ڪتاب جو نالو: سنڌ ۽ سچ جي ساڃاهه
مصنف: مشڪور ڦلڪارو
ڇپائيندڙ: ريڊيو وائس آف سنڌ لنڊن ۽ ورلڊ سنڌي ڪانگريس
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 03 جولائي 2017 ع
پڙهيو ويو: 1530 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 600 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب نامياري محقق ۽ شاعر مشڪور ڦلڪاري جي سنڌي ٻوليءَ جي پهرين ’ٻاونجاهه اکريءَ‘- ’سنڌو حرفي‘- ۽ ٻئي ڪلام تي مشتمل آهي. ڊاڪٽر هدايت ڀٽو لکي ٿو:
”هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جو هڪ منفرد ڪتاب آهي. هيءَ سنڌي ٻوليءَ جي ’ٻاونجاهه اکري‘ ۾ لکيل پهريون شاعريءَ جو ڪتاب آهي، هن کان اڳ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ’ٽيهه اکريون‘ ته شاعرن لکيون آهن، پر ڪنهن به هن کان اڳ ۾ ’ٻاونجاهه اکري‘ نه لکي هئي: انهيءَ ڪري هن ڪتاب جي منظر عام تي اچڻ سان اسان جي سنڌي شاعريءَ جو جمودُ ٽٽندو ۽ وڌيڪ ’ٻاونجاهه اکريون‘، لکڻ جو رواج پوندو. “
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سِنڌ ۽ سَچَ جي ساڃاهَه
  • ڪتاب جا حق ۽ واسط
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ساڃاهَه ۽ عشقَ جو سفر
  • ڪي رِندَ ڪڙو کَڙڪائن ٿا!
  • اڃا رُڃ مان رَڙ اچي ٿي اچي ٿي!(مهاڳ)
  • سنڌوءَ جي ساڃاهَه جو سفيرُ
  • ڪرمين ملن ڪاپڙي
  • سندي جوڳيان ذاتِ (ليکڪ جوتعارف)
  • عشقُ اٽل مُنهنجو (پنهنجي پاران)
  • سنڌو حرفي ( ٻاونجاهه اکري)

  • الف
  • ب
  • ٻ
  • ڀ
  • ت
  • ٿ
  • ٽ
  • ٺ
  • ث
  • پ
  • ج
  • ڄ
  • جهه
  • ڃ
  • چ
  • ڇ
  • ح
  • خ
  • د
  • ڌ
  • ڏ
  • ڊ
  • ڍ
  • ذ
  • ر
  • ڙ
  • ز
  • س
  • ش
  • ص
  • ض
  • ط
  • ظ
  • ع
  • غ
  • ف
  • ڦ
  • ق
  • ڪ
  • ک
  • گ
  • ڳ
  • گهه
  • ڱ
  • ل
  • م
  • ن
  • ڻ
  • و
  • هه
  • ء
  • ي
  • دُعا
  • سنڌ جي صوفين جي دعا
  • ثقافتي ترانو
  • ثقافتي بيت
  • ترانو
  • چئو سٽا
  • واڳونءَ جا ڳوڙها (نثري نظم)
  • محبت جي روشني (نثري نظم)
  • سر ٻوڏ

  • سِنڌ ۽ سَچَ جي ساڃاهَه

    سِنڌ ۽ سَچَ جي ساڃاهَه

    [سنڌي ٻوليءَ جي پهرين ’ٻاونجاهه اکريءَ‘- ’سنڌو حرفي‘- ۽ ٻيو ڪلام]



    مشڪور ڦلڪارو

    ’ريڊيو وائيس آف سنڌ‘، لنڊن
    ۽’ورلڊ سنڌي ڪانگريس‘
    2016ع




    ڊجيٽل ايڊيشن :

    2017ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ڪتاب جا حق ۽ واسط

    ڪتاب جا سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: ’سنڌ ۽ سچ جي ساڃاهه‘ [’سنڌو حرفي‘- ٻاونجاهه اکري]
    موضوع : شاعري
    شاعر : محمد بخش ’مشڪور‘ ڦلڪارو
    ڇاپو : پهريون
    سال: 2016ع
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائٽل ڊزائين: عبدالرسول عباسي
    ڪمپوزنگ: عارف قريشي
    سيٽنگ ۽ لي آئوٽ: راز محمد لغاري
    ڇپائيندڙ: ’ريڊيو وائس آف سنڌ‘، لنڊن ۽ ’ورلڊ سنڌي ڪانگريس‘
    ڇپيندڙ: سمبارا پرنٽرز اينڊ پبلشرز حيدرآباد سنڌ. 03003513966
    قيمت: 400 روپيا


    :
    SINDH AEN SACH JI SANJAH (Sindhoo Harfi)
    (Poetry)
    Poet: Muhammad Bux ‘Mashkoor’ Phalkaro
    Edition: First, 2016
    Composing: Arif Qureshi
    Tittle Desigine: A.R Abassi
    Setting & Layout: Raaz Muhammad Laghari
    Published By: Radio ‘Voice of Sindh’ London & ‘World Sindhi Congress’
    Printed By: Sambara Printer & Publisher Hyderabad Sindh. 03003513966
    Price: Rs.400/=


    ارپنا

    شهيد مخدوم بلاول،
    سيد شاهه حيدر سنائي،
    صوفي شاهه عنايت شهيد،
    شاهه عبدالطيف ڀٽائي،
    سائين جي ايم سيد،
    شيخ اياز
    ۽
    عبدالواحد آريسر
    جي نانءِ !


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌ ۽ سچ جي ساڃاهه“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري محقق ۽ شاعر مشڪور ڦلڪاري جي سنڌي ٻوليءَ جي پهرين ’ٻاونجاهه اکريءَ‘- ’سنڌو حرفي‘- ۽ ٻئي ڪلام تي مشتمل آهي.
    ڊاڪٽر هدايت ڀٽو لکي ٿو:
    ”هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جو هڪ منفرد ڪتاب آهي. هيءَ سنڌي ٻوليءَ جي ’ٻاونجاهه اکري‘ ۾ لکيل پهريون شاعريءَ جو ڪتاب آهي، هن کان اڳ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ’ٽيهه اکريون‘ ته شاعرن لکيون آهن، پر ڪنهن به هن کان اڳ ۾ ’ٻاونجاهه اکري‘ نه لکي هئي: انهيءَ ڪري هن ڪتاب جي منظر عام تي اچڻ سان اسان جي سنڌي شاعريءَ جو جمودُ ٽٽندو ۽ وڌيڪ ’ٻاونجاهه اکريون‘، لکڻ جو رواج پوندو. “
    هي ڪتاب ريڊيو وائس آف سنڌ لنڊن ۽ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي سهڪار سان 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين مشڪور ڦلڪاري جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ساڃاهَه ۽ عشقَ جو سفر

    محقق تاريخدان، لائق استاد ۽ قومي شاعر ’مشڪور‘ ڦلڪاري جي هن ’سنڌي ٻاونجاهه اکريءَ‘ يعني سندس شاعريءَ جي ڪتاب ’سنڌ ۽ سچ جي ساڃاهه‘ تي پنهنجا ويچار لکڻ ۽ ڇپائي پڌري ڪرڻ مهل انتهائي سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان . هن ڪتاب جو مواد ’مشڪور‘ صاحب جي آواز ۾ ’ريڊيو وائس آف سنڌ، لنڊن‘ تان نشر ڪيو ويو آهي، اُن ڪري مون مواد کي چڱي ڌيان سان ٻُڌو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل شاعري، جتي وطن سان پيار جو درس ڏئي ٿي، اتي وطن جي ڏکن سُورن جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪرڻ تي پڻ اُتساهي ٿي. اُن کان علاوه هن تاريخ جي ڄاڻو شاعرَ، جتي سنڌ جي تاريخي ڪردارن جي امرتا کي پنهنجي شاعريءَ جي جادوءَ سان موثر نموني جرڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اُتي هن سنڌ جي صوفي بزرگن جي ڪلام جي پيغامَ جو، ’عالمگيريت‘ سان فڪري ناتو جوڙيندي،
    ’بين الاقوامي امن مشن‘ کي سگهاري ڪرڻ جيِ پڻ ڪوشش ڪئي آهي. اُنهيءَ لاءِ اهو وڏي واڪي چئي سگهجي ٿو ته ’مشڪور‘ جي شاعري، سنڌ جي بزرگن جي ’پيغام سنڌ‘ جي پڻ تشريح آهي، جنهن کي اڳتي هلي، عالمي ادارن وٽ مڃتا ملڻي آهي.
    هيءُ ڪتاب نه صرف سنڌ، پر دنيا جي انسانيت کي ’جياپي ۽ امن‘ جو گَس ڏسي ٿو. اها منهنجي خوش قسمتي آهي، جو سنڌ جي تاريخدان ۽ قومي شاعرَ مشڪور ڦلڪاري جي شاعريءَ جو ڪتاب ’سنڌ ۽ سچ جي ساڃاهه‘ شايع ڪرڻ جي سعادت مون کي نصيب ٿي رهي آهي. جڏهن اسان جي ساٿي، جعفر ميمڻ سان صلاح بيٺي ته مشڪورڦلڪاري جو ڪتاب ’ريڊيو وائس آف سنڌ، لنڊن‘ پاران شايع ڪرائجي ته مون اُن سلسلي ۾ ’ورلڊ سنڌي ڪانگريس‘ جي ساٿي هدايت ڀُٽي صاحب سان رابطو ڪيو، ۽ اسان گڏيل طور ڪتاب ’سنڌ ۽ سچ جي ساڃاهه‘ ڇپائڻ جو فيصلو ڪيو. انهيءَ سلسلي ۾ مان ’ورلڊ سنڌي ڪانگريس‘ جي محترم لکو لُهاڻي، ڊاڪٽر هدايت ڀُٽي ۽ سانئڻ روبينه شيخ جو به دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان.
    مشڪورڦلڪارو، سنڌ جي قومي تحريڪ جي مُهاڙي دستي ۾ ڪم ڪندو رهيو آهي. سائين جي. ايم. سيد جي ويجهن ساٿين ۽ ڪارڪنن ۾ شامل رهيو آهي. سائينءَ جي وڇوڙي بعد به هيءُ سنڌ جي ’قومي تحريڪ‘ کي سگهاري ڪرڻ ۽ متحد رکڻ لاءِ جاکوڙ جاري رکيو اچي. سندس عشق اڃا تائين ماٺو نه ٿيو آهي. پاڻ قومي فرض سمجهي، اُنهن ميڙاڪن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو آهي، جتي اڄ به سنڌ جا عاشق گڏجن ٿا. علمي ادبي خدمتن تي پاڻ ملڪي ۽ بين الاقوامي مڃتا به ماڻي چڪو آهي. کيس پوريءَ سنڌ ۾ ۽ سنڌ کان ٻاهر به احترام جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو .
    دنيا جو اهو دستور رهيو آهي ته نئين نسل کي اُن جي تاريخ کان تعليمي ادارن معرفت ڄاڻ ڏني ويندي آهي. اِهو سلسلو پرائمريءَ کان يونيورسٽيءَ تائين جاري رهندو آهي. پر اسان جي قوم کي شروع کان وٺي تاريخ جي اهڙيءَ ڄاڻ کان محروم رکيو ويو آهي. بدنصيبي اِها رهي آهي ته هتي غاصبن کي ’هيرو‘ ڪري پيش ڪيو ويندو رهيو آهي. اسان جو نئون نسل تاريخَ بابت سچي ۽ اصل ڄاڻ کان محروم رهيو آهي. وري به سنڌ جا محقق ۽ تاريخدان، جس لهڻن، جن سنڌ جي ’مزاحمتي تاريخ‘ کي ڪتابن ۾ محفوظ ڪيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ مشڪور ڦلڪاري جون ڪاوشون به هڪ قومي ورثي جي حيثيت رکن ٿيون.
    هن موقعي تي مان اهو به ٻڌائيندو هلان ته، مشڪور ڦلڪاري جوسنڌجي تاريخ بابت پنجويهن (25) ليڪچرن جو مواد پڻ ’ريڊيو وائس آف سنڌ، لنڊن‘ تان سيريز جي حيثيت ۾ نشر ڪيو ويوآهي، جيڪو خود هڪ تاريخي اثاثو آهي .انهيءَ کان علاوه گذريل چئن سالن دوران مختلف موضوعن تي سنڌ جي اهل قلم ساٿين ۽ سنڌ جي عاشقن جو تمام گهڻو مواد نشر ڪيو ويو آهي، جيڪو مواد اسان وٽ محفوظ آهي. اُن يادگار ’قومي ورثي‘ کي ڪتابي صورت ڏيڻ، اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. اُن لاءِ اسان جي ساڃاهه وند پبلشنگ ادارن کي اڳتي اچڻ گهرجي. منهنجي اها به ڪوشش آهي ته ’ريڊيو وائس آف سنڌ‘ تان پبلشنگ جو سلسلو جاري رکجي.
    مون 1985ع ۾ ’سجاڳ پبليڪيشن‘ نالي هڪ ادارو قائم ڪيو هو، جنهن جو پهريون ڪتاب، محترم فقير محمد لاشاريءَ جو ’ڌرتيءَ جي دانهن‘ ڇپايو ويو هو. اُنهن ڏينهن ۾ ’سنڌ سجاڳ مئگزين‘، ڪراچيءَ مان شايع ٿيندي هئي، ۽ ف. م. لاشاري صاحب اُن جو ايڊيٽر هو، پر مالي مجبورين سبب اهو پبلشنگ ادارو اڳتي هلي نه سگهيو.
    سنڌ ۾ ڪافي پبلشنگ ادارا، مختلف نالن سان ڪم ڪري رهيا آهن. اها ڏاڍي اُتساهيندڙ ڳالهه آهي ته اڄ به سنڌي ڪتاب وڏي انگ ۾ شايع ٿين پيا، ڪتابن جي رونمائيءَ لاءِ ميڙاڪا ٿين ٿا ۽ سنڌي ڪتاب وڪرو به ٿين ٿا. اهو سجاڳيءَ جو وڏو ثبوت آهي. هڪ طرف سنڌ دشمن قوتن پاران سنڌي ٻوليءَ کي ميسارَڻ جون سازشون ٿين پيون ، ته ٻئي طرف اهل علم ۽ باشعور ماڻهن طرفان سنڌ جي قومي وجود کي بچائڻ سان گڏ، سنڌ جي آجپي ۽ بهتر آئيندي لاءِ جاکوڙ، وڏي جوش ۽ جذبي سان جاري آهي، جنهن ۾ اسان شعور ۽ فهم جي هٿيار سان وجود جي بقا جي ويڙهاند وڙهي رهيا آهيون. انهيءَ ۾ هر هڪ کي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو آهي .
    ’ريڊيو وائس آف سنڌ، لنڊن‘، قومي شعور بيدار ڪرڻ واري مقصد لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. مان صرف ايتري گذارش ڪندس ته توهان جتي به هُجو، قومي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ توهان جيڪي به پروگرام ڪري رهيا آهيو، اُنهن جي رڪارڊنگ اسان ڏي نشر ڪرڻ لاءِ موڪليو. هيءُ ريڊيو وائس آف سنڌ، لنڊن‘، ميڊيا جو واحد ذريعو آهي، جتان بنا ڪنهن فرق جي سمورين سنڌ دوست ڌرين کي اهميت سان هر مسئلي تي وقت ڏنو وڃي ٿو. علمي ادبي ۽ قومي پروگرامن جي مڪمل رڪارڊنگ نشر ڪئي وڃي ٿي. اسان سمجهون ٿا ته هيءُ ڪم ڪنهن هڪ فرد جي وس جي ڳالهه ناهي . مون ڪم جي شروعات ڪئي آهي. پر اُن کي مڪمل ’قومي اداري‘ جي صورت ڏيڻ لاءِ توهان جي مڪمل ساٿ ۽ سهڪار جي ضرورت آهي، ته جيئن سنڌ جي ’ضمير جي آواز‘ کي وڌيڪ موثر ۽ سگهاري انداز سان دنيا جي سامهون آڻي سگهجي، ۽ سنڌي قوم کي سندس درد ۽ ان جي علاج کان آگاهي ڏئي سگهجي. ان کان علاوه اهو به مقصد آهي ته مستقبل جي مؤرخ کي سنڌ جي دردن ۽ اهل سنڌ جي جاکوڙ جا دستاويزي ثبوت پڻ فراهم ڪري ڏنا وڃن، جن جي روشن00يءَ ۾ اسان جا ايندڙ نسل، پنهنجي قومي ارتقا جو سفر جاري رکي سگهن .
    آءٌ هڪ دفعو وري به ’مشڪور ڦلڪاري‘ کي جس ڏيندس، جنهن ’ريڊيو وائس آف سنڌ‘ سان مڪمل سهڪار ڪيو آهي. مان اُميد ٿو ڪريان ته هيءَ سلسلو باقاعدگيءَ سان جاري رهندو.
    موقعي جي مناسبت سان مان اُنهن سمورن دوستن ۽ ساٿين جو به ٿورائتو آهيان. جن ’ريڊيو وائس آف سنڌ‘ جي پروگرامن کي اثرائتي بنائڻ لاءِ مون سان مڪمل سهڪار ڪيو آهي.
    شال! سنڌ آباد ۽ خوشحال ٿئي ۽ سنڌي ماڻهو سکيا ۽ ستابو ٿين!

    امداد علي اوڍو
    ريڊيو وائس آف سنڌ، لنڊن
    28 فيبروري 2016ع
    www.radiovoiceofsindh.com
    www.imdadaliodho.com


    ڪي رِندَ ڪڙو کَڙڪائن ٿا!

    هن ڪتاب ’سنڌ ۽ سچ جي ساڃاهه‘ تي ٻه اکر لکندي، مون کي فخر ۽ خوشي محسوس ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جو هڪ منفرد ڪتاب آهي. منهنجي نظر ۾ هن ڪتاب جون ٽي وڏيون اهميتون آهن: هڪ طرف، هيءَ سنڌي ٻوليءَ جي ’ٻاونجاهه اکري‘ ۾ لکيل پهريون شاعريءَ جو ڪتاب آهي، هن کان اڳ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ’ٽيهه اکريون‘ ته شاعرن لکيون آهن، پر ڪنهن به هن کان اڳ ۾ ’ٻاونجاهه اکري‘ نه لکي هئي: انهيءَ ڪري هن ڪتاب جي منظر عام تي اچڻ سان اسان جي سنڌي شاعريءَ جو جمودُ ٽٽندو ۽ وڌيڪ ’ٻاونجاهه اکريون‘، لکڻ جو رواج پوندو. ٻئي طرف، هن ڪتاب جي شاعريءَ سان سنڌي ماڻهن ۾، خاص ڪري قومي ڪارڪنن ۾ نئون جوش ۽ جذبو پيدا ٿيندو، ۽ سندن دلين ۾ موجود ’جيجل سنڌ‘ جو عشق، شعور، ساڃاهه ۽ سچائيءَ سان سگهارو ٿيندو . ٽئين طرف، هن ڪتاب ۾ موجود شاعريءَ ذريعي ’سنڌي تصوف‘ ۽ ’سنڌ جي بزرگن‘ جي پيغام کي دنيا تائين پهچائڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي آهي، جنهن سان بارود جي ڍيرَ تي ويٺل وجود جي بقا جي لاءِ ’پريشان انسانيت‘ کي به جيئڻ جو دڳ ملي پوندو، گڏوگڏ سنڌي تصوف جي بين الاقوامي حيثيت پڻ اجاگر ٿيندي.
    انهيءَ ڪري پڪ اٿم ته هيءُ ڪتاب، سنڌ جي ’ادبي تاريخ‘ ۾ اهم حيثيت رکندو. پهريون ڀيرو سنڌي ٻوليءَ جي ’ٻاونجاهه اکري‘ ۾ مڪمل شاعريءَ جو اهڙو گهڻ پاسائون فڪري ڪتاب لکڻ ، سنڌ سان
    بي پناهه عشق جي جذبي کان سواءِ ناممڪن آهي. سنڌ جي هن بي لوث عاشق، جنهن وڏيءَ محنت سان هيءَ ٻاونجاهه اکري مڪمل ڪري، نه صرف فڪري جمود ٽوڙيو آهي، پر سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ هڪ قدم اڳتي کنيو آهي. انهيءَ ڪري مشڪور ڦلڪاري جو هيءُ عشق جو پورهيو، نه صرف سنڌ، پر دنيا جي عظيم ميراث بڻجي پيو آهي.
    هن ڪتاب جون ڪيتريون ئي قسطون، سائين امداد علي اوڍي صاحب جي ’ريڊيو وائس آف سنڌ، لنڊن‘ تان نشر ٿيڻ بعد، هن سنڌ جي عشق ۾ فنا ٿيل فقيرماڻهوءَ جي ڏاهپ، عشق ۽ ثابت قدمي، نه صرف مُون لاءِ اُتساهه جو سبب بڻي، پر پوريءَ دنيا ۾ رهندڙ سنڌ جي عاشقن جي دلين ۾ سنڌ جو عشق سمنڊ جيان ڇوليون هڻڻ لڳو آهي، ۽ سنڌ جي عاشقن جي چپن تي مشڪورَ جا گيت پڻ گونجڻ لڳا آهن. اڄ مشڪور جي شاعري
    بين الاقوامي طور ڦهلجي، سنڌيت جي عظمت کي اوچو ڪري رهي آهي. انهيءَ لاءِ ’ورلڊ سنڌي ڪانگريس‘ ۽ ’ريڊيو وائس آف سنڌ‘ جي دوستن اها ضرورت محسوس ڪئي ته سنڌي ٻوليءَ جي هن اهم ڪتاب کي ڇپائي، سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر پوريءَ دنيا ۾ عام ڪيو وڃي ته جيئن هيءُ ڪتاب دائمي حياتي ماڻي ۽ اسان جا ايندڙ نسل هن ڪتاب ذريعي شعور ۽ ساڃاهَه جو سفر جاري رکن، ’سنڌي وطن دوستيءَ‘ جي روايتن کي قائم رکندي، ’عالمي امن ۽ انسانيت جي بقا‘ جي جدوجهد ۾ پنهنجو لاڀائتو ڪردار ادا ڪن ۽ ’بين الاقوامي امن مشن‘ ۾ دنيا جي فڪري اڳواڻي ڪن. شال، عشق جو هيءَ سفر پنهنجي منزل ماڻي سوڀارو ٿئي!

    ڊاڪٽر هدايت ڀٽو
    ورلڊ سنڌي ڪانگريس


    اڃا رُڃ مان رَڙ اچي ٿي اچي ٿي!(مهاڳ)

    انسانَ جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪيو، ۽ مهذب ٻولي سکي، تڏهن کان ئي هن پنهنجن احساسن ۽ جذبن جي اظهار جو ذريعو شاعريءَ کي بنايو، نه ڪِه نثر لکيو. شاعري ئي ’خدا جي صحيفن‘ جي زبان هئي، ڇاڪاڻ ته شاعري ئي انسان جي من کي موهيندڙ، جيءَ کي جهوريندڙ ۽ هيانوَ کي گهايل ڪندڙ شيءِ آهي. اڄڪلهه ماڻهو شاعريءَ کي مقصد جي بدران تفريح، محبوب جي سينگار ۽ لفظن جي علم عروض موجب سٽاءَ کي سڀڪجهه سمجهن ٿا، پر آءٌ سمجهان ٿو ته، شاعري، ڏاڍي ڏکي شيءِ آهي. اهڙي ڏکي، ڄڻ آسمان جي ستارن جي جهرمر سان محبوب جي سينڌ سنوارڻ، يا سمنڊ جي موتيءَ جو پاڻي ڪڍي، خوبصورت اک جو لڙڪ بنائڻ، يا ڪنهن ظالم ۽ سفاڪ ارغون جي تلوار جي گهاءَ سان ميدان جنگ ۾ دولهه دريا خان جي دل چيرڻ، يا روپلي ڪولهيءَ تي تشدد ڪري کانئس سچي ڪرائڻ- اهڙي ڏکي شيءِ آهي شاعري!
    سنڌ جي قومي تحريڪ جوباني، محترم سائين جي. ايم. سيد، شاعريءَ جي اُنهيءَ تاثير کان واقف هو، جنهن جڏهن ’قومي تحريڪ‘ شروع ڪئي، ته اُن وقت قومي تحريڪ ۾ عشق جي روح ڦوڪڻ لاءِ هن جيڪي چونڊ ڪتاب لکارايا، تن مان هڪ ڪتاب ’سنڌ جي قومي شاعري‘ جي چونڊ تي مبني.به هو، جنهن ۾ ڀاڳو ڀان کان وٺي نياز همايونيءَ تائين سڀني شاعرن جا چونڊ قومي شعور سان ڀرپور شعر ڏنل هئا- ڇو ته سيد کي خبر هئي ته، شاعري اُها شيءِ آهي، جيڪا نه رڳو ڀنڀور کي باهه لڳائيندي آهي، پر مئل دلين ۾ زندگيءَ جي حرارت به پيدا ڪندي آهي. اُن کان علاوه شاعري، غلاميءَ ۾ ورتل اُداس روحن ۾ تازگيءَ سان گڏ همت جو روحُ به ڦوڪيندي آهي.•
    اُها شاعري ئي هئي، جنهن عرب جي بدو قبيلن کي سالن جا سال ميدانِ جنگ ۾ اڏول رکيو. اُها شاعري ئي آهي، جنهن جي ڪري قرآن پاڪ جي فصاحت کي عرب جي قومي شاعر ’امراءُ القيس‘ جي شاعريءَ سان ڀيٽيو ويندو هو، ته ڇا قرآن پاڪ به ’امراءُ القيس‘ جي شاعريءَ سان ٺهڪي اچي ٿو يا نه؟ اُن ڪري سائين جي. ايم. سيد، سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين ادبي تنظيمن کي خاص اهميت ڏيندو هو. سائين پنهنجي سالگرهه جي جلسن ۾، شاعرن ۽ راڳيندڙن کي بي پناهه اهميت ڏني، ۽ ڪڏهن به هو شاعري ٻڌندي بيزاري محسوس نه ڪندو هو. مون کي شيخ اياز ٻڌايو ته: ’هڪ ڀيري سائينءَ جي سالگرهه جي جلسي ۾ سٺ هزار ماڻهو آيا هئا. ايوب خان جي طرفان تقرير ڪرڻ تي بندش هئي، اُن ڪري سائينءَ چيو ته: ’اياز! تو جيڪو شاعريءَ ۾ ڊرامو ’دودي سومري جو موت‘ لکيو آهي، اُهو پڙهي ٻڌاءِ!.‘ سائينءَ جي حڪم تي جڏهن مون اُهو نظم پڙهيو ته، اُن منهنجي شاعريءَ، سٺ هزار ماڻهن تي وجد طاري ڪري ڇڏيو.“ اُن سلسلي ۾ رڳو اڪيلو شيخ اياز نه هو، سائينءَ وٽ ته نياز همايوني، مومن مليرائي، استاد بخاري، راشد مورائي، خاڪي جويو، تاج جويو ، جمن دربدر، حليم باغي، ابراهيم منشي، عبدالحڪيم ارشد، محمد خان مجيدي، ابراهيم منشي، روشن ڪلهوڙو، ارڏو اُترادي، يا هن ڪتاب جو ليکڪ مشڪور ڦلڪارو سڀ ايندا هئا. سائين اُنهن کي وڏيءَ عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو، ڇو ته سندن شاعري، ماڻهن جي رَت ۾ حرارت ۽ زندگيءَ ۾ اُتساهه ڀريندي هئي. اُنهيءَ ڪري سائين ائين سمجهندو هو ته، سنڌ جي سائي ڪُک مان جيستائين اهڙا قومي شاعر جنم وٺندا رهندا، تيستائين منهنجي سنڌ مرڻي ناهي.
    شاعريءَ جي اُنهيءَ تعريف کان پوءِ، اڄ مون کي ڪجهه سالن کان پوءِ، پنهنجي پراڻي ۽ بااعتماد دوست مشڪور ڦلڪاري جو سنڌي ٻوليءَ جي ’ٻاونجاهه اکريءَ‘ تي مشتمل شاعريءَ جو هيءَ ڪتاب ڏسڻ جو موقعو مليو آهي. گاهي ماهي ڪجهه پڙهڻ جو وجهه به مليو. سچ پچ ته مشڪور جي شاعريءَ جو هيءَ ڪتاب، سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هڪ اهم ڪارنامو آهي. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ بدين جي مولانا حاجي احمد ملاح، قرآن مجيد جو ’منظوم سنڌي ترجمو‘ ڪري، دنيا جي ادبي تاريخ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو. وري مشڪور ڦلڪاري پراڻيون سڀ روايتون ٽوڙي، عربيءَ جي ’ٽيهه اکريءَ‘ بجاءِ سنڌي ٻوليءَ جي ’ٻاونجاهه اکريءَ‘ تي شاعريءَ جو هي پهريون ڪتاب لکي، تخليق جي دنيا جو جمود ٽوڙي، اهم ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. مشڪور ڦلڪاري جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي نه صرف درد ڪٿا موجود آهي، پر هن اُنهن دردن جو درمان پڻ ڏَسڻ جي ڪوشش ڪري، هڪ سڄاڻ ۽ محب وطن قومي شاعر جو فرض به ادا ڪيو آهي. مشڪور جي شاعري پڙهي، مون کي شيخ اياز جو شعر ياد آيو ته:

    اڃا رڃ مان رڙ اچي پئي، اچي پئي،
    متان ائين سمجهين ته مئا مور سارا!

    مئي ناهه مڪلي، اڙي او اُمارا!
    اياز اڄ وتاسين پٿر جا پنارا.

    بس، مون کي خوشي ٿي آهي ته منهنجو دوست ۽ پراڻو ساٿي مشڪور، نه صرف جسماني طرح، پر ذهني ۽ جذباتي طور به ائين زنده آهي، جيئن سائين جي. ايم. سيد جي حياتيءَ ۾ زندهه هو.
    هڪ ويٽنامي شاعر لکيو آهي ته: ”جڏهن ويٽنامي گوريلا دشمن جي فوجي ڪئمپن تي حملو ڪرڻ ويندا آهن، ته اُنهن جي کيسن ۾ ويٽنامي شاعرن جا انقلابي گيت هوندا آهن. سندن وڃڻ کان پوءِ اسين سندن کيسن جي سلامتيءَ جي دعا گهرندا آهيون.“- ۽ آءٌ جڏهن ڪنهن شاگرد کي تعليمي اداري ۾ پڙهندي ڏسندو آهيان ته دعا گهرندو آهيان ته، شال! هي ٻار وڏو ٿي، جيجل سنڌ جي ڪُکِ کي ڪاڻيارو نه ڪري!
    واقعي مشڪور جي سڄي حياتي، عملي جدوجهد ۾ گذري آهي. هو ٻاٽ اونداهين ۾ لاٽ ٻاريندڙ، سيد جي فڪر کي سنڌ جي واهڻ واهڻ، وستي وستيءَ ۾ پهچائڻ لاءِ پيرين پنڌ نڪتل عشق جي قافلي جي مُهڙ وارن پانڌيئڙن ۾، اسان سان گڏ نه صرف هلندو رهيو، پر هو سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ عشق جي چڻنگ کي ڀڀڙ بڻائيندڙ شاعرن ۾ به شامل رهيو آهي. هن نه صرف شاعري ڪئي آهي، پر هن صوفين جا سُنگَ ٺاهي، سنڌ جي ڳوٺن ۾ ’سمنگ چارڻ‘ وارو ڪردار به ادا ڪيو آهي. بوقت ضرورت هي سنڌ جي ڳوٺن ۾ صوفين جو سنگ وٺي ويندو هو، جڏهن ماڻهو صوفي راڳ ٻڌڻ لاءِ گڏ ٿيندا هئا ته هي وري سنڌ جي تاريخ ٻڌائي، ماڻهن کي موجوده بي حسيءَ جو احساس ڏياريندو هو. سنڌ جو شايد ئي ڪو ڳوٺ رهيل هجي، جتي مشڪورُ، سيد جي فڪر پهچائڻ لاءِ نه پهتو هجي. هن ۾ هر قسم جي ماحول ۾ ضم ٿيڻ جي بي پناهه صلاحيت موجود آهي. هو سڄي زندگي عشق جي راهن تي بغير لالچ ۽ لوڀ جي هلندو رهيو آهي ۽ هن سنڌ جي ڪُکِ کي ڪڏهن به ڪاڻيارو نه ڪيو آهي، اها ئي سندس عشق جي سچائي آهي ته هو ڪالهه به سنڌ لاءِ زندهه هو، ۽ اڄ به فڪري طور سنڌ جي وڃايل وجود جي ڳولا جي سفر ۾، سُک نه سمهڻ واري کاهوڙيءَ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ۽ هو زندهه آهي!
    ڪنهن ماڻهوءَ کان پڇيو ويو ته: ”تون زندهه آهين؟“ اُن چيو ته: ”هائو! آءٌ زندهه آهيان.“ پڇڻ واري پڇيو ته: ”ڪيئن؟“ هن ورندي ڏني ته: ”گهُمي ڦري سگهان ٿو.“ وري ٻئي کان پڇيو ويو ته: ”ڇا تون به زندهه آهين؟“ هن به جواب ڏنو: ”هائو!“ پڇيائينس: ”ڇو ۽ ڪيئن؟“ هن جواب ڏنو ته: ”آءٌ زندهه اُن ڪري آهيان، جو آءٌ سوچيان ٿو.“
    ڪارل مارڪس جي وفات تي اينگلس، مشهور جملو لکيو هو ته: ”1884ع ۾ دنيا جي دردن تي سوچيندڙ هڪ ماڻهوءَ ڪارل مارڪس جي دماغ سوچڻ ڇڏي ڏنو.“ پر مون کي خوشي آهي ته، قومي تحريڪ جو شاعر مشڪور ڦلڪارو، جيڪو ڪجهه وقت بيمار هئڻ جي باوجود، اڄ به زندهه، تروتازه ۽ توانائيءَ سان ڀرپور سوچ رکي ٿو، ۽ سنڌ سان محبت جي روشنيءَ جو ڏيئو روشن رکيو اچي. سندس سنڌ سان عشق ۽ سچائيءَ جو ثبوت، هي ڪتاب پڻ آهي، جنهن ۾ هن سائين جي. ايم. سيد جي ’مڪتبِ عشق‘ مان سکيل سبق کي پنهنجي شاعريءَ جي رنگن جو گيڙو لباس پارائي، ’پيغامِ سنڌ‘ کي عام ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ ڀٽائيءَ جي ڇڏيل تنبور جون ٻيهر تندون ڇِڪي، جُوءِ کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن سندس شاعريءَ ذريعي لطيف جي فهم، سچل جي بغاوت، ساميءَ جي ڌيرج، حمل فقير جي سماجي تنقيدَ، صوفي صادق فقير ۽ خليفي نبي بخش جي ڪيڏاري، بيدل فقير جي هُجت، روحل سائينءَ جي ايڪتا جي فلسفي، منٺار فقير راڄڙ جي اُميدَ، عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي اسرار و رموز جي نُقطن،
    شيخ اياز، نياز همايونيءَ، استاد بخاريءَ ۽ راشد مورائيءَ جي سنڌ پرستيءَ جي فڪري روشنيءَ جا موتي سهيڙي، هڪ عشق جي لافاني مالها جوڙي آهي، جنهن جي پائڻ سان سنڌ جي اُجڙيل سونهن جي موٽڻ جي پڪ جي اُميد تي، عشق جا قافلا هلندا رهندا.
    مشڪور ڦلڪاري، نه صرف ’پيغام سنڌ‘ جي فلسفي کي شاعريءَ جو روپ ڏئي، ’سنڌ جي عالمگيريت‘ کي اجاگر ڪيو آهي، پر هن ’سنڌ جي تاريخ‘ جي امر ڪردارن کي پڻ حياتِ جاوداني ڏني آهي. هن پنهنجي رهبر، سائين جي. ايم. سيد جي ’فڪري عالمگيريت‘ بابت لکيو آهي ته:
    فڪر جيئينم سيد جو، آهي ’پيغامِ سِنڌ‘،
    ڇُٽندي جنهن سان جِند، دنيا جي مظلوم جي!
    هن صوفي ’شاهه عنايت شهيد‘ کي ڪهڙي نه اُتساهيندڙ ڀيٽا ڏني آهي، جيڪا عشق جي ’اذانِ سحر‘ آهي، جيڪا سُتلن کي ڀڙڪو کائي جاڳڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي:
    ’طريقت شاهه عنايت‘ جي، جي سڀئي پاڻ سِکون،
    ته کڻي ڪجهه وِکون، ماڻيون پنهنجو آجپو!
    اُنهيءَ کان علاوه هن تاريخدان شاعرَ، لطيف جي سورمين کان سواءِ، جيجل سنڌ جي لوئي، لڄ، عزت ۽ آجپي لاءِ پنهنجي سر جا نذرانا ڏيندڙ هر شهيد جي قربانيءَ جي اهميت کي ’سيد جي فڪر‘ جي روشنيءَ ۾ اجاگر ڪري، سڀني تاريخي ڪردارن کي امر ڪري ڇڏيو آهي.
    هي سنڌو نديءَ جي مستيءَ کي ماٺو ڪندڙ ڊئمن جي سازش خلاف وڏي واڪي چئي ٿو ته:
    ٿَــرُ ٿي ويندي سنڌڙي، سُڪو جي مهراڻ،
    مون سان تون ڪا هاڻ، ڳالهه نه ڪر ڪنهن ڊئم جي!

    ٿر نه ڪر تون سنڌڙي، نه ته ٿيندي رتوڇاڻ،
    وڏي جنگ جنگاڻ، پنهنجي ٿيندي پاڻيءَ تي.
    تاريخ جي ڄاڻوءَ، هن شاعر، سنڌ جي سموري سونهن موٽائڻ لاءِ، جتي همت، ٻڌي، مسلسل جدوجهد ۽ ٿڃ ملهائڻ جي تلقين ڪئي آهي، اُتي علم جي روشنيءَ سان ساڃاهه ۽ شعور جي اهميت تي پڻ زور ڏنو آهي:
    ٻاريو ڏيئا عِلم جا، ٽوڙيو چُپِِ چُپات،
    ته ماٺ جي مماتِ، تڙي ڪڍون سنڌ مان.
    مطلب ته مشڪور جي شاعري، سنڌ جي ازلي روحَ جي پڪارَ، سائين جي. ايم. سيد جي ’پيغام سنڌ‘ جي تشريحَ ۽ تاريخ جي بيچين دراوڙ جي دانهَن آهي.
    منهنجي دعا آهي ته هو سنڌ جي دردن تي سوچيندو، لوچيندو ۽ پوريءَ سگهه سان لکندو رهي، ۽ کيس ڪڏهن به مولانا عبيد الله سنڌيءَ وانگر ائين نه چوڻو پوي ته: ”آءٌ پرهه ڦٽيءَ ويل ڪنهن ٻرندڙ ڏيئي جو آخري جهٽڪو آهيان.“
    پلي آس ٿر مان نه آ ٿوهرن،
    ڀٽائي! ڏسين ٿو وڄون ٿيون ورن!

    ڪڏهن سِنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي،
    ڪڏهن موڙ تَنهن جا نه مُرجهائجن!
    -
    عبدالواحد آريسر
    18.11.2009


    سنڌوءَ جي ساڃاهَه جو سفيرُ

    سنڌي لوڪ شاعريءَ جي صنفن ۾ ’ٽيهه اکري‘ هڪ اهم، سهڻي ۽ سُريلي صنف آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي ته:
    ’ٽيهه اکريءَ‘ مان مُراد اُهو نظم آهي، جو عربي ’الف-بي‘ جي اکرن مطابق هجي. عربي ’الف-بي‘ جا اُصولي اکر جملي اٺاويهه (28) آهن.... البته ٻارڙن کي الف همزو ’ء‘ ۽ ’ل‘ ۽ ’ا‘ جي گڏيل صورت ’لا‘ سيکارڻ خاطر اُستادن اُنهن کي پڻ ٻن جدا جدا اکرن جي صورت ۾ ’هه‘ کان پوءِ [ترتيب ۾] داخل ڪيو.... ۽ پوءِ اهو سلسلو عام رائج ٿي ويو. انهن ’ٽيهن اکرن‘ جي سلسلي مطابق جوڙيل نظم کي فارسيءَ جي لحاظ سان ’سِي حرفي‘ ۽ خالص سنڌي اصطلاح موجب ’ٽيهه اکري‘ چيو ويو....
    .... عربي توڙي فارسي ’باب نامن‘ ذريعي ’الف‘ ۽ الف سان شروع ٿيندڙ لفظن، ’ب‘ ۽ ب سان شروع ٿيندڙ لفظن، ۽ اهڙيءَ طرح باقي اکرن ۽ اُنهن سان شروع ٿيندڙ لفظن اُچارڻ جي مشق سان ’تجنيس حرفيءَ‘ جي پڻ مشق ٿيندي رهي، جا صنف ’ٽيهه اکريءَ‘ جو ڪارڻ بڻي.... اهڙيءَ طرح ٽيهن ئي اکرن پويان ملايل نظمَ جي ٽيهن بندن يا بيتن کي ’سِي حرفي‘ (ٽيهه اکري) سڏيو ويو.“ (مهاڳ: ’ٽيهه اکريون‘، ڀاڱو پهريون ص 1-2)
    تجنيس جي صنعت ’ٽيهه اکريءَ‘ جي جان آهي، مثلاً:
    هي ئون حرف حسابَ جو، پسڻ ٿين پري!
    (لطيف)
    اُن کان سواءِ ’تجنيس صوتي‘ به ٽيهه اکريءَ ۾ استعمال ڪئي وئي آهي، مثلاً:
    الف الکُ من ۾، ڪيو ڪاپڙين!
    - ٽيهه اکريءَ ۾ ’تجنيس‘ واري اصول کي اڳيان رکي، اُن جي سٽاءَ ۾ اها به شاعرن تبديلي آندي ته ’الف- بي‘ جي اکرن کي مصرع جي مُنڍ ۾ رکڻ بدران، مصرع ۾ مختلف جاين تي جاءِ ڏني وئي، مثلاً:
    تڪيو نه تي منهنجو ڌڻيءَ ڌار ڪئو!
    (حافظ حاجي حامد)
    - ڪن اُستاد شاعرن ’الف ب‘ جي اکرن سان بيتن يا بندن شروع ڪرڻ واري سلسلي کان هڪ وک اڳتي وڌائي، شروعات اهڙن اکرن سان ڪئي، جن جي منڍ وارا اکر سلسليوار ’الف-ب‘ جا هئا: مثلاً:
    آهيمِ الله آسرو، سدا منجهه سريرَ،
    باري تون بغداد ۾ ميران محي الدين!

    (مخدوم عبدالله واعظ)
    عام طرح ’ٽيهه اکريءَ‘ جو هيءُ مقبول عام سٽاءُ آهي.
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچَ، سنڌي شاعرن جي ’ٽيهن اکرين‘ تي مشتمل، سنڌي لوڪ ادب سلسلي جا پنجين ۽ ڇهين نمبر وارا ٻه ڪتاب: ’ٽيهه اکريون‘ (ڀاڱو پهريون) ۽ ’ٽيهه اکريون‘ (ڀاڱو ٻيو) ترتيب ڏئي، سنڌي ادبي بورڊ کان 1960ع ۽ 1961ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا هئا. پهرئين جلد ۾ شاهه لطيف کان وٺي محمد فقير کٽياڻ تائين شاعرن جون 53 ٽيهه اکريون، ۽ ٻئي جلد ۾ 80 سنڌي ۽ سرائيڪي ٽيهه اکريون شامل ڪيون ويون آهن. هتي شاهه لطيف جي سِنڌي ۽ روحل فقير جي سرائيڪي ’ٽيهه اکرين‘ مان هڪ هڪ مثال پيش ڪجي ٿو:
    الف الکُ مَن ۾، ڪيو ڪاپڙين،
    سي حرف ڌاران هيڪڙي، ٻيو ڪين ٻُجهن،
    فرض فنا في الله جو، عين عبادت اُن،
    ’قل هو الله احد‘ ٿا، منجهان پِرت پڙهن،
    سعادت سَرين، گُر کي گڏيا ڪاپڙي!

    (شاهه: سُر رامڪلي، ٽيهه اکري)
    رِي رانجهن دي سِڪ جِنهان ڪون، هر دم رهي هميشان،
    سهڻي سيج نه ڀانوين تنهان، ڪيتي پريم پريشان،
    سي عاشق صادق نرڀؤ نيهي، اٽڪي رهن نه خويشان،
    ’روحل‘ در دلبر دي بِکيا، پايا خير درويشان!

    (روحل: سرائيڪي ٽيهه اکري)
    سنڌي، فارسي، سرائيڪي ۽ پنجابي شاعريءَ ۾ ’سي حرفيون‘/ ’ٽيهه اکريون‘ لکيون ويون ۽ اُهي ’عربي الف-ب‘ تي آڌاريل آهن. سنڌي ٻوليءَ جي ’الف-ب‘ ٻاونجاهه اکرن تي مشتمل آهي، اُن ڪري شايد اسان جي ڪلاسيڪي توڙي عوامي شاعرن ’ٻاونجاهه اکرن‘ تي مشتمل ’ٻاونجاهه اکري‘ نه لکي آهي، ڇو ته سنڌي ’الف-ب‘ جي پٽيءَ ۾ ڪي اکر، خاص ڪري: ’ڃ ، ڱ، ڙ ۽ ڻ‘ اهڙا آهن، جن سان شروع ٿيندڙ لفظ، وقت جي وهڪري ۽ رَوَ ۾ وهندي، اُچارجڻ بند ٿي ويا آهن، بلڪ اهڙا اکر ئي متروڪ ٿي ويا آهن، اُن ڪري شاعرن ’ٻاونجاهه اکري‘ لکڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. پر تحريرن ۽ شاعريءَ جي تذڪرن ۽ لُغتن ۾ سنڌيءَ ۾ ’ٻاون اکري‘ ۽ ’ٻاونجاهه اکري‘ لفظ مستعمل رهيا آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته شايد ماضيءَ ۾ ڪي ’ٻاونجاهه اکريون‘، لکيون ويون هجن، پر سردِست ڪو ثبوت نه هئڻ ڪري، اُن تي بحث نه ٿو ڪري سگهجي.
    منهنجي آڏو منهنجي پياري دوست، قومي سفر جي ساٿي، ساڃاهه وند دوست ۽ شاعر محمد بخش ’مَشڪورَ ڦلڪاري‘ جي ’ٻاونجاهه اکري‘ شاعريءَ جو پورو ڪتاب موجود آهي، ۽ مون کي حڪم ٿيو آهي ته نه رڳو اُن جي شاعرانه نوڪ پلڪ دُرست ڪريان، پر هن شاعريءَ جي ڪتاب تي مهاڳ پڻ لکان!
    آءٌ ويجهي ماضيءَ ۾ ٽُٻي هڻان ٿو ته مون کي اسان جو هڪ ٻيو ’قومي ساٿي ۽ شاعر‘ ذهن تي تري اچي ٿو: روشن ڪلهوڙو، جيڪو رهاڪو ته محبت ديري جتوئيءَ جو هو، پر نوابشاهه شهر ۾ ڪنهن بئنڪ جو گارڊ هو، ۽ اسان جي ’قومي تحريڪ‘ جو سرگرم ڪارڪن رهيو هو. هن ڪي نظم ’سانوڻ وچولائيءَ‘ جي نالي سان به لکيا هئا، پر سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ ۽ نوابشاهه جي گڏجاڻين ۾ ’روشن‘ نالي ۽ تخلص سان ڊگها ڊگها قومي نظم پڙهندو هو. هُن پهريون ڀيرو ’ٻاونجاهه اکري نظم‘ لکيو هو، ۽ اُن کي سنڌي شاعريءَ جو ’ڪارنامو‘ سڏيو ويو هو، پر مون کي جيتريقدر ياد آهي ته روشن ڪلهوڙي، سنڌيءَ جي نج ۽ منفرد اکرن ’ڱ، ڃ، ڙ، ڻ‘ سان شروع ٿيندڙ ڪو لفظ پنهنجي شعر ۾ ڪم نه آندو هو، پر اُنهن جي الف-ب جي پٽيءَ ۾ پڙهائجندڙ اُچارن کي استعمال ڪيو هو، مثلاً: ’ڱ= سڱ، ڃ= مُڃ، ڙ= ماڙي، ۽ ڻ= وڻ.‘ پر مشڪور ڦلڪارو، سنڌي ٻوليءَ جو پهريون شاعر آهي، جنهن سنڌي الف-بي جي ٻاونجاهه اکرن تي مشتمل هي ’ٻاونجاهه اکريءَ‘ وارو مڪمل ڪتاب لکيو آهي. آءٌ آريسر صاحب سان ان ڳالهه ۾ سؤ سيڪڙو سهمت آهيان ته:
    ”[مشڪور ڦلڪاري جو] هيءُ ڪتاب، سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هڪ اهم ڪارنامو آهي. بدين جي مولانا حاجي احمد ملاح قرآن مجيد جو منظوم سنڌي ترجمو ڪري، دنيا جي ادبي تاريخ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو. وري مشڪور ڦلڪاري پراڻيون سڀ روايتون ٽوڙي عربيءَ جي ’ٽيهه اکري‘ [سي حرفي] بجاءِ سنڌي ٻوليءَ جي ٻاونجاهه اکريءَ تي شاعريءَ جو هي پهريون ڪتاب لکي، تلخيق جي دنيا جو جمود ٽوڙيو آهي!“
    مشڪور ڦلڪاري جو هيءُ ’ادبي ڪارنامو‘ رڳو اُن ڪري اهم نه آهي ته هن پهريون ڀيرو، ’سنڌي ٻاونجاهه اکري‘ لکي آهي يا ’ٻاونجاهه اکريءَ‘ جو مڪمل پهريون ڪتاب لکيو آهي، پر هِن جو سڀ کان وڏو اهو به ڪارنامو آهي ته هن سنڌي ٻوليءَ جي اُنهن متروڪ اکرن سان شروع ٿيندڙ لفظ به ڳولي ۽ پُڇي، پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪم آندا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ ۾، سڀ کان اڳ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي انتظاميه [ڊاڪٽر فھميده حسين ۽ مُون] سنڌ جي تاريخ جي ’پهرين جامع انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘
    [9 جلدَ] ڇپائي پڌرو ڪرڻ سان گڏ، سنڌي ٻوليءَ جا ٻه متروڪ لفظ ’ڃُوڃڻ‘ ۽ ’ڙاڪ‘ هٿ ڪري، اُن ۾ داخل ڪيا هئا، پر مشڪور ڦلڪاري جو اُن کان به وڏو ڪارنامو آهي ته هن سنڌي ٻوليءَ جي چئن مخصوص اکرن: ’ڃ، ڱ، ڙ، ڻ‘ سان شروع ٿيندڙ لفظ [پُڇي ۽ هٿ ڪري] سنڌي شاعريءَ جي منفرد صنف ’ٻاونجاهه اکري‘ جي شاعريءَ ۾ ڪتب آڻي، شاهڪار ڪم سرانجام ڏنو آهي.
    هن ’ٻاونجاهه اکريءَ‘ جي حُسناڪي ۽ اهميت بيان ڪرڻ کان اڳ، آءٌ چاهيندس ته متروڪ سنڌي لفظن سان شروع ٿيندڙ ڪجهه مثال هيٺ پيش ڪري، مشڪور ڦلڪاري جي ڪارنامي کان پڙهندڙن کي روشناس ڪرايان:
    ڃ: ’ڃُوڃڻ‘ ڇني آءُ تون، سارا دلبر دوستَ،
    پنهنجو هڏ ۽ پوست، ڄمُ نه ڪانئرَ ڪُک جو!

    [ڃوڃڻ= ونگ، ڍنگ، ڏانوڻ، گوڏِي]
    ڙ: ڙي! ڪُڄا پيا ڪريو، چون ڪاڇي ٻارَ،
    ويٺا ڏين ميارَ، سَرتن کي اڄ سنڌ ۾.

    [ڙي= اڙي!]
    ڱ: ’ڱي ڱي‘ گونگن جيئن، ويٺو ڳائين مڱڻا!
    اُنهيءَ پر تون ڪيئن، هڻين صدا سُرن جي!

    [ڱي ڱي: بي مطلب آواز]
    ڻ: ’ڻي، ڱي، ڄي‘، ڄي، ٻولن ابهم ٻار،
    سنڌي سڀ اُچارَ، ڄڻ ته ٻولي رَب جي!

    [ڻي: ’ڻوڻ‘ جو اُچار]
    جڏهن مشڪور ڦلڪاري انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ ’ڃ ۽ ڙ‘ سان شروع ٿيل ’لفظ‘ پڙهيا ته هن مون کي مبارڪون ڏيندي چيو ته:
    ”تون ته مون واري مِشن کي پورو ڪري رهيو آهين.“ مون کيس چيو: ”پاڻ شاگرد ۽ ساٿي ڪنهن جا آهيون؟“
    چيائين: ”شاگرد سائين جي. ايم. سيد جا ۽ ساٿي عبدالواحد آريسر جا!“
    تنهن تي چيومانس ته: ”لطيف، جي. ايم. سيد، اياز ۽ آريسرُ- سنڌ مان ڪڍي ڇڏ ته باقي ڇا بچندو؟“
    چيائين: ”اِنهن ئي ته يار! اسان کي سنڌ ماءُ سان محبت ۽ سنڌي ٻوليءَ سان عشق جو سبق ڏنو آهي.“
    چيم: ”ته پوءِ پاڻ ٻنهي جو مشن ساڳيو آهي، سنڌي ٻوليءَ تي تحقيقَ ۽ اُن جي عظمت جي اُپٽار“-
    ائين مون کيس جڏهن ’ڃ‘ سان شروع ٿيندڙ لفظ ’ڃياري‘، ’ڱ‘ سان شروع ٿيندڙ لفظ ’ڱڱو‘ ۽ ’ڻ‘ سان شروع ٿيندڙ لفظ ’ڻڻو چڻو‘ [سوٻٽ چڻو] ٻُڌايو ته سچ پچ فون تي رڙيون ڪري چيائين: ”بس بس پيارا! منهنجو ڪم ٿي ويو، هاڻي آءٌ انهن لفظن تي توکي شعر ٿو لکي ڏيکاريان!“ مون کيس چيو ته: ”اهي لفظ سانڍي رک، اڃا توکي گهڻو ڪجهه لکڻو آهي، گهڻو ڪجهه ووڙڻو آهي ۽ گهڻو ڪجهه سنڌ کي ڏيڻو آهي، آريسر صاحب جي نقش قدم تي هلي، وري ’قومي ڪچهرين‘ کي جيارڻو آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي حُسناڪي ۽ نج نبار لفظن کي پرکڻو ۽ ڳولڻو آهي!“
    مشڪور ڦلڪارو، ’قومي تحريڪ‘ جي سچن، جاکوڙي ۽ مرد مجاهد ڪارڪنن مان آهي، جيڪي زماني جي ڏاڍ اڳيان نه جُهڪيا، نه رُڪيا، نه وِڪيا ۽ نه ٿِڙيا. آءٌ يقين سان چوان ٿو ته مشڪور جهڙا ڪارڪن، ڪنهن تحريڪ جو ڀاڳُ، ويساهُه ۽ اُتساهُه هوندا آهن. مون، مشڪور، آريسرَ ۽ سرور سهتي گڏجي، سنڌ جون وستيون ووڙيون آهن، گهيڙ ۽ گهاٽ، پها ۽ پيچرا ڏٺا ۽ ڏوريا آهن، ۽ سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ ’لطيف ۽ سيد‘ جو پيغام پکيڙيو آهي، ۽ اُن رستي ۾ ڪنهن به ڪَنڊِ، رڪاوٽ، پٿر ۽ پهاڙَ کي ليکيو نه آهي ۽ هميشه لطيف سائينءَ جي هنن سٽن کي پنهنجي آڏو رکيو آهي ته:
    جي تون پهڻ پٻَ جو ته لڱ منهنجا لوهه

    آڏو ٽَڪر ٽَرُ، متان روهَه رتيون ٿئين!
    مشڪور ۽ مون ’قومي قافلي‘ ۾ ميلن جا ميل پنڌ ڪيا آهن، ساهي نه پٽي آهي، دڳُ ۽ ماڳ نه مٽايو آهي ۽ وچن ڪيو آهي ته:
    اُتي ئي آهينِ، جتي اوهان ڇڏيون،
    اکيون عبداللطيف چئي، ماڳ نه مٽائين!

    مشڪور ڦلڪاري، ’سنڌوءَ جي ساڃاهه‘،’پيغام لطيف‘ ۽ ’سيدَ جي سنيهي‘ سان آدجڳاد کان جيڪو نينهن لڳايو آهي، سندس هيءَ ’ٻاونجاهه اکري‘، اُن جو سچو پچو ثبوت آهي: جنهن جي لفظ لفظ، سِٽ سٽ، بَند بند، بيت بيتَ، وائي، ڪافيءَ توڙي ڀڄنَ، گيتَ ۽ نظمَ مان، مٽيءَ جي مهَڪ ۽ سنڌوءَ جي اُجري ۽ آبحيات جهڙي جل جي سُڳنڌِ، من کي مهڪائي ڇڏي ٿي:
    گنگا جمنا امرت امرت،
    ليڪن ٿڃُ ته سنڌو آهي!
    (نارائڻ شيام)
    مشڪورَ، ’سنڌ جي ٿڃ‘ ملهائي آهي ۽ ماءُ جي مٽيءَ جو مانُ مٿانهون ڪيو آهي.
    سندس هيءَ ’ٻاونجاهه اکري‘، سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئين باب جي ابتدا آهي. مشڪور ڀلي سنڌي شاعريءَ جو وڏو شاعر نه به هجي، پر هن جي شاعري، نون شاعرن لاءِ، سنڌ جي مٽيءَ سان واڳيل شاعرن لاءِ، ’پرهه جو پيغام‘ ۽ ’نئين صبح جي نويد‘ ضرور آهي:
    الا! سنڌ جيئي، جيئي سڀ جهانُ،
    ماڻهپو مهانُ، گونجن گيت امنَ جا!

    اڄوڪي ’مفاد پرستيءَ‘ جي دنيا ۾ ’سنڌ‘ جي آزاديءَ سان گڏ ’ڪُل جهان جي سلامتي‘، ’ماڻهپي جي مهانتا‘ ۽ ’اَمن جي گيتن جي گونج‘ واري مشڪور جي شاعري، ’امن عالم‘ جو منشور آهي:

    بمَ ۽ بارودَ کان، آهه سگهاري ڏاتِ،
    سدائين حياتِ، ماتِ ڏني آ موتَ کي!

    بارودَ ۽ بَم، ڏيندا ناهن آجپو،
    عقل، مت، فهمَ، ٽيئي سڙن جنگ ۾!

    بارود ۽ ائٽم کان، سگهو آهه شعورُ،
    علم سندو نُورُ، مَرڪائي ماڻهپي کي!

    هُو ’بم، بارود، ائٽم ۽ جنگ‘ جو سخت مخالف آهي. اڄ جڏهن ’دين‘ جي نالي تي ’دهشتگردي‘ ۽ ’امن‘ جي نالي تي اَمن جي مرڪزن- مسجدن، مندرن، امام بارگاهن، ديولن، اسڪولن ۽ درسگاهن- تي بارودي حملا/ خودڪش حملا ٿي رهيا آهن، اُن وقت مشڪورَ جي شاعري ’انسانيت جو نوحو‘ آهي:

    بم ٻڌي پيٽَ سان، مارين پيو انسانُ،
    وڃائي ايمانُ، ڳالهيون ڪرين دين جون!

    بم، بندوقون، بڻڇيون، ائٽم ۽ تلوار،
    ڪر سڀيئي هٿيار، تابع سُرت ۽ سوچَ جي،

    ٻاريو ڏيئا عِلم جا، اُڀري پوي سجُ،
    ٻيائيءَ جو ٻجُ، ڪڏهن ڦٽي ڪينڪي!


    ٻاريو ڏيئا علم جا، سَگهو ٿئي ضَميرُ،
    انساني خَميرُ، مَرڪي پوي ماڻهپو!


    مشڪور ڦلڪارو، ’ڀوميءَ جو ڀانُ‘ آهي، ’موهن جي مٽيءَ جو راڳي آهي‘ ۽ ’سچ جو سوديندڙ سچو شخص‘ آهي. اچو ته سندس شاعريءَ مان اِن ڳالهه کي پرکيون:
    ڀرمَ رکجان ڀانَ، ’موهن جي مٽيءَ‘ جو،
    ’ڌرتيءَ‘ جو ايمانُ، اڃا آهي سنڌ ۾!


    ڀَري ’ڀيرو‘ ڳاءِ، ڪڍي پنهنجو ڪينرو،
    ڌرتي پنهنجي ماءِ، سينگاريون سُرن سان!

    تڻڪي تندون ڇِڪ، ڪڍي تُون ڪماچَ جون،
    ته وري سارا هِڪ، ٿين ڏياچَ ڏيَهه جا!

    هو ’سنڌ‘ ماءُ سان گڏ، ’سنڌوءَ جي شادابيءَ‘ جو به ڪانکي آهي. هُو ’سنڌوءَ‘ تي ڊئم ٻڌندڙن، کي للڪاري، ’سنڌ جو آواز‘ بنجي ٿو:
    ٿر نه ڪر تون سنڌڙي، ٿيندي رتو ڇاڻ،
    وڏي جنگ جنگاڻ، پنهنجي ٿيندي پاڻيءَ تي!

    مشڪور به سيد ۽ آريسر جيئن ’عدم تشدد‘ [اهنسا] جو پيروڪار آهي، پر ’دفاعي جنگ‘ ۽ ’ديس جي سلامتيءَ‘ لاءِ مزاحمت جي هر حڪمت عمليءَ جو حامي آهي.
    مشڪور ڦلڪاريءَ جي ’ٻاونجاهه اکريءَ‘، جي اهم خوبي اها آهي ته هر اکر ’بيتن‘ جي لفظن سان شروع ٿئي ٿو ۽ اُن ئي اکر واريون ڪافيون، ڀڄن ۽ نظم، ڇند وديا [ماترڪ ڇند] ۽ عروض جي وزنن تي آڌاريل آهن- اها نواڻ به مشڪور کي سنڌي ’ٽيهه اکرين‘ ۽ ’ٻاونجاهه اکرين‘ جي کيتر ۾ منفرد بڻائي ٿي. ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا:
    ڪافي (1): پيارُ مقدس هاريءَ وانگي
    هرڻي ڪنهن اُڃياريءَ وانگي
    ساروڻيون ۽ سُڏڪا، سپنا،
    لاهياريءَ جي کاريءَ وانگي

    [غزل نما، ماترڪ ڇند تي ’ڪافي‘]
    ڪافي (2): چٽي ڳالهه چئي پيو سڀن کي سڻايان،
    مان ڌرتيءَ جو عاشق، پيو عشق ڳايان.

    [ٿلُ ڪافي: بحر تقارب مثمن،
    وزن: فعولن فعولن فعولن فعولن]
    وائي: ڇم ڇم ڇم ڇم ڇير وڄاءِ، مستو مست فقير،
    زندهه ڪر تون ضمير!
    [ماترڪ وزن تي چيل وائي]
    نظم: رهزنو! هاڻي ڀڄو، سنڌ دشمنؤ! هاڻي ڀڄو،
    سنڌ جا سوڍا اُٿيا ۽ سنڌ جون سوڍيون اُٿيون!

    [بحر رمل مثمن، مقصور
    وزن: فاعلامتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلات]
    ڀڄن: سنڌ امڙ جا سانگي آهيون، پنهنجو نينهن نڀائڻ ڄاڻون،
    طوفانن مان تُرها تاريون، اونداهين ۾ ڏيئا ٻاريون،

    سچ جي جوت جلائڻ ڄاڻون!
    [ماترڪ وزن تي لکيل ڀڄن]
    گيت: ڦيٿا گاڏي ٺاهي ويو، سائنس کي سمجهائي ويو،
    موهن دڙي جو ماڻهو سائين، موهن دڙي جو ماڻهو!


    [ماترڪ وزن تي لکيل گيت]
    هي مثال، ’خرار مان مُٺ برابر‘ به ناهن، پر مون اِهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته مشڪور موسيقي، ڇندوديا ۽ علم عروض جي وزنن جو ڄاڻو آهي. هو راڳ ڄاڻي ٿو، اُن ڪري هن وايون، ڪافيون، بيت، ڀڄن، نظم ۽ گيتَ جهونگاري لکيا آهن، اُن ڪري ڪٿي ڪٿي عروضي وزنن ۾ لفظن کي ’حذف‘ ڪري ٿو، پر اها ڳالهه سندس شاعريءَ جي حُسناڪيءَ کي مجروح نه ٿي ڪري!
    مشڪور ڦلڪارو، جيئن مون مٿي بيان ڪيو آهي ته ’فڪر سيد‘ جو سچو پرچارڪ ۽ پيروڪار آهي، اُن ڪري سنڌ جي آزاديءَ ۾ هُن جو اهڙو پختو يقين آهي، جهڙو اسان سڀني کي ’سڀاڻي جي سجَ اُڀرڻ‘ جي پڪ آهي.
    فڪر جيئينم سيد جو، آهي ’پيغامِ سنڌ‘،
    ڇُٽندي جنهن سان جِند، دنيا جي مظلومَ جي،

    فڪر جيئينم سيد جو، ’سنڌوءَ جي ساڃاهه‘،
    ڏسيل جنهن ۾ ڏاهَه، آهه اصل آزاديءَ جي!

    فڪر ’صوفياءِ سنڌ‘ جو، ’ترقي بني آ دم‘،
    ٿيندو ’امن عالم‘، ’انساني اتحاد‘ سان!

    هنن ٽنهي بيتن ۾ سائين جي. ايم. سيد جي ’سنڌ جي آزادي‘،’ترقيء بني آدم‘ ۽ ’امن عالم‘ ۽ ’انساني اتحاد‘ واري فڪر جو سمورو تت ۽ جوهر سمايل آهي- جنهن لاءِ جي. ايم. سيد، آريسرَ، مشڪور ۽ اسان جي جدوجهد جاري آهي، جاري رهندي!
    مشڪور جي لکيل قومي ’تراني‘ جي ٿلهه تي هن تحرير کي ختم ڪريان ٿو:
    يارو! توهان تقدير آهيو، سنڌو ديش مهانَ جي،
    لطيف جي پيغام جي، جيئينم جي فرمانَ جي!

    سنڌو ديش زنده آباد،
    سنڌو ديش زنده آباد!

    تاج جويو
    حيدرآباد، سنڌ
    7 جنوري 2016ع


    ڪرمين ملن ڪاپڙي

    هونئن ته ٽنڊو محمد خان منهنجو اباڻو شهر آهي، پر هڪ سماجي ۽ ڪاروباري واچوڙو لڳو، جيڪو مون کي ڇهه سال ٽنڊي محمدخان مان کنڀي پري کڻي ويو. ان واچوڙي مون کي رُلائي رلائي وري واپس ٽنڊي محمدخان آندو . سنڌي ادبي سنگت جي ميٽنگ هلي پئي، آءٌ ڇهن سالن کان پوءِ اُن ۾ شامل ٿيو هئس. شريڪ ٿيندڙن ۾ هڪ ٿلهو متارو، اڳياڙيءَ کان ٿورڙو گنجو ، قداور ، ڪارين مڇن وارو رعبدار همراهه ويٺل ڏٺم . اهو همراهه ڏسڻ ۾ ڪنهن خطرناڪ سنڌي فلم جي وِلين جهڙو لڳي رهيو هو. سوچيم هن همراهه جي لکڻيءَ تي تنقيد ڪيم يا مهاڏو اٽڪايم ۽ همراهه ٻانهون کُنجي اٿي پيو ، ته منهنجي کَل ٽڪو ئي ڪا نه ڪندي . سنگت جو سيڪريٽري جڏهن کيس سائين ’مشڪور ڦلڪارو‘ چئي مخاطب ٿيو ته مون کي اهو نالو ٻڌل لڳو. پر روبرو پهريون ڀيرو ڏٺو هئم . مون کي اها خبر ئي ڪانه هئي ته ڦلڪارو به ڪا ذات آهي. منهنجي ذهن ۾ هو ته ڦلڪارا شهر ۾ ويٺل ماڻهن کي ماڻهو ٽوڪ طور ’ڦلڪارو‘ سڏين ٿا. ’ڦلڪارا‘ شهر منهنجي جنم جي ڳوٺ ڀائي خان ٽالپر کان فقط ٽي ڪلوميٽر پري آهي . اسڪول واري زماني ۾ اسان سان گڏ ڦلڪارن جو هڪ ڇوڪرو عبدالڪريم خاصخيلي به پڙهندو هو ، جنهن کي اسين ٽوڪ طور ’ڦلڪارو، ڦلڪارو‘، سڏي چيڙائيندا هئاسين . پوءِ خبر پيئي ته ڦلڪارا ذات واري قبيلي جي ماڻهن، انگريزن جي زماني ۾ ساڻن نفرت ڪندي ، راڻي وڪٽوريا جي سالگرهه ۾ شرڪت نه ڪئي هئي، ۽ انگريز سرڪار جي نظرن ۾ ڏوهاري بڻيا هئا، جنهن جي نتيجي ۾ سرڪاري عتاب هيٺ آيا هئا ، ۽ ميرن جي زماني ۾ مليل پنهنجي جاگير وڃائي روپوشيءَ جي حالت ۾ رهندي، خطرناڪ ڌاڙيل ۽ ڦورو بڻجي ويا هئا . سماج کان ڪٽجي پري ٿي، جهنگلن ۽ ٻيلن ۾ جانورن جيان زندگي گذاريندي ، هن ذات جا ماڻهو صفا جاهل ، وحشي ۽ بُز ٿي چڪا هئا. پر انهيءَ ڪِني پاڻيءَ جي ڍنڍ مان الائي ڪيئن نيل ڪنول جي گُل جيان اڪيلو هڪ پڙهيل ماڻهو مشڪورڦلڪارو پيدا ٿي پيو. سنگت جي دستوري گڏجاڻيءَ ۾ جڏهن سيڪريٽريءَ کيس پنهنجي تخليق پڙهڻ لاءِ چيو ته آءٌ دل ئي دل ۾ کلڻ لڳس ۽ سوچيم ته هي خطرناڪ شڪل وارو ۽ چريو ماڻهو ڇا پڙهندو، مڙئي گپ ڪري محفل جو موڊ خراب ڪندو. مون مٿس اڳواٽ تنقيد ڪرڻ جو سوچي ڇڏيو هو، پر جڏهن هن انتهائي معصوميت سان مدبرانه انداز ۾پنهنجي ٺاهيل ’سنڌو حرفيءَ‘ جا ڏهه بيت پڙهيا، ته آءٌ حيران ٿي ويس ۽ منهنجو واٽ ڪِٽلي ٿي ويو. ڇا ته زبردست فڪر سان ڀرپور شاعري هئي. سندس! مون يڪدم پنهنجي دماغ جي پردي تي ٺهيل اڳ واري خطرناڪ ۽ بيڪار عڪسَ کي مٽائي، اُن جي جڳهه تي هڪ خوبصورت، معصوم ۽ باوفا ڪويءَ جو عڪس ٺاهي ورتو.
    مشڪور مون کي تمام گهڻو وڻڻ لڳو. مون محسوس ڪيو ته هن ماڻهوءَ ۾ نه نفرت آهي، نه ساڙ، نه ڪنڊا، نه ڪات، نه زهر نه تِکاڻ ، هي ته گلاب جو گل، ڪوهنور هيرو ۽ ڏاهپ جي کاڻ آهي، تخليقن جو سمنڊ، الائي ڇا ڇا نه آهي! پوءِ آءٌ هن کي ويجهو ٿيڻ لڳس. حالانڪ هن پنهنجي زندگيءَ جا ٽيهه سال سينيئر قومپرست اڳواڻ رهندي، سائين جي. ايم. سيد جي ويجهو گذاريا هئا ۽ هو ذهني طور سائين جي. ايم. سيد جو سچو پوئلڳ هو . جڏهن ته مون وري پنهنجي زندگيءَ جا چاليهه سال محترم رسول بخش پليجي صاحب جي صحبت ۾ گذاري ، ’پليجي ازم‘ جي عشق ۾انقلابي نظريا پڙهندي، آدرشي بڻجي گذاريا هئا. جدوجهد جي رستن جي ٻواٽي تي هلندي، اسان هڪٻئي جا ذهني طور مخالف هئاسين. اهو ئي سبب هو، جو اسين ويجهو هوندي به هڪٻئي کان پري هئاسين. اڳ ۾ ڪڏهن به هڪٻئي کي ويجهي ٿيڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي هئي سين. انهيءَ ڪري هڪٻئي جا نالا ته ٻڌل هئا، پر ملاقات نه ٿي هئي، پر ڌرتيءَ سان عشقَ، سنڌي قوم ۽ ٻوليءَ سان عشقَ، وڻن، ولين ۽ گلن سان عشقَ، لطيف سان عشقَ، سنڌ جي فطرتي سونهن سان عشقَ، اڌ اگهاڙن مارو ماڻهن سان عشقَ، ۽ انهيءَ عشق جي يڪسانيت، اسان ٻنهي جي ميراث هئي. مشڪورڦلڪاري جي شخصيت ۽ روّين ۾ الائي ڪهڙي چقمقي ڪشش هئي، جو آءٌ لوهه جهڙو ماڻهو ڏانهس ڇڪبو ويس. هن به مون کي ويجهي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هو روزانو منهنجي اسپتال تي اچڻ لڳو. جنهن ڏينهن هو نه اچي، ان ڏينهن کيس به ماني نه وڻي . نتيجي ۾ اسان ٻنهي پنهنجا نظريا ۽ سوچون، دماغ جي لاڪر ۾ محفوظ ڪري ڇڏيون. اسين هڪٻئي کي ايترو ويجهو ٿي وياسين، جو ٻه هوندي به هڪ ڏسڻ ۾ اچڻ لڳاسين. مرڻن پرڻن ۾ گڏ، جلسن جلوسن ۾ گڏ، ريلين، احتجاجن ۽ بک هڙتالن ۾ گڏ ، سيمينارن ، مچ ڪچهرين ، مشاعرن ۽ ادبي محفلن ۾ گڏ ، جلد ئي اسان جي جوڙي مشهور ٿي وئي .
    دستوري گڏجاڻي ختم ٿي ، چانهه پيئندي مشڪورَ ٻڌايو ته هو ’سنڌي ٻوليءَ جي ٻاونجاهه اکريءَ‘ جي هر اکر سان شروع ٿيندڙ لفظن ۾ بيت ، وايون ، ڪافيون ، ڀڄن ، لوليون ۽ ترانا لکي رهيو آهي. اهو ٻڌي آءٌ حيران ٿي ويس، سوچيم: اها خالي دٻ آهي ، ائين ممڪن ئي ناهي . سنڌي ٻوليءَ جا پنج اکر ’ڃ ، ڙ، ڱ، ڻ ۽ ء‘، اهڙا آهن، جن سان ڪو به لفظ شروع نه ٿو ٿئي . سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ ٺاهيندڙ ٻوليءَ جا ماهر، ۽ بزرگ استاد ڪي عقل ۽ ڄاڻ ۾ مشڪورَ کان گهٽ هئا، جو اهي به الفابيٽ پڙهائڻ وقت انهن اکرن سان شروع ٿيندڙ لفظ استعمال نه ڪري سگهيا. مثال طور ڃي مُڃ. ڙي ماڙي. ڱي سِڱ. ڻي وَڻ ۽ الف همزو . همزي ۾ ته ’ء‘ به ڪو نه ٿي آيو . مشڪور جڏهن انهن اکرن سان شروع ٿيندڙ لفظن تي مشتمل بيت ٻڌايا ته آءٌ حيرت ۾ پئجي ويس .۽ سندس ڏاهپ جي عظمت جو قائل ٿي، کيس چميون ڏيڻ لڳس. هن غريب ماستر ماڻهوءَ، الائي ڪيڏا ڪشالا ڪڍي، ڏکيا سفر ڪري سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڳالهائجندڙ ٻوليءَ جي پاتال مان ڳولي انهن اکرن سان شروع ٿيندڙ لفظ هٿ ڪري، پنهنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيا هئا، جيڪي منهنجي دماغ جي دٻليءَ جي ’ناممڪنات‘ ۾ لکيل هئا . اهي لفظ جڏهن ممڪنات ۾ اچي ويا ته آءٌ صفا چريو ٿي پيس. حيران انهي ڳالهه تي آهيان ته موجوده سنڌي الفابيٽ کي وجود ۾ ايندي ۽ مختلف شڪليون بدلائيندي، صديون گذري چڪيون آهن. ڪئين سنڌي ٻوليءَ جا شاعر، عالم، اسڪالر، محقق، ٻوليءَ تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ ڊاڪٽر، استاد، شيخ المشائخ، ۽ مولوي پيدا ٿيا، پر ڪنهن به اهو ڪم نه ڪري ڏيکاريو، جيڪو هن فقير انسانَ، پنهنجي بي سروسامانيءَ ۾ ڪري ڏيکاريو: سو به اهڙي قبيلي ۾ پيدا ٿيندڙ ماڻهوءَ، جنهن جون ست پيڙهيون جهالت جي اوندهه ۾ گذريون هجن . اهڙي خاندان ۾ افلاطون جي پيدا ٿيڻ تي، آءٌ اچرج ۾ پئجي ويس . مشڪور انهن اکرن سان شروع ٿيندڙ لفظ ۽ پنهنجا ٺاهيل بيت ٻڌائڻ شروع ڪيا ته منهنجو وات پٽيل ئي رهجي ويو:

    ڃ: ڃُوڃڻ معنيٰ سوئا مينهن يا ڍڳي کي ڏهڻ مهل وِڌل ڍَنگ يا وَنگ
    ڃُوڃڻ ڇِني آءُ تون، ڪهڙي ڪرين ڪٿ،
    آهن سڀ ڪجهه هٿ، هلائين ته هاج ٿئي.

    ڙ: ڙاڪُون معنيٰ درياهه جي پاڻيءَ جي سڪڻ بعد واريءَ ۾ پيل ڏار يا ڦوٽون.
    ڙاڪون سنڌوءَ پيٽ ۾، ڏسي روئي روح،
    ٿر جيان ٽوهه، ڇا ٿيندا ٻنهي ڪنڌيين؟


    ڱ: ڱڱو معنيٰ ڳاڙهو ڳٽول، ڳڀرو.
    ڱڱا ڳڀرو گهوٽ، آتا سر ڏيڻ لئه،
    مِهڻو تنين موٽ، وِک اڳيان اڳري.

    ڻ: ڻَڻو چڻو معنيٰ، ڪاڙهڻ بعد به نه ڳرندڙ چڻو يا مٽر جو داڻو.
    ڻڻو چڻو جيئن، رَجهي نه ڪاڙهڻ سان،
    اسان سڄڻ تيئن، پيار لڪايو لوڪ کان.
    ء: ئوئان، ئوئان معنيٰ، تازي ڄاول ٻار جي روئڻ جو آواز.
    ئوئان ئوئان ڪندي، روئندي ڄائو ٻالڪ،
    سمجهي ڪو سالڪ، احساس انهي درد جو.

    مشڪور روانيءَ سان جڏهن بيت پڙهي بس ڪئي، ته آءٌ اٿي کيس دلي طور سلام ڪندي ڀاڪرين پئجي ويس .سندس کوجنا ۽ تحقيقي ڪم کان متاثر ٿيندي، مون کي لڳو، ڄڻ شاهه سائين مشڪور جهڙن ماڻهن لاءِ ئي چيو هو ته:
    سهسين سجن اڀري، چوراسي چنڊن،
    باالله ري پرين، سڀ اونداهي ڀانئيان!
    ٻوليءَ ۽ ادب جي آسمان تي ڪئين سج اڀريا، ۽ ڪئين چنڊ چمڪيا، پر مڻيا ۽ مٿڀرائپ شايد مشڪور جي انتظار ۾ هئي .
    اهڙيءَ طرح مسلسل جاکوڙ سان مشڪورڦلڪاري، سنڌي الفابيٽ جي ٻاونجاهه اکرن سان شروع ٿيندڙ پنهنجي ’ٻاونجاهه اکري‘ پوري ڪندي، ڪاميابيءَ جي آسمان کي ڇهي ورتو. سنڌي سڀيتا جي هزارين سالن جي ارتقائي سفر ۾ سنڌي ماڻهو پنهنجي ادبي خزاني ۾ ’ٽيهه اکريون‘ ته لکي سگهيا هئا ، پر اڃا ٻاويهه اکر رهيل هئا . هن بي مثال ڪم ۾ مشڪور ڪيتري محنت ڪئي هوندي ، ڪيتري جاکوڙ ڪئي هوندي ۽ ڪيترا اوجاڳا ڪيا هوندا ، اها خبر ته کيس ئي هوندي . پر سندس انهيءَ عظيم ڪارنامي تي سڄي قوم مشڪور جي مشڪور آهي . منهنجي خواهش آهي ته سنڌ جون يونيورسٽيون، مشڪور جي هن بي بها تخليق ’سنڌو حرفي‘ تي کيس مڃتا طور پي. ايڇ. ڊي جي اعزازي ڊگري ڏين . سڌريل ملڪن ۾ ائين ئي ٿيندو آهي. ڪاش! اسان وٽ به قدردانيءَ جا اهڙا جذبا پيدا ٿي پون .
    مشڪور ڦلڪارو، سادو، کلمک، سهپ رکندڙ ، هٿ جوڙ ڪندڙ فقير منش آهي. جيڪي مليو، سو کائي وٺبو ، جيڪي هوندو، سو پائي وٺبو. پنگريي ۾ سائين نورمحمد سمي جي ورسيءَ ۾ وياسين، منتظمين طرفان سمن جي قبيلي جي سردار سان گڏ ڊِنگ قسم جا جاهل وڏيرا اسٽيج تي ويهاريا ويا هئا . مشڪورُ چوڻ جي باوجود مٿي اسٽيج تي نه ويٺو ۽ هيٺ پنڊال ۾ ئي عام خلق سان گڏ ويهي رهيو ، ۽ سندس چپن تي مسڪراهٽ هئي . جڏهن جلسي کي مخاطب ٿيو ته پنهنجي علم ۽ ڏاهپ جي ڳالهين سان سڀني ماڻهن کي پنهنجي جادو بيانيءَ سان پنڊ پهڻ ڪري ڇڏيائين . مون ڏٺو ته اسٽيج تي ويٺل سڀني ڊِنگ وڏيرن جا ڪنڌ جُهڪي ويا ۽ سندن جهالت شرمسار ٿي وئي.
    مشڪور، سدائين هٿ ٻڌي سڀني کي ’محبوب سائين‘ چئي مخاطب ٿيندو آهي، انهيءَ ڪري کيس سڄيءَ سنڌ جا ماڻهو ’محبوب سائين‘ سڏيندا آهن .پر منهنجي لاءِ هو ’محبوب ضربيان ڪروڙ ،ارب ، ۽ پدم سائين‘ آهي. مشڪور جا چار پُٽ آهن: هڪڙو جهنگ مان مٺيون ماکيون لاهڻ جو ماهر آهي ، ٻيو پائدار ۽ سچو عشق ڪندڙ عاشق آهي، ٽيون نمبر پٽ سادو الله لوڪ ۽ ماٺيڻو آهي ، چوٿون نمبر پٽ تيز ترين ذهانت جو مالڪ آهي. سندس چار نياڻيون پڻ محنتي ۽ ماڪ ڀنل چانڊوڪيءَ رات جهڙيون معصوم ۽ نماڻيون آهن. سندس گهر واري منهنجي ڀاڄائي وفاشعار، حيادار، ڪمزور، پر وڏي سگهڙ ۽ ورڪر عورت آهي. هوءَ گهر جو سمورو ڪم اڪيلي سر پاڻ سر انجام ڏيندي آهي. اُنهن سڀني جي وصفن کي پاڻ ۾ گڏ ڪجي، ته مشڪور ٺهيو پوي . مشڪور جي همت ، سهپ ۽ فقيريءَ جو هڪ زبردست مثال اِهو به آهي ته جڏهن 2011ع جي ٻوڏ ۾ سندس گهر جي ڀر واري ’سونپاري ڍنڍ‘ اُٿلي پئي ته سندس سمورو الهه تلهه ۽ گهر ٻُڏي ويو. هو صرف پنهنجي جان بچائي، ٻچا وٺي دربدر ٿي ويو . انهيءَ حالت ۾ جڏهن آءٌ ساڻس ملڻ ويس، ته سندس چهري تي ڪنهن به قسم جي ڪربَ، ڏک يا مايوسيءَ جو نالي ماتر به نشان نه هو. هو پنهنجي بي سروسامانيءَ تي ننڍڙا ٽهڪ ڏئي رهيو هو. جنهن پٺيان سنڌ جي هزارين بي گهر ٿيل ماڻهن جو تمام وڏو درد لڪل هو، جيڪو مون محسوس ڪيو.
    مشڪور خالي شاعر ناهي، هو گهڻ پاسائين شخصيت آهي. هو هڪ بهترين شاعر سان گڏ نثرنويس، محقق، تاريخدان، ڪالم نگار، ٻڌندڙن کي پنڊ پهڻ ڪندڙ قهر جو مقررُ، لطيف جو پارکو، قومي ورڪر، بهترين ليڊر، سٺو منتظم، غريب پرور، تعليمي ماهر، حڪمت جو ڄاڻو حڪيمُ، علم الاعداد ۽ نجوم جو ڄاڻو، سماج سڌارڪ ، بهترين دوست ۽ هرفن مولا آهي. هڪ ئي وقت ايتريون صلاحيتون رکندڙ ماڻهو سنڌ ۾ تمام گهٽ ۽ نه هئڻ جي برابر آهن.
    مشڪور موقعي جي مناسبت سان هر وقت تيار هوندو آهي. هڪ دفعي ’ثقافتي ريلي‘ پيا ڪڍون، مشڪورَ ’ثقافتي ترانو‘ منٽن ۾ تيار ڪري ورتو. ’سنڌي ٻولي قومي ٻوليءَ‘ لاءِ احتجاج پيا ڪريون ته مشڪور سنڌي ٻوليءَ جي عظمت تي عاليشان گيت ٺاهي پيش ڪيو . ڪهڙو به موضوع هجي، ڪهڙي به تنظيم جو پروگرام هجي، ڪهڙي به قسم جا سامعين يا ناظرين هجن، مشڪور تقرير لاءِ اٿيو ته هال گونگو ٿي ويندو. سندس لهجو عاليشان، ڌيمو ۽ چٽو، لفظن ۽ جملن جو اڻکٽ سمنڊ، عملي جدوجهد جو اتساهه ۽ سچائي، ڳالهه ڪندي، ٿورو بيهي، ٻڌندڙن جو ڌيان ڇڪائڻ جي استادانه مهارت سان هو پوري مجموعي کي پاڻ سان گڏ کڻي، وٺي اهڙي ڳالهه ڪندو، جو تاڙين جي گونج ٿي ويندي. هو ناظرين کي کِلائڻ ۽ روئاڙڻ جي وڏي مهارت رکندڙ مقرر به آهي .
    سندس نثر جو ڪتاب ’ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس‘ پڻ ڇپجي چڪو آهي. جنهن ڪتاب پڻ پنهنجي انفراديت سان ادبي حلقن ۾ وڏي مڃتا ماڻي آهي. هي موجوده ڪتاب ’سنڌ ۽ سچ جي ساڃاهه‘ ذهنن ۾ ڪيڏا طوفان ٿو آڻي ، ان جي شاهدي ته ايندڙ وقت ڏيندو . افسوس، مشڪورَ جي زندگيءَ جو وڏو قلمي پورهيو اڻ ڇپيل حالت ۾ سندس گهر ٻڏي وڃڻ سبب پاڻيءَ جو کاڄ ٿي ويو. اهو مواد پڻ هزارين صفحن تي لکيل مون پاڻ سندس گهر ۾ ڏٺو هو ، جنهن سان ڪيترائي ڪتاب ڇپجي ميدان ۾ اچن ها ۽ سنڌ ۾ هڪ وڏو ذهني انقلاب اچي ها . مشڪورڦلڪاري، جيڪي ريڊيو ’وائس آف سنڌ‘، لنڊن تان سنڌ جي قديم تاريخ ۽ ٻين موضوعن تي ليڪچر ڪيا آهن ، تن کي پڻ پوريءَ دنيا ۾ حيرت ۾ وجهندڙ موٽ ملي آهي . ڦلڪارا جي ننڍڙي شهر مان بي گهر ٿيل هي فقير ماڻهو، هن وقت پوريءَ دنيا جي سنڌين جو هيرو ۽ محبوب ليکڪ آهي.
    زماني جي گردشن ، بي گهر ٿيڻ ، اڀري سڀري ماستريءَ تان رٽاير ٿيڻ، غربت ۽ محرومين هوندي به وطن جي عشق ، ٻوليءَ ۽ ادب کي سرخرو ڪرڻ واري جاکوڙَ، سوچڻ، لوڙڻ، لوچڻ ۽ جيئڻ جي جاکوڙ کيس شگر ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. پر هي سنڌ جي عشق ۾ فنا ٿيل فقيرُ، انهن بيمارين کي ليکي ئي ڪو نه ٿو . هن جي سوچ ۽ قلمي پورهيئي جي هر وک اڳي کان اڳري آهي.اسين سنڌي ماڻهو مشڪور جا مشڪورُ آهيون، جنهن سنڌي قوم کي ’ٿرجي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس‘ جهڙي تحقيقي ڪتاب کان پوءِ وري هي’سنڌو حرفي‘ يعني ’سنڌي ٻوليءَ جي ٻاونجاهه اکريءَ‘ تي مشتمل شاندار ڪتاب ڏنو آهي. آءٌ مشڪور جي عشق ۾ ايترو مستغرق آهيان ، جو لکندي ڍاپان ئي نه ٿو، پر ڪتاب جي ضخامت وڌڻ جي ڊپ کان اِتي ئي دل تي پٿر رکي، مشڪور جي عظمتن کي شاهه صاحب جو هي بيت منسوب ڪندي، بس ٿو ڪريان ته:
    جان آهن اوطاقن ۾، تان ڪي ساڻن اور،
    ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾، پاڻ مٿانئن گهور،
    ويا جي هنگلور، ته ڪرمين ملن ڪاپڙي.


    ڊاڪٽر عزيز ٽالپر
    5 مارچ 2016ع


    سندي جوڳيان ذاتِ (ليکڪ جوتعارف)

    مشڪور ڦلڪاري جو اصل نالو محمد بخش، ذات ڦلڪارو، سندس والد جو نالو شير محمد خان ڦلڪارو آهي، جيڪو پيشي جي لحاظ کان هاري هو. مشڪور جو جنم 3 اپريل 1955ع تي ڳوٺ صوفي آباد، تعلقي ماتلي ، ضلعي بدين ۾ ٿيو، هن وقت ٽنڊي محمد خان جي پيپلز ڪالونيءَ ۾ رهائش پذير آهي. پرائمري تعليم ڳوٺ صوفي آباد مان حاصل ڪيائين. 1972ع ۾ هاءِ اسڪول رِپ شريف ، تعلقي تلهار، ضلعي بدين مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان پرائيويٽ طور ايم. اي ماس ڪميونيڪيشن جي ڊگري حاصل ڪري، سنڌ لا ڪاليج مان ايل. ايل. بي ڪيائين . قائد اعظم ميڊيڪل ڪاليج راولپنڊيءَ مان طب ۽ اليڪٽرو هوميو پيٿڪ ۾ ڊپلوما ڪورس ڪيائين . 1973ع کان تعليم کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. ڦلڪارا قبيلي جو هي پهريون ماڻهو آهي، جنهن مئٽرڪ پاس ڪري سرڪاري ملازمت حاصل ڪئي، جنهن بعد ڦلڪارا قبيلي جي ماڻهن ۾ پڙهائيءَ جو رجحان وڌيو. 1973ع کان ادبي پورهيي جي شروعات ڪيائين ، شاعري ، مضمون ، ڪهاڻيون ۽ مقالا لکيائين ، ٻه تاريخي ناول ’۽ سنڌو مُرڪي ڏنو‘ ۽ ’آخري شام‘ لکي چڪو آهي ، جيڪي ڇپجي نه سگهيا آهن . 1977ع کان سنڌي ادبي سنگت جو باقاعدي ميمبر آهي، سٺي تخليقڪار سان گڏ بهترين نقاد پڻ آهي. تاريخ جي موضوع تي وڏي دسترس حاصل اٿس. 1978ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ٻاونجاهه اکرن تي ’سنڌو حرفي‘ جي نالي سان بيت لکيائين، جيڪو سنڌي ادب جي تاريخ ۾ پهريون تجربو هو. اُن کان پهرين ٽيهه اکرين تي کوڙ شاعرن طبع آزمائي ڪئي هئي، جيڪا روايتي طور هلندڙ هئي ۽ آهي. سندس اها ٻاونجاهه اکري ’سنڌو حرفي‘ ڇپائڻ جي واعدي طور ’لاڙ ادبي سوسائٽيءَ‘ جي سرواڻ محمد سومار شيخ ورتي هئي ، پر جلد ئي سومار شيخ جي مالي حالت سندس بيماريءَ سبب ڪمزور ٿي وئي ، جنهنڪري اها ’سنڌو حرفي‘ ڇپجي نه سگهي ۽ شيخ صاحب جي وفات بعد اهو مسودو به گم ٿي ويو. مشڪور ڦلڪاري انهيءَ پهرين سنڌو حرفيءَ جا بيت، 1979ع ۾ سن شهر ۾ ٿيندڙ ’حيدر شاهه سنائي ادبي ڪانفرنس‘ ۾ پڙهيا، جنهن تي سائين جي. ايم. سيد انهن بيتن کي پسند ڪندي، کيس ڀرپور داد ڏنو هو ۽ انهيءَ ڪم کي وڌائڻ لاءِ همت افزائيءَ به ڪئي هئي، اُن کان متاثر ٿي، 1980ع ۾ روشن ڪلهوڙي، ٻاونجاهه اکرن تي هڪ طويل نظم لکيو هو، پر روشن ڪلهوڙو به ان نظم کانپوءِ ’سنڌو حرفيءَ‘ ۾ وڌيڪ ڪجهه لکي نه سگهيو ، ڇو ته نج سنڌي اکرن ’ڃ ،ڙ، ڱ ، ڻ ، ۽ ء‘ سان شروع ٿيندڙ لفظ کيس ملي نه سگهيا. ان بعد مشڪور ڦلڪاري ٻيهر هڪ نئين ۽ مڪمل ’سنڌو حرفي‘ لکي ، جنهن ۾ 520 بيت ، ڪافيون، ڀڄن ، ترانا ، لولي ۽ وايون شامل آهن ، جيڪو سندس وڏو ادبي ڪارنامو آهي. سندس اها سنڌو حرفي، شاعريءَ ۾ صرف ٻاونجاهه اکرن تي طبع آزمائي ناهي، پر فڪري طور ’پيغام سنڌ‘ جي تشريح آهي، جنهن ۾ سنڌ جو ازلي رُوح سمايل آهي. مشڪور ڦلڪارو هن وقت به ’سنڌي ادبي سنگت‘ شاخ ٽنڊي محمد خان، ’عوامي ادبي فورم‘ سميت مختلف علمي ادبي فورمن ۽ سياسي ۽ سماجي تنظيمن سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي علمي ، ادبي، سياسي ۽ سماجي سرگرميون جاري رکندو پيو اچي. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان جو ڪيترائي ڀيرا ڪائونسلر ۽ ڪاروباري ڪميٽيءَ جو ميمبر پڻ چونڊيو ويو. هو 1978ع کان سنڌ جي قومي تحريڪ جي باني رهبر سنڌ سائين جي. ايم. سيد جي صحبت ۾ رهندي، سائين جي. ايم. سيد جي وڇوڙي تائين سنڌ جي قومي آزاديءَ لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪندو رهيو. سائين جي. ايم. سيد جي وفات کان پوءِ قومي تحريڪ کي هڪ منظم قوت ۾ تبديل ڪرڻ واري مقصد خاطر جڏهن ’جيئي سنڌ قومي محاذ‘ جو بنياد پيو ته مشڪور ڦلڪارو، اُن جي پهرين ’جيئميسٽ ڪائونسل‘ جو ميمبر پڻ بڻيو. سنڌ جي قومي تحريڪ جا لاها چاڙها هن پنهنجي اکين سان ڏٺا آهن، اُن عرصي دوران قومي سياست جي سموري اُٿل پُٿل جو اکين ڏٺو شاهد پڻ آهي. هُو هن وقت اُهي سمورا تجربا ايندڙ نسل جي رهنمائيءَ لاءِ سهيڙي رهيو آهي. هن وقت به هو پنهنجو سمورو وقت لکڻ ۾ گذاري رهيو آهي، سندس ٽي ڪتاب، (1) سوچون منهنجي ساهه جون (ايڪانيڪيون)، (2) جيڪو گهاريم جيئن (آتم ڪهاڻي) ۽ (3) سنڌي سماج جي تاريخ ، سندس قلم هيٺ تڪميل جي آخري مرحلن ۾ آهن.
    مشڪور جو شمار سنڌ جي انهن تمام ٿورن ماڻهن ۾ ٿئي ٿو ، جن کي ’سنڌ جي انسائيڪلو پيڊيا‘ طور سڃاتو وڃي ٿو ، اهو ئي سبب آهي، جو هو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ علمي ۽ ادبي سرگرمين جو رُوح روان آهي. سندس ڄاڻ جي شهرت سنڌ کان ٻاهر به ڦهليل آهي، اهو ئي سبب آهي جو جڏهن به ڪو پرڏيهي محقق سنڌ ۾ تحقيق لاءِ ايندو آهي ته مشڪور ڦلڪاري سان ملڻ کان سواءِ سنڌ بابت پنهنجي تحقيق کي نامڪمل سمجهندو آهي، اهڙي ڳالهه جو اعتراف لنڊن جي تحقيقي ادارن سان لاڳاپيل ’الائيس البينيا‘ پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ’امپائرس آف انڊس‘ ۾ پڻ ڪري چڪي آهي. هندستان سان واسطو رکندڙ پوپٽي هيراننداڻي، ڄيٺو لالواڻي ، گنگارام سمراٽ ۽ ٻيا ناليوارا اديب به مشڪور جي ڪردار ۽ ڄاڻ جي مڃتا کيس پنهنجي ڪتابن ۾ ڏئي چڪا آهن. تاريخ جي موضوع تي سندس ڪيترائي مضمون، مقالا ۽ ڪالم سنڌي اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. مشڪور کي سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ پڻ ملي چڪا آهن، جن ۾ ’ منهنجو ٽنڊو محمد خان فيسٽيول‘ ۾ مڃتا ايوارڊ، سنڌ يوٿ نيٽ ورڪ پاران ’بيسٽ پوئيٽ اينڊ رائيٽر ايوارڊ‘، روس جي ماسڪو ريڊيو جي ولتينا چستاڪوف پاران ’مڃتا سرٽيفڪيٽ‘، هندستان جي سنڌي اديبن پاران ’نهرو ايوارڊ‘، قابل ذڪر آهن . اپريل 2015ع ۾ سندس ڪتاب ’ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس‘ پڻ ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ هن ٿر جي لوڪ ڏاهپ کي جديد سائنسي انداز ۾ پيش ڪري، هڪ وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. ان کانسواءِ انٽرنيٽ تي ’ريڊيو وائيس آف سنڌ، لنڊن‘ تان سندس تاريخي مضمون ۽ ليڪچر سموري دنيا ۾ ٻُڌا وڃن ٿا. هيڏي ساري عالمي مڃتا جا موتي چونڊيندڙ، شاهه لطيف جي سُر رامڪليءَ جو هي جوڳي فقيرُ، پنهنجي مزاج ۽ ذاتي زندگيءَ ۾ تمام سادو ۽ سٻاجهو ماڻهو آهي، زماني جا لاها چاڙها ۽ ستم ظريفيون، سندس چپن جي مُرڪ کي مات نه ڪري سگهيا آهن، نه ئي مفاد پرستيءَ جو راڪاسُ، سندس ماڻهپي کي ڳڙڪائي سگهيو آهي. هي کاهوڙيءَ انسان، ’تتيءَ ٿڌي ڪاهه‘ واري جذبي سان سرشار ٿي، پوري ڄمار ڌرتيءَ جي عشق جي راهن جي اُڀن ڪاون مٿان پيرين اُگهاڙو پنڌ ڪندو رهي ٿو. زندگيءَ جي مشڪل مرحلن ۾ ورچي نه ويهڻ وارو هي کاهوڙي ڪردار جيئڻ سان گڏ جاڳندو پڻ رهيو آهي. شال! سندس عشق سلامت رهي ۽ پنهنجي سُندر خوابن جي ساڀيان ماڻڻ ۾ سوڀارو ٿئي. سندس هي ڪتاب ’سنڌ ۽ سچ جي ساڃاهه‘ (سنڌو حرفي) نه رڳو سنڌي شاعريءَ جو اهم تاريخي دستاويز آهي، پر فڪري طور سنڌ جي دردن جي تشريح جو ناياب باب آهي، هڪڙي نئين ۽ منفرد جستجو آهي، جدوجهد آهي، جدوجهد جي هڪ ڀرپور تاريخ آهي ، جنهن ۾ رڳو فتحن جا جشن ناهن، پر شڪستن سان پيار به آهي. حوصلي ۽ همت جو هماليه هن ڪتاب جي سونهن جو سبب آهي. اميد ته سنڌي ادب جو هي ناياب ڪتاب، نه رڳو سنڌ ۾ رهندڙن، پر سنڌ کان ٻاهر به سنڌي ٻوليءَ سان چاهه رکندڙن لاءِ نه رڳو ڪشش جو سبب بنجندو، پر اُنهن وٽ هن جي حيثيت هڪ شاندار ادبي تاريخ واري به هوندي ، جيڪا ادبي تاريخ اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ فخر جو سبب بڻيل رهندي.

    اعظم ڀٽي
    سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان


    عشقُ اٽل مُنهنجو (پنهنجي پاران)

    ’صدقي حضرت عشق تان‘ ۽ ’حق محبوب سائين‘ جا نعرا ، مون ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجي ڳوٺ ’صوفي آباد‘ جي آسپاس رهندڙ صوفي فقيرن کان ٻڌا هئا. ننڍپڻ ۾ منهنجي ڪنن ۾ اذان کان وڌيڪ اِهي آواز پهتا هئا. اُنهن فقيرن جون صوفي محفلون روزانو يا هڪ نه ٻئي ڏينهن، آسپاس جي درگاهن يا ڳوٺن ۾ پيون هلنديون هيون، ميدانُ فقير، صوفي عمر نانگو، صوفي گلڻ نانگو، چاندي فقير، ڳاڙهو فقير،
    قاسم علي شاهه، صوفي فقير يارمحمد رند، ۽ ٻيا صوفي محمد فقير کٽياڻَ جا طالب، ڏينهن جو پنهنجو ڪم ڪار ڪندا هئا ۽ رات جو ڪٿي نه ڪٿي محفل مچايو ويٺا هوندا هئا. اسين ٻارَ به ويجهيءَ ڇڪ ۾ انهن جون محفلون پيا ٻڌندا هئاسين . ائين ننڍپڻ ۾ ئي مون کي صوفي ماحول مليو: جيتوڻيڪ منهنجي قبيلي ۾ اڪثريت چورن ۽ ڦورن جي هئي. جيڪي ڏاڍ مڙسيءَ کي ئي پنهنجو مسلڪ ۽ مذهب سمجهندا هئا. اسان جي قبيلي جو آءٌ پهريون ٻارُ هئس، جيڪو اسڪول ۾ پڙهيس. اسان جو قبيلو ڦلڪارا، رند بلوچ قبيلي جي هڪ شاخ آهي. ميرن جي دور حڪومت ۾ اسان جي قبيلي کي سماواتي پرڳڻي (لڳ ٽنڊي محمد خان) ۾ هڪ جاگير به مليل هئي، جتي هن قبيلي جو هڪ وڏو ڳوٺ هو، جيڪو اڄ به ’ڦلڪارا‘ جي نالي سان ننڍو شهر ۽ يونين ڪائونسل جي حيثيت رکندڙ آهي: جنهن شهر ۾ هن وقت هڪ گهر به ڦلڪارن جو موجود ناهي . ميرن جي دور ۾ ٻين بلوچ قبيلن جيان ڦلڪارا قبيلي کي به ميرن جي فوج ۾ شامل ڪيو ويو هو، انهيءَ ڪري ڦلڪارا قبيلي، هالاڻي، مياڻي ۽ دٻُي جي جنگين ۾ مير حڪمرانن جو ساٿ ڏنو. ميرن جي ناڪامي ۽ انگريزن جي قبضي بعد ’ڦلڪارا‘ قبيلو، سنڌ جي انهن تمام ٿورن قبيلن ۾ شامل هو، جيڪي راڻي وڪٽوريا جي سالگرهه ۾ شامل نه ٿيا هئا. نتيجي طور ڦلڪارا قبيلي کي انگريز مخالف باغي قرار ڏنو ويو، ۽ ميرن جي طرفان مليل جاگير تان کين بيدخل ڪرڻ لاءِ مٿن ملٽري آپريشن ڪيو ويو، جنهن ڪري ڦلڪارا قبيلو پنهنجو ڳوٺ ڇڏي، ٽنڊي غلام عليءَ جي ڀرسان هڪ گهاٽي جهنگل ۾، جيڪو ’ڪنڊياري جي ڇَن‘ جي نالي سان سڏبو هو، لڏي، ولي محمد فقير جي نالي سان ڳوٺ ٻڌي وڃي ويٺا ، جتي هو انگريزن جي لڳاتار ملٽري آپريشنن سبب خانه بدوشيءَ جي حالت ۾ روزگار جا سمورا ذريعا بند ٿيڻ ڪري، چورين ۽ ڦرلٽ تي پنهنجو گذران ڪرڻ لڳا. ائين هو سماج کان ڪٽجي بلڪل وحشي بنجي ويا هئا. منجهانئن اها حيوانيت، پاڪستان ٺهڻ بعد به صفا ختم نه ٿي سگهي هئي. اهڙي قبيلي ۾ منهنجو والد شيرمحمد خان، جيڪو هڪ مولوي ميانجي ’بچل دل‘ جي صحبت ۾ اچي پڙهڻ ۽ لکڻ سکي ويو ۽ ميانجيءَ جي صحبت منجهس ماڻهپو پيدا ڪيو ، ان ڪري هن کي قبيلي جي ماحول کان نفرت ٿي ويئي، جڏهن ته منهنجو ڏاڏو سرمست خان به اڳي ئي فقير قسم جو ماڻهو هو. مٿان وري منهنجي والد پنهور قبيلي جي هڪ عورت سان پيارَ جو پرڻو ڪيو ، ته ڦلڪارا قبيلي وارا مٿس ناراض ٿيا. ان ڪري، منهنجو ڏاڏو ۽ والد، ڳوٺ مان لڏي ويجهو ئي ڳوٺ صوفي آباد ۾ اچي ويٺا، جتي تاجپور جي نواب حاجي محمد علي خان جون زمينون هيون. منهنجي والد ۽ ڏاڏي ، نواب صاحب جي ٻنين تي هارپو شروع ڪيو. ائين مون هڪ غريب هاريءَ جي گهر ۾ امڙ سوڍي پنهور جي پيٽان جنم ورتو. جيئن ته نواب حاجي محمد علي خان، صوفي نواب ولي محمد فقير لغاريءَ جي صوفي خاندان جو اهم فرد هو ۽ پاڻ صوفي هئڻ سان گڏ هڪ وڏو علم دوست بزرگ قسم جو انسان هو . هن ڳوٺ صوفي آباد ۾ اسڪول قائم ڪرايو، جتي مون اٺين درجي تائين تعليم حاصل ڪئي. غربت سبب مون وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هاءِ اسڪول رپ شريف (لڳ تلهار) ۾ داخلا ورتي، جتان وڏيري محمد رحيم ٿيٻي طرفان ’مفت بورڊنگ هائوس‘ جي سهوليت سبب مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، ڦلڪارا قبيلي جي پهرئين پڙهيل نوجوان جو اعزاز حاصل ڪري ورتم. اُن بعد مون کي ماستريءَ جي نوڪري به ملي وئي. ائين هن قبيلي مان پهرئين سرڪاري ملازم جو رتبو به مون کي حاصل ٿيو، جنهن سان منهنجي قبيلي ۾ تعليم پرائڻ جو شوق پيدا ٿيو، ۽ اڄ منهنجي قبيلي جا اڪثر ماڻهو پڙهيل لکيل آهن.
    منهنجي زندگيءَ جي سکيا جي عمل ۾ آسپاس جي صوفياڻي ماحولَ، زميندار نواب حاجي محمد علي خان لغاريءَ جي اوطاق تي عالمن ۽ اديبن جا ميڙاڪا ۽ محفلون، ۽ نواب صاحب جي محبت ڀريي رويي، تعليم جي حاصلات لاءِ غربت ۽ دربدري، ڏاڏي، ڏاڏيءَ، امڙ ۽ ابي جي بيوسيءَ جا زخم، مون کي ننڍپڻ ۾ ئي نصيب ٿيا. اڳتي هلي سائين جي. ايم. سيد [جنهن کي اسين سڀ پيار مان ’سائين جيئينم‘ سڏيندا آهيون]، مون ۾ سنڌ جي عشق جي چڻنگ دکائي، بقول شاهه لطيف جي:
    سرڄيس ته سور، سامايس ته سُکَ ويا،
    اهي ٻئي پُور، مون نماڻيءَ نصيب ٿيا.
    انهيءَ ڪري مون ۾ عشق جي راهن جي ’آتش نمرود‘ جون صعوبتون سهڻ جي شڪتي وڌي وئي، جنهن سبب مون کي عشق جي پنڌ ۾ ڪڏهن به شرمساريءَ جو منهن نه ڏسڻو پيو آهي.
    ’زندگي‘ ڪجهه ڪري وڃڻ جو نالو آهي. گمناميءَ جي موت مرڻ کان بهتر آهي ته ماڻهو ڄمي ئي نه. بقول سچل سرمست جي ته: ’سوئي ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي.‘ اهي نصيحتون، مون کي منهنجي هڪ استاد بزرگ ڪامريڊ يعقوب حاجاڻي ’ساقيءَ‘ ڪيون هيون، اُن وقت منهنجي عمر 14 سال هئي. اُنهن نصيحتن ئي منهنجي زندگيءَ ۾ اهڙو روحُ ڀريو، جو آءٌ مسلسل عشق جي سفر ۾ ثابت قدميءَ سان هليو آهيان ۽ هميشه نواڻ جي ڳولا ۾ ڏوريندي، نه کرڪڻا لاٿا اٿم ، نه ئي نڀاڳي ننڊ منهنجو ڪڏهن پاسو ورتو آهي. مون هميشه پنهنجي عشق جي سلامتي پئي گهُري آهي .اهوئي سبب آهي، جو مون پنهنجي عشق جو جيڪو به ٿورو گهڻو سفر ڪيو آهي ، اُنهيءَ مان مطمئن آهيان. مون کي پنهنجي ڪيل پنڌ تي ڪو به پڇتاءُ ڪونهي. پنهنجي ضمير جو اهو اطمينانُ، منهنجي وڏي ۾ وڏي دولت آهي، جنهن املهه دولت تي آءٌ ڪابه سودي بازي ڪرڻ لاءِ تيار ناهيان ،۽ اهو ئي منهنجي فقيريءَ جو راز آهي. جو آءٌ فقير هوندي به بادشاهن کان وڌيڪ سُڪون جي زندگي گذاريان پيو.
    منهنجي زندگيءَ جي شروعاتي خوشنصيبي اها به هئي، ته مون کي ننڍپڻ ۾ ئي زندگيءَ جي سڀني ڪڙين حقيقتن جو ذائقو چکڻ جو موقعو مليو، ۽ پوءِ مون زندگيءَ جي شاهراه تي هلندي ، سڀني ڪڙن، مِٺن، کٽن ۽ کارن ذائقن جي شناسائي حاصل ڪري ورتي. اگهاڙي پيرين تتل زمين تي پنڌ ڪرڻ کان وٺي، هوائي جهازن جي آرامده ’اڏامندڙ قبر‘ جي سفر تائين، آءٌ سفر جي سمورين هيٺانهين ۽ مٿانهين کي سمجهي ويس. ڪڻڪ جي ڏاري جي پٽڙِي ۽ پاڻيءَ ۾ اوٻاريل رَٻَ، سُڪل جوئر ۽ ٻاجهرَ جي ڍوڍي کي پاڻيءَ ۾ پُسائي کائڻ کان وٺي، سمورن طعامن جي ذائقي کان واقف آهيان. مون کي هفتن جي بکن ۾ پاهه ٿيل، هڙٻاٺيون ۽ پاسراٽيون نڪتل ماڻهوءَ جي محروميءَ کان وٺي، اوبرون بچائيندڙ ۽ الٽيون ڪري وري کائيندڙ ماڻهوءَ جي هَوس جي پڻ ڀليءَ ڀت ڄاڻ آهي :جيڪو ئي منهنجو علم آهي، جنهن تي مون کي ناز آهي.
    آءٌ بنيادي طور ’سنڌي صوفي‘ آهيان، مون کي ’اصحاب صفه‘ ۽ ابن عربيءَ جي اسلامي تصوف، ويدن جي ويدانيت (تصوف)، آڌُوتي تصوف، گرونانڪ جي ’صلح ڪل‘ واري تصوف، ۽ راجا اندر، مخدوم بلاول، حسين بن منصور حلاج، سرمد شهيد، صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سائين جيئينم سيد جي وطن دوست سنڌي تصوفَ جي رازن جي ڄاڻ آهي. مون کي ننڍپڻ کان ئي صوفي راڳ ٻڌڻ جو موقعو مليو، جنهن ڪري ئي، آءٌ شاهه لطيف جي ’نفي ۽ اثبات‘ جي فلسفي واري ’اويسي رنگ‘ ۽ سچل سرمست، مهدي شاهه، محمد فقير کٽياڻ، جانڻ چَن جي سرمستيءَ کي سمجهڻ جهڙو ٿيس. اهو ئي سبب آهي، جو منهنجي هن سنڌي ٻاونجاهه اکري ءَ: ’سنڌو حرفيءَ‘ ۾ ترتيب ڏنل ڪلام ۾، اوهان کي تصوف جا اهي سمورا رنگ ڏسڻ ۾ ايندا. گڏو گڏ پنهنجي رهبر سائين جيئينم سيد جي’پيغام سنڌ‘ جي فلسفي جو روح پڻ منهنجي شاعريءَ ۾ ساهه کڻندي اوهان کي نظر ايندو.
    آءٌ هميشه نواڻ جي تلاش ۾ رهيو آهيان ، ڇو ته آءٌ پَروَرتِيءَ (تقليد) جي خلاف آهيان، منهنجي بي چين روح کي هميشه نَروَرتِيءَ (تخليق) جي ڳولا رهي آهي. انهيءَ ڪري، جڏهن مون سنڌي شاعريءَ جي مطالعي دوران ٽيهه اکريون ڏٺيون ۽ پڙهيون ته مون کي خيال آيو ته اُهي ته عربي زبان جي الفابيٽ موجب لکيون ويون آهن، جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻاونجاهه اکر آهن. اُنهيءَ لاءِ سنڌي ۾ ’ٽيهه اکرين‘ لکڻ بجاءِ ’ٻاونجاهه اکريون‘ لکڻ کپن . انهيءَ خيال اچڻ شرط مون ٻاونجاهه اکريءَ ۾ سُر سسئيءَ جا بيت لکيا. اها ٻاونجاهه اکري، جڏهن مون1979ع ۾ سن ۾ ٿيندڙ شاهه حيدر سنائيءَ جي ميلي دوران
    ’ادبي ڪانفرنس‘ ۾ پڙهي ته مون کي وڏو داد مليو، ۽ خاص طور منهنجي رهبر سائين ’جيئينم سيد‘ منهنجي تمام گهڻي همت افزائي ڪئي ۽ انهيءَ ڏِس ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. انهيءَ کان متاثر ٿي، منهنجي دوست روشن ڪلهوڙي پڻ ٻاونجاهه اکريءَ ۾ هڪ نظم لکيو هو، جيڪو پڻ پسند ڪيو ويو. انهيءَ ڳالهه مون ۾ وڌيڪ اُتساهه پيدا ڪيو. مون انهي چئلينج کي قبوليندي، سسئيءَ بعد سر مارئيءَ ۾ پڻ ٻاونجاهه اکري لکي ۽ انهن ٻنهي ٻاونجاهه اکرين کي’سنڌو حرفيءَ‘ جو نالو ڏنم. منهنجي بزرگ دوست ۽ لاڙ جي محقق، محمد سومار شيخ، منهنجي انهيءَ ڪم کي ساراهيو، ۽ 1980ع ڌاري هن بزرگ ۽ اُتساهيندڙ ماڻهوءَ، لاڙ ادبي سوسائٽي بدين، طرفان ’سنڌو حرفي‘ ڇپائڻ جو واعدو ڪري، مون کان اهو مسودو ورتو ، پر شيخ صاحب جي غربت ۽ بيماريءَ سبب اهو مسودو ڇپجڻ بجاءِ گم ٿي ويو. روشن ڪلهوڙو صاحب به شايد انهيءَ ٻاونجاهه اکريءَ ۾ لکيل نظم کان اڳتي ڪم نه ڪري سگهيو، ۽ جي ڪو وڌيڪ ڪم ڪيائين، ته به اهو منظر عام تي نه آيو، ليڪن منهنجي جاکوڙ جاري رهي، سنڌي ٻوليءَ جي ڪجهه اکرن ’ڃ ، ڙ، ڱ، ڻ، ء‘ سان ڪو به اکر شروع نه ٿي ٿيو، جيڪو عام طور گفتگوءَ ۾ استعمال ٿيندو هجي، جنهن مشڪلات سبب ئي اڳ ۾ سنڌو حرفي نه لکجي سگهي هئي . منهنجي شروعاتي پهرين سنڌو حرفيءَ لکڻ دوران پڻ مون کي انهن اکرن سان شروع ٿيندڙ اکر نه ملي سگهيا هئا ، ۽ نه ئي روشن ڪلهوڙو صاحب اهڙا لفظ ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو . مون پهرين سنڌو حرفيءَ ۾ اسڪولن ۾ پڙهايل استادن طرفان لهجي جو استعمال ڪيو هو، مثال طور هڪ بيت هو ته:
    ’ڙي ماڙي‘ نه محلات، نه وڻي ڀُونءِ ڀنڀورَ جي،
    تن ۾ اهائي تات، پڄان پنهونءَ ڏي پنڌ ڪري.

    يا
    ’ڻي وڻ‘ نه سُجهي واٽَ تي، جت ڪيان مانجهاندو،
    پيو پنهونءَ سان پاندو ، جنهن ڇِڪي آنديس ڇپرين.

    پر حقيقت ۾ آءٌ انهن اکرن سان شروع ٿيندڙ اصلَ لفظن جي تلاش ۾ هئس، منهنجي اطمينان لاءِ پهرين ’سنڌو حرفي‘ ڪافي نه هئي، اهو ئي سبب هو، جو آءٌ اصل لفظن واري سنڌو حرفيءَ جي تلاش ۾ رهيس. مسلسل ڳولا ڪندي، مون کي پياري دوست تاج جويي، ۽ ٻين ماڻهن جي واتان ڪجهه سنڌي ٻوليءَ جا متروڪ ٿيل لفظ ملي ويا، جيئن ’ڃ‘ سان شروع ٿيندڙ لفظ ’ڃُوڃڻ‘ [معنيٰ وَنگ ، ڍَنگ.]، ’ڙ‘ سان شروع ٿيندڙ لفظ ”ڙاڪون“ [معنيٰ درياهه جي پيٽ ۾ پاڻيءَ جي سُڪڻ بعد ٻيٽ ۾ پيل ڦوٽون يا ڏارَ.] ’ڱ‘ اکر سان شروع ٿيندڙ لفظ ڱڱو [معنيٰ ڳاڙهو، ڳڀرو، ڳاڙهو ڳٽول.] ۽ ’ڻ‘ سان شروع ٿيندڙ لفظُ ڻُڻو چڻو [معنيٰ ڪاڙهڻ بعد به نه ڳرندڙ چڻو يا مٽر جو داڻو، سو ٻٽ چڻو] ائين آخرڪار ڳولا جو سفر منزل تي پهتو، ۽ مون 2007 کان باقاعدي ٻاونجاهه اکري [سنڌو حرفيءَ] سنڌي ادبي سنگت ٽنڊي محمدخان جي هفتيوار ادبي گڏجاڻين ۾ پڙهڻ شروع ڪئي ، جتي پڻ سڀ دوست منهنجي اتساهه جو سبب بڻيا . خاص طور علم موسيقي ۽ شاعريءَ جي فن جي ڄاڻو ڀاءُ، رفيق ’آس‘ لغاريءَ جي تنقيدي نظر منهنجي ڪيل ڪم کي بي عيبو بنائڻ ۾ مدد ڪئي . حڪيم يوسف کتري، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، سائين تاج ٽکڙائي، انعام ٽکڙائي ، سارنگ شاهه، عاشق ڳاهي، سومار سنگم ، صالح امير ، قادر بخش ’حاتم‘ مگسي (مرحوم)، عثمان علي زئور ۽ ٻين دوستن جي تنقيد ۽ مشورا، منهنجي هن اهم ڪم کي فني ۽ فڪري طور سگهارو بنائڻ ۾ ڪارگر بڻيا.
    اهڙيءَ ريت 2009ع ۾ مون سنڌو حرفيءَ ۾ ترتيب ڏنل هي ٻاونجاهه اکري- شاعريءَ جو ڪتاب مڪمل ڪري ورتو. ڪتاب مڪمل ڪرڻ بعد مون هن ڪتاب جو مهاڳ لکڻ لاءِ سائين جيئينم سيد جي فڪري شارحَ ۽ مون کي انتهائي ويجهو رهندڙ ۽ بي انتها پيارُ ڏيندڙ، منهنجي اڳواڻ، محترم سائين عبدالواحد آريسر جي چونڊ ڪئي، ڇو ته آريسر صاحب هڪ طرف منهنجي حال ۽ خيال کي سمجهندڙ، مون کي وڌيڪ ويجهو رهندڙ دوست هو، ٻئي طرف هو منهنجي تخليق ’ٻاونجاهه اکري ‘(سنڌو حرفي: جنهن ۾ مون فڪري طور پيغام سنڌ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي)، جو سنڌ ۾ وڏو شارحُ هو. انهيءَ لاءِ مون جڏهن کيس پنهنجي خواهش کان واقف ڪيو، ته هو پنهنجا سمورا ڪم ڇڏي، مون وٽ آيو ۽ لڳاتار ٻه ڏينهن مون وٽ رهي، منهنجي ڪتاب جو مطالعو ڪري، ڀرپور مهاڳ لکي ڏنائين، جيڪا ڳالهه آءٌ پاڻ لاءِ وڏو اعزاز سمجهان ٿو. سندس خواهش هئي ته هي ڪتاب جلد ڇپجي پڙهندڙن تائين پهچي، پر افسوس سندس حياتيءَ وفا نه ڪئي، ۽ ائين نه ٿي سگهيو. سنڌو حرفيءَ جي مڪمل ٿيڻ بعد، مون پنهنجي سموري ٽڙيل پکڙيل شاعري به هن ڪتاب ۾ شامل ڪئي ته جيئن منهنجي سموري شاعري، هڪ هنڌ محفوظ ٿي سگهي. ائين هيءُ ڪتاب منهنجي سموري شاعريءَ جو مڪمل ڪتاب بنجي ويو.
    آءٌ بنيادي طور هميشه ’ڏٺي مان به ڏسجي‘ واري وڏڙن جي سوچ سان اتفاق ڪندي ، هر ڪم کي اطمينان سان پورو ڪري، پوءِ سُک جو ساهه کڻندو آهيان. سنڌي ٻوليءَ جي ٻاونجاهه اکريءَ ۾ هن ڪلام کي مڪمل ڪرڻ ۽ مهاڳ لکرائڻ بعد، منهنجيءَ دل ۾ اهو خيال پيدا ٿيو، ته سنڌي ٻوليءَ جي هن بنيادي ڪم ۾ سمورين غلطين جو ازالو ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ته جيئن هن رستي جا سمورا ڪنڊا دور ٿين ، ۽ منهنجي پويان ايندڙَ، هن رستي جا قافلا پنهنجو سفر بغير ڪنهن مشڪلات جي جاري رکي سگهن. اُنهيءَ لاءِ مون پنهنجي هن ڪم جي تڪميل جي اطمينان لاءِ ، پنهنجي هن ڪم جو سمورو مسودو پنهنجي ’عشق جي سفر جي ٻئي ساٿي‘ ۽ مون کي وڌيڪ ويجهي رهندڙ دوست، تاج جويي جي حوالي ڪيو، جيڪو نه صرف منهنجن سمورين ڳالهين کي چڱيءَ ريت سمجهي ٿو ، پر منهنجي ڪيل پنڌ جو اکين ڏٺو شاهد هئڻ سان گڏ، منهنجي فڪري اڏام ۽ عشق جي پيڙا کي پروڙڻ جي به صلاحيت رکندڙ آهي. مون مٿس اعتماد رکندي، کيس پنهنجي نظر چُڪن ۽ غلطين جي اصلاح جا سمورا حق ڏيندي ، کيس عرض ڪيو ته هن مسودي جي مواد کي چڱيءَ ريت جانچي، اڇو اُجرو ڪري ڏئي، ۽ پنهنجي ڀرپور راءِ پڻ لکي ڏي! پر تاج جويو، جيڪو انتهائي مصروف ۽ گهڻ ڪاريو ماڻهو آهي ، تنهن هن مسودي کي ڪجهه مهينا پاڻ وٽ رکي ڇڏيو. جڏهن به پُڇا ڪريان ته چوي اڃا انتظار ڪر. منهنجي گهڻي تنگ ڪرڻ تي، هن منهنجي فون کڻڻ به ڇڏي ڏني. انهيءَ سموري عرصي ۾ منهنجو انتظار ۽ تاج جويي جي آسرن، اسان کي پاڻ ۾ هڪٻئي کان خفا ۽ پري ڪري ڇڏيو. پر جڏهن مون کي سندس اصلاح ڪيل مسودو واپس مليو ته دل خوش ٿي ويئي. ڇو ته هن مسودي جي هر هڪ لفظ کي انتهائي باريڪ بينيءَ سان ڏٺو هو، ۽ شاعريءَ جي وزن بحر کي به ٺيڪ ڪيو هو. ايتري دلچسپي شايد ئي منهنجو ڪو ٻيو دوست يا ٻيو ڪو سنڌي ٻوليءَ جو ڄاڻو وٺي سگهي ها. مسودي ملڻ بعد مون کي پنهنجي تڪڙ ۽ بيزاريءَ تي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ اسان جي دوستي ۽ پيار هڪ ڀيرو وري نئين ’نرواڻ‘ حاصل ڪري ورتي. تاج صاحب، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو عاشق هئڻ سان گڏ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ نوڪريءَ دوران سالن جي تجربي جي بنياد تي سنڌي ٻوليءَ جي باريڪ نقطن کي جانچڻ ۾ مهارت رکي ٿو، تنهن پيار جي پورهيي سان، منهنجيءَ هن تخليق کي بي عيبو بنائي، مستند هئڻ جو سونو نڪ وڌو. انهيءَ ڪري هن ڪتاب کي پڙهندڙن لاءَ پيش ڪندي، منهنجو ڳاٽ فخر مان اوچو آهي
    منهنجي پياري نوجوان ساٿي، اعظم ڀٽيءَ، منهنجي زندگيءَ جو مختصر خاڪو پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ لکي ورتو. سندس خلوص ۽ محبتون، مون سان هر وقت گڏ رهيون آهن. هن نوجوان، مون سان واعدو ڪيو آهي ته منهنجي عشق جي سفر جي پوئواري ڪندي، منهنجي رهيل ڪم کي پورو ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهندو، شال! سندس واعدو ۽ جيجل سنڌ جو عشق لانجهو ٿي قوم وٽ مياري نه ٿئي! ساڳي طرح آئون پنهنجي دوستن ڊاڪٽر عزيز ٽالپر ۽ جعفر ميمڻ جو پڻ ٿوارائتو آهيان . جن هن ڪتاب جي باري ۾ ۽ منهنجي باري ۾ پنهنجا رايا لکي هن ڪتاب جي سونهن ۾ اضافو ڪيو .
    هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ دوران پياري دوست عارف قريشي صاحب جا وڏا وڙ، جنهن رات ڏينهن جنون جي حد تائين سچائيءَ سان ساٿ ڏنو. سندس ساٿ کان سواءِ غلطين کان صاف ڪمپوزنگ ۾ مشڪلاتون پيش اچن ها. عارف قريشي صاحب جي مون سان محبت جو اندازو مون کي ان ڏينهن ٿيو، جڏهن هن ڪمپوز ڪيل سڄي ڪتاب جي پرنٽ پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري عاليشان جلد بندي ڪري مون کي گهر پهچائي، جيئن آءٌ پنهنجي تخليق کي ڇپجڻ کان اڳ ۾ ڏسي نظرثاني ڪري سگهان. آءٌ تاج صاحب جي آفيس جي ڪارڪن، محترم راز محمد لغاريءَ جو به ٿورائتو آهيان، جنهن شام جو گهر ۾ ويهي هن ڪتاب جي لاجواب سيٽنگ ڪئي ۽ لي آئوٽ تيار ڪيو.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل پهرين ٻاونجاهه اکريءَ ’سنڌو حرفيءَ‘ جي تڪميل سان، جتي مون کي روحاني سڪون مليو، اتي اها چنتا پڻ رهي ته، هي ڪتاب جلد ڇپجي پڌرو ٿئي، ڇو ته هن ضخيم ڪتاب جي ڇپائڻ جي پُڄت مون ۾ نه هئي. انهيءَ انتظار ۾ وقت گذرندو ويو. هڪ ڏينهن مون کي منهنجي پياري دوست جعفر ميمڻ مشورو ڏنو، ته توهان پنهنجي ٻاونجاهه اکريءَ کي ’ريڊيو وائس آف سنڌ، لنڊن‘ تان پيش ڪريو، جنهن ڳالهه تي منهنجي رضامنديءَ کي ڏسندي، هن ريڊيو وائس آف سنڌ، لنڊن جي سرواڻ محترم امداد علي اوڍي سان اهڙي ڳالهه ڪئي. محترم امداد علي اوڍو صاحب، جنهن پنهنجي سموري ڄمار، سنڌ جي عشق جي اڀن ڪاون مٿان هلندي گذاري آهي، تنهن منهنجي ’ٻاونجاهه اکري‘ باقاعدگيءَ سان نشر ڪرڻ جي خوشيءَ سان حامي ڀري. اهڙيءَ ريت ريڊيو وائس آف سنڌ، لنڊن تان هفتيوار هر جمعي ڏينهن تي سنڌو حرفيءَ جا پروگرام نشر ٿيڻ لڳا. پوريءَ دنيا ۾ سنڌ جي عاشقن جي طرفان منهنجي ٻاونجاهه اکريءَ کي وڏي مڃتا ملي ، جيڪا ڳالهه آءٌ نه صرف پنهنجي لاءِ، پر سموري سنڌي قوم لاءِ فخر جو باعث سمجهان ٿو.
    ڪتاب جي مڪمل ٿيڻ جي خبر ملندي ئي منهنجي پياري دوست، فقير غلام قادر ڪيريي صاحب، ’مهراڻ ادبي سٿ سنڌ‘، پاران هن ڪتاب ڇپائڻ جي حامي ڀري. پر ٻئي طرف، سنڌ جي ضمير جي عالمي ترجمان اداري ’ريڊيو وائس آف سنڌ، لنڊن‘ جي سربراهه ڀاءُ امداد علي اوڍي ۽ پوريءَ دنيا ۾ سنڌيت جي پرچار ڪندڙ سنڌين جي بين الاقوامي تنظيم ’ورلڊ سنڌي ڪانگريس‘ طرفان ڀاءُ هدايت ڀُٽي صاحب، هن ڪتاب کي ڇپائي منظر عام تي آڻڻ لاءِ گڏيل طور مون سان رابطو ڪيو ۽ گڏوگڏ منهنجي ذاتي نگرانيءَ ۾ ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪرڻ جي ذميواري پڻ مون تي رکي سندن مقصد هو ته هر لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ جي ٻاونجاهه اکريءَ ۾ پهريون ڀيرو ترتيب ڏنل هيءُ ڪلام، سنڌوحرفي، ڇنڊجي ڦوڪجي، بي عيب ٿي، منهنجي هٿان منظرعام تي اچي ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي ٻاونجاهه اکريءَ ۽ سنڌي تصوف جي ’پيغام سنڌ‘ جي ڦهلاءَ لاءِ، آئنده ڪم ڪندڙ شاعرن جي همت افزائي ٿئي. ريڊيو وائس آف سنڌ لنڊن ۽ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي اهڙي عاشقانه رندي جذبي مون کي مجبور ڪيو ته پياري غلام قادر ڪيريي صاحب کان معذرت ڪندي، هيءُ ڪتاب مٿين ادارن جي مالي مدد سان پنهنجي نگرانيءَ ۾ ڇپائي پڌرو ڪريان . گڏوگڏ مٿين ادارن جي اهڙي بي لوث جذبي ۽ سنڌ سان فنائيت واري عشق جي جذبي ۽ مون فقير تي اعتمادَ، منهنجي همت افزائي، ۽ سندن محبت کي آءٌ نه صرف پنهنجي لاءِ اعزاز ٿو سمجهان، پر انهن جلاوطن ٿيل حلالي سنڌي ٻچڙن [جن پنهنجي وات جي گرهه مان ڪجهه رقم ڪڍي، سنڌ جي عشق جي سفر جي راهه ۾ پنهنجي عشق جا اڻمٽ نشان ڇڏيا آهن.] جي هن قدم کي سنڌ جي تاريخ ڪڏهن به وساري نه سگهندي ۽ اهڙو اعزاز سندن نصيب ۾ اچڻ، سندن سڀاڳ جو پڻ اهڃاڻ آهي . مون فيصلي ڪرڻ وقت اهو سوچيو ته هڪ طرف دوست غلام قادر ڪيريو صاحب آهي، جيڪو اڪيلي سر هيءَ بار کڻي، جيجل سنڌ جي ٿڃ ملهائڻ لاءِ بي چين آهي، ته ٻئي طرف سنڌ جا جلاوطن ٿيل حلالي ٻچڙا، جيڪي پنهنجي سنڌ سان سچي عشق جو ثبوت ڏيڻ ٿا چاهين، جن جي خلوص کي سلام ڪندي، مون هائوڪار ڪري ڇڏي. دوست غلام قادر ڪيريي صاحب به منهنجي انهيءَ فيصلي کي خوشيءَ سان قبولي، جلاوطن ڀائرن جي عشق کي سلام ڪيو. ائين مون کي هن ڪتاب کي توهان تائين پهچائڻ جو سهارو ملي ويو .
    ڪتاب جي ڇپجڻ جي تياريءَ جي مرحلي دوران، سنڌ جي هڪ بزرگ مصور محترم عبدالرّسول عباسيءَ، انتهائي پيار سان پنهنجو تخليقي نُور نِچوئي، ڪتاب جو شاندار ٽائيٽل مفت ۾ ٺاهي ڏنو، ۽ سنڌ جي عاشقن جي لسٽ ۾ پنهنجو نالو لکائڻ ۾ سوڀارو ٿيو. منهنجي هن عشق جي سفر جي ’رنڍا روڙ‘ ڪيئن ٿي لڳي، انهيءَ جو پتو ته اڳتي پوندو . شال! هي ڪائو ڪچ، صرافن وٽ اگهامي قبول پوي!

    مشڪورڦلڪارو
    10 مارچ 2016ع
    03322058701 --- 03473222554.
    mashkoor.phalkaro@gmail.com


    سنڌو حرفي ( ٻاونجاهه اکري)

    الف

    بيت

    اوّل آخر الله، خالق ساري خلق جو،
    وجهي جنهن پساهه، مَرڪايو مٽيءَ کي.

    اوّل آخر الله، ساڻي آهي سچَ جو،
    مڃي هيءَ صلاح، پاسو ڪجانءِ ڪوڙ کان.

    اوّل آخر صلاح، منهنجي تو کي مڱڻا!
    صدائون درِ الله، هڻ ته حاجت ماڻئين.

    اوّل آخر آهه، جيئڻ، مرڻ سنڌ سان،
    پنهنجو آهه پساهه، موهن جي مٽيءَ ۾.

    اوّل آخر سنڌ، پنهنجو اجهو، آسرو،
    متان ٻئي هنڌ، وڃڻ جي وائي ڪرين.

    اوّل آخر هاڻ، جيئڻ، مرڻ سنڌ سان،
    پنهنجي آهه سُڃاڻ، موهن جي مٽيءَ ۾.

    اوّل آخر سَت، آهي ئي سچ سنڌ جو،
    سدا وڃائي مت، پيروِي پرڏيهَه جي.

    اوّل آخر هٿَ، آهن پارس ماڻهوءَ لئه ،
    بنا پورهئي ڪَٿَ، ڪڏهن ڪجي ڪينڪي.

    اوّل آخر جيئن، ڳنڍ يل آهن پاڻَ ۾،
    توسان ايئين نينهن، شال رهي گڏ ساهَه سان.

    اوّل آخر مشڪور، سدا ٿجان سنڌ جو،
    پوندئي چمڪي نُور، ماڻهوءَ جي ماڻهپي جو.

    *

    ڪافيون

    (1)

    اوّل آخر تون ئي تون، مهر مٿان ڪر مالڪ مون!
    غــــــــرق گنــــــــــاهـــــــــن ۾ ته ســـــــدائيـــن،
    آءٌ ته اگلڙي تنهنجي آهيان!

    ســنئـــين دڳ لائـــيـــــن تــــــون ئـــــــــي ســــــائـــــيــــــن.
    تون ئي ڏئين ٿو ، تـــــون ئي لاهيــن، ڏنجهه ڏولاوا ڏينهن ٻه ڏُون،
    آءٌ ته اگلڙي تنهنجي آهيان!

    ساڃهه ڏي ڪا سچ ڳالهايان، ڌرتيءَ ماءُ جا ٿورا لاهيان،
    لايان جيڪو، نينهن نڀايان، جيسين آهن هڏ ۽ پُون:
    آءٌ ته اگلڙي تنهنجي آهيان!

    محبت ۽ ايمانُ به ڏي تون، مون کي عشق مهانُ به ڏي تون،
    عزت، دولت، مانُ به ڏي تون، شاهي پنهنجي شان وَٽئُون!
    آءٌ ته اگلڙي تنهنجي آهيان!

    مشڪور جو آن تون ئي مالڪ، تون ئي ڏاتر، تون ئي خالق،
    سڪ سچي سان ڪر تون سالڪ، تون ئي صاحبِ ڪن و فيڪُون!
    آءٌ ته اگلڙي تنهنجي آهيان!


    (2)

    اسان عشق وارن تي الزام ساڳيا،
    وڏي ڳالهه آهي جو انعام ساڳيا!

    پرينءَ ساڻ محبت ڪرڻ لاءِ آتيون،
    ٻڌن پيون وفائون ته احرام ساڳيا.

    عشاقن جي رت تي سدا پيار پليو،
    سڄڻ جي چپن تي آهن جام ساڳيا.

    هئڻ جو ئي احساس، غم پيو پکيڙي،
    صدين کان مئخاني جا الهام ساڳيا!

    اميدون پيون ڪن ٿيون جيون جو پيڇو،
    پيون ڪن مايوسيون قتل عام ساڳيا.

    اڀريو سج مشڪور! تڪين ڇو ٿو اولهه،
    صبح جون صدائون ۽ پيغام ساڳيا.


    (3)

    اڙي مانجهي! اٿو هاڻي، وجهون هن ڏاڍ کي ڏاري،
    کُٽايون رات هي ڪاري، ڏيئا سچ جا وڃون ٻاري.

    هتي هاڻُن سندا هاڃا، ڪيڏي آ هِيسَ هيڻن تي،
    ڏڪايون ڏاڍُ، ڏوٿيئڙا، ڇڏيون سارا مرون ماري!

    پٽي واڇون وَريا واڳون، ڪَلاچي ڪُنُ وري خوني
    ٿيون سڀ مورڙا مارُو، هلون هاڃي تي هاڪاري!

    جبل جيڏا جبر ٿين پيا، سدائين لاءِ جهانگين تي،
    کڻو فرهادَ جيئن تيشو، ’سنڌو شيرين‘ کي ساري!

    وري ڌرتيءَ مٿي ڌوتا، لُٽين پيا سُونهَن جيجل جي،
    اُٿو جلدي، وڌون اڳتي، وڃون جيجل کي جيئاري!

    سدا مشڪور مارن کي، سجاڳيءَ جا ڪري سڏڙا،
    ٻُڌي سَڏ کي ته ورنايو، لڳون سچ، عشق جي لاري.


    (4)

    اچين هن عيد تي جيڪر، اچڻ سان ٿي وڃي وهه وا!
    تنهنجي هڪ جهلڪ کي جاني، ڏسڻ سان ٿي وڃي وهه وا!

    تنهنجي چپڙن جي مکڙيءَ لئه، سو ين پوپٽ پيا تڙپن،
    پيارين سُرڪ جي هڪڙي، پيئڻ سان ٿي وڃي وهه وا!

    اُتر جي واءُ وڌائي پئي، هنيين ۾ ياد تنهنجيءَ کي،
    اڪيلائي، جي ٽوڙين تون، ملڻ سان ٿي وڃي وهه وا!

    هي گلڙن جي اکين جا ڏس، اگهي پئي لڙڪ چانڊوڪي،
    منهنجا ڳوڙها اُگهين جي تون، اگهڻ سان ٿي وڃي وهه و!

    ڏکيون هن عشق جون راهون، پِٿون ٿيا پير منهنجا ڏس!
    هٿن ۾ هٿ ڏئين جي تون، هلڻ سان ٿي وڃي وهه وا!

    تنهنجي مشڪور کي ساجن! پيو اڄ لوڪ ڏي مهڻا،
    ملين هي پيار جي بازي ، کٽڻ سان ٿي وڃي وهه وا !

    (5)

    آءَ ته پيارل پاڻ ۾ پرچون،
    نينهن ڪريون نروار، او شل جيوين!

    ڇڏ خيال اجايا خام پرين، ڏس اجڙيل سڀ نيکام پرين!
    ڏي جام ڀري تون جام پرين ، ٿيون مستو مست مدام پرين!
    دل جو ٿي دلدار، او شل جيو ين!

    ڏس ڏوهه نه هاڻ گناهه مٺا، آءُ تون مون وٽ آءُ مٺا،
    نه چاهه جا ڏي تون گهاءَ مٺا، ٿي وڃي واهه واهه مٺا،
    ساجن لهه ڪا سار، او شل جيوين!

    هي لوڪ سڄو منهن موڪ سڄڻ، تون راهن کي ته نه روڪ سڄڻ،
    هڪ مون کي تون ته نه ٽوڪ سڄڻ، ڏس جيءَ ۾ تنهنجي جهوڪ سڄڻ،
    ڏي مهڻن جي ته نه مار، او شل جيوين!

    نيڻ تنهنجا ڄڻ مڌ جا پيالا، دلبر پاتئي ٻيو دو شالا،
    مشڪور جا ڏس حال اٻالا، راڻل تنهنجا روح رجالا،
    سڀ مون تي آهه ميار، او شل جيوين!

    ڀڄن

    امن جي چمن جو مان گلزار آهيان،
    مان آدم ٿي آيس، رڳو پيار آهيان.

    اڃايل اکين ۾ لنئون جي لاٽ ٻاريان،
    ۽ خاموش چپن تي پيو گيت سنواريان،
    مان ڪنهن جي ته دل جي ٽٽل تار آهيان،

    مان مينديءَ بڻجي ڪهين جي هٿن جي،
    مان ڇمڪان بڻجي ڇير ڪنهن جي پيرن جي،
    مان ڪنهن جي اکين جو ڪو انتظار آهيان.

    ڪنهن جي ڳچيءَ ۾ گل ٿي ٿو سُونهان،
    ڳاڙهن ڳلن تي مان تل ٿي ٿو سُونهان،
    مان ڪنهن جي خزائن جي بهار آهيان.

    ماءُ جي ٻوليءَ ۾ مان لولي ڏيان ٿو،
    ٻالڪ کي جيجل جي جهولي ڏيان ٿو،
    واڍوڙين جي دل جو ٿيو ويچار آهيان.

    مان مشڪور سونهن جي ڳچيءَ جو ٿي ڳانو،
    ستل هر سانگيءَ کي ڪيان ڌرتي ديوانو،
    مان آزاديءَ جي اڻتڻ جو اظهار آهيان.


    ب

    بم ۽ بارود کان، آهه سگهاري ڏات،
    سدائين حيات، مات ڏني آ موتَ کي.

    بم ۽ بارود آ، سدا چيڀاٽي ڏات
    سدائين ممات، ويري آهه وجودَ جي.

    بارود ۽ بم، ڏيندا ناهن آجپو،
    عقل، مت، فهم، ٽيئي سڙن جنگ ۾.

    بارود ۽ ائٽم سان، ٿيندي مست ممات،
    ڇا لئه اڄ حيات، ويري آهه وجود جي.

    بارود ۽ ائٽم کان، سَگهو آهه شعور،
    علم سندو نُور، مَرڪائي ماڻهپي کي.

    بارود جي ڍير مٿان، ويٺو آ آدم،
    ڇو وڃايو فهم، ماڻهوءَ سندي ماڻهپي.

    بارود ۽ بم سان، نه ڌرتيءَ ڪر تباهه،
    انڌپ جي اونداهه، وڃائيندئي وجودَ کي.

    بم بندوقون بڻڇيون، ائٽم ۽ تلوار،
    ڪر سڀيئي هٿيار، تابع سُرت ۽ سوچ جي.

    بم ٻڌي پيٽَ سان، مارين پيو انسانُ،
    وڃائي ايمانُ، ڳالهيون ڪرين دين جون.

    بم ٻڌي پيٽ سان، مارين پنهنجو پاڻ،
    وڃائي سڃاڻ ، ٿو ڳالهيون ڪرين دين جون
    *

    ڪافي

    بم تي ويهي آڱر چوسي، جهڙو ٻار ابهم الو ميان!
    الڪوناهي غم الو ميان، اڄ جو ڏس آدم الو ميان!

    نان مهانگا، گوليون سستيون، ڀينگ اُجاڙيون ساريون بستيون،
    ماڻهوءَ من ۾ پوءِ به مستيون، ناهي سُرت فهم، الو ميان!
    اڄ جو ڏس آدم ، الو ميان!

    ڀونگيون ساڙيون بک بيماري، ناري ماري ڪالهه به ڪاري،
    ڀڻڪو ناهي چُپ چوڌاري، د م ۾ ناهي د م، الو ميان!
    اڄ جو ڏس آد م، الوميان!

    سِڪن تي پـئي سُونهَن وڪامي، ماءُ هِنيون پيو کاميو کامي.
    من ۾ ماٺ ڪيئن پئي مامي، ماڙيون سُوئر ٿَم، الوميان!
    اڄ جو ڏس آدم، الو ميان!

    سچ چڙهي پيو ڦٿڪي ڦاهي، رحم ذرو ڪو رتيءَ ناهي،
    ماڻهو ماڻهوءَ کي پيو کائي، دوکي جي آ ڌُ م، الوميان،
    اڄ جو ڏس آدم ، الو ميان!

    مشڪور هڪڙو ماڻهو آهي، ستل ساڃاهه پيو جاڳائي،
    ماڻهپ جو پيو من وڌائي، جاڳي ڌرتيءَ ڌرم، الوميان.
    اڄ جو ڏس آدم ، الوميان!


    ٻ

    ٻاريو ڏيئا علم جا، ٽوڙيو چُپ چُپات،
    ماٺ جي ممات، تڙي ڪڍون سنڌ مان.

    ٻاريو ڏيئا علمَ جا، ڀڄايون اونداهه،
    جِهلُ منجهائي ساهه، اصل کان آدميءَ جو.

    ٻاريو ڏيئا علمَ جا، چمڪِي پئي چانڊاڻ،
    ماٺ سندو مانڊاڻ، ٽٽي ساري ڏيهَه تان.

    ٻاريو ڏيئا علمَ جا، اُڀرِي پوي سجُ،
    ٻيائيءَ جو ٻجُ، ڪڏهن ڦُٽي ڪينڪي.

    ٻاريو ڏيئا علمَ جا، جرڪي پئي حيات،
    انساني عادات، نُور سان نروار ٿئي.

    ٻاريو ڏيئا علمَ جا، سَگهو ٿئي ضمير،
    انساني خمير، مَرڪِي ماڻي ماڻهپو.

    ٻاريو ڏيئا علمَ جا، ته تڙيون جهالت،
    بدلجي حالت، پنهنجي سنڌي قومَ جي.

    ٻاريو ڏيئا علمَ جا، سِرڄي ڪا ساڃاهه،
    وڃي ٿِي وهه واهه، سنڌڙي لئه سنسار ۾ .

    ٻاريو ڏيئا علمَ جا، سَگهو ٿئي ڪو سچُ،
    ڪوڙ، ڪُپت، ڪچ، نڪري ساريءَ سنڌ مان .

    ٻاريو ڏيئا علمَ جا، پيدا ٿئي شعور،
    ماٺ جو مشڪور، ٽري ڏولائو ڏيهَه تان.
    *

    وائي

    ٻهڪي ٻاٻاڻن جي ٻولي، راضي ٿئي شل ڏات، الو ميان.
    نيٺ کٽي هيءَ رات الو ميان!

    ستل ساري سُونهَن اُٿي پئي، جاڳي پئي جذبات، الو ميان.
    ٽٽي ماٺ مما ت الو ميان!
    نيٺ کٽي هيءَ رات الو ميان!

    لالچ جو ڪو سپ نه سونگهي، انساني ته حيات، الو ميان.
    مات نه ڏي ڪا مات، الو ميان!
    نيٺ کٽي هيءَ رات الو ميان!

    جذ با جاڳن، سوچون جاڳن، ٽُٽي سڀ مصلحات ،الو ميان!
    جهوري ڏي ڪا جهات الو ميان!
    نيٺ کٽي هيءَ رات الو ميان!

    پيار جي ڪُک ۾ ڪوئي نه هاڻي، ڪوڙ هڻي ڪو ڪاتُ، الو ميان.
    جاڳي پنهنجو ساٿ الو ميان!
    نيٺ کٽي هيءَ رات الو ميان!


    ڀ

    ڀرم رکجانءِ ڀانَ، موهن جي مٽيءَ جو،
    ڌرتيءَ جو ايمان، اڃا به آهي سنڌ ۾.

    ڀري ڀان وڄاءِ، ڪڍ ڪو پنهنجو ڪينرو،
    سنڌوءَ جو سوداء، جاڳي پوي ڪو ڏيهه ۾.

    ڀري وڄاءِ ڀان، ڪڍ پنهنجو ڪينرو،
    اندر جو انسان، جاڳي پنهنجيءَ سنڌ ۾.

    ڀري تند کي ڇِڪ، ڪڍي پنهنجو ڪينرو،
    هاڻي ڪهڙي لِڪ، ساهه سنڌوءَ جو مُٺ ۾.

    ڀري ڀيرو ڳاءِ، ڪڍي پنهنجو ڪينرو،
    ڌرتيءَ پنهنجي ماءُ، سينگاريون سُرن سان.

    ڀري ڳاءِ ڀيرو، اُٿي اسر ويل جو،
    ساجهر سويرو، صدا هڻ تون سِر جِي.

    ڀيرو اسر ويل جو، چارڻ تون جهونگار،
    ته لاهي سِر ڏاتار، اچِي تو ادا ڪري.

    ڀيرو ڳائي ڀَرم، رک پنهنجي ڏات جو،
    مَهلائِتو مَرهم، مَک ته مانائِتو ٿِئين!

    ڀيرو راڳ صدا، اصل مڱڻهار جي،
    ڏِياچ سِر ادا، ڪندو اِنهي سُر تي.

    ڀري ڀيرو راڳ، اُٿِي ڳاءِ اسر جو،
    سُتل ڪر سُجاڳ، مهلائتا مشڪور تون.•
    *

    وائي

    ڀيرو ڳائج ڀانَ سنڌوءَ جا، اٿي ويلَ اسُور،
    تون ڇڏ تڻڪي تند طنبور!

    جيسين ساري جوءِ نه جاڳي ، ماٺ ڪجان نه مُور،
    تون ڇڏ تڻڪي تند طنبور!

    سَئن سان تون بي چين ڪري ڇڏ، پنهنجو سارو تُور،
    تون ڇڏ تڻڪي تند طنبور!

    سُر سان اهڙو مرهم مکِ تون، ڇُٽن سڀ ناسور،
    تون ڇڏ تڻڪي تند طنبور!

    آزاديءَ جي آس کڻي سڀ ، اُٿن جوان ۽ جُهور ،
    تون ڇڏ تڻڪي ند طنبور!

    ڀونء جا ماڻهو ڀيڙا ڪر تون، محبت سان مشڪور،
    تون ڇڏ تڻڪي تند طنبور!


    ت

    تڻڪي تند وڄاءِ، جاڳن ڏياچَ ڏيهه جا،
    ٻيهر وري ڳاءِ، ڀيرو سُر هِن ڀُونءِ تي.

    تڻڪي تندون ڇِڪ، ڪڍي تون ڪُماچ جون،
    ته وري سارا هِڪ، ٿين ڏياچ ڏيهه جا.

    تندن تڻڪَ ڏيئي، سُرندي کي اڄ سورِ تون،
    ته سورٺون سڀيئي، گهورين ڏياچَ ڏيهه تان.

    تڻڪي وڄاءَ تند، ڪڍ تون يارَ ڪُماچ کي.
    مهڪي ڪا سڳنڌ، سچائيءَ جي سنڌ ۾.

    تڻڪ تندون ڪُماچ جون، سُر نه ڪر لانجهو،
    سنڌوءَ جر ڪانجهو، ڪڏهن ٿيو ڪينڪي!

    تڻڪِي تندون سور، سُر وِکيڙج سنڌ ۾،
    ته ٿيئي سِرن گهورَ، مَهلائتي مڱڻا!

    تڻڪي تند ڪماچ جي، چارڻ چورج چنگ،
    ڌرتيءَ سندا دنگ، واپس آهن وٺڻا.

    تڻڪ تند ڪُماچ جي، آهي ماٺ ممات،
    ظاهر ڪر تون ذات، سمجهي معنيٰ من جي.

    تڻڪ تند ڪُماچ جي، سُرن ڪر سجود،
    زنده رک وجود، مـڱڻا! تون تاريخَ ۾.

    تڻڪي تند ڪُماچ جي، پکيڙي وڃ نُور،
    سدائين مشڪور، جيئرو رک وجودَ کي.
    *

    وايون

    [1]

    تڻڪي تند وڄا.ءِ تون، اٿ روحن کي گرماءِ!
    ڳاءِ وري تون ڳاءِ او چارڻ، ڀيرو سُر هن ڀونءِ تي.

    لالچ ۽ سڀ لوڀ ڇڏي هاجت هٿ هلاء! پنهنجو پنڌ کٽاءَ!
    ڳاءِ وري تون ڳاءِ او چارڻ، ڀيرو سُر هن ڀونءِ تي.

    ڀيڙا ڪر تون ڀاءُ سڀيئي پنهنجن کي پرچاءِ! ناتو نينهن نڀاءِ!
    ڳاءِ وري تون ڳاءِ او چارڻ، ڀيرو سُر هن ڀونء تي.

    اٿي عاشق آر ڪري تون سونهن مڙيئي سرچاءِ، ساڻ کڻي ساڃاءِ!
    ڳاءِ وري تون ڳاءِ او چارڻ، ڀيرو سُر هن ڀونء تي.

    سنڌوءَ ماتا جي مشڪور مَرڪي ٿڃ ملهاءِ، ڳڻ امڙ جا ڳاءِ!
    ڳاءِ وري تون ڳاءِ او چارڻ، ڀيرو سُر هن ڀونء تي.


    [2]

    تو سان منهن جو چاهُه جڳن کان، تو ۾ آهي ساهه، الاڙي!
    ٽوڙ نه تون ويساهه!

    ڪارونجهر تي مورَ ٽُهوڪن، يادن جو پڙلاءُ، الاڙي!
    ٽوڙ نه تون ويساهه!

    لوڪ جي مهڻن جا من تي، آهن گهرا گهاءَ، الاڙي!
    ٽوڙ نه تون ويساهه!
    ڇا لئه پيو ٿو ڏُور گذارين، پيارل ڪر پرچاءَ، الاڙي!
    ٽوڙ نه تون ويساهه!

    رقيبن سان شرطي ويٺس، آءُ ته کٽيون داءُ، الاڙي!
    ٽوڙ نه تون ويساهه!

    مشڪور جي هن بنجر دل تي، بوندون ڪي برساءِ ، الاڙي!
    ٽوڙ نه تون ويساهه!


    ٿ

    ٿر ٿي ويندي سنڌڙي، سُڪو جي مِهراڻ،
    مون سان تون ڪا هاڻ، ڳالهه نه ڪر ڪا ڊئم جي.

    ٿر ٿي ويندي سنڌڙي، نه اڏجانءِ ڪارو ڊيم،
    کيڏ نه سياسِي گيم، سنڌوءَ کي سُڪائڻ لئه.

    ٿر ٿي ويندي سنڌڙي، نه اڏجانءِ ٻيو ڪو ڊئم،
    اهڙي سياسي گيم، گهُٽي ساهُه سنڌوءَ جو.

    ٿر نه ڪر تون سنڌڙي، ٿيندي رتوڇاڻ،
    وڏي جنگ جنگاڻ، پنهنجي ٿيندي پاڻيءَ تي.

    ٿر نه ڪر تون سنڌڙي، گهُٽِ نه سنڌوءَ ساهه،
    پاڻي منجهه پساهَه، آهي سارِيءَ سُونهن جو.

    ٿر ڪرين ٿو سنڌڙِي، ڪارڻ ڪُرسيءَ ڀاءُ،
    وِڪڻِين پيو ويسَاهه، رڳو پنهنجي پيٽ لئه.

    ٿر نه ڪر تون سنڌڙي، سنڌوءَ ڪر نه سوڪ،
    ٿيندو جهيڙو _ جهوڪ، پنهنجو هاڻ پاڻيءَ تي.

    ٿر، بر جهڙي سنڌ، جي ڀانئين ته نه ٿئي،
    آجي ڪر تون جند، ڊئمن مان سنڌوءَ جي.

    ٿر، بر جهڙي سنڌ، ڀانئين نه ٿئي مُور،
    کڻي تون چنجُور، سارا ڊاهي ڊئم ڇڏ.

    ٿر، بر جهڙي سنڌڙي، شال! نه ٿئي هاڻ،
    مشڪور چئي مهراڻ، وهي سدا موج سان.
    *

    وائي

    ٿر ساري هيءَ سنڌڙي ٿيندي سُڪو جي درياههُ،
    اُٿو ڙي! پاڻي منجهه پساهه!

    ڊئم کي ٺاهي هو ته گهُٽن پيا سنڌوء ماءُ جو ساهه،
    اُٿو ڙي! پاڻي منجهه پساهه!

    ماٺو شل نه ماڻهن مان ٿئي آزاديءَ اُتساهه،
    ٿُو ڙي! پاڻي منجهه پساهه!

    پاڻيءَ تي به پاڻي ٿيندو، ٿيندي جنگ جنگاهه،
    اُٿو ڙي! پاڻي منجهه پساهه!

    مشڪور! تنهنجي گيتن ۾ آ، ڌرتيء جو ويساهه،
    اُٿو ڙي! پاڻي منجهه پساهه!

    ڪافي

    ٿر جي ڀٽن تي، هي اُٺي جون هوائون
    ملهارون پيون مُرڪن، چِٽي ڪي ادائون.

    پٽن تي پلر خوب پالوٽ ڪئي آ.
    گهُري عشق پيو ٿو، حُسن لئه دعائون.

    کڻي ڪڇ تي موکيون، گهمن مَٽَ مڌ جا،
    ڳڱاٽيون متارن جون پياسي نگاهون.

    وڄاءِ! چنگ چارڻ، ڏياچن جي ڏيهَه ۾،
    هڻي وٺ، هڻي وٺ، سِرن جون صدائون.

    وري عشق ارڏي، ڇِنا بَند پِيريءَ،
    صبح جي هوا جيان، حسن جون هَلائُون.

    ڪري لڪ لڪوٽي، ڪڪر چنڊ سان پيو،
    پرينءَ وار ڇنڊيا، ۽ مَهڪيون فضائون.

    پرينءَ کي اڙي يار مشڪور! پوڄج،
    جيسين جاڙ جوڀن ڪري ڪي جفائون.


    ٽ

    ٽمڪن ڏيئا ڏاتَ جا، جرڪي پئي جُوءِ،
    هرڪو ڏسي رُوءِ، سچائي ۽ سُونهَن جي.

    ٽمڪن ڏيئا ڏاتَ جا، جرڪي پئي رات،
    ماٺ جي ممات، ٽري شال سنڌ مان.

    ٽمڪن ڏيئا ڏاتَ جا، مِڙن شال پتنگ،
    ڌرتيءَ سندا دنگ، ويرين کان آجا ڪريون.

    ٽمڪن ڏيئا ڏاتَ جا، تڙي ڪڍون رات،
    ماٺ جي ممات، زنگي پئي ضميرَ کي.

    ٽمڪن ڏيئا ڏاتَ جا، مچي هر مِياڻي،
    سدا سنڌ راڻي، پائي وڳا پَٽَ جا.

    ٽمڪن ڏيئا ڏاتَ جا، ڀونءِ جا کُلن ڀاڳ،
    وري ماڻي ماڳ، ماڻهوءَ سندو ماڻهپو.

    ٽمڪن ڏيئا ڏاتَ جا، جاڳيء پئي ڪا جاڳ،
    لهي ڏُرت ڏُهاڳ، مُرڪون موٽن سنڌ جون.

    ٽمڪن ڏيئا ڏاتَ جا، اچي سُرت، فهم،
    آهي سڀ کان اهم، ماڻهو سندو ماڻهپو.

    ٽمڪن ڏيئا ڏات جا، سنڌ ٿئي سونَ،
    ڪڏهن ٻُڌجي ڪونه، ڏولائو هن ڏيهه ۾.

    ٽمڪن ڏيئا ڏات جا، اچي عِلم، شعُور،
    موٽن شل مشڪور، مُرڪون منهنجيءَ سنڌ جون.
    *

    وائي

    ٽم ٽم ٽمڪي لاٽ اڃا، ناهي ٿي پرڀات اڃا!
    اٿو ته مچ مچايون يار!

    وِهائُو تارو اُڀريو ناهي، آهي ٿي اڌ رات اڃا!
    اٿو ته مچ مچايون يار!

    يار جون يادون ڇيڙڻ جي لئه، نه ڪڻڇيءَ ٻولي لات اڃا!
    اٿو ته مچ مچايون يار!

    ڀاڪر منجهه ڀري نه پيارل، پوري ڪئي آ بات اڃا!
    اٿو ته مچ مچايون يار!

    پيار جي ويري، ماري ماڻهن، کاڌي ناهي مات اڃا!
    اٿو ته مچ مچايون يار!

    جاڳي پيو مشڪور پڪاري، يار اچي من رات اڃا!
    اٿو ته مچ مچايون يار!


    ڪافي

    ٽٽل تارون اڻڀا گيت،
    جذبا پنهنجا پوءِ به اجيت.

    عشق ڀلي ڪري آئين تون،
    دل جا ڇيڙيئي سُرسنگيت!

    واهه جي چارڻ! نِنڊ ڦِٽايئي،
    جاڳ جي ٿيندي آهي جِيت.

    جيون سارو جهورِي آهي،
    جيئڻ زهر کي ڄڻ ڪا ڳِيت.

    گيتن جي پيو مالها جوڙيان،
    پرچي پئي شل من جو ميت!

    انسانيت جون پناهه گاهون،
    مئخانو ۽ مندر، مسيت.

    مشڪور محبت مَرڪايون،
    پيار نڀائڻ پنهنجي رِيت.


    ٺ

    ٺلها ٺاهه ٺڳيءَ جا، گهڙي ڪيئي گهاٽ،
    ڪئي ٻڪر ٻُوساٽ، سامراجين سنڌ ۾.

    ٺلها ٺاهه ٺڳيءَ جا، مُنجهائي ڪئين ماڻهو،
    گهمايو آ گهاڻو، سامراجين سنڌ ۾.

    ٺلها ٺاهه ٺڳيءَ جا، جوڙي نالي دين،
    ماريا ڪئين مسڪين، سامراجين سنڌ ۾.

    ٺلها ٺاهه ٺڳيءَ جا، انڌپ ۽ اونداهه،
    گهٽيو سُرت ۽ ساهه، سامراجين سنڌ ۾.

    ٺلها ٺاهه ٺڳيءَ جا، مُنهن ۾ مسلمان،
    اندر ۾ شيطان، پنجُو پنهنجي پيٽ لئه.

    ٺلها ٺاهه ٺڳيءَ جا، وڪڻي پيو ايمان،
    ڪيڏو آ حيوان، پنجُو پنهنجي پيٽ لئه.

    ٺلها ٺاهه ٺڳيءَ جا، کڻي پيو قرآن،
    اندر ۾ نه انسان، پنجُو پنهجي پيٽ لئه.

    ٺلها ٺاهه ٺڳيءَ جا، نڪو پيء نه ماءُ،
    ڪنهن جو ڪونهي ڀاءَ، پنجُو پنهنجي پيٽ لئه.

    ٺلها ٺاهه ٺڳيءَ جا، کوٽو آهه خمير،
    وڪڻي پيو ضمير، پنجُو پنهنجي پيٽ لئه.

    ٺلها ٺاهه ٺڳيءَ جا، شيطاني شعور،
    رڳو آهه مشڪور، پنجُوءَ پنهنجي پيٽ لئه.
    *

    وائي

    ٺاهه ٺڳيءَ جا ٺاهين، ڪوڙو ٿيو ڇو آهين،
    ڇا آدم تون ناهين؟

    لوڀ ۽ لالچ لاءِ مٿي پيو، پنهنجن تي تون باهين.
    ڇا آدم تون ناهين؟

    سيرانديءَ ساڃاهه ڪري ڇو، ڪوڙ ڏي پيو ٿو ڪاهين،
    ڇا آدم تون ناهين؟

    ڇو نه ڳچي ۾ ڳارو پائي، پنهنجن کي پرچائين،
    ڇا آدم تون ناهين؟

    ڌرتي ساري دانهون، ڪوڪون، سڏ نه ٿو ورنائين،
    ڇا آدم تون ناهين؟

    گڏجي تون مشڪور سان شل، گيت امن جا ڳائين!
    ڇا آدم تون ناهين؟


    ث

    ثواب ۽ گناههَ، منجهائيو آ ماڻهپو،
    مُٺ ۾ آهي ساهه، ازل کان آدميءَ جو.

    ثواب ۽ گناهه، رڳو آهي مَنڊ،
    ڳچيءَ ۾ جَنڊ، ازل کان آدميءَ جي.

    ثواب نالو لالچ جو، گناهه نالو ڊپ،
    سونگهيو انهيءَ سَپ، سدائين آ سوچ کي.

    ثواب، سُرورُ من جو، گناهه رڳو ڊپ،
    کِج نه ڪي تون کپُ، مُنجهاءِ نه پنهنجو ماڻهپو.

    ثوابن عيوض بهشُت گهرين، اها واپاري سوچ،
    بنا لالچ لوچ، ته مَرڪي پَوَئِي ماڻهپو.

    ثوابن عيوض بهشت، تون گهُرين ويٺو يار،
    ڪرين پيو واپار، ايڏو ڇو تون الله سين!

    ثواب بدلي بهشت گهرين، حُورون ۽ غلمان،
    وِجهه نه انُومان، ايڏا تون ايمانَ ۾.

    ثواب کٽ تون سپرين، ڪارڻ غرض خدا،
    ڪڏهن ڪج نه جدا، الله ۽ آدميءَ کي.

    ثوابن منجهه سُرور آ، ڏوهه رڳو آ ڏَرُ،
    سارو آهه ثمر، اصل انهيءَ ڳالهه جو.

    ثوابئون سُرور، ملي ٿو جو من کي،
    سوئي او مشڪور، اجر آهي اصل ۾!
    *

    ڪافي

    ثوابن جي عيوض، گُهرين حورون، کير،
    ثمر پويان سٽجي، گهُٽين پيو ضمير،
    اڙِي ڇو، اڙي ڇو، اڙي او فقير!

    مِٽيءَ جي مِٽيءَ کي، مَٽي تون او سائين،
    نه سمجهيو مٽيءَ کي، تو خاصو خمير.
    اڙي ڇو، اڙي ڇو، اڙي او فقير!

    پڙهين پيو تون پوٿيون، ۽ قرآن، گيتا،
    نه من جو ڪرين ٿو، سگهو تون سرير.
    اڙِي ڇو، اڙي ڇو، اڙي او فقير!

    الڳ پيو الله کان آدم کي تون سمجهين،
    ڇُريءَ سان وجهين پيو ساڃاهه کي ئي سِير.
    اڙي ڇو، اڙي ڇو، اڙي او فقير!

    پرينءَ جي ته مشڪور پوڄا کان اڳ ۾،
    اندر عشق سان نه، ڪيو تو منير،
    اڙي ڇو، اڙي ڇو، اڙي او فقير!


    پ

    پَلي منجهه پُلاهه، کاڌو تِن نه وِسري،
    ٿڌا کڻن ساهه، سرتيون سنڌوءَ ڪپ تي.

    پَلي منجهه پُلاهه، ڪڏهن وِسري ڪينڪي،
    ڏني خاص الله، سنڌين کي هي سوکڙي.

    پَلي جي پُلاهه جي، ڪهڙي ڪريان ڳالهه،
    لذت بي مثال، جن کاڌو تِن نه وِسري.

    پَلي جي پُلاهه جي، لذت لاثاني،
    گيهَه تريل آنِي، جن کاڌي، خاصا ٿئا.

    پَلو سيئيل سُوکڙي، موڪليو هو محبوب،
    لذت خاصي خوب، هئي پرينءَ جي هٿ جي.

    پَلو ناهه مَڏِيءَ تي، نه کِيرو، آنِيارو،
    سنڌوءَ ۾ کارو، پلٽي سِجاول پُل تائين.

    پَلو ناهي مڏيءَ تي، نه وِڪامي هارِي•،
    سنڌوءَ ۾ وارِيءَ، اڳ نه وُٺي ڪڏهين.

    پَلو اچي شال، وري وڪامن هارِيُون،
    سنڌو وهي جال، موٽي مُرڪ مَڏِين جي.
    پَلو زندهه پيرَ جي، شال ڪري زيارت،
    پرور تو پارت، آهي جيجل سنڌ جي.

    پَلي ڀرجن پُور، وري مَرڪن مَڏِيُون،
    مُهاڻا مشڪور! ڳائين همرچا هيج مان.
    *

    وائي

    پَلو ماريون، هلو تڙ تي، ناهي اڄ پچار،
    ڪلهه کان آهي ، ماٺ مَڏين تي!

    مهاڻن من روز ڦِسن ٿا، ڏسي خالي ڄار،
    ڪلهه کان آهي، ماٺ مڏين تي!

    نڪي هارِيُون، هَٿَ وڪامن، پلو نه ٻنهي پار،
    ڪلهه کان آهي، ماٺ مڏين تي!

    کيسي ۾ ڪا پائي ناهي، سِيئو تيز بخار،
    ڪلهه کان آهي، ماٺ مڏين تي!

    هيڻو آهي حال اسان جو، باريءَ مٿي بار،
    ڪلهه کان آهي، ماٺ مڏين تي!

    درياهه ڇڏايون ڌارين کان، جهانگي ٿيو جهونجهار،
    ڪلهه کان آهي، ماٺ مڏين تي!

    مشڪور ! مانجهي مَرڪن ٻيهر، سڻي سڏ ستار!
    ڪلهه کان آهي، ماٺ مڏين تي!


    ڪافيون

    (1)

    پريمي پياڪ مان آهيان، ڀري ڏي جام اي ساقي!
    آڻي ڏي تون اوچي مَٽ مان، رهي نه تَؤنس ڪا باقي.

    ازل کان آدمي آهيان، مون کي ٿو ماڻهپو گهرجي،
    ڏکويل مان آهيان ڏاڍو، متان ڪجهه درد ٿئي ٿاڪِي!

    مئخاني جي ته سرمستي، ساري هستيءَ کي اچ اوتي،
    مان پنهنجي ڪل انائن جي، ڀڃڻ چاهيان ٿو چالاڪيء!

    ٻڌو ٿم مئه ته ماڻهو جا ڇڏيندي خول آ لاهي،
    متان منهنجي به ماڻهوءَ جي ، کلي پئي ڪا ڪٿان تاڪِي!

    ستر حورن کي ماڻڻ لئه، ملان ويٺو آ مسجد ۾،
    سندس هڪ حور ويچاري، ڀلا ڪنهن کي وجهي ڀاڪِي!

    پئين مشڪور مَڌ ٿو ڇو، پڇيو هن ڪالهه هو واعظ!
    چيم منجهه عشق جي رستي، ٿي گهرجي يار بيباڪِي!


    (2)

    پرين هن پيار جون ڳالهيون، نه تو چوريون، نه مون چوريون،
    هنيين ۾ هئي هورا کورا، نه تو اوريون، نه مون اوريون.

    پياسي من جي ڪاڇي تي، وٺي برسات يادن جي،
    جدائيءَ جون مڻين جهوريون، نه تو توريون، نه مون توريون.

    رندن کان عشق جا آداب، سکڻا ٿا پوَن سائين!
    اَڙانگيون نينهن جون راهون، نه تو ڏوريون، نه مون ڏوريون.

    ملڻ جي چاهه ۾ مشڪور جي، گذري عمر ويئي،
    رهيون آسون اڌوريون پر، نه تو گهوريون، نه مون گهوريون.


    (3)

    پرينءَ جي اچڻ جا، ٻڌي اڄ هاواڻا،
    ڪيا رقصَ مورن، ٿيا داناء ديوانا.

    آهي واٽ ڪهڙي، سڄڻ جي اچڻ جي،
    وڄائي ڪا نو بت، ڪريون شاد مانا.

    پيرن ۾ وڇائي ڇڏيا نيڻ رستن.
    ڪئي ڇانوَ ڪڪرن، بڻجي شاميانا.

    نشيلين نگاهن ڳڱاٽي ڇڏيا سڀ،
    اُڏيا هوش سارا، نچن پيا مئخانا.

    سڄڻ کي سمهاريو ڏئي هير لوليون.
    چمڻ ماڪ چاهيا، چپن جا پئمانا.

    او مشڪور! هاڻي، قلم ۽ پنا کڻ.
    چيو ڏات لک ڪي، حُسن جا ترانا!


    (4)

    پيار مُقدس، هاريءَ وانگي،
    هرڻي ڪنهن اڃيارِيءَ وانگي.

    ساروڻيون ۽ سڏڪا سپنا،
    لاهياريءَ جي کارِيءَ وانگي.

    آهن ڦوهه جوانيون، سائين.
    گلڙن جي ڪنهن ٻارِيءَ وانگي.

    جيون جو آ، بار مٿي تي،
    پورهيت جي ته تغاريءَ وانگي.

    محبت کي پيا، ڇاڻن ماڻهو،
    سون ڪوٺاري ڇارِيءَ وانگي.

    مقدر جا سڀ کيل نرالا،
    جُوئاري جي سارِيءَ وانگي،

    مشڪور جو تون ڀَرم نه ڀڃجان،
    ڏات ويڪوءَ جي يارِيءَ وانگي.

    (5)

    پنهنجو پاڻ ارپي، اوندهه کي جهلي پئي،
    جلي پئي، جلي پئي، شمع ڏس جلي پئي!

    فنا ٿي ٿو سگهجي، شڪستون نه ممڪن،
    اميدن جي ٻيڙيءَ، لهر ۾ ٽِلي پئي،
    جلي پئي ،جلي پئي شمع ڏس جلي پئي!

    ڪرڻ لاٽ اوچي، ٽِپي پيا پتنگا،
    حياتي پِرولي ته پنهنجي سلي پئي،
    جلي پئي ،جلي پئي، شمع ڏس جلي پئي!

    اسر ننڊّ ٽوڙي، لنوِي ڪار ڪڻڇي،
    پرينءَ کي سڏيندي، يادن کي پلي پئي،
    جلي پئي، جلي پئي، شمع ڏس جلي پئي!

    تقدس آ وڌندو، وفا جي ڀرم سان،
    جفا منهن تي پنهنجي ته ڪارنهن ملي پئي،
    جلي پئي، جلي پئي، شمع ڏس جلي پئي!

    اڪيلائي، اڌ رات مشڪور، سوچون،
    کنڊر دل جو ڏس ڏات ڪيئن اڄ ولي پئي،
    جلي پئي جلي پئي، شمع ڏس جلي پئي!


    ڀڄن

    پاڳل، پاڳل، دنيا پاڳل، پاڳل آ انسان، الاڙي!
    ڳولڻ گهرجي هاڻ هتي ڪو، دردن جو درمان، الاڙي!

    ڪنهن جي بدن جو رت ٿو ٽچِڪي، ڪنهن جي هٿ ۾ شربت ڇلڪن،
    ڪوئي ڏسي ٿو، ڪوئي پيئي ٿو، ڪوئي آ حيران، الاڙي!

    ڪنهن جا ڪُتا کير اوبارن ، ڪنهن جا ڪلهڙا ٻار رڙن ٿا،
    ڪوئي کلي ٿو، ڪوئي روئي ٿو، ڪوئي آ مستان، الاڙي!

    ڪنهن جي موٽر ۽ آ بنگلو ، ڪوئي جهڳيءَ ۾ کنگهي ڪنگلو،
    امن گهري ڪو، جنگ ڪري ڪو، ڪوئي آ بيمان، الاڙي!

    ڪوئي ڌن تي ڌاڙا هڻي ٿو، ڪوئي ڪنهن کي ڪين وڻي ٿو،
    ڪوئي آدم، ڪوئي عيسيٰ، ڪوئي آ حيوان، الاڙي!

    ڪنهن جو قلم ٿو لکيو لوڙي، ڪنهن جو عِلم ٿو ٻيڙي ٻوڙي،
    ڪوئي چاڻڪيه، ڪوئي ڪرشن، ڪوئي آ ڀڳوان، الاڙي!

    ڪو ٿي مشڪور گيت لکي ٿو، ڪوئي دل جا درد پيئي ٿو،
    ڪوئي پڇي ٿو، ڪوئي لڇي ٿو، ڪوئي تڪي آسمان، الاڙي!


    ج

    جت به پنهنجو رت آ، اچي شل ساڃاهه،
    گڏجي ڪڍون لاهه، سامراجي سوچَ جا.

    جت به پنهنجو رت آ، اچي شال! شعور،
    غلاميءَ جا پُور، ڪوري ڪڍون سوچَ مان.

    جت به پنهنجو رت آ، ساڳيو وِت ۽ سَت،
    مُوڙهِي ڇڏي مَت، مَن کڻن ڪهاڙي هٿ ۾!

    جتن ساڳيءَ جُوءَ، ساڳيا سُور سرير ۾،
    ٻانهپ سندي بُوءَ، شال نڪري سوچ مان.

    جت به منجهه جنجال، ساڳي ٻانهپ بندگي،
    رهندا ساڳئي حال، جيسين سَنڌو سوچ جو.

    جت به مُوڙهيءَ مَت، جو ٻيلي ٿين ٻين جا،
    پنهنجي سارِي پَت، ڌوئن ويٺا ڌن لئه.

    جت نه سمجهج ڪو ٻئو، رئيس، مير، وڏيرا،
    ڳِجهه جيان ڦيرا، سدا پنهنجي پيٽ لئه.

    جتا! ڪريو نه جاڙ، ويهي ويرين وِچ ۾،
    ڌرتيءَ تي لتاڙ، ڪري نه ڪُرُ لڄائيو!

    جتا! اوهين به رت، ساڳيءَ منهنجي سنڌ جو،
    اچو سهيڙي سَت، ڪڍون ويريءَ وجود جا.

    جتا! نه ٿيو دُور، ساٿ کپي سنڌ کي،
    مادر جا مشڪور، ٿي ملهائيو ٿڃ کي.
    *

    وائي


    جت به ساڳيو رت، ميان،
    شال سُڃاڻن مُلهه مٽيءَ جو!

    نڪي پڇيائون نڪو تياري، نڪي ڪيئون سَنبت:
    شال سُڃاڻن مُلهه مٽيءَ جو!

    ڏونگر ڏورڻ ڏوکو وڏو آ، ناهي پنڌ پُڄت:
    شال سُڃاڻن مُلهه مٽيءَ جو!

    پرينءَ کي پرچائڻ جي، مولا! ڏي ڪا مَت:
    شال سُڃاڻن مُلهه مٽيءَ جو!

    هيڻي منهنجي حال جي آهي، پرور تو پارت:
    شال سُڃاڻن مُلهه مٽيءَ جو!

    آزاديءَ جي آس منجهان ڪا، گولپ نڪري گت:
    شال سُڃاڻن مُلهه مٽي جو!

    مشڪور پنهنجن گيتن ۾ تون، ڀر سگهارو سَت.
    شال سُڃاڻن مُلهه مٽي جو!


    ڪافي


    ٿلهه: جي تدبيرن سان مٽجي وڃن، تن تقديرن کي ڇو ٿو مڃين،
    جي تقديرون موڙي نه سگهن، تن تدبيرن کي ڇو ٿو مڃين!

    رت سان لکجن گيت آزادي، جيلن جي ديوارن تي ٿا،
    جيڪي اسير کي قيد نه ڪن، تن زنجيرن کي ڇو ٿو مڃين!

    دل جا جذبا نڪرن ٻاهر، لفظن جو ٿا روپ وٺي،
    ضميرن کي ڪن نه زندهه، تن تقريرن کي ڇو ٿو مڃين!

    جو محبت جو پيغام نه ڏي، تنهن علم کان آهي جِهِلُ چڱو،
    ڪارنهن جِي جي ڪِلڪ لکيا، تن تفسيرن کي ڇو ٿو مڃين!

    خيالن ۾ ميلاپَ ٿين ٿا، تصور جو روپ وٺي ڪو،
    من جو مقصد جي نه ملي، تن تصويرن کي ڇو ٿو مڃين!

    ’مشڪور‘ دل جي دارونءَ خاطر، ڏس ٿو گُهرجي ڏاهن جو،
    جي نه مونجهارو ميٽي سگهن، تن اڪسيرن کي ڇو ٿو مڃين!


    ڪافي

    ٿلهه: جيون ناهي چُپ چُپات،
    موت به ڏيندو ناهي مات!

    ٽانڊاڻي جي ٽمڪي سان،
    پوندي ڇرڪِي آهي رات.

    ٻُڍاپي ۾ سُونهن جي پُوڄا،
    چڙهندا ناهن جذبا گهات.

    مئخاني جي مستيءَ کي ڀي،
    گهرجي ساجن تنهنجو ساٿ.

    ننڊ جا گهيرٽ ٽوڙيندي آ.
    اسر ويلي ڪڻڇي لات.

    مشڪور لکندو ڪافيون آهه،
    جيءَ ۾ پائي جهورِي جهات.

    ڀڄن

    جنم جنم جو جوڳي آهيان، گيت رسيلا ڳايان ويٺو

    مرليون بوڙينڊا، ناد نفيلون، ساز سريلا ڪئين وڄائي،
    جهانگين کي جاڳائڻ لئه مان، ستل سُور تپايان ويٺو.

    سُتل ضمير سمورا سائين، جاڳي خود جاڳايان ويٺو ،
    ماڻهپ کي احساس ڏيڻ لئه در در هوڪا هُلايان ويٺو.

    همت جا پيغام ڏئي مان، مرده جذبا جياريان ويٺو،
    ٽلٽي، مياڻي، دُٻي وارا، ٻيهر ماڳ مچايان ويٺو.

    ڏکن ۾ سڀ گهيريل ماڻهو، پاڻ وڃايو ويٺا آهن،
    تن جو سهارو آٿت بڻجي، روئندڙ ڪئين ريجهايان ويٺو.

    مارن لئه ’مشڪور‘ مدامي، پنهنجائپ پرچايان ويٺو،
    ۽ ڌارين لئه منصور بڻي مان، اناالحق الايان ويٺو .


    ڄ

    ڄيري بنا ڄاڻ، ملندي ناهي مَن کي،
    ڏکن سندا ڏاڻَ، سَمڪ ڏِين سَرِيرَ کي.

    ڄيري جن ڄمار، سيئي راوَت رُڪ ٿِئا،
    پَچڻ جي پَچار، مَرڪائي ٿي ماڻهپو.

    ڄيري سندو سيڪُ، ڪوري ڪڍي ڪُوڙ کي،
    هينئڙي اندر هيڪ، ڳالهه ٿي سِرڄي سَچ جي.

    ڄيري سَندِي باهه، پُختو ڪري پِريتِ کي،
    ڪيني مٿان ڪاهه، سدائين آهي سچَ جي.

    ڄيري سندي باهه ئي، آهه سمورو سچ،
    ڪڍي ڪوري ڪچ، سَڪمُون ڪري سَريرکي.

    ڄيرو آهي ڄاڻ، جا جاڳائي ضمير کي،
    ڪوري ڪڍي ڪاڻ، ساڄو ڪري سوچَ کي.

    ڄيري اوڏو تون آءُ، من ۾ ٻارج مچ،
    ڪڍي ڪوڙ ۽ ڪچ، سَرکو ڪر ڪو سوچ کي.

    ڄيري اوڏو آءُ، سِک پتنگي پَر،
    مرڻا اڳي مَر، ته مارين سدا موتَ کي.

    ڄيري اوڏو آءُ تون، پچ به پچڻ جيئن،
    سيڪي بنا ڪيئن، ڪرين ڳالهيون عشقَ جون.

    ڄيري اوڏو آءُ، پُڇج پوءِ پِريتڻو،
    سيخن ماهه پچاء، ته مانائِتو مشڪور ٿئين.
    *

    ڪافي

    ڄاڻي پنهنجو پاڻ سڃاڻ، ڄاڻ بنا نه آهي ڄاڻ،
    ساٿي ڪر تون سُرت سڄاڻ!

    ڌرتيءَ کان ڀي دل وڏي آ، من جو ناهي ماپو ماڻ،
    ساٿي ڪر تون سُرت سڄاڻ!

    لوچ بنا هر سوچ اجائي، منزل ڏي وک کڻ تون هاڻ!
    ساٿي ڪر تون سُرت سڄاڻ!

    ڏک ڏهوڻو ڏات کي ڪن ٿا، ڏک سکن جي سونهن سُڃاڻ،
    ساٿي ڪر تون سُرت سڄاڻ!

    عشق آويءَ جو ٻارڻ جذبا، سوچ چڙهي پئي روز سِراڻ،
    ساٿي ڪر تون سُرت سڄاڻ!

    پنڌ ۾ جيڪر آهين تنها، ’مشڪور‘ بڻجي منزل ماڻ!
    ساٿي ڪر تون سُرت سڄاڻ!


    جهه

    جهوپڙيءَ مٿان چنڊَ، ڏسي ڳوڙها ڳاڙيا،
    سونهن سُتي آ ننڊَ، ٻڌي پٿر پيٽ تي.

    جهوپڙيءَ منجهه نِگاهه، وجهي چنڊ وِساميو،
    ٿڌا کنيائين ساهه، ڏسي پٿر پيٽ تي.

    جهوپڙيءَ منجهه جهاتي، پائي چنڊ ڪُومائِيو.
    سُتا گهر ڀاتي، ڏيئي گوڏا پيٽَ کي.

    جهوپڙي ءَ من ُجهوري، چاڪ چنڊ جا چوريا،
    پورهيت ڇو توري، مانيءَ عيوض سُونهَن کي.

    جهوپڙي ءَ جهوريو هانءُ، چوڏهينءَ سندي چنڊ جو،
    وِسيل چُلهه، خالي ٿانءُ، سُونهن ڏَڪي پئي وِلهه ۾.

    جهوپڙيءَ اڱڻ نُور، پسي چنڊُ مُرڪيو،
    ڪري پيو ڳڀُور، سبقُ يادِ صبحَ لئه.

    جهوپيءَ ڄاوا جوءَ جا، ڇڏيو ننڊ نڀاڳ،
    ڦِٽل ڪونهي ڀاڳ، سارو ڏوهه آ سوچ جو.

    جهوپيءَ ڄايون جُوءِ جون، ٻانهياريون ٻهڪن،
    مولا! وري مهڪن، سَتيون منهنجي سنڌ جون.

    جهوپڙين سندي سُونهن، مَرڪي شل ٻيهر،
    وندر جي ورونهن، اچي اجاري آتڻ کي.

    جهوپڙيءَ منجهه نُور، پلٽي چنڊ مون کي چيو،
    جاڳي لِک مشڪور، تون آزاديءَ جا گيت ڪي.
    *

    ڪافي

    جهلڪَ هڪڙي لئه پرين، جذبن ٿي جهاتيون پاتيون.
    پاڻ جهڙن ڪيترن، مستن ٿي جهاتيون پاتيون.

    منهن تي موهيڙن ڪڻيون، ڄڻ ٿر مٿي ڪا سانوڻي،
    ڪائناتي سونهن جي، رنگن ٿي جهاتيون پاتيون.

    مرڪ هڪڙِيءَ سان لکين، مُرد ا جيئاري تو ڇڏيا،
    قبرن مٿان تن جي لڳل ڪتبن ٿي جهاتيون پاتيون.

    ڏيهه اوندهه ۾ ٻُڏي ويا، منهن تي چاڙهيئي جي نقاب،
    سج، تارن ۽ ڪتين، چنڊن ٿي جهاتيون پاتيون.

    واٽهڙو وچ واٽَ ۾، ونگي ويچارا ڪئين ڇڏيئي،
    ڀونءِ جي ڪّچن پڪن ، رستن ٿي جهاتيون پاتيون.

    تنهنجي محفل ۾ پُڳو جيڪو به آ، اُٿيو نه سو،
    بدنصيبن جي، نصيبن ٿي ته جهاتيون پاتيون.

    ٻولَ تنهنجا جنهن ٻُڌا، سو ٻولَ ۾ ويو ٻولجي،
    جادو لفظن جي اڳيان، سوچن ٿي جهاتيون پاتيون.

    تنهنجي ڀاڪُر ۾ سڄڻ، جنهن پلڪ جهپڪي پُر ٿيو.
    ڪيترن پياسن، اُڃن، پتنگن ٿي جهاتيون پاتيون.

    ڀونءِ سڀ سانڍي رکيا، هي تنهنجي قدمن جا نشان.
    رشڪ مان تن کي ڏسي، عرشن ٿي جهاتيون پاتيون.

    سُونهن تنهنجيءَ جا ديوانا، ديد سان دانا ٿيا،
    سجدا حورن ٿي ڪيا، ملڪن ٿي جهاتيون پاتيون.

    سونهن تي مشڪور تنهنجي، جو لکيو، ٿورو لکيو.
    شاعري ءَ جي سارين، صنفن ٿي جهاتيون پاتيون.


    ڃ

    ڃُوڃڻ ڇني آءُ تون، سارا دلبر دوست،
    پنهنجو هڏ ۽ پوست، ڄم نه ڪانئر ڪُک جو.

    ڃُوڃڻ ڇني آءُ تون، ڪهڙي ڪرين ڪٿ،
    آهن سڀ ڪجهه هٿ، هلائين ته هاج ٿئي.

    ڃُوڃڻ ڇني آءُ تون، منهنجا ڀورا ڀاءُ،
    ڌرتيءَ پنهنجي ماءَ، ڪڍون ڌارين قيد مان.

    ڃُوڃڻ ڇني آءُ تون، دير نه ڪر جائِي،
    ويهڻ جي وائي، سونگهي ويندئي سوچ کي.

    ڃُوڃڻ ڇني آءُ تون، ڪڍ نه چيٻارا،
    اٿي پئه پيارا، ته ماڻيون پنهنجو آجپو.

    ڃُوڃڻ ڇني آءُ تون، ڪرنه هاڻي ڪٿ،
    اُٿ جاڳاءِ سٿ، ماڻيون پنهنجو آجپو.

    ڃُوڃڻ ڇني آءُ تون، منهنجي ڀورِي ڀيڻ،
    ويهڻ وڏو ويڻ، اُٿ ته ماڻيون آجپو.

    ڃُوڃڻ ڇني آءُ تون، ڪڍون دل مان ڊپ،
    لالچ سندو سپ، متان سونگهي سوچ کي.

    ڃُوڃڻ ڇني آءُ تون، ڪوري ڪڍ تون ڪوڙ،
    ڌوپئي منهن تان ڌوڙ، مرڪين ساٿين وچ ۾.

    ڃُوڃڻ ڇني آءُ تون، من ٿئي مشڪور،
    ڇوٿو پچائين پُور، اُٿ ته ماڻيون آجپو.
    *

    وائي

    ڃُوڃڻ سارا آءُ ڇني تون، تَرهو ڪج تيار،
    هلڻو آ هن پار او ساٿي!

    گونگي ٻولي ڪير ٿو سمجهي، چاهت ڪر پچار!
    هلڻو آ هن پار او ساٿي!

    مايوسين ۾ و يٺو ڇو آن، اٿي ڪر الهه توهار!
    هلڻو آ هن پار او ساٿي!

    ٻئي کي ميارون ڇا لئه ڏئين پيو ، پت پنهنجيءَ کي پار!
    هلڻو آ هن پار او ساٿي!

    مِٽ ڪڏهن هو ڪينڪي ٿيندا، ڌاريا اصل کان ڌار:
    هلڻو آ هن پار او ساٿي!

    آزاديءَ بن جيون ڪهڙو، نعرا هڻي نروار:
    هلڻو آ هن پار او ساٿي!

    مشڪور مٽي مُلهه سُڃاڻي، مِٽيءَ لاهه ميار!
    هلڻو آ هن پار او ساٿي!


    چ

    چَتونءَ جيئن نه ٻول، ڪر پنهنجي ڳالهڙي،
    روح نه پنهنجو رول، غلاميءَ جي گِردابَ ۾ .

    چَتونءَ جيئن نه چور، ٻين سندي ڳالِهڙي،
    هينئڙي سندو هور، مُنجهائيندئي من کي.

    چتونءَ جيئن نه چئو، کولي سَل تون ڳالهڙي،
    پنهنجي مُنهن نه پَئو، سُور سُڻائي ساٿَ کي.

    چتونءَ وانگر حال، هاڻ نه ٻُڌاءِ ٻين جو،
    پنهنجي من مقال، لِڪائج نه لوڪَ کان.

    چتونءَ جيان يارَ، ڳول پنهنجو آجپو،
    متان پڃري پار، ماندو ڪرين من کي.

    چتونءَ جيان هاڻ، پنهنجو پڃرو ٽوڙ تون،
    آجو ڪري پاڻ، سارُون لهه ساڻيهه جون.

    چتونءَ جيان هاڻ، ڪڍ غلاميءَ سوچ کي،
    آجو ڪري پاڻ، منهن مٿانهين مَرڪُ تون.

    چتونءَ جيان پيو سوچ، تون ڳول سدائين آجپو.
    تنهنجي پوئِين پوچ، مَرڪِي مُنهن مٿانهون ڪري.

    چتونءَ جيان رکُ، آجو پنهنجيءَ سوچَ کي،
    سڻڀو گِرهه نه چکُ، ٿي ءُ نه ڪانيارو ڪُڙم جو.

    چتونءَ جيان کاءُ، چڙهي اُوچي ڏارَ تي،
    غلامي سندو واءُ، اوڏو اچئي نه ڪڏهين.
    *

    ڪافي

    چٽي ڳالهه چئِي پيو سڀن کي سڻايان،
    مان ڌرتيءَ جو عاشق، پيو عشق ڳايان!

    روپو، هوشو، هيمون، بغاوت ڀري ويا، بلاول، عنايت سعادت ڀري ويا،
    هي رت ساڻ ريٽا جي جهنڊا ڪري ويا ، تنين کي مان ڳائي مِٽي پيو ملهايان!

    سَسئي جڳّ ۾پنهنجي همّت ڀري وئي، ۽ مومل به مَرڪي آ عظمت ڀري وئي،
    وطن لاءِ مارئي آ محبت ڀري وئي، تڏهن مان سنڌوءَ جو پيو تِلڪ لايان!

    ٿي باغي، بغاوت ڪرڻ لاءِ جاڳو، ۽ مارن سان محبت ڪرڻ لاءِ جاڳو،
    غلاميءَ جي عادت ڪڍڻ لاءِ جاڳو، آزادي، امن جا جهنڊا پيو جهولايان.

    ڀٽائيءَ جي سنڌ ۾ وري مور مهڪن، ڪري چاڳ چوڙيليون خوب چهڪن،
    اڱڻ ۽ اوتارا هي مشڪور ٻهڪن، سڀئي خواب پنهنجا ته ساڀيان بنايان.


    ڪافي

    چتون وانگر پڃرا ٽوڙي، جاڳ سنڌي تون ڪرڙا موڙِي
    ستل ساري قوم اُٿار، جاڳيءَ پئو تون جاني يار!
    سُرڪ سنڌوءَ جي پت کي پار!

    غلاميءَ جي گَت ڪڍي ڇڏ، موڙهل ساري مَت ڪڍي ڇڏ،
    غدارن مان هٿ ڪڍي ڇڏ، سوچ تان لاهي ڇڏ سينوار:
    سُرڪ سنڌوءَ جي پت کي پار!

    روئي ويٺي روپا راڻي، جنهن جي جيجل سنڌ وڪاڻي،
    سنڌڙي جي هر نياڻي نماڻي، داد انهي جو ٿي دلدار!
    سُرڪ سنڌوءَ جي پت کي پار!

    هاڻي ڪا به نه ڪاري هوندي، پيار جي پت جنهن پاري هوندي،
    ڪنهن جي سا نه مياري هوندي، جوڙ جوڀن جو پيار جيار،
    سُرڪ سنڌوءَ جي پت کي پار!

    پيار تان پهرا ٽوڙي اچ تون، ڪوڙا ڪنڌ مروڙي اچ تون!
    جُوءِ سان ناتا جوڙي اچ تون، نينهن نشانبر ڪر نروار!
    سُرڪ سنڌوءَ جي پت کي پار!

    مشڪور ٿڃ ملهائي وڃ تون، پنهنجو پيار نڀاهي وڃ تون،
    گيت آزاديءَ ڳائي وڃ تون، پنهنجائپ جي ڪر ڪا پرچار!
    سُرڪ سنڌوءَ جي پت کي پار!


    ڪافي

    چاندني جي چنڊ آندو، رات لئه آهي ڪفن،
    اچ ته گڏجي او پرين! اونداهه کي ڪريون دفن.

    آ ماڪَ ڀي مُرڪي پئي ، رات جي هن لاشَ تي،
    ڏس گلن جا چاهه مان ، ڪئن چپَّ پيون بوندون چمن!

    ننڊُ جا اڄ مَنڊ سارا، سڀ پيا آهن ٽُٽي،
    آزاد ٿي پيا خواب ڀي، سّچ جي ساڀيان وٺن.

    خوب لاتو رنگ آ، ڏس واهه سرمد جي ته خون،
    ڏس عشاقن جون ته ٽوليون، ڪيئن پيون اڳتي وڌن!

    اڄ ته چپڙا چاهه مان ، ٿا ياد جي تسبيح پڙهن،
    هي هوائون ڀي پيون محبوب جي مالها جَپن.

    ڏات جي ديويءَ اچي، مشڪور کي مُرڪي چيو،
    ڇو پيا ساقيءَ سندا، اڄ جام ڏيندي هٿ رڦن!


    ڇ

    ڇڏي اجايا خيال، واٽ وٺج سچ جي،
    آهي ڪُوڙ وبال، آدم لاءِ ازل کان!

    ڇڏي اجائي سوچَ، واٽ وٺ تون حق جي،
    ته هي تنهنجي پوچ، مُرڪي منهن مٿانهون ڪري!

    ڇڏي اجائي ڳالهه، وٺ تون واٽ وِرهه جي،
    ڪوڙي قيل مقال، سدا ڏنگي سوچَ کي.

    ڇڏ اجائي پچار، ڳالهه ڳُڻيتِي ڪر تون،
    وڏائيءَ ويچار، سدائين ڏنگي سوچَ کي.

    ڇڏي اجايا ڊپ، هِرک نه اجائي لوڀَِ تي،
    ايءَ نه کاهوڙڪوَ مَپ، جو ويهي رهجي واٽَ ۾ .

    ڇڏين متان پچار، پريان سندي پنڌَ جي،
    ويهڻ جو وِيچارَ، سدا ڏنگي ڏاتِ کي.

    ڇڏج ڪين قطارَ، وٺيو واٽ وڃ تون!
    ليکي جي لغار، متان ڪرين پنڌ ۾!

    ڇڏين متان پنڌ، پِريان سندي پار جو،
    ساڻا ٿينئي سَنڌ، ساهن ڀر سُريجِ تون.

    ڇڏين متان عشق کي، ڪلهنئون ڪورج ڪنڌ،
    ساٿ ڇڏينئي سنڌ، ساهن ڀر سُريجِ تون.

    ڇڏين متان ڀون، پچار پريت جي ڪر،
    اچي ويهج تون، ڳُڻن واري ڳوٺ ۾.
    *

    وائي

    ڇڏ نه پچارون پنڌ ڪرڻ جون، جيسين آهي ساهه،
    ٽوڙ نه تون ويساهه!

    مذهب جهيڙو، هُل بکيڙو، آدميت اتساهه،
    ٽوڙ نه تون ويساهه!

    مِٽيءَ جو مُلهه مِٽي ڄاڻي، مِٽي مورت ماهه،
    ٽوڙ نه تون ويساهه!

    هڪ ئي جڏهين الله، آدم، ڇا جي جنگ جنگاهه،
    ٽوڙ نه تون ويساهه!

    احد به بڻجي احمد آيو، اصلئون عشق اٿاهه،
    ٽوڙ نه تون ويساهه!

    بهشت دلاسو، دوزخ دوکو، ڊوهه مڙئي سڀ ڊاهه،
    ٽوڙ نه تون ويساهه!

    مشڪور پنهنجون ٽوڙ نمازون، جڏهن ٻڌين ڪا آهه!
    ٽوڙ نه تون ويساهه!

    وائي

    ڇم ڇم ڇم ڇم ڇير وڄاءِ، مستو مست فقيرَ،
    زندهه ڪر تون ضمير!

    مئخاني ۾ آيو آهيان، ساقي! تنهنجي کڻي اڪيرَ،
    زندهه ڪر تون ضمير!

    گيڙو رنگ آ نابوديءَ جو، نابودي آ نينهُن نظير،
    زندهه ڪر تون ضمير!

    دل ۾ آهي گهر پرينءَ جو، دل ئي پنهنجو آهي پير،
    زندهه ڪر تون ضمير!

    خيال ۾ گم ٿي خيال ڪمائي، خاصو ڪرتون خاص خمير،
    زندهه ڪر تون ضمير!

    مشڪور تنهنجو عشق اتانهون، مام ۾ ماڻج محب منير!
    زندهه ڪر تون ضمير!

    ڪافي

    ڇير تنهنجي ٻڌڻ لئه لڳي پيو ڏکڻ،
    پير هوريان ته کڻ، پير هوريان ته کڻ!

    چَپَ تنهنجا پرين، لار ماکيءَ سندا،
    مُرڪ تن سان ملي ٿي آ ماکي مکڻ.

    رات تارا پٽي، پئي ٿي توکي تڪي،
    هو گهٽا پئي اچي، تاتِ تنهنجي ڏسڻ!

    ٽهڪ تنهنجا ٻڌي، گل به مهڪي اٿيا،
    خوب خوشبو اُڏي، مُک تنهنجو چُمڻ!

    رات کان فيصلو آ ڪيو پارڪر،
    مور پيا ٿا اچن، ٽور توکان سکڻ!

    ڇانوَ بادل ڪري، سجُ پيو ٿو سِڪي،
    ڏينهن جي شينهن کي پئجي ويا ٿئي ڏندڻ!

    ڏات! تنهنجو کپي ساٿُ مشڪور کي،
    روز سهڻيءَ جيان، ڪر تون ايندي ملڻ!


    ح

    حقيقت سڀ حق جي، سمجهِي ٿِي سالڪ،
    آهين پوءِ مالڪ، پنهنجيءَ ساري سوچَ جو.

    حقيقت سڀ حقَ جي، سمجهي ٿي سچو،
    آهي ڪوڙ ڏچو، ازل کان آدميءَ لئه.

    حقيقت سڀ حقَ جي، سمجهي ٿي حيات،
    ڏيئي موت ممات، جيئرو رهه تون جڳ ۾.

    حقيقت جن حقَ جي، سمجهي سي جوڳي،
    باقي سڀ روڳي، مٿو پِٽن ٿا مَک جيان.

    حقيقت سڀ حق جي، سمجهي سو ذات،
    ماري جو ممات، سوئي امر آ آدمي.

    حقيقت سڀ حق جي، جو سمجهي سو سونَ،
    امرتا جي اونَ، جيئرو رکي وجود کي.

    حقيقت هن حال جي، جن سمجهي سي سڄاڻ،
    پهرين ماري پاڻ، ماتِ ڏين پوءِ موتَ کي.

    حقيقت جن حال جي، سمجهي تن پاتو،
    نِڀايو جن ناتو، سي ئي ٿيا وسائتا!

    حقيقت جن حال جي، نه سمجهي سي غلام،
    سدا منجهه ماتام، مٿو پِٽن پيا مَکِ جيان.

    حقيقت جن حال جي، نه سمجهي سي مُئا،
    ڪڏهن ڪين سُئا، ڪي سُتي گڏيا سپرين.
    *

    وائي

    حب مان حبيبن هاڻ، ڳالهه ٻڌائي حقي حق جي!
    سونهن جي پوڄا خوب ڪري وٺ، ڪري سُرت سڄاڻ:

    ساڃهه ڏني مون سِڪ سبق جي.
    ٿرن برن ۾ ڀٽڪين ڇو ٿو، تنهنجو پرين تو ساڻ ،

    پڪ ئي آهي پرينءَ جي پڪ جي.
    ماپو کڻي تون ڇو پيو ماپين، من جو ناهي ڪوئي ماڻ،

    ڏور ڏاڍي آ نينهن نازڪ جي.
    هانوَ هاري ڇو ويٺو آهين، توڪل جو تون تُرهو تاڻ،

    پرواهه نه ڪر دهشت ڌڪ جي.
    پيرون پڪا هيل ته واهه جا، کامي مَن جي کاڻ،

    جهولي ڀري ڏي مون کي مَڪ جي.
    مشڪور سچ جو ساٿي تون ٿي، چاڙهي سوچ سِراڻ،


    خ

    خود آهين خود ٿي، خود ۾ خود خدا،
    ڪرين ڇو ٿو جدا، الله ۽ آدميءَ کي.

    خود آهين خود ٿي، خود ۾ خود انسان،
    ته مٽي ٿي مهان، رکي مانُ مٽيءَ جو.

    خود آهين خود ٿي، خود ۾ خود رسول،
    دلئون ڪر قبول، فيصلو ضميرَ جو.

    خود آهين خود ٿي، خود ۾ خود فقير،
    ته خاصو ٿيئي خميرُ، مرڪائين مٽيءَ کي.

    خود آهين خود ٿي، خود ۾ خود ٿي پِير،
    سَگهو رک ضمير، ته لهين مانُ مٽيءَ جو.

    خود آهين خود ٿي، خود ۾ خود نابوُد،
    ته سَرس مليئي سُود، مٽيءَ سندي مُلهه جو.

    خود آهين خود ٿي، خود ۾ خود سُڃاڻ،
    ته حاصل ٿيئي هاڻ، ٻيڻو ملهه مٽيءَ جو.

    خود آهين خود ٿي، خود ۾ خود ضمير،
    من ۾ اٿئي پِير، منجهئون منجهه معلوم ڪر.

    خود آهين خود ٿي، خود ۾ خود مُريد،
    دُوئيءَ منجهان دِيد، ڪڍ ته لهين حق کي.

    خود آهين خود ٿي، خود ۾ خود ڪتابُ،
    بيخوديءَ جو بابُ، پاڻان پڙهه تون پاڻَ ۾.
    *

    ڪافي

    خود ۾ آهين خود خدا تون، جاني توکان ناهي جدا،
    تون ئي آهين تون، پر جي سمجهين تون!

    تون ئي ٺاهين ، تون ئي ڊاهين، تون ئي آهين من جي مُدعا،
    من مان ڪڍي ڇڏ مون، پر جي سمجهين تون!

    تون ئي اوڍين، تون ئي پائين، تون ئي ٺاهين ٺاهه سدا،
    سڀ ظاهر پردو تون، پر جي سمجهين تون!

    تون ئي ڏاتر، تون ئي پنين ٿو، تون ئي آهين شاهه وگدا،
    ڀٽڪين در در تون، پر جي سمجهين تون.

    تون ڌِڪارين تون ئي چاهين ، تون ئي سونهن تي ٿين فدا،
    خيال گم ٿين تون، پر جي سمجهين تون!

    تون ئي مشڪور، تون ئي عاشق، تون ئي سونهن جي آهين ادا،
    پاڻ کي ڳولين تون، پر جي سمجهين تون.


    د

    دل ڪعبو، دل قبلو، دل ۾ ئي خود خدا،
    ڪڏهن ڪين جدا، ڪو الله ۽ آدمي ٿيا.

    دل مصلو، دل مسجد، دل ۾ ئي خود مسجود،
    صحيح ڪر سجود، ته واصل ٿئين وجودَ سان.

    دل قلم، دل ڪاتب، دل ۾ خود ڪتاب،
    برهه سندو باب، پڙهه ته پروڙين پاڻَ کي.

    دل فتنو، دل فيصلو، دل آ خود قاضي،
    ضمير کي راضي، ڪرين ته ڪاڻيارو نه ٿئين.

    دل ۾ ئي ڊپ ۽ لالچون، دل ۾ مورت موهه،
    ڊاهه سمورا ڊوهه، ته لاهوتي تون لالُ ٿين.

    دل سچ، دل ڪوڙ آ، دل وفا، دل دوکو،
    ڪيڏو آ اوکو، ماپڻ پنهنجي منَ کي.

    دل ڏُک، دل سُک آ، دل آس ۽ نراس،
    ڪيڏو آهه حساس، احساس آدميءَ جو.

    دل ٻڌي، دل ڏِسي، دل پَرچي ۽ رُسي،
    جيئي ۽ ڪُسي، ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهَن ۾.

    دل روئي ۽ دل کِلي، دل ڦِسي ۽ ٽِڙي،
    چِڙي ۽ کِڙي، ٿو ماپو ماڻهوءَ منَ جو.

    دل ڌنوڻ جسمَ جي، کڻن ساسِي ساهه،
    ساهه بنا هي ماهه، آهي ڍير مِٽيءَ جو.
    *

    وائي

    دم دم ۾ ديدار حُسن جو، دم نه دم کان ڌار حُسن جو،
    الله آدم ۾ نور سمايو.

    ساجن سهڻو ساهه پساهه ۾، صورت سڀ سينگار حُسن جو،
    مڪومدينو من کي بنايو.

    موت سان مرڻو ناهي ٿيندو، وحدت آ ويچار حُسن جو.
    لايو آخر ٿئي سجايو.

    مٽيءَ وڌايو مانُ مٽيءَ جو، مٽيءَ سان مهندار حُسن جو،
    احد به احمد ٿي آ آيو.

    سُونهن وڌائِي سَگهه جيئڻ جي، جوڙي سڀ جنسارحُسن جو،
    پاڻ ئي پاڻهي پاڻ پسايو.

    مشڪور ڪِين مان ڪِين ڪمائي، ٿيءُ تون ڪلنگي دار حُسن جو،
    هُئڻ جو سڀ آ هُل اجايو.

    ڪافي

    درد جي ديوان مان دستور ٻيو ڳولي اچو،
    چاهه کان وڌ ساهه لئه، سور ٻيو ڳولي اچو!

    اي وفائون ساٿ ڏيو، انياء سان نبري وٺون.
    يا سهڻ لئه هاڻ ڪو مهجور ٻيو ڳولي اچو!

    مون پکيڙي روشني آ، رات ڪاريءَ جي خلاف،
    ڪجهه اوندهه آهه باقي، نُور ٻيو ڳولي اچو!

    بدصورت بُت ٽوڙي، سُونهن کي سجدا ڪيم.
    مون جهڙو ڪوئي ڪٿان منصور ٻيو ڳولي اچو!

    پيو قلم تاريخ جو، ڪردار جا ڪتبا لکي.
    سنڌ جي تاريخ کان، مغرور ٻيو ڳولي اچو!

    لڙڪ ڇڏيا ٿم لڪائي، تون متان مايوس ٿين،
    مون جهڙو ڪوئي ڪٿان رَنجُور ٻيو ڳولي اچو!

    اي سڄڻ! مون ساڻ ڪا ويساهه گهاتي ڪين ڪيو،
    يا وري اي مئه ڪشو، مخمور ٻيو ڳولي اچو!

    او باوفا ۽ بيوفا، ڪجهه هاڻي ويهي سوچيو،
    جي ڌڪيو مشڪور کي، مشڪور ٻيو ڳولي اچو!


    ڌ

    ڌوٻيءَ جيان ڌوئي ڇڏ، دولاب ۽ دوکو،
    ته جاڳي پئي سوکو، احساس تو ۾ وجودَ جو.

    ڌوٻيءَ جيان ڌوئي ڇڏ، لالچ ۽ لوڀ،
    ته سوکي پائين سوڀ، نانگو ٿي نفسَ تي.

    ڌوٻيءَ جيان ڌوئي ڇڏ، پوڄا سندي پيٽ،
    چشڪن کي چپيٽ، ڏئي چاڙهيڪا چڙهه تون.

    ڌوٻيءَ جيان ڌوئي ڇڏ، ڪام ۽ ڪروڌ،
    ڪڍ اندر مان اوڌ، ته موڪرو من ٿيئي.

    ڌوٻيءَ جيان ڌوئي ڇڏ، هٺ ۽ هوڏ،
    ٻِيائيءَ جي ٻوڏ، سدا ٻوڙي ساڃاهه کي.

    ڌوٻيءَ جيان ڌوئي ڇڏ، سارو ڊوهه ۽ ڊپ،
    ڪانئرتا جو مپ، ڪورين ته ڪُوپو سڏجين.

    ڌوٻيءَ جيان ڌوئي ڇڏ، و يهڻ جي وائي،
    کڻ وک سوائي، ته سگهو ماڻين منزل کي.

    ڌوٻيءَ جيان ڌوئي ڇڏ، اندر جي اونداهه،
    سُرتئون سِک ساڃاهه، ته نانگا نُوراني ٿئين.

    ڌوٻيءَ جيان ڌوئي ڇڏ، پُوڄا جي عادت،
    اجائي نوڙت، زنگي تنهنجي ضمير کي.

    ڌوٻيءَ جيان ڌوئي ڇڏ، ڪوڙ، ڪپت ڪچ،
    ٿو سدائين سچ، سرس رکي سونهن کي.
    *

    ڪافي

    ٿلهه: ڌڙڪي دلڙي دم قدم آ، دوست نه دم ڪو دل کان ڌار،
    بڻجي دم ڀي آدم آيو، صورت جو سڀ سينگار!

    ڌوئي پنهنجو من ڪر اُجرو، ڪوڙ ڪپت ۽ ڪينو ڪڍ تون،
    نفرت ۽ سڀ ساڙ اجايا، هينئڙي کي تون ڌو هڪ وار.
    صورت جو آ سڀ سينگار.

    ڊپ لالچ جو لاهج کوکو، دوزخ دڙڪو، بهشت دلاسو،
    حورن جو آ خالي ليکو، دلبر سان ڪر دل جو واپار،
    صورت جو آ سڀ سينگار.

    ڌرتيءَ جي رهي سُونهن سلامت جنهن ۾ دلبر جو آ ديرو،
    ديوارن کي ڪهڙا سجدا، سونهن کي سجدا ڪر تون يار!
    صورت جو آ سڀ سينگار.

    اکين مان جي لڙڪ وهن ٿا، سي ئي اگهه عبادت ڪر تون،
    دل ئي آهي ڪعبو خدا جو، تو ن به دلين جو ٿي دلدار!
    صورت جو آ سڀ سينگار.

    محبت جو تون مچ مچائج، نفرت سڀ نهوڙي ڇڏ تون،
    محبت آهي روپ خدا جو، محبت سان ٿي مڻيادار!
    صورت جو آ سڀ سينگار.


    ڏ

    ڏيڏر کان ئي سک، ڪيئن گذاري ڏينهڙا،
    تري تارونءَ تِک، سُڪي ۾ به ساهه کڻي ٿو.

    ڏيڏر کان ئي سِک، هاڻي ريت هلڻ جي،
    کڻ سنڀالي وِک، سِرڪ اڳتي سُرت سان.

    ڏکن کان نه ڏر، ڪر پچار پَچڻ جي،
    وڍ ڏسي نه وَر، مَر ته مارين موتَ کي.

    ڏُک رڳو ئي ڏِک، سَگھا نه آهن سُرت کان،
    وکن مٿي وِک، کڻ ته پُڄين پنڌَ کي.

    ڏکن ڌاران سُکَ، سَت وڃائن سونهن جو،
    نِڌرتا جي نُکَ، احساس ڀري آدميءَ ۾.

    ڏکن ڌاران ڏُور، احساس آدميت کان،
    سُرتائتو سُور، آهي پرک پچڻ جي.

    ڏَنجهه اندر منجهه، سائو رکن سُرت کي،
    سدا سُک سَهنج، ٿا مارن ماڻهوءَ ماڻهپو.

    ڏکن ڌاران ڏات، سَنڍ رهي ٿي سَمڪ کان،
    جهوريءَ سندي جهات، مڙئي نُور نِرت جو.

    ڏکن ڌاران ڏَس، ڪهڙو واٽ وِندر جو،
    گوندر مِڙئي گس، ويجهو ڪن وصالَ کي.

    ڏکن منجهه ڏڍ، آهي سَڌ سُکن جي،
    انساني هيءَ اَڍ، ازل کان اميدَ ۾.
    *

    وائي

    ڏنجهه ڏولاوا ڏک ڪـر ڏور!
    مولا آڻ مُرڪ چپن تي!

    آزاديءَ اتساهه اُٿي ڪو، گولپ ٻانهپ ڪر تون دور!
    مولا آڻ مُرڪ چپن تي!

    ساڃهه سرت ۽ فهم اچي من، اونداهيءَ تي پکڙي نور،
    مولا آڻ مرڪ چپن تي!

    ماڻهوءَ جو ڀي ماڻهو جاڳي، ماڻهپ ٺهي ڪو منشور،
    مولا آڻ مرڪ چپن تي!

    ڌرتي ڀي ڌن ايڏو اپائي، ڌن تي ٺهي نه ڪو دستور،
    مولا آڻ مرڪ چپن تي!

    پيار امن ۽ سنڌ جيئي شل! اچي دنيا ۾ سُرت شعور،
    مولا آڻ مرڪ چپن تي!

    مشڪور سچ جا نعرا هڻندي، سولي چڙهي منصور،
    مولا آڻ مرڪ چپن تي!

    ڪافي

    ڏيئا ٻاٽ اوندهه ۾ ٻاري ڇڏيا تو،
    جيئڻ جا گُر ڪئين سيکاري ڇڏيا تو.

    مايوسين کي ٽوڙي اميدن کي جوڙي،
    ترها بحر عشق مان تاري ڇڏيا تو.

    وسي دل جي بنجر تي بادل بڻجي
    چمن چاهتن جا سينگاري ڇڏيا تو.

    ضميرن کي چهنڊيون هڻي تو اٿاريو،
    وجودن کي احساس ڏياري ڇڏيا تو.

    لڙڪن کي مرڪن جون مالهائون پائي،
    زندگيءَ جا غم سڀ ميساري ڇڏيا تو.

    ڪري ڀال مشڪور وٽ آئين تون ساقي،
    پيالا امرتا جا پياري ڇڏيا تو.


    ڪافي

    ڏئين جي ساٿ تون ساٿي! سنڌوءَ سينگار، جِي پوندا،
    قسم تنهنجي اٿم سر جو جهانگين جنسار، جِي پوندا.

    چيو هي سچ آ سياڻن، هجن ٻه ته سمجهه ٻارنهن،
    ٻڌي جي پاڻ ۾ ڌاريون ته پنهنجا پيار ، جِي پوندا.

    غلامن جي ذهنن ۾ جڏهن آزادي نسري ٿي،
    تڏهن آهن هيڻن جا به جذبا ڇار، جِيَ پوندا.

    آهي ڦاسيءَ سندو تختو ، سدا گاديءَ سچارن جي،
    مٿي سوليءَ شهيدن جا سڀئي اقرار، جِيَ پوندا.

    ڪٽي هي ڪاريون راتيون اِجهومارئي وطن موٽي،
    نه ٻيهر ڪي اباڻن جا وري آزار، جِي پوندا.

    کڻي ڪينر ڀٽائيءَ جو وري مشڪور پيو ڳائي،
    ظلم جي مات ٿي ويندي سڀئي سنسار، جِي پوندا.


    ڊ

    ڊيلون نه ڪي مورَ، ڪومايل آ ڪاسبو،
    ويا چورائي چور، ساري سوڀيا سنڌ جي.

    ڊيلون نه ڪي مور، سونهن به ڄڻ سَنڍ ٿي،
    هاڻي همرچي هور، ماندو ڪري ٿي من کي.

    ڊيلون نه ڪي مور، ٽَهوڪا نه ڪي ٽهڪ،
    موڪلايو مَهڪ، مارن سندي مُک تان.

    ڊيلون نه ڪي مور، نه سابُوسَڻ پاڻي،
    نه بانوَر ڀَٽياڻي، نه چُڻ ڀُڻ چَندن گڍ ۾.

    ڊيلن جيان وِکڙي، پرين جڏهن کنئين،
    سڌي سِينڱ هَنئين، ادائن سان عشق کي.

    ڊ يل جيان ٽلندي جڏهن، پرين نِڪتو پنڌ،
    اکين ڇڏي انڌ، ڪيا سجدا سونهن کي.

    ڊيل جيان تون ناز مان، ڀل اکين تي هل،
    پرين! مون هر پل، ڇڏي عادت ڇنڀڻ جي.

    ڊيل جيان تون ناز مان، ڀل سپرين ڪر سير،
    منهنجي اکين هير، پلي ڇڏي ڇنڀڻ جي.

    ڊَٺَن ڊَڀ پَچار، پُڇن در حڪيم جو،
    سگهن ڪهڙي سار، ويڄن جي وِڄا جي.

    ڊٺل آهيان ڊڀ، ڏيج سگهو ڏاتار،
    مون کي هاڻ ستار، اگهائيءَ عاجز ڪيو.
    *
    وائيِ

    ڊيل ٽلي نه مور ڪو ٻولي، ڪهڙِي ٽِلي مان ڪريان ٽور،
    ڪومايل آ ڪاسٻو!

    جانيءَ کي گل آڇيان ڪهڙا، ڪو نه سُجهي ٿي مکڙيءَ مور،
    ڪومايل آ ڪاسٻو!

    ٻُڪ ٻيرن جو ناهه پلوَ ۾، ڪيئن لاهيان مان دل جي هور،
    ڪومايل آ ڪاسٻو!

    هيڪل جاڳن سارون سوچون، ڪيئن ڀريان مان دل جا پور؟
    ڪومايل آ ڪاسٻو!

    چنڊ کي ماني سمجهي ٻچڙو، ڪونه ملي ڪو ڍوڍي ڀور ،
    ڪومايل آ ڪاسٻو!

    مشڪور جاڳي مرثيا لکي پيو، اندر جنهن جي اُڻ تُڻ اور،
    ڪومايل آ ڪاسٻو!


    ڍ

    ڍڳو مثل پيءُ جي، ڌرتيءَ مثل ماءُ،
    ٻنهي سندي ساءَ، ڀريو بُکئي پيٽَ کي.

    ڍڳي سندي هر، سائو ڪيو سُڃ کي،
    تڙي ڏنجهه ڏڪر، ڀريو بکئي پيٽَ کي.

    ڍڳي سدائين بار، ماڻهوءَ جي مسڪينيءَ جو،
    تڙي اهنج اپار، ڀر يو بکئي پيٽَ کي.

    ڍڳي ۽ هاريءَ پير، مهڪايو مٽيءَ کي،
    نه ڪن ٻئي اوير، کيٽن کي کيڙڻ ۾،

    ڍڳو، هاري، زمين، خوراڪ ڏين خلقَ کي،
    ٽنهي ساڻ رنگين، سونهن سڄي سنسار جي.

    ڍڳو ۽ هاري، پيڙا پَلِينَ ماڻهوءَ جي،
    موذي ۽ ماري، پٽينُ ماس ٻِنهي جو.

    ڍڳو نه سُجهي ملڪَ ۾، نه هاري جي هڪل،
    ڪُلهي کنيو ڪَل، مِڙئي بار ماڻهوءَ جو.

    ڍڳو ناهي جُوءِ ۾، هاڻ رڳو ٽريڪٽر،
    ڇڏي پُراڻي پَر، ماڻهو پيا نئين مامري.

    ڍڳو ناهي جوءِ ۾، رڳو مشيني مار،
    نوان سڀ وهنوار، ماڻهن نوان مامرا.

    ڍڳو ناهي جُوءَ ۾، ٽريڪٽر مٿي بار،
    سائنسي سنسار، مشڪور هاڻي ملڪ ۾.
    *

    وائي

    ڍولڻ ڇا جي ڍيل، مند وڃي پئي هيل،
    ڇو ته وساري ويهي رهئين تون!

    تو بن مون کي شهر جا ماڻهو، سمجهن پيا نويل،
    ڇو ته وساري ويهي رهئين تون!

    رسمن جا اچ سارا ٽوڙيون، قهري ڪوٽ ۽ جيل!
    ڇو ته وساري ويهي رهئين تون!

    پيار جا ويري سارا ماڻهو، کر به ڪن پيا کيل،
    ڇو ته وساري ويهي رهئين تون!

    مشڪور سونهن کي پوڄي وٺ تون ،عشق سهي نه اَويل،
    ڇو ته وساري ويهي رهئين تون!


    ذ

    ذرو آهن ظاهر ۾، اندر کُوريون کامن،
    ٻرن ۽ اُجهامن، جذبا ماڻهو من جا.

    ذرو آهن ظاهر ۾، اندر کُوريُون کوڙ،
    جذبن سندي جوڙ، اصل اُهاءُ عشق جو.

    ذرو آهن ظاهر ۾، من اندر مانڌاڻ،
    چاهت جي چانڊاڻ، روشن ڪري روح کي.

    ذرو آهن ظاهر ۾، اندر ڪائنات ڪُل،
    هُو سندي هُل، امر ڪيو آدميءَ کي.

    ذرو آهن ظاهر ۾، اندر نُوري نازُ،
    عشق جو آواز، سَڌ مڙوئي سونهَن جي.

    ذرو آهن ظاهر ۾، اندر مايا مڻ،
    کوڙ کپر ۽ کڻ، ڏنگِن سدا ڏاتِ کي.

    ذرو آهن ظاهر ۾، اندر قل هوالله،
    وحدت منجهه ويساهه، جن رکيو سي راضي ٿيا.

    ذرو آهن ظاهر ۾، اندر ڪُل شيطان،
    ماڻهوءُ جو ايمان، ٿئي پڌرو پرکَ سان.

    ذرو آهن ظاهر ۾، اندر شاهي شاهه،
    جن پچايو ماهه، تن کي عشق امر ڪيو.

    ذرو آهن ظاهر ۾، اندر سوين سُور،
    ٿيو ماڻهپو مشڪور، سدا ماڻهوءَ سوچ جو.

    وائي

    ذرو ذرو ٿي نيٺ ته ٽٽندي، آخر هي ظلمات،
    آهه سگهاري ڏات، الو ميان!

    رات جو نيڻن ننڊ اُکيڙي، ٻولي ڪڻڇي لات.
    آهه سگهاري ڏات، الو ميان!

    ٽاڪ منجهند جو ڳيرو ٻولي، گهوگهو تُو هر گهاٽ،
    آهه سگهاري ڏات، الو ميان!

    جگنوءَ چمڪي اونداهيءَ ۾، ڇرڪائي پيو رات،
    آهه سگهاري ڏات الو ميان!

    ٽڙن ڪنول ٿا سينوَر ۾، اڇي اڇ اڇات،
    آهه سگهاري ڏات، الو ميان!

    مشڪور من ۾ سانوڻ ٽاڻو، جهوريءَ پاتي جهات ،
    آهه سگهاري ڏات، الو ميان!


    ر

    رِڇَ مٿاران ڪُتن جي، جيئن ٿئي ٿي بَڇ،
    تَيئين مڙي مَڇ، کائن ماس سنڌوءَ جو.

    رِڇُ مٿاران ڪُتن جي، جيئن ٿئي باهوڙ،
    تيئين مانگر کوڙ، کائن ماس سنڌوءَ جو.

    رِڇُ ڏسي ڪُتن کي، جيئن کڻي ٿو ڪَر،
    ڏات ڏئي تِئن هر، وَلي پئي وجودَ کي.

    رِڇُ ڏسي ڪُتن کي، رنڀي ڪري رِيهه،
    پيڙا جِي تئن پيهه، ڪري ڏهوڻو ڏاتِ کي.

    رِڇُ ڪُتن جي مَيل ۾، (جئن) خفتين جي بازي،
    (تئن) روحُ ٿئي راضي، گولپ جي گراهَه تي.

    رِيهون، دانهون، ڪُڻڪُون، ڪِيهون ۽ ڪُوڪُون،
    ڦوڙائي ڦُوڪون، ساڄو ڪن ٿيون سوچَ کي.

    رَنڀون، آهُون، دانهون، ڪُڻڪُون ۽ ڪِيهون،
    چَهڪ ڏئي چِيهون، زندهه ڪن ضميرَ کي.

    رِيهون، ڪِيهون، ڪُڻڪون، ٽَچڪي هڏ ۽ ماهه، ٿڌو هرڪو ساهه، ٿو جاڳائي ضميرَ کي.

    ريهه، راماڻا، رَنڀ، ڪُڻڪون ۽ ڪِيهُون،
    ڏکن سندا ڏنڀ، ڪن ڏهوڻو ڏاتِ کي.

    ريهون، ڪِيهون، ڪڻڪون، آهون ۽ سُڏڪا،
    آنڌ مانڌ، اُڊ ڪا، معنيٰ مِڙوئي وجودَ جي.
    *

    [نظم]

    رهزنو! هاڻي ڀڄو، سنڌ دشمنو! هاڻي ڀڄو!
    سنڌ جا سو ڍا اٿيا ۽ سنڌ جون سوڍيون اُٿيون!

    ڪوڙ جو ڪارو نظام، هي ڪين ٿو هاڻي کپي،
    ڪوسُ، قبضو، قتل عام هي ڪين ٿو هاڻي کپي،
    روڄ راڙو، روز جام، ڪين ٿو هاڻي کپي،
    ديس واسي سڀ اٿيا، هرڪو اٿيو ننڍو وڏو:
    رهزنو! هاڻي ڀڄو!

    مذهبن جي نانءَ تي، هي قهر قاتل ٿا ڪريو،
    بم پيٽن تي ٻڌي هي حق ٿا باطل ڪريو،
    سونهَن تي تيزاب هاري، ٿا دکي هر دل ڪريو،
    هار ٿيندي اڄ اوهان جي، ڀو نءِ ۾ هي هُل اٿيو!
    رهزنو هاڻي ڀڄو!

    ويل ڌرتيءَ تي ڏسي، مشڪور چئي وانگي اٿيا،
    سچل، سامي ۽ ڀٽائيءَ، جا لکين سانگي اٿيا،
    تنهنجي ڏنگن کي چيٺڻ لئه ڪيترا ڏانگي اٿيا،
    ڪو وڏو تو لئه آ ٿيڻو هاڻ ويري هت ڏچو!
    رهزنو هاڻي ڀڄو!


    غزل

    رت سان لکجن پيا غزل،
    قيدي جذبا، ڪلڪ ڀڳل.

    باندي بند ۾ آهي ڇاهي،
    رهي ٿو جيئرو عزم اٽل.

    ڀئونر اڏامي پهچي ماڳ،
    جڏهن کلي ٿو بند ڪنول.

    پيراگهاڙا عشق جي ڊوڙ،
    لڪ لڳي ڀل ڀونءِ تتل.

    اُڃيارن سيراب ڪندو ڇا،
    هُرلو، جنهن جي مالهه ٽٽل!

    سونهن جي پرکا پيري ۾،
    وقت حسن جو ڄڻ ته ڪجل.

    سانوڻ ٽاڻو دل مشڪور!،
    پرچي پوي من يار رٺل.


    ڙ

    ’ڙاڪُون‘• سِنڌوءَ پيٽَ ۾، ڏسي روئي رُوح،
    ٿر جيان ٽُوهه، ڇا ٿيندا ٻِنهي ڪنڌئين؟

    ڙاڪُون ڏئي ڦاٽا، جيجل سنڌوءَ چَپ،
    ڪُپتين هنيا ڪپ، ڊئمن سندي ڊوهَه سان.

    ’ڙاڪُون‘ ڏسي ڦاڪُون، منهنجو من ٿيو،
    ڪيڏو قهر ڪيو، ڌارين سنڌو درياهَه سان.

    ڙاڪُون سنڌوءَ پيٽَ ۾، ڏسي ٿئي مون ڏُک،
    سنڌي ٿي سنمُک، اٿن ڊئم ڊاهڻ لئه.

    ڙاڪُون سِنڌو پيٽَ مٿان، کارو پيو پائي،
    کپر تن کائي، جِن ٻڌا ڊئم ڊوهَه سان.

    ڙي! ڪُڄا پيا ڪريو، چوَن ڪاڇي ٻار،
    ويٺا ڏِين ميار، سَرتن کي اڄ سنڌ ۾.

    ڙي! ڪُڄا پيئون ڪريو، چوي ڪاڇِي نار،
    ويٺي مُنجي مَيار، سَرتين کي اڄ سنڌ ڏي.

    ڙي! ڪُڄا پيو ٿو ڪرين، سُڄي ڪاڇي ڪُوڪ،
    هاڃي سندي هُوڪ، آهي ٻنهي ڪنڌئين.

    ڙي! ڪُڄا پيو ٿو ڪرين، چوَن ڪاڇِي ڍول،
    ٻاٻاڻڪا ٻول، ساکَ سدائين سچَ جي.

    ڙي! ڪُڄا پيو ڪرين، چوي پيو مشڪور،
    ڪري ڌاريان دُور، ماڻيون پنهنجو آجپو،
    *


    • ڙَاڪُون: درياهه جي پيٽ ۾ سُڪي وڃڻ بعد واريءَ ۾ پيل ڦوٽون يا ڏار

    ___________

    گيت

    ڙي ڪُڄا پيون ڪريو،گڏجي جيڏيون اُٿون،
    سنڌ ماتا سندا خوب سهرا چئون!

    مند سرچي پوي سونهن جو مينهن وسي،
    گاج، بارڻ وهي، خوب گڏجي گهمون!

    ڪوٽ رنيءَ مٿان چوٽ تي سڀ چڙهون،
    سچ اوچو ڪري ڪو جهنڊو چاڙهيون!

    هانءُ هاريو نه ڙي، پاڻ ڳاريو نه ڙي!
    سّچ اڇو ڪريون، ڪوڙ ڪارو ڪريون!

    من کي منڇر۽ دل کي ڪينجهرڪريون،
    جوش جذبي سان گڏ ٿي اڳتي وڌون!


    ز

    زنجير، ڪڙيون، جيل، سگها ناهن سوچَ کان،
    جيئن جيئن چڀن سيلهه، نعرا گونجن نينهَن جا.

    زنجير، زندان ۽ بندَ، سَگهو ڪن ٿا سُرتِ کي،
    جيئن ٿي تڻڪي تند، تيئن ٿو مرڪي ماڻهپو.

    زنجير، آڙا ٻيڙيون، ڦاهيون ۽ ڦٽڪا،
    جهوري ڏئي جهٽڪا، سگهو ڪري ساڃاهَه کي.

    زنجيرون پائي، ويٺا ڦاسي گهاٽ،
    منهن تي هڻي چماٽ، ڏڪايو تن ڏاڍَ کي.

    زور ۽ هاڃا ڏاڍ جا، هوڙهيايون انڌيرَ،
    ماڻهوءَ من جي ميرَ، انڌپ آهي انا جي،

    زاريون، مِنٿون، گِيسيُون، ميڙُون ۽ سُڏڪا،
    ڏسي پيو ڪُڏڪا، ظالم ڪري زمينَ تي.

    زاريون، آزيون، مِنٿون، اڳيان ٻڌڻ ٻانهون،
    سَکڻيُون سڀ دانهون، سَگهه ڏِين سامراجَ کي.

    زارِيُون، آزِيُون، مِنٿون، گولپ مڙئي گُناهه،
    جنهن سان نڪري ساهه، ماڻهوءَ جي ضميرَ جو.

    زارِيُون، آزيُون، مِنٿون، گولپ جن لئه گناهه،
    سيئي سُڪائن ساهه، ٿا سامراجي سوچَ جو.

    زاريُون، آزِيون، ڇڏ تون، پچاءِ نه ٻيا ڪي پُور،
    ماري ڪڍ ’مشڪور‘، هاڻي سامراجي سنڌ مان.
    *

    ڪافي

    ٿلهه: زنجيرن جئن آهن حسن جون ادائون،
    ڪندو عشق آهي حسن کي دعائون.

    ميارون سڄڻ کي ڏبيون ڪين آهن،
    ٿڌا ساهه کڻ تون نڪِي ڀر ڪي آهون.

    پرينءَ کي اچڻ جا حڪم پيو ڪرين ڇو،
    اکين ساڻ جانيءَ جون سهه تون جفائون.

    زهر زندگيءَ جو آهه پيئڻو اڳو پو،
    ڪرين ڇو پيو پنهنجون زخمي وفائون.

    متان ٿين تون غافل، پوڄي وٺ پرينءَ کي،
    ڪندو موت آهي اچانڪ هلائون.

    ڪيڏي رات مشڪور! ڀيانڪ ٿي ويئي،
    اٿو ڏيئا ٻاريون، اچن پيون صدائون!


    گيت

    زندگيون پيون ڊهن، ڪلفتون پيون ٺهن،
    آءُ اوري پرينَ!، ٿڪ سارا لهن.

    جي آ ڌرتي ننڍي، دل جي دنيا وڏي،
    عشق ارڏو سدا، پيار ڇو پيا ٽهن
    آءُ اوري پرين! ٿڪ سارا لهن!

    رات ممڙي جيان، روشنيءَ پئي چٽي،
    چئو ڀلا ڪيئن هتي ذهن آجا رهن!
    آءُ اوري پرين ! ٿڪ سارا لهن.

    رت مينديءَ به آ، رت خوشبو به آ!
    رت جي ڀَت تي ڇو ڪُتا پيا بهن.
    آءُ اوري پرين! ٿڪ سارا لهن.

    سوچ نانگڻ ڏنگيو، پيارَ مرهم رکيا،
    سونهن ديويءَ اڳيان سيسَ ڀل پيا نمن.
    آءُ اوري پرين! ٿڪ سارا لهن!

    اڄ موکيءَ سڀيئي، مَٽَ کولي ڇڏيا،
    روز ’مشڪور‘ تي وڙ ٿا ڪيڏا ٿين!
    آءُ اوري پرين! ٿڪ سارا لهن!


    س

    ’سِينڍَن ۾ ڪا مارئي‘، هاڻي تون نه ڳاءِ!
    کُلي تون سمجهاءِ، اندر سنديون ڳالهڙيون.

    سِينڍن ۾ تون مارئي، هاڻي ڳائڻ ڇڏ،
    سڏي وري سڏ، جاڳاءِ ساريءَ جُوءِ کي!

    سِينڍ ۾ ڳاءِ نه مارئي، سِڌي ڳالهه تون سَل،
    لاکيڻا! سِک لَل، پنهنجن کي پرچائڻ جو.

    سِينڍن ۾ ڪا مارئي، وڄاءِ نه تون وِڻواند،
    وڏي ڪر ويڙهاند، ويريءَ ساڻ وجودَ جي.

    سِينڍ ۾ ڳائڻ مارئي، نڪو لاءُ نه ڪو ساء،
    سڌو هاڻي ڳاءِ، آزاديءَ جي گيتَ کي.

    سِڌي راند سو نٽي جي، سِڌي ڪر تون ڳالهه،
    جيئن ڀِٽائِي ڪالهه، سمجهائي ويو سنڌ کي.

    سِڌِي راند سونٽي جي، اگر مگر تون ڇڏ!
    سڏي ساٿي گڏ، وڏاندري ڪنهن ويڙهه لئه.

    سِينڍ ۾ ڀورا مارئي، ڇو و يٺو ڳائين؟
    پيو ڇو پرچائين، رڳو پنهنجي روحَ کي.

    سِڌي راند سونٽي جي، هڻ نه اجائي جَک،
    مرهم نه ڪو مَک، وڍيل پنهنجي وَڍ تي.

    سِڌي راند سونٽي جي، سِڌو ڏيج شعور،
    مَهلائِتو ’مشڪور‘، قرض لاهج ٿڃُ جو.
    *

    وائي

    سڏ ۾ سڏ ملاءِ، ڳاءِ وري تون ڳاءِ، او چارڻ!
    ڳاءِ وري تون ڳاءِ! ڀيرو سُر هن ڀونءِ تي،

    اسر ويلي سُرندو سوري، سُتن ننڊ ڦٽاءِ، او چارڻ!
    ڳاءِ وري تون ڳاءِ! ڀيرو سر هن ڀونءِ تي.

    ننڊ ۾ جيڪو ڏيهه سُتل آ جاڳي سو جاڳاءِ، او چارڻِ !
    ڳاءِ وري تون ڳاءِ! ڀيرو سُر هن ڀونءِ تي.

    نِرڄي جيڪا نُک پيتئي، سا ئي ٿڃ ملهاءِ، او چارڻ!
    ڳاءِ وري تون ڳاءِ! ڀيرو سُر هن ڀونءِ تي،

    پنڌ ۾ ساهي مور نه کڻبي، هل ڪري مينهن واءُ، او چارڻ!
    ڳاءِ وري تون ڳاءِ! ڀيرو سُر هن ڀونءِ تي،

    مشڪور پنهنجي گيتن ۾ ڀر، سنڌوءَ جي ساڃاه، او چارڻ!
    ڳاءِ وري تون ڳاءِ! ڀيرو سُر هن ڀونءِ تي.


    وائي

    سنڌوءَ جر ٿو سُڏڪي سُڏڪي،
    ڇُلڪي تنهنجي ڪاڻ، او ساٿي!

    سنگهرون پائي، ڪيسين رهندين،
    هاڻ آزادي آڻ، او ساٿي!

    سورهيه سر گهوريندا آهن.
    سوريءَ ڏي تون تاڻ، او ساٿي!

    گهڙو ڀڄي پيو، ڏَم پيو مُرڪي،
    سهڻي سيرن ساڻ، او ساٿي!

    ڳڀرن رت مان، باکون ڦُٽنديون،
    ڳاڙهو سج ڳاڙهاڻ، او ساٿي!

    مور اڃايل، ڪويل ٻولي،
    ڄيري جي لهه ڄاڻ، او ساٿي!

    مشڪور! اڄ جو راڻو بڻجي،
    مومل پنهنجي ماڻ، او ساٿي!

    گيت

    سچائي جو نئون سج، اُڀارڻ ٿا چاهيون،
    اسان ميرِ من جي، اُجارڻ ٿا چاهيون.

    گُلن جي چپن تي ڪي مرڪون پکيڙي،
    سچي ڪا سندرتا، سنوارڻ ٿا چاهيون.

    غلاميءَ سان ٺهبو، ڪڏهن ڪين پيارا!
    ۽ ضميرُ پنهنجو، نه مارڻ ٿا چاهيون.

    کڻي جام مئخان جو آءُ ساقي!
    جڏو جيءُ پنهنجو، جيارڻ ٿا چاهيون!

    اسان جون ته راهون، ڪو روڪي نه سگهندو.
    اجهاڳن مان ٻيڙا، اُڪارڻ ٿا چاهيون.

    آ مشڪور! سنڌ جو، سدا نانءُ اوچو،
    عشاقيءَ جي اَمرت پيارڻ ٿا چاهيون.


    ڪافي

    ٿلهه: سڄڻ جي جدائيءَ، پيٺو جنڊ وانگي.
    تڏهن ڀي مٺو ٿو لڳي کنڊ وانگي.

    جيئڻ جو آ مقصد رڳو سونهن پوڄا،
    انهي ريءَ حياتي، آهي ڏنڊ وانگي.

    اميدن جي ٻيڙي، ڪناري پڄي شل!
    سدائين اکيون هي ڪينجهر ڍنڍ وانگي،

    هُجن يار جذبا، ڪارونجهر کان اوچا،
    پرينءَ جون نگاهون آهن رَنڊ وانگي.

    حسن، عشق جون ٿا، اُهي ڪن گلائون،
    رقيبن جون سوچون سُڪل سَنڍ وانگي.

    سنڌوءَ جيئن مشڪور جي سوچ آهي،
    ڇڏيون سِڪ ورهائي، اچو وَنڊ وانگي.


    ڪافي

    ٿلهه: سڄڻ! اچ ملون، آ بهارن جي موسم،
    ڀلا ڇو ڪرين پيو، ڪنارن جي موسم!

    ڪڪر ڀاڪي پاتي، اُڃايل ڀٽن کي،
    چپن کي چمي پئي، ملهارن جي موسم.

    نه موکي مُنڊيون ڏي ، مٽن کي تون هاڻي،
    اچي پئي اچي پئي، متارن جي موسم!

    رقيبئو! نه هاڻي وجهي ڪي به سگهندئو،
    اکين ۾ ڪٽر، نه ڪٽارن جي موسم.

    خزان کي شڪستون ڏئي باغبانو!
    نوان گل پوکيو، آ خارن جي موسم.

    او مشڪور! دردن جو ٿي پئي بلو ڪو،
    دکي دل گهري پئي سهارن جي موسم.

    ڪافي

    ٿلهه: سچ جي سونهن سلامت رکبي، تار ۽ تانگهو ترڻو آ،
    ڏاڍ جا ڏونگر ڏاري وڃبا، زخم غلاميءَ ڀرڻو آ.

    زهر کي زم زم سمجهون ٿا، هانوَ نه هاري وهبو هاڻ،
    جوت جلائي نيٺ ته ڇڏبي، ائين نه هاڻي مرڻو آ.

    اَڀيچند جي ناز ادا مان، سرمد لازم سرجن ٿا،
    عشق اڙانگو پٿر دل مان، جهرڻو بنجي وهڻو آ.

    محل ۾ ويهي انڌن وانگر، ڪکن ۾ٿو اڇلي تيلي.
    پاڳل شايد ڪونه ٿو سمجهي، ’ڏنءُ‘• ٻوڙن مان ٻرڻو آ!

    مايوسي ڀي ڪفر وڏو آ، ماڳ ملي ٿو ڏورڻ سان،
    همت سان تقديرون ڦرنديون ، وقت جو وارو ورڻو آ.

    حسن جي ڀاري برکا ۾، اي عشق سلامت شال رهين!
    هن مشڪور جو ويلو سائين! سونهن سواءِ نه سَرڻو آ.

    •ڏنءَ: باهه

    ڪافي

    سازچارڻ ڇيڙ تون ڪو، گيت نئون اڄ ڳائجي،
    رُوح کي ريجهائجي، ۽ پيارَ کي پرچائجي.

    گُهگهه ٻوسٽَ گُهٽَ ۾ اڄ رُتِ سانوڻ ٿي کپي،
    ڇيڙ تون اڄ ميگهه سُر کي، گل نه ڪو مُرجهائجي.

    هير ٿڌڙيءَ سان سنيها موڪلي ڪي پيار جا.
    سُر ڪو راڻو ڳائجي، دل يار جي تڙپائجي!

    عشق جو ٻيڙو سدائين سِير ۾ لڙهندو وتي،
    ڪوڏ مان ’ڪاموڏ‘ ڳائي سونهن کي سرچائجي.

    ڪارڪڻڇي رات جو آ ياد ڇيڙي يارَ جي،
    مالڪوس ۽ ڀيرويءَ سان، بِرههُ ڪجهه بهلائجي.

    ڏاڍ، ڏنجهه، ڏهڪاءَ ۾ ويو برف ٿي آ ماڻهپو،
    ساڻ ديپڪ ديپ ٻاري، عشق کي گرمائجي.

    جهوڪ ڏي جلدي هلون، ٿو عشق چئي مشڪور کي.
    راڳ جي ساگرمنجهان، نِرواڻ نئين ڪا پائجي.

    ڪافي

    ٿلهه: سنڌ امڙ جا سانگي آهيون، جهانگي جهوپن وارا ڙي!
    ماڳ ملهائڻ نڪتا آهيون، جيئي سنڌ جا نعرا ڙي!

    ٽوپي اجرڪ شان اسان جو، جوڌو هرڪو جوانُ اسان جو،
    مانجهي هر مستان اسان جو، ماڻهو موتين-ڌارا ڙي!.

    ساڳ مريڙو، مُرٽ، مانڌاڻا، پڪا، پُسيون، لُلر، لاڻا،
    ريڀڙ، ميها چڀڙ، هنداڻا، کاڄ نه ڀانيون کارا ڙي!

    سرهو سنڌو ديس اسان جو، گربي، کاڌي، کيسُ اسان جو،
    وڻندڙ وهوا ويسُ اسان جو، پيڙهين کان هون پيارا ڙي!

    ڪانئر جيڪو اسان ڏي ڪاهي، تنهن جا ڇڏيون ليکا لاهي،
    وڙهون ويرين سان ٻولائي، دودي هوشوءَ پارا ڙي!

    شينهَن جو، شهزورن جو، سنڌ ملڪ سڄو منصورن جو،
    مانجهي مردن مورن جو، موذين لئه هون مارا ڙي!

    گيت آزاديءَ جا ٿا ڳايون، چارڻ جيان سنگيت وڄايون،
    مشڪور ٿي ٿا ريت نڀايون، بستيءَ جا بڻجارا ڙي!


    ڪافي

    ٿلهه: سنڌو پنهنجو ماضي، سنڀاريو پئي سڏڪي،
    ڏکيو ڏيل پنهنجو، ڏيکاريو پئي سڏڪي.

    اصل کان آ هن جو نماڻن سان ناتو،
    ننگا ٻار ، ناريون، نهاريو پئي سڏڪي.

    کڻڻ ٽانڊو آيا، بڻي بورچي ويا،
    ۽ بکيا اگهاڙا، اُساريو پئي سڏڪي.

    لُڪن ۾ لوساٽيل، ڏِسي لڱ ٻچن جا،
    ويڙهيچا ويڳاڻا، ويچاريو پئي سڏڪي.

    ڌوتا ڌاريا آيا، ڌراوت لُٽي ويا،
    هي پنهنوار پالها پچاريو پئي سڏڪي.

    نه ’مشڪور‘ رهندي، سُڪل ٺوٺ ڌرتي،
    ’جيئي سنڌ‘ جا نعرا، جياريو پئي سڏڪي.

    ڪافي

    ٿلهه: سنڌوءَ کي ٿا ڪريون سلام،
    مستو مستو مست مدام!

    ساڳ، مريڙو کاڄُ اسان جو،
    ڪين وڻن ٿا گولپ طعام.

    ڏُڌ، ڏَهي ڄڻ گنگا جل آ،
    ڪين وڻن ٿا شربت جام.

    وائي شاهه جي يڪتاري تي،
    ڪين وڻن ٿا ٻيا ڪلام.

    پتنگ آهيون مچ محبت جا،
    حق جي پاسي، حب جي هام.

    نعرا هڻندي ’انالحق‘ جا،
    ماڻيون ٿا منصوري مام.

    مشڪور! ’جيئي سنڌ‘ جا نعرا،
    لوڀين جي ٿيا منهن تي لغام.

    ڀڄن

    سنڌ امڙ جا سانگي آهيون، پنهنجو نينهن نڀائڻ ڄاڻون،

    طوفانن مان ترها تاريون، اونداهين ۾ ڏيئا ٻاريون،
    سچ جي جوت جلائڻ ڄاڻون!

    مذهب وچ ۾ خالي جهيڙو، هل هنگامو سڄو بکيڙو،
    تِلڪ سنڌوءَ جو لائڻ ڄاڻون!

    جڏهين سنڌڙيءَ سڏُ ڪيو آ ، سورهين کان ڪو سِر گهريو آ،
    پنهنجا سر ڪٽائڻ ڄاڻون!

    جڏهن به ڌاريا ڪاهي آيا ، سرويچن ميدانَ ملهايا،
    جيجل سنڌ بچائڻ ڄاڻون!

    سنڌي سڀيئي سورهيه دلير، مشڪور! مانجهي مرد مٿير،
    پنهنجا ماڳ ملهائڻ ڄاڻون!


    مرشد کي سڏ (نظم)

    ساڻيهه ڪر سنڀال ڀٽائي،
    ڀونءِ مٿي ڪر ڀال ڀٽائي!
    شاهوڪاري بنگلن تي مان ڇيرين جا ڇمڪار ٻڌان ٿو،
    عورت جي عصمت جا سودا، نوٽن جا وهنوار ڏسان ٿو،
    لوئيارين جي لڄ تي گهيرا، طبلن جا ٻڌ تال ڀٽائي!

    انائن جي تيز بٺين ۾، ڪومل ڪومل جذبا ٽَڙڪن،
    سنگينن جي پهري ۾ ٿيون، ڪيڏيون پياريون دليون ڌڙڪن،
    ڀونءِ مٿي پيا ڀنڀٽ ڀڙڪن، جوءِ مٿي جنجال ڀٽائي!

    من ماڻهو ۾ کوريون کامن، پيڙا جا ڏس پُور ڀٽائي،
    ڪاڙهن ۾ ڏس روز ڪڙهن پيا، و يڳاڻا وهلور ڀٽائي،
    هاڻن جي هوڙهيائي ۾ ڏس، هيڻا ٿيا اڄ حال ڀٽائي!

    کاهڙ سارو کامي پيو ڏس! کاڻا خواب ۽ خيال ڀٽائي!
    تنبوري کي تڻڪ وري ڏي، ڇورا ڏين ڪو ڇال ڀٽائي!
    تنهنجي سڏ تي جاڳن سڀ، او، لاکيڻا لڄپال ڀٽائي!
    ساڻيهه ڪر سنڀال ڀٽائي،
    ڀونءِ مٿي ڪر ڀال ڀٽائي!

    گيت

    سچ ۾ آهي مچ او سائين!
    سچ تي پنهنجو سرڙو گهوريم ، پنهنجو ڪيتو پاڻ ئي لوڙيم،
    لوڪ سڄو ٿو مون تي جلي، دشمن جي ڀي دل ٿي کلي.
    سچ ۾ آهي مچ او سائين!

    جڏهن ٿيس مان شاعر سنڌ جو، ڪين ٿيس مان ڪانئر سنڌ جو،
    دنيا چئي ٿي هي آ غدار، هن کي چاڙهيو جلد ي دار.
    سچ ۾ آهي مچ او سائين!

    جڏهن ڏوٿين جا ڏنجهه لکيم، ويرين جا سڀ ونجهه ڪٽيم،
    لوڪ چوي ٿو باغي آهي، منصور ڏ سو هي ساڳي آهي.
    سچ ۾ آهي مچ او سائين!

    جڏ غاصب کي للڪار ڪيم، ۽ پنهنجن کي پوڪار ڪيم،
    دنيا چئي هي آهي منڪر، ڪري نه ٿو ڪو شڪر صبر.
    سچ ۾ آهي مچ او سائين!

    مشڪور ٿي مون ما م مچائي، حق گهرڻ جي هام هُلائي،
    دنيا چئي هي آهي ويڙهو، هن جي مٿي تان لاهيو ڦيڙهو.
    سچ ۾ آهي مچ او سائين!


    ش

    شينهن جيان تون ٻول، وجهي اکيون اکين ۾،
    ڀَوَ سڀيئي ڀول، ته مرڪي ٿڃُ سنڌوءَ جي.

    شينهن جيان تون گهار، ٻيلي ٻنهي ڪنڌئين،
    متان کائج هار، ڪيني ڪام ڪروڌَ کان.

    شينهن جيان تون گهُور، اکيون ڀري آڳِ سان،
    لالچ جو لغُور، لانجهو نه ڪريئي لوڪ ۾.

    شينهن جيان تون کاءُ، شڪار پنهنجي سگهَه سان،
    ٻئي ڏي نه واجهاءِ، ٽنگي هٿ هيڻن جيان.

    شينهن جيان تون ڇال ، هڻي شڪار هٿ ڪر،
    ويهي پُور نه پال، گولپ جي گمراهيءَ ۾.

    شينهن جيان سينو تاڻي، مارڳ منجهه ئي مَر،
    ڪري نانءُ امر، پنهنجو لکاءِ تاريخ ۾.

    شينهاڻي سِک گَت، اکيون ڌار عُقاب جون،
    سمجهه ڀليءَ ڀَت، معنيٰ پنهنجي وجود جي.

    شينهن جيان نينهن ٿو، کائي تازو ماس،
    ملڻ سندي هر آس، آهي ٽنگيل ٽياسَ تي.

    شينهن جيان آ نينهُن، سدا وِک اڳري،
    ڏسي رات نه ڏينهن، رڳو شوق شڪارَ جو.

    شينهن جيان ٿو نينهن، ڪري ڪونه قياس،
    عشق پَچائي ماس، ٽِيهه ئي روز ٽانڊن تي.
    *

    ڪافي

    شينهن جيان ڇال ڏئي يار اٿو ڙي،
    سنڌوءَ سڏ ٻڌو ڙي، سنڌوءَ سڏ ٻڌو ڙي!

    سونهن سڄي سنڌ جي، لٽيرا لٽي ويا،
    ڀاڳيا جاڳي ڀونءَ جا، سڀ پير کڻو ڙي!

    او ڌرتي واسيو! ڌن تي دلال متان ٿيو،
    وڪيو جنهن ضمير سو نه سک ستو ڙي!

    ماڻهو سندو ماڻهپو آ، مو هه منجهايو.
    دين سندي نانءَ تي، ٿئي ڪم ڀُتو ڙي!

    روپي، هوشوءَ، هيمون، ۽ بلاول وانگي،
    ساهه جي ويساهه تي، ئي ساهه ڏيو ڙي!

    ’مشڪور‘ جي ٿا چاهيو، جيئي ڏات سدائين،
    ڪي سچ ۽ ساڃاهه ڀريا، شعر لکو ڙي!


    ص

    صندوق مان بندوق، ڪڍي رک ڪُلهي تي،
    ته هاڃي سندي هُو ڪ، ٽري وڃي ڏيهه تان.

    صندوق مان بندوق، ڪڍي ڪُونج نه مار،
    سنڌ سدائين يار، سِر ڏنا آهن سامَ تي.

    صندوق مان بندوق، ڪڍي مورُ نه مار،
    سنڌ سدائين يار، سر ڏنا آهن سونهَن تي.

    صندوق مان بندوق، ڪڍي مار نه نارِي،
    ڪڏهن نه ڪاري، سڏيو سنڌ سهڻيءَ کي.

    صندوق مان بندوق، ڪڍي مار نه ڀاءُ،
    پنهنجن سان پرچاءُ، ڪر ته ماڻين آجپو.

    صندوق مان بندوق، ڪڍي مَک تون تيل،
    هاڻُو وري هيل، منهن ڪن متان ملير ڏي.

    صندوق مان بندوق، ڪڍي لاهج ڪَٽُ،
    ارڏو ٿي الهٽ، تڙي ڪڍ انياءَ کي.

    صندوق مان بندوق ڪڍي، ظالم سڀئي مار،
    ته ٿئي ڪو سُڪار، موذي رهي نه ملڪ ۾.

    صندوق مان بندوق تون، ڪڍي مار ڪينو،
    ته مڪو مدينو، مرڪي تنهنجي مَن جو.

    صندوق مان بندوق، ڪڍي ڪر تون وَس،
    ڇڏ گولپ جو گس، مهلائتو مشڪور چئي.
    *

    نظم

    صبر جي تلقين هاڻي يار! ناصح ڏي ڇڏي.
    سونهن پئي مون کي سڏي ، ۽ سنڌ پئي مون کي سڏي.

    گهگهه ٻوسٽ گهٽ ۾، ڪيئن ساهه پيو گُهٽجي اڃا،
    سونهن تي پهرا چڙهيل، ۽ چاهه پيو گُهٽجي اڃا،
    ماڻهوءَ جو ماڻهو منجهان، ويساهه پيو گهٽجي اڃا،
    تون چوين ٿو آءٌ ويهان، ڪوڙ سان گوڏو گڏي.
    سونهن پئي مون کي سڏي، ۽ سنڌ پئي مون کي سڏي.

    مان گهڻئي ٿو ڀاءُ ڪريان، ڀاءَ هو ٿيئن نه ٿا،
    خون جا هيراڪ قاتل، کير هو پيئن نه ٿا،
    امن کي ايمان سمجهي، يار! هو جيئن نه ٿا،
    تون چوين: آئون ويهان، اوڏا اتي پکڙا اڏي،
    سونهن پئي مون کي سڏي، ۽ سنڌ پئي مون کي سڏي.

    دين من هو ڪين ڄاڻن، دين جي دوکي لُٽينِ،
    خودڪُش حملا ڪري، قاتل پڙهن سورت ’وتين‘،
    هو منافق ۽ فريبي، پئسي تي وڪڻن پيا دين،
    تون چوين ٿو ٿيءُ ڪافر! ڪوڙ جي ويهه تون تڏي،
    سونهن پئي مون کي سڏي، ۽ سنڌ پئي مون کي سڏي.

    سنڌ وٽ پيغام اعليٰ، امن جو، اتحاد جو،
    درد جي آهي دوا، ۽ داد هر فرياد جو،
    فيصلو چُڪتو ٿيندو، تار يخ جي هر ياد جو،
    پيو چوي مشڪور ڀي ڪر ڏاڍ کي پنهنجي ڏَڏي،
    سونهن پئي مون کي سڏي، سنڌ پئي مون کي سڏي!


    ض

    ضامن آهه ضميرُ، ماڻهو جي ماڻهپي جو،
    من ۾ مفتي پِير، جن سمجهيو سي صالح ٿيا.

    ضامن آهه ضميرُ، ازلئون انسانيت جو،
    من ۾ مفتي پير، پنهنجو قاضي پاڻ ۾.

    ضامن آهه ضمير، الست کان ارواحَ جو،
    ٻيو نه مفتي پير، ميزانُ ماڻهوءَ- من ۾.

    ضايع ڪر نه و قت کي، وقت ئي وڏي وَٿ،
    ويهي ڪٿ نه ڪٿ، هل ته ماڻين ماڳَ کي.

    ضايع ڪر نه وقتَ کي، وقت ئي وڏو شاهه،
    ويهڻ سان ڪو ٺاهه، متان ڪرين واٽَ تي.

    ضايع ڪر نه سَگَهه کي، جو ڀن وڏي جاڙ،
    متان هڻندي ڊاڙ، ويهي وڃائين وقتَ کي.

    ضايع ڪر نه مَت، گولپ جي گِراهه تي،
    متان وڃائين پَت، اڇيءَ پنهنجيءَ پڳَ جي.

    ضايع ڪر نه ڌن، ويسلا! وڏائيءَ تي،
    ڪڏهن نه ريجهي من، ڪنهن شيطاني شغل ۾.

    ضايع ڪر نه سُونهن، هل نه اجائي هوڏ سان،
    تو وٽ هيءَ ورونهن، آهه اڍائي ڏينهڙا.

    ضايع ڪر نه ضد تي، مشڪور تون مايا،
    ڏات سندي ڪايا، ڪڏهن نه پَرتِي ڪوڙَ سان!
    *

    وائي

    ضامن آهه ضمير، من ۾ مفتي پير،
    پنهنجو قاضي پاڻ ۾ آهي!

    مٽيءَ ملهه مهانگو اصلئون، مٽيءَ خاص خميرُ،
    پنهنجو قاضي پاڻ ۾ آهي!

    سچ کي سدائين سونهن جي ڳولا، اندر منجهه اڪير،
    پنهنجو قاضي پاڻ ۾ آهي!

    ڏات سهي ڪي ڏنگ ڏکن جا، ساڄو ڪري سرير،
    پنهنجو قاضي پاڻ ۾ آهي!

    مشڪور! دل ۾ سانوڻ ٽاڻو ، جهوري وجهي پئي جِهير،
    پنهنجو قاضي پاڻ ۾ آهي!


    ط

    طريقت شاهه عنايت جي، سڀئي جي سِکون،
    کڻي ڪجهه وِکون، ماڻيون پنهنجو آجپو.

    طريقت شاه عنايت جي، سِکي ٿيون سُڄاڻ،
    ته پسون اندر پاڻ، وڏائي سڀ وُجود جي.

    طريقت شاهه عنايت جي، جڏهن سمجهي جِن،
    تڏهن مَرڪائي تِن، وڏائي سڀ وُجودَ جي.

    طريقت شاهه عنايت جي، سڀ منصوري مام،
    مَرڪندي تائين قيام، وڏائي رُڳو وجودَ جي.

    طريقت شاهه عنايت جي، ’جو کيڙي سو کائي‘،
    اِنهيءَ منجهه آهي، وڏائي سڀ وجودَ جي.

    طريقت شاهه عنايت جي، اناالحق اعلان،
    مِٽيءَ لهي ٿي مان، پڙهي نماز عشقَ جي.

    طريقت شاهه عنايت جي، سمجهي سارو لوڪ،
    ته جَرڪِي پوي جهوڪ، جُهونجهارڪِيءَ جوتِ سان.

    طريقت شاهه عنايت جي، صورت کي سلام،
    محبت سکڻ مام، آئي آهه وجودَ جي.

    طريقت شاهه عنايت جي، سِکي سڄي سِنڌ،
    ته آجي ڪري جِند، ماڻيون پنهنجو آجپو.

    طريقت شاهه عنايت جي، سِکين جي مشڪور!
    ته صدين سندا سُور، لحظي منجهه لهي وڃن.
    *

    ڪافي

    ٿلهه: طريقت شاهه عنايت جي ڪيا منصُور ڪئين پيدا،
    انالحق جي ڪيا نعرن نشانبر نُور ڪئين پيدا.

    سدا مستن جي مستيءَ سان مدامي مست مئخانا.
    پيئڻ سان پرت ٿئي پختي، پرينءَ جا پُورڪئين پيدا،

    سَري جو راز جن سمجهيو ٿئا بي سِر اُهي سورهيه،
    رنداڻي رمز کي ڄاڻي، ٿيا رنجور ڪئين پيدا.

    سدائين سونهن ٿي ساقي! اجهائي اڃ ادائن سان،
    نشاني تي چڙهي نيڻن ٿيا مخمور ڪئين پيدا.

    سدا ويراڳ راڳيءَ جو، رچي ٿو روح ريجهائي،
    سُرندي جا ٻُڌي ڪي سُر، ٿين ٿا سور ڪئين پيدا.

    سچل ۽ شاهه ۽ سامي، اياز، استاد ۽ تاجل،
    سُتي ساڃاهه جي پيئندي، ٿيا مشڪور ڪئين پيدا.


    ظ

    ظالم ڪونهي زور، ساري ڀُل مظلوم جي،
    ستايل ڪن شور، ته ڪڙا نه رهن قيد جا.

    ظالم تڏهن زور آ، جو مظلومن ۾ ماٺ،
    ڏاڍن ڪوڙو ٺاٺ، آهه اٿڻ سان آجپو.

    ظالم تڏهن زور آ، جو مظلومن ۾ نِفاق،
    هيڻا ڪن اتفاق، ته ڏري هانءُ ڏاڍَ جو.

    ظالم ساڻ ٺاهه، ڪري ويٺين يار تون!
    گولپ جي گِراهه، مُنڊيو تنهنجي سوچَ کي.

    ظالم ساڻ ٺاهه جي، مون کي ڏي نه صلاح،
    ڪُتي چَٺ پُلاهه، کاڌو ٿيندم ڪينڪي.

    ظالم هن زمين تي، ڪري سُونهن تباهه،
    تنهن سان منهنجو ٺاهه، ڪڏهن ٿيندو ڪينڪي.

    ظالم عيوض زر جي، پيو خريدي ٽهڪ،
    مُرڪن جي مَهڪ، باقي ناهي ڀونءِ تي.

    ظالم عيوض زر جي، سڀ خريدي سونهن،
    وندر ۽ ورونهن، موڪلائي وئي ملڪَ مان.

    ظالم عيوض زر جي، خريدي ويو ايمان،
    شرڪ ۽ شيطان، حاوي ساريءَ سوچ تي.

    ظالم ساڻ ٺاهه تون، ڪڏهن نه ڪجانءِ مُور!
    ماڻهپو مشڪور! متان وِڪڻين مِلڪَ تي.
    *

    وائي

    ظالم ساڻ ٺاهه جي، ڀورا! منهنجا ڀاءُ،
    مون کي ڏي نه صلاح!

    ويريءَ جي وجود جا، تن سان ڪهڙو نياءَ؟
    مون کي ڏي نه صلاح!

    پنهنجن کان پٺيرو ٿي، کاوان ڪيئن گراهه؟
    مون کي ڏي نه صلاح!

    وڪڻان جيجل سنڌ کي؟ جنهن ۾ منهنجو ساهه،
    مون کي ڏي نه صلاح!

    غيرن سندي غلاميءَ جو، ڏس نه ڪوئي ڏاهه،
    مون کي ڏي نه صلاح!

    مشڪورُ ڪيئن ماٺ ڪري، جنهن جو عشق اٿاهه!
    مون کي ڏي نه صلاح!


    ع

    عينڪ پائي انڌ جي، وڪڻين پيو ضمير،
    شايد نه پيتُئي کير، منهنجي سنڌوءَ ماءُ جو!

    عينڪ پائي انڌ جي، وڪڻين پيو ايمان،
    هن ڀُومِيءَ بي ايمان، اڳ نه ڄڻيو ڪڏهين.

    عينڪَ پائي انڌَ جي، ڪُهين سڳو ڀاءُ،
    تو ۾ ناهي ساءُ، ماڻهوءَ جي مٽيءَ جو.

    عينڪ پائي انڌَ جي، بڻجي وئين دلال،
    ڪيڏو آهه مَلال، توتي اڄ تار يخَ کي!

    عينڪ پائي انڌ جي، وِڃاءِ نه سُڃاڻَ،
    اکين منجهه ڪا آڻ، بِينائي برهَه جي.

    عينڪ پائي انڌ جي، ڏسين نقلي رنگ،
    اندر جي اُمنگ، اُٿي ڪڏهن نه اٽڪل سان.

    عينڪ لاهي انڌَ جي، ڏس پوءِ هي جهان،
    مَن ٿينئي مهان، بِرهَه جي بِينائيءَ سان.

    عينڪ لاهي انڌَ جي، پهرين پروڙج پاڻ،
    من جِي سونهن سُڃاڻ، ته مير لهيي مَن جي.

    عينڪ لاهي انڌ جي، ڏسج پوءِ حبيب،
    تن جو ٿيءُ طبيب، ته ميراڻ لهئي من جي.

    عينڪ لاهي انڌ جي، من جي ڌوءِ ميراڻ،
    مشڪور! ٿيءُ سُڄاڻ، اندر جي اُونهائِيءَ جو.
    *

    ڪافي

    ٿلهه: عينڪ پائي انڌو ٿي وئين، وڪڻين پيو ته ضمير،
    کريو تنهنجو ڇا لئه کير. کريو تنهنجو ڇالئه کير؟

    لوڀ جي توکي لُنڊيءَ کاڌو، مارين ويٺو ماڻهو مِير،
    کريو تنهنجو ڇالئه کير، کريو تنهجو ڇا لئه کير؟

    سُڪن تي پيو سونهن کي وڪڻين، اڳ نه اهڙو ڪوبه نظير،
    کريو تنهنجو ڇالئه کير، کريو تنهنجو ڇا لئه کير؟.

    پنهنجو اندر جاچي ڏس تون، جهورِيءَ وجهندئي جهِير،
    کريو تنهنجو ڇا لئه کير، کريو تنهنجو ڇا لئه کير؟

    لڄن جو لڄپال هئين تون، هئي ڌرتي ساري تنهنجي ڌِير،
    کريو تنهنجو ڇا لئه کير، کريو تنهنجو ڇالئه کير؟

    مشڪور ! تنهنجي حالت ڏسندي، نيڻين وهائي پيو ٿو نِير،
    کريو تنهنجو ڇالئه کير، کريو تنهنجو ڇالئه کير؟

    ڪافي

    عجب وهنوار اسان جو آ،
    سچ سان پيار اسان جو آ.

    حورون ۽ غلمان، شراب،
    خدا به يار اسان جو آ.

    سنڌوءَ ۾ جا مستيءَ آهه،
    سو اوٻار اسان جو آ.

    شام ۽ جام اوهان جي نانءِ،
    محفل جو خمار اسان جو آ.

    سرمد کي مشڪور چيو،
    سونهن جو پار اسان جو آ.


    غ

    غاليچا ۽ گلم گلابي، زربفت ۽ زرين،
    آهن سڀ رنگين، پورهيت سندي رَتَ سان.

    غاليچا، گل، محل هي، ماڙيون ۽ پلنگ،
    رتل تن تي رنگَ، پورهيت جي پگهرَ جا.

    غاليچا ۽ گاديلا، زربفت ۽ زرين،
    پيا سڀ زنگِينِ، ماڻهوءَ سندو ماڻهپو.

    غلامي وڏي گار، ازلئون آهي سونهَن کي،
    متان ڪرين واپار، مانيءَ عيوض ماڻهپي جو.

    غلاميءَ سان ٺاهه، متان ڪريو ماڻهئا!
    گولپ وڏو گناهه، ازلئون آ آدميءَ لئه.

    غلامي ڪري غرق، احساس آدميت جو،
    ويچارپ جا ورق، من جي ڪڍ ڪتابَ مان.

    غلامي ڪوڙهَه- ٽِڪو، ماڻهوءَ سندي مُکَ تي،
    منهن نه ڪج مِڪو، آزاديءَ جي ويڙهِه ۾.

    غم نه ڪر غلام، هيڻي پنهنجي حال تي،
    روئي ڪر نه ماتام، وک وڌائج ويڙهه ڏي.

    غم نه ڪر غلام تون، روئي هانءُ نه هار،
    هٿ ۾ کڻ هٿيار، وِک وڌائج ويڙهه ڏي.

    غلامي جو غم آ، جڏهن ڪيو جن،
    تڏهن آئي تن، سُورهيائي سَرير ۾.
    *

    ڪافي

    غدارن سان گهمين گڏ پيو غلاميءَ جو نه غم توکي،
    سڏين ڌارين کي پنهنجو پيو ، وڏو آهي وهم توکي.

    عوض چغليءَ چنيسر کي ٻڌائون نوڙَ جو پٽڪو،
    ٿيو ويرين جي ڪوڙي واعدي تي ڪيئن ڀرم توکي!

    سچائيءَ کي ڇڏي ڇو پيو وٺين تون ڪوڙَ جو پاسو
    ڪڏهن ڪو ڪنهن کي آيو آ جو ايندو ڪوڙُ ڪم توکي،

    ڪچو ڇا لئه کڻي ڪڇ تي لهين پئي سِير ۾ سهڻي!
    ڪچو ئي توڙ تاريندو، ڏنو ڏس ڪنهن آ ڏَم توکي

    حياتي ٽياس تي ٽنگيل، اُميدن جي پٺيان ڀٽڪي،
    اهڙو دم کي ته دم ڏي تون، جو دم ڏي ڪو قدم توکي

    لتاڙي سّچ کي مشڪور! چئين ٿو سُونهن پيو پوڄيان،
    اُنهي جي لئه حسينن کان، مليو ناهي مرهم توکي.

    ڪافي

    غلامن سان گڏجي نه گهارڻ سکياسين،
    اسان کير سنڌ جو نه کارڻ سکياسين،

    انڌيرن سان هاڻي وڏي ويڙهه وڙهبي،
    پنهنجي ڏيئا رت سان ته ٻارڻ سکياسين،

    درياهن جي دهشت ڪندي ڇا اسان کي،
    ڪُنن مان به ٻيڙا اُڪارڻ سکياسين.

    عِلم جي قلم سان جهالت سان وڙهبو،
    سچي سُرت ساڃهه، جيئارڻ سکياسين.

    هي چوڪن تي ڦٽڪا ۽ ڦاسيون ڪنديون ڇا،
    وڏا ڏاڍ ڏونگر، ڀي ڏارڻ سکياسين.

    عرب ۽ عجم جون ثنائون پيون ٻڌجن،
    ’جيئي سنڌ‘ جا نعرا اُچارڻ سکياسين،

    او مشڪور! منصور، سرمد بڻياسين،
    ’اناالحق‘ اڏيءَ تي به سارڻ سکياسين.


    ف

    فڪر جيئينم سيدَ جو، آهه ’پيغامِ سنڌ‘،
    ڇُٽندي جنهن سان جِند، دنيا جي مظلومَن جي.

    فڪر جيئينم سيد جو، سَنئين سِڌي ڳالهه،
    سنڌي سمجهن شال، ڪڍي ڪپهه ڪنن مان!

    فڪر جيئينم سيد جو، سنڌوءَ جي ساڃاهَه،
    ڏسيل جنهن ۾ ڏاهه، آهه اصل آزاديءَ جو.

    فڪر مخدوم بلال جو، محبت عزت ۽ آجپو،
    جهانگي هڻي جهپو، ڪڍو سنڌ سنگهرن مان.

    فڪر راجا اِندر جو، هنيين ساڻ هنڊاءِ،
    ٻُڌي وري ٻُڌاءِ، رک وڏائي وجودَ جي.

    فڪر ’صوفياءِ سنڌ‘ جو، ’ترقي بني آدم‘،
    ٿيندو امن-عالم، انساني اتحادَ سان.

    فڪر ’صوفياءِ سنڌ‘ جو، ’پر امن بقاءِ باهم‘،
    ترقي بني آدم، ٿيندي انساني اتحاد سان.

    فڪر شاهه لطيفَ جو، سمجهي ٿيءُ انسان،
    بنا عشق ايمان، اڌورو آدميءَ جو.

    فڪر شاهه لطيف جو، آزاديءَ اهڃاڻ،
    سمجهي ٿيءُ سُڄاڻ، مَرڪين منهن مَٿانهين سان.

    فڪر جيجل سنڌ جو، سمجهي پوءِ سمجهاءَ،
    جهنڊو ڪو جهولاءَ، ماڻهپي جو مشڪور تون!
    *

    ڪافي

    ٿلهه: فڪر جيئينم سيد جو، تون سمجهي ٿيءُ انسان،
    عشق بنا ايمان نه گهرجي، عشق بنا ايمان اڌورو.

    مٽيءَ آهي وَٿُ وڏي ڪا، مٽيءَ ملهه مهان،
    عشق بنا ايمان نه گهرجي، عشق بنا ايمان اڌورو.

    الا! منهنجي سنڌ جيئي شل جيئي سڀ جهان،
    عشق بنا ايمان نه گهرجي، عشق بنا ايمان اڌورو.

    ماڻهو و يٺل بَمَ مٿي آ، اُلڪو ناهي شڪ، گمان،
    عشق بنا ايمان نه گهرجي، عشق بنا ايمان اڌورو.

    غلاميءَ جهڙي گار نه ڪائي، آزاديءَ آ شاهي شان،
    عشق بنا ايمان نه گهرجي، عشق بنا ايمان اڌورو.

    تون ماڻهو مشڪور جاڳاءِ، ڳائي ڀيرو ڀان،
    عشق بنا ايمان نه گهرجي، عشق بنا ايمان اڌورو.


    ڦ

    ڦيٿو آ ايجاد، موهن دڙي جي ماڻهوءَ جي،
    وڌو جنهن بنياد، سائنس جو سنسارَ ۾.

    ڦيٿو ٺاهي فهم، ڏنو سائنس جو سنسار کي،
    موهن جي آدم، مَرڪايو ماڻهپي کي.

    ڦيٿي لاٿو بار، ماڻهوءَ جي ڪلهن تان،
    سِرجيو منجهه سنسار، سَلو اول سائنس جو.

    ڦيٿو ٺاهيو ڪالهه، واڍي موهن شهر جي،
    هاءِ! ساڳيا حال، ڪُٽي ساڳيو ڪاٺِ پيو.

    ڦيٿو ساڳيو، واڍو ساڳيو، ساڳيا چِٽ ۽ رنگ،
    ڇا لئه ايڏو زنگ، چڙهيو سِرڄيل سوچَ تي.

    ڦيٿو ساڳيو، واڍو ساڳيو، ساڳي بيل گاڏي،
    سائنس جي ڏاڏِي، اڄ به ساڳئي حالَ ۾.

    ڦيٿو جيئن ڦِري، لائي دل دُريءَ سين،
    هينئڙي تيئن هُري، سدا ياد سپرينءَ جي.

    ڦيٿي جيان ڦيرو، سدا منهنجي سوچَ کي،
    يادن جو گهيرو، ڏئي وراڪو من کي.

    ڦيٿو جيئن ڦِري، ٿو وجهي ساههُ مُئن ۾،
    تئن گوندر ول گُرِي، نئون ڪري ٿي نينهن کي.

    ڦيٿي سندي پُورَ، سَگهو ڪيو سائنس کي،
    ماڻهو ٿيو مشڪور، اهڙي وِٿُ وِڄا جو.
    *

    گيت

    ڦيٿا گاڏي ٺاهي ويو، سائنس کي سمجهائي ويو،
    موهن دڙي جو ماڻهو سائين، موهن دڙي جو ماڻهو!

    درد سان ڀريل دنيا ۾ هُو، گيت امن جا ڳائي ويو،
    موهن دڙي جو ماڻهو سائين، موهن دڙي جو ماڻهو!

    جمهوريت جي مٽي ڳوهي، پئنچاتون هُو ٺاهي ويو،
    موهن دڙي جو ماڻهو سائين، موهن دڙي جو ماڻهو!

    ساري سُرت ۽ سَگهه سهيڙي، سُندر شهر اڏائي ويو.
    موهن دڙي جو ماڻهو سائين، موهن دڙي جو ماڻهو!

    اونداهين ۾ جوت جلائي، امن جو فهم ٻڌائي و يو.
    موهن دڙي جو ماڻهو سائين، موهن دڙي جو ماڻهو!

    لوءِ جي ساري لڄ ڍڪڻ لئه، سهڻي اجرڪ ٺاهي ويو.
    موهن دڙي جو ماڻهو سائين، موهن دڙي جو ماڻهو!

    مانَ رکي مشڪور مٽيءَ جو، سنڌوءَ ٿڃ ملهائي ويو.
    موهن دڙي جو ماڻهو سائين، موهن دڙي جو ماڻهو!


    ق

    قلم ڪاغذ جيئن، وٿي وجهن نه وچ ۾،
    شال! پرين تيئن، پنهنجا گذرن ڏينهڙا.

    قلم ڪاغذ جيئن، سانڍين ويٺا سوچَ کي،
    شال! پرين تيئن، سَگهو رکون سچَ کي.

    قلم ڪاغذ جيئن، لکن ڌڙڪا دل جا،
    شال! پرين تيئن، ڳالهيون ڪريون ڳُجهه جون.

    قلم ڪاغذ جيئن، ڪن آبياري علمَ جي،
    شال! پرين تيئن، نئون ڪريون نينهَن کي.

    قلم ڪاغذ جيئن، لکن شاديءَ گيت،
    شال! پرين جيت، ٿئي پنهنجي پيارَ جي.

    قلم ڪاغذ هٿ ڪري، لک ڪي قومي گيت،
    جذبا ڪر اَجِيت، پنهنجي پيڙيل قومَ جا.

    قلم کڻي هٿ ۾، لکج راتيان ڏينهن،
    نينهن ڪر تون شينهن، سُتل پنهنجي قوم جو.

    قلم کڻي هٿَ ۾، جاڳائي جذِبات،
    ماٺ جي مصلحات، تڙي ڪڍج ڏيھـ مان.

    قلم کڻي هٿ ۾، هَل! ڪر هَڪل،
    پنڌن ڌاران پل، جيئڻ ڪهڙو جهان ۾.

    قلم کڻي هٿ ۾، جاڳاءِ تون شعور،
    گهڻا ڏينهن مشڪور، وڃايئي وقت کي!
    *

    وائي

    قلم ڪاغذ جيئن، توسان پرينءَ تيئن،
    پنهنجا گذرن ڏينهڙا.

    عشق آڙنگ جيان اٿي، محبت وسن مينهن،
    پنهنجا گذرن ڏينهڙا.

    سونهن سلامت تنهنجي رهي، شوق ٿئي ڪو شينهن،
    پنهنجا گذرن ڏينهڙا.

    اچ ته پرچي پاڻ اڄ، نئون ڪريون ڪو نينهن،
    پنهنجا گذرن ڏينهڙا.

    ’مشڪور‘! محبت مَٽ مان، پرت پيالا پينءَ!
    پنهنجا گذرن ڏينهڙا.


    ڪ

    ڪُتي وانگر ماس، پَٽ نه پنهنجن جو ميان!
    ڇو ٿو ڪرين نِراس، ماڻهپو ماڻهوءَ جو.

    ڪُتي وانگر رت، پيءُ نه پنهنجن جو ميان!
    گولپ جي هيءَ گَت، ڇڏ ته ماڻين ماڻهپو.

    ڪُتي جيان وير، رک نه پنهنجيءَ قومَ سان،
    مُئي پُڄاڻان ڪيرُ، مٿو ڏيندئي مَيَت کي.

    ڪُتي وانگيان هوڏ، ڪر نه سُڪل هڏي تي،
    ڪوڙ مٿي ڪوڏ، تون ڪندين گهڻا ڏينهڙا.

    ڪُتي وانگر پُڇ، لوڏ نه لالچ تي ميان!
    نڪي ڪوڙائي مُڇ، ڪر ڪاڻيارو قوم کي.

    ڪاپڙي تون ڪاهه، وائي ڪر نه ويهڻ جي،
    جيسين سسي ساهه، سچ ڏانهن سُريجِ تون.

    ڪاهه اُٿي تون ڪاپڙي، ڪندو رهه ڪاپو،
    ماڻهوءَ جو ماپو، اصل انهيءَ ڳالهه سان.

    ڪاهڻ ڌاران ڪيرُ، توکي چوندو ڪاپڙي،
    رک ويهڻ سان وير، هل ته ماڻين ماڳَ کي.

    ڪاپو ڪر تون ڪاپڙي، ڪڍ گولپ جو گينوار،
    ساڙ نه منجهه سينوار، تون سُرتائتِي سوچَ کي.

    ڪاپو ڪر تون ڪاپڙي، ڪڍ گولپ جي گت،
    ته رهجي اچيئي پتِ، سچارن جي ساٿَ ۾.
    *

    ڪافي

    ٿلهه: ڪوڙ جي منهن ڌوڙ وجهي تون، سچ جو ٿي سالار، اٿي پئو!
    ڊوهه جا سارا ڍنگ ڊاهي ڇڏ، نينهن ڪري نروار، اٿي پئو!

    پيار جي پاڇي ۾ تون پليو آن، پيار ئي پنهنجو دين ڌرم آ،
    محبت جي مئخاني مان تون، مئه ڪش ٿي مهندار ، اٿي پئو!

    دنيا ساري درد ڌونڌاڙي، درد جي هاڻي دوا کپي ٿي،
    اگهندي ڳوڙها مظلومن جا، دل جو ٿي دلدار، اٿي پئو!

    دل جي دروازي تي دستڪ، روز ڏئي پئي سار سڄڻ جي ،
    ويهڻ مان ڪجهه ورڻو ناهي، پنڌ پُڄائڻ پار، اٿي پئو!

    درياهن جي دهشت ڏسندي، هانءُ ڇو هاري ويٺو آهين،
    توڪل جو تون تُرهو تاڻي، پار ڪرڻ هل تار، اٿي پئو!

    ’مشڪور‘، توکي سنڌ سڏي پئي، سڏ ۾ سڏ ورنائي تون،
    ناريون، نينگر نڪري پيا سڀ، ٿڃ ملهائڻ يار، اٿي پئو!

    ڪافي

    ٿلهه: ڪلا قرب ڏيئي، ڪيو جو ڪرم آ،
    محبت اسان جو ٿي ويئي ڌرم آ.

    ٽٽي پاري وانگر، پاٻوڙن تي پاڻي،
    وفا جو ته ڪيڏو، نه نازڪ ڀَرم آ.

    ڪکائين جهڳيءَ ۾، سڪون آهه ڪيڏو،
    ضميرن لئه غربت، به باغ اِرم آ.

    اڇو کير جهڙو، هجي شال دامن!
    حياتيءَ لئه ٽِڪو، به دم دم تُرم آ.

    ٿوهر جي به دل مان، ڪي گلڙا ڦٽن ٿا،
    ڪنڊن کي به جانچيو، ته ڪيڏو شرم آ!

    ڇهڻ سان ڪومائي، وڃي شرم ٻوٽي،
    حيا کي به ٿيندو، نه ڪيڏو مَرم آ!

    سدا سچ مشڪور، چيو ماڻهپي لئه،
    اڳيان سامراجين، وڏو ٿيو جُرم آ.


    ڪافي

    ٿلهه: ڪڪر تي جئن ڪرڻا ٿا انڊلٺ بنائن،
    اسان جي به پيارا، حياتي ائين آ!

    جِئين ماٺ ٽوڙي هوا جو ٿو گهوگهٽ،
    جيون منجهه جهورِيءَ جي جهاتي ائين آ.

    بُکن منجهه ساڃاهَه جو ٿئي ٿو سودو،
    حياتيءَ کي کاڌو مَماتي ائين آ.

    لڪل چُلهه ۾ جئن هجي ڪو ٿو ٽانڊو،
    لنئون ڏاتِ دل سان، ته لاتي ائين آ.

    اسان جي ئي لُڙڪن جي پاڻي تي پوکيئي،
    ٻني عشق جي تو به تاتي ائين آ!

    اميد آهه مشڪور کي ڏيندي آٿت،
    ٿيندي عشق وارن جي جاتي ائين آ.


    ڀڄن

    ڪي ڪي ماڻهو لالچ خاطر، قوم ڪُهائي ويندا آهن،
    جاڳڻ وارا هڪڙا ماڻهو، جَڳُ جاڳائي ويندا آهن.

    ڪي ڪي ماڻهو اسٽيجن تي، پاڻ پڏائي ويندا آهن،
    پرڪي قومن جي، تقدير بڻائي ويندا آهن.

    ڪي ڪَي ماڻهو ڪانئر بڻجي، ڪنڌ جهڪائي ويندا آهن،
    گهاڻي گهڙندي هڪڙا ماڻهو، ڏاڍ ڏڪائي ويندا آهن.

    ڪي ڪي ماڻهو دشمن سان گڏ، داءَ لڳائي ويندا آهن،
    دودا بڻجي هڪڙا ماڻهو، ڊوهه ڊُڪائي ويندا آهن.

    ڪي ڪي ماڻهو لوڀين وانگي، پاڻ لڪائي ويندا آهن،
    مانجهي بڻجي هڪڙا ماڻهو، ماڳ مچائي ويندا آهن.

    ڪي ڪي ماڻهو دردوندن جو، ڏيل ڏکائي ويندا آهن،
    ريٽي رت سان هڪڙا ماڻهو، رنگ رچائي ويندا آهن.

    ڪي ڪي ماڻهو بعد مرڻ جي، منهن لڪائي ويندا آهن،
    تاريخن جي هڪڙا ماڻهو، سونهن وڌائي ويندا آهن.

    ڪي ڪي ماڻهو ڊپ ۾ ڊڄندي، وات سبائي ويندا آهن،
    هڪڙا ماڻهو ’مشڪور‘ بڻجي، سچ سڻائي ويندا آهن.


    ڀڄن

    ڪئين روپ رنگي بنائي پيو پئسو،
    عجب کيل ڪيئي کيڏائي پيو پئسو.

    هي ٽهڪن جي دنيا، پٺيان رت پيو ٽسڪي،
    خوشي ۾ کلي ڪو، ڪنهن جو ڏيل ڏسڪي،
    کلي پيو روئي ڪو، نچائي پيو پئسو.

    ڪٿي ڪنهن جا ڪُتا، کنڊون کير پين ٿا،
    ڪٿي بک ۾ ڪنهن جا، ڪي ٻچڙا رُوئن ٿا،
    ڍڪيل ڪو اگهاڙو پنائي پيو پئسو.

    ڪنهن جو رنگ ڪارو، ڪنهن جي سوچ ڪاري،
    ڪنهن جو روح ڪارو، ڪنهن جي لوچ ڪاري،
    اڇا رنگ ڪارا رچائي پيو پئسو.

    ڪو سرمد آ باغي، ڪو مشڪور ٿي پيو،
    ملان ،ڪو مجاور، ڪو منصور ٿي پيو،
    سدا سچ کي سُوليءَ چڙهائي پيو پئسو.

    ڀڄن

    ڪاري رات انڌاري ٿي وئي، سچ جي جوت جلايو يار!
    ٻيجل واري چنگ کي چوري، لوڪ ستل جاڳايو يار!

    پاپي ماڻهو پيار جي ڪُکِ ۾، روزانو پيا ڪات هڻن،
    سرمد جهڙا باغي ماڻهو، راهه ۾ ويندي گهات چڙهن،
    حق جا هوڪا ڏيئي هاڻي، انالحق الايو يار!

    دين ڌرم سڀ ڪوڙ جي پاسي، دوکي جون ديوارون آهن،
    سِڪن تي فتوائون گهڙجن ، عصمت جون بازارون آهن ،
    محبت وارو پنهنجو مذهب، سارا ڀرم ڀلايو يار!

    طوفانن ۾ ٻيڙي پنهنجي، هاڻي ناهن دور ڪنارا،
    وانجهي پنهنجا ونجهه هلايو، هانءَ نه هاريو هوڙهي وارا،
    همت ڌاري، مانگر ماري، پنهنجو پور پڄايو يار!

    ٻدحاليون ۽ بک بيماريون انگ اٻالا ننگ ٿا لٽجن،
    ماٺ ۾ موڙهل ڇا لئه آهين، ڌرتيءَ جا ڏس دنگ ٿا گهٽجن،
    ننڊ نڀاڳي آرس ٽوڙي، ’مشڪور‘ ماڳ ملهايو يار!


    ک

    کٽون، منجيون، هالن جون، هندورا ۽ پلنگ،
    جن تي چٽيل رنگ، آهن سنڌي سوچَ جا.

    کٽون چٽيل هالن جون، واهه جا چٽيل چِٽَ،
    ڄڻ ڀٽائيءَ سِٽ، اُڪريل آهي اندر ۾.

    کٽون، پينگها هالن جا، اهڙا گل گلزار،
    سورنهن ڪري سينگار، نارِ نڪتي ڄڻ ناز سان.

    چٽيل کٽولا هالن جا، پلنگ ۽ هندورا،
    مٿي ٿر ٿورا، ڄڻ واحد ڪيا وس ڪري.

    کٽن مٿي کَرَ، متان ويهارين ويسلا،
    پروڙج نه پچر، سمجهي دوست ڌارين سان.

    کر نه مائِٽ ڪنهن جا، نه همدرد هچارا،
    مرن منهن- ڪارا، گولپ جي گِراههَ تي.

    کپر جيان کَر جو، نه ڪو گُر نه پِيرُ،
    ذرو تن نه ضمير، ڪاپو سدا ڪوڙَ جو.

    کر! تون کئُونسون ڪر، ته پاڻي ڪڇان پانهنجو،
    ڪيڏو ڇڪ ۽ ٻَر، آهي منهنجي پيار ۾!

    کر تون کئُونسي ڀل، ڪر کرايون خوب،
    مان، منهنجو محبوب، پاڻي ڪڇون پيارَ جو.

    کر کرايون ڇڏ تون، کيٽا ۽ کٽراڳ،
    نه ته لعنت لاڳ، ملندئي مشڪور چئي.
    *

    ڪافي

    ٿلهه: کنياتا خاص ڪر ويهي، پرينءَ جي پار جون خبرون،
    هنيين کي هير آ لڳندي، ٻُڌي منٺار جون خبرون.

    کرن ۾ ڪو پئي کيٽو، مرن کامي سڀئي کوٽا.
    لهن شل پيار تان پهرا، ٻڌان دلدار جون خبرون.

    سِرن جي هڻ صدا ٻيجل، وري چارڻ وڄاءِ سُرندو!
    ڏسان ڇا ڏياچ سنڌ جو ٿو، وٺي گُر تار جون خبرون.

    اڳيان نڪ جي ڪهين کي ڪو، نظر ڪجهه ڀي نه آ ايندو،
    آهن وٺندا امر ماڻهو، اکين جي آر جون خبرون،

    قبر مشڪور جيءَ تي ڪو، لکو ڪنهن نانءَ جو ڪتبو،
    متان موٽي اچي ساجن، وٺڻ ڪي سار جون خبرون.


    گ

    گڏهه جيان نه گهار، ڳول پنهنجو آجپو،
    مُوڙهل مت نه مار، تون چيڀاٽي ضميرَ کي.

    گڏهه جيان گوهي، متان ڪرين پنڌ ۾،
    نه ته کليندئي کوهي، بانٺا هڻي بَر ۾.

    گڏهه جيئن گولپ، ڪر نه مُٺا! ماٺِ ۾،
    نه ته سونگهيندئي سَپ، ساريءَ سُرتِ سوچ کي.

    گڏهه جيئن نه ٻُڌ، هِينگاڙا ۽ هُل،
    تنهنجي مٽيءَ مُل، اصل ناهي ايترو.

    گڏهه جيئن گذران، ڳول نه پنهنجي پيٽ جو،
    مِٽيءَ مُلهه مهان، جن سمجهيو سي سونُ ٿيا.

    گَنديءَ، گِراهه، گَهر، پٺيان تون نه ڊوڙ،
    ٻانهپ پُٺيان نه ٻوڙ، ساريءَ ساڃهه سُرتِ کي.

    گنديءَ، گِراهه، گهر جو، هاڻُون ڏين هوڪو،
    ليکي چڙهي لوڪو!، متان وڪڻو ضمير کي.

    گنديءَ، گِراهه، گهر جو، هڻن پيا نعرو،
    وٺي سدا وارو، ڀرينِ پنهنجي ڀِڀَ کي.

    گنديءَ، گِراهه، گهر عيوض، وڪڻجو نه ضمير،
    ڪشي نه هڻجو تير، پنهنجي هٿن سان پاڻَ کي.

    گنديءَ، گراهه ۽ گهر، سڀ ضروري ساز،
    پر نينهن سندو ناز، اصل آ آزاديءَ تي.
    *

    ڪافي

    ٿلهه: گُر، تار جي سنگم سان، تون دل جو ساز وڄاءِ،
    پيار جي تند تپاءِ، ويجهو آءُ، پرين تون آءُ!

    پيار تان پهرا سارا ٽوڙيون، طوفانن جي رخ کي موڙيون.
    پيارل ڪر پرچاءُ، ويجهو آءُ، پرين تون آءُ!

    چپ گلابي مکڙيون مرڪن، ٽهڪن جون مهڪارون مهڪن،
    ماکي کير ملاءِ، ويجهو آءُ، پرين تون آءُ!

    جوڀن جي ته بهارن جا سڀ، موتئي جي مهڪارن جا سڀ.
    هار گلي ۾ پاءِ، ويجهو آءُ، پرين تون آءُ!

    راهن ۾ ڀل پير پِٿُون ٿين، ڇاتيءَ تي ڀل ڏک ڇِپُون ٿين،
    نازڪ نينهن نڀاءِ ويجهو آءُ، پرين تون آءُ!

    مشڪور ! من جو ٻيجل بڻجي، تنبوري جو تمر بڻجي،
    عشق جي تند تپاءِ، ويجهو آءُ، پرين تون آءُ!


    ڪافي

    ٿلهه: گيتن جي پيو مالها جوڙيان، تنهنجي سونهن سجائڻ خاطر،
    مرڪ چورائي موٽيو آهيان، تنهنجا لڙڪ لڪائڻ خاطر.

    چنڊ سان لڪ لڪوٽي کيڏي، چانڊوڪيءَ سان جهول ڀريم،
    پيار تان پهرا ٽوڙي آيس، چاهت کي چمڪائڻ خاطر.

    جيون جي گُهگهه اوندهه ۾ ڪي عشق جا جگنو جرڪايم،
    راهه ۾ ڏيئا ٻاري ويٺس، رُت جا رنگ رچائڻ خاطر.

    مئخانن جي مستيءَ کي، ۽ خوابن جي هن هستيءَ کي،
    چُهنڊيون هڻي پيو جاڳايان جاڳ جي تند تپائڻ خاطر.

    پيار جا ويري سارا ماڻهو، راهن ۾ ڀل مَنڊ مَنڊِين،
    همت سان پيو ڪاڪ ڪيرايان، سارا ڊوهه ڊڪائڻ خاطر.

    اُميدن جي نيڻن مان، اچ مايوسين جا ڪٽر ڪڍون،
    ساٿ کپي مشڪور کي تنهنجو، ٻيهر سج اڀارڻ خاطر.


    ڳ

    ڳيرو ڳائي گيتَ، ازلئون پيار، امنَ جا،
    ڪيڏو آهه اجِيت، نازڪ رشتو نينهَن جو.

    ڳيرا ڳائن گيتَ، ويهي سدا وڻن تي،
    پيا نڀائن ر ِيتِ، پيار کي ئي پُوڄڻ جي.

    ڳيرو ڳائي ٿو تڏهن، جڏهن مُٺي ماٺ،
    پريت سندو پاٺ، سدا اوچو آرام کان.

    ڳيري جيان ڳڻتي، اٿي ڪر امن جي،
    هٺ، هوڏ، هستي، وڃائيندئي وجود کي.

    ڳيري ميرو رنگ، اندر اُجرو کيرَ جيئن،
    امن سندو انگُ، ناهي هستيءَ هوڏ ۾.

    ڳوليندي پيو ڳران، پرينءَ سندو پيچرو،
    توڪل تُرهي تَران، سڪ جي سمونڊَ ۾.

    ڳوليندي پرينءَ کي، وچان ڪيئن ورين،
    جِهڄين جُهرين ٻَرين، ته به پچر نه ڇڏ پنڌ جي .

    ڳيري جي ڳٽڪار، مانڌ وڌائي من جي،
    ڄڻ پرين ڪري آر، نياپو مُڪو نينهن جو.

    ڳوليندي پرينءَ کي، جي پرينءَ اچي پاڻ،
    ته مَڏيون مال پَراڻ، گهورون ڪري گهوريان.

    ڳوليندي پرينءَ کي، جي پرين ڪن پنهنجو،
    ته نڪري ساهه سهنجو، اُلڪو لاهي پنڌ جو..
    *

    گيت

    ڳيرو ڳائي گيت امن جا، جيون جي آ جاڳڻ ريت،
    ڳيرو ڳائي گيت، او سائين! ڳيرو ڳائي گيت.

    پِرهه ڦُٽيءَ جو ڪڻڇي ٻولي، پرچي من جو مِيت،
    ڳيرو ڳائي گيت، او سائين! ڳيرو ڳائي گيت.

    اجڙن انساني نه پناهو ن، مئخانا ۽ مندر مسيت،
    ڳيرو ڳائي گيت، او سائين! ڳيرو ڳائي گيت،

    دل مان ساري نفرت نڪري ، پيار جي ٿئي ڪا جيت،
    ڳيرو ڳائي گيت، او سائين! ڳيرو ڳائي گيت..

    سونهن کي پوڄڻ سان مشڪور، ٿيندئي عشق اجيت،
    ڳيرو ڳائي گيت، او سائين! ڳيرو ڳائي گيت.


    گيت

    ڳوليان ڳوليان ڪنهن کي ڳوليان،
    يار ملي ڪو درد کي روليان!

    من مندر جو ميت رُسي ويو، جوڀن لڙڪن منجهه پُسي ويو،
    ڪنهن سان اندر ڦوليان ڦوليان!

    ٻول به سارا ٻاڙا ٿي ويا، دانهون ڪوڪون راڙها ٿي ويا،
    ڪنهن سان ڀيد ته کوليان کوليان!

    منهنجي من جي لولي نه سمجهن، ڇا پيو چوان نه ٻولي سمجهن،
    درد ڪٿي مان ٽوليان ٽوليان!

    ڪاڪ ڪڪوريل ر يت آ منهنجي ، جنم جنم جي جيت آ منهنجي،
    سنڌ کي ڇو مان ڀوليان ڀوليان!


    گهه

    گهوڙا گهوڙا گهٽين ۾، پوءِ به مُٺي ماٺ،
    ڪيڏو ڪنڌ ۾ ڪاٺ، لالچ جو ضميرَ کي.

    گهوڙا گهوڙا گهٽين ۾، ٻُڌن نه ٿا ٻوڙا،
    ڪيڏا لڳن ڪوڙا، لالچ جا ضميرَ کي.

    گهوڙا گهوڙا گهٽين ۾، مرن پيا مسڪين،
    ٿين پيا روڊ رنگين، روز تازي رت َسان.

    گهوڙا گهوڙا گهٽين ۾، رڳو مست ممات،
    شايد وئي حيات، موڪلائي ملڪَ مان.

    گهوڙا گهوڙا گهٽين ۾، رڳو جنگ جدال،
    ويو لڏي ڄڻ ڪالهه، احساس آدميتَ مان.

    گهوڙا گهوڙا گهٽين ۾، ڀاءُ، پيءُ، نڪو ماءُ،
    ويو لڏي ڄڻ ساءُ، محبت جو ته مٽيءَ مان.

    گهوڙا گهوڙا سنڌ ۾، وري پيا مدد پٺاڻ،
    سنڌي ٿيو سُڄاڻ، ته موذي ڪڍون ملڪ مان.

    گهوڙا گهوڙا نه ڪريو، ڀريو هاڻ بندوق،
    مِڙو سڀ ملوڪ، موذي ڪڍون ملڪ مان.

    گهوڙا گهوڙا نه ڪر، اُٿ تون، سڀ اُٿار،
    ته وجهون ڪرٽ ڪپار، ويرين جي ته وجود ۾.

    گهوڙا گهوڙا نه ڪر، نه ويهي پچاء پُور،
    نه ماندو ٿي مشڪور، اُٿي اُٿار سنڌ کي.
    *

    ڪافي

    گهاءَ دل جا گهٽ ٿين، هي پيار تان پهرا ٽٽن،
    ڏينهن شل اهڙو اچي، جو محبتي جهمريون هڻن.

    سونهن جي اُڻتڻ ڏسي، هي رات شل ڇِرڪي پوي،
    ماڪ جون بوندون وسن، ۽ مُک مکڙين جا چمن!

    گُهگهه ٻُوسٽ گهُٽ ۾، ڪا رُت سانوڻ جي اچي،
    سونهن جا تجلا ٿين، ڪي مُرڪَ جا مينهڙا وسن.

    ڪار ڪڪرن جي ٿئي، بر ٿر ۽ ڪاڇو وسي،
    مهڪي ڪارونجهر اٿي، ڪي ڪاسبي ۾ گل ٽڙن!

    سچ کي طاقت ملي ڪا، سرت ۽ ساڃهه اچي ڪا،
    محبتون مَرڪي پون، ۽ آدميت ماڻي امن.

    مشڪور سنڌ جيجل جيئي، سر ساز ۽ ٻيجل جيئي،
    سهڻن سندي کينچل جيئي، نينهن جا نعرا لڳن!


    ڱ

    ڱي ڱي گونگن جيان، ڳاءِ نه ٺُمريءَ راڳ،
    سِڌو ڪر سُجاڳ، ڳائي وائي شاهه جي.

    ڱي ڱي گونگن جيئن، ويٺو ڳائين مڱڻا!
    انهي پر تون ڪيئن، هڻي صدا سِرن جي.

    ’ڱي ڱي‘ گونگي وائي، ڪر هاڻي مڱڻا!
    انهي پَر ڪائِي، موٽ نه مِلندئِي مُلڪ مان.

    ڱي ڱي گونگن پَر، ڪهڙي ڪرين مڱڻا!
    ڀيرو سُر تون ڀر، ته ڏياچ جاڳن ڏيهه جا.

    ڱي ڱي گونگن وانگيان، ڪرين منجهان ڊپ،
    منگتن کي اهو مَپ، جڳائي نه ٿو جوءِ ۾.


    ڱڱا! گونگو نه ٿي، منجهان لالچ لوڀ،
    ماڻيندين ڪيئن سوڀ، مَرڪي منهن مٿانهون ڪري.

    ڱـڱا، ڳڀرو گهوٽ، آتا سر ڏيڻ لئه،
    مهڻو تنين موٽ، وک اڳيان اڳري.

    ڱڱا مُنهن جنين جا، سي آرڻ منجهه اچن،
    ڏسندي ئي کي تن، دشمن هانوَ دهلجي.

    ڱڱيون کڻي اکيون، جڏهن ڏٺو جن،
    تڏهن ڏڪايو تن، وجود جي ويري کي.

    ڱڱا• پٽ ڄايا، مائرن مَرڪڻ لئه،
    ڪونڌ ڪڏي آيا، ساک کڻي ٿڃ جي.

    • ڱڱو: ڳاڙهو- ڳڀرو- ڳاڙهو ڳٽول _ ڳاڙهو رنگ ڱڱو نالي راجا ڏاهر جي فوج ۾ هڪ بهادر سنڌي پهلوان هو ، جيڪو ڪيترائي ناميارا عرب جنگجو ماري عربن لاءِ دهشت جي علامت بڻجي ويو هو.
    *

    ڪافي

    ٿلهه: ڱڱي جوان جيان، سڌي ڳالهه سلين،
    اڀري مٿي اچين، سر جي صدا هڻي!

    ڪلفت ڇا لئه سکئين ، عشق ڪري نه اِين•،
    اڀري مٿي اچين، سر جي صدا هڻي.

    پنڌ ۾ ساهي ڪار ناهه، ويلا پيو وجهين،
    اڀري مٿي اچين، سر جي صدا هڻي!

    سچ کان پٺيرو ٿي نه تون، ڪوڙي ڳالهه اُڀِين،
    اڀري مٿي اچين، سر جي صدا هڻي!

    سڪ جي ساقي خاني ۾، پريم پيالا پِين،
    اڀري مٿي اچين، سر جي صدا هڻي!

    ’سارَ، سڄڻ‘ مشڪور کي، نه ٿي چاڙهي چيئن!
    اڀري مٿي اچين، ٿو سر جي صدا هڻي!

    •اِين: ايئن


    ل

    لڪڻ سونا هٿ ۾، لاڏا موڙ ٻڌن،
    جهانگي جُهمر هڻن، شال منهنجيءَ سنڌ ۾!

    لڪڻ سونا هٿَ ۾، ونيون ماڻن گهوٽ،
    الله! تنهنجي اوٽ، رهن سرهائيون سنڌ جون.

    لڪڻ سونا هٿَ ۾، ونيون پائن سونَ،
    بنا اُڍڪي اونَ، رهن سرهائيون سنڌ جون.

    لڪڻ سونا هٿَ ۾، نه چاري؛ نه ماري،
    ڪُسي نه ٿي ڪاري، ڀيڻ هاڻي ڪا سنڌ ۾.

    لڪڻ سونا هٿَ ۾، ميلا شال مچن!
    اوچي ڳاٽ اچن، جهانگي هڻي جهمريون.

    لڪڻ سونا هٿَ ۾، ڳانا گهوٽ ٻڌن،
    وري شال ورن، خوشيون منهنجي سنڌ جون.

    لڪڻ سونا هٿَ ۾، گهوڙي چڙهن گهوٽ،
    فتنو ۽ ڦڙڦوٽ، شال نه ٻڌان سنڌ ۾.

    لڪڻ سونا هٿ ۾، ’جمالي‘ جُهونگار،
    نڙ بيت هُونگار، وري ٻڌان سنڌ ۾.

    لڪڻ سونا هٿَ ۾، مَچن ڪچهريون مَچ،
    سَگهو ٿئي سچ، ڳالهيون ٻڌي ڳُڻائِتيُون.

    لڪڻ سونا هٿ ۾، بوڇڻ، کهنبا، موڙ،
    جيڏا ماڻن جوڙ، سدا منهنجي سنڌ ۾.
    *

    ڪافي

    ٿلهه: لڪڻ سونا هٿ ۾، لاڏا موڙ ٻڌن،
    سپنا ساڀيان ٿين، جيئي پيار امن.

    پرين جي پرڏيهه ويا، موٽي سار لهن،
    هڏڪيون روز اچن، جيئي پيار، امن!

    ڌرتيءَ ڪک منجهان، نه ڪانئر پٽ ڄمن،
    مائر سڀ مرڪن، جيئي پيار، امن!

    اٽي، اوڇڻ، اجهي جا، الڪا سڀ لهن،
    مهڪي پئي هر من، جيئي پيار، امن!

    سونهن قيدي نه ٿئي، پهرا ڪُل ٽٽن.
    کر نه کيٽو ڪن، جيئي پيار، امن!

    مشڪور من اميدون، مطلب پورا ٿين،
    جذبا شال جيئن! جيئي پيار، امن!


    سنڌو ماءُ جي لولي

    لولي ڏيان مان لولي ٻچڙا! شال وڏو ٿئين، لولي ٻچڙا،
    جيجل توتان گهولي ٻچڙا، لولي ڏيان مان لولي ٻچڙا!

    پيار، محبت، الفت جي، منصوري ٿي ڪار سيکاريئين،
    آزادي، سان ساهه کڻڻ جو، واهه ٿي وهنوار سيکاريئين،
    تاريخن جي ورقن وانگر، سانگيئڙن جي سار سيکاريئين،
    عشق سچائيءَ جي توکي مان، ڀري ڀري ڏيان جهولي ٻچڙا!
    لولي ڏيان مان لولي ٻچڙا!

    ڌرتي تي آ ڌاڪو جن جو، تن تي وڃجان موت ٿي ڪڙڪي،
    باغي توکي دنيا چوندي، ڀنڀٽ ٿي تون پئجان ڀڙڪي،
    هٿ تنهنجي ۾ اوچو اوچو، پوي آزادي جهنڊو ڦڙڪي،
    ڪالهه به تنهنجون پيڙهيون وڙهيون، رت رڱيل هر چولي ٻچڙا!
    لولي ڏيان مان لولي ٻڄڙا!

    ڏاڍ کي ڏارڻ ڏنگا نڪتا، ويرين جا ڪي ونجهه نه رهندا،
    ڏوٿي هرڪو ڏانٽو کڻندو، پوءِ ڏکن جا ڏنجهه نه رهندا،
    ڊيلون مور ۽ سونهن به نچندي، قيدي ڪي ڀي هنج نه رهندا،
    مانجهين سان گڏ مقتل ۾، تنهنجي به هوندي ٽولي ٻچڙا!
    لولي ڏيان مان لولي ٻچڙا!

    جهانگين جا جو جهڳا جلائي، تن سان ڪجان تون جهيڙو ٻچڙا!
    مونجهه منجهان سڀ مارو ڪڍجان، مقتل ۾ ڪج ميڙو ٻچڙا!
    منهنجي ٿڃ جي نُک ملهائي، ساڙج ويرين ويڙهو ٻچڙا!
    منهنجي ٿڃ آ سيڙهو سنڌوءَ جو، ڇوهه ڀريل آ ڇولي ٻچڙا!
    لولي ڏيان مان لولي ٻچڙا!

    پٺن ۾ هوندئي گهاءُ گوليءَ جو، منهنجو نه هوندين پٽ ابا تون،
    وڙهندي وچ مان واپس ورئين، منهنجو نه هوندين پٽ ابا تون،
    غلاميءَ سان ٺاهه ڪيئي جي، منهنجو نه هوندين پٽ ابا تون،
    منهنجو هوندو سوئي ٻچڙو، کيڏي رت جي هولي ٻچڙا!
    لولي ڏيان مان لولي ٻچڙا!

    مشڪور سنڌو ماءَ انهيءَ جي، دودو دولهه دلير جو هوندو،
    ڌارين سان جوڪينڪي ٺهندو، پنهنجن سان جنهن وير نه هوندو.
    سنڌ امڙ جي عشق ۾ هلندي، پوئتي جنهن جو پير نه هوندو،
    ٿڃ منهنجيءَ جي لڄ رکڻ لئه، ڏيان پئي توکي لولي ٻچڙا!
    لولي ڏيان مان لولي ٻچڙ!


    م

    مور ٽهوڪا ڪن، شال مَرڪي ڪاسٻو،
    ڪجليون مُک ڌوئن، ڪجلاسر جي ڪپ تي.

    مور ٽهوڪا ڪن، ڪويل ڪري ڪوڪ،
    مانجهي مير ملوڪ، وسي ته ويجها ٿين.

    مور ٽهوڪا ڪن سدا، ٿئي عشق اجيتُ،
    امن سندو گيتُ، وري گونجي سنڌ ۾.

    مور ٽهوڪا ڪن سدا، مَرڪي ڪارونجهر،
    لهن ڏُرت ڏُڪر، سدا منهنجي ٿر تان.

    مور ٽهوڪا ڪن سدا، جهانگي ڳائن گيت،
    پڪي ٿئي پريت، سدائين لئه سنڌ ۾!

    مور ٽهوڪا ڪن سدا، ڀِٽ ڀِٽ ڦُٽي گاهه،
    چوڙيلين جو چاهه، کائي وِسَنانَ وَسائِتو ٿئي.

    مور ٽهوڪا ڪن، وسڻ سان ٿئي وس،
    ڪڪر لاهن ڪس، بُک ٽري هن ڀونءِ تان.

    مور ٽهوڪا ڪن سدا، ٿين کنڀيون ۽ پِپُون،
    ڇاتيءَ تان ڇِپُون، لهن اوسيئڙن جون.

    مور ٽهوڪا ڪن سدا، وسي سارو ٿر،
    مولا ڪري مهر، ڪڪر وسائي قربَ جا.

    مور ٽهوڪا ڪن سدا، ٻاجهر جهلي ٻُور،
    کائن مارو مشڪور، سڻڀي ماني ساڳ سان.
    *

    وائي

    مون ناتو نينهن سڃاتو آ،
    ملهه مٽيءَ جو ڄاتو آ!

    سچَ مٿي سر گهور پرين،
    ڪوڙ وڏو پاراتو آ!

    نئين سهاڳڻ ڪنوار جيان،
    ات پيرڙو پاتو آ!

    هوس جي کاڻي کڏ ڀرڻ لئه،
    بڻيو هو چپ واتو آ!

    ايندو ڪالهه نِهيري تي،
    ٻوليو خوب کِنياتو آ!

    مشڪور جيجل ٿڃ ملهائي،
    گيت آزاديءَ ڳاتو آ!


    ڪافي

    ٿلهه: مور اڏامن ڪارونجهرتي، هيرڻ تِر ڦُٽن،
    پيو تڙپي جوڀن، موٽي آءُ تون ڪاسبي!

    ساڙڌڙي جي ڪپَ مٿي، چاڳ چوڙيليون ڪن،
    منهنجو هيڪل من، موٽي آءُ تون ڪاسبي!

    ڪارونجهر جي ڀئونري ڇورا، لڪ لڪوٽي ڪن،
    جذبا پيا جهومن، موٽي آءُ تون ڪاسبي!

    ڊئم ڀريو گهرٽياريءَ جو، ڊيلون مور نچن.
    ڇم ڇم ڇيرون ڪن، موٽي آءُ تون ڪاسبي!

    پارڪر جي ڪولهڻ پيٽان، روپا پٽ ڄمن.
    رانديون پلٿي ڪن، موٽي آءُ تون ڪاسبي!

    خواب اميدون جيڪي جاڳيون، سيئي ساڀيان ٿين ،
    گيت امن گونجن، موٽي آءُ تون ڪاسبي!


    ڪافي

    ٿلهه: مرڪي وري منهن کي ڦيري ڇڏيو ٿا،
    ستل عشق منهنجو ته ڇيري ڇڏيو ٿا،

    ڪڏهن ٿا پڪاريو، ڪڏهن ٿا ڌڪاريو،
    چاهت جا موتي وکيري ڇڏيو ٿا.

    چپن جي صراحيءَ مان پيالا پياري،
    ڏئي جامِ محبت ته هيري ڇڏيو ٿا.

    اچي ڀاڪرن منجهّه بُت ٿي وڃو ٿا،
    ڇُهڻ ساڻ ناتا نبيري ڇڏيو ٿا.

    امن جي خدا کي جي سجدا ڪريان ٿو،
    ته مقتل ڏي واعظ! سنبيري ڇڏيو ٿا.

    ڦُري آس مشڪور کان ئي ملڻ جي،
    نراشا جي آتش ۾ گهيري ڇڏيو ٿا.


    ڀڄن

    موکيءَ ٻيهر مٽ چڪايا، هيڻا ٿي پئو هستيءَ ۾،
    جهومو ڳايو، جهانگي سنڌ جا، ٻيهر موج الستيءَ ۾.

    گيڙو شام جي نيڻن ۾ پيا ساگر ڇُلڪن ڇوليون ڏيئي،
    گوندر جي گردابن کي، سڀ ماپيو پنهنجي ڪِستيءَ ۾،

    شاهه عنايت، شاهه، بلاول، روپي، هوشو، هيمونءَ وانگر،
    آزاديءَ جي جوت جلايو، مايوسيءَ ۽ پستيءَ ۾،

    رت رَتائين چوليءَ ۾ اڄ لولي ماءُ جي گونجي ٿي،
    جاڳو ديس جا واسي دودا! باهيون ڀڙڪن بستيءَ ۾.

    دستور هاڻي آڻيون اهڙو، جيجل مُرڪون موٽايون،
    رهن نه هاريءَ بُکيا ٻار، نه وينگس روئي وستيءَ ۾.

    مشڪور جا هي گيت سمورا، جيت جي آهن لولي يار!
    متان وساريو واٽ ۾ ويهي، گولپ جي تنگدستيءَ ۾!


    ن

    نمڪ کائي سنڌ جو، ڪرين پيو غداري،
    سو توسان ياري، ڪڏهن ٿيندي ڪينڪي.

    نمڪ کائي سنڌ جو، ڳاء نه غيرن گُڻ،
    متان پويون بُڻ، ڪنڌ نه کڻئي قوم ۾.

    نمڪ کائي سنڌ جو، ڪرين غير گولپ،
    ڇو ٿو وٺئي تپ، پنهنجن ساڻ پريت ۾.

    نمڪ کائي سنڌ جو، ٺڳي نه ڪر ٺڳ،
    متان تنهنجي پڳ، لتاڙجي پوءِ لتن ۾.

    نمڪ کائي سنڌ جو، سِکُ سنڌيت ساءُ،
    ڀر ۾ ويهي ڀاءَ، نه ڪانُ هڻ ڪو ڪُکِ ۾.

    نمڪ کائي سنڌ جو، ڳاءِ لطيفي لات،
    جاڳاءِ تون جذبات، ڇڏ نهوڙي ننڊ کي.

    نمڪ کائي سنڌ جو، سڏاءِ نه مهاجر،
    ڪڍي زنگ زهر، ڇڏج پنهنجيءَ سوچ مان.

    نمڪ کائي سنڌ جو، ٿيءُ حلالي پُٽ،
    گولپ سان نه گُهٽ، زنگي تون ضميرَ کي.

    نمڪ کائي سنڌ جو، ڳاءِ آزاديءَ گيت،
    ڪر عشق تون اجيت، ته امر ٿئين اتهاسَ ۾.

    نمڪ کائي سنڌ جو، لکيو ڀٽائيءَ جيئن،
    لک مشڪور تيئن، ته امر ٿئين اتهاسَ ۾.
    *

    ڪافي

    ٿلهه: نظر کي حسن کان تون وانجهو نه ڪر!
    ڀلي تون تصور اسان جو نه ڪر!

    محبت جا رستا اورانگهي نه سگهندين،
    تون چاهت جي منزل ۾ مانجهو نه ڪر!

    کڻي لوڀ لالچ اڙي يار چارڻ!
    چنگن جي سُرن کي تون لانجهو نه ڪر!

    اسان پيار پنهنجي جي امرت جا اوتي،
    سنڌوءَ جر کي مشڪور ڪانجهو نه ڪر!

    ڀڄن

    نيمڪ جو اچو ننگ رکي، سنڌوءَ ٿڃ ملهايون يار،
    پنهنجي سنڌڙي جيئي جيئي، نعرا نينهن لڳايون يار!

    سنڌوءَ ماءُ جي ڪُکِ ڪڏهن ڪو، ڪوڙو ڪانئر ڄايو ناهي،
    پُٺ ڏئي جو ڀڄي ڀيٽو، اهڙو پُٽ نپايو ناهي،
    ڌرتيءَ جا سڀ سورهيه جاڳو، جيجل جوءِ بچايون يار!

    سسئي جي همت جو قسم ۽ مومل جي عظمت جو قسم،
    سهڻي جي محبت جو قسم ، ۽ مارئي جي عصمت جو قسم،
    ڀائر بڻجي بختاور جا، ڪوڙ سان سينو ساهيون يار!

    دودو، دريا خان دلاور، روپو، هوشو، هيمون پنهنجا،
    جيئينم ۽ مخدوم بلاول، شاهه عنايت رهبر پنهنجا،
    استاد، اياز ۽ راشد وانگر، ڳڻ امڙ جا ڳايون يار!

    مشڪور جيجل سنڌ سڏي پئي، وايون، سڏ ورنايون يار!
    امر ٿي اتهاس ۾ پنهنجو، جلدي نانءُ لکايون يار!
    سونهن جي اجري دامن تي، ٽڪو نه هاڻ لڳايون يار.


    ڻ

    ڻَڻو• چَڻو جيئن، رڌجي نه ڪاڙهڻ سان،
    اسان سڄڻ تِيئن، پيار لڪايو لوڪ کان.

    ڻَڻو چَڻو ٿي، اوڏو اچ تون آڳ کي،
    درد سارا پي، رک سلامت سونهن کي.

    ڻَڻو چَڻو سهي، آتش سارِي عشق جي،
    ڳاهه منجهه ڳهي، پر اصليت رکي اوڏڙي.

    ڻَڻي چڻي جيان، نينهن نه ٿئي بيسُود،
    نابُودِي ڪري نابُود، آتش سَهِي عشق جي.

    ڻَڻو چڻو ۽ نِينهن، ڪاڙها سهن ڪڙهڻ جا،
    پچن راتيان ڏينهن، اُلڪو نه رکي آڳ جو.

    ’ڻي، ڱي، ڙي‘، ڃي، ٻولن ابهمِ ٻار،
    سنڌي سڀ اُچار، ڄڻ ته ٻولي رب جي.

    ’ڻي، ڱي، ڙي، ڃي‘، ٻولي پيو ٻالڪ،
    سمجهي چون سالڪ، ته اها ٻولي ربُ جي.

    ’ڻي، ڱي، ڙي، ڃي‘، سنڌي سڀ اُچار،
    ٻولي هرڪو ٻار، ڄمندي ماءُ جي پيٽ مان.

    ’ڻي، ڱي، ڄي، ڃي‘، ٻولي هر معصوم،
    عجب ڪئي مقسوم، الله پنهنجي ٻوليءَ جي.

    ’ڻي، ڱي، ڙي، ڃي‘، سنڌي سڀ اُچار،
    گونگا به ٻولين يار، اها ئي ٻولي رب جي.

    • ڻُڻو چَڻو سُوٻٽ چڻو، جيڪو ڪيترو به ڪاڙهڻ سان نه ڳرندو آهي.
    *


    ڪافي

    ’ڻي، ڱي، ڙي، ڃي‘، ٻار پيو ٻولي، سنڌي سڀ اچار پيو ٻولي،
    سنڌي ٻولي رب جي آ، جيجل لولي رب جي آ.

    ’ڱين ڱين‘ گونگو ڳالهائي، پنهنجي پرينءَ کي پيو پرچائي،
    ڏاهه ڏسيو ڪنهن ڏاتر ڏاهي، واهه جي ڪري گفتار پيو ٻولي ،
    سنڌي ٻولي رب جي آ، جيجل لولي رب جي آ.

    رات جو وڻ جي ٿڙ تي ويهي، ڄِين ڄِين، چِين چِين ٻولي ڪيهي،
    پرين اچي من پرچي پيهي، آر وڄائي تار پيو ٻولي،
    سنڌي ٻولي رب جي آ، جيجل لولي رب جي آ.

    ’گهوگهو گهوگهو‘ ڳيرو ٻولي، ٽاڪ منجهند جو چهنبون کولي،
    نفرت، ڪاوڙ ، ساڙ کي ٽولي ، ڪري امن سان پيار پيو ٻولي،
    سنڌي ٻولي رب جي آ، جيجل لولي رب جي آ.

    ڻي، ڱي، ڏي، ڳي، ڙي، ڄي، ڃِي ڃِي‘، سا ري گاما پا ڌا نِي نِي،
    سرندو وڄي ڙي ڳِي ، ڱِين ڱِين ، ڻو ڻو چئي هر تار پيو ٻولي،
    سنڌي ٻولي رب جي آ، جيجل لولي رب جي آ.

    ڏون ڱون ، چون چون چڻ ڀڻ ساري ، ٻولي ٻولي فطرت پياري،
    مشڪور من ۾ ميگهه ملهاري ، سانوڻ ڪري سينگار پيو ٻولي،
    سنڌي ٻولي رب جي آ، جيجل لولي رب جي آ.


    و

    واڍا! وڍ نه ’نِمُ‘ کي، سُڃا! سک ساڃاهه،
    ڪٿان کڻندين ساهه، جي وڻ نه رهيو هڪڙو.

    واڍا! وڍي ’ڄارِ‘ کي، ڪڍين پيو پاڙون،
    جڳائن نه جاڙون، ايڏيون تو آئيندي سان.

    واڍا! وڍي وڻن کي، نه فطرت ڪر تباهه،
    ڌرتي مٿي ساهه، وڻن جي آ وجود سان.

    واڍا! وڍي وڻن کي، ڌرتي ڪر نه سنڍ،
    ڏاتار عوض ڏنڊ، وڃائيندئي وجود کي.

    وڻين واءُ ۽ مينهن پوي، وڻن ساڻ سڪار،
    جي ڀانئين ٿئي ڏُڪار، ته واڍي ڪرنه وڻن جي.

    وڻين ماکي سِپجي، وڻين کنئور ۽ لاک،
    سُڪار کنئين ساک، وڻن جي وجودَ جي.

    وڻين پکين آکيرا، وڻين پکين جي لات،
    وڏيءَ سان مصلحات، واحد خلقيو وڻن کي.

    واڍا! وڻ تون پوک، وڌي سُونهن سنسار جي،
    اُٿي ماڻهپو موک، ته ڪردار ڪانيارو نه ٿيئي.

    واڍا! وڻ تون پوک، ته ڌرتيءَ ٿئي باغ،
    لڳل توتي داغ، هاڻي ڌوءِ هٿن سان.

    واڍا! وڻ پوکي، راضي ڪر فطرت،
    قيامت تي قيامت، اچيئي نه آفتن جي.
    *

    وائي

    واڍا وڍڻ جي ريت ڇڏي ڏي، پوکڻ جي تون ڪر پچار،
    باقي مند ۾ ڏينهن ٻه چار!

    دنيا جاڳي تون ئي ستل ڇو، ننڊ تي ڪر نه ايڏو آر،
    باقي مند ۾ ڏينهن ٻه چار!

    کير ڇڏي ڇو ڦِيڻ چکين پيو، ڇو نه اکين تي ٿَئِي اعتبار،
    باقي مند ۾ ڏينهن ٻه چار!

    شاهه سچل ۽ سامي پڙهه تون، سوچ تان لاهي ڇڏ سينوار!
    باقي مند ۾ ڏينهن ٻه چار!

    ڌرتيءَ سونهن اجاڙ ٿيئي پئي، موٽائج تون به رت بهار،
    باقي مند ۾ ڏينهن ٻه چار!

    مشڪور ٻيهر سنڌڙي مرڪي، لهن غلاميءَ جا ته غبار!
    باقي مند ۾ ڏينهن ٻه چار!

    ڪافي

    وري گيت گونجي، چُري پيا چپن ۾،
    نئون يارُ آيو، نئين سال هن ۾.

    اسان دُئارُ دل جا، ته ٻوٽي ڇڏيا ها،
    اميد ئي هئي ڪانه، سهڻي سَجن ۾،

    وفائن جفا کي، ڏني آهه موڪل،
    وري مهڪ موٽي، آ تازن گلن ۾،

    نئون جام محبت، ڀري ڏي او ساقي!
    ڏسون مستي ڪهڙي آ تنهنجي مٽن ۾ .

    نِگاهُون نظرپُور تان کڻجان نه ساجن!
    ڀريو جام بيٺو، آ حيدر هٿن ۾.

    اڙي او رقيبو! سنڌوءَ کي سُڪائي
    ڀريو زهر نفرت ٿا ڇا لئه وطن ۾.

    ڏٺو يار مشڪور ڏي تو آ مرڪي،
    رُٺل سونهن موٽي، آ دل جي چمن ۾.

    ڪافي

    وري راڳ ديپڪ هتي ڪنهن آ ڳايو،
    تندن ساڻ ساري شهر کي تپايو!

    آ مقتل ۾ سرهاڻ تازن گلن جي،
    وري ڪنهن آ رت ساڻ گلشن سجايو.

    ڀلا ڪيئن سرمد به پيدا ٿئي هت،
    اڃا ڪو اڀيچند، نه ڄايو نه آيو.

    گهڻا ڏينهن شاعر لکيو ٿئي گلن تي،
    ڪو بارود بيتن ۾ هاڻي سمايو.

    نه جذبات مشڪور جا ماٺ ٿيندا،
    ڀلي دل جي جذبن تي گهاڻا گهمايو.


    هه

    هادي، هدايت ڪر ته، دل مان نڪري لوڀ،
    ماڻي سچ جي سوڀ، مَرڪي پوي ماڻهپو.

    هادي، هدايت ڏي ته، دل مان نڪري ڊپ،
    سونگهي نه ڪو سپ، سدا منهنجيءَ سوچ کي.

    هادي هدايت ڏي ته، اچي مون ڪو عقل،
    ڪڏهن هڪ به پل، ڌار نه ٿيان سنڌ کان.

    هادي هدايت ڏي ته، اچيم سُرت ساڃاهه،
    ڏسيان ويهي ڏاهه، پنهنجن کي پريت جو.

    هادي هدايت ڏي ته، اچي مون کي مَت،
    گولپ سندي گت، نڪري منهنجي وجود مان.

    هادي هدايت ڏي ته، جاڳي مون ضمير،
    خاصو ٿئي خمير، مَرڪي پئي ماڻهپو.

    هادي هدايت ڏي ته، دل مان نڪري لالچ،
    ڪوڙ کي سمجهي ڪچ، ڪريان ڳالهه حق جي.

    هادي هدايت ڏي ته، من ماپي مسجود،
    سمجهي ورق وجود، سجدا ڪيان سُونهن کي.

    هادي هدايت ڏي ته، ٿئيم سونهن ساڃاهه،
    اکين منجهه الله، ويهي ڏَسي واٽ مون.

    هادي هدايت ڏي ته، ٿئي سُونهن سُڃاڻ،
    الله اچي پاڻ، ديرو ڪري دل ۾.
    *

    ڪافي

    هدايت ڏينم او هادي!، لهن سڀ هول ۽ هورا.
    سُڪونِ قلب سان ويهي، چوان ڪي چاهه مان مورا.

    ڏکويل مان آهيان ڏاڍو، ڏنڀيل هي ڏيل آ سارو،
    ڪري لالچ ٿي آڪڙجي، مرونءَ جيان سوچ تي مارو،
    سگهارو سچ ڏي سائين ته، لاهيان ٿڃُ جا ٿورا!

    رُسي ايمان ويندو آ، مُون کي تون عشق اعليٰ ڏي،
    سچل يا شاهه يا رومي کڻي ٻيا ڪي تون نالا ڏي،
    سڃاڻپ سونهن جي ڏي تون، نه ڦولهيان چاهه جا ڦورا.

    سخن شيرينُ سيکاري ، مون کي تون ڀڙ، اڪابر ڪر،
    نٿي گهرجي ڪا گمنامي، منهنجو نالو نشانبر ڪر،
    لکان تاريخ مان سنڌ جي، ڪريان ڪارا پنا ڪورا.

    اڳئي مشڪورُ مان آهيان سوائي سُرڪ ڏي ساقي!
    پرين ڏي پنڌ لئه مون کي ٿي گهرجي يار بيباڪي،
    ڪري جاني جفا جيڪر، ڀُري هي پيار نه ٿِي ڀورا.

    ڪافي

    هاءِ! اياڻا عينڪ پاتئي،
    پنهنجو چهرو ڪونه سڃاتئي!

    سڏڪا سڏڪا هرڪو ماڻهو،
    ڪين ڳراٽيءَ ڪنهن کي لاتئي.

    لهندڙ سج جو آهين مجاور،
    شفق جي ڳاڙهاڻ نه ڄاتئي!

    ڳالهيون تو وٽ هيون گلن جون،
    ڪنڊن ۾ ڇو پلئو ڦاٿئي،

    وڪڻي وئين تون ديس سمورو،
    سنڌوءَ جي ڇا ٿڃ نه ڌاتئي!

    رات ڀٽائي تو وٽ آيو.
    پنهنجو سمجهي ڪينڪي پاتئي.

    مشڪور تولئه ڏياچ هو چارڻ.
    ڪونه سريلو گيت ڪو ڳاتئي.


    ڪافي

    هيڏي رات رنجوري ڇو.
    وقت جي اکر ڀوري ڇو؟

    آڌي مانجهي پورهيت ڪاهي،
    پوءِ به نه پاندي پوري ڇو؟

    ريل جي پٽڙيءَ وانگر ساجن،
    پنهنجي وچ ۾ دوري ڇو؟

    هارين جا ڏس ٻار اٻالا،
    جيجل آس اڌوري ڇو؟

    شاهه عنايت سرمد پارا،
    روز چڙهن پيا سوري ڇو؟

    مشڪور جي دل کاميو کامي،
    ڏات به ٻرندڙ کوري ڇو؟

    نظم

    هاڻ به سنڌي هيڻو ناهين، ويرين تي ڪر وارو وار،
    ٻيهر سنڌ جياري وڃ تون، تار يخن ۾ لک ڪردار.

    صدين کان تون سنڌ امڙ جو، سورهيه سپوٽ سوڍو آهين،
    سالن کان تو سنڌ بچائي، جيجل جو تون جوڌو آهين،
    ڌاڙيلن جون دليون ڌڙڪن توکان، تون ڄڻ دودو آهين،
    وقت آيو ٻيهار اٿڻ جو، آرڻ ڏي ڪر ارڏا آر:
    هاڻ به سنڌي هيڻو ناهين!

    اسلامي ڪئين آٿر پائي، فوج يزيدي جڏهين آئي،
    ڌرتيءَ خاطر واهه وڙهيو هئين، جيجل جي تو ٿڃ ملهائي،
    راجا ڏاهر سان تو گڏجي، سورهيائيءَ جي پت نڀائي،
    راڻي لاڏيءَ سان ڀي گڏ هئا، سورهيه سنڌي لکين يار:
    هاڻ به سنڌي هيڻو ناهين!

    ڀونگر، دودي، ننگر سان گڏ، سنڌوءَ جي تو ساک بچائي،
    خلجين کي تو کوهي ماريو، قهرين جي ڪيئه خوب ڪٽائي،
    ٻاگهل ٻائي تنهنجي ڄائي، لڄ وارا تو لڄ بچائي،
    لڄ عزت ۽ غيرت وارا، غاصب کي ڪر اڄ تون غار!
    هاڻ به سنڌي هيڻو ناهين!

    ارغون ۽ افغاني آيا، جن هئي ساري سنڌ تپائي،
    مخدوم بلاول سان گڏجي، ڪئي تو تن جي خوب تباهي،
    گهاڻي گهڙندي تيل ۾ ڪڙهندي، ڏاڍن جي تو ڏاهَه ڏڪائي،
    ڏاڍا ڏاڍا ناهن توکان، ڏاڍن کي ٿي ڏاڍو ڏار!
    هاڻ به سنڌي هيڻو ناهين!

    يارُو، نُورو، حمل جت ۽ واسع شاهه جئن وار ڪيو،
    جهوڪ ۾ توئي جانب جاڳي، پنهنجو سر ٻلهار ڪيو،
    ’شهيدن جي گنج‘ ۾ گڏجي، تو ئي اڏيءَ تي آر ڪيو،
    شاهه عنايت سان ڀي گڏ هئا، ڏانٽا تنهنجا ٽيهه هزار!
    هاڻ به سنڌي هيڻو ناهين!

    دُٻي، مياڻي منجهه به تو ئي، فرنگين جو هو ساهه سڪايو،
    ’مَرسُون مَرسُون سِنڌ نه ڏيسُون‘ تو هو نعرو خوب لڳايو،
    يورپ جي تاريخن ۾ تو، مَرڪي پنهنجو نانءَ لکايو،
    هوشوءَ سان ڀي گڏجي تو هو، موت جو پاتو ڳچيءَ هار:
    هاڻ به سنڌي هيڻو ناهين!

    صدين کان ئي تون رهيو آن، حقن جو رکوال مٺا!
    هئه هئه تنهنجا حال هي هيڻا، بکن ۾ بيحال مٺا!
    پاروٿو ڪو ڳڀو ناهي، قهرين ڪيو ڪنگال مٺا!
    ٻاروهي تي رت ولوڙين، پوءِ ڀي گونگا گار جي وار!
    هاڻ به سنڌي هيڻو ناهين!

    تنهنجو کٽيو پيا لوڀي کائن، تنهنجي هٿ ۾ ٿالهو ڙي!
    ليڙون ليڙون تنهنجا لٽا، ڇا کئو ن انگ اٻالو ڙي!
    سون اپائي سنڌو ڌرتي، پوءِ ڀي ڇا لئه پالهو ڙي!
    فقيرن جيان ڇا لئه پنين پيو، مون کي آهي حيرت يار!
    هاڻ به سنڌي هيڻو ناهين!

    جڏهن کان ڌاريا دشمن آيا، تڏهن کان توتي ويل وَسن پيا،
    جيل ۽ ڦاهيون تڏهن کان تو لئه، ڪونڌر تنهنجا روز ڪُسن پيا،
    هر هنڌ هاڃي هوڙهيائيءَ سان، هينئڙا ڪي هر روز ڦِسن پيا،
    مانجهي بڻجي يار اٿي پئو ، موذين تي ڪر مارو مار!
    هاڻ به سنڌي هيڻو ناهين!

    رئيس، وڏيرن، ميرن پيرن ڀي آ توکي ماري ماريو،
    مُلن، مودين، سيٺين ڀي آ، سهڻا تو کي ساڙي ماريو،
    ملڪن، خانن، ڄامن ڀي آ، تو کي رت روئاڙي ماريو.
    مڙئي ماري تنهنجا ظاهر، تن سان ڪر تون قهري ڪار:
    هاڻ به سنڌي هيڻو ناهين!

    پنجوڙن مان ڪڍ تون ڌرتي، وڃ تون سنڌوءَ ٿڃ ملهائي،
    ’جيئي سنڌ‘ جا نعرا گونجن، قهرين جا ڇڏ ڪوٽ ڪنبائي،
    پيار امن کي يار پکيڙي ، ڇڏ تون سنڌ کي بهشت بنائي،
    آجيون ڪر تون مرڪون پنهنجون، رهي نه ڪائي ننگي نار.
    هاڻ به سنڌي هيڻو ناهين!

    تون جي جاڳين جوڌو آهين، ڏنجهه ڏولاوا ٽُٽي پوندا،
    ويرين جا ڪي ونگ نه رهندا، ڦٽ سمورا ڇُٽي پوندا،
    اڱڻ تي اونداهه نه رهندي، عيد جا چنڊ ڪي ڦٽي پوندا،
    مشڪور ٿيندا مارو سڀئي، هو جمالو ساڻ جهونگار!
    هاڻ به سنڌي هيڻو ناهين!


    ء

    ’ئُوئَان ئوئَان‘ ڪندي، روئندي ڄميو ٻالڪ
    سمجهي ڪو سالڪ، احساس انهيءَ درد جو.

    ئُوئَان ئِوئَان، روئندي ڄائو ننڍڙو ٻار،
    امڙ سندو آر، دارون انهيءَ جي درد جو.

    ئُوئَان ئِوئَان ٻڌندي، درد ڀِڄايو هانءُ،
    مادر تڏهن مٿانءُ، گهوريو گهوري جِندڙو.

    ئُوئَان، ئوئان، ئِوئان، دردن جي ٻولي،
    جيجل جي لولي، احساس آدميت جو.

    ئُوئَان، ئوئان، ئِوئان، دردن جون دانهون،
    جيون کولي ٻانهون، وڌا ٻَک ڏُکن ۾

    ئُوئَان، ئوئان، ئِوئان، سڀ، پيڙا جي پچار،
    ويراڳ جو ويچار، کڻي ڄائو آدمي.

    ئُوئَان، ئوئان، ئِوئان، دردائتيون دانهون،
    پيڙا کي پرانهون، کڻي آيو آدمي.

    ئُوئَان، ئوئان، ئِوئان، ٻولي هرڪو سِيس،
    هانوَ اندر جا هِيس، ڄاپي ڄاڻي سڀڪو.

    ئُوئَان، ئوئان، ئِوئان، ٻولي هر ساسي،
    جيون آ پياسي، ازلئون احساس جو.

    ئُوئَان، ئوئان، ئِوئان، جڏهن سمجهيو جن،
    تڏهن کان ئي تن، فاقو فرحت ڀانئِيو.
    *

    ڪافي

    ئوئان ئوئان درد جون دانهون، درد آدم کان آهه آڳاهون،
    جيون کولي تڏهين ٻانهون، وجهي ٿو ٻَک ڏکن ۾ يار!
    درد جو دل سان ڪر واپار!

    درد سان ساري ڌرتي ڀريل آ، اندر کامي ٻھر ٺريل آ،
    لڙڪ اکين ۾ تڏهن تريل آ، لڙڪ اُگهي تون اندر اجار!
    درد جو دل سان ڪر واپار!

    جر ڀي اندر ڏِس پيو اُڀامي، ٻاهر ڇوليون اندر کامي،
    ڪڪر ٿي پيو هوا اڏامي، لڙڪ وسائي آئي ملهار:
    درد جو دل سان ڪر واپار!

    ڏکن بنا هي سُکَ اڌورا، سُکَ بنا سڀ ڏُکَ اڌورا،
    مرڪ بنا سڀ مُک اڌورا، مرڪ دلين ۾ آڻي بهار:
    درد جو دل سان ڪر واپار!

    سنڌ سوا هر بات اڌوري، مشڪور جي هر تات اڌوري،
    درد بنا آ ڏات اڌوري، درديلو ڪو گيت گونجار!
    درد جو دل سان ڪر واپار!


    ي

    ياد ڪري تاريخَ ۾، پڙهه سچن جي ساک،
    ڏس ڦُٽي ٿي باک، امرتا جي آدميءَ ۾.

    ياد ڪر رُوپو، هوشو، دودو ۽ بلاول،
    سڀئي سنڌ ڄاول، ملهائي ويا مٽيءَکي.

    ياد ڪري تاريخ کي، مون کي ٿئي لڄ،
    (جئن) سنڌ سُتي اڄ، اڳ نه سُتي ڪڏهين.

    ياد ڪري تاريخ کي، گُهران هي دعا،
    نه ٻُڌان روڄ رُئا، هاڻي جيجل سنڌ ۾.

    ياقوتي ڪا عشق جي، اهڙي ڏي الله،
    ساڻُ هرڪنهن ساهه، نالو ڳِنهان سنڌ جو!

     ياقوتي ڏي يقين جي، نڪري وهم گمان،
    جاڳي پئي انسان، سُتل منهنجي سنڌ جو.

    ياقوتي ياد جي، اهڙي ڏي اتهاس،
    ڪري سنڌ اڀياس، اُٿي ماڻي آجپو.

    ياقوتي ڪا يادن جي، آهي منجهه اتهاس،
    ڪري تون اڀياس، وفا ڏس وڏڙن جي.

    ياقوتي مون يار، اهڙي ڏي ڪا پيارَ جي،
    نينهن ڪري نروار، امر ٿيان اتهاسَ ۾.

    ياقوتي ڪا سچ جي، اهڙي ڏي حڪيم،
    جنهن سان ٿئي عظيم، ماڻهپو مشڪور جو.
    *

    ڪافي

    ياد آئي، ياد آئي، ياد من جي ٺار جي.
    چٽ اجرڪ جيان چٽيل آ ياد پهرئين پيار جي.

    ٿر جي پياسي ڀٽ مٿان ڏس! واهه جا مينهڙا وٺا،
    ڌرتيءَ پاتو ويس سائو، واهه جا گل ڦل ڦٽا،
    واسيل هوا خوشبوءَ سان ڪا تار ڇيڙي سار جي.

    هيڪلائي ۾ جڏهن ڪا ذهن جي کڙڪي کلي،
    جون جي ڪنهن رات جو ڄڻ هير ٿڌڙي ڪا گهلي،
    ڪا ڪري ڪوڪ ڪويل تند ڇڪي من تار جي.

    ماڪ جون بوندون لهي، جت چپَ مکڙين جا چمن،
    چنڊ کي ڀاڪر وجهڻ لئه، سمنڊ مان لهرون اٿن،
    اڻتڻ ڏسي ڪا عشق جي ويو هوش سارو هارجي.

    شام ويلي ڪونجڙيون جيئن ڪيٽ تي ڪڻڪي لهن،
    تيئن اندر مشڪور جي، ٿا سو چ جا در يا وهن،
    رات جو ننڊ ٿي ڦِٽي، ٻولي ٻڌي ڪنهن آر جي.


    دُعا

    اقرءَ ۾ ٻئي الف، سمجهايا آهن سبحان،
    رام ۽ رحمان، معنيٰ ٻنهي جي هيڪڙي.

    ’الف حمزو‘ جيئن، ڀري کُڻ الف جو،
    شال آئون تيئن، پيار نڀايان سنڌ سان.

    الله! تون جيڏو وڏو، تيڏو ڪرم ڪر،
    ٻيو ناهي ٻَر، مالڪ مون مسڪين جو.

    الفت، عزت، شهرت، همت ۽ صحت،
    جيڏي تو قدرت، تيڏي توکان ٿو گهُران.

    الله مون عزت ڏي، جيڏو تنهنجو نانءُ،
    تون ڇپر، تون ڇانءَ، اجهو تون ئي آسرو.

    اگهائي عاجز ڪيو، سَگهو ڪر سبحان،
    رحيم تون، رحمان، ٻُڪي ڏي ڪا ٻاجهه جي.

    اگهائيءَ عاجز ڪيو، تون ئي منهنجو ويڄ،
    پيارج ڪا پيڄ، سگهائيءَ ۽ صحت جي.

    اگهائيءَ عاجز ڪيو، شافي! ڏي شفا،
    دلبر ڏي دوا، سگهائي ۽ صحتَ جي.

    الا! سنڌ جيئي، موٽي اچي مهڪَ،
    ٻُڌان ڀوڳ ٽهڪ، اڱڻن ۽ اوطاقن تي.

    الا! سنڌ جيئي، جيئي سڀ جهان،
    ماڻهپو ٿئي مهان، گونجن گيت امن جا.
    *


    سنڌ جي صوفين جي دعا

    الله! تون جيڏو وڏو، تيڏو ڪرم توکان گهُران،
    ڏانءُ ڏس مان ڪيئن گهُران!

    خواهشون ڪنهن کاڻ جيان، ڍوَ ڪهين ڍاپن نه ٿيون،
    حرص پويان هرکجي ۽ ماڻ ڪنهن ماپن نه ٿيون،
    مان وڌي تو ڏي پرين ٿو، وچ مان واپس وَران!
    ڏانءُ ڏس مان ڪيئن گهُران!

    عزت الفت مانُ دولت صحت شهرت سا کپي،
    جنهن ۾تون راضي رهين سا ئي نعمت ٿي کپي،
    دنيا جي و چ سير ۾ هڪ توهه مان تنهنجي تَران،
    ڏانءُ ڏس مان ڪيئن گهُران!

    ماڻهوءَ من ۾ ٿئي امن ۽ مرڪ شل موٽي اچي،
    ڌرتيءَ تي سک پيار جي ورونهن شل موٽي اچي،
    سنڌ تي سرهايون ٿين، جن کي ڏسي مان پيو ٺَران،
    ڏانءُ ڏس مان ڪيئن گهُران!

    سونهن شل مهڪي اٿي، سُرت ۽ ساڃهه اچي،
    سنڌوءَ جر ڇوليون هڻي، پاڻي ڪو گجگاهه اچي،
    مهر جا مينهڙا وسن، ڪي ڏات سان مان گل ڇُريان،
    ڏانءُ ڏس مان ڪيئن گهُران!

    مشڪور جو تون ئي سڄڻ د م نه دل کان ڌار ٿي،
    سُڪون قلب سان ڀريل، سچ سندو ويچار ٿي،
    پيار جي پُوڄَا ڪند ي، شل پيار جي پاڇي پَران.
    ڏانءُ ڏس مان ڪيئن گهُران!


    ثقافتي ترانو

    ٽوپي اجرڪ زنده باد !
    سنڌي ثقافت زنده باد !

    پنهنجي سونهن نياري آهي، سنڌڙي پنهنجي پياري آهي،
    بختاور هر ناري آهي، سهڻي سنڌو آدجڳاد !
    ٽوپي اجرڪ زنده باد !
    سنڌي ثقافت زنده باد !

    پوڙهو جوان هر ناري جيئي، پورهيت جيئي، هاري جيئي،
    ٿر جي ٿڌڙي واري جيئي، درد جو ٿي پئي شل ڪو داد!
    ٽوپي اجرڪ زنده باد !
    سنڌي ثقافت زنده باد !

    گربي، کاڌي، کيس به سهڻو، ڀرت ڀريل سڀ ويس به سهڻو.
    سنڌو پنهنجو ديس به سهڻو، هر دل محبت سان ٿئي شاد !
    ٽوپي اجرڪ زنده باد !
    سنڌي ثقافت زنده باد !

    دودي جي همت به اوهان ۾، ٻاگهيءَ جي عصمت به اوهان ۾،
    مارئيءَ جي محبت به اوهان ۾، ڪوري ڪڍو سڀ ڪوڙ عناد!
    ٽوپي اجرڪ زنده باد !
    سنڌي ثقافت زنده باد !

    نڙ ’بوڙينڊا‘ چنگ وڄايون، يڪتاري جي تند تپايون،
    شاه سچل ۽ سامي ڳايون، ڀير تي ڏونڪو وڄندا ناد !
    ٽوپي اجرڪ زنده باد !
    سنڌي ثقافت زنده باد !

    گڏجي سڀ مشڪور سان ڳايو، جيجل سنڌوءَ ٿڃ ملهايو،
    لايو ٿيندو نيٺ سجايو، سنڌڙي ٿيندي شاد آباد !
    ٽوپي اجرڪ زنده باد
    سنڌي ثقافت زنده باد !


    ثقافتي بيت

    اجرڪ ٽوپي پٽڪو، سچ جي سڃاڻ،
    غيرن ڪهڙي ڄاڻ، ثقافت ۽ سنڌ جي.

    ٽوپي اجرڪ پٽڪو، آ سنڌين سندو شان،
    موهن کان مهان، ثقافت هئي سنڌ جي.

    اجرڪ ٽوپي ساڻ، مرڪن مانجهي سنڌ جا،
    پٽڪو ۽ پهراڻ، ثقافت آهي سچ جي.

    اجرڪ، پٽڪا، کهنبا، بوڇڻ چُنري، موڙ،
    جيڏن سندا جوڙ، سينگاريل سٽاءَ سان.

    اجرڪ ٽوپي کيس تي، واهه رنگن جڙاءُ،
    ڪيڏو سٻاجهو ساءُ، آهي منهنجي سنڌ جو.

    اجرڪ ۽ کٿيءَ جو، ذڪر منجهه قرآن،
    پڙهي ڏس فرقان، مزمل ۽ مدثر ۾.

    اجرڪ ٽوپيون پٽڪا، هٿين مينديءَ چٽ،
    ٽئونرن مڙهيل جتيون، سڄي سونهاري سِٽ،

    رکي ڪهاڙي ڪلهن تي، مورا ڳائين مِٽ،
    نه کيٽو ڪجان کِٽ، ڌاريان منهنجي ديس ۾.

    نڙ بوڙِينڊا، بئنسريون، الغوزا ۽ چنگ،
    يڪتارو، گهاگهر، ٽلِيُون، کڙتالون، مرڌنگ،

    سڀ واڄا ۽ ونگ، رچيل سنڌوءَ ساهه ۾.
    ڪُڙتو پاجامون پائي، چٿرون ڪرين اجرڪ تي،
    شايد تو نڪ ناهي، جو نمڪ ملهائين سنڌ جو!

    اجرڪ ٽوپي پٽڪي تي، چٿرڪري سو چور،
    رولُو لُچ لَغور، تڙي ڪڍون ڏيهه مان.

    [سنڌي ثقافت ڏهاڙي تي لکيل بيت]

    بيت

    چانڊوڪيءَ سان چنڊ، چُميو منهن محبوب جو،
    نيڻن منجهان ننڊ، وئي ويچاري نڪري.

    چنڊ پڙهيا منڊ، پرينءَ کي پرچائڻ جا،
    وٺي وندر ونڊ، نئون ڪيائين نينهن کي.

    ٽٻي ڏئي مهراڻ ۾، ٽوڙي چپ چپات،
    سلي ويئي بات، سينڱاري ڪا سِڪَ جي.

    ڪاري کَهي• ۾ رات، ورهيان گهڻو وتري،
    جيءَ ۾ پائي جهات، پسيم منهن محبوب جو.

    • ڪارو کهو: اسير ملاح جو ڳوٺ
    *


    ترانو

    يارو توهان تقدير آهيو، سنڌو ديش مهان جي،
    لطيف جي پيغام جي، جيئينم جي فرمان جي،
    سنڌو ديش زندهه باد !

    اوهين دودا، اوهين ننگر، اوهين هوشو هشمت وارا،
    اوهين هيمون، اوهين بلاول، اوهين شاهه عنايت پارا،
    اوهان جي اکڙين منجهه ڏسان ٿو، صورت دريا خان جي،
    سنڌو ديش زنده باد !

    سسئيءَ جي همت به اوهان ۾، مومل جي عظمت به اوهان ۾،
    سهڻيءَ جي محبت به اوهان ۾، مارئيءَ جي عصمت به اوهان ۾،
    ٻاگهيءَ جي غيرت جا راکا، صدا ڀاڳوءَ ڀان جي.
    سنڌو ديش زندهه باد !

    اوهان جي ٻولي ۾ آهي، لاک رتولي لولي لولي،
    لوليءَ سان جا جاڳي اٿي ٿي، باغين جي سا ٽولي ٽولي،
    ننگن خاطر جنگ ڏسان ٿو، غاصب سان گهمسانَ جي،
    سنڌو ديش زندهه باد !

    پاپ نگر جي پاڙ اکيڙي، ڏاڍ جا ڏونگر ڏاريو يارو!
    ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ رکي اڄ، جيجل جوءِ جياريو يارو!
    آزاديءَ جو عشق اُتانهون ، پرواهه ڪريو نه ڪا جان جي.
    سنڌو ديش زندهه باد !
    *


    چئو سٽا

    تنهنجا چپ مڌ جي پيالن جيان،
    ۽ شاعر جي نازڪ خيالن جيان،
    پرين شال جوڀن تون ماڻي سگهين،
    هي دنيا جون نظرون دجالن جيان.

    چڻا ڪين آهيون چٻاڙي سگهو ٿا،
    نه ڪي قلف آهيون، جو تاڙي سگهو ٿا،
    اسين دودي هوشو ۽ هيمونءَ جا وارث،
    رڍون ڪين آهيون، جو واڙي سگهو ٿا.

    چمڻ لئه ڇولين کي ڪنارا ٿا گهرجن،
    دکيءَ دل کي دلبر سهارا ٿا گهرجن،
    مڃان ٿو ته آ عشق ارڏو ازل کان،
    مگرسونهن کي سونهن وارا ٿا گهرجن.

    ڏنگيل ڪنهن ڏات جي پيڙا، خوابن جيئن رهان ٿو مان،
    ٽنبيل ٽانڊن تي سيخن ۾، ڪبابن جيئن رهان ٿو مان،
    مگر پوءِ ڀي ٿو مرڪان، نه مان مايوس ٿيو آهيان،
    مُڇون غيرن اڳيان وٽيان، نوابن جيئن رهان ٿو مان.

    غلاميءَ جي راتين کي ٽارڻ گهرون ٿا،
    سچائيءَ جو نئو ن سج اڀارڻ گهرون ٿا،
    ڇڏي تسبي مصلو، کنيو سين تنبورو،
    ٿيڻ ديس پنهنجي جا چارڻ گهرون ٿا.

    وجهان ڇو نه ڀاڪر، ڏيان ڇو نه چُميون،
    لڳي سر سنڌوءَ سان آهيان سنڌ واسي،
    ڇڏي ڪيئن وڃان مان، مهاجر ته ناهيان،
    ڀڄي جيڪو ڀونءِ تان، مٽي تنهن اڻاسي.
    *


    واڳونءَ جا ڳوڙها (نثري نظم)

    هو سنڌوءَ جي سورن جي
    ڪهاڻي ٻڌائي
    کيسي مان رومال ڪڍي ،
    پنهنجا ڳوڙها اگهندي ،
    اسٽيج تان هيٺ لٿو،
    جلسي ۾ ويٺل
    ڪپڙن ڦاٽل هڪ پوڙهو هاري اٿيو ،
    نهايت عقيدت مان
    هن جا هٿ چمڻ لئه اڳتي وڌيو ،
    ۽ هو پنهنجا هٿ
    ڪوٽ جي کيسي ۾ لڪائي
    روانو ٿي ويو ،
    سوچيم،
    ڇا ماڻهو به
    واڳونءَ جيان ڳوڙها ،
    ڳاڙيندو آهي!
    *


    محبت جي روشني (نثري نظم)

    مون پنهنجي پرينءَ کي ارپي ڇڏيون:
    سموريون سڪون جون گهڙيون
    خواهشون ۽ خوشيون ،
    ۽ هن جي وکن هيٺان اکين کي وڇائي
    گيتن جا ڪيئي ڪبوتر اڏائي ،
    سندس ڪيو مون استقبال ،
    ۽ صدين کان پنهنجو خالي جهول
    هڪ منگتي جيان ڇڏيو مون ڦهلائي ،
    پر
    موٽ ۾ هن نه وڌا منهنجي خالي ڪشڪول ۾ ،
    مرڪن جا ڪي به سِڪا ،
    ۽ تو ئي چيو هو محبت ۽ روشني موٽ کائيندا آهن،
    ڇا اهو سڀ ڪوڙ هو ،
    چيو مانس يار !
    تو شايد پنهنجي محبت جي روشني ،
    چنڊ تي ناهي اڇلي ،
    جو تنهنجي اڱڻ ۾ چانڊوڪي پکڙي !
    *


    سر ٻوڏ

    ڪولهڻ ڪئمپ ۾ ، ڪيئن بڻي ڪلال،
    هاءِ! رب جلال، مرڪ کسي ڪيئن مُکَ کان.

    ڪولهڻ ڪئمپ ۾، ٺرو ڪيئن ٺاهي،
    ڇڏيائين آسر لاهي، مئه ۽ متارن جو.

    ڪولهڻ اکئين نِير، لاڙيا جي لوڪ ڏٺا،
    هنيين چُڀِن ڪِير، منجهئون منجهه وجود جي.

    ڪولهڻ کان مرڪ، کسي ڪيئن مهراڻ،
    چِٽيا جنهن پهراڻ ، ڪالهه سنڌوءَ ڪپ تي.

    ڪولهڻ ڪئمپ ۾، تازو ڄائو ٻار،
    مبارڪون ۽ هار، ٻڏا سڀئي ٻوڏ ۾.
    *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 534
    ڪتابن جو مشاهدو: 553167
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 213182
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ