ڪتاب جو نالو: محبت جي تنهائي
مصنف: دليپ دوشي لوهاڻو
ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 10 جولائي 2017 ع
پڙهيو ويو: 1061 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 437 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سعيد لکي ٿو:
”دليپ دوشي لوهاڻو، جو پهريون ناول هوندي ناول جي ٽيڪنڪي فارميٽ تمام لاجواب آهي ۽ محبت اهڙو موضوع آهي، جيڪو ڪڏهن به پَــئي پراڻو نه ٿيندو آهي. محبت تي لکيل هزارين ناول ۽ ٺهيل فلمون انساني احساسن کي تازو توانو رکن ٿا. هي ناول محبت جي تنهائي به ماڻهوءَ جي من تي ڇانئجي ويندڙ احساسن جو ترجمان آهي. اسان جي سماج جا طبقاتي پاسا سدائين محبت جي ڪُک ۾ خنجر جيان پيوست رهيا آهن. مگر محبت جو عالمي سبق روحاني رنگن ۾ رنڱيل هئڻ سبب پاڻ مرادو محفوظ ٿي، روح جو روح تائين ڪل سفر آسان ڪري وڃي ٿو.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا سڀ حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • مهاڳ : وحشتن جي موسم ۾ مُحبتن جي ڳالهه!
  • دلبري جي دنيا جو روهيڙي رتو گُل
  • محبت جي تنهائي ۽ دليپ دوشي ....!!
  • ليکڪ پاران
  • محبت جي تنهائي

  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10
  • 11
  • 12
  • 13
  • 14
  • 15

  • ڪتاب جا سڀ حق ۽ واسطا

    ڪتاب جا سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ


    ڪتاب جو نالو: محبت جي تنهائي
    ليکڪ: دليپ دوشي لوهاڻو
    موضوع: ناول
    پهريون ڇاپو : مئي، 2017ع
    ڪمپوزنگ: تولارام سوٽهڙ
    ٽائٽل ۽ لي آئوٽ: نعيم ديسوالي
    ڪئليگرافي: ڪپتان ابڙو
    ڪاپيون: 1000
    ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن قنبر
    قيمت: -/180 روپيا




    MUHABAT JI TANHAI
    Writer: Dileep Doshi Lohano
    Topic: Novel
    First Edition: April 2017
    Composing: Tolla Ram
    Title & Layout: Naeem Deswali
    Calligraphy: Kaptan Abro
    Quantitiy: 1000
    Published By: Kanwal Publications, Kanbar
    Price: Rs. 180/-


    ارپنا

    ناول جي مرڪزي ڪردار
    ”وينا“
    جي نالي،
    جنهن مونکي اهو ناول لکڻ تي اتساهيو .....


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”محبت جي تنهائي“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب ٿر جي نوجوان ليکڪ، شاعر، صحافي ۽ ناول نگار دليپ دوشي لوهاڻي جو لکيل ناول آهي. سعيد لکي ٿو:
    ”دليپ دوشي لوهاڻو، جو پهريون ناول هوندي ناول جي ٽيڪنڪي فارميٽ تمام لاجواب آهي ۽ محبت اهڙو موضوع آهي، جيڪو ڪڏهن به پَــئي پراڻو نه ٿيندو آهي. محبت تي لکيل هزارين ناول ۽ ٺهيل فلمون انساني احساسن کي تازو توانو رکن ٿا. هي ناول محبت جي تنهائي به ماڻهوءَ جي من تي ڇانئجي ويندڙ احساسن جو ترجمان آهي. اسان جي سماج جا طبقاتي پاسا سدائين محبت جي ڪُک ۾ خنجر جيان پيوست رهيا آهن. مگر محبت جو عالمي سبق روحاني رنگن ۾ رنڱيل هئڻ سبب پاڻ مرادو محفوظ ٿي، روح جو روح تائين ڪل سفر آسان ڪري وڃي ٿو.“
    هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن، قنبر پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دليپ دوشيءَ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    دليپ دوشي لوهاڻو، جو پهريون ڀرپور تعارف شاعر هئڻ ئي رهيو آهي پر سندس شعري مجموعي جي پڌرائي کان اڳي، سندس مضمونن/ڪالمن جي ڪتاب ’’تون چوء مَ ڪُڇان‘‘ کان پوءِ سندس پهريون ناول ’’محبت جي تنهائي‘‘ ان ڪري به پڙهڻ جوڳو ناول آهي جو منجهس محبت جي گُلن جي اُها سڳنڌ آهي، جنهن سان هر انساني روح دير سوير ضرور واسجي ٿو.
    دليپ دوشي لوهاڻو، جو پهريون ناول هوندي ناول جي ٽيڪنڪي فارميٽ تمام لاجواب آهي ۽ محبت اهڙو موضوع آهي، جيڪو ڪڏهن به پَــئي پراڻو نه ٿيندو آهي. محبت تي لکيل هزارين ناول ۽ ٺهيل فلمون انساني احساسن کي تازو توانو رکن ٿا. هي ناول محبت جي تنهائي به ماڻهوءَ جي من تي ڇانئجي ويندڙ احساسن جو ترجمان آهي. اسان جي سماج جا طبقاتي پاسا سدائين محبت جي ڪُک ۾ خنجر جيان پيوست رهيا آهن. مگر محبت جو عالمي سبق روحاني رنگن ۾ رنڱيل هئڻ سبب پاڻ مرادو محفوظ ٿي، روح جو روح تائين ڪيل سفر آسان ڪري وڃي ٿو.
    دليپ دوشي لوهاڻو جو ناول ”محبت جي تنهائي“ به روحاني راهه تي بهترين خيال آرائي جو مجموعو آهي. سنڌي ادب ۾ ناول جي کوٽ کي پوري ڪرڻ جو خيال کڻي، نوجوان سٿ، ٻين ادبي شعبن کي ڇڏي ناول جهڙي پرخار پيچري تي جيڪي ڪجهه به ووڙي پيو، اهو سڀ سڀاويڪ آهي. اسان اهڙي شعوري ڪوششن جي همٿ افزائي ڪرڻ فرض سمجهون ٿا. اميد ته محبت جي مينهن ۾ ڀنل هر نئين راهيءَ کي هن ناول جو سفر دلي طرح پسند ايندو.

    سعيد سومرو
    ڪنول پبليڪيشن قنبر
    Cell: 0333-7523132
    saeedsoomro4@yahoo. Com


    مهاڳ : وحشتن جي موسم ۾ مُحبتن جي ڳالهه!

    ناول ڪيئن لکبو آهي؟ ڇو لکبو آهي؟ ڪيترو ڏکيو آهي ناول لکڻ؟
    انهن سوالن جا جواب مون کي هڪ وجداني ڪيفيت مان جڏهن مليا، تڏهن پتو پئجي ويو ته جبل جي چوٽيءَ تان باز جا آنا ڪيئن هٿ ڪبا آهن! ناول ادب جي سگهاريءَ، دلچسپ ۽ ڏاڍي ڏُکي صنف آهي، تڏهن ئي ته ادب جو نوبل انعام صرف ناول نگارن کي ئي ملي ٿو. دنيا جي ادب ۾ سگهاري ناولن جو تعداد به چڱو خاصو آهي، جن جي تجزيي ۾ وڃبو ته هڪ نئون ڪتاب لکجي ويندو. ڳالهه کٽائڻ لاءِ بس ايترو ئي چئبو ته اِهي مقبول ترين ۽ شهرت ماڻيندڙ ناول گوناگون موضوعن، عالمي انساني قدرن، جدوجهدن، فني بلندين، شاهوڪار ٻولين ۽ سماجي عڪاسين جا وڏا حوالا رکندڙ ناول آهن. عشق عالمي موضوع آهي، عشق عالمي سچ آهي، عشق تي لکيل عالمي ناولن جي فهرست به ڪا ننڍڙيءَ ڪونهي، ان جو ذڪر به هڪ پورو ڪتاب گهري ٿو. ذاتي طور تي آءٌ جڏهن به فرانس جي عظيم ناول نگار وڪٽر هيوگو جو ناول ”نوٽرڊم جو ڪٻڙو“ ۽ هند جي ڪرشن چندر جو ناول ”محبت ڀي قيامت ڀي“ ياد ڪريان ٿو ته الاءِ ته ڪهڙي ڪيفيت رڱي ڇڏي ٿي ۽ وقت جو احساس ئي ڄڻ مري وڃي ٿو!
    سنڌي ٻوليءَ هونئن ته دنيا جي بنهه قديم ٻولي آهي، پر حيرت آهي جو ان ۾ لکيل ناول جي تاريخ ڪا گهڻي پراڻي ڪونهي. سنڌي ناول جو بنياد انگريزن جي قابض دور ۾ پيو. شروعات ترجمن سان ٿي ۽ پوءِ طبع زاد ناول جنم ورتو، اهو ڪارنامو مرزا قليچ بيگ جو آهي. سنڌيءَ ۾ رومانوي يا عشقيا داستان سڀ کان پهرين ڪلاسڪ شاعريءَ ۾ آيا، نثر ۾ پوءِ لکيا ويا. شاعريءَ جي اها تاريخ ست سئو سال لڳ ڀڳ پُراڻي آهي. سنڌي ۾ رومانوي ناولن ۾ جهاتيءَ وجهڻ سان سُڌ پوي ٿي ته سڀ کان وڌيڪ شهرت طارق عالم جي لکيل ناول ”رهجي ويل منظر“ کي ملي، جيڪو يونيورسٽي جي ماحول جي پس منظر ۾ لکيل آهي. ان ڊگهي بحث کي ويڙهيندي رڳو اهو چوندس ته ويجهڙ ۾ سنڌ اندر نوجوان ليکڪن پاران ناول لکڻ جي رجحان ۾ واڌارو آيو آهي، جيڪا بهترين علامت آهي. اها مثبت سوچ آجيان لائق آهي. اهي ناول، سنڌ جي سموري علائقن ۾ سرجڻ لڳا آهن.
    ڪجهه ڏينهن ٿيندا جو مٺيءَ شهر جي نوجوان ليکڪ ۽ منهنجي پياري صوفي منش پريتم دليپ دوشي لوهاڻي ٻڌايو ته هُن ناول لکيو آهي، جنهن تي نظرثاني ۽ اصلاحي نظر هُو مون کان ٿو چاهي. ڪَم ڏکيو هو، پر دلي خوشي ٿي ته ٿر مان ادب لاءِ ڪا نئين وِک کڄي آهي، ان جي ضرور حوصلاافزائي ٿيڻ گهرجي. ٿر ۾ ناول تي طبع آزمائي ڪا گهڻي ڪونه ٿي آهي،ان ڪري ضروري ٿي پيو آهي ته نئين ههڙن قدمن کي ڀليڪار چئجي. هِي ناول ”محبت جي تنهائي“ اصلاحي اک سان گڏ دل جي اکين سان به پڙهيم. لکت جي سنجيدگي ڏاڍو متاثر ڪيو. اوچتو دليپ اصرار ڪري ويٺو ته ناول جو مهاڳ به لکڻو پوندئي. هُن جي ان محبت ۽ حجت کي مان ڏيندي سرهائي ٿو ڀانئيان.
    دليپ دوشي هڪ باشعور صوفي دل رکندڙ محبتي نوجوان آهي. هن ۾ زبردست صلاحيتون آهن. هن جي وجود ۾ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو جنون موجود آهي. هُو هميشه نوان قدم کڻڻ جو آرزومند نظر آيو آهي. هِي ناول لکڻ به هن جي نئين جرئت ۽ نئون قدم کڻڻ جو خوبصورت ثبوت آهي.
    نئين جرئت آءٌ ان ڪري ٿو چوان جو دليپ دوشي ادب ۾ نئون داخل ٿيندڙ ماڻهو آهي، هُن، ناول کان اڳي علمي ادبي ڪالم لکيا آهن. هن جو افسانوي ادب ۾ ڪو خاص تجربو ڪونهي، هن غير افسانوي نثر ۾ اڃان ابتدائي وکون کنيون آهن. هاڻ اوچتو هُن افسانوي نثر ڏي جڏهن ڇال هنيو آهي ته اُن کي نئين جرئت جو ئي ته نالو ڏئي سگهجي ٿو.
    هڪ شروعات ڪندڙ نوجوان ليکڪ جنهن کي ناول جي فَني بيهڪن، گهرائين، ٽيڪنيڪ، توڙي وسعتن جي پوريءَ پروڙ به نه هجي، پوءِ به هو اهو ڪم ڪري ڏيکاري ته اهو لاشڪ داد لائق پورهيو آهي.
    ”محبت جي تنهائي“ هڪ طويل رومانوي ڪهاڻي ۾ گهيريل ادب جي شروعاتي اسٽيج جو ناول هئڻ جي باوجود ڪشش رکندڙ آهي. ناول جي پلاٽ ۽ ڪردارن جي پختگيءَ ڏاڍي موهيندڙ آهي. هي ڪهاڻي ڪاليج ۾ پڙهندڙ نوجوانن جي ڪهاڻي آهي، جيڪا محبت جي واٽ جي مسافر آهي. هن ڪهاڻي ۾ ڪيئي اهم موڙ اچن ٿا، ميلاپ جاڳن ٿا، وڇوڙا ورن ٿا، ٽهڪ ٽڙن ٿا، لڙڪ وهن ٿا! سماج ڪَر کڻي نانگ وانگي بيهي ٿو ته مجبورين جا ٿوهر اڀرن ٿا. ڪردار ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾ نظر اچن ٿا. وڏي ڳالهه ته هڪڙو تسلسل نظر اچي ٿو، جيڪو ڪٿي به ٽٽي نٿو! ڄڻ ته ڪو نظم لکيو ويو هجي. دليپ هن ناول ۾ ٻوليءَ به تمام سٺي ۽ سلوڻي پيش ڪئي آهي. ناول ۾ ڪٿي به ڪا اوپرائي يا ڳرائي نظر نٿي اچي. دلچسپي پهرين صفحي کان آخري صفحي تائين برقرار رهي ٿي. هروڀرو جي ڪا مصنوعيت به هِن ناول تي ناهي چاڙهي ويئي، جيڪا ناول جي مزاج کي بي رنگ ثابت ڪري. هِي هڪ سٺي ڪوشش جي شروعات آهي. ناول هڪ محدود ۽ مخصوص موضوع کي اڀارڻ ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو.
    ليکڪ جي ذڪر جوڳي جرئت اها به آهي جو هُن پنهنجي ناول ۾ فطري جنسيءَ اُمنگن کي ڪنهن به پردي ۾ ناهي لڪايو. هُن جنسي رُخ تي پردو وجهڻ بدران اُن کي جيئن جو تيئن اُڀرڻ ڏنو آهي، ته جيئن رواجي اخلاقيات جي ليبل يا آڙ بجاءِ انساني فطرت جو نج پڻو نروار ٿي سگهي. مصنوعيت کي گهُٽو ڏجي، ناول جا ورق پڙهندي شهرت يافتا ايراني دانشور ڊاڪٽر علي شريعتي جو ڪتابچو ”جنس فطري تقاضا آهي“ ياد اچي وڃي ٿو.
    ناول جي صنف جي بنيادي گهڙت ذهن ۾ رکي دليپ جي ناول لکڻ جو بنيادي سبب منهنجي نظر ۾ وجداني ڪيفيت جو جاڳيل هئڻ آهي. وجد تخليقي عمل جو اصل روح هوندو آهي. وجد مان ڪا تخليق گُل وانگي ڦُٽي پوندي آهي، جيئن شاعر جي وجدان مان ڪو نظم اوچتو ليئو پائي نڪرندو آهي، مونکي ايئن لڳو آهي ته هِي ناول به اهڙي ئي وجد مان دليپ جي دل مان ٻاهر نڪتو آهي. ڪن ڪچاين ڦِڪاين باوجود هُن جي هي ڪوشش بيحد خوبصورت ۽ مثبت ڪوشش آهي. هِي مونجهارن جو زمانو آهي، هِن زماني ۾ مُحبت کي نظريو يا عالمي احساس ڪو ورلي سمجهي ٿو. محبت پنهنجو لباس ڳولڻ ۾ مصروف آهي.
    ويجهڙ ۾ دل جي ڳالهه سمجهڻ واري روايت ۽ ريت لاپتا ٿيل آهي. سڄي دنيا رهزن دهشت گرديءَ جو شڪار آهي. هاڻ هِن عالمي مارڪيٽ ۾ قبضاخوريءَ ۽ جبر جو سڪو رائج ٿيل آهي. زوريءَ پنهنجا نظريا مسلط ڪرڻ واري رهزنيءَ جو اسان شڪار آهيون. ڪٿي نظرياتي ويڙهه ۾ موت جو رقص آهي، ته ڪٿي مفاديءَ جهيڙي ۾ انسات رت ڳاڙي رهيو آهي. ڪٿي ادارن تي ڪاهون آهن، ڪٿي عبادتگاهون رت ۾ رڱيل آهن! غير يقينيءَ جي آدم خوريت انسان کي کائي رهي آهي. خوف جي ٻوڏ ۾ بي واس اڪيلائي اچي نشانبر ٿي بيٺي آهي! انسان اڪيلو ٿي رهيو آهي. محبت اڪيلي ٿي رهي آهي. رشتا ڀڃ ڊاهه جي ڳري ملبي هيٺ ايندا ٿا وڃن. دورين جا سوٽي تاڪيا هزارين ميلن تائين پکڙجندي پيا ڏسون! سڀني جي بقا بجاءِ ذاتي بقا جو نظريو عام ٿي چڪو آهي. پئسي جي ڪرپشن ته هر دور ۾ ٿي آهي، پر هاڻ ته نظرين جي ڪرپشن جو دور سامهون آهي!
    هِيءُ ٿر ۽ برجتي زندگي سادگيءَ جي حُسناڪيءَ سان سلهاڙيل هئي. جتي هر صبح ناول هو ته هر شام شاعريءَ هئي. ڏڪار هوندي به ذهني ۽ دلي ڏڪار جو ڏس ڪٿي نٿي نظر آيو، کيسا خالي هئا تڏهن به احساس امير هئا. اونداهين ۾ به پازيبن جا پڙلاءُ دلربائي جا نياپا هئا! بادل عشق ۽ زندگي جا جياپا هئا. اکين ۾ تقدس جا ڳوٺ مهڪندڙ هئا. وقت لُڪن لڳندي به دلربا جو جلوو هو، پر هاڻ ته هر ڏس مصنوعيت جي موسم جون آرسُون آهن. زندگيون ٻهراڙين جي رُڃ ۾ زندگيءَ سان نڀائڻ ۾ رڌل آهن ۽ شهرن ۾ انٽرنيٽ تي اگهاڙپ جي ڳولا جاري آهي. فيس بوڪ تي زندگيون بي فڪريءَ جي بَر ۾ لاوارث آهن، گُم آهن! انهن جي ئي آس پاس ۾ رهزنيءَ خيما کوڙڻ ۾ مصروف آهي. رجعت پرستيءَ انسانن کي شڪار ڪرڻ لاءِ گهات ۾ آهي! پنهنجي سڃاڻپ وڃايل اهڙي ماحول ۾ محبتن تي ڪتاب لکڻ ننڍي ڳالهه ناهي. وقت جي اُس ۾ محبت جي تنهائين، محبت جي ٽهڪن، جيءُ جي جداين، خوابن جي جلاوطني ۽ اوڇنگارن تي ويچار ونڊڻ خوبصورت ۽ مهذب سوچ جو محبوباڻو مثال آهي. پيار مان لکيل هي ناول اهڙين يادگيرين تي مشتمل آهي جيڪي تنهائي ۾ ڪڏهن کلائين ٿيون ته ڪڏهن اکين کي برسات ۾ تبديل ڪري ڇڏين ٿيون. هنن يادگيريين ۾ نفرت جي ڪابه بُوءِ شامل ناهي، فقط گُلن جو هُڳاءُ آهي. حسرتن جا ميلا آهن، جيڪي پهرين رنگين ٿي ڀرجن ٿا ۽ پوءِ خالي ٿِي وڃن ٿا! بيقراريون هنن يادگيرين ۾ سُڃ وانگي اوجاڳيل آهن، پر مهذب پڻو ڪٿي به ميرو ٿيل نظر نٿو اچي، ها حسين حقيقت دليپ دوشي پياري نموني سان واضع ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.
    هي ڪو وڏي سطح يا ڪينواس جو ناول ناهي، صرف احساسن جي سچائي جو پيارو سفر آهي، جنهن سفر ۾ درد ۽ خوشيون مسافر بڻيل آهن. هن ڪاوش ۾ انساني رت جو هڪ ڦُڙو به ڪٿي وحشت ۾ ڪريل ڏيکاريل ناهي، جي انساني رت جو ڪو قطرو ڪٿي ظاهر ٿيو آهي ته ان مان به فقط انسان جو جنم ٿيو آهي ۽ اهو جنم جياپي ۽ روشنيءَ جو يقين آهي.
    ڪن ڪچاين ڦڪاين جي باوجود هِي ناول تمام سُهڻي ڪوشش ۽ ڪاوش آهي. جيڪو اسان کي دل سان پڙهڻ جي دعوت ڏئي ٿو. ويساهه آهي ته اسان جي نوجوانن کي هِي ناول پسند ايندو.
    دليپ دوشيءَ جي لکڻ جو هِي شروعاتي ۽ نئون دور آهي. هُن جي سکڻ لاءِ واٽون کليل آهن، هُن کي پنهنجي وجدي ڪيفيت مان گهڻو ڪجهه لکڻ لاءِ ملي سگهي ٿو. اميد ته هُن جو صلاحيتون وئرٿ نه وينديون.
    آخر ۾ اهو ضرور چوندس ته ٿر ۾ سنڌي ادب ۽ سيڪيولر مزاج جي بقا ۽ بحالي لاءِ سائين تاج جويي وڏو ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هُن جي روشن ڪيل واٽ مان نوان ڏيئا ٻرندا رهن ٿا، ههڙا ڪتاب ان عشق، ان جاکوڙ جو ثبوت آهن.

    ايوب کوسو
    جُهڏو
    03338815562


    دلبري جي دنيا جو روهيڙي رتو گُل

    ناول انگريزي ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ڪا ”نئين شيءَ“. ناول لاءِ مُنشي پريم چند چوي ٿو ته ”آءٌ ناول کي انساني زندگي جي تصور سمجهان ٿو. انسان جي زندگي تي روشني وجهڻ ۽ ان جي رازن کي کولڻ ئي ناول جو مقصد آهي.“
    سنڌي ناول جي شروعات ترجمي سان ٿي آهي، جنهن ۾ پهريون سنڌي ناول مشهور انگريز اديب ڊاڪٽر جانسن جي ناول ”راسيلاس“ جو ترجمو ساڌو نولراءِ ۽ منشي اُڌارام ٿانور داس 1870ع ۾ ڪيو، ان کانپوءِ ساڌو هيرانند سر والٽر اسڪاٽ جي تاريخي ناول جو ترجمو ”طلسم“ 1891ع ڌاري ڪيو.
    جڏهن ته ترجمي کان صحيح نموني طبع زاد ناول لکڻ جو پهريون اعزاز مرزا قليچ بيگ ڏي وڃي ٿو. جنهن پهريون ناول ”دلارام“ 1888ع ۾ ان کان پوءِ سماجي ۽ اصلاحي ناول ”زينت“ 1895ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. ان کانپوءِ وري لعل چند امر ڏني جو نالو اچي ٿو، جنهن ”چوٿ جو چنڊ ۽ ”ڀرم جي ڀلائي“ جهڙا شاهڪار ناول لکيا. بعد ۾ ڪاڪي ڀيرو مل اصلوڪا ناول لکيا جنهن ۾ ”موهني ٻائي“ ۽ ٻيا آهن، جيڪي اُن دؤر جا اهم ۽ عظيم ناول آهن.
    ڊاڪٽر هوتچند جو تاريخي ناول ”نورجهان“ ڇپيو ان جي مشهوري جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته اهو ناول سنڌ ۾ ڪيترائي دفعا ڇپيو ويو آهي. اصلوڪن ناولن ۾ عبدالرزاق ميمڻ جو ناول ”جهان آرا“ ڇپيو، جنهن کي انٽر جي سنڌي ڪورس ۾ اڃان تائين مسلسل رکيو ويو آهي.
    سنڌي ناول جي ٻي دؤر ۾ نمايان نالو محمد عثمان ڏيپلائي جو اچي ٿو، هن گهڻا ناول لکيا، اُن ۾ ”سانگهڙ“ ناول شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو.
    سنڌي ناول ۾ ورهاڱي کان پوءِ جمود طاري محسوس ٿئي ٿو. جنهن سنڌ کان هنڌ لڏي ويندڙ سنڌين ناول لکڻ جي پچار نه ڇڏي. جنهن ۾ هي ليکڪ آهن.
    1. ”شرم ٻوٽي“ 2. ”ديسي سيڻ ڪجن“ 3. ”جيون ساٿي“ وغيره (گوبند مالهي)
    1. ”ڪرندڙ ديوارون 2. ”پريت پراڻي ريت نرالي“ (سُندري اُتمچنداڻي)
    موتي پرڪاش جو ”انڌيرو اُجالو“ ۽ سندس زال ڪلاپرڪاش جو ”هڪ دل هزار ارمان“، ۽ موهن ڪلپنا جو ”رڃ ۽ پاڇا“ شامل آهن.
    رام پنجواڻي ته سُر سنگيت جو اڳي ئي سريلو هو وري هُن ناول لکي پنهنجو نانءُ ڪمايائين. اُن ۾ 1. ”پدما“ 2. ”چاندي جو چمڪو“ 3. ”ڌيئر نه ڄمن“ انتهائي اهم ناول آهن.
    تنهن کانپوءِ مشهور ناول نگارن ۾ ٻيا به کوڙ سارا نالا آهن، پر مونکي ٻه ناول نگار ڏاڍا وڻن ٿا، اُهي آهن آغا سليم ۽ سراج الحق ميمڻ.
    آغا سليم جا ناول 1. ”اونڌاهي ڌرتي روشن هٿ“ 2. ”هم اوست“ تمام گهڻا مشهور آهن. ان کانسواءِ ٻيا به مشهور ناول لکيا آهن. سراج ميمڻ جا ناول هي آهن: 1. پڙاڏو سوئي سڏ 2. مرڻ مون سين آءُ 3. منهنجي دنيا هيڪل وياڪل 4. تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول 5. منهنجي دنيا مرگهه ترشنا وغيره ڏاڍا مشهور ۽ مقبول ٿيا آهن.
    ان کان علاوه ٻيا ڪيترائي ناول نگار آهن، جن ناول لکيا آهن، جنهن ۾ طارق عالم ابڙي جو مشهور ناوليٽ ”رهجي ويل منظر“ جيڪو يونيورسٽي جي پسمنظر ۾ لکيو آهي، جنهن کي مون جيترا دفعا پڙهيو، اوترا ئي دفعا نئون لڳو آهي.
    منهنجي دل جي ديپ دليپ دوشي جو پنهنجي پيار جو پورهيو ڪتابي صورت ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي رهيو آهي، اهو به ناول جي روپ ۾ نروار ٿي رهيو آهي، جنهن جو نالو آهي ”محبت جي تنهائي“.
    دليپ دوشي جو هي رومانوي ناول آهي، جيڪو مختصر آهي ته منفرد به آهي. جنهن ۾ وڏي ڳالهه ته تسلسل کي ڪٿي نه ٽوڙيو آهي. اها هڪ ڪامياب ناول جي ناياب نشاني آهي، جنهن ۾ ٻيءَ خاص ڳالهه ته هن ڪتاب کي پڙهي محسوس ٿي ٿئي ته سڀ ڪردار هڪ ٻئي ۾ روبرو هم ڪلام آهن. اها دل جي ڳالهه آهي جيڪا دليپ کي داد تحسين ڏيڻ لاءِ مجبور ٿي ڪري. هڪ سٺي ناول ۾ پلاٽ، ڪردار، حقيقت پسندي ۽ اخلاقيات وغيره خاص اهميت رکن ٿا. جڏهن ته ناول نگار کي سڀني ڪردارن سان هڪ جيترو نڀائڻو ٿو پوي (پوءِ چاهي ڪردار وڏو هجي يا ننڍو) دليپ اُن ۾ واقعي پورو لٿو آهي.
    دليپ دوشي جي نئين ناول جو پلاٽ تمام پيارو آهي، جيڪو پڙهندڙ کي سڄو ناول پڙهڻ لاءِ مجبور ٿو ڪري. اسان سڀني جو پيارو ۽ دل وارو دليپ پاڻ قدڪاٺ ۾ ننڍو ته سندس ناوليٽ به ننڍڙو، پر وسيع اُڏام ڀريل ضرور آهي. مونکي اُميد آهي ته هن ڪتاب جي مارڪيٽ ۾ اچڻ کان پوءِ ٻين ليکڪن کي لکڻ لاءِ ضرور اتساهيندو.
    دليپ دوشي جنهن مختلف وقتن تي پنهنجي پاڪيٽ خرچي مان مختلف اديبن/شاعرن سان شامون ملهائڻ، ڪتابن جا مهورت ڪرائڻ، ايوارڊ تقريبون رچائڻ، جنم ڏينهن سجائڻ، مذهبي ۽ ثقافتي ڏڻن تي مختلف محفلون مچائڻ، سينئر محنتي ۽ هوشيار استادن کي لائيف اچيومينٽ جا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ ۽ فنون لطيف جي فيلڊن ۾ نوجوانن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ سينئر جي هٿان شيلڊون ڏيارڻ سندس شوق ۽ ذوق رهيو آهي. هي اسانجو شام رنگو سانورو ۽ سريلو اهڙا الائي کوڙ سارا پروگرام پيش ڪري چڪو آهي. جس هجي هن جوان کي جو هن جي جذبن جو جوش اڃا جهڪو نه ٿيو آهي.
    لطيف سائين فرمايو آهي ته:
    جيئن جيئن تپي ڏينهن
    تيئن تيئن تاڻي پنڌ ۾.
    سچ پچ ته دليپ دوشي گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ آهي. جنهن جي خوبين کي آءٌ ويهي واري واري بيان ڪندس ته وڏو وستار ٿيندو. هن کي استادن سان ادب سان پيش اچڻ جا آداب اچن ٿا، هن کي مٽن مائيٽن سان ملوڪت سان ملڻ جا مارڳ اچن ٿا ته وري دوستن سان دوستي نباهڻ جا نوان نينهن نغما به اچن ٿا.
    اهو ڏينهن پري ناهي ته دليپ دوشي جو هي ناول ويلنٽائن ڊي تي رنگ برنگي گُلن سان گڏ ۽ خوبصورت خوشبوئن سان مهڪي ۽ ٻهڪي پنهنجي پيارن ۽ يارن ڏي تحفي طور موڪليو ويندو ۽ اهو ئي ڪتاب کوڙ سارن خوبرو، ملائم ۽ مهنديءَ رتڙن هٿڙن جي هٿان رات جي پهر ۾ پڙهيو ويندو ۽ پوءِ خماريل ۽ ننڊاکڙين اکڙين سان وهاڻي هيٺ رکيو ويندو ۽ آڌي ڌاري ايندڙ خوابن ۾ ڪتاب جا ڪردار هلڪيون مٺيون هيئين ۾ ڪتڪتايون محسوس ڪرائيندا تان جو سج اچي ڪني ڪڍندو.

    ــ شنڪر ساگر
    مٺي، ٿرپارڪر


    محبت جي تنهائي ۽ دليپ دوشي ....!!

    محبت جي تنهائي جو تخليقڪار جناب دليپ دوشي لوهاڻو منهنجو دوست ناهي، نه ئي ڪنهن جو سفير. نه اسان ڪڏهن هن تخليق کان اڳ ڪٿي مليا ئي آهيون نه ئي ذاتي طور تي مون کي اهو علم آهي سندس تعليم ڪيتري آهي هن جو حسب نسب ڪهڙو آهي... رنگ اڀيرنگ ڇا آهي. هن جي تور ۽ وٿ ڪيتري آهي. هو ڪهڙي گروهه/ طبقي ۽سماجي رتبي جو مالڪ آهي. هن جو دين ايمان ڪهڙو آهي. هن جي شام ۾ لهي ايندڙ ڪيترن عيبن جو وهنوار آهي!! ۽ انهن سڀني کان ڀيانڪ ۽ خطرناڪ __ گيان گوئي واري ڳالهه ته ڪٿي هو نوجوان ته ناهي!! اگرچه ايئن آهي ته مسرتن ڀريو نوجوان آهي ۽ هن جو گهاٽ تان پاڻي ڀريل ناهي .... ۽ هن جو درگاهن جو ڪنڌ نماڻي ٿيل آهي يا نه !! ته پوءِ ڳالهه ڳهه ڏي ... هي سڀ اهي ڳالهيون آهن جيڪي هر نئين اسرندڙ / اڀرندڙ خاص ڪري نوجوان سان ... پنهنجي تخليق/ تصنيف جي عيوض ”ٻه حرف“ ”مهاڳ“ ”پيش لفظ“ ”ڪمينٽس“ لکائڻ لاءِ گهڻ پڙهي اديب سانڃهه وند وٽان ماڻي سگهي ٿو...!! ۽ مسلسل پنڌ کان سواءِ کيس انهن پنن جو معاوضو به ڳچي ۾ پوندو آهي.
    منهنجي لاءِ جناب دليپ دوشي ــ پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ کنيل / سانڍيل سندس تحرير/ تخليق سان ايئن آهي جيئن صبح جو سج پنهنجي دامن / وسعتن منجهان حياتي کي روء ارپڻ لاءِ اسري ٿو.
    پهرين تصنيف/ تحرير نئين اسرندڙ محبت جيان ٿيندي آهي ... جنهن سان تخليقڪار جو جڙاءُ ... منطق/ سبب/ تنقيد/ ڇند/ بناوٽ/ جوڙجڪ کان ڏور ... احساساتي اڀار سان پروهجي ٿو. پر هن سماج ۾ محض ”لکندو رهڻ“ جو ڪارج جياپو ئي آهي. نه ته اهڙن هاڃيڪار روپل جي انڊسٽري .. سنڌي ادب منجهه سرگدان آهي. جيڪي تخيل/ آرٽ/ ڏات ڏانهن واڌ جو قتل نفسياتي اهڃاڻ سان ڪٿي ڇڏيندا آهن.... منهنجي سامهون هڪ اهڙو نوجوان آهي جنهن جي هٿن ۾ نفيس سپنن جو ٻج آهي. جيڪو علمي/ شعوري فردن جي هٿن جي دائري گرمائش منجهه نشونما وٺي پنهنجي لاڀائتي کيپ ڇڏيندو ... منهنجو اعتماد سندس کيپ منجهه آهي، هو ان منجهه جيءَ دان ماڻيندو.
    لاشڪ ته تخيل/ آرٽ/ ڏات جو علم ڪارج سماجيات جي قيادت ۾ نفسياتي وايو منڊل جي پرچار _ ۽ ظلم يعني وڳوڙ جي گهڻ رخن تان پراو حائف ڪري عام شعور جي پرورش ڪرڻي هجي ٿي. ... جنهن لاءِ سخت پورهئي ۽ لڳاتار مشاهدي جي ضرورت لازم آهي. اميد ته تنهن منزل کي جناب دليپ ماڻيندا....
    سندس هيءَ تحرير/ ناول ــ سندس ئي حياتي جي يادن جي سهيڙ ــ ميڙ منجهان جوڙيو ويو آهي. بقول خود جي ته هي ناول سندس حياتي سان سلهاڙيل احساسن جو مجموعو آهي ۽ هُو هن سان گڏ ٻيو ناول پڻ لکي رهيا آهن. پر بزاد خود ناول آهي ڇا؟ ان جو ڍانچو ڪيئن ٿئي ٿو .... پڻ غور طلب ڳالهيون آهن. محبت جي تنهائي، ماڻهو جي پنهنجي وجود جي تنهائي هوندي آهي. اهو جيون اڪيلائي جو کاڄ ٿئي ٿو. اسان هجوم ۾ هوندي به تنهائي / پيڙاهه جو مرڪوز ٿيون ٿا! ڪمري جو چوديواري منجهه قيد هجڻ تنهائي ناهي! ان چوديواري منجهه اڀرندڙ خيالن منجهه تنها هئڻ تنهائي آهي ...!!
    ”جناب دليپ دوشي جو لهجو ناول نگارن جهڙو آهي سندس استعمال ڪيل ڊڪشن پڻ ان سطح يعني موضوع ۽ عمر جي آڌار نفيس آهن. مان کين لاڀائتي تخليق تي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ يقين محڪم رکان ٿو ته علمي سفر ڪڏهن به منقطع نه ٿيندو“.

    نور جوڻيجو
    (مهذب وحشي)
    حيدرآباد


    ليکڪ پاران

    ناول ڪيئن لکبو آهي، ان جي ڪردارن جي ترتيب ۽ پلاٽنگ ڪيئن ڪبي آهي، انهن ڪردارن کي ڪيئن ۽ ڪهڙين ڪيفيتن مان گذاري سندن گفتگو ۽ مڪالما ڪهڙي ريت سٽاءُ ۾ آڻبا آهن، مون کي انهي ٽيڪنڪ جي ذري به پروڙ نه هئي. بنيادي طور تي آءٌ ناول نگار آهيان به ڪونه....! نثر ۾ مضمون/ ڪالم لکيا آهن يا دل جون ڳالهيون ڪچين ڦڪين سٽن سان شاعري جي احساسن ۾ اُتاريون آهن. ها مگر ڪهاڻيون ۽ ناول پڙهڻ جو شوق ادبي دنيا ۾ پير پائڻ وقت کان ئي رهيو آهي. جنهن ۾ ڪرشن چندر، موهن ڪلپنا، امرتا پريتم، سراج، علي بابا، آغا سليم، سعادت حسن منٽو، امر جليل، نسيم کرل، نورالهنديٰ شاهه، ممتاز بخاري، زيب سنڌي، طارق عالم ابڙو، مهتاب محبوب ۽ ٻين جا لکيل ناول، ڪهاڻيون توڙي ليک منهنجي لاءِ هميشه اُتساهه جو سبب بڻنجندا رهيا آهن.
    هيءُ ناول مون کان ڪيئن لکجي ويو ۽ ايئن رواني سان لکجي ڪجهه ئي مهينن ۾ مڪمل ٿي ويو، ان جي پويان اگر ڪا ڪيفيت يا سگهه هئي جنهن مون کان اهو مڪمل ناول لکرايو ته آءٌ سڄو جو سڄو ڪريڊٽ هن ناول جي مرڪزي ڪردار ”وينا“ کي ڏيندس، جنهن مون کي اهو ناول اڻ پورو ڇڏڻ نٿي ڏنو. اهو ناول لکڻ ڪيئن شروع ڪيم ته اهو ڪريڊٽ آءٌ سنڌي جي انتهائي خوبصورت ليکڪ طارق عالم ابڙي کي ڏيندس، جو آءٌ سندس ناول ”رهجي ويل منظر“ پڙهي رهيو هوس ته الائي ڇو پنهنجي پهرين پيار جا سمورا عڪس چٽا ٿي اڀري پيا ۽ ذهن تي ماضي جا اهي سمورا پل تازا ٿيندا ٿي ويا ۽ خبر نه پئي الائي ڪهڙي مهل دل نينهن اڇل کاڌي ۽ ليپ ٽاپ جي ڪي.بورڊ تي آڱريون هيڏي هوڏي بي ساخته ڊوڙڻ لڳيون. مون ڏٺو ته ڪجهه ئي گهڙين ۾ ناول جا شروعاتي ورق آءٌ لکي ويو هوس ۽ پوءِ اهو سلسلو جڙندو ويو. هن ناول جي ڪهاڻي دل اندر جي احساسن جو اولڙو آهي، جيڪا اُڌما کائي اندر مان نڪري ناول جو روپ اختيار ڪري وئي.
    هن ناول جا سمورا ڪردار انتهائي ساده، ٻولي انتهائي سولي ۽ ساده فهم جيڪا عام ماڻهو کي به سمجهه ۾ اچي. مون هروڀرو جڙتو لفاظي کان ڪم نه ورتو آهي ۽ نه ئي وري غير ضروري منظر ۽ ڪردار گهڙي ناول جا پنا وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيڪو ڪجهه لکيو آهي بس نفيس جذبن ۽ پيار جي پويتر جذبي سان لکيو آهي. مون ناول جي ڪردارن سان ڪيترو نڀاهيو آهي ۽ ناول ڪيترو پختو لکي سگهيو آهيان اهو آءٌ ڇڏيان ٿو پڙهندڙن تي، ته هُو فيصلو ڪن پر مون کي اهو ضرور يقين آهي ته اڄ جي هر نوجوان کي هن ناول جي پيار ڪهاڻي ڪنهن نه ڪنهن ريت پنهنجي پيار ڪهاڻي لڳندي ۽ هو دانش ۽ وينا ۾ پنهنجي پيار جا عڪس ضرور ڳوليندو.
    هونئن به هر شخص جي دل ۾ پيار جا احساس ضرور هوندا آهن، ڪي اظهار ڪري وجهندا آهن، ڪي هڪ طرفي محبت ۾ ئي پناهه وٺندا آهن، ڪن جو پيار راس اچي ويندو آهي ته ڪن کي جدائي جا لمحا ڏسڻا پوندا آهن، لڳ ڀڳ سموريون پريم ڪهاڻيون ڪنهن نه ڪنهن ريت هڪ جهڙيون ٿيون لڳن. اهي ئي پيار جا لمحا، محبت جا اقرار، ٽهڪ، مسڪراهٽون، واعده وچن، روساما، پرچاءُ، هڪ ٻئي تا نثار ٿيڻ، زماني جون شڪايتون، معاشري جون بندشون يا وري پنهنجن طرفان گهاءُ، پوءِ ڏک، ڏاکڙا، سورن جا سلسلا، هجر ۽ جدائين جا طويل پيچرا ..... مطلب ته سموريون پريم ڪهاڻيون انهن ئي سلسلن تي جڙيل ٿيون لڳن، بس ڪردار ۽ زميني حقيقتون الڳ الڳ هجن ٿيون. تيئن هيءُ ڪهاڻي پڻ انهن ئي سلسلن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ محبتن جي ڇانوءَ به آهي ته زماني جون ستم ظريفيون به آهن، گڏ جيئڻ جا ويساهه به آهن ته جدا رهي هڪ ٻئي لاءِ جيئڻ جا جتن به آهن.
    يونيورسٽي جي آزاد فضائن ۾ پليل پيار ڪهاڻين تي ڪافي شاهڪار ناول لکجي چڪا آهن ۽ لکجن به پيا پر منهنجي خيال ۾ ڪاليج جي زماني ۾ اڀريل محبت جي جذبن تي لکيل شايد اهو پهريون ناول آهي، ٻن معصوم دلين جو پيار ڪيئن زماني جي رسمن جي ڀيٽ چڙهي ٿو، پر پوءِ به نوجوانن لاءِ اتساهيندڙ ڳالهه اها آهي ته هن ناول جا ٻئي مرڪزي ڪردار سماجي معاملن ۽ مصلحتن جي ڪري هڪ نه ٿيڻ باوجود به ڪنهن خودڪشي، ڪنهن نشيءَ، ڪنهن غير اخلاقي قدم ۾ پناهه نٿا وٺن، هڪ ٻئي سان ملي هڪ نه ٿيڻ باوجود به هڪ ٻئي جي خوشي لاءِ جيئن ٿا ۽ ثابت ٿا ڪن ته پيار ڪهاڻي جو ڪلاميڪس هيئن به ٿي سگهي ٿو.
    آءٌ جديد سنڌي شاعري جي انتهائي خوبصورت شاعر ۽ نثر نويس ايوب کوسو جو انتهائي دل سان شڪرگذار آهيان، جنهن هن ناول کي شروعاتي طور ڏٺو، اتساهيو، اصلاح به ڪئي ۽ مهاڳ پڻ لکي ڏنو. هن جيئن ۽ جهڙي انداز سان مون کي ۽ ناول کي ڏٺو ۽ پڙهيو ايئن ئي پنهنجي راءِ مهاڳ ۾ رکيائين، جيڪو هن جو هن جي قلم سان سچائي جو ثبوت آهي.
    آءٌ سائين شنڪر ساگر جو پڻ شڪرگذار آهيان جنهن پڻ پنهنجي مخلص صلاحن سان نوازيو ۽ پنهنجا تاثر لکي ڏنا. انتهائي مهربان ۽ پياري ماڻهو نورجوڻيجو جي مهرباني، جنهن سان ملاقات نه هجڻ باوجود به حجت ڪري ويٺم ۽ هن پياري ماڻهو خلوص دل سان تاثرات لکي موڪليا.
    سنڌ جا ٻه بهترين ليکڪ ۽ ناول نگار محترم سائين اسحاق انصاري صاحب ۽ جناب ممتاز بخاري صاحب، جنهن جا ناول پڻ سنڌ جي نوجوانن لاءِ اتساهه جو سبب بڻجندا رهيا آهن. ٻنهي مهربانن کي بيڪ ٽائيٽل جي لاءِ لکي ڏيڻ لاءِ چيم ٻنهي مهربانن مانائتي موٽ ڏيندي بيڪ ٽائيٽل لاءِ پنهنجا پئراگراف لکي موڪليا سندن وڏا وڙ.
    ٿڌڙين هوائن جي شهر حيدرآباد ۾ وسندڙ سنڌ جي نوجوان ليکڪا ۽ مضمون نگار مهوش عباسي پڻ ڪتاب جي بيڪ فليپر لاءِ پنهنجا ويچار لکي اُماڻيا سندس مهرباني. ٿر ڄائي نوجوان شاعر، سماجي اڳواڻ ۽ هميشه مرڪندڙ ۽ نوجوانن کي هميشه اُتساهيندڙ مهربان دوست پرتاب شواڻي جا پڻ وڏا قرب جنهن ڪتاب جي فرنٽ فليپر لاءِ پنهنجا خيال لکيا. منهنجن پيارن دوستن دليپ اَمر ۽ مڪيش راجا سوٽهڙ جون پڻ مهربانيون جن ڪتاب جي ٽائٽل، لي آئوٽ توڙي پروف جي دوران مدد ڪئي.
    آخر ۾ محترم سائين سعيد سومرو، ڪنول پبليڪيشن جو آءٌ انتهائي گهڻو شڪرگذار آهيان جنهن منهنجي ناول کي هن خوبصورت ڪتابي صورت ۾ آڻي توهان پڙهندڙن تائين پهچايو، اُميد ته توهان کي پسند ايندو.

    دليپ دوشي لوهاڻو
    مٺي، ٿرپارڪر
    e-mail: dileepdoshi2002@yahoo.com
    03332511104Cell:


    محبت جي تنهائي

    1

    اهو ڪاليج جو پهريون ڏينهن هو، آءٌ منهنجي دوستن ساحل ۽ راجا سان گڏ ڪاليج پهتس، مين روڊ واري دروازي مان جيئن اندر داخل ٿياسين، ته هڪ نئين تازگي محسوس ٿي. مين گيٽ کان اندر داخل ٿيندي ئي سرن جي ٺهيل پٿريلي روڊ جي ٻنهي پاسي نمن جا گهاٽا وڻ لڳل هئا، سموري پٿريلي روڊ تي اهي گهاٽا وڻ ڇانوَ ڪري بيٺا هئا. جنهن مان ٻور جي عجيب سڳنڌ اچي رهي هئي. پنڌ هلندي ئي اڳتي ٿوري مفاصلي تي ٻه منزلا بلڊنگ هئي، جنهن ۾ زولاجي جي ليب ۽ ڪمپيوٽر سيڪشن هو، ٿورو ئي اڳتي ڪاليج جي مين بلڊنگ هئي.
    ڏينهن پڄاڻان اسين اسڪول جا ڪافي دوست وري اسڪول جي موڪلن کان پوءِ اچي ڪاليج ۾ مليا هئاسين، ڪجهه نوان ڇوڪرا به ڏسڻ ۾ اچي رهيا هئا، جيڪي ٻين شهرن مان اسڪول جي پڙهائي مڪمل ڪري ڪاليج اچي پهتا هئا. تن ڏينهن ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو فقط هڪ ئي گڏيل ڪاليج هو، البت ڪلاس الڳ الڳ هلندا هئا.
    ڪاليج جي پهرين ڏينهن ئي نون آيل ڇوڪرن سان گڏ ٽين ايج جي نازڪ ۽ نفيس ڇوڪرين جا ميلا متل پڻ نظر اچي رهيا هئا ۽ سندس ٽهڪ ڪاليج جي عمارت جي ڪاريڊورن مان گونجي رهيا هئا.
    اڃان ڪلاس شروع ٿيڻ ۾ ڪجهه وقت هو، ان ڪري اسين هم خيال دوست ڪاليج جي گهاٽي نم جي ڀرسان ٺهيل ٿَلهي تي اچي ويٺاسين، جيڪا پوءِ سموري ڪاليجي عرصي دوران اسان جي مسقتل بيٺڪ بڻجي ويو هو.
    سيمينٽيڊ ٿلهو اصل ۾ اين.سي.سي ٽريننگ جي لاءِ ٺهيل هو، جنهن تي پاڪستان آرمي جا آفيسر ويهندا هئا ۽ سموري ايڪسرسائيز کي مانيٽر ڪندا هئا. اين.سي.سي ڪاليج جي پڙهائي جو هڪ شارٽ ڪورس هوندو هو، جنهن جون اضافي مارڪون هونديون هيون. جنهن وقت اسين ڪاليج ۾ آياسين ته ان کان هڪ ٻه سال پهرين اهو ڪورس بند ٿي چڪو هو. ان ڪري اسين اڪثر انهي ويران ٿيل ٿلهي تي ويهي ڪچهريون ڪندا هئاسين.
    ٿَلهي جي سامهون هڪڙو وسيع گرائونڊ هو، جيڪو صبح جي وقت اين.سي.سي جي ٽريننگ لاءِ ته شام جي وقت شاگردن لاءِ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي ڪم ايندو هو. انهي گرائونڊ ۾ هيلي پيڊ به ٺهيل هو، جنهن تي ملڪ جي اهم سرڪاري شخصيتن توڙي ٻين شهرن مان ايندڙ وي.آءِ.پيز جا هيلي ڪاپٽر لهندا هئا، جنهن ڪري اهو گرائونڊ ڪاليج جي هيلي گرائونڊ طور پڻ مشهور هوندو هو.
    ”ديپ هُو سامهون واري عمارت ڇا جي آهي؟“ ٿلهي تي ويهندي ئي راجا هٿ سان سامهون طرف اشارو ڪندي پڇيو.
    ”اها شاگردن جي رهائش لاءِ هاسٽل ٺهيل آهي، جتي ٻين شهرن توڙي ڳوٺن کان آيل شاگرد رهن ٿا“ مون کيس وراڻي ڏيندي چيو.
    ”ديپ! ڏي خبر... موڪلن وارو عرصو ڪيئن ۽ ڪٿي گذاريئي؟“ ڀرسان ويٺل منهنجي دوست ساحل منهنجي کاٻي ڪلهي کي پنهنجي ساڄي هٿ سان هلڪي ٿپڪي هڻندي چيو.
    ”مڙئي وقت گذري ويو... ڪا خاص مصروفيت نه هئي... بس ڪجهه ڪجهه بورنگ ... سمجهه ته ڏينهن ڳڻي پورا ڪيم.“ خفا ٿيندي مون کيس چيو.
    ”يار دِيپ! اصل ۾ ساحل، اسان کي ٻڌائڻ ٿو چاهي، ته هو موڪلن ۾ پنهنجي مامي جي گهر ڪراچيءَ ويو هو ... اُن ڪري هو پاڻ کي ٻڌائڻ ٿو چاهي ... آخر جو ملڪ جي وڏي شهر ۾ موڪلون انجواءِ ڪري آيو آهي.“ راجا ساحل تي ٺهه پهه ٽوڪ ڪندي چيو ... اسان سڀني کان بي ساخته ٽهڪڙا نڪري ويا.
    ”نه يار اهڙي ڳالهه ته ناهي، مون ته بس سنگت جا حال احوال پئي ورتا“. ساحل لڄارو ٿيندي چيو.
    سِج به ان وقت پوري زور سان چمڪي رهيو هو... بهار جي نئين آمد هئي... سج جا ڪِرڻا نمن جي ٻُور منجهان گذري اسان جي پاڇن ڪي ڪَٽي رهيا هئا...
    ”ڏاڍا گُلابن جا گُل لٿا آهن اڄ... هر طرف خوشبوءِ خوشبوءِ ... نازنين نيڻن جي چنچل ادائن سان ماحول واسجي ويو آهي.“ گهڙيءَ کن جي سانت کانپوءِ راجا، شرارت واري انداز ۾ ڪاليج جي ڪاريڊور ۾ ڇوڪرين طرف اشارو ڪندو چيو.
    ”يار اسڪول ختم ڪري ڪاليج پهتا آهيو، پوءِ به عادتون ۽ خيال ساڳيا جا ساڳيا.“ مون کين چڙ مان وراڻي ڏيندي چيو.
    مٺا سائين... اسڪول ۽ ڪاليج ۾ اهو ته فرق آهي! اسان وٽ ڇوڪرن جا الڳ اسڪول ۽ ڇوڪرين جا الڳ. رڳو ڇورن جا ٻُوٿ ڏسي ڏسي تنگ ٿي پيا هئاسين.“ ساحل راجا جي ڳالهه ۾ پنهنجي ڳالهه ڳنڍيندي چيو.
    ”ها يار... اهي ته صبح صبح منهن ئي نه ڌوئندا هئا... رڳو پاڻيءَ جا چار ڇنڊا منهن تي هڻي ڀڳا وتندا هئا اسڪول ڏانهن... توبهن....“ راجا منهن ۾ گهُنج آڻيندي چيو.
    ”خير اهڙي ڳالهه به ڪونه هئي ٻيلي، هَروڀرُو ٻين کي گندو ۽ پاڻ کي هيرو نه سمجهو.“ مون کين ڇڙٻ ڏيندي چيو.
    اسين گفتگو ۾ مصروف ئي هئا ته ايتري ۾ ڪاليج جي بيل وڳي ۽ سڀئي فرسٽ فلور تي ڪلاس ۾ وڃڻ لاءِ اُٿياسين.
    ــــ


    بريڪ جي وقت آءٌ ڪلاس کان ٻاهر اچي رهيو هوس ته ڪاريڊور جي هڪڙي ڪنڊ ۾ چند ڇوڪريون گفتگو ۾ مَحُو هيون. منهنجي نظر تِرڪي انهن مان سامهين بيٺل سنهڙي ڳچيءَ واري ڇوڪريءَ تي پئي ..... هلڪي پِنڪ ڪلر جي شانائتي لباس ۾ ملبوس هوءَ سونهن جي راڻي لڳي رهي هئي... سندس ڪاريون ڪجلاريون اکيون، گلاب جي پنکڙين جهڙا سنهڙا چَپَ، تيز ڌار وانگر نڪتل سهڻو نڪ، ڪپهه پوڻين جهڙا اُڀريل ڳَل، ننهن کان چوٽي تائين مون کيس ڏٺو... هوءَ ڄڻ ته ڪوهه قاف جي پرين جي راڻي لڳي رهي هئي... کيس ڏسندي ئي کن پل ۾ آءٌ سوچ جي گهري سمونڊ ۾ خيالي غوطا کائڻ لڳيس... شايد هن ڇوڪري کي ڪٿي ڏٺو آهي، پر ڪٿي؟ چهرو ته سڃاتل ٿو لڳي، پر وري به ڪير آهي؟ ذهن تي زور ڏيندي آءٌ وقت کي ڇهه سال پوئتي ڌڪي سائين هاشم جي ٽيوشن سينٽر تي وٺي ويس ۽ ماضي جي يادگيرين جي دز کي صاف ڪرڻ لڳس ته اچانڪ ذهن تي هڪ تصوير صاف ٿي اڀري آئي. اتي مون سان گڏ پڙهندڙ هڪڙي بي ڍولي ڇوڪريءَ، جنهن سان اڪثر ڳالهه ڳالهه تي لفظي جهيڙو ٿيندو هو. اوهه ماءِ گاڊ .....!! ڪٿي هُو بڇڙي ٿلهي گول مٽول ۽ ڪٿي هيءَ حُور جهڙي حسين ڇوڪري....!!
    آءٌ ايئن پنهنجي منهن سوچيندو، ڀُڻڪندو ويجهو پهتس ته واقعي حيرت جي ڪا حد نه رهي ته اها ئي ساڳين ڇوڪري هئي، ڏانهس نهاري مون کان بي ساخته وات مان سندس نانءُ اچارجي ويو. ”و ....ي .... ن ..... ا ...... وينا ......!!!“
    ساڳئي پل هُن پڻ مون ڏانهن تجسُس واري انداز ۾ نهاري چپن ئي چپن ۾ اچاريو. ”ديپ .....!!“ ۽ هلڪي مرڪ مُرڪي، شرميلي انداز سان نظرون جهڪائي ڇڏيائين.
    آءٌ مسڪرائيندو تعجب کائيندو ڪاريڊور ڪراس ڪندو چاڙهين کان هيٺ لهي آيس.
    بس آءٌ خيالن جي اڻ کُٽ حَسين دنيا ۾ پاڻ وڃائجي چڪو هوس... واهه خدا جي قدرت ...!! جواني به ڇا ڪمال جي شيءِ آهي. اها به عورت جي، الا ڇا هئي ۽ ڇا ٿي پئي آهي. ان ڏينهن آءٌ ڏاڍو خوش هوس... ڪيترن سالن کانپوءِ کيس انتهائي خوبصورت انداز ۾ وري ڏٺو هئم. ياد اچيم ٿو ته، ساڻس آخري وقت پنجين درجي جي ٽيوشن دوران گذريو هو.
    اسان جي پاسي، ڳوٺاڻي سماج ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا اسڪول الڳ الڳ هوندا آهن. ڳوٺاڻي سماج جا ننڍڙا شهر به انهن روايتن تي عمل پيرا آهن. اهڙي ريت اسين پڻ ٿر جي ننڍڙي ۽ گڍيءَ جي دامن ۾ واقع خوبصورت شهر ”مٺيءَ“ ۾ ئي رهندا هئاسين. اسان جا اسڪول الڳ الڳ هئا، پوءِ ڀي ٽيوشن تي گڏ هڪڙي ئي ڪلاس ۾ هڪڙي ئي استاد وٽ پڙهندا هئاسين. اڳتي وري وقت ۽ تعليم جي ڳولا لاءِ واٽون الڳ الڳ وٺڻيون پيون ..... تان جو وري کيس هاڻي ڏٺم....
    اسان ٻيئي پاڻ ۾ ٽيوشن جي ڪم تي ڏاڍو وڙهندا هئاسين. ان پويان سڄي هوڏ پهرين هوم ورڪ استاد کي ڏيکارڻ ۽ کانئس شاباس وصول ڪرڻ واري هئي. ڪڏهن ڪڏهن آءٌ مٿس گهڻي ڪاوڙ به ڪندو هئس ۽ هُو روئي سائينءَ کي شڪايت ڪندي هئي ۽ اهڙيءَ ريت اسان جي ڪاوڙ جو حساب ڪتاب ٿيندو هو.
    هوءَ روئندي مونکي ڏاڍي معصوم لڳندي هئي. گول مٽول چهري تان لڙڪ وهندا هئا ته پنهنجي ڪُرتي جي آڳر سان معصوم انداز سان لڙڪ صاف ڪندي مون کي پنهنجي کاٻي هٿ جي چيچ سان ”ڪَٽي“ جو اشارو ڪري ناراضگي جو اظهار ڪندي هئي. الائي ڇو ان سڀ جي باوجود ڪجهه ئي دير ۾ ٻيهر پاڻ ئي پرچي پوندي هئي.
    اسان ٻيئي ٽيوشن تي هڪڙي ئي بئنچ تي گڏ وهندا هئاسين. هوءَ پنهنجي لاءِ وٺي آيل ”شيءِ“ مون کي به کارائيندي هئي. گهڻو ڪري سوپاريون گهڻيون کائيندي هئي. جڏهن به سوپاري آڇيندي هئي ته کيس ”مٺيون سوپاريون ڇوڪريون کائينديون آهن“ چئي کيس تنگ ڪندو هئس ۽ هوءَ به غصو ڏيکاريندي هئي.
    ”تڏهن ئي توکي هيراڪ ڪري عادي ٿي ڪرڻ چاهيان... ۽ پوءِ تون به منهنجو مذاق نه اُڏائي سگهندين.“ هُو ٺهه پهه جواب ڏيندي هئي.
    ”هن عمر ۾ به وڏي ڪا چالاڪ آهين ٻيو ...!!“ آءٌ کيس حيرت واري انداز ۾ چوندو هوس.
    ”ڇوڪريون هونديون ئي چالاڪ آهن، ڇوڪرا موڳا مٽر هوندا آهن، بلڪل تو جهڙا....!“ هُو کِلندي مون تي اهڙيون چٿرون ڪندي هئي.
    ــــ


    ڪاليج جو ٻيو ڏينهن هو ۽ سينيئرس (انٽر ڪلاس جي شاگردن) طرفان نِيو ڪَمرس (فرسٽ ايئر جي شاگردن) جي لاءِ ويلڪَم پارٽي رٿيل هئي. ڪالهه پهرين ڏينهن تي پرنسپال، سڀني ليڪچرارن ۽ پروفيسرن طرفان انٽروڊڪٽري (تعارفي) ڪلاس هئا..... جن ۾ پروفيسرن طرفان شاگردن سان تعارفي گفتگو ڪئي وئي .... اسڪول ۽ ڪاليج جي ماحول ۽ حالتن بابت پئي سمجهايو.
    پارٽي لاءِ سڀئي شاگر آڊيٽوريم طرف وڃي رهيا هئا... اسان به اچي پهتاسين. منهنجي نظر هن هيڏي ساري ميلي ۾ هُن کي تلاشڻ لڳي ته اڄ آئي آهي يا نه .... اياز جي سِٽ جيان:
    ”ميلي ۾ تون تنها تنها ڪنهن کي ڳولين ٿو ....“
    ايئن سوچيندو ئي رهيس ته، کيس اڄ ڪهڙا ڪپڙا پاتل هوندا، ڪيترو سَجيل سنوريل هوندي؟ ڪالهه هيترن سالن کان پوءِ کيس سونهن پريءَ جي روپ ۾ ڏسي ڪري منهنجي دل الائي ڇو چاهيو ٿي ته کيس بار بار ويٺو ڏسجي ۽ بس لِڪي لِڪي کيس ڏسندو ئي رهجي.
    نيٺ پياسي نظر کي منزل ملي... منهنجي اندر جي مِرگهه ترشنا کي ڪنهن جي ڳولا جي رڻ ۾ ڪو جهرڻو نظر آيو... پري کان ئي نظر مٿس پيئي... محبوب جي سُندر احساسن سان ڀرپور حسين مسڪراهٽ مون تي پري کان ئي وِڄ جيان ڪڙڪي رهي هئي... ماشاءِالله... اڄ ته ڪلهه کان به وڌ خوبصورت، هلڪي آسماني رنگ جو ڪُڙتو ۽ اڇي رنگ جو پاجامو، سفيد هلڪو ڀرت ڀريل رَئو سندس ڪلهن تي لٽڪيل... هلڪو ميڪ اپ ۽ سنهڙي ڊگهي بِنديا سندس سونهن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا هئا. پنهنجين ساهيڙين سان ڳالهه ڳالهه تي سندس مُرڪڻ جي انداز ته سموري ماحول ۾ مُرڪن جا حسين پوپٽ پئي اُڏاريا.
    منهنجيءَ دل چيو پئي ته وڌي وڃي سندس سونهن کي سجدو ڪجي... سندس اکين ۾ عشق جي ڀيٽا نظر سان پيش ڪريان.... سندس ڪومل هٿڙن کي چُمڻ جي آس به وڌي رهي هئي... پر ايئن ممڪن نه هو.
    آءٌ پنهنجن شرارتي دوستن کان لِڪي آهستي آهستي ڇوڪرين طرف ويس... جيئن ئي سندس نظر مون تي پئي... هُن رئو نڪ تي ويڙهي ڇڏيو. ويجهو اچڻ تي صرف سندس متحرڪ اکيون ٿي ڏٺيون. هڪڙو رنگ پيارو، ٻيو ڪپڙا منهنجي پسند جي نيري رنگ جا... ڇوڪريون هال طرف وڃڻ لڳيون... هوءَ منهنجي ڀرسان لنگهي آهستي ٿي گذري وئي...
    آڊيٽوريم ۾ ڇوڪرين جي ويهڻ لاءِ ساڄي طرف جاءِ هئي ۽ ڇوڪرن لاءِ کاٻي طرف... آءٌ هڪ سيٽ تي وڃي ويٺس. هيڏيءَ رش ۾ به نظرن کي صرف هُن جي تلاش هئي. بار بار نگاهون سموري ڪرائوڊ کي ڪراس ڪري سندس نيڻن سان پئي مليون... سندس وجود سان ڪو ازل جو رشتو جڙي چڪو هيو... اکين جي پياس اُجهاڻي نٿي. هاڻي هُن به هر هر نظرون چورائي مون ڏي پئي نهارڻ شروع ڪيو هو... ته آءٌ به کيس ئي ڏسان پيو يا نه، پر جڏهن نينهن جا متلاشي نيڻ پاڻ ۾ مليا پئي ته سندس چهري جا تاثر ڏسڻ وٽان هيا.... حياءَ جا ڀئنور مڙي ٿي پيا ۽ عجيب خُوبرو ڪيفيتن جا رنگ سندس چهري تي بَکڻ لڳا هئا. هُن نه چاهيندي به نظرون پئي چورايون. پروگرام ختم ٿيڻ تائين اسان جي مستي جاري رهي هئي.
    ـــ


    2

    وقت جو وهڪرو پنهنجي جاءِ تي جاري رهيو... ڏينهن جو ڪاليج ۾ سندس ياد کانپوءِ راتيون به سندس خيالن جا انبار کڻي خوابن تي مهربان ٿيڻ لڳيون هيون... هڪ ڀيري آءٌ چوڏهين جي رات جو گهر جي اڱڻ ۾ کٽ تي ستل هوس ۽ چنڊ کي تڪي رهيو هوس... ڀٽائيءَ واري تشبيهه جيان اڄ مون کي به چنڊ هُن جي سونهن اڳيان ڪجهه تِڇ پئي لڳو. ڀانيم پئي ته چنڊ به کيس ڏسي شايد سندس سونهن تي ساڙ کائيندو هوندو. سوچي رهيو هوس... ڪائنات جو والي، ڇا ته ڪمال جو تخليڪار آهي! عورت کي ڪيڏو خوبصورت ٺاهيو اٿس. پوري محنت سان سموري جسم کي تراشيو آهي. هر انداز دلربا جي ديس جيان وڻندڙ ٿو لڳي. ڄڻ سونهن مقناطيس جو ڪو قسم هجي، جو سامهون واري کي پنهنجي پوري قوت سان پاڻ ڏي ڇڪي ٿي وٺي ۽ پنهنجي سحر ۾ ايئن جڪڙي ٿي جيئن ڀونئر گلاب جي گل جي سندرتا ڏي مڙي ٿو پوي، چڪور چنڊ جي حاصلات لاءِ جيءَ جان جي ڪوشش ٿو ڪري يا پروانو جان جي فڪر بنا شمع لاءِ جان ٿو قربان ڪري ڇڏي.
    پر سونهن ته عارضي آهي، عرصي لاءِ آهي. سونهن جي بقا ناهي، مستقل ناهي... پوءِ به انسان ان سونهن جي چاهنا ۾ ايڏو ڇو ٿو ڊوڙي؟ ڇا منزل انهي سونهن کي ماڻڻ هجي ٿي، يا انهي وجود کي ...! جنهن ۾ سونهن سمايل هجي ٿي يا وري انسان جي آخري منزل انهي خوبصورت وجود ۾ سمايل روح سان هجي ٿي، جنهن جي حاصلات لاءِ هو جيءَ جان جي بازي ٿو لڳائي ڇڏي.
    ”اهو سڀ ته ٺيڪ آهي، پر آءٌ ڀلا ‘وينا’ جي باري ۾ ايترو ڇو پيو سوچان؟ ڇهه سال پهريان به اها ساڳي هئي، کڻي سونهن ۾ هينئر سرس آهي... پر هئي ته اها ئي ساڳي... پر ان وقت ته اهڙو ڪوبه احساس من ۾ جاڳيل ته نه هو.“ مون پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيو.
    ”ڏهن يارنهن سالن جي ڇوڪري، ڇوڪريءَ کي ٿورو ئي سونهن، محبت، پيار جي خبر هوندي آهي، تڏهن ته ٻاراڻا خيال هئا، هاڻي جي ڳالهه ٻي هوندي.“ مون من ئي من ۾ پنهنجو پاڻ کي تسليءَ وارو جواب ڏنو هو.
    ”پر پنجن ڇهن سالن جي عرصي ۾ ته انسان جا خيال ئي بدلجي ٿا وڃن.... واسطا، رشتا، احساس، محبتون سڀ تبديل ٿي ٿيون وڃن. اُهو ٻاراڻو کِل مذاق وارو وقت هيو، جيڪو وقت جي دز ۾ لٽجي ويو هوندو! هاڻي ته نوخيز جوانيءَ جي سانوڻ جي ڀرپور مند جاري آهي. هاڻي ته سندس سوچ ۾ ئي فرق اچي ويو هوندو، منهنجي لاءِ سندس سوچ ئي تبديل ٿي ويئي هوندي“ مون پنهنجو پاڻ کي سمجهاڻي ڏيندي چيو.
    ”ٿي سگهي ٿو ته سندس زندگي ۾ هاڻي ٻيو ڪير شامل ٿي ويو هجي، جنهن جي اهميت مون کان وڌيڪ هجي .... ٿي سگهي ٿو ته هاڻي سندس دل ٻي ڪنهن لاءِ ڌڙڪندي هجي“ عجيب غريب سوال منهنجي من کي وياڪُل ڪري رهيا هئا.
    وري سوال، وري جواب، انهي سوالن جوابن ۾ ڪهڙي وقت ننڊ اچي ويئي پتو ئي نه پيم.
    ـــ


    هُن کي ڪاليج ۾ نه ڏسي ڪري پڇا ڪيم ته، خبر پيئم ته اڄ هُوءَ ڪاليج نه آئي آهي. معلوم ٿيو ته کيس بخار ۽ زڪام ٿي پيو آهي. اهو ٻڌي منهنجو جسم به مون کي گرم محسوس ٿيڻ لڳو هو. دل جي دل سان راهه ته ٻڌي هئي، پر ڇا جسم جي جسم سان به ڪا راهه ٿيندي آهي ڇا؟ جو آءٌ پنهنجو پاڻ کي گرم محسوس ڪرڻ لڳو هوس. اها منهنجي خام خيالي ته نه هئي، شايد کيس بخار اچڻ واري خبر کي آءٌ پاڻ تي ايڏو حاوي ڪري ويو هوس، جو آءٌ پڻ پاڻ کي بيمار محسوس ڪرڻ لڳو هوس.
    ”ساحل منهنجي ڪرائيءَ کي تپاسي ڏس، ڇا منهنجو جسم گرم محسوس ٿئي ٿو ؟“ مون پنهنجي دوست ساحل کي چيو.
    ”نه بلڪل به نه ....!“ ساحل ڪرائيءَ تي هٿ رکي چيو.
    ”پوءِ ڀلا آءٌ پاڻ کي هڪدم بخاريل ڇو محسوس ڪري رهيو آهيان. خبر ٻڌي شايد دماغ کي شاڪ ته نه لڳو آهي، انهي ڪري آءٌ پاڻ کي ايئن محسوس پيو ڪريان.“ مون پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيو.
    ”ٻه ڏينهن اڳ ته صحيح هئي، اڄ وري ڇا ٿي پيس... ايئن ڪيئن بخار اچي ويو؟“ منهنجي واتان لفظ بي اختيار نڪري پيا.
    ”بخار اهو وري ڪنهن کي.....؟؟“ ساحل عجب وچان پڇڻ لڳو.
    ”ڪنهن کي به نه ...!!“ مون ڪنڌ ڦيرائي ڳالهه کي ٽاري ڇڏي.
    ”اڙي يار تون ته ٻه ڏينهن اڳ ڪاليج آيو ئي نه هئين. هن جي پرائمري اسڪول جي وقت ٽيوشن تي گڏ پڙهندڙ ڪا دوست آهي، ان پنهنجي هن ئي ڪاليج ۾ داخلا ورتي آهي، سو سائين صفا گهايل لڳو پيو آهي.“ راجا منهنجي ڳالهه کي مڪمل سمجهندي ساحل کي جواب ڏيندي چيو.
    ”اوه اوه ... واهه ... اسان کي عشق بازيءَ کان پري ٿيڻ جا وڏا وڏا ليڪچر ۽ پاڻ وري انهيءَ لائين ۾ اسان کان به اڳتي .... يه تو کُلا تضاد هي بهئي...“ ساحل مستيءَ ۾ راجا ڏي مرڪندي چيو.
    ”هاڻي اهڙي به ڪا ڳالهه ناهي، بس ايئن ئي پئي پڇيم. اسڪول جي دوست هئي، هاڻي ته سالن کان دعا سلام به ناهي. بس خبر پيئي ته پڇيم باقي خير آهي.“ مون دوستن کي پنهنجو ڀَرم برقرار رکندي چيو.
    ”دوست ته اسين به آهيون، پر منهنجي بيماري جو ته ڪڏهن نه پڇيو آهي؟ اها خاص عنايت صرف صنف نازڪ تي ڇو ڀلا..؟؟“ ساحل ڳالهه جو مزو وٺندي چيو.
    ”اڙي يار ڇڏ يَخِي کي، هل ته ڪلاس هلون.“ مون بيزاريءَ وچان کيس چيو.
    ”دوستن کي ته ڳالهين سان مطمئن ڪري ڇڏيو، پر دل کي ڪير سمجهائي؟ جيءُ لُڇڻ لڳو ته ڪيئن سندس خبر چار وٺجي، ته هاڻي طبيعت ڪيئن آهي.... اوستائين دل کي سڪون نه ايندو“آءٌ من ئي من ۾ سوچڻ لڳس.
    نيٺ ڪاليج مان موڪل مهل، وينا جي پاڙيسري ۽ سندس سڀ کان ويجهي ساهيئڙيءَ ڪومل کي سَڏي پڇيم ”وينا کي بخار آهي ڇا؟“
    ”تون ڇو ٿو پڇين؟ ۽ آءٌ توکي ڇو ٻڌايان؟“ ڪومل رُکي انداز ۾ چيو.
    ”پليز ايترو ته ٻڌايو ته هاڻ سندس طبيعت ڪيئن آهي؟“ مون منٿ ڪندي چيو.
    ”مون کي ناهي خبر..! عجيب ڇوڪرو آهين، ايئن پَراين ڇوڪرين جو ٿو پُڇين؟ پرنسپال کي شڪايت ڪيان؟“ ڪومل انتهائي سخت لهجي ۾ وراڻي ڏيئي پنهنجين سهيلين سان گڏ رڪشا ۾ ويهي گهر ڏانهن رواني ٿي وئي.
    وينا جي سهيليءَ جي ايڏي بي رُخيءَ تي مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. دل چيو پئي ته ڪنهن نم جي ٿڙ سان مٿو ٽڪرايان... ڀلا ٻڌائڻ ۾ کيس ڇا ٿي ٿيو... جي صحيح جواب ڏيئي ها ته ڇا ٿي وڃيس ها؟ ڪهڙو آسمان ڪري پوي ها؟
    ”هل مجنا... ڇڏ هن مغرور ڇوڪريءَ کي... پاڻ پتو ڪري ٿا وٺون، هليا ....“ ساحل مون کي ليلا واري مجني جو خطاب ڏئي مون کي ٻانهن کان ڇڪيندي چيو.
    ـــ

    آءٌ ٻئي ڏينهن ڪاليج جي اڱڻ ۾ بيٺل گهاٽي نم جي اوٽ ۾ ويٺو سوچن جي سنسار ۾ گم هوس. سموري رات وينا ۽ سندس طبيعت جي باري ۾ سوچي ننڊ نه ڪرڻ ڪري اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون هئم. ننڊاکڙا نيڻ ڄڻ روزاني پياڪ وانگر مدهوش لڳي رهيا هئا. بس من اندر ۾ هڪڙي ئي سوچ هئي ته هاڻي طبيعت الائي ڪيئن آهي؟ هن جي باري ۾ ڪنهن کان پڇان؟ ڪيئن پتو ڪيان؟ سندس سهيلي آخري آسرو هئي جنهن کان معلوم ٿي سگهي ها.... سا به انڪار واري هلي ويئي هاڻ ته ٻيو ڪو آسرو ئي ناهي، جو هُن جي باري ۾ پتو لڳي سگهي...!
    ”هيلو ديپ .... ڪيئن آهيو؟“ آءٌ پنهنجي آس پاس جي ماحول کان بي نياز پنهنجي خيالن ۾ گُم هوس. سو اچانڪ ڪنهن آواز تي آءٌ هلڪو ڇِرڪ ڀري سوچن جي دنيا مان نڪري آيس ۽ ڏٺم ته سامهون وينا جي ڪلهه واري ساڳئي سهيلي ڪومل بيٺي هئي.
    کيس ڏسي آءٌ ويتر پريشان ٿي ويس ته هيءَ شايد ڪلهه واري شڪايت اڄ پرنسپال کي ڪرڻ واري هئي. انهي ڪري مون کي وارننگ ڏيڻ آئي هوندي. هُو ڪجهه چوي، تنهن کان اڳ ئي معاملي کي لئي مِٽيءَ ڪرڻ لاءِ مون کيس چيو:
    ”ڏسو مون توهان کي ڪلهه ئي سوري ڪري ڇڏي هئي... چئو ته وري به معذرت ڪيان ٿو. پليز ڳالهه کي نه وڌايو.“ مون معصوماڻي انداز ۾ کيس چيو.
    ”اڙي نه ڙي...! آءٌ توهان سان ناراضگي جو اظهار ڪرڻ نه آئي آهيان، بلڪه آءٌ توهان سان ڪلهه واري منهنجي رويي تي پاڻ معذرت ڪرڻ آئي آهيان.“ سنجيده طبيعت رکندڙ ڪومل چهري تي مسڪراهٽ آڻيندي چيو.
    ”اصل ۾ غلطي منهنجي ئي آهي. مون کي ايئن سڀني جي سامهون ڪنهن جي باري ۾ پُڇڻ هرگز نه گُهربو هو.“ مون کيس وري به پشيمان ٿيندي چيو.
    ”ها ڳالهه ته اِها ٺيڪ آهي، پر مون پاران فوراً جذباتي ٿي توهان کي ڇڙٻ ڏيڻ به درست نه هيو... مگر ڇا ڪيان! مون کي ان وقت سمجهه ۾ ئي ڪجهه نه آيو، ۽ مون تڪڙو پنهنجو ردعمل ظاهر ڪري ڇڏيو“. ڪومل وضاحتي جواب ڏيندي چيو.
    ”ها بلڪل توهان پنهنجي جاءِ تي صحيح آهيو.“ مون سندس ڳالهه کي وزن ڏيندي چيو.
    ”ڏسو نه، هڪ اڻ ڄاڻ ڇوڪرو مون کان اچي ايئن منهنجي سهيلي بابت پڇا ڪري. آءٌ ڪنهن جي باري ۾ ايئن ڪيئن ٻڌايان؟“ ڪومل پنهنجي ڳالهه کي اڃان وڌيڪ وزندار بڻائڻ لاءِ دليل ڏيندي چيو.
    ”بيشڪ ڪومل، توهان بلڪل صحيح آهيو، آءٌ پنهنجي ڪيل انهي غلطيءَ تي پڇتائي رهيو آهيان.“ مون وري معذرت خواهه انداز ۾ چيو.
    ”خير ٺيڪ آهي، هاڻي انهي ڳالهه کي دَرگُذر ٿا ڪيون.“ ڪومل معاملي کي ختم ڪندي چيو.
    ”بلڪل آءٌ به اهو ئي ٿو چاهيان ۽ وري به توهان کان معذرت به ڪريان ٿو.“ مون ڳالهه کي ختم ڪندي چيو.
    ”آءٌ ڪلهه شام وينا جي گهر ويئي هوس. توهان سندس طبيعت پڇي هئي، ان جي باري ۾ کيس ٻڌايم ۽ پنهنجي رويي جي ڳالهه پڻ هن سان شيئر ڪيم“ ڪومل ٻڌائڻ لڳي.
    ”اَڇا ... اَڇا .... پوءِ وينا جو ڇا ردعمل هو؟“ مون تَجسُس واري انداز ۾ پڇيو.
    ”مون پاران توهان سان غصو ڪرڻ واري حرڪت تي وينا سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو. ان ڪري ئي اڄ آءٌ توهان وٽ هلي اچي معذرت ڪرڻ آئي آهيان.“ ڪومل اڄوڪي معذرت جو پس منظر بيان ڪندي چيو.
    ”اوهه سوري..... خوام خواهه منهنجي ڪري توهان دوستن جي وچ ۾ تلخي ٿي پئي.“ ٻاهر چهري تي معذرت وارو تاثر آڻيندي کيس چيم. مگر دل ۾ خوش ٿيڻ لڳس ته، وينا منهنجي ڪري هن تي ڪاوڙ ڪئي هئي.
    ”نه نه اهڙي ڪا تلخي ته نه ٿي آهي. مگر هُن چيو ته مونکي توهان سان اهڙو رويو نه اختيار ڪرڻ کپندو هو.... ۽ هن اڳتي لاءِ به توهان سان صحيح نموني سان پيش اچڻ لاءِ مون کي هدايت ڪئي آهي.“ ڪومل ڳالهه کي واضح ڪندي چيو.
    ”خير پاڻ انهي ڳالهه کي ئي وساري ٿا ڇڏيون. بس سڀئي تلخيون ۽ غلط فهميون ختم ٿا ڪري ڇڏيون.“ مون کيس تسلي ڏيندي چيو.
    ”ها بلڪل صحيح“ ڪومل پڻ هاڪاري انداز ۾ وراڻيو.
    ”مگر توهان وينا جي طبيعت جي باري ۾ ته نه ٻڌايو؟“ مون اصل ڳالهه تي ايندي پڇيو.
    ”هاڻي وينا جي طبيعت بهتر آهي، ڊاڪٽر کي ڏيکاريو اٿائين. کيس موسمي بخار آهي. اڄ ته ڪافي بهتر آهي. ڪمزوريءَ جي ڪري ڊاڪٽر اڄ آرام ڪرڻ لاءِ چيو آهي مگر سڀاڻي ڪاليج اچي ويندي.“ ڪومل وينا جي طبيعت جي باري ۾ سموري وضاحت ڪندي ٻڌايو.
    وينا جي طبيعت جي بهتري جو ٻڌي، رات واري سموري اوجاڳي جا ٿڪ ئي لهي پيا، ڄڻ جسم ۾ نئون ساهه پئجي ويو. خوشي ۾ دل چيو پئي ٽپا ڏيئي ڊانس ڪري خوشي جو اظهار ڪيان، پر جلدي ئي پنهنجن جذبن تي قابو پائيندي چيم، ” مالڪ بهتر ڪندو، جلد صحتياب ٿي ويندي.“
    ”چڱو هاڻي آءٌ هلان ٿي“ پوءِ ڪومل مون کان موڪلائيندي ڪاليج جي فرسٽ فلور تي پنهنجي ڪلاس ڏانهن وڃڻ لڳي.
    ڪجهه دير بعد ڪاليج جي بيل وڳي، آءٌ پڻ پنهنجي ڪلاس روم طرف هليو آيس.
    ـــ


    3

    آءٌ حسب معمول پرنسپال آفيس جي ساڄي پاسي ٺهيل ٿلهي جي ڀرسان گهاٽي نم کي ٽيڪ ڏيئي ڪيميسٽري جي نوٽس ڏسڻ ۾ مگن هوس. ايتري ۾ رڪشا مان وينا ۽ سندس سرتيءَ لٿيون. وينا مون ڏي مسرت ڀرين نگاهن سان ڏٺو ۽ اکين سان پاڻ ڏي اچڻ جو اشارو ڪيائين. آءٌ وڌي وڃي هن وٽ پهتس.
    ”هيلو وينا ڪيئن آهيو، توهان جي طبيعت ڪيئن آهي هاڻي...؟“ مون وٽس پهچندي شرط ئي صحت جي باري ۾ پڇيو.
    ”هاڻي ڪجهه بهتر آهي، بس بخار جي ڪري ٿوري ڪمزوري آهي، باقي طبيعت نارمل آهي.“ هن تسلي سان پنهنجي طبيعت جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو.
    واقعي به ڪمزوري سندس چهري مان ٻکجي رهي هئي، اماٽيل اکيون، خشڪ چپ ۽ اجهاميل چهرو ..... ٻن ڏينهن ۾ بخار ڪومل جسم کي ڪيڏو ڳاري ڇڏيو هو...
    ”مالڪ بهتر ڪندو ۽ توهان جلد صحتياب ٿي ويندوء.“ مون کيس آٿت ڏيندي چيو.
    ”ڪومل جي ڪيل غلط ورتاءُ تي آءٌ معذرت ٿي ڪيان، هن کي ايئن نه ڪرڻ کپندو هو.“ وينا معذرت خواهه لهجي ۾ چيو.
    ”نه، نه اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي، ڪومل معذرت ڪري چڪي آهي ۽ اهو سڀ اڻ ڄاڻائي سبب ٿيو. اسان ٻيئي انهي ڳالهه کي درگذر ڪري چڪا آهيون.“ مون ڪومل ڏي اشارو ڪندي چيو.
    ”ها وينا بلڪل آءٌ ڪلهه معذرت ڪري چڪي آهيان ۽ هاڻي ڪابه غلط فهمي ناهي“ ڪومل تصديق ڪندي چيو.
    ”پر پوءِ به اهو سڀ منهنجي ڪري ئي ٿيو، تنهنڪري منهنجي طرفان پڻ معافي وٺڻ ٺهي ٿي.“ وينا اسان سان مخاطب ٿيندي چيو.
    ”پليز اسان کي شرمندو نه ڪريو، برو سپنو سمجهي ڳالهه کي وساري ڇڏيو.“ مون کيس زور ڀريندي چيو.
    ”هڪڙي شرط تي ..!!“ وينا شرارت مان چيو.
    ”ها ٻڌايو ڪهڙي شرط؟“ ڪومل ڪجهه چوي تنهن کان اڳ مون کانئس پڇي ورتو.
    ”هاف بريڪ وقت اڄوڪي ريفريشمينٽ ۾ پيٽيسن ۽ ڪولڊ ڊرنڪ جو خرچ ڪومل ڀريندي.“ وينا کلندي ڪومل کي تنگ ڪندي چيو.
    ”مون کي اهو شرط قبول آهي.“ ڪومل هاڪاري جواب ڏيندي چيو.
    ”نه، نه توهان ڇو ڀريندا؟ آءٌ به انهي خطا ۾ برابر جو شريڪ آهيان، سو سمورو خرچ منهنجي طرفان...“ مون وضاحت ڪندي چيو.
    ”بلڪل به نه، ليڊيز فرسٽ ..... سو اڄوڪو خرچ منهنجو“ ڪومل حق جتائيندي چيو.
    ”ته پوءِ سڀاڻي هاف بريڪ جي وقت پيٽيس ۽ ڪولڊ ڊرنڪ منهنجي طرفان....؟ قبول؟“ مون پنهنجو شرط رکندي ٻنهي سهيلين کان پڇيو.
    ”اوڪي، ٺيڪ آ، ايئن بهتر آهي.“ وينا معاملي کي نبيريندي چيو.
    ”چڱو هاف ٽائيم ۾ ملنداسين، ڪلاس جو وقت ٿيڻ وارو آهي“، وينا ۽ سندس سهيليون مون کان موڪلائيندي ڪلاس طرف وڃڻ لڳيون.
    ـــ


    آءٌ هيٺ ڪاليج جي اڱڻ ۾ ئي بيٺو هوس، ته ڪنهن فرسٽ فلور تان ننڍڙيءَ ڪڪري مون تي اُڇلي، مون ڇرڪ ڀري مٿي ڏٺو ته وينا جي سهيلي ڪومل هئي، جنهن هٿ جي اشاري سان مون کي مٿي اچڻ لاءِ چيو.
    آءٌ مٿي پهتس ته هوءَ ۽ ڪومل فرسٽ فلور جي ڪاريڊور ۾ بيٺل هيون، پوءِ اسان ٽيئي ڄڻا سيڙهيون چڙهندا ڪاليج جي ڇت تي وڃي ويٺاسين.
    ”توهان مون کي هتي ڇو سڏايو؟“ مون سوال ڪندي چيو.
    ”پهرين ڳالهه اها ته تون مونکي توهان ...... توهان نه چوندو ڪر يار، توهان سان بزرگي جو احساس ٿو ٿئي. . پاڻ ته هڪجيڏا آهيون نه...“ وينا مون کي چتائيندي چيو.
    ”اوڪي، اوڪي نه چوندس پر هتي ايئن ڇو گهرايو؟“ مون وري به پنهنجي سوال کي دهرايو.
    ”اڙي پاڳل، ڪاليج جا ڇورا ڇتا آهن وينا سان ڳالهائڻ لاءِ.... پر هن توکي پاڻ سڏايو ته نخرا ٿو ڪرين.“ ڪومل مون تي ٽوڪ ڪندي چيو.
    ”اها ڳالهه ناهي، پر هتي ايئن ويهڻ صحيح نٿو لڳي، ان ڪري ٿو چوان.“ مون وضاحت ڪندي چيو.
    ”تون پريشان نه ٿي، بس ايئن هيٺ رش ۾ تنگ پئي ٿياسين، ته سوچيو مٿي هلي ايڪانت ۾ ڪچهري ڪجي.“ وينا مڪمل ڳالهه واضح ڪندي چيو.
    ”اڇا صحيح، مطلب ٽائيم پاس .....“ مون مسڪرائيندي چيو.
    ”هاها.... ها ....هاها..... اڙي نه يار تون ٽائيم پاس ناهين، مگر ڪچهري ڪري ٽائيم کي ٿا پاس ڪريون.“ وينا کلندي وضاحت ڪندي چيو.
    ”آءِ نو، آءِ واز جسٽ ڪڊنگ ....“ مون کلندي چيو.
    ڪاليج جي ڇت تي هئاسين... سج ان وقت پوري زور سان چمڪي رهيو هو... پرنسپال آفيس جي اڳيان گلن جي وڏي قطار هوندي هئي... ڇت تان سڌي نظر ايندي هئي... اسين ڳالهيون ڪندي گلن کي ڏسي رهيا هئاسين... گل به سج جي روشنيءَ ۾ الڳ الڳ رنگن ۾ پئي چمڪيا.. ۽ هوا جي جهونڪي سان پي جهوميا.... ڄڻ اسان جي ملاقات جي خوشيءَ جا گيت پي ڳاتائون... مان سچ پچ حيران ٿي ويس ۽ پنهنجي اکين تي به اعتبار ڪونه پئي آيو... ته اڄ وينا پاڻ ئي مون کي ملاقات لاءِ گهرائيندي...
    پوءِ روز هاف بريڪ ۾ ملاقاتون، ڪچهريون، حجتون .... ايئن سلسلو وڌندو ويو.
    اهڙيءَ ريت اسان جي، يادن، ملاقاتن ۽ ڪچهرين جو سلسلو شروع ٿيو... پيار ۽ پيار جي مُکا ميلي جهڙي خوبصورت شيءِ دنيا ۾ ٻي ٿي نه ٿي سگهي... شروع ۾ صرف ڪاليج تائين، پوءِ ڪومل وارن جي اوطاق تي اسان جو ملڻ معمول بڻجي چڪو هو. اسين پيار جي پاڇولن ۾ محبت جو وقت ڀرپور خوشيءَ سان گذارڻ لڳاسين.
    ڪومل جنهن جو والد گذاري چڪو هو، گهر ۾ ماءُ، ڀاءُ ۽ ڀاڄائي هئا، ڀاءُ جو ٻيءَ شهر ۾ دڪان هو، انڪري گهر ۾ صرف ڪومل، سندس ڀاڄائي ۽ ماءُ هوندي هئي. وينا شام جي وقت روز ڪومل جي گهر پڙهڻ جي بهاني سان اچڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ اتي اسان مسلسل ملڻ شروع ڪيو. اسان جي ملاقات جون ڪومل ۽ سندس ڀاڄائي رازدار هيون.
    ڏسندي ئي ڏسندي ملاقاتون، حجتون ڪيئن پيار ۾ تبديل ٿي ويون پتو ئي نه پيو، پوءِ ته هڪ پل، هڪ گهڙي به پري رهڻ محال بڻجي چڪو هو. روز پهرين ڪاليج، پوءِ هاف بريڪ ۽ شام جي وقت ڪومل جي گهر ملڻ معمول بڻجي چڪو هو.
    ـــ


    ان ڏينهن هوءَ شام جو معمول کان وڌيڪ پاڻ کي سجائي سنواري ڪومل جي گهر آئي هئي. ڳاڙهي جوڙي ۾ ڪنوار جيان لڳي رهي هئي. ان ڏينهن هُن ڪومل کي، اسان ٻنهي کي ڪجهه وقت اڪيلو ڇڏڻ لاءِ چيو هو ۽ ڪومل به اسان کي اوطاق ۾ اڪيلو ڇڏي گهر هلي وئي هئي.
    هاڻيءَ هوءَ شرميلي چهري سان خاموش نگاهن سان دريءَ مان ٻاهر گڊي ڀِٽ کي ڏسي رهي هئي... سندس ڇڪيندڙ نظرون ۽ پُر سحر اکيون مون کي ڇڪي رهيون هيون. ايڏي ڇڪ انهن ۾ هئي، جو ذري گهٽ مون تي ديوانگي طاري ٿي چڪي هئي. گهڙيءَ جون سيون صدين کان بيٺل ٿي ڏٺم.... وقت جي رفتار بيهي چڪي هئي. هر هر هن ڏي ڏسي رهيو هوس... ڪافي منٽن تائين اهو منظر جاري رهيو. ائين لڳي رهيو هو ڄڻ سرڳ لوڪ جون اپسرائون به سندس سونهن اڳيان شرمائي رهيون هجن... سندس نماڻيون اکيون اک ڇنڀ ۾ ڪائنات کي لوڏي ڇڏڻ جهڙيون لڳي رهيون هئم. سندس ڪارا ڀنڀا وار کليل هئا، جيڪي سندس ڪنن ۾ پيل ڊگهين والين سان راند کيڏي رهيا هئا، ته سندس اڌ چهرو ڍَڪي بيٺا هئا. سندس سرخ چپ ۽ گلابي ڳل به محبت جا متلاشي لڳي رهيا هئا. سندس نوخيز وجود ڄڻ مون کي پنهنجين ٻانهن ۾ ڀرڻ لاءِ آتو هجي! هيڏانهن آءٌ به سندس اهڙي تاب کي برداشت نه ڪري سگهيو هوس ۽ سگهو ئي وڃي سندس ٻانهن ۾ پناهه ورتم. پاڻ کي آپي کان ٻاهر نڪرندو محسوس ڪري رهيو هوس... ۽ منهنجا هٿ، هُن جي جسم جي هماليه تي هٿ چراند ڪرڻ لڳا هئا. مون کي ايڏو مضبوطيءَ سان جڪڙي رکيو هئائين، ڄڻ کيس ڪنهن پناهه جي تلاش هئي. هُوءَ هن وشال دنيا جي گولي تي ڪنهن محبت جي ساٿيءَ جي متلاشي هئي، جيڪو کيس سنڀالي سگهي ۽ کيس سمجهي سگهي.
    اسان پيار جي پياس هڪٻئي جي اکين ۾ ڏسي اُجهائي رهيا هئاسين. ان ڏينهن اسان ٻنهي هڪ ٻئي کي پاڻ ارپڻ جو واعدو ڪيو هو... ۽ اسان ٻنهي هڪ ٻئي جي وجود تي پيار جا آثار ڇڏيا هئا. منهنجون سوچون، منهنجا ويچار دم ٽوڙي چڪا هئا. منهنجي سمجهه، منهنجو عقل، منهنجو ساٿ ڇڏي چڪا هئا. بنهه بي سمجهڻ واريون حرڪتون شروع ڪري ڏنيون هيم.
    اچانڪ اوطاق جي دروازي تي گهر واري پاسي کان دستڪ ٿي. ڪومل جو آواز آيو، ”وينا تنهنجي گهر کان فون آئي آهي، جلدي اچڻ لاءِ چيو اٿن.“
    “ها بس پنج منٽ ڪومل...” سندس جسم ۾ اچانڪ ڦڙتي اچي وئي هئي ۽ هوءَ جلدي کٽ تان اٿي، منهن ڌوئي، وار سنواري گهر هلي وئي ۽ آءٌ پنهنجي گهر طرف نڪري آيس.
    انهن گهڙين جي خمار ۾ گم سم، پتو ناهي ڪيئن گهر پهتس.... اهو هوش نه هوم ته ڇا پيو کاوان، ڇا پيو ڏسان.... ڇا پيو ڪريان... دماغ، اهو تصور وري وري پئي ورجائڻ چاهيو. دل، مستي ۽ عجيب خوشيءَ مان ڇلڪي رهي هئي... نه ئي نه ٿي آئي. ان رات ڪيترائي ڀيرا ننڊ مان جاڳي پيو هئس. جاڳندي به منهنجي دل ۽ دماغ ۾ هوءَ سمايل هئي ته سپنن جي سورمي به بڻجي چڪي هئي...
    ـــ


    هڪ ڏينهن آچر تي گهر ۾ آءٌ اڪيلو پنهنجي ڪمري ۾ ڪو ڪم ڪري رهيو هوس ۽ هُن جي پسند جي گائڪه لتا منگيشڪر جا ڪلام هلي رهيا هئا. مون اڄ تائين جڏهن به سندس ڪمي محسوس ڪئي آهي ۽ جڏهن به پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو آهيان ته هُن جي پسند جي شين کي ويجهو ڪري تنهائيءَ کي مات ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.
    آچر جي ڏينهن موڪل جي ڪري ڪاليج ۾ هن سان ملي نه سگهبو هو. ساڻس نه ملي سگهڻ پاڻ لاءِ ڪيڏو نه عذاب هو . آچر جي ڏينهن پڙهائيءَ جي بهاني سان هوءَ ڪومل جي گهر به ته نٿي اچي سگهندي هئي. سو اهو ويري ۽ بي رحم ڏينهن هر هفتي اسان کي جدائيءَ جا زخم ڏيندو هو. هي هڪڙو ڏينهن اسين ورهين جي وڇوڙي وانگي ڪاٽيندا هئاسين. ٻنهيءَ جي ڪيفيت ڪجهه هن ريت هوندي هئي:
    ”ساجن بجڙي ايڪ دن هوئا، مين جانون برس پچاس،
    ڀُولي پُوڇون پنڊت نان، ايڪ دن ۾ ڪتني ماس؟”
    هُن جي يادن جي وِير وري هئي ۽ آءٌ کيس لتا جي ڪلامن ۾ ڳولي رهيو هُئس. مون وٽ هُن جي پسند جون ڏنل لتا جون ڪيسٽون ساهه کان وڌ محفوظ آهن ۽ جڏهن هُن جي ياد ايندي آهي ته انهن ڪيسٽن کي ڇهندو آهيان ڇو جو انهي ڪيسٽن تي مون کي هُن جي هٿن جو ڇهاءُ محسوس ٿئي ٿو.
    بس پوءِ دل چيو ته سڀ ڪم ڇڏي کيس خط لکي کيس لفظن جي ڀيٽا ڏيان، پر لفظ ساٿ ئي نه پيا ڏين، مون وٽ سندس تعريف لاءِ سندس سونهن سريکا لفظ ئي نه هيا، جن سان سندس تعريف لکي سگهان. آءٌ اهي لفظ ڪٿان آڻيان جيڪي سندس معصوم اکين، سندس سرخ چپن، ڊگهي ڳچيءَ ۽ سندس حُسن جي ادا کي بيان ڪري سگهن. سندس معصوم اکين جي گهرائيءَ ۾ سونهن جو سمنڊ، جنهن ۾ پيار جون ڇوليون مستيءَ ۾ هيون... پيار هيو، صدما هيا ۽ وڇوڙي جا وڍ هيا. سندس سرخ چپ، جن کي ڪنهن به بناوٽي ميڪ اپ جي ضرورت ئي نه هوندي هئي ۽ انهن تي منهنجي محبت جا نشان تازا محسوس ڪندو هوس... سوچيندو هئم ته اهڙي حُسن جي ديويءَ جي خوبصورتيءَ کي مون جهڙو ناچيز ڪيئن ٿو لفظن ۾ قيد ڪري سگهي!
    مون هن جي دل جي دنيا جي قيد ۾ عمر ڀر قيد رهڻ جو سوچيو هيو، جتان زندگي ڀر رهائي نه ٿئي. مون چاهيو ٿي ته سندس زلفن جي گهٽا ۾ پنهنجو ڪنڌ ۽ سندس وجود جي آغوش ۾ پنهنجو پاڻ کي رکي ٿڌڙي ننڊ ڪندو رهان... ۽ هوءَ هٿ ڪنگيءَ سان منهنجا وار سنواريندي مون سان پيار ڪندي رهي... مون کي چاهت جي دنيا وسيع ٿيڻ لڳي هئي... مون ته چاهيو ٿي ته دنيا جي شور کان دور ڪنهن اهڙي ديس ۾ اسين پنهنجي پيار جو گهر اڏيون، جتي بس هوءَ هجي، آءٌ هجان، پيار هجي ۽ اڪيلائي هجي. ڪجهه لکڻ جي ڪوشش ئي ڪري رهيو هوس ته ڀيڻ مانيءَ لاءِ سڏ ڪيو ۽ لکڻ جو تسلسل ئي ٽُٽي پيو ۽ اڌورو خط ٽيبل تي ڇڏي آءٌ مانيءَ لاءِ اٿي ويس... اڌ لکيل خط جا ڪاڳر ٽيبل تي ٽڙيل پيا هئا.
    ـــ


    4

    هوءَ پيءُ جي وڏوَر ڌيءُ هئي. هئي به لاڏلي... هن جي هر فرمائش ۾ صرف چوڻ جي دير هوندي هئي هر آس مائٽ پوري ڪندا هئس. اڪثر نوان ڪپڙا، اسٽائلش سينڊل، نوان پرس، مهانگيون واچون، هٿ ڪڙا ۽ ٻيون سڀ شيون سندس هڪڙي فرمائش تي والدين هن لاءِ حاضر ڪندا هئا. سندس پيءُ واپاري هيو ۽ شهر جي وڏن سيٺين ۾ سندس شمار ٿيندو هو. امير گهراڻي جي لاڏلي هئڻ ڪري هن جي رهڻي ڪهڻي، پهرڻ، کائڻ، پيئڻ، اسٽائل به اميراڻا هئا. ان جي برعڪس منهنجو تعلق مڊل ڪلاس جي گهراڻي سان هو. البت اسان جو به ڪاروبار هو، دڪان هئا، پنهنجي وارا هئاسين، مگر پوءِ به هُو دولت ۾ اسان کان سرس هئا.
    مون کي معلوم ٿيو ته، منهنجي پوري مهيني جي جيب خرچي، هن جي هڪ ٻن ڏينهَن جي خرچ جي برابر هئي. اسان جو پئسي جي معاملي ۾ ڪو ميل ئي نه هو، هوءَ آسمان تي ۽ آءٌ زمين تي، هن جي ڪنهن شيءِ وٺڻ تي دل ٿيندي هئي. صرف ماءُ پيءُ کي چوڻ جي دير هوندي هئي، اها شيءِ هن لاءِ حاضر ٿيندي هئي. مگر مون ڪيتريون ئي خواهشون پنهنجي جيب جي حالت کي ڏسي دٻائي رکيون هيون، ڇو جو مون کي منهنجي حيثيت جي خبر هئي.
    آءٌ سڀني ڀائرن ۾ ننڍو آهيان، پر پوءِ به منهنجا والدين منهنجي هر خواهش اکيون ٻوٽي پوري نه ٿي ڪري سگهيا. جيتوڻيڪ مون کي ضرورت جي هر شيءِ ملندي هئي ۽ ڪنهن ڳالهه جي ڪمي به نه هوندي هئي. مگر هن وانگر آءٌ آپي مان ٻاهر نه ٿي نڪري سگهيس. منهنجون پنهنجون حدون هيون، جن کي آءٌ اورانگهي نٿي سگهيس. مگر ان جي بر عڪس هُو پنهنجون حدون پاڻ ٺاهيندي هئي. ڪا شيءِ کيس پسند اچي ۽ هوءَ نه وٺي اهو ممڪن ئي نه هيو. پوءِ ڀلين ان تي ڪيترو ئي خرچ ڇو نه اچي وڃي! ڀلين ڪيتري ئي مهانگي شيءِ ڇو نه هجي. مگر هن کي گهرجي ئي گُهرجي. هوءَ پنهنجي جاءِ تي صحيح به هئي، ڇو جو ايڏي لاڏ ڪوڏ سان پلي هئي. ننڍپڻ کان سندس هر خواهش پوري ٿيندي پئي آئي. هن کي نه ٻڌڻ جي ڪڏهن عادت ئي نه پئي هئي، سو هن جو هر شيءِ تي حق جتائڻ ۽ فرمائش ڪرڻ جائز به لڳندڙ هو، جو هن وٽ ايترا وسيلا هئا، انهي شيءَ کي ماڻڻ جا، تنهنڪري هن جا سڀ انگل آرا جائز هوندا هئا.
    هوءَ منهنجي لاءِ روز نوان گفٽ وٺي ايندي هئي، ڪڏهن خوبصورت مهانگي پين، ته ڪڏهن واچ، ڪڏهن مهانگا ڪپڙا ته ڪڏهن چپل، سينڊل، ڪڏهن پرفيوم، ته ڪڏهن باڊي اسپري، مطلب اهڙي ڪهڙي شيءِ نه هئي، جو هن مون کي نه ڏني هجي! جڏهن ڪاليج ۾ ويندو هوس ته مون کي پاتل هرڪا هر شيءِ سندس ئي ڏنل هوندي هئي. مون کي ڪڏهن ڪڏهن عجيب به لڳندو هو، ته آءٌ روز روز هن کان اهي شيون تحفن جي صورت ۾ ٿو وٺان. گفٽ ته ڪڏهن ڪڏهن ڏبو آهي، مگر هوءَ ته ضدي ۽ پاڳلن واريون حرڪتون ڪندي هئي، هر ٻئي ڏينهن ڪا نه ڪا پنهنجي پسند جي شيءِ منهنجي لاءِ ضروري آڻيندي هئي.
    مگر هن جي ڀيٽ ۾ منهنجي ايتري حيثيت نه هئي، جو هر روز کيس ڪجهه ڏيئي سگهان. ڪجهه ڏيڻ لاءِ سوچيندو به هوس، ته وري نگاهه جيب طرف ويندي هئم، ۽ ائين سڀ ارمان اڌورا رهجي ويندا هئم. ڏاڍو لڄي به ٿيندو هوس ته آءٌ ڪيڏو نه مطلبي آهيان، صرف هن کان شيون وٺندو ٿو رهان. بدلي ۾ کيس ڪجهه به نه ڏئي سگهيو آهيان. مون وٽ هن کي ڏيڻ لاءِ صرف بي انتها محبت هئي، پيار ۽ خلوص هو، جيڪو صرف ۽ صرف هن جي لاءِ ئي هو.
    مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي، هڪ ڏينهن هن مذاق ۾ مونکي چيو هو ته ”ڪجهه ڏينهن کان پوءِ منهنجو جنم ڏينهن آهي، ان تي منهنجا سڀ دوست ۽ ساهيڙيون مون کي تحفا پيش ڪندا، تون ڇا ڏيندين؟“
    اها ڳالهه ٻڌي گهڙيءَ کن لاءِ آءٌ پريشان ٿي ويو هئس ته آءٌ کيس ڪهڙو تحفو ڏيان ۽ اوچي تحفي لاءِ ايترا پئسا ڪٿان آڻيان؟ پر هن مون کان پهريون ڀيرو حجت ڪري ڪا شيءِ گهري هئي. آءٌ ڀلا ڪيئن ٿي منع ڪري سگهيس. هن منهنجي لاءِ هر اها شيءِ ورتي هئي، جنهن جي مون خواهش ڪئي هئي، بلڪه ڪجهه شيون ته اهڙيون به وٺي ايندي هئي، جنهن جي مون ڪڏهن خواهش به نه ڪئي هئي. مون کي سندس حجت پنهنجي ذميواريءَ جيان محسوس ٿي رهي هئي، ۽ سوچڻ لڳندو هوس ته آءٌ ڪيئن به ڪري سندس پهريون ڀيرو ڪيل حجت کي پورو ڪريان.
    انهن ڏينهن ۾ هڪڙو بوڪ اسٽور وارو منهنجو ڀائرن جهڙو دوست هوندو هو، جنهن سان شام جي وقت ڪڏهن ڪڏهن سندس بوڪ اسٽور تي چانهه جي ڪپ تي ساڻس ڪچهري به ڪبي هئي. اهو بوڪ اسٽور شهر جي اديبن، ليکڪن، شاعرن جو ٿانڪ پئي رهيو آهي. ڪنهن کي به ڳولڻو هوندو هو يا ڪنهن يار دوست جو ڏَس پتو پڇڻو هوندو هو يا ڪنهن لاءِ نياپو ڇڏڻو هوندو هو ته انهيءَ بوڪ اسٽور جو رستو وٺبو هو. انهي بوڪ اسٽور تي ادبي ڪتاب، اخبارون، رسالا به ايندا هئا، غريب ۽ بي روزگار اديب اچي اتي ٿاڪ ڪندا هئا ۽ مفت جون اخبارون ۽ ميگزين ويهي پڙهندا هئا. بوڪ اسٽور جي مالڪ جي اها خوبصورتي هوندي هئي، جو پنهنجي گراهڪن جي ڀلين ڪيتري به رش ڇو نه هجي، مگر ڪو اديب، شاعر، ليکڪ هتي اچي پهچندو ته پهرين کيس ڪرسي، ٽيبل يا اسٽول خالي ڪري ويهڻ لاءِ ڏيندو هو. اها ئي سندس محبت هوندي هئي، جو هر وقت سندس بوڪ شاپ تي ڪو نه ڪو تخليڪار ويٺل ئي هوندو آهي.
    ان وٽ ڪتابن، اخبارن سان گڏ ڪمپيوٽر سسٽم به هوندو هو، جنهن تي هو ڪمپوزنگ ۽ پرنٽنگ جو ڪم ڪري ڏيندو هو. هن وٽ ڪم وڌي ويندو هو ته ڪڏهن ڪڏهن هُو مون کي پڻ ڪمپيوٽر جو ڪم ڪرڻ لاءِ ڏيندو هو ۽ بدلي ۾ جيڪا اجرت ٿيندي هئي، اها منهنجي جيب خرچ ۾ ڪم ايندي هئي يا اسان جي حساب ڪتاب جي کاتي ۾ جمع ڪرائي ڇڏبي هئي. ان تي بار رکيم ته مون کي هڪ هزار رپيه گهرجن، بدلي ۾ ڪمپوزنگ جو ڪم ڪري ڏيندس. هُن انهي وقت بغير ڪجهه سوچڻ جي مونکي منهنجي گهرج جيترا پئسا ڪڍي ڏنا. اتفاق ته ڏسو، جو ٻئي ڏينهن وٽس ڪمپوزنگ جو ڪم آيو ۽ هن مون کي اهو ڪم ڪرڻ لاءِ ڏنو هو. مون راتيون جاڳي، ڪمپوزنگ ڪري اهو ڪم ٻن ٽن ڏينهن ۾ کيس مڪمل ڪري ڏنو ۽ ان جي بدلي ڏهه روپيه في صفحي جي ڪمپوزنگ جي حساب سان منهنجا هڪ هزار روپيه ٿيا ٿي. جيڪي پئسا هن مون کي اڳواٽ گفٽ لاءِ ڏنا هئا، سي واپس جمع ڪرايم ۽ هن جي ڏنل هڪ هزارن مان مون هن جي لاءِ گفٽ ورتو هو.
    اها ڳالهه جڏهن وينا کي سندس سالگرهه گذرڻ کانپوءِ ٻڌائي هئم ته سندس معصوم پنبڙين تي لڙڪ مهمانن جيان هلي آيا هئا، ۽ هوءَ ڳراٽڙي پائي مون سان چنبڙي پئي هئي. منهنجا هٿ چميا هئائين ۽ مون سان ڀرپور محبت جو اظهار ڪيو هئائين. هاڻي ته هن جي دل ۾ منهنجي لاءِ ويتر محبت وڌي چڪي هئي.
    ”منهنجا دلربا! مون ته مذاق پئي ڪيو، توکي ڀلا ايترو ڪشالو ڪَٽڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟“ هن مون کي پيار جتائيندي پڇيو.
    ”اڙي يار، ان ۾ ڪشالي جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ آءٌ هونئن به ڪمپوزنگ جو ڪم ڪندو رهندو آهيان.“ مون هن کي وضاحتي جواب ڏنو.
    ”اها سموري غلطي منهنجي ئي آهي“ وينا پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙ ڪندي چيو.
    ”يار ڇا تنهنجو مون تي ايترو حق به ناهي ڇا؟ جو ڪنهن گفٽ لاءِ چئي سگهين.“ مون کيس سوال ڪندي چيو.
    ”تنهنجو پيار ئي منهنجي لاءِ سڀ کان مهانگو گفٽ آهي.“ وينا مونکي ڀاڪي ۾ ڀريندي چيو.
    ”اهو ته ازل کان تنهنجي لاءِ آهي، آءٌ پنهنجي وجود سميت سمورو تنهنجو ئي آهيان.“ مون کيس تسلي ڏيندي چيو.
    ”ته پوءِ بس مونکي ڪجهه به نٿو گهرجي، سواءِ تنهنجي پيار جي!“ هن مون کي پنهنجي ڀاڪر ۾ زور سان ڀريندي چيو.
    ”غلطي منهنجي ئي هئي، جو مون کي هر ڳالهه جي خبر هوندي به مون اها خواهش ظاهر ڪئي“ وينا پنهنجي غلطي جو احساس ڪندي انتهائي معذرت خواهه لهجي ۾ چيو.
    ”مطلب تون مون کي ان قابل به نه ٿي سمجهين ته ڪو آءٌ توکي گفٽ نه ٿو ڏيئي سگهان.“ مون ساڻس سوال ڪيو.
    ”منهنجا راڻا...! توکان سواءِ ٻيو ڪير آهي، جو منهنجي قابل هجي... اهڙيون ڳالهيون نه ڪندو ڪر، جيءَ جهُري ٿو پويم.“ هُن روئڻهارڪي انداز ۾ چيو.
    مون سندس اکين ۾ جهاتي پائي ڏٺو، ته ڪينجهر جهڙين وشال اکڙين جي ڪنڌين تان لڙڪ هوريان هوريان سرڪندا پئي ويا. مون هٿ وڌائي هن جا لڙڪ اگهيا ۽ ٻانهن ۾ کيس ڀريندي چيم: ”اوڪي جانان ! انهي ڳالهه کي اتي ئي ختم ٿا ڪريون، جيڪو ٿي ويو سو ٿي ويو. هاڻي اهڙي غلطي نه ڪبي، اوڪي .....“ مون کيس پيار ڏيندي چيو هو.
    ”ٺيڪ آهي، مگر ٻيهر ايئن نه ڪجان نه ته آءٌ پاڻ کي سزا ڏينديس.“ وينا مونکي ڄڻ وارننگ ڏني هئي.
    ”اوڪي جانان! ٺيڪ آ، تنهنجو حڪم سر اکين تي ......“ هاڻي ٿورڙو کڻي مسڪراءِ ......!
    ۽ وينا جي چهري تي هلڪي مسڪراهٽ تري آئي هئي.
    ـــ


    ڪاليج جي ٽيريس تي ويٺا هئاسين، ته هن اچانڪ مون کان سوال ڪيو. ”محبت ڇا آهي؟“
    ”محبت ڇا آهي.... ڇا مطلب؟“ مون اچانڪ ڪيل اهڙي سوال تي حيرت مان پڇيو.
    ”ها محبت ڇا آهي، ٻڌاءِ نه“ ..... هن پنهنجي سوال کي ٻيهر دهرائيندي ضد ڪيو ته آءٌ ان تي ڳالهائي تفصيلي جواب ڏيان.
    ”محبت ڪجهه به ناهي، بس هڪ احساس آهي، هڪڙي دل ۾ ٻئي جي لاءِ پيدا ٿيندڙ جذبو آهي.“ مون وراڻيندي ڏيندي چيو.
    ”اڇا ...“ هن تجسس مان جواب ڏنو.
    ”ڇو توکي خبر ناهي ڇا؟“ مون پڇيو.
    ”ڪهڙي خبر؟“ هن پڇيو
    ”اها ئي ته، محبت احساس مان ڦٽل اهو رشتو جيڪو وڌي محبت جو گهاٽو وڻ ٿو ٿي وڃي.“ مون هنکي وراڻي ڏيندي چيو.
    ”ها .... اهو ته آهي“ هن منهنجي ڳالهه سان متفق ٿيندي چيو.
    ”محبت پنهنجي ميت جي پريت کي پاڙڻ يا پنهنجي محبوب جي چلولاين ۽ ادائن کي سهڻ يا ڪنهن الهڙ جواني جي خشڪ چپن تي چمين جا عڪس يا ڪنهن دلربا جي بي وفائيءَ جي بدلي ۾ مليل لڙڪن يا ڪجلاسر جي ڪامڻي جي چنچل جواني جون حسناڪيون يا ٿر جي فضا ۾ گونجندڙ ڪوئل جي مٺڙي لات يا مور جي انڊلٺي پرن جو حسن يا ان الهڙ جواني مثل جيڪا ڪنهن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀرڻ لاءِ آتي هجي . . . . . ؟؟؟ اهي سڀ محبت جا حسين عڪس آهن.“ مون کيس ٻڌائيندي چيو.
    ”الا ....!! منهنجو مٺو وڏو شاعر ٿيندو پيو وڃي، وڏا شاعراڻا دليل ڏنا اٿس!“ وينا مسڪرائيندي چيو.
    ”هاها .... ها ... ها....“ مون کان پڻ کل نڪري ويئي هئي.
    رجنيش اوشو پڻ چوي ٿو ته ”محبت نور آهي، محبت خود آگهي آهي، پنهنجي هئڻ جو احساس، پنهنجي هئڻ جي خوشبوءَ آهي، محبت هڪ محسوس ٿيندڙ خوشي آهي، محبت اها آهي ته توهان پاڻ کي ڏسو ته توهان ڇا آهيو ۽ پنهنجي وجود کي ڪنهن ٻي وجود لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ۽ اهو سمجهي ڇڏيو ته توهان جو وجود هن کان الڳ ناهي.“ مون وينا کي محبت جي باري ۾ اوشو جا ويچار ونڊيندي چيو.
    ”بلڪل، آءٌ انهي ڳالهه سان سهمت آهيان.“ وينا چيو.
    ”وينا، اوشو چوي ٿو ته ”محبت ڪو تعلق ناهي پر محبت ته هئڻ جي هڪڙي ڪڙي آهي، انسان محبت ڪندو ناهي، پر انسان خود محبت هوندو آهي، هر انسان جي اندر جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ محبت جي هڪ چڙنگ ضرور هوندي، بس ڪير هن چڙنگ کي ڀڙڪائڻ وارو ملي، ته اها شعلو بڻجي پوندي آهي.“
    ”مون کي انهن فلسفي ڳالهين جي خبر ناهي ته محبت ڇا آهي، پر ايتري ضرور خبر آهي، جڏهن کان تون مليو آهين آءٌ مڪمل ٿي ويئي آهيان، تنهنجي بنان آءٌ اڌوري اڌوري هوندي هئيس. سواءِ تنهنجي مون کي هي سموري دنيا خالي خالي ۽ اوپري اوپري ٿي لڳي، توکان بنان مون کي ڪابه شيءَ نه ٿي وڻي، بس چاهيان ٿي ته تون هميشه مون ساڻ هجين، منهنجي سامهون هجين، توکي ڏسندي رهان، تو ۾ پنهنجي دنيا ڳوليان، تو ۾ پنهنجو نئون جهان جوڙيان جنهن ۾ بس پاڻ ٻيئي هجون ۽ محبت هجي .... بس .... ٻيو ڪير به نه هجي.“ وينا انتهائي اونهون ساهه کڻندي چيو.
    ”واهه سائين ..... شاعراڻيون ڳالهيون ته تون پاڻ پيئي ڪرين ....“ مون مسڪرائيندي چيو.
    ”توکي ڀلين اهي شاعراڻيون ڳالهيون لڳن، پر اهي منهنجي دل جي شهر مان نڪتل پيار ڀريا احساس آهن، بس منهنجي خواهش آهي، ته محبت جو هڪ مندر جوڙيان، جنهن ۾ توکي پنهنجي دل جوديوتا بڻائي پوڄيان!“ هن منهنجا هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهلندي چيو.
    مون هن جي اکين ۾ چتائي ڏٺو ته ڏاڍي وياڪُلتا سمايل هئي، سمنڊ جيڏو اونهو درد هن جي پنبڻين ۾ سمايل هو.
    مون هن جي کاڏي کي پنهنجي ٻڪ ۾ ڀريندي چيو ته ”جانان! آءٌ آهيان نه توسان، هر وقت، هر پل توسان گڏ، توسان هم قدم...“
    ”تون هميشه مون ساڻ رهجان، نه ته آءٌ مري وينديس، هڪ پل به نه جيءُ سگهنديس“ هن به مون کي پيار جتائيندي ۽ وچن وٺندي چيو هو.
    ”چري اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿي ڪرين ڇا ٿي پيو آهي، اچانڪ توکي....؟ پاڻ گڏ ئي ته آهيون ۽ رهنداسين هميشه واعدو آهي منهنجو ....“ مون پنهنجو هن جي هٿ ۾ ڏيندي چيو هو.
    ۽ هُن منهنجي هٿ تي پنهنجو اکيون رکي اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون....
    ڪافي دير تائين سمجهائڻ کان پوءِ ئي رليڪس ٿي ۽ اسان اٿي گهر هلڻ لاءِ هيٺ لٿاسين.
    ڪڏهن ڪڏهن ته ناز سان اهڙيون حرڪتون به ڪندي هئي، جو آءٌ پريشان به ٿي ويندو هوس....
    ــــ


    5

    هڪ ڏينهن ڪاليج ۾ داخل ٿيندي منهنجي نظر نوٽيس بورڊ تي پيئي. منهنجو دوست ساحل مون سان گڏ هيو. هن وڌي وڃي پڙهيو ته لکيل هو ڪاليج طرفان ڪراچيءَ جو ٽوئر رکيل آهي، بس جو ڪرايو ۽ رهائش ڪاليج طرفان آهي... باقي کائڻ، پيئڻ ۽ گهمڻ جي مد ۾ في شاگرد کي پنج سئو هڪ هفتي اندر ايڊمن برانچ ۾ جمع ڪرائڻا پوندا.
    ”ديپ ڇا موڊ آهي؟ هلجي ...“ ساحل مون ڏانهن دلچسپي سان نهاريندي پڇيو.
    ”نه يار موڊ ناهي هلڻ جو....“ مون نابري واريندي چيو.
    ”هل يار گڏجي ٿا هلون، آئوٽنگ ٿي ويندي، نه ته پاڻ کي وري نڪرڻ جو موقعو ڪٿي ٿو ملي.“ ساحل زور ڀريندي چيو.
    ”يار ڏسون ٿا، في الحال ته موڊ ناهي.“ مون ڳالهه کي ٽاريندي چيو.
    اسان ڏاڪڻيون چڙهي فرسٽ تي وڃڻ لڳاسين، سامهون نظر وينا تي پئي، جيڪا ڪومل ۽ ٻين سهيلين سان ڳالهين ۾ مصروف هئي.
    مونکي ڏسندي ئي مون ڏي لنگهي آئي ۽ پڇيائين ”نوٽس بورڊ تي نوٽس پڙهيو توهان؟“
    ”ها پڙهيم ...“ مون جواب ڏنو.
    ”پوءِ ڇا موڊ اٿئي؟“ وينا مون کان راءِ طلب ڪندي چيو.
    ”نه منهنجو موڊ ناهي!“ مون کيس جواب ڏيندي چيو.
    ”ڇا موڊ ناهي، موڊ ناهي لڳائي رکيو آهي، وينا توهان ئي سمجهايو کڻي ..... مون ته گهڻو ئي چيو اٿس“ ساحل پڻ وينا جي پاسي ٿي ڳالهائڻ لڳو.
    ”ايئن الائي ڪيئن موڊ ناهي..... هلڻو پوندو“. وينا منهنجي راءِ کي رد ڪندي چيو.
    ”نه ... نه.... توهان ڀلين گهمين اچو، منهنجو موڊ ناهي.“ مون کيس وضاحتي جواب ڏيندي چيو.
    ”ڳالهه گهمڻ جي ناهي، ڳالهه آهي ڪمپني جي، آئوٽنگ ٿي ويندي گڏجي.“ وينا مونکي سمجهائڻ لڳي هئي.
    ”ڪمپني آهي نه توکي .....! ڪومل ۽ تنهنجي ٻين ساهيڙين جي ۽ ساحل به گڏ هوندو، ڪمپني ڏيندو.“ مون وينا کي سندس ڳالهه جو جواب ڏيندي چيو.
    ”مطلب شرارت ٿو ڪرين نه .....! ڪمپني مان مراد تون نٿو سمجهين جو اهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين.“ وينا جي چهري تي هلڪي ڪاوڙ تري آئي هئي.
    ”اڙي پاگل! اهڙي ڳالهه ناهي مطلب سفر ۾ توسان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تنهنجيون سهيليون هونديون ..... اهو چوڻ پئي چاهيم.“ مون وضاحت ڪندي چيو.
    ”ڪمپني مطلب تون .... تون ..... تون ..... هاڻي ڳالهه سمجهه ۾ آئي“ وينا صوبيداري انداز ۾ جواب ڏيندي چيو.
    ”اهو ته ٺيڪ آهي پر ......“ آءٌ جواب ئي ڏيئي رهيو هوس ته وينا ڳالهه ڪٽيندي چوڻ لڳي.
    ”پر .... ٻر ..... ڪجهه به ناهي، هلڻو آهي ته مطلب هلڻو آهي .... بس فائنل.“ وينا پنهنجو فيصلو مون کي ٻڌائي ڇڏيو.
    مون ساحل ڏي ڏٺو، هُو وينا جي اڳيان منهنجي مجبوري مان لُطف اندوز ٿي رهيو هو.
    ”پر منهنجي ڳالهه ته ٻڌ پهرين!“ مون وينا کي منهنجي ڳالهه مڪمل ٻڌڻ لاءِ چيو.
    ”ڪائي ڳالهه ناهي ٻڌڻي هاڻي“. وينا منهنجي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي.
    ”پر يار تو کي ته خبر آهي نه آءٌ افورڊ نٿو ڪري سگهان پليز مون کي ڇڏيو.“ مون پنهنجي حال جي ڳالهه ٻڌائيندي چيو.
    ”بس ڳالهه صرف اها يار، اهو ته ايڏو وڏو مسئلو ڪونهي، آءٌ پاڻهي ڏيندس تنهنجي فيس.“ ساحل وراڻي ڏيندي چيو.
    ”ان جي ڪابه ضرورت ناهي ڇو جو مون اڳ ئي ڏيئي ڇڏي آهي، منهنجي ۽ ديپ جي ٽوئر فيس“ وينا وضاحت ڪندي چيو.
    منهنجي پڇڻ کان بغير ڪيئن ڏني پاگل...!“ مون تعجب مان پڇيو.
    ”ڇا منهنجو تو تي ايترو حق ناهي ڇا؟“ منهنجي اهڙي تيز جواب تي وينا جو چنڊ جهڙو چهرو هڪدم اٻاڻڪو ٿي ويو.
    ”اها ڳالهه ناهي يار، پر پڇين ته ها...!!“ مون کيس هٿن مان جهليندي چيو.
    ”ڇا پڇان ها؟ مون کي يقين هو ته تون منهنجي ڳالهه نه ٽاريندين بس....، انهي سوچ ۾ مون فيصلو ڪري فيس جمع ڪرائي، پوءِ به جي تنهنجو هلڻ جو ارادو ناهي، ته اوڪي“ .... وينا اٻاڻڪي لهجي ۾ وراڻي ڏيندي چيو.
    مون ڏٺو .... هن جي نيڻنِ نير وهي آيا هئا.
    مون پاڻ کي وڏو گهنگهار سمجهندي فورن هُن جا لڙڪ اگهي، سوري ڪندي چيو. ”مٺڙِي اها ڳالهه ناهي پر تون هر دفعي منهنجو خرچ برداشت ٿي ڪرين مون کي صحيح نٿو لڳي.“
    ”مطلب پرايو ٿو سمجهين نه، انهي ڪري اهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين ..“ هو ٻيهر روئي پئي.
    ”پرايو نٿو سمجهان چري...! ضمير تي بار ٿو ٿئي ته هر ڀيري آءٌ توکان پئسه وٺان.“ وضاحت ڪندي چيم.
    ”تنهنجو ۽ منهنجو ڪجهه ورهايل آهي ڇا؟ جو توکي تنهنجو ضمير ملامت ٿو ڪري.“ وينا روئڻهارڪي اندازي ۾ جواب ڏنو.
    ”تنهنجا منهنجي وجود تي نه ڄاڻ ڪيترا احسان آهن، جيڪي آءٌ هن جنم ۾ لاهي نٿو سگهان، ۽ وڌيڪ احسان کڻڻ جي سگهه ئي ناهي رهي هاڻي. دل چوي ٿي هي احسان لاهڻ لاءِ ايندڙ جنم ۾ پاڻ کي گڏجي ايئن ملڻو پوندو“ سندس اٻاڻڪو چهرو پنهنجي ٻڪ ۾ ڀريندي پيار جتائيندي چيم.
    ”احسان پراين تي ڪبا آهن، پنهنجن تي نه! مطلب تون پرايو ٿو سمجهين نه مون کي.“ هُو پريشان ٿيڻ لڳي هئي.
    ”توکي ڀلا ڪيئن سمجهايان.....“ مون ڪابه راهه نه ڏسندي هار مڃيندي چيو.
    ”ٺيڪ آهي رليڪس ..... رليڪس ..... هلون ٿا ..... بس ....“ کيس آٿت ڏيندي چيم. ”هاڻ مسڪرائي، تنهنجو چنڊ چهرو روئيندي بلڪل به سٺو نٿو لڳي.“
    ”نه هلنديس هاڻ آءٌ، تون مون کي پرايو ٿو سمجهين، احسان، ضمير، خبر ناهي ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون سکي آيو آهين.“ وينا ناراضگي واري انداز ۾ چيو.
    ”سوري بابا ..... ويري سوري ..... پليز .....“ مون ٻنهي هٿن سان ڪن پڪڙيندي وينا کي منٿ ڪندي چيو.
    ”اوڪي ... مگر هڪڙي شرط تي“ وينا نخريلي انداز ۾ چيو.
    ”سڀ شرط منظور بس روئڻ بند ڪر“ مون کيس چيو.
    ”اڄ کان پوءِ اهڙيون ڳالهيون نه ڪندين!“ وينا شرط ٻڌائيندي چيو.
    ”نه ڪندس ٻيو حڪم...!“ مون سندس ڳالهه کي هاڪار ڪندي چيو.
    ”ٻيو جيڪو آءٌ چونديس تيئن ڪندين.“ وينا ٻيو شرط ٻڌائيندي چيو.
    ”منظور آ جانان .... ٻيو حڪم ...“ مون کيس اهو شرط به مڃيندي چيو.
    ”ٻيو ته اڄ کان پوءِ پنهنجي وچ ۾ پئسن جي ڳالهه کي نه آڻيندين، حساب ڪتاب جي چڪرن ۾ نه پوندين ...“ وينا شرط ٿاپيندي چيو.
    ”مٺا تنهنجا سڀ شرط منظور آهن، بس هاڻي اٿي ته هلون ڪلاس طرف....“ مون کيس هر شرط قبول ڪرڻ جي تسلي ڏيندي چيو.
    ”اوڪي ... لوَ يو .....“ هن مسڪرائيندي منهنجي نڪ کي ساڄي هٿ سان پٽيندي چيو.
    ”لوَ يو ٽو جانان....!!“
    ـــ


    حقيقت ۾ پيار جي ٻن روحن جي رشتي جو پورو مزو ئي تڏهن ٿو حاصل ٿئي، جڏهن هڪ ساٿي جذبن جو جواب جذبن سان ڏيندو آهي ۽ ٻئي ساٿيءَ جي خواهش ۾ خوشي ڏيکاري ۽ احساس پيدا ڪري ته هُو اُن ۾ پوري دلچسپي وٺي رهيو آهي. اهڙيءَ ريت هوءَ پڻ منهنجي هر خواهش، هر فرمائش، هر امنگ ۽ هر تمنا ۾ اهڙي ته شوق سان حصو وٺندي هئي. جڏهن به پنهنجي لاءِ شاپنگ ڪندي هئي ته ڪانه ڪا شيءِ مون لاءِ ضرور خريد ڪندي هئي. ايتري ته خوشي حاصل ڪندي هئي ۽ اهو محسوس به ڪرائيندي هئي ته هوءَ پاڻ به ائين ڪرڻ سان خوشي حاصل ڪري رهي آهي، ۽ پوءِ منهنجو لڱ لڱ ٺري پوندو هو. منهنجو روح راحت سان ٽمٽار ٿي ويندو هيو. منهنجي رڳ رڳ ۾ ڀٽن تي ٿري ڌنار جي وڄايل بانسريءَ جي سدا بهار سُرن جون ڪتڪتايون ٿينديون هيون...
    هن منهنجي ۽ پنهنجي لاءِ ڪجهه شاپنگ ڪئي... ۽ ٽوئر جون تيارون ڪري رهي هئي. طئه ٿيل تاريخ تي اسين سڀ سوير گهران تيار ٿي ٽوئر لاءِ ڪاليج پهتاسين. هلڻ ۾ دير هئڻ ڪري اسين دوست نم کي ٽيڪ ڏيئي ڪچهري ڪرڻ لڳاسين.
    صبح سوير ڪافي ليڪچرار، پروفيسر ۽ شاگرد ڪاليج جي اڱڻ ۾ ڪراچي جي ٽوئر تي اسهڻ لاءِ تيار هئا ۽ ڪي اچي رهيا هئا. ڪجهه دير کان پوءِ وينا پڻ سهيلين سميت رڪشا مان اچي لٿي.
    ٽوئر لاءِ گهرايل بس پڻ ٿوري دير بعد ڪاليج جي اڱڻ ۾ پهتي ۽ سڀئي پنهنجي پنهنجي سيٽ تي ويٺا. ساڄي پاسي سيٽ تي وينا ۽ ڪومل ويٺيون ۽ کاٻي پاسي سيٽ تي آءٌ ۽ ساحل ويٺاسين. اسان جي وچ ۾ بس هڪ ماڻهو جي لنگهڻ جو فاصلو هو.
    اسان ڪنهن مهل اکين ذريعي ته ڪنهن مهل مسڪراهٽ ذريعي هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا سين ته پويان آواز آيو.
    دوستو انتاڪشري ٿي وڃي ..... سڀني ها ۾ ها ڪئي.
    جڏهن وينا جي ڳائڻ جو وارو آيو هو ياد آهي هن استاد مهدي حسن جو خوبصورت ڪلام، جيڪو بعد ۾ اَنُوراڌا پوڌوال پڻ خوبصورت آواز ۾ ڳايو آهي .... ”زندگي مين تو سڀهي پيار ڪيا ڪرتي هين .... مين تو مر ڪر بهي ميري جان تجي چاهون گي .......“
    ۽ مون وري اهي پيارا ٻول جهونگاري کيس جواب ڏنو هئم.... ”تم اگر ساتهه ديني ڪا واعده ڪرو .... مين يون هي مست نغمين سناتا رهون ......“
    سموري رستي، ڪيڏي نه مستي، مذاق ۽ اکين ئي اکين پيار ڪيو هو.
    آخر اچي ڪراچي پهتاسين، بس ڪاليج طرفان انتظام ڪيل هڪ هاسٽل تي اچي پهتي، جتي سڀئي شاگرد فريش ٿيڻ لاءِ لهڻ لڳا.
    ڪجهه دير بعد سڀ شاگرد توڙي اُستاد واپس موٽي اچي بس ۾ ويٺا، ته جيئن پڪنڪ اسپاٽ ڏانهن هلي سگهجي. بس سڌو اچي سفاري پارڪ جي گيٽ وٽ رڪي ۽ سڀ لهي اندر پهتاسين. هرڪو پنهنجي پنهنجي دوستي ۽ سرڪل جي حساب سان گروپ ٺاهڻ لڳو ۽ سَر جون هدايتون هيون هرڪوئي پنهنجي منهن گهمي ڦري ٻن ڪلاڪن کان پوءِ هن مين گيٽ وٽ اچي.
    اسان پنهنجي گروپ ۾ آءٌ، وينا، ساحل، ڪومل ۽ سندس ٻين سهيلين ساڻ سفاري پارڪ ۾ واڪ ڪندا، گهمندا، ڪچهري ڪندا، ٽهڪ ڏيندا، مذاق، مستي ڪندا رهياسين. وينا اکين ئي اکين ۾ مونکي حسرت ڀرين نگاهن سان اشارو ڪيو ته ڪجهه پل اڪيلائي جا گهارجن پوءِ ڪو بهانو ڪري اسان اڪيلا اچي هڪ بئنچ تي ويٺاسين ۽ هٿن ۾ هٿ ڏيئي پيار جي پريت پاڙڻ جا قول ڪياسين.
    ان کان پوءِ گروپ سميت اچي سمنڊ ڪناري پهتاسين، هرڪو ئي پنهنجي منهن سي ــ ويو تي سمنڊ جي مست لهرن جو مزو وٺڻ لڳو.
    اسان ٻيئي اچي هڪ پٿر تي ويٺاسين ۽ سمنڊ کي ايترو ويجهو جو سندن لهرون بار بار اسان جا پير پسائي رهيون هيون.
    ”ديپ خبر آهي، منهنجي هڪڙي خواهش آهي؟“ وينا پنهنجي دل جي ڳالهه اوريندي چيو.
    ”وري ڪهڙي خواهش آهي؟“ مون کائنس خواهش بابت پڇندي چيو.
    ”منهنجي خواهش آهي ته بس تون هجين، آءٌ هجان .... پاڻ ٻيئي هجون، باقي ڪير به نه هجي اسان جي وچ ۾ ۽ اڪيلا ئي اڪيلا ويهي دل جون ڳالهيون هڪ ٻئي سان اوريون.“ وينا اونهون ساهه کڻندي چيو.
    ”هينئر به ته پاڻ ٻيئي ئي ته آهيون“، مون سندس هٿ هٿن ۾ جهليندي چيو.
    ”ايئن نه پاگل، بس پاڻ ٻه ئي ٻه هجون، باقي ڪير به نه هجي، دنيا کان بي نياز هڪ ٻئي ۾ ضِم ۽ گُم ٿي وڃون.“ وينا اندر جي ڳالهه کولي سمجهائڻ لڳي.
    ”اڄ صفا رومانٽڪ لڳي پيئي آهين، موسم جو اثر آهي يا ماحول جو“، مون مستي واري انداز ۾ چيو.
    ”ها ها ها .... دل جو اثر آهي .... “ هن مسڪرائيندي جواب ڏنو. ۽ منهنجا هٿ پنهنجي هٿ ۾ مضبوطي سان پڪڙي سموري ڪائنات پنهنجي وجود ۾ سمائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ته ڪومل آئي، چيائين ”اٿو سر سڏي ٿو پيو واپس هلڻ لاءِ“.
    ۽ پوءِ اٿي بس طرف هلڻ لڳاسين.
    رات دير تائين واپس گهر پهتا هئاسين. زندگيءَ جو هن سان اهو ٽوئر اڄ به دل جي ڪئنواس تي يادگيرين جا ڪيترا چِٽ چٽيندو ٿو رهي.
    ـــ


    6

    حسب معمول هوءَ ڪاليج جي ٽيريس تي ويٺي هئي، آءٌ جيئن ئي وٽس پهتس هوءَ هڪدم منهنجي هٿن ۾ هٿ ڏيئي روئڻ لڳي هئي.
    ڇا ٿيو وينا .... ؟؟؟ آءٌ سندس اچانڪ روئڻ تي پريشان ٿي پيو هوس.
    مگر هن ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ روئڻ لڳي هئي.
    ”مگر ٻڌائي ته سهي، ڳالهه ڇا آهي؟ خبر ته پئي ...“ مون کيس تجسس مان پڇندي چيو.
    ”تون مون کي ڇڏي ته نه ويندين نه ....؟“ اهو چوندي هُوءَ ٻيهر روئي ويٺي هئي.
    ”اڙي جانان! هي اچانڪ توکي اهو خيال ڪٿان آيو آهي؟“ مون حيرت مان پڇيو.
    ”ديپو ... مون کي اڪيلو ته ڇڏي ويندين نه ...؟“ هوءَ زارو قطار بس روئڻ ئي لڳي هئي.
    ”مگر ٿيو ڇا آهي اچانڪ؟ ڪالهه ئي ته ٽوئر تان واپس آيا آهيون، کلندي مستي ڪندي پوءِ اچانڪ ڇا ٿيو؟“ مون پاڻ کي حيرت ٿي رهي هئي ته آخر ٿيو ڇا آهي؟
    هن منهنجا هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهليندي روئڻهارڪي انداز ۾ چيو هو، ”مون کان تون پنهنجا هٿ ڇنائي ته نه ويندين نه؟“
    ”نه بابا نه ڇو ڇنائيندس؟ مگر اصل ڳالهه ته ٻڌاءِ“ مون پريشاني مان چيو.
    ”آءٌ مري وينديس، جي تون مونکي نه ملين ته! آءٌ تو کان سواءِ نه رهي سگهنديس.“ وينا منهنجا هٿ پنهنجي نازڪ ڳلڙن تي رکندي چيو.
    ”يار صبح صبح اهڙيون مرڻ واريون ڳالهيون ته نه ڪر“، مون کيس چيو.
    ”پر جي تون مونکي نه ملين ته سچي آءٌ مري وينديس، تو کان سواءِ نه رهي سگهنديس“ وينا ٻيهر روئڻهارڪي لهجي ۾ وراڻي ڏني.
    ”پر خبر ته پوي آخر ٿيو ڇا آهي؟“ مون کيس ايلاز ڪندي چيو.
    ”مون رات خواب ڏٺو ته تون مون کان جدا ٿي ويو آهين، تون مون کي ڇڏي ڪنهن ٻئي جو ٿي ويو آهين.“ وينا گذريل رات ڏٺل خواب کي بيان ڪندي چيو.
    ”اوهه ماءِ گاڊ ...!! ته ڳالهه اها .... توبهه چري ڇوڪري ..... خواب خواب هوندا آهن پاگل، حقيقت نه هوندي آهي“، مون رليڪس ٿيندي چيو.
    ”نه نه مون ٻڌو آهي، فجر جو ڏٺل خواب پورو ٿيندو آهي.“ وينا جواب ڏيندي چيو. وياڪُلتا سندس چهري تي پَسجي رهي هئي.
    ”پڙهيل لکيل ٿي ڪري اهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين، حد آهي ...“ مون کيس سمجهائيندي چيو.
    ”جيئن خواب ڏٺو آهي، منهنجي ننڊ ئي اُڏي ويئي آهي، مون کي ته سمجهه ۾ ئي نه ٿو اچي ته آءٌ ڇا ڪريان.“ وينا ٻيهر روئڻ لڳي.
    ”جيڪي خيال انسان جي دماغ ۾ هوندا آهن، اهي رات جو خواب ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن، باقي ڪجهه به ناهي“، مون وضاحت ڪندي چيو.
    ”ايئن به ناهي، خواب سچا ثابت به ٿيندا آهن، اگر ايئن ٿيو ته پوءِ آءٌ ڪيڏانهن وينديس“ وينا ٻيهر روئڻهارڪي انداز ۾ چيو.
    ”وري ساڳي ڳالهه.....! خاموش ٿي سڀ شاگرد ڏسندا ته ڇا سوچيندا، بلڪل خاموش ٿي. ڳالهه ۾ ڪجهه به ناهي، ايئن ڳالهه جو ڳالهوڙو ٺاهيو اٿئي“ مون رليڪس ٿيڻ لاءِ چيو.
    ”پر جي خواب سچ ٿي پيو ته ؟“ وينا ٻيهر اسرار ڪرڻ لڳي.
    اڙي چري، خواب ڪڏهن به سچ ناهن ٿيندا، اهو ذهن جو خلل آهي“، مون کيس ڳالهه کي وسارڻ لاءِ چيو.
    ”پر .... فجر جو خواب .....“ وينا ٻيهر پنهنجي ڳالهه دهرائڻ لڳي.
    ”مٺڙي .... ڇڏ تنهنجي هن فجر، صبح، سانجهي واري خواب کي .... اٿي مٿي رليڪس ٿي، هل ته هلون ڪلاس ڏي“، مون کيس ٻانهن کان جهليندي اٿڻ لاءِ چيو.
    ”مالڪ ڪري تنهنجي ڳالهه ئي سچي ٿئي، خواب خواب ئي رهي ۽ ڪڏهن به پورو نه ٿئي.“ وينا هٿ ٻڌي مالڪ سائين کان دعا گهرڻ لڳي.
    هاڻي بلڪل رليڪس ٿي، مالڪ چڱي ڪندو .... اوڪي .... هل ته ڪلاس هلون.
    ـــ


    باٽنيءَ جو سبجيڪٽ مون کي خشڪ ۽ ان جو ليڪچر مون کي بور ڪندڙ لڳندو هو. ان ليڪچر دوران آءٌ ڪاليج جي لائبريريءَ ڏانهن منهن ڪندو هوس. توڙي جو وڏن شهرن جي ڪاليجن يا سڌريل ملڪن جي بهترين ڪاليجن جي شاندار لائبريرين جي ڀيٽ ۾ هيءَ لائبرري ڪجهه هزارن ڪتابن ۽ هڪ ڪمري تي مشتمل ننڍڙي لائبريري هئي. جنهن ۾ هڪ سينٽر ٽيبل، ڪجهه الماڙيون ۽ ڪرسيون رکيل هونديون هيون، پر پوءِ به ٺيڪ هئي ۽ ان جو لائبريرين انتهائي خوش مزاج ۽ بهترين منتظم هو. ڪتاب سٺي ترتيب سان، ڪيٽلاگ موجب، موضوع جي حساب سان الڳ الڳ الماڙين ۾ رکيل هوندا هئا، انهي ڪري ضرورت جي ڪتابن کي ڳولڻ ۾ آساني ٿيندي هئي. روزانو سنڌي، اردو توڙي انگريزي اخبارون ۽ ڪيترا مخزن ۽ رسالا اتي ايندا هئا. جنهن باعث روزمره جون سياسي توڙي سماجي خبرون، سٺن ليکڪن جا ڪالم توڙي مضمون، شاعري، ڪهاڻيون ۽ ٻيو ادبي مواد پڻ پڙهڻ لاءِ ملي ويندو هو. جنهن سان علمي توڙي ادبي معلومات ۾ ڪافي اضافو ٿيندو هو.
    ان ڏينهن به باٽني جي خشڪ ليڪچر کان بچندي مون لائبريريءَ جو رخ ڪيو هو. جيئن ئي گيٽ کان اندر داخل ٿيس ته ڏٺم ته، لائبريرين، رجسٽر ۾ ڪتابن جي انٽري ۾ مصروف هو. منهنجي اندر اچڻ جي آواز تي هُن ڪنڌ رجسٽر مان مٿي ڪڍي، مون کي هٿ جي اشاري سان سلام جو جواب ڏئي ۽ ويهڻ جو چئي، وري پنهنجي ڪم ۾ مصروف ٿي ويو.
    لائبريري ۾ هڪڙو شاگرد ويٺو هو، سندس هٿ ۾ رائچند هريجن جو مشهور ڪتاب ”تاريخ ريگستان“ (حصو پهريون) هو. ڪرسي سرڪائيندي ويهڻ مهل هڪڙي سوچ منهنجي ذهن جي ڪئنواس تي تري آئي، ته ڪيترا ماڻهو ڪيئن نه خاموشيءَ سان ڌرتيءَ ۽ ادب جي خدمت ڪري هليا ٿا وڃن. سائين رائچند هريجن صحراءِ ٿر جي تاريخي پس منظر کي سهيڙي هڪڙي دستاويز جي شڪل ڏيئي ڪيڏو نه تاريخي ڪم سرانجام ڏنو آهي. ”تاريخ ريگستان“ ۾ ٿر جي تاريخ کي ڪيئن نه انگن اکرن جي شاهدين سان لکيو اٿس، جيڪو اڄ به ادب جي پڙهندڙن، خاص ڪري نئين ٽهيءَ لاءِ روشن راهه مثل آهي.
    اخبارن لاءِ ميز طرف نگاهه وڌم. ميز تي پيل اخبارن مان هڪڙي اخبار جي سرخي تي نظر پيئي ته لنڱ ئي ڪانڊارجي پيا... خبر هئي: ”هڪڙي ظالم پيءُ چند ڏوڪڙن عيوض نابالغ نياڻي کي هڪڙي ڪراڙي سان پرڻائي ڇڏي“. هيڏو سارو ظلم ايئن سرعام پيو ٿئي، پر ڪير ان تي آواز اٿارڻ وارو به ناهي. حڪومت ۽ ادارا ڪهڙي مرض جي دوا آهن جو ڪنهن نياڻي جي زندگي ايئن ٽياس تي ٽنگجي ويئي، پر ڪير ان تي آواز اُٿارڻ به تيار ناهي. اهي بيبي ڪَٽ برگر عورتون جيڪي عورتن جي حقن تي هانءُ ڦاڙي نعرا ۽ تقريرون ٿيون ڪنديون وتن، ڀلا تن جي نظر مان اها خبر نه گذري هوندي ڇا؟ پوءِ به ايڏي بي حسي ....!!
    ڇا اخبار پڙهان ها، اخبار جا پنا ته صرف بدامني، ڌاڙا، ڦڙون، اقراپروري، رشوت، لٽ مار، قتل ۽ بي حرمتين سان ڀريا پيا آهن، ته ٻئي پاسي بي حِس حڪومت چُپ جي رَلي اوڍي سڀ سٺو آهي، سڀ صحيح آهي جو راڳ آلاپي رهي آهي. اهڙيون دل ڏکوئيندڙ خبرون ڏسڻ کان پوءِ وڌيڪ اخبار پڙهڻ تي دل ئي نه چيس.
    ڪڏهن ڪڏهن دل درد هاڻيون خبرون پڙهي پڙهي تار ٿي ڇُلڪي پوندي هئي ته ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي لفظن جو ويس اوڍائي ديس جي ڏکن تي ڪالم توڙي مضمون اخبارن ۾ لکي ڌرڻي ڌڻين جا ڏک اقتدار ڌڻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو هوس، پر حڪومت وقت کي ڪهڙو اثر پهرين پيو هو، جو منهنجي لکڻين سان پوي ها...!!
    ٻيهر ڪرسي تان اٿيس ۽ بُڪ شيلف ڏانهن وڌيس ته ڪو ڪتاب ئي پڙهان. نظر وڃي سنڌ جي خوبصورت ليکڪ موهن ڪلپنا جي شاهڪار ڪتاب ”بک، عشق، ادب“ تي پيئي. موهن ڪلپنا، سنڌ جي سهڻي شهر ڪوٽڙيءَ جو رهاڪو هو. هي سندس آٿم ڪٿائي ناول آهي، جيڪو روشني پبليڪيشن 1984ع ۾ ڇپايو هو. جنهن ۾ به هن پنهنجي زندگيءَ جي نصيبن سان گڏ سنڌ جي ڪتاب گهرن ۽ لائبررين جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن ۾ پاڻ هڪ هنڌ لکيو اٿائين: ”... خيال آيم ته هوا جو جهُوٽو بڻجي وڃان ۽ سنڌ جي رستن تي هلڻ شروع ڪريان. ڀنگي ٿيان ۽ سنڌ جي زمين تي ٻهاري ڏيئي، ان جي مٽيءَ سان سنان ڪريان. شايد چيز جو قدر وڃائڻ مهل پائبو آهي...“
    بهرحال آءٌ لائبريرين کان اها ڪتاب اِشو ڪرائي پڙهڻ ئي لڳو هوس ته سامهون گيٽ تان وينا هٿ سان اِشارو ڪري ٻاهر اچڻ لاءِ چيو. مون ڪتاب لائبريرين وٽ واپس جمع ڪرايو ۽ آءٌ وينا ساڻ ٻاهر نڪري آيس.
    ان ڏينهن اهو ڪتاب پڙهي نه سگهڻ ڪري ٻيهر وقت ڪڍي اهو ڪتاب پڙهي مڪمل ڪيم.
    ــ


    هڪ ڀيري اسان ٻيئي ڪاليج جي پرنسپال آفيس جي ساڄي پاسي ٺهيل ٿلهي تي ويٺا ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين. ته هن اچانڪ منهنجا هٿ پنهنجن هٿن ۾ جهليندي چيو، ”اڄ کان پوءِ آءٌ توکي تنهنجي نالي سان نه پڪارينديس“.
    ”اڇا...!! پوءِ مون وانگر جانان چيئي پڪاريندين....“ مون مستي واري لهجي ۾ چيو.
    ”نه ....“ هن وراڻي ڏيندي چيو.
    ”ته پوءِ ...؟؟“ مون کائنس پچيو.
    ”تنهنجو نئون نالو سوچيو آهي.“ وينا چيو.
    ”ڇو اهو نالو پسند ناهي ڇا؟“ مون کائنس پڇيو.
    ”تنهنجي وجود سان جڙيل هر شيءَ پسند آهي.“ وينا منهنجي اکين ۾ جهاتي پائيندي چيو.
    ”ته پوءِ ...؟“ مون سوال ڪيو.
    ”بس ڪا مجبوري آهي!“ وينا وراڻي ڏيندي چيو.
    ”مجبوري .... نالي ۾ .... اها وري ڪهڙي ...؟؟“ مون تعجب کائيندي پڇيو.
    ”ڇوڪري ڪڏهن به پنهنجي گهوٽ جو نالو ناهي وٺندي.“ وينا وڏي ويچار سان وراڻي ڏيندي چيو.
    ”اوهه گاڊ! ايڏي پلاننگ ڪري ويٺي آهين ڇا؟“ مون مستي مان چيو.
    ”اوئي .... پلاننگ مان ڇا مراد .... تنهنجي مڱيندي آءٌ نه ٿينديس ڇا؟“ اها ڳالهه ڪندي وينا جي چهري تي حَياءَ جا ڀوئنر مِڙي پيا هئا.
    ”ها ... اهو ته ٺيڪ آهي، پر اهو ته اولڊ فيشن آهي مٺڙي“ مون کيس چيو.
    ”ڪجهه به هجي، پر مون تنهنجو نئون نالو پسند ڪيو آهي.“ وينا منهنجي ڳالهه کي اڻ ٻڌي ڪندي چيو.
    ”پڙهيل لکيل ٿي ڪري به تون پراڻين ريتن رواجن ۾ يقين ٿي رکين“، مون کيس ٻيهر چڙائيندي چيو.
    ”تون ڪجهه به چئو، آءٌ تنهنجي ڳالهين ۾ اچڻ واري ناهيان.“ وينا ٺهه پهه جواب ڏنو.
    ”چڱو ٻڌاءِ ته سهي، نالو ڪهڙو پسند ڪيو آهي؟“ مون کائنس پڇيو.
    ”پسند ايندو الائي نه پر مون سوچيو آهي، هاڻي توکي انهي نالي سان پڪارينديس.“ وينا جواب ڏيندي چيو.
    ”اڄ تائين تنهنجي هر شيءَ، هر ڳالهه پسند ڪئي اٿم، ٻڌاءِ ڪهڙو نالو سوچيو آهي“، مون کيس پيار جتائيندي چيو.
    ”دانش ....!!“ وينا نالو ٻڌائيندي چيو.
    ”واهه سائين دانش ....“ مون کيس داد ڏيندي چيو.
    ”پسند آهي؟“ وينا مون کان پڇڻ لڳي.
    ”بهترين، بلڪل پسند آهي. دانش .... دانش معنيٰ عقلمند .... مگر آءٌ ته بي وقوف انسان آهيان“، مون مستي مان چيو.
    ”اوهه اڇا .... مون جهڙي خوبصورت ڇوڪريءَ سان پيار ڪندڙ ڀلا ڪڏهن بي وقوف ٿي سگهي ٿو“ وينا پنهنجي سونهن تي ناز ڪندي چيو.
    ”اوهه ... هو ....خوبصورت .....“ مون مسڪرائيندي مستي مان چيو.
    ”ڇو آءٌ خوبصورت ناهيان ... مون جهڙي حسين ڇوڪري هن پوري ڪاليج ۾ ڏيکار ته مڃان.“ وينا وارن جي چڳن کي چهري تان هٽائيندي مون کي چئلينج ڪندي چيو.
    ”واهه ميڊم ..... پنهنجي منهن ميان مِٺُو ....“ مون کي ويتر مستي لڳي.
    ”نه نه ٻڌاءِ نه .... ته خبر پوي نه .....“ وينا نڪ کي مَروڙ ڏيندي چيو.
    ”مٺڙِي جانان.... مذاق ٿو ڪريان...... تو جهڙي حسين، خوبصورت ڇوڪري هن پوري ڪاليج ۾ ته ڇا پر هن شهر ۾ به ناهي بس ....“ مون کيس خوش ڪندي چيو.
    ”لازمي آهي، ڪو هجي ته ٻڌائين نه .... آهي به ڪونه ڪا ....“ وينا اسٽائل سان وار سنواريندي چيو.
    ”ها بابا ڪوئي ناهي، بس تنهنجي پڻس هڪڙو ئي نمونو ٺاهيو آهي .... پوءِ فيڪٽري بند ڪري ڇڏي .... هاهاهاها ....“ مون کان کل نڪري ويئي.
    انهي ڳالهه تي وينا پڻ ٽهڪ ڏيئي کلي ويٺي ..... اسين ٻيئي فرسٽ فلور ڏي هلڻ لڳاسين.
    ـــ


    7

    آءٌ حسبِ معمول نم جي ڇانوءَ ۾ ئي ويٺو هوس ته ڪومل تڪڙي تڪڙي آئي ۽ مونکي هڪڙو خط ڏئي جلدي واپس هلي ويئي، مون سوچيو شايد وينا جو هوندو، هن اڪيلائي ۾ پنهنجا احساس ڪاڳر تي اتارڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي، پر اسان وچ ۾ هاڻ اهڙي ڪا دوري به ته نه هئي يا اهڙي ڪا ديوار به نه هئي، جو هوءَ پنهنجي من اندر جي ڳالهه مون سان اوري نه سگهي، پوءِ خط جي ذريعي ڪهڙي ڳالهه چوڻ ٿي چاهي، دل ۾ اوچتي هلچل مچي ويئي.
    ڪومل خط منهنجي هٿ ۾ ڏيئي هلي ويئي، پر هڪڙي ڳالهه جيڪا مونکي حيرت زده لڳي، ته جيڪر ڪومل کي وينا جو خط ڏيڻو هجي ها ته وينا سان گڏ جنهن وقت رڪشا مان لٿي، انهي وقت ڏئي ها، پر نظرون چورائي جلدي ۾ خط منهنجي هٿن ۾ ڏيئي ايئن تڪڙي تڪڙي ڇو هلي ويئي؟ جيئن وينا يا ٻيو ڪير هن کي ڏسي نه وٺي!
    هن کان اڳ جڏهن به وينا، ڪومل جي هٿان ڪا شيءَ يا ڪاغذ اماڻيندي هئي ته هي بنان ڪنهن ڊپ جي، بنان ڪنهن خوف جي، بنان تڪڙ جي، وڏي اطمينان سان اها شيءَ منهنجي حوالي ڪري پوءِ مسڪرائي مذاق ۾ ڪو جملو به ڪَسي ويندي هئي، مگر اڄ مونکي هن جو هيءَ روپ حيرت زده لڳو.
    مون خط کوليو سوچيم ته پڙهان، وينا منهنجي لاءِ ڪهڙا احساس پنهنجي نازڪ هٿن سان ڪاغذ جي سيني تي اتاريا آهن....
    پر هيءَ ڇا .....؟؟؟
    هي خط ته وينا جي ڪزن سونم جي پاران لکيل هو، جنهن کي گهر وارا پيار سان سونو ڪري سڏيندا هئا، وينا کان هڪ سال ننڍي هئي ۽ مئٽرڪ جي ڪلاس ۾ پڙهي رهي هئي، ان سان وينا پنهنجي برٿ ڊي (سالگرهه) واري ڏينهن تي ملايو هو. ڪڻڪي رنگ واري سلم فگر جي انتهائي خوبصورت نقش نگار، سنڌو جهڙيون وشال اکڙيون، سهڻا سنهڙا گلابي چپ، ڪارا ڊگها وار، ڄڻ وينا جي هم شڪل ڪاپي پيسٽ هجي. پر هُن مونکي خط ڇو لکيو هوندو؟
    آءٌ اهو خط تجسُس مان پڙهندو ويس، ته حيراني جي ڪا حد نه رهي، سونم انهي خط ۾ مون سان پنهنجي پيار جو اظهار ڪيو هو. لکي ٿي ته ”وينا جي برٿ ڊي تي پهرين ئي ملاقات ۾ هو مونکي پنهنجي دل ڏيئي ويٺي هئي ۽ وينا منهنجيون ايتريون ته تعريفون ڪيون هيون. منهنجي شخصيت کي ايئن گهڙي پيش ڪيو هو، جو هو انهي ڏينهن مونکي پهرين ئي ملاقات ۾ ڏسي جلد متاثر ٿي پيئي هئي ۽ دل ڏيئي ويٺي هئي. پر هُو پريشان هئي ته پنهنجي دل جي ڳالهه مون سان ڪيئن اوري، سو نيٺ اهو خط جو طريقو استعمال ڪيو اٿائين“.
    هڪ گهڙي لاءِ ته ڏاڍي مسرت ٿي، ڀلا آءٌ ايڏو وڏو پرڪشش آهيان ڇا؟ جو اهڙي چنڊ جهڙي ڇوڪري مون تي موهت ٿي ويئي، پر ٻي گهڙي پنهنجو پاڻ کي ڏٺم ته آءٌ ته سانوري رنگ جو بي ڊولو ۽ هُو چوڏهين جي چنڊ جهڙي حسين خوبصورت اپسرا، ڀلا هن کي منهنجي ڪهڙي ڳالهه وڻي، جو کڻي هيڏو ٺونٺ جيڏو خط لکيو اٿس.
    اهو سڀ ته ٺيڪ آهي پر وينا ..... کيس خبر پيئي ته پوءِ؟ هُو ته ڌرتيءَ آسمان هڪ ڪري وجهندي. جيڪا خواب جي معاملي تي ايڏو جذباتي ٿي سگهي ٿي سو حقيقت ۾ ڪنهن ڇوڪري پاران مونکي لکيل پريم پتر جو ٻڌي مونکي ۽ هُن کي ڪچو کائي ويندي. اهو سوچيندي ئي لنڱ ڪانڍارجي پيا.
    پوءِ ڇا ڪيان هن سان ذڪر ڪيان يا نه ڪيان؟ يا پهرين ڪومل کان اصل ماجرا معلوم ڪيان پوءِ ئي اهو قصو وينا سان بيان ڪيان.
    پر جي منهنجي ٻڌائڻ کان پهرين ئي وينا کي پروڙ پئجي ويئي ته پوءِ منهنجي ڇا حيثيت رهجي ويندي هن جي اڳيان؟، هوءَ ته ايئن ئي سمجهندي ته مون کائنس اها ڳالهه لڪائي رکي يا هن سان دوکو ڪيو ..... نه نه .... آءٌ سموري ڳالهه هن سان بيان ڪيان ٿو ۽ اهو خط وڃي هن کي ڏيان ٿو پوءِ هو ڄاڻي ۽ هن جي ڪزن ڄاڻي ..... منهنجي وچان جان ئي ڇٽي پوندي. پر ٻي لمحي اهو خيال آيو ته جيڪڏهن وينا اهو خط ڏسي جذباتي ٿي پيئي ۽ پنهنجي ڪزن سان اٽڪي پيئي، ڪو جهيڙو ڪري وڌائين يا ڪجهه غلط چئي ويٺي ته ڳالهه وڌي ويندي ۽ سموري گهر، پاڙي ۽ ڪاليج تائين وڃي ڳالهه پهچندي ايئن ته خوام خواهه خوار ٿي وينداسين.
    منهنجي خيال ۾ اهو ئي بهتر آهي ته في الحال آءٌ ڪومل سان ملان، سموري ڳالهه معلوم ڪريان پوءِ ئي وينا سان ذڪر ڪندس. مالڪ سائين ڪندو تيستائين وينا کي خبر نه پوندي، ڇاڪاڻ جو ٻڌائڻ واري هڪڙي آهي ڪومل، جنهن پاڻ لڪائي خط پهچايو سا پڪ سان نه ٻڌائيندي ۽ ٻي آهي سونم پاڻ، سو ته ممڪن ئي ناهي جو ڪنهن کي ٻڌائي، سو في الحال صبر کان ڪم ٿو وٺان ۽ معاملي جي تهه تائين پهچي پوءِ ئي ڪو فيصلو ڪندس.
    پهريون ڀيرو هو جو، آءٌ وينا کان ڪا ڳالهه لڪائي رهيو هئس، پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙ به اچي رهي هئي، ته جنهن پنهنجو وجود ۽ احساس کليل ڪتاب جيان مون اڳيان رکي ڇڏيا، سندس ڪابه ڳالهه مون کان لڪيل نه هئي، اهڙي ڪابه شيءَ جيڪا وينا سان لاڳاپيل هجي ۽ ان جي مون کي پروڙ نه هجي اهو ممڪن ئي نه هو، هن جي زندگي جو هر رُخ منهنجي اڳيان کليل ڪتاب جيان هو، جنهن جو هر هڪ ورق مون پڙهيو هو، پوءِ مون پاران هن کان اها ڳالهه لڪائڻ مون کي زيب ته نٿو ڏئي، پر ڇا ڪيان آءٌ اهڙي هنڌ اچي پهتو آهيان، جنهن جي هڪ پاسي کڏ آهي ته ٻئي پاسي کاهي..... وڃان ته وڃان ڪاڏي؟؟ وينا کان لڪايان ٿو ته اها منهنجي پيار جي شيش محل تي درار مثل هو ۽ جي ذڪر ٿو ڪيان ته مون کي هڪ اڻ ڏٺو طوفان برپاءُ ٿيندي نظر ٿو اچي. هڪ طرف محبت آهي ته ٻي طرف زماني جو ڀرم.
    ڪافي سوچ ويچار کان پوءِ اهو ئي فيصلو ڪيم ته في الحال جذباتن تي ڪنٽرول ڪري صبر کان ڪم ٿو وٺان ۽ معاملي جي تهه تائين پهچڻ کان پوءِ سموري ڳالهه وينا سان اوريندس ۽ پيرن تي هٿ رکي معافي وٺندس.
    هاف بريڪ وقت آءٌ، وينا ۽ ڪومل روز جيان ٽيريس تي وڃي ويٺاسين، الائي ڇو آءٌ پهريون ڀيرو وينا سان نظرون نه پئي ملائي سگهيس. هڪڙي ڪيفيت هئي جا مون کي اندر ئي اندر کائي رهي هئي، اندر ۾ هڪڙي آنڌ مانڌ متل هئي مگر ظاهري طور مون پوري ڪوشش پئي ڪئي ته ڪيفيت کي ظاهر ٿيڻ نه ڏيان.
    پر وينا منهنجي چهري تي اها پريشاني پروڙي ورتي جو هڪ دم سوال ڪيائين، ”ڇا مسئلو آهي پريشان پيو نظر اچين؟“
    مون هڪ دم چهري تي هلڪي مرڪ آڻيندي چيو ”نه نه بلڪل به نه ..... پريشان ڇو هوندس!“
    ”ڪا ڳالهه ته ضرور آهي، جو اڄ تنهنجي مزاج ۾ اها رونق نظر نٿي اچي.“ وينا ٺهه پهه جواب ڏنو.
    مون جهٽ ۾ ڪومل ڏي نهاريو، جنهن نظرن ئي نظرن ۾ مون کي منع ڪئي ته ڪنهن به صورت اها ڳالهه نه ڇيڙيان، سو مون ڳالهه کي ڦيرائيندي چيو ”نه يار بس مٿي ۾ ٿورو سور آهي، انهي ڪري طبيعت ۾ مزو ناهي.“
    ”اڇا، صبح، جڏهن آءٌ رڪشا ۾ لٿيس پئي ان وقت ته تون بلڪل فريش پئي لڳين.“ وينا مون کي رمائينڊ ڪرائيندي چيو.
    چوندا آهن ته هڪ ڪوڙ کي لڪائڻ لاءِ سئو ٻيا ڪوڙ ڳالهائڻا پوندا آهن، سو به وري پنهنجي پيار سان! ..... مون لاءِ عجيب امتحان هو. سو ٻيهر ڳالهه کي ڳنڍيندي چيم، ”ان وقت هلڪو هلڪو مٿي ۾ سور هو، سوچيم گوري نٿو کايان، پاڻهي لَهي ويندو مگر سر قاسم جو ليڪچر ٻڌي ويتر مٿي جو سُور وڌي ويو“ مون هروڀرو کلڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن ماحول تبديل ٿئي.
    ”مٿي جي سور جي گوري آهي، يا گهرائي وٺون ڪنهن کان.“ وينا پريشان ٿيندي چيو.
    ”بس خير آهي، تو سان ملاقات ٿي ويئي آهي، سو هاڻي پاڻهي مٿي جو سور لهي ويندو“، مون مُرڪي چيم.
    ”مکڻ ٿو هڻين.“ وينا شرارت مان چيو.
    ”الله .... سورنهن آنا سچ مٺيءَ، تون ملين ٿي طبيعت پاڻهي فريش ٿِي ٿِي وڃي“، مون محسوس ڪيو ته آءٌ ڳالهين کي تبديل ڪرڻ سکي ويو هوس.
    ”اوهه .... اوهه .... منهنجو مٺو ..... ايڏو پيار ڪري ٿو مونسان.“ وينا پيار واريندي چيو.
    ”ٻيو وري .....“ مون کيس تسلي ڏيندي چيو.
    ”الله ..... آءٌ صدقو وڃان منهنجي مٺڙي تان ......“ وينا فلائنگ ڪِس ڏيندي چيو.
    ”رڳو صدقو ويندين يا پيٽيز به کارائيندين، بک لڳي آهي يار ....“ مون ڳالهه کي مڪمل ڦيرائيندي چيو.
    ”ها ... ڇو نه ..!! ڪومل ڪنهن کي پيٽيز ۽ ڪولڊ ڊرنڪ وٺڻ لاءِ چئو.“ وينا پرس مان پيسا ڪومل کي ڏيندي چيو.
    پيٽيز ۽ ڪولڊ ڊرنڪ جي سپ تي ڪجهه دير هتان هتان جون ڳالهيون ڪرڻ لڳاسين ته ايتري ۾ بيل وڳي ته واپس ڪلاس طرف ورياسين.
    ــــ


    ڪلاس ۾ به دل ۽ دماغ ۾ سوين سوال ۽ خدشا، بس هڪڙي ئي ڳالهه کُٽڪندي رهي ته آخر هي ماجرا ڇاهي؟ فول اپريل وارو مذاق ته ناهي ڪيو ويو مونسان! متان ڪا شرارت هجي انهن سڀني جي ملي ڪري. وينا مونکي آزمائي ته نه رهي آهي، اهو سڀ محض ڊرامون ته ناهي. جي ناهي ته پوءِ ان جو ردعمل ڇا ٿيندو؟ سونم کي جڏهن انڪار ڪندس يا کيس ٻڌائيندس ته آءٌ هُن جي بجاءِ وينا کي پسند ٿو ڪريان ته پوءِ سونم جو رِي ايڪشن ڇا هوندو؟ اهڙا ڪيترا ئي وسوسا منهنجي اندر ۾ آنڌ مانڌ مچائي رهيا هئا. مون کي بس انتظار هو ته بس شام ٿيڻ جو، ته جيئن ڪومل جي گهر وڃي کائنس سڄي ماجرا معلوم ڪيان ته آخر ڪهڙي کچڻي پڪجي رهي آهي، جو مون کي ٽياس تي ٽنگيو ويو آهي. هڪ هڪ منٽ سال، صدين برابر لڳڻ لڳو جيئن تيئن ڪري ڪاليج مان موڪل ٿي.
    هڪ هڪ پل ڳڻي شام ڪيم ۽ ڪومل جي گهر پهتس ته پڇيم ته ”ڪومل هي سڀ ڇا آهي؟“
    ”مونکي پاڻ کي ئي خبر ناهي، ته سونم تو تي ايئن فدا ٿي پيئي آهي، ڪالهه رات گهر آئي ۽ خط منهنجي حوالي ڪندي توکي ڏيڻ لاءِ چيائين.“ ڪومل وضاحت ڪندي چيو.
    ”پر تون پهرين پُڇين ته ها ته هن خط ۾ لکيل ڇا آهي؟“ مون کائنس پڇيو.
    ”ها مون پڻ اهو ئي پڇيو ته خط ۾ ڇا لکيل آهي؟“ ڪومل پڻ منهنجي ڳالهه سان سهمت ٿيندي چيو.
    ”اڇا ته پوءِ ڇا چيائين؟“ مون پڇيو.
    ”چيائين ته مونکي ديپ وڻي ٿو، وينا تنهنجون هن وٽ ايتريون ته تعريفون ڪيون آهن، جو هو توکي پهرين کان ئي بغير ڏٺي چاهڻ لڳي هئي، پر انهي ڏينهن برٿ ڊي تي تو سان ملاقات هن کي وڌيڪ حوصلو ڏنو.“ ڪومل سموري ڳالهه ڪندي چيو.
    ”پر توکي ته خبر آهي نه، ته آءٌ ۽ وينا هڪ ٻئي کي چاهيون ٿا، اها ڳالهه تو نه ڪئي ڇا؟“ مون کيس حيرانگي مان چيو.
    ”مون هن کي ايترو ضرور چيو ته تون وينا جو سڀ کان ويجهو دوست آهين، وينا توکي پسند ڪري ٿي، باقي پيار جو آءٌ نه چئي سگهيس ڇاڪاڻ ته وينا جو، ڪنهن کي به اهو ٻڌائڻ کان مون کي منع ڪيل آهي.“ ڪومل پنهنجي ڳالهه جي وضاحت ڪندي چيو.
    ”ته پوءِ ان تي هن جو ڇا ردعمل هو؟“ مون وري پڇيو.
    ”چيائين ”دِي دِي“ وينا (ڀيڻ) جو ڀلين سٺو دوست هوندو، پسند ڪندي هوندي پر منهنجو هيءَ پيار آهي، پهريون پيار آهي، منهنجو همسفر ٿيندو.“ ڪومل چيائين.
    ”پاگل آهي ڇا؟ ڪنهن سان هڪ دفعو ملڻ يا ڪنهن کي پسند ڪرڻ مان مراد پيار ٿورو ئي آهي؟“ مون ڪاوڙ جو تاثر چهري تي آڻيندي چيو.
    ”هيءُ وٺ هُن جو خط، هُن کي واپس ڪجان ۽ چئجان آءٌ کيس پيار نه ٿو ڪريان“، مون ڪاوڙ مان هن جو خط ڪومل کي واپس ڪندي چيو.
    ”ٺيڪ آهي آءٌ تنهنجو اهو جواب ۽ خط واپس ڪري ڇڏينديس، اڄ هُوءَ مون وٽ تنهنجو جواب وٺڻ لاءِ ضرور ايندي.“ ڪومل مون کان خط واپس وٺندي چيو.
    ”ها ٺيڪ آهي، مگر هُن کي سختي سان منع ڪجان ته منهنجي دل ۾ هُن لاءِ اهڙو ڪوبه احساس ناهي. وينا جي ڪزن آهي، صرف ان ڪري ملاقات ٿي، باقي ٻيو ڪجهه به نه سوچي“. مون کيس سمجهاڻي ڏيندي چيو.
    ”ٺيڪ آهي، ايئن ئي چونديس، پر وينا سان ذڪر نه ڪجان انهي ڳالهه جو.“ ڪومل مون کي سمجهائيندي چيو.
    ”نه نه چري آهين ڇا؟ اصل ڌرتي آسمان هڪ ڪري وجهندي، هو جذباتي آهي صفا!“ مون پڻ ڪومل جي ڳالهه جي تائيد ڪندي چيو.
    ـــ


    8

    ٻيءَ ڏينهن صبح جو ٻيهر ڪومل، وينا کان نظرون بچائيندي مون وٽ پهتي ۽ هڪ ٽشو پيپر ڏيندي چيائين ته ”سونم پنهنجي رت سان ٽشو پيپر تي ”آءِ لَو يُو ديپ“ لکي ڏنو آهي ته توکي ڏيان“، ڪومل سونم جو ڏنل ٽشو پيپر مون کي ڏيندي چيو.
    ”يار تو هن کان وري هيءَ ٽِشو پيپر ورتو ڇو؟ مون جيڪا ڳالهه ڪئي، اها هن کي نه ٻڌائي ڇا؟“ مون چڙ مان چيو.
    ”هُو پهرين ئي گهر کان اهو لکي کڻي آئي هئي ۽ چوي پيئي ته ڀلين ديپ مون سان پيار نه ڪري پر آءٌ ته ڪيان ٿي نه!“ ڪومل وضاحت ڪندي چيو.
    ”پيار .... يار اهو ڪهڙو طريقو آهي پيار جو، پنهنجي خون سان ڀلا ڪو لکندو آهي ڇا؟“ مون حيراني مان پڇندي چيو.
    ”ڇا ٿو ڪري سگهجي، اڄ جون ڇوڪريون آهن ئي ڏاڍيون جذباتي.“ ڪومل ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو.
    ”يار هيءُ کڻي وڃ واپس، مون کي نه گهرجي“، مون ٽشو پيپر ڪومل کي واپس ڪندي چيو.
    ”سونم چيو آهي ته جيڪر هي واپس ڪيو ته هو کوڙ ساريون ننڊ جون گوريون کائي ڇڏيندي!“ ڪومل سونم جي ڏنل وارننگ مون کي ٻڌائيندي چيو.
    ”واهه يار عجيب بليڪ ميلنگ آهي، اهو پيار ته نه چئبو“، مون حيرت مان چيو.
    ”جيڪو هن چيو اهو ئي تو کي ٻڌايو آهي، وڌيڪ جيڪا تنهنجي مرضي، آءٌ هلان ٿي متان وينا ڏسي نه وٺي.“ ڪومل تڪڙي تڪڙي واپس ويندي چيو.
    ”چڱو ٺيڪ آهي، آءٌ محض هڪڙو ٽشو پيپر سمجهي رکي ٿو ڇڏيان، مگر هن کي چئجان هُوءَ ان جو اِهو مطلب هرگز نه سمجهي ته ڪو هن جي محبت کي تسليم ٿو ڪريان“، مون وضاحت ڪندي ٽشو پيپر جيب ۾ رکي ڇڏيو.
    ڪومل جي وڃڻ کان پوءِ سوچڻ لڳس ته آخر هن مسئلي جو حل ڇا ڪڍجي، جيڪر هينئر کان ئي هن کي منهن نه ڏنو ته مسئلو وڌي وڻ ٿي ويندو.
    ”مگر ڪجي به ته ڇا ڪجي، سونم کي ڇا چوان ته جيئن کيس ڳالهه سمجهه ۾ اچي، جو آءٌ پنهنجو پيار وينا کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن سان ورهائي نٿو سگهان، اهو ئي منهنجو پهريون ۽ آخري پيار آهي، وينا منهنجي زندگي آهي ڀلا زندگي ٻي ڪنهن سان ڪيئن ٿو شيئر ڪري سگهان؟“ آءٌ پنهنجو پاڻ کي وضاحتون ڏيڻ لڳس.
    ”هڪڙو ته وينا کي به ته نٿو ٻڌائي سگهان نه ته پاڻهي ئي مسئلي کي منهن ڏيئي ها، هو پاڻ ايڏي جذباتي آهي، جو کيس خبر پئي ته سندس ڪزن هن جي پيار جي آڏو پيئي اچي ته پنهنجو پاڻ کي ڪجهه ڪري وٺي يا پنهنجي ڪزن سان ڪو وڏو جهيڙو يا معاملو مسئلو نه ڪري وجهي، ڇا ڪيان ڇا ڪيان؟“. آءٌ پنهنجو پاڻ ڪو حَل سوچڻ لڳس.
    ”سونَم سان ملي هن کي سمجهايان .... منهنجي خيال ۾ اهو بهتر ٿيندو ته کيس سمجهايان ته اها تنهنجو سوچ ٻاراڻي آهي، اهو پيار نه پر پاگل پن آهي. هُو منهنجي هڪ سٺي دوست ٿي سگهي ٿي، مگر محبت هرگز نه!“ پر حتمي فيصلو نه ڪري سگهيس.
    آءٌ هڪڙا خيال ٺاهي ٻيا ڊاهي رهيو هوس ته آخر هن مسئلي جو حل ڪيئن ڳوليان ته جيئن هن جنجهٽ مان جان ڇُٽي سگهي.
    ـــ

    آءٌ حَسبِ دَستُور شام جي وقت ڪومل جي گهر جي اوطاق تي پهتس ته حيرت جي حد نه رهي، وينا بجاءِ سونم ويٺي هئي.
    مون اڃان سوچيو ئي مس هو ته سونم سان ملجي مگر هيءَ ته چوڻ کان اڳ ئي ويٺي هئي ..... پر وينا ڪٿي؟ وينا کي سڄي معاملي جي خبر ته نه پئجي ويئي .....آءٌ سونم کي ڏسي هڪدم پريشان ٿي ويس.
    ڪومل منهنجي چهري تي پريشاني جا تاثرات پڙهندي هڪدم چيو ته ”گهٻراءِ نه....!!، اڄ وينا نه پئي اچي هن سونم جي هٿان نياپو اماڻيو آهي، ته اڄ سندس گهر مهمان آيل آهن..... تنهنڪري هُو پڙهڻ لاءِ نه اچي سگهندي“.
    ”اَڇا ٺيڪ آهي، پوءِ آءٌ به هلان ٿو“..... حالانڪه سونم سان سامهون ويهي مسئلي کي ختم ڪرڻ به چاهيو ٿي..... پر پوءِ به مون اتان نڪرڻ بهتر سمجهيو.
    سونم هڪ دم مون کي هٿ کان پڪڙي روڪيندي چيو، ”پليز ٻه منٽ منهنجي ڳالهه ته ٻڌ!“
    ”منهنجي خيال ۾ توکي هن جي ڳالهه ضرور ٻڌڻ کپي.“ آءٌ سونم جي ڳالهه تي ڪو ردعمل ڏيان .... تنهن کان اڳ ئي ڪومل پنهنجي راءِ ڏيندي چيو.
    ”ڇا ڳالهه ٻُڌان هن جي..... هن جيڪو ڪجهه ڪيو آهي، آءٌ اهڙي نان سينس ۽ جذباتي عمل جو سخت مخالف آهيان“. مون سونم ڏانهن ڪاوڙ مان نهاريندي ڪومل جي ڳالهه جو جواب ڏنو.
    ”سوري ..... ويري سوري .... ٿي سگهي ٿو منهنجو اهو عمل غلط هو، مگر احساس بلڪل سچا هئا، ان ۾ ڪا به کوٽ نه هئي.“ سونم مون ڏي معصوم نگاهن سان نهاريندي چيو.
    ”واٽ احساس يار ....!! تون منهنجي لاءِ صرف وينا جي ڪزن آهين بس .... ان کان اڳتي ڪجهه سوچجان به نه ... اوڪي ....“ مون جذباتي ٿيندي چيو.
    ”ڇو ڀلا مون کي پيار ڪرڻ جو حق ناهي ڇا؟ وينا جي ڪزن هجڻ گناهه آهي ڇا؟“ سونم پنهنجي ڳالهه وزنائتي ڪندي چيو.
    ”آهي .... بلڪل حق آهي .... پر ڪنهن ٻي سان وڃي پيار ڪر .... آءٌ ٻي ڪنهن جي امانت آهيان .... سو ويري سوري ....“ مون کيس وضاحت ڪندي چيو.
    ”پر آءٌ ته تو سان پيار ڪيان ٿي، جيءَ جان سان پيار ڪيان ٿي، منهنجو سينو چيري ڏس ...“ سونم اکيون آليون ڪندي مون کي چنبڙي پيئي.
    مون کيس پاڻ کان پري ڪندي چيو ”پليز ... هيءَ غلط آهي، توهان پنهنجي ڳالهه ڪريو مگر مون کان بلڪل پري بيهي ڪري ....“
    ”توکي منهنجي آلين اکين تي رحم نٿو اچي، منهنجي معصوم چهري ڏي ڏس پيار ڀريو احساس نظر نه ٿو اچي ....“ سونم تڙپ مان چيو.
    ”پاڻ سٺا دوست ٿي سگهون ٿا بس .... باقي ڪجهه به نه .... اهي احساس ۽ جذبات تون پنهنجي ساٿي لاءِ بچائي رک“. مون کيس بي رُخي انداز مان جواب ڏنو.
    ”آءٌ پنهنجو پاڻ کي توسان پيار ڪرڻ کان نه ٿي روڪي سگهان، ڇا ڪمي آهي مون ۾؟ ٻڌاءَ وينا جهڙي خوبصورت، حسين ۽ پياري نه آهيان ڇا ...؟“ سونم مونکي دليل ڏيندي چيو.
    ”وينا جهڙي هوندئين، مگر وينا ته ناهين نه ....!“ مون کيس ٺهه پهه جواب ڏنو.
    ”وينا .... وينا ... وينا .... آهي ڇا اهڙو ڪجهه وينا ۾ ....“ سونم وينا جي نالي تي چڙندي چيو.
    ”وينا منهنجي پهرين ۽ آخري محبت آهي ۽ محبت ۽ حوس ۾ فرق هوندو آهي.... حَوس هڪڙو انڌو جذبو آهي ۽ محبت هڪ مقدس ۽ معتبر جذبو آهي. محبت جو جسم سان ڪوئي تعلق ئي ناهي، محبت ته ذهني شعور جي اعليٰ اقدار جي اڏام جو نالو آهي، مادي جسمن کان بي نياز هڪدم پري.... جڏهن اسان انهي احساس کي مادي جسم سان ڳنڍيون ٿا ته اها محبت نه پر حوس جو حصو بڻجي پوي ٿي.“ مون سونم کي محبت ۽ جسماني حوس بابت ٻڌائيندي چيو.
    ”ڪجهه به سمجهه مگر آءٌ تنهنجي اندر ۾ پنهنجو پاڻ کي سمائڻ ٿي چاهيان.“ سونم منهنجا هٿ پنهنجن هٿن ۾ جهليندي چيو.
    ”محبت اڀرندر شعور جي پيداوار آهي، گلاب جي گل جي پنکڙين جيان ملائم، نرم، خوشبودار آهي. محبت ڪا شيءَ ناهي جو ڪنهن انسان جي جسماني وجود مان حاصل ڪجي. سڄي دنيا جو الميو ئي اهو آهي ته اُن سان محبت ڪئي وڃي جنهن جي لاءِ هُو مختلف قسم جي اداڪاري ڪندو رهي ٿو.“ مون پنهنجا هٿ هُن جي هٿن مان ڇڏائيندي چيو.
    ”مونکي توکان سواءِ ٻيو ڪجهه نظر ئي نٿو اچي ته آءٌ ڇا ڪيان؟ آءٌ اداڪاري نٿي ڪيان، پليز مونکي پنهنجي چپن جي پياس اجهائڻ ڏي، آءٌ پنهنجا چپ تنهنجي چپن جي چوڪَٺ تي رکڻ ٿي چاهيان، توکي پنهنجي نيڻن ۾ سمائڻ ٿي چاهيان، مون کي ايئن ڪرڻ کان نه روڪ.“ سونم ٻيهر منهنجي ويجهو ٿيندي چيو.
    ”ڪومل تون ئي سمجهاءِ نه هن کي .... وينا منهنجو پهريون پيار آهي، توکي ته سڀ ڪجهه خبر به آهي، پر پوءِ به خاموش بيٺي آهين“، مون ڪومل کي هن کي سمجهائڻ لاءِ چيو.
    ”آءٌ ڇا چوان، هي ڪجهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناهي، تنهنجي لاءِ بلڪل جذباتي ٿي ويٺي آهي.“ ڪومل وضاحت ڪندي چيو.
    ”هاڻي مونکي هلڻ گهرجي ... مون کي جيڪو ڪجهه چوڻو هو سو چئي ڇڏيو آهي، وڌيڪ هِن جي مرضي ....“ مون ڳالهه ختم ڪندي چيو.
    منهنجي ڳالهه ٻڌندي ئي سونم مون کي هٿ سان ڌڪو ڏنو ته سامهون رکيل بيڊ تي وڃي سِڌو ڪريس..... آءٌ اڃان پاڻ سنڀاليان ئي ها ته سونم هِڪدم اچي مون مٿان ليٽي پيئي ۽ مون کي پنهنجي ٻانهن ۾ زور سان ٻَکي، مون کي چمڻ لڳي.
    آءٌ پاڻ ڇڏائڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳس، مگر ناڪام رهيس.
    ”پليز مون کي تنهنجي وجود ۾ گم ٿيڻ ڏي، آءٌ اڄ تو ۾ سمائڻ ٿي چاهيان“ سونم پنهنجي احساسن کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ لاءِ ٻيهر منهنجا چپ چمڻ لڳي.
    مون جيئن پنهنجو هٿ وڌائي کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن منهنجا هٿ ورائي پنهنجي پٺيءَ تي رکي ڇڏيا. مِڙني ناڪام ڪوششن بعد مون پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ بي جان وجود جيان بيڊ تي پيل رهيس.
    هوءَ مون کي بُکايل ڳجهه جيان پٽي رهي هئي..... ڪجهه دير بعد اهو ضرور محسوس ٿيو ته آءٌ ڪنهن کاهي ۾ ڪري رهيو آهيان، بلڪل تنگ کاهي.... جيڪا بلڪل گرم هئي ۽ آءٌ مسلسل هيٺ وڃي رهيو هوس. ڪافي دير بعد مون کي منهنجو وجود هلڪو ٿيندي محسوس ٿيڻ لڳو. آهستي آهستي اکيون کولي ڏٺم ته سونم مون کي پنهنجي ٻانهن جي قيد مان آزاد ڪري چُڪي هئي ۽ منهنجي پاسي ۾ رڻ ۾ ڊوڙي ڊوڙي ساڻي ٿيل هرڻي جيان بي جان ليٽي پيئي هئي ۽ اونها اونها ساهه پيئي کنيائين.
    مون هيڏي هوڏي نگاهه کڻي نهاريو ته ڪمري ۾ اسان کان سواءِ ٻيو ڪير به نه هو.... ڪومل پڻ ڪمري مان غائب هئي.
    سونم بي جان بت جيان بيڊ تي ليٽي پيئي هئي، اونها ساهه کڻڻ جو آواز سندس جيئري هجڻ جو احساس ڏياري رهيو هو، آءٌ تڪڙو اٿيس ۽ هُن کي اتي ئي ڇڏي نڪري آيس.
    گهر ڏانهن ويندي واٽ تي بس هڪڙي ئي سوچ هئي ته مون وينا سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي. مون وڏيون ڳالهيون ٿي ڪيون، وڏيون ڊاڙون ٿي هنيون ته پهريون پيار، زندگي .....!! پوءِ هيءُ سڀ ڇا هو؟ آءٌ پنهنجي نظرن ۾ ئي ڪري پيو هوس. هاڻ هن ميري وجود سان پنهنجي پيار سان ڪيئن ملندس....؟
    ”جڏهن خبر پيئي ته وينا ناهي ته پوءِ مون کي اتي رڪڻو ئي نه هو..... فورن هليو اچڻو هو“. آءٌ گهر ايندي سموري واٽ پنهنجو پاڻ تي ملامت ڪري رهيو هوس.
    ”ڇا آءٌ حوس جو شڪار ٿي ويو هوس جو پنهنجو پاڻ کي روڪي نه سگهيس ۽ ايئن وينا سان ويساهه گهاتي ڪري ويٺس“ ٻيهر پاڻ تي الزام هڻندي پاڻ کي چيم.
    ”مون ته ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته ايئن نه ڪيان ۽ اتان هليو وڃان پر هُن زبردستي ڪئي.“ پاڻ کي جواب ڏيئي مطعمن ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”ڪجهه به هجي... مگر ڏوهه ته وري به منهنجو ئي هو. هُوءَ ته انهي ارادي سان ئي آئي هئي ته مون سان ملي..... پر منهنجو ته فرض ٿيو ٿي ته آءٌ پنهنجي محبت جو ڀرم رکان ها!“ منهنجي اندر جو انسان مون کي ملامت ڪرڻ لڳو ۽ تير ۽ ڀالن کان تيز سوال منهنجي ذهن تي هڻڻ لڳو.
    آءٌ ڄڻ انهن تير جهڙن تيز سوالن کان زخمي ٿي پيو هوس، منهنجو اندر رتورت ٿي پيو هو..... ڇاڪاڻ ته منهنجو ضمير ئي مونکي سمورو قصور وار ڪوٺي رهيو هو.
    گهر اچي پنهنجي ڪمري جون سڀ لائيٽون، روشنيون بند ڪري گُهگهه انڌيرو ڪري کٽ تي ليٽي پيس..... ٻيئي هٿ مٿي جي هيٺيان ڏيئي، سڌو ليٽي اڪيلو ئي اڪيلو پنهنجو پاڻ سان جهيڙي رهيو هوس، مون وٽ ڪنهن به سوال جو جواب نه هو.
    ـــ


    9

    معمول مطابق آءٌ ٽيريس تي پهتس، ته ڏٺم هوءَ اڪيلي هڪڙي ڪنڊ ۾ ديوار کي ٽيڪ ڏيئي سوچن ۾ گم هئي، وڌي وڃي ويجهو ٿيس ته هڪدم اٿي بيٺي ۽ هيسيل هرڻي جيان ڊوڙي اچي، مون سان چنبڙي پيئي ۽ روئڻ لڳي!
    آءٌ اڳ ئي سونم واري خط جي ڪري پريشان هئس، ته وري هن جي اچانڪ اهڙي رويي کي ڏسي آءٌ ويتر پريشان ٿي پيس، ته ڪٿي کيس سڀ ڪجهه معلوم ته نه ٿي ويو آهي.
    ٻي لمحي ئي پاڻ کي سنڀاليندي مون کيس آٿت ڏيندي چيو ته ”ڇا ٿي پيو وينا! روئين ڇو ٿي؟“
    بغير ڪنهن جواب ڏيڻ جي روئڻ لڳي. هن جو ايئن بي سبب روئڻ مون کي پريشان ڪري رهيو هو ته آخر مسئلو ڇا آهي؟ آخر ڇا ٿيو هوندو جو هيءَ ايئن روئي رهي آهي؟
    ”وينو ..... ٻڌائي ته سهي ته آخر معاملو ڇا آهي؟ تنهنجي ايئن روئڻ جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟“ مون سندس هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهليندي چيو.
    هُن مون کي ڏٺو، منهنجي چهري کي چتائي ڏٺو ۽ پوءِ پيار وچان ٻيهر ڳراٽڙي پائي روئڻ لڳي.
    هن ايئن جو منهنجي چهري کي چتائي ڏٺو ته آءٌ ويتر پريشان ٿي پيس. مون محسوس ڪيو ته منهنجي پيشاني هڪدم پگهر جي ڪري آلي ٿي پيئي هئي. انهي لمحي پيشاني صاف ڪري، پنهنجي چهري تي پريشاني جي ريکائن کي مِٽائي هَلڪي مرڪ چپن تي آڻيندي وينا جو چهرو پنهنجي هٿن جي ڪٽوري ۾ سمائي پڇيم، ”مون کي ته ٻڌاءِ نه ..! ته آخر ڳالهه ڇا آهي؟“
    وينا بغير ڪجهه ڳالهائڻ جي پنهنجي شولڊر بيگ مان سنڌ جي بهترين ليکڪ طارق عالم ابڙي جو شاهڪار ناول ”رهجي ويل منظر“ ڪڍي منهنجي هٿن ۾ ڏيندي چيائين، ”هيءُ ڪتاب پڙهيو آهي؟“
    ”ها، پڙهيو آهي“. مون هاڪار ۾ جواب ڏنو.
    ”ڪيتري دفعا پڙهيو آهي؟“ وينا ٻيهر پڇيو.
    ”ٻه، ٽي دفعا ورائي ورائي پڙهيو آهي“. مون کيس چيو.
    ”ٻه، ٽي دفعا پڙهڻ جو ڪارڻ ...؟؟“ وينا سواليه نظرن سان پڇيو.
    ”پنهون سان رحمدلي .....!!“ فوراً منهنجي وات مان لفظ نڪري پيا.
    ”پنهون سان رحمدلي ..... ؟؟“ وينا منهنجي اهڙي جواب تي ٻيهر سوال ڪيو.
    ”اهو ته ٻڌايان ٿو، پر تنهنجي روئڻ جو هن ڪتاب سان ڪهڙو تعلق؟؟“ مون حيرت کائيندي چيو.
    ”پهرين ٻڌاءَ .... رحمدلي ڇو .....“ وينا پنهنجي سوال تي اَڙي رهي.
    ”محبت جي سموري سفر ۾ ويچاري پنهون ئي ته اڪيلي حالتن جو جبر سَٺو .... باقي ته هر ڪنهن پنهنجو ڀرجهلو ڳولي ورتو.“
    ”ڇو ....؟ سنجها ويچاري جون تڪليفون توکي نظر نٿيون اچن ...“ وينا معصوم نظرن سان مون ڏي ڏسندي سوال ڪيو.
    ”مگر آخر تائين پنهون ئي ساڻس نڀاهيو، هن کي اڪيلو سنجها ڇڏي ويئي، هن جي ڪري ئي هن پنهنجي ٽين ايج جي محبت قربان ڪئي، صبا جي آڇيل محبت ٺُڪرائي“. مون سندس سوال جو دليلن وسيلي جواب ڏنو.
    ”پر ... پر .... صبا ....ڏائڻ ... سنجها جي تڪليفن جو سبب ته بڻي نه ...“ ايئن چئي وينا روئي ويٺي ۽ ٻيهر چوڻ لڳي، ”پنهنجي پيار ۾ ڪا صبا جهڙي ڏائڻ ته نه ايندي نه...!!“
    ”هن کي ڄڻ الهام ٿيو هجي، ته سونُو سندس پيار ڪهاڻي ۾ صبا بڻجي اچي چڪي آهي ۽ هُو پنهنجي پيار جي مستقبل کي ڄڻ غير محفوظ سمجهي رهي هجي!، وينا ايڏي ته نفيس هئي .... جو کين خبر پيئي ته الائي ڇا ڪري وجهندي“.
    ”تون ته شاعري جا ڪتاب پڙهندي هئين پوءِ هيءَ ناول ڪٿان هٿ ڪيو؟ ۽ تو هي ناول ڪڏهن پڙهيو؟“ مون کي وينا جي ناول جي ڪتاب ۾ دلچسپي تي حيرت لڳي. هن کي شاعري وڻندي هئي، اڪثر شاعري جا ڪتاب پنهنجي لاءِ به وٺندي هئي ۽ مون کي به گفٽ ڪندي هئي، هن کي شاعري ۾ خاص ڪري خوشبوءِ جي شاعره پروين شاڪر ڏاڍي وڻندي هئي، پر ناول جهڙي خشڪ سبجيڪٽ ۾ هن جي دلچسپي مون لئه حيرت جو باعث هئي.
    ”منهنجي مامي جو پٽ گذريل هفتي آيو هو، اهو گهر وساري ويو هو. ڪالهه مهمانن مان واندي ٿي، هن ڪتاب تي نظر پيئي جيئن جيئن پڙهندي ويس ته ڪتاب اوڌورو ڇڏڻ تي دل ئي نه پئي چيو، سو سڄي رات جاڳي ڪتاب پڙهيو آهي.“ وينا ٻڌايو.
    تڏهن ئي ننڊ نه ڪرڻ ۽ روئڻ جي ڪري وينا جون اکيون ڳاڙهيون ٿي پيون هيون. ”پوءِ اڄ ڪاليج نه اچين ها، آرام ڪرين ها“. مون کيس چيو.
    ”هن ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ الائي ڪيترا سوال منهنجي ذهن ۾ اڀري آيا، انهي جا جواب صرف تو وٽ ئي هئا، انهي ڪري ڪاليج مِس نه پئي ڪرڻ چاهيم.“ وينا وراڻي ڏيندي چيو.
    ”مون وٽ ...... مون وٽ ڪهڙن سوالن جا جواب .....؟“ مون حيرانگي مان پڇيو.
    ”ڪو صبا پنهنجي پيار جي وچ ۾ ته نه ايندي نه....!!“ هن پريشان ٿيندي پڇيو.
    کن پل لاءِ سوچيم ته سونم جي سموري ڳالهه هن کي هينئر ٻڌايان پر ٻي پل سوچيم ته هي وقت ئي مناسب ناهي، هي صرف پنهنجي پيار جي وچ ۾ صبا جي تصور تي ئي ايڏو اداس آهي، کيس حقيقت جي خبر پيئي ته نه ڄاڻ ڇا ڪري وجهندي. سو هڪدم پاڻ سنڀاليندي مون هن کي چيو. ”اڙي چري .... هي ڪهاڻي آهي، اصل زندگي ٿورو ئي آهي ..... ڀلا تو منهنجي زندگي ۾ توکان سواءِ ٻي ڪنهن کي محسوس ڪيو آهي، جو اهڙا سوال ٿي ڪرين؟“
    ”تو تي پنهنجي ساهه کان به وڌ ڀروسو آهي، مگر اڄ جي ڇوڪرين تي ڀروسو ناهي.“ وينا اونهو ساهه کڻندي چيو.
    ”مون جهڙي سانوري شڪل واري ڏٻري سان ڪهڙي ڇوڪريءَ اچي ڦاسندي، مون کي ته تو تي ٿو اچرج ٿئي ...!“ مون وينا جي موڊ کي تبديل ڪرڻ لاءِ مذاق ڪندي چيو.
    ”محبت شڪل، صورت، رنگ ۽ مذهب جي محتاج نه هوندي آهي. تون ئي ته اڪثر چوندو آهين ته ماکي وڻ نه ڏسندي آهي ۽ عورت مرد نه ڏسندي آهي، جتي دل اَڙي پئي ته بس اَڙي پئي.“ وينا دليل سان جواب ڏيندي چيو.
    محبت واقعي انسان جي سوچڻ جي شڪتي کي وشال بڻائي ٿي ڇڏي جو ڪيئن هيءَ هرڻي جهڙي هيسيل ڇوڪري، ڪيڏا نه ارڏا ۽ دليلن سان ڀرپورمثال ڏيئي پنهنجي ڳالهه کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري آهي.
    مون سندس اکين ۾ نهاريندي چيو، ”توکي يقين ٿو ڏيان ته پنهنجي محبت جي وچ ۾ ڪير به نه ايندو، اسان پنهنجي وچ ۾ ايترو فاصلو به نه ڇڏينداسين جو ٻيو ڪير اچي اها جاءِ والاري سگهي.“
    وينا ان ڏينهن سماجي ادب جي عالم لڳي رهي هئي... سماج ۽ انسان جي رشتن تي مون کي ليڪچر ڏئي رهي هئي ۽ هر هر سوال پچي رهي هئي... چوڻ لڳي:
    “ديپ...اسان جي سماج ته اسان کي پيار ڪرڻ تي پابندي وجهي ڇڏي آهي.“
    چيومانس:
    “سماج ۾ ٻيو ڇا ڇا نٿو ٿئي... هي پيار ۽ سچي محبت عظيم انسانن به ڪئي هئي...“
    هُو اڃان به بي چين ڪيفيت ۾ هئي ۽ چوڻ لڳي:
    ”تنهنجي ڳالهه ته صحيح آهي، پر اسان جي سماج جا قانون ايڏا سڀاويڪ به ناهن.... ان ڪري ته تو ۽ مون جهڙن انهن جي ڀڃڪڙي پئي ڪئي آهي...“
    ائين چئي وينا ٻيهر مون سان ڀاڪر پائي چنبڙي پيئي. اکين، پيشاني کي چمڻ لڳي.
    مون دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته هاڻي ٻيهر ڪڏهن به سونم سان نه ملندس.
    ڪجهه دير بعد رليڪس ٿي اسين ڪلاس طرف وڃڻ لڳاسين.
    ـــ


    گهڻن سالن بعد ٿر تي ڪڪرن ڪرم ڪيا هئا... سانوڻيءَ جي برسات سٺي برسي هئي...
    وسڪاري جي ڪري هر طرف خوشي ئي خوشي ڇائنجي ويئي هئي. ٿر جي ناري جو گج ٻهڪي پيو ته ٿر جي ماروئڙن جي ٽوپين جي ٽڪون چمڪي اُٿيون. معصوم جوانين جي گلابي چهرن تي خوشين جا گلاب ٽڙي پيا هئا. چئو طرف گڍي ڀٽ تي ڪيئي جوانيون هڪ ٻئي سان مستي ۾ کيچل ڪري رهيون هيون، ٻار واري جا گهر اڏي رهيا هئا. ڪارونجهر جي ڪور تي مور ست رنگي انڊلٺي پر پکيڙي خوشي مان ٽهوڪا ڪري رهيا هئا. ڀٽ تي ماڻهن جي ميلي ۾ وينا ۽ آءٌ هڪ طرف ويٺا ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين.
    هُن ڏي نهاري مون سندس تعريف ڪندي چيو. ”واقعي ئي قدرت توکي فرصت ۾ ويهي ٺاهيو هوندو. ڪيڏي نه خوبصورت آهين، پاڻي پيئين ٿي ته گَلي مان ڏسڻ ۾ ٿو اچي. هرڻي جهڙي مست تنهنجي چيل جي هڪڙي وراڪي تي ڪيئي جوان مست ٿا ٿي پون، گلاب جي گلن جهڙا گلابي ڳلڙا، ماکي جي رس سان ٽمٽار تنهنجا چپ ۽ تنهنجون وشال سمنڊ جهڙيون گهريون اکيون هڪ نظر جنهن کي به ڏسين سچ گهايل ڪري وجهين. هڪ اڳي ئي آهين حَسِين ٻيو وري وارن جو چڳون جيڪي رخسارن تي کيچل ڪن ٿيون اهي تنهنجي سونهن کي ويتر چار چنڊ ٿيون لڳائي ڇڏين“.
    انهي گهڙي هُن منهنجي هٿ ۾ هٿ ڏيئي خوش ٿيندي چيو هئاين ته ”ايئن ئي مون سان هر گهڙي ساٿ رهجان، مون کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏي وڃجان، سواءِ تنهنجي زندگي خالي خالي ٿي لڳي، وجود ٿوهر مثل ٿي ڀانيان. ڪابه شيءَ تنهنجي بغير سٺي نٿي لڳي، تو آهين ته مون کي هر پل راحت ٿي محسوس ٿئي. تون جيئن ئي اکين کان اوجهل ٿو ٿئين، مون کي حياتي کائڻ ٿي اچي. جيئن به جهڙي به حال ۾، تون هميشه ۽ هميشه لاءِ مون ساڻ رهجان، توکان سواءِ آءٌ جيءَ نه سگهنديس.“
    ”سواءِ تنهنجي آءٌ به ته ڪجهه به ناهيان، تون آهين ته آءٌ آهيان. آءٌ توکي پنهنجي وجود جو حصو ٿو سمجهان، تون منهنجي اَنگ اَنگ ۾ ساهه وانگي سمايل آهين“. مون سندس اکين ۾ جهاتي پائيندي چيو.
    ”توکي خبر آهي ته مون مَمي سان تنهنجي ڳالهه ڪئي آهي، مَمي پڻ توکي پسند ڪري ٿي، منهنجي مَمي سُٺي سَهيلي آهي، آءٌ پنهنجي هر ڳالهه مَمي سان ئي شيئر ڪندي آهيان. هُو منهنجي ماءُ به آهي، سنسار جو واءُ به آهي، ته سَکي ۽ سهيلي به آهي. هُو منهنجو هر ڏک، سک منهنجي اکين مان پروڙي وٺندي آهي ۽ اڄ تائين آءٌ جڏهن به اڪيلي ڀائيندي آهيان، ته مَمي جي گود ۾ سمهي هن سان دل جو ڳالهيون اوريندي آهيان ۽ مَمي مون کي آٿت ڏيندي منهنجي وارن کي پنهنجي هٿ ڦڻي سان سنواريندي آهي، ته دل کي عجيب سڪون محسوس ٿيندو آهي.“
    مَمي چئي پيئي ته ”ڪو موقعو مهل ڏسي پپا سان اها ڳالهه شيئر ڪندي ته جيئن تنهنجي گهر وارن سان ڳالهائي سگهي. آءٌ ڏاڍي خوش آهيان ته منهنجي پسند مَمي کي پسند اچي ويئي.“ وينا تفصيل سان پنهنجي ماءُ سان ڪيل ڳالهه مون سان اوريندي چيو.
    ”اوهه ... اوهه ... تنهنجي مَمي مون کي پسند ڪري ٿي ته پوءِ تون ڪيڏانهن ويندين ...“ مون اک ڀڃندي مذاق مان چيو.
    ”اوئي ..... مطلب منهنجي لاءِ پسند ڪري ٿي .... شرارتي ....“ وينا ساڄي هٿ سان منهنجي ڪلهي کي هلڪي ٿپڪي هڻندي چيو.
    ”اڇا ... اڇا .... اهو ٺيڪ آهي، مگر مون کي پسند به ڪري ٿي، ته به مون کي ڪو اعتراض ڪونهي،“ مون مستي مان ٻيهر چيو.
    ”اوئي شيطان .....“ وينا منهنجو نڪ پنهنجي هٿ سان پٽيندي چيو.
    ”حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته توکان وڌ تنهنجي مَمي وڌيڪ جوان، خوبصورت ۽ حَسِين ٿي لڳي، تنهنجي ماءُ گهٽ، تنهنجي ڀيڻ وڌيڪ ٿي لڳي،“ آءٌ مستي کان باز نه آيس.
    ”تون مڙندين ڪونه ....“ وينا واري تي هيڏي هوڏي ڏسڻ لڳي، ته کيس ڪو پٿر نظر اچي ته مونکي وهائي ڪڍي، مگر منهنجي قسمت زور هئي جو پٿر هٿ نه آيو.
    ”واقعي ئي تنهنجي مَمي اسٽائِلش آهي، پنهنجي عمر کان بلڪل ننڍي ٿي لڳي، مذاق کان علاوه ....“ مون وينا کي مسڪرائيندي چيو.
    ”توکي مون ۾ دلچسپي آهي يا مَمي ۾؟“ وينا سواليه نظرن سان ڏسندي پڇيو.
    ”ٻنهي ۾ ......“ مون ٽهڪ ڏيندي چيو.
    ”ها ... هاها .... هاها ....“ اسان ٻنهي جا ٽهڪ فضا ۾ گونجڻ لڳا.
    ـــ


    10

    آءٌ اڳي جيترو منجهيل ۽ ويڳاڻو رهندو هوس، هاڻي وڌيڪ سرهو گذارڻ لڳو هوس. دوستن وٽ وڃي ڪچهرين ۾ چاهه وٺڻ ۽ ڳالهه ڳالهه تي ٽهڪ ڏيڻ لڳو هوس. دوستن کي منهنجي منهن تي نئين رونق نظر آئي هئي. مون کي دنيا جي هر وَٿُ ۾ خوشي ۽ سونهن نظر اچڻ لڳي رهي هئي ۽ آءٌ هر دوست کي ۽ هر انسان کي پاڻ وانگر خوش ڏسڻ جو تمنائي ٿي پيو هوس.
    ڪڏهن ڪڏهن وينا ڪومل جي اوطاق ۾ مون سان اڪيلي ۾ مستيون ڪرڻ جي تمنا رکندي هئي. پوءِ اسان ملڻ معمول بڻائي ڇڏيو هو، ته ڄڻ ڪو هن نشي جي عادي وانگي عادت بڻائي ڇڏي هئي.
    جيئن نشي جي عادي کي نشي جو وزن ملندو آهي، ته خوش ٿي پوندو آهي، سمجهندو آهي ته دنيا جي سڀ کان قيمتي شيءِ کيس ملي ويئي آهي، ڇاڪاڻ جو انهي جي جياپي جو سامان ئي اهو ڪجهه هوندو آهي، تيئن هوءَ پڻ انهي ۾ پنهنجي خوشي ڳوليندي هئي، هن پنهنجو پاڻ کي مون لئه ارپي ڇڏيو هو، آءٌ به پنهنجي وس آهر سندس هر خوشي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هوس. هن کي زماني جي ڪنهن به شيءَ جي ضرورت نه هوندي هئي، نه ئي مون مان اها طلب هوندي هئي ته آءٌ کيس اها شيءِ مهيا ڪري ڏيان، جو هن لاءِ مادي شيون خريد ڪرڻ مشڪل نه هو. هن بس چاهيو ٿي ته آءٌ هن جي اها خواهش پوري ڪندو رهان ۽ آءٌ به هن جي خوشي جي اڳيان مجبور هوندو هوس. هميشه چاهيندو هوس ته کيس جيڪر انهي ۾ خوشي ملي ٿي، روح راضي ٿئي ٿو ته مون کي اهو قبول هو ڇو جو هن جي خوشي ئي منهنجي خوشي هُئي. هوءَ خوش ته آءٌ به خوش. آءٌ منهنجي خوشي يا خواهش جي ڪري هنکي قطعي طور تي ناراض نه پيئي ڪري سگهيس. ڇاڪاڻ جو هن جا مون تي ايڏا احسان هئا، جيڪي آءٌ ڳڻيان ته به حسابن جا انگ کٽي پون، منهنجي وجود سان جڙيل هر شيءَ هن جي پاران ڏنل هئي. آءٌ ڄڻ ڪو هينگر هوس تنهن تي ٽنگيل سمورو سامان هن جو ئي هو. آءٌ ڀلا هن جون اهي سموريون ڀلايون ڪيئن ٿي وساري سگهيس. مگر اها پريشاني وَرائي ويندي هئي ته جيڪر آءٌ کائنس جدا ٿي ويس ته هوءَ ڪجهه ڪري نه وجهي، اهڙو ڪجهه جنهن لاءِ آءٌ پاڻ کي ڪڏهن معاف به نه ڪري سگهان. ڇو جو هوءَ ته پنهنجي اکين ۾ پنهنجي حسين مستقبل جا خواب سجائي ويٺي هئي. مگر مون کي ۾ اڻ ڏٺو طوفان نظر اچي رهيو هو، جنهن ۾ اهو سڀ ڪجهه ڊهي وڃڻ جو خدشو لڳي رهيو هو.
    انهي جو سڀ کان وڏو ڪارڻ خانداني تقاضائن جو هو. هُن جو پيءُ پسئن ۾ ته واقعي ئي امير هو، سندس شمار شهر جي امير ماڻهن ۾ ٿيندو هو، مگر خاندان جي لحاظ کان هُنن جو گهر انهي ڪسوٽي تي پورو نٿي لٿو، جنهن جي تقاضا منهنجي گهر وارا ڪن پيا. ننڍن شهرن توڙن ڳوٺن ۾ ذات برادري، خاندان جو پلڙو هميشه وزني رهيو آهي ۽ جيتري قدر مون کي ڄاڻ پيئي ته هُنن جي ڏاڏي جي شادي ننڍڙي ۽ غير معروف خاندان مان ٿيل هئي، انهي ڪري ماڻهو هنن کي پسئن جا امير پر خانداني غريب سڏيندا هئا. رشتيداري ۾ برادري جا ماڻهو هنن سان رشتو ڳنڍڻ ۾ وڏو احتياط ڪندا هئا. مون کي الائي ڇو اهو خوف هميشه رهندو پئي آيو، ته پيار جي وچ ۾ اهو مسئلو سبب ضرور بڻبو. مگر آءٌ هن جي ڏنل پيار جي اڳيان ڪڇي ئي نه سگهندو هوس ۽ کيس غمزده هرگز نه ٿي ڪرڻ چاهيم.
    آءٌ انهن شين ۾ يقين نه رکندو هوس، منهنجا الاهي سارا دوست دنيا جي دستور مطابق هيٺين ذات وارا هوندا هئا، جن کي دنيا پاسي ۾ ويهارڻ به قبول نه ڪندي هئي مگر آءٌ ته ساڻس گڏ ويهي کائيندو پيئندو هوس. جنهنڪري ڪافي دفعا گهر وارن کان دڙڪا به کاڌاسين.
    مون کي اهو عجيب منطق سمجهه ۾ نه ايندو هو، ته وڻ جي عبادت ڪئي وڃي، جانورکي مهان ۽ ماتا سمجهي عبادت ڪئي وڃي ۽ در تي آيل اڃايل انسان اشرف المخلوقات کي اهو چئي ڌڪاري ڇڏجي ته تون گهٽ ذات آهين. سچ ۾ مون کي انهي سوچ کان ڏاڍي ڪراهت ايندي هئي، بس اهي سماجي رويا هئا نه ڪي مذهب جا اصول. ڪوبه مذهب انسانيت کان مٿاهون ناهي، انسانيت سان پيار هر مذهب جو پهريون اصول رهيو آهي پر آڱرين تي ڳڻڻ جيترن اسان جي سماج جي ٺيڪيدارن پنهنجا هٿ ٺوڪيا نظام اڏي انسانيت جي ايڏي ته تذليل ڪئي آهي، جيڪا لفظن ۾ بيان نٿي ڪري سگهجي.
    اهڙي ئي هٿ ٺوڪي اصول جو ڊپ مسقبل قريب ۾ آءٌ سامهون ڏسي رهيو هوس، جيڪو اسان جي زندگين کي اجاڙيندو. هڪ اڻ ڄاتو خوف مونکي وڪوڙي ورتو هو ته ان جو ردعمل ڇا ٿيندو. جڏهن اها ڳالهه وينا تي آشڪار ٿيندي ته هوءَ انهي معاملي کي ڪيئن هينڊَل ڪندي. هوءَ انتهائي حساس دل جي مالڪ هئي، هن جي ننڊپڻ کان ئي هر خواهش پوري ٿيندي پئي آئي آهي. انهي انڪار جو مٿس ڇا اثر پوندو؟ اهو سوچي ئي مون کي عجيب ڊپ وڪوڙي ويندو هو. مگر ٻي لمحي آءٌ اها ڳالهه تقدير ۽ مالڪ تي ڇڏي ڏيندو هوس، ته مالڪ چڱي ڪندو.
    ـــ


    ياد ٿو اچي ته المنظر وياهئاسين ۽ وينا درياءُ ڏي نهاري چيو هو، ”ڏس هن کي ڪيڏي نه مستي آهي پر اندر ۾ مون وانگر ڏاڍو بي چين آهي، مون وانگر لڇي رهيو آهي“ ۽ هن پنهنجي ٻنهي هٿن سان منهنجي ساڄي ٻانهن کي جهليندي پنهنجو ڪنڌ منهنجي ڪلهي سان لائي ڇڏيو هو.
    هن اکين جون پنڀڻيون واريندي چيو هو ته ”آءٌ سڄي عمر ايئن گذارڻ لاءِ تيار آهيان، مون کي درياءُ ۽ تنهنجو ساٿ وڻي ٿو. چاهيان ٿي ته آءٌ سموري عمر انهي سنگم ۾ گهاري ڇڏيان. تون هجين، آءٌ هجان ۽ درياءُ جو ساٿ هجي، پنهنجو هڪڙو الڳ جهان هجي.“
    ”اچ هليا سامهون ڪرسين تي ويهي المنظر جو نظارو ٿا ڏسون ۽ اڄ تون پروين شاڪر جي شاعري ٻڌاءِ“، مون پنهنجو ساڄو هٿ سندس کاٻي هٿ ۾ ڏيندي چيو.
    اسان ٻيئي سامهون اڌ ٽٽل ڇپرن واري هڪڙي هوٽل جي آڳنڌ ۾ رکيل ڪرسين تي ويهي رهياسين.
    چانهن جي سرڪ ڀريندي وينا خوشبوءَ جي شاعره پروين شاڪر جا ڪيترا ئي نظم ٻڌايا، هن کي پروين شاڪر جي سموري شاعري گهڻي ڀاڳي ياد هوندي هئي، جو هُو سندس پسنديده شاعره هئي ۽ مون استاد بخاري، شيخ اياز، ايازگل، ادل سومري ۽ ٻين مختلف شاعرن جي چونڊ شاعري کيس ٻڌائي هئي. شاعري جي ڏي وٺ ۾ وقت جو احساس ئي نه ٿيو، سج پنهنجي روشني جهڪي ڪندو لهندو پئي ويو ۽ سانجهي پنهنجا پر پکيڙي رهي هئي.
    اسان ٻيئي اتان اٿي اچي منهنجي هڪڙي يونيورسٽي جي دوست جي فليٽ تي اچي پهتاسين. جڏهن به حيدرآباد اينداهئاسين هميشه منهنجي هن دوست جي فليٽ تي ئي رهنداهئاسين، جيڪو پنهنجي ٽن يونيورسٽي فيلوز سان گڏ هتي رهندو هو. اسان جي ڪري هُو هڪڙي ئي ڪمري ۾ ايڊجيسٽ ڪندا هئا ۽ اسان ٻنهي کي پنهنجو ڪمرو خالي ڪري ڏينداهئا. منهنجي دوست سميت هن جا سمورا فيلوز وينا جي بي حد عزت ڪندا هئا ۽ وس آهر ڪنهن به شيءَ جي کوٽ محسوس ڪرڻ نه ڏينداهئا کيس ڀاڄائي سمجهي عزت ڏينداهئا. هونئن به اسان جي دوستن وٽ هڪڙو اصول هو ته دوست جي محبوبا ڄڻ اسان جي ڀاڄائي مثل آهي. ان جي دل و جان سان عزت ڪبي، جيتري عزت اسين پنهنجي سڳي ڀاڄائي جي ٿا ڪيون.
    ان ڏينهن به اسان جي حوالي هڪ روم ڪيائون. اسين ٻئي ڄڻا روم ۾ ڪچهريءَ ۾ لڳي وياسين. آءٌ ڪيتري ئي دير لاءِ کيس ڏسندو ئي رهيس .... مون کي ڄڻ هرڻ هماءُ واري خوشبوءَ ملي ويئي هئي..... هُن جون چمڪندڙ اکيون منهنجي اڳيان جوڀن جو رقص ڪري رهيون هيون... مون پاڻ کي بي حجابي محسوس پئي ڪيو... ڄڻ هُن جي ڪئف جي قراريل نيڻن جي نگاهه ۽ جذبن جي تپش منهنجي دماغ تي پيل سادگيءَ ۽ حجابن جا داغ ڊاهي ڇڏيا هئا... اها بهار جي ٽڙڻ جي شروعاتي رات هئي، فليٽ جي کليل دريءَ مان حيدرآباد جون ٿڌيون هوائون تازگي ۽ خمار جو امرت اسان جي ڪچهري ۾ اوتي رهيون هيون. ان رات هُن مون کي پيار جي پاند ۾ رکي هميشه لاءِ محبت سان مالا مال ڪري ڇڏيو هو.
    پيار جون راتيون انتظار جي راتين کان بلڪل الڳ هونديون آهن. پيار جي سڄي رات هڪ پل ۾ گذرندي محسوس ٿيندي آهي. اسان کي به خبر ئي نه پوندي هئي، رات ايڏو جلدي گذري ويندي هئي... صبح دوست پاران ڪمري جي دروازي تي ڏنل دستڪ تي پتو پوندو هو ته صبح ٿي ويئي آهي، مگر اسان انهي دستڪ کان بي نياز، ٻانهن جي هندوري ۾ هڪ ٻئي ۾ سمائجي ٻيهر هڪ ٻئي کي اوتڻ لڳنداهئاسين.
    ٻه ٽي دفعا دستڪ ڪرڻ کان پوءِ دوست فليٽ جو تالو کولي دروازي هيٺائين ئي اسان جي ڪمري ۾ سرڪائي، اهو چئي يونيورسٽي هليو ويندو هو ته جنهن وقت دل چوي فريش ٿي واپس وڃو ته فليٽ لاڪ ڪري وڃجو، اسين يونيورسٽي ڏي وڃون ٿا، ليٽ پيئي ٿئيم.
    ـــ


    چوندا آهن، وقت گهوڙي تي سوار هوندو آهي. ڪٿي ٿو ڪنهن جي لاءِ بيهي، وقت جي سُئي ٽڪ ٽڪ ڪندي هلندي رهي. اسان به ڪڏهن ڪيئن ڪڏهن ڪيئن وقت جي گاڏي کي ڌڪيندا رهياسين ۽ اچي سينيئر سيڪشن يعني انٽر ڪلاس ۾ پهتاسين، اسان جي جاءِ نون ايندڙ جونيئرس يعني فرسٽ ايئر ڪلاس جي شاگردن اچي سنڀالي. کوڙ سارا نوان گلابي چهرا ڪاليج جي اڱڻ جي رونق بڻيا هئا تن ۾ هڪ چهرو منهنجو ڄاتل سڃاتل سندس ڪزن سونم (سونو) به هئي، جيڪا فرسٽ ڪلاس ۾ پهتي هئي.
    سونم به گهٽ خوبصورت نه هئي.... بدن بيحد ٺاهوڪو، ڄڻ ڪنهن بت تراش، سونهن جو آدرشي بت تراشيو هجي.. هوءَ به وينا وانگي سِلم فِگر جي هئي... ڳلڙا نڪتل هئس. کلڻ وقت ڳاڙها ٿيو وڃن، جيڪا ڳالهه سندس سونهري رنگ تي سهاڳي جو ڪم ڪندي هئي.
    سونم ڏاڍي خوش هئي ته هاڻ هن کي مون سان ملڻ لاءِ ڪنهن بهاني جي ضرورت نه پوندي ڇو جو هاڻ هُوءَ اسان جي ڪاليج ميٽ ٿي ويئي هئي. ڪاليج ۾ پڻ صبح وقت، هاف بريڪ ۽ بريڪ مهل اچي اسان جي سرڪل ۾ ويهي رهندي هئي. جيڪا ڳالهه وينا کي ڪنهن به ريت قبول نه هئي. هُو بهانو ڳولي اچي منهنجي پاسي ۾ ويهندي يا بيهندي هئي ته وينا اکيون ڳاڙهيون لال ٿي پونديون ۽ مون کي ايئن گهوري نهاريندي هئي، جيئن باز جهرڪي ڏي دهشت مان نهاريندو آهي. آءٌ هيسيل جهرڪي جيان ڀڙڪو کائي اڏامي اچي ٻي جگهه تي ويهندو هوس.
    ڪڏهن ڪڏهن وينا جي غير موجودگي ۾ سونم، ڪومل جي گهر جي اوطاق ۾ مون کي هر هر مجبور ڪري وجهندي هئي ۽ آءٌ نه چاهيندي به سندس خواهش پوري ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو هوس. مون محسوس ڪيو ته هُو صرف حوس جي پوڄارڻ آهي، کيس مون کان وڌ منهنجي جسم سان پيار آهي. هن کي مون سان پيار قطعي نه هو بس منهنجي بدن جي طلبگار هئي، جنهن تي هُو ڪنهن بکايل ڳجهه جيان ڪري پوندي هئي ۽ ٻوٽيون ٻوٽيون پٽڻ لڳندي هئي ۽ جڏهن ٿڪجي ساڻي ٿيندي هئي، تڏهن مون کي آزاد ڪندي هئي.
    ڪومل وينا جي گهري دوست هوندي به هن جو ساٿ ڏيندي هئي، اهو منهنجي لاءِ حيرت جو سبب هو، شايد ان جي بدلي سونم هن کي ڪجهه ڏوڪڙ ڏيندي هئي يا ڪا اهڙي شيءَ جنهن جي هوءَ طلبگار هوندي هئي، مگر پوءِ به دوستي ته سڀ کان اُتم هوندي آهي. هن کي ايئن نه ڪرڻ گهربو هو ته هُو هر ڪنهن کي پنهنجي گهر جي اوطاق استعمال ڪرڻ لاءِ ڏئي.
    ڪومل کان وڌ ته وينا جو گهنگار آءٌ هوس، جو واسنا جي پوڄارڻ سونم جي ڳالهه آءٌ خاموشي سان مڃي وٺندو هوس ۽ پنهنجو پاڻ کي هن جي حوالي ڪندو هوس. مون دل ئي دل ۾ پنهنجو پاڻ سان واعدو به ڪيو هو ته هاڻي هن سان ڪڏهن به نه ملندس، ڇاڪاڻ جو مون تي صرف ۽ صرف وينا جو ئي حق هو. پوءِ آءٌ هُن جو حق ٻيءَ ڪنهن کي ڪيئن ٿو ڏيئي سگهان، هُن جي امانت ٻي ڪنهن سان ڪيئن ٿو ونڊي سگهان. اها وينا سان ويساهه گهاتي هئي جيڪا آءٌ ڪيتري ئي وقت کان ڪندو پئي آيس. جنهن جي اڃان تائين خبر صرف اسان ٽنهي (مون سميت، ڪومل ۽ سونو) کي هئي. هڪ لمحي اهو محسوس ڪندو هوس ته جڏهن وينا کي خبر پيئي ته سندس ردعمل ڇا هوندو؟ ته اکين اڳيان انڌوڪار ڇائنجي ويندي هئي، هڪ اڻ ڏٺو خوف هوندو هو جيڪو منهنجي دل ۾ سانڍيل هوندو هو، ان کي هميشه دٻائي رکيو هو ته جيئن ٻاهر نه نڪري مگر اها فڪر هميشه لاحق هوندي هئي ته ڪڏهن نه ڪڏهن اها ٻاڦ ٻاهر ضرور ٻاهر نڪرندي ۽ سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏيندي. پر هينئر وقت ۽ حالات جي ستم ظريفي هئي يا ٻيو ڪجهه پر آءٌ سڀ ڪجهه ڄاڻندي به برداشت ڪري رهيو هوس ۽ پنهنجو پاڻ سان جبر ڪري رهيو هوس.
    ـــ


    11

    انٽر ڪلاسز جي شروعاتي ڏينهن ۾ شاگردن جي گروپ ساڻ ننگرپارڪر گهمڻ به وياهئاسين.
    تڏهن ڪومل پنهنجي ڪَزن جي شادي جي ڪري هلي نه سگهي هئي.... وينا ۽ سندس ٻيون سهيليون اسان سان ننگر گهمڻ هليون هيون... ڪمپني سٺي رهي هئي... خوب انجواءِ ڪيو هيوسين.... اسين هڪڙي ئي گاڏيءَ ۾ ويٺا هئاسين...
    اسلام ڪوٽ کانپوءِ گوڙيءَ جي مندر، ڀالوا، ويراواهه جي مندرن ۽ اتي ڪجلاسر ۽ پاري نگر جي آثارن کي ڏسي، گهمي ۽ پوءِ اڳتي ننگرپارڪر ويا هئاسين....
    ڀالوا ۾ مارئيءَ جي کوهه تي وينا کي سڄي ڪهاڻي ٻڌائي هئم... هن به سنڌيءَ جي نصاب ۾ مارئي تي سبق جو ٻڌايو هو... وينا جي سهيلين کي شاهه جا بيت اهي ڏکيا لڳندا هئا... اهي هر هر مارئيءَ جي کنڀجڻ تي وات تي هٿ رکي، وينا سان ڊپ جو اظهار ڪري رهيون هيون. مارئيءَ جو اهو بيت وينا جي ڪاليج واري رجسٽر تي به لکي ڏنو هئم:
    واجهائي وطن کي، جي آءٌ هِت مُياس،
    ته گورَ منهنجي سومرا! ڪج پنوهارن پاس،
    ڏِج ڏاڏاڻي ڏيهه جِي، منجهان ولڙين واس،
    مُيائي جياس، جي وڃي مڙهه ملير ڏي!
    اسين ڀالوا ڳوٺ وچان ٿيندا مارئي جون ڳالهيون ڪندا مينَ روڊ تي چڙهياسين. گرمي به هئي ته هلڪي هلڪي ڦڙ ڦڙ به وسي رهي هئي... منجهند کان ٿورو اڳ ڊرائيور ٻڌايو ته ويراواهه اچي ويو آهي. اسين اتي گاڏين مان لٿاسين. هاءِ اسڪول ويجهو وڻن جي ڇانوَ ۾ گاڏيون بيهاري اسان مندر ۽ پاري نگر جا پڊ گهمياسين.
    وينا، پاري نگر جي مندرن ۾ هٿ جوڙي پوڄا ڪئي هئي... مون کي پاڻ سان گڏ بيهي هٿ جوڙڻ جو چيائين...
    مون کيس ٻڌايو هو ته، ”سڏونت ۽ سارنگا به هتي ائين ئي پيار ڪيو هئائون... ائين ئي گڏجي پوڄا ڪندا هئا... ۽ انهن مندرن ۾ ئي سندن ملڻ جلڻ ٿيندو هو...“
    پوءِ هن کي جڏهن انهن جي پيار ڪهاڻيءَ جي اختتام جي خبر پئي ته مون ڏٺو پئي ته گاڏيءَ ۾ ويهڻ مهل سندس ڳلن تان لڙڪ لڙي آيا هئا ...
    وينا جي هڪ سهيليءَ جا ڪجل سارنگا وانگر ڪارا هئا. مون وينا کي ڪجلاسر جي ڪهاڻي ٻڌائيندي هن طرف اشارو ڪندي چيو هيو ته ”ههڙيون سندريون صبح جو سوير اچي هن تلاءَ ۾ منهن ڌوئينديون هيون ۽ پنهنجن نرم هٿڙن سان اکيون اگهي پاڻيءَ ۾ ڪجل ڇاڻينديون هيون“. هوءَ ڇوڪري منهنجي ڳالهه کي مذاق سمجهي رهي هئي. پر سڄِي ڪهاڻي ٻڌڻ بعد هر هر پنهنجي ڪجلارين اکڙين تي فخر محسوس ڪري رهي هئي.
    اسان جو قافلو اڳتي وڌيو. اڳئين منزل ڀوڏيسر هئي. ڀوڏيسر تلاءُ ۾ ڪجهه پاڻي پيل هو .... وچ ۾ هڪ وڻ بيٺل هيو... وينا کي اهو منظر گهڻو پسند آيو هو... مون کان بار بار هوءَ اهڙن قديم مندرن، مسجد ۽ تلاءُ جي تاريخ جو پڇي رهي هئي...
    مون کيس چيو هو ته ”هتي ڪنهن دور ۾ خوشحاليءَ ۽ ھلچل وارو دؤر ھيو. اهو علائقو ڀدريشر نگري سڏبو هيو... هتان جا ماڻھو خوشحال ھئا“.
    چيو هو مانس ته چون ٿا ته، ”جڏهن ھانسي راجا پنهنجي گاديءَ جو ھنڌ پاري ننگر کي مقرر ڪيو هو ته سندس ڀاءُ ڀوڏي اچي ڀوڏيسر کي وسايو هو. ان ئي راڻي ڀوڏي هن جاءِ تي پاڻيءَ لاءِ ھڪ تلاءُ ٺھرايو، جيڪو سندس نالي پويان ڀوڏيسر بڻيو آهي. شايد اهو عرصو ڇهين عيسوي صديءَ جو آهي....“
    هوءَ چوڻ لڳي ته ”هتي مال ۽ انسان سڀ پاڻي پيئندا آهن!؟...“
    ڀرسان بيٺل سندس ساهيڙيءَ ڪنڌ ڌوڻي ها ڪئي هئي....
    اسان سڀني اتي هٿ منهن ڌوتا... مسجد ۽ مندر گهمي اسين ننگر پارڪر شهر ويا هئاسين، جتي گهڙيءَ کن آرام ڪيو هيو سين.
    وينا کي ڪنڌ ۾ ڪٺمال پاتل ڇوڪرين ۽ ڏاند گاڏيءَ تي ويٺل پوڙهين عورتن جا منظر ڪيڏا پسند آيا هئا. وينا کي سندس سهيليون مستيءَ ۾ مون طرف نهاري تنگ ڪري رهيون هيون. آءٌ پنهنجن دوستن سان گڏجي هٿ پير ڌوئي رهيو هوس. وينا کي اهي نئن مان هلندڙ پاڻيءَ جا ٻڪ ڀري ڇنڊا هڻي سندس ڪپڙا پُسائي رهيون هيون، مون کي مٿن ڪاوڙ اچي رهي هئي.
    پوءِ ڪارونجهر جي دامن ۾ نيهن جي شهر نگر جو دورو ڪيوسين. ننگرپارڪر ۾ نالين سان ٺهيل ڇتين کي وينا ۽ سندس سهيلين ڪيڏو اچرج سان ڏٺو هو... هنن هڪ گهر ۾ گهڙي وڃڻ جي خواهش به ڪئي هئي... پر وقت جي ڪميءَ سببان اهي گهر اندر نه وڃي سگهيون هيون. ننگر شهر جي ٻه ٽي مندرن کي ڏسي، اڳتي ڪارونجهر مان ايندڙ نئن وٽان پيادل گهمي چاڪي پاڙي کان واپس اچي بس اسٽيشن تي بيٺل جيپن ۾ چڙهيا هئاسين.... انهي ڀيري ساڙڌري نه وڃي سگهيا هئاسين...
    شام ٿي چڪي هئي.... سج ڪارونجهر تان هوريان هوريان پنهنجا پاڇا وڌائي رهيو هو... مور به ڊيلن سان کينچل ڪري رهيا هئا... ڪيترون ڇوڪريون برساتي مند ۾ اچي اتي گڏ ٿيون هيون.
    اسان جي واپسي ٿي رهي هئي.. اسين سڀ ڪارونجهر جي پهاڙي سلسلي کي، رڻ مان گاڏين جي جمپن جهولن ۾ جهُلندي، پاڻ کان پري ٿيندو ڏسي رهيا هئاسين. رات جو مانيءَ ويلي اسين واپس پنهنجي گهرن ۾ پهتاسين. وينا ۽ سندس ڪجلارين اکڙين واري سهيليءَ اهو سفر پنن تي به لاٿو هيو. سندن گرامر جي چڪين ۽ ٽيڏي ڦڏي رائيٽنگ تي اسين جام کِليا هئاسين.
    ــــ


    ٻئي ڏينهن وينا ڪاليج آئي. جڏهن به هُن کي مون سان ضروري ڳالهائڻو هوندو هو، ته هوءَ هڪ مقرر ٿيل ڪنڊ تي ويهي رهندي هئي. خبر هوندي هئس ته ديپ مون کي ڏسندو ته پاڻهي هليو ايندو... مون پري کان کيس گهوري ڏٺو... وينا به منهنجين اکين سان اکيون ملايون ۽ ان ڏينهن هن اکيون اهڙو لاڳيتو ملايون، جو هن ڀيري خود مون کي پنهنجيون نگاهون ڦيرائڻيون پيون...
    هُن جو چهرو اڄ ڪجهه وڌيڪ ٻهڪي رهيو هو، خوشي وچان گلاب جي گل جيان ٽڙي پيو هو. مرڪن جون پنکڙيون هن جي گلابي چهري تي پکڙيل هيون، چنڊ جهڙو چهرو چوڏهين جي رات جيان پوري آب تاب سان چمڪيل هو.
    ”خير ته آهي اڄ ايڏي خوش پئي لڳين، مَمي نئين ڀاءُ جي خوشخبري ڏني اٿئي ڇا؟“ مون مستي مان پڇيو.
    ”شيطان، شرارت کان باز نه ايندين!“ وينا منهنجي ڪُلهي تي ٿڦڪي هڻندي چيو.
    ”پوءِ ڇا ٿيو آهي؟ ٻڌاءِ ته سهي، صفا چوڏهين جي چنڊ جيان چمڪي رهين آهين، ڪوئي خاص وجه ان جي؟“ مون ٻيهر پڇيو.
    ”مٺا ...!! اڄ آءٌ تمام ... تمام گهڻي خوش آهيان.“ وينا منهنجا هٿ پنهنجي هٿن ۾ پڪڙيندي چيو.
    ”اهو ته تنهنجي چهري مان ئي لڳي پيو ته تون اڄ انتهائي گهڻي خوش آهين، پر انهي خوشي جو راز ته معلوم ٿئي نه ..!! سوير کان رڳو ڳجهارتون پئي ڏئين“ مون کيس زور ڀريندي چيو.
    ”دانش .... مَمي پپا سان پنهنجي رشتي جي ڳالهه ڪئي ۽ هن کي اسان جو رشتو خوشي خوشي قبول آهي.“ وينا منهنجا هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهلي گول گول گهمڻ لڳي.
    ”اڇا .... !!“ مون حيرت مان پڇيو؟
    ”ها ... مٺا ... ها .... ۽ پپا تنهنجي گهروارن سان پنهنجي رشتي لاءِ جلد ئي ڳالهائيندو.“ وينا خوشي مان جهومندي چيو.
    ”گُڊ ....!!“ اهو ته خوشي جي ڳالهه آهي، مون کيس چيو.
    ”ها جاني .... آءِ لَو يو ... آءِ لَو يو .... ممممم ههههههه ااااا“
    ”لو يو ٽو جاني .....“ مون سندس چهرو پنهنجي هٿن ۾ ڀريندي چيو.
    پر من ئي من سوچيو ته ڇا منهنجي گهر وارا اهو رشتو قبول ڪندا؟ ۽ جي نه ڪندا ته ان جو رَدعمل ڇا هوندو؟
    وينا ته بلڪل ئي نفيس ۽ نازڪ احساسن واري عجيب ڇوڪري، جڏهن کيس اصل ماجرا جي خبر پيئي ته هوءَ مون سان مِلي هڪ ٿي نه سگهندي. هوءَ جيڪي سپنا سيني ۾ سانڍي ويٺي آهي اهي سپنا ڪڏهن به حقيقت جو روپ ڌاري نه سگهندا ته نه ڄاڻ هُو ڪجهه ڪري نه وٺي....! اهو اڻ ڏٺو خوف مستقبل قريب ۾ هڪ طوفان جو روپ اختيار ڪرڻ وارو هو.
    اهو خيال ايندي جسم ٿرڪي پيو پر يڪدم چهري جا تاثر مٽائيندي چهري تي مرڪ آڻيندي اسان ٻيئي فرسٽ فلور طرف ڪلاس ڏي وڃڻ لڳاسين.
    ــ



    آءٌ پريڪٽيڪل جي تاريخ پڇي ڪيميسٽري ليب مان ٻاهر اچي رهيو هوس، ته سامهون ڪاريڊيور ۾ سونم اچي رهي هئي. آءٌ پريشان ٿي پيس ته هيءَ بيهي مون سان مذاق مستي ڪندي پوءِ جيڪر وينا ڏٺو ته قيامت اچي ويندي. سو دل ۾ پڪو پهه ڪيم ته هن وٽ بلڪل نه بيهندس ۽ سڌو ڪلاس طرف نڪري ايندس.
    سونم جيئن ئي ويجهو پهتي ته ڏٺم سندس چهرو مرجهايل هو، اکڙيون نيم آليون. جيڪا ڇوڪريءَ هر وقت مذاق، مستي ۾ مگن هوندي هئي تنهنجي طبيعت مان لڳو پئي ڄڻ اداسي جا ڪڪر ڇانيل هئا.
    ”ديپ توسان هڪ ضروري ڳالهه ڪرڻي آهي.“ سونم منهنجي ويجهو ايندي ئي چيو.
    آءٌ سمجهي ويس ته متان انهي ۾ به ڪو سندس مستي شامل هوندي، جو هُو ايئن ڊرامي بازي جي به ماهر هئي. سو اهڙي ڪوڙڪي ۾ ڦاسڻ کان بچڻ لاءِ مون فوران چيو. ”سونو پوءِ ملنداسين .... هينئر منهنجو ليڪچر آهي، اٽينڊ ڪرڻ انتهائي ضروري آهي.“
    ”پليز ديپ .... سِيريَسلي .... مون کي تو کي ڪجهه ٻڌائڻو آهي ....“ هن جي اکين ۾ اداسي جو واسو هو.
    ”ها ٺيڪ آهي ضرور ٻڌائجان .... ڪاليج آف کان پوءِ گڏ ئي آهيون .... تڏهن ٻڌائجان .... اوڪي .... هينئر هلان ٿو ....“ مون سندس ڳالهه مذاق ۾ ٽاريندي چيو.
    ”ٿي سگهي ٿو ته آءٌ هاڻي ئي گهر هلي وڃان .... ۽ پوءِ ٿي سگهي ٿو هاڻ توسان نه مِلي سگهان .....“ اها ڳالهه ڪندي سندس نيڻن نير وهي آيا هئا ....
    ”ڇڏ مذاق کي يار سونو ..... منهنجو هينئر ٽائيم خراب نه ڪر نه .... پليز منهنجو امپارٽنٽ ليڪچر آهي ... پاڻ ملون ٿا پوءِ ....“ مون ٻيهر مزاحيه انداز ۾ جواب ڏيندي چيو.
    ”ديپ .... منهنجي امڙ کي ڪينسر آهي .... ڊاڪٽرن مڪمل جواب ڏيئي ڇڏيو آهي ....“ سونم سڌو پنهنجي موضوع تي ايندي چيو.
    آءٌ جيڪو کائنس موڪلائي اڳتي نڪرڻ لڳو هوس، هڪدم پنڊپهڻ ٿي پيس، پير زمين ۾ کُپي پيا.... قدم ايترا ڀاري ٿي پيا جو اڳتي وڌي نه پيا سگهن ....... صرف ايترو ئي لفظ واتان نڪري سگهيو ..... ”ڇا .....“
    ”ها ديپ .... آخري اسٽيج تي آهي .... ڊاڪٽرن چيو آهي ته ڏهه ڏينهن رهي .... پندرنهن ڏينهن رهي يا هڪ مهينو ... اهو سندس قسمت آهي .....“ سونم ٽشو پيپر سان ڳلن تي لڙي آيل لڙڪ صاف ڪندي چيو.
    ”او ماءِ گاڊ .....!!“ مون کان رڙ نڪري پيئي.
    ”ها ديپ ... ۽ منهنجي امڙ جي خواهش آهي ته هوءَ مرڻ کان پهرين منهنجي شادي ڏسي سگهي .... سو اڳئين هفتي ئي منهنجي شادي آهي ... اڄ ڪاليج ۾ منهنجو آخري ڏينهن آهي. سوچيم توسان ملي وٺان .... توکان ڪيل گناهن جي معافي وٺان.... توکي ڏاڍو تنگ ڪيو ان لاءِ سوري ڪرڻ آئي آهيان ....“ سونم ڳالهه ڪندي اکين جا ڇپر واري ڇڏيا ۽ لڙڪ ريلو ڪندا وهي آيا .....
    ”اڳئين هفتي ئي شادي .... پر شادي کان پوءِ به پڙهائي ته ڪري سگهين ٿي نه .... ايئن ئي پڙهائي ڪيئن ٿي ڇڏي سگهين ...“ مون کيس پڙهائي جاري رکڻ جي صلاح ڏيندي چيو.
    ”نه منهنجا ساهرن جو ماحول ڏاڍو سخت آهي .... منهنجو گهوٽ اجازت نه ڏيندو .... ۽ هونئن به منهنجا ساهرا حيدرآباد جا آهن. لازمي هتي پڙهائي جاري نه رکي سگهنديس .....“ هن وراڻي ڏيندي چيو.
    ”پر سمجهائي سگهجي ٿو ....“ مون ٻيهر کيس چيو.
    ”اهو ته خير آهي پڙهائي ڪري هاڻي آءٌ ڇا ڪنديس ..... بس امان جو ڏک آهي ... جو ايئن هن عمر ۾ اسان کي ڇڏي ٿي وڃي ...... شايد منهنجي گناهن جو نتيجو آهي جو مون تنهنجي ۽ وينا جي محبت ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ محبت کي واسنا جو رنگ ڏنو ....“ ڪومل مٺيون ڀڪوڙيندي چيو.
    مون کي انهي وقت خوش ٿيڻ کپي ها ته منهنجي رستي جو ڪانٽو صاف ٿي ويو. منهنجي ۽ وينا جي محبت جي وچ جي ديوار ختم پئي ٿِي پر ان جي ابتڙ سونم جي امڙ جو ٻڌي مون کي ڏاڍو ڏک رسيو. آءٌ اهل دل هوس سو ايئن ڪنهن جي بيماري، مرڻ ۽ اداسي تي ڪيئن ٿي خوش ٿِي سگهيس .....
    ”تون دل نه لاهه .... اهو قسمت جو ليک آهي، تو اهڙو ڪوبه گناهه نه ڪيو آهي .... خير آهي جيڪو ڪجهه ٿي ويو سو ٿي ويو ... انهي کي برو سپنو سمجهي وساري ڇڏ .... ۽ شادي کان پوءِ نئين زندگي جي شروعات ڪر ....“ مون سندس هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهليندي چيو.
    ”ٿئنڪ يو سو مچ ديپ .... تون ڪيڏو نه سٺو آهين .... مون توکي ڪيڏو تنگ ڪيو .... هميشه پنهنجو مفاد ڏسي توکي استعمال ڪيو پوءِ به تون سڀ ڪجهه وساري مون کي همٿ ۽ سهارو ڏيئي رهيو آهين واقعي تون مهان آهين .... ۽ وينا ڏاڍي خوشنصيب آهي جنهن کي تو جهڙو پيار ڪندڙ مليو آهي .....“ سونم منهنجو شڪريو ادا ڪندي چيو.
    ”اڙي نه بابا .... گناهگار آهيون .... مهان صرف مالڪ جي ذات آهي .... پاڻ بس انسان ٿي رهون ته اهو ڪافي آهي ..... خير تون دل نه لاهه، اسين سڀ تون سان گڏ آهيون.“ مون کيس دلداري ڏيندي چيو.
    ”پليز ديپ .... منهنجون سڀ خطائون مون کي معاف ڪري ڇڏيئيي نه ....“ سونم ٻيهر ڪن پڪڙيندي معصوميت مان چيو.
    ”اڙي پاگل .... چيم نه .... برو خواب سمجهي وساري ڇڏ .... بس ڳالهه ئي ختم .... سمجهه ته ڪجهه ٿيو به ناهي .... اوڪي ... تون پنهنجي زندگي جي نئين شروعات ڪر ....“ مون مرڪندي سندس نَڪ پٽيندي چيو.
    اسان ڳالهائي ئي رهيا هئاسين .... ته ٽهلندي ٽهلندي سامهون وينا ۽ ڪومل به اچي ظاهر ٿيون ..... اسان وٽ پهچندي ئي وينا پڇڻ لڳي .... ”توکي سونم ٻڌايو ته سندس اڳئين هفتي شادي اٿس“
    ”ها سندس امڙ جي بيماري جو ٻڌي ڏاڍو ڏک رسيو ۽ کيس مجبوري ۾ پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي شادي ڪرڻي پئجي رهي آهي ....“ مون کيس جواب ڏيندي چيو.
    ”چڱو آءٌ هلان ٿي .....“ سونم اسان کان موڪلائي رواني ٿي ويئي.
    سونم جي وڃڻ کان پوءِ وينا خوش ٿيندي ڪومل کي تاڙي ملائيندي خوش ٿيندي چيو. ”ٽري جان ڇٽي ..... “
    ”ڪنهن جي بيماري ۽ مجبوري تي خوش ناهي ٿبو پاگل ..... هن کي هينئر تنهنجي سهاري جي ضرورت آهي“ مون کيس تاڪيد ڪندي چيو.
    ”توکي ڏاڍي فڪر آهي هن جي .... ايڏو فري ٿيڻ جي ضرورت ڪونهي.....!! آئي ڳالهه سمجهه ۾ ..... سهاري ڏيڻ لاءِ ٻيا ويٺا آهن .... ٽرِي نڀاڳي ڪباب ۾ هڏي ....... جڏهن ڏس ٽنگ اڙايو اسان جي معاملن ۾ اچي شامل ٿيندي هئي ....“ وينا سندس شادي ۽ ڪاليج مان نڪرڻ تي ڏاڍي خوش هئي.
    ”چڱو .... چڱو .... آءٌ هلان ٿو ڪلاس ڏي .... منهنجو خاص ليڪچر اڌ کان وڌيڪ مِس ٿي ويو .... پوءِ ملون ٿا .... اوڪي باءِ ..... “ آءٌ کائنس موڪلائي ڪلاس طرف نڪري آيس ....
    ــــ


    12

    سونم جي شادي ٿي رهي آهي نه ..... سڀني مهندي پئي هنئي .... سو رات مون به تنهنجي نالي جي مهندي لڳائي هئي، ڪيڏو نه رنگ نکري آيو آهي.“ وينا پنهنجا ٻيئي هٿ مون کي ڏيکاريندي چيائين.
    ”واقعي مهندي بهترين رنگ ڪيو آهي.“ مون سندس هٿ جاچيندي چيو.
    ”توکي خبر آهي ته جنهن جي نالي جي مهندي هڻبي آهي ۽ مهندي گهرو ڪلر ڇڏيندي آهي ته ان جو مطلب پيار انتهائي گهرو ۽ پختو هوندو آهي.“ وينا پنهنجي هٿن تي مهندي جي نکري آيل گهري رنگ بابت ٻڌائيندي چيائين.
    ”ها ... ٻڌو ته مون به آهي، پر مهندي جي رنگ جو محبت جي پختگي سان ڪهڙو واسطو ؟؟“ مون کي ڳالهه سمجهه کان ٻاهر لڳي.
    ”اهو سچ آهي چريا ....“ وينا منهنجي ناسمجهي تي کلڻ لڳي.
    ”ڀلا مهانگي مهندي وٺندئين ته لازمي گهرو رنگ ڇڏيندي، وٺ سستي مهندي ۽ لڳاءِ پوءِ ڀلين پيار جي پختگي ۽ رنگ جي خبر پئي،“ مون شرارت مان کيس ڇيڙيندي چيو.
    ”جي ايئن هجي ها، ته پوءِ ساڳئي مهندي چاچِي به لڳائي هُئي پر سندس هٿن تي لڳايل مهندي جو رنگ گهرو نه نڪتو.“ وينا پنهنجي ڳالهه کي وزن ڏيندي چيو.
    ”هن جلدي هٿ ڌوئي ڇڏيا هوندا“. مون ٻيهر سندس ڳالهه کي رد ڪندي چيو.
    ”اڙي نه پاگل، اسان ٻنهي گڏجي مهندي لڳائي هئي ۽ ٻي ڏينهن صبح جو گڏجي ئي هٿ ڌوتا هئا، پر هُن جي مهندي جو رنگ نکري نه سگهيو.“ وينا وضاحت ڪندي چيو.
    ”پوءِ ٿي سگهي ٿو هُن جي مهندي جو ٽيوب ايڪسپائر هجي“ مون هار نه مڃيندي هڪڙو ٻيو دليل ڏنو.
    ”جي بلڪل نه، اسان ٻنهي ساڳئي ٽيوب مان مهندي لڳائي هئي.“ وينا انهي ڳالهه کي به رد ڪندي چيو.
    ”اڇا بابا .... انهي جو ڇا مطلب آهي ته تنهنجي چاچي جي مهندي جو رنگ نکري نه سگهيو؟“ مون سندس اڳيان هار مڃيندي چيو.
    ”مطلب تنهنجو منهنجو پيار پختو آهي، ۽ چاچا چاچي جو پيار ڪچو آهي.“ وينا ڪنهن فاتح جيان چهري تي مُسڪراهٽ آڻي پنهنجي ڳالهه ٻڌائيندي چيو.
    ”چار ٻار ڪيا اٿس، اڃان پيار ڪچو اٿس .... واهه سائين واهه ....!“ مون مستي مان وراڻيو.
    ”ٻار پيدا ڪرڻ پيار ٿورو ئي آهي. اهو ته زماني جي دستور آهي، ته شادي ڪرڻي آهي ٻار پيدا ڪرڻا آهن، باقي پيار ته ٻي شيءَ آهي نه....!“ وينا ڪنهن داناءَ وانگي سمجهاڻي ڏيندي ڳالهه ڪئي.
    ”تون ته ڏينهون ڏينهن وڏيون فلاسافي واريون ڳالهيون ڪندي پيئي وڃين“. مون اک ڀڃيندي شرارت مان چيو.
    ”جنهن ماڻهو جا دليل کٽندا آهن نه، پوءِ اهو ايئن ٽڙ پکڙ واريون ڳالهيون ڪندو آهي.“ وينا مون تي ٽوڪ ڪندي چيو.
    ها سائين ..... مڃيو سين .... تو وڏي داناءَ .... هوشيار .... هاڻي هل ته هلون“. مون هٿ ٻڌندي چيو.
    ”شاباس .... ايئن پهرين مڃي وٺين ها نه .... ته ايترو مٿو ڇو کپائڻو پوي ها.“ وينا مسڪرائي هلڻ لڳي.
    اسان ٻيئي کلي پياسين ۽ نڪرڻ لڳاسين.
    ـــ


    جنهن ڳالهه جو ڊپ هو، اهو ئي ٿيو .... وينا جي گهر وارن منهنجي گهروارن کي رشتي جي لاءِ چيو جنهن تي مشوري لاءِ امان چاچي ۽ پڦي کي گهر گهرايو هو.
    ”چريا آهيو ڇا؟ جو اهڙي گهر جو رشتو وٺندا، خاندان ڏٺو آهي الائي ڪهڙن مان هنن جو ڏاڏو پرڻجي آيو آهي. اڄ پئسو آهي تنهن ڪري اهي سڀ ڳالهيون وساري ته ڪونه ڇڏينداسين. لوڪ ۾ رهڻو آهي يا نه!“ پُڦي، والده کي چوڻ لڳي.
    ”امان! ڇوڪري ته ڏاڍي سهڻِي آهي، معصوم ۽ پياري آهي .... ڀائو لاءِ ڪنوار جي روپ ۾ سُٺي رهندي.“ منهنجي ڀيڻ وينا کي پسند ڪندي چيو.
    ”اڙي ڇوري تون وچان چپ ڪر! وڏن جي وچ ۾ تنهنجو ڳالهائڻ ضروري هو ڇا؟“ پڦي ڀيڻ کي ڇڙٻ ڏيندي چيو.
    ”پر مون ته صرف ڀائو لاءِ صحيح ٿي چيو.“ ڀيڻ منهن لاهيندي چيو.
    ”تون هل ڪچن ۾ برتن هلي صاف ڪر ...“ امان ڀيڻ کي هتان کان اٿڻ لاءِ چيو.
    ڀيڻ ويچاري منهن لاهي اٿي ڪچن ڏي هلي ويئي.
    ”ڳالهه ته صحيح آهي، اڄڪلهه ماڻهو ڇوڪري ڇوڪريءَ کي ٿا ڏسن ته سٺا، سهڻا آهن يا نه! پڙهيل لکيل آهن يا نه .... اڄ جي دور ۾ باقي ڊيگهه ۾ ڪير ٿو پوي.“ منهنجي ڀاڄائي پنهنجي صلاح ڏيندي چيو.
    ”پوءِ ڀلين پنهنجي ڀاءُ جو رشتو ڪرائينس، اسان کي لوڪ ۾ رهڻو آهي، ماڻهن جا مهڻا ڪونه ٻڌڻا آهن.“ پڦي ڀاڄائي کي به ڇنڊ ڪڍندي چيو.
    ”ڇوڪري ته گهڻي ئي سٺي آهي برابر ..... پر ماڻهو ته چوندا نه، ته پسئي جي چمڪ ڏسي مڱڻي ڪري وڌائون، پنهنجي گهر خاندان جو مرتبو به نه رکيائون.“ هڪڙي پڦي اڳ ئي موجود هئي، متان وري چاچي به پنهنجو وزن پڦي ڏانهن اوريندي چيو.
    آءٌ ڪمري جي دروازي جي پويان بيٺو اهي سموريون ڳالهيون ٻڌي رهيو هوس، جيڪي اهي سڀ ورانڊي ۾ رکيل پينگهي ۾ ويهي ڪري رهيون هيون.
    امان ويچاري ٻنهي طرفن جون ڳالهيون ٻڌي رهي هئي، پر ڪوبه حتمي جواب نه ڏيئي سگهي هئي، ته ڪهڙي ڳالهه صحيح آهي.
    ”هُو نه فلاڻي جي گهر پنهنجي ٻارن جي مڱڻي فلاڻي جي گهر ڪئي هُئي ته ماڻهن ڪيڏي نه کِل ڪئي هئي. نيٺ لوڪ جي طعنن کان تنگ اچي انهن کي اها مڱڻي ٽوڙڻي پئجي ويئي هئي.“ پڦي پنهنجي ڳالهه کي وزنائتي بڻائڻ لاءِ مثال ڏيڻ لڳي.
    ”اهو ته ڇوڪري ۾ ڪو عيب هو، تنهن ڪري مڱڻي ٽوڙيائون باقي انهي ڪري ڪونه ٽٽي هئي.“ ڀاڄائي جوابي دليل ڏيندي چيو.
    ”ڀلا توکي ڪهڙي پئي آهي جو هَروڀَرو چاهين ٿي ته اتي ئي تنهنجي ڏير جي شادي ٿئي؟“ پڦي اصل تپندي چيو.
    ”آءٌ ته چاهيان ٿي ته سٺي ڇوڪري آهي، ٻيئي گڏ پڙهن ٿا، هڪ ٻئي کي سمجهن به ٿا ... ته سندس رشتو سٺو قائم ٿئي.“ ڀاڄائي پنهنجي دل جي ڳالهه بيان ڪندي چيو.
    ”انهي سڀ ته ٺانٺو ڦٽايو آهي، جو ڇورا ڇوريون گڏ پڙهن تڏهن ئي ته سڄو معاملو بگڙي ٿو“ پڦي ڏند ڪرٽيندي چيو.
    ”هائو، هُو فلاڻي جو ڇوڪرو ۽ فلاڻي جي ڇوڪري حيدرآباد ۾ گڏ پڙهندا هئا، مائٽن کان لڪي شادي ڪري ڇڏيائون، خبر تڏهن پيئي جڏهن ٻار پيدا ٿيو.“ چاچي ٺَڪ سان پُڦي جو پاسو کڻندي مثال ڏنو.
    هائو بلڪل .... ٻڌين ٿي ڪوئي ضرورت ڪونهي اهڙي گهر ۾ رشتو ڳنڍڻ جي .... جنهن جي بدلي صرف ذلت ئي نصيب ٿئي. اسان جي ڇوڪري لاءِ گهر کُٽا آهن يا ڇوڪريون ناهن جو اسان تڪڙ ويهي هروڀرو اهڙي گهر رشتو ڪريون جنهن جي نه اَڳاڙي آهي نه پڇاڙي .....!! پُڦي پنهنجو آخري فيصلو ڪندي چيو.
    ”دنيا ڪٿي جو ڪٿي وڃي پهتي آهي، مگر اسان جو معاشرو اڃان تائين ذات، برادري، قبيلي جو چڪرن ۾ ڦاٿو پيو آهي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسان انهي وروڪڙ مان ڪڏهن ٻاهر نڪرنداسين. دنيا چنڊ ۽ مريخ تي وڃي پڳي آهي، ڪائنات جي ٻين اسرار ڳولڻ ۾ لڳل آهي ۽ اسين ڏاڏي ڪنهن سان شادي ڪئي، مامي ڪنهن سان شادي ڪئي، اتي ئي ڦاٿا پيا آهيون. اڻ پڙهيل پٺتي پيل معاشري جون جيڪي به نشانيون هجڻ کپن اهي سڀ اسان ۾ آهن مگر اسان پوءِ به پنهنجي اَنا جي خول ۾ ويڙهيا پيا آهيون.
    پنهنجو پاڻ کي اُتم ۽ اعليٰ ۽ ٻي کي عدنيٰ سمجهڻ اسان ڪڏهن بند ڪنداسين، ڪڏهن برابري پنهنجائپ ۽ خلوص جو دڳ وٺنداسين؟ منهنجي لاءِ ته انسانيت سڀ کان اعليٰ آهي، باقي سڀ ڳالهه پوءِ، پر هنن کي ڪير سمجهائي ته مون کي ڇوڪري سان شادي ڪرڻي آهي، نه ڪي هن جي ڏاڏي سان. هُو ڪنهن سان پرڻجي آيو ان سان اسان جو ڪهڙو تعلق ڀلا؟ وڏ ننڍائي جي اصول جي ڪري ڪجهه چئي به نٿو سگهجي ...... ويچاري ڀيڻ ڪجهه چوڻ جي ڪوشش به ڪئي ته کيس ڇا ڇا ٻڌڻ لاءِ مليو.
    انهي سموري لقاءُ مان مون کي پورو يقين ٿي ويو ته اسان جو ملڻ ممڪن ئي ڪونهي، پر وينا کي خبر پيئي ته ڇا ٿيندو؟ آءٌ اهو سوچي ئي پريشان ٿي پيس.
    ــ


    آءٌ ڪٿي دوستن ۾ ئي ويٺو هوس ته ساحل سهڪندو سهڪندو اچي مون وٽ پهتو .... ”اڙي يار تون هتي ڪچهري ۾ ويٺو آهين، هتي ته غضب ٿي ويو ....“ ساحل اونها اونها ساهه کڻندي چيو.
    ڇو ٿيو ڇا؟ مون ڇرڪندي پڇيو؟
    ”اڙي هُوءَ .... تو واريءَ .....“ ساحل ڊوڙڻ جي ڪري مسلسل سهڪي رهيو هو.
    ”ڪير تو واري .... ڇا تو واري ....“ مون پريشان ٿيندي پڇيو؟
    ”اڙي هُن وينا .....“ ساحل جملو پورو ڪري تنهن کان اڳ ئي مون پريشان ٿيندي پڇيو.
    ”ڇا ٿيو وينا کي ....؟؟“
    ”هن ننڊ جون کوڙ ساريون گوريون کائي ڇڏيون ..... ايمرجنسي ۾ اسپتال وٺي آيا آهن.“ ساحل جملو پورو ڪندي چيو.
    منهنجي پيرن هيٺيان زمين ئي کسڪي ويئي، ايئن لڳو ڄڻ ڌرتي ٻه اڌ ٿي پيئي آهي .... اکين اڳيان انڌهوڪار ڇائنڻ لڳي.
    ٻي لمحي پاڻ سنڀالي ڊوڙندا اچي اسپتال پهتاسين، ڪائونٽر تان روم نمبر پتو ڪري اوڏانهن وڃڻ لڳاسين.
    ڪمري جي گيٽ جي ٻاهر وينا جي رشتيدارن جي ڪافي رش لڳي پيئي هئي، جيڪي پڻ طبيعت معلوم ڪرڻ لاءِ آيا هئا. آءٌ ڪمري ڏانهن وڌڻ لڳس .... سامهون بيڊ تي وينا بي هوش حالت ۾ ستي پيئي هئي، کيس ڊرپ لڳل هئي ... پاسي ۾ سندس ماءُ پريشان حالت ۾ ويٺي هئي، والد بار بار اندر ۽ ٻاهر اچي وڃي رهيو هو. ڪنهن وقت ڊاڪٽر سان پئي ڳالهائين ته ڪنهن وقت ڪنهن رشتي دار کي پيئي منهن ڏنائين.
    مون کي ڏسندي ئي سندس ماءُ ڪاوڙ مان چيو ته ”جيڪر منهنجي ڌيءُ کي ڪجهه ٿي ويو ته ان جو ذميوار تون هوندين، منهنجي معصوم ڌيءُ اڄ هن حالت ۾ صرف تنهنجي ڪري آهي. نازڪ گلابن جي پنکڙين جهڙي ڇوڪري تنهنجي ڪري هن حال ۾ پهتي آهي. تون ۽ تنهنجي گهر وارا .... سمجهو ڇا ٿا پاڻ کي ...؟“
    ”توهان انڪار ڪندا ته ڇا اسان کي ٻيا رشتا نه ملندا ... منهنجي ڌيءُ راڻي جهڙي آهي سئو رشتا کڻي ماڻهو لائين ۾ بيٺا آهن پر هن معصوم جو اهو ڏوهه جو هن توکي پسند ڪيو، اسان کي به تون پسند آئين ڇا اهو گناهه آهي منهنجي هِن ڪونج جهڙي نياڻي جو .... !!“ وينا جي ماءَ، وينا ڏي نهاري روئڻ ويٺي.
    منهنجو جسم ٿڙڪي رهيو هو، آءٌ اڳتي وڃڻ جي ساهت ساري نه سگهيس ۽ وينا جي پيراندي ئي بيهي رهيس، ايتري همٿ به نه ٿي سگهي جو هٿ وڌائي سندس پيرن تي هٿ لڳائي معافي وٺان، جسم ساهه ڇڏائي ويو هو. آءٌ پنهنجو پاڻ کي ڌڪاري رهيو هوس، جو سڄي معاملي جو ذميوار آءٌ ئي هوس. مون سموري خبر هوندي به هن سان پيار ڪيو ۽ کيس ان حالت تائين وٺي آيس.
    آءٌ سوچن ۾ ئي گُم هوس ته مون پنهنجي ڪلهي تي ڪنهن هٿ جو وزن محسوس ڪيو، مُڙي ڏٺم ته وينا جو والد هو ..... جيڪو انتهائي احساس سناش ماڻهو هو، مون تي ڪاوڙ ڪرڻ بدران مون کي تسلي ڏيڻ لڳو.
    ”توهان هن کي ڪجهه چوڻ بدران هن جو پاسو پيا کڻو..... هن کي چئو ته هتان نڪري وڃي، ٽري وڃي اسان جي نظرن کان..... اسان جي زندگي کي پري هليو وڃي ...“ وينا جي ماءُ سندس مڙس کي مون کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ چوڻ لڳي.
    وينا جو والد مون کي منهنجي ڪلهي تي هٿ ڏيئي ٻاهر وٺي آيو ۽ حالت جي نزاڪت سمجهائيندي في الحال اتان هليو وڃڻ لاءِ چيائين ....
    آءٌ نه چاهيندي به هن جي ڳالهه کي ٽاري نه سگهيس ۽ اتان نڪري آيس ...
    ـــ


    13

    ”هاڻي ته خوش آهين نه پُڦي .... اندر ٺريو .....“ گهر ۾ داخل ٿيندي ئي دالان ۾ ويٺل پُڦي تي انتهائي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيم.
    ”اَئي ماءُ ..... آءٌ ڀلا ڇو خوش ٿينديس .... مون کان تنهنجي ماڻهين ۽ پڻهين صلاح ورتي سو ڏنم ....“ پُڦي پنهنجي ڳالهه جي وضاحت پيش ڪندي چيو.
    ”اهڙي صلاح ڏبي آهي، جو ڪنهن جي موت جو ذري گهٽ سبب بڻجي ....“ مون کيس ٻيهر ڪاوڙ مان جملو ڪسيندي چيو.
    ”وڏن سان ايئن ڳالهائبو آهي ڇا؟“ منهنجي گوڙ جي آواز تي امان ڪمري مان ٻاهر نڪرندي مون تي ڪاوڙ ڪرڻ لڳي.
    ”امان .... ڀلائي جو ته زمانو ئي ناهي رهيو .... سٺي صلاح ڏيئي الٽو پنهنجي بي عزتي ڪرائڻي آهي اڄ ڪلهه ....“ پُڦي ڪاوڙ مان لال ٿي پيئي.
    ”توهان دل ۾ نه ڪريو .... نوجوان آهي .... سمجهايون ٿا ....“ امان پڦي کي ٿڌو ڪندي چيو.
    ”توهان کي خبر آهي، توهان جي ڪري ڪنهن جي اڄ جان وڃي پئي سگهي، ڪير مري بچيو آهي .....“ مون امان ۽ پڦي کي مخاطب ٿيندي چيو.
    ”ها ڳالهه اسان به ٻڌي آهي ته هُن ڇوڪري ننڊ جو گوريون کاڌيون آهن جنهن ڪري اسپتال داخل آهي“ امان به ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو.
    ”پوءِ ڀلا ڪو اسان هُن ڇوري کي چيو ته وڃي گوريون کائي؟“ پڦي مون کان سوال ڪندي چيو.
    ”توهان کي ته جيڪي ڪرڻو هو، سو ته ڪيو نه .....!!“ مون پُڦي تي ٻيهر ڪاوڙ ڪندي چيو.
    ”اَئي .... آءٌ ته چوان ٿي چڱو ٿيو جو هُن ڇوري سان پنهنجي ديپ جو وهانءُ نه ٿيو ..... هينئر ئي اهڙا رنگ اٿس هن ڇوري ۾ سو شادي کان پوءِ ڪهڙا کيل تماشا ڪري ها ....!!“ اڳي گهٽتائي هئي، جو چاچي به اچي پُڦي جي سُر ۾ سُر ملائيندي لوڻ ٻرڪندي چيو.
    ”ٻيو نه ته .... اهو ڪير سمجهي ته نه ....!!“ پُڦي، چاچي کي پنهنجي پاسي ڏسي همٿ ڪندي چيو.
    ”جيڪر هُو اڄ مري پئي ها، ته انهي جي موت جو ذميوار توهان هجو ها ....“ مون انهن طرف آڱر کڻندي چيو.
    ”اڙي اهڙي جيئري کان مُئي چڱي ..... پوري راڄ ۾ پنهنجي ماءُ، پيءُ کي خوار ڪيائين .... وڏي عقلمند چئبي ....“ پُڦي ناسون ٽيڙيندي چيو.
    ”پنهنجا جذبا ماري بس عزت جو ڀرم رکي ... پاڻ ڀلين پوءِ تڙپندي رهي ....“ مون ڪاوڙ مان وراڻي ڏيندي چيو.
    ”هيءَ ڇوري جون ڳالهيون ته ڏسو جو رڳو پيو هُن ڇوريون جو تعريفون ڪري .....“ پُڦي مون تي صفا بگڙي پيئي.
    ”ابا اهڙي جي خانداني ها ته مائٽن جي لڄ جو ڀرم رکي ها .....“ چاچي دکندي تي تيل هاريندي چيو.
    ”ٻيو نه ته ..... هيءَ اسان سڀ پنهنجي مائٽن جي پسند، ناپسند کي مان نه ڏنو آهي ڇا؟ اسان جا جذبا نه هئا ڇا؟ پر خاندان، عزت به ڪا شيءَ هوندي آهي يا نه .....!!“ پُڦي پنهنجي ڳالهه ٿاپيندي چيو.
    ”امان اهو پراڻو زمانو هو .... اڄڪلهه پڙهيل لکيل معاشري ۾ ڇوڪرو، ڇوڪريءَ پنهنجي پسند، نا پسند سان رشتا جوڙين ٿا، جيڪر پاڻ به هنن ٻنهي کي پنهنجي زندگي جو فيصلو ڪرڻ ڏيون ها ته بهتر هو“..... سدائين وانگر هينئر به ڀاڄائي منهنجو پاسو کڻندي چيو.
    ”اڙي مائي .... تون چُپ ڪر ... جڏهن ڏس تڏهن وچ ۾ اچي پنهنجي راءِ ڏيندي آهي، ايئن ڪري ته تو اسان جي ڇوڪري کي خراب ڪيو آهي ...“ پُڦي ڀاڄائي کي ڇڙٻ ڏيندي چيو.
    ”منهنجي زندگي ته جهنم ڪري وڌي، هاڻي ويهي توهان خوش ٿيو، شادمانا ڪرو ......“
    ڪاوڙ ۾ آءٌ اندر ڪمري ۾ اچي اونڌي منهن ليٽي پيس ......
    ــــ


    وينا کي جڏهن هوش آيو، ته هن ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي۽ هُن جا والدين منع نه ڪري سگهيا هئا جو ڊاڪٽر کين سختي سان تاڪيد ڪئي هئي ته انهي حالت ۾ هن جي ڪابه خواهش نه ٽارجو.
    آءٌ سندن سڏائڻ تي اسپتال پهتس. ڪمري ۾ آيس ته وينا ماءُ، پيءُ کي چيو ته هوءَ مون سان اڪيلائي ۾ ملڻ ٿي چاهي.
    سندس ماءُ، پيءُ اسان ٻنهي کي اڪيلو ڇڏي سڀ ٻاهر هليا ويا.
    اسان ٻيئي هڪ ٻئي کي چنڀڙي ڳراٽڙي پائي روئي پياسين ....
    ”هي تو ڇا ڪيو وينا...؟ توکي منهنجو ٿورو به خيال نه آيو؟“ مون کيس ميار ڏيندي روئي ڏنو.
    ”مَمي ٻڌايو تنهنجي گهر وارن انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ٻڌاءِ توسواءِ جيئڻ جو ڪهڙو فائدو؟“ وينا روئندي چيو.
    ”تون ئي ٻڌاءُ پاڻ هڪٻئي کان سواءِ ڪيئن جيئنداسين....؟؟“ وينا جي اکين ۾ سئو سوال هئا، جنهن جو مون وٽ ڪوبه جواب نه هو.
    بلڪه آءٌ پاڻ لاتعداد سوالن جي جوابن جو متلاشي هوس ته هن کان بغير منهنجي زندگي ڪيئن گذرندي؟ هڪ ٻئي کان بغير وڇوڙي جا ڏينهن ڪيئن ڪٽبا؟
    ”ٻڌاءِ نه ...! ڪيئن جيءَ سگهنداسين هڪ ٻيءَ جي بنان؟“ لڙڪ بي اختيار وينا جي اکڙين مان وهندا سندس نرم ڳلڙن کي ڀِڄائي رهيا هئا. گلاب جي گلن جهڙو پيارو چهرو بلڪل ڪومائجي ويو هو. ختم ٿيندڙ تيل جي باعث اجهامندڙ ڏيئي جيان ڀاسجي رهيو هو.
    پاڻ سنڀاليندي سندس گلابي چهري کي پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ جهلندي چيم، ”ايڏو روئندي نه ڪر.... تنهنجي نيڻن مان وهندڙ هڪ هڪ لڙڪ منهنجي هانءُ تي وڍ ٿو وجهي.... منهنجي جانان تون پنهنجي لڙڪن جا موتي ايئن ضايع نه ڪندي ڪر، تنهنجي چهري جي اداسي مون کي ماري ٿي وجهي.“
    ”پوءِ تون ٻڌاءِ نه ....! پنهنجي دل کي ڪيئن آٿت ڏيان؟ آءٌ پنهنجو پاڻ کي ته کڻي روڪي به ڇڏيان پر اهي لڙڪ منهنجو چوڻ ئي نه ٿا ڪن ۽ بي اختيار منهنجي پنڀڻين مان وهي ٿا اچن. تون ئي ٻڌاءِ جنهن جو جاني جنهن کان دور ٿيندو محسوس ٿئي، اهو ڀلا ڪيئن ٿي مُرڪي سگهي؟، تون ئي ٻڌاءِ توکان سواءِ منهنجون ڪهڙيون هوليون، ڪهڙيون ديواليون، ڪهڙيون خوشيون؟ تون ئي ٻڌاءِ جنهن جي ساهه جو سڳو ڇڄندو محسوس ٿئي اهو ڀلا خوشيون ڪيئن ملهائي؟“ وينا وياڪُلتا مان مون ڏي ڏسندي چيو.
    ”تون پاڻ کي سنڀال هي جدائي به سهي وينداسين، هڪ ٻئي جي جدائي جي باوجود تنهائين جي اٿاهه ساگر هوندي به هڪٻئي کي محسوس ڪنداسين ۽ هڪ ٻئي لاءِ جيئنداسين“. مون کيس دلداري ڏيندي چيو.
    ”مگر مون کي تون کپين مطلب تون ئي کپين، هل ته هتان کان تمام گهڻو پري نڪري هلون، جتي ڪير اسان جي وچ ۾ رڪاوٽ نه بڻجي سگهي.“ وينا مون تي زور ڀريندي چيو.
    ”پنهنجي مائٽن ۽ لوڪ کي لڄائي پاڻ اهڙو قدم نه ٿا کڻي سگهون، جنهن سان انهن جي عزت کي ڇيهو رسي. پنهنجو پيار جسمن جو محتاج ناهي، اسان هڪ ٻئي جي روح سان پيار ڪيو آهي، هونئن به پيار قرباني جو نالو آهي“. مون کيس سمجهاڻي ڏيندي چيو.
    ”قرباني صرف اسان ئي ڇو ڏيون؟ اسان جا خاندان، هيءَ اناپرست سماج ڇو نه ٿو ڏي.“ وينا ڪاوڙ مان چيو.
    ”اسان به انهن جهڙا ٿينداسين ته پوءِ اسان ۾ ۽ انهن ۾ ڪهڙو فرق باقي رهندو؟“ مون کيس سمجهائيندي چيو.
    ”پوءِ ڀلين اسين ڌار ٿي وڃون، محبت اڌوري رهجي وڃي، بس سماج ۽ رشتن جو ڀرم ئي رکون، پنهنجي پيار جو ذرو به فڪر نه ڪريون؟“ وينا ڏنگي ٻار جيان ضد ڪرڻ لڳي.
    ”پيار هو، آهي ۽ قائم رهندو ان لاءِ جسماني طور گڏ رهڻ ضروري ناهي؟“ مون وري به سمجهائيندي چيو.
    ”پر آءٌ نٿي رهي سگهان تو سواءِ؟ ٻڌاءِ ڇا ڪيان اٿندي ويهندي کائندي پيئندي صرف تون ٿو ياد اچين ته آءٌ ڇا ڪريان؟“ وينا پريشان ٿيندي چيو.
    ”پنهنجو پاڻ کي سمجهائينداسين، اسان ٻيئي هڪ ٻئي لاءِ جيئنداسين، هڪ ٻئي کي جيترو ٿي سگهيو خوش رکڻ لاءِ جيئنداسين، گڏ نه هوندي به دل سان گڏ رهڻ جي ڪوشش ڪنداسين، پيار جي پريت نڀائڻ جي ڪوشش ڪنداسين“. مون وينا کي آٿت ڏيندي چيو.
    ”پليز....! اهڙيون ڳالهيون نه ڪر، آءٌ مري وينديس، جسم جنجهوڙجي ٿو وڃي، تون مون کان دور نه وڃ“ وينا سُڏڪندي چيو.
    منهنجي مٺڙي جانان! مون لاءِ پڻ اهو فيصلو ڪرڻ ڪو سَولو ناهي پر اهو اسان جي مقدر ۾ لکيل هو ته اسان هن دنيا جي ڪري پنهنجي پيار جي قرباني ڏيون. مون سندس هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهليندي چيو.
    اسان ڪافي وقت تائين هڪ ٻئي کي سمجهائيندي رهياسين، قائل ڪندا رهياسين، آٿت ڏيندا رهياسين.
    ڪافي دير بعد ڪجهه رشتيدار وينا جي طبيعت پڇڻ لاءِ ڪمري اندر داخل ٿيا.
    پوءِ آءٌ وينا کي اکين ئي اکين ۾ پيار آڇي، تسلي ڏيئي ٻاهر نڪري آيس.
    ــ


    مون کي هرگز خبر نه هئي ته منهنجي وينا سان ڪو آخري ملاقات هئي، اسان ته هڪٻئي سان صحيح طرح مليا به نه هئاسين ۽ نه ئي پنهنجي دل جو حال اوريو هو، اسان ته ايئن هڪٻئي سان موڪلائڻ جو تصور به نه ڪيو هو.
    ان حادثي کان پوءِ وينا جي والدين جو لوڪ جي ڳالهين ۽ طعنن جي ڪري هتي رهڻ ڏکيو ٿي پيو هو، سو سندس والدين هتان کان ٻي شهر شفٽ ٿيڻ جو سوچي ورتو هو. هفتي اندر ئي اهي ڪهڙي وقت شهر ڇڏي هليا ويا ڪا خبر ئي نه پيئي، جي ڪيڏانهن وڃڻو به هو ته به وينا موڪلائي ته وڃي ها، ائين بنان ڄاڻ ڏيڻ جي ڪيڏانهن هليا ويا، ڪا خبر ئي پي پئي.
    منهنجي لاءِ شهر جون رونقون بي معنيٰ ٿي ويون. اهي اتان هليا ويا... صرف اهي ٻه اکيون، چمڪدار ۽ عجيب نموني پاڻ ڏانهن ڇڪيندڙ، منهنجي دماغ جي پليٽ تي پنهنجو مستقل نقش ڇڏي ويون.
    هڪ هُن سان ٽٽڻ ۽ ڌار ٿيڻ جو ڏک ته ٻيو وري وڇوڙي جو وڍ .... تنهائين جي بار هيٺ دنيا کائڻ ٿي آئي ... بس ڪنهن به شيءَ، ڪنهن به ڳالهه ۾ دلچسپي نه رهي هئي.
    ڌار ٿيڻ جو ڏک وري به ڏکيو سکيو دل تي پٿر رکي سهي وڃون ٿا، پر گهٽ ۾ گهٽ ڏور ته نه هلي وڃي ها، منهنجي روبرو منهنجي اکين جي سامهون ته رهي .... کيس ڏسي ڪري دل جي حسرت ته پوري ڪيان، پري کان سهي پر اکين سان پيار اوتيان ها، سندس مسڪراهٽن جي سهاري جيون گهاريان ها .... پر هُوءَ ته صفا وڇوڙي جا گهاءُ ڏيئي هلي ويئي .....
    هاڻي بس اهو ئي انتظار هو ته ڪيئن به ڪٿان سندس حال احوال ملي، پتو ملي ته منهنجو پيار، منهنجي مٺڙي جانان ڪهڙي حال ۾ آهي.....!!
    ڪجهه ڏينهن پڄاڻان انتظار ختم ٿيو ۽ ڪوريئر ذريعي هڪڙو خط پهتو جيڪو وينا جو هو، جلدي کولي پڙهڻ لڳس.

    ”ساهه کان به پيارا .... دانش ....
    مون کي به اها خبر نه هئي ته اها پنهنجي آخري ملاقات هوندي پر تنهنجي وڃڻ کان پوءِ مَمي پَپا مون وٽ آيا ۽ هنن سموري مجبوري منهنجي اڳيان رکي. هنن اڄ تائين منهنجي هر ضد، هر خواهش پوري ڪئي آهي، هنن ته منهنجي خواهش تي تنهنجي لاءِ رشتو به موڪليو پر اها منهنجي بدقسمتي هئي جو توکي پنهنجو جيون ساٿي بڻائڻ جي خواهش اڌوري رهجي ويئي. منهنجي هڪ غلطي جي ڪري پاپا جي عزت کي ڪافي ڇيهو رسيو. هُو مارڪيٽ ۾ عزت سان سٺي نموني بزنس به ڪري نه پئي سگهيو. هن مون کي پنهنجي مجبوري بيان ڪئي.“
    ”جنهن والدين، مون جتي پير رکيا اتي انهن پنهنجا نيڻ وڇايا انهن کي ڀلا آءٌ نِراس ڪيئن ٿي ڪري سگهيس. آءٌ ته تو بنان هونهن به مرده ٿي ويئي هئس تنهنڪري مون لاءِ هاڻ ان ڳالهه ڪا معنيٰ نٿي رکي ته ڪٿي رهجي سو سوچيم پنهنجي غلطي سڌاريندي مَمي پاپا جي خواهش پوري ڪيان.“
    ”تو سان آخري ڀيرو ان ڪري به نه موڪلايو، جو توکي ڏسي وڃي نه سگهان ها ۽ پنهنجي فيصلي تان ڦري وڃان ها. هڪڙي طرف مَمي پَپا هئا ته ٻي طرف منهنجو پيار هو. مون تنهنجي ڳالهه مڃيندي پنهنجي پيار جي قرباني ڏيڻ ئي بهتر سمجهيو، ڇو جو آءٌ پپا جي وڌيڪ دل ڏکائي نٿي سگهيس، مون کان مَمي جو اداس چهرو ڏٺو نٿي ٿيو. تنهنڪري سوچيم پاڻ کي سزا طور توکان ڌار ڪيان. اسين ڪراچي آيا آهيون ۽ پپا هاڻ هتي ڪراچي ۾ سيٽ ٿيڻ جو سوچيو آهي. اسان جو هڪڙو چاچو پهرين به ڪراچي ۾ بزنس ڪندو آهي ۽ منهنجا ناناڻا به ڪراچي ۾ آهن، سو اڪيلائي بلڪل به نه آهي.“
    ”ڪمي آهي ته بس تنهنجي.... هڪڙو هڪڙو پل توسواءِ سال صدين برابر گذري ٿو..... پر ڇا ڪيان، وقت ۽ حالات اهڙو مجبور ڪري ڇڏيو. پپا چئي پيو ته منهنجي باقي پڙهائي به هاڻ ڪراچي ۾ ئي مڪمل ڪرائيندو. دور رهي به توکان ڇڄي نٿي سگهان جو تون منهنجو پهريون ۽ آخري پيار آهين..... مون سان رابطي ۾ رهجان.“
    تنهنجي فقط تنهنجي ....
    وينا ...

    خط پڙهي، درد جي رڻ ۾ رُلي ويس. پن وانگي ڇَڻي پيس. سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڪٿي اچي بيٺو آهيان. نيٺ ٻرندڙ دل سان ڪجهه اکر لکڻ شروع ڪيم.

    ”هَرڻي جي اکين جهڙي پياري جانان ....
    تنهنجو ايئن بنان موڪلائي هليو وڃڻ مون لاءِ ڪنهن صدمي کان گهٽ نه هو، پر تنهنجي انهي ڳالهه ۾ به وزن آهي ته پاڻ هڪ ٻئي کان آخري ڀيرو موڪلائي نه سگهون ها ۽ جذبا فيصلن تي ڀاري ٿي پون ها ۽ ٻيهر ڪو جذباتي فيصلو ڪري وجهون ها ... جيڪو لازمي اسان جي مائٽن جي حق ۾ بهتر نه هجي ها .....!“
    ”آءٌ بس تنهنجي انهي خوشي ۾ خوش آهيان جو تو انتهائي سمجهداري وارو فيصلو ڪيو.“
    ”پيار پنهنجي دل ۾ هميشه زنده هو، آهي ۽ رهندو. تو سواءِ اداس شامن جي لهندڙ سج جي لالاڻ جو قسم، تنهنجي هر مرڪ جو قسم، ڪجلاسر جي هر ڪامڻي جو قسم، موهن جي دڙي جي ناچڻي جو قسم، مڪلي جي تاريخ جو قسم، تنهنجي مونکي ڏنل هٿ سان ڀريل رومال جو قسم ۽ ٿر جي رلي جي هر هڪ ٽاڪي جو قسم، جڏهن به تنهنجي ياد پيار جي ڪتاب جا ورق ورايا آهن سچ جانان آءٌ رنو آهيان ۽ منهنجون آليون اکيون پنهنجي پيار کي لڙڪن جي ڀيٽا آڇين ٿيون.“
    ”سانجهي ويلي تنهنجي يادن کي ساري روئي ٿو پوان، ڪو وقت هو ته پاڻ ٻيئي گَڊي ڀٽ جي ريٽ تي ويهي محبت هاڻيون ڪچهريون ڪيون هيون، سدا ساٿ نڀائڻ جا وعدا وچن ڪيا هئا، هن بي درد زماني سان هڪ ٿي وڙهڻ جو عهد ڪيو هو. ها اهو سانجهي ويلو ئي ته هوندو هو جنهن ويل تون مون کي پنهنجي آغوش ۾ سمهاري منهنجي وارن کي پنهنجي هٿ ڦڻين سان سنواريندي هئين ۽ منهنجو هر هر توکي ڳلن ۾ چهنڊڙيون پائڻ ۽ تنهنجو پيار وچان منهنجي ڳلن تي ٿپڪي هڻڻ ڪيڏو نه مستي ڀريو عمل هوندو هو. ڪاليج ۾ گهاٽي نم جي وڻ هيٺيان ويهي دل جا حال اورڻ ۽ هڪ ئي ڪپ ۾ هڪ ٻئي جي جُوٺي چانهه ۽ پاڻي پيئڻ تي دوستن جو تعجب کائڻ ۽ مذاق ڪرڻ، سچ جانان اهي يادون جڏهن ڪنهن تنهائي ويلي منهنجي من اڱڻ تي رقص ڪن ٿيون ته لڙڪ پنڀڻين جا بند ٽوڙي ڳلڙا ڀنائي ٿا ڇڏين ۽ تنهنجون سارون مون کي ڪنهن واچوڙي جيان وڪوڙي ٿيون وڃن. ڪنهن تيز سامونڊي لهرن جيان منهنجي دل جي دنيا کي تنهنجي يادن ۾ ٻوڙي ٿيون ڇڏين ۽ مان ان معصوم ٻار جيان روئندو ٿو رهان جنهن جي امڙ انهي لهر ۾ ٻڏي ويئي هجي. ان ويل آءٌ توکي انهي ٻار جيان ياد ڪيان ٿو پر افسوس .... آس پاس نه پائي وهاڻي ۾ منهن لڪائي روئي ٿو پوان.“
    ”ڪڏهن ڪڏهن آءٌ پنهنجي منهن سوچيان ٿو ته جڏهن ٻن پريمين جو هڪ ٻئي سان ملڻ نصيب ۾ ئي نه ٿو هجي ته پوءِ اُهي محبت جي هن ميلي ۾ هَروڀَرو پاڻ ستائڻ لاءِ ڇو ٿا اچي گڏ ٿين؟ جڏهن انهن جي نصيب ۾ لڙڪ ئي هجن ٿا ته هُو صرف ڪجهه وقت لاءِ پاڻ ۾ ملي ڪري خوش ڇو ٿا ٿين؟“
    ”يادن جا پکي ڪيڏا نه آزاد ٿا هجن، جڏهن انهن جي دل چاهي ٿي ته اسان جي دل جي اڱڻ تي لهي ٿا پون. پوءِ ڪڏهن کلائين ٿا ته ڪڏهن ڪو پراڻو گهاءُ ياد ڪرائي روئاڙي ٿا وجهن. زمانو آخر ايترو ظالم ڇو آهي، جيڪر ڊاڪٽر هجان ها ته سڀ کان اول زماني جي ظالم ماڻهن جي سرجري ڪري ڏسان ها ته سندس سيني ۾ دڙڪندڙ نازڪ دل آهي يا ڪو پٿر!! ڇو ڪنهن کي ستائي مُسرت جي سرهائي مان ٽهڪ ڏين ٿا؟ ڇو پيار ڪندڙن کي درد ۽ تڪيلف ڏيئي خوشي محسوس ڪن ٿا؟“
    ”منهنجي مٺڙِي جانان!
    لکڻ لاءِ ته کوڙ ساريون ڳالهيون آهن، کوڙ سارا ڪاغذ ڪارا ٿي پوندا پر تنهنجا نازڪ نيڻ پڙهي پڙهي ٿڪجي پوندا ..... بس .....
    تو سواءِ زندگي خالي خالي ٿي لڳي، نه ڪاليج وڃڻ تي دل ٿي چئي، نه پڙهائي تي، هر وقت تنهنجي ياد جي وير وري ٿي پوي. هاڻ اها ئي آس آهي ته تنهنجي خوشين جي لاءِ جيئجي. هر وقت اها ئي دعا آهي ته توکي دنيا جون سموريون خوشيون نصيب ٿين.“

    فقط تنهنجو ....
    دانش ...
    ـــ


    14

    هُن جو جوابي خط مليو ڄڻ ڪنهن سائل جو ڪو سوال پورو ٿي مليو هجي. هن جا خط اڪثر ڪري آءٌ چمندو آهيان، مون کي انهن ۾ هُن جو وجود محسوس ٿو ٿئي. انهن مان هُن دلربا وجود جي خوشبوءَ محسوس ٿئي ٿي. خط کوليم ته پهرين سرخي وارن چپن سان سندس ڏنل چمي تي پنهنجا چپ رکي جوابي چمي ڏنم، اڄ به منهنجي پسند جي ڪلر جي لپسٽِڪ لڳائي ٿي. پاگل کي چيو هئم ”ته هر شيءَ مون کان پڇي ڇو ٿي خريد ڪرين؟ ڪڏهن ته پنهنجي پسند سان به وٺندي ڪر“ ته ان ويل سندس جواب هيو ته ”جانان مون پنهنجو وجود تنهنجي نالي ڪري ڇڏيو آهي، مون جڏهن پاڻ کي تولاءِ ارپي ڇڏيو آهي ته پوءِ بس انهي رنگ ۾ رنگجڻ ٿي چاهيان جنهن رنگ ۾ تون پسند ڪرين...!!“
    پڪ سان خط لکندي رُني هوندي..... خط ۾ لکيل لفظن تي لڙڪ ڪرڻ جي ڪري مَسَ پکڙجي ويئي آهي. هن خط لکندي پاڻ کي ته روڪيو هوندو پوءِ لڙڪن هُن جو چَيو نه مَڃيو هوندو.... هن جي اکين جا موتي مون کي خط تي محسوس ٿيا.
    جانان ايڏي روئندي نه ڪر، جسماني طور نه به سهي پر دلي طور ته اسان هڪ آهيون، ڀلين زماني چالاڪي سان جسماني طور تي اسان کي ڇني ڌار ڪري ڇڏيو آهي پر ڀلا اسان کي هڪ ٻئي جي دل مان ڪير ڌار ڪري سگهندو؟ آءٌ توکي پنهنجي دل جي مندر ۾ ديوي ڪري پوڄيان ٿو، تنهنجي عبادت ڪيان ٿو ۽ محبت جي ڪتاب جو ورد ڪيان ٿو. آءٌ توکي چاهيان ٿو ها بس توکي ئي چاهيان ٿو.........
    ــــ


    مور ڪارونجهر جي ڪور تي مستي مان جهومي رهيا هئا، ڪوئل مٺڙي لات لنوي رهي هئي، اسان دوست سڀ گڏجي ڪارونجهر گهمڻ ويا هئاسين. هر ڪوئي پنهنجي پيارن سان خوش هو، ناهي ته بس مون سان وينا جو منهنجو ساٿ ناهي. واهڻ، وستي، رستا، نظارا ڪابه شيءَ ناهي بدلي بس بدليو آهي ته هُن جو مون سان ساٿ بدليو آهي، ڪڏهن هتي گڏجي انهن نظارن جو سير ڪيو هوسين پر هاڻي بغير هن جي يادگيرين جا ڪڪر اکڙين جي آڱر تي مينهن ڪڻيون ٿي وسن ٿا .....!!
    آءٌ ڀدريشر جي نگريءَ ۾ ڀوڏيسر مسجد جي ڀرسان ڊيم جي ڪپ تي وڻ جي ٿڌي ڇانوءَ ۾ ڪيل محبت ڀريون ڳالهيون ڀلا ڪيئن ٿو وساري سگهان؟ يا گوڙي جي مندر جي آڳند ۾ گروپ فوٽو کي ڀلا آءٌ يادگيرين جي فريم مان ڀلا ڪيئن ٿوڪڍي سگهان! ڪاسبي جي وشال پڌر تي ڪيل مستيون جڏهن ٻيهر منهنجي ذهن تي دستڪ ڏين ٿيون ته سچ جانان لڙڪ اکين جي چوڪٺ اورانگهي ٿا اچن...!
    هولي اچڻي آهي پر جڏهن کان وينا ڌار ٿي آهي مون هولي ملهائڻ ئي ڇڏي ڏني آهي. رنگ هڻڻ ته محبت نڀاهڻ جي رسم آهي، مگر هُن کان سواءِ هيءُ بي رنگ زندگي ۽ ڪهڙا رنگ ۽ ڪنهن سان محبت نڀايان! زماني ۾ هر ٻيو ماڻهو محبت ۽ پيار جو ماسڪ پائي ملي ٿو ۽ ڪُک ۾ خنجر جو وار ڪري ٿو سڀ مطلب پرست آهن. هُوءَ جي مون کان دور آهي ته ڇا ٿيو..... کيس تصور ۾ ئي پيار ڪري رنگ هڻندس ۽ اهو به پڪ آهي هوءَ پڻ مون کي تصور ۾ محسوس ڪري پنهنجي هٿن سان پنهنجي ڳلن کي رنگ هڻي مون ساڻ هولي ملهائيندي.
    ـــ

    گهڻا ڏينهن ٿي ويا جانان! نه تنهنجو خط نه تنهنجو احوال . . . !! خير ته آهي نه . . ؟؟ خبر ناهي ڇو ڪڏهن ڪڏهن دل سوچيندي آهي ته ڪٿي تون بي وفا ته نه ٿي ويئي آهين، جو ياد ڪرڻ ئي وساري ڇڏيو آهي، ڪٿي تون زماني جي رنگينين ۾ غم ته نه ٿي ويئي آهين، جو ڪڏهن يادن جا ٻه لڙڪ به نه ٿي لاڙين؟ ڪٿي توکي هاڻ مون کان سواءِ جيئڻ جي عادت ته نه ٿي ويئي آهي؟ جو ٻه لفظ پيار جا لکي مون ڏي اماڻي سگهين؟
    پر وري سوچان ٿو ته شايد مجبور هوندئين نه ته منهنجي وينا مون کي سارڻ کان سواءِ رهي نه ٿي سگهي، شايد زماني جي ڪمن ڪارن ۾ مصروف هوندئين!
    پر جانان پنهنجي مصروفيتن مان وقت ڪڍي جلدي مونکي پنهنجو احوال ڏي، اهي تنهنجا خط، تنهنجون يادگيريون ئي آهن جنهن جي سهاري آءٌ اڃان جيئان پيو، اهي تنهنجا پريم پتر مون لاءِ ڄڻ آڪسيجن ئي آهن نه ته هوند آءٌ ڪڏهن ئي فنا ٿي وڃان ها. تنهنجي يادن جي سهاري ئي ته جيان پيو نه ته منهنجي ساهه جون ڏوريون تڏهن ئي ڇيهون ڇيهون ٿي وڃن ها. تنهنجا موڪليل خط هر هر ڏسي، ڇُهي توکي محسوس ڪيان ٿو، تڏهن ئي ته جيئان پيو. اگر منهنجي هن مرده جسم ۾ جان آهي ته صرف تنهنجي آڇيل محبتن جي ڪري آهي، آءٌ اگر جيئان ٿو پيو ته صرف تولاءِ جو توسان هر راهه، هر رستي گڏجي هلڻ جو وچن ڪيو هو، ته پوءِ منهنجي ساهه جو تندون به توسان وچن نڀائينديون پيون اچن.
    ـــ


    ڪنهن ڪم سانگي ڪاليج ويو هوس، ڪاليج جو رنگ روپ ۽ ماحول بدليل لڳو، بس نه بدليل هيو ته اهو سيمينٽيڊ ٿلهو جيڪو اسان جي مستقل ٿانڪ هو ۽ ها اهو گهاٽو نم جو وڻ جنهن جي ڇانوءَ ۾ اسان پنهنجي پڙهائي جي دوران حسين پل کلندي، مسڪرائيندي، ڪاوڙندي، پرچائيندي گذاريا هئا. بائلاجي جي ليب جي دروازي تي لکيل اسان جا نالا هاڻي نئي رنگ ڪرڻ جي ڪري ڊهي ويا هئا. ڪيميسٽري ليب واري ڪاريڊور ۾ وينا جا ٽهڪ گونجندي محسوس ٿيا، مون کي لڳو ڄڻ هوءَ پنهنجي سهيلين ساڻ گلابي دوپٽو لهرائيندي ليب ۾ داخل ٿي هئي، آءٌ بي ساخته ڊوڙي ليب جي دروازي وٽ پهتس ۽ خالي ليب ڏسي مسڪرائي ويٺم.
    لائبريري وٽان گذرندي ڏٺم، هميشه جيان لائبريرين رجسٽر ۾ ڪتابن جي انٽري ۾ مصروف هو .... ۽ شاگرد اخبارون، ميگزين ۽ ڪتاب پڙهي هئا.
    فرسٽ فلور تي ويندي سيڙهين تي ويهي ڪيل دوستن سان ڪچهريون جنهن ويل مون کي ياد آيون ته هلڪي مرڪ منهنجي چپن تي تري آئي ۽ مون محسوس ڪيو ته ٻه ڪوسا لڙڪ منهنجي اکين ۾ تري آيا هئا.
    ليڪچر مِس ڪري ڪاليج جي ٽيريس تي ويهي گهاريل اهي حسين پل اڄ به مون وٽ يادگيرين جي ڪٻٺ ۾ سنواريل آهن. وقت ڀلين تيز رفتاري سان سفرطئه ڪندو سالن جا ڪلينڊر ڳهي ويو هجي پر خوبصورت يادون ڪڏهن ذهن مان وسري نٿيون سگهن.
    ڪلاس روم ۾ گيٽ وٽ پهتس ته سامهون واري چيئر تي وينا مون کي گلابي جوڙي ۾ ڪنهن ڪنوار جيان نظر آئي ڄڻ چئي رهي هجي ته بس ليڪچر ختم ٿئي ته پوءِ ملون ٿا.
    ڪيڏو نه دلچسپ وقت هو جو راتيون جاڳي پيار جي احساسن کي لفظن ۾ پروئي ڪاڳر تي اتاري هڪ ٻئي سان دل جو حال اوريندا هئاسين. هُن جا خوشبوءَ ڀريا خط مون وٽ اڄ به سنڀالي رکيل آهن ۽ جڏهن به هُن جون يادون هيئين ۾ وڍ وجهنديون آهن ته هُن جا اهي خط پڙهي مون کي آٿت محسوس ٿيندي آهي. ڪاليج جي نم جي ڇانو ۾ گهاريل اهي حسين لمحا هجن يا وري ٽيريس تي گذاريل پيار جا پل هجن هُن سان گذاريل هر هڪ لمحو اڄ به مون کي اُتساهه بخشي ٿو.
    هوءَ مون سان اڄ جسماني طور ساٿ ناهي ته ڇا ٿي پيو پر دلي طور هوءَ مون ساڻ آهي. آءٌ اڄ به هن کي خيالن ۾ ڀاڪر ۾ ڀري پيار ڪيان ٿو ۽ هُن سان پنهنجي دل جو حال اوريان ٿو.
    هن زر جي قيدي زماني کي ڪهڙي خبر ته محبت ڇا هوندي آهي؟ محبت صرف جسمن جي ميلاپ ۽ محبوب کي ڀاڪر ۾ ڀري سندس وجود تي پيار جا عڪس چٽڻ جو نالو ناهي پر محبت ته پنهنجي پيار کي پنهنجي سيني ۾ سانڍي رکڻ رکڻ جو نالو آهي. محبت صرف وجود جي حاصلات جو نالو ناهي، پر محبت دلين جو ميلاپ آهي ۽ دل ۾ سانڍيل قرب جو نالو آهي. ها محبت ٻن روحن، ٻن آتمائن جي ميلاپ جو نانءُ آهي. . . . . . !!!
    آءٌ ماضي جي جهروڪن مان يادن جي عڪس پسي رهيو هوس، ته اچانڪ پنهنجي ساڄي ڪلهي تي ڪنهن جو هٿ محسوس ڪيم، مُڙي ڏٺم ته منهنجو پسنديده سَر اسدالله بيٺو. بهترين استاد، نفيس ۽ شفيق محسن، جنهن جو جهڙو پڙهائڻ جو انداز بهترين هو ته ڳالهائڻ جو رويو به بهترين هو. هميشه پيار ۽ شفقت سان ملندو هو ۽ اسين پڻ سندس هميشه عزت ڪنداهئاسين.
    سائين سان ملي حال احوال اورياسين ...... ماضي جي ڪتابن جا ورق اٿلاياسين ..... ڪجهه دير ڪچهري کان پوءِ واپس نڪري آيس.
    ــــ


    هُن کان پوءِ صرف هُن جا خط ئي ته هئا جن جي آسري آءٌ هيءَ درد ڀري زندگي گهاري رهيو هوس. هاڻي اهي به اچڻ بند ٿي ويا، بنان ڪنهن ڪارڻ جي، بنان ڪنهن سبب جي ڪا خبر نه پئي سگهي ته آخر معاملو ڇا آهي؟ نه ئي هن ٻڌايو ته هاڻي خط نه لکڻ جو سبب ڇا آهي؟ جيءَ لڇڻ لڳو، آءٌ پريشان ته آخر ڇا ٿي پيو هن کي؟ ڪٿي طبيعت ته خراب ناهي، يا ڪو معاملو مسئلو ته نه ٿي پيو آهي جو ايئن خط اچڻ بند ٿي پيا ......
    منهنجو ته سُک ڦِٽي پيو هو.. رات جو وڏو حصو پنهنجو پاڻ سان دليل بازي ڪندي ۽ پنهنجو پاڻ کي آٿت ڏيندي گذاريندو هوس. وينا سان ملڻ جي بي انتها خواهش دل ۾ اُڀرندي هئي، پر پاڻ وٽ نه پائي روئي پوندو هوس.
    ڪيترن ئي ڏينهن پڄاڻان اهو معلوم ٿيو ته هوءَ ميڊيڪل جي پڙهائي جي لاءِ اسڪالرشپ تي ٻاهر ملڪ هلي ويئي آهي .... اهو منهنجي لاءِ خوشي جي ڳالهه هئي..... پر ڏک صرف ايترو ته وينا پنهنجي خوشي ۾ مون کي شامل نه ڪيو ۽ مون سان اها خوشخبري ونڊڻ به مناسب نه سمجهيائين.
    لڳو پئي ته هن جي دل تان لهندو ٿي ويس، هن جون ترجيحات تبديل ٿيڻ لڳيون هيون..... هوءَ جيڪو پنهنجو هڪ هڪ پل، هڪ هڪ احساس مون سان شيئر ڪندي هئي. تنهن ٻاهر ملڪ وڃڻ جي ايڏي فيصلي تي مون کان راءِ وٺڻ به مناسب نه سمجهيو. شايد هُن جي زندگي ۾ منهنجي هاڻ اها حيثيت نه رهي هئي جو هوءَ مون کي ايئن نظر انداز ڪري ٻاهر ملڪ هلي ويئي هئي..... الائي ڇو لڙڪ پنڀڙيون پسائيندا لڙي پيا هئا....

    بس پوءِ ته ڏينهن، مهينا، سال گذرندا ويا ...... ڪافي ڪوششن جي باوجود به ڪو رابطو نه رهيو.
    ـــ


    15

    رات جو وقت هو، اسين اسپتال پهتاسين، پنهنجي گهر واري کي گائني سيڪشن ڏانهن وٺي ويس ... اتي ويٺل هڪ جونيئر ڊاڪٽر نرس کي سڏايو ۽ رجسٽر ۾ مريض جي داخلا ڪرڻ کان پوءِ فورن آپريشن جي تياري ڪرڻ ۽ گائني سيڪشن جي انچارج کي فون ڪري جلدي اسپتال گهرائڻ لاءِ هدايت ڏنائين .....
    نرس رسپشن ڪائونٽر تي اچي اتي ويٺل اٽينڊنٽ کي انٽري ڪري ڪنهن ڊاڪٽر مسز پريم کي ڪال ڪرڻ لاءِ چئي پاڻ آپريشن جي تياري لاءِ رواني ٿي ويئي، اٽينڊنٽ ڊاڪٽر مسز پريم کي ڪال ڪري فورن اسپتال پهچڻ لاءِ چيو.
    آءٌ اسپتال جي گائني وارڊ مان نڪري ٻاهر اڱڻ ۾ هليو آيس، اسپتال جي وشال اڱڻ تي ٻهراڙين مان داخل ٿيل مريضن سان گڏ آيل وارث ڪنڊ پاسا وٺي ستا پيا هئا. سامهون فارميسي جي روشني تي آءٌ چهل قدمي ڪندو اتي پهتس ته اتي ويٺل ڇوڪري مون کي سڃاڻي، سلام دعا ڪري ويهڻ لاءِ ڪرسي ڏني ۽ منع باوجود هُن فون ڪري ڪنهن کي چانهه کڻي اچڻ لاءِ چيو.
    ڪرسي تي ويٺي چانهه جي سرڪ ڀريندي منهنجي نظر فارميسي جي سامهون بلڊ بئنڪ تي پيئي، جيڪو ٿر جو هڪڙو سوشل ورڪر هلائيندو هو جيڪو ”مامون ٿري“ جي نالي سان مشهور هو. افسوس جو مقام آهي جيڪو ڪم سرڪاري ادارن کي ڪرڻ کپي پر سندن نااهلي جي ڪري ادارا تباهي جي ڪناري تي وڃي پهتا آهن. ان حالت ۾ سماج جا اهي سُڃاڻ ڪردار آهن جيڪي پنهنجي هڙان توڙي وڙان خرچ ڪري انسانيت جي بنان ڪنهن فرق جي مدد ڪندا ٿا وتن. ”مامون وشن ٿري“ کي ٿر جو ايڌي پڻ سڏيو ويندو آهي جو ڪڏهن به ڪٿي به ڪنهن مجبور کي ڏسندو ته وٽس پهچي ويندو وس آهر پنهنجي هڙان مدد ڪندو نه ته شهر ۾ جهولي جهلي پني به ان مجبور جي مدد ڪندو. علائقي جي واحد بلڊ بئنڪ هئي جيڪا مامون وشن ٿري هلائيندو هو. هزارين ماڻهن جي رت جا گروپ ۽ سندن رابطه نمبر کيس برزباني ياد هئس.
    چانهه ختم ڪري ڪوپ واپس انهي ڇوڪري کي ڏنم ايتري ۾ هڪ ڪار پارڪنگ ايريا ۾ اچي بيٺي جنهن مان هڪ عورت لهندي ئي تڪڙي گائني وارڊ طرف هلي ويئي. شايد اها عورت ڊاڪٽرياڻي مسز پريم ئي هئي جنهن کي رسپشنٽ فون ڪري گهرايو هو. آءٌ پري بيٺل هئڻ ڪري سندس چهرو صحيح ڏسي نه سگهيس.
    ڪجهه دير کان پوءِ ڀائيٽو ٻاهر آيو ۽ منهنجي گهر نئي آيل مهمان اچڻ جي خوشخبري ڏنائين ۽ چيائين ته ڊاڪٽرياڻي توهان کي ڊاڪٽرس روم ۾ سڏايو آهي، ساڻس ملي ڪري ڪجهه فارملٽيز پوريون ڪري ، دوائون پڻ لکائي وٺان.
    آءٌ ڊاڪٽرياڻي سان ملڻ لاءِ ڊاڪٽرس روم ڏانهن آيس.... جيئن ئي ڊاڪٽرس روم جي گيٽ وٽ پهتس ته حيراني جي حد ئي نه رهي ته سامهون ڪرسي تي ويٺل اها ڊاڪٽر مسز پريم ٻيو ڪير نه پر ... و ... ي ... نا ....ا .... هئي .... وينا ......
    ساڳيءَ پياري صورت، من مهڻو انداز، گلابي ڪاٽن جي جوڙي ۾ ملبوس مٿان ڊاڪٽرن وارو سفيد گائون پهريل ..... ڪمري ۾ سونهن جي ديوي ويٺي هئي. گهڻي پڙهائي ڪري شايد نظر ڪمزور ٿي پيئي هجي جو فينسي فريم وارو چشمو پڻ پهريل هئس جيڪو سندس سهڻي مُک جي زينت بڻيل هو.
    هُو فائيل چيڪ ڪرڻ ۾ مصروف هئي، جيئن ئي نظر فائيل مان هٽي دروازي تي پهتي، مون کي ڏسندي ئي اندر سڏيندي چيائين.
    ”اندر نه ايندين ڇا ؟“
    آءٌ ڪجهه به ڪُڇي نه سگهيس ۽ خاموشي سان اندر اچي ڪرسي جي پاسي ۾ بيهي رهيس.
    ”دانش ڪيئن آهين؟ ..... مبارڪون هجن توکي ننڍڙو ڄائو آهي، بلڪل ئي تو جهڙو پيارو آهي.“ وينا مسڪرائيندي چيو.
    مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو ... ته خوش ٿيان، حيران ٿيان يا وري .......
    ڪرسي سرڪائي ويهندي سندس ڳالهه جو جواب ڏيندي چيم توهان کي به مبارڪ هجي .... مهرباني ....
    ” چيو هئم نه..... ته ..... توهان ... توهان ... نه چوندو ڪر ... بزرگي جو احساس ٿو ٿئي“ پوءِ وري توهان ڇو چيو .... وينا اهو جملو مونکي ڪاليج جي وقت ۾ چيو هو ... ۽ اسين هڪ ٻئي کي تون چئي مخاطب ٿيندا هئاسين جو وينا جي مطابق تون چوڻ سان پهنجائپ جو احساس ٿو ٿئي ۽ توهان سان اوپرائپ محسوس ٿي ٿئي. اڄ ٻيهر سندس انهي جملي تي ٻيهر پنهنجائپ جا احساس اڀري پيا.
    مگر توهان .... آءٌ اڃان ڪجهه چوان ها تنهن کان اڳ ئي وينا منهنجي ڳالهه ڪٽيندي چيو ... ”وري توهان ...... آءٌ اڄ به تنهنجي لاءِ تنهنجي اها ئي ساڳيءَ وينا آهيان .... مون کي تون چئي ئي مخاطب ٿيندو ڪر .....“
    ”خبر اٿس تنهنجي خطن مون تي ڏاڍو اثر ڪيو ۽ آءٌ ڪافي ميچوئرسوچ ڏانهن مائل ٿيڻ لڳس. اڄ آءٌ جنهن مقام تي پهتي آهيان اهو سڀ تنهنجي خطن ذريعي ڏنل سٺين صلاحن ۽ همت افزائي جو ئي اثر آهي. مون کي ڏکن جي دلدل ۽ جذبات مان ڪڍڻ وارو تون ئي آهين. تون منهنجو پهريون آدرش آهين دانش .... تون منهنجي لاءِ اڄ به منهنجو دانش ئي آهين آءٌ توکي اڄ به ديپ نه پڪارينديس ... تون منهنجو پهريون پيار ۽ پهريون پتي آهين .....“ وينا پنهنجو چشمو ٺيڪ ڪندي چيو.
    ڪمري ۾ بلڪل ئي خاموشي هئي، آءٌ سندس ڳالهيون يڪ ٽڪ ٻڌي رهيو هوس. هوءَ تسلسل سان پنهنجي ڳالهه ڪري رهي هئي.
    ”پر تو ته پنهنجي آدرش کي انهي ڏينهن اوپرو ڪري ڇڏيو هو، جڏهن تون ٻاهر پڙهڻ پئي ويئين ۽ پنهنجي خوشي ۾ شامل ڪرڻ به مناسب نه سمجهيو ....“ مون ٿڪل لهجي ۾ سندس ڳالهه جو جواب ڏيندي چيو.
    اسٽيٿواسڪوپ ڳچي مان ڪڍي ٽيبل تي رکندي هن قلم هٿ ۾ کڻندي چيو ”ڪجهه مجبوريون به هونديون آهن، جيڪي ٻُڌائي نه سگهبيون آهن.تو ئي ته چيو هو ته نئين شروعات ڪر مون ٻاهر ملڪ جي يونيورسٽي ۾ اسڪالرشپ جي ذريعي پڙهائي لاءِ اپلاءِ ڪيو هو، مثبت موٽ آئي ته مون سوچيو ته اڄ تنهنجي خواب کي پورو ڪريان. تو ئي ته چيو هو ته آءٌ نه پڙهي سگهيس مگر تون منهنجو سپنو پورو ڪجان. آءٌ توکي ڊاڪٽر جي روپ ۾ ڏسڻ ٿو چاهيان...... تنهنجي خوشي خاطر ئي ته هيءَ سڀ ڪجهه ڪيو.
    ”جي منهنجي خواب کي پورو ڪرڻ پئي وئين ته پوءِ مون کي ٻڌائڻ ۾ ڪهڙو حرج هو، مون کي خوشي ٿئي ها ....“ مون اونهون ساهه کڻندي چيو.
    ”مون توکي وڌيڪ پريشان ڪرڻ نٿي چاهيو .... ته جيئن تون پڻ منهنجي يادن مان نڪري اچين ۽ نئين زندگي جي شروعات ڪري سگهين ...“ وينا وضاحت ڪندي چيو.
    ”انتهائي وڏيون ڳالهيون ڪرڻ سکي ويئي آهين ..... ماشاالله عقلمند ٿي ويئي آهين“. ٻيئي هٿ ٽيبل تي رکندي چيم.
    ”اهو سڀ تنهنجي ڪري ئي ممڪن ٿي سگهيو آهي. تنهنجي ڳالهين، تنهنجي يادن، تنهنجي خطن جو ئي اثر آهي، جو آءٌ سڀ ڪري سگهي آهيان...... ۽ ٻُڌ! توکي انتهائي خوبصورت گهرواري ملي آهي، خوشنصيب آهين“ وينا منهنجي اکين ۾ نهاريندي چيو.
    مون ڏٺو ته هُن جڏهن گهرواري ۽ خوشنصيب جي ڳالهه ڪئي ته هُن جي اکين ۾ آگم ڀرجي آيو هو ۽ هن فورن ٽشو سان اکيون صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
    ”تون هتي ڪڏهن آئي آهين ۽ ٻڌائڻ به نه پسند ڪيو ...“ مون سندس ڳالهه بدلائيندي پڇيو.
    ”منهنجو مُڙس هتي ڪارڊيولاجي وارڊ ۾ آهي، هڪ مهينو پهرين سندس هتي بدلي ٿي هئي، انهي ڪري مون کي هتي اچڻو پيو. گذريل هفتي منهنجي هتي پوسٽنگ ٿي آهي پر مون ٻه ڏينهن پهرين هتي جوائننگ ڪئي آهي. اڃان گهر جي سيٽنگ ۾ هئاسين سو ڪيڏانهن نڪري نه سگهياسين ۽ نه ئي ڪنهن کي ٻڌائي سگهياسين....“ وينا وضاحت ڏيندي چيو.
    ”ڇا آءٌ به ”ڪنهن“ ۾ اچان ٿو ... جو مڪمل گهر جي سيٽنگ ڪرڻ کان پوءِ ئي ٻڌائڻ ٿي چاهيو...!“ لفظ ”ڪنهن کي“ ٻڌي منهنجون اکيون پڻ ڀرجي آيون ... جو هُن کن پل ۾ هڪڙي لفظ ۾ ئي پرايو ڪري ڇڏيو هو....
    ”نه نه اهڙي ڳالهه ناهي ...... تون اڃان تائين پهرين وانگي جلدي جذباتي ڇو ٿو ٿين؟“ مون ته بس ڳالهه پئي ڪئي، وينا صفائي پيش ڪندي چيو.
    ”واهه .... تنهنجي لاءِ صرف اها هاڻ بس ڳالهه ٿي لڳي .... تون ٻاهر ملڪ پڙهڻ ويئين، وري واپس موٽي آئين، شادي ڪئي، هتي ڊيوٽي تي واپس آئين ... تو مونکي ٻڌائڻ به ضروري نه سمجهيو ... تون ڪيڏي نه تبديل ٿي ويئي آهين وينا......“ مون سندس اکين ۾ نهاريندي چيو.
    هڪ دم خاموشي ڇائنجي ويئي .... بس هڪ ٻيءَ کي ڏسندا رهيا سين ..... مون محسوس ڪيو ته آءٌ انتهائي سخت ڳالهائي ويو هئس جو سندس اکين جون پنڀڻيون پُسِي ويون هيون. ڪجهه سانت بعد هن ٽِشو سان نيڻ اگهندي چيو.
    ”اهو سڀ ڪرڻ منهنجي لاءِ به آسان نه هو دانش ...... پر تون پاڻ ئي ته چوندو هُئين ته ڪيستائين يادن جي آسري جيئندين، پاڻ کي تبديل ڪر نئين زندگي جي شروعات ڪر... ڪوشش ڪري شروعات ڪئي ته پوءِ به مون کي ئي قصور وار ٿو ڪوٺين ...“ وينا معصوميت مان جواب ڏيندي ٻيهر نيڻ مان وهي آيل نير صاف ڪرڻ لڳي.

    پليز روءِ ته نه .... ڪير ڏسندو ته ڇا چوندو ..... مون ته صرف اهو ٿي چيو ايئن ته نه ڪبو آهي، ايئن بلڪل ئي قطع تعلق ٿورو ئي ٿبو آهي ..... مون کيس سمجهائيندي چيو.
    چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ وڏو فرق آهي دانش ..... تون پاڻ کي منهنجي هنڌ تي رکي ڏس ته خبر پوندي ته آءٌ ڪيترن امتحانن مان گذري آهيان ..... وينا معصوميت مان جواب ڏيندي چيو.
    ڇا امتحانن مان صرف تون گذري آهين .... آءٌ نه گذريو آهيان ڇا اهي وڇوڙي جا وڍ ۽ تڪليفون مون نه برداشت ڪيون آهن ڇا ..... مون سندس دليل رد ڪندي چيو.
    بلڪل دانش ..... تو به تمام گهڻو برداشت ڪيو آهي ..... آءٌ ڄاڻان ٿي پر اسان کي هاڻ وقت ۽ حالاتن مطابق هلڻو پوندو ..... وينا وراڻي ڏيندي چوڻ لڳي.....
    ڇا مطلب .... مون حيرانگي مان پڇيو.
    مطلب هاڻي پاڻ ڪنهن ڪاليج جا شاگرد نه رهيا آهيون .... اسان تي معاشري جون ڪافي ذميواريون آهن .... تون ڪنهن جو مڙس آهين ۽ ماشاالله هاڻي پيءَ به آهين ..... ۽ آءٌ ڪنهن جي زال آهيان .... ننهن آهيان ..... زمانو اسان مان گهڻو ڪجهه تقاضا ٿو ڪري .... وينا ڪنهن ميچوئر عورت وانگي جواب ڏيندي چيو.
    مطلب تون اهو چوڻ ٿي چاهين ته زماني جو تقاضائون پوريون ڪرڻ لاءِ پاڻ پنهنجي پيار کي وساري ڇڏيون، پنهنجي چاهت کي ختم ڪري ڇڏيون ..... مون کيس حيرت مان چيو.
    انهي اسپتال ۾ تو مون کي سمجهاڻي ڏيندي ڇا چيو هو، جڏهن مون گوريون کاڌيون هيون ..... تو چيو هو ....”پيار جسمن جو محتاج ناهي، اسان هڪ ٻئي جي روح سان پيار ڪيو آهي. سو اسان ڌار رهي ڪري به هڪ ٻيءَ جو دل سان احترام ڪنداسين .... ۽ دل سان پيار ڪنداسين ......“ وينا مون کي منهنجون ئي ڳالهيون ياد ڪرايئندي چيو.
    آءٌ ڪو جواب ڏيان ئي ها ته اچانڪ روم ۾ هڪ ڊاڪٽر ڪمري ۾ داخل ٿيندي چيو ”ڊاڪٽر صاحبه! توهان فارغ ٿي ويا...؟“
    ”جي بلڪل .... بس هلون ٿا .....“
    ”پريم... هيءَ دانش آهي ... منهنجي ڪاليج جو دوست، سندس ئي گهر واري جي ڊليوري هئي، کيس پٽ ڄائو آهي...“ منهنجو ساڻس تعارف ڪرائيندي چيائين....
    پينٽ شرٽ ۾ ملبوس نوجوان، قد ۾ نارمل، رنگ جو سانورو .... هن کي پڻ چشمو پاتل هوس .... کيس کِلي کيڪاريم.
    ”سائين مبارڪون نئين مهمان جون ...“ پريم ويجهو اچي مون سان هٿ ملائيندي چيائين ....
    ”مهرباني ...“ مون کيس مسڪرائي جواب ڏنو ...
    ”هاڻ هلجي ڏاڍي دير ٿي پيئي آهي.“ پريم هٿ ۾ پهريل واچ ۾ نهاريندي وينا کي چيو ...
    ”ها بس هلو ...“ وينا پرچي تي ڪجهه دوائون لکي پرچي مون کي ڏيندي اٿڻ لڳي .....

    ٻيئي ڄڻا هٿ هٿن ۾ ڏيندا روانا ٿي ويا، آءٌ کيس نهاريندو ئي رهجي ويس. وينا شايد مڙي نهارڻ جي ڪوشش ته ڪئي پر مُڙي نه سگهي ۽ آءٌ پنڊپهڻ جيان بت بڻجي بيٺو ٻنهي کي ويندي ڏسندو رهيس ....!!

    x x x


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566299
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215654
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ