪڀي نه بڇڙين گي
    مجھي يہ گمان ھم مل ڪر ڀي پرائي ھين
    ھن نگاھن سان خدا حافظ چيو ۽ ان بعد سندس خدا منھنجي ڪافي حفاظت ڪئي آھي.
    راجڪماري ۽ مان. صبح به پنھنجا ته شامون به. ڪڏھن فلم تي، ڪڏھن آرٽ گئلريءَ، ڪڏھن عجائب گھر ۽ راڻي باغ. ڪڏھن مرين ڊرائيو جي ٿلھي تي ويھون. ھڪ دفعي ڏاڍي برسات پئي. ھوءَ منھنجي ڇٽيءَ جي ھيٺان اچي بيٺي. وڏيون اکيون کڻي چيائين ”منھنجا سائين“.
    سندس اِھي لفظ ڏاڍا وڻيا. پوءِ ته عادت پئجي ويس. چاھيندي ھئي ته ڪو ڌنڌو ڪريان. ڪار وٺان.
    ” ڀلا آکاڻين ۾ ڇا آھي؟ ڀلا لفظن سان پيٽ ڀرجي سگھي ٿو؟ ڪا لپسٽڪ، پائوڊر ھڻي سگھجي ٿو؟ زال ڪنھن جي به ٿجي، پر ليکڪ جي نه ٿجي. پر تون سٺو آھين. تو مان ڪا ساڙھيءَ، چوڙين جي اميد رکي نٿي سگھان. لفظن جو طلسم آھي تو وٽ. بس، تنھنجو اِھو ڳالھائڻ ٿو مون کي ماري“.
    ” پر منھنجون ڳالھيون ته ڳوڻين ۾ ڀرڻ جھڙيون آھن“.
    ” ڳالھين سان ته ڳوڻيون ڀربيون، پيٽ ٿورو ئي ڀربا“.
    ” توکي خبر آھي، ھندستان ۾ چاليھ ڪروڙ ماڻھو آھن. جن کي ٻه ويلا ماني نصيب نه ٿيندي آھي“.
    ” ھو پنھنجو پيٽ رامايڻ جي ڪويتائن سان ڀريندا آھن“.
    ” توکي خبر آھي- وان گو ڊٻرٽيون کائي پيٽنگ ڪندو ھو“؟
    ” ان ڪري جوڻھس ضرور دُکي ھوندي“؟
    ” ته ڇا ڪلا کي ڪا اھميت نه آھي“؟
    ” ڪلا ھڪ بلا آھي جا ماڻھن جو سُک ڳڙڪائي ٿي“.
    ” اِھو ڄاڻي به منھنجي زندگيءَ ۾ آئينءَ“.
    ” مون کي خبر آھي، شاديءَ بعد تنھنجو لکڻ بند ٿي ويندو“.
    ” شاديءَ بعد ليکڪ لکڻ بند ڪندا آھن ۽ ھنن جون زالون ليکڪائون ٿي وينديون آھن“.
    ” اِھا فقط واندڪائيءَ جي وندر آھي“.
    ” ڇا “؟
    ” لکڻ“.
    مون کي لڳو ته شايد اسين گڏ ھلي سگھنداسين، ھونءَ ھوءَ دفتر ۾ ايندي ھئي. پٽيوالي کي رپيو خرچي ڏيئي چوندو ھوس ته ٻاھران لاڪ ڪري وڃ. اسين ايئر ڪنڊيشن آفيس ۾ ھڪ ٻئي کان آزادي وٺندا ھئاسين. ھوءَ گيتاراج جي ساھيڙي بنجي ويئي ۽ ھن کي چيائين ته موھن حوص جي سوال ۾ ڏاڍو وحشي آھي. گيتا پڇيو ”پر اوھين اِھي لڳندا ته نه آھيو“؟
    چيم ”ھن منھنجي وحشت اڃا ڏٺي ته نه آھي. منھنجي جسم ۾ لاوا آھن“.
    منھنجي آفيس جي رسپيشنسٽ ھڪ انگريز مس بليڪ ھئي.
    اسين لنچ ٽائيم ۾ ھڪٻئي سان چرچا ڪندا ھئاسين. ھڪ دفعي ھن چيو :
    ” تون شادي ڇو نٿو ڪرين“؟
    ” ڪندس“.
    ” ڪنھن سان “؟ ھن مشڪيو.
    ” توسان “! مون به مشڪيو.
    ” ته پوءِ ھيئن ٿا ڪريون“. مس بليڪ چيو ”اسين ڇھن مھينن لاءِ شادي ٿا ڪريون. خوب موج مزا ڪنداسين ۽ پوءِ طلاق “.
    ” طلاق ڇو“؟
    ” شاديءَ بعد زال مڙس ھڪ ٻئي کي وڌ ۾ وڌ ڇھ مھينا پيار ڪري سگھندا آھن. پوءِ پيار جون ڳالھيون ختم. سچا روپ ظاھر. ڪمليٽ يورڊم “.
    ” ته پوءِ شادي ئي ڇو ڪجي“!
    ” ڇو ڪجي“؟
    ھن چيو ”اوھين انڊين ته ھر ڳالھ جو مرڪز شاديءَ بڻائيندا آھيو“.
    شادي ھڪ مدي خارج رسم آھي.
    بس گڏ رھجي.
    گھمجي،
    ڦرجي،
    ڪو به ٻنڌن نه،
    ڪي به واعدا نه،
    شروعات ۾ پنھنجون ڪمزوريون ۽ ناپسنديون ٻڌائي ڇڏجن.
    ” پيار ڪجھ وڌيڪ ئي ھلندو“.
    ” ۽ ٻار “؟
    ” ٻار پنھنجي مرضيءَ سان ته پئدا ٿين نٿا طلاق بعد ھو سمجھندا ته زندگي آھي ئي ائين“.
    ” تون لنڊن مان ڪڏھن آئي آھين“؟
    ” مان -بس سال ٻه ٿيا. تون چئين ته توکي به وٺي ھلان“.
    ” ۽ اتي ڇڏي ڏين“.
    ” ٿي سگھي ٿو“.
    ” تون سٺي آھين. تو ۾ ڇل ڪپٽ ڪونھي. واقعي مون کي تنھنجي رٿ وڻي ٿي.
    پر تون ته ڄاڻين ٿي“...
    ” توکي اسٽيٽ بئنڪ مان روز ھڪ فون ايندو آھي.
    موھن، تون ان مينھن سان شادي ڪندين؟
    ”ڇا توکي ملڪ ڊائري کولڻي آھي“؟
    ھوءَ ڏاڍو کلي.
    ” ٿوري ٿلھي آھي“.
    ” توکي رات جو بيڊ تي سمھڻ جي ضرورت نه پوندي “.
    ” ڇو“؟
    ” تون ھن جي ٻانھن تي ئي ليٽي پئج“!
    مون چپ دٻائي ھن جو ڪن پٽيو ۽ سنڌيءَ ۾ چيومانس؛
    ” لچي“.
    ھڪ دفعي اول پارڪ ۾ راجڪماريءَ چيو،
    ”گيتا ڳالھ ڪئي ته تو ڇھن مھينن جي مسواڙ نه ڀري آھي“.
    ” مسواڙ ايڪيويھ رپيا آھي. بونس ملندو ته ڀري ڇڏيندس“.
    ” ٻڌو اٿم، مڪان مالڪ توتي ڪيس به ڪيو آھي“!
    ” اِھو ته پيو سال ھلندو“.
    ” ائين ته نه ٿيندو جو ويڏيءَ تي اچي پوليس گرفتار ڪريئي“؟
    ” ائين ته فلمن ۾ ٿيندو آھي“.
    ” تنھنجي زندگي به ته فلمي آھي“.
    ” ته پوءِ ختم ڪري ڇڏيون “؟
    ” ڇا“؟
    ” پنھنجو سنٻنڌ“!
    ” ۽ اسان جو مڱڻو“؟
    ” اِھو به“.
    ” يعني تون مون کي دوکو ڏيندين.
    دنيا کي خبر آھي ته توسان منھنجي شادي ٿيندي“.
    مان چپ ٿي ويس...
    ٻئي ڏينھن لالائن برلا منشري ۾ ڪو راڳ ناچ جو پروگرام رکيو ھو...
    راجوءَ ۽ گيتا کي به نينڊ ھئي ۽ راجڪماريءَ کي مون گھرايو. اتي مس بليڪ ۽ آفيس جا ٻيا ماڻھو به اچڻا ھئا.
    ان ڏينھن راجوءَ لنچ بئلرڊ پيئر جي ھڪ دي گريٽ ھوٽل ۾ رکي.
    اتان ھو گھر ويندا،
    وري شام جو اسٽيٽ بئنڪ ۾ راجڪماريءَ کي لفٽ ڏيندا، جتي مان اڳواٽ ايندس.
    ھوٽل ۾ راجڪماريءَ چيو،
    ”موھن کي چئو ته اوھان وانگر بزنيس ڪري“.
    ” مون کي ان بزنيس ۾ آندو به موھن آھي.
    پنھنجي دفتر ۾ ويھڻ ڏنائين.
    مفت ۾ بلڊنگ جو پلان پاس ڪرائي ڏنائين.
    پوپ جي ھڪ ڪوتا آھي:
    ھڪ ھيءُ گھر به:ائنڊ آ ھائوس ٽولاج آ فرينڊ )“. ۽ ھڪ گھر، جنھن ۾ ھڪ دوست کي رھائي سگھان مون مشڪيو.
    ھن چيو”:اوھان کي موھن جو ڪيترو خيال آھي.
    ايترو خيال ھو پنھنجو به نه ڪندو آھي“.
    ” موھن منھنجو ٻيو ساھ آھي،
    راجوءَ مشڪيو“.
    ماني اچي تيستائين مون سلاد مان پن وارو بصر کائڻ شروع ڪيو ۽ پوپ جو شعر دھرايم”:ائنڊ آءِ ھائوس ٽو لاج آءِ فرينڊ“. گيتا اکيون چمڪائي مون ڏانھن نھارڻ لڳي. تمام ٿورا ماڻھو زال مڙس، ٻنھي کي وڻندا آھن ۽ مان انھن ٿورن مان ھئس.
    ٻه چار ڪلاڪ پوءِ گيتا راج جو فون آيو.
    ” توھان به ڪمال ٿا ڪريو“!
    ” ڇو“؟ مون حيرت مان پڇيو.
    ” اوھان مانيءَ کان اڳ بصر ڇو کاڌو“؟
    ” بصر !ڇو، اِھو نه کائبو آھي“!
    ” نه “ گيتا چيو ”اوھان جي راجڪماري چوي ٿي موھن کي ڪو ڪلچر نه آھي“.
    مان چپ.
    ” اوھان کان ڏاڍو ناراض آھي“.
    مان چپ.
    ” اوھين ماٺ ڇو آھيو“؟
    ” شايد ھوءَ برابر آھي“.
    ” پروگرام تي اچو ٿا“؟
    ” سڌو اتي ايندس “.
    ” اسٽيٽ بئنڪ ڪو نه ويندا “؟
    ” اِھو راجڪماريءَ کان پڇج“.
    آفيس ۾ فون تي خانگي گفتگو ڪرڻ مشڪل آھي. پر مان مختصر ۽ گھٽ ڳالھائيندو ھوس.
    مون کي ڏاڍو صدمو پھتو. کيس پنھنجا رايا رکڻ جو حق ھو، پر ان ريت ھوءَ مون تي ڪو حملو ڪري نٿي سگھي. ھن منھنجي لکڻ جو مذاق اُڏايو. مان چپ رھيس. غريبيءَ تي ٺٺولي ڪئي. تڏھن به برداشت ڪيم. ھڪ ماءُ ھئي منھنجي. ڪيترا سال بيروزگار ھئس ۽ راتيون جاڳي سندن ننڊ ڦٽائيندو ھوس، پائي نه ڪمائيندو ھوس. ھن ڪجھ نه چيو. اوچتو ڏسان ته ٽيبل تي چانھ. واھ ماءُ -ڪيترا دوست منھنجي گھر آيا. سڀ ئي کيس سٺا لڳا ته اھڙن دوستن جو دوست ھوندي مان کيس سٺو لڳو ھوندس. جيڪڏھن ماءُ منھنجي لکڻ ۽ غريبيءَ تي ھڪ حملو ڪري ھا، مان ريل جي پٽن تي پاڻ کي ماري ڇڏيان ھا ۽ سکر جو آزمودو وساري ڇڏيان ھا. ڪراچيءَکان وٺي مون گھر کي ڏنو ڇا پھرين سنگھ ۽ گھر کان غائبي، پوءِ جيل، گوئا ۽ ادبي ڪلاس، پيءُ به ڪجھ نه چيو، پر ھوءَ چئي وڃي ۽ گار ڏئي ته موھن کي ڪلچر نه آھي.
    مون اسٽيٽ بئنڪ جو فون گھمايو ۽ آپريٽر رستي کيس سڏ ڪيم.
    ” مون ڏاڍي غلطي ڪئي جو ھوٽل ۾ بصر کاڌم“.
    ” اوھان کي گيتا راج ٻڌايو ھوندو“.
    ” مون ۾ ڪو ڪلچر ڪونھي“.
    ” ھوٽل ۾ ماني کائڻ جا خاص اخلاق ٿيندا آھن-ايٽيڪيٽس“.
    ” اُھي مون ۾ نه آھن. تون مون وٽ ڪڏھن به سکي رھي نه سگھندينءَ مان تنھنجي لائق نه آھيان. بھتر آھي تون پنھنجي لاءِ ٻيو مڙس ڳولھين“!
    ” منھنجو مطلب اِھو نه ھو“.
    ” تون پنھنجا مطلب، آدرش ۽ سپنا پنھنجي پرس ۾ رک. آءِ ھيٽ يو“! (مون کي توکان نفرت آھي) ۽ مون فون رکي ڇڏي.
    برلا منشري ھال ۾ امين ساھنيءَ جي ڪامينٽريءَ چالو ھئي. راجڪماري راجو ۽ گيتا سان گڏ ويٺي ۽ پاسي واري ڪرسي خالي رکي ھئائين.
    منھنجو مزاج ڏاڍو خراب ھو. مان آيس ته ھال ٻاھران ھڪ اديب ھڪ فلمي شاعر گلشن باورا سان واقفيت ڪرائي. مون چيو؛ شاعر آھي! ھتي ڪيئن؟ پاسي ۾ گٽر ته ڪونھي! ۽ مان اندر ويس. شاعر لال پيلو ۽ سائو ٿي ويو. شايد پھريون دفعو ڪنھن اديب سان بدتميزيءَ سان پيش آيس ۽ راجڪماريءَ جو لڳايل الزام صحيح ثابت ڪيم.
    مون کي ڏسي راجو اڳيان وڌيو ”ھل نه“
    ” ڪيڏانھن“؟
    ” پنھنجي راجڪماريءَ وٽ“.
    ” مان ھن جو مُنھن به ڏسڻ نٿو چاھيان“.
    ”ھوءَ روئي ويٺي“.
    ” ٻڌ راجو ھن ڌرتيءَ تي اِھڙو ڪو انسان پئدا ٿيو آھي جو موھن جي بيعزتيءَ ڪري سگھي ۽ پنھنجي عزت بچائي سگھي“.
    ” ڳالھ خسيس آھي“!
    ” ڳالھ تمام وڏي آھي“.
    مون کي ڏسي بلئڪ اڳيان وڌي آئي ۽ اچي ھٿ ملايائين. راجو وڃي پنھنجي سيٽ تي ويٺو ۽ کيس ڪجھ چيائين. ھن مون ڏانھن نھاريو ته مون مس بلئڪ جي چيلھ ۾ ھٿ وڌو ”ھل ته ٻاھر ڪوڪ پيئون “.
    ھن منھنجي ڪلھي تي ھٿ رکي چيو”ھل “
    ٻاھر ڪوڪا ڪولا پيئندي بليڪ پڇيو ”اڄ ڏاڍو خوش ٿو نظر اچين“.
    ” اڄ پھريون دفعو ائڪٽنگ ٿو ڪريان. ڳالھ ھيئن آھي“...
    مون کيس سڄي ڳالھ ٻڌائيندي چيو ”تون ڪجھ مدد ڪر. مون سان گڏ ويھ“.
    ” جيئن تون چاھين“.
    ھڪ دفعي مون راجڪماريءَ کي چيو ”منھنجي ياداشت ڏاڍي ڪمزور آھي“.
    ” پوءِ ته مان مري ويندس“.
    ” ڇو“؟
    ” پوءِ ته توکي تنھنجا واعدا به ياد نه پوندا“.
    ” واعدا وسري ويندا، پر ماڻھو ته ساڳيو آھيان. ڪو بدمعاش نه آھيان. وري به ساڳيا وعدا ڪندس“.
    ھوءَ کلي. ھڪ دفعي ھن چيو ”مون کي اوندھ گھرجي“.
    مون کيس چيو ”مون وٽ اوندھ ئي ته آھي. منھنجي گھر ۾، ادب ۾، ذھن ۾- منھنجين اکين ۾“.
    مس بليڪ ۽ مان گڏ ويٺاسين ته راجو وري آيو. ”موھن، غلطيءَ ٿو ڪرين“. ”مون کي مڪتي کپي. مون کي شانتي کپي، مون کي ڪويتا کپي. مان ھن لاءِ اِھو سڀ ڇڏي نٿو سگھان.“
    ان رات ٻين لڳي گھر پھتس. ھري موٽواڻيءَ ”آئيني اڳيان“ ڪالم لکڻ لاءِ چيو ھو. ان رات قلم ۾ زھر ڀري اھو لکيم-راجڪماريءَ سان ناتو ڪٽي ڇڏيم ۽ ڪڏھن سندس واٽ نه ورتم.
    اٽڪل ڏھ سال اڳي وي-ٽي -ٽيڪسي اسٽينڊ گڏي. اسان ٻنھي جي الڳ الڳ طور شادي ٿي چڪي ھئي. گفتگو مختصر ٿي؛
    ” ڪيئن آھيو“؟
    ” ٺيڪ آھيان“!
    ” ڪڏھن منھنجي ياد اچيوَ“؟
    ” ايندي آھي“.
    ” پوءِ ڪڏھن مون وٽ آيا نه آھيو“؟
    ” ڪڏھن سوچيو نه اٿم“.
    ” منھنجي ھڪ خواھش آھي“.
    ” اڃا به“؟
    ” بس -زندگيءَ ۾ ھڪ دفعو اوھان چانھ پيئڻ لاءِ منھنجي آفيس ۾ اچو“.
    ” نه مان ديوداس آھيان، نه تون پاروتي آھين“. مون چيو”تنھنجي اِھا خواھش ڪڏھن پوري نه ٿيندي“. مون کيس ھٿ جوڙيا ۽ مان ھليو ويس.
    نه، مان ڪٺور نه آھيان. پر رڳو موھي، جذباتي ۽ متوالو به نه آھيان. مون ترقي پسندن سان نھايت ڪٺور ٿي ٽڪر کاڌو. پر من منھنجو ئي ضربجندو ھو. مون اِھائي ڪوشش ڪئي ته جو صحيح سمجھان اِھو ڪريان، چاھي منھنجو اِھو صحيح سمجھڻ خود ۾ غلط ڇو نه ھجي. پيار مون گھڻا ڪيا آھن ۽ ھر پيار ۾ صادق رھيو آھيان. اِھي سڀ پيار منھنجي من جي الڳ الڳ ڪنڊن ۾ زندھ آھن. اڪثر مان عڪس انداز ٿيندو آھيان، پر ماضيءَ ۾ جيئڻ بدران حال ۾ نيون خوشيون خلقڻ جي جدوجھد ڪندو آھيان.
    دک ٿيندو اٿم، پر من جا زخم ايترا گھرا اٿم جو مشڪل اک ۾ ڳوڙھو اچي. مان غم کي پي ويندو آھيان ۽ ان ۾ ڪافي مھارت حاصل ڪئي اٿم. مون ”آئيني اڳيان“ ۾ ھڪ ھنڌ لکيو؛ مان موھن جو دڙو آھيان، گريس جو اٿينس، چين جي ڊٺل ديوار آھيان. من ۾ ڄارا آھن. ڪوريئڙا آھن، مان اندران ٽڪيو پيو آھيان“.


    14

    انھن ئي ڏينھن ۾ طارق اشرف آيو. مان تنھا. مايوس. اداس ھن مون تي ھڪ ڪھاڻي لکي ”گوندر ڪڍيا گونچ“ جا ڪھاڻي سُٺي ھئي، پر ان جي پڇاڙي خيالي ھئي ۽ ذاتي طور مون سان لاڳو نه ھئي. حقيقت ۾ مان ھڪ خياليءَ عورت جي تلاش ۾ ھوس ۽ جا ملي، اُھا اِن خيالي عورت جي ابتڙ ھئي. جا ملي اُھا ڪمل ھئي. مونکي لڳو آھي، منھنجي پيار جا سڀ درد ۽ شڪستون ڄڻ کيس پائڻ جون تياريون ھيون. مون ھن کي پنھنجون سڀ پريم ڪھاڻيون ٻڌايون آھن. ھوءَ کلندي آھي. گنو اڪثر چوندو آھي؛ ليکڪن ۾ زال ته موھن جي. ڪمايان، گھٽ ڪمايان، ھن دک سک ۾ منھنجو ساٿ ڏنو آھي. سترنھن سال سنڌ ۾. سترنھن عشقن ۾ ناڪامي ۽ سترنھن سال ڪمل سان گڏ.
    ”ڪ“ اکر سان منھنجو ھڪ اتفاقي ناتو رھيو آھي، ڪجھ ھن طرح؛
    1 جنم جو ھنڌ ڪوٽڙي
    2 پڙھائي ڪراچي
    3 لڏ پلاڻ بعد ڪلياڻ پناھگير ڪئمپ
    4 اسڪولي عشق ڪمل (بينا(
    5 تخلص ڪلپنا
    6 پھرين ادبي رسالي جي ايڊيٽري ڪونج
    7 پتني ڪمل
    8 پھريون شھر جتي سنمان ٿيو ڪلڪتو
    9 بھترين ڪتاب ڪانءُ ۽ سمنڊ ، تڏھن سمجھيو ھوم ته ڪتي جو موت مرندس جو ان ۾ به ته ”ڪ“ آھي. پر اتفاقن جو پنھنجو منطق آھي. جو ان ۾ ڪو به منطق ڪونھي.
    قلم ھٿ ۾ آھي ۽ ڪٿا، پنھنجي ۽ مان خود لکان ويٺو.
    ھڪ دفعي کلندي کلندي وري پيار جو تپ چڙھيو. ڪا ڪماري ”ش“ ھئي ۽ ڀڳوان ڪپور کيس چاھيندو ھو. ڀڳوان پوءِ فرانس ۽ آمريڪا ۾ پنھنجن چترن جا وڏا نماءُ ڪيا آھن ۽ ھن وقت آمريڪا ۾ رھيو پيو آھي.
    پئرس مان ھڪ خط لکيائين. ٻه ڳالھيون ڪجھ ھيئن ھيون؛
    فرانس ۾ انڊيا جا ٻه ڪتاب ھر شوڪيس ۾ ڏسبا آھن؛
    ڪام سوتر ۽ ڀڳوت گيتا.
    فرانس جي ھر آرٽسٽ جي شخصيت ۽ فطرت تو جيان آھي. ذھين، تيز، حملا آور، بيپرواھ، مڪت کلندڙ، موھن، ھتي مان فقط توسان ئي مليو آھيان.
    اِھا ”ش“ جنھن کي مان سندس خانگيت ۽ پنھنجي سھوليت موجب شبانا چوندس، مون کي پنھنجي پيءُ جي گھر ملي. جو خود فنڪار ھو ۽ ڀڳوان ڪپور روز اتي ايندو ھو. شبانا منھنجي ”موھي-نرموھي“ ڪھاڻي پڙھي. چيائين ”تون آھين اھڙو. ڪڏھن من چاھي ته تنھنجا پير ڇُھان“.
    ڀڳوان ڪپور وائڙو.
    چيو مانس ”ان کان بھتر آھي تون ست نارايڻ جي ڪٿا ڪرين“.
    ”ڀڳوان رنگن جو دوست آھي ۽ رنگ گونگا ٿيندا آھن. تنھنجي لفظ لفظ ۾ ساھ آھي“.
    ”ڀڳوان چيو رنگ به ڳالھيون ڪندا آھن“.
    ”تون آسمان ۾ بادل ڪڍندين ته ان مان برسات پوندي“.
    شبانا پڇيس.
    ”پر برسات جو وھم ته پئدا ٿيندو“.
    ”يعني تنھنجا رنگ نظرن جو دوکو آھي “!
    ” ته لفظن ۾ ساھ ڪيئن ٿيندو آھي“؟
    ”اِھي ڳالھائندا آھن“.
    ”ڇا ڳالھائيندا آھن“؟
    ”سچ ڳالھائيندا آھن“.
    ڀڳوان ڪپور کي خراب لڳو ۽ ھو ھليو ويو. ھڪ شام شبانا چيو ”ھي مندر ڪيئن آھي“؟
    ڏسان ته ڪاٺ جي شوڪيس ۾ شِو ۽ وِشنوءَ وچ ۾ منھنجو فوٽو پيو ھو.
    ھڪ غريب ليکڪ جو فوٽو ۽ ڀڳوانن جي ڀرسان !
    ” تو اِھو فوٽو ڪٿان آندو“؟
    ” تنھنجي راجڪماريءَ ڏنو “.
    ” ۽ مندر ۾ ڇو“؟
    ” ست نارايڻ جي پوڄا ڪرڻ لاءِ “...
    ۽ جڏھن گيتا راج مون کي زبردستي ناگپور وٺي ھلي ته ڏسان گاڏيءَ ۾ شبانا به آھي. ڏاڍي خوشي ٿي. مالھي به ھو ڀڳونتي به. ڪنھن اسٽيشن تان سترام روھڙا به چڙھيو. جنھن چيو ته سندس خواھش ھئي ته ھڪ فلم ڪڍي. مون چيومانس؛ سنڌين ۾ ڌرمي فلم ھلندي به ڪھڙي؟ ست نارايڻ جي ڪٿا. پوءِ ھن جيہ سنتوشي ما، فلم ڪڍي ۽ ڪروڙين رپيا ڪمايا. فلم ھنديءَ ۾ ھئي. ست نارايڻ جو نالو ٻڌي شبانا ٽھڪ ڏئي کِلڻ لڳي.
    ناگپور ۾ چيائين ”مالھي رڳو ريھرسلون لڳائي ويٺو آھي تون مون کي ڪٿي گھمائڻ وٺي ھل“. مون گيتا راج کي چيو. ھن چيو؛ مان به ھلندس. گيتا الڳ رڪشا ۾ ويٺي مان ھوءَ الڳ. شبانا چيو ”ھن کي ڇو ٿو وٺي ھلين“؟
    ” اڙي -ھن ۾ ڏاڍو موھ اٿم“.
    ” مون کي نٿو وڻي“.
    ” ڇا منھنجو موھ يا ھن جو ھلڻ“؟
    ” ھن جو ھلڻ“.
    ”ته مان ڇا ڪريان“؟
    ” تون مون کي وٺي ھل - اتي جتي ڪو رستو نه ھجي. ڌرتي ۽ آسمان مليا پيا ھجن. جتي ڪو به نه ھجي. فقط مان ۽ تون“.
    مون ھٿ -رڪشا ھلائيندڙ کي چيو؛ آھستي ھل. ڪٿي بيھج نه. جيترو به ھلي سگھين، ھل. وچ ۾ مينھن پيو. گيتا رڙ ڪئي: ڪيڏانھن موھن-؟ ڪيڏھن به ! پر اوندھ ٿي ويئي آھي! صبح ته ٿيندو. ته مان وڃان ٿي !
    اسين به اينداسين. ۽ گيتا موٽي ويئي. ڪلاڪ ٻن بعد رستي جي سامھون ھڪ بند آيو. مينھن بند ٿيو ھو. شبانا چيو؛ موھن، ھن کي پئسا ڏيئي ڇڏ.
    ” پوءِ واپس ڪيئن ھلنداسين“؟
    ” پنڌ“.
    ” ڏاڍي بدنامي ٿيندي“.
    ” سٺو“.
    ” ڇو“؟
    ” اسان ٻنھي جو نالو گڏ کنيو ويندو. پوءِ ان بدنمائيءَ کان بچڻ لاءِ شايد اسين شادي ڪنداسين “.
    رڪشا وارو ويو ته مون کانئس پڇيو؛ بند جي ساڄي روشني ۽ کاٻي اوندھ آھي. تون ڪھڙي پاسي ھلندينءَ. ھن چيو؛ اوندھ ۾ تون تارا ڏسج، مان توکي ڏسنديس.
    اٽڪل پنجاھ ڏاڪا مٿي چڙھياسين. پوءِ ڪجھ وقت ھلياسين. ھن ھلندي منھنجي ٻانھن ۾ ھٿ وڌو ۽ پنھنجو منھن منھنجي ٻانھن سان لڳائي ھلڻ لڳي. ڪافي اڳيان وڌي مان آسمان ڏانھن نھارڻ لڳس. ھوءَ آھستي اچي مون سان لڳي بيٺي مون ھن جي ڪلھي تي ھٿ رکي چيو”اھو نھايت سندر آھي“.
    ” ته پوءِ ڳالھاءِ نه “.
    مون چاھيو ته کيس چمان. ھوءَ به چمندي. پوءِ اسين اوندھ ۽ مٽيءَ ۾ ليٽي پونداسين. پر نه. اڄ مان ھن جي اکين ۾ آڪاش جا تارا ڏسندس. فنڪار آھيان. ڪجھ ٻين کان بلند ۽ مختلف آھيان.
    اسين ڪلاڪ کن بند تي ھئاسين ۽ واپس ورياسين ته ھڪ ٿي ويو ھو. مون. ”سرءُ جا پن ۽ پيلا پوپٽ“ ڪھاڻي ھن تي ئي لکي آھي.
    صبح جو گيتا چانھ جو ڪوپ کڻي اچي پاسي کان ويٺي ۽ ننڊ مان اٿاري چيائين ”آخر توھان کي ڪڏھن سمجھ ايندي“؟
    ” ڇو“
    ” رات ايترو دير سان آيا. ڪجھ دنيا جو سوچيو. ھوءَ به ڄڻ بيھوش ٿي سمھي پيئي آھي. ضرور اوھان کيس ريپ ڪيو آھي“.
    نظرون تيز ھوندي به ھن چانھ جو ڍڪ ڀريو.
    مون چيو ”اھو ته ڪنھن جي مرضيءَ جي خلاف ٿيندو آھي“.
    ” يعني توھان ڳالھ ته اھا ڪئي آھي. رڳو ھن جي مرضي ھٿ ڪئي اٿؤ“.
    ” نه -نه “! منھنجي آواز ۾ ڄڻ پڙاڏو ھو.
    ” توھان جي اکين ۽ چھري ۾ مون ايتري سونھن ڪڏھن نه ڏٺي آھي“.
    ” مان واسنا جي اگنيءَ ۾ جليو آھيان“.
    ” ھوءَ اوھان کان چوڏنھن سال ننڍي آھ. کيس ڪا سمجھ نه آھي“.
    ” سيتا جڏھن شادي ڪئي تڏھن ھن جي عمر چوڏھن سال ھئي“.
    ” تڏھن ته راوَڻ جي چنبي ۾ ڦاٿي“.
    ” ته مان راوَڻ آھيان“!
    ” نه موھن- مون کي غلط نه سمجھ. اوھين رڳو پيار ڪريو.
    ھوءَ شاھوڪار ڪٽنب جي آھي. اوھان جو سڄو پگھار ھن جي ڪاسميٽڪس تي خرچ ٿيندو“!
    مان اٿي ھٿ منھن ڌوئي آيس ته ڏسان ٻه ڪوپ چانھ جا کنيو شبانا بيٺي آھي. ھن پلنگ تي ويھندي چيو ”اڄ به اتي ھلنداسين“.
    ” اتي ڪٿي“؟
    ” جتي نه ڌرتي ھئي ۽ نه آسمان ھو- نه ماڻھو، نه روشني ھئي. فقط مان ۽ موھن“.
    ”موھن لفّظن جون ساڙھيون ڏيندءِ. پائيندينءِ“؟
    گيتا پڇيس.
    ” موھن منھنجو سپنو آھي “.
    ”موھن جو گھر ڏسندينءَ ته “... گيتا جملو پوروڪري ته موھن کيس ڪٽيندي چيو”، بيھوش ٿي ويندينءَ“.
    ” ته اِھو گھر نه ڏسنديس. ھو منھنجي گھر ۾ رھندو. مون سان“.
    ” تنھنجا ماءُ پيءُ “؟
    ” اُھي ڪا ٻي جڳھ ڪندا “.
    راجو به ڪرسي کڻي اچي ويٺو. مون کي ڏسي پيو مشڪي. شام ٿي ته مالھيءَ چيو: ناگپور جا ڪي ڪامريڊ اچن ٿا. ڪافي تيز آھن. تون ڪيڏانھن وڃج نه. ڏسج جيئن بحث ۾ ھنن تي حاوي پئون. اِھا رات بحث ۽ چرچن ۾ ختم ٿي ۽ مان شبانا سان وڃي نه سگھيس. موٽندي گاڏي خالي ھئي. شبانا چيو ته ھل ته ڊائيننگ ڪار ۾ چانھ پيئون گاڏي ٻه ڪلاڪ ھلندي رھي. مون ھن جو ھٿ ڏٺو. منھنجي کاٻي ۽ ھن جي ساڄي ھٿ جون ليڪون ساڳيون. ھن جي کاٻي ۽ منھنجي ساڄي ھٿ جون ريکائون به ساڳيون. يعني ان علم موجب. مون کي ھن جھڙي زال، ھن کي مون جھڙو مڙس ملڻو ھو. منھنجي علم ۽ زندگيءَ جي ليڪن وچ ۾ وڏي وڇوٽي آھي. اِھي ساڄي ڇيڙي تي به الڳ آھن، جن لاءِ ڪتاب چوندا آھن ته ڪلا ۽ ڪرانتيءَ جون ريکائون آھن ۽ ماڻھوءَ جي سوچ پوري دنيا جي ڀلي ۾ لڳي رھندي آھي. ھوءَ پڪي گھريلو. ڪلاتمڪ سڀاءُ. سک درسي.
    گاڏو سڄو خالي. مالھيءَ جو گروپ ھڪ طرف، ته منھنجو ٻئي طرف. راجو گيتا وڃي مٿي سمھيا. ساڄي بينچ تي ٻار-ھوءَ منھنجي گود ۾ مٿو رکي ڪتاب پڙھڻ لڳي. مان ھن جي وارن سان ڪجھ ھلڪو کيڏڻ لڳس. ڪڏھن اِھو سندس ڊگھي ڳِچيءَ تي رکيم ۽ ڪڏھن آھستي، نزاڪت ۽ کن پل لاءِ ٿورو ھيٺ ۽ اڃا به ٿورو ھيٺ. ڪلاڪ ٻن بعد ھوءَ اٿي. چيائين، ”ٿڪجي پيو ھوندين اچ“.
    ھوءَ اٿي ويٺي. مان ھن جي گود ۾ ليٽيس. ھن کاٻو ھٿ وڌائي منھنجي منھن جي کاٻي پاسي لڳايو ۽ پوءِ اِھو ھٿ وٺي وارن تائين آندائين. ان کن سوچيم ته ايڏو سک، آنند، ڪڏھن به ڪٿي به نه مليو اٿم.
    بس، ھلندي رھي ھيءَ گاڏي. ڪڏھن به ختم نه ٿئي. سفر ۽ رات. مان زندگيءَ جا سڀ ڏوھ معاف ڪري ڇڏيندس. وري ھن جو ھٿ ساڄي ڳلي تي. وچ ۾ گيتا اٿي. ھيٺ لٿي. ٽائيلٽ ويئي. آئي وري وڃي مٿي سمھي پيئي. ھن ڏٺو مان شبانا جي پھلوءَ ۾ ليٽيو پيو ھوس.
    مان ڪافي راتيون سندس گھر ويس. ھن کي شطرنج راند سيکاريم. پوءِ اتي ڪافي راتيون رھيس به. سر تي ھڪ عجيب نشو. ڄڻ ھوا ۾ ٿي ھليس. ۽ پوءِ شايد ھڪ غلطي ڪيم مون ۾ احساس ڪمتري جاڳي ته مان کيس شاديءَ بعد سکي رکي نه سگھندس. ائين نه آھي ته ھوءَ ماديت پرست ھئي. پر منھنجي مالي حالت اھڙي نه ھئي جو کيس سندس گھر جھڙو سک ڏيئي سگھان. سو ھڪ صبح سندس ماءُ کي چيم ”ايندڙ مھيني شادي ٿو ڪريان“.
    ” ڪنھن سان “؟ ھن پڇيو.
    شبانا گارڊريج جي ڪٻٽ مان ڪپڙا ٿي ڪڍيا، جي ڏينھن ۾ چار دفعا ڪڍندي ھئي، صبح، شام، رات. ”ڪا آھي. بي- اي آھي. ست سؤ پگھار اٿس الھاس نگر ۾ رھندي آھي. شبانا ڄڻ ڪٻٽ ۾ سمائجي ويئي. ھن مون کي پيار ڪيو. سنمان ڏنو. فوٽو مندر ۾ رکيائين. ڪڏھن به غلط نه ھئي. ڪافي گھري ٿي. شايد اھا وڏي ڀل ڪيم. چئي نٿو سگھان.
    منھنجي ھر فيصلي جي ڪاتب منھنجي غريبيءَ يا ان جو من ۾ ويٺل ھراس ھو.
    ان بعد اتي نه ويس. گھڻا سال پوءِ ٻڌم ته ھوءَ آمريڪا ويئي آھي.
    چار پنج سال ٿيا ته ھتي آئي. ستيہ سائين بابا آيو ھو- ڪمل چيو : وٺي ھل. مان پريس باڪس ۾ ويٺس ۽ ڪمل اڳيان، الڳ طور زالن ۾. اتي لک کن ماڻھو آيا ھئا. جڏھن بابا ويو ته ھڪ آواز ٻڌم: موھن.
    ڏسان شبانا بيٺي آھي. ھٿ ملايائين.
    ” آمريڪا مان ڪڏھن آئينءَ“؟
    ” ڪلھ “. مشڪي ”ٻڌم تو شادي ڪئي“.
    ” تو نه ڪئي آھي“؟
    ھن ڪابه ائڪٽنگ نه ڪئي”شاديءَ !ڪجھ بي معنيٰ لفظ آھي. تون ڪيئن آھين“.
    ” تون پنھنجي ٻڌاءِ “.
    ” پنھنجو ڪجھ ڪونھي. زال سان ملاقات ته ڪراءِ “!
    ڏسان ته آنچل پيو اچي. مشڪي آنچل سان گڏيس. ھو گڏجي ھليو ويو “
    مون سگريٽ دکايو ”ترس هتي ئي آھي.“ ”ڪيئن آھي؟“
    ”ڏاڍي سٺي آھي. “
    هن مشڪيو. ٿورو ترسي پوءِ ھلي ويئي- ان بعد ٻڌم ته ڪنهن ايرانيءَ سان شاديءَ ڪئي اٿائين. آخر هن به ان بي معنيٰ لفظ کي ڪا عزت بخشي. کيس ڇڏڻ جو ڏاڍو ڏک ٿيم. منجهيل هوس ته مون جو ڪجھ ڪيو، اهو غلط ڪيو يا صحيح. ٻي ڪا ڇوڪري ٻوڪري ته هئي نه. پر اهو فيصلو ڪيم ته بس هاڻ عشق ٻشق بند، هاڻ مان شادي نه ڪندس ۽ سڄي عمر ڪنوارو رهندس. ڪڏھن ته کيس خبر پوندي ته مون شادي نه ڪئي هئي ۽ جيڪڏھن هن طرف منهنجو منهنجو فيصلو غلط هو ته باوجود ان جي هن طرف منهنجا ارادا نيڪ هئا ته مون کيس ايترو چاهيو ٿي جو مان اهو تصور ۾ به برداشت ڪري نٿي سگهيس ته هوءَ مون وٽ دکي رهي، پر جيئن ته هوءَ نهايت نيڪ هئي ۽ مون به کيس پيار ڪيو ٿي، تنهن ڪري جي هن سان شادي نٿي ڪيم ته ٻئي ڪنهن سان شاديءَ جو سوال به نٿو اٿي. بس پيو هوندس کٽ تي. آڪاش جا تارا ڏسندس ۽ محو- خواب ٿيندس. ڪڏھن تارن جي پيچري تان هوءَ منهنجي ذھن جي چانئٺ تي اچي بيهندي. پرمنهنجي ذھن کي ڪا چانئٺ نه آھي. نياضيءَ کان شبانا تائين من جون غفائون آھن، جتي ڪيتريون مورتون روشن آھن. ۽ اها، انگريز ڪويتا!
    منهنجي پريمڪا! مان تو لاءِ ڪجھ ڪرڻ چاهيان ٿو، پر مان تو لاءِ ڪجھ نه ڪندس ۽ توکي خبر نه پوندي ته تو لاءِ ڪجھ نه ڪرڻ جي درد ۾ مون ڪيترو ڀوڳيو- ڪيترو سٺو. لارينس به چيو آھي: تنهنجي پيار جو درد، پرين، منهنجي سهڻ کان ٻاهر آھي.
    ڀڳونتي ناواڻي- سادي سودي ۽ سٻاجهي، نيڪ ۽ با اخلاق، مهذب. گهٽ ڳالهائو. هن لوڪ گيتن سان سنڌين کي سنگيت جي ستن سرن ۾ ٻڌي رکيو آھي. ناگپور ايڪسپريس ۾ هوءَ به هئي. پر هن مشڪي اها هوشياري نه ڏيکاري ته هوءَ شبانا ۽ منهنجو سٻنڌ سمجهي رھي هئي. اسين جڏھن ڀوپال کان سانچي (1961) وياسين ته مون گلي ۾ مفلر ۽ مٿي تي ڪنهن دوست جي جناح ڪيپ پاتي. ڀڳونتي چيو: سانچيءَ جق اسٽوپ ٻه هزار سال پراڻا آھن. موهن، مونکي تنهنجي لمبي ڪويتا ”اجنتا جون غفائون“ ڏاڍي وڻي. مان سانچيءَ جي ڪلا تنهنجي معرفت سمجهڻ چاهيان ٿي.
    اسين ڪلاڪ ٻه اتي هئاسين. پوءِ لعل سنگھ اجواڻيءَ جي رهبري هيٺ ڏاڪڻ تان هڪ اسٽوپ تي چڙھياسين ته اجواڻي صاحب گائيڊ کي چيو، ”اسان جو آرڪيٽيڪچر ۽ اسڪلپچر ۾ ڪو چاھ ڪونهي. تون موٽي وڃ. “
    مون چيو، ”اجواڻي صاحب، چار ڏاڪا مٿي بيٺا آھيو، ان جو مطلب اهو ناهي ته اسان کي هيٺ ڪريو. “
    ”تون هيٺ سٺو آھين. “ هن جوش ۾ چيو، ”توکي کپي ته گائيڊ کي تون وٺي وڃ.“
    گائيڊ، ڀڳونتي ۽ مان.
    گائيڊ چيو، ”سانچيءَ جا اسٽوپ ٻه هزار سال پراڻا آھن. گوتم ٻڌ مورتي پوڄا خلاف هو، ان ڪري هن جي پوئلڳن وڻ جي روپ ۾ ٻڌ جي ڪلپنا ڪئي. هيءَ عورت ڏسو. وڻ کي هٿ جوڙي بيٺي آھي ۽ هن جو ٻار، اهو به هٿ جوڙي بيٺو آھي، پر هن جي ڏنگائي، ماءُ جو نقل، هن جي معصوم بيهڪ مان ظاهر آھي. هي ٻڌ جو پتلو آھي. اهو ڪنهن يوناني شلپڪار ٺاهيو. ٻڌ جا وار گول، گهنڊيدار آھن. وارن جو اهو فيشن نج يوناني آھي ۽ هيءُ وڻ ڏسو. ان کي هوءَ ننگي عورت هٿ لڳائي بيٺي آھي. هوءَ اگهاڙي نه آهي. چڱيءَ طرح ڏسو. موهن جي دڙي جي نرتڪيءَ جيان، ڪراين ۽ مرن وٽ پوشاڪ جا وڪڙ اٿس. يعني اسان وٽ اڳ اوچو ڪپڙو ٺھندو هو. پر ڇوڪري لڳي اگهاڙي ٿي. ڪيئن خبر پوي ته هوءَ پاڪيزه آھي؟ اڳي ڪنهن به شريف عورت ۾ ماڻھن کي بدچلنيءَ جو شڪ پوندو هو ته کيس هڪ خاص وڻ وٽ وٺي ويندا هئا. جيڪڏھن ڇوڪري وڻ کي هٿ لڳائي ۽ ان ۾ گل ڦل ظاهر ٿين ته معنيٰ عورت پاڪيزھ آھي. هن وڻ ۾ گل ۽ ڦل آھن. يعني پاپ اگهاڙپ ۾ نه آهي. “
    ڀڳونتي آهستي چيو، ”ڪاش اهڙا وڻ اڃا به هجن. “
    مون چيو، ”اهڙا وڻ مردن لاءِ به هجن، پاڪيزگيءَ جو اصول مردن سان به لاڳو هجڻ گهرجي. “
    ايتري مختصر گفتگو ۽ طوفان مچي ويو. ھڪ فوٽو گرافر دوست چيو؛ ڇوڪرين کي ڦاسائڻ ۾ تون جادوگر آھين.
    چيومانس؛ شرم اچڻ گھرجيئي، ڪنھن شريف ماڻھوءَ کي بدنام ڪرڻ کان بھتر آھي ته پنھنجو ڌيان فوٽوگرافيءَ ۾ ڏين ۽ ڪي چڱا فوٽا ڪڍين. ھڪ اديب بنا پڇڻ جي ڀڳونتيءَ جي وڏي ڀاءُ کي چيو ته موھن ھن لاءِ ٺيڪ رھندو ۽ پاڻ ئي ٻڌايائين ته ھن کيس چيو؛ موھن؟ ھو ته اوباش آھي. ڏينھن ڪٿي ۽ رات ڪٿي.
    خبر ناھي ڀاڻھس ائين چيو، نه چيو. پر جي چيائين ته اِھو سچ ھو. ائين شايد ان رٿ جي ڀڳونتيءَ کي به خبر پئي. مون ائين محسوس ڪيو. پر مون اڄ تائين کيس ڪنھن به قسم جي صفائي يا سمجھاڻي نه ڏني آھي. اسين ٻئي ادب آداب سان گڏجندا آھيون. ھڪ انٽرويو ۾ ھن چيو؛ سنڌيءَ ۾ منھنجي پسند جا ٻه ليکڪ آھن؛ گوبند مالھي - موھن ڪلپنا.
    ۽ مان ڏينھن ڪٿي - رات ڪٿي. ڪنھن اونداھيءَ ۽ تاريڪ رستي تي به ھليو آھيان.
    ايشيائي ليکڪ سميلن ۾ اسين ڪي ليکڪ رستو ڀلجي پياسين ۽ غلط رستي تي پياسين، جتي ڪي غلط عورتون به ھيون. ھونءَ نه ته رستا غلط ٿيندا آھن ۽ نه عورتون اسان نظام جون لعنتون ماڻھن ۽ رستن مٿان وجھندا آھيون.
    ھڪ جوان ڇوڪريءَ ڪلھي کان جھليو ”وڃين ڪيڏانھن ٿو- اچ“.
    مون ڪلھو ڇڏائي چيو ”ھٽ“.
    بمبئيءَ ۾ ضيا ڪنھن فلم لاءِ گانا ڏيڻ ھليو. اھڙي ڪنھن رستي کان لنگھيو. ھڪ جوان ڇوڪريءَ اک ھنئي.
    ضيا پڇيو ”ويندين“؟
    ” ڪيڏانھن“؟
    ” ھن وٽ. پئسا کپني“؟
    ” اوھان وڃو“.
    ” مون وٽ ھاڻي جواني ڪٿي“!
    دھليءَ ۾ ڪن دوستن چيو؛ ڪناٽ طرف ھڪ ھوٽل آھي. پوري ھندستان جي سونھن آھي اتي. مون به چاھيو ته اِھا دنيا ڏسان، جا ڪڏھن ڪٿي نه ڏٺي ھئم. خرچ جي جوابداري جيوت جوت کنئي. ڄڻ جواھريءَ جي دوڪان تي وڏن بلبن جي روشني. عمر سورھن، ارڙھن، ويھ. ڪپڙا اوچا. صفائيءَ، سينگار، مشڪڻ ۽ اکين جو چمڪڻ. ٻيا سڀ شادي شدھ ھئا، ٻاھر ئي پيسا ڏيئي مون کي اندر موڪليائون. مون ھڪ پسند ڪيو. ھڪ اندر ٿي، دروازو بند ڪيو ته اتي ٺڪ ٺڪ ٿي. ھڪ ماڻھو آيو. چي؛ روم جي مسواڙ ڏي. اِھا ته ڪنھن سوچي به نه. مون وٽ چار پنج رپيا. ٻه رپيا ورتائين ۽ ھليو ويو.
    ھن دپٽو ھوا ۾ ڦٽو ڪيو ۽ مون ڏانھن نھاريائين. مون ڪرسيءَ تي ويھي سگريٽ دکايو ۽ ھن ڏانھن نھاريم.
    “تون پڙھيل آھين “؟
    ” ھا - مئٽرڪ پاس آھيان“.
    ” ته پوءِ نوڪري نه ٿي ڪرين“؟
    ” تون وٺي ڏيندين“؟
    ” مان ته خود به بيروزگار آھيان“.
    ” تو ۾ مون ۾ ڪھڙو فرق! ٻئي ساڳي جڳھ تي آھيون“.
    ” تون ڪيتري سھڻي آھين“.
    ” ھاڻ پيار جو ناٽڪ نه ڪريو. مون کي پنھنجي زال نه سمجھو. وقت نه وڃايو“.
    ” نه - مان ان ڳالھ لاءِ نه آيو آھيان“.
    ” پئسا واپس نه ملندئي“.
    ” تون پنھنجي سونھن جي سھاري جي سگھين ٿي. پنھنجو جسم نه وڪڻ. مشين تي ڪپڙا سِب. محنت ڪر“.
    ” مان اِھو سڀ ڪنديس- تون مون سان شادي ڪندين“؟
    مان ھٻڪيس.
    ھن چيو ”ھتي سڀ ماڻھو تو وانگر ئي ڳالھائيندا آھن. پريم ڪندا آھن ۽ پوءِ ھنن جو ڪو پتو نه پوندو آھي“. مون کي سرجوءَ جي ڳالھ ياد آئي ته ”آواره“ ناول اڌورو آھي. ڪتابن ۾ ئي جوان وئشيائن سان شادي ڪندا آھن ۽ شاديءَ بعد پئدا ٿيندڙ مسئلا نظر انداز ڪندا آھن.
    کيس ٻئي ھٿ جوڙي چيم”معاف ڪج- مون تنھنجي دل ڏکوئي. مان ھڪ ڪمزور انسان آھيان. دراصل مان ھڪ پرديسي آھيان. کيسا به خالي اٿم. مان ته پنھنجي لاءِ به ڪجھ ڪري نٿو سگھان“.
    مان ھليو آيس. ان رات مون گني کي ھڪ ڊگھو خط لکيو. سڄي گفتگو لکي مانس. ڀاونا ۽ مطلب اِھو ڇو جو ڪا به گفتگو لفظ به لفظ ته مشڪل ئي ياد رھندي آھي. منھنجي گفتگو ۾ ڪابه اڻ چيل ڳالھ ڪانھي. لفظ بدليل ٿي سگھن ٿا. مان جيڪڏھن ڪورٽ ۾ ڪنھن ھڪ ڳالھ جي ڏھ دفعا ساڳي شاھدي ڏيان ته ڏھني بيانن جا ڏھ ئي اظھار ھڪ ٻئي کان مختلف ھوندا، جيتوڻيڪ حاصل مطلب ساڳيو ھوندو.


    15

    ان بعد لوناولا جي ھوءَ ڪرسچن ملي، جنھن جي اکين ۽ زندگيءَ ۾ اوندھ ھئي ۽ مون سان ملي به اوندھ ۾.
    جيپور ۾ گھنشام پمناڻيءَ سان ناچ ڏسڻ ويس. واچ ۽ مُنڊي نارايڻ ڀارتيءَ کي ڏنم ۽ کيس پرچي ۾ پنھنجو ”واچ-مُنڊيءَ سيڪريٽري سڏيم، جو پاڻ نه ھليو. اتي ھڪ راجپوت نرتڪيءَ سٺو ناچ ڪيو ۽ راڳ ڳايو:
    بھت شڪريا - بڙي مھرباني
    ميريءَ زندگيءَ ۾ حضور آپ آئي-
    قدم چوم لون يا آنکين بڇادون
    ڪرون ڪيا يہ ميري سمجھ ۾ نه آئي.
    ھوءَ پمناڻيءَ وٽ ويٺي ته ھن چيس؛ ھٽ. ھتي نه!مون چيومانس؛ تون مون وٽ اچ، ھتي. ھوءَ آئي. گوڏا کوڙي اڳيان ويٺي. مٺيون مٿي طرف ڪندي، چيلھ لوڏي ھن ٺونٺيون مون ڏانھن وڌايون. نظرن. پلڪن ۽ ڀرن سان قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. وري اُٿي. پٺيان ويئي. ھڪ چڪر کاٻي. ھڪ ساڄي چڪر. پمناڻيءَ ۽ مون ھڪ ٻئي مٿان رپئي رپئي جا ڪافي نوٽ گھوريا. ۽ پوءِ ٻي ڪوٺيءَ مان ھڪ ٻار جي روئڻ جو آواز آيو. ھوءَ ٿورو ٿڙڪي ۽ پاڻ سنڀالي ويٺي.
    مون سوچيو؛ ھن سنسار ۾ اِھو ڏينھن ڪڏھن ايندو، جڏھن اِھي عورتون پئسن يا معاشي سلامتيءَ جي لاءِ نه نچنديون، جسم نه وڪڻنديون. لعنت آھي مون تي مان ھڪ عورت جي مجبوريءَ کي پنھنجي عياشيءَ جو شڪار بڻايان. مون ته ڪا ٻي دنيا بنائڻ جو سوچيو ھو. عورتن جي پوڄا ڪجي. عورتن سان پيار ڪجي. ڪا به مھرباني نه. ھڪ اُھو نظام جتي کين اقتصادي آزادي ھجي. پنھنجي مرضيءَ سان ھو ڪجھ به ڪن.
    ” برسات“ فلم ۾ اھڙو ئي ھڪ منظر آھي. راجڪپور پريمناٿ کي ٻاھر ٿو وٺي وڃي ۽ چوي ٿو؛ ھوءَ ماءُ آھي.
    مون ۾ به ساڳيو احساس جاڳيو. دنيا ڪڏھن ٿي بدلجي، اھو ته دعويٰ سان چوڻ مشڪل آھي. پر مان اِھو يقين سان چئي سگھان ٿو ته باوجود سماجڪ نابرابريءَ ۽ آرٿڪ غير سلامتيءَ جي ماڻھو پاڻ کي بھتر بڻائي سگھي ٿو. ان بھتريءَ جي آدم سان گڏجي نظام بدلائڻ جي شعوري ۽ اجتماعي جدوجھد ڪجي ته وڏو انقلاب برپا ٿي سگھي ٿو. انقلاب جي شروعات ماڻھوءَ کي پاڻ وٽان ڪرڻي آھي.
    نظام نٿي بدليو ۽ ائين مون لکنوءَ ۾ لعل پشپ سان، بئنگلور ۾ اڪيلو، ڪيترن شھرن ۾ ڪيتريون شامون ان تاريڪ دنيا ۾ گذاريون. مدن جماڻيءَ شڪيلا بابو ڀوپاليءَ سان واقفيت ڪرائي، جنھن کيس ڀاءُ بڻايو ھو. شڪيلا ڳائيندي ائين ڪري، ڄڻ پٽ تي ريشمي رئو ڪريو. ان ڪري ”سرءُ جا پن -پيلا پوپٽ“ ۾ موھن پشپا کي چوي ٿو ”ھو عورتون نه آھن. لاش آھن. “ ۽ ھڪ ھنڌ ”مون ھنن جو زھر ۽ ھنن منھنجو رت پيتو آھي“.
    ان طرح ڪيترن شھرن ۾ مون زھر پيئڻ جي خواھش ڪئي، ۽ ان ڪري مون ”آئيني اڳيان“ ۾ لکيو؛ ڪيترن حالتن ۾ مون زھر پيتو آھي ۽ مون اِھي گلاس به کاڌا آھن ۽ انھن شيشن سان منھنجو سڄو اندر چيرجي ويو آھي ۽ مون به مجاز جيان چوڻ چاھيو آھي:
    اي غم - دل ڪيا ڪرون - وحشت - دل ڪيا ڪرون
    زيست ڪو آواز دون - يا موت ڪو آواز دون!
    مون کين ”ھٽو، مون کان پري ٿيو“. ۾ ايوننگ وائيوز ۽ ھڪ ڪوتا ۾ ”اڌ ڪلاڪيءَ پريتمائون“، ڪوٺيو آھي. مون ڪڏھن به ھنن کان نفرت نه ڪئي آھي ۽ منھنجو من ھنن لاءِ رنو آھي.
    شڪيلا بانو ڀوپاليءَ سينگار ٿي ڪيو. مدن جماڻي ھن جي روم ۾ ويو. کيس مون بابت ڪجھ چيائين ۽ پوءِ اپٽا جي ريھرسل لاءِ ھليو ويو. مان اڌ ڪلاڪ کن اوطاق ۾ ويٺو ھوس، جتي منھنجي واقفيت ڪن شاعرن سان ٿي. جي شڪيلا لاءِ ڪلام لکندا ھئا. مون بابت ٻڌايائون ته ليکڪ آھي ته ھڪ شاعر پڇيو ”سنڌي ۾ غزل ڪيئن ٿو لکيو وڃي“؟
    چيومانس ”سنڌي شاعرن غزل مان مئنا ۽ ساغر، گُل ۽ بلبل، شمع ۽ پرواني، چنڊ تارن، ساقين ۽ رقيبن کي ڪڍي ڇڏيو آھي. سنڌي غزل ۾ تغزل بدران سوشلزم جو رنگ آھي“.
    ھڪ شاعر ڪرسيءَ تان ڪري پيو. کاٻي ھٿ جون پنج ئي آڱريون ائين بند ڪيائين ڄڻ ھٿ ۾ گلاس ھوس. اِھو ھٿ مٿي ڪري اڌ اکيون ٻوٽي چيائين ”غزل گلاب جي پنکڙيءَ جيان نازڪ ٿئي ٿو ۽ جا پنکڙي فقط شبنم جو بار کڻي سگھي ٿي، پر سوشلسٽن انھن مٿان ائٽم بم رکي ڇڏيو آھي“.
    مون تمام وڏو ٽھڪ ڏنو. ان بعد ڪافي کليم. سوچيم اسان جي ادبي ڪلاس ۾ ھجي ته اسان جا ترقي پسند دوست سندس ڌڄيون اُڏائي ڇڏين. مان حملي کي اڪثر رانديگر جي جذبي سان وٺان ۽ جلد تاءُ نه کان. اندران ھڪ عورت آئي ۽ جنھن مون کي جھڪي آداب ڪيو. مون به کيس ان انداز سان سلام ڪيو.
    چيومانس: سالن کان تنھنجو غزل ٻڌڻ چاھيان ٿو. چيائين: ھوءَ اندر آھي. اوھان کي اندر سڏايو اٿائين. ھينئر اوھان پئي کليو نه ؟
    ماھتاب محبوب اڪبر علي دوڪان تان ڪافي چيزون ورتيون. ھري موٽواڻي ۽ ڪلا جوھر به گڏ ھئا. کيس حيدرآباد جي ڪنھن اديب لاءِ دوا کپندي ھئي ۽ مان ھوا ۾. ڪيمسٽ بدران جنرل اسٽور ۾ ويس، سيلسمئن مشڪي چيو ”ھتي نه - سامھون “! مون ان ريت ئي البته آھستي کليو ھو، جو ماھتاب چيو ”ڪاش، ڪئيسٽ ۾ اوھان جي کِل ڀري وڃان“ شايد اھڙي کِل عصمت چغتائيءَ موھن راڪيش جي ٻڌي. جا ڳالھ ٽي- وي تي ٻڌايائين.
    مون سمجھيو ته شڪيلا کي منھنجي اِھا مڪت کِل وڻي ھوندي. وري سوچيم ته اعليٰ سماج ۾ زور سان کِلڻ کي بدتميزي سمجھيو ويندو آھي، سو شڪيلا شايد ناراض ٿي ھجي. اسان وٽ باقي کِل ئي ته بچي آھي. کِل درد جي زال آھي. درد من ۾ ھجي ته ڪنھن به ڳالھ تي کِل اچي. ھن اردو شاعر ائٽم بم جي ڀيانڪتا کي پنکڙيءَ جي نزاڪت جي ضد ۾ پيش ڪيو، ڄڻ خطرو ان جي بار مان آھي. خطرناڪ بارود مان نه.
    مان چپ چاپ شڪيلا جي سامھون بيٺس. منھن تي ڪا به مشڪ نه. اکين ۾ سادگي. ڄڻ ڪا وڏي تمنا پوري ٿي ھئي.
    ھن ھٿ اڳيان وڌايو ۽ مون ھٿ ڏنومانس ته ان کي پنھنجي ھٿ ۾ جھلي پنھنجو ڪنڌ مٿي ڪري اکين ۾ ائين نھاريائين ڄڻ امبر محل ٿي ڏٺائين.
    شايد کيس ڏاڍو سٺو لڳس.
    چيائين ”اڄ ولڀ ڀائي پٽيل اسٽيڊيم ۾ منھنجو پروگرام آھي. تون مون وٽ اچج. مان تنھنجي سامھون ويھندس. توکي غزل مٿان غزل ٻڌائيندس“.
    پوءِ مون سان گڏ ئي ڏاڪڻ تان ھيٺ لٿي. ڪار ۾ ويٺي. خدا حافظ چيائين ۽ ائين به: پنھنجو خيال رکجو.
    مان ھڪ ڪنگال. ھن کي ته مون مان ڪجھ ملي نٿي سگھيو. مدن جماڻيءَ، اسٽيج آرٽسٽ جي چوڻ تي ملي. پر ان ادب آداب ۽ دعا جو ڇا؟ انھن چند لمحن ۾ مان ھن کان ڏاڍو متاثر ٿيس. پنھنجو خيال رکجو.
    ڪيڏي تھذيب - ڪيڏي شفقت.
    ائين لعل پشپ ڪنھن شاردا نالي پرائيوٽ وي- آءِ پي سان واقفيت ڪرائي ۽ ھڪ دفعي ھن چيو ”ماڻھو اسان وٽ ڇو ٿا اچن؟ اِھو سڀ ته کين گھر ۾ به مِلي ٿو. پر اتي ان رشتي جي ماضيءَ، ڪي جوابداريون آھن. جنھن سبب ماڻھو اڪثر پاڻ کان خفا رھن ٿا. ھتي نه ڪلھ جي شڪايت، نه سڀاڻ جي جوابداري. نه موھ، نه ان جو درد. ھتي ڪجھ به ڳالھائڻ ۽ ڪرڻ جي آزادي ماڻھو ان چيز جو قدر ڪن ٿا ۽ اسان وٽ اچن ٿا“.
    ” اِھا ته ھڪ طرفي آمدرفت آھي. تون ڪجھ ڪرين ٿي ٻڌين ٿي. ڇا ھميشہ ان ۾ تنھنجي مرضي شامل ھوندي آھي“.
    ” اسين ته لاش آھيون. اسين ھر رات جنم وٺون ۽ ھر صبح مري وڃون. اسانجي ڪابه مرضي نه ٿئي. اسان جي ڪا به خواھش نه آھي. اسان کي ڪو خواب، ڪا اميد نه آھي. اسان وٽ ڪنھن جو انتظار ڪونھي، ڪو به اسان وٽ نه ايندو. اسين آريسون آھيون، جتي ماڻھو پنھنجون تنھايون ڏيو وڃن. ھو اسان سان نه، پنھنجين تنھائين سان ڳالھائيندا آھن. ھو پاڻ سان مشغول رھندا آھن ۽ خوش ٿيندا آھن“.
    ۽ ھِن مُشڪي ڏنو ھو.
    مون ڏٺو آھي ته ھر ماڻھوءَ کي پاڻ ۽ زندگيءَ لاءِ ڪو نظريو ضرور ھوندو آھي. ڪارل مارڪس چيو آھي ته ھر ماڻھوءَ جو شعور، ھن جو سماجڪ وجود طئہ ڪري ٿو. جيڪڏھن سماج جي تبديليءَ جي اصول تي ٻڌل نه ھجي ته سڀ ماڻھو ساڳيون ڳالھيون ڪن. ۽ جيئن ته سماج ۾ ماڻھو الڳ پيشن ۾ ورھايل آھن ته ھنن جو شعور به ھڪ ٻئي کان الڳ ٿئي، ان ڪري ئي شايد تلسيداس چيو؛ تلسي اس دنيا ۾ ڀانت ڀانت ڪي لوگ!موچي جوتن، حجام وارن، جي ڳالھ ڪندو. شراب وڪڻندڙ چوندو؛ مان ماڻھن کي ننڊ ٿو ڏيان. پر زندگيءَ جي الڳ شجن ۾ ماڻھوءَ جو ڪھڙو شعور بيھندو؟ چيخوف جي ”ڊارلنگ“ ڪھاڻي ان جو مثال آھي. ھن پنج اٺ مڙس بدلايا ۽ ھر مڙس جي فلسفہ -حيات کي، ان گڏ گذاريل وقت ۾ پنھنجو فلسفو ظاھر ڪيو. اسين فنڪار ته سچ جي تلاش ۾ نڪري پئون ۽ الڳ الڳ جڳھين تي الڳ الڳ انڀو حاصل ڪريون. فنڪار ڪي پوليس وارا نه آھن جي ٿاڻي مان ڏنڊو کڻي نڪرندا ۽ چور کي پڪڙي کيس ڏنڊا ھڻي پنھنجي ڏوھن جو اعتراف ڪرائيندا. ھو اھي جڳياسو آھن جي جبلن ٽڪرن تي ساڌوءَ مھاتمائن جا قدم جھلي امر سچ جا گفتا ٻڌندا ۽ ڪرتارٿ ٿي ويندا. فنڪار زندگيءَ کي ڏسڻ ماڻڻ چاھيندا آھن ۽ ھو ڀوڳيندا آھن. ھو جڳياسو آھن. سندن دل دماغ ھميشہ کليل رھندا آھن. اصول ھڪ ته سچ سمجھڻو آھي. اصول خود ۾ ڪو سچ ڪونھي. مون کي اھي ماڻھو لنگڙا لڳندا آھن، جي زندگيءَ ڀر ھڪ اصول جو ڏنڊو کڻي ھلندا آھن. ڪوبه واءُ يا نظريو زندگيءَ جي مڪمل عڪاسي ڪري نٿو سگھي. زندگي ايتري وسيع، ايتري ڦھليل ۽ پيچيدي آھي، جو ان جا مختلف روپ ڏسڻ، ان جا ضد، اختلاف ۽ بيھودگيون سمجھڻ لڳ ڀڳ ناممڪن آھي. مون ”رڃ ۽ پاڇا“ جي مھاڳ ۾ فقط ھڪ سٽ لکي؛ زندگي ائين آھي، جيئن آھي. مون ان ۾ زندگيءَ بابت سڀ ڪجھ چيو آھي ۽ ڪجھ به نه چيو آھي، ڇو ته اِھا جيئن ۽ تيئن، پر آھي.
    پنھنجي حالت ائين ته خرچ کاءُ ۽ ڏئي اللّه ! آھي ته ڪڍ، ناھي ته روزو. آفيس طرف اچ وڃ ٽئڪسيءَ ۾ ڪريان. ڀاڙو ھڪ ميل جو اٺ آنا. روز رپيو ان تي خرچ. آفيس ۾ چانھ سنئڪس مفت. چار رسالا باسلسلي پڙھڻ لڳس:. اينڪائونٽر، ٽائيم، ريڊرس ڊائجيسٽ ۽ انٽرنيشنل افيئرس. ڪيترا سال رسالو”دي پرابلمس آف ڪميونزم“ پڻ وٺڻ لڳس ۽ راڄنيتي ۽ انترراشٽريءَ مسئلن ۽ سوالن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪيم. ڪڏھن ميران ٽئڪسيءَ ۾ لفٽ وٺندي ھئي. ھڪ دفعي کيس چيم ته ھاڻ گھڻو وقت ڪنوارا رھيا آھيون- اچ ته ھڪ ٻئي سان شادي ڪريون. ھوءَ ڏاڍي ڳاڙھي ٿي ويئي. ھن چيو”مون کي ان مڙس جي تلاش آھي، جيئن توکي چيو اٿم، جو ڇھ فوٽ ڊگھو ھجي ۽ ھن جو سورھن سؤ رپيا پگھار ھجي“. مان به پنج فوٽ ڏھ انچ ھئس. پر پگھار فقط ٽي سؤ. ڏک ٿيم ته شبانا کي ڇڏڻ بعد پنھنجي فيصلي تي قائم نه رھيس ته مان ڪڏھن به شادي نه ڪندس. ٻن چئن مھينن کان پوءِ ميران منھنجي آفيس ۾ آئي. چيائين لنچ کاراءِ. مان کيس ڇايا ريسٽارنٽ فورٽ ۾ وٺي ويس. اتي ھن چيو، ھوءَ مون سان شاديءَ لاءِ تيار ھئي. مون چيومانس”ڇڏ ميران -اسين دوست ئي سٺا آھيون.“ شايد ھن کي پنھنجي خواب کان منھنجي صداقت وڌيڪ اثرائتي لڳي. شايد مون چاھيو ته ھوءَ پنھنجي ان خواب سان وفادار رھي. مون وٽ پنھنجي ان وھنوار جي ڪابه منطقي سمجھاڻي نه آھي.
    الھاس نگر ۾ ضيا صدر ۽ ڀارتي سيڪريٽري. ڀارتي قائم، ضيا جي موت بعد آنچل صدر. آخر ۾ سڳن صدر ۽ مان سيڪريٽري. پوءِ سنڌي ساھت سڀا گوبند ڀاٽيا جي ھٿن ۾ ويئي ۽ ديال آشا ان جو دائمي سيڪريٽري. ان سڀا جو ڪم ورسي ملھائڻ رھيو ۽ اِھا ساھت بدران ورسي سڀا ٿي ويئي. گوبند ڀاٽيا به طرح طرح جا پکي پالڻ شروع ڪيا. سندس اوطاق ۾ ادبي ڪلاس بدران پکيءَ ڪلاس لڳڻ لڳا.
    اسان ٻي سنسٿا سنڌي رائيٽرس گلڊ ٺاھي ۽ ليکڪن کي سندن رچنائن تي اُجورو ملي، اِھو سوال ھٿ ۾ کنيوسين. مان سيڪريٽري. صدر نائب صدر ڪير به نه. آنچل. ڦتن ۽ ايم سڳن، گنو، راجو سڳن آھوجا ان ۾ ڪافي سرگرم رھيا. بمبئيءَ جي ھڪ ميڙ ۾ موتي پرڪاش سٺي تقرير ڪئي ”اوھين پنو وٺڻ لاءِ واپاريءَ کي، ڪمپوزنگ لاءِ ڪمپازيٽر کي ڇپڻ لاءِ پريس واري کي، جلدبنديءَ لاءِ بائنڊر کي ته پئسا ڏيو ٿا پر ليکڪ کي ڇو نه؟ ڪو به پبلشر گھاٽي ۾ نه آھي. سڀ ليکڪ اسٽرائيڪ تي ويندا، جي اوھين اُجورو نه ڏيندا. اسين اوھان کان ڪي لک ته نٿا گھرون. اسين ادب رستي روزي نٿا گھرون، پر ايترو اُجورو ته ضرور ملڻ گھرجي جو ٻيو نه ته ٻارن لاءِ ڪجھ وٺي سگھون. جيڪو به رسالو اسان کي اُجورو نه ڏيندو، اسين ان کي پنھنجي رچنا نه ڏينداسين. اسان جو فيصلو آھي ته گھٽ ۾ گھٽ پنج رپيا ڏنا وڃن“.
    اِھو اصول اي- جي اُتم قبول ڪيو. پر متان مٿس الزام لڳي ته گلڊ جي تحريڪ جي اثر ھيٺ آيو آھي، ان کان بچڻ لاءِ پنجن بدران چار رپيا ڏيڻ شروع ڪيائين. ھڪ دفعي لعل پشپ مون ۽ گني وٽ آيو. چيائين: اُتم کي ادب جي وڏي ڄاڻ آھي. مون کيس ڪھاڻي ڏني. ھن ثابت ڪري ڏيکاريو ته اِھو خاڪو آھي ۽ ايندڙ پرچي ۾ ڇپي ٿو. گني ڏاڍو کِليو ۽ چيائين؛ چريا، اُتم کي ڄاڻ ڪونھي، يا تون بيوقوف آھين. ھن توکي بنائي پنھنجا چار رپيا بچايا آھن ۽ جيئن ٻِلي بجي تي، تيئن تون ان تي خوش ته تنھنجي رچنا نئين دنيا ۾ ڇپجي ٿي! لعل به استاد آھي. چيائين؛ اِھي چار رپيا ڏاڍا مھانگا پوندس. دنيا کي چوندو آھي ته لعل پشپ ليکڪ ڪونھي. ھاڻ پنھنجي ڌنڌوڙيءَ ذھنيت سان پنھنجي پرچار کي پاڻ ٻنجو ڏيندو ۽ ٻلي جيڪڏھن ھڪ بجي سان خوش ٿيندي آھي ته کيس چار ڏيڻ سان مون کي ڪو نقصان نه پوندو.
    مان ڪونج جو ايڊيٽر ٿيس ته مون ھر شاعر کي پنجويھ رپيا ڏيڻ شروع ڪيا ۽ ٻي رچنا لاءِ ڏھ رپيا. 1960ع مون ھڪ پرچي ۾ فقط ھڪ شاعر کنيو ۽ ان جا اٺ ڏھ شعر کنيا. پھرين آنچل. پوءِ راھي کنيم. ائين شيخ اياز ۽ تنوير عباسيءَ جا به شعر ڇپيم. راھيءَ جي شعرن ۾ ڪي پروفن جون چڪون ٿيون ته ساڳيا شعر وري ڇپيم. پوءِ مون گني ۽ راجوءَ کي به پاڻ سان کنيو. مون سوال جواب جو ڪالم سڳن آھوجا کي، تحريڪ جو ڪالم نارايڻ ڀارتيءَ کي، ادبي شخصيت جو ڪالم پاڻ کي ڏنو. مون جڳت آڏواڻيءَ منگھارام ملڪاڻيءَ، عزيز، ڪيرت، اُتم تي ڪافي سٺا خاڪا لکيا، پر مالھيءَ، شيام، سڳن ۽ آنچل تي لکڻ جو ارمان رھجي ويو. پوءِ سڳن تي ڪتاب ۽ مالھيءَ تي ليک لکيم. باقي شيام ۽ آنچل تي لکڻ جو ارمان اڃا پورو نه ٿيو اٿم.
    گوبند مالھيءَ سان گفتگو ۾ راجن چاولا ادب ۾ طوفان پئدا ڪيو. گني، ادب تي ڪميونسٽ پرچار جي غلط عناصر خلاف با دليل زبردست سمپادڪي ليک لکيا ۽ ڪرشن راھيءَ جڏھن ھند- چين سرحد تي اوچي معيار جو ليک لکيو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ترقي پسنديءَ پنھنجي مناسبت وڃائي ڇڏي ۽ ٻه سال پوءِ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ ۽ اُتم، سنڌوءَ ڌارا ۽ نئين دنيا ۾ منھنجي خلاف وڏا ليک لکيا ته مون ”سنڌي اديبن ۾ نظرياتي ڪشمڪش“ ڪتاب لکيو، جنھن کي پرم ابيچنداڻي سنڌي تحريڪ جو بائبل سڏيندو آھي. اِھو ڪتاب پڙھي ڪيرت ٽي مھينا بيمار ٿي پيو، اِھو ڏسي اُتم ڪتاب پڙھيو ئي ڪونه - ۽ سندس چوڻ موجب ھن اڃا تائين اِھو ڪتاب نه پڙھيو آھي.
    ھري موٽواڻي منھنجي ذھانت ۽ جرئت سبب مون ڏانھن ڇڪيل ھو. پر وڏا اُجورا ڏيڻ سبب کيس نقصان ھڪ طرف، ته ترقي پسندن جي پڇ لٽڪائڻ جي بڇ ٻئي طرف پريشان ٿي ڪيو. ھري موٽواڻي ننڍي ھوندي اُردو ليکڪن جي دوستيءَ ۾ رھيو ۽ سنڌيءَ ۾ سڳن آھوجا ۽ جيوت چاولا سان گھڻو وقت گذاريائين. ان ڪري ھن ۾ تمام سٺو ادبي ذوق پئدا ٿيو ۽ ھن ڪونج پبليڪيشن طرفان تمام سٺا ڪتاب ڇپايا آھن. منگھارام ملڪاڻيءَ جي ”سنڌي نثر جي تاريخ“ راھيءَ جو ”ڪماچ“ گني جو ”اپراجتا“ ۽ مالھيءَ جو ”پيار جي پياس“ ساھت اڪادميءَ جا انعام حاصل ڪري چڪا آھن. ڪونج ۾ کيس جيوت چاولا ھڪ ٻه اشتھار روسي ايلچي خاني مان وٺي ڏيندو ھو، پر جو ظاھري ليک لڳندو ھو.
    ڪيرت ھڪ دفعي ادبي ڪلاس ۾ ڪونج تي بحث رکايو ته ان ڪيئن ادب ۾ غير ترقي پسند لاڙا پيدا ڪيا. ڪيرت چيو؛ مان ڳالھائيندس. مون چيو؛ مان به ڳالھائيندس. ڪيرت منھنجي چھري جو ٽامو ڏسي چيو ته مون کي ڳالھائڻو ڪونھي، مان فقط ٻڌائيندس ته مان ڇو ڪونج تي ڳالھائڻ کان انڪار ٿو ڪريان. مون چيو ته مان جواب ڪو نه ڏيندس، پر ٻڌائيندس ته مان ڇو ٿو جواب ڏيان. ڪيرت کِلي چيو؛ تون سڌرندين ڪو نه. مون چيو: نديءَ ڪناري رھي واڳن سان وير نه رکجي، ته بھادري ڪھڙي! مالھيءَ چيو؛ تون پٽيءَ جي ھيٺان ڌڪ ٿو ھڻين. چيومانس؛ مون تي چيتو حملو ڪندو ته مان کيس گولي ھڻي ماريندس ۽ مان اِھو نه ڏسندس ته کيس اِھا گولي پٽيءَ جي ھيٺان ٿي لڳي يا مٿان.
    مان ھڪ سال منگھارام ملڪاڻيءَ ٻيو سال ليکراج عزيز جي صدرپڻي ھيٺ منڊل جو سيڪريٽري ٿيس. ادبي ڪلاس ۾ جدا جدا ڪمن لاءِ جدا جدا ڪاميٽيون ٺاھيم. ناٽڪ ڪاميٽي: ڪنوينر ڪرشن راھي، ساھت اڪادمي ڪاميٽي: پوپٽي ھيراننداڻي. اُجورو ڪاميٽي: راجن چاولا، ھند سنڌ فنڪار گشت ڪاميٽي: سنڌي تسليمي ڪاميٽي، وغيره. ڀارتيہ گيان بيٺ سان لکپڙھ ڪئيسين ته اِھي سنڌيءَ ٻوليءَ کي به ھڪ لک انعام لاءِ تسليم ڪن وغيره.
    منڊل بمبئيءَ ۾. مان پھريون پناھگير ھوس جو ڇانوڻيءَ ۾ رھندي منڊل جو سيڪريٽري ٿيس. مون ليکڪن جون شامون ملھائڻ شروع ڪيون. پوءِ ان جو عنوان شامت بنجي ويو. سڳن آھوجا جي شام وقت عزيز صاحب سڳن تي سخت تنقيد ڪئي. ھن سڳن جي زبان، فن ۽ گرامر جون چڪون ٻڌايون. سڳن شعر پڙھيو؛
    منھنجي غم جي توکي خبر آ-
    حال نه پڇ، گر اڄ بھتر آ!
    عزيز چيو ”ڇا بھتر آھي، حال، يا غم؟ ھن شعر ۾ اھام آھي“. لعل پشپ چيو”اھام سان شعر صديون زندھ رھندو آھي“.
    عزيز جوش ۾ ”توکي ٻوليءَ جي خبر آھي“؟
    لعل پشپ کِلي ”مون کي ٻوليءَ جي خبر ھجي ھا ته مان ليکڪ ڪيئن ٿيان ھا“؟
    ” تون ليکڪ آھين؟ اڃا طفل مڪتب آھي“.
    لعل پشپ ماٺ ٿي ويو جو کيس شايد طفل مڪتب جي معنيٰ نه آئي ۽ شايد اھو مطلب ڪڍيائين ته عزيز جي راءِ ۾ ھن ادب ۾ اڃا طبلا ٿي وڄايا. جا ڳالھ شايد کيس غلط طور صحيح لڳي. لعل لا جواب ٿيندو آھي ته سگريٽ دکائي کنگھڻ شروع ڪندو.
    عزيز چيو ”سڳن شاعري ٿو ڪري يا ھاٿيءَ تي چڙھي ڇيڻا ٿو ميڙي“!
    مون، راھي ۽ گني، سڳن جي ڪلام جي اھميت ٻڌائي پر عزيز چوي ته اوھين جاھل آھيو. اڃا اوندھ ۾ ٿاڦوڙا پيا ھڻو. عزيز چيو ”اھام چئن قسمن جو ٿيندو آھي“. ھڪ لفظ ٻه معنائون ٻڌائي ”مرھم ڪي لئي گئي مرھم ڀي گئي“. اتي شعر چٽو آھي. ھڪ لفظ ھڪ ھنڌ ملم ته ٻئي ھنڌ اسين مري وياسين آھي. ٻيو اھام اظھار جو خبر نه پوي ته شاعر چوڻ ڇا ٿو چاھي. جيئن سڳن جو شعر آھي ته حال بھتر آھي. ٽيون اھام نڪتن جو ٿيندو آھي ته آخر شاعر خيال ڪھڙي نڪتي تي ٻڌو آھي. چوٿون اھام بيان جي اھميت تي ھوندو آھي. مثلاً ؛ ھن ھفتي عزيز بيوس تي سخت نڪتچيني نه ڪئي! يعني اڳيئن ھفتن ۾ ڪئي ھئائين. اھو شعر جو سقم آھي“.
    عزيز جي ڄاڻ به زبردست ته شخصيت به. ان ڪري ڪڏھن ارھ زورائي به ڪري. آنچل جو ھڪ شعر آھي؛
    تو جڏھن تڙپندو ڏٺو ھوندو مون کي
    تو منھنجي ميز کان تصوير ھٽائي ھوندي.
    عزيز چيو ”پھرين ڳالھ ته تصوير ڀت تي ٽنگبي آھي. ان ڪري اِھا اتان لاھبي آھي. ۽ ٻي ڳالھ ته عاشق معشوقا کي موڪليو ڇا آھي؛ تصوير يا ميز؟ جي تصوير ته ڇو ٿو چوي ته تو منھنجي ميز تان تصوير ھٽائي ھوندي. منھنجي لفظ تصوير سان وڃڻ گھرجي. منھنجي ميز لکڻ مان لڳي ٿو ته شاعر ڊکڻ جو ڪم ڪندو آھي ۽ معشوقا کي ان قسم جو نذرانو ڏنو اٿائين“.
    سڳن آھوجا به ”روشن ڇانورو“ جي مھاڳ وارا ٻه چار نڪتا سنڌي شاعريءَ بابت پيش ڪندي ظاھر ڪيو ته ھن عزيز کي سُٺو شاعر ۽ سُٺو نقاد ته ڇا پر سُٺو. پاٺڪ به نٿي سمجھيو. عزيز صدر جي عھدي تان استعيفا ڏني ته منڊل جي ھڪ ميمبر سندس بيعزتي ڪئي آھي. مون اِھو رخ ورتو ته جھڳڙو صدر ۽ ميمبر وچ ۾ نه، پر ھڪ نقاد ۽ شاعر وچ ۾ آھي. ڪاروباري ڪاميٽيءَ استعيفا منظور ڪئي. ڪيرت آئين جي ڪنھن فقري موجب رڪئيزيشن وڌي ته ان استعيفا جو فيصلو جنرل باڊي ڪري سگھي ٿي. اِھو ميڙ به ٿيو ۽ ھڪ شاھي تاريخي بحث بعد جنرل باڊي ھڪ ووٽ جي گھڻائي سان عزيز جي استيعفا منظور ڪئي. ان بعد منڊل ڪيئن بند ٿيو، ان جو احوال ”نظرياتي ڪشمڪش“ ۾ مون لکيو آھي ته ترقي پسند منڊل ڇڏي ھليا ويا ۽ جڳھ کسجڻ بعد مون ان جا ميڙ اوول پارڪ ۾ سڏائڻ شروع ڪيا.
    سڳن ۽ مان عزيز جي گھر پوءِ به ويندا ھئاسين. عزيز جي موت کان فقط ھڪ ٻه ڏينھن اڳ به مان اجھل سان ھن وٽ ويو ھوس. ھن ٻڌايو ته ڊاڪٽر کيس گوشت مڇي کائڻ کان منع ڪئي ھئي. ”ڀلا گوشت مڇي نه کائجن ۽ ائين رکو جيئجي ته ان جيئڻ کي ڪا معنيٰ ڪانھي. اِھي کائجن. موج مزا ڪجن، پوءِ ڀل مري وڃجي“.
    آخرين سوال جو ڪنھن اديب کائنس پڇيو، سو منھنجو ھو، ”سنڌي سنڌ ويندا“؟
    چيائين، ” ڏسان ٿو، آسمان ۾ قافلن جا قافلا سنڌ وڃي رھيا آھن“.
    عزيز جي موت تي ھڪ به اسڪول، ھڪ به ڪاليج بند نه ٿيو. عزيز روايتي شاعر ھو، صحيح آھي: پر مسلمان نقادن ھندن ۾ کيس ئي وڏو شاعر مڃيو. خود پير حسام الدين راشديءَ مرحوم ”ھو ڏوٿي ھو ڏينھن“ ۾ ائين لکيو آھي. سڳن به ائين گمناميءَ ۾ مري ويو-سندس صرف ڪھاڻين جو ھڪ ئي ڪتاب نڪتو ۽َ ڪوتائن جو مجموعو ۽ ناول پوءِ اُتم ڇپايس. ضيا مئو ته اسڪول ۽ دڪان سڀ بند ٿيا جو ڪاليج ته ھتي ھئا ڪين- ماڻھن کي گُل نه ملن جو ضيا کي مالھائون چاڙھين. ضيا عوامي شاعر ھو ۽ عوام ۾ مشھور ھو. ماستر چندر به سندس گھڻو ڪلام ڳايو آھي.
    ادبي ھلچل ۾ منھنجو ھڪ ھراس ھو ته ھڪ ھيءُ شخص آھي، جو ذھين ۽ بيباڪ آھي ۽ منصوبابنديءَ جي خلاف آھي. ادب ۾ ھن ڪنھن به واد جو نعرو نه ھنيو آھي ۽ فن سان انساني من جي ٽٽل حصن کي چٽڻ جي ڪوشش ڪئي اٿائين.
    مان المست. مان جيترو نوڪرين جي پٺيان ڊڪندو ھوس، ڇوڪريون مون کي اوتريون حسين لڳنديون ھيون. ڇوڪرين پٺيان پوندو ھوس ته نوڪريون ڇڏائجي وينديون ھيون. ان ڀڄ ڀڄان کان بچي ساھي پٽڻ جو مون وٽ رڳو ھڪ رستو ھو: لکڻ. ٻي چيز جنھن پاڻ ڏانھن ڇڪيو، اُھا ھئي قدرت، آڪاش، تارا، بادل، پھاڙ، واديون، دريا جا ڪپ، بن، کيت ڪٿ به ٻه ھٿ پٺيان ڪري، ان مٿان مٿو رکي ليٽي پوندس. سڀ تارا اولھ ۾ لھن ٿا، پر سپت رشي تي ابتا ٿي به قطب تاري جي چوڌاري ڦرن. اونداھيءَ رات ۾ تارا ائين نڪري اچن ڄڻ جلاوطن ٿي ڪنھن پناھگير ڇانوڻيءَ ۾ ڌاٻو ڪيو ھجين. پرڪرتي منھنجي ماءُ آھي. ڌرتي پرڪتيءَ جي ھنج آھي. اتي وڏو سڪون آھي. عجب، اسان پرڪرتي ڏانھن نھارڻ ڇڏي ڏنو آھي. اھڙا گھڻا ماڻھو آھن، جن وٽ زبردست بئنڪ بئلنس آھي، پر جن چوڏينھن جي چانڊوڪيءَ جو امرت نه پيتو آھي. سمنڊ کي پنھنجو مزاج، پھاڙ کي پنھنجي شخصيت، پرڪرتيءَ کي ماٺ جو سنگيت آھي، جنھن کي ماڻڻ لاءِ ڪا انڪم ٽيڪس نه ڀرڻي پوندي آھي.


    16

    مون اوندھ ۾ قلم کنيو ۽ تنھاين ۾ آڪاش ڏانھن نھاريو. منھنجي گھر طرف نظر نه ويئي جا منھنجي پنھنجي دنيا ھئي. ڪمل سان پريم ڪيم، لالائن جي نوڪري ڇڏي وڏي پگھار تي رام دادلاڻيءَ وٽ ويس ۽ ان دوران منھنجي خانگي زندگيءَ ۾ ٽي حادثا ٿيا، جن منھنجي دماغ جي نسن کي ٽوڙي ڇڏيو. مان 1965ع کان 1970ع تائين سنڌي تحريڪ کان الڳ ٿي ويس، ان جا ٽي سبب ھئا. سڳن آھوجا جو موت، گھر ۾ گھوٽالو ۽ ھڪ لنبي بيماري.
    ھڪ دفعي سڀ کان ننڍي ڀيڻ آشا چيو ”ڀائو، تون ته وڏو ليکڪ آھين. منھنجو ھڪ ڪم ڪر. ”ھوءَ فقط سورھن سالن جي. جوان ۽ سھڻي. خط ۽ خال ڪشش ڪندڙ. ڪملا کي ڀاڀيءَ ان شخص سان شادي ڪرائي، جنھن کي اسان جي غريبيءَ جي ڏک کان وڌيڪ ان ڳالھ جي خوشي ٿي ته سندس سالا ڏاڍا سٺا ھئا ۽ ھڪ ته ليکڪ به ھو.
    ” ڪھڙو ڪم“.
    ” مون کي فلم ۾ ڪم وٺي ڏي“.
    ” ائڪٽنگ ڪندينءَ“؟
    ” ھا“.
    ” بيوقوف، ڪڏھن مون به ائڪٽر ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. راجن چاولا سان گڏ مون اسٽوڊين جا چڪر کاڌا. آخر اسان کي مِٽي چَٽَڻِي پَئي. ائڪٽنگ ڪرڻ ڇا چرچو آھي“؟
    ” نرگس جو ڪندي آھي“.
    مون کيس ٻانھن کان جھلي چيو”آشا- نرگس تمام وڏي ڪلاڪار آھي. “

    ” ڀائو“، ھن چيو ”تون ڏسج- مان ڇا ٿي ڪريان. منھنجو سڄي ھندستان ۾ نالو نڪرندو. توکي جام پئسا ڏيندس. تون آرام سان لکج“.
    ڏاڍو ڏک ٿيم. بس رڳو پئسا ڪمائڻا آھن؟ ته مان ڇو ٿو لکان؟ آھي ڇا اِن ۾. ڇڏي ڏيان لکڻ. ڪجھ وڌيڪ ڪمايان. کيس ڪجھ آرام ڏيان. چيومانس ”تون بي فڪر ٿي. مان راجڪپور سان گڏجندس“.
    ڀاڀيءَ پوءِ کيس پاسي واري گھر ۾ سلائيءَ جو ڪم سکڻ ۽ ڀرڻ تي رکيو. پوءِ خبر پيم ته اِن مائي گونگي کيس ڀنگ ۽ ڌاتورو کائڻ سيکاريو ھو. اِن ڪري ڀاڀيءَ ڪنھن ھنڌ ھن جو مڱڻو ڪري ڇڏيو. شاديءَ رات ڏسون ته اڌ بوتل شراب پي اچي ويٺي آھي. گونگيءَ کيس شراب پياريو ھو. ھوءَ لڏي لمي پيئي، مڙس شاديءَ رات ته غم پي ويو، پر صبح جو ڏسان ته نئين گھر جي ٻاھران بيٺو آھي. چيائين ”اوھان جي ڀيڻ پاڳل آھي. رات جو پيرن ۾ ڇير پائي چنبا کڻي مون کي ڏڪائڻ لڳي ته ھٿ نه لڳاءُ. بئگ مان به ڌاتورو ۽ ڀنگ نڪتي اٿس. شايد کيس ڀوت آھي. اوھين کيس وٺي وڃو. ڀڳوان جو قسم مون کيس ڇھيو ڪونھي“. لڳم ته ڇاتيءَ ۾ ڇرو کپي ويو. مان ھن سان وڃي آشا کي وٺي آيس. ڀاڀي، جا پھريون گھر ڇڏي، ڀائو گلوءَ سان ٻئي ھنڌ رھڻ لڳي ھئي، اتي وٺي ويو مانس. اکين ۾ اڃا به نشو ھئس؛ سمجھائين پئي ته مڙس کيس ڇڏي ڏنو آھي. مون کيس چيو ”آشو- گھٻراءِ نه. ڪڏھن ائين ٿيندو آھي. ڏس ڏاھي ٿي. اسان جي خاندان ۾ ڪنھن به نشو نه ڪيو آھي. غريب آھيون، پر عزت مانَ وارا آھيون. تون اِھي نشا ڪرڻ ڇڏي ڏي. پوءِ مان تنھنجي ٻي شادي ڪرائيندس“.
    ھن ھا ڪئي- ان سال ڀاڀيءَ کيس ھڪ ٻئي جوان سان شادي ڪرائي. جنھن کي ٻه ٻار ھئا ۽ زال جوانيءَ ۾ گذاري ويئي ھئس. کيس سڀ ٻڌايائين.
    ھن چيو؛ شاديءَ بعد پھرئين ھن جو علاج ڪرائيندس ۽ پوءِ کيس گرھست ۾ آڻيندس ۽ ھن ائين ڪيو. ھاڻ آشا اُتي آھي ۽ خوش آھي.
    وري انھن ئي ڏينھن ۾ باقي ھڪ ئي ڪنواريءَ ڀيڻ چيو ”ڀائو - ھڪ مدد ڪر مون لڪي شادي ڪئي آھي. منھنجو مڙس بيروزگار آھي، چوي ٿو؛ نوڪري مِلي ته شادي ڪري گھر وٺي ھلانءِ. انٽرميڊيٽ آھي“.
    ” پيٽ سان ته نه آھين نه“؟ مون پڇيو.
    ھن ڪنڌ ھيٺ ڪري چيو ”ٽيون مھينو آھي“.
    ” ٻڏڻ ياد نه آيئہ“؟
    ” ڀائو - قيمتي حياتي وڃائي ڇڏيان !ھڪ غلطيءَ جي ڪري“.
    ” مون گھر ڏانھن ڌيان نه ڏنو ته تو شرم حياءُ ڇڏي ڏنو“.
    ھن روئڻ شروع ڪيو-وري سوچيم: انسان آھي خطا ڪئي اٿائين. چيومانس ”چڱو، ڇوڪري کي سڀاڻ منھنجي آفيس ۾ موڪلج“.
    ٻئي ڏينھن اُھو جوان آفيس ۾ آيو.
    ” ڏس - ھي ڪھڙو پريم آھي تنھنجو جو پنھنجي پريمڪا جي حياتي تباھ ڪري رھيو آھين؟ تون ستن ڏينھَنَ جي اندر ھن سان شادي ڪر، نه ته مان ھن جو آپريشن ڪرائي ڇڏيندس. مون ۾ ايڏي طاقت آھي جو ڀيڻ جي عزت بچائي ويندس“.
    ” غلطيءَ لاءِ معاف ڪريو-مون کي ھڪ نوڪري وٺي ڏيو“.
    مون به سوچيو ھن شادي ته ڪئي آھي. رڳو بيروزگار آھي. مدد ڪيانس ته شايد زندگي ٺھي پئيس. مون اُتي ٽائيم ائڊور ٽائيزرس ڪمپني کولي ھئي. پگھار پنج سؤ ھئم ۽ الڳ اسي رپيا ان جي لکپڙھ جا ملندا ھئا. مون رام دادلاڻيءَ سان ڳالھ ڪئي. ھن ڀلي مانس ان ئي ڏينھن ٻن سؤ جي پگھار تي رکيس. ۽ ھنن ٻنھي ھفتي اندر شادي ڪئي. مون آفيس مان ٻن مھينن جو پگھار ائڊوانس ورتو ۽ ڀاڀيءَ کي ڏنم. ان ھڪ رات مون کي ڏاڍو ڪمزور ڪيو. مون ڪڏھن به قلم کڻي فھرست نه بڻائي ته شاديءَ ۾ ڇا ڪبو، وٺبو آھي. ڪل ساڍا ٽي ھزار رپيا خرچ اچي ويو. جو اجمير واري ڀيڻ ليلان کان قرض ورتم ۽ ٻه ٻه سؤ ڪري سالن بعد کيس واپس ڪري سگھيس. ھن جو مڙس رام ڪشن زميندار ھو. ٻه لک کڻي ھندستان آيو ھو. پوءِ خط مٿان خط ته پئسا واپس ڪر. ھڪ دفعي تار آئي ته ليلان مري ويئي آھي. اِھو صدمو مان برداشت ڪري نه سگھيس. تمام گھڻي ڏک سبب گاڏيءَ ۾ ننڊ اچي ويئي- اکيون کولي ڏسان ته دنيا ۾ ڪجھ ٻيو به آھي، جو دادا جيان گم ٿي ويو آھي.
    وري ڏسان ته ھفتي بعد رام ڪشن آفيس ۾ ويٺو آھي.
    ” ليلان کي ڇا ٿيو“؟
    ” سال ٿيو آھي تو قرض واپس نه ڪيو آھي“.
    ” مان اوھان کي ھن مھيني کان ٻه سؤ ھر مھيني موڪليندس. ڏياريءَ تي سڄو بونس موڪليندس. وشواس ڪجو“.
    ” مالڪ کان لکائي ڏيندين“؟
    ” عزت ويندي“.
    ” مان چوانس“.
    ” ڇا اوھين رشتي ناتي جو لحاظ نه ڪندا “؟
    ” ڇا جو رشتو، تون ته ڀيڻ جي موت جو ٻڌي به اتي نه آئين“.
    ” ھوءَ ته رھي ڪانه. اتي ڇا اچي ڪريان ھا“!
    ” مون ليلان کي چيو؛ تار پڙھي به موھن نه ايندو“.
    ” ليلان کي چيو؟ ڇا ليلان جيئري آھي“!
    ” ھا- مون کيس ڏيکارڻ ٿي چاھيو ته موھن ڪيترو خود غرض آھي“.
    ” توھان کي خبر آھي ته ڀاڀيءَ ڪيڏو رنو آھي“.
    ھو چپ.
    ” ۽ گلوءَ ۽ راجوءَ“.
    ” سڀني رنو- پر تو ڪو نه رنو“.
    ” ڏاڍا ڪريل ماڻھو آھيو اوھان. زميندار آھيو. اوھان ئي صدين کان سنڌي مسلمانن کي لٽيو ۽ آخر اسان کان سنڌ ڇڏائي. مان توھان کي اوھان جي پئسن جي گئرنٽي دادلاڻيءَ کان وٺي ٿو ڏيان. لکت ۾ کپيوَ.“
    ھو روز گرو گُڙ جو پاٺ ڪندو ھو ۽ شاستر واڻيون بر زبان ياد ھئس. چيائين ”زبانيءَ به ڪم ھلي ويندو.“
    دادلاڻيءَ مون ڏانھن نھاريو. پر ھن جون نگاھون پھاڙ نه بڻيون، جتان مان ڪري سگھان. چيائين ته سڀ پئسا ڏيانس“.
    ” نه “، مون چيو ”فقط خاطري ڏيو“.
    ” ھن کيسي مان ھزار رپيا ڏيندي چيو ”موھن، تون آھين منھنجو مئنيجر، پر تون منھنجو آدرش آھين. توکي خبر ڪانھي ته مان به ساڳي اسڪول ۾ پڙھندو ھئس، جتي تون تقريرون ڪندو ھئين. تو لکڻ پسند ڪيو ۽ مون ڌنڌو. مان تنھنجي حالت سمجھي سگھان ٿو“. مشڪي چيائين ”ھمت نه ھار، ھزار رپيا بونس وقت ائڊجسٽ ڪندوسانءِ“.
    رام ڪشن کي ھزار رپيا ڏنم. ھو دادلاڻيءَ جي الڳ روم ۾ اندر نه ھليو. ان بعد قسطون ڏيڻ شروع ڪيون مانس. ڪڏھن گسان ته لکندو؛ مان تنھنجي گھر ٻاھران بک ھڙتال ڪندس. ماڻھو جمع ڪندس. ھن جي شڪل ڏسندو ھوس، سمجھندو ھوس، ھفتو بستري تان نه اٿندس- ۽ ٿيندو به ائين ھو. ھن جو قرض لٿو ته تندرستي بھتر ٿي. ھڪ سبق سکيس ته غريبيءَ ۾ فاقا ڪڍجن، ڳرجي، مرجي، پر قرض نه وٺجي.
    دھلي ايشيائي سميلن ۾ سندريءَ ڏٺو ته موھن ڪجھ کائي نٿو، سگريٽ نٿو ڇڪي ۽ چانھ به نٿو پيئي، پاسي کان اچي بيٺي ۽ منھنجي پينٽ جي پٺئين کيسي ۾ ھڪ نوٽ وڌائين. چيائين؛ ڪامريڊ، اسان جي الڳ برادري آھي! پوءِ نارايڻ ڀارتيءَ ڪٿي لکيو آھي ته ڪنھن ننڍڙي ميڙ ۾ اِھو ذڪر نڪتو ته موھن ڪھاڻيون ته سٺيون لکي ٿو وڃي، پر ھن اڃا سندريءَ کي ڏھ رپيا ڪو نه موٽايا آھن. اتي ڏاڍي کِل ٿي. ڀارتيءَ لکيو؛ پر جڏھن رات بستري تي ليٽيس ته مون کي ڏاڍو روئڻ اچي ويو. موھن ھن کان پئسا ورتا ڇو-؟ اسان موھن تي کِليو- شايد ان ڪري جو موھن اسان کان سٺو ٿو لکي.
    منھنجو پراڻو گھر ۽ ان جو پتو ھند سنڌ جي سنڌي اديبن ۾ مشھور ھو. ھڪ دفعي موتي جوتواڻيءَ چيو؛ ھيءُ ھڪ سرشٽا جو گھر آھي. ھيءُ ھڪ مندر آھي. مان ھن کي نمسڪار ٿو ڪريان. ھتي ھڪ ڪلاڪار، ھڪ رَشي ٿو رھي.
    مڪان مالڪ سنڌ جو ھڪ سنڌ وَرقي ھو، جنھن جو اڪبر عليءَ ڀرسان شاليمار نالي ھڪ وڏو دڪان ھو. ان جو ھڪ ملازم سڳن آھوجا جي پاسي کان رھندو ھو ۽ مون کي خبر نه ھئي ته منھنجي گھر ۾ اک ھئس. مون کي وڪيل جو نوٽيس آيو. ڌيان ڪو نه ڏنم. ڪورٽ جو سمن به نه مليو ۽ ايس ڊڪري پاس ٿي ڪڙڪي گھر ۾ آئي. سڄو سامان ٻاھر ڦٽو ڪيائون - پوليس گھر کي پنھنجو قلف لڳايو. ڊسمبر جون ٿڌيون راتيون. اڃا آشا ۽ مايا جي شادي نه ٿي ھئي. گلو آفيس ۾ ڪڏھن به نه آيو ھو. ھن نون ورھين جي عمر کان نوڪري ڪئي ۽ گھر ھلايو ھئائين. مسواڙ فقط ايڪيھ رپيا ھئي. پر ٻه چار مھينا ڀري نه سگھيو ھوس. ٻڌو ھوم ته قاعدي موجب مسواڙيءَ کي اُٿاري نٿو سگھجي. ان ڪري اينڪائونٽر وغيره مخزون وٺي پنھنجي دنيا ۾ گم سم رھندو ھوس.
    گلوءَ ڳالھ ٻڌائي. وايون بتال ٿي ويون. چيومانس ”تون گھر وڃ- مان مالڪ سان گڏجي اچان ٿو“.
    گلو ويو ته مون آفيس مان موڪل ورتي. لفٽ تان ھيٺ لٿس ۽ ميڊوز اسٽريٽ مان ھلڻ لڳس. مون کي لڳو ته منھنجي سڄي زندگي بي معنيٰ ھئي. مون ڪو به ڪم سوچي سمجھي نٿي ڪيو. مون پنھنجي حيثيت نه سڃاتي آھي. ڏک ئي نه ڏٺو آھي. بُک، بيروزگاري، ڇا سوچيندي ڀاڀي ! منھنجو پٽ ايشيا جو وڏو ليکڪ آھي ۽ عزت اِھا جو گھر جا ٽپڙ کڻي ٻاھر ڦٽا ڪيا اٿائون. اڄ ھن پار يار ھن پار، لکاپتيءَ جو پٽ، پاڻ کي سمجھي ڇاٿو. چوندومانس؛
    پڙا پالا فلڪ والون ڪا دل جلون سي نھين
    جلاڪي خاڪ نه ڪردون ته داغ نام نھين.
    وري لڳم، ائين ھلندي، ھلندي پٽ تي ڪري پوندس. ختم ٿي ويو موھن ڪلپنا. پوري دنيا کي ستايو اٿم. ۽ ٿيندو ائين:
    ذوق ڪي مرني ڪي سن ڪر پھلي تو سڀ رڪ گئي
    ڦر ڪھا تو يون ڪھا منھن ڦير ڪر اڇا ھئا!..
    پوءِ پنھنجي سوچ تي غالب پيس. ٽاءِ ٺيڪ ڪيم. قميص پينٽ ۾ ٺاھي وڌم. ھڪ سگريٽ دکايم. ڇڪي پورو ڪيم. پوءِ دڪان ۾ اندر گھڙيس. عاليشان دڪان جي مالڪ جي سامھون بيھي انگريزيءَ ۾ چيم ”مون کي مسٽر ڊئش سان گڏجڻو آھي“.
    ” مان آھيان- ويھو“.
    مون ويھي چيو ”اوھان کي ڪا ماءُ ڪا ڀيڻ، ڪو ڀاءُ آھي“؟
    ” سڀ آھن“. ھن عجب مان پڇيو ”ڇو“؟
    ” وڏو ڪاروبار آھي اوھان جو. ھزار ٻن جي ته اوھان کي پرواھ نه ھوندي “.
    ” برابر - پر ڇو“؟
    ” پوءِ اوھان کي ڪھڙو حق آھي ته اوھان منھنجي گھر پوليس موڪلي سڄو سامان ٻاھر ڦٽو ڪرايو؟ گھر کي تالو لڳرايو؟ ڊسمبر جي ٿڌين ۾ اسين ڪيڏانھن وينداسين“؟
    ھن ھاڻ مشڪيو ”ته تون ئي ليکڪ موھن ڪلپنا آھين“؟
    ” اوھان ليکڪن جي ڪھڙي عزت ٿا ڪريو، اِھا ته اڄ خبر پئي“.
    ” تو منھنجي ماڻھوءَ کي ڪپ ڇو ڏيکاريو“؟
    ” ڪپ- مون ! ڪنھن کي“؟
    ھن سڳن آھوجا جي پاڙيسريءَ کي سڏ ڪيو. ھڪ دفعي ٻارن جي ڳالھ تي ھن سڳن آھوجا کي بجو ڏنو ھو. سڳن مون کي چيو؛ موھن، تو ھن کان منھنجو بدلو ضرور وٺج. ھڪ ڏينھن ھو مون کان مسواڙ وٺڻ آيو، چيومانس؛ تون ڪير آھين- مان توکي ڪو نه سڃاڻان. چيائين؛ پينٽ پائين ٿو، پر مسواڙ نٿو ڀرين. مون کي سڳن جي ڳالھ ياد آئي. ٿلھي تان ھيٺ لھي چيومانس؛ ڪتي جا پٽ -بيھ اتي بيھ ته اِھا پينٽ ھٿ ۾ ڏيان. ھو وٺي ڀڳو. پٺيان به ڪو نه نھاريائين ۽ ضرور ڪٿي منھن ڀر ڪريو به ھوندو.
    مون ڏانھس نظر ڪئي ۽ مالڪ کي چيو ”ھي شڪل جو به ڪارو آھي ۽ من جو به. اوھان کي ڪوڙ ٻڌايائين. ڪپ ته مون ڪڏھن ھٿ ۾ نه کنيو آھي. ھن کي ھڪ چماٽ ھڻان ته ھڪدم پري پھچي ويندو“.
    ” تون بدتميز آھين. توکي ھٿ ٻڌي معافي وٺڻ گھرجي“.
    ” اوھين وڏا لارڊ جا پٽ آھيو“. مان اٿي بيٺس. مون پنھنجو پير مٿي ڪيو ۽ سندس منھن ڏانھن جوتو ڪري چيم ”توھانکي ڏيکاريندس ته توھان جي شان ۽ شوڪت کان، اوھان جي دڪان ۽ دولت کان منھنجي جوتي جي مٽيءَ جي وڏي اھميت آھي“. مان ھليو ويس.
    حق تي وڏن چيو آھي؛ سُڃو ماڻھوءَ اللّٰہ کان ڏاڍو. مون نه ڳالھايو ڄڻ منھنجي سچائيءَ ڳالھايو. يا شايد منھنجي غيرت ڳالھايو ۽ مان ڊپلومئٽ نه ٿيس ۽ ھيٺائين نه ورتم. مون سندس سُٺن جذبن کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر گفتگو ھڪ بيھودو پلٽو کاڌو. مٿان ڪمل سان شادي بيٺي آھي. ھوءَ ڇا سوچيندي؟ پاڙي ۾ بدنامي ٿيندي. شايد ھيءَ شادي رد ٿيندي. منھنجي شادي ٿيندي ڪٿي آھي! رد ئي ته ٿيندي آھي. ٺيڪ آھي. مان غلط آھيان. ڀليل آھيان. ڪمزور آھيان. معزور آھيان. پر ڪڏھن ڪنھن کي نقصان ڪو نه پھچايو آھي مون. مون ته ماڻھن کي زندگيءَ سان پيار ڪرڻ سيکاريو آھي. راجڪماريءَ ٺيڪ چيو ھو. ائين نه ٿئي ته تون ويڏيءَ تي ويٺو ھجين ۽ پوليس اچي گرفتار ڪريئي. مون ته سوچيو ھو؛ سُٺو لکندس ته ماڻھو ڪلھن تي کڻندا: موھن ڪلپنا زندھ باد. موھن ڪلپنا زندھ باد. موھن ڪلپنا... دادا بعد سڄي جوابداري منھنجي ھئي.
    ڪويتائن سان مسواڙ نٿي ڀري سگھجي. ڪويتائن سان پوليس کان بچي نٿو سگھجي.
    مونجھ جي احساس سان گھر پھتس. مون ڀاڀيءَ کي ھٿ جوڙيا ”ماءُ، تون مون کي معاف ڪر“.
    ھن جي اکين ۾ پاڻي آيو. چيائين ”پٽ، مون کي ته ڪو ڏک ڪونھي. پڻھين بعد مون کي ڪجھ سٺو نه لڳندو آھي. مونکي ته تنھنجو خيال ھو. چنتا نه ڪر. مون ٻي جڳھ مسواڙ تي ڪئي آھي. ساڳي ايڏي وڏي آھي. مسواڙ به چاليھ رپيا“.
    ” سڄي عزت مٽيءَ ۾ ملي ويئي“.
    ” عزت شرافت ساڻ جيئڻ ۾ آھي“. ماءُ چيو.
    ” نه ڀاڀي - زمانو شرافت جو ڪونھي. مون به تنھنجو کير پيتو آھي. ائين بيعزتو ٿي ھتان نه نڪرنداسين“.
    وي- ٽيءَ کان سوائين ستين لڳي ڪلڪتا ميل پڪڙي ھئي ته جيئن گھر جلدي پھچان-پر رستي تي گاڏي ڪلاڪ ڏيڍ بيھي رھي. مان يارھين لڳي گھر، يعني ان ٻاھران پھتو ھوس. گلوءَ ڪجھ نه ڳالھايو. رت جي، رشتن جي مضبوط اندروني ايڪتا ٿيندي آھي.
    مان سڌو اديب گوبند ڀاٽيا وٽ ويس، جو ھاءِ ڪورٽ جو وڏو وڪيل ھو. شراب ڪو نه پيئندو ھو. پر رات جو بيوس جي ڪويتا پڙھي سُٺي ننڊ ڪندو ھو. اٿاريومانس تڏھن به ننڊ جي نشي ۾ ھو. مون چيو ”پوليس منھنجي گھر کي تالو ھنيو آھي“.
    ” ڇو“؟
    ” مون مسواڙ نه ڀري. سيٺ مون تي ڪيس ڪيو. ڪيس کٽيائين، اڄ ڪورٽ اٽئچمينٽ آرڊر ڪيو آھي“.
    ” تون ڪيس لڙئين“؟
    ” نه “!
    ” ڇو“؟
    ” مون کي ڪيس جي خبر ئي نه ھئي“.
    ” مون سمجھيو. تون ڪلف ڀڃي وڃي گھر ويھ. سڀاڻ مان پاڻھي منھن ڏيندس“.
    ” اوھانجي فيءَ“؟
    ” يارن کان ڪھڙيون فيون“. ھن مُشڪي چيو ”تون گوئا ۾ وئين - ڪتاب لکئي، ڪنھن تنھنجا ھٿ چميا؟ مون.
    ” ڏک اٿم جو تون بيوس کي سُٺو شاعر نٿو سمجھين “.
    سندس شريمتي گفتگو ته نه ٻڌي، پر چانھ رکيائين. ساڍا يارنھن ٿي ويا ھئا. مان چانھ پي نٿو سگھان. کيس اِھو سمجھائڻ ۾ منٽ کن لڳي ويو ۽ ”ورق“ انعامي ڪتاب جي ليکڪ ڀاٽيا صاحب کي ننڊ کڻي ويئي. ٻاھر نڪري مون وڏو پٿر کنيو ۽ ڊڪ پاتم. گھر پھچي ڪلف ڀڳم. سڄو سامان اندر رکايم. سوچيم، گوبند ڀاٽيا سپريم ڪورٽ ۾ به ڪيس لڙندو آھي. مان ان سوئر جي پٽ سان پڄي رھندس. منھنجو ھڪ سالو گوئا ۾ ھو، باقي ٽي اتي پھچي ويا جو کين ڪنھن ڳالھ ڪئي.
    ھنن به چيو ته ڪيس لڙبو.
    ٻئي ڏينھن آفيس ڪو نه ويس پر نياپو موڪلي ڇڏيم. صبح جو گوبند ڀاٽيا وٽ ويس. چي ”اچ موھن - ڪيئن آيو آھين“؟
    ” مون ڪلف ڀڃي ڇڏيو “!
    ” ڇا جو “
    ” پنھنجي گھر جو“.
    ” پنھنجي گھر جو - چريو ٿيو آھين ڇا“؟
    ” سائين، رات جو اوھان وٽ آيو ھئس“!
    ” خواب ٿو لھين“.
    ” ڀاڀيءَ کان پڇو“.
    ڀاڀيءَ چيس ”رات اوھان ”شيرين شعر“ پڙھي سمھيا ته موھن آيو“.
    ھن پنھنجي ياداشت تي ڏک ظاھر ڪيو ۽ سڄي ڳالھ نئين سر ٻڌايائين چيائين، ”ڳالھ ڏاڍي خراب ٿي. توکي تالو نه ڀڃڻ کپندو ھو. ڪيس ته مان کڻندس پر کٽڻ جي پڪ نٿو ڏيان،..
    ” پرواھ ناھي سائين. ھاڻ جڏھن اُکرين ۾ منھن وڌو آھي ته مھرين کان ٿوروئي ڏڪندس“.
    مون ٻاھر اچي ھڪ سگريٽ دکايو. ھڪ ڏينھن ۾ ڇا ٿي ويو.
    ليکڪ مليو ليکڪ سان ٻيڙي غرق! منھنجي گھر جا ڀاتي بي گھر ۽ شاعر صاحب بيوس تي پيو ڳالھائي ۽ صبح ياد ئي نه پيس ته رات گڏيو ھومانس. پر جو ھن رات چيو، اھو صحيح آھي. مون ڪلف پنھنجي گھر جو نه، پر پنھنجي گھر تان ھڪ سيٺ جو ڪلف ڀڳو آھي. گوبند مالھي ٺيڪ چوندو آھي ته بورجئا خواھ نيم بورجئا طبقي جو ڪردار نه ٿيندو آھي. ھنن وٽ ڪا انسانيت نه ٿيندي آھي.
    شام جو چار پوليس وارا گھر آيا. ٽي ٻاھر بيٺا ۽ ھڪ اندر آيو. مون کيس ڪرسيءَ تي ويھاريو ۽ مايا کي چانھ ٺاھڻ لاءِ چيم.
    ” حڪم ڪريو - ڪيئن آيا آھيو“؟
    ” اوھان کي گرفتار ڪرڻ آيا آھيون“.
    ” منھنجو ڏوھ“؟
    ” اوھان پرائي گھر جي حد دخلي ڪئي آھي. ۽ اوھان ھتان سامان چورايو آھي“.
    ” سامان ته سڀ اسان جو آھي. ان ۾ چورائڻ جھڙو ڪجھ ڪونھي ۽ پنھنجو سامان ته ڪير به چوري نه ڪندو. گھر اسان جو آھي، فقط مالڪي ڪنھن ٻئي جي آھي“.
    ” اوھان شاليمار دڪان جي مالڪ کي خون جي ڌمڪي به ڏني آھي. اسان کي بمبئيءَ جي پوليس ڪمشنر جو اھڙو ليٽر آيو آھي“.
    ” ڇا توھانکي منھنجي شڪل مان لڳي ٿو ته مان چور يا خوني آھيان يا ٿي سگھان ٿو“.
    ” اوھين بلڪل شريف ٿا لڳو، شريفن تي ئي اھڙا الزام لڳندا آھن. پر اسين ڇا ڪريون“.
    ” اوھين مون کي گرفتار ڪري جيل ۾ وجھندا “؟
    ” ڪير اوھان جو ضامن پوندو“؟
    ” ڇا جو“؟
    ” پنجن ھزارن جو“.
    ” يعني اوھان وٽ پنج ھزار جمع ڪرائڻا پوندا“.
    ” نه ڪو به ماڻھو، جنھن کي پنھنجي جائداد ھجي، لکي ڏئي ته اوھان جي ڀڄي وڃڻ جي حالت ۾ ھو پنج ھزار ڀري ڏيندو“.
    ” مان ڀڄي ڇو ويندس“؟
    ” مون اوھان کي قاعدو ٻڌايو“.
    ” ھڪ مصيبت مان نڪري ٻئي ۾ ڦاٿو آھيان. بچڻ جو اوھان ئي اُپاءُ ٻڌايو“.
    ” چڱو - اسين اوھان کي گرفتار نٿا ڪريون. تون ڪلاڪ اندر ضامن جو بندوبست ڪري ھل- لائين پوليس اسٽيشن تي اچ. اسين اوھان کي لاڪپ ۾ به نه رکنداسين. سڄي زندگي چورن ڊاڪن کي پڪڙن ۾ گذاري اٿائون - اوھان اھڙا نه آھيو“.
    ھو ۽ ٽي پوليس وارا ھليا ويا. رات وانگر ٻاھر ڪي ماڻھو گڏ ٿيا ۽ کين خوشي ٿي ته پوليس ھٿين خالي موٽي وئي. ٿوري وقت بعد منھنجو چترڪار سالو چندو آيو. ان سان ڳالھ ڪيم. چيائين”، اسان جي جڳھ ڪمل جي نالي سان آھي. تون اتي ھل- اسين پھچي ٿا وڃون. ڪمل ڀائرن سان پوليس ٿاڻي تي آئي. ھن منھنجي ضمانت ڏني. چندرو پنھنجي دوست فوجداري وڪيل روچي ۽ روپي کي ڪيس کڻڻ لاءِ چيو. روچيراڻيءَ شاليمار جي مالڪ کي لکيو ته اوھين جيڪڏھن موھن تي لڳايل ڪوڙا الزام واپس نه وٺندا ته اوھان جا فرشتا به اوھان کي بچائي نه سگھندا. سيٺ ضد ۾ ويو. بمبئيءَ جو وڏو وڪيل ڪيائين. ان مون تي الھاس نگر ۾ ڪيس ڪرڻ لاءِ ھتي ٻه مڪاني وڪيل ڪيا. اھي به پوليس اسٽيشن تي ھئا ۽ کلي کلي چيائون ته توکي ست سال جيل ۾ نه وجھايوسين ته وڪالت ڇڏي ڏينداسين. مون چيو مان ”اوھان ڪوڙا ڪيس کڻو ٿا. وڪالت ڇڏيندا ته شريف ماڻھن جي عزت رھجي ايندي. اوھان منھنجي مجبوري ته ڏسي ڇڏي آھي. ھاڻي طاقت ڏسجو. خود ئي گھر معافي وٺڻ ايندا“.
    ڪمل کي چيم ”تو ضمانت ڏني، ڏاڍي خوشي ٿيم. ان کي ئي ته رفيق- حيات چئبو آھي. مون ته سمجھيو ته تون شايد منھنجون مجبوريون سمجھي نه سگھين ۽ مون کي ڇڏي ڏين“.
    ” مجبورين کي منھن ڏئي سگھبو آھي ۽ انھن کان بچي سگھبو آھي“.
    ” ڪيئن“؟
    ” اِھو اوھان کي شاديءَ بعد سيکاريندس“.
    ” ڇا لکڻ بند ڪرائيندينءَ“؟
    ” نه- اوھان جو لکڻ مون کي وڻندو آھي“.
    ” سگريٽ ڇڪڻ ڇڏائيندينءَ“؟
    ” نه - اوھين سگريٽ ڇڪڻ وقت مون کي ڏاڍا وڻندا آھيو“.
    ” ته ڇا سيکارينديءَ“؟
    ” ڪجھ دنيا داري“.
    مان اتان ٿي ڪمل جي گھر ويس. اتي ان پھريون ڪاميابيءَ تي وِسڪي جي بوتل کوليائون. مون به پيگ پيتو. مون کي لڳو ته مصيبتون ختم ٿيڻ کان اڳ واڳوءَ وانگر پڇ جو ٺڪاءُ ڪري رھيون آھن.
    ٻئي ڏينھن مون جئرامداس دولترام کي دھليءَ جي پتي تي خط لکيو. مڪان مالڪ جو پتو به لکيومانس. ھن جي سياسي نظرئي، ڪارج ۽ سندس ديوناگريءَ لپي خلاف ته مون تمام گھڻو سخت لکيو ھو. مون کيس پنھنجو سڄو مقدمو لکيو ۽ کيس چيم ته اميد ته ان سماجڪ ڪم لاءِ اوھين سياسي مت ڀيدن کي خيال ۾ نه آڻيندا.
    شري جئرامداس ٻه تارون ڪيون. ھڪ مڪان مالڪ کي. ان جو نقل رام پنجواڻيءَ ۽ مون کي. ٻي رام پنجواڻيءَ کي ۽ ان جو نقل مون کي. پھرين تار ۾ لکيائين؛ موھن ڪلپنا خلاف ڪو به قدم نه کڻو. وڌيڪ اوھان کي پروفيسر رام پنجواڻي سمجھائيندو. رام پنجواڻيءَ کي لکيائين؛ رام ڏسج، جيئن موھن جيل ۾ نه وڃي ۽ مٿس ڪو ڪيس نه ٿئي. ھو اسان جو بيحد پيارو ليکڪ آھي.
    پھريون دفعو مون کي جئرامداس لاءِ شرڌا جاڳي، چاھي سندس مرڻ تائين. مان سندس نظريہ سياست شامل ٿي نه سگھيس. گنو وري عزيز سان گڏيو. حيدرآبادي سنڌ ورقيءَ، عزيز کي گرو ڪري مڃيندا ھئا. عزيز گني کي چيو ”موھن آھي بي خيالو. ان ڏينھن ميٽرو ٻاھران ھلندڙ بس مان لھي پيو. پر چئينس، عزيز جي ھوندي تنھنجو وار وِنگو نه ٿيندو. چرين پنج اٺ سؤ رپين لاءِ ايڏو ھنگامو مچايو آھي“. گني منھنجي شڪل ڏسي چيو ”مون زندگيءَ ۾ ڪڏھن به توکي نروس ٿيندي نه ڏٺو آھي. گھٻراءِ نه. سڀ ٺيڪ ٿيندو“.
    رام پنجواڻي مڪان مالڪ جي دڪان تي ويو. مان مالڪ جي وڪيل وٽ. ھن جي آفيس به ميڊوز اسٽريٽ ۾ ھئي. پنھنجي واقفيت ڏيڻ بعد چيومانس، اوھان وڪيلن وٽ ڇا دل نه ٿيندي آھي“!
    ڪافي پڙھيل ھو چيائين ”جي دل جو سوچيان ھا ته ”آرٽس“ کڻان ھا”-لا“ نه کڻان ھا“.
    ” جيڪڏھن آرٽس کڻو ھا ته پنھنجي ڪلائينٽ کي غلط صلاحون نه ڏيو ھا“.
    ” مون ڪيترن ليکڪن جون جيونيون پڙھيون آھن. سڀ ائين ھوندا آھن. گولڊ سمٿ کي مڪان مالڪ جيل ۾ وجھايو ته کيس بچائڻ لاءِ جانسن ھڪ گني موڪلي. مگر ضمامت ڏيڻ بدران گولڊ سمٿ گني پڙ تي رکي. جڏھن جانسن جيل ۾ گڏجڻ ويو ته ڏٺائين ھن جيلر سان جُوا ويٺي ڪئي“.
    ”اوھان انھن جيونين مان ڪجھ سکيا به آھيو“؟
    ” اوھان جھڙن ماڻھن کي سھوليت سان جيل موڪلڻ جي ڄاڻ ملندي آھي“.
    ” اوھان ۽ وئشيائن ۾ ڪھڙو فرق آھي؟ وئشيائون جسم وڪڻڻ ۾، وڪيل پنھنجو وويڪ“.
    ” ڳالھاءِ ٻچا- آخر تنھنجي جنازي جي سرگس ۾ مان ئي شامل ٿيندس“.
    ” ڏسجو“ ڪٿي مون بدران اوھانکي ڪلھو نه ملي وڃي“-
    ٻئي ڏينھن رام پنجواڻيءَ جئہ ھند ڪاليج ۾ پنھنجي روم ۾ گھرايو ۽ ارجن شاد اڳيان چيائين ”مون کي ڏسي ڀائي حيران ٿي ويو. ڳالھ ڪئي مانس. چي؛
    ” ليکراج عزيز به ٿي ويو آھي. آخر اِھو آھي ڪَھڙِي بَلا جو جئرامداس جھڙي بزرگ نيتا ھن لاءِ تار ڪئٖي آھي. ۽ اوھين منھنجي دڪان تي چڙھٖي آيا آھيو؟ مون چيو مانس؛ موھن ڪلپنا اسان جو پيارو ليکڪ آھي. خوددار آھي. ذھين آھي. بيباڪ آھي. ٿورو گستاخ به آھي، پر ڏنگو ماڻھو اصل ڪونٖھي. چي؛ منھنجٖي عزت جو سوال آھي. ھن مون کي جوتو ڏيکاريو. پنجواڻيءَ صاحب، بيئرر چيڪ کڻو. جيترا پئسا کپن، ان تي لکو. پنج ھزار، پنجاھ ھزار. اسانکي توھان لاءِ عزت آھي. پر اسين ھڪ غريب، ليکڪ ھٿان ھار کائڻ لاءِ تيار ناھيون. چئو ته سڄو دڪان لکي ڏيانوَ. مون چيو مانس؛ منھنجي ڳالھ نه مڃيو ته باقي منھنجي ڪھڙي عزت ڪيئي. آخر ھو جھڪيو - ان شرط تي ته ٻي جڳھ ملڻ تي تون اِھا خالي ڪندين. ھو سڀ ڪيس واپس وٺندو“.
    ھي اُھوئي رام پنجواڻي ھو، جنھن کي مون دنيا اسٽيج تان ڀڄايو ھو. چاھي ھا ته ٿورو وڌيڪ مصيبت ۾ آڻي سگھي ھا. سنڌي ماڻھو ته کيس پوڄيندا آھن. مون لاءِ ھن ڪيتري تڪليف ورتي. ھاڻ مان جيل نه ويندس. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. سندس مھرباني مڃيم. پر اِن احسان جو الائونس کيس مون ادب ۾ اڃا تائين نه ڏنو آھي. نه يا عمر ڏيڻ وارو آھيان. ساڳئي وقت سندس اِن احسان لاءِ ذاتي طور سندس زندگيءَ ڀر شڪر گذار رھندس. ھڪ فراخدل دوست چيو ”موھن، مان جيل ۾ وڃڻ پسند ڪريان ھا. پر جئرامداس جو احسان نه کڻان ھا“.
    چيومانس ”واھ، ڇا شان آھي! تون جيل ۾ به ڪو نه وئين ۽ اِھو به ثابت ڪيئي ته تون مون کان وڌيڪ خوددار آھين“.


    17

    شاديءَ کان اڳ. اِھو تناءُ. سڳن آھوجا جي بيماريءَ ۽ موت، شاديءَ بعد ھڪ ڀيڻ جي موت جي ڪوڙيء َ خبر، ڀيڻوئي صاحب جو پئسن جي سوال تي سوڙھو گھٽڻ، ھڪ ڀيڻ جو پاڳل ٿيڻ ۽ کيس ھڪ رات ۾ طلاق ملڻ، ٻي ڀيڻ جو پيٽ سان ھئڻ جو درد مان سھي نه سگھيس. ھڪ ڏينھن آفيس ۾ ڏسان ته اکين ۾ اڇي روشني ۽ تارا پيا ڏسڻ ۾ اچن. ڄڻ انڌو پئي ٿيس. ھڪدم پاسي ۾ بمبئيءَ ڪلينڪ ۾ ويس. مٿو ڦرڻ لڳو. ساھ منجھڻ لڳم. سسٽر کي چيم؛ مون کي بچايو. پر اندران ڊاڪٽر چيو؛ يو ويٽ پليز. مان بينچ تي ليٽي پيس. اڃا شاديءَ ڪئي سال مس ٿيو ھو. بس خدا - اِھا تنھنجي زندگي! سمجھان ته بدن ۾ طاقت نه اٿم. پگھر سان گڏ ڄڻ ماس به وھڻ لڳو آھي. پورو ڪجھ ڏسڻ ۾ نٿو اچي. ٿوري ھوا کپي. بس، مان ائين مري ويندس-نه ! مان اٿيس ۽ ڊوڙڻ شروع ڪيم. سينٽرل لئبريري. پرنس آف ويلز ميوزم. اوول پارڪ، فائونٽين. ٿوري ٿوري طاقت ايندي وڃي. آخر گاڏيءَ ۾ ڪنڊ کان وڃي ويٺس. ھوا لڳٖي ۽ ھڪ دفعو وري مون کي ننڊ کڻي ويئي.
    ھوش ۾ آيس ته ڏٺم ڪن ماڻھن سس پس ٿي ڪئي. پر گاڏيءَ ۾ ڪير به نه ھو. تن ڏينھن ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ ڪو مشڪل ئي ھوندو ھو. مون کي من ئي من ۾ پاڻ سان ڳالھائڻ جي عادت ھئي. پر موت جي منھن ۾ ويندي منھنجو وات ئي بند ٿي ويو. ڪير ٿا ڳالھائن؟ ڏٺم ته بنا منھنجي دماغي اجازت جي، ذھن اندر ڪا گفتگو جاري ھئي. مان ٿورو گھٻرائجي ويس. ڇا مان پاڳل ٿي رھيو ھوس! وري چاھيم رڙ ڪريان لڳم ته سامھون ڪو ماڻھو ويٺو آھي جنھن کي ته ضرور منھنجو ڌڪ لڳي ويندو. ڏٺم من ۽ بدن تان ضابطو ٽٽندو ٿو وڃي. مان آڪاس ۾ نھاريندو ھوس ته لڳندو ھو ته جيڪڏھن مان نظرن جو زور ھلايان ته پوري قدرت جي سرشتي کي ٽوڙي سگھان ٿو. ھينئر دريءَ کان ٻاھر نھاريان ته تارن جي روشنيءَ جو بار سھي نٿو سگھان. ڏاڍو بيوسيءَ جو احساس ٿيم. ھن پرڪرتيءَ جو مان ھڪ خسيس ساھ وارو آھيان. وري ڏسان ته چار ٽنگون ٿي ويون اٿم. پٺيان پڇ نڪري آيو اٿم بدن مينھن جيان ٿي پيو آھي. مان سانُ ٿي پيو آھيان. بدن کي ڏٺم. ٽنگون ٻانھون سلامت ھئم. ڇا مان سچ پچ پاڳل ٿي رھيو آھيان! پر مون کي شاديءَ ڪئي اڃا ڏيڍ سال به نه ٿيو آھي. مان وڏو ليکڪ به نه ٿيو آھيان. ڪيترا ليکڪ پاڳل ٿيا آھن. پر ھنن ادب ۾ نالو ڪڍيو. مان ته اڃا ادب جي پھرئين ڏاڪي تي آھيان- ادب جي ڏاڪڻ ته آسمان ڏانھن وڃي ٿي. مان پھرين ڏاڪي تان ڪري پوندس. مان ڪليان ۾ لٿس. مون کي لڳو ماڻھو مون ڏانھن نھاري رھيا آھن. ڏٺم ته ڪنھن نٿي نھاريو. سمجھيم ته ڏاڍي ڀيڙ آھي ۽ مان ھلي نٿو سگھان. مون کي ذلت جو احساس ٿو ٿئي. اڌ جواني ٻه ويلا پيٽ ڀري ماني کائي نه سگھيو ھوس. چمٽا کڻي جڳھ مان ڪڍي ڦٽو ڪيائون، ڄڻ ميونسپالٽيءَ ڪنھن ڪتي کي جھليو. من ۾ خوف آھي، مان اندروني طور ٽٽي رھيو آھيان ۽ منھنجي ھستي ختم ٿي رھي آھي. مان ڇا ڪريان، مان ڇا ڪريان؟ گھر وڃان ۽ اتي دؤرو پوي ته ؟ مندر ۾ وڃان ۽ پرڀوءَ جي مورتيءَ سامھون ڪري پوان. بخش مون کي ڀڳوان! يا ھليو وڃان شمشان ڀومي- اتي ليٽان ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيان. کيل ختم. ڇا ڪريان مان؟ ھڪ دفعو وري ڊوڙڻ شروع ڪريان. مان ڊوڙندو رھان. ڏينھن راتيون. صبح شام. اوھ ڪوٽڙي. منھنجي پياري ڪوٽڙي. ھيءَ سيوھاڻي گھٽي. ۽ ھيءُ ڪرڻ. ساھ بند ! ويھ سال ٿيا آھن وطن ڇڏي. ڇا ان کي ڏسڻ بنا مري ويندس!چنڊ جھڙي ڌيءُ کپي مون کي. ڪمل اميدن ۾ آھي. پنجن ڇھن مھينن کانپوءِ کيس ٻار ڄمندو. ڇا کيس پيءُ جي چمي به نصيب نه ٿيندي. جيڪڏھن مون کي ايترو جلدي مرڻو ھو ته شادي ڇو ڪئي. ڇا منھنجيءَ پتنيءَ کي سڄي عمر جو درد ڏيئي ڇڏيندس. مون ۾ ته ڪا طاقت ڪانھي. پوءِ ايڏي طاقت ڪٿان ايندي جو دنيا ڇڏي ھليو ويندس. مان شايد سوچيان گھڻو ٿو. شايد دماغي رڳون منھنجي سوچ جو بار کڻي نٿيون سگھن. مون گلاب جي پنکڙين تي سوچ جا ائٽم ڇو رکيا آھن. مان يوگ پچايان؟ سوچڻ ڇڏي ڏيان. پر اتي به ته مان بيوس آھيان.
    مون ٽئڪسي ڪئي. ٽئڪسيءَ ۾ ننڊ کڻي ويم. ڏسان سمھيو پيو آھيان ۽ ڪا ڌاري طاقت بدن ۾ گھڙي رھي آھي. مان ھٿ پير ھلائي نٿو سگھان. آواز ڪڍي نٿو سگھان. مان نستو ٿيندو وڃان ٿو. شرير مٿان زور وڌندو وڃي ٿو. مان آتما جو پورو زور لڳائي چوان ٿو؛ او- م.... اوم! اوم نمرشوا. اوم نمو شوايہ ! آھستي آھستي ان ڌاريءَ طاقت جو اثر گھٽجي ٿو. منھنجون اکيون کلن ٿيون. ڏسان ٿو ته ٽئڪسي ڦاٽڪ ٻاھران بيٺي آھي. ٽئڪسيءَ واري سگريٽ ڌکائي آرسيءَ مان مون ڏانھن ڏٺو. مون مشڪڻ جي ڪوشش ڪئي. ڏٺم ته مشڪي نٿي سگھيس. مان کاٻي ھٿ سان منھن جو ھيٺيون حصو مھٽڻ لڳس. لڳو ته ھاڻ بھتر ٿيندو ٿو وڃان. لڳم ته اِھو ڦاٽڪ ڪڏھن کلندو ۽ مان منزل تي ڪڏھن نه پھچندس. مون کي لڳو ته اِھا ٽئڪسي اتي بيٺي ھوندي ۽ ميڻ جيان رجڻ لڳندي. مان ٽئڪسيءَ جي دروازي کولڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ کولي نه سگھندس. رستو تلاءُ بڻجڻ شروع ڪندو، ۽ مان پنھنجي مرضيءَ خلاف آھستي آھستي ان ۾ ٻڏندو ويندس. اکين ۾ تارا چمڪڻ لڳندا ۽ مان ڪجھ ڏسي نه سگھندس.
    ” ڀائي - ھيءُ ڦاٽڪ کلندو يا نه کلندو“؟
    ” ڪھڙو ڦاٽڪ سائين“؟
    ڏسان ته ٽئڪسي ھلي رھي آھي. ڇا اِھو به خواب ڏٺم. ڀلا ھاڻ به ٽئڪسيءَ ۾ ويٺو آھيان يا اِھو به خواب آھي؟ مون پرارٿنا ڪئي، اِھو به خواب ھو؟ سچ ڇا آھي. جبل ڏانھن ويندڙ ھڪ شاھي رستو، اوندھ، سنسناھٽ. او ٽئڪسيءَ وارا ٽئڪسيءَ کي بيھارين نٿو. رستو به ته نٿو کٽي اوھ... جبل جي چوٽي ۽ ٽئڪسي بولاٽيون کائي ھيٺ ڪِري رھي آھي. مان ڪرندو ٿو وڃان. ختم ٿيندو ٿو وڃان.
    ڄڻ سَنڌن جا اِسڪرو ڍلا ٿي رھيا آھن. ماس وَھي رھيو آھي. ھيٺ اُڀو سمنڊ آھي. ان جي چوڌاريءَ آسمان کي ڇُھندڙ گولائيءَ ۾ شاھي ديوارون آھن. سمنڊ ۾ فقط چُنو آھي. ھيءَ ڌرتيءَ چوني جو ھڪ گول ٽب آھي ۽ ھڪ ٻِلي ان جي اندر ڪِري رھي آھي. اندر پيئي وڃي- ٻاھر پيئي نڪري ۽ مان ھيسجڻ لڳان ٿو.
    مان ڊاڪٽر ماکيجاڻيءَ وٽ ويس. جنھن اندر چڪاس روم ۾ وھاريو. ڀيڙ گھٽ ھئس. ھن ڪئپسٽن سگريٽ دکايو ۽ ھڪ مون کي ڏنو. ان بعد ھن وٽ جڏھن به ويس، ھن ٻه سگريٽ ڪڍيا. ھڪ پاڻ کڻي ھڪ مون کي. ٻه ٽہ سال. ٿيا ته ھو ڪار جي حادثي جو شڪار ٿيو. ڪي مھينا جيئرو رھيو ۽ ھڪ ڏينھن مري ويو.
    مون کيس پنھنجي تن من جي سڄي حالت ٻڌائي، ھن چيو ”موھن، گھڻو سوچي ۽ يورپيئن مخزنون پڙھي تو پنھنجو نروس سسٽم ڪمزور ڪري ڇڏيو آھي. تنھنجي دل ٺيڪ آھي. بلڊ پريشر به ٺيڪ اٿئي. وري به خاطريءَ لاءِ ريڊ ڪراس مان ڪارڊيو گرام ۽ ايڪسري ڪڍائج. تنھنجي رڳن کي ٺاھڻو پوندو. گھٻراءِ نه. تون اسان گھڻن کانپوءِ مرندين. ھن ٻه گوريون ڏنيون. ھڪ ايڪيوبرام ۽ ٻي يونيڪائيزم. چيائين ”تنھنجي دماغ جون رڳون پنھنجي سڄي تناءُ کي ائسڊ بڻائي تنھنجي آنڊي ۾ گئس ٿيون پيدا ڪن. پھرين گوري دماغي رڳن کي طاقت ڏيندي ته اِھا تناءُ کي پاڻ ۾ جذب ڪري. ٻي گوري آنڊي اندر اِن تناءُ کي اندر گھڙڻ نه ڏيندي. ڪيس سئڪو بائلاجيڪل آھي. اڄ يورپ جي ھر ڏھين ماڻھوءَ کي اِھا تڪليف آھي. گھٻراءِ نه. ٽرنڪيولائيزرس گوريون سڄي تنتي سرشتي کي انتظام ۾ آڻين ٿيون. موھن، پندرھن سال اڳ مون جڏھن تنھنجو علاج ڪيو تڏھن مون کي ڊپ ھو ته تون شايد نه بچين. تو ان وقت کليو ٿي. ۽ ھاڻ جڏھن سچ پچ توکي ڪو خطرو ڪونھي ته تون ڊڄي ويو آھين.
    مان ايڪيوبرام جي ھڪ گوري وٺي گھر ويس ۽ ٻي مانيءَ بعد ورتم. ڪمل سان ڳالھ نه ڪيم. پر مون ڏٺو ته ھر خميس جي ڏينھن مون کي ان قسم جي تڪليف ٿي ٿِي. اکين ۾ اوچتو ڌنڌ وانگر سوجھرو. منھنجو نستو ۽ بي ھمٿو ٿيڻ. مون اجھل جي چوڻ تي بمبئيءَ جي نوڪري ڇڏي ڏني. تلريجا ڪاليج ۾ سينئر ڪلارڪ جي نوڪري وٺي ڏنائين. پگھار فقط ٽي سؤ ايڪٽيھ رپيا. احمد آباد مان ھيرو شيوڪاڻي به الھاس نگر آيو. اسان جي نوڪريءَ تي چڙھڻ جي ساڳي تاريخ بيٺي. پھرئين ڏينھن ئي رستي تي تڪليف ٿي ڊاڪٽر وٽ ويس. دوا ورتم. گھر ھليو ويس. ڊاڪٽر جي اسپتال ڪاليج جي سامھون ھئي. اجھل ڪاليج ۾ اڪائونٽنٽ ھو. شيوڪاڻي ليڪچرار. نارايڻ ڀارتي بي- اي جو شاگرد، جو پوءِ ايم - اي سنڌيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ آيو. پي- ايڇ - ڊي ڪيائين ۽ ھاڻ ان ئي ڪاليج ۾ ليڪچرار آھي. اتي چڱيون ادبي ڪچھريون ٿينديون ھيون. مون پگھار ته گھٽ ٿي کنيو، پر ڪاليج ۾ اديب پھرين مون سان ئي گڏجڻ ايندا ھئا. ايڪسري ۽ ڪارڊيو گرام ڪا خرابي نه ڏيکاري. ڪمل سان ڳالھ ڪيم. ھونءَ ڀاڀيءَکي ھر مھيني پوڻا ٻه سؤ رپيا ڏيندو ھوس ته ڪاليج ۾ اچڻ بعد کيس فقط منو سؤ ڏيڻ لڳس. مان ڪڏھن سوچيندو ھئس ته ڪراچيءَ ۾ ھجان ھا ته ساڳئي شھر ۾ نوڪري ڪريان ھا. لوڪل ۾ چار ڪلاڪ وڃائڻا نه پون ھا. ڪاليج ۾ نوڪري ملڻ سان اِھا خوشي ٿيم ته ساڳئي شھر ۾ ڪم ھو. رام دادلاڻيءَ وٽ ٻه فون ۽ وڏي ٽيبل ھوندي ھئم. اڪثر ڪم ۾ مشغول. اڪثر چار گراھڪ سامھون ويٺا ھوندا ھئا. ڏھين کان ڇھين تائين سخت مشغول. ھڪ دفعي لعل پشپ شيوڪاڻيءَ کي وٺي آيو ۽ شڪايت ڪيائين ته تون ڪم ۾ ايترو مشغول آھين جو اڌ ڪلاڪ رڳو اسان ڏانھن نھارڻ ۾ لڳايو اٿئي. آنند کيماڻي کاڌيءَ جا ڪپڙا پھريل اتي آيو. سمجھيم ته ڪو سوشل ورڪر آھي. ان ڪري ڌيان ڪو نه ڏنو مانس. پوءِ جڏھن واقفيت ڏنائين ته مون مُشڪيو. چيومانس؛ اھو ته تون لڳين نٿو. آنند ته زبردست ذھين آھي. تون ڪجھ سادو پيو لڳين. آنند پنھنجي موجودگيءَ مان ڪنھن کي به ٺڳي سگھندو آھي. ماڻھو زياده وشواس سان ھن سان ڳالھائين ۽ پوءِ جڏھن آنند ڳالھائي ته لڳي نرسنگھ ڀڳوان ھرناڪس جا آنڊا چيري رھيو آھي. دادلاڻيءَ وٽ مون اِھو قاعدو ڪڍيو ته ھر سنڌي مخزن کي ھر مھيني ھڪ اشتھار ڏنو وڃي. جڏھن ٻيا صفحي جا پنجويھ رپيا ڏيندا ھئا ته مون پنجٽيھ ڏيڻ شروع ڪيا.
    ڪاليج ۾ ته منھنجي ڪا ھستي نه ھئي. ڪڏھن چانھ سگريٽ پيئڻ تي دل ٿيندي ھئي ته اجھل کان ڳاڙھو ووچر صحيح ڪرائي پنج ڏھ رپيا ائڊوانس کڻندو ھوس. مون کي اسڪالرشپ سيڪشن ڏنو ويو. جنھن جا قاعدا قانون پڙھي ڪافي ھوشيار ٿيس. ڪاليج جي مينس ھاسٽل لاءِ ڪاليجيئٽ بورڊ ميونسپالٽيءَ کي پلانس ڏنيون ھيون، پر اِھي پاس نٿي ٿيون. سپرنٽنڊنٽ ٻالاڻيءَ جي چوڻ تي پرنسپال اي- آر ڪلڪرنيءَ مونکي پاڻ وٽ گھرايو ته تو ڏھ سال آرڪيٽيڪٽ جي آفيس ۾ مئنيجر جي عھدي تي نوڪري ڪئي آھي. تون اِھي پلانس پاس ڪرائي ڏي. اھڙي اختياري به ڏنائين. مان ان ئي ڏينھن چيف آفيسر گھنشام تلريجا وٽ ويس. ھن چانھ گھرائي. چيائين ”منھنجا وڏا ڀاڳ آھن جو تون مون وٽ آيو آھين. سنڌيءَ ۾ منھنجا ٻه فيوريٽ ليکڪ آھن. ھڪ تون ۽ ٻيو لعل پشپ“. ڪلاڪ ۾ پاس ڪري ڏنائين. ڪلڪرني حيران ته جي پلانس آرڪيٽيڪٽ ٽن سالن ۾ پاس ڪرائي نه سگھيو، مسٽر الا ھڪدم پاس ڪرائي آيو. ھن پوءِ امتحانن لاءِ مون کي اسسٽنٽ سينيئر سپروائيزر مقرر ڪيو. فقط پاڻ منھنجي مٿان شيڊولڊڪاسٽ، ٽرائيس، نوماڊ وغيره جا فارم جاچيندو ھوس. خود ڊرافٽ ٺاھيندو ھوس. ڪلڪرني مشڪي صحيح ڪندو ھو. چوندو ھو؛ تنھنجي انگريزي منھنجي ڪاليج جي ڪيترن ماسترن کان سُٺي آھي.
    ھيرو شيوڪاڻيءَ جي شخصيت ڪشش ڪندڙ آھي. ذھين ۽ بيباڪ آھي، پر حساس گھٽ آھي. ھن گني جي ”اڀمان“ تي جديد نقطہ نظر کان تنقيد لکي، نئين پيڙھيءَ جي ليکڪن ۾ نالو ڪڍيو، پر جا تنقيد سخت وڌيڪ. صحيح گھٽ ھئي. گني کي ”اپراجتا“ تي جڏھن انعام مِليو، تڏھن ھن ھڪ ھنڌ لِکيو ته گني جي انعام پٺيان، گني جي سنڌي تحريڪ ۾ شرڪت آھي. اِھو الزام غلط ھو، ڇو جو گني سنڌي تحريڪ ۾ حصو نه ورتو ھو ۽ لکنوءَ سميلن ۾ تماشبين ٿي ھليو ھو. البته ليکڪن سان سُٺا ناتا ھئس، پر گنو ۽ خوشامد ڪري. اِھا ڳالھ گني جي فطرت ۾ نه ھئي. شيوڪاڻيءَ جي جديد سوچ؛ چي سڀ روايتون ختم ڪريو. زبان جون نسون ٽوڙيون، پر کيس اِھا ڄاڻ نه ھئي ته زبان جي نسن ٽوڙڻ لاءِ خود زبان جي ڄاڻ ھئڻ لازمي ھئي، نه ته نسون ملنديون ئي ڪيئن !
    ھڪ دفعي ادبي ڪلاس ۾ موتي پرڪاش ھڪ سانيٽ پڙھيو، سڳن چيو؛ اِھو سانيٽ جو فارم ئي ڪونھي. موتيءَ چيو؛ مون ان جي قاعدن کي ڀڳو آھي. سڳن چيس قبلا، سانيٽ جا قاعدا ڀڃڻ لاءِ به ان جي قاعدن جي ڄاڻ ضروري آھي. مون ھيري شيوڪاڻيءَ ۾ ٻه وڏيون خوبيون ڏٺيون ته ھو پنھنجي جدت سان ايماندار ھو ۽ تنقيد ڪندي دوستيءَ مخالفت جو لحاظ نٿي رکيائين. اجھل ۽ ڀارتي سندس اِن سوچ تي چڱي نڪته چيني ڪندا ھئا. ايم -ڪمل جي گھر وڃو نه ته ڪمل چوندس؛ حضور، اوھين دروازي کان ڪيئن آيا؟ اوھان کي ڀت ٽپِي اچڻ گھرجي. پٽ کي چوندو؛ بابا، گلن جون ڪونڊيون کڻ، ڏسين نٿو، جديد نقاد آيو آھي. تن ڏينھن ۾ شيوڪاڻي ٿوري ٿوري ڳالھ تي غصو ڪندو ھو. آنچل جي ڪتاب تي سخت تنقيد ڪيائين ۽ ان جو جواب مون کيس ڏنو، جو وڌيڪ سخت ھو. مون کيس اِھو پڙھڻ لاءِ ڏنو، ھو ڏاڍو جوش ۾ اچي ويو. اسين ھيٺ ھوٽل ۾ چانھ پيئڻ وياسين. ھن چيو؛ موھن، تون مڃين ٿو ته مون ۽ ھريش واسواڻيءَ سنڌيءَ ۾ نئين تنقيد جا درسگاھ کوليا آھن“.
    ” مڃيان ٿو“ مون چيو ”۽ اِھا نئين تنقيد پھرين ھريش واسواڻيءَ منھنجي ڪتاب ”چانڊوڪي ۽ زھر“ تي ڪئي. ھريش پنھنجي سوچ موجب صحيح ھو، ان ڪري ان جي تعريف ۾ مون کيس لکت ۾ رايو ڏنو. مان شامل راءِ نه ھومانس، پر جواب نه ڏنو مانس جو اِھا منھنجي ڪتاب تي لکيل ھئي. آنچل جو ڪتاب جو آھي منھنجو ڪونھي“.
    ” تون جيڪڏھن اھا ڇپائيندين ته اسان جي دوستي ختم“!
    تمام سختيءَ سان چيومانس”ان جي ڪنھن کي پرواھ آھي. ادب ۾ دوستي دشمني ڪجھ نه ٿيندو آھي. تون ٻين جي ڪتابن تي سھوليت سان نڪته چيني ڪرين ٿو، پر پاڻ تي ھڪ لفظ به برداشت ڪري نٿو سگھين“.
    ھن چانھ پيئندي چتائي منھنجي منھن ۾ نھاريو. چيومانس ”مون کي غلط سمجھين ته جواب ڏج. ھلندو ھل، جيستائين ھلي سگھين“.
    ھن ان ليک جو ڪو جواب نه ڏنو. بلڪہ ”ڇوليون“ رسالي ۾ ڪنھن فرضي نالي ھيٺ اعتراف ڪيائين ته ھيرو شيوڪاڻيءَ موھن ڪلپنا کي جواب ڏيڻ ۾ اسمرٿ رھجي ويو آھي. سندس ان بيان مون کي ماري ڇڏيو. ان لاءِ وڏو ڪليجو کپي ان بعد مون ھميشہ ھن جي عزت ڪئي آھي، چاھي اسان ۾ وڏا مت -ڀيد رھيا آھن. ھو پھرين فنڪار آھي. ٻوليءَ ۽ ادب سان بي پناھ محبت اٿس. ادب ۾ منصوبا ڪو نه سٽي، جو صحيح سمجھي، لکي، ڪنھن کان ڏڪي ڪو نه. تمام گھڻو اڀياس ڪيل اٿس. سندس ويچارن سان شامل راءِ نه ھوندي به مون ھن لاءِ لِکيو آھي ته سنڌي قوم ھيري شيوڪاڻيءَ جي معيار جو نقاد پئدا ڪرڻ ۾ پنجاھ سال لڳايا آھن. مان پنھنجي ان جاءِ تي اڃا به قائم آھيان. ھيل تائين ھن ٻه سٺيون ڪھاڻيون لکيون آھن ”پورٽريٽ ھڪ پيءُ جو“ ۽ ”زندگي ۽ ڪئڪٽس“. ادبي محفلن ۾ پنھنجي موجودگيءَ جو ڀرپور احساس ڪرائي سگھندو آھي.
    رام ڪشن جو قرض اڃا ٿورو چڙھيل ھو، سو اِھو به ٻه پٽ وٺي مھيني ٻي ڪاليج ايندو ھو. ھن منھنجو سُٺو گھر زال جو مڻيو، اسان جو شان شوڪت ڏٺو، سو سمجھايائين ته لک اٿم، پر ھن دفعي بيھودگي نه ڪيائين. ايندو ھو ته ڄڻ تپ چڙھندو ھوم. کيس آسرا ڏيئي لنوائيندو ھوس. ۽ ٻئي سال ھڪ ڌڪ ۾ قرض لاھي ڇڏيو مانس. ٻئي سال مان بمبئيءَ ۾ ھڪ انگريزي اخبار جو سمپادڪ ڪيو ويس. پگھار ڇھ سؤ پوءِ اِھا اخبار مون کنئي ۽ مھيني ۾ سراسري طور اڍائي ھزار ڪمائڻ لڳس. اِھا ڪھاڻي 1969ع کان 1975 ع جي مارچ مھيني تائين ھلي.
    بيمار ته پوءِ به پوندو ھوس. ڪاليج ۾ سپرنٽينڊنٽ سينٽرل ھاسپيٽل ۾ ڊاڪٽر وٽ موڪليو. ڊاڪٽر پڇيو؛ ڇا ٿو سمجھين. چيومانس. ڪڏھن ڪڏھن ڪرنگھي ۾ سور جي سَٽ اڀري. چيائين؛ قميص گنجي لاھي مٿي ليٽ. ھن ڪرنگھي تي اسپرنگ يا ڪا دوا ھنئي. ڌوڏن مان ٺڪ ٺڪ ڪيائين. وچ ۾ ٿورو ھيٺ ڀرو آواز ڪجھ مختلف لڳو. چيائين؛ اتي ڪرنگھو پولو آھي. اسڪرو ڊرائيور جيان ھڪ تيز اوزار کڻي آيو. نه ھم نه تم، اندر گھيڙي ڇڏيائين. مون کان رَڙ نڪري ويئي؛ اللّٰہ !
    ھي شاعر ڪيئن لکندا آھن، تنھنجي نظرن جي تيرن گھايل ڪيو آھي.... ڇاتيءَ ۾ خنجر لڳا آھن. سور ناقابل برداشت ھو.
    ڊاڪٽر پڇيو ”ھندو آھين، مسلمان آھين“؟
    ” ھندو آھيان“.
    ” مان سُک ۾ ھِندو، دُک ۾ مسلمان آھيان“.
    دوائن تي بحث ھجي ته ڳالھائي به سگھي. ليکڪن سان ٻيون ته ڪيتريون تعديون ڪري سگھجن ٿيون، پر کين بحث ۾ ھيٺ ڪرڻ لاءِ وڏو حوصلو کپي. اتي ھنن جي سلطنت آھي. لفظن جا ڪاڪ محل آھن، جن جا محل ڪوڙ پر ڪاڪ سچا ھوندا آھن.
    ڊاڪٽر چيو ”ننڍي ھوندي راند ڪندي ڪو وار ٻاھر اُسري نه سگھيو آھي ۽ اندر گھڙي ويو اٿئي. ان وار تنھنجي ڪرنگھي جي ان حصي جو ٽڪر کائي ڇڏيو آھي. تون ان جو آپريشن ڪراءِ. زخم جھونو اٿئي. ڇھ اٺ مھينا ترسي ڪرائين ته حرڪت ناھي“.
    ڪمل نئشنل ھاسپيٽل مھيم جي فرسٽ ڪلاس روم ۾ ھئي. سامھون سندس ماسيءَ سندري شھاڻيءَ جو گھر ھو. جا پوپٽي ھيراننداڻيءَ سان سال ٻه گڏ پڙھي ھئي. منھنجي سالي سنڀال لاءِ اتي وڃي رھي. وسپت 12جولاءِ 1968ع تي صبح جو ساڍي پنجين گيتا جنم ورتو. مون کي ڪاليج ۾ ٽرنڪ ڪال آيو. مان ھونءَ به روز چئين لڳي ڪاليج کان ڇٽي، بمبئيءَ زال وٽ ويندو ھوس. مون ھڪ فوٽو گرافر دوست کي اڳواٽ موڪلي ڇڏيو ته منھنجي زال ۽ ڌيءَ جا ڊزن ٻه فوٽا ڪڍي، جي ڪڍيائين. مون ڌيءَ کي ھنج ۾ کڻي کيس پيار ڪيو. مٿي تي چمي ڏيئي، آھستي ”ڪن ۾ چيومانس؛ شل خوش رھين. جواني ماڻين. آڏيءَ ٻڍي ٿين. پر ڪجھ به ٿج. ليکڪا نه ٿج. ڊاڪٽر ٿج. غريبن جو مفت علاج ڪج.“
    اڇا ڪپڙا کيسا خالِي، ماڻھن ليکي ملڪ جو والِي. اتي سورھن سؤ بل نڪتو، جو ساليءَ ڀريو ۽ جو ٻئي سال چڪايو مانس. ڊسمبر ۾ مون به آپريشن ڪرايو. ٽيويھ ڏينھن اسپتال ۾ ھئس، آپريشن ڊاڪٽر سرجن موٽواڻيءَ ڪيو. پھرين ڪرنگھي ۾ ھڪ وڏي سُئي ھنيائون. ڏاڍو سور ٿيو. ان بعد حاتم طائي جيان ھيٺين اڌ جسم ۾ ڄڻ ڪو ساھ نه رھيو. مون کي ليٽايو ويو. منھنجون اکيون کليل ھيون ۽ سامھون رکيل نئين ٽين مان ڏٺو ته ڊاڪٽر موٽواڻي ڇُري کڻي منھنجي ماس کي چيرڻ لڳو. ڳاڙھو ڳاڙھو ڪافي رت نڪتو. سور بنھ محسوس نه ٿيو. پر ڏسڻ سان ٿورو گھٻرايس ٿي. آپريشن چاليھ منٽ ھليو. اڌ ڪلاڪ وٺي ھلڻ ۾ لڳايائون. اڌ ڪلاڪ ھيٺ لاھڻ ڪل چوٽيھ ٽوپا لڳا. اسٽريچر تان جڏھن ھيٺ آندائون ته ڪمل انتظار مان نھاريو. مون کيس مشڪيو، جيئن سمجھي ته ڄڻ باغ مان گھمي آيو آھيان.
    ان ئي دؤر ۾ جئرامداس ديوناگريءَ ۾ ڪتاب آڻڻ لاءِ وڏي رقم جي آڇ ڪئي. مون اِھا قبول نه ڪئي. اسين مري وڃون ته ڀلي پر اسين پاڻ کي بچائي ٻوليءَ کي مرڻ ڪيئن ڏينداسين. جئرامداس کي شايد اِھا خبر ھئي ته جڏھن آزاديءَ کان اڳ ڪانگريس سڀني ٻولين لاءِ ديوناگريءَ جو اصول قبول ڪيو ته اردو ڳالھائيندڙ لکين شخص ڪانگريس کان ڪٽجي ويا. جنھن سبب پڻ مسلم ليگ انڊيا ۾ زور ورتو. مان آدرشن لاءِ جي رھيو ھوس ۽ جيئن جيئس ٿي، ان ۾ پڻ آدرش شامل ھئا.
    ان بعد جسم ۽ من جا گھڻائي دک ڏٺا اٿم. پر بيماريءَ جو اھو ڏيڍ سال ڏاڍو خراب گذريو. مشڪل سان اھڙو ڏينھن ھوندو جڏھن اھو خيال نه آيو ھوندو ته اڄ مان خلاص ٿيندس. سو موت ته اڻٽر آھي ئي. ان کي سھج سڀاويڪ قبول ڪجي، جيڪڏھن اھو سھج سڀاويڪ اچي. پر اڪثر ائين ٿئي نٿو. البيئر ڪاموءَ ھڪ ھنڌ لکيو آھي ته اھا انساني زندگيءَ جي ڪيڏي ائبسرڊٽي آھي، جو ھو جنھن زندگيءَ کي معنيٰ بخشڻ چاھي ٿو، اھا بنا اطلاع جي اوچتو ختم ٿي وڃي.
    ان بيماريءَ ۾ مون ھڪ چيز وڃائڻ شروع ڪئي. مٿي جا وار. مان نٿو سمجھان ته منھنجي انتر من ۾ ڪي خانداني عناصر ھوندا. جن منھنجو مقدر طئہ ڪيو ھوندو. دادا ۽ بابا کان ٻڌو ھوم ته لالا خاندان جو پھريون پٽ پنجٽيھن سالن ۾ پير رکڻ بعد ٽڪلو ٿيڻ شروع ٿيندو آھي. ٻي ڳالھ اھا ٿي جو ڏيڍ سال اڪثر ھر وسپت تي جو سورداس ٿيڻ جو وھم پوندو ھو ۽ اکين ۾ ڌنڌ ڦھلجندو ھو، سو نظر گھٽ ٿيم ۽ چشمو پائڻ شروع ڪيم، پرين نظر اڃا به تيز اٿم خبر ناھي وياس ۽ ڪاليداس بنا چشمن جي لکين ڪوتائون ڪيئن لکيون.
    ھڪ دفعي ميران چيو: تنھنجي لاءِ ڪمل سٺي ٿيندي. مون ڪمل جي گھر طرف رخ رکيو. ھڪ دفعو ڏٺومانس. ميران کي چيم : اھا زال ملي ته پاڻ کي خوش نصيب سمجھندس. چيائين: ڏاڍي نيڪ ۽ با اخلاق آھي. ڪتابن جي شوقين ڪنھن جي وڏائي جي رعب نه چڙھيس. چيومانس؛ ٻيلي ڪو ٻوٽو ٻار. عشق ۾ منھنجون مڙيئي ناڪاميون کيس پائڻ جون تياريون آھن. ميران ڪمل سان ڳالھ ڪئي. ڪمل چيس؛ اڄڪلھ جا ڇوڪرا ھلڪٽ ٿين ٿا. ذھين ڇوڪريءَ لاءِ شادي ڪرڻ مشڪل آھي. پر مان. کيس ڏسان. ھڪ دفعي ھن مون کي سئلون ٻاھران اخبار پڙھندي ڏٺو. ميران چيس: ڏاڍي سٺي سڀاءُ جو اٿئي. ٿورو غريب آھي. ڪمل چيس: اِھو ڪو عيب ڪونھي. ھڪ دفعي نيتاجيءَ تي ڪمند جي رس ويٺي پيتم. ان ڏينھن شيڪسپيئر جو ڪمپليٽ سيٽ ورتو ھئم. خبر نه ھئم ته مسواڙ نه ڀرڻ سبب شيڪسپيئر مھانگو پوندو. ھوءَ پنھنجي. ڀيڻ سان اتي آئي. سانوري، ڪٽيل وار، سلوار ۽ ڪرتو ڪجھ گنڀير ۽ شانت. مون من ۾ چيو؛ يا خدا- بس، اھا ڏي زندگيءَ ڀر تنھنجو ٻانھو ٿي رھندس. درگاھن تي پوڄا ڪندس. مندرن ۾ جاپ ڪندس. بس، پاڻ سان ويٺو ڳالھايان. من ۾ ڏاڍا ڪومل ڀاو پئدا ٿين ٿا.
    چندرو به فرسٽ ڪلاس ۾ سفر ڪندو ھو. مون فوٽو گرافر دوست کي چيو ته چندروءَ کي تيار ڪر ته ماٿيران پڪنڪ ڪجي. ڀل فئملي سان ھلي. ماٿيران معنيٰ موھن. سٺو گائيڊ آھي. ماڻھو به ماشاءَاللّه لکن ۾ ھڪ آھي.
    فوٽو گرافر منھنجي ماٿيران جي ساراھ ۾ سيٽ تان ڪري پيو. چندروءَ پڇيو؛ تون اسان کي وٺي ھلندين؟ مون چيو: ھڪ شرط تي. ڪھڙو؟ اوھين مون سان وڏا وڏا پنڌ ڪندا. اسين 13 فيبروري 1965ع تي مٿيران وياسين. 16 صبح جو موٽياسين. مان ڊارڪ ڪلر جا ڪپڙا پائي ويس. اتي وڃي ھڪ بنگلو مسواڙ تي ڪيم، جو پوءِ ڪنھن گجراتيءَ خريد ڪيو ۽ جو ھاڻ گجرات ڀون جي نالي سان سڏجي ٿو. ريگل پٺيان - مولانا آزاد روڊ تي. مان ڏاڍو خوش. شبانا وارو فيصلو خيال ۾ آيم ٽي-ايس- ايليٽ جي ڪوتا به؛ ”پل ۾ وقت آھي، بصارتون ۽ فيصلا، جو پل برعڪس ڪندو“.
    نيزل کان گاڏي ننڍي. تيرنھن ميل واڪا کائي مٿي چڙھي. ڪنھن کي کپي ته ھيٺ لھي، باندر کي پاپڙي کارائي، يا پاڻ کي ان کان چڪ پارائي، ڊڪ پائي وري اچي ان ۾ چڙھي. ڪالڪا کان سملا جا ريل ويندي ھئي سان به ايڏي ننڍي.
    مون کين گاڏيءَ ۾ ٻه ڪوتائون ٻڌايون. ھڪ جپاني ھائڪو.
    عدن جي باغ ۾ لکيل آھي ته ھتي گل پٽڻ جي منع آھي:
    پر ھوا پڙھي نٿي سگھي.
    ھڪ بورس پيسٽرنڪ جي:
    زندگيءَ سرءُ جيان، پنھنجن تفصيلن ۾ گھري آھي.
    اتي سنان پاڻي ڪري لکنوء جو چوغو ۽ پتلون پاتم. پيرن ۾ اڇي موجري. ماٿيران جي مٽي ڳاڙھي. رستن تي ڏامر ڪو نه ٿئي. موٽرن ڪارن جي اتي اجازت نه آھي. اوچا پھاڙ، ميدان، ساوڪ، پکي، ڀولڙا، گھوڙا، گُل، خاموشي، ٿڌي ھوا.
    ٽوليءَ ۾ فوٽو گرافر ۽ سندس ڪا پريمڪا، چندرو ۽ جوڻھس، جانڪي، ڪمل ۽ سندس ٻه ٻيا ڀائر گوبندر ۽ نانڪو ۽ سندن پريمڪائون. گوبند جو اھو فيصلو ھو ته جيستائين پنھنجي ڀيڻ جي ڪنھن سٺي ڇوڪري سان شادي نه ڪرائيندو، پاڻ اوستائين ڪنوارو رھندو. اسين ڪپڙا مٽائي ٻاھر ھوٽل ۾ آياسين. چانھ پيئڻ شروع ڪئيسن. ڪمل اڃا تائين ھڪ لفظ به نه ڳالھايو ھو. نه ھن مون ڏانھن گھڻو ڌيان ٿي ڏنو. پر کيس خبر ھئي ته مون کي خبر ھئي ته ڪنھن اسان ٻنھي سان اسان ٻنھي جي شاديءَ جو ذڪر ڪيو ھو.
    گوبندي چيو ”اچ ته گھوڙن تي چڙھون“.
    مون چيو ”نه“.
    ” ڇو“؟
    ” شينھن تي چئو ته چڙھان، ڇو ته شينھن تان ڪرندس ته ڪچو کائي ويندو، جا ڪا وڏي ڳالھ نه ٿيندي. مان نه ھوندس ته منھنجا مسئلا به ختم ٿي ويندا پر جي گھوڙي تان ڪريس ته ٽنگ، ٻانھن ڀڄي پوندي. پوءِ مون سان شادي ڪير ڪندو“؟
    سڀ کليا مان به ڪافي کليس. سوچيم ته ھاڻ پراڻا طريقا ڇڏيان. سو اٿي ٻاھر ويس. اندر آيس. ڪمل کان ھڪ ڪرسي پري ويٺس. ٻي چانھ جو حڪم ڏنم. پڇيو مانس ”تو منھنجو ڪو ڪتاب پڙھيو آھي“؟
    ”ھڪ پڙھيو اٿم. موھي-نرموھي“.
    ” ڪيئن لڳئي“؟
    ” سٺو“.
    ” اوھان کي ڪتاب سٺا لڳن ٿا، ليکڪ سٺا نٿا لڳن“؟
    ھن پھريون دفعو چتائي نھاريو. آھستي چيائين ”اوھين به سٺا آھيو“.
    کين رات جو شاروليٽ ليڪ تي وٺي ويس. ان جڳھ تي جتي ”رڃ ۽ پاڇا“ جا وندنا ۽ ڪمار ويٺا ھئا. اتي زبردست سيءُ ھو. آڪاش ۾ چنڊ. شاروليٽ ۾ چنڊ. سامھون بينچ تي چنڊ. ھڪ وقت ٽي چنڊ. جوڙا چادرون پائي خوابن ۾ گم ٿي ويا. ڪمل ۽ مان آمھون سامھون. الڳ چپ ھن اولھ طرف منھن ڪيو جتي وادين ۾ چانڊوڪي ۽ گيت تري رھيا ھئا. مون اوڀر ڏانھن منھن ڪيو. مٿي چنڊ ھيٺ چنڊ ۽ ٻن چندرمائن وچ ۾ ڪمل جو ٻھڪندڙ مُک. اتي ايندي چانڊوڪي وڻ ۾ اُلجھي، تڙپي، ان جي وٿين مان کسڪي ھيٺ ڪري. اسين انھن چانڊوڪين جي لزرائيندڙ ٽڪرين تي پير رکندا اتي پھتاسين. نه کيس چادر، نه مون کي چادر.
    مان اٿي ھلڻ لڳس. ياد آيم: رابندر ناٿ ٽئگور چيو آھي؛
    ايڪلا چلو - ايڪلا چلو
    اوري اوري اڀاڳا
    اوھ اڀاڳا آھستي آھستي ھل. مان ان ڪوتا جي مارگ تي ھلڻ لڳس. واپس موٽي آيس. ساڳيءَ جڳھ تي ويٺس. مان ھن جي سامھون ويٺو ھوس پرکيس اِھا ڳالھ مان سمجھائي نٿي سگھيس. ھوءَ چپ. ڌرتي چپ. آسمان چپ. البت ھوا جي جھوٽي سان وڻن جي پنن مان ائين آواز ٿي آيو، ڄڻ تيز برسات ٿي پئي، پر ڪير پسيو نٿي. ان ڏينھن ھوٽل ۾ گفتگو ٿي. پر ٻئين ٽئين ڏينھن ڪا به گفتگو نه ٿي. شايد ھو پنھنجي ماٺ جي وال سان منھنجي تھذيب جي گھرائي ماپي رھي ھئي ۽ ھن جي ان ماٺ مون کي ٻڌايو ٿي ته ھوءَ من ۾ فقط مون تي سوچي رھي ھئي. ٻين سان به گھٽ ٿي ڳالھايائين. اسان اتي پتي راند ڪئي. بير پيتو. ھڪ ٻئي سان چرچا ڪيا؛ پر ھن ۽ مون بس جو ھوٽل ۾ ڳالھايو سو ڳالھايو.
    آخري ڏينھن سامان ٻاھر ڪيوسين. سڀني چيو موھن گھمايو ته ڏاڍو، پر ٿڪايو به اٿائين. ڪٿي پنوراما پائنٽ، ڪٿي آلميا ۽ ون ٽري پائنٽ. ھتي ته کوکا بير جا کڻي مھينو ٻه آرام اچي ڪجي.
    عادت موجب مان بنگلي اندر ويس. ڏٺم ته سنان -جاءِ ۾ ھڪ ڊريس پيئي آھي. ٻاھر کڻي آيس پڇيومانس ”ڪمل ڏس ھيءَ ڊريس تنھنجي آھي“.
    ھن مون ڏانھن نھاريو. چيائين ”ھا- اوھان جي مھرباني“.
    چيومانس ”منھنجو اِھو احسان ياد رکج“.
    گھر وڃي ڏسان ته چادر گم آھي. ٻئي ڏينھن آفيس مان سڌو ان جي گھر ويس. غلطيءَ وچان چادر ھنن وٽ ھلي وئي. مان ويس ٿي ته ڪمل چيو ”ويھو- چانھ پي وڃو“. گھر ۾ فقط ھڪ نوڪرياڻي ھئي ڀائر اڃا ڪم تان نه موٽيا ھئس. ھن چانھ ڏني ته مون چيومانس ”تون منھنجي چادر کڻي آئي آھين يا منھنجو مستقبل “؟
    ” اوھان ته اھڙيون گھڻيون چادرون وڃايون ھونديون“.
    ” مون کي لڳي ٿو، اِھا پھرين آھي“.
    ھن پھريون دفعو مون سان مشڪيو. ٻاھر نڪتس ته چندرو گڏيو، موھن تون؟ ھل ھل. اِھا ھل ھل پورو سال ھلي. روز ڪمل جي گھر. روز رات جو اتي ماني. روز رات جو ٻارھين واپس.
    ان وچ ۾، ماٿيران مان موٽي ٻئي ڏينھن کيس ھڪ لنبو خط لکيم، جو پنجاھ صفحا ھو. ھفتي بعد ٻيو خط لکيم جو ستيتاليھ صفحا ھو ۽ گھڻو پوءِ ھڪ ٽيون جو فقط اٺاويھ پر لنبا صفحا ھو. اھي سڀ پڪي جلد جون ڪاپيون ھن مندر ۾ رکيون آھن ۽ ڪڏھن پڙھندي آھي. ڪڏھن مان به پڙھندو آھيان. مون کيس لکيو ته مون ماءُ کي مڃايو آھي، مان ھڪ جڳھ مسواڙ تي وٺندس ۽ پنھنجو گھر الڳ ٺاھيندس. مان غريب آھيان ۽ نه آھيان. مون وٽ آدرشن جي پونجي ۽ ڪلا جي جائداد آھي. ھن ڪنھن به خط جو ڪو جواب نه ڏنو، نه ان جو ذڪر ڪيو.
    ھڪ شام جو کيس نيتا جي ٿيڻ واري ڀاڄائي ديوڪيءَ سان ڏٺومانس. چيومانس؛ تو ۾ ھڪ منٽ ڪم آھي. تون مون سان ھلندينءَ؟ ديوڪيءَ چيو؛ ھلڻ ۾ ڪجھ ڪونھي. ڀل ھلو. مان کيس ھل- لائين روڊ جي ھڪ ڪنڊ وٺي ويس. ديوڪي ٿلھي تي ويٺي. مون ھمٿ کان ڪم وٺي سندس ڪلھي تي ھٿ رکيو ”مون ڪڏھن فيصلو ڪيو ھو ته مان ڪڏھن به شادي نه ڪندس. پر توکي ڏسي فيصلو بدلايو اٿم. ھاڻ شادي ڪندس ته توسان نه ته ڪنھن سان نه ڪندس. مان تنھنجي ھا جو انتظار ڪري ٿڪجي پيو آھيان“. مون ھن جي ڪلھي تي زور ڏنو ”مون کي خبر آھي-مان توکي وڻان ٿو. ڇا تون پاڻ فيصلو ڪري نٿي سگھين؟ مون کي جواب ڏي؛ تون مون سان شادي ڪندين“؟
    ”ھا“، ائين چئي ھن ھٿ ھٽايو ۽ ديوڪيءَ سان ھلي ويئي.
    ٻئي ڏينھن ڀاڻھس فون ڪيو ۽ پڇيو ته ڪھڙيءَ گاڏيءَ ۾ ٿو موٽين. مان ڇھين لڳي سندس واچ ايمپوريم ۾ ويس. ھن چيو ”رات اسان فيصلو ڪيو آھي. اسان کي رشتو منظور آھي. پر ھڪ شرط آھي“.
    ”نه -شرط ته مان ڪو منظور نه ڪندس“.
    ” اسان جي جڳھ جي پاسي کان وڏو پلاٽ آھي. اسان جو پنھنجي ڀيڻ ۾ ڏاڍو موھ آھي. آھي اسان کان ننڍي پر ھن اسان کي ماءُ جيان پاليو آھي. تون به ليکڪ آھين، پيو ڪانفرس وغيره ۾ وڃين. پر پٺ جو خيال نه ٿيندو. يار- ھي زمانو دوستيءَ ياريءَ جو آھي. اسين ڪا به اچ وڃ نه ڪنداسين“.
    مون سگريٽ دکائي ان سوال تي غور ڪيو ۽ کيس ھا ڪيم. جڳھ ٺھڻ ۾ سال لڳي ويو. کين به گھڻو پئسو نه ھو. پر مڇيءَ مانيءَ وارا ھئا. مان ھر شام ۽ سڄو آرتوار اتي.


    18

    رام دادلاڻيءَ بھتر پگھار جي آڇ ڪئي ته لالائن جي پراڻي نوڪري ڇڏيم. ھاڻ فقط دفتر ۽ ڪمل.
    منھنجي پراڻي گھر ۾ ھڪ پراڻي تصوير ٽنگيل ھئي. اتي منھنجو سنڌ جو ھڪ پراڻو فوٽو ٽنگيل ھو. اتي جھرڪين پنھنجو آکيرو ٺاھيو ھو. جنھن ڏينھن، ٺاھ موجب اِھا جڳھ ڇڏڻي پئي، ان صبح جون جھرڪيون اِھو آشيانو خالي ڪري ويون. فوٽو به ھيٺ ڪري پيو ۽ ان جو شيشو ڀڄي پيو.
    ان بعد ان گھر ۾ ڪير به ٻن ڏينھن کان وڌيڪ رھي نه سگھيو آھي. چون ٿا؛ اتي جن آھي، رات جو جن ماڻھن کي ڏڪائيندو آھي ۽ ماڻھو ڀڄي ويندا آھن. ان پاڙي جي ھڪ لوڪ ڪٿا آھي. چون ٿا اتي ھڪ مھاپرش رھندو ھو. پوءِ ڪن بدمعاشن ان مھاپرش کي اتان لوڌي ڪڍيو. ان گھر ۾ ان مھاپرش جي آتما آھي.
    اِھا لوڪ ڪٿا ٻڌي مان کلندو آھيان، ڇو ته اھو ”مھاپرش“ مان آھيان. ھو ڳالھ ائين ڪندا آھن. ڄڻ صديون اڳ جي آھي.
    بيمار پوڻ جي ٽئين ڏينھن جڏھن ڪمل کي مون چيو؛ مون کي ڪجھ ڪونھي، پر ٽيون ڏينھن ھيڏي تڪليف ٿي ته چيائين ”تون خيال نه ڪر. مان به ساوتري آھيان. مان تولاءِ ڪال سان وڙھندس“. مون کي ھن جو اِھو وشواس ۽ اڀمان ڏاڍو وڻيو. مان ڪلاڪار ھوس. زندگيءَ ۾ ھوءَ منھنجي صلاحڪار ٿي.
    موھن ڪلاڪار. ڪمل صلاحڪار. زندگيءَ جو ڄڻ ختم ھاڪار. ھن جون صلاحون منھنجي ادب لاءِ ته ھيون. ھن ڪڏھن به لکڻ ۾ دست اندازي نه ڪئي آھي. نه صلاح ڏني آھي ته ھيئن جا ھونءَ لک. کيس خبر آھي ته منھنجو لکڻ معنيٰ خاموشي ۽ چانھ. ھوءَ گھر جي ڪم ۾ مشغول رھندي يا ڪو ڪتاب رسالو پڙھندي. گيتا ننڍي ھئي ته ھٿ مان پين ڇڪي ڀڄي ويندي ھئي. ھاڻ چوڏنھن سالن جي وڏي، ڊگھي متاري آھي. ڪو ڪم ھوندس ته اچي ڪرسيءَ مٿان ويھندي ھئي. ماءُ کي چوندي؛ ”اجائي وڏائي ٿو ڏيکاري ته مان به لکڻ ڄاڻان“. کيس خبر آھي ته لکڻ وقت ٽيبل ڀرسان ان جي ڪرسيءَ تي مان ڪنھن کي ويھڻ نه ڏيندو آھيان. پوءِ ھوءَ اکين تان چشمو لاھيندي وري ڀڄندي ڀلا بنا چشمي مان ڪيئن لکان. ڪڏھن سِنانَ ڪري وار ٽيبل ڀرسان ڇنڊيندي پاڻيءَ جا ٻه چار ڦُڙا پني تي ڪرندا. دوست سمجھن مون اِھو خط کين روئي لکيو آھ. چوندي پاپا تنھنجا دوست سرڪاري پاڻيءَ کي تنھنجا ڳوڙھا سمجھندا. ڪڏھن ڏسان ته پنا غائب. ھِند سِنڌ مان روز ٻه چار جيڪي خط اچن ته ان ۾ اڪثر ھڪ سِٽ ساڳي ھوندي آھي؛ ڪمل کي سلام- گيتا کي پيار. ايلچي خانن، صوبائي مرڪزي ادارن يا ٻين ھنڌان دعوت ناما اچن ته گيتا چوندي ٻيا مڙئي گشتا پتا لکين ويٺو سڀني کي بيوقوف بڻائين. ڪير کائنس پڇي؛ تنھنجو نالو؟ چوندي؛ گيتا لال. ڪڏھن به ڪا نه چوي؛ گيتا موھن ڪلپنا. بس، پپا کي اخبارن ۾ نالو کپي. ان ڏينھن ٽِي-ويءَ تي کِلي ائين پيو ڄڻ اميتاب بچن جو چاچو آھي. نه نه. ڄڻ دليپ ڪمار آھي!
    ڪمل ئي منھنجا سڀ خط کوليندي آھي. ڪڏھن ڪڏھن خط سخت ھوندا آھن. ڪي شخصي ھوندا آھن. کيس لعل پشپ ۽ ماھتاب محبوب جا خط ڏاڍا وڻندا آھن. لعل پشپ لکندو تون ھتي آھين. ماٿيران آھين يا ٻئي ھنڌ آھين حرامي خبر اٿم ته ڪٿي آھين. ھڪ تون ئي آھين جو ھڪ ئي وقت ھتي، ماٿيران ۾ ۽ ڪٿي به ٿي سگھين ٿو! ھڪ دفعي لکيائين؛ موھن کي نه ملي ۽ گني سامتاڻيءَ ۽ لعل پشپ کي ساھت اڪادميءَ انعام ملي ته لعنت ڏيڻ وارن تي آھي. شاھ لطيف بعد موھن ئي سنڌين جو وڏو ليکڪ آھي. منھنجي پٽ شبوءَ چيو؛ ڊئڊي، جيستائين موھن انڪل کي انعام نه مليو آھي تيستائين سمجھندس سرڪار توھان سان چرچو ڪيو آھي. ڪجھ ان طرح ھو گھر ايندو. ڪمل سان ھٿ ملائيندي چوندو؛ ڪملا ڪيئن آھين؟ سندس ڪلھي تي ھٿ رکي چوندو؛ ھاڻ موھن ۽ مان، وسڪي ۽ گشا. اسين ٻئي ڏاڍا لچا آھيون. رامجي ۽ ٽي ٺڳ:
    وڇڙي کي ڪتو ثابت ڪري ڏيکاريون. پر گنو ٺڳ نه ٿي سگھيو آھي. ماھتاب به سنڌ جي اديبن، رسالن ۽ ڪانفرنسن جا اھي تفصيل لکندي جو ڪمل پئي کلندي.
    جڳھ ٺھڻ ۾ فقط ھڪ سال لڳو. پر گذرندي اھو سال لنبو ٿي ويو، وچ ۾ گنو ٻه چار دفعا اتي آيو. تمام شان سان ڪرسيءَ تي ويھندو. ٽيون چانھ جو ڪوپ پيئندي چوندو؛ مان ته چاھيندو آھيان سڄو سمنڊ چانھ ٿي وڃي. پوءِ حيدرآباد سنڌ، ھردوار، رشيڪيش ۽ گنگا جون اھي ڳالھيون ڪندو، ڄڻ مھاڪوين جا الڳ ٽڪرا مرتب ڪندو ھجي.
    دروازو کليل ھوندو ته ڪلڪتي مان لکمي کلاڻي بمبئيءَ ويندي پھرين سڌو مون وٽ ايندو. سڌو اندر. ڪو راڳ جھونگاريندو ايندو. ڄڻ ھفتي کان گھر ۾ رھيل آھي ۽ ٻاھر ڪمپائونڊ ۾ ڇولا کائي اندر آيو آھي. گنو، لعل ۽ لکمي ھميشہ گيتا لاءِ بسڪيٽ، چاڪليٽ يا ڪو ڪتاب، پين ڪجھ نه ڪجھ کڻي اچن.
    اُتم دروازي کان گھڙندو ته ھميشہ پنھنجو تڪيہ ڪلام پيش ڪندو؛ فلاڻو؟ ڪتي جو پٽ -پئسي جي گپ ۾ ڦاسي پيو آھي. ڪمل جي ماني کائيندي کيس پنھنجي ماءُ ياد ايندي آھي. ڪيرت اڪثر گنڀير رھندو يا وقتي ڪمل سان چرچو ڪندو؛ ھاڻ کيس پنھنجي زلفن جي پيچ و خم مان آزاد ڪر ته ڪجھ سنڌي ھلچل ۾ اڳرو ٿئي. مالھي گھٽ اچي، پر اچي ڪڏھن ڀڳونتيءَ ۽ ڪلاڪارن سان.
    ڪيترا دوست آھن جن جا خلوص ۽ شفقتون، رامايڻ کان پھريون، بائبل کان مٺيون آھن. سنڌ جي سابق وزيراعليٰ خان بھادر کھڙي مرحوم جي ناٺي ڊاڪٽر انصاريءَ ڪمل جي ڪلھي تي ھٿ رکي چيو؛ ادي، اوھان جي قرب اسان کي ماري ڇڏيو آھي. ٻئي سال مان زال کي وٺي ڪار ۾ لاھور وارو رستو وٺي مھينو اوھان وٽ اچي رھندس.
    ابراھيم منشيءَ چيس؛ ادي، مون ته پاسپورٽ تي ايڊريس ئي موھن جي لکائي. ھن لاءِ اجرڪ آندي اٿم. سنڌ جي پھرين اجرڪ موھن ڪلپنا- پر توکي ٿو پايان. ۽ پوءِ ھن جڏھن ٻه ڪلاڪ پنھنجو ڪلام ٻڌايو ته اکين مان پاڻي وھيو ڪجھ نه پر لڳو درياھ وھي رھيو ھو.
    شاھ لطيف جي گديسر شاھ نثار حسين لطيفي کيس چيو؛ مون کي اوھان جي گھر ۾ لڳو ته سنڌ ۾ ئي آھيان. ھيءُ گھر سنڌ آھي ۽ اوھان جي شفقت سنڌو درياءَ آھي. پاڻ ڪار ۽ جيپ ۾ آيو. ست باڊي گارڊ گڏ ھئس. سگريٽ دکائي مشڪي ته لڳي لطيف جو بيت پڙھي رھيو آھي. چي؛ سنڌ اچو. اوھان کي سڄي سنڌ گھمايون.
    ماھتاب محبوب ڪمل کي ڀاڪر پائي ملي. ڇا اوھان کي حيدرآباد جا منگھ ياد نٿا پون؟ اچو ته ڀٽ جي ميلي تي قربن جون ڪچھريون لڳايون.
    اھي ئي ته اسان جا خزانا ۽ سلطنتون آھن. اسين ان جا بي تاج بادشاھ آھيون. البته ڪي اديب گلائن جا تاڪيا کولڻ شروع ڪن. ڪمل اڪثر اٿي وڃي ۽ مان کلڻ لڳان. مان نٿو سمجھان ته مون زندگيءَ ۾ ڪڏھن ڪنھن جي گلا ڪئي ھوندي. مان نڪته چيني ڪندو آھيان. جا ڳالھ منھن تي چئي نه سگھان، اُھا پرپٺ ڪڏھن نه چوان. بلڪہ اڪثر منھن تي نڪتيچيني ۽ پرپٺ تعريف ڪريان.
    آزاد سنڌو ھلچل جا ميڙ، ياترائون، اخبار ”سوجھرو“ ۾ لڳاتار مضمون، نئين ڪم جي ڪمائي، ٽن مان اڍائي ھزار، پوءِ، ٻه، ڏيڍ، ھڪ، پنج سؤ ۽ آخر ختم ٿي وئي.
    ھڪ وڏو انقلابي، پر ڪڏھن بس جو ڀاڙو نه ھجي جو گھر وڃي سگھان.
    ڪاليج ۾ اجھل ڪنھن چڪر ۾ اچي ويو ۽ جيڪڏھن ڪنھن کيس بچايس نٿي ته ممڪن ھو سڌو جيل ۾ وڃي ھا. مان تن ڏينھن ۾ اڪثر بيمار رھندو ھوس ۽ ڪاليج مان ڪافي گسائيندو ھوس. اجھل چيو؛ احمد آباد ۾ فساد ٿيا آھن. سو جئرامداس دولترام، گورنر سريمن نارايڻ وٽ سندس بنگلي تي لٿو آھي. جيڪڏھن تون لعل پشپ سان رات اتي وڃي، صبح ڪم ڪري سڀاڻ رات موٽي اچين ته ڪنھن کي خبر نه پوندي. لعل پشپ ته محمد تغلق روڊ دھليءَ ۾ وٽس گھڻائي دفعا زيارت ڪري آيو. مون چيو؛ ٺيڪ آھي، پر گھر ھڪ وڳو ته کڻڻ وڃان. چي، نه! پنھنجي قميص لاھي ڏنائين. چيائين؛ ھيءُ قميص ٻه ڏينھن ميري نه ٿيندي. مون کيس پنھنجي لاھي ڏني. ھن گھر وڃي ڪمل کي چيو ته موھن ٻه ڏينھن ڪاليج جي ڪم سان پوني ويو آھي. ۽ مان لعل سان احمد آباد. جئرامداس سان گڏياسين.
    جئرامداس جي زبردست شخصيت، صاف، اجرو، موجودگيءَ ۾ وڏي قد جو احساس ڪندڙ. وچ ۾ چوندو؛ ڇو موھن، لڄ ٿو ڪرين- سگريٽ ڇڪ. اڌ ڪلاڪ ٿيو آھي توکي ٽائليٽ ۾ وڃڻ جو خيال نه آيو آھي؟ ڀلا- ھان- چانھ پي. ڏاڍو متاثر ڪيائين. سوچيم ته حق تي ليکڪ چريا ٿيا اٿس. ڳالھ ٻڌي چيائين؛ تنھنجي دوست کي شڪ جو فائدو ڏئي سگھجي ٿو.
    ڪاليج اختياريءَ وارن کي تار ڪيائين ته ھن تي ڪو قدم نه کڻو. ڪاليج جي پرسرام پارومل کي، جنھن کي انڊيا جو پھريون فوڊ منسٽر ھوندي کنڊ جون پرمٽون وغيره وٺي ڏنيون ھئائين، ان کي به تار ڪيائين. سو اجھل بچي ويو.
    ڪم جي پڪ ڏيڻ بعد ھن لپيءَ جو بحث ڇيڙيو. مون کيس چيو ته لپيءَ جي مسئلي سنڌين جو ٻيو ورھاڱو ڪيو آھي. ھن ڪافي تفصيلن سان ڳالھايو. مون کيس چيو؛ اِھو اصول ته يا عمر قبول نه ڪندس. چيائين؛ ويھ سال پوءِ تون منھنجو نظريو سمجھندين. چيومانس؛ ٽيھ سال اڳ به اوھان اِھا ڳالھ ڪئي ھئي. لعل پشپ به چيس ته سنڌي ٻوليءَ لاءِ عربي لپي ئي موزون آھي. ديوناگري لپي ٽنگن ڀڳي آھي.
    اجھل عزت سان نوڪري ڇڏي ته چيائين ته تون به ڇڏ. ڪاليج ۾ ڪنھن کي پتو نه پيو ته اجھل کي ڪنھن بچايو ۽ جئرام داس کين ڪيئن تار ڪئي. مون به نوڪري ڇڏي ڏني. مون کي بمبئيءَ مان رايل ويسٽرن انڊيا ٽرف ڪلب جي ريس سان واسطو رکندڙ انگريزي اخبار جي ايڊيٽريءَ جي آڇ آئي. پگھار ڇھ سؤ ۽ فرسٽ ڪلاس ٽڪيٽ مون کي فقط اِھو ٻڌائڻو ھو ته ريس ۾ ڪير کٽندو. ٽي مھينا اڀياس ڪيم- پوءِ اِھا اخبار مون پاڻ کنئي ۽ ڇھ سال ھلايم. مھيني ۾ اڍائي سؤ رپيا کن بچيا ٿي. گھوڙن جي صحت، خاندان، بار کڻڻ جي طاقت، فاصلي ۽ ڊڪڻ جي صلاحيت، ٻين گھوڙن سان ڀيٽ وغيره ايم ڏبي -لالا جي نالي سان سڄي ھندستان ۾ نالو ڪڍيم. منھنجي اخبار جي ٽپس تي ماڻھن لکين رپيا ڪمايا. مان ته خود پھرئين ھفتي سترنھن سؤ رپيا ھارائي ويس، جي لاھڻ ۾ وقت لڳم. پوءِ قسم کنيم ته سڄي ڏينھن ۾ سٺ رپئي کان وڌيڪ راند نه ڪندس. ريس ۾ ماھوار ڪمائي جي ڏھين حصي کان وڌيڪ نه لڳائڻ گھرجي. ھونءَ شوق جي خيال کان راند ڪيم ٿي جو محبوبا سان ملجي ۽ ھن جو منھن نه چمجي ته ضرور ڪا ڊاڪٽري خرابي ھوندي.
    مون پھرئين مھيني کان تار ديو ايئرڪنڊيشنڊ مارڪيٽ ۾ مسواڙ تي آفيس ورتي. مسواڙ ٻه سؤ چاليھ رپيا ۽ ٽن مھينن جي ڊپازٽ. آفيس ستين ماڙ تي. ھيٺان ھڪ ڪلارڪ رکيم. منھنجي آفيس جي ھيٺان راجن چاولا جي آفيس ھئي، جا لنڊن وڃڻ بعد جلال آغا، شيام بينگل ۽ ساڌوءَ مھر کي ڏنائين. جن انڪور، نشانت ۽ ٻيون ڪافي تجرباتي فلمون ٺاھيون آھن.
    مون ٽرف ڪلب جي قاعدن ۾ ڪافي سڌارا آندا. ھڪ دفعي اسٽيورڊس لاءِ لکيم؛ ھي پنھنجن غلط فيصلن تي ائين لٽڪندا آھن. جيئن باندر ٽاريءَ تي. منھنجو ڪلب ڏانھن ساڍا سورنھن سؤ رپين جو بِل رھيل ھو. اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ ۽ ڪلب جي جج گھرايو ته ڪاميٽيءَ ۾ راجائون مھاراجائون، تيل ڪمپنين ۽ ڪارخانن جا مالڪ آھن. ھڪدم معافي وٺ، نه ته بِل نه ملندئي. مون چيو؛ معافيءَ جو ته سوال نٿو اٿي، ۽ بِل مان ڪورٽ رستي وصول ڪري سگھان ٿو. چيائين؛ اسان جو وڪيل نانا پالڪيوالا آھي. لک رپيا خرچ ڪنداسين، پر بِل نه ڏيندس. چيومانس؛ سنڌي ٻچو آھيان، اخبار بند ڪندس، پر معافي نه وٺندس. مون کي ڪلب مان ڏھن، پندرھن ھزارن جا اشتھار ملندا ھئا. ڇھ ڇھ سؤ جا ٻه اشتھار ڪلڪتو، بئنگلور، دھلي، حيدرآباد ۽ مدراس ٽرف ڪلبون به ڏينديون ھيون. فقط ھڪ ڊربي پرچي مان پندرھن ھزار فائدو پوندو ھو. ضد ۾ مون اخبار بند ڪري ڇڏي، معافي نه ورتم.
    ھونءَ ڪم ٽي ڏينھن. ٻه ڏينھن پريس ۽ ھڪ ڏينھن ريس ڪورس تي. ريس ڪورس تي ماڻھن جو ھڪ مجموعو منھنجي پٺيان. مسٽر لالا-مسٽر لالا، بس ھڪ سالڊ ٽپ. گواليار جي مھاراجا ساڌوراءِ جي گھوڙي اسٽارم تي ڪروڙن جي راند ٿي. مون ڊربي پرچي ۾ لکيو؛ اسٽارم کي سنجييو خان جو گھوڙو پرنس خارطوم ڪتو ڪري ماريندو. اوھين اِن تي پنھنجي قميص لڳايو-اُگھاڙا واپس نه موٽندا. سڄي ھندستان جي اخبارن ڊربي لاءِ مھاراجا جو گھوڙو پسند ڪيو. مان اُن ڏينھن گني کي ريس تي وٺي ويس. منھنجي سڀني پوئلڳن پرنس خارطوم تي شرط لڳايو. ھزار تي ساڍا ٽي ھزار فائدو. گھوڙي کٽيو، ريس بعد سنجيو سان گڏيس گنو گڏ ھو. ھن ڀاڪر پائي مون کي ٻن ھزار رپين جو اشتھار ڏنو. اشتھار مون ڇپيو، بِل نه ڏنائين. ھڪ دفعي فون به ڪيومانس، جوڻھس چيو؛ تپ اٿس. پوءِ خبر پئي ته پاڻ مھاراجا جي گھوڙي تي راند ڪئي ھئائين ۽ شايد ويھ لک رپيا ھاريا ھئائين. جا ڪي ڊبليو سوربرن به مون سان گڏيو. چيائين؛ اوھان جي ججمينٽ پرفيڪٽ آھي. مالڪ به، پر مون لک رپيا اُن گھوڙي تي ھنيا. ان وقت سنجيو فلم ائڪٽر ۽ مان ساڳئي دڪان تان ڪپڙا سبائيندا ھئاسين. اسان جو قد بت ساڳيو. کٽي ويو ته اتان ڇھ قميصون نه کنيائين. درزيءَ کي چيائين؛ وڪڻي ڇڏ. ھڪ ڳاڙھي، ھڪ پيلي، ھڪ ڪاري، ھڪ خاڪي، ھڪ واڱڻائي ۽ ھڪ اڇي. ھن اھي مون کي وڪيون. گواليار جي مھاراجا سان سٺي واقفيت ٿيم. ھن جي ٽرينر ميجر ويءَ-ايم لاڊ کي خبر پئي ته مان ھڪ مشھور ليکڪ به ھئس ته مون کي چيائين؛ بھتر آھي ته تون گواليار جي مھاراجا جي چونڊن ۾ ڪم ڪرين. مون انڪار ڪيو. ھو ھن وقت به پارليامينٽ جو ميمبر آھي. پر دوستي الور جي مھاراجا يوراج پرتاب سنگھ سان ٿيم. 1970ع ۾ الور سميلن وقت مون کيس فون ڪيو. ھن چيو؛ ھينئر اچ. وشنو ڀاٽيا کي ٽانگي ۾ چاڙھي اتي ويس. ڦاٽڪ کليو. اسين پنڌ اندر وياسين. ڏسون ته پنج ھاٿي بيٺا آھن. مھاراجا جي ماڻھن ھاٿين جي سلامي ڪرائي. وشنو حيران. چيائين؛ مون ڪنھن سنڌي ليکڪ جي ايڏي عزت نه ڏٺي آھي. مون چيومانس؛ پنج ھاٿي بيٺا آھن. ڇھون تون به وڃي سندن پاسي کان بيھ. مھاراجا وڏي عزت ڏني. سورھن سؤ رپين جو اشتھار ڏنائين. چار سؤ ائڊوانس ڏنائين ته مان ڪمل ۽ گيتا کي ھردوار ۽ رشيڪيش مان گھمائي آيس. ھن پوءِ اشتھار جي قيمت ٻه ھزار ڪئي. مان جڏھن به دھليءَ وڃان ته الور ضرور وڃان. الور جو مائو سڄي ھندستان ۾ مشھور آھي. مھاراجا چئي ته محل ۾ رھ، مان انڪار ڪريان. مھاراڻي به سٺي نموني پيش ايندي ھئي.
    ھڪ دفعي مھاراڻيءَ تاج محل ھوٽل مان پريس ۾ فون ڪيو. چيائين؛ تنھنجي لاءِ ٻين ھزارين جو ڊرافٽ آندو اٿم. وٺي وڃ. اچي چانھ به پي. مون کي وقت ڪو نه ھو. سو مون پنھنجي سالي جي سيڪريٽريءَ پشپا، جا مون کي پريس ۾ پروف ڏسڻ ۾ مدد ڪري رھي ھئي، کي ٽئڪسيءَ ۾ تاج موڪليم ته فلاڻي سرٽ ۾ يوراج پرتاب سنگھ رھيل آھي، ھن کان ڊرافٽ وٺي اچ.
    ھن تاج ۾ بٽڻ دٻايو. مھاراڻي ٻاھر آئي.
    پشپا پڇيس ”يمراج جي آھي“.
    ھاڻ يمراج ته ان کي چئبو آھي جو نوڙي کڻي ماڻھوءَ جو ساھ ڪڍندو آھي ۽ مينھن تي چڙھي، ماڻھوءَ کي گھليندو سرڳ نرڳ وٺي ويندو آھي.
    ” يمراج!ڪير يمراج“؟
    ” مون کي مسٽر لالا موڪليو آھي“. کيس منھنجو ڪارڊ ڏنائين، جنھن تي ھڪ سٽ لکي ھئم. رت جو ڍڪ پي مھاراڻي کيس اندر وٺي ويئي ۽ کيس ڊرافٽ ڏنائين.
    ايمرجنسيءَ بعد اخبار ۾ خبر ڇپي ته مھاراجا آپگھات ڪيو آھي؛ پر پوءِ دھليءَ ۾ خبر پيم ته ھن ھند سرڪار کي اُلٽ ڪرڻ لاءِ دھشت پسندن جي ھڪ زير زمين فوج ٺاھي ۽ ھڪ فوجي مقابلي ۾ مارجي ويو. سچ جي ته ڪا خبر نه پئي آھي. جوان ھو ۽ مون کان عمر ۾ پنج ست سال ننڍو ھو. منھنجا ان سال ٻه ھزار رپيا رھيل ھئس. مون مھاراڻيءَ کي ھمدرديءَ جو خط لکيو پر بل جو ذڪر نه ڪيومانس. سوچيندي منھنجو مڙس مري ويو آھي ۽ ھي ويٺو بِل لاءِ لکي. ليکڪ ھئڻ ناتي مون انساني جذبن کي ڪافي سمجھيو آھي. ڪلب سان ضد اچڻ سبب اخبار بند ڪيم. ان بعد چار پنج دفعا دھليءَ ويو آھيان. الور اتان پنجن ڪلاڪن جي بس مسافري آھي اتي سنڌ وانگر اٺ گھڻا آھن- ميدانن تي موڙ به ڏاڍا. پر فقط ٻه ڳالھيون سوچي نه ويندو آھيان. ھڪ ته ھوءَ اڪيلي آھي. منھنجو کيس گڏجڻ الائي ڪيئن لڳي ۽ ٻيو اِھو خيال نه اچيس ته پنھنجو بِل وٺڻ آيو آھي. ڏاڍي ڀلي ۽ شيرين. ھڪ دفعي چيائين؛ مون کي بمبئيءَ مان ٺڳيءَ جا پتا آڻي ڏي. پڇيومانس؛ مون ڪو نه ڏٺا آھن- اھي ڇا ٿيندا آھن؟ چيائين؛ ڪن پتن تي ڪي خاص ڇپيل نشان رھندا آھن. مھاراجا کي خبر نه پوي ته مان راند ڇو ٿي کٽان!
    ” مھاراڻي جي-اوھان کي ته سڀ ڪجھ آھي، پوءِ ٺڳي ڇو“؟
    ” تو شادي ڪئي آھي“؟
    ” ھا ۽ ھڪ ڌيءَ اٿم“.
    ” پوءِ کيس ھتي محل ۾ وٺي اچ نه“.
    ” نه مھاراڻي - اسين ڏاڍا ننڍا آھيون“.
    ” ڀلا ماڻھو ته ڪڏھن ننڍا نه ٿين. ڀلا، اوھان جي زال اوھان کي ڪڏھن به بيوقوف نه بڻائي“؟
    مشڪي چيومانس ”بيوقوف ان کي بڻائبو آھي، جو نه ھوندو آھي. جو ھوندو ئي بيوقوف آھي، ته فقط بيوقوف ثابت ڪبو آھي. بيوقوف ته بيھڻ مان ئي بيوقوف لڳندا آھن“.
    بمبئيءَ ۾ مھاراجا سان گڏ گھوڙا وڪڻڻ آئي. گواليار جي راجڪماريءَ سان بيٺي ھئي. مان ويومانس.
    ” چئو ته اُھا تاش آڻي ڏيانوَ“.
    ” تاش؟ مان تاش کي ڇا ڪنديس“! ٿورو پرڀرو ٿي چيائين ”ڀائي صاحب -اُھا گھر جي ڳالھ ھئي، راجڪماري ڇا سوچيندي!مون کائنس معافيءَ ورتي.
    سردار پٽيل ھندستان جون ڇھ سؤ رياستون ھندستان ۾ شامل ڪيون ۽ اندرا گانڌيءَ راجائن جون پرسون ڪٽيون ته راجائن، مھاراجن ھوٽلون ۽ گھوڙن جا اسٽڊ کوليا. مون ان ماحول تي الڳ ڪھاڻي ”گھوڙن جي شرط “ لکي آھي.
    راجا، مھاراجا، اڳواڻ، وزيراعظم، ساڌو، طوائفائون، شاگرد، سرمائيدار، ليکڪ، ماستر، ڊاڪٽر، مزور، طرح طرح جي ماڻھن سان مليو آھيان. ماڻھو جيڏو وڏو، ايترو مون کي پيش اچڻ ۾ سھوليت.
    ھڪ دفعي ڀوڄراج ناگراڻيءَ نارايڻ ڀارتيءَ کان پڇيو ته تو ڪرشن چندر جي ”مھالڪشميءَ جي پل“ ڪھاڻي پڙھي آھي-پل جي کاٻي پاسي غريب آھن. ساڄي پاسي شاھوڪار آھن. تون ڪھڙي پاسي ويندين- اِھو سوال خود ڪرشن چندر پڇيو آھي. ڀارتيءَ چيس؛ مان غريبن جي پاسي ويندس. مون کان پڇيائين؛ تون موھن؟ تڏھن منھنجي عمر ويھ سال مس ھئي. چيومانس ”مان ساڄي پاسي بورجئا سوسائٽيءَ ۾ ويندس. غريب مان آھيان. مون غريبن جي زندگي ڏٺي آھي. مان اميرن جي زندگي ڏسڻ چاھيان ٿو. انھن جا تضاد سمجھڻ چاھيان ٿو.“ ڪامريڊ ڀوڄراج جو وات ڦاٽي ويو.
    مھالڪشمي ريس ڪورس ۾ ٽي ڪلاس آھن. ميمبرن جا فرسٽ ۽ سيڪنڊ اينڪلوزر، ميمبر پيڊڪ کان جوڪي رنگ ۾ ايندا. ھزار پنج ھڻندا. چاھي ڪيتري به گرمي ھجي. فل سوٽ ۾ ھوندا. وات ۾ چروٽ. چپ چاپ دونھان ڪڍندا ويندا. خوبصورت زالون، ائڪٽر، راجڪپور، محمود، ارونا، ايراني، بندو، وحيده رحمان، کين اتي ڪير نه نھاري. گھوڙا، اگھ، رڙيون، سمجھو ٻه گھوڙا آھن. ھڪ جو نالو؛ آيو لعل، ٻئي جو نالو جھولي لعل. پنجن ھزار ماڻھن آيو لعل ۽ ٻين پنجن ھزارن جھولي لعل تي لکن جي راند ڪئي آھي. گھوڙا ڊڪندا، وڪڙ کائي ڇھ سؤ ميٽر ميدان ۾ ايندا. پوءِ ھڪ پنج ھزار ماڻھو چوندا. آيو لعل، ٻيا پنج ھزار ماڻھو چوندا؛ جھولي لعل- جھولي لعل اوچتو ٽيون گھوڙو ايندو؛ رام رام رام رام اوچتو آواز بند. ماڻھو جھڙا ھسٽريا جا مريض. ٽنگون، ٻانھون ھلائيندا ۽ اوچتو غلط فيصلي جي صليب تي مسيح جيان لٽڪي پوندا. اھي ساڌو مھاتمائون به وقتي گيڙو رتا ڪپڙا پائي اچن. ڪي ڪروڙ پتي ٻاھر پل تي بيھن، جن ريس ۾ ڪارخانا لڳائي ڇڏيا ھوندا. ۽ ھاڻ اندر اچڻ جا کين پئسا نه ھجن. مون ھڪ انٽرويو ۾ ريس ڪورس جو نالو ”اگر تگر چٽ ميدان“ رکيو آھي. ھڪ دفعي ھيرو شيوڪاڻي ۽ اجھل ھليا. مون سؤ چاليھ رپيا کٽيا. ھنن گھوڙن جا سٺا نالا ڏسي راند ڪئي ۽ پندرھن پندرھن رپيا ھارايا. ٻاھر اچي شيوڪاڻيءَ نڪ تي آڱر رکي جانا ڀرڻ لڳو توبھ، ساھ ئي نڪري ويو. چيومانس؛ خوشي اٿم ته ريس توکي سنڌي بڻائي ڇڏيو آھي.
    مرڻ کان ھڪ ٻه ڏينھن اڳ عزيز به چيو ”ٻڌو اٿم ريس ڪندو آھين“.
    ” ھا عزيز صاحب“.
    ” شينھن جو پٽ آھين“. عزيز چيو”ھن کان اڳ سنڌي اديبن ۾ فقط مون ريس ڪئي آھي. ان انگريز عورت سان جا روز ريس تي ھلندي ھئي. ورھاڱي کان اڳ جي ڳالھ آھي. ھوءَ انگلينڊ ويئي ۽ پوءِ مون سان شادي نه ڪئي“.
    منھنجي شاديءَ تي ھتي جا لڳ ڀڳ سڀ ليکڪ آيا ۽ راجن چاولا به آيو، جو ڪنھن ڳالھ تي رُسي ويو ھو ۽ ٻه ٽہ سال ڳالھائڻ بند ڪيائين. ساڳئي ھند آفيس ھئڻ سبب اسين گڏجندا ھئاسين. ھن به مون سان ريس تي ھلڻ شروع ڪيو. ھڪ دفعي اسان اڌو اڌ ڀائيواري ۾ اسي رپئي جو چئڪ پاٽ ڪڍايو؛ يعني پنجن ريسن ۾ اسان جا چونڊيل گھوڙا کٽن ته جئڪ پاٽ لڳي. پھرين کٽيو. سؤ تي ھزار فائدو. ٻئي کٽيو ھزار تي ڏھ ھزار فائدو. ٽئين کٽيو، ڏھن ھزارن تي ٻه لک ملن فائدو. چوٿون فوٽو فنش ۾ ٻيون نمبر ٿيو ۽ پنجين کٽيو. ڪل اسي رپين ۾ اٺيتاليھ لک فائدو. پر اسان جو چوٿون نمبر گھوڙو نڪ جي پڇڙيءَ تان ھار کائي ويو. ان ڪري پائي به نه ملي. فقط ٽن گھوڙن جي ٽربل ڪريون ھا تڏھن ٻه لک ملن ھا. اسين مڪائيءَ جا سنگ وٺي گاھ تي ليٽِي پياسين. ڏاڍو افسوس پئي ٿيو. اوندھ ٿي ويئي پر راجوءَ اٿڻ جي نه ڪري. ڪاش چوٿين گھوڙي جي مچ اڳيان ٿئي ھا. ان ڏينھن بعد راجن وري ريس ڪورس تي نه آيو.
    لالائن جي ڏينھن راجن چاولا منھنجي کيسي ۾ پندرھن سؤ رپيا وڌا ته سٺا ڪپڙا ٺھراءِ. قرض وغيره لاھ. مون کائنس اِھي پئسا ورتا. پوءِ کيس ڌنڌي ۾ لک ٻن جو نقصان پيو ته گھريائين. مان مخزنون وغيره ته وٺندو ھوس. پر مسواڙ ڀري نه سگھندو ھوس. شاديءَ لاءِ ٻيو قرض پڻ کنيم. ان بعد زندگيءَ جون ھئبتناڪ تڪليفون ڏٺم. ھن کي انھن ڳالھين جي خبر نه پئي. اھو شخص جو ڪڏھن جان ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ان مون وٽ اچڻ بند ڪيو. شاديءَ تي آيو. ڪلاڪ کن ويٺو. ھٿ ملايائين. ھليو ويو. گيتا جا مون کي فرشتو سمجھندي ھئي، اھا شاديءَ تي نه آئي. ”ائنڊ آءِ ھائوس ٽو لاج آءِ فرينڊ“.... اھو راجو.
    ٽن سالن بعد راجن دفتر ۾ آيو. چيائين ”مون کي خوشي آھي ته تو پنھنجي آفيس کولي آھي.“
    ” تنھنجو قرض لاھيندس“! ٽن سالن بعد اسان جي پھرين گفتگو.
    ” ھاڻ ضرورت ڪانھي. جڏھن ھئي تون چپ رھئين“.
    ” مان ڳالھائي نه سگھيس. منھنجي منھن تي ماٺ جا دستا لڳا. سڀ ڏند ڀڄي ويا. رَت اندر ئي وھيو. ٻاھر ڪنھن ڏٺو نه. “
    ھن چتائي منھنجي منھن ۾. مون سندس منھن ۾ نھاريو.
    ھن جي اکين ۾ ڳوڙھا ڀرجي آيا. چيائين،. ٽي سال موھن، تو کان سواءِ مون اڪيلائيءَ ۾ گذاريا آھن. مون تنھنجو انتظار ڪيو“.
    مون ڪجھ وقت ھن جي ڳوڙھن کي ڏٺو. منھنجو جاني دوست، چيومانس ”مون ٽيويھ ڏينھن اسپتال ۾ تنھنجو انتظار ڪيو“.
    وقت آھستي گذرڻ لڳو. چيائين ”ھل- گھر ٿا ھلون. گيتا کي وشواس ئي نه ايندو آھي ته ٻه دوست ائين الڳ ٿي سگھندا آھن. ھاڻ سمجھي ٿي تون اسان وٽ ڪڏھن به نه ايندين“.
    ” مان سچ پچ نه ايندس“.
    ” ڇو“؟
    ” گيتا منھنجي شاديءَ تي ڇو نه آئي“؟
    ” ڇا اسين پنھنجي ناراضپي ۾ ايماندار ٿي نٿا سگھون“؟
    ” پوءِ تون ڪيئن آئين“؟
    ” ڪو نه اچڻو ھوس. مگر ھيءَ دل“....
    ” چڱو اُٿ. ھلون ٿا“، مون به پنھنجي ڇاتيءَ تي ھٿ رکيو. گيتا چيو ”اوھين ۽ ھتي؟ اسان به اوھانکي ياد ايندا آھيون؟ اسين ته اوھان لاءِ مري وياسين- پوءِ ڪيئن آيا. رڪارڊ ٻڌو. وسڪي پيو. پر اوھان کي منھنجي چانھ نه ملندي“.
    مون ڪرسيءَ تي ويھي سگريٽ دکايو. راجو ھٿ منھن ڌوئڻ ھليو ويو.
    ” اوھان کي ڪمل بوتل ۾ بند ڪيو آھي! ڪنھن ڪانفرنس سيمينار ۾ نٿا اچو“.
    ” مان ان چيچ جي تلاش ۾ ھئس، جنھن ۾ مان منڊي بڻجي پئجي وڃان“.
    ”۽ انھن کي وساري ڇڏيو، جن توھان کي سنيھ جا گل ڏنا، ڏکن کان پناھون ڏنيون“.
    ” سڀ ته نه چئبو آھي گيتا- ۽ تون ئي چوندي ويندينءَ“.
    ” وڃو - ھتان وڃو. مون کي خبر آھي ته اسين اوھان کي نه کپون“.
    ” ڪير ڪنھن کي ڪيترو ٿو کپي، اِھو تون نه سمجھي سگھندينءَ“.
    ” ھن مشڪيو. ھوءَ پنھنجي فنڪار دوست، ڏير کي سُڃاڻي ويئي. نه بدليو آھي موھن، موھن ئي ته آھي جو بدلجي نٿو سگھي. راجو جو اچي ته ڏسي مار!گيتا ۽ موھن ويٺا چانھ پيئن ۽ کلن. اکين ۾ ڳوڙھا به اٿن. گيتا کي چيائين، بس- ھاڻ ٻڌاءِ، ٻيو ڇا کپيئي“؟
    ”بس- ٻيو ڪجھ نه کپي. موھن ھوندو آھي ته ٻيو اسان کي ڪجھ کپندو به ڪونھي“.
    اِھا شام ڏاڍي ملھائتي ھئي.
    پوءِ ھو ھڪ دفعو اسان جي گھر به آيا. راجو پوءِ لنڊن ويو ۽ پوء گيتا ۽ ٻارن کي اُتي گھرايائين. گيتا ھڪ دفعو چيٽي چنڊ جي ميلي تي باندرا ۾ ملي. ٽئڪسيءَ ۾ گھر وٺي ھلي. چانھ پياريائين. چيائين ”ھر شام سج لھندو
    ”جن جا صبح روشن، تن جا من ته اڪثر شام جو اداس ٿين“.
    ” اوھان جون ڪجھ سڪون راجيش کنا لاٿيون. بلڪل ئي اوھان جيان آھي. اڪثر اداس، شانت، اوچتو مشڪي ڏيندڙ “.
    ” مينا ڪماري مري ويئي ته مون کي ائين لڳو، ڄڻ منھنجي من جو ڪو حصو ڪٽجي ويو آھي“.
    ” اوھان شايد سوچيو؛ گيتا راج مري ويئي آھي“.
    ” تون مينا لڳندي آھين، ان ڪري ائين محسوس نه ڪيم“.
    ” ٻڌم ته مينا پٺيان به پيا“.
    ” مان ئي رڳو پٺيان نه پوندو آھيان“.
    ” نه-مينا ڪماري پوندي آھي“.
    ” اياز سان تون ۽ مان مينا وٽ ھليا ھئاسين. گھڻو پوءِ ھن ڪمال امروھيءَ کي ڇڏيو. ھڪ دفعي ڪئپيٽال ٻاھران ھڪ ڪار چيڪاٽ ڪري بيھجي ويئي. مان سندس ڪار ھيٺان اچڻ کان بچي ويس. پر ڪو ھراس پئدا نه ٿيم. ڏٺم ته مينا ڪماري ھئي. مون کيس ڏسي مشڪيو.
    ” ھن پوءِ اوھان کي لفٽ ڏني“.
    ” لفٽ ته مون زندگيءَ کي ڏني آھي“.
    ” ته پوءِ ٿيو ڇا“؟
    ” پوءِ راجوءَ چيو ته مينا شراب ٿي پيئي. مينا کي ھڪ مڙس کپي. ڊگھو، قداور، بھادر، آرٽسٽ ۽ اھو تون آھين“.
    ” اوھان کي ھن وٽ وٺي ھليو“.
    ” نه“.
    ” ان جو ارمان اٿو“؟
    ” نه مان خوش آھيان“.
    ” ته پوءِ اوھان جي من جو حصو“؟
    ” ان کي حصا گھڻا آھن“.
    ” اوھين ايندا اسان وٽ لنڊن“؟
    ” ايندس“.
    شايد ڏھ سال ٿيا آھن، ھو لنڊن ۾ آھن. انھن ڏھن سالن ۾ مون وٽ راجوءَ جو فقط ھڪ خط آيو آھي. گيتا اھو به نه لکيو. کين انڊيا اچڻ جو ڪو خيال ڪونھي. مان لنڊن وڃڻ جو تصور به نٿو ڪري سگھان.


    19

    منھنجو دفتر ادبي ڪلاس آھي. ھيرو شيوڪاڻي پھريون سال روز اتي اچڻ لڳو. پوءِ مون سنڌوءَ دل کوليو ته اچڻ گھٽايائين. مون وشنو ڀاٽيا کي ڪم تي رکيو. 1978ع ۾ دھليءَ ويس. ان کان اڳ جنتا سرڪار اندرا گانڌيءَ کي جيل ۾ وجھڻ لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته ان تي اعتراض طور اندرا ڪانگريس ۾ شامل ٿيس ۽ انگريزي اخبارن ۾ جنتا سرڪار خلاف ۽ اندرا جي فائدي ۾ ڪافي خط لکيم. مون کي تعلقہ ڪانگريس جو سيڪريٽري ڪيو ويو. مان دھليءَ ۾ اندرا گانڌيءَ سان گڏجي واپس موٽي بلڊنگ ۽ پنھنجو دفتر ڇڏيم. سيڪريٽريءَ جي عھدي تان استعيفا ڏنم. وري بيروزگار، وري سالي جي چوڻ تي فلم ڊسٽريبيوشن ۾ آيس. ھڪ فلم کنيم ”ميري ھمدم ميري دوست“ سال ۾ ڪئي ڪمائي چٽ ڪيم. ھڪ ڪھاڻيءَ لکيم ”ڦاسي گھاٽ“ جا ڪونج ۾ ڇپي. منھنجي ھر پيشي، ھر پيار، بيروزگاريءَ، زندگيءَ جي ناڪاميابين، ذلتن، بيوسين مونکي گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ڪھاڻي ڏني ٿي. وري اھي ئي غير مسلسل روزا. ڀارتيءَ سونيئر آرڪيٽيڪٽ وٽ نوڪري وٺي ڏني. مون ٽن ڏينھن ۾ سونيئر جون ٻه بلڊنگون وڪيون. شھر ۾ نالو نڪتو. پاڻ ھڪ ننڍي موٽر سائيڪل وٺي ڏنائين. ماھتاب محبوب آئي ته مون ھن وٽ نوڪري ٿي ڪئي. ان ڏينھن تائين ستن مھينن ۾ ھڪ ڏينھن به موڪل نه ڪئي ھئم. ان بعد پنھنجو ڪاروبار شروع ڪيو اٿم.
    پوڻا ٻه سال ٿيا آھن، ٺيڪ آھي، دال روٽي مِلي پيئي. ھونءَ به اسين کائڻ لاءِ ته جيئون نه ٿا. باقي پنھنجو فلئٽ اٿم. ٻيون به سھوليتون اٿم. فون آھي، فرج آھي، گرام آھي، رڪارڊر، اسپيڪر آھي، موٽر سائيڪل آھي، سون، بئنڪ بئلنس آھي. پر اِھي سڀ سُک آھن. خوشي من سان واسطو رکي ٿي. گھر جي خوشي اٿم، پر ھڪ درد ۽ ھڪ خواھش اٿم. درد اِھو ته سنڌ وڃي نٿو سگھان ۽ خواھش اِھا ته مرڻ کان اڳ، فقط ھڪ دفعو ئي سھي، سنڌ وڃان. حيدرآباد پاسي پُٺِي ڏيئِي، ڪمل ۽ گيتا سان سنڌوءَ ۾ پير وجھي ان کي پرڻام ڪريان. پٺيان ڪمل جي حيدرآباد، اڳيان موھن جي ڪوٽڙي. وچ ۾ ٻنھي جي ڌيءَ آھي، جا آھي، سنڌي، پر ھن سنڌ ڏٺِي ئي نه آھي ۽ ھڪ وصيعت ٿو ڪريان. جيڪڏھن منھنجا اديب دوست، ھِند ۾، سِنڌ ۾، ائين ڪري سگھن ته مھرباني. مرڻ بعد منھنجي رَک کي سنڌوءَ يا گنگا ۾ ڦٽو نه ڪيو وڃي. ڪوٽڙيءَ ۾ ڪٿي به ڪنھن ٽين جي دٻي ۾ وجھي زمين ۾ پوريو وڃي.
    مرڻ جي ڳالھ تي ماءُ ٿي ياد اچي. ھن آڪٽومبر 1976ع ۾ ساھ ڇڏيو. اسپتال ۾ ائين مئي، جيئن ”جلاوطنيءَ “۾ ٻه سال اڳ ھڪ ماءُ جو موت بيان ڪيو ھوم. ھن ساھ ڇڏيو ۽ پوءِ گئس سئلينڊر ڏنو ويو. جو به خالي ھو. ھڪ سوشلسٽ انڊيا ۾ ٻيو ٿي به ڇا ٿو سگھي. ڪجھ ڪري نه سگھيس ۽ ماءُ جي پيرن تي ڪِري پيس. ڪمل ۽ گيتا به اتي ھيون. ان کن لڳم، ھاڻ مان يتيم ٿي ويو آھيان. ھاڻ آسيس جو ڪو ھٿ منھنجي مٿي تي نه ايندو. انھن پيرن ۾ ڪِري مون ڏاڍو رُنو. ڪڏھن به ته نه روئندو آھيان مان. چيم؛ ماءُ، تون مري وئين.
    ان بعد ھڪ ٻِي ماءُ ھئي جا به مري ويئي. طارق اشرف جي امِي. منھنجي خواھش موجب، سنڌ مان سنڌ جي مِٽي ۽ اُن جو جَل کڻِي آئي. مون کي چيائين؛ تون منھنجو ٻيو وڏو پٽ آھين. ھميشہ دعائون سلام موڪليندي ھئي. طارق اشرف منھنجي ڪتاب ”جلاوطني“ سبب ڏاڍو سَٺو ھو ۽ حڪومت جي اک ۾ ھو. اِن ڪري ھن امِي جان جي موت جو اطلاع نه ڏنو. مون کي خبر پئي ته مون طارق کي ھڪ خط لِکيو، پر ھِن ان جي پھچ به نه ڏني.
    مون ذوالفقار علي ڀٽي کي ھڪ خط لِکيو. ڪن ماڻھن کي چيائين ته موھن ڪلپنا خط لِکيو آھي. مون کيس چيو؛ سنڌ ۾ اچڻ لاءِ اتي ڪنھن رت جي رشتي جو مائٽ ھئڻ گھرجي مان سنڌ ڪيئن اچان؟ تون به سنڌي آھين. مان به سنڌي آھيان. سنڌ اسان ٻنھي جي ماءُ آھي، ڇا اسان جو اِھو سنٻنڌ گھٽ آھي جو مادرِ وطن سنڌ اچي نه سگھان؟ جواب نه ڏنائين البته خبر اٿم ته ”جلاوطني“ جو انگريزي ترجمو پڙھيائين ۽ وسڪيءَ جي نَشي ۾، منھنجي ھڪ دوست قربان علي شاھ کي چيائين؛ بڪواس آھي اِھا جنھن کي ڪو ڪلچر، ڪو اتھاس، ڪا پرمپرا نه آھي. پر ان غلطيءَ کي درست ڪرڻ ۾ وقت لڳندو. قربان علي شاھ اِھا ڳالھ روبرو مون کي، ڪيرت ٻاٻاڻيءَ ۽ پرشوتم سانولاڻيءَ اڳيان چئي.
    ڀُٽي منھنجو خط پڙھيو، نه پڙھيو ”جلاوطني“ ڪتاب پڙھيو نه پڙھيو، مون کي اِن جي ڪا ذاتي ڄاڻ نه آھي. پر اڳواڻ پنھنجي ٻوليءَ جي ليکڪن کي پڙھندا ضرور آھن ۽ مون کي پنھنجن دوستن تي اوشواس ڪرڻ جو حق ڪونھي.
    گجرات کان الڳ مھاشٽرا لاءِ ھتي وڏي ھلچل ھئي. پوليس ڪافي ماڻھو ماريا. ڄڻ اِھا گُھر ڪري ڏوھ ڪيائون جنھن حڪومت جي پوليس ھنن کي ماريو: ان ئي حڪومت فلورا فائونٽين ۾ انھن شھيدن جو يادگار قائم ڪيو. مان نٿو سمجھان ته انگريز لنڊن ۾ ھيمو ڪالاڻيءَ جو يادگار قائم ڪندا.
    ھتي حڪومت جي نظر ۾ ڌاريو.
    ھڪ دفعي ديشمُک پارليامينٽ ۾ ٻوليءَ وارن فسادن تي زبردست تقرير ڪئي. نھروءَ کلي اڪبر الھ آباديءَ جو شعر چيو؛
    ھم آھ ڀرين تو ھوتي ھئين بدنام،
    وھ قتل ڀي ڪرين تو چرچا نھين ھوتا.
    ديشمُک اٿي بيٺو. چيائين ”شايد نھروءَ جو مطلب اِھو آھي ته بمبئيءَ ۾ قتل مون ڪرايا آھن.
    نھروءَ جنم ڏينھن جو جشن ٿيو. سھراب موديءَ جي زال نھروءَ کي ھار پاتو. ماھتاب چيو؛ خوش رھو ھزار برس.
    نھروءَ چيو؛ اور ھر برس ڪي دن ھون پچاس برس.
    سھراب مودي حيران ته ڇا غالب ايڏو وڏو شاعر آھي، جو نھروءَ حوالو ڏنو اٿس. اتي ئي ظاھر ڪيائين ته ھو مرزا غالب جي زندگيءَ تي فلم ڪڍندو ۽ فلم ڪڍيائين جنھن ۾ ثريا رت روئي راڳ ڳايا آھن. البته ھن سوال تي بحث ھليو ته جڏھن غالب ٻڍاپي ۾ ڏاڙھي رکائِي ۽ ھتي ڀارت ڀوشڻ جوانيءَ ۾ ڪيئن منھن ۾ جھنگل کڻي پيو گھمي.
    غالب ته واقعي وڏو شاعر آھي. پر اڳواڻ اديبن کي، ننڍن کي ۽ وڏن کي پڙھندا آھن. جان ڪئنيڊي، آمريڪا جو جوان ۽ جارحانه صدر، خود ليکڪ ھو، پر صدر ٿيو ته خواھش ڪيائين، جشن وقت رابرڙ فرلسٽ ھڪ ڪويتا پڙھي. فراسٽ جشن ۾ آيو. پر ڪويتا گھر وسري ويس. پر ھو درٻاري شاعر نه ھو. اتي ڪا ڪويتا ضرور پڙھيائين.
    يونان جي ھڪ بادشاھ ھڪ شاعر کي چيو؛ تون ھيڏو وڏو شاعر- پر جڏھن به توکي ڪنھن مدد جي ضرورت ھوندي آھي، تون منھنجن پيرن تي ڇو ڪرندو آھين؟
    شاعر چيس؛ اِن ڪري جو بادشاھ سلامت جا ڪن سندس پيرن ۾ ھوندا آھن.
    ٿي سگھي ٿو ڀُٽي ائين نه ڳالھايو ھجي. ھر ماڻھوءَ جي زندگيءَ ۾ ڪئين ڀيرا المستائيءَ جون گھڙيون اچن ٿيون. ڪارل مارڪس جو گڏھ تي چڙھي بورجئا ڪلاس کي ستائڻ ان ۾ شامل آھي. ڪانگريس ڪاميٽيءَ جي ميڙ ۾ ڪنھن کي ننڊ اچي ته نھرو طول کڻي ان مٿان ڦِٽا ڪندو.
    المستائيءَ جون اِھي گھڙيون من ھيٺ دٻيل خواھش کي ظاھر ڪنديون آھن.
    ڪلا جو سرجڻ گھڙيون من اندر دٻيل دنيا جا دڙا کوٽي ظاھر ڪن ٿيون.
    اِھو ڪم شراب ۽ جواني به ڪري. ڪو به جذبو. اکيون بند ڪريان ته حيدرآباد جا منگھ سلامي پيا ڪن. سائين ڀلي ڪري آيا! رستن تي ٽانڊا. وطن وڃان ته ٽانڊا گل ٿين. اوچتو ڪنھن غائبانه ڀت سان ٽڪر ٿي وڃي. يا مان انڌو ٿي وڃان. ھٿوراڙي ڏيئي مٿي چڙھڻ جي ڪوشش ڪريان. اِھا ديوار منھنجي قد کان شايد وڏي آھي.
    ڏسان ته موٽرون پيون وڃن. رڳو انھن جا ڦيٿا آھن. موٽرون الائي ڪٿي آھن. دروازن جا چير. اندر اوندھ ۽ دروازي جي ان مختصر وٿيءُ مان ايندڙ روشنيءِ ۾ جوان عورتن جا اگھاڙا شرير جاري تي رجھيل گلاس ۽ خالي ٿيل شراب جون بوتلون. پٽ تي رت جا داغ ۽ وساميل سگريٽون. ٻاھر مايوسين جا پردا، دلاسن جا جلسا، اميدن جا ڦاھا. ھڪ گھري ڦھليل رڃ ۽ ان ۾ ڊڪندڙ ڀڄندڙ ڦھليل پاڇا. ٽي -وي اسڪرين تي ڄڻ ست فلمون ھلن. ھڪ ٻئي ۾ سمائجِي ويل. چوڏھن چھرا. چوڏھن گفتگو. رنگ رنگن سان مِلي رنگ بدلائين. ڄڻ قوميت جا نظريا آھن. ڪلھ جتي ھوس اھو ھندستان ھو، پوءِ اھو پاڪستان ٿيو.
    جڏھن مان جوان ٿيس ته مون کي ٻن ماڻھن سان گڏجڻ جي زبردست خواھش جاڳي.
    آئنسٽائن ۽ جواھر لال نھرو. نھروءَ جي سامھون ٿيس. پر ڪا گفتگو ٿي نه سگھي.
    آئنسٽائن تمام پري ھو. کائنس پڇان ھا ته ھن پرڪرتيءَ کي نيم سان ھلائڻ واري نظام ۽ ماڻھوءَ جي پنھنجي زبان ۽ ذھن سان ڪو واسطو آھي. نه آھي. ۽ تو ائٽم بم جي گھڙت ڪيئن ڪئي. ڇو ڪئي. پاڻ نه ڪري ھا، ڪو ٻيو ڪري ھا ته ان کان سوال پڇان ھا! ان جو استعمال ته انسانيءَ ترقيءَ سان وابسته ٿيڻ گھرجي. ڪلاڪار ۽ وگيانين کي ھڪ ٿيڻ گھرجي. وگيان دنيا کي ھڪ شھر ۾ تبديل ڪيو آھي. پر سياست ٻن ڀائرن کي ھڪ ٻئي کان الڳ ڪيو آھي. ڪلا ته ٻن دشمنن کي ھڪ ئي ٿلھي تي ويھاري ٿي. جيڪڏھن ڪلاڪار ۽ وگياني ھڪ ٿي وڃن ۽ مختلف سياسي نظامن جا تضاد ۽ لچايون ظاھر ڪن ته ماڻھن ۾ سجاڳي پيدا ٿئي ۽ پوءِ راڄ ڪاروبار جون واڳون مائرن کي ڏنيون وڃن. دنيا ۾ کير ۽ ماکيءَ جون نديون وھن، نه وھن، پر ڪٿي جيڪر جنگ نه لڳي. سرحد تي بحث ٿئي ته ھاڪي مئچ ڪن. جا ٽيم، کٽي، ان کي ٻه چار ڳوٺ ڏين. پر ھارائيندڙ ٽيم جا ماڻھو اتي وڃي سگھن. ڪرڪيٽ ڪن. ساسر ڪن. اِٽي ڏڪر راند ڪن.
    مون آگري اسٽيشن تي ٺڪر جي گلاس ۾ کير پيتو، گلاس ڦِٽو ڪيم ته ھڪ ٻار ان کي کنيو ۽ ان کي چٽڻ لڳو. ڪپڙا ڦاٽل. ھڪ ٻار او ھنيري جي چترڪار ڏٺو، کيس ٻه چتر ڪڍڻا ھئا، ھڪ ان ٻار جو جنھن ۾ مسيح جي منھن جي معصوميت ھجي، جيئن ھو ان کي خدا ڪوٺي. ھڪ ان وحشيءَ مرد جو، جيڪو شڪل مان شيطان لڳي.
    ھن ھڪ ٻار ڏٺو، کيس اسٽوڊيو ۾ وٺي ويو، ڏھ ٻارنھن ڏينھن محبت ڪيائين.
    خدا جو چتر تيار. پوءِ پندرنھن ويھ سال ڪو ماڻھو نه مليس جو کيس تسلي ڏئي ته ھن جي شڪل شيطان جھڙي آھي. آخر ھڪ ڏينھن کيس اھڙو ماڻھو به مليو کيس ساڳئي اسٽوڊيو ۾ وٺي آيو. ساڳي ويھڻ جي جڳھ.
    ماڻھوءَ پڇيس ”سائين، پندرنھن ويھ سال ٿيا، اوھان ان ئي اسٽوڊيو ۾ ھڪ ٻار جو چتر ڪڍيو، اھو ڪير ھو“؟
    ” اھو منھنجو خدا ھو“.
    ” منھنجو چتر ڪھڙي نالي ھيٺ سڏبو“؟
    ”شيطان“.
    ” سائين -مان ئي اھو ٻار آھيان“.
    او ھنيري ڪجھ ان ريت اتي ڪھاڻي ختم ڪئي آھي. ھو ترقي پسند نه ھو جو لِکي ته ٻار غريب ۽ يتيم ھو. ھن کي حالتن خدا مان شيطان بنائي ڇڏيو. اسان جي لڙائي حالتن سان آھي. حالتون بدلايو. ھڪ به ڪنگال، اڻپڙھيل ۽ بيمار ٻار يا ڪو ماڻھو نه ھجي ھن دنيا ۾.
    ماڻھوءَ کي پھرين پاڻ سان جدوجھد ڪرڻ گھرجي ته مان حالتن جو مقابلو ڪندس ۽ پنھنجي خدائي فرشتن جيان ھلندس. ڪا وڏي قرباني نه آھي. اوندھ دور ٿي ويندي ۽ رستا صاف ٿي ويندا. ھزار سال لڳي ويندا. مالھي ته پنھنجن ٻوٽن لاءِ به وڻ پوکيندو آھي.
    جو ڌرم، مذھب، سياسي نظام، فلسفو يا وادڪا به جماعت، ڪي به شخص، انسانن، قومن، جاتين، فرقن، رنگن ۽ جنسن جا فرق ٻڌائين ته کين نه ٻڌو. اوھين اڳيان نٿا ھلي سگھو ته ان ماڻھوءَ پٺيان پئو جو ھر طرح جي برابريءَ، انساني برادريءَ، امن، اتحاد ۽ ترقيءَ جو حامي آھي. جي ماڻھو فقط ٻه چور آھن ۽ اوھان کي انتخاب نه آھي ته ننڍي چور پٺيان ھلو. اھو ننڍو چور جڏھن اوھان کي ڏسندو ته کيس پاڻ بدلڻ ۾ ڪجھ وقت لڳندو.
    پر جي ٻئي ماڻھو سٺا آھن ته وڌيڪ سٺي ماڻھوءَ پٺيان ھلو. گھر ۽ گھٽيون سنڀالبا ته شھر ۽ ملڪ ٺھي پوندا ۽ دنيا آرام سان ساھ کڻي رھڻ لائق ٿيندي.
    سپنن ۽ حقيقتن ۾ وڏو فرق آھي. حقيقتون اڪثر سپنن کي مار ڪڍن. سڄو ادب ان مار جي شاھدي آھي. پر حقيقتون سپنن ۾ تبديل ٿي سگھن ٿيون. روس جو آڪٽومبر انقلاب مارڪس جي ھڪ خواب جو تجربو آھي ۽ تاريخ ۾ روس جي انقلاب جي وات مان اڃا ڇٺيءَ جو کير وھي رھيو آھي. اھو انقلاب خود انسان جي آزاد سوچ جو محافظ ٿيندو. جو اڃا نه ٿي سگھيو آھي. جو ان انقلابيءَ ٻار چوڌاري واڳو وات کولي بيٺا آھن. اھي واڳو ڌرم، مذھب، اڳئين جنم ڪي ڪرم، قيامت جي خوابن وغيره جا چھرا پائي اسانکي ٺڳي رھيا آھن. اھا ڳالھ. اسان کي ضرور سمجھڻ گھرجي. ھي سڄي ڌرتي خوبصورت ۽ سڀ ماڻھو ڏاڍا سٺا آھن. پر مختلف نظامن جي اثر ھيٺ اسين سڀ ھڪ ٻئي لاءِ گونگا ٻوڙا ۽ انڌا آھيون. جرمن مري ويا يا انگريز، ماڻھو ٻه ٿا مرن. قوميت، تاريخ جي بيھودگي آھي. اسين ڀت جي ڪنھن خسيس نشان تي نظر ڄمائي تاريخ تي ڪجھ غور ڪريون ته ان نشان مان ھڪ آدرش جو جنم ٿي سگھي ٿو ۽ ان آدرش لاءِ ڪيل جدوجھد اسان جي زندگيءَ کي معنيٰ بخشي سگھي ٿي.
    ذاتي زندگيءَ ۾ مون ڏٺو ته دنيا نه، ته ھندستان لاءِ ھڪ اندرا گانڌي آھي.
    جا ماڻھن جو ڀلو ڪري سگھي ٿي. پر جنتا سرڪار کيس جيل ۾ وجھڻ لاءِ آماده آھي.
    سوچيم ته ان عورت جا ھٿ مظبوط ٿيڻ گھرجن. ڄار ۾ ڦاٿل شينھن کي ڪڏھن ڪوئا به ڪم ايندا آھن.
    ڪا ته انتر راشٽريہ سازش ضرور ھئي جو شيخ مجيب جو خون ٿيو. انڊيا ۽ سريلنڪا ۾ اندرا گانڌي ۽ سريمائون بندرا نائيڪي جوراڄ ختم ٿيو ۽ اسان جي پاڙي ۾ به اھڙا واقعا ٿيا. اھو سڀ اٽڪل ٻن سالن جي مختصر عرصي ۾ ٿيو. انھن چئني ملڪن ۾ جمھوريت جو راڄ ھو ۽ چارئي ملڪ آمريڪا ۽ روسي بلاڪ کان ٻاھر ھئا. چئني ملڪن جا اڳواڻ عوام ۾ نھايت مقبول. ۽ مان اندرا گانڌيءَ سان گڏيس. پھرين اندرا گانڌيءَ کي الھاس نگر وٺي آيس ۽ پوءِ سندس گھر ونسينٽ ڪريسنٽ ۾ گڏيس. مارچ 1978ع ۾ مھاراشٽرا ۾ اسيمبليءَ جون چونڊون ھيون. الھاس نگر مان پرچو وديارٿي ٿي اميدوار بيٺو.. ھتي جنتا لھر... اندرا گانڌيءَ کي گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ ٿي گاريون مليون... مان اندرا ڪانگريس جو سيڪريٽري. ھتي جي صدر بمبئيءَ لکي موڪليو ته جي اندرا ھتي اچي ته اسين کيس سٺ ھزار رپين جي ٿيلھي پيش ڪنداسين. اِھو، نائب صدر ۽ مان ڪار ۾ بمبئيءَ اليڪشن آفيس ۾ وياسين، جا سي سي آءِ چئمبرس ۾ ھئي. مون ٻنھي ليڊرن کي چيو ته اندرا کي الھاس نگر آڻڻ لاءِ مان ڳالھائيندس. باقي ڳوٿريءَ وغيره جي ڳالھ اوھان ڪجو. اتي صدر رام راءُ ادڪ ۽ مھاشٽر اليڪشن ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري موھن پنجابي ويٺا ھئا، جن ٻنھي سان مان ڪڏھن گڏيو نه ھوس.
    اوھان کي ڇا کپي“؟ رام راءُ پڇيو.
    ” اسين چاھيون ٿا ته شريمتيءَ اندرا گانڌي الھاس نگر اچي“. ”ھوءَ بمبئيءَ اچي ٿي. سندس گشت ۾ الھاس نگر جو پروگرام ڪونھي“. ھن خنڪيءَ مان چيو.
    مون تيز ٿي پڇيو ”ڇو“؟
    ھو وائڙو ٿي ويو.
    ” ڇو اندرا گانڌيءَ جو الھاس نگر پروگرام ڪونھي؟ ڇو ته اسين پناھگير آھيون؟ الھاس نگر سڄي انڊيا ۾ وڏي رفيوجي ڪئمپ آھي. ڇو اڄ تائين اتي ھندستان جو ڪو به وزير اعظم، منسٽر نھرو، لعل بھادر شاستري ۽ اندرا گانڌي نه آيا آھن- ڇا اسين انڊيا جا سيڪنڊ ڪلاس سٽيزن، ھڪ بي گھر قوم آھيون- ڇو اوھان کي سنڌين جي جذبات جو قدر نه آھي“؟
    ھو چپ. موھن پنجابيءَ پڇيو”اوھان جو نالو“؟
    ”موھن ڪلپنا“.
    ” اوھين ته اسان جي ٻوليءَ جا وڏا ليکڪ آھيو“!
    ” اوھان جو نالو“؟
    ” موھن پنجابي “.
    ” اوھان به ته ڪراچيءَ ۾ ڪتاب گھر کوليو ۽ ڪافي انقلابي ڪتاب ڪڍيا“. ھو خوش ٿيو. مون کي ڀاڪر پاتائين صدر ادڪ کي چيائين ”ھِن جي دليل ۾ وزن آھي. سندس ڳالھ مڃو“.
    ” مون کي گھٽ ۾ گھٽ پنجاھ ھزار ماڻھو کپن. فئبروريءَ جون ٿڌيون آھن. اندرا جي رات جو ڏھين کان اڳ اچي نه سگھندي“.
    ” مان لک ماڻھن جو بندوبست ڪندس“.
    سو ھا ڪيائين. چيائين ”اوھان وڏي چندي لاءِ لکيو ھو“.
    چيومانس ”اندرا اچي ٿي، مون لاءِ ايترو ڪافي آھي. باقي ٻين ڳالھين لاءِ ھنن ٻن سان ڳالھايو.“ ھنن به جذبي ۾ سٺ ھزار ڏيڻ جو واعدو ڪيو. ٻن ڏينھن بعد اندرا الھاس نگر اچڻي ھئي. اڳواٽ ئي مون گول ميدان بوڪ ڪرائي ڇڏيو ھيو. جتي ٻن لک ماڻھن جي ويھڻ جو بندوبست ھو. تاريخ اُھائي. جنھن تاريخ تي اندرا اچڻي ھئي. جو اندرا جي گشت جا پروگرام مھينا اڳ طئہ ٿيندا آھن: مون ساڳي بمبئيءَ گشت جي تاريخ واري تاريخ لکي. پٺيان جنتا پارٽيءَ وارن پرڏيھي وزير باجپاءِ لاءِ به ساڳيو ميدان. ساڳي تاريخ، ساڳئي وقت بوڪ ڪرايو ۽ ان جي ڏاڍي پبلسٽي ڪيائون. واپس موٽي اسين ٽيئي ميونسپل ائڊمنسٽريٽر سان گڏياسين. مون کائنس وڙھي. تحريڪ ھلائي الھاس نگر ۾ شاھ لطيف جي نالي رستو ورتو ھو. چيائين ”ڪلھ اِھو گرائونڊ جنتا پارٽيءَ وارن باجپاءِ لاءِ ورتو آھي. راڄ ھنن جو آھي. مان ڇا ڪريان“؟
    چيومانس ”ھي منھنجو خط ۽ پنھنجي رسيد ڏس. اسان ميدان اڳواٽ بوڪ ڪرايو آھي. اسان جو ميڙ اتي ٿيندو. ھڪ وقت ٻه ليڊر ساڳي جڳھ تي ايندا ۽ لکين ماڻھوءَ ھڪ ھنڌ جمع ٿيندا ته ڪافي دنگو فساد ۽ مار ڪٽ ٿيندي. غلطي تنھنجي ظاھر ٿيندي.
    نوڪري به وڃائيندين ۽ شايد جيل به وڃين“.
    صدر دينچند ڪالاڻيءَ چيس”اسين اڄ ئي توکي گھيرائو ڪنداسين ۽ اخبارن ۾ خبرون ڏينداسين“. نائب صدر ھريرام بھراڻيءَ چيس ”راج برابر جنتا پارٽيءَ جو آھي. پر اسين مقابلو ڪنداسين. ھوش کان ڪم وٺ ۽ انصاف موجب ھل“.
    ھن جنتا پارٽيءَ وارن کي لکي موڪليو ته ميدان اندرا گانڌيءَ جي ماڻھن اڳواٽ بوڪ ڪيو آھي. شھر ۾ ٿرٿلو مچي ويو. باجپاءِ کي لاچار چاندي ٻائي ڪاليج ٻاھران وڃي تقرير ڪرڻي پئي. مان پبلسٽي انچارج به ھئس. مون سنڌيءَ ۾ ھڪ پتر لکيو ۽ ان جو ھنديءَ، مراٺيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرايم. چاليھ کن آٽو رڪشائون ھڪ ڏينھن لاءِ ڀاڙي تي ڪرايم ۽ ڊومبليوي، ڀيونڊيءَ، ڪلياڻ، الھاس نگر، امبرناٿ ۽ ڳوٺن ۾ موڪليم. ان شام اتي اٽڪل ٻه لک ماڻھو جمع ٿيا. باجپاءِ جو پنھنجو جادو آھي، سو وٽس پنج ست ھزار ماڻھو ويا، جنھن لاءِ چيائون ته پندرنھن ويھ ھزار ماڻھو آيا. اسين اسٽيج تي فقط ڇھ ڄڻا. پرچو وديارٿي، دينچند، ھريرام، سٽيزن فرنٽ جو گوپ بھراڻي، جنھن وديارٿيءَ کي مدد ڪئي. والنٽير پارٽيءَ جو نارايڻ ڪالاڻيءَ ۽ مان. مھاشٽرجا ٻيا ڪافي اڳواڻ، ھاڻوڪو وزير اي-پي شرما ۽ مھاراشٽر جو سابق مکيہ وزير وسنت دادا پاٽل به آيو ۽ ڌوتين ۾ ھٿ وجھي ڏاڪڻ تان ھيٺ لٿا ۽ چڙھيا ٿي. آسمان ۾ ھڪ گونج: اندرا گانڌي زندھ باد! اندرا آگي بڙھو، ديش تمھاري ساٿ ھئہ!!
    ڇھين لڳي کان ماڻھن اچڻ شروع ڪيو. اٺين لڳي ٻه لک ٿي ويا جو تخمينو به ٽائيمس آف انڊيا جي ضلعي انچارج پترڪار سھسر لڳايو. ماڻھو ماڻھن سان لڳي ويٺا ھئا. رستا ماڻھن سان ڀريل. ٿڌ ۾ ماڻھن کي ھلڪي ٿيڻ جو خيال اچي ته اٿي نه سگھن. اسان به مختصر تقريرون شروع ڪيون. ھر ڪو پنج ڏھ منٽ ڳالھائي. اٽڪل ويھن ڄڻن ڳالھايو. ڳالھائيندڙ کٽي ويا پر اندرا جو پتو نه ٺھي. اسٽيج تي ماڻھو تقرير ڪرڻ بعد اتي ويھندا وڃن. اسٽيج کي ويھ کن ماڻھن کڻڻ جي طاقت ھئي. زمين کان ويھ فوٽ مٿي. ھيٺ اُڀا ڏنڊا ۽ بينچون. جيئن ته اسٽيج ڌڏڻ لڳو، سو مون نارايڻ ڪالاڻيءَ جي انقلاب پارٽيءَ جي ڪن جوانن کي چيو ته اندرا ايندي ته ڪي ٻيا به ماڻھو مٿي چڙھندا ۽ شايد ڪي مخالف زور لڳائي اسٽيج ھيٺ ڪيرائي ڇڏين، سو اندرا اچي ته اوھين بئنچن مٿان ويھي پنھنجا مظبوط ڪلھا اسٽيج کي ڏجو. جيئن اندرا ڪري ته ڇا لڏي به نه. اندرا گانڌي رات جو ٻه لڳي ويھن منٽن تي آئي. اٽڪل ڏيڍ لک ماڻھو اِھو سوچي ته ھوءَ ڪڏھن ھتي نه آئي آھي. ھاڻ به نه ايندي، موٽي ويا. سندن گھر به پري ھئا ۽ ٿڌ سب شايد ٽائليٽ به وڃڻو ھئن. ڪٿي ھلڪو ٿيڻ جي جڳھ ئي نه بچي. ماڻھو پاڻ خراب اثر کڻي ويا ته سندن قيمتي وقت وڃايو ويو آھي. پر اِھو نه سوچيائون ته ھوءَ ھڪ عورت ٿڌ ۾ آڌيءَ رات جو آئي ته سھي. اتان چيمبور ۾ صبح جو چئين لڳي تقرير ڪيائين ۽ صبح جو جھاز ۾ چڙھي ھلي وئي.
    ھوءَ آئي ته ڏاڍا نعرا ھنيائون. دينچند ڪالاڻي کيس وٺڻ لاءِ ھيٺ لھي ويو. مٿي مان کيس نمسڪار ڪري گڏيس. ھن جي ڀرسان بيٺس ۽ ويٺس. ڪافي فوٽا به نڪتا. ھوءَ جڏھن مائيڪ اڳيان بيٺي ته مون چيومانس ”اندرا جي، سڄو ديش اوھان سان گڏ آھي. اسين ڪڏھن به اوھان کي ڪرڻ نه ڏينداسين“.
    مون ڏانھن نھاري چيائين ”ڏسو ھيءَ اسٽيج ڌڏي رھي آھي“. چيومانس ”اسان اسٽيج ھيٺان ٻه ماڻھو ويھاريا آھن. اسان جي ڀارت ماتا ھيٺ نه ڪرندي “. شايد ھڪ کن ھن مون ڏانھن گھور ڪري نھاريو ۽ شايد منھنجي چھري جي اُڪار ريکا پنھنجي من جي ڪنھن خالي حصي ۾ اتاري ڇڏي. جو جڏھن دھليءَ ۾ گڏيومانس ته ھن مون کي ڏسي مشڪيو ۽ مون سان بي تڪلفيءَ سان اُھي ڳالھيون ڪيون، جن مان ڪي انتر راشٽريہ اھميت رکن ٿيون ۽ اڃا تائين ڪٿي ڇاپي ھيٺ نه آيون آھن. اندرا گانڌيءَ به فقط نو منٽ تقرير ڪئي. ڪافي ٿڪل ھئي. ڪيتريون راتيون جاڳي ھئي ۽ بعد ۾ به جاڳي آھي. ماڻھو به ھن تي چريا آھن. پر سندس اوسي پاسي گھڻائي گھٽ دماغ ماڻھن جي آھي. کيس عام ماڻھن جي درد جو احساس آھي. وڏو دماغ، چٽي سوچ. جرئت. ظرافت ۽ بي ڊپائي ھن جون خاص خوبيون آھن. ھن جي شخصيت کي پنھنجو جادو آھي. من جي ڳالھ مشڪل چوي. ڪسنجر ۽ نڪسن به ھن جو من پڙھي نه سگھيا. خود برزنيف به کيس صحيح معنيٰ ۾ پرکي نه سگھيو. جيتوڻيڪ ھندستان ۽ روس ويھ سال دوستي ۽ صلح جو عھدنامو ڪيو آھي. ھندستان ۾ پٺتي سوچ واري جنتا پارٽي راڄ ۾ آئي ته ان راڄ آڻڻ ۾ ڪجھ برزنيف جو به ھٿ ھو. پر کيس پنھنجي ان غلطيءَ جي خبر تڏھن پئي ھوندي . جڏھن جنتا سرڪار جي پرڌان منتريءَ ڪانفرنس ۾ چيو،
    ”اسان جي پرڏيھي نيتي سچي پرڏيھي نيتي ٿيندي“.
    جا اڄائي ٻٽاڪ ھنيائين ۽ پنھنجي مختصر راڄ ۾ نھروءَ گانڌيءَ واري بنھ ساڳي پرڏيھي نيتي قائم رکيائين. ڇھن مھينن جي اندرا ڪانگريس جي ميمبريءَ دوران ميونسپل اليڪشن ۾ بيٺس. گھر گھر ويس. تقريرون ڪيم. ان وقت گيتا ڏھن سالن جي ھئي. ھن به آٽو رڪشا ۾ ويھي مائيڪ تي تقريرون ڪيون-ٻين اميدوارن رات جو گتا کوليا. ووٽ خريد ڪيائون. منھنجو خرچ فقط ست سؤ چاليھ رپيا آيو. سمجھيم ته کٽندس ڪو نه ۽ ھٿ کڻڻ تي مون کي سٺن پئسن جي آڇ به ٿي. جا مون قبول نه ڪئي ۽ مون اليڪشن ھارائي.
    مون کي افسوس ٿيو ته پارٽيءَ طرفان اتي ھڪ به ميڙ نه ٿيو ۽ ميمبرن جي گھڻائي چڱن ماڻھن جي نه ھئي. ان ڪري دھليءَ کان موٽي استعيفا ڏنم. انڪري جو پاڻ سان وعدو ڪندس. اھو پورو ڪيم ته اندرا سزا کائي جيل ۾ نه وڃي. اندرا شاھ ڪميشن ۾ قسم کڻڻ کان انڪار ڪيو ته ڀارت جي پرڌان منتريءَ ھوندي مون وڌان موجب ملڪ جي سلامتيءَ لاءِ رازن کي ڳجھ ۾ رکڻ جو قسم کنيو آھي. ان ڪري مٿس ڪا ڪاروائي ٿي نه سگھي ۽ ھوءَ عوام کي پنھنجي پاسي ڇڪي ويئي. کيس چونڊن ۾ زبردست ڪاميابي ملي. ان بعد ھوءَ اڃا ڀارت جي پرڌان منتري آھي.


    20

    1978ع سيپٽمبر ۾ مسوريءَ ۾ سيمينار ٿيو. مان گيتا ۽ ڪمل کي به وٺي ويس پر اھڙيون زبردست ٻوڏون پيون جو پليون ڀڄي پيون. اسين دھليءَ ۾ ڦاسي وياسين.
    اتان آگري، مٿرا ۽ برندابن وياسين. جتي به ڏھ ڏينھن ھئاسين ۽ تاج، آگري جو قلعو،
    سڪندر آباد، ديال باغ، فتح پور سڪري ۽ ٻيا تاريخي آستنا ڏٺاسين. مٿرا جا دوراڪا درويش مندر به ڏاڍو وڻيو.
    دھليءَ ۾ ھفتو کن ھوس. مان ته ھونءَ ودرڀ نيما ڌوتيءَ وٽ رھندو ھوس.
    دھليءَ ۾ ھريڪانت ۽ راڌا ڪمل گيتا کي پنھنجي گھر وٺي ويا. راڌا جي ڪھڙي ڳالھ ڪجي.
    ھن ۾ تمام گھڻو پيار موھ ممتا آھي. ھريڪانت شاعر نه ھجي ھا ته راڌا سبب ٿي پوي ھا.
    سيمينار مسوريءَ بدران دھليءَ ۾ ٿيو ۽ ٽي ڏينھن ھليو. شايد 11 تاريخ ھئي. ساڍي نوين لڳي شروع ٿيڻو ھو. مون اندرا گانڌيءَ کي ڪافي خط لکيا ھئا. جن مان ڪيترن جا جواب سندس سيڪريٽريءَ ۽ ٻن جا جواب پاڻ ڏنا ھئائين. مان سڀا جو جنرل سيڪريٽري، سوا نو ٿيا ھئا، مون کي خيال آيو ته پنھنجي ڀارت ماتا اندرا گانڌيءَ سان گڏجان. ان وقت ٽيليفون ڊائري ڪڍي ھن جو فون نمبر ڪڍيم ۽ لڳايم.
    ” اوھين ڪير“؟
    ” منھنجو نالو موھن ڪلپنا آھي، الھاس نگر مان آيو آھيان. سنڌي ٻوليءَ جو ھڪ ليکڪ آھيان. مون کي اندرا گانڌيءَ سان گڏجڻو آھي. چيائين؛ ترس، فون تي چيائين”اندرا ڏينھن جو دھليءَ کان ٻاھر ٿي وڃي. چوي ٿي پندرھن منٽن ۾ پھچي وڃو“.
    مون سڀا جي صدر ڪيرت کي چيو ”مان اندرا سان گڏجي ڪلاڪ اڌ ۾ اچان ٿو“.
    ” پر سڀا جي ڪاروائي توکي ھلائڻي آھي“.
    ” منھنجو ھڪ سپنو آھي. ڪيرت- مون کي وڃڻ ڏي“.
    گني سامتاڻيءَ ڪيرت کي چيو ”موھن کي وڃڻ ڏي“.
    گني سامتاڻيءَ ڪيرت کي چيو”موھن کي وڃڻ ڏي. اھڙا موقعا زندگيءَ ۾ ڪنھن کي ملن نه ملن“.
    مون آٽو پڪڙيو. نو پنجويھ ونسينٽ ڪريسنٽ پھتس، جو ٽين مور تي مارڳ ڀرسان. پنج منٽ سيڪريٽريءَ سان ڳالھايم. ٻاھر ھڪ ڪنڊ ۾ پارليامينٽ جا ڪي ميمبر، ٻي ڪنڊ ۾ ھڪ فوٽو گرافر، دروازي پاسي گاھ تي ڪي ھاري اڳواڻ ويٺا ھئا. اڇو محل. ھڪ زمين تي. ھڪ مٿي ماڙو. ھوءَ ھيٺ ھال ۾ ويٺي ھئي. سيڪريٽري فائيل مان ڪي خط پڙھي رھيو ھو. کيس چشمو پيل ھو. مٿان نھروءَ جو مشڪندڙ فوٽو شيروانيءَ ۾ ڳاڙھو گلاب جو گل. مون کيس دروازي وٽان ھٿ جوڙي نمسڪار ڪيو. ھن سيڪريٽريءَ کي وڃڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ ٻاھر دروازي تي اچي بيٺي ۽ پاڻ به نمسڪار ڪيائين. گفتگو انگريزيء ۽ ھنديءَ ۾ ٿي.
    ” ھتي ڳالھايون يا اندر ھلي ويھون“؟ اندرا گانڌيءَ پڇيو.
    مون سوچيو متان فوٽو گرافر پنھنجي ليکي، سڀاويڪ ھڪ سندر فوٽو ڪڍي، جو ڪٿي نه ڪڍيو، مون چيو،
    ” اندرا جي، ھتي ئي ٺيڪ آھيون“.
    ھوءَ اڏول ٿي بيٺي. قد ۾ مون کان ننڍي، سنھي، اکين ۾ ڪشمير جي وادين جي گھرائي ۽ اوڄاڳن خواھ گھري سوچ جي تلخي. ساڄي پاسي کان، ڪارن وارن وچ ۾، اڇن وارن جي ڪھڪشان. منھن ايترو سندر ڄڻ مکڻ ۾ چانڊوڪيءَ سان گڏ گل به گھوٽي لڳايا ھئائين. ڇاتي ساڙھيءَ ۾ ڍڪيل پر لڳي ائين ڄڻ چاليھن جي قريب آھي. اکيون چمڪندڙ ۽ ڀرؤن سنھيون. ڇڪ ٿي کيس ڇڪي ڇاتيءَ سان لڳايان. بيلچيءَ ۾ ڪن ٺاڪرن ھريجنن کي جيئري جلائي ڇڏيو. اتي ڪنھن کي ھمٿ نه ٿئي ته وڃي سگھي. ڪو به وزير اتي نه ويو. اندرا ويئي ته رستي تي ڪار خراب ٿي پيس. اتان ھڪ ماڻھو ھاٿيءَ تي چڙھي لنگھيو. اندرا ھن کي التجا ڪئي ته مون کي بيلچيءَ پھچاءِ ۽ سڄي ھندستان ۾ ھڪ عورت، اندرا گانڌيءَ، ھڪ ماءُ، سڄي رات ھاٿيءَ تي چڙھي، جاڳي بيلچيءَ پھتي. ھاٿيءَ تي اندرا کي ڏسي لکين ماڻھوءَ اتي اچي جمع ٿيا ته ھن ملڪ ۾ غريبن جو ڪو ڌڻي سائين آھي ته اھا اندرا گانڌي ئي آھي. ۽ مون کي خيال آيو ته ڪيئن پوليس کيس زبردستي گرفتار ڪيو. ھڪ رات جيل ۾ بند ڪيائون ۽ کيس ماني ته ڇا ھڪ ڪوپ چانھ جو نه ڏنائون، جا کيس سنجيہ ۽ مينڪا پياري ويا. وري چاھيم ته سندس پيرن تي ھٿ رکان ته ماءُ ھي سر تنھنجو آھي.
    ” اوھان ليکڪن مٿان وڏي جوابداري آھي. ھن ديش جا ماڻھو وھمن ۽ وسوسن ۾ جيئن ٿا، سندن اھي وھم ۽ سنسا دور ڪيو. پر ماڻھن ۾ ايڪتا جو ھڪ رھسيہ آھي، اوھين خود ان کي سمجھو ۽ ماڻھن کي سمجھايو“.
    مون کي اڇي پتلون ۽ چوغو، پيرن ۾ ڪولھا پوري چمپل. شايد منھن ۾ آتم وشواس. اندرا جي آواز ۾ ھلڪي گونج ھئي. ڄڻ بند ڪمري ۾ مائڪ اڳيان ڳالھائيندي ھجي ۽ ان جو ھلڪو پڙاڏو به ان جو پيڇو ڪندو ھجي.
    ” اندرا جي، اوھين چئو ٿا ته غريبي ھٽايو. پر جيستائين پونجيءَ جو ورھاڱو نه ٿيو آھي غريبي ڪيئن دور ٿيندي“.
    ” روسي انقلاب، چيني انقلاب نه ھندستاني انقلاب ۾ ھڪ وڏو فرق آھي. اسان جو پنھنجو ھڪ الڳ اتھاس ۽ قومي ھلچل آھي. بندوق سان انقلاب ته ايندو. سڄي طاقت ماڻھن جي پنھنجي اڇا شڪتي آھي. اسان زمينداري دور ختم ڪيون. ريلون، جھاز، جيون ويما، بئنڪون قومي ملڪيت بڻايون. راجائن جون پرسون کسيون. اوھين جو چاھيو ٿا اھو خود ويھ سوتري پروگرام ۾ موجود آھي. ھڪ عجيب ٽرئجڊي آھي. اسان جا ماڻھو غريبن جون حالتون ڏسي ھنن جا طرفدار ٿين ٿا، پوءِ کانئن جڏھن ووٽ وٺي مٿي اچن ٿا ته کائن اھي غريب وسري وڃن ٿا، جن کين طاقت ۾ آندو آھي“.
    ”مان توھان جي اندرا ڪانگريس ۾ شامل ٿيس جو اوھان ھڪ تقرير ۾ چيو ته اوھان طبقائي ڪشمڪش کي مڃو ٿا. پونجيءَ تي حق مزدورن ۽ ھارين جو ٿيڻ گھرجي“.
    ” مون اِھو ڪرڻ چاھيو، پر پوءِ شاھوڪارن پنھنجو ڌن جنتا پارٽيءَ جي چونڊن ۾ لڳائي، اسان جو راڄ ختم ڪيو“.
    ” ان حالت ۾ اِھو طبقو ختم ٿيڻ گھرجي“.
    مون ان طرح مشڪيو، جيئن ھوءَ ھا ڪري.
    ” ان ۾ وقت لڳندو، پر ڪافي پئسو آمريڪا خرچ ڪيو“.
    ” ڇا اھو سچ آھي ته جنھن رات اوھان ايمرجنسي ظاھر ڪئي، ان رات صبح جو چئين لڳي، اوھان کي خون ڪرڻ جو منصوبو ھو“.
    ” ھا ۽ مون رات جو قدم کڻي، سڀني مخالفن ۽ ڪن فوجين کي گرفتار ڪيو“.
    ” اوھان وٽ اِن جو ثبوت ته ھوندو“؟
    ” اھي ڪم زباني ٿيندا آھن. شيخ مجيب کي خون ڪيو ويو. ان جي کيس ھڪ ڏينھن اڳ خبر پئي. مون کي به پئي. پر اسين کيس بچائڻ ۾ ڪامياب نه ٿياسين. مجيب وٽ ڪو ثبوت نه ھو. جيڪڏھن ھو نه مري ھا ۽ چئي ھا ته کيس مارڻ جو منصوبو ھو، ته ٿورا ماڻھو اعتبار ڪنس ھا. چليءَ جو مثال سامھون آھي“.
    ” اوھان کي خاطري آھي ته اوھان جي ھار ۾ سي-آءِ-اي جو ھٿ آھي“.
    ” ھا ۽ ڪجھ روس جي ڪي-جي-بي جو به“.
    مان سخت حيران ٿي ويس.
    ” پر روس ته اسان جو دوست آھي“. مون چيو.
    ” روس ھندستان جو ضرور دوست آھي، پر روس نه چاھيو ته ڪانگريس مظبوط ٿئي. روس چاھيو ته مون کي پارليامينٽ ۾ ايتريون گھٽ جڳھيون ملن جو مون کي راڄ ڪرڻ لاءِ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا تي ڀاڙڻو پوي، جيئن 1969ع ۾ ٿيو. ثبوت ان جو به ڪونھي ۽ ڪڏھن اِھا ڳالھ ڪٿي چئي نه اٿم. برزنيف شايد سوچي نه سگھيو ته مرڳو اسان جو راڄ ئي ختم ٿي ويندو“.
    ”ڪجھ مون کي چوڻ جي اجازت ڏيندا“؟
    ” چئو“.
    ” معاف ڪجو، ڪجھ شخصي ٿو چوان. مان به ماڻھن ۾ اٿان ويھان ٿو. شري سنجيہ گانڌيءَ ڪميونسٽ پارٽيءَ تي سخت نڪته چيني ڪئي، جڏھن ته ان پارٽيءَ ايمرجنسيءَ کي سپورٽ ڪيو. شايد روس ان ڳالھ تي ناراض ٿيو. مون ٻڌو ته آر -ايس-ايس تي بندش پئي ته ان جا گھڻا والنٽيئر يوٿ ڪانگريس ۾ شامل ٿيا ۽ نسبنديءَ وقت ھنن ئي مسلم ڀائرن سان زيادتيون ڪرايون. ان جا مقصد ھئا. ھڪ ته اسان جا مسلمان ڀائر ڪانگريس کان ڪٽجي وڃن ۽ ٻيو ان تحت اوھان جو راڄ ختم ٿيندو. ٽي مھينا ڪنڀ جو ميلو لڳو. اتي ھندستان جا چارئي جڳت گرو گڏ ٿيا. اتي ان دؤر ۾ پنج ڇھ ڪروڙ ھندو سنگم ۾ ٽپي ڏيڻ لاءِ آيا، تن کي چيو ويو؛ اندري بچائو-اندرا ھٽايو! ثبوت مون وٽ به ڪونھي. ھندو به اوھان کان ڪٽجي ويا. ڏسو ڏکڻ ھندستان ۾ ڪانگريس کٽيو جو اتي آر-ايس-ايس لڳ ڀڳ آھي ئي ڪو نه“.
    ڳالھ ٻڌي کيس ڪجھ عجيب لڳو ۽ ڪا خوشي به ٿي ته سندس ۽ ڪانگريس جي ھار ۾ انتر راشٽريہ سازش سان گڏ قومي منصوبا بندي به ھئي.
    ” اِھي سڀ ڳالھيون ماڻھن کي سمجھائڻيون آھن“.
    ” اندرا جي، اوھين خانگي ملڪيت جي خاتمي جو اصول قبول ڪريو.
    اسان جو ملڪ شاھوڪار آھي، پر اسان جا ماڻھوءَ غريب آھن. ھڪ ماڻھو روز ٻه لک ٿو ڪمائي، ٻيو ٻه رپيا ٿو ڪمائي. ڪمائيءَ جي وڇوٽي فقط پنجوڻي ھجي. پئداوار ۽ ورھاست جا سڀ وسيلا سرڪار کڻي. شاھوڪارن جون شاھوڪاريون ختم. اوھين مخالفت ۾ آھيو. شاھوڪار به ڪم ڪن. کين ٿورو عيوضو ڏيو. مان ته ليکڪ آھيان ۽ ارٿ شاستر جو ماھر نه آھيان. اِھو اصول شري جواھر لعل نھروءَ قبول ڪيو، پر شري نھروءَ پھرين ھندستان ۾ قومي استقامت قائم ڪرڻ چاھي، لڳي ته حڪومت آھي ۽ اِھا ڪم ڪري ٿي“.
    ” اوھان ڳالھ صحيح چئي. ان قومي استقامت سبب مون ڪي به تڪڙا قدم نه کنيا. پھرين ھندستان جي سلامتي ۽ ايڪتا آھي. اھي شاھوڪار ويندا ڪيڏانھن؟ ٻاھرين طاقتن جي منصوبن کان ساوڌان رھڻو آھي.“
    مون ٻئي ھٿ ٻڌي نمسڪار ڪري چيو ”اوھان تاريخ جا تمام وڏا ماڻھو آھيو. اوھان مون کي پنھنجو قيمتي وقت ڏنو. ان لاءِ اوھان جي وڏي مھرباني“.
    ھن مشڪي فوٽو گرافر ڏانھن نھاريو جو شايد سمجھائين ته مون آندو ھو. فوٽو گرافر ڪنڌ ھيٺ ڪري بوٽ جا ڌاڳا ٻڌي رھيو ھو. اندرا گانڌيءَ چيو ”اوھين ڪڏھن به فون ڪري مون وٽ اچي سگھو ٿا. پر ھڪ ڳالھ سمجھو. اوھين ليکڪ آھيو. جڏھن قلم کڻو ته ياد ڪجو ھندستان جي ماڻھن کي وھمن ۽ سنسن کان بچائڻو آھي. ياد ڪجو ته ڪٿي ڪو غريب ڳوڙھو ٿو ڳاڙھي“. ھن به ھٿ جوڙيا.
    مون چاھيو ته مان وڃان ته سندس پيرن کي ڇھندو وڃان. پر ائين مان ڪري نه سگھيس. اکين ۾ ٿورو پاڻي آيو ۽ مان آھستي سندس محل کان ٻاھر ھليو ويس. اھا رات، ھريڪانت جي گھر، گني، راڌا، ٻارن، گيتا ۽ ڪمل منھنجون ڳالھيون ٻڌيون. مون ۽ اندرا گانڌيءَ واچ جا پورا پندرنھن منٽ ھڪ ٻئي سان ڳالھايو.
    ھڪ لنبي ياترا بعد واپس موٽي مون اندرا کي خط لکيو جنھن ۾ اسان ٻنھي جي ٿيل گفتگو جي روبڪار لکيم. جنتا سرڪار جو راڄ ختم ڪرڻ جون ڪي صلاحون ڏنيون مانس. پاڻ جواب نه ڏنائين، سندس سيڪريٽريءَ ڏنو ۽ چيائين ته شريمتيءَ اندرا گانڌيءَ فيصلو ڪيو آھي ته اوھان جو خط سوچ ھيٺ آڻڻ لاءِ آل انڊيا ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ايندڙ ميڙ ۾ رکي. سندس اھو خط مون سنڀالي رکيو آھي، ڇو ته جا اندرا ۽ منھنجي گفتگو ٿي ان ۾ د- رنگي حال جو ذڪر آھي.
    مان گيتا ۽ ڪمل کي وٺي تاج ايڪسپريس ۾ آگري ويس. ٻنھي چاھيو ٿي ته کيس ھردوار ۽ رشيڪيش وٺي وڃان. اتي وسيع گنگا. شام جو ماڻھوءَ دونن ۾ گل ۽ ڏيئا رکي گنگا ۾ وجھن. ان دونن چوڌاري روشنيءَ جا گھيرا. گنگا ۾ اوندھ، ڌرتيءَ تي، آسمان ۾، ڄڻ انساني تاريخ ۽ اھي ڏيئا ائين لڳن ڄڻ اھي اتھاس جا مھاپرش آھن. جن کي پنھنجي سوچ جي روشنيءَ جا گھيرا آھن.
    تاج ايڪسپريس ۾ اندرا گانڌي به ھئي. ڏاڍا ماڻھو جمع ٿيا. مان مٿرا اسٽيشن تي لھي ٻه گاڏا پاسي ۾ اندرا وٽ ويس. ھن مون کي ڏسي مشڪيو ۽ گيتا جي منھن ۾ نھاري کيس ھٿ لوڏيائين. گيتا ڏاڍي خوش ته اندرا ڏانھن نھاريو ۽ پيار مان ھٿ لوڏيو. آگري ۾ سامان اسٽيشن تي ڇڏي ڪمل کي به ھن وٽ وٺي ويس. ڪمل کيس ڀرسان لنگھندي ڏٺو. اتي ماڻھو پلئٽ فارم تي، رستن تي ڪارن، وڻن ۽ ڇتين مٿان چڙھي بيٺا.
    لڳو ھو پشيمان ٿيا ته ھنن اجايو اندرا کي طاقت جي تخت تان لاٿو. ھن کي ئي راڄ ڪرڻ گھرجي. ھن وقت اِھا ئي ته آھي جنھن کي پورو ھندستان سڃاڻي ۽ دنيا به ھن جي عزت ڪري ٿي.
    گاڏيون بمبئيءَ نٿي ويون. رستا اڃا بند ھئا. مون ڏھ ڏينھن دير سان دھليءَ مان بمبئيءَ رزرويشن ڪرائي ڇڏي. اھي ڏھ ڏينھن اسين تاج جي ايوان ۾ ويٺاسين. انارڪلي جتي سنان ڪندي ھئي. اتي وياسين. فتح پور سڪريءَ جي ھڪ ديوار تي ھٿ لڳائي ته فرلانگ پريان ٻي ڀت مان ان جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي. اندر جوڌا ٻائيءَ جو گھر ۽ مندر، کاٻي اڪبر محل، جتي پوءِ جھانگير رھڻ لڳو. وچ ۾ حضرت خواجہ شيخ سليم چشتيءَ جي سنگ مرمر جي تربت، چون؛ ان درويش کان جيڪو گھر، اُھو مِلي.
    پاسي ۾ ٻه ننڍيون قبرون.
    اڪبر بادشاھ کي ٻار کپندو ھو ۽ اھو به پٽ. ھن شيخ سليم چشتيءَ اڳيان گوڏا کوڙيا. پر شيخ کيس نھاري ئي نه. ڇو ته سندس خيال ۾ اڪبر کي پٽ ٿيڻو ئي نه ھو. شيخ سليم چشتيءَ جي پٽ اڪبر چيو؛ مان ٿو اوھان کي دعا ڏيان ته اوھان کي پٽ ٿيندو. کيس ھٿ ۾ ھڪ طوطو ھو، شيخ چشتيءَ غصي مان پٽ ڏانھن نھاريو ته ھاڻ تون ئي اڪبر جو پٽ ٿيندين جو تو دعا ڏني اٿس. پٽس امالڪ اکيون ٻوٽيون. اھو ڏسي طوطو به سندس ھٿن مان ڪري پيو ۽ اِھو به مالڪ جو صدمو برداشت نه ڪري مري ويو.
    ان ياترا ۾ مون کي سنڌ جي ياد ڏاڍو ستايو. مون کي جھانگير جي ان قدم تي خوشي ٿي ته ھن ان ٻار سان گڏ طوطي جي به سماڌي ٺھرائي ھئي. آھ! اھي ئي جذبا آھن جي زندگيءَ کي معنيٰ بخشين ٿا.
    مون به شيخ سليم چشتيءَ جي درگاھ ۾ گوڏا کوڙيا:
    ” اي درويش تنھنجي مٽِي به پوڄا لائق آھي. ان مٽِي کي به وڏي طاقت ھوندي. منھنجي ٽن جو ڪٽنب ٺيڪ آھي. ھڪ آرزو آھي منھنجي. مرڻ کان اڳ پنھنجو ملڪ ڏسان. اھو ڏيکار. ان بعد تنھنجي درگاھ ۾ اچي ڪرندس ۽ تنھنجي چائنٺ جو ھڪ ھڪ ڏاڪو چمندس“.
    گوبند مالھي چوي ٿو ته ھو سنڌ واپس موٽڻ کان اڳ ڪڏھن نه مرندو. مون کي اھڙي ڪابه خوش خيالي نه آھي. مان ائين جلاوطنيءَ ۾ ئي ڳري سڙي ختم ٿي ويندس ۽ پوءِ شايد ڪي ماڻھو ڳالھ ڪندا ”ھڪ ھئي سنڌ ۽ ھڪ ھو موھن ڪلپنا، ٻنھي ھڪ ٻئي سان ڏاڍي محبت ڪئي- پر مِلي نه سگھيا !“

    موھن ڪلپنا
    سومر 21 جون 1982ع
    جوڙ ڪٽ
    جمع 16جولاءِ 1982ع


    ڪٿا اڃا اڌوري آھي

    ڪو به ڪتاب ٻه دفعا پڙھيو نه ويندو آھي. ڪو به ھڪ ڪتاب ٻه دفعا پڙھندي ساڳيو نه لڳندو آھي. وقت جون نسبتون ۽ پڙھندڙ جو اندروني سنسار بدلجندا رھندا آھن.
    ٺيڪ ان طرح ڪو به ڪتاب مڪمل نه ھوندو آھي ۽ ان ۾ ڪجھ جوڙن جي گنجائش قائم رھندي آھي.
    منھنجي آتم ڪٿا ”بک، عشق، ادب“ ڪتاب به اڌورو آھي. نه ان ڪري ته مان جيئرو آھيان، ان ڪري ته اِھو مڪمل ٿي نه سگھيو آھي.
    مون پنھنجي ڪٿا 1975ع جي شروعات ۾ لکي. دوست مدد علي سنڌيءَ اِھا پريس ۾ ڏني پوءِ خبر نه اٿم ته ڇا ٿيو، جو اِھا نه ڇپي. مدد ان جو ھڪ ٽڪرو ڪٿي الڳ ڇپايو. تڏھن مرحوم پير حسام الدين راشديءَ کي اھو ڇھي ويو. ھن صاحب اصل دستخط پڙھڻ چاھيو مون ڀيڻ دوست ماھتاب محبوب کي درخواست ڪئي ته مدد کان اھو وٺي ۽ ھن شايد بزرگ دوست محمد ابراھيم جويو جي معرفت اھو حاصل ڪيو ۽ دوست جئوير معرفت ڀارت ڏياري موڪليو.
    مون سان مصيبت اھا آھي ته مان ڪا به ڳالھ ساڳئي نموني ٻيھر لکي نه سگھان. ڪا ڪھاڻي، ڪا ڪويتا نه لکي سگھيو آھيان. مون وري قلم کنيو ۽ آتم ڪٿا کي 1978ع جي ارد گرد اڌ ۾ ڇڏيم يا چئجي ته پورو ڪيم. ھونءَ پوري زندگيءَ ٿيندي آھي، ڪتاب نه ٿيندو آھي. ان ڪري ان ۾ اڃا به گھڻو ڪجھ اڻ چيو رھجي ويو آھي. ھونءَ به ڪجھ نه ڪجھ اڻ چيو مون اڪثر پسند ڪيو آھي. اھو عيب آتم ڪٿا ۾ به ھوندو. ماھتاب محبوب تي خاص طور ڪجھ لکڻ چاھيم، پر ھن مون تي ايترو ته لکيو آھي جو ان سلسلي ۾ قلم ضد ڪري بيٺو ته ٿورو ترس.
    ٽي سال اڳ ڀيڻ گل ٽالپر پنھنجي وڏي پٽ ارشد ۽ ساھيڙين سان گڏ انڊيا آئي. بس ڳالھيون ھيون ۽ سفر ھو -اسين دھلي ۽ آگرو گھمي آياسين. کيس تاج محل ۽ لعل قلعو ڏيکاريم ۽ امرتا پريتم سان به ملايو مانس، جا سندس خواھش ھئي.
    ھن چاھيو ۽ مون کيس پنھنجو نئون دستخط ڏنو. ارمان اٿم ته ان سندر ياترا ۽ ھن پياري ڀيڻ گلشن جو پڻ ان ۾ ذڪر ڪونھي.
    مان دوست شوڪت حسين شوري جو مشڪور آھيان جنھن موجوده ماحول کي خيال ۾ رکي ڪتاب کي صحيح نموني ايڊٽ ڪيو آھي.

    موھن ڪلپنا
    جمع 24 آگسٽ 1984ع


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566205
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215636
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ