ڪتاب جو نالو: هاڙهي ڌڻي هوت : مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب شخصيت ۽ ڪردار
مصنف: جلال ڪوري
ڇپائيندڙ: سامي فائونڊيشن
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 07 جولائي 2017 ع
پڙهيو ويو: 832 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 154 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
مولانا عبدالرحمان جمالي جي ذات جي پرورش ۾ انهن گوهر ناياب شخصيتن جون ڪاوشون ڪارفرما رهيون آهن. هاڙهي جا جابلو پٽ ڇڏي نارو پٽ وسائيندڙ اسانجي ممدوح مولانا عبدالرحمان جمالي جي ذات شخصيت ۽ ڪردار سازي ۾ ناري پٽ جي شاهاڻي مزاج جو به بنيادي ڪردار رهيو آهي.
سندس سنڌي پٽڪي ، اجرڪ، شلوار، قميص ۽ سفيد سونهاري مبارڪ کي ڏسندي ئي علم، عقل، تهذيب، ثقافت ۽ روحانيت جون پالوٽون هڻندڙ سنڌ پنهنجي پوري تاريخ سان جلوه افروز ٿيندي نظر ايندي آهي. سنڌ اها بابرڪت ۽ ڀلاري ڀونء آهي جتي دراوڙن ۽ آرين جا تضاد ۽ عقيدن جا جهيڙا رهيا آهن، بحث مباحثا رهيا آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • هاڙهي ڌڻي هوت
  • ماريو آهي موت ، مون معذوري مسڪين کي
  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • اداري پاران
  • مهاڳ
  • نذرانه عقيدت بحضور حضرت مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب : سيف الله خالد يوسفائي
  • تاريخ سان ڪچهري : مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب کان پينل انٽرويو
  • علامه عبدالرحمان جمالي : پروفيسر قلندر شاهه لڪياري
  • حضرت مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب : ڊاڪٽر اسد جمال پلي
  • مولانا عبدالرحمان جمالي.. اهلِ دل انسان : نوراحمد جنجهي
  • مون سي ڏٺاماء : زيب صوفي
  • جيئن سي سنگهار : سردار ڀيو
  • ولهيٽي ۽ ولهاري سلسلن جو سالڪ مولانا عبدالرحمان جمالي : آزاد سميجو
  • سوانح حضرت مولانا علامه سائين عبدالرحمان جمالي صاحب : پروفيسر حافظ نورمحمد نهڙي
  • علم ۽ عرفان جي مجسم شڪل مولانا عبدالرحمان جمالي : عبدالحليم سومرو
  • مولانا عبدالرحمان جمالي سماجي رواداري جو ڪردار : پريتم پياسي
  • محبت ۽ ڀائيچاري جي علامت : مولانا عبدالرحمان جمالي : بنسي مالهي
  • هو امن ۽ ڀائيچاري جو امين آهي : ممتاز آريسر
  • سنڌ جو عالم مولانا عبدالرحمان جمالي : الياس ٿري
  • کرڪڻا لاهي ويٺا نه وريام : خطائي ٿيٻو
  • سنڌ جو هڪ عالم، اديب ۽ مفڪر : حافظ اياز آريسر
  • مولانا عبدالرحمان جمالي علم جو انسائيڪلوپيڊيا : عبدالرئوف سومرو

  • هاڙهي ڌڻي هوت

    هاڙهي ڌڻي هوت


    مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب
    شخصيت ۽ ڪردار

    مرتب
    جلال ڪوري


    ڇپائيندڙ
    سامي فائونڊيشن



    ڊجيٽل ايڊيشن :

    2017ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ماريو آهي موت ، مون معذوري مسڪين کي

    ماريو آهي موت ، مون معذوري مسڪين کي
    هـــــاڙهــــي ڌڻي هوت ، اچي لوڙهه لٽيج تون


    ڪتاب جا حق ۽ واسطا

    ڪتاب جو نالو : هاڙهي ڌڻي هوت
    مرتب : جلال ڪوري
    موضوع : شخصيت
    سال : آگسٽ 2016
    ڳاڻيٺو : هڪ هزار
    قيمت : 150 روپيا
    ڇپائيندڙ: سامي فائونڊيشن
    ڊيزائن : بهادر خان کوسو

    Book Name:- Harhe Dhani Hoat
    Compiled by :- Jalal Kori
    Subject:- Personility
    Year:- August 2016
    Quantity: - 1000
    Price:- Rs. 150
    Published By:- Sami Foundation
    Design: Bahadur Khan Khoso


    سامي فائونڊيشن
    نزد اکين جي اسپتال اڪبر اعظم روڊ عمرڪوٽ Sami Foundation
    Near Eye Hospital Akber-e-Azam Road Umerkot
    Email:- sami.foundation@gmail.com
    Website:- samifoundation.org.pk
    Phone:- 0238-571593


    ارپنا

    ارپــــنـــا

    سنڌ جي حلالي فرزند،
    سنڌ دشمنن تي وڄ بڻجي ڪڙ ڪندڙ،
    ملڪ جي ايوان بالا ۾ سنڌ جي حقن لاءِ گجگوڙ ڪندڙ،
    ۽ سنڌ جي عظيم هيري دودي سومري جي پيڙهيا تي پڳ جو ڀرم رکندي جام شهادت نوش ڪندڙ،
    شهيد خالد محمود سومري جي نانءُ

    هو جهڙ ڦڙ جهڙ ڦڙ مينهن هئا،
    هو مڙس هئا يا شينهن هئا،
    اي کيت کڙو او! شال ٽڙو،
    هو پنهنجا مينهن وسائي ويا
    شيخ اياز


    اداري پاران

    عمرڪوٽ جي پڙهيل لکيل انسان دوست ۽ روشن خيال ساٿين اٺاويهه سال اڳ جڏهن سامي فائونڊيشن جو بنياد وڌو هو تڏهن کان هن اداري جو اهو نصب العين رهيو آهي ته اسانيت جي خدمت برابري جي بنياد تي ڪجي.
    امراڻي جي سرزمين صدين کان وٺي زماني جا ڪيئي لاها چاڙها ڏٺا جن ۾ نفرت، اڻ برابري ۽ تفرقي بازي هميشه شڪست کاڌي جڏهن ته امن، ڀائيچارو ۽ انساني برابري سدائين فتحيات ٿيندي رهي آهي، هن علائقي جي اهڙي تاريخي ۽ ثقافتي حسن کي سهيڙي سميٽي منظر تي آڻڻ سامي فائونڊيشن جي مجموعي نصب العين جو انڪري به حصو رهيو آهي جو هن اداري جو رشتو لانٻي جي چيڪي مٽي ۾ کتل گهاٽي بڙجي پاڙن جيان امراڻي جي تاريخ ۽ ثقافت جي سرزمين اندر جٽادار طريقي سان ڦهليل آهي.
    اهو ئي ڪارڻ آهي جو سامي فائونڊيشن پنهنجي مجموعي ڪم ڪار ۽ انجي ڍنگ ۾ اين جي اوسٽ ڪلچرجي روايتي “ لوڻ کاڻ ” ۾ ڪري “ لوڻ ” ناهي ٿي بلڪه هن اداري غير روايتي انداز ۾ پنهنجون علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون ڪڏهن به ماٺيون ٿيڻ نه ڏنيون آهن.
    تيجسنگهه سولنگي جي تاريخي ڪتاب “ امرڪوٽ جو اتهاس ” کان مزاحمتي سنڌي شاعري جي مجموعي “ ٿي تند وڙهي تلوارن سان ” سميت مختلف موضوعن تي ڪتاب ڇپائڻ، ادبي ليڪچر ڪرائڻ، علائقي جي معتبر شخصيتن کي مان ڏيڻ لاءِ ساڻس رهاڻيون رچائڻ ڪتابن جون مهورتون ڪرائڻ ۽ هي جهان ڇڏي ويندڙ مثالي ماڻهن جي ياد ۾ ڏهاڙا ملهائڻ واري عمل کي سامي فائونڊيشن انڪري جاري رکڻ ضروري سمجهيو آهي جو اسانجي خيال ۾ ڪنهن به زندهه سماج کي صحتمند رکڻ لاءِ ماني سان گڏ مانائتي اتساهه جي آڪسيجن به بيحد ضروري هوندي آهي. ان ڳالهه جي تسلسل طور اسين پوري ايمانداريءَ سان سمجهو نٿا ته هن ڪتاب ذريعي سڄاڻ پڙهيندڙن جي اکين اڳيان ايندڙ عظيم ڪردار مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب اڄوڪي سنڌي سماج لاءِ اتساهه جو هڪ اهڙو سدا وهندڙ سرچشمو آهي جنهن جي ذڪر ۽ فڪر سان نفرتن جي ڀڙڪندڙ باهه کي آساني سان وسائي سگهجي ٿو.
    مولانا جمالي صاحب جي شخصيت ۽ ڪردار تي ڇاڪاڻ ته هن ڪتاب ۾ سنڌ جي مانوارن عالمن، اديبن ۽ شاعرن نهايت ئي تفصيل سان روشني وڌي آهي تنهنڪري ورجاءُ کان بچڻ لاءِ هتي رڳو ايترو چوڻ ئي ڪافي ٿيندو ته مولانا جمالي صاحب جي ڪم ۽ ڪردار جي مڪمل اپتار ۽ انکي شايان شان ڀيٽاپيش ڪرڻ ته اسانجي وس جي ڳالهه ناهي پر اسان سندس حياتي ۾ هي ڪتاب ڇپائي رڳو پنهنجو پاڻ لاءِ مطمئن جو سامان حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ئي ڪري سگهيا آهيون .مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب تي سنڌي ٻولي جي نامياري اديب، شاعر ۽ استاد محترم جلال ڪوري صاحب پاران سهيڙيل هي ڪتاب “ هاڙهي ڌڻي هوت ” اميد ته اسانجي لائق پڙهندڙن کي پسند ايندو.
    هن ڪتاب کي شايع ڪرائڻ سامي فائونڊيشن لاءِ وڏو اعزاز آهي ۽ اسانجي خواهش آهي ته شال اسين هن سلسلي کي قائم رکي سگهون.

    محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن
    تن جو صرافن، اڻتو ريوئي اگهايو.

    نياز مند

    غلام مصطفيٰ کوسو
    ايگزيڪٽر ائريڪٽر
    سامي فائونڊيشن
    12 آگسٽ 2016ع


    مهاڳ

    مولانا عبدالرحمان جمالي تي هي ڪتاب مرتب ڪرڻ جو سبب اهو آهي ته مولانا صاحب ۾ مونکي زندهه جاويد سنڌ نظر اچي ٿي . سندس سنڌي پٽڪي ، اجرڪ، شلوار، قميص ۽ سفيد سونهاري مبارڪ کي ڏسندي ئي علم، عقل، تهذيب، ثقافت ۽ روحانيت جون پالوٽون هڻندڙ سنڌ پنهنجي پوري تاريخ سان جلوه افروز ٿيندي نظر ايندي آهي. سنڌ اها بابرڪت ۽ ڀلاري ڀونء آهي جتي دراوڙن ۽ آرين جا تضاد ۽ عقيدن جا جهيڙا رهيا آهن، بحث مباحثا رهيا آهن.
    جتي ٻڌڌرم، جين ڌرم ۽ هندو ڌرم جا هزارين سالن تائين ڪير صحيح آهي، ڪير غلط آهي جا بحث، جهيڙا ۽ جنگيون رهيو آهن.
    ان کان به اڳ ۾ هتي ويد سنڌوء جي ڪنارن تي لکجن پيا .وحدت الوجود جهڙا بحث ويدن جي زماني کان سنڌ ۾ جاري آهن. نه رڳو روحانيت تي بحث آهن پر روحانيت جا وڏا مقام ماڻڻ لاءِ مجاهدا، مراقبا، روحاني سفر جا تجربا ۽ مشاهدا ان زماني کان شروع آهن.
    “ سڀ ۾ صاحب هيڪڙو ”
    واري نتيجي تي سنڌي هزارين سال اڳ پهچي چڪا هئا. هيءَ ئي اها سرزمين آهي جنهن تي دنيا جون طاقتور قومون صدين کان حمله آور ٿينديون رهيون آهن ۽ پنهنجا مذهبي، نيم مذهبي عقيدا، اصول. ريتون، رسمون ساڻ ڪري ايندا رهيا آهن ۽ “ سڀ ۾ صاحب هيڪڙو ” واري سنڌ جي فلسفه حيات کان شڪست کائيندا ان جو حصو ٿيندا رهيا آهن. تنهنڪري سنڌ جي تهذيب ۾ دنيا جي مذهبن، عقيدن ۽ تهذيبن جا قدر ۽ نظريا جهلڪا ڏيندي نظر ايندا.
    “ مولانا گرامي جون تحريرون ” ڪتاب ۾ صفحه 271 تي مولانا صاحب فرمائي ٿو ته “ هن سرزمين تي مذهب، عقيدي، نيم تاريخي ۽ نيم مذهبي رسومات جي با همي اشتراڪ سان پيدا ٿيل آدرش جي اخلاقي تاريخ حيرت انگيز آهي. ان ڪري ئي عرض ڪيو اٿم ته ساري دنيا جي مذهبن ۽ اصولن، انسانذات جي عقيدن ۽ رسمن، سڀني قومن جي معاشي ۽ معاشرتي قدرن جي جامع سرزمين اگر ڪا آهي ته پوءِ اها فقط “ سنڌ ” آهي .سڀني مذهبن، عقيدن، نظرين، اصولن ۽ انهن جي جامع نصب العين جي مشترڪ تخليق اگر ڪٿي ٿي آهي ته پوءِ اها فقط “ سنڌ ” ئي آهي.
    دنيا جو ٻيو ڪو به خطو سنڌ جي ان عظمت سان مقابلو ڪري نٿو سگهي. اسان لئه سنڌ ئي سڀ ڪجهه آهي.
    “ ديس سچل دا درس درازا مڪونا ملتان ”
    به ان حيثيت سان چيو ويو آهي ”
    سنڌ علم جي جهان ۾ سرواڻي ڪندي رهي آهي ان باري ۾ عرب تاريخدانن ۽ سياحن وڏا تفصيل بيان ڪيا آهن. هتي اختصار طور صرف ٻه حوالا ڏجن ٿا.
    مولانا گرامي صاحب ساڳئي ڪتاب جي صفحه 725 تي لکي تو ته ابن حجر عسقلاني هڪ قول بيان ڪيو آهي، فرمائي ٿو ته حضرت علي رضه چيو آهي ته“ سنڌ اها سرزمين آهي جتان علم جو سج اڀريو آهي .”.
    اخبار الحڪماء ۾ آيل آهي ته“ دنيا جي سڀني قومن ۾ سنڌ علم ۽ حڪمت جو سرچشمو رهي آهي .دنيا جي سڀني قومن ۾ سنڌ عدل ۽ سياست جو پهريون مرڪز رهي آهي .اسانجي ملڪ کان پري هئڻ ڪري سنڌ جا ڪتاب اسانجي عالمن تائين گهٽ پهتا آهن“
    جيجل سنڌ جنهن ۾ صدين تائين مذهبي، نيم مذهبي، عقيدن، اصولن تي بحث رهيا، جتي صدين تائين روحاني سفر جون وارداتون ، تجربا ۽ مشاهدا بحث هيٺ رهيا آهن.تنهنڪري سنڌ وڏي دل گردي وارو سماج تخليق ڪندي رهي آهي.
    انسانيت جا اعلى قدر، رواداري ۽ برداشت سنڌ جو ورثو رهيا آهن . تنهنڪري سنڌ ۾ اسلام جي تشريح به انهن اعلى قدرن آڌار ٿيندي رهي آهي. سنڌي عالمن سنڌ کي رواداري، برداشت ۽ اعلى اخلاقي قدرن ۽ روحانيت جو مرڪز ٺاهڻ ۾ اهم ۽ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌ جي مدرسن ۾ دستاربند عالم ٿيڻ لاءِ 22 سال پڙهڻو پوندو هو . جنهن ۾ علم الڪلام، حديث، فقه، منطق، طب ۽ تصوف اهم سبجيڪٽ رهندا آيا آهن. تنهنڪري سنڌي سند وارا عالم پنهنجي مزاج ۾ صوفي ۽ وڏي دل گردي وارا فقير منش ۽ علم جا سج رهندا آيا آهن.
    مولانا عبدالرحمان جمالي جي ذات جي پرورش ۾ انهن گوهر ناياب شخصيتن جون ڪاوشون ڪارفرما رهيون آهن. هاڙهي جا جابلو پٽ ڇڏي نارو پٽ وسائيندڙ اسانجي ممدوح مولانا عبدالرحمان جمالي جي ذات شخصيت ۽ ڪردار سازي ۾ ناري پٽ جي شاهاڻي مزاج جو به بنيادي ڪردار رهيو آهي.
    اسين تفصيلن ۾ وينداسين ته ڪيئي ڪتاب تيار ٿي ويندا پر اسين مختصرطور جمالي صاحب جي استادن واري سند جي هڪ وڏي نالي ۽ برگزيده شخصيت مخدوم محمد معين ٺٽوي عرف مخدوم ٺارو لاءِ لکيل هڪ خط ۾ ننڍي کنڊ جي وڏي عالم حضرت شاهه ولي دهلوي لکيو آهي ته “تون علم جي ميدان ۾ شينهن تي سوار آهين، ان تي توسان ٻيلهه سوار ڪير ٿيندو ؟” هيء روايت محترم محمد ادريس السندي ڪتاب “ رسائل مخدوم معين ” جي مهاڳ ۾ صفحه 03 تي آندي آهي. ائين ئي مولانا عبدالرحمان جمالي جي شخصيت ۽ ڪردار ۾ سنڌ سمائي پئي آهي. سنڌ جيئن اسلام جي تشريح ڪري ٿي، سنڌ جيئن اسلام کي سمجهي ۽ سمجهائي ٿي، سنڌ جيئن اسلام تي صدين کان عمل ڪري ڏيکاريو آهي ۽ ثابت ڪيو آهي ته اسلام مساوات، برابري، تهذيب، برداشت، رواداري ۽ انسانيت جي اعلى قدرن ۽ گڻن جو مذهب آهي. سنڌي سند وارن عالمن ۾ مولانا جمالي آخري نشانين مان آهي.

    رهــــــــيا اٿـــئي رات، صــبــح ويـــند ءِ صـــابــري ،
    لُنء لُنء منجهه لطيف چئي، ڪرتنين جي تات ،
    ويـــــا جــــي پـــرڀـــات، ڪـــرم مـلند ءِ ڪاپڙي..
    (شاهه)

    جلال ڪوري
    ڊيٻو /عمرڪوٽ
    12 آگسٽ 2016 ع


    نذرانه عقيدت بحضور حضرت مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب : سيف الله خالد يوسفائي

    مئه خانهءِ توحيد جو هڪ رند بلانوش.
    ۽ ساقي ء ڪوثر جي محبت ۾ سو مدهوش،
    طبيعت ۾ فقيري ۽ صفا ساده بدن پوش،
    ٺوڪر ۾ سندس تاج، شهذشاهي ۽ طربوش،
    مهتاب مشل ماهه جبين منهن ۾ آ مهروش
    مالڪ آ مقدر ۾ ڏنس دين جي آغوش
    بي شڪ سو ڀلو شخص آ انسان مثالي،
    نالو آ سندس عبدالرحمان جمالي.

    سيرت ۾ فرشتن جي مثل، صورت،
    الله جي اسلام جو وارث ۽ نگهبان،
    ٿر لاڙ اتر ڪاڇي تي مالڪ ٿيو مهربان،
    ٿيو خاص عمرڪوٽ تي الله جو احسان
    ساڪن ٿيو اچي سنڌ جي هن ڪنڊ ۾ سلطان
    ساوا ٿيا سڪل پٽ جي ورهين کان هئا ويران.
    آباد ڪيا علم جا ويڙها وري والي.
    نالو آ سندس عبدالرحمان جمالي.

    عالم آهي فاضل آهي فائق ۽ فهيم آ،
    ٿر ناري جي لئه علم جي ڄڻ باد نسيم آ،
    تفسير ڪندڙ شارح قرآن ڪريم آ،
    گفتار گوهر بار مثل شام شميم آ،
    راضي ٿيو مٿس خالق، رحمن و رحيم آ،
    قادر ۽ ڪريم آهي سو قائم ۽ قديم آ،
    تقدير سندس آهي ٿي تقدير بلالي
    نالو آ سندس عبدالرحمان جمالي

    تقرير ۽ تحرير ۾ درياهه جا ڌڌڪا،
    ڇولي ٿي سمونڊن جي لڳي وير کان وڌڪا
    گهونيء کي لڳو گهارو ٽٽي ريڻي جي ٻنڌ ڪا،
    مهراڻ آهستي پئي پور ۾ پنڌ ڪا.
    نيڻن ۾ رهي ڪانه انڌو ڪار ۽ انڌ ڪا ،
    ساقي جو پياري کڻي عرفان جي مڌ ڪا،
    معمور ڪري محب بنان گهرڻ سوالي،
    نالو آ سندس عبدالرحمان جمالي.

    طلبا کي مدرسن ۾ ٻچن جيئن سنڀالي،
    مسڪين و يتيمن کي سو پڙهائي ۽ پالي،
    هڪ اک سان ڏسي هر ڪنهن حالي ۽ بي حالي،
    سڀني کي علم فهم جي سانچي ۾ سو ڍالي،
    شاباس ! آهي شخص انهيءَ جيءُ جيالي،
    ٻارن سان رکي آس ٿو الله جي نالي،
    پارس ٿيا پڙهي جنهن کان ڪئين عالي معالي،
    نالو آ سندس عبدالرحمان جمالي .

    انسان سان الفت جو سدا درس ڏئي ٿو،
    انسان جي خدمت کي سو اسلام سڏي ٿو،
    فتنن کي ٿو ٽاري ۽ فسادين کي نندي ٿو،
    هر دين جي ماڻهن جي هو تعظيم ڪري ٿو،
    ڪنهن کي به عمل پنهنجي سان تڪليف نه ڏي ٿو،
    اڀرن ۽ اٻوجهن کي گلي لائي ملي ٿو،
    مسڪين ۽ مظلوم سان محبت آ سنوالي،
    نالو آ سندس عبدالرحمان جمالي

    محلات نڪو محل نڪو ٺاٺ ٺڪاڻو،
    پينگــــــــهو نه پلنگ کٽ نه ئي طول وهاڻو،
    سادو ۽ ســـــــٻاجهو آ سلڇڻو ۽ سياڻو،
    وينحهار جو واري جي مٿان آهي وڇاڻو،
    نازڪ ۽ نفيس آهي سو نرمل ۽ نماڻو،
    سڏجي ٿو سڄي سنڌ ۾ سو راڄ جو راڻو،
    رب پاڪ ڪيو کيس عطا رزق حلالي،
    نالو آ سندس عبدالرحمان جمالي.

    هڪ رهبر اسلام جا هن فرض ادا ڪيا،
    فتنن ۽ فسادن کي فهم ساڻ فنا ڪيا،
    دستور اخوت جا نئين طور روا ڪيا،
    محمود ۽ اياز کي هڪ هنڌ کڙا ڪيا،
    آڪڙ ۽ تڪبر ٻئي اڇلائي ڦٽا ڪيا،
    مغرور ۽ حاسد کان ڇني ڌار ڇنا ڪيا،
    سينو آ سندس ساڙ حسد ڪيني کان خالي،
    نالو آ سندس عبدالرحمان جمالي

    هن شخص کي جن جن ڏکويو سي ڏکيا ٿيا،
    سورن ۾ سڙيا درد جي دونهيءَ ۾ دکيا ٿيا،
    بدنام ٿيا بي زر ٿيا، بي گهر ۽ بکيا ٿيا،
    ڪيني ۽ حسد ساڙ جي نانگن کان ڪکيا ٿيا،
    پهتا نه پرينءَ پارسي راهن ۾ زکيا ٿيا،
    هن شخص صفا قلب سان سرتا، نه سکيا ٿيا،
    سينن ۾ سندن بخل بدي خام خيالي،
    نالو آ سندس عبدالرحمان جمالي.

    خالق آ ڏنو کيس وڏو ڪڙم قبيلو،
    اولاد سندس آهي سلڇڻو ۽ سجيلو،
    توڪل تي تري وير جو وچ سير بتيلو،
    ڪمزو جو قيوم ۽ قادر آ ڪفيلو،
    انسان جي وس آهي فقط هاج ۽ حيلو،
    هر حال ۾ مخلوق جو واحد آ وسيلو،
    سجدن ۾ ڪري شڪر ٿو اڀرو ۽ عيالي،
    نالو آ سندس عبدالرحمان جمالي

    الله رکج شاد ۽ آباد سڄڻ کي،
    محبوب مڻيادار مٺي محب مکڻ کي،
    آگا تون اگها ئيج سندم عرض ڪرڻ کي،
    ڳٽ پائي وجهي پاند پليء جي تون پنڻ کي،
    سڻ سيف جي سڪ سوز مان سڏڪڻ ۽ سڏڻ کي،
    قادر تون قبو ليج سند ۾ شعر لکڻ کي،
    ويڙها پيو وسائيج تون وينجهار جا والي،
    نالو آ سندس عبدالرحمان جمالي.


    تاريخ سان ڪچهري : مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب کان پينل انٽرويو

    اڄ اسان سنڌ جي هاڪاري عالم ۽ اڪابر سائين مولانا مفتي عبدالرحمان جمالي صاحب جن جي علمي درسگاهه تي ساڻس پئنل انٽرويو ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، جن ۾ منهنجو پيارو دوست عبدالحليم سومرو صاحب، حافظ نور محمد نهڙي صاحب ۽ ٻيا ساٿي موجود آهن ۽ ايف ايم جي اسٽينشن ڊائريڪٽر سائين امر بلوچ صاحب جن جي خاص مهرباني جنهن رڪارڊنگ جي سڄي سهولتڪاري فراهم ڪئي. اڄوڪي هن انٽرويو جو بنيادي مقصد هڪڙي مثالي ڪردار جي من جو ڳالهيون معلوم ڪرڻ آهي. سنڌ جو اڄوڪو دور جنهن ۾ تنگ نظري ۽ تنگ دستي جي حالت ۾ ماڻهو جيئن ٿا، سماج ۾ اسهپ جو جيڪو رحجان محسوس ٿئي ٿو اهو تشويشناڪ آهي ، ان سموري المناڪ صورتحال جو اڪيلي سر مقابلو ڪندڙ سائين مولانا عبدالحمان جمالي صاحب جنهن نه رڳو عمرڪوٽ بلڪه سڄي سنڌ ۽ هڪڙي معنى ۾ پوري پاڪستان ۽ سڄي دنيا اندر سنڌي عالمن جي علمي سند کي عام ڪيو، ۽ پنهنجي علمي ڏاهپ جي ذريعي خدمتون سرانجام ڏيندڙ آهي جمالي صاحب جنهن سطح جا عالم سڳورا آهن، اسان کين لطيف سائين جو هي بيت ئي ڀيٽا ڪري سگهون ٿا ته،
    پاڙي ويڄ هيام، تانسين مون نه پڇيا،
    تيلاهين پيام، موريسر اکين ۾
    اڃان تائين سائين جمالي صاحب صحتمند آهن ۽ اسان جي درميان آهن شال کيس وڏي ڄمار عطا ٿئي ۽ اسان مستفيض ٿيندا رهون، اسان چاهيون ٿا ته هڪڙو غير روايتي ۽ جامع قسم جو دستاويزي انٽرويو ڪريون جيڪو، اڳيان هلي تاريخ جو هڪ ماخذ ثابت ٿئي جيڪو اڄ کان سئو يا پنج سئو سالن کان پوءِ به نئون ۽ نرالو هجي جنهنجي آڌار تي اها سهپ واري سنڌ ۽ سهڻي سنڌ تعمير ڪرڻ لاءِ ڪا ڪوشش وٺي سگهون، ۽ اسان جو سماج ڪو ساهه پٽي سگهي، ته اسين شڪر گذار آهيون سائين مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب جن جا جن ضيف ال مري ۾ به اسان کي ٽائيم ڏنو ۽ اسان سان گڏ ويٺا آهن، ۽ اسان جي اها خواهش آهي ته سائين سڄي ڄمار اسان جي محفلن ۾ جلوه افروز رهن.
    سوال : سائين توهان جا وڏا اصل ڪٿي جا رهاڪو هئا ؟ انهن جي ڪرت ڪهڙي هئي؟ توهان جنهن علائقي ۾ پيدا ٿيا ان جو علائقائي ۽ سماجي پسمنظر ڇاهيو ؟
    جواب : مهرباني سائين ميرحسن آريسر ۽ ٻيا دوست امر بلوچ ۽ حليم سومرو صاحب ۽ ٻيا مهربان دوست توهان جي وڏي مهرباني جو توهين جيڪي آيا، اوهان کي خدا تعالى جيڪا ماڻهن کي سڃاڻڻ جي توفيق ڏني آهه ۽ خدا تعالى جيڪا لياقت سنڌ جي همدردي ۽ انسان ذات جي حق لئه ڏني آهي، انهي ئي توهان کي هن دنيا جي اندر اسان جهڙن پوڙهن، ۽ ضعيف ماڻهن ڏي موڪليو جن کي دنيا پڇندي ڪانهي، پر توهان جاوڙ توهانجون مهربانيون، توهان جا احسان توهان اسانجا فتاع بي بها آهيو، توهان اسانجو سرمايو ۽ دولت آهيو، توهان اسان جي لئه جيڪي چئو ٿا اهو پنهنجي لياقت جو اظهار ڪيو ٿا، يعنى آئون اهو آهيان جيڪو پنهنجين گهٽتاين کي پاڻ سمجهان ٿو، سو توهان نٿا سمجهي سگهون. سائين منهنجا آئون عبدالرحمان جمالي مرحوم بابي عبدالله جو فرزند بلوچستان جي علائقي هاڙهي جو رهاڪو جنهن کي شاهه صاحب “هاڙهي ڌڻي هوت” ڪري فرمايو آهه هاڙهي ميدان جي آندر هي قبيلو رهي ٿو ۽ منهنجا وڏڙا اتي رهيا، اسان جنهن قبيلي سان وابسته آهيون، ان جي وڏي شاخ سرندڙ جي نالي سان معروف ۽ مشهور آهي جيڪو لفظ پشتو ٻوليءَ جو آهي، جنهن جي معنى آهي، پراڻو ياقديم ۽ ان قدامت کي اليگذنڊر يا سڪندر آيو هو، اتي گدور نالي هڪڙي قوم آهي ان علائقي کي انهن پنهنجي علائقي کي گادرشاهه نالي پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي. جيڪي يونانين جا تاريخدان هئا، جاگرافي دان هئا انهي علائقي ۾ اسين ڪيئن آباد ٿياسين، تنهنجي لئه اسانجا قبرستان ٻه آهن هڪڙو قبرستان جيڪو پراڻو آهي جنهن کي لٽي يا لٽين جو قبرستان چئجي ٿو، لٽي هڪڙي قوم آهي، جيڪا ٻروچن ۾ ڪلمتي ٻروچن جي هڪڙي شاخ آهي، انهن کان اهو علائقو جيڪي مالوند ماڻهو هوندا هئا پنهنجي علائقي کي هٿ ڪرڻ جي لاءِ ۽ پنهنجي مال کي سولو ڪرڻ لئه اڳيئن قوم کان اهو علائقو جيڪڏهن هو انهن کي خوشي سان نه ڏيندا هئا ته هو وڙهي به حاصل ڪندا هئا اهو دور هڪڙو جهيڙن جو دور هو، وڏي ڪا قوم يا وڏو ڪو حڪمران ڪو نه هو جو سڀني کي پاڻ ۾ گڏي، تنهنڪري هاڙهي کي اسان لٽين کان حاصل ڪيو هو جن جي قبرستان جي اندر ۾ انهن جي قبرستان جي سرن جي مٿان پٿرن جي مٿان گهوڙا ۽ ان سان گڏ نکوار ڇپي پئي آهي، اڻ پڙهيل هجڻ جي صورت ۾ هو شڪل جي لحاظ کان هي اهي نشانيون رکندا هئا ته جنگ جي لحاظ کان اسان هنن کان هارايو يا کٽيو آهه
    اتي اندازن پنهنجي استادن جي اندازي مطابق 1 اپريل 1934ع ۾ منهنجي جنم جي تاريخ آهي. جيڪا قطعي يقيني ڪانهي ٻه ٽي سال وڏي به ٿي سگهي ٿي ٻه ٽي سال ننڍي به ٿي سگهي ٿي اتي منهنجي پيدائش آهي، ان کان پوءِ منهنجي قوم جا جيڪي باشنده يا رهاڪو آهن، انهن جي اندر ۾ منهنجو خاندان پنهنجي قوم جو سربراهه هو، ۽ انهن کي مدد خان حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪو لڪ جيڪو قلات ۽ لس ٻيلي کي پاڻ ۾ ملائي ٿو جنهن کي شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ “موزوريون مَٽي ويا ” موزور اهو لڪ آهي، جنهن جي منهن تي اسين ويٺا آهيون شايد ان دور جا جيڪي حڪمران هيا تن اسان کي انهي علائقي کي انعام ڪري ڏنو معنى جاگير ڪري ڏني هاڻي اسان پنهنجي علائقي جي وڻن ٽڻن کي انهن جي پنن کي چرڻ لاءِ ڪو ٽيڪس ڪونه ادا ڪندا هئاسين فقط اها ڳالهه هوندي هئي ته اسين انهي لڪ کان جيڪي هن رياست تي حملو ڪن انهن جو دفاع ڪريون اها دفاع جي شرط اسان تي لکيل هئي اسانجو پيشو مال چارڻ هوندو هو جنهن ۾ رڍون، ٻڪريون اچن ٿيون مينهن ۽ اٺيون به اچن ٿيون مينهيون اسان وٽ ملڪ ۾ پاڻي نه هئڻ جي ڪري ڪونه هونديون هيون اهو اسان جو هڪڙو پيشو آهي پيشور جي حيثيت ۾ اتي رهياسين، اڄ ته هتي منهنجي قبيلو آهي اتي رهي ٿي ۽ آئون وري پنهنجي قسمت سان هتي اچي ويو آهيان.
    سوال : سائين توهان جا والد بزرگوار پڙهيل هئا.؟
    جواب منهنجي قوم ۾ پهريون شخص آئون ئي آهيان جيڪو پڙهيو آهيان مون کان اڳ ۾ ڪوبه پڙهيل ڪو نه هو، ۽ آئون واحد شخص آهيان جيڪو پڙهيل آهيان ۽ ان کان پوءِ پنهنجي ڀائرن ۽ پنهنجي ٻچن کي تعليم ڏياري هاڻي نياڻيون به ۽ ڇوڪرا به گهڻي ڀاڱي تعليم وارا ٿي چڪا آهن اڳ ۾ پڙهيل ڪو به ڪونه هو،
    سوال : سائين ان سان لاڳاپيل هڪڙو ٻيو سوال آهه ته توهان جا ڀائر ڪيترا آهن.؟
    جواب : اسان ڪل ٽي ڀائر آهيون، انهن سڀني مان آئون وڏو آهيان ۽ ٻه مون کان ننڍا آهن ۽ اهي ٻئي ننڍا پرائمري ماستر هئا هڪڙو ته بيٽ آفيسر به ٿي ويو، ۽ هڪڙو رٽائرڊ ٿي ويو، اسين 3 ڀائر هياسين اسان جي والد صاحب کي پڙهائڻ جو شوق هو پوءِ اسان هاڙهو ڇڏي لس ٻيلو ڇڏي ڪراچي جي ڀرسان حب ڪالوني ۾ اچي رهياسين ڇو ته منهنجو والد ماجد پنهنجي پيءُ جو اڪيلو پٽ هو، ۽ ننڍي هوندي هن جو پيءُ وفات ڪري ويو، ۽ هن اسان جو جيڪو ڏاڏو هو ۽ ان جي جيڪا پوک هئي سا ڏاڍائي واري هئي ۽ ماڻهو جڏهن ڪمزور ٿيندو آهي ته ان جو نتيجو وري پوئين تي ايندو آهي تنهنڪري منهنجي والد ننڍي هئڻ جي حيثيت ۾ اندازن هو ڇهن ستن سالن جو هو جو هن جو پيءُ وفات ڪري ويو ڇهن ستن سالن جو ٻار ان کي ان جي زمينن کي رهاڪن کي اسان جي ئي قوم جي فردن جن تي اسان جي ئي پڙ ڏاڏي ڏاڍ ڪئي هئي، اهي سڀ مخالف ٿي پيا، ان کان پوءِ منهنجو والد حب ندي جي علائقي ڪنڊ تي اچي رهيو، شادي به اتي اسان جي قوم جا ماڻهو رهن ٿا انهن مان ڪيائين، ۽ تنهن کان پوءِ اسان اتي ئي رهياسين، تقسيم هند کان 3 سال اڳ اسان سنڌ ۾ آياسون.
    سوال : سائين توهان پنهنجي تعليم ڪٿان پرائي؟ توهان جا جيڪي استاد هئا، ۽ توهان جا جيڪي هم عمر شاگرد هئا انهن جي باري ۾ ڪجهه اسان کي ٻڌايو ؟
    جواب : الحمدالله اسين جڏهن ٽنڊي الهيار ۾ آياسين ڇو ته منهنجو مامون وفات ڪري ويو هو، ۽ منهنجي مامي جي وفات جي ڪري، جيڪي اسانجا مخالف هتي جا هئا سي وري واپس اتي ئي آيا، پوءِ بابي کي چيائون ته تون اسان کان عيوض وٺندين ، اسان جي سئوٽ جي ٻنين تي تون قبضو ڪندين، بابي چيو ته آئون ٻنين تي قبضي ڪرڻ وارن مان ناهيان، مون کي منهنجن ڏاڏن جي ٻني به نصيب ڪونه ٿي. سو هنن جي ڇا ٿيندي؟ تنهن کان پوءِ هو، پنهنجون رڍون ٻڪريون وڪڻي سنڌ ۾ آيو، ٽنڊي الهيار ۾ غلام حيدر سريوال جي ڀرسان رهياسين اهو غلام حيدر سريوال جو ڳوٺ ڪاماري وارا جيڪي پير آهن انهن جي ڀرسان آهه 1947ع جي اندر اتي مون تعليم شروع ڪئي، ۽ شروع ڪرڻ جو سبب اهو بنيو جو اسان جي زميندار جو جيڪو ڪمدار هو ان کي پنهنجو پٽ نور محمد بروهي پڙهائڻو هو، ۽ مون کي ان جو معاون ڪري چيائين ته تون وڃ تنهنجو خرچ به آئون ڀريان ٿو، ۽ منهنجي پٽ جو آئون ڀريان ٿو تون پڙهه، آئون اتي ويٺس هڪڙو سال پڙهيس ۽ پڙهائڻ وارو اسانجو استاد ميگهواڙ هو جيڪو پوءِ مسلمان ٿيو، ان وٽ مون تعليم پرائي، انهي تعليم پرائڻ جي دوران هن مون کي ايترو ته پڙهائيو جو پهريون درجو پاس ڪرڻ کان پوءِ درخواستون لکڻ ۽ منشي ٿي زميندار جون ڦيٽون وغيره لکڻ، ۽ 30 روپيه پگهار جو ملڻ اهو 1948ع ۾ ڪيو، پر منهنجو پيءُ جنهن مون کي چيو ته مون کي توکي پڙهائڻو آهي. اسان جا جيڪي رشتيدار هئا سي ساندن جو ڳوٺ آهه ولهيٽ حبيب الله ساند تعلقي عمرڪوٽ ۾ مشهور علمي خاندان آهي، ميان ولهيٽ وارا مشهور آهن، جن جو واسطو علمي حلقن مان کاروڙي وارن سيدن سان به هو، چيلهه جي سيدن سان به هو، ۽ سمان جيڪي ميان سڏبا آهن، کنڀري وارا انهن سان به هو، ۽ شاگردي وارو ان جو سلسلو ٻه طرفو هو، هڪڙو ميان مسيڻ سان مليا ٿي، ٻي طرف ميان محمد عثمان قراني جي معرفت مولانا محمد هاشم ٺٽي سان انهن جو سلسلو گڏيو ٿي اتي آئون آيس 1950ع ۾ ۽ 1950ع کان پوءِ مون تعليم شروع ڪئي اتي آئون 5 ست سال پڙهيس، 7 سالن ۾ مون 1957ع جي اندر دوره حديث جو پڙهيو، ۽ انهي وچ ۾ مون فائنل جو امتحان پهرئين پاس ڪرڻ واري علمي لياقت جي مون پنهنجي منهن پاڻ ڏنو، جنهن ۾ آئون پاس ٿي ويس 12 فيبروري 1953ع ۾ آئون پرائمر ي ماستر ٿيس، ان کان پوءِ پرائمري ماستر جي حيثيت ۾ ٻارن کي تعليم ڏيندو هئس، ۽ هوڏانهن آئون پاڻ به عربي پڙهندو هئس.
    1957ع کان پوءِ 1958ع ۾ آئون حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج ۾ هليو ويس اتي آئون ٻه سال پڙهيس، ٻنهي سالن ۾ آئون سڄي سنڌ ۾ پهريون نمبر آيس، ۽ يونيورسٽي ۾ مولوي فاضل جو امتحان ڏنو ان ۾ به آئون پهريون نمبر آيس، هڪڙي امتحان ۾ مسٽر غلام حسين سچاروي پهريون نمبر کڻي ويو، باقي ٻن امتحانن ۾ مون پهريان نمبر کنيا، اها منهنجي علمي محنت چئو يا ان کان پوءِ آئون 1960ع کان پوءِ عربي جي تعليم ڏيڻ لڳس ۽ اڃان تائين اها تعليم ڏيندو اچان پيو،
    سوال : سائين توهان اسان کي ديني تعليم بابت ٻڌايو توهان جا استاد ڪهڙا هوندا هئا؟
    جواب : الحمد شريف کان وٺي دوره تائين مولانا عبدالسميع ساند ولهيٽ وارو منهنجو استاد آهه ٻيو ڪوبه استاد ڪونهي.
    سوال : سائين سڄي ان ديني تعليم دوران توهان جا هم عمر شاگرد ڪهڙا هئا؟
    جواب : سائين لسٻيلي جا شاگرد به هيا اسان ٽي ڄڻا گڏ پڙهياسين هڪڙو مولانا علي خان سميجو پحيلي وارو پيڻلو هندوستان ۾ هڪڙو ڳوٺ آهي، ٻيو مولانا محمد هاشم الڱاريو، جيڪو قلمتين جي شاخ آهي لسٻيلي وارو، ٽيون آئون،تن اسان 1957ع جي اپريل ۾ دورو پورو ڪيو.
    سوال : بحيثيت معلم جي توهان پنهنجون ڪجهه يادگيريون به ٻڌايو؟
    جواب : معلم جي حيثيت ۾ مون کي هڪڙي ڳالهه ياد پئي اچي ته تعليم پڙهڻ کان پڙهائڻ ۾ انسان جي ذهانت وڌي ٿي ۽ معلم جي اصليت ان کي پڙهائڻ ۾ اچي ٿي پڙهائڻ واري دور ۾ جن علماء سان مليس، انهن علمائن ۾ مولوي محمد علي جوڻيجو عالم جي ڳوٺ وارو، مولانا محمد سعيد ڀنڀرو، مولانا عثمان قرآني جو پٽ، مولانا عبدالخئي جو پٽ مولانا نور محمد قرآني جو ڀاءُ مولانا محمد صالح سمون ميرپورخاص جي جامع مسجد جو خطيب، مولانا عبدالحق رباني نصرپور جو بهترين عالم ۽ هڪڙو آزاد منش انسان بي باڪ انسان ۽ مولانا محمد اسماعيل مسڻ وارو ۽ ٻيو مولانا عبدالڪريم مسڻ وارو مولانا غلام محمد صاحب ڪلوري وارو ۽ ٻيو مولانا عبدالڪريم ڊگهڙي وارو مولانا عبدالقيوم ڊگهڙي وارو ۽ ٿر جا مولانا عبدالمجيد ساند، ميراحمد ولهيٽ جو، مولانا محمد علي ولهيٽ جو ان سان گڏوگڏ ٿر جا مولوي مريد علي صاحب اهي سڀ سٺا ۽ اوچا عالم هئا
    سوال : جن عالم سڳورن جو توهان ذڪر ڪيو ۽ جيڪي توهان سان گڏ پڙهيا يقينن انهن جا نالا توهان وٺو ٿا ته اسانجي ذهن جي ڦرهي تي پورو هڪڙو علمي پسمنظر اچي ٿو وڃي جيئن عبدالڪريم مسڻ وارو جا جيڪي لکيل ڪتاب جيئن “مرد قلندر” ، “ٿڌا وڻ ولهار” جا يا “سڪ جو سفر” اهڙي طريقي سان عبدالحق رباني صاحب، عبدالحق رباني صاحب جي باري ۾ اسين توهان کان معلوم ڪرڻ چاهينداسين ڇو ته سائين جن لئه اهو مشهور آهي ته هن جي ساٿ ۾ ان دور ۾ جيڪي هاري تحريڪ جا اڳواڻ هئا جيڪي بظاهر سوشاسٽ اڳواڻ هئا، حيدربخش جتوئي جي جماعت جا ماڻهو هئا اهي سڀ رباني صاحب سان گڏ هوندا هئا رباني صاحب انهن جي رهنمائي ڪندو هو ۽ ٻيو ان سان لاڳاپيل اهو سوال به پڇڻ چاهينداسين ته اسان ٻڌو آهي ته توهان مولوي عبدالله لغاري صاحب جي جنازي نماز پڻ پڙهائي هئي؟ مولانا عبدالله لغاري اها شخصيت آهي جنهن “سرگشت قابل” لکيو ۽ جيڪا مولانا عبيدالله سنڌي سان گڏ هن سموري آزادي جي تحريڪ ۾ صعوبتون سٺيون، عذاب سٺا مشڪلاتون سٺيون انهن کي هن شخص ڪيئن پنهنجي سر تي کنيو ۽ ڪيئن سٽيون اهو سڄو پسمنظر اسان کي سمجهائيندا ته عبدالحق رباني کان وٺي عبدالڪريم مسڻ واري تائين جن ماڻهن جون جيڪي خدمتون هيون يا مولانا عبدالله لغاري صاحب سان توهان مليا هئا يا توهان رڳو جنازي نماز پڙهائي هئي يا پڙهائڻ جو توهان کي موقعو مليو.؟
    جواب : سائين توهان بهترين پهلو ڪڍي هڪڙو سوال ڪيو آهه جنهن ۾ علمي ستارا آهن جيڪي مولانا عبدالحق رباني جيڪو شاگرد آهي مولانا تاج محمد جو جيڪو نصرپور جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي، ۽ ان جي جيڪا سند آهي، ۽ ان جي جيڪا نسبت آهي سا ساڳئي اسان واري سند واري آهي جيڪا مخدوم محمد هاشم سان ملي ٿي پر مولوي صاحب وري واپس دوره پڙهڻ لئه ديوبند ويو هو، ديو بند جي پڙهڻ جي دوران هن شخص جي ذهني هاڪ سڄي مدرسي ۾ ڇانئجي وئي هئي ساليانو امتحان ٿيو ته سالياني امتحان ۾ رباني صاحب کي ٻيو نمبر ڏنو ويو پهريون نمبر ٻئي ڪنهن عالم جي حصي ۾ آيو مولانا چيو بي انصافي ٿي آهي اها بي انصافي مون کان برداشت ڪانه ٿيندي انهي کان پوءِ سنڌ ۾ موٽي آيو ۽ مولانا شيخ الهند رح جي جيڪا تحريڪ آزادي هئي تنهن ۾ ميمبر ٿيو تنهنجو بحيثيت ميمبر ٿي ڪم ڪيائين نهايت بهادر انسان هو ميربنده علي خان جيڪو سڄي پاڪستان ۾ موڪي جيڪا زمين آهي ان جهڙو ڪو زميندار ڪو نه هو، 93 هزار ايڪڙ زمين هوندي هئي ان ماڻهو جي سامهون اليڪشن ۾ بيٺو، مير بنده علي هن کي پئسا آڇيا، ان وقت جا ٻه لک يا ٽي لک وٺ يا جيڪو منهن مان ڪڍ اهو ڏيان ٿو جيئن آئون بنا مقابلي جي ڪامياب ٿي وڃان، مولانا صاحب جو اهو تاريخي جواب هو ته توهان جا اهي سمورا پئسا ان کان وڌيڪ ناهن جو تون هر ان غريب جي دروازي تي ويندين ۽ سوال ڪندين ان هڪ سوال جو به بدلو ڪونهي تنهن ڪري آئون چوان ٿو تو جهڙا وڏا ماڻهو غريبن جي درن تي ڀٽڪن جيئن اوهان جي درن تي غريب ڀٽڪندا آهن، مولانا جو جيڪي ورڪ ڪندڙ ماڻهو هئا سي سڀ يعنى اهي سڀ آزاد منش ۽ دلير هئا جهڙوڪ فتح خان ٽنڊي باگي وارو، ۽ ان سان گڏوگڏ جيڪي ٻيا، جن کي ماڻهون سوشلسٽ چون ٿا سوشلسٽ جي ماڻهو غلط معنى ڪڍن ٿا ته اهي منڪر آهن، سوشلسٽ جي معنى آهي ته هو ڪنهن انسان جي برابري جو قائل آهي وڏ ننڍائي جو قائل ڪونهي فقط فرق اهو آهي پوءِ مولوي صاحب يعنى پنهنجي انهي ڪم کي جاري رکڻ لاءِ نصرپور مان هڪڙو رسالو ڪڍيو ان جو نالو “مبلغ” رکيائين. نصرپور جا جيڪي پانڌياڻي هئا، وڏا زميندار هوا انهن جا مولوي تي بار آيا. مير صاحبن جا ۽ ٻين وڏن ماڻهن جا تن انهن کي تڪليف ڏٺي پوءِ مولوي صاحب پنهنجي جيڪا ٻني هئي سا وڪڻي جيڪا پريس ڪڍي هئائين سا وڪڻي حيدرآباد الهداد چنڊ جي ڳوٺ ۾ وڃي مولوي صاحب پنهنجو مدرسو کوليو ۽ پريس هلائي فتح محمد نالي هڪڙو شخص هو. اهو ذات جو چنڊ هو، ان جي مدد سان ان جي مسجد ۾ رهيو اتي مولوي صاحب انهي ڪم کي هلايو پر انهي به ڪنهن ساٿ نه ڏنو. ۽ اهي سرمائيدار ماڻهو جي قبضي ۾ اچي ويا پوءِ اٽان کان مولوي صاحب ميرپورخاص هليو آيو ۽ اتي ٻه رسالا ڪڍيائين موحد ۽ المبلغ ۽ ميرپورخاص ۾ ئي گذاري ويو. ڀٽي صاحب جي پارٽي ۾ ويو اسان جي پاڻ ۾ ملاقات ٿي. مون چيو مانس ته توهين ڀٽي صاحب جي پارٽي ۾ ويا آهيو توهان ته ديني عالم آهيو چيائين ته آئون عالم آهيان پر ڀٽي صاحب ۾ ڪجهه داڻا نظر اچن پيا تڏهن مون چيو توهان کي ڪهڙا داڻا نظر اچن پيا هن چيو هي اهڙو ليڊر آهي جنهن مان ڪم وٺي سگهجي ٿو هي اهڙو نڊر ليڊر آهي ۽ هي ڪو ڪم ڏيئي به سگهي ٿو پوءِ انهي لحاظ کان مون ۽ مولوي صاحب اختلاف پنهنجو ظاهر ڪيو پر مولوي صاحب چيو ته توهان کي سياست جو ذرو واءُ به نه لڳو آهي ٿورو تجربو ڪندو ته توهان کي پتو پئجي ويندو پوءِ آئون نٿو چوان ته صحيح آهيان يا غلط آهيان. ۽ ڀٽي صاحب جڏهن رباني صاحب کي جيل ۾ وڌو انهي کان پوءِ ملاقات ڪيائين ۽ چيائين ته وڏيرا نيٺ وڏيرا ٿي پيا اهڙي طرح هي بهادر نڊر انسان پچاڙي زندگي ۾ فخر ڪندو هو ته منهنجا پٽ مون آفيسر ڪو نه ڪيا سب ماستر ڪيا هن جا جيڪي پٽ هئا سي ڪي ليڪچرار ٿيا ان تي چيائين مون کي فخر آهي عبدالشڪور ڪميسٽري جو ليڪچرار هو. جيستائين اهو هو تيستائين هو قائم هئا مولوي وفات ڪري ويو ته هو، ٻئي پاسي هليا ويا باقي مولوي محمد اسماعيل مسڻ وارو ۽ عبدالڪريم مسڻ وارو اهي به نڊر ۽ سٺي ۾ سٺا انسان هئا. انهن جي ٻني به 8 ايڪڙ هئي ان مان ٻن ايڪڙن ۾ ڪڍيائين هاءِ اسڪول جيڪو اڃان هلي پيو جنهن مان پيدا ٿيندڙ ڊاڪٽر جنهن مان وڏي ۾ وڏا انجنير محمد هاشم جهڙا يا ڊاڪٽر حسن لغاري اتي جا پڙهيل آهن هو پنهنجي پر ۾ ڪم ڪري ويو هليو مير صاحب احمد خان ٽالپر اهو هنن جو دوست هو هي هنن وٽ ايندو هو. اهي سڀ ماڻهو حقيقت ۾ پڪا مسلمان هئا.
    سوال : هڪڙو ننڍڙو ضمني سوال آهي ته، مولانا رباني صاحب بابت توهان کان پڇون ٿا ته مولانا عبدالحق رباني توهان کي چيو ته ڀٽو صحيح آهي توهين نٿا سمجهو، اسان پڙهيو آهي ته ڀٽي صاحب اهي سڀئي با ضمير ماڻهو جيل ۾ وڌا انهن جي اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن تي بندش وڌي اخبارون بند ٿيون ۽ هڪڙي تمام غير جمهوري ڊڪٽيٽر واري روش اختيار ڪئي وئي ۽ ان کان پوءِ عبدالحق رباني صاحب جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ ڀٽي جي دور ۾ سخت ڀٽي جو مخالف تي ويو هو چون ٿا ته هو پنهنجي دوستن کي چوندو هو ته آئون پنهنجي تجربي ۾ غلط ثابت ٿيس، ان تي روشني وجهو؟
    جواب : ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ڀٽي کي پوءِ هو صحيح نه سمجهندو هو پر پوءِ به ٻين جي مقابلي ۾ هن لاءِ سٺي راءِ رکندو هو ۽ ڀٽي واقعي اهي ماڻهو جيڪي با اصول هئا، معراج محمد خان ۽ ٻين با اصول ماڻهن کي تڪليف پهچايائين پر ڀٽو پنهنجي ڪم جي اندر به تڪڙو هو، جنهن ڪم ڪرڻ تي آيو سو غلط يا صحيح ڪري ڇڏيندو هو. تنهن ڪري مولانا عبدالحق رباني ٻين سياست دانن جي ڀيٽ ۾ ڀٽي صاحب کي وري به پسند ڪندو هو.
    سوال : سائين مولوي عبدالله لغاري صاحب جي باري ۾ ؟
    جواب : مولانا عبدالله صاحب متعلق عرض ته جڏهن آئون ڪاليج ۾ ويس 1958ع ۾ تڏهن هو ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽو جي جڳهه تي رهندو هو. ۽ اتي مولانا عبيدالله سنڌي جو فلسفو پڙهائيندو هو، ۽ مولانا عبيدالله سنڌي جو جيڪو ڪتاب تفسير الهام الرحمن هو، اهو الهام الرحمن اتي ٻڌائيندو هو، انهن جي پڙهڻ وارن ۾ خاص خاص ماڻهو هئا بيگم شمس عباسي جيڪا قاضي اڪبر وارن جي ڀيڻ هئي. سيد پناهه علي شاهه جيڪو ڊائريڪٽر ٿي گذريو آهي اهو هو، اهڙي نموني سان آفيسر به هئا، ته واپاري به هئا، پر اهي ماڻهو جيڪي مولانا عبيدالله سنڌي کان متاثر هئا، هاڻي انهي معاملي ۾ مولانا اتي پڙهايو ٿي اتي به خاص ٻه سورتون پڙهائيندو هو هڪڙي سورته ماجدا ۽ ٻي سورته النساء چوندو هو ته انهن ٻنهي سورتن جي اندر ۾ احڪا مات اسلامي گهڻا آهن احڪا مات اسلامين کي اهڙي انداز ۾ پڙهائيندو هو، جنهن ۾ مقامي حل موجود هوندا هئا پوءِ هاليپوٽو صاحب ڍاڪه ويو هليو مقالو لکي ڏنائين “خدا جو وجود” ۽ اهيو مقالو سڄي دنيا جي عالمن کي ڏنائين ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽو صاحب اهو اوڏانهن ويو هليو ان جي گهرواري امينا هاليپوٽو مولوي صاحبه جي خدمت ڪندي هئي پنهنجي پي وانگر ڀائيندي هئي ان جي ڪوٺي هوندي هئي ان ۾ تڏو وڇايل هوندو هو، نه ڪا کٽ هئي هڪڙي پيتي هئي جنهن ۾ بنديون هيون تفسير جون انهن سان پيتي ڀري پئي هوندي هئي، اسين وڃي اتي فيض وٺندا هئاسين. انهي ڪوٺي ۾ مولانا عبدالله صاحب وفات ڪري ويو ڊاڪٽر هاليپوٽو صاحب جاپان ۾ هو ۽ مولانا صاحب وفات ڪري ويو پو ءِ مولانا کي تڙ ڏيڻ وارو آئون هئس، ۽ مولانا جي جنازي نماز پڙهائڻ وارو به آئون هئس، مولانا جيڪا هيئنر لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي آهي، اها سول اسپتال طور سڃاتي ويندي هئي، اتي ڪنهن وارڊ ۾ هو اتي نماز پڙهائي. هن جو اولاد هڪ نياڻي هئي، جيڪا سانگهڙ جي ويٺل هئي. ان جي نياڻي ۽ مڙس ٻيئي آيا، مولانا جي جنازي نماز اسان پڙهائي پوءِ مولانا کي کڻي روانا ٿياسين، پوءِ سڀ ماڻهو بيٺا هئا مون کي اهي الفاظ ۽ ڪيفيت ياد آهي ته، شمس عباسي جا لڙڪ وهيا پئي.
    سوال : اوهان سنڌ جي ماضي ۽ حال ۾ ڪهڙو فرق محسوس ٿا ڪريو ۽ ان تناظر ۾ اوهان وٽ موجود جيڪا ديني سند آهي ان جي اهميت کي ڪيئن بيان ڪندا ؟
    جواب : اسان هينئر جيڪا ديني سند تقسيم ڪيون پيا. ۽ پوري دنيا جا مڃيل عالم ان کي قبول ڪري حاصل ڪن پيا، اها سند مرحوم محمد هاشم ٺٽوي رح جي طرف کان لکيل آهي ۽ ان جي هيٺيان جيڪي به عالم آهن سي سڀ سنڌي آهن. مثال طور آئون عبدالرحمان سنڌي آهيان، مون جيڪا سند ورتي آهي مولوي عبدالسميع کان اهو سنڌي آهي، ان وري غلام رسول چانڊئي کان ورتي اهو سنڌي آهي، ان ورتي آهي، مولانا محمد عثمان قرآني کان اهو به سنڌي آهي، مولانا صاحب اجازت ورتي آهي مولوي غلام رسول چانڊئي کان ان ورتي محمود احمداڻي کان جيڪو ٽنڊي الهيار جي ڀرسان رهندو هو، مولانا محمود احمد ۽ مولانا محمد عثمان بنهي اجازت ورتي آهي مولانا لال محمد کان جيڪو مٽيارين جو هو، مولانا لال محمد اجازت ورتي آهي مولانا عبدالولي کان اهو به سنڌي آهي، مولانا عبدالولي اجازت ورتي آهي مولانا عبدالغني کان اهو به سنڌي آهي، ان ورتي آهي مولانا عبدالڪريم کان اهو به سنڌي آهي ان ورتي آهي پنهنجي پيءُ محمد عثمان کان اهو به سنڌي آهي ان ورتي آهي نورمحمد نصرپوري کان اهو به سنڌي آهي ان ورتي آهي مولانا محمد هاشم ٺٽوي کان جيڪو پڻ سنڌي آهي.
    گوياڪه اسان جي هي 11 هين صدي تائين سند سنڌي علمائن جي آهي، ۽ اها سند سنڌ جا جيڪي ٻيا مدرسا آهن تن وٽ ڪانهي ڇو ته سي سڀ ديوبندين يا بريلوين جا شاگرد آهن ، بريلوي ۽ ديوبندي ٻئي انڊيا جا مدرسا آهن، اسان جي سند خاص سنڌ سان آهي هاڻي هن سند جي ٻي خصوصيت اها آهي ته مون غبدالرحمن کان 22 ماڻهو ٿين ٿا، دنيا جي ڪابه سند 22 ماڻهن تي ڪانهي جڏهن مون کان سند محمد تقي ورتي پئي ته، مولانا محمد تقي ۽ ان جي ڀاءُ رفيع مولانا عبدالحليم چشتيءَ ان سان گڏوگڏ سڄي دنيا جا عالم تن به اها مخدوم صاحب کان دنيا جي ويجهي ۾ ويجهي سند چيو آهي.
    سوال : ڪجهه ڏينهن اڳ اسان هتي ويٺا هئاسين ته توهان وٽ ڪي غير ملڪي شاگرد آيا، جن مان ڪي مصر جا شاگرد هئا، پهريون ڀيرو ڪي مصر جا ماڻهو ڏسڻ جو اسانکي موقعو مليو پنهنجي لباس ۾ پنهنجي جسامت ۾ پنهنجي قدبت ۾ ڪافي منفرد هئا ۽ واقعي لڳا پئي ته هو مصري آهن، اهي ويٺا هئا توهان انهن کي سند ڏني مون توهان کان پڇيو ته هي ٻاهران ماڻهو اچن ٿا ته، توهان ٻڌايو ته، سموري دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو مون کان سند وٺن ٿا، جڏهن ته اها سند سنڌ وطن جي شهرت جو وڏو سبب آهي جيڪا 22 سلسلن سان حضور جن صه سان ملي ٿي، ته اها سند توهان لاءِ اطمينان ۽ خوشي جو باعث بڻبي آهي ۽ اوهين سوچيندا آهيو ته آئون خوشنصيب ماڻهو آهيان جنهن وٽ هي سند آهي جيڪا آئون سڄي دنيا ۾ ان کي ڦهلائيان ٿو يا پهچائيان ٿو.
    جواب : توهان علمي سوال ڪيو آهي الله توهان کي خوش رکي دنيا جو اهڙو ڪو ملڪ ناهي جتي اها سند نه پهتي هجي، هاڻي اها سند سنڌين جي متاع بي بها آهي، جو سنڌي ماڻهو ان کي پهچائين پيا ان جو ظاهر ظهور مثال اهو آهي ته، آئون ٺيڪ ڪونه هئس ڇوڪرو مون کي وٺي ويو عمري تي اتي جا جيڪي عرب عالم سڳورا هئا، مسجد نبوي جا تن کي جڏهن خبر پئي ته اسان کي هٿو هٿ کڻڻ آيا، اسانجون مهمانيون اسان کي ڪپڙا ڏيڻ، پئسا ڏيڻ ٻه ڏينهن اسان کي مڪو شريف گهمايو وري واپس مديني شريف پڳاسين مدينو گهمايو اها سند حاصل ڪرڻ لاءِ عرب جا ماڻهو اڳئي آيا هئا، پوءِ رياض مان ماڻهو آيا هئا جدي مان ماڻهو آيا، ۽ سعودي جي ٻين علائقن جا ماڻهو آئيا جن اسان کان اها اجازت حاصل ڪئي توهان پاڻ خود سمجهو ٿا ته پنهنجي پيءُ پنهنجي ڏاڏي، پنهنجي خاندان کي جيڪڏهن شهرت ملي ٿي ته طبيعت انسان خوش ٿئي ٿي اسان جي خاندان کي خاندان علمي ۾ جيڪا محمد هاشم رحه جي سند مقبول ٿي آهي، آئون جيڪو ان جو ذريعو بنيو آهيان، خدا تعالى جا ٿورا جنهن مون کي ذريعو بنايو ۽ مون سند کي عام ڪيو،.
    سوال : انهي سند جي حوالي سان توهين جنهن ناماچاري جو سبب بنيا آهيو، جنهن سان سنڌ کي شهرت ڏيا ري آهي. اها ساڳي سنڌ مختلف حوالن سان صدين کان نيزي تي ٽنگيل رهي آهي، ۽ جيڪي استحصالي قوتون آهن جيڪي ڪڏهن سنڌ کان پاڻي ٿيون ڦرين ڪڏهن ڌرتي ٿا ورهائين، ڪڏهن وسيلا ٿا ڦرين ته ڪڏهن پاڻي، جڏهن سنڌ جي پاڻي جو اشو ٿيو هو سنڌودرياء تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جو مسئلو ٿيو هو ته ان ۾ ٻطرفي جدوجهد هلي هئي، هڪڙي پاسي سياسي جدوجهد هئي، جلسا هئا، جلوس هئا ۽ ڌرڻا هئا ته ٻئي پاسي سنڌي عالمن جيڪي وطن دوست مزاج جا آهن ۽ وطن انهن کي وڌيڪ عزيز آهي انهن ماڻهن جيڪا جدوجهد ڪئي، جدوجهد جو هڪڙو پاسو اهو به هو ته هو ميدان تي به هئا ٻي طرف وري هڪڙي فتوى آئي هئي جنهن ۾ ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت کي شرعي طور تي ناجائز قرار ڏنو ويو هو، ان فتوى جو پسمنظر ڇا هو؟ ڇاڪاڻ ته اها فتوى ڏيندڙ جيڪي به مفتي صاحبان هئا تن ۾ توهين سر فهرست هئا، ۽ اها ايڏي تاريخي فتوى آهي جيڪا ايندڙ وقت ۾ اسان جي نسلن کي درياء بچائي ڏيڻ ۾ وڏوڪردار ادا ڪندي ، ته ان فتوى جو پسمنظر ڇا هو؟ ۽ شهيد خالد محمود سومرو صاحب به هو جنهن سموري سنڌ ۾ جيڪا سياسي جدوجهد هلي ان جي اڳواڻي ڪندا هئا جيڪا ڪميٽي ٺاهي ويئي ان سان توهان جي ڪيئن ملاقات ٿي ۽ توهان جو تبادلئه خيال ٿيو ۽ آخري نتيجي ۾ اها فتوى آئي ڪيئن هئي ان جا اثر ڪهڙا نڪتا؟
    جواب : مهرباني، توهان هڪڙي تاريخي ۽ حقيقي ڳالهه ڪئي آهي، سنڌ جي مسائل جي لاءِ ڪارو ڪاري جو مسئلو آهي اهو به سنڌ ۾ آهي راڄن جو پاڻ ۾ وڙهڻ ويڙهائڻ يعني قبائلي تڪرار اهو به گهڻو سنڌ ۾ آهي سنڌ جون جيڪو خارجي ضرورتون آهن انهن ضرورتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ان جي به ضرورت آهي اها ڳالهه محسوس ڪندي سکر ۾ هڪڙي ميٽنگ ٿي اها ميٽنگ هئي جميعت علماء اسلام جي طرفان آئون به هڪڙو ضلع جو نمائندو هئس. امير هئس پوءِ اتي سنڌ جي مسائل جي حل جي لاءِ هڪڙي ڪاميٽي ٺاهي ويئي، ان ۾ چار ماڻهو کنيا ويا، هڪڙو محمد مراد صاحب سکر وارو، هڪڙو پروفيسر محمد احمد سکر وارو، منظور احمد چنو دادو وارو، ۽ هڪڙو آئون عبدالرحمان ٿر وارو، هاڻي اهي چار ماڻهو سنڌ جي مسائل تي لکڻ وارا هئا، پهريون پهريون مسئلو آيو ڪارو ڪاري جو ان تي مون پنهنجي راءِ لکي موڪلي، ڪهڙي دور ۾ ٿيو هو ڪڏهن ٿيو هو؟ ان جو پسمنظر مون لکيو، مولانا جعفر بو بڪائي رح مخدوم نوح رحه جو همعصر هو، ان جيڪا حد هئي انجو تذڪرو ڪيو آهي.
    ته سنڌ جي جيڪا فتوى ڪاميٽي هئي، انهي مسئلي جي ضرورت کي محسوس ڪندي سڄي سنڌ جي علمائن هڪڙي فتوى مرتب ڪئي جيڪا ڪراچي جي عالمن جي مخالفت ۾ آئي جن جو مطالبو هو ته ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ ۾ ڪو عيب ڪونهي، اسان ان لئه اهو لکيوسين ته، پاڻي جيڪو آهي سوٽن قسمن جو آهي هڪڙو پاڻي آهي بارش جو هڪڙو پاڻي آهي کوهه جو هڪڙو پاڻي آهي موڪي اهي ٽي پاڻي آهن اسان کي يا پنجاب کي جيڪو پاڻي ملي ٿو اهو دريائي يا موڪي پاڻي آهي موڪي پاڻي ۾ پهرئين پهرئين حق آهي پڇڙي جو، تنهن کان پوءِ مٿي وارو تقسيم ٿيندو تنهن ڪري سنڌ جي ضرورت کي ذهن ۾ رکي پاڻي جي تقسيم اها شرعي آهي پر سنڌ ڇاڪاڻ ته هيٺاهين تي آهي ته انهي جي جيڪا ضرورت آهي انجو خيال نه رکڻ شرعي طرح سان بغاوت آهي ۽ شريعت کان بغاوت ناجائز آهي ۽ پوءِ اها عام ٿي جيڪا توهان وٽ ان جي ڪاپي شايد پهتي هوندي
    سوال : جنهن عمل جو بنياد توهان جي فتوى بڻي تنهن کان پوءَ سنڌ جي وطن دوست سموريون پارٽيون ان ۾ شامل ٿي جدوجهد ڪئي انکي اوهان ڪيئن ڏٺو ؟
    جواب : اها فتوى پهرئين جڏهن لکي هئي ان کان پوءِ يعني اسان جي جميعت جون ميٽنگون ٿيون ۽ جلسا ٿيا، انهن ۾ اسان هر هڪ پنهنجي علائقي جا يعني اسان ٿر جا هئاسين عمرڪوٽ جا هئاسين، پنهنجي علائقي ۾ اسان نمائندگي ڪئي ٻين پنهنجي نمائندگي ڪئي هرهڪ پنهنجي حدمان تارون ڪيون انهي فتوى کي بنياد بڻائيندي گڏيل جلسا ٿيا شهيد خالد محمود سومري جي اڳواڻي ۾ اسان تحريڪ هلائي .
    سوال : شهيد خالد محمود سومرو صاحب مسجد جي ممبر تي ويهي سنڌ جي ڳالهه ڪندو هو ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان توهان جو رول هيو ۽ شهيد جي ليڊرشپ هئي، اهڙو ڪم ڪرڻ جي سنڌ جو ڪو ٻيو عالم جسارت نه ڪندو آهي، اهو ڪم ڪندي توهين ڪٿي هٻڪيا آهيو يا ڪٿي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو هجي ڇا اهڙي ڪا صورتحال پيش آئي.؟
    جواب : ها سائين اسان پنهنجي طرف کان عام طرح سان، هڪڙي سياسي راءِ کي قائم ڪرڻ جي حق ۾ هئاسون، حق جي اظهار ۽ حقيقت کي بيان ڪرڻ ۾ اسان ڪابه هٻڪ ڪانه ڪئي آهي.
    پڄاڻي: اسان جو سڄو هي پئنل توهان جو شڪر گذار آهي، جو توهان اسان کي تمام گهڻو وقت ڏنو، اسان جو آخري سوال يا خواهش سمجهو سا اها هوندي ته توهين اسان جي ايندڙ نسل کي سنڌ جا ماڻهو جنهن حالت مان گذرن ٿا جنهن ۾ جهالت تمام گهڻي ڦهلجي پئي ٻيا الاهي معاملا آهن، ان سموري صورتحال ۾ توهان هڪڙي رهنما جي حيثيت ۾ ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيندا ايندڙ نسلن کي ته جيئن سنڌ جي نجات جو ڪو رستو نڪري سگهي..
    جواب : سائين منهنجا آئون پنهنجي آئيندي نسل کي پنهنجي اولاد کي ۽ ان جي اولاد کي ۽ سنڌ جي سڄڻن جي اولاد کي اهو عرض ڪندس ته،
    سائيم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
    سنڌ هڪڙو دنيا جو حصو آهي، ۽ ان دنيا جي حصي هجڻ ۾ سنڌ پنهنجو ڪردار نمايان تڏهن ڪندي جڏهن ان جو ٻچو سچ ڳالهائيندو سچ قبول ڪندو، سچ جي اشاعت ڪندو.


    علامه عبدالرحمان جمالي : پروفيسر قلندر شاهه لڪياري

    علامه هن زماني ۾ سنڌ جي وڏن گذريل عالمن جي نشاني آهي. سنڌ جيڪي جيد عالم پيدا ڪيا انهن جي علم و فضل جي هاڪ ڏيهان ڏيهه پکڙيل آهي اڄ به سندن تصنيفون عرب جي ڪيترين ئي لئبريرين جي زينت بنيل آهن جن کي انهن ڪتبخانن جا مهتمم فخر جي نگاه سان ڏسن ٿا.اهو مون لاءِ اعزاز آهي جو مونکي هن ڪتاب ۾ جاءِ ملي رهي آهي.
    ڪنهن زماني ۾ فيس بڪ تي هڪ ڪلپ ڏٺوهئم ڪنهن محفل ۾ علامه کي تقرير لاءِسڏ ڪيو هئائون علامه پاڻيءَجو گلاس گھريو ۽ ڪنهن شودر کي سڏ ڪيوپوءِ ان جو اوبارو پاڻي پي ڏيکاريو اهو ٻڌائڻ لاءِ ته اسلام ۾ ذات پات جو ڪو به تصور ڪونهي. علامه جمالي عمرڪوٽ ۾مذهبي رواداريءَ جو هڪ آدرش آهي.
    هڪ دفعي خانهءِ فرهنگ ايران وارن حيدر آباد ۾ روميءَ جو ڏينهن ٿي ملهايو سومونکي به ڪجھه ڪورا دعوتناما ڏنائون. مون هڪ دعوتنا مو علامه کي به ڏياري موڪليو. مڄاڻ علا مه پاڻ اتي اچي سهڙيو کيس جو سڏيائون ته پاڻ نهايت شائسته ۽ فصيح فارسيءَ ۾ اهڙي تقرير ڪيائون جو سڀ دنگ رهجي ويا. اتي ڪو سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر به موجود هئو سو ان به کڻي کيس تصوف جي موضوع تي تقرير ڪرڻ لاءِ سڏيو اتي به فصاحت جا واهڙ وهائي ڇڏيا ئين.
    علامه هڪ دفعي ٻڌايو هو ته ڪيئن نه فقر پني استاد ۽ شاگرد گڏجي پيٽ پوڄا ڪندا هئا. ۽ ڊڀ وڍي مدرسي جي فرش ۽ ڇت کي راڳو ڏيندا هئا. تڌهن ته چوندا هئا ته “پڙهڻ رڪ جا چڻا چٻڻا آهن.” هاڻي ته موجون لڳيون پيون آهن. علامه کي ان ڳالهه جو ڏ ک آهي ته مدرسن مان فارسي ٻولي جي تعليم ڪڍي ڇڏي اٿن. هڪ دفعي هڪ عالم سڳوري سان ملاقات ڪرايائين ته ان کي پنهنجن فرزندن کي فارسي سيکارڻ لاءِ گھرايو هئائون. علامه صاحب زيب النساءَ جو ديوان مخفي ۽ صادق فقير جو دردنامو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. خبر ناهي ته سائين وٽ انهن ۽ ٻين لکڻين جا نقل به محفوظ آهن يا نه
    علامه جمالي مدرسن جي تعليم يافته ماڻهن جي باقيات الصالحات مان آهن. مولوي نيڪ محمد نهڙيو به مدرسن جي پيداوار آهي. گھر جو ڀيدي آهي سو چوي ٿو ته مدرسن وارا بم ٿا ڦاڙين. ڦاڙيندا هوندا. خبر ناهي ته نيڪ محمد نهڙئي گھڻا بم ڦاڙيا آهن، پر مونکي پڪ آهي ته علامه عبدالرحمان جمالي ڪو به بم ڪونه ڦاڙيو هوندو، نڪا ڪنهنکي ترغيب ڏني هوندائين .
    انگريز صاحبلوڪن سنڌ تي وڏا وڙ ڪيا.هن ملڪ کي، پنهنجي نفعي خاطر ئي سهي، کوڙ سارا ڀلا نظام ڏنا پر گھڻين ڀلين شين ۾ ڪي ڀڏ يون شيون به اچيو وڃن. سندن بقاءَ لاءِ اهو ضروري به هو. هن ملڪ ۾ انگريزي طرز زندگي جي مخالفت ڪئي ته مولوين ئي ڪئي.انهيءَ عمل جي کين اهڙي سزا ملي جو نسلن تائين ياد ڪندا. ملڪ ۾ مولوي ۽ مسٽر جو فرق ٺهيو جيڪو اڄ تائين هليو اچي. عوام جيڪي اقتدار جي پويان هوندا آهن انهن فوري نفعي خاطر پنهنجو وزن مسٽر جي خاني ۾ وڌو.اهو تعليمي نظام هو. جنهنکي اڄ به قبوليت جي سند مليل آهي. مولوين رکيو زور مسجدن ۽ مرڻي پرڻي تي سو انهنکان کسجي ڪونه سگهيو.اسانجي علامه به پنهنجي بقاءَ لاءِ وڃي مسجد جو پاسو کنيو سو اڄ به قابو ڪيو اچي . جمعي جمعي تي وعظ به ڪري پر انجو اثر اهڙو جهڙو سان تي ٻگئي سو دنيا جو گاڏو پيو گڙڪي. پر ملڪ ۾ جيڪو مانڌاڻ متل آهي ان جا ذميوار مولوي هر گز ڪونهن.
    علامه جھڙو تقرير جو شهسوار آهي تهڙو تحرير جو به هوندوپر تحرير کي پڙهي ڪير؟ تقرير ته ٻڌي، انگوشو در تي ڇنڊي چڏبو سو اهو آهي حال. پڙهڻ کان قوم جواب ڏيئي ڇڏيو آهي باقي هنن مولوين جيڪي پڙهيو سو پڙهيو.باقي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جو ڪم پورو آهي. ڪن ماڻهن کي عرض ڪيو هوم ته ڀلا علامه جون جمعي واريون تقريرون ئي کڻي ٽيپ ڪري وجھوته اهو ئي ڍڳ ٿي پوندو الله جواڻ مڙسن کي سگھ ڏي. “تانسين ساڻن اور جان آهن اوطاقن ۾” جواڻ مڙسن کي اها به جس جو هي ڪتاب پيا آڻين. باقي پاڻ پڳاسين ته به شڪر، نه ته به گھوري جان جتن تان.


    حضرت مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب : ڊاڪٽر اسد جمال پلي

    گهڻو وقت اڳي مون خانصاحب عبدالڪريم پلي جو “ ديوان طالب المولى ” تي هڪ صفحي جو لکيل نوٽ پڙهيو هئو ۽ پوءِ برادر عطا محمد پلي صاحب کان ان صفحي جي فوٽو ڪاپي پڻ عنايت ٿي. عبدالڪريم صاحب جيڪي لکيو آهي ان جو تت هيء آهي ته هي فلاڻا اديب هاڻ دنيا ۾ ناهن رهيا تنهن ڪري “ ديوان طالب المولى ” تي لکڻ وارو ڪير به نه رهيو آهي، اهو ڪم هاڻ صرف هڪ ئي ماڻهو ڪري سگهي ٿو ۽ اهو آهي راڄ محمد پلي اگر شروعات ڪري ته بهتر ٿيندو. آهستي آهستي مون کي انهيءَ ڳالهه جو احساس ٿيو ته پلي صاحب ڪيڏو سچ ۽ ڪيڏي فضيلت سان چئي ويو آهي. اڄ جڏهن ناري پٽ جا اهم قلمڪار اسانجي اکين کان اوجهل آهن ته ڪيترن ئي اهم موضوعن ۽ شخصيتن تي لکڻ لاءِ اسانوٽ ڪيڏو قحط الرجال ٿي پيو آهي يقينا اسانجا نوجوان انهيءَ سلسلي ۾ گهڻو اهم آهن پر ڪنهن شخصيت تي لکي ۽ ان سان انصاف صرف اهو ماڻهو ٿي ڪري سگهي ٿو جنهن کي ان جي صحبت سري هجي . ان کانسواءِ ٻيو ماڻهو يا صرف واکاڻ ڪري سگهي ٿو يا عقيدت جو اظهار ئي ڪري سگهي ٿو . ساڳي ڪيفيت منهنجي به آهي جڏهن مون کي مولانا حضرت عبدالرحمان جمالي صاحب تي لکڻ لاءِ حڪم ٿيو آهي ته حجت ۽ تڪلف جي اها ڪيفيت آهي جو منهنجي اها سڄي لکت جمالي جي نظر مان گذرڻي آهي . انهي سڄي ڏکيائي مان پار پوڻ لاءِ انهن چند صحبتن جو ذڪر ڪريون ٿا جيڪي جمالي صاحب سان سريون اٿم.
    هڪ دفعي مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب ۽ مولانا طلحه پلي صاحب بابا وٽ آيا. ڪچهري ٿي رهي هئي ۽ ڪئين موضوع زير بحث هئا. هن ڪچهري وقت حضرت مولانا عبدالسميع ساند حيات نه هئا ۽ جمالي صاحب جي ذمي مدرسه دارا الفيوض ولهيٽ جي سنڀال جو جهجهو ڪم هئو . مدرسي جي مالي مشڪلاتن جي حل جي تلاش هئي. ان وقت مولانا جمالي صاحب هڪ بهترين طريقو ٻڌايو ته “ اسين جيڪي مدرسي جا همدرد آهيون اهي پنهنجي گهر جي سرڪاري ملازمن جي پگهار مان هر مهيني هڪ سئو رپيا مدرسي جي لاءِ ڏيون ته ڪجهه رقم جمع ٿي پوندي ظاهر ۾ اها رقم ٿوري هئي پر مجموعي طرح مدرسي جي مالي مشڪلاتن جو حل نڪري آيو . اها مولانا صاحب جي ذهانت مون کي دير سان سمجهه ۾ آئي جڏهن پاڪستان جي مشهور ڪرڪيٽر جاويد مياداد پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته “ جڏهن مئچ کٽڻ لاءِ اوهان کي چونڪا ۽ ڇڪا هڻڻ جو موقعو نه ملي ته سنگل رنس ٺاهڻ کي ترجيح ڏيو ته جيئن اسڪور وڌندو رهي” مولانا صاحب جي هيء سائنسي ٽيڪنڪ هئي جنهن مدرسي جي ڪم ۾ آساني ڪئي.
    هڪ دفعي 1997ع جي اليڪشن بعد اها صورت حال سامهون آئي ته، ولهيٽ جي ڳوٺ جا ڪجهه ووٽر مرحوم خانصاحب اعجاز علي کي ووٽ نه ڏيئي سگهيا ۽ افواهه اٿيا ته شايد مدرسي لاءِ ملندڙ امداد جيڪا خانصاحب عطا محمد طرفان ساليانه ملندي هئي نه ملي سگهندي . اليڪشن ۽ ووٽن ۾ اهڙيون بي تڪيون ۽ بي ڪار ڳالهيون اڪثر عام ٿي پونديون آهن بهرحال مولوي عبدالحئي سان مولانا جمالي صاحب کي ڳڻتي ضرور ٿي ته ڪنهن به طرح انهي نقصان کان مدرسي کي بچائجي .ان وقت جمالي صاحب مولانا طلحه صاحب کي به ساڻ کنيو ۽ مولوي عبدالحئي صاحب جي ڪار ۾ مون وٽ آيا ۽ مشورو ٿيو ته خانصاحب عطا محمد صاحب وٽ هلجي ۽ حال احوال ڪجن.
    اسين چارئي ٻوکلي پهتاسين. مون عطا محمد کي سڄو اچڻ جو مقصد ۽ مدرسي جي امداد بابت خدشا ٻڌايا عطا محمد ٻڌندو رهيو ۽ مسڪرائيندو رهيو ۽ آخر ۾ خبر پئي ته هتي ته خدشا اجايا هئا. عطا محمد صاحب صاف صاف چيو ته مولوي صاحب ووٽ دنيا جو معاملو ۽ مدرسي جو ڪم دين جو معاملو، اسين اوهان جا احسان مند آهيون جو اسانکي گهر ويٺي اچي هن دين جي نيڪ ڪم ۾ شامل ٿا ڪريو . هن موقعي تي سائين جمالي صاحب جيڪا گفتگو عطا محمد سان سندس وڏن جي مدرسي لاءِ مالي معاونت جي ڪئي اها اهڙي ته پر اثر هئي جو مون کي لڳو ته جمالي صاحب مونکي شايد هي سڀ ڳالهيون سمجهائڻ لاءِ هتي وٺي آيو آهي. هن ئي موقعي تي مرحوم خانصاحب عبدالڪريم پلي جي مدرسي لاءِ ٺهرايل پراڻي ڪمري کي ٻيهر کولي ڇت مٿي ڪري ٺهرائڻ جو ڪم عطا محمد منهنجي حوالي ڪيو جيڪو بعد ۾ مون سائين عبدالحي صاحب جي صلاح مشوري سان مڪمل ڪرايو.هڪ دفعي زڪوات ڏيڻ جي ڳالهه نڪتي ته اسان جي علائقي جا ڪيترائي سرياند ماڻهو زڪوات ڏيڻ ۾ سستي پڻ ڪن ٿا هن مسئلي تي ڳالهائيندي مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب هڪ خوبصورت طريقو ٻڌايو ته سال جا سڀ مهينا ان خيرات ڏيندو ۽ نيت زڪوات جي ڪندو ته زڪوات ادا ٿيندي ويندي ۽ جڏهن اضافي خير ٿيندو ته اهو زڪوات بعد خيرات في سبيل الله جي ڀاڱي ۾ ويندو اهڙي طرح نه صرف زڪوات ادا ٿيندي ويندي مگر انسان ۾ آهستي آهستي زڪوات جي ادا ئگي جو عمل پختو ٿيندو ويندو.
    منهنجو هڪ دفعي عيدگاهه جي رخ جو تعين ڪرڻ لاءِ سائين جمالي صاحب وٽ وڃڻ ٿيو پاڻ ڇهين ڏينهن بعد رات جو اچڻ جو چيائون آئون ان وقت رات جو اچڻ سمجهي ته سگهيس. بعد ۾ جڏهن رات جو آيا ته ٻه همراهه قطب تاري جي رخ سان اتر طرف بيهاري اولهه طرف ڪعبي جو رخ متعين ڪري ڏٺائون. مون کي نه صرف هيء ڳالهه سمجهه ۾ آئي بلڪه مون اهو هينئر کانئن سکي ورتو ۽ جڏهن اوطاق لڳ مون مسجد شريف ٺهرائي ته اهو رخ جمالي صاحب جي ڏسيل طريقي تي متعين ڪيو. حضرت مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب جي شخصيت ۾ هڪ عجيب ڪشش محسوس ٿئي ٿي. سندن سچ چوڻ جو طريقو ايترو ته مدلل ۽ سگهارو آهي جو اڳئين ماڻهو کي قبول ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪا واه ئي نٿي بچي.
    1997ع واري اليڪشن ۾ آئون حاجي اصغر علي، جمالي صاحب وٽ اعجاز صاحب جي اليڪشن سپورٽ لاءِ وياسين. چاءِ پي ڪچهري ڪچهري ۾ حاجي اصغر علي کي چيائون ته اوهان پاڻ اسانکي کڻي ٻين جي جهولي ۾ ڇڏيو آهي، هاڻي عهدشڪني ڪيئن ڪريون اها وڏن جي محبت هئي جو هيء تعلق قائم آهي. اسين اوهانجي ڪاميابي لاءِ دعاڳو آهيون. الله پاڪ بهتر ڪندو جمالي صاحب جي هن ڳالهه اسانکي نه صرف لاجواب ڪري وڌو بلڪه 1977ع کانپوءِ جون اليڪشنون ۽ انهيءَ سياسي منظرنامي جا ڪيترائي نظارا منهنجي اکين اڳيان اچي ويا جڏهن انهن واقعن جي تسلسل کي ڏٺم ته مولوي جمالي صاحب جو جواب ڪيڏو نه مدلل اثرائتو ۽ وقائتو هئو.
    جڏهن مرحوم حاجي فتح محمد راڄڙ جي وفات ( 14 آڪٽوبر 1995ع ) ۾ ٿي ۽ ڪجهه ڏينهن بعد سندس خيرات في سبيل الله جي مانيءَ جو پروگرام ٿيو ته حاجي عبدالسميع راڄڙ جي صلاح سان آئون ۽ حاجي انور علي راڄڙ حيدرآباد مان پروگرام جا ڪارڊ ڇپائي آياسين . مگر بعد ۾ ڪجهه برادري اختلافن سبب خيرات في سبيل الله جي مانيءَ جو پروگرام ملتوي ٿيو ۽ نه ٿي سگهيو. هن موقعي تي سائين جمالي صاحب مون کي چيو ته حاجي عبدالسميع کي مشورو ڏيو ته خيرات واري خرچ مان مدرسي لاءِ هڪ ڪمرو ٺهرائي ڏيو ته صدقئه جاريه ۾ شامل ٿي وڃي. مون سڄي گذارش حاجي عبدالسميع ۽ حاجي علي مراد راڄڙ صاحب جي اڳيان رکي. هنن صاحبن نه صرف قبول ڪئي ۽ مدرسي لاءِ صوفي رفيق احمد ۽ خانصاحب عطا محمد پلي صاحب وانگيان هڪ عاليشان هال مدرسي جي طالبن لاءِ ٺهرائي ڏنو، پر حاجي عبدالسميع مدرسي جي هڪ مهيني جو مڪمل خرچ به ڏنو هي آهي جمالي صاحب جي دانائي ته ڪيئن علائقي جي صاحب حيثيت ماڻهن کي مدرسي جي نيڪ ڪم ۾ شامل ڪجي.
    حضرت مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب جنهن پنهنجو ننڍپڻ مدرسي ۾ هڪ عام کٿابيء وانگيان مدرسي جا فڪر جا ٿال مٿي تي کڻي پاڙيوارن ڳوٺن مان طالبن لاءِ وقت جي مانيء جي بندوبست ڪرڻ ۾ گذاريو، تنهن وري وڏو ٿي انهن پاڙيوارن ڳوٺن لاءِ ڀلائي ۽ خير خواهي واري علم جا ٿال کين واپس موٽايا. نه صرف سندن مدرسي لاءِ خدمتن جو داستان طويل آهي پر سندن معاملا فهمي ۽ موقعي مناسبت سان ڪيل فيصلا ۽ ڳالهيون به اهم آهن.
    مون خانصاحب راڄ محمد صاحب جو هڪ اڻڇپيل مضمون پڙهيو هن مضمون ۾ مرحوم ايوب فقير آريسر ۽ سندس هڪ وڏي ساٿيءَ جو ذڪر آهي. ايوب فقير جو هيء ساٿي اتر سنڌ جو ڪو شخص هئو ۽ مٿس فقيري رنگ ڍنگ جا ڪيئي خول چڙهيل هئا. هنن فقيرن مرحوم ميان محمد اسمٰعيل قاسم پلي وٽ اچي ديرو ڄمايو، ميان صاحب پنهنجي خانداني روايتن ۽ نرم مزاج سبب هنن فقيرن کي رنجائي نه پئي سگهيو ۽ کين کاڌي پيتي جي هر سهولت ميسر ڪري ڏنائين پر پاڻ سندن صحبت کان پاسو ڪيائين. هنن فقيرن جون ڪجهه غيرشرعي ڳالهيون ۽ گفتگو مرحوم راڄ محمد صاحب کي خراب لڳيون ۽ مسئلي جي حل لاءِ پاڻ ولهيٽ جي مولوي صاحبان کي دعوت ڏنائون هڪ اڻ اعلانيل مناظرو شروع ٿي ويو. مولانا عبدالسميع ساند ۽ مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب جي گفتگو هو بهو راڄ محمد صاحب پنهنجي مضمون ۾ نقل ڪئي آهي. هنن ڊائلاگن مان جمالي صاحب جي ذهانت ۽ مناظري جي علم جو خوب اندازو ٿئي ٿو. ٽن ڏينهن جي مڪمل محنت بحث ۽ علمي دليلن بعد جمالي صاحب وارا هنن فقيرن تي غالب پيا ۽ اهو اتر سنڌ جو فقير جنهن تصوف کي بدعتن جي بدبودار چادر ۾ ويڙهي رکيو هو، اها چادر بس اسٽينڊ تي ڇڏي، جُتي هٿ ۾ کڻي وڃي ميرپور مٽيو . جمالي صاحب جي هن ديني جدوجهد واري علمي قدم کي راڄ محمد صاحب جهڙي ذهين ۽ مدبر شخص خوب ساراهيو آهي.
    حضرت مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب جو معامله فهمي ۽ وقت سر مسئلي جي حل ۽ ڪم عقل ماڻهن کي سندن ذهني سطح مطابق جواب ڏيڻ جو هڪ ٻيو واقعو به منهنجي اڳيان ٿيو. اسانجا اڪثر ماڻهو دين تي عمل گهٽ ۽ بحث گهڻو ڪندا آهن.ڪڏهن ڪڏهن ته ان بحث ۾ تمام گهڻي شدت به اچي ويندي آهي پاڻ نماز ڀلي هڪ عيد کان ٻي عيد تائين مئوخر رکن پر اگر جنازي نماز بعد دعا نه گهري ته ڄڻ اسلام خطري ۾ اچي ويو. مرحوم خانصاحب اعجاز علي جي جنازي نماز کان پهرين شرڪاء ۾ اهو بحث عام ٿي پيو ته اڄ جمالي صاحب کي جنازي نماز بعد ضرور دعا گهرڻي پوندي کين اها ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه ٿي اچي ته جنازي نماز جي نيت ۾ ئي اسين دعا گهرڻ جي نيت ڪري چڪاسين ۽ جنازي نماز آهي ئي دعا درود ۽ ثنا پر واه جمالي صاحب اوهانجو تجربو ۽ دانائي جنازي نماز ختم ٿي پاڻ امام جي حيثيت سان نماز پڙهائي خانصاحب عطا محمد کي چيائين مون دعا گهري هاڻ اوهين ۽ فيض محمد دعا گهرو وري حاجي اصغر علي ۽ اختر علي کي چيائون ته دعا گهرو. آئون ته جمالي صاحب جي هن حڪمت ۽ دانائي تي حيران رهيس ۽ پوءِ آخر ۾ چيائون اڃان به ڪو دوست دعا گهري ته گهرون، بيشڪ علم انهي حڪمت جو نالو آهي جنهن سان اجايا بحث ختم ٿين ٿا ۽ بي بنياد ڳالهيون بيهي رهن ٿيون.
    مون کي مولوي صاحب سان قربت ۽ ويجهڙائي ته ننڍپڻ کان رهي آهي پر مون سندس پيرن ۾ تڏهن جاءِ ڳولي جڏهن پاڻ صوفي صديق محمد صادق فقير جو درد نامو ترجمو ڪيائون ۽ پوءِ جڏهن صوفي صادق ڪانفرنس ۾ تصوف تي تقرير ڪيائون ته وڻ وڄائي ڇڏيائون. خبر پئي ته تصوف آهي ڇا. آئون ۽ مون جهڙا ٻيا ٽوٽي جيڪي نماز کان بچڻ لاءِ تصوف ۽ صوفي ازم جا حوالا پيا ڏيندا هئا، اهي ڪهڙي کڏ ۾ پيا ڪرون باقاعده احساس ٿيو. ۽ پوءِ جڏهن ٽنڊي باگي ۾ ڪليات احمد جي پڌرائي وقت پروفيسر ضرار رستماڻي جي نينڍ تي پاڻ مولوي احمد ملاح جي ڪلام تي ڳالهايائون ۽ مون اها ڪيسٽ حاصل ڪئي ۽ ٻڌو ته سندن فڪر ۽ فهم جا درياء پلٽندي محسوس ٿيا. احساس ٿيو ته ڪيڏو وڏو ماڻهو آهي جمالي صاحب ۽ اسين ڪيترا ڪم عقل جو هن علم جي درياء جي ڪپ تي ويٺا اڃ اڃ ڪريون.
    پاڻــي مــٿي جهــوپڙا، مــورک اڃ مـرن.
    دانهون ڪن مٺن جيئن، دم نه سڃاڻن.
    ( شاهه ڪريم رح )
    هڪ دفعي ايئن به ٿيو جو سائين جمالي صاحب سان منهنجو هڪ مسئلي تي اختلاف ٿي پيو. منهنجو ننڍڙو ڀاڻيجو مولوي عبدالقيوم، جيڪو منصوره هالا جي مدرسي ۾ مون برادرم مولوي عبدالحميد سان گڏ داخل ڪرايو هو مدرسي مان هليو ويو، مهيني بعد همراه ته هٿ اچي ويو پر مون کي سخت تڪليف آئي ڳالهه جو پير کنيوسين ته خبر پئي ته جمالي صاحب نه صرف هن سڄي معاملي کان آگاه آهي پر سندس مشاورت به هن معاملي ۾ شامل آهي، منهنجو جمالي صاحب تي جيڪو تعلقات جو اعتماد هئو انهيء کي سخت ٺيس پهتي. ڪجهه دوستن سان شڪايت ڪيم ته جمالي صاحب اسان سان هيءَ رڻ ڪيو آهي. مولوي صاحب طلحه چيو ته جمالي صاحب وٽ هلجي پر مون چيو ته هاڻي ڇا هلي ڪبو. هن معاملي ۾ هيون ته سڀ پرپٺ جون ڳالهيون، پر جمالي صاحب سان ڪجهه سال بلڪل ڪو تعلق ڪو نه رهيو. پوءِ آهستي آهستي اهي ڳالهيون واضح به ٿيون ته جمالي صاحب کي اصل ڳالهين کان پري رکيو ويو ۽ محض غلط فهمين جي بنياد تي هي مسئلو اٿيو آهي. پر في الحال ويڇا ته وڌي ئي ويا. وري به الله پاڪ هن خبر جي ڪم جو اجر ڏي اسانجي دوست مولوي مراد علي راهمون کي جيڪو پنهنجي ذاتي محبت طرفين استعمال ڪندي سائين جمالي صاحب کي بابا سائين جي ورسي جي ساليانه پروگرام ۾ وٺي آيو. جمالي صاحب به وڏي ظرف جو مظاهرو ڪيو. سڀ غلط فهميون دور ٿي ويون ۽ مون وٽ سواءِ هٿ ٻڌي معافي وٺڻ ۽ پنهنجي بي علمي ۽ ناداني جو اعتراف هنن لفظن ۾ ڪرڻ جي ٻيو ڪو رستو نه هئو ته:
    منهنجي مداين جي، ڪل پريان پيئي،
    ڪڏهن ڪوسا ڪونه ٿيا، ڏوراپو ڏيئي،
    ساجن سڀيئي، منهنجون ڍڪيون ڍول ڍلائيون.
    ( شاهه لطيف رح )
    بابا سائين ۽ جمالي صاحب جا پاڻ ۾ تعلقات ته بلڪل سڳن ڀائرن جهڙا هئا. ٻئي ٽريننگ جي دور کان گڏ پڙهيا . جمالي صاحب ٽريننگ ڪاليج ۾ هڪ سال اڳ ۾ هئو. ٻنهي پنهنجي استادانه ۽ پيشورانه زندگي گڏ گذاري . ٻئي هڪٻئي جا حال محرم ۽ حال ڀائي رهيا. جمالي صاحب اعلانيه طور چوندو رهيو آهي ته جيڪا معاشري ۾ دين جي سچي خدمت هيء بي ريش شخص ڪري ويو اها اسان باريش عالمن کان نه ٿي سگهي آهي .جمالي صاحب هڪ دفعي مونکي ٻڌايو ته خانصاحب وارن سان منهنجي ملاقات ۽ تعارف به معمور صاحب ڪرايو هو.
    بابا جي وفات ( 1993.12.24ع ) بعد جمالي صاحب اسان وٽ تڏي تي چار ڏينهن مسلسل محترم وفا پلي صاحب سان گڏ سڄو ڏينهن ويٺو رهندو هئو ۽ ايندڙ مهمانن کي گهر جي وڏي جي حيثيت سان دعائن ۾ شريڪ ڪندو رهيو. پاڻ هڪ ڊائري گهرائي ان تي خاصو طويل تاثر معمور يوسفاڻي صاحب تي لکيائون ۽ بعد ۾ اها ڊائري هر ليکڪه جي اڳيان موجود هوندي هئي ۽ تاثر لکبا رهيا. اهي سڀ تاثر پوءِ محترم الله بچايو مشتاق آريسر صاحب جي ڪتاب “ باڪ شخصيت ” ۾ شايع ٿيا آهن ۽ جمالي صاحب جو تاثر وري مضمون جي شڪل ۾ ڪتاب “ جيڏو سج سهاءَ ” ۾ شايع ٿيو آهي.
    هڪ دفعي الحيدر هوٽل عمرڪوٽ تي چاءِ پي پيتي سون. سائين محترم مجرم لغاري صاحب ۽ آئون جمالي صاحب کان هڪ ٻيو مضمون بابا سائين، مولوي حضرت عزيز الله ساند ولهيٽي رح تي وڏي تاڪيد ۽ محبت سان لکرايو. رسالي ٽماهي مهراڻ ( سنڌي ادبي بورڊ ) جي اختياري وارن مهراڻ جو مشاهير نمبر ٿي ڪڍيو ۽ هيءَ مضمون ان لاءِ لکايو ويو، هيءَ عاليشان مضمون سنڌي ادب ۾ سائين جمالي صاحب کي سوانح نگارن جي صف ۾ اهم جاءِ تي بيماري ٿو تازو هيءَ مضمون ڪمپوز ڪرائي مون محترم فضل الله فدا چانڊيو صاحب جي حوالي ڪيو آهي ته هو بلوچ رنگ رسالي ۾ شايع ڪرائي.
    جمالي صاحب کان هڪ مضمون مون محترم راڄ محمد پلي صاحب تي به لکايو ۽ اهو ڪتاب “ وڙهيا واڳيا واپريا ” ۾ مون شايع ڪيو. سوانح نگاري جي تسلسل ۾ سندن چوٿون مضمون مولانا حضرت غلام رسول چانڊيو تي تازو بلوچ رنگ ۾ شايع ٿيو آهي، هن سلسلي کي اگر جمالي صاحب قائم رکي ته، سماج دين اسلام جي هيءَ خدهت نئين نسل لاءِ وڏي اعلى درجي جو ڪم ڏيندي.
    جمالي صاحب جي تحرير جي سادگي، سچائي ۽ بلڪل ٺوس ۽ مدلل ڳالهيون سندن مضمون نگاري جي جان آهن. سائين محمد هوت مجرم لغاري صاحب پنهنجي حياتي جي آخري ايامن ۾ جڏهن اڃان فالج جي اثر مان ڪجهه صحتياب ٿيو ته هڪ ڏينهن اسانجي ڳوٺ سندس فرزند سان گڏ موٽرسائيڪل تي آيو. ادا حزب الله، سيف الله ۽ آئون ڳوٺ هئاسون ۽ سائين سان ملياسون. سائين مجرم صاحب ملندي شرط پنهنجي مخصوص لهجي ۾ خوش خيرعافيت کان اڳ ۾ ئي رڙ ڪري چيو ته منهنجي ۽ معمور صاحب جي وچ ۾ اختلاف ۽ بدگمانيون، ٿرپارڪر هسٽاريڪل ۽ ڪلچرل سوسائٽي دوران هڪڙي ماڻهو وڌا ۽ اسانکي پاڻ ۾ وڙهائي ڇڏيائين . اڄ اگر معمور صاحب حياتي هجي ها ته آئون کانئس معافي وٺان ها مگر دنيا ڇڏڻ کان اڳ ۾ آئون پنهنجي دل تان هيءَ بار لاهڻ لاءِ توهانکي ٻڌائڻ آيو آهيان. مون موٽرسائيڪل واري ڇوڪر کي واپس روانو ڪيو، سائين کي ترسائي ڇڏيو ۽ پوءِ ڪچهري ۾ چيم ته سائين هيءَ ڳالهه اوهين هلي ان محترم کي روبرو چئو جو هو عمرڪوٽ جي شهر ۾ اڄڪلهه رهي ٿو، سائين يڪدم انگوچو ڪلهي تي رکيو ۽ اسين ان صاحب جي گهر پهتاسين سندس فرزند مليو ۽ چيائين ته بابا شهر ۾ آهي هو ڳولڻ ويو پر ملاقات نه ٿي سگهي. آئون ۽ مجرم صاحب اچي الحيدر هوٽل ( لڳ جامع مسجد ) تي چاءِ پيئڻ ويٺاسين ۽ اتي جمالي صاحب سان ملاقات ٿي ۽ جمالي صاحب به اسان سان ويٺو .مون مجرم صاحب کي چيو ته جيڪا ڳالهه اوهان چئو پيا اها جمالي صاحب کي ٻڌايو .ههڙو معزز شاهد اسانکي ٻيو ڪٿان ملندو. مجرم صاحب ڳالهه ٻڌائيندو رهيو ۽ جمالي صاحب مسڪرائيندو ٻڌندو رهيو. هيءَ ڳالهه هڪ هفتي بعد مون ان صاحب کي ٻڌائي ته مجرم صاحب هيئن چئي ويو آهي اگر شڪ شبهو هجي ته ملي وٺ. ڪجهه ڏينهن جو مون کي مجرم صاحب جو هڪ خط آڻي ڏنائين جيڪو کيس مجرم صاحب انهي زماني ۾ لکيو هئو مون وٽ موجود آهي پر ڪنهن به طرح مجرم صاحب جي چيل ڳالهه جي ترديد ان مان نه پئي ٿئي.
    هيءَ ڪچهري ڪافي طويل هئي. مجرم صاحب گفتگو دوران ڪافي فارسي شعر پڙهندو رهيو ته جمالي صاحب پڇيو ته توهان ڪٿي پڙهيا آهيو؟ مجرم صاحب ڪنهن مدرسي جو نالو کنيو تڏهن سائين جمالي صاحب مون ڏانهن منهن ڪري چيو ته ڊاڪٽر صاحب هيءَ آهي مدرسن جي تعليم جنهن جو تاثير گفتگو ۾ ظاهر ٿئي ٿو ۽ اسان وٽ جيڪي به سٺا مقررين آهن اهي بنيادي مدرسن جي تعليم مان فيضياب آهن جتي ماڻهو خطاب ۽ حافظي جي ڏات جو اظهار چڱي طرح سکي ٿو.
    مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب عالم ته آهي پر سندس علم جي ڪٿ هن دور جا سڄاڻ ماڻهو به اڃان ڪونه ڪٿي سگهيا آهن. پر اها سڀني کي خبر آهي ته صرف ونحو هجي يا سراجي، فقهه هجي يا تقابل اديان، ڪيافه هجي يا حديث پاڪ ڪيترائي عالم مفتي جمالي صاحب جي رهنمائي لاءِ واجهائين ٿا. انهن علمن جي شاخن ۾ به خاص طرح ترڪي جي مسئلن جي ڄاڻ ۾ جمالي هن پٽ ۾ پنهنجو جوڙ ڪو نه ٿو رکي ديني علمن جون سڀ شاخون نه صرف سندس مطالعي ۾ رهيون آهن پر سندن انهن تي دسترس به رهي آهي ۽ پاڻ ان ۾ قياس ۽ عقلي دليل کي ترجيع ڏين ٿا.
    محترم سائين عبدالرحمان جمالي صاحب ناري پٽ ۾ آيو هتي پڙهيو ۽ هتان جي خمير جو حصو ٿي رهيو آهي. کيس ناري پٽ جي روايتن جو امين سمجهڻ گهرجي مون وٽائنس ڪيتريون ڳالهيون ۽ واقعا سکيا ۽ انهن واقعن کي جيڪي ٻڌا ته گهڻا ئي دفعا پر سمجهيا جمالي صاحب کان انهن واقعن ۾ خاص طرح حاجي رحمت الله ڪونجيليءَ واري جي شهادت جو واقعو، صوفي قلندر بخش جي شهادت ۽ لنواري جي حج وارو ستياگره خاص آهن انهيءَ کانسواءِ پاڻ ٿرپارڪر جي علماء ڪرام تحريڪ آزاديءَ ۾ ٿرپارڪر جي عالمن جو حصو به سندن گفتگو جو اهم موضوع رهيو آهي هي سڀ موضوع ڪيئن پڙهڻ ۽ سمجهڻ گهرجن اهو مون سائين جمالي صاحب کان خوب سکيو.
    هن وقت عمرڪوٽ شهر جي داخلا واري چوڪ تي جيڪي ٻه تلوارون ٺهيل آهن انهن جي تياري وقت محترم ڊپٽي ڪمشنر صاحب عمرڪوٽ هڪ ڪميٽي ٺاهي ۽ ان جو سربراهه سائين جمالي صاحب کي مقرر ڪيو. انهيءَ ڪميٽي جي ميمبرن ۾ منهنجو نالو به جمالي صاحب ڏنو. فيصلو اهو ٿيو ته هنن تلوارن تي ناري پٽ جي انهن ماڻهن جا نالا تحرير ڪبا جن جو تحريڪ آزادي جي سلسلي ۾ اهم ڪردار رهيو آهي مون جڏهن جمالي صاحب کي پنهنجي طرفان لسٽ ٺاهي ڏني ته جمالي صاحب فرمايو ته هڪ ٻن نالن جي گهٽ وڌائي سان هيءَ لسٽ مڪمل آهي پر ڇاڪاڻ پلي ذات جا نالا هن لسٽ ۾ گهڻا آهن، باوجود صحيح نالا هجڻ جي به پاڻ هن ڪم کي تڪميل تي نه پهچائي سگهنداسين. پوءِ واقعي ايئن ٿيو، مگر سائين جمالي صاحب جي دانشمندي چئجي جو اگر پهرين تجويز تي عمل نه ٿي سگهيو ته ٻي تجويز اهڙي منظور ڪرائي ۽ ان تي عمل ڪرايو جيڪا گهڻو اعلى افضل ۽ متبرڪ آهي اهي ۽ اهڙا ڪيئن فيصلا جمالي صاحب وقت سر ڪري معاملن کي سلجهائي سگهندو آهي.اسانجي خاندان خواهه ذات سان سندن خصوصي ۽ بنيادي تعلق ۽ واسطو آهي مگر پوري ناري پٽ جي خاندانن سان سندن نهايت قربائتو واسطو رهيو آهي. پاڻ هر ديني ۽ سماجي ڪم ۾ انساني ڀلائي جا پرچارڪ رهيا آهن. عمرڪوٽ جي شهر ۾ جڏهن به بغدادي منافقتن خواه هندو مسلمان نفرتن جو دونهون دکيو ته انهيءَ باهه جي ڀڙڪڻ کان اڳ ۾ ئي سائين عبدالرحمان جمالي صاحب جهڙي عالم با عمل ۽ با ڪردار مدبر شخص جي دانائي ان کي ڦلهيار ۾ تبديل ڪري ڏيکاريو .اها حقيقت عمرڪوٽ جا پرامن ماڻهو جيڪي ڀلي ڪهڙي به مذهب ٻولي ۽ فقهه سان تعلق رکندا هجن قبول ٿاڪن ۽ ساڳئي طرح پراڻ جي جهلوري واري ڍوري جي اترين ڪنڌي وارا ماڻهو به 78 موري تي اٿاريل اهڙي دونهين کي ماٺو ٿيندو ڏسن ٿا ته هيءَ ڳالهه سورهن آنا پير کوڙي ٿي ته:


    مولانا عبدالرحمان جمالي.. اهلِ دل انسان : نوراحمد جنجهي

    ناري جي ماٿري، ناري جي نوابن جي ڪري ته هونئن ئي مشهور آهي پر هن پٽ ۾ اهل علم، اهل حلم ۽ اهل دل ماڻهو به پيداٿياآهن ته اهڙاڪوپاڪلنگيداربه پيداٿياآهن جن پنهنجي امرويرتاجي ڪري وڏي نامکارماڻي ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جو نالو روشن ڪيو. هن پٽ ۾ ڪيئي الله لوڪ فقير تن انسان به پيداٿياجن پنهنجي سٻاجهي سڀاو سان لکين ماڻهن جي دلين کي موهيو. هن پٽ ۾ اقتدارجي اڇل به ڪافي اڳري رهي آهي ته ديني اڀياس ۽ علم جو ڪم به معياروارو رهيوآهي. ناراماٿري ٿرجي ريت ماٿريءَ سان اچي ملي ٿي .اهڙو سنگم هن پٽ کي ٻهڳڻ بنائي ٿو. اهڙي گُڻي ڀون ماڳ تي گڍامراڻ به آهي جنهن جي چتُرائي ، سُندرتا ۽ سورويرتا ملڪان ملڪ مشهوررهي آهي. گڍامراڻ همروٽ، امراڻو ۽ امرڪوٽ جو روپ ڌاري اڳتي هلي عمرڪوٽ ٿيو .هونئن ته عمرڪوٽ سان پراڻو تعلق آهي اسان جا وڏا ڪنهن زماني ۾ ٻهڙائي ۽ کاروڙي ۾ رهنداهئا. 1997ع ۾ نوڪريءَ سانگي عمرڪوٽ جي داڻي پاڻيءَ تي وري مهرلڳي ۽ اسان اچي عمرڪوٽ جا وڻ وسايا.انهي دوران تمام ڀلوڙ دوستن ۽ مهربان ماڻهن سان ڏيٺ ويٺ ٿي ۽ انهن جي سنگت صحبت نصيب ٿي. اهڙن مهربانن ۾ مولاناعبدالرحمان جمالي صاحب قابل ذڪرآهي. مولانا جمالي صاحب سان ملاقات هن ريت ٿي . عمرڪوٽ اچڻ سان اتان جي اهل علم ماڻهن کي ڳوليندارهندا هئاسين ۽ ساڻن ملاقات جو شرف به ملندو رهندو هو. جتي ٻياپڙهيل لکيل ماڻهو ماڻهن جي توجهه جو مرڪز هونداهئا اتي مولوي صاحبان به ماڻهن ۾ مقبول هوندا هئا. اهڙي ريت هڪ ڏينهن ڪنهن مهربان دوست کي ساڻ ڪري آئون مولانا جمالي صاحب سان ملڻ ويس . مولانا صاحب اسان کي جمعي جي نماز تي مليو ته اسان پنهنجي خواهش جو اظهارڪيو ته سائين اسين توهان سان ڪچهري ڪرڻ ٿا چاهيون. جمالي صاحب انتهائي خنده پيشانيءَ سان اسان کي مان ڏنو ۽ پنهنجي مدرسي ۾ وٺي آيو. جتي اسان جي ڪافي تفصيلي ڪچهري ٿي ، جنهن ۾ ديني تعليم کان وٺي، روحاني موضوعن، فلسفي، لسانيات ۽ شعرشاعري جهڙاعنوان شامل هئا. سندس گفتگو جي فصاحت ۽ علميت اسان کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. انهي ڪچهريءَ دوران مخدوم سرورنوح پاران قرآن شريف جي تفسيربابت به وچورسان ڳالهه ٻولهه ٿي ، جنهن مان جمالي صاحب جي علمي اونهائي نظراچي رهي هئي. هن اسان سان هڪ هڪ لفظ ۽ هڪ هڪ علمي نقطي تي تفصيل سان ڳالهايو. انهي ڪچهري تعلق جي ميخ اهڙي هنئي جيڪا ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿيندي ويئي. ولهيٽ واسي، خوبصورت سفيد ڏاڙهي ۽ سفيد لباس تن تي اوڍيندڙ اڇواجرو شخص مولانا عبدالرحمان جمالي عمرڪوٽ ۽ ان جي آسپاس جي هردلعزيزشخصيت ۽ سنڌ جو ناميارو عالم آهي. کيس عمرڪوٽ جو هرماڻهو مولانا جمالي جي نالي سان سڃاڻي ٿو ۽ ساڻس محبت ڪري ٿو ۽ احترام مان هرويل کيس جيڪارڏي ٿو، ڇاڪاڻ جو مولانا عبدالرحمان جمالي پنهنجي سمورين وابستگين جي باوجود سنڌ جو هڏڏوکي ۽ هندومسلم ڀائيچاري جو علبردارآهي. هي دورانديش عالم سدائين اهڙن موقعن ۽ مجلسن تي پنهنجي بي ريا خيالن جو برملا اظهارڪندو رهيو آهي. ڪالاباغ ڊئم جو چرچو جڏهن چئوڏسا وڌڻ لڳو ته مولانا خالد محمود سومري جي ڪوشش سان عالمن جي هڪڙي ڪاميٽي به تشڪيل ڏني ويئي جنهن پنهنجي عالماڻا راءِ ڏيندي ڪاري ڊئم کي رد ڪيو هو. عمرڪوٽ ۾ جڏهن به ڪو اهڙو انتشار پيدا ٿيو آهي جيڪو هندومسلمان ايڪي کي ڇيهو رسائي ته انهي آڳ کي وسائڻ ۾ مولانا جمالي سڀني کان اڳڀرو نظر آيو آهي ۽ هن دامي درمي سخني قدمي هندو آبادي جي واهرڪئي آهي. سماجي هم آهنگي ۽ اتفاق جو پرچار ڪندڙ مولانا عبدالرحمان جمالي، جيترو عملي زندگيءَ ۾ اورچ ۽ اڻ ٿڪ آهي اوتروئي علمي قدڪاٺ رکي ٿو. مسلسل عملي مصروفيات جي ڪري هو پنهنجي ڪيل علمي ڪم کي اڃا ڇپائي به نه سگهيو آهي نه ته هن زيب االنساء مخفي جي ديوان جو ترجمو به ڪيو آهي ته ان جي شرح به لکي اٿس. اهڙي طرح ٻيو به ڪافي علمي ڪم آهي جنهن لاءِ الله سائين کيس ڊگهي ڄمار ۽ فرصت ڏي ته هو انهي ڪم کي به تڪميل تي پهچائي. دين جي ڪيترن ئي پهلوئن ۽ تصوف متعلق سندس سمجهاڻي نياري ۽ نرالي آهي. انهي سموري علمي پورهئي کي دستاويزبند ٿيڻ گهرجي جيئن ايندڙ نسل انهن علمي موتين کان محروم نه رهجي وڃن. مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب جي سماجي رواداريءَ وارو ڪردار تمام مٿاهون آهي جيڪو موجوده دور ۾ گهٽ لڀ آهي.
    الله سائين جمالي صاحب کي درازي عمر ۽ قوي استقامت ۽ صحت سان نوازي جيئن هو پنهنجي سماجي هم آهنگي ۽ رواداري وارو ڪم جاري رکي ۽ پنهنجي علمي ڪم کي سهيڙي سوڌي عام جي ڀلي لاءِ نروار ڪري.


    مون سي ڏٺاماء : زيب صوفي

    اڄ جڏهن سموري دنيا انتهاپسندي جي ورچڙهيل آهي، مذهبي ۽ نسلي شدتون انسان کي ٻارڻ بڻايو ٻارين پيون ڪيترين غمگين مائرن، ڀينئرن، زالن، پنهنجن ٻچن ڀائرن ۽ ورن جا لاش پنهنجي تڏن تي ڏسي ماتم ڪيو آهي.
    تڏهن ڪائنات جي هن گولي تي رهندڙ انسانن جون اکيون پنهنجن تخليق ڪيل نظامن کي وساري آسوندين اکين سان ڪو مسيحا ۽ طبيب نهارين ٿيون.
    اهڙي وقت ۾ هڪڙو اهڙو ماڻهو جيڪو موهن ۽ مومن جي نالن کي اهميت نه ڏيئي انسان جي اندر ۽ ان جي نيتن جو ڳولائو آهي. انهي شخص سان منهنجي ذات جون محبتون ۽ ڪنهن وقت ۾ اختلاف به رهيا آهن. پر سندس ذات جو حسن اهو آهي جو ڪڏهن انهن اختلافن جي ڪري مون کي خود کان ڏور ڪرڻ جي بجاءِ ڇڪي ڇاتي سان لاتو آهي. آئون پوري يقين سان چئي سگهان ٿو ته زمين جي گولي تي شدت پسندي جي شڪار ٿيندڙ ماڻهن جي رهيل پيار ڪندڙ رشتن جون اکيون اڄ به دنيا ۾ ڪو مسيحا، ۽ طبيب ڳولي رهيون آهن دنيا جي نهايت ئي ننڍڙي وستي عمرڪوٽ ۾ جنهن شخص هر مذهب، فرقي، نسل ۽ ذات پات جي ماڻهن کي مون وانگر ڇڪي ڇاتي سان لاتو آهي. سو مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب آهي. هتي آئون سندس قربتن، ڪچهرين ۽ ڪجهه واقعن جو ذڪر ڪرڻ مناسب سمجهندس، ۽ اهو ضروري سمجهان ٿو ته ڳالهه ڪجي اکين ڏٺي، ڪنن ٻڌي ڪرڻ هوا ۾ تير هڻڻ برابر هوندي، ان ڪري پوري ويساهه ۽ ايمانداري سان ڪجهه واقعا بيان ڪندس. ٿيو ايئن جو جڏهن صوفي سڪندر فقير مرحوم ، صادق فقير جو “ درد نامون ” جيڪو فارسي ۾ لکيل آهي. ترجمو ڪرڻ لاءِ جمالي صاحب کي ڏنو ۽ پوءِ جڏهن مون کي صوفي سڪندر صاحب ٻڌايو ته مون “ درد نامون ” جمالي صاحب کي ترجمو ڪرڻ لاءِ ڏنو آهي. ته مون کان بي ساخته رڙ نڪري ويئي. چيم، يار ظلم ڪري ڇڏيئي ! هو ته لٺ ملان آهي تو ڪهڙي اميد رکي “ درد نامون ” ترجمي لاءِ جمالي صاحب کي ڏنو آهي. چيائين ته اڄ ڪلهه فارسي سمجهڻ وارن جو ڏڪار آهي. جي “ درد نامون ” فارسي ۾ رهيو ته انهي جو لاڀ ڪنهن کي ڪونه ملندو مون سوچيو آهي ته هي مولوي صرف مولوي ناهي . ان ڪري کيس لائق سمجهي ترجمي ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو اٿم بهرحال اڄ ڏينهن تائين مون اهو ترجمو پڙهيو ناهي. هميشه جمالي صاحب مون کي اهو چيو آهي. ته مون ترجمو ڪيو آهي. پر منهنجا اکر ڪنهن کي سمجهه ۾ ڪو نه ايندا. ڪنهن ماڻهو تي ذميواري رکو ته آئون کيس پڙهي ٻڌايان ۽ هو لکي، هي مسودو اوهان جي حوالي ڪري پر منهنجين ڪوتاهين ڪري آئون اڄ ڏينهن تائين ايترو ننڍڙو ڪم به نه ڪري سگهيو آهيان. مون کي ياد آهي ته جمالي صاحب صوفي سڪندر جي اوطاق تي هڪ دفعو آيا. ۽ اتي ڪچهري ٿي، ان ڪچهري ۾ تصوف ۽ مذهب تي ڳالهائيندي، پهرين سندس اکين جي لالاڻ ۽ پوءِ وهندڙ لڙڪن آخر ۾ جذباتي ٿيندي سندس دستار پنهنجي هٿن سان لاهي پاسي تي رکي ڳالهائيندا رهيا. ان موقعي تي کين ٻڌندي منهنجي حيراني جا رنگ اڀرندا رهيا. انهي ڏينهن کان منهنجا لٺ ملان کان اختلاف ختم ٿي ويا ۽ منهنجون محبتون ساڻس عشق ۾ تبديل ٿي ويون. منهنجو ڀاڳ جو ان زماني ۾ آئون پوليس جي نوڪري کان آزاد ٿي عمرڪوٽ ۾ ٻه ڪارخانا لڳائي ڪاروبار ڪرڻ لڳس. روز جڏهن صوفي کان عمرڪوٽ ويندو هئس. ته مولانا ۽ ساڻس گڏ هڪ ٻه شاگرد ( جنهن جا نالا مون کان وسرن ٿا ) ولهيٽ واري واٽر تي عمرڪوٽ وڃڻ لاءِ سواري جي انتظار ۾ هوندا هئا. آئون گهران دعا ڪري نڪرندو هئس ته شال، مولانا سان ملاقات ٿئي ۽ اڪثر منهنجي اها دعا قبول به پوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته مولانا صاحب نه ملندا هئا. ۽ جڏهن ملي پوندا هئا ته آئون گاڏي روڪي مون سان گڏ کڻندو هئس. ته اڪثر منهنجو ٿورو مڃي چوندا هئا. ته اسين فقير روز لاريء ۾ ويندا آهيون. آئون چوندو هئس ته هن فقير کي اوهان جي ڪجهه لمحن جي لاءِ قربت جي ضرورت آهي. مهرباني ڪري مون سان ويهو ۽ هلو، ۽ پوءِ ڄاڻي واڻي منهنجي ڪارخاني جي آفيس ۾ تصوف جا بخيا اڍيڙي وجهندو هئس. ته جيئن کين ٻڌي سگهان. پوءِ ته محسوس ڪندو هوس، ته انتهائي نازڪ ۽ دقيق مسئلن تي جڏهن جمالي صاحب ڳالهائيندو ته ٻڌندو ۽ سکندو هوس.
    هڪڙو وقت آيو، جو 1998ع ۾ “ صادق شاهه تحقيقي بورڊ ” جي پليٽ فارم تان انٽرينشنل ڪانفرنس سڏائي سون. هندستان ۽ پاڪستان جي بگڙيل حالاتن جي ڪري، هندستان جي سنڌي اديبن کي پاڪستان اچڻ لاءِ ويزا نه ملي، پر هيري ٺڪر جو اهو ڏک پريو خط جو اڄ به مون وٽ محفوظ آهي. ان کي پڙهڻ لاءِ نصير مرزا جي حوالي ڪيم، ۽ ان جي پويان ان محفل ۾ شفيع فقير جو درد ڀريو ميوزڪ ارينج شامل هو، جڏهن نصير اهو خط پڙهيو سڄي محفل تي ماڪ ڇائجي ويئي. ۽ پهريون دفعو احساس ٿيو ته هتي ۽ هتي جي سنڌين ۾ سرحد اچي چڪي آهي. ان محفل ۾ جمالي صاحب جو خطاب جيڪو ويڊيو ۾ اڄ به مون وٽ محفوظ آهي. ان جي خوبصورت شروعات ايئن هئي ته هتان صوفي مان گذرندي ايئن سوچيندا هئاسين ته انهن ويچارن فقيرن درگاهه پنهنجي گذر سفر لاءِ رکي آهي. وڌيڪ چيائون ته جڏهن مون “ درد نامون ” ترجمو ڪيو، ان کان پوءِ جمالي صاحب جو ڪيل خطاب تاريخي آهي.
    ان محفل ۾ موجود سنڌي ادب دوستن جمالي صاحب کي ٻڌي سندس خطاب کي ان محفل جو اهم ترين خطاب مڃيو. ڳالهه کي مختصر ڪجي ته جڏهن آئون ايس ايڇ او عمرڪوٽ هئس، مون کي ڪنهن اردو ڳالهائيندڙ جي فون آئي، ته توهين رسالت ٿي آهي توهان ستا پيا آهيو مون پڇيو، ڪيئن؟ ڪٿي؟ چيائين پراڻي ٽانڪي کان هاءِ اسڪول ڏانهن ويندڙ رستي تي توهان پهچو جڏهن آئون پهتس ته هتي 13 کان 14 ماڻهون موجود هئا، اها هولي کان هڪ رات اڳ جي ڳالهه هئي. انهن مون کي چيو ته عمرڪوٽ جي هندن حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جو نالو رستي تي ان لاءِ لکيو آهي. ته جيئن ان رستي تان گذرندڙ ماڻهو پنهنجي پاتل جتين سان انهي مقدس نالي کي لتاڙي هلن. انهن کي مون چيو اداهي ڪنهن ٻار رنگ جي ڦوهاري سان موهن لکيو آهي جيئن ته هي پين سان لکيل ڪونهي، جو موهن لکندي “ و ” ۽ “ ن ” کي جدا ڪري سگهجي ڦوهاري جي ڪري اهو سڄو گڏيل لکيل آهي پر مون تي کين اعتبار نه آيو مون چيو ترسو جمالي صاحب کي گهرايون ٿا جمالي صاحب کي عرض ڪيوسين پاڻ هتي پهتا ۽ غور سان جائزو وٺڻ کانپوءِ جمالي صاحب مخاطب ٿيندي چيائين ( تيستائين وڌيڪ ماڻهون گڏ ٿي ويا هئا ) ته ڏسو موهن لکيل آهي يا محمد صه لکيل آهي انهي تي فساد برپا نه ڪريو ان وقت اهي جذباتي دوست تڪبير جو نعرو هڻي پريس ڪلب ڏانهن احتجاج ڪرڻ لاءِ روانا ٿيا. ان بعد جڏهن اسين پريس ڪلب پهتاسين ته سوين ماڻهون احتجاج ڪري رهيا هئا ۽ انهن جو هڪ مطالبو هو ته فلاڻي معتبر ماڻهو کي گرفتار ڪريو، مون موقف سامهون رکندي ماڻهن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. نيٺ سڀني اسلامي فرقي جي تنظيمي ضلعي عهدي دارن کي عرض ڪيم سي سمورا پهتا. انهن سان ويهي ڳالهايو ته بلڪل ڪيس داخل ڪرايو جي اوهان جي نظر ۾ توهين رسالت ٿي آهي. ته ڦوهارو هڻندڙ هڪڙو ماڻهون آهي سڀني هندن جو ڏوهه ناهي جي ثابت ٿيو ته يا ڪير به هجي ان کي آئون گرفتار ڪندس. جنهن تي سڀئي عالم سڳورا متفق ٿيا. سڀني عالم سڳورن مولانا جمالي صاحب کي چيو ته انتظاميه سان ٿيندڙ ڳالهين بابت احتجاج ڪندڙن سان ڳالهايو. اسين اوهان سان گڏ موجود هونداسين.
    جڏهن جمالي صاحب جکرا پمپ جي يونٽ جي دڪي تي چڙهي گڏ ٿيل مجموعي سان مخاطب ٿيندي ٿيل فيصلن بابت آگاهي ڏني، تڏهن ٻي ڳالهائيندڙ دوستن جو اهو گروپ اهو ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري مالهي برادرز جي شاهين پئٽرول پمپ تي ڪاهه ڪئي. انهن ماڻهن مان ڪجهه ماڻهن جمالي صاحب تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي .مون سڀني کان پهرين جمالي صاحب کي جامع مسجد عمرڪوٽ پهچايو .لال مالهي ۽ پراگاڻين جي گهرن تي حملا ٿيڻ لڳا. اتي پوليس جا جوان بيهاري انهن کي محفوظ ڪيو.
    جڏهن لال مالهي ۽ چوئٿ جي پمپ تي پهتس ته ڪجهه يونٽن جا شيشا ماڻهو ٽوڙي چڪا هئا، احتجاج ڪندڙن ۾ جن کي منهنجي يونيفارم جو خيال هو تن کي پوئتي هٽايم ان دوران ٻارهن هزار ليٽر ڀريل پيٽرول جو ٽرينڪر موجود هو ان جي پيٽرول ڪڍڻ واري پائپ کي کولڻ جي ڪوشش ڪري اخبار جو پنو ٻاري ٽرينڪر کي باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي، مون پمپ تي موجود باهه اجهائيندڙ سيلينڊر سان اها باهه وسائي، ۽ واپس اچي آئسو گئس جا شيل احتجاج ڪندڙن تي فائر ڪرايا، ايتري ۾ ڏٺو ته ٿر بازار کان ڪڻڪ گدام تائين ايندڙ رستي تي 3 کان 4 سئو هندو جنهن جي ڪپڙن تي رنگ هاريل هو سي نڪتا. انهن کي ڏسي احتجاج ڪندڙ مسلمانن جي ماڻهن جو درياءَ رڙيون ڪندي وڙهڻ لاءِ وڌيو تڏهن عمرڪوٽ ۾ جناح پارڪ نه هو، اتي هئي کڏ مون جوانن سميت اندر لهي مسلمانن ۽ هندن تي هڪ جيترا آئسو گئس فائر ڪرايا.
    الله جو ڪرم ٿيو جو ان جي نتيجي ۾ ٻئي ٽولا پوئتي هٽي ويا. ان واقعي جي دوران عمرڪوٽ جا صحافي دوست مون کي ڪڏهن نه وسرندا جن کي هڪ دفعي فون تي اهو چيو هئم ته جي هڪڙو ٽڪر ڪنهن چئنل تي لڳو ته پوري سنڌ ۾ هندو مسلم فساد ڀڙڪي پوندو. انهن دوستن ۾ انهي پريس ڪلب جا ڪجهه صحافي موجود هئا جن پريس ڪلب تي پٿراءُ ڪرايو ۽ پريس ڪلب جا دروازا ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته جن هندو صحافين وٽ سٺيون اخبارون ۽ چئنل آهن. انهن تي عمرڪوٽ ۾ هيڏي وڏي ٿيل احتجاج جي خبر نٿي هلي وڏي ڪوشش ڪئي ويئي ته لجپت مالهي کي ٻاهر ڪڍي ماري سندس لاش کي رستن تي گيلهيو وڃي .الهجڙيو سومرو کان وٺي سڀني صحافي دوستن انهي خبر کي سموري سنڌ تائين پهچڻ نه ڏنو .جمالي صاحب جي ڪردار ۽ سندس تنظيم پاران ڪڍيل ريلي اڄ به مون کي ياد آهي. ته هندو مسلم فساد کي ٽاريو انهي کانپوءِ جمالي صاحب انهي واقعي جي نتيجي ۾ اها تحريڪ جاري رکي ڪنهن فرق کي مٺائي محبت جو اهڙو جهان جوڙيو جيڪو اڄ دنيا لاءِ مثال آهي.
    مون کي جمالي صاحب صوفي عطاالله ستاري صاحب سان ملائڻ لاءِ چيو اها ملاقات ٿي ان جو اکين ڏٺو شاهد آئون آهيان جڏهن جمالي جا ذارو قطار لڙڪ وهيا پئي ۽ صوفي عطاالله سائين جا محبت ڀريا ڀاڪر ۽ جمالي صاحب کي چميون ڏنيون پئي. ته مون کي ڏکم ڏکم کان وٺي صديق فقير جي شاعري تي ڇانيل سموري درد جو فلسغو سمجهه ۾ آيو، ۽ جنيد بغدادي کي اکين ڏٺو محسوس ڪيم. ها ! اها ڳالهه الڳ آهي ته جمالي صاحب جي شاگردن کان وٺي ڪافي ماڻهو ساڻس اختلافات رکن ٿا پر جي ڳڻبو ته وڌيڪ تعداد انهن هندن ۽ مسلمانن جو آهي. جيڪي ساڻس مون وانگر عشق ڪن ٿا.
    هڪ دفعي جمالي صاحب کان پڇيم، ته صوفي عطاالله ستاري صاحب گوبند واڻئي جي جنازي نماز پڙهائي آهي. اوهان جي فتوى ڇا آهي، چيائين گوبند کي نه تون سڃاڻين نه آئون سڄاڻان مريد کي فقط پنهنجو مرشد سڃاڻي ٿو.
    تڏهن مونکي مولانا ابوالڪلام آزاد جي اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته اهل جهد جي معاملات کي ڇڏي ڏيو هو ڄاڻن هن جو خدا ڄاڻي اوهين پنهنجا مذهبي فرض نڀايو اها ساڳي ڳالهه ته آئون گوتم تي ڳالهائي نٿو سگهان جو هو اهل جهد آهي هو ڄاڻي هن جو خدا ڄاڻي آئون ڪم عقل، نافهم ماڻهو آهيان. تصوف جا هي دقيق معاملات، وڻ جو پور، انسان جو اندر، محبوب جي حقيقت ڪنهن ڪنهن چاتي، اها ڳالهه عقل جي احاطي ۾ نٿي اچي سگهي اهڙن ماڻهن کي اندر جي اکين ڏٺو اوهان تائين پهچائڻ لاءِ صديق فقير جي هي صدا سمجهان ٿو ته ڪافي هوندي.
    جو ذڪر ۾ نه آيو، جو فڪر ۾ نه آيو،
    مون تنهن سان چت لايو.
    بنا نالي سپرين، ڳالهين ڪنهن نه ڳايو،
    مون تنهن سان چت لايو.
    نبي ولي ويهون ٿيا، تان پار نه ڪنهن پايو
    مون تنهن سان چت لايو
    سبحان حبڪ معرفت، اهو سور سڀ ڪنهن چايو
    مون تنهن سان چت لايو
    صادق انهي سڪ ۾، روئي رت وهايو
    مون تنهن سان چت لايو

    مولانا صاحب سان ڪچهرين ۽ قربتن جا ڪئين قصا آهن. هتي اختصار ڪندي بيان ڪيا اٿم، ان تي وري ڪڏهن موقعو مليو ته انهن کي اوهان تائين پهچائبو..


    جيئن سي سنگهار : سردار ڀيو

    مُلڪ جي وڏين وڏين يونيورسٽين جي ڪوٺايل سيمينارن ۾ ناليوارن اسڪالرن، پروفيسرن، محققن ۽ ليکڪن جي آڏو بيهي مذهبي موضوعن ۽ ٻين ڪيترن ئي علمي پهلوئن تي مستند دليلن سان ماکي لار گفتار ذريعي گفتگو ڪندڙ مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب علمي روشني پکيڙيندڙ ڏيئو آهي اهي منظر سندن ڏاهپ، دانائي، علمي قد جا ساکي آهن جڏهن اهلِ علم ۽ اهل دانش وٽن اچي ادب ۽ احترام مان هٿ ملائڻ کي پنهنجي خوشقسمتي سمجهندا آهن. مولانا صاحب جي ديني، علمي، ادبي خدمتن جا متعرف آهيون جو پاڻ گهڻي عرصي کان کٿابخاني کي هلائيندي درس و تدريس واري عمل ۾ اڳيان ۽ اڳڀرو نظر اچي رهيو آهي، جيتوڻيڪ ضعيف العمري ۾ طبيعت جي ناسازي باوجود ديني ۽ انساني خدمت وارن ڪمن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. مولانا صاحب جي شخصيت جي باري ۾ سمورن پهلوئن تي هڪڙي مضمون ۾ لکڻ ناممڪن انهي ڪري به آهي جو سندن خدمتون تمام گهڻيون آهن، ڪيترن ئي شعبن ۾ هن قلندر صفت انسان نيڪ نيتي ۽ خلوص مان پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو آهي. سندن شخصيت جو احاطو ڪرڻ مشڪل آهي جو هو عالم دين هئڻ سان گڏ سماج ۾ هڪ مسيحا جي حيثيت رکندڙ اهو مولانا آهي جنهن وٽ ڪنهن سان به نفرت ڪرڻ جي لاءِ هڪ لمحو ناهي. محبتن جا ڀاڪر آڇيندڙ هي انسان انسانيت سان اُنس ڪري ٿو تنهنڪري هُن وٽ ڀيل، ڪولهي، مينگهواڙ، هڏاوڙي، ريٻاري ۽ عيسائي جي وڏي عزت آهي. هڪڙو سچو مسلمان، جيد عالم دين، مفڪر هجڻ سان گڏوگڏ اهل قلم، اهل علم ۽ اهل دانش پڻ آهي، بامقصد عالمانه گفتگو ڪندڙ امراڻي جو هي عالم سڳورو انهي ڪري به منفرد حيثيت رکندڙ غيرروايتي مولوي آهي، جنهن جي مٿي تي ٻڌل اڇي پٽڪي جي هر وَر مان انسانيت سان بيپناهه محبت جي خوشبوءَ ايندي آهي، هُو الله تعاليٰ جي پياري محبوب ۽ آخري پيغمبر اسلام جي قول ۽ فعل جو پيروڪار هڪڙو ادنيٰ فقير آهي، جنهن جي گودڙي ۾ محبت، پيار ۽ پاٻوهه، قُرب، صلح، ڀائپي، رواداري، نرمي، هيٺاهين، هيڻائي ۽ حُب کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. مولانا صاحب جي دِل ۾ سنڌ ڌڙڪندي آهي، هُو سنڌ سان عشق ڪري ٿو ۽ سنڌي ماڻهن کي پنهنجو محبوب سمجهي ٿو، ڌرتي جي مٽيءَ سان اٿاهه عشق جو مثال اهو آهي ته مولانا صاحب هن مٽي جي ماڻهن ۾ ميٺ ۽ محبت ورهائڻ کي انساني خدمت سمجهي ٿو. اسان جهڙن ماڻهن کي سندن محبتن جي آغوش ۾ ٿڪل، ٽٽل، ساڻو ٿيل دِل کي آسيس ملندو آهي، ڇو جو هُو محبتون ۽ مُرڪون آڇيندڙ انساني مسيحا آهي، هُو ڪنهن سان به نفرت نه ٿو ڪري! سِسڪيون ڀريندڙ اڄ جي انسانيت مولانا صاحب جي مچايل هن محبتي مچ تي هٿ سيڪيندي سولو ساهه کڻندي آهي
    ڀِــني ٿــيون ڀـڙڪن، باهيون بيراگين جـــون،
    هــلو ته سيــڪيــون هــٿــڙا، مــٿي تــن مچن.
    هو سماجي اداري سامي فائونڊيشن جي منعقد ڪيل وڏي تقريب ۾ اسٽيج تي بيهي ڀيل ، مينگهواڙ ۽ ڪولهي جو اوبر پاڻي پيئي مذهبي رواداري جو ثبوت پيش ڪري ٿو! سندن اهڙي عمل سان سماج ۾ وڌندڙ ويڇا گهٽجڻ لڳن ٿا!، بنا مذهبي تفريق جي مولانا صاحب جي انسانيت سان اُنس واري انداز دِلين تي وڏو اثر ڇڏيو آهي جو اڄ هر مذهب جو پيروڪار کين پنهنجي دِل سان عزت ۽ محبت ڏي ٿو، اها محبت هتي هرڪنهن کي نٿي ملي! ماڻهو جي حياتي ۾ سُک جون ساعتون مختصر ٿين ٿيون، ڏُک جا ڏاڍا ڊگها پنڌ ۽ رڻ جون اوکيون راتيون ٿينديون آهن. هندستان جي مشهور ڏاهي شنڪر آچاريه چيو “ هن جهان ۾ ماٺيانا ۽ مها سنت آهن ، جيڪي چشمي وانگر، ماٺ ميٺ ۾ ۽ بنا گهرڻ جي، ٻين سان ڀلائي ڪندا آهن، هُو حياتي جو ڀيانڪ سمنڊ اڳئي اُڪري چُڪا آهن۽ ٻين کي پار پهچائڻ ۾ خود بخود ۽ بنا مطلب جي مدد ڪندا آهن” مولانا صاحب ذاتي طور تي تمام حساس انسان آهي، هر انسان جي درد کي پنهنجو درد سمجهي ٿو، هُو پنهنجي سڄي ڄمار انسانيت جي درد تي لُڇي، پچي ۽ پڄري گذاريندو رهيو آهي. حقيقي سونهن ٻئي جو ڏُک ڏور ڪرڻ ۾ آهي.
    عُــــمــريـــان لــنگهيـــان پــٻـــان پــــا !
    مولانا صاحب کُليل ڪتاب جيان آهي، جنهن جي هر صفحي تي انسانيت جا نقش چٽيل آهن، محبت جون ڳالهيون سهيڙيل آهن، نفرتن ۽ تفاوتن جو نالو و نشان ناهي! هُو ايمان، اتحاد ۽ ايڪي جو قائل ماڻهو آهي، تنهنڪري عمرڪوٽ ضلعي توڙي ٻين هنڌن تي ڪنهن به قسم جو ڪو ڦڏو، فساد، تڪرار، اها خواهه سماجي هُجي يا مذهبي، مولانا صاحب نيڪ ارادي سان الله ڪارڻ ٻنهي ڌُرين کي سرچائڻ کي پنهنجو فرض سمجهندو آهي. اهڙا کوڙ سارا واقعا موجود آهن، جن ۾ مولانا صاحب جو مثبت بي مثال ڪردار نه صرف ساراهڻ جوڳو آهي پر تاريخ جو حصو پڻ آهي. سماجي تقريبون هجن، مذهبي پروگرام هُجن يا ڪنهن به ڪميونٽي جو ڪٺ يا ميڙاڪو هُجي، جيڪڏهن مولانا صاحب کي مدعو ڪيو ويو، ته پاڻ مقرر وقت تي پهچي شريڪ ٿيڻ کي پنهنجو فرض سمجهندو آهي، ايستائين جو ڪڏهين ڪڏهين طبيعت جي ناچاڪي باوجود به پهچيو وڃي. سندن چوڻ هوندو آهي ته يار! دعوت قبول ڪئي سين ته شريڪ ٿيڻ به ضروري آهي، اڳئين دعوتي کي ڪهڙي ڪل ته آئون بيمار ٿي پيو آهيان يا نٽايان پيو، سو هر حال ۾ شريڪ ٿبو! پريس ڪلب ۾ ميلادالنبي صلي الله عليه وآليه وسلم جي حوالي سان تقريب منعقد ڪيل هُئي، جنهن ۾ واحد مولانا صاحب مقرر هو، مولانا صاحب اچڻ جي پڪ ڏني پر رات جو اوچتو بيمار ٿي پيو، اسان کي ڪا خبر نه پيئي ته ڪو مولانا صاحب بيمار ٿي پيو آهي، پروگرام کان ڪجهه وقت اڳ وٽن وياسون ته جيئن سائين کي گاڏي ۾ کڻي پريس ڪلب پهچائجي. اُتي مولانا صاحب سان ملاقات ڪئي ته انتهائي عليل نظر اچي رهيو هو اهڙي حالت ۾ سندن ساڻ هلڻ مناسب نه هو، تنهنڪري گذارش ڪئي ته سائين! اوهان جي طبيعت خراب آهي، آرام ڪريو. پر مولانا صاحب اهو چئي ساڻ هليو ته مون شريڪ ٿيڻ جي هامي ڀري هُئي هاڻي مون کي ضرور هلڻو آهي ڇو جو حضور پاڪ صلي الله عليه وآليه وسلم جن جي ميلاد جي سلسلي ۾ پروگرام رکيل آهي، ويهه پنجويهه منٽ ڳالهائيندس پوءِ مونکي اجازت ڏجو! انهي تقريب ۾ ويهه منٽن بدران ڏيڍ ڪلاڪ ميلاد النبي صلي الله عليه وآليه وسلم جي حوالي سان بهترين انداز سان ڳالهايو ۽ پوءِ سوالن جا جواب پڻ ڏنائين، ائين لڳي رهيو هو ڄڻ بيمار ئي نه هو! پڇاڙي ۾ مون کائن پڇيو ته سائين! اوهان هيترو وقت ڪيئن ترتيب سان ڳالهايو تنهن تي فقط اهو چيائون ته جنهن جو پروگرام هو، انهي جي برڪت آهي نه ته مون فقير ۾ ايتري طاقت ئي ناهي! مولانا صاحب سماجي رواداري جو امين ۽ سمورن مذهبن جي پوئلڳن سان محبت ڪندڙ حقيقي انساني مسيحا آهي جو هُو “ ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇِنڻ مُور نه سِکيا” جو قائل آهي، سمورن مذهبن ۽ عقيدن کي هن خوبصورت ڪائنات جي حُسناڪين جو رنگين گلدستي جا گُل سمجهندڙ هي انسان هر مذهب سان محبت ڪري ٿو ،اهڙن انسانن جي لاءِ جئين سلطان باهو چيو ته
    دِل دريا سمندرون ڏونگهي کون دِلان ديان جاڻي هُو،
    وچــئين ٻيڙي، وِچئين جهيڙي، وِچئين ونجهه مهاڻي هُو،
    چــوڏنهن طبــق دِلان دي انــدر، تنبو وانگيان تـاڻي هُو،
    جو ئي دِل دا مــحرم هووي، سوئي رب پچهاڻـي هُو.
    مون هن کي محبتون ورهائيندي ڏٺو آهي، جتي هوندو آهي اُنسيت ۽ پاڻ ۾ ڳنڍجڻ جي ڳالهه ڪندو آهي، ڇِنڻ جي ڳالهه ڪرڻ کي ڪفر ٿو سمجهي. مولانا صاحب هن ڀونءِ ۾ هڪڙي انساني مسيحا طور تي عزت ۽ محبت جي لائق اهڙي شخصيت آهي، جنهن جي دِل ۾ انسانيت ڌڙڪندي آهي، هُن وٽ ڳنڍڻ جو فلسفو آهي، ڇنڻ مور نه سکيو! هر ڪنهن کي جُڙي هلڻ جو چئي ٿو ، ڀٽائي گهوٽ ٿو فرمائي:
    ڇال مَ ڇِڄي نينهن، پِرت پُراڻـي مَ ٿئي،
    کوءِ رُسڻ ٻَنِ رِيتيون، کوءِ ڏولائي ڏينهن ،
    سندو محبت مينهُن، وسي تان وَس ٿئي.
    مولانا صاحب ڪنهن سان ڏاڍيان ناهي ڳالهائيندو، جڏهن گفتگو ڪندو آهي تڏهن سندن آواز ايترو جهيڻو هوندو آهي جو مشڪل سان ٻيو شخص آواز ٻڌي سگهي. ساڻن ملاقاتي ٿيندڙ هر ماڻهو سان وڏي پيار ۽ پاٻوهه سان ملندو آهي. محبت جا ٻول ٻوليندڙ هن فقير ماڻهو جي من ۾ ميراڻ ناهي ۽ هر ڪنهن سان چڱائي جا ٻه پير ڀرڻ سندن خاصو آهي.
    چـــڱا ڪـــن چــڱايون ، مَـــٺايـون مَــٺن،
    جو وَڙ جُڙي جِن سين ، سو وَڙ سيئي ڪن.
    مولانا صاحب چوندو آهي ته هرڪنهن کي پنهنجي مذهب سان محبت ۽ صدق ڪرڻ جو حق آهي، ڪنهن کي به اهو حق حاصل ناهي ته هوُ ٻئي جي مذهب ۽ عقيدي جي ڇيڙڇار ڪري يا کائن نفرت ڪري . مولانا صاحب انسانيت سان پيار ڪندڙ ساکائتو ڪردار هجڻ ڪري سماج ۾ مثبت تبديلي آڻڻ لاءِ ڪوشان آهي، انهي جو مثال اهو آهي ته هُو هرڪنهن جي سڏ ۾ سڏ ڏي ٿو، هُو هر تڪرار ۽ مامري جي نبيري لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ٿو. مولانا صاحب معامله فهم، بااصول، باڪردار، دورانديش، صبر ۽ شڪر ڪندڙ انسان آهي، جنهن وٽ معاشري ۾ وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي کي ٻنجو ڏيڻ جي لاءِ حوصلي ۽ همٿ سان گڏ نيڪ نيتي ۽ اٽل ارادو پڻ آهي. تنهنڪري مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب عزت ۽ محبت لهڻي.
    سامي فائونڊيشن ، سنڌ جو اهو ساکائتو سماجي ادارو آهي، جنهن ٻن ڏهاڪن کان اسان جي خطي ۾ سماجي رواداري، امن، شانتي ۽ انساني ترقي لاءِ وڏي جاکوڙ ۽ جدوجهد ڪئي آهي، اهو سلسلو اڄ به ماٺو ناهي ٿيو، اڃان به اڳيان ۽ اڳڀرو ...، جنهن جو مثال اهو آهي ته سامي فائونڊيشن هڪڙي روايت کي ٽوڙي نئين روايت جو بنياد وڌو آهي، جو مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب جهڙي عظيم ڪردار کي حياتي ۾ ئي سندن اعليٰ ڪردار ۽ خدمتن تي مڃتا ڏيندي ڪتاب سهيڙي ۽ ترتيب ڏيئي وڏي اهتمام سان شايع ڪيو پيو وڃي. اهڙي مثبت ۽ ساراهه جوڳي قدم تي سامي فائونڊيشن ۽ سمورو سٿ جس لهي.


    ولهيٽي ۽ ولهاري سلسلن جو سالڪ مولانا عبدالرحمان جمالي : آزاد سميجو

    نما شام جو وقت آهي. ڏينهن جي روشني مُسلسل ڌُنڌلي ٿي رهي آهي. سج اولهه پار کان ڄڻ ڪنهن اُونهي سمنڊ ۾ ٻُڏي رهيو آهي. ڪاغذ ۽ قلم جي رفاقت ۾ رڪاوٽون پئجي رهيون آهن. شهر ڪراچيءَ ۾ سمنڊ ڪناري اهو داستان قلمبند ٿي رهيو آهي. قصو آهي سال اوڻيهه سئو ٽيانوي کان اٺانوي جو، اڳوڻي امر ڪوٽ ۽ هاڻوڪي عمرڪوٽ شهر جو، جتي جنم ٿيو مُغل شهنشاهه اڪبر اعظم جو، راڄ رهيو راڻي مهيندري ۽ همير سومري جو. جِتي ڀالوا جي سُهڻي صُورت مارئي قيد ٿي آئي، ڪاڪ جي شهزادي مُومل ڪنوار بڻجي آئي، جنم ٿيو جتي راجپوتن جي راڻي رتن سنگهه جو ۽ هاڪ ٿي راڻي اَرجن سنگهه جي. اها ڌرتي سڏجي ٿي سنڌ جي اَبُوالڪلام عبدالواحد آريسر جي. ٻُڌجن ٿيون هِتي ٻه قديم وسنديون، جن جا نالا آهن؛ ولهيٽ ۽ وَلهار. جتي پيدا ٿيا شريعت جا صاحب ۽ طريقت جي سلسلن جا سالِڪ. انهن مان هڪ روشن ستارو، علم جو قطب تارو، راڄ جو راڻو، موتي داڻو، جنهن کي اسين چئون؛ مولانا عبدالرحمٰن جمالي. قد وچولو، لال چمڪدار گولائون چهرو، ويڪرو نوراني نرڙ، گول مخروطي نڪ، ڀورسريون ڪٽوريون اکيون، مٿان سُفيد سُونهن سراسر چاپئين سُونهاري، سر تي سُفيد ڇُڳو ڇڏيل سِنڌي پڳ، ڪُلهي تي ڳاڙهي ڇُر واري هالائي اجرڪ، سُفيد پوشاڪ، لاکيڻي لوڏ، ڄڻ پيدا نه ٿيو آهي، آسمان مان لاهي اَمراڻي ۾ آندو ويو آهي. جهڙو اَٿس ظاهر ۾ سراپا صاف، سُفيد، اَڇو ۽ اُجرو، تهڙو ئي باطن ۾ پَاڪ ۽ پويتَر. هيءُ ڄڻ فلڪ جو فرشتو آسمان مان اُتري زمين تي لهي آيو آهي. کيس وندر، ٻيلي ۽ حَب جا پهاڙ راس نه آيا، اَچي وسايائين وڻ ولهيٽ ۽ ولهار جا. پاڻ هِتي پرديسي مسافر کُٿابي ٿي آيو، پڙهيو، پليو ۽ وڏو ٿيو. راڄ جو راڻو ٿي اڄ سوڌو رَمندو وتي ٿو.
    پاڻ هتي مسافر ٿي آيو ۽ راڄ جو راڻو ٿي رهيو آهي. سندن جنم وندر، ٻيلي ۽ حَب جي پهاڙن ۾ڪنهن گم شده ڳوٺ ۾ ٿيو آهي، جتان جي جبلن ۽ پٿرن کان سڀ کان وڌيڪ شڪايت سنڌ جي سَسئي کي رهي آهي. اڄ به مائي ڪولاچيءَ جي تڏهوڪي ڳوٺڙي ۽ هاڻوڪي آدم مار شهر ڪراچيءَ کان اولهندي پاسي وارن انهن پهاڙن جي پاساڙن، چوٽين ۽ ٻُڪرن ۾ چتائي ڏسندئو، ته سماٽن، ڄاموٽن ۽ ٻروچن جون گاڏڙ ساڏڙ ننڍيون ننڍيون وستيون ۽ ڳوٺ نظر ايندا. ڪراچيءَ کان هنگلاج تائين اهو علائقو اڄ به سنڌ جي ثقافتي ۽ تهذيبي سرحدن ۾ شامل آهي. جيتوڻيڪ هِن وقت انتظامي طور الڳ آهي. ڀٽ ڌڻيءَ جو ڪردار، سخي سردار ڄام سٻڙ چوٽاڻيءَ جو تعلق پڻ ساڳئي سرزمين سان آهي. منگهو پير کان هنگلاج تائين منزل به منزل ڀٽ ڌڻيءَ جا ٿان، تَڪيا ۽ ٿَلها آهن. مولانا عبدالرحمٰن جماليءَ جو جنم پڻ انهن جبلن ۾ قائم “زوڙ” قبيلي جي هڪ بَستيءَ ۾ عبدالله زوڙ جي گهر ۾ ٿيو. هتان جي مقامي باشندن جا نقش نگار ۽ قد بُت به ڪي ايڏا سُهڻا ڪو نه آهن. بُجر ڏاڙهين سان مٿي تي هلڪي زري ۽ رواجي پشم جون سخت کوپن واريون ٽوپيون، پيرن ۾ هٿرادو نموني جوڙيل چمڙي جا اڻ گهڙيا سينڊل ۽ بُت تي ميرانجهڙيون رنگين پهراڻون ۽ گهيردار شلوارون، کيهه ڀُڪليل کُڙيون ۽ پگهر ڀريل پير، ڀٽائي چواڻي، “اي وڙ ويڙهيجن، مون لوڏان ئي لکيا”. اهي سندن ظاهري خدو خال آهن. ان ٻروچن جي قبيلي ۾ جنم وٺندڙ “عبدالرحمان” ٻين کان تمام گهڻو منفرد آهي، سندن سيرت به سُهڻي، ته صورت به سبحان الله، اڳتي هلي کيس علم جو شوق ستائي ٿو يا حَب ۽ ٻيلي جو ڏُڪر ۽ بُک، آثارن مطابق شڪ پوئين ڳالهه جو وڌيڪ ٿو ٿئي، وڌيڪ وضاحت لاءِ پاڻ کان پُڇي سگهو ٿا. بهرحال اهو ننڍڙو عبدالرحمٰن اچي ولهيٽ جا وڻ وسائي ٿو. جتي پنهنجي ذهانت، فطانت، محنت ۽ مشقت سان نه رڳو پاڻ پروان چڙهي ٿو، پر پنهنجي ڀائرن سميت سموري خاندان جو پڻ ڀرجهلو ٿي بيهي ٿو. هو ولهيٽ مدرسي ۾ صرف، نحو، منطق، فقهه، ادب، تفسير، معاني، فلسفي جي فن جي سکيا حاصل ڪري، ساڳئي مڪتب جي ماهر اُستاد طور پڻ خدمتون سرانجام ڏيڻ شروع ڪري ٿو. هِن مڪتب جي مهندار مولانا عزيز الله ساند جو صحيح جانشين ثابت ٿئي ٿو.سندس عِلم جي مهارت کان ولهيٽ ۽ ان جي ذيلي سلسلن؛ ولهار ۽ ناري پَٽ جي مُعلمن جا مُريد، معتقد، طالب توڙي صُحبتي فيض ياب ٿين ٿا. گڏوگڏ هو سرڪاري اسڪول ۾ جديد فنون جي اُستاد طور پڻ خدمتون سرانجام ڏيئي سرخرو ٿئي ٿو. اهڙي ريت ولهيٽ، ولهار ۽ ناراويليءَ جي ننگرن جا قديم توڙي جديد عُلوم ۽ فنون جا شائق ۽ مشتاق سندس روحاني، ديني ۽ دنياوي مشَرب جي آب حيات مان سيراب ۽ شاداب ٿين ٿا. انڪري اَمراڻي ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ سندس بالواسطه ۽ بلاواسطه شاگردن جو جهجهو تعداد قيام پذير آهي. اهوئي سبب آهي، جو سندس هاڻوڪي عمر ڪوٽ واري مشرب تي هر وقت ملاقاتين جو ميڙو متل رهي ٿو. اهو ميڙو فقط اُن ڪري ناهي جو، هُو مُدرسن جو مُعلم ۽ اسڪولن جو اُستاد رهيو آهي. پر هُن پاڻ سان ٻيون پڻ ڪيتريون ئي شناختون جوڙي پنهنجي شخصيت کي هڪ تناور درخت پڻ بڻائي ورتو آهي. منهنجو ساڻس سَڱ اُستاد ۽ شاگرد وارو آهي، اُن ۾ پدرانه شفقت جي پڻ آميزش آهي. اهو سَڱ بظاهر سادو، پر درحقيقت بڙ جي وڻ جيان گهاٽو ۽ نم جي ڇانءُ مِثل ٿڌو، نفيس، نازڪ ۽ ناياب پڻ آهي. اُن تعلق جي وضاحت لاءِ مون کي ديوان حافظ جو سهارو وٺڻو ٿو پوي!
    فرياد حافظ اين همه آخر به هرزه نيست،
    هم قصهءَ عجيب و حديث غريب است.
    (حافظ جي فرياد مذڪوره روئداد متعلق ڪا اَجائي ناهي، دراصل اِهو قصو غريب ۽ حديث عجيب آهي)
    منهنجو اِن فرشته نما شخصيت سان سال اوڻيهه سئو ٽيانوي عيسويءَ ۾ موسم بهار جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ شاگرد جي حيثيت سان سڱ جُڙيو، ٿيو ائين جو اُن وقت آئون گورنمنٽ هاءِ اسڪول نمبر“2” عمرڪوٽ ۾ اٺين ڪلاس جوطفل مَڪتب هُجان. ٻڪرا پڙي لڳ رهائش هُجي. روزانو ٿر بازار وارو مُکيه رستو ڏئي، موتي چوڪ وٽان شاهي بازار ۾ داخل ٿي، مشهور سونارا گليءَ مان ٿيندو هاءِ اسڪول ايندل ويندل هُجان. سونارا گهٽيءَ جي پُڇڙيءَ وٽ ٻن ڪمرن واري قديم آثار نما مڪان مان ٻارن جي وڏي آواز ۾ پڙهائيءَ جو آواز ٻُڌندو رهان ٿو. سمجهان ٿو ته شايد هيءُ اهو ئي مَڪتب آهي، جتان جي اُستاد جون اوصافِ حميده ۽ خِصال خَليقه منهنجو چاچا ٻُڌائيندو رهي ٿو، دل ۾ اچانڪ قربت جو ڪرنٽ لڳڻ شروع ٿئي ٿو. جڏهن جڏهن گذر پيو ٿئي، ته اهو شوق ويتر وڌي پيو وڻ ٿيندو وڃي. نيٺ چاچا کي اُن عالي جاه اُستاد جي خدمت ۾ خاڪ نشيني لاءِ راضي ڪريان ٿو. هڪ ڏينهن اسين ٻئي ڄڻا تيار ٿي، روزانه زيارت جي معمول بڻيل اُنهيءَ ڀاڳوند مڪتب ۾ داخل ٿيون ٿا. ڪُل ٻه ڪمرا آهن، شروعاتي ڪمري ۾ هڪ الماري پيل آهي. پَٽ تي ميرسري فراشيءَ وڇايل آهي. اُن مٿان سفيد ڇَو واري پٿراڻيءَ تي وِهاڻي کي ٽيڪ ڏئي، سفيد ڪپڙن ۾ ملبوس هڪ معمر شخص سيني تي هڪ ضخيم ڪتاب جهليو مطالعي ۾ مصروف آهي. ڀرسان ڪي ڪتاب ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. ساڄي پاسي سُفيد پڳ جو ويڙهوٽو پيل اٿس، کاٻي طرف ڳاڙهي هالائي اجرڪ به گهنجريل حالت ۾ موجود آهي. اُنهيءَ سُهڻي صورت واري شهنشاهه جو وات بلڪل ڳاڙهو لڳو پيو هُجي، ڀانيم پان سان پريت جو پابند آهي، اڳتي هلي پتو پيو، ته ناس جي نشي سان پڻ نينهن جو ناتو اٿس.
    اسان جي سلام ڪرڻ تي پاڻ سڌو ٿي ويهي رهي ٿو. ڪتاب هڪ پاسي رکي، نظر جي عينڪ کاٻي هٿ ۾ جهليندي رَسمي حال احوال بعد مون ڏانهن اشارو ڪري ٿو؛ “هيءُ ڇوڪرو ڪير آهي؟” چاچا سائين وراڻي ٿو؛ “منهنجو ڀائيٽو آهي، کيس اوهان جي شاگرد ٿيڻ جو بي پناه شوق اٿس، اسڪول ۾ به اٺين ڪلاس ۾ پڙهائيءَ جاري رکڻ گهري ٿو”. پاڻ هلڪي مسڪراهٽ سان گڏ هائوڪار ڪيائون، هڪدم ڀر واري ڪمري مان مُدرس مولوي سڳوري کي گهُرائي منهنجي پارت به ڪيائون ۽ ڪلاس ۾ ويهارڻ لاءِ پڻ چيائون. اهڙي ريت آئون ڪلاس جي ڪمري ۾ داخل ٿيان ٿو. ڪاٺ جي صندلين تي وڏا وڏا ڪتاب رکيل کُٿابي با آواز بُلند هڪ ٻئي سان بحث ڪري رهيا آهن. اول ته اجنبي نظرن سان مون کي ڏسڻ لڳن ٿا، بعد ۾ اُستاد جي غير حاضريءَ جو فائدو وٺندي سوالن جوابن ۾ شروع ٿي وڃن ٿا. آئون جڏهن کين پنهنجي اسڪولي تعليم ۾ داخلا بابت ٻُڌايان ٿو ، ته سڀني جي چهرن تي ناپسنديدگي جا آثار نمايان طور نظر اچڻ لڳن ٿا. ائين اهي پاڻ ۾ سُس ڦُس ۾ شروع ٿي وڃن ٿا. جيئن مُدرس صاحب ڪلاس ۾ داخل ٿئي ٿو، سڀني کان وڏي عمر وارو ۽ وڏا ۽ ٿُلها ڪتاب رکندڙ کُٿابي هوريان هوريان کيس ڪجهه ٻُڌائي ٿو. مُدرس صاحب پڻ مون ڏانهن سواليه نظرن سان نهاري ٿو. آئون سمجهي وڃان ٿو، ته هتان جي جمله جماعت اسڪولن جي تعليم کي جائز نه پئي سمجهي. جيتوڻيڪ مُدرس صاحب هِڪ مناسب مزاج ۽ سڀاءُ رکندڙ شخصيت هو. پاڻ نه چاهيندي به مُون کي عربي گرامر جي تعارفي ڪتاب “ڪتاب الصَرف” جي سبق اَول کان شروعات ڪرائي، گڏوگڏ انتباهه به ڪيائين ته درس نظامي جي نصاب مطابق ست مهينا گذري چُڪا آهن. دوران سال ڪنهن به شاگرد کي داخلا ناهي ڏني ويندي، توهان کي سخت محنت ڪري اهو خال ڀرڻو آهي، ته جيئن سالانه امتحان ٿي سگهن. مون بسم الله ڪري پنهنجو ڪم جاري رکيو، صبح، منجهند ۽ شام ڪُل ٽي ڀيرا سبق ياد ڪري اُستاد صاحب کي ٻُڌائيندو هُئس. ائين ٻن مهينن ۾ اهو خال ڀري ورتم، سالانه امتحان ۾ پوري مڪتب ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪيم.
    هيءُ بزرگ عالم مُنهنجي محنت ۽ ذهانت مان ڏاڍو خوش هو. جيتوڻيڪ مدرسن جا مولوي حضرات منهنجي اسڪولي تعليم جا مخالف هُئا. اهي روايتي دليلن جي مدد سان منهنجي اسڪولي تعليم ڇڏائڻ لاءِ پيا زور ڀريندا هئا. ائين ڪڏهن مدرسي جا کٿابي ساٿي، ته ڪڏهن وري ايندل ويندل مولوي حضرات مون کي دنياوي تعليم تي پيا تنقيد جو نشانو بڻائيندا هئا. آئون چاهيندي نه چاهيندي پيو برداشت ڪندو هُئس. صبح جو فجر نماز کانپوءِ هڪ سبق مدرسي جو پڙهي، هلڪو ڦلڪو، جهڙو مليو ، تهڙو ناشتو ڪري اسڪول هليو ويندو هُئس. اسڪول جي گيٽ وٽ مَدرسي واري سفيد ٽوپي کيسي ۾ وجهي، سڌو اسيمبليءَ ۾ شريڪ ٿيندو هُئس. منجهند ٻه وڳي وري مَدرسي جي گيٽ وٽ کيسي مان اڇي ٽوپي ڪڍي پائي ڇڏيندو هُئس. اهڙي ريت پنهنجي پر ۾ ڀرپور ڪوشش ڪندو هُئس، ته هاءِ اسڪول ۾ اتان جو شاگرد، ته مَدرسي ۾ وري مَدرسي جو شاگرد نظر اچان. ان جي باوجود اسڪول جا هم ڪلاس دوست مولوي هُئڻ جا ۽ مَدرسي جا هم جماعت وري انگريزي پڙهڻ جا طعنا پيا هڻندا هئا ۽ اهي نه چاهندي به پيو برداشت ڪندو هُئس. ان سموري ماحول ۾ مُون لاءِ اُتساهه ۽ اطمينان جو ڪارڻ صرف هڪ ئي شخصيت هُئي. جيڪو اڄ منهنجي موضوع جو مرڪز ۽ هن مجلس جو مُور آهي. اُن جي شفقت جي ڇانءُ مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وڃي.
    ان شخصيت کي اسين سڀ “مولانا عبدالرحمان جماليءَ” جي نالي سان ياد ڪريون ٿا. هو پاڻ کي “جمالي” سڏائي ٿو. سندس تعلق “زوڙ” قبيلي سان آهي. گذريل چئن سالن کان سنڌ جي “نسليات” منهنجي تحقيق جو موضوع رهي آهي. لس ٻيلي ۽ حَب توڙي “هاڙهي” جبل تي آباد سنڌي قبيلن جو خوب مطالعو ڪيو اٿم. “زوڙ” قبيلي جون مٽيون مائٽيون سيٺارن ۽ گونگن قبيلن سان آهن. ٻئي قبيلا سماٽ ۽ ڄاموٽ آهن. هونئن به هتي صدين کان ڄام ۽ ڄاموٽ صاحب اقتدار ۾ رهيا آهن. اُن ڪري مُنهنجي تحقيق موجب “زوڙ” به سنڌ جا سماٽ آهن ۽ انهن تي ٻَروچاڻو رنگ غالب آهي.
    جمالي صاحب نه فقط منهنجي درس نظامي جي تعليم جو خيال رکڻ لڳو، سبق ٻُڌڻ لڳو، داد ڏيڻ لڳو، پر گڏوگڏ عصري تعليم جي مضمونن جي پڻ خبر چار وٺندو هو، جتي جتي ضرورت سمجهندو هو، اُتي رهنمائي پڻ ڪندو هو. هڪ ٻه ڀيرا هاءِ اسڪول پڻ هليو آيو ۽ متعلقه اُستادن کي منهنجي پارت پڻ ڪيائين. ان ڊگهي قصي ڪرڻ جو مطلب آهي، ته هُو قديم علوم جي تحصيل سان گڏوگڏ جديد ۽ عصري علوم جي تعليم کي نه رڳو جائز پر ضروري پڻ سمجهندو هو. ان ڪري هو مون کي پيءُ ۽ اُستاد واري گڏيل شفقت جو شرف پڻ بخشڻ لڳو هو، اٺين ڪلاس ۾ سج گرهڻ، چنڊ گرهڻ ۽ سائنس جو فلڪيات وارو باب مُون کانئس ئي سکيو. اهڙي ريت درس نظاميءَ ۾ علم الصرف جو مضمون پڻ پڙهيو. جڏهن اسڪول ۽ مدرسي جا امتحان ٿيا، ته مَدرسي مان فرسٽ پوزيشن ۽ اسڪول مان وري سيڪنڊ پوزيشن حاصل ڪيم. ان مان سندس اعتماد پڻ وڌي وڻ ٿيو. هُو مون کي پنهنجي پيءُ جهڙو پيار ڏيڻ لڳو. منهنجي ڪاميابي کي هر مولوي ۽ مِسٽر سان مثال بڻائي پيش ڪرڻ لڳو. اهڙي ماحول ۾ مون کي هُو سنڌ جو نظام الدين اُولياءُ لڳندو آهي. جنهن وٽ هندوستان جي سَتن بادشاهن جو زمانو ڏسندڙ، موسيقي ۽ شاعريءَ جي خرافات جي دلداده ۽ داعي حضرت امير خسرو جڏهن شاگرديءَ جو شرف حاصل ڪرڻ لاءِ پيش پوي ٿو، ته هُو بنا دير کيس پنهنجي بارگاهه ۾ قبوليت جو شرف بخشي ڇڏي ٿو، کيس بادشاهن جي درٻاري ۽ غير شرعي اُمور جي عادي هُئڻ جو طعنو هڻي مُوٽائي نٿو. عزيزان من! آئون يقينن امير خُسرو، ته ڇا، پر ان جي پيرن جي پيزار برابر به ناهيان، ليڪن هيءُ بزرگ منهنجي سنڌ جو نظام الدين اولياءُ آهي، اُن ۾ذرا برابر به شڪ ڪندڙ گُمراهن جي جماعت جا غازي آهن.
    هُو پنهنجي مزاج ۾ معتدل، صُلح پسند، کُليل ذهن، دل ۽ دماغ وارو انسان آهي. عِلم ۽ ادراڪ جو بُلند قامت پهاڙ آهي. منطق ۽ فلسفو سندس ساڄي هٿ جو کيل آهن. فلسفه فلسفه ۽ منطق منطق جو راڳ ڪنن ٻُڌو توهان ۽ اسان تمام گهڻو آهي، پر اکين ڏٺو گهٽ آهي. اگر اوهان کي صحيح معنيٰ ۾ ڪنهن صاحب فلسفه شخصيت جو ديدار ڪرڻو آهي، ته هليا اچو، سندن مُک مهتاب پسي وٺو. اُن جي گفتگو مان فلسفه ۽ منطق جا واهڙ ائين پيا وهندا آهن، جيئن ناگا پربت جي پهاڙن مان پاڻي جا چشما ڦٽي نڪرندا آهن. کيس ڪهڙو به تصوراتي موضوع منتخب ڪري ڏيو، پوءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ، ڏينهن جا ڏينهن، بلڪه مهينن جا مهينا بلا تعطل گفتگو ويٺا ٻُڌو. پاڻ صرف، نحو، منطق، فقهه، اصول فقهه، تفسير، طبعيات، فلڪيات، الٰهيات، ادب، معاني، ميراث ۽ علم اللسان جي قديم علمن ۾ ڪمال جي قدرت رکندڙ عالم آهي.
    هن عالم کي جديد علوم سان پڻ ايتري ئي رغبت ۽ راهه رسم آهي، جيتري قديم علوم سان آهي. قديم طبعيات، ڪيميا ۽ فلڪيات کي جديد تحقيق سان جوڙي، اوهان کي اهڙو ته علمي ليڪچر ڏئي ڇڏيندو ، جو وڏين وڏين جامعات جي ڊاڪٽريت ڊگري يافته پروفيسرن جا پاجاما ۽ پتلون پگهر ۾ ڀرجيو وڃن. اُن جي زبان ڏاڍي شيرين بيان آهي ۽ مٿان وري لغت ۽ لفظن جي بي پناهه ذخيري سان کيس پنهنجي وڏي ۾ وڏي علمي حريف کي مات ڏئي مڃائڻ جو ملڪو پڻ مالڪ پاران مليل اٿس. هُو منطق تي ايتري ته مهارت رکندڙ مَهاساگر آهي، جو سفيد کي سياهه ۽ سياهه کي سفيد ثابت ڪرڻ لاءِ عصاءِ موسيٰ ۽ يد بيضا به رکي ٿو. اُن وٽ استدلال ۽ استعداد جي بيش بها قوت آهي، جنهن سان مُخالف جي مضبوط موقف کي علمي صلاحيت سان ائين ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندو آهي، جيئن مئيخانن جا مشتاق پنهنجي ڀرپور خمار ۽ مَستيءَ جي عالم ۾ جام ٽڪرائي ٽڪرائي ڪرچيون ڪرچيون ڪري ڇڏيندا آهن. اُن وٽ پنهنجي علم، ڏاهپ ۽ حڪمت ذريعي ننڍڙي موضوع مان هزار داستان بڻائڻ جو سَليقو ۽ سَنوت پڻ آهي. کيس نانگن جهڙن موضوعن مان نوڙيون ۽ نوڙين مثل مسئلن مان پنهنجي ڏاهپ ۽ بصيرت جي توانائيءَ سان نانگ بڻائڻ جو فن پڻ اچي ٿو.
    وڏا وڏا جُبه پوش ۽ عمامه بردار سندن ڏاهپ، ڏات ۽ ڏانءُ کان ائين نٽائيندا آهن ، جيئن گنجا پاڪين کان لهرائيندا آهن. مُون عمر ڪوٽ جي جامع مسجد ۾ کيس بسم الله الرحمٰن الرحيم تي ڇهه مهينا بلا تعطل درس ڏيندي ٻُڌو آهي. ٽنڊي باگي ۾ سنڌي قوم جي عروج ۽ زوال جا اسباب، علم انسان ذات جو اجتماعي ورثو آهي ۽ “انسانن ۾ وڌندڙ حرص دنيا لاءِ تباهه ڪُن ثابت ٿيو آهي” جهڙن موضوعن جي تمام دقيق ۽ عميق مسائل تي حڪيمانه ۽ عالمانه گفتگو ڪندي ڏٺو آهي، هو ڪتابي ڳالهين کي فطرت ۽ ماحول سان ائين جوڙي ويندو آهي ، جيئن لوهار ڪڙو منجهه ڪڙي لپيٽي سنگهر جوڙيندو آهي. هو ٻن قسمن جي مطالعي جو شوقين آهي. رسمي ڪتابن سان پڻ چاهه رکي ٿو، ته ڪائنات جي آيات ۽ آفاق ۾ پڻ غور ۽ فڪر جي عادت ۽ اثر پڻ رکي ٿو. هُو جيتوڻيڪ ڪنهن به تصور (concept) جو موضوع ڪتاب مان کڻي ٿو، پر اُن جي ڦهلاءُ ۽ وسعت لاءِ فطرت جو سهارو پڻ ضرور وٺي ٿو.
    حڪيم جالينوس سان جڙي ٻوٽيون فقط بيمارين متعلق گفتگو ڪنديون هيون. پر هيءُ قرآن حڪيم جي زبان ۾“اولوالالباب” جي قافلي جو شايد آخري پانڌيئڙو آهي، جنهن وٽ جيڪڏهن قرآن ڪريم جون “آيتون” هدايت جو ذريعو آهن، ته فطرت جي منظر جون “آيتون” پڻ سندن لاءِ رهنمانيءَ ۽ رهبريءَ جي وٿ آهن.
    ان في خلق السمٰوٰت والارضِ واختلاف الليل والنهارلآياتِ لاولي الالباب. (العمران رڪوع 20)
    (بيشڪ زمين ۽ آسمان جي تخليق ۾ ۽ ڏينهن ۽ راتين جي بدلجڻ ۾عقل وارن لاءِ آيتون آهن).
    ان مان لڳندو آهي، ته شايد هو فطرت پسند آهي. سنڌ جو سرسيد احمد خان آهي يا جين پال سارتر (Jean Paul Sartre) آهي. ان جي حتمي وضاحت هُو پاڻ ئي ڪري ته بهتر! آئون فقط ايترو وثوق سان چئي سگهان ٿو ، ته هُو بي انتها “فطرت پرست” آهي، متان ڪو اعتراض ڪري، تنهنڪري کيس “فطرت پسند” قرار ڏيون ٿا. مُون ٻن قسمن جا “فطرت پسند” ڏٺا آهن. هڪڙا اُهي جيڪي ڪائنات جي منظرن، وڻن ٽڻن، باغن بُستانن، سَبزن ساوڪن، جهنگ جهرن جبلن، دريائن ڍنڍن ڍورن، سمنڊن، ڀِٽَن بيابانن ۽ سج چنڊ تارن جي سطحي منظرن جا مُتلاشي هوندا آهن. اهي تارن جي تازگين، چنڊ جي چانڊوڪين، سُورج جي شعائن، ڌرتيءَ جي مَهڪ ۽ آسمان جي اهڃاڻن مان فقط اک جي علم ذريعي پيا لطف اندوز ٿيندا آهن. پر هيءُ ته منهنجي سنڌ جو هڪ حڪيم آهي، جيڪو پنهنجي اک کان “نظر” جو به ڪم وٺي ٿو، ته ساڳئي اک جي گهرائيءَ مان “بصيرت” جي جوت پڻ جلائي ٿو. هو انهن مَنظرن کي پنهنجي اک جي نظر سان ڏسي، پوءِ بصيرت جي مانڌاڻيءَ سان ولوڙي ڪائنات جي رازن جو مَکڻ لاهي ٿو. منهنجي ڳالهه فقط اهي صاحب علم ۽ ادب سمجهي سگهندا، جن کي “نظر” ۽ “بصيرت” جا معنوي مفهوم معلوم هوندا. اهو لقاءُ سندس گفتگوءَ جي سلاست، فصاحت، بلاغت ۽ گهرائيءَ مان پڻ پسي سگهو ٿا. موقعي جي مناسبت سان مون کي انگريز عالم“وليم شيڪسپيئر” جا لفظ ياد اچن ٿا.
    “And this our life, exempt from public haunt, finds tongues in trees,
    Books in the running brooks, sermons in stones and good in
    Everything, if we have penetrating eyes.”
    (اسان جي ظاهري زندگي کان علاوه به ڪائنات جي رازن ۾ گهڻو ڪجهه سمايل آهي. وڻن کي زبانون آهن، وهندڙ چشما آهن. پٿر وعظ پيا ڪندا آهن ۽ هر شيءَ ۾ سهڻو راز سمايل آهي، جيڪڏهن اسان وٽ بصيرت واريون اکيون هجن.)
    هَو جلال الدين رومي، مولانا عبدالرحمٰن جامي ۽ فريد الدين عطار جهڙن “اولي الابصار” عالمن ۽ اوليائن جي قافلي مان وڇڙي ويل واٽهڙو آهي. هُو علت ۽ معلول ۽ سبب ۽ اثر (cause and effect) جي رواجي ڪج بحثن کان گهڻو مٿانهون آهي. هُو ڪڏهن ڪڏهن پير علي محمد راشدي چواڻي، سنڌ جي مردم خيز ڌرتي “پاٽ” جي مُعتبر ۽ متبرڪ عالمن جي قافلي جو گم ٿي ويل “ساٿي” به لڳندو آهي، ته ڪڏهن وري ابن عربي جي معتقد مخدوم معين ٺٽوي، سرتاج الشعراءُ شاهه عبدالطيف ڀٽائي ۽ ميان عبدالرحيم گرهوڙيءَ جو چوٿون يار پڻ، ته ڪڏهن وري منهنجي امراڻي جي سرزمين جي ولهيٽي ۽ ولهاري سلسلي جي سالڪن جي آخري نشاني به، منهنجي خيال ۾ کيس انهيءَ آخري قافلي جو پانڌيئڙو سڏڻ اسان جي دل ۽ دماغ وٽان وڌيڪ بهتر ٿو لڳي. پاڻ هر قسم جي تعصب کان بالاتر آهي، مَسلڪن، فرقن ۽ مذهبن جي رواجي ۽ غير رواجي تعصب کان پاڪ پويتر رُوح جو سهڻو ۽ صاف سانچو ۽ ڍانچو آهي. وڏو فرد شناس آهي. هر ايندڙ ويندڙ، مقيم توڻي مسافر کان اُن جي مزاج، مَسلڪ، مذهب، مَطلب ۽ ضرورت مطابق گفتگو ڪري کيس پنهنجو گرويده بڻائي ڇڏيندو آهي. هُو سنڌ سونهاري جي قديم اسلامي مَشرب ۽ مَسلڪ جو آخري چوڪيدار آهي. جنهن وٽ امن ۽ اهنسا واري قديم صوفياڻي سنڌ جي خزانن جون ڪُنجيون آهن. اُن ڪري هُو دورِ حاضر جي ڪج بحثي ديوبنديانه، بريلويانه، سُنيانه توڻي شيعانه روايتن کان تمام ڏور، اويلي ۽ اَجنبي مسافر جيان بيٺل نظر ايندو آهي. هُو منهنجي سنڌ جي قديم سنڌي اسلامي مشرب ۽ مسلڪ جو امين آهي، جنهن جو پڙاڏو اسان پنهنجي ٻُڍڙن جي ساده لفظن ۾ گُهريل دُعائن ۾ ئي ٻُڌندا آهيون.

    اوڙي جو خير، پاڙي جو خير!
    ننڍي جو خير، وڏي جو خير!
    مال جو خير، وٿاڻ جو خير!
    وڻن جو خير، پکين جو خير!
    جيتن جو خير، جناورن جو خير!
    هندو جو خير، مسلمان جو خير!
    اسان جا اِلاهي سڀني جو خير!

    پاڻ انهيءَ فڪري ۽ مَسلڪي سلسلي جو آخري داعي آهي، تنهنڪري ئي ته پاڻ مَسلڪي، مذهبي ۽ قبائلي تعصبات کان تمام گهڻو بيزار لڳندو آهي. هيءُ تعصبات کان پاڪ دور جو هڪ اهڙو جوڳي آهي، جيڪو شايد رستو ڀُلجي پيو آهي ۽ اچي اسان واري جهنجهٽ ۾ ڦاٿو آهي. هُو مون کي مولانا روميءَ جي انهن سٽن جو جيئرو جاڳندو مثال پڻ لڳندو آهي.
    درمذهب ما ڪافريست رنجيدن
    (اسان جي مذهب ۾ ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ ڪفر جو ڪم آهي.)
    هُو هر ڪنهن جي درد جي دوا رکي ٿو، اُن ڪري هر تڙپندڙ رُوح سندس تڏي تي اچي سُڪون ۽ سانت حاصل ڪندو آهي، سندس آسپاس هر وقت ماڻهن جا ميلا متل هُوندا آهن، جيڪي مسلمانانه، هندوئانه، ٻروچانه، سماٽانه، مَسلڪانه ۽ فرقيوارانه چوغا لاهي، هر قسم جا تعصب تياڳ ڪري هِن وٽ فقط انسان ٿي ايندا آهن.
    هو هڪ ڀيرو ٻيهر سڀن تي شفقت جي نظر وجهندو آهي ۽ڳالهه کي جاري رکندو ۽ ارشاد فرمائيندو آهي؛
    آدميت نه به نطق، نه به جان، نه به ريش،
    طوطيان نطق، بُزان ريش، خران جان دارد!
    (ماڻهپو نه ڳالهائڻ تي آهي، نه ساهه کڻڻ تي آهي ۽ نه ڏاڙهي تي آهي، ڇاڪاڻ ته طوطا ڳالهائيندا آهن، ٻڪرن کي ڏاڙهيون ٿينديون آهن ۽ گڏهه ساهه به رکندا آهن).
    هُو هڪ بي نياز (بي پرواهه) رُوح رکي ٿو. اُن کي ڪڏهن به پنهنجي علمي ۽ حڪيمانه قدڪاٺ کي ظاهر ته ٺهيو، پر محسوس ڪندي به نه ڏٺوسين. الٽو کيس ٻئي کي وڏو ڪوٺيندي ۽ محسوس ڪرائيندي ڏٺو سين. اُن ڪري هُو پاڻ کي مخاطب جي حيثيت ۽ سطح تي آڻي بيهاريندو آهي ۽ ساڻس ان سطح تي گفتگو ڪندو ۽ ويچار ونڊيندو آهي، اها تمام وڏي منزل آهي. جڏهن توهان ڪنهن نيچ يا نابود کي نامُور بڻايو ٿا يا نيستيءَ ۾هستيءَ جو جوهر ڇٽيو ٿا. سندس ماڻ ۽ ماپي ۾ پنهنجو وزن وجهي کيس دِيو قامت بڻايو ٿا. هڪ ڀيري گذارش ڪئي هُئم، ته سائين توهان مولانا جاميءَ جي ديوان تي لکو، جواب مليو، “بابا! مون سدائين فرمانبرداريءَ ۾ زندگي گذاري آهي، پنهنجي مزاج ۾ اُستادن جو تابعدار رهيو آهيان، جيڪڏهن تون چوندو رهندين (حڪم ڪندو رهندين) ته متان فرمانبرداريءَ ۾ اهو ڪم ڪري وڃان، نه ته مشڪل آهي”. جواب ٻُڌي سوچڻ تي مجبور ٿي ويس! هُن جي درٻار هر وقت هر ڪنهن لاءِ کُليل ڏٺي سين، صبح جو ڪو مسلمان، ته شام جو هندو، منجهند جو مولوي، ته ٽپهريءَ جو مِسٽر، ڏينهن جو ڄاموٽ ته رات جو ٻروچ، هُو هر ڪنهن کي مان ڏيندو آهي. سڀنيءَ سان سندن ظرف مطابق هلندو آهي. هِن وَٽ جيڪو آيو، سو پنهنجو ظرف کڻي آيو ۽ پنهنجو ئي ظرف کڻي ويو. هُو هن ڌرتيءَ تي سَڀني جو ٿي آيو ۽ سَڀني جو ٿي رهي ٿو. اُن ڪري هن دور جا مسلڪ پرست، مشرب پرست، مذهب جا واپاري ۽ قبيلا ئيت جا قاضي، گوشت خورن جا حامي توڻي سبزي خورن جا صُحبتي ساڻس چڙندي ۽ ساڙ کائيندي به نظر ايندا آهن، پر هن کي ڪنهن جي به پرواهه ناهي. هُو پنهنجي راهه تي رمندو رهي ٿو، پنهنجي رُوح کان سوال ڪندو ۽ پاڻ ئي جواب ڏيندو وتي ٿو. ڪير بُرو چوي يا ڀلو چوي، عالم باعمل چوي يا عالم بي عمل، ديندار چوي يا دنيا دار، قدامت پسند چوي يا ترقي پسند هن کي ڪنهن جي پرواهه ناهي، پر جي آهي ته سڀ ڪنهن جي آهي. هُو هاٿي سان سينو ساهي سگهڻ وارو انسان ڪڏهن ڪڏهن مَڇر کان به خوف کائي وڃي ٿو. مَڇر کان خوف رکندڙ ڪڏهن ڪڏهن وري هاٿيءَ کي به دسي وجهندو آهي. هو تمام سادگي پسند ۽ سٻاجهڙي شخصيت جو مَالڪ آهي. کيس وقت جي اهل اقتدار سان به راهه رسم رکڻ جو خوب ڏانءُ اچي ٿو. مقامي سياست جا وڏا وڏا بُرج ساڻس ويجهڙائيءَ کي پاڻ لاءِ سڀاڳ سمجهن ٿا.
    سياست جي سياهه ڌنڌي جوا سزاوار هجن يا علم ۽ حڪمت جي ڪاروبار جا ڪارڪن. سَندس ڏاهپ، ڏات ۽ ڏانءُ اڳيان سڀئي ڄامڙا آهن. وڏا وڏا صاحب فتويٰ هجن توڙي اهل فيصله پر سندس اڳيان بانبڙا پائيندي نظر ايندا آهن.
    اُن جو نياءُ سڀني کان نرالو هوندو آهي. اُن ڪري وڏا وڏا مذهبي توڙي سماجي تڪرار ائين حل ڪري ويندا آهن، جيئن سُئي مان ڌاڳو ڪڍيو ويندو آهي. منٽن ۾ ڌريون کير کنڊ ٿي وينديون آهن. عمرڪوٽ ۽ پس گردائيءَ وارن ماڻهن وٽ اهڙا ڪئي مثال موجود آهن. ان سان مون پنهنجي زندگيءَ جون چار بهارون گذاريون آهن. هڪ وقت اهڙو به آيو جو سندس مڪتب ۾ آئون اڪيلو شاگرد بچيو هوس ۽ هُو اڪيلو ئي منهنجو اُستاد هو. هُو پڙهائيندڙ هو ۽ آئون پڙهندڙ، هُو ڏيندڙ هو ۽ آئون وٺندڙ، هو مطلوب هو ۽ آئون طالب. گڏ سفر به ڪيو سين. گڏجي روزا به رکيا سين. نمازون به پڙهيو سين. اهڙي ريت ان سان وڌيڪ لهه وچڙ ۾ رهڻ سبب اسان اُستاد شاگرد گهٽ ٻه ساٿي وڌيڪ پيا لڳندا هئا سين. صبح جو سوير فجر جي نماز پڙهي، آئون هڪ پاءُ کير جو ۽ پنج کارا بسڪيٽ وٺي ايندو هئس. جيڪي هڪ جماعتي وٽان مقرر ڪيل هوندا هئا. بعد ۾ ان جماعتي صاحب به وڃي پنهنجي مَسلڪ ۽ فرقي وارا ماڻهو هٿ ڪيا، اسان شايد ان جي معيار تي پورو نه لٿا سين. سو روزي بند ڪري ڇڏيائين. مڪتب ۾ اڌ مڻ واري ڪين جي دٻي ۾ هڪ چُلهه ٺهيل هوندو هو. اڪثر ڪري اُن تي صبح واري چانهه ٺاهي پيئندا هئاسين. اڌ آلين ڪاٺين سبب باهه کي ڦوڪون ڏئي ڏئي اکيون ڳاڙهيون ٿي وينديون هُيون. ڪڏهن ڪڏهن سُڄي پڻ پونديون هيون. پر جڏهن اندران ڪمري مان هِن جهوني جوڳيءَ کي اورنگزيب جي قيدياڻي ڌي زيب النساءِ “مخفي” جا بيت سُر سان جهونگاريندي ٻُڌندو هُئس، ته سڀ سُور لهي ويندا هئا. ويتر ڪيف ۽ سَرور جي مَستي نوان جذبا جاڳائي وجهندي هُئي. ناشتيءَ کان پوءِ اڪثر آئون اسڪول يا بعد ۾ ڪاليج هليو ويندو هُئس. پاڻ موڪلن جي ڏينهن ۾ صبح جي وقت ۽ پڙهائي وارن ڏينهن ۾ منجهند کان پوءِ مون کي درس نظاميءَ جا سبق پڙهائيندا هُئا. هِتي اگر ڪنهن ڳالهه جي پرده پوشي نه ڪجي، ته سچي ڳالهه اها آهي، ته هِن جهونجهار کان شريعت جا صاحب مُلا مولوي ۽ انهن جا طالب علم ڪناره ڪش ٿي هليا ويا هئا. طريقت جي هن طالب تي عجيب عجيب تبصرا پيا ڪندا هُئا. اُن ڪري ئي ته آئون اڪيلو شاگردن ۾ شاگرد ۽ هُو اڪيلو منهنجو اُستاد ئي بچيو هو. ائين اسان سڄا سارا ٻه سال اڪيلي اُستاد ۽ اڪيلي شاگرد طور گذارياسين.
    اڪثر ڪري منجهند جي وقت جڏهن سندس ڪهول وارا، صُحبتي، مُلاقاتي ۽ پسند ڪندڙ اچي مڙندا هُئا، ته تمام گهڻي رش ٿي ويندي هُئي. اهڙي حالت ۾ هڪ وڏو هِنڊو ٻوڙ جو ۽ مانين جو مينار هوٽل مان گهرائڻو پوندو هو، سو به اُوڌر تي. مٿان وري ساڳيو هنڊو ڌوئي ٻه ڪلو ڌونئرو ۽ پاڻي جا جڳ اوتي، پٽڙي لَسي ٺاهي پيئندا هُئا سون.
    پاڻ وڏو سخي آهي، بلڪه ڏاتار آهي. ڀٽائي زِندهه هُجي ها، ته سنڌ جي ڏهه ڏاتارن ۾ کيس ضرور شامل ڪري ها يا وري کيس پنهنجي شاعريءَ ۾ وڌيڪ سخاوت ڪندڙن جا ڪردار قلمبند ڪرڻ جي ضرورت پڻ پيش اچي ها ۽ ان ۾ اسان جي ڏاتار جو نام نامي اسم گرامي سڀني کان سرفهرست هُجي ها. هُو مونکي تمام گهڻو عزيز رکندو هو. قديم توڙي جديد ٻنهيءَ علمن ۾ رهنمائيءَ ڪندو رهيو. اڪثر ڪري عصر جي نماز جي وقت مڪتب مان نڪرندو هو، ته “ هنسراج” واڻئي کان اوڌر تي کٽمٺا وٺي، پهراڻ جا ٻئي کيسا ڀري نڪرندو هو. سونارا گليءَ جا ننڍڙا ننڍڙا ٻار اڳيان در جهليو بيٺا انتظار ڪندا هُئا. سونارن جا ٻار، مهاجرن جا ٻار توڙي خاڪروبن جا ٻار، هُو هِڪ هِڪ سان ملندو، پيار ڪندو، کٽمٺا کارائيندو، جڏهن مسجد پهچندو هو، ته ڪافي دير ٿي ويندي هُئي. جماعتين جا سُونڍ سُڄيل ۽ تيور بدليل هُوندا هُئا، پرڪنهن کي به مُنهن تي ڪجهه چوڻ جي همت هرگز نه ٿيندي هُئي. اُن ڪري سندن ڪُرڪا مونکي ٻڌڻا پوندا هُئا، پر حقيقت جي هِن غازيءَ کي اهڙن مجازي مجاورن جي ڪا پرواهه به نه هُوندي هُئي. آخرڪار انهن دل جي سوڙهن هِڪ سازش سَٽي کيس مسجد جي امامت کان به بي دخل ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو. ڪِٿي اهي اندر جا ڪارا ڪانءُ، ڪٿي اسان جو “هنج” پکيءَ مثل ماڻهو موتي مڻيادار. “جنهن کي خدا رکي، تنهن کي ڪير چکي”، سڀني کي ٻُوٿ جي کائڻي پئي. مايوسيءَ ۽ ندامت نصيب ٿين. تاريخ ۾ اهڙو مثال خليفه هارون رشيد جي حوالي سان پڻ ملي ٿو. خليفي صاحب تي هِڪ الزام مشهور ڪرايو ويو هو، ته پاڻ سندس ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث آهن. هِڪ ڀيري پاڻ شهر جي دوري تي نڪتا، ته هِڪ خاڪروب ٻئي خاڪروب ساٿيءَ کي چيو، ته “هن ماڻهو جڏهن کان پنهنجي ڀاءُ کي مارايو آهي، تڏهن کان منهنجي نظرن مان ڪِري پيو آهي”. خليفي صاحب اُهي لفظ ٻُڌي ورتا ۽ جواب ۾ فقط ايترو چيائون ۽ هلندا ويا ته
    (نڪ پاڻي ۾ ....... آسمان تي). هو به اهڙن نادانن کي ڪڏهن پنهنجي زبان جي ذريعي ته ڪڏهن عمل ۽ ڪردار ذريعي اهڙو ئي جواب پيو ڏيندو آهي. سچ پچ! هُو عشق جي راهه جو منصور آهي. اسان جي ظاهري ۽ ڏيکاءُ واري شريعت ۾ فِٽ نه ٿي سگهيو آهي. مونکي شڪ آهي، ته متان کيس منهنجو اهڙو تبصرو نه به وڻي، پر آئون انهيءَ ماجرا جو اکين ڏٺو گواهه به آهيان. ڪڏهن ڪڏهن آئون ڪا شيءَ پَچائڻ لاءِ چُلهه تي ويهندو هُئس ، ته هُو پڻ منهنجو مددگار ٿي ويهندو هو. پوءِ منطق جي اصولن جي روشنيءَ ۾ ڪي به ٻه تصوراتي اصول قائم ڪندو هو. اُن جو هڪ مثال ونڊجي ٿو. هڪ ڀيري ٻه اصول (principle) جوڙيا ويا. (1) گوشت دال کان بهتر آهي ۽ (2) دال گوشت کان بهتر آهي. پهريون اصول منهنجي سُپرد ڪيو ويو ۽ ٻيو پاڻ وٽ رکيائون، اُن تي خوب بحث ڪرڻ جو هُنر به سيکاريائين. علمي زندگيءَ ۾ اڳتي هلي ايشياءَ جي سرزمين جي ٻن وڏن علمي قطب مينارن مير سيد شريف جرجاني ۽ علامه تفتازانيءَ جي وچ ۾ اهڙو مباحثو ۽ مناظرو ڏسي حيران رهجي ويس. ٻنهي عالمن جو پاڻ ۾ ٻن نظرين (1) غصو انتقام جو سبب آهي (2) انتقام غصي جو سبب آهي. پهريون موقف مير سيد شريف جو هو ۽ ٻيو علامه تفتازانيءَ جو هو. ٻنهيءَ ۾ ڪئي روز تائين زبردست بحث ۽ مناظرو جاري رهيو. نيٺ علامه تفتازاني کٽي ويو ۽ مير سيد شريف جُرجاني هارائي ويو. مورخن لکيو آهي، ته مير صاحب انهيءَ هار جي ڏک ۾ ئي وفات ڪئي.
    انهيءَ سموري طويل داستان جو مطلب انهيءَ ديوقامت شخصيت جي وڏائي جا اصل اسباب عوام توڻي خواص اڳيان واضع ڪرڻ آهن. داستان تمام گهڻو ڊگهو آهي. شاعرا خاقاني جي شعر جو سهارو وٺندي ختم ڪجي ٿو.

    قصه هائي بنوشت خاقاني،
    قلم اين جا رسيد سر بشڪست.


    سوانح حضرت مولانا علامه سائين عبدالرحمان جمالي صاحب : پروفيسر حافظ نورمحمد نهڙي

    سنڌ جو ناميارو عالم دين بهترين فلسلفي حضرت مولانا سائين عبدالرحمان جمالي بن عبدالله بن جيئند بن آچار بن موسى بن عمر بن لونگ بن همرڪ بن مظفر بن ڪريم بن سرمان ذات زوڙ جمالي بلوچ آهي. زوڙ پشتو زبان جو لفظ آهي.

    خانداني پس منظر :
    پراڻي زابل افغانستان جي هلمند نديءَ جي ڪناري تي ( بست ) شهر جي ڀر ۾ جبل زوڙ تي اها قوم رهندي آهي. جبل تي هڪ مندر به زوڙ نالي هو جنهن ۾ رکيل بُت جو نالو به زوڙ هو جنهن جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. ان علائقي کي شاهه صاحب هاڙهي ڌڻي ڪري لکيو به آهي اهو تفصيل تاريخ ابن خلدون ۽ تاريخ خلافت مشرقي ۽ ٻين تاريخي ڪتابن ۾ حضرت عبدالرحمان بن سمره رضه جي فتوحات ۾ لکيل اچي ٿو.

    پيدائش :
    هاڙهي ۾ پيدائش جو سال 1934.35ع آهي مگر ان کان گهٽ وڌ به ٿي سگهي ٿو پر هي ڳالهه واضح آهي ته اها انگريزن جي عروج جو دور هو جنگ عظيم دوم جي شروعات هئي امريڪي فوجين جو اچڻ جنهن ۾ گهڻا ڪارا شيدي هئا ڪراچي جي ملير واري ڇانوڻي ان وقت زير تعمير هئي اتي فوجي هوائي جهازن جو اڏو هو.

    لسٻيلي کان هجرت ۽ ميرپورخاص ۾ اچڻ :
    مامي علي جي وفات کانپوءِ بابا سان گڏ لڏي اچي ميرپورخاض ۾ پير غلام رسول شاهه جيلاني جي ڳوٺ جي ڀر سان ٽوهه خاصخيلي جي ڳوٺ ۾ رهيا سندن والد مزدوري ڪندو هو ڪاٺيون وڪڻي گذرسفر ڪندو هو تڏهن ميرپورخاص ۾ واڻين جو عروج هو اهي مسلمانن کي ڄٽُ سڏيندا هئا. ميرپور ۾ لڏي اچڻ جو سال 1945ع آهي.
    1946ع ۾ اليڪشن ٿي مسلم ليگ جو اڳواڻ مير الهداد خان لانڍي وارو هو. ڪانگريس جو اڳواڻ غلام مصطفى خان ڀُرگڙي ۽ هندو سيٺ هئا. اليڪشن جي ماحول ۾ ئي 1947ع ۾ پاڪستان آزاد ٿي ويو.

    تعليم :
    1947ع ۾ ڪاماري شريف جي ڀرسان غلام حيدر سريوال جي ڳوٺ ۾ رهائش ٿي. اتي ڪمدار در محمد بروهي پنهنجي پٽ کي پڙهائڻ لاءِ اسڪول ۾ ان جو ساٿي ڪري ڇڏيو. پهريون پرائمري استاد هڪ ميگهواڙ هو جيڪو بعد ۾ مسلمان ٿي ويو ۽ ان جو نالو پير بخش پرديسي هو ان ايتري ته محنت سان پڙهايو جو اڻپور به سيکاري ڇڏيائين ۽ ٽنڊي الهيار جي زميندار حافظ عبدالعزيز پاٽولي جو منشي پڻ ٿيو. 1950ع ۾ ڳوٺ ولهيٽ وايا عمرڪوٽ ضلع عمرڪوٽ لڏي آيا. ولهيٽ آڻڻ ۾ مولوي محمد عيسى اڱاريو ۽ مولوي عبدالڪريم خاصخيلي جو هٿ هو .ولهيٽ جي مدرسي ۾ پرائمري مسلم اسڪول به هو جنهن جو هيڊ ماستر شيخ حضرت مولانا عبدالسميع ساند رح هو. اهو اسڪول خانگي هو جنهن ۾ ٻه استاد مولوي محمد طلحه پلي ۽ محمد الياس ملاح پڙهائيندا هئا. هوشيار ۽ ذهين هجڻ سان گڏوگڏ پير بخش پرديسي جي محنت ڪم ڏنو ۽ ولهيٽ جي اسڪول ۾ 1953ع ۾ پنجون درجو پاس ٿيو ۽ 12 فيبروري 1953ع ۾ ئي پرائمري استاد مقرر ٿيڻ جو آرڊر مليو.
    پرائمري اسڪول ۾ پڙهائڻ دوران ئي1372هجري ۾ عربي جي تعليم جي باقائده شروعات ٿي جنهن ۾ ميزان الصرف جيڪو محمد عثمان مروندي لعل شعباز قلندر جو لکيل ڪتاب آهي عربي جو پهريون ڪتاب هو ٻي سال 1373هجري ۾ نحومير شرح مائته، هدايته النحو، روضته الادب ۽ نور الا يضاع هو. ٽيئن سال فقه جو ڪتاب ڪنزالدقائق ڇوٿين سال شرح وقايه اول دوم، جامي، مقامات حريري، پنجين سال هدايه آخرين، عبدالغفور، مسلم، جلالين، هماسو ڇهين سال تفسير بيضاوي، مشڪوات شريف، مسند امام محمد، مسند امام ابو حنيفه ستين سال مسلم شريف، بخاري شريف، ترمذي شريف، نسائي ۽ ابن ماجه پڙهي، 14 شعبان 1377هجري مطابق 1957ع ۾ دستار بندي ٿي .هي سڀ ڪتاب مولانا عبدالسميع ساند رح کان پڙهندا رهيا ۽ شيخ هٿان دستار ٿين...

    درس وتدريس ۽ سندن شاگرد:
    ديني تعليم مڪمل ڪري 1958ع ۾ ڪاليج ۾ داخلا ورتائون 1961ع تائين مختلف فنون ۾ سنڌ ۾ نمبر کڻندا رهيا ۽ غلام مرتضيٰ ڀُٽي ٽريننگ ڪاليج ۾ ليڪچرار جي لاءِ 17 گريڊ واري پوسٽ ڏني .جنهن ليٽر تي ڊائريڪٽر غلام حسين جعفري جي صحيح هئي دنيوي علم به سائين عبدالسميع کان پڙهيا. انهيءَ ئي وقت سندن استاد مولانا عزيز الله ساند مولانا عبدالسميع ساند ۽ دوست عبدالڪريم خاصخيلي ۽ دوست حاجي محمد ساند سندن ڳوٺ آيا ۽ چيائون ته اسان جو مدرسو ڦٽي پيو اوهان هلي پڙهايو. تڏهن هُتان جواب ڏيئي استادن جي حڪم مطابق 1 مئي 1960ع ۾ مدرسه مظهرالعلوم ولهيٽ ۾ مدرس جي حيثيت ۾ پڙهائڻ شروع ٿيا. سنڌي تعليم لاءِ مولانا محمد طلحه پلي کي رکرايائون .عربي پڙهڻ لاءِ شروع ۾ 7 شاگرد هئا جنهن ۾ مولانا محمد طلحه پلي صاحب هو جيڪو اسڪول ۾ استاد به هيو.
    دستار بند عالمن جي پهرين کيپ 1967ع ۾ نڪتي جنهن ۾ مولانا محمد طلحه پلي مولانا عبدالڪريم نهڙي، مولانا گل محمد ساند ٻي جماعت 1972ع ۾ نڪتي جنهن ۾ مولوي محمد عباس گوگاسر، مولوي تاج محمد بن مولوي عبدالعفور راهمون ۽ مولوي عبدالحئي ساند ( موجوده مهتمم مدرسه مظهر العلوم ولهيٽ ) ٽئين کيپ 1974ع ۾ نڪتي جنهن ۾ مولوي محمد زمان ساند مولوي مقصود احمد مڪراني هئا ان کان پوءِ اختلاف ٿي ويا.
    سائين جي جاءِ تي مولانا غلام رسول کي نامزد ڪيو ويو جنهن چيو ته اوهان نه پڙهايو ان جي هدايت تي پڙهائڻ 1973ع ۾ بند ٿي ويو.

    مدرسه ولهيٽ ۽ رسالو قراني :
    ميان نصير جيڪو ميان عبدالڪريم جو ڏاڏو هو شاهه محمد اسماعيل شهيد ۽ سيد احمد شهيد جو لشڪر جڏهن سنڌ واري رستي پشاور ڏانهن ويو پئي. تڏهن ان وقت ميان نصير مدرسو هلائي رهيو هو .ان جي سيد احمد شهيد جي قافلي وارن سان ملاقات جو ثبوت ته نه ٿو ملي پر ان وقت 1265هجري ۾ ڪبيري جي حاشيي تي ميان نصير جي مولودن جي جوازلاءِ فتوى لکيل آهي.
    ميان نصير فتوى ۾ لکيو آهي ته مولود ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي تعريف آهي ان ڪري جائز آهن جڏهن ميلاد ۾ ساز ۽ وڄت آهي ان ڪري حرام آهي سنڌ ۾ مولود جو رواج سنڌي مزاج مطابق بغير ساز ۽ وڄت جي آهي جڏهن ته هندوستانين جي مزاج ۾ ميلاد ۾ ساز وڄت شامل آهي .ان ڪري اهو ناجائز آهي .مدرسو گهڻي عرصي کان هلي رهيو آهي .مولانا عبدالسميع سال 1949ع ۾ پڳ ٻڌي ۽ مولانا عزيز الله ساند جي چوڻ مطابق مدرسي جي تعليم جو ڪم جاري رکيو هو.
    1936ع ۾ رسالو “قراني” ولهيٽ جاري ٿيڻ ڪري مدرسي جي تعليم ۾ ڪجهه رڪاوٽون پيش آيون. ان ڪري مجبورن رسالو قراني ولهيٽ 1938ع ۾ مولانا عزيز الله ساند کي بند ڪرڻو پيو .جنهن جو ايڊيٽر به مولانا عزيز الله پاڻ هيو.
    مدرسه مظهر العلوم ولهيٽ 1184هجري کان اڄ تائين پنهنجي سنڌي مزاج جي شناخت ۽ عربي، ناظره ۽ حفظ جي تعليم جاري رکيو اچي راقم الحروف پڻ هن مدرسي ۾ سال کن پڙهيو آهي. مولانا عزيز الله ساند جمعيت علماءِ هند ٿر پارڪر جو جنرل سيڪريٽري هو نهايت عقلمند انسان هو. گهڻا ماڻهو پنهنجا فيصلا ان کان ڪرائڻ ايندا هئا.
    ان وقت ٽي ڏاها ماڻهو مشهور هئا 1 شاهه مراد شاهه کاروڙي وارو 2 سخي محمد پلي ڳوٺ محمد عالم پلي وارو 3 مولانا عزيز الله ساند ولهيٽ وارو. رسالو قراني ولهيٽ مدرسه ولهيٽ کان جاري ٿي رهيو هو .رسالي جي ورڪنگ ڪميٽي جي ممبرن ۾ صدر مولانا محمد علي جوڻيجو ايڊيٽر مولوي عزيز الله ساند سب ايڊيٽر ميان احمد هو ۽ مفتي عبدالڪريم ساند هو. بهترين مضمون نگار مولوي مبارڪ پلي. هو جنهن جي وفات 1939ع ۾ ٿي رسالي ۾ حق ۽ سچ بيان ٿيڻ ڪرڻ مولوي عزيز الله ساند ۽ مولوي محمد علي جوڻيجو تي وقت جي وڏيرن ڪيس ڪيو ته ان ڪري سياسي هلچل کي محدود ڪيو ويو ۽ رسالي کي 1938ع ۾ بند ڪيو ويو.

    جمعيت علماءِ اسلام جي امارت :
    جمعيت علماءِ اسلام جي پليٽ فارم تان جڏهن ڊاڪٽر خالد محمود سومرو شهيد جي ڪوششن سان ڪالاباغ ڊيم جو مسئلو اٿاريو ويو تڏهن ان ۾ سائين جن خصوصي ڪميٽي جا ممبر رهيا ۽ فتوى جي لکڻ ۽ عام ڪرڻ ۾ وڏيون ڪوششون ڪيائون. شريعت مطابق فتوى ۾ هي ثابت ڪيو ويو ته ڪالاباغ ڊيم نا جائز آهي. پهرين سنڌو درياءُ جي پاڻيءَ تي پڇڙي وارن جو حق آهي. اها فتوى ماهوار رسالي شريعت ۾ پڻ شايع ٿي جنهن تي سنڌ جي اڪابر علماءِ کان سواءِ ڪراچي جي علماءِ جون به صحيحون موجود آهن.
    هن وقت به سائين جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان جا مرڪزي رڪن آهن ۽ پيرا نه سالي ۾ پڻ مرڪزي اجلاسن ۾ شرڪت لاءِ ويندا آهن ۽ سڄي پاڪستان جا عالم سڳورا سائين جي وڏي عزت ۽ احترام ڪندا آهن.1995ع کان 2002ع تائين سائين جن جي يو آءِ ضلع عمرڪوٽ جا امير رهيا.

    سائين جن جي علمي قابليت :
    سائين جن جي علمي قابليت جي باري ۾ جيڪڏهن ڪماحقه لکيو وڃي ته هن ڳالهه ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته پاڻ ديني علم سان گڏوگڏ دنياوي ليکڪن کي به سُٺي نموني پڙهيو آهي .تاريخ اسلام ،تقابل اديان پر برصغير جي تاريخ ۽ جغرافيائي سياسي لحاظ کان به پنهنجي هم عصر عالمن کان گوءِ کڻي ويا آهن. مون جڏهن به سائين جن کان ڪو مسئلو پڇيو ته پاڻ بروقت نه صرف مطمئن ڪيو پر ڪتابن جي حوالن سان ثابت ڪيو .جڏهن ته ٻين مفتيان ڪرام کان پڇيو ته انهن چيو ته ڪتاب ڏسي پوءِ ٻڌائينداسين جڏهن ته سائين ٻڌائيندا آهن ته هي فلاڻي فتوٰ ۾ مسئلو موجود آهي وڃي تصديق ڪر.
    سائين جن جو مئوقف آهي ته فتوى اهڙي ڏجي جنهن ۾ پوري مسلمان امت جي ڀلائي هجي ۽ عوام توڙي خواص انکي قبول ڪن ۽ فتوى جنهن تي مڪمل عمل درآمد ٿئي ٻئي ڌريون فيصلي تي عمل ڪن مولانا ٿانوي کي حڪيم الامت ان ڪري سڏيو ويو جو اهي مسئلن ۾ فتوى سان گڏوگڏ حڪمت بصيرت کان ڪم وٺندو هو.

    خلافت ۽ بيعت :
    سائين جن جو سال 1958ع سيد جلال الدين شاهه مٺياڻي واري جي معرفت حضرت حماد الله هاليجويءَ سان بيعت جي ارادي سان وڃڻ جو پروگرام ٿيو .خيرپور شهر ۾ سرڪاري طرح تعليمي ڪانفرنس هئي حيدرآباد کان ان ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ نامزد ڪيو ويو اتان کان هاليجي ويجهو هو. سائين جن جا ڀاڻيجا سندس دوست هئا انهن رهنمائي ڪئي انهيءَ پروگرام ۾ ميرپورخاص کان مولانا عبدالحق رباني آيو جنهن سان مشورو ڪيائون. مولانا چيو مشورو امانت آهي .مولانا هاليجوي بهترين عالم ۽ سٺو انسان آهي تون به سٺو ماڻهو آهين پر پيري بادشاهي جي شاخ آهي ان ۾ پيءُ کان پوءِ پٽ گادي نشين ٿيندو آهي سڀ برصغير جون گاديون انهي اصول تي قائم آهن جنهن ڪري قرآن مجيد جي قانون مطابق خلف من بعد خلف اضا عوالصلواه جي اصول تي عامل ٿيا ۽ قوم جي تباهي ڪري ڇڏيائون نه تون مولانا جي پوئين کي چئي سگهين ٿو ته هو مولانا جي تابع رهندا ۽ نه تون سندس پوئين لاءِ چئي سگهين ٿو ته هوتو جهڙا صحيح ديندار رهندا ان ڪري آئون بيعت جي حق ۾ مشورو نه ڏينديس .ان کان پوءِ مون بيعت نه ڪئي ۽ ان جو افسوس سڄي عمر آهي ۽ رهندو حاجي حسين شجاع آباد وارو مولانا عبدالله بهلوي جو خليفو هو انهن سائين جن کي چئني طريقن ۾ اجازت ڏنائون ۽ اڳتي ذڪر ڏسڻ جو به حڪم فرمايائون انهيءَ ڪري سڀ کان پهرين جنهن کي ذڪر ڏنائون اهو شاهه مراد شاهه کاروڙي وارو هو جنهن کي ستن لطيفن جي سائين جن اجازت ڏني جنهن جي الله کان سواءِ ڪنهن کي به خبر ناهي مولانا .ٿانوي جو ڪتاب نوادر وبوادر مطالع ڪيائون جنهن ۾ لکيل هو ته مرشد لاءِ شرط آهي ته عالم هجي اها ڳالهه سائين جن حاجي حسين رح سان ڪئي. ۽ اجازت ورتائون ته آئون ڪنهن عالم سان بيعت ڪريان پاڻ اجازت ڏنائون سائين جن مولانا محمد حسن عباسي رح ( جيڪو لاهوري جو خليفو ) هو ان سان قادري طريقي ۾ بيعت ڪيائون جيڪو بيعت کان پوءِ جلد وصال ڪري ويو.

    جامع مسجد عمرڪوٽ جي نگراني :
    جامع مسجد عمرڪوٽ جو پلاٽ 1930ع کان ورتل هو جيڪو قاضي نورمحمد پلي رح ورتو هو، هن وقت به جامع مسجد جي خطبي واري لٺ جيڪا بهڻ جي ٺهيل آهي. ۽ هالامان ٺهي آئي آهي. ان جو رنگ به ان وقت جو آهي جيڪو نه لٿو آهي. مولانا قاضي نورمحمدپلي حضرت قراني رح جو شاگرد هو .جامع مسجد جا پيش امام مولانا عبدالحڪيم چيل وارو، مولانا عبدالخالق پلي، مولانا محمد مبارڪ پلي ۽ ٻيا علماءَ قراني جماعت جا هئا. 1964ع کان جڏهن هن مسجد جي تعمير ڊاڪٽر بنگالي ۽ سول جج محمد دائود جي نگراني ۾ ٿي. ان تعمير ۾ چندي ۾ حصو وٺندڙ رئيس غلام محمد کوسو فقير محمد خان چانگ، محمد بچل ڪنڀار، سائين عبدالسميع ساند مولانا عزيز الله ساند محمد حسين ناگوري ياسين خان اڌيپوري هئا. اها مسجد 1964ع ۾ ٺهي جنهن جو پهريون صدر غلام محمد ٻيو فقير محمد خان چانگ، ٽيون ياسين خان اڌيپوري، چوٿون حاجي الهداد خان کوسو ۽ سائين جن به هن نيڪ ڪم ۾ مشورا ڏيندا رهيا. ۽ تعاون ڪندا رهيا. آخر ۾ صدر حاجي غلام مصطفى ناگوري ۽ حاجي سراج الدين سومرو رهيا. 1990ع کان اڄ تائين مسجد جو مڪمل نظام سائين جن هلائي رهيا آهن.
    سائين جن جي سنڀال کان پوءِ مظهر العلوم شاخ ولهيٽ جو به بنياد رکيو ويو. جيڪو وفاق سان ملحق آهي. ۽ ( شهادت العالميه) جي سند ايم اي عربي، ايم اي اسلاميات، ايم اي اسلامڪ ڪلچر جي برابر آهي. جنهن ۾ دوره حديث سائين پاڻ پڙهائيندا اچن پيا ۽ مدرسو بنات پڻ هلي رهيو آهي اڄ تائين ڪئي علماءَ ۽ عالمات پڙهي فارغ ٿيا آهن. سائين جن وٽ سند حديث حضرت علامه مخدوم هاشم ٺٽوي رح جي به آهي جيڪا گهٽ ۾ گهٽ واسطن سان امام بخاري رح تائين پهچي ٿي. اها سند سائين جن کان مُلڪي توڙي غير ملڪي علماءَ برڪت لاءِ حاصل ڪندا رهن پيا. هن وقت تائين ڪافي تعداد ۾ علماءِ هن سند سان مستفيض ٿي چڪا آهن. مولانا محمد هاشم ٺٽوي رح اتحاف الاڪابر ۾ لکن ٿا ته اها سند قريب ترين آهي. جنهن کي دنيا جي سمورن علمي مرڪزن قريب ترين سند طور منظور به ڪيو آهي. مولانا محمد تقي عثماني مفتي اعظم مولانا محمد رفيع عثماني رح مولانا عبدالحليم چشتي استاذ تخصص في الحديث مدرسه اسلاميه نيوٽائون، مسجد نبوي، مسجد حرام ۽ پوري دنيا جا عالم سڳورا هن سند جي اجازت حاصل ڪري چڪا آهن ۽ ٻيا کوڙ سارا علماءِ اجازت حاصل ڪري رهيا آهن.
    سند حديث سائين جن کان 19 واسطن سان امام بخاري رح تائين :

    1 عبدالرحمان جمالي
    2 محمود احمداني
    3 لعل محمد
    4 حافظ عبدالولي
    5 آخوند محمد هارون
    6 محمد عثمان
    7 نور محمد نصرپوري
    8 محمد هاشم ٺٽوي
    9 مخدوم عبدالقادر
    10 محمد ابراهيم
    11 عبدالله لاهوري
    12 قطر الدين
    13 احمد نهروالي
    14 محمد بن عبدالله
    15 معمر بابا يوسف
    16 محمد بن شادبخت
    17 مقبل بن شاهان الختلالي
    18 محمد بن يوسف
    19 محمد بن اسماعيل بخاري رح
    ( هن حديث جي سند کي جن جن ملڪي توڙي غيرملڪي عالمن حاصل ڪئي آهي انهن جي نالن جو رڪارڊ مدرسه مظهر العلوم شاخ ولهيٽ گولي مار نزد ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ ۾ موجود آهي. ان کان تصديق ڪري سگهجي ٿي. )

    سائين جن جو سياسي ۽ سماجي ڪردار :
    سائين جن بلاتفريق خلق جي خدمت سياسي توڙي سماجي طور تي ڪندا رهيا آهن. هندو توڙي مسلمان پنهنجا سماجي فيصلا سائين جن کان ڪرائيندا رهيا آهن. عمرڪوٽ ۽ پوري علائقي واسي سندس خدمتن کان مستفيض ٿيندا رهيا آهن.
    پاڻ اهڙا اهڙا فيصلا ڪيا جن ۾ اتحاد، اتفاق ۽ محبت جو سبق ملي ٿو. ڪئي قومن جا تنازعات ۽ ڪئي قومن جا فيصلا سائين جن ڪري انهن کي کنڊ کير ڪري ڇڏيائون. سياسي لحاظ سان به سائين جن جي پهچ وقت جي ايم پي اي ايم اين اي تائين رهي آهي ۽ سائين جي وڏي عزت ڪن ٿا. سائين جن جا فيصلا ۽ فتوائون پوري علائقي واسين لاءِ رحمت جو سبب بڻيا. 1970 ع ۾ سائين شاهمراد شاه، مولوي ڪريمڏنو عرف مولوي اصغر شاه ۽ سندن ڀائر وچ ۾ ٻني جي ورهاست لاءِ جيڪا عالمن جي جماعت معاون ۾ مددگار هئي. مونالا عبدالرحمان جمالي به انهن عالمن ۾ شامل هو.( واضح رهي ته شاهه مراد شاهه موجوده صوبائي وزير ثقافت ، سياحت ۽ آثار قديمه ۽ ناليواري اديب سيد سردار شاهه صاحب جو ڏاڏو هو. )

    سائين جن بهترين مناظر :
    سائين جن علمي لحاظ سان بهترين مناظر هئا. ڪيترائي مناظرا ڪيائون .جن ۾ وڏو مناظرو بُلبل پاڪستان مولانا محمد شفيع اوڪاڙوي سان ٿيو. جڏهن هو جامع مسجد عمرڪوٽ ۾ ڪن دوستن جي چوڻ تي تقرير ڪرڻ لاءِ آيو. اها تقرير سائين جن ٻُڌي رهيا هئا. ان کان پوءِ سائين جن رئيس الهداد کوسو جي بنگلي تي اوڪاڙوي سان مناظرو ڪيو. جنهن ۾ اوڪاڙوي کي هارائون تنهن کان پوءِ جامع مسجد جي ڪميٽي فيصلو ڪيو ته اها مسجد هاڻي سائين جن جي حوالي ڪري ڇڏ جي. ان کان بعد اڄ تائين جامع مسجد سائين جن جي حوالي آهي. ان کان پوءِ اڄ تائين ڪو به مولوي سائين جن سان مناظري جي جرات نه ڪري سگهيو آهي ۽ نه ئي ڪري سگهندو. الله سائين جن جو سايو هميشه لاءِ اسان تي قائم رکي. آمين

    سائين جن جا اخلاق :
    سائين جن انتهائي نرم دل، ملنسار ۽ اعلى اخلاق ۽ ڪردار جا مالڪ آهن. مهمانن کي هميشه خوش اخلاقي سان ملندا آهن ۽ سندن خدمت کان سواءِ ڇڏيندا ڪو نه آهن.
    دوستن کان سواءِ جيڪي سائين جن جا مخالف ساڻن ملڻ لاءِ ايندا آهن ته پاڻ انهن سان اهڙي طريقي سان ملندا آهن جو انهن کي محسوس به نه ٿيندو آهي. جڏهن کائنس ڪو گلا ڪندو آهي ته پاڻ روڪيندا آهن ۽ چوندا آهن ته اسان جي سامهون ڪنهن جي گلا نه ڪريو ۽ هر ماڻهوءَ سان ڀلائي ڪريو. ڀلائي نه ٿا ڪري سگهو ته ان جي لاءِ برائي جو نه سوچيو سندن خدمت ۾ هميشه ويندو رهندو آهيان پر سائين جن کان ڪڏهن به ڪنهن مخالف جي گلا نه ٻڌم . پيرا نه سالي جي باوجود اٿي ملڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ خدمت کان سواءِ ڪو نه ڇڏيندا آهن. سائين جن عمرڪوٽ نه پر پوري سنڌ جي عالمن ۽ عوام لاءِ الله جي طرفان عظيم نعمت آهن.

    حُليو مبارڪ :
    پاڻ انتهائي سادي مزاج جا آهن پٽڪو ۽ ڪلهي تي اجرڪ سُفيد چمڪندڙ ڏاڙهي، وچولو قد، ڪڻڪو رنگ، نرم نازڪ هٿ، اڇا ڪپڙا شلوار قميص هميشه زيب تن هوندي آهي. پاڻ چوندا آهن ته منهنجو شيخ سائين عبدالسميع ساند به هميشه ڪُلهن تي اجرڪ رکندو هو ان ڪري آئون اجرڪ ڪلهن تي رکندو آهيان.
    سائين جن جو پيغام سنڌي عوام لاءِ :
    آئون سائين جن جي آتم ڪٿا لکي رهيو آهيان اهو سائين جن جي زباني لکايل ڪتاب انشاء الله جلد منظر عام تي ايندو، جنهن ۾ انتهائي اهم انڪشافات، تاريخي ڳالهيون اهم فتوائون ۽ فيصلا لکيل آهن هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ سائين جن جي شخصيت اجاگر ٿيندي. الله تعالى تاڄمار سائين جن جو سايو اسان تي قائم و دائم رکي ( آمين ) سائين جن جو سنڌي عوام لاءِ پيغام هي آهي ته پنهنجي سنڌي قوم جي بلا تفريق خدمت ڪريو. اها خدمت علمي هجي يا اخلاقي هجي يا ديني ـ شرعي فتوى جي صورت ۾ هجي. پاڻ فرمايائون ته هن وقت سڀ مسلم امت پريشاني ۾ آهي خاص طور تي عالمن تي اهو فرض آهي ته هو اسلام جا علمي اخلاقي ۽ سماجي اقدار پيش ڪري اسلام جي حقيقي روح کان قوم کي روشناس ڪن ته جيئن ڀٽائي رح جي هن شعر جا مصداق ٿي سگهن.

    سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
    دوست تون دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

    ( سائين جمالي صاحب جن جي زباني لکايل آتم ڪٿان تان ورتل )


    علم ۽ عرفان جي مجسم شڪل مولانا عبدالرحمان جمالي : عبدالحليم سومرو

    تعصب ۽ تنگدلي جي دکندڙ ڍير تي آباد عمرڪوٽ جو شهر تڏهن آگم آگم بڻجي آيل هڪڙي مهربان ڪڪر جو آسِيس محسوس ڪندو آهي جڏهن سفيد لباس تي سنڌي ڀير واري اڇي پٽڪي ۽ ٻپڙي اجرڪ سان هن دور جو بيمثال عالم ۽ اسڪالر مولانا مفتي حاجي عبدالرحمان جمالي صاحب پنهنجي صوفياڻي حجري مان نڪري شهر جي ڪنهن رستي تي ايندو آهي.
    عمرڪوٽ شهر جي هر هندو، مسلمان، سک، عيسائي ۽ ڪميونسٽ جون اکيون ساڳئي ۽ هڪجهڙي احترام سان سندس آڌر ڀاءُ رڳو انڪري ڪنديون آهن جو هو سڀني جو سڄڻ آهي.
    آگم ڪيو اچن ، سڄڻ سانوڻ مينهن جيئن
    پاسي تن وسن، جي سڀ ڄماندر سڪيا.
    هو سنڌ جي انهن ديني عالم سڳورن جو تسلسل آهي جن جي دليلن ۾ ڪنهن جي لاءِ به ڪڏهن دوئي نه رهي آهي.
    مولانا محمد هاشم ٺٽوي رح کان مولانا عبدالرحمان جمالي تائين سنڌ ۾ عالم سڳورن جي هڪ اهڙي تسبيح موجود رهي آهي جنهنجو هر مڻيون ڪنهن اهڙي موتي مثل آهي جنهنجي قيمت ڪنهن به دور جو ڪو به سڪو ڪَٿي ناهي سگهيو. فضول قسم جي فتوائن جون فيڪريٽريون کولڻ بدران هنن سنڌي عالمن ڪڏهن مولانا تاج محمود امروٽي ڪڏهن عبيدالله سنڌي ڪڏهن عبدالڪريم ٻير واري ڪڏهن محمد صادق کَڏي واري ڪڏهن عبدالڪريم مسڻ واري ڪڏهن محمد عثمان قراني ڪڏهن خالد محمود سومري ته ڪڏهن مولانا عبدالرحمان جمالي جي روپ ۾ هيڻن جي همراهي ڏاڍن کان بغاوت، وطن، دوستي، قومي ننگ ۽ ناموس جي حفاظت، غيرت ۽ مڙسي جا اهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن جو مٿن سنڌ صدين تائين ناز ڪندي رهندي.
    سنڌي عالم سڳورن جي تسبيح جو هي امُلهه داڻو 1934ع ڌاري مرحوم عبدالله زوڙ جمالي جي گهر پيدا ٿيو سنڌ ۽ بلوچستان جي ثقافتي سنگم واري شهر لسٻيلي ۾ جنم وٺندڙ مولانا جمالي اڃا ٻالڪپڻ ۾ ئي هو ته سندس ڪٽنب تعلقي ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ غلام حيدر لغاري ۾ اچي آباد ٿيو جتي هن پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ شروع ڪئي.
    ننڍپڻ کان ئي سندس ذهني لاڙو ديني تعليم ڏانهن وڌيڪ هو تنهنڪري کيس تعلقي عمرڪوٽ جي قديم ديني درسگاهه “ ولهيٽ” ۾ داخل ڪرايو ويو جتان 1957ع ۾ فارغ التحصيل جي سَند حاصل ڪندي دستاربندي ڪئي. جمالي صاحب کي علم جي تلاش مدرسي واري تعليم جي تڪميل تي به اڪتفا ڪرڻ نه ڏنو تنهنڪري پاڻ وڌيڪ عربي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان 1959ع ۾ مولوي عربي، 1960ع ۾ عالم عربي ۽ 1961ع ۾ فاضل عربي جا امتحان امتيازي نمبرن سان پاس ڪيا.
    1990ع کان جامع مسجد عمرڪوٽ جي خطيب ۽ ٻن ديني مدرسن جي مهتمم جي حيثيت ۾ سائين جمالي صاحب هر وقت شهر ۽ پسگردائي جي امن ۽ ڀائيچاري لاءِ رواجي ملن ۽ وڏيرن جون الزام بازيون سهندي به انسان دوستي وارو هر اهو عمل جاري رکندو آيو آهي جيڪو سندس سلسلي جي بزرگن کان هڪڙي مقدس امانت جي طور تي ڏانهس منتقل ٿيو آهي.
    چار پنج سال اڳ هولي جي موقعي تي شهر ۾ مذهبي تفرقي بازي جي ڀڙڪيل باهه سڀ ڪجهه رک جي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏي ها. جيڪڏهن مولانا جمالي صاحب اڳواڻي وارو ڪردار ادا نه ڪري ها .هن جي عمرڪوٽ ۾ مذهبي ڀائيچارو قائم ڪرائڻ جا ڪيترائي مثال آهن ان ۾ هڪڙو بي مثال ڪارنامون هي به آهي ته هن هڪ پروگرام ۾ هڪ ڀيل سان گڏ اڌ اوبر پاڻي پي مذهبي رواداري جو ثبوت ڏنو. جيڪو هڪ مذهبي عالم هئڻ ناتي غير روايتي عمل آهي. مولانا جمالي صاحب کي وطن دوستي به ڇاڪاڻ ته ورثي ۾ ملي آهي تنهنڪري ملڪ جي حڪمرانن جڏهن سنڌ ڌرتي جي ساهه پساهه جهڙي درياء تي بند ٻڌڻ جو نا پاڪ اعلان ڪيو تڏهن سنڌ جي وطن دوست باغي شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومري ٽن عالم سڳورن تي هڪڙي ڪميٽي تشڪيل ڏني جن شرعي طرح ڪالاباغ ڊئم کي ناجائز قرار ڏيندي عالما نه فتوا جاري ڪئي انهن ٽن عالمن مان هڪڙو عالم سڳورو اسانجو هي ڇپر ڇانو مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب آهي.
    جکرا ! جيئين شال، تنهنجو مَدو ڪنين مَ سُڻان
    ڪيترن ئي تحقيقي مضمونن ۽ مقالن سان گڏ فارسي جي خوبصورت شاعره زيب النساء مخفي جي ديوان جو سنڌي ۾ ترجمون ڪندڙ سڄي دنيا جي سوين طالبعلمن کي سنڌي عالمن جي سَند سان نوازيندڙ، مذهبي تعصب جي هر طوفان اڳيان کير ٿر جبل وانگر کڙو ٿي بيهي ڏاڍ ۽ جبر جي قوتن لاءِ للڪار بڻجندڙ عالم محقق مترجم اديب ۽ اسڪالر مولانا عبدالرحمان جمالي کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته سنڌ جي عظيم باغي ۽ انقلابي مولانا عبيدالله سنڌي سان گڏ ڪابل کان ماسڪو تائين اڙانگا پنڌ ڪندڙ ۽ سر گشت ڪابل جهڙو ڪتاب لکندڙ سنڌ جي محبوب انقلابي مولاناعبدالله لغاري رح جي جنازي نماز به مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب پڙهائي هئي .
    مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرين کي
    تنين سنڌي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي
    سائين عبدالرحمان جمالي صاحب پنهنجي ڪردار جدوجهد ۽ ايپروچ سان پنهنجي عظمت ۽ مقام کي بلندين تائين پهچايو آهي جيڪا صوبي سنڌ سميت پاڪستان ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيتري مولوين جي حصي ۾ آئي آهي. سائين هڪ غير معمولي ۽ غير راويتي مولوي آهي. جنهن ديني ڪتابن سان گڏوگڏ دنيوي ڪتابن کي ڦلهوريو آهي ۽ پنهنجي اجتماعي سوچ ۽ علم وسيلي هن خطي جي ماڻهن سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويٺل ماڻهن کي روشناس ڪيو آهي. هن شخص عمرڪوٽ جي متنازعه ماحول ۾ رهندي محبت امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي ۽ انهي جو ئي پانڌئيڙو رهيوآهي. جيڪا پڻ سندس هڪ سڃاڻپ آهي. سائين پنهنجي علم ۽ عمل ۽ ڪردار وسيلي پنهنجا مختلف فڪر سان تعلق رکندڙ ڪيترائي مداح پيدا ڪيا آهن ۽ آئون سندس مداح هجڻ کي پنهنجي خوشنصيبي به سمجهان ٿو ۽ دعويدار پڻ آهيان.
    اسان کي گهرجي ته اهڙي املهه ڪردار ۽ عظمت جي مالڪ هن شخص جي پيغام کي عام ڪيون ته جيئن بهترين مثال قائم ٿئي ۽ سماج ۾ اجتماعيت کي فروغ ملي. يقينن اهو پيغام اسان عام ڪنداسين ته باهه ۾ ڀڙڪندڙ سماج کي سڪون جون چند گهڙيون ميسر ٿي سگهن ٿيون..


    مولانا عبدالرحمان جمالي سماجي رواداري جو ڪردار : پريتم پياسي

    ڪنهن به زندهه شخص جي فڪر، فن ڪارنامن ۽ ڪاوشن بلڪه ان جي زندگي جي ڪنهن پهلو تي لکڻ کڻي ناممڪن نه به هجي ته به بيحد ڪٺن ڪم ضرور آهي. اهو به تڏهن جڏهن هڪ شخص معتبر ۽ عالم هجي.
    مجنون کوسي کي ته خبر ناهي ڪيئن خيال آيو ۽ ڪئين نج ڳوٺاڻا لفظ ۽ محاورا يا د پيا جو هن مسڪين جهان خان کوسي جي حياتي ۾ ئي هڪ قابل داد ڪتاب لکي ورتو. مگر اهڙا خيال عمرڪوٽ جهڙي پسمانده علائقي ۾ سامي فائونڊيشن وارن کي اچن ٿا ته، اهو هڪ معجزو چئبو ۽ سندس ڀلا ڀاڳ پڻ چئبا. ڪنهن شخص کي ان جي حياتي ۾ ئي اهڙي مڃتا ملي ته اها ان شخص جي خوشنصيبي ته چئبي ئي پر ان اداري جي به وڏائي، وڏ ماڻهپو ۽ عزت چئبي ،جنهن اهڙو مان ۽ مرتبو بخشيو، نه ته عموما اهڙا ڪتاب ۽ سيمينار مئي پڄاڻا ملهائبا آهن . عمرڪوٽ ضلعي ۾ سامي فائونڊيشن وارا کيرون لهڻن جن هي غيرروايتي ڪم سرانجام ڏنو آهي.
    محترم مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب تي لکڻ مون لاءِ به هڪ وڏي سعادت جو ڪم آهي .مگر اهو اعزاز ڏيڻ به ان ئي اداري جي مرهون منت آهي .مولوي صاحب تي لکڻ لاءِ اڄ جئين ئي ڪاغذ ۽ قلم کڻي لکڻ وٺيس ته منهنجي لاءِ شعور ۾ جمع ٿيل ڪن منظرن مان هڪ منظر ذهن تي تري آيو منظر ۾ “ معمور صاحب ” ۽ مولوي عبدالرحمان جمالي صاحب کي ڪنهن هنڌ بيٺل محو گفتگو ڏسان پيو. جيڪي بنهه بي تڪلف ڳالهيون ڪري رهيا آهن. سوچيم ! معمور صاحب سان مولوي صاحب جا تمام گهرا تعلقات رهيا هوندا جن کي ڪيترائي ڀيرا مختلف هنڌن تي گڏوگڏ ڏٺم مگر انهن جي ڪچهرين ۾ موضوع گفتگو جي اڄ ذري جيتري به ڄاڻ ناهي ۽ اها به ڄاڻ ناهي ته انهن جا تعلقات ڪهڙن بنيادن تي رهيا مگر جمالي صاحب سان ڪيل مختصر گفتگو کان پوءِ خبر پئي ته انهن ڪافي عرصو گڏ گذاريو ۽ هڪ استاد وٽ پڙهيا . منهنجو استاد سائين الهبچايو مشتاق آريسر صاحب ڪتاب بيباڪ شخصيت ۾ رقم طراز آهي ته.
    مولوي عبدالرحمان جمالي جو اصل تعلق بلوچستان جي علائقي سان آهي پاڻ جيئن مولانا عزيز الله ساند وٽ پڙهڻ آيو ته اتي ئي ولهيٽ ۾ رهي پيو. جمالي صاحب ٽريننگ ڪاليج ۾ معمور صاحب سان گڏ هئا ۽ هڪ سال سينيئر هئا پاڻ هن وقت به اها ڳالهه وڏي فخر سان چوندا آهن ته معمور صاحب اسان ڏاڙهي وارن عالمن کان وڌيڪ ديني محاذ تي ڪم ڪيو آهي..
    هائي پڪ ڄاتم ته مولوي صاحب جا معمور صاحب سان تمام گهرا تعلقات هڪ طويل عرصي تي محيط هئا. ان جو علم تڏهن ٿيو جڏن آئون شعوري طور ڪجهه سمجهڻ جي لائق ٿيس ۽ وڌيڪ تڏهن جڏهن جمالي صاحب جون علمي ۽ ديني خدمتن کي هڪ پاسي تي رکندي خالص انسانيت جي بنياد تي اقليتن جي حقوق لاءِ جاکوڙيندي ۽ انهن جي دل رکڻ ۽ دل کٽڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندي ڏٺم. تڏهن سورنهن آنا پڪ ٿي ته مولوي صاحب ۽ معمور صاحب جدا محاذن تي ڪم ڪرڻ باوجود هڪ ئي فڪر ۽ سوچ جا مالڪ هئا. بلڪه هڪ جان ٻه قالب .هئا اهو سڀ ڪجهه جمالي صاحب جي ڪردارن مان به روشن سج جيان عيان لڳي پيو، منهنجن انهن وهمن ۽ خيالن تي جمالي صاحب هڪ ملاقات ۾ چٽو اظهار ڪري حقيقي اظهار جو ٺپو ثبت ڪري ڇڏيو .مولوي صاحب جي چوڻ موجب ته معمور صاحب سان فڪري هم آهنگي هئڻ جي باوجود نهايت ئي برادرانه تعلقات هئا. ٻئي عالم هڪڙي ئي استاد جا شاگرد هئا ٻئي ڄڻا والدين جي همت افرائي کانسواءِ پنهنجي همت ۽ بل بوتي تي پڙهيا ۽ عالم بنيا ٻنهي جو هڪ ٻيو استاد معمور صاحب جو وڏو ڀاءُ مولانا عبدالخالق جن به هئا. 1952ع ڌاري فائينل جي امتحان ۾ معمور صاحب پهريون نمبر حاصل ڪيو ته جمالي ٻيو، ٻنهي گڏ جي اديب عالم ۽ اديب فاضل جا امتحان ڏنا. معمور صاحب فارسي جا پيپر ڏيندو هو ته مولوي صاحب عربي ۾، ٻنهي ۾ خودي ساڳي هئي ۽ آهي نه ڪنهن جي ڪڏهن خوشحامند ڪئي نه ڪنهن اڳيان جهڪيا، مولا جيڪو ڏنو اهو گنج ۽ ان تي راضي .
    معمور صاحب جنهن سان ماضي جون انيڪ يادون سلهاڙيل آهن، جڏهن به ڪا ياد هنيين تي هرندي آهي ته اکيون نم ٿي وينديون آهن .معمور صاحب جيڪو پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن ته هو ئي پر سچ پڇو ته هو انيڪ محبتن جو هڪ خوبصورت مجموعو به هو، اڃان به وڌيڪ ائين کڻي چئجي ته هو محبتن جو ديوتا هو، بي سهارن ۽ لاچارن جو ڀرجهلو هو، مسيحا هو، معزز، معتبر، قداور ۽ سمنڊ کان به گهري دل رکندڙ انسان، ڪائنات کان به وسيع سوچ، پالڻهار کيس هر خوبي عطا ڪري موڪليو هو. ڇا ته مرد مٿير، دلبر شخص هو ڪلين شيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن زيرلب ته ڪڏهن زبرلب، نڪ جي هيٺيان نمودار ٿيندڙ مڇن جو مجموعو ڪپڙا هميشه سفيد ۽ سادا مگر هردم صاف ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪارو ڪوٽ زيب تن ڪندا هئا ته شخصيت ۾ ٻيڻو نکار پيدا ٿي پوندو هو. ڪشادي دل جيان ڪشادي دسترخوان تي به گڏ ويهي جڏهن شڪم پوجا ٿيندي هئي ته محبتن ۽ سخاوتن جو هڪ باوقار امتزاج پيدا ٿي پوندو هو، نه رنگ نه نسل، نه ذات نه پات، نه عربي نه عجمي، نه هندو نه مسلمان نه ڪارو نه گورو، اصل جبل عرفات تي نبي پاڪ صلم جي ڪيل آخري خطاب جو هڪ چٽو عڪس ڪاري ۽ گوري جي فرق مٽائڻ وارن لفظن جو حسين نمونو. ڄڻ ته ان خطاب جي لفظ به لفظ پيروي ٿي رهي هجي.
    انهن ڏينهن ۾ جڏهن اهڙا موقعا ڏيندا هئاسين ته عجب ۾ پئجي ويندا هئاسين ته نفرتن جي جهان ۾ هي محبتن جو سفر الله تعالى ڪٿان نازل فرمايو آهي، انهن ڏينهن ۾ ڀيد ڀائو ۽ اوچ نيچ عروج تي هو ڀيل ۽ ميگهواڙ جهڙين جاتين کي گڏ ويهي هڪ ٿانو ۾ ماني کارائڻ ته بنهه وڏي ڳالهه آهي، پر پاڻ کي اعلى ۽ خانداني مسلمان سڏائيندڙ جن تي اوچ راجپوت سڏائيندڙن جو گهرو اثر هو.
    جيڪي راجپوتي وهنوار ۾هلڻ پنهنجو شان سمجهندا هئا سي اسان جهڙن کي هٿ ڏيڻ به گوارا نه سمجهندا هئا اهڙي ماحول ۾ معمور جي محبت ۽ پنهنجائپ ڪيترو گرويده ڪندي هئي، اهو ئي سمجهي سگهي ٿو جيڪو ان ڪرب مان گذريو هجي .بهرحال انهن ڏينهن ۾ معمور يوسفاڻي مولوي عبدالرحمان جمالي، ڊاڪٽر هرچند راءِ سوٽهڙ ۽ سيٺ مگهن مل واڻيون. اهڙا ماڻهو ميدان ۾ آيا جن صاحبن هزارين سالن جي نفرتن جي خلاف جيڪو ٻج ڇٽيو ان جو سلو اڄ اسين عزت ۽ وقار سان کائي رهيا آهيون. معمور صاحب اهو پهريون مدبر شخص هو جنهن پنهنجي گورنمنٽ مڊل اسڪول صوفي فقير ۾ نوڪري دوران، ٻارن جي پيئڻ جي پاڻي جي مٽن جي ڀرسان، کوڙيل ڪلين ۾ مختلف ذاتين جن ۾ ڀيل، ڪولهي، مگهواڙ، اوڏ ۽ مسلمان لاءِ ڌار ڌار ابتا ٽنگيل گلاس ميڙي گڏ ڪري پاسيرا ڪيا ۽ سڀني شاگردن لاءِ هڪ ئي گلاس جي استعمال جو رواج وڌو ان جو نتيجو اهو نڪتو جو ڪجهه ئي ڏينهن ۾ نفرتون محبتن اڳيان دم ٽوڙي ويون .اهو معمور صاحب جو هڪ وڏو ڪارنامون هو خاص طور تي تڏهن جڏهن اسڪولي شاگرد سيد به هجن، صوفي به هجن، ٻروچ به هجن ته ڪولهي به هجن ته ڀيل به.
    مون کي ياد ٿو اچي ته پاڻ پنهنجي وڏي فرزند محترم سائين حزب الله پلي صاحب جي شادي ۾ دسترخوان تي مهمانن کي ماني کارائڻ تي خاص طور اسان ميگهواڙن کي مامور ڪرڻ فرمايو اسان کي ڏسي ڪيترائي “ معزز مهمان پنهنجي گئون مئون ” ڪندا ۽ وڦلندا ماني کائيندا ويا پر مجال آهي جو انهن جو وات معمور صاحب اڳيان ڪجهه کُلي، اهڙو هڪڙو واقعو مولوي عبدالرحمان جمالي سان پيش آيو جنهن جو ذڪر اڳتي هلي ڪبو.
    ايئن عمرڪوٽ ۾ سيٺ سرگواسي مگهن مل واڻيو جنهن جو هڪ موڀي پٽ سيٺ کيمن واڻيو پڻ سرگواسي ٿي ويو آهي ۽ هڪ پٽ اشوڪ ڪمار حال حيات آهي خدا کيس ججهي عمر ڏي سيٺ صاحب هميشه بورچي توڙي گهرو نوڪر ڀيل رکندو هو هڪ دفعي سيٺ صاحب هڪ هوٽل جي بيري کي چيو ته هي جيڪو شخص مون سان گڏ ماني کائي ويٺو سو ڀيل آهي هن چيو ته تنهنجا ٿانو به وڃائي ڇڏيا آهن ڀلا ڀري ڏيان ڇا؟ تڏهن بيرو ڏند ٽيڙيندي چوڻ لڳو نڪو ! هي ڀيل نڪو آهي بهرحال اهڙي طرح ڊاڪٽر هرچند راءِ وٽ به گهر ۾ ڪم ڪار خاص طور ميگهواڙ ڇوڪرن حوالي هوندو هو جن ۾ هڪ ڊاڪٽر ليکو مل اڃان به نيهن جا ناتا نڀاهندو اچي!
    انهن ڏينهن جو هڪ واقعو به ذهن جي ڪينواس تي تري آيو آهي موقعي مناسبت سان ان جو به ذڪر خير ٿي وڃي. ٿيو ائين جو 1991ع ڌاري آرٽ ٽيچر جي حيثيت سان منهنجي پوسٽنگ هاءِ اسڪول ترڪو مڱريو ۾ ٿي جتي ٽي ـ چار سال ڊيوٽي ڪيم ڊيوٽي دوران شماريات کاتي، مون کي آدم شماري جي سلسلي ۾ انهي ئي ديهه ۾ گهر شماري لاءِ مقرر ڪيو، ان سلسلي ۾ آئون ڏنل لسٽ موجب مختلف ڳوٺن ۾ سائيڪل تي چڙهي گهر شماري جي ڪم ۾ لڳي ويس لسٽ ۾ هڪ ڳوٺ “ مٺو راڄڙ ” به هو جڏهن آئون ڳوٺ “ مٺو راڄڙ ” پهتس ته هڪ وڏي اوطاق جي اڳيان سائيڪل ٿانيڪي ڪيم، ياد ٿو اچي ته اوطاق جي صحن ۾ وڏن کٽولن تي وڏي سفيد وهاڻن جي ٽيڪ سان براجمان پنج ـ ست سفيد پوش ۽ سفيد باريش بزرگ ويٺل هئا جن سان هٿ ملائي پاسي ۾ رکيل هڪ ٽٽل ڪرسي تي ويهي رهيس خير عافيت کان پوءِ هڪ بزرگ مون کان پنهنجي باري ۾ ۽ هتي اچڻ جو ڪارڻ پڇيو مون کيس چيو ته “ منهنجو نالو پريتم آهي ميگهواڙ ڪميونٽي سان تعلق رکان ٿو ۽ هاءِ اسڪول ترڪو مڱريو ۾ استاد آهيان منهنجي آدم شماري ۾ ڊيوٽي لڳي آهي هتي پهرئين مرحلي ۾ گهرشماري ڪرڻ آيو آهيان ” ايترو چئي آئون خاموشي ٿيس ته ڄڻ اچانڪ سڄي نگري کي نانگ سواپي ويو هجي .ڪجهه گهڙين لاءِ ماحول ۾ ماٺار ۽ هر ڪنهن تي ڄڻ سڪتو طاري ٿي ويو هجي .مون ترڇي نگاهن سان ڏٺو ته سڀئي بزرگن خاموش نگاهن سان هڪ ٻئي سان ڄڻ گونگي گفتگو پيا ڪن .ڪجهه دير کان پوءِ هڪ بزرگ اٿيو کٽن جي ڀرسان پيل ڪرو کڻي پنهنجا هٿڙا لڪس صابڻ سان ڌوئي پاڪ ڪيا جيڪي صرف چند گهڙيون پهرين هڪ ميگهواڙ جي هٿ ڏيڻ سان ناپاڪ ٿي چڪا هئا. وڌيڪ پليتي جي خوف کان بچڻ لاءِ هٿن تي ڪجهه ورد وظيفا پڙهي ٻه ٽي گرم گرم شوڪارا به هنيا پوءِ ته سڀني باريشن بزرگن واري واري سان ائين هٿ به ڌوئيندا ويا ته شوڪارا به هڻندا ويا ان وچ ۾ ڪنهن به ڪنهن سان ڳالهايو ڪونه جڏهن سڀئي پاڪ صاف ٿي کٽن تي رونق افراز ٿيا ته هڪ باريش بزرگ جو آواز بيحد ڏکويل مگر ڪروڌ ڀريل لهجي سان فضا ۾ بلند ٿيو ته اوطاق تي ويٺل سامعين جا پڻ ڪن ڪيٽا ٿيا منهنجي دل ۾ هڪ اڻڄاتل خوف ۽ عجيب هلچل پيدا ٿي وئي بزرگ جو آواز هوا جي لهرن جي دوش گرجيو ! تو به ڪهڙو زمانو اچي ويو آهي جو هڪ هندو ماڻهو سڌو اچي مسلمانن کي ائين هٿ پيو ڏي ڄڻ .....؟ ان جا لفظ ڪاٽيندي ته هڪ ٻئي بزرگ سُر ملايو نه پڇا نه ڳاڇا، اڙي، فلاڻا ! ڪهڙي ٿو ڳالهه ڪرين، اڄڪلهه جا جاهل مسلمان ته هندن سان گڏ کائن به پيا هي ڪاري قيامت جا آثار آهن ٻيو ڇا آهي.. ان کانپوءِ هڪ بزرگ مون ڏانهن متوجه ٿيو ۽ طنزيه انداز مان قهري نگاهن سان نهاريندي مخاطب ٿيو ماستر صاحب تو پهرين ڇو نه ٻڌايو ته آئون هندوڙو آهيان.؟ مون عرض ڪيو ته جڏهن توهان پڇيو ئي ڪو نه ته آئون ڇا ٻڌايان ته آئون ڪير آهيان ۽ هت ڇو آيو آهيان. ڳالهه شروع ئي مس ٿي هئي ته ماستر سنگهار راڄڙ ايڇ ايس ٽي اچي ويو جيڪو اسان کي اتان اٿاري پرائمري اسڪول ۾ اچي ويهاريو مون ڏانهن نهاريندي سنگهار پڇيو ادا توکي ڪنهن ڪجهه چيو ته ڪونه؟ چيم نه ادا مون کي ڇا چوندا آئون اجهو هنيئر ئي ويٺو هئس اڃان ويٺس ئي مس ته توهان اچي ويا ۽ پوءِ سڌا هيڏانهن هليا آياسين .مون پنهنجو ۽ دوست جو ڀرم رکندي چيو سنگهار اسان کي چانهه پياري ۽ گهر شماري ڪري فارغ ڪيو.
    آئون تعجب ۾ هئس اهڙن ڪٺور ڏهاڙن ۾ معمور صاحب جي محبت، شفقت، آٿت ۽ همت اسان کي اهڙي راهه تي اچي بيهاريو جو اسين اهو ٺيڪ نموني محسوس ڪرڻ لڳاسين نه اسين به ٻه ٽنگيا،خدا جا پيدا ڪيل انسان آهيون اهو شعور اسان کي معمور صاحب جي طفيل عطا ٿيو.
    مون مئٽرڪ ۽ انٽر ۾ اسلاميات جا پيپر ڏنا هئا ۽ هن ملڪ ۾ رهڻ، ماستري جهڙي نوڪري ڪرڻ، معمور صاحب جي ذاتي لئبرري جا ڪتاب ذيروزبر ڪرڻ ڪجهه ڪتابن جي ورق گرداني ڪرڻ، ۽ انهن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين محترم محمد موسى ڀٽي طرفان هر ماهه بنان ناغي جي مفت ۾ ملندڙ ماهوار بيداري جا صفحا جا نڄڻ ۽ وڏي ڳالهه ته معمور صاحب جي سنگ ۾ رهڻ سبب اسلامي تعليمات ۽ اسلام متعلق ٿوري گهڻي پروڙ آهي .بهرحال اهو واقعو اهڙو هو جو مون کي سڄي رات تڙپائيندو رهيو، سوچيندو هئس ته هڪ طرف ڪلين شيو، سفيد سادا ڪپڙا زيب تن، نه هٿ ۾ تسبيح نه ٿلهو متارو، ڏندڻ قميض جي کسي جو ٻيلهه، اسلامي فقه جو وڏو عالم ۽ ڄائو، باڪمال اسڪالر، دانشور، عظيم مدبر ۽ مفڪر جيڪو اسان جهڙن جيتامڙن کي هڪ ٿانو ۾ گڏ ويهي کارائي ۽ پيئاري، والدين جهڙي شفقت ۽ محبت ڏي ته ٻئي طرف وڏي ڪشادي پهراڻ سان باريش بزرگ پيشاني تي با شرعي نمازي به داعي داغ مرين کان مٿي سٿڻيون پاتل، هٿن ۾ تسبيح جنهن جا مڻيا اٺوئي پهر پيا ڪڙڪڙ ڪن ،مٿي تي رومالي ٽوپي يا سفيد پڳ ڪرو سدائين هڪيو تڪيو حاضر مسجد جي درتان اصل ذرو به نه چري ڪنهن ڪُتي ڪافر جو منهن ڏسڻ به معيوب ۽ هٿ لڳس ته سڄو نوراني سرير ئي ناپاڪ..
    خدا جي هن عجيب دنيا ۾ بيحد منجهي پيس، شايد سچل سرمست کي به اهڙا عالم گڏيا هوندا ۽ پوءِ پاڻ مذهبن جي ملڪ منجهائڻ واري سٽ سرجي هوندي، سڄي رات تڙپي لڇي گذاريم ذهن تي خيالن جي اصل هلر هجي، دنيا چاهي خدا کي هي جهان خلقڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي ! ۽ پوءِ وري اهو ته مسلمان ڪنهن کي چئبو آهي، مسلمان اعمالن سان ٿيبو آهي يا رڳو پنهنجو آبائي مذهب مٽائڻ سان، مٿي ذڪر ڪيل ٻنهي ڌرين جا اعمال ڪهڙن مسلمانن جا آهن؟ معمور يوسفائي جهڙن مدبر عالمن يا باريش اڇا جهڙا ٻگلا بزرگن جا ؟ ڪڏهن ڪڏهن اسلامي تاريخون پڙهندو آهيان ته خيال ايندا آهن ته مسلمان ٿيڻ بيحد ڏکيو آهي.
    بهرحال ٻئي ڏينهن جڏهن مون معمور صاحب سان هي سموري روئداد بيان ڪئي ته منهنجي اکين ۾ هلڪڙ ا ڳوڙها ٽمي پيا، پاڻ مون کي يڪدم ڳراٽڙي پائي ورتي، ڀاڪر ڇا پاتائين سڄو پيار ئي نڇاور ڪري ڇڏيو ڀريل ڀاڪر ۾ هن سموري ڪائنات جو پيار اوتي ڇڏيو مون ڀاڪر ۾ اهڙي ته پناهه محسوس ڪئي جو سمورا درد ئي لهي ويا .
    وساريو جنين سي وري ياد آيا
    اڙي دل ڇو توکي چري ياد آيا
    هئي ڙي “ پريتم ” اهي ڏينهن راتيو،
    هئي تنهنجا ڀاڪر، ڀري ياد آيا.
    معمور صاحب تمام نفيس ونرم دل جا انسان هئا، آخري ايامن ۾ اهڙي ٿورڙي به رنج وانگر حالت وارد ٿيندي ئي اکيون ڀرجي اينديون هيون، ڳراٽڙي ڪجهه ڍري ٿي ته پاڻ کي بيحد ملول ڏٺم ڪاٺ جي بينچ تي ويهندي چيائين “ پريتم ” مسلماني وڏي ڏاڙهي جُبي ۽ تسبيح جي ٽڪ ٽڪ جو نالو ناهي، مسلماني انسانن جي اعمالن مان لکندي آهي، تون دل نه لاهه،
    اهڙو هو منهنجو معمور جنهن جي محبت ۽ شفقت اسان کي بنهه پاگل ڪري ڇڏيا هئا سچ پڇو ته ٻه مسلمان خلد برين ڏي پرواز ڪري ويا آهن ۽ هڪڙو اڃان حال حيات آهي خدا کيس عمر خضري عطا فرمائي جهان ڇڏيندڙن مان الله کيس جنت ۾ جايون ڏي، هڪ هو معمور يوسفائي ۽ ٻيو هو عبدالستار ايڌي.
    ڀلا عبدالستار ايڌي ڇا ته غضب جو مسلمان هو انهي جا ڪارناما ڏسي منهنجين اکين اڳيان خلفاءِ راشدين جي تاريخ جا ورق رقص ڪندا آهن ۽ لفظ لفظ ناز ڪندو آهي اڙي يار هن ڪل جگ ۾ ڪو عبدالستار ايڌي ٿي نه ڏيکاري .جيڪو هڪ معصوم گونگي هندو نياڻي گيتا کي پيءُ جيان پالي ٿو، نپائي ٿو، اڃان سمجهه لائق مس ٿئي ٿي ته ان جي پوجا واسطي پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري ڪرشن پگوان ۽ ٻين ديوتائن جون مورتيون خريد ڪري آڻي ڏي ٿو ته جيئن هو پنهنجي عقيدي مطابق پوڄا ڪري سگهي ۽ پوءِ مائيٽن جي ڳولا ڪندي وڃي هندستان نڪري ٿو آهي ڪو اهڙو مسلمان....! هيڏي وڏي مملڪت خدا داد مان ڪنهن هڪ جو ته نالو کڻو.. الا الا هن جڳهه تي ٻيو ڪو جنت جو آرزو مند هجي ها ته گيتا هن وقت پنهنجي مرضي جي خلاف هڪ برقه پوش خاتون بڻجي ڪنهن مسلمان ڀاءُ جي زوجه ٿيڻ جا حق ادا ڪري رهي هجي ها. معمور، ايڌي ۽ جمالي ٿيڻ بيحد ڏکيو آهي بيحد مشڪل آهي ڇاڪاڻ ته مسلمان ٿيڻ به ڏاڍو ڏکيو آهي. اڄ جڏهن محترم مولوي عبدالرحمان جمالي تي ٻه اکر لکي رهيو آهيان ته سچ پڇو ته منهنجو به ادبي قد وڌي ويو آهي. ڀگت ڪبير چيو آهي ته.
    “ ذات نه پوڇو ساڌ ڪي، پوڇ ليجي گيان ”
    يعنى بزرگن ۽ عالمن جي ذات نه پڇو، ذات جو پڇي توهان کي ڇاڪرڻو آهي، ان جو علم ڏسو ان جي ڏاهپ ڏسو ۽ قدر ڪريو.
    بيشڪ عبدالرحمان جمالي صاحب دور حاضر جو هڪ عظيم انسان، معمر، معتبر خطيب ۽ هاڪارو روادار عالم آهي .مولوي صاحب جا اعمال ۽ ڪردار ته اهڙا آهن جيڪي هڪ باوقار روادار عالم هجڻ تي شاهد آهن .
    نالو عبدالرحمان ته ٺيڪ آهي ڪنهن مسلمان دوست جو نالو ٿي سگهي ٿو پر جڏهن هو جمالي جهڙي اسم سان جڙي ٿو ته ذهن تي هڪ دم بلوچن جي ارڏي دلير ۽ اصل پوڙهو نه ٿيڻ جي ضدي طبيعت ۽ شڪل شبيهه ڏي خيال هليا ويندا آهن. جيڪي تمام وڏي گهيردار ڳري سٿڻ سان به وڏن پائچن سان مٿي اهڙي ئي ڳري وڏي ٻن وڏن کيسن واري قميض ننڍڙي ڪاري چانپوئي سونهاري ۽ مٿان وري وچون جي ڏنگ جهڙيون نوڪدار مڇون، کاٻي هٿ ۾ چلڪڻي ڪهاڙي يا پيتلي ۽ لوهي ٻٽن سان سجايل لٺ ۽ ساڄو هٿ صرف کٻي مڇ وٽڻ تي مامور سرڪشي ضدپڻو ۽ ڏاڍائي اصل طبيعت ۾ ڳوهيل سڄي گهر ۾ پيل ٻه رليون ڀلي کونٽي تي ٽنگيل هجن پر ٻاهر همراهه اهڙو جهڙو مير آچن پر اسان جو هي محترم مولوي عبدالرحمان جمالي ٻروچ هوندي به اهڙو حليم ۽ سادو جو هر وقت پيو نوڙت ۽ نياز مندي ڪري، مٺڙو اهڙو ڄڻ سنگهاڻ مصري ۽ پتاشا.خدا پاڪ ٻروچن جي ٺاهڻ مهل مٽي به هٺ واري هٿ ڪندو آهي پر محترم عبدالرحمان جمالي جو وجود گهڙن لاءِ اهڙي ته حليميت واري مٿي هٿ ڪئي جو همراهه سڄي جو سڄو حليم الله سائين عمرڪوٽ واسين لاءِ کيس مسيحا مهربان ۽ هڪ آسماني تحفو ٺاهي ڪيئن خوبصورت خصلتون عطا ڪري موڪليو. رواداري جو عنصر ته مالڪ هر خليي ۾ پنهان رکي ڇڏيو جڏهن مولوي صاحب جي طبيعت ۾ اهڙا لاڙا ڪئين آيا؟ ان لاءِ ساڻس ملاقات ڪيم ۽ رواداري زندگي جي باري ۾ دربافت ڪيم ته پاڻ چيو ته.
    آئون ڳوٺ غلام حيدر سريوال، جيڪو ڪاماري شريف جي ڀرسان آهي ۽ تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ اچي ٿو. اتي منهنجو استاد پير بخش پرديسي هوندو هو ،جيڪو پهريان ميگهواڙ هو ۽ پوءِ مسلمان ٿيو .انهي انسان مون ۾ ڪوٽ ڪوٽ ڪري علم ڀريو علمي ترقي ۽ روادار زندگي جو وڏو ڪارڻ اهو استاد هو. مون کي ٻئي ڪنهن به استاد ايتري تعليم ڪونه ڏني .اها ڳالهه آئون دعوا سان چوان ٿو ته ان جيڪا محبت ڏني اها ڪڏهن به وساري نٿو سگهان. منهنجو سمورو علم ان جو مرهون منت آهي. مون اڻپور به ان کان سکيو ته ميٺ محبت ۽ رواداري جا سبق به پرايم.
    مون عرض ڪيو ته اهڙي رواداري جو ڪو واقعو جيڪو توهان کي ياد هجي ته پاڻ چيو ته.
    1953ع کانپوءِ پرائمري ماستري جي نوڪري دوران مون ڪنهن به انسان سان مت پيد وارو رويو ڪونه رکيو ڇاڪاڻ ته مذهبي لحاظ سان هڪ غيرمسلم سان گڏ کائڻ بلڪه ان جي اوبر کائڻ به حلال آهي جائز آهي. ان جي ڪٿي به منع ٿيل ناهي. گڏ کائڻ سان انسان انسان کان مذهبي لحاظ کان نڪري ڪونه ٿو بلڪه ويجهو ٿين ٿا سو آئون به نوڪري دوران ڪنهن سان به ذرو برابر به تفاوت ڪونه ڪندو هئس .پنهنجي ڳوٺ ولهيٽ ۾ هڪ دفعو ڳوٺ ۾ مليريا وارا مڇر ڀڄائڻ ۽ مارڻ لاءِ پنج ماڻهو اسپري ڪرڻ آيا جيڪي پنج ئي ميگهواڙ هئا ۽ قاضي نور محمد پلي ڊيٻو جا رهاڪو هئا انهن مان هڪ سپر وائسزر هو ( جنهن جو نالو بير چند هو ) ۽ چار هيلپر هئا جڏهن اهي مون وٽ آيا ته مون کيس عزت سان سامهون کٽ تي ويهاري پنهنجي ئي استعمال جي برتنن ڪوپن ۾ چانهه ٺاهي پياري ۽ انهن ئي ڪوپن ۾ مون به پيتي ايتري ۾ مولوي حاجي الهبخش ساند ڪٿان گهمندي ڦرندي اچي سهيڙيو مولوي صاحب مليريا وارن کان پڇيو ته توهان ڪير آهيو؟ تڏهن انهن وراڻيو ته اسين ميگهواڙ آهيون! اهو ٻڌي مولوي صاحب تپي باهه ٿي ويو ۽ ڪاوڙ مان چيائون ته اٿو اٿو ڏوم ڪٿي جا اوهان اسان جي کٽن تي ويٺا آهيون ۽ ٺڪر به وڃائي ڇڏيا آهن. مولوي صاحب جو اهو رويو مون کي ڏاڍو ڏکيو لڳو، مون مولوي صاحب کي چيو ته “ مولوي صاحب ! توهان مسلمان ٿي ڳالهه ڪريو ٿا يا ٺڪر، برهمڻ ٿي، اسلام ۾ ڪٿي لکيل آهي ته ميگهواڙ سان گڏ نه کايو ۽ ٺڪر سان گڏ ڀلي کائو آئون چڱي طرح ڄاڻان ٿو ته اسلام ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه لکيل ناهي، مذهبي لحاظ کان اسان لاءِ هڪ ٺڪر ۽ هڪ ميگهواڙ ۾ ڪوبه فرق ڪونهي .منهنجي ڳالهه مولوي صاحب کي ڪجهه ڏکي لڳي پر هو سمهجي ويو ته جمالي صحيح ٿو چوي..
    رواداري، ڀائيچاري ۽ محبت جا ڪيترائي ڪردار مولوي صاحب ادا ڪيا، جنهن جي ڪري ڪيتريون ئي تڪليفون پڻ برداشت ڪرڻيون پيون، ايتري قدر جو ڪن ماڻهن موبائيل فون تي گارگند به ڪئي پر پاڻ صبر جو دامن ڪڏهن به داغدار نه ڪيو، هڪڙو اهڙو موقعو آيو جڏهن حضور صلم جن جو يوم ولادت 12 ربيع الاول ۽ هولي جا تهوار ٻئي گڏ اچي ويا ان موقعي تي ڪن شرپسندن عمرڪوٽ جو امن ۽ ڀائيچارو خراب ڪرڻ لاءِ هندو ـ مسلم فساد ڪرائڻ پئي چاهيو، مولوي صاحب کي هڪ شخص مسجد ۾ اچي اطلاع ڏنو ته ڪن ماڻهن هولي جي ڏينهن رستي تي نبي پاڪ صلم جو نالو لکي ڇڏيو آهي ۽ وڏو فساد ٿيڻ جو امڪان آهي .توهان هلي پنهنجو ڪردار ادا ڪريو. هن قضيي ۾ مولوي صاحب پير کوڙي حق ۽ سچ جو ساٿ ڏنو ۽ شرپسند پنهنجي گهٽيا حرڪت کي عملي جامون پهرائي نه سگهيا. مولوي صاحب روبرو حرڪت واري هنڌ جو جائزو ورتو ۽ پوي ڊي سي وٽ ٿيل جرڳو جنهن ۾ سيد علي مردان شاهه، محمد يوسف ٽالپر، راڻو همير سنگهه ،لال مالهي ۽ ٻين معزز شهرين شرڪت ڪئي. جتي مولوي صاحب جي عادلانه ڪردار سبب الله سائين هي فساد ختم ڪيو، مولوي صاحب هميشه حق ۽ سچ جو ساٿ ڏنو جنهن سبب ڪافي تڪليفون به برداشت ڪرڻيون پيون.
    مولوي عبدالرحمان جمالي صاحب هميشه محبتون ئي ونڊيون آهن ـ نه رڳو ان موضوع تي پاڻ تقريرون ڪيون بلڪه علمي طور به ڪري ڏيکاريو.
    عمرڪوٽ ۾ هڪ سيمينار ٿيو ان سيمينار جو موضوع “ امن هو ” هن سيمينار ۾ ٽن ماڻهن تقريرون ڪيون جن مان هڪ هندو، هڪ عيسائي ۽ هڪ مسلمان هو، هندو پنهنجي تقرير ۾ چيو ته هندو ڌرم قديم آهي، انادي آهي انڪري ان کي تسليم ڪرڻ گهرجي. عيسائي چيو ته منهنجي مذهب محبت جو مذهب آهي انجيل شريف ۾ حضرت عيسى چوي ٿو ته جيڪڏهن توهان کي ڪو هڪ چماٽ هڻي ته وڌائي ٻيو ڳل ڏيو، ان بعد مسلمان عالم مولوي عبدالرحمان جمالي چيو ته هندو ڌرم واقعي قديم آهي ان کان انڪار آهي ئي ڪونه پر اهو به محبت سمجهائي ڪونه سگهيو، عيسائي دوست سان مخاطب ٿيندي چيو ته تنهنجو مذهب محبت جو مذهب آهي ان کان ذرو به انڪار ڪونهي، پر انساني حقن جي حقداري ۽ ان جو ثبوت جهڙو اسلام ۾ آهي اهو ٻين مذهبن وٽ ناهي ائين پاڻ پنڊال ۾ ويٺل سامعين سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڀلا اوهان مان ڪو ڀيل ڪولهي يا ميگهواڙ ويٺل آهي ته هڪ شخص هٿ مٿي ڪيو ۽ چيو ته آئون ڀيل آهيان، پاڻ ان کي مٿي اسٽيج تي گهرايو ۽ ان سان گڏ گلاس پاڻي جو به طلب ڪيو پاڻ ڀيل کي چيو ته ان گلاس جو اڌ پاڻي پيءُ جڏهن ڀيل اڌ پاڻي پيتو ته باقي بچيل اڌ پاڻي پاڻ پي چيو ته “ هاڻي ٻڌايو ته اسان کان وڏو ڪو روادار ۽ محبتي آهي؟ ڀلا برهمڻ ـ ٺڪر يا پادري جوٺو پاڻي پيئندا ـ سڀئي ماٺ رهيا. مولوي صاحب جي هن عملي ڪردار ڪيترن ئي ماڻهن کي حيران ۽ تعجب ۾ وجهي ڇڏيا ته ڪيترائي پريشان به ٿيا پر مولوي صاحب پنهنجن محبتن جو پيغام سرعام ڏئي انسانيت جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو ۽ بدخواهن جا سر هميشه لاءِ جهڪائي ڇڏيا. الله سائين کيس ججهي عمر ڏي آئون ته سرڪار ڀٽ ڌڻي جي واتان صرف ايترو ئي چئي سگهان ٿو ته..
    جکرا جيئن شال، تنهنجو ڪنن مدو مَ سڻان،
    جيئن تو اچي ڪالهه، نالائق نوازيا .


    محبت ۽ ڀائيچاري جي علامت : مولانا عبدالرحمان جمالي : بنسي مالهي

    عمرڪوٽ ضلعو يا امراڻو برصفير جو اهو خطو آهي، جتي هزارين سالن کان ماڻهو ثقافتي طور تي اهڙي نموني گنڍيل رهيا آهن، جنهن ۾ ذات پات، رنگ نسل ۽ مذهب جي فرق کي ڪڏهن محسوس ئي نه ڪرايو ويو هو، نه رڳو ايترو پر پراڻو ٿرپارڪر مذهبي رواداري ۽ هم آهنگي جو هڪ نادر نمونو رهيو آهي. دنيا جا ماڻهو اهڙي مذهبي ڀائيچاري جا مثال ڏيندا هئا. پر گذريل ڪجهه سالن کان مذهبي تنگ نظري هن خطي ۾ به پنهنجا پير کوڙي ماڻهن جي اندر جي انسان کي هيڻو ڪري، مذهبي رنگن ۽ تفرقن ۾ ڦاسائي ڇڏيو، ڪجهه ماڻهو مذهبي لٺ جو سهارو وٺي پنهنجي انائن جي تسڪين ڪرڻ لاءِ ڪونه ڪو معاملو اٿاري بيهي رهڻ لڳا.
    ڪجهه مذهبي ته ڪجهه سياسي مقصدن لاءِ انهي محبت جي خطي کي مذهبي نفرتن جي باهه ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش کي جنهن انسان هڪ سوچ بڻجي ناڪام بڻايو اهو شخص آهي مولانا عبدالرحمان جمالي. آئون ذاتي طور تي اڪثريت ۽ اقليت واري فلسفي کي نه مڃيندڙ ۽ انسانيت جو پرچارڪ آهيان، پر جڏهن عمرڪوٽ ۽ ڀرپاسي ۾ مذهبي جنونيت سبب ٿيندڙ انيڪ معامرن ۾ سائين جمالي صاحب جو ڪردار هڪ اهڙي انسانيت جي رهنما جهڙو ڏٺو، جيڪو هڪ مذهبي عالم ۽ مسجد جو پيش امام هوندي به انسانيت جي پرچار ڪندي سوين الزامن جا تير به سهي ٿو، ڏٺو وڃي ته هڪ مذهبي سياسي تنظيم جي ذميوار عهدي تي رهندڙ، مختلف مدرسن ۽ مسجدن جي نگراني ڪندڙ مولوي صاحب جي باري ۾ ڪو ٻئي مذهب جو ماڻهو سوچي ته هن وٽان به ڪو انصاف ملندو..؟؟
    پر مولانا عبدالرحمان جمالي جي سوچ ۽ ڪردار عمرڪوٽ جي ماڻهن لاءِ ڀرئي ڀاڪر وانگر رهيو آهي، جنهن ڪڏهن به وٽس دانهن کڻي ايندڙ جو مذهب يا ذات نه پڇي هوندي پر حق ۽ انصاف جو وهنوار ڪندو رهيو آهي. جيتوڻيڪ عمرڪوٽ جي آبادي ۾ غير مسلمانن جي اڪثريت تي ڪجهه مذهبي ڌريون موقعي جي تاڙ ۾ به رهن ٿيو ته ڪيئن به ڪري هتي نفرتون ڦهلائجن پر مولانا جمالي جي موجودگي اهڙين سازشن خلاف هڪ مظبوط بند آهي.
    ملڪي حالتن ۽ مذهبي جنونيت سبب ملڪ جي ٻين شهرن ۾ جتي خاص طور تي هندو برادري پنهنجو پاڻ کي غيرمحفوظ سمجهندي لڏپلاڻ ڪئي آهي ته اتي عمرڪوٽ واري علائقي ۾ مولانا عبدالرحمان جمالي جي موجودگي تحفظ ۽ ڇانوري جو احساس ڏياري ٿو، اهو ئي سبب آهي جو ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ عمرڪوٽ مان لڏپلاڻ گهٽ ٿي آهي.
    مولاناجمالي جڏهن امن ڪانفرنس ۾ هڪ ڀيل برادري جي همراهه جو جوٺو پاڻي پي دنيا کي هڪ پيغام ڏنو ته سنڌ اهڙي محبت ۽ ڀائيچاري جي امين ڌرتي آهي.
    مولانا عبدالرحمان جمالي سنڌ ۾ هڪ ڪردار آهي جيڪو پيغام ڏيئي ٿو، ته مذهب ماڻهو جو پنهنجو عقيدو آهي پر ڀائيچارو، ۽ محبت انسانيت جي اوليت آهي.
    پالهڻار مولانا عبدالرحمان جمالي کي اڃا به ڊگهي ڄمار ڏي ۽ هو هن ڌرتي جي ماڻهن لاءِ امن ۽ محبت جو پيغام ورهائيندو رهي......


    هو امن ۽ ڀائيچاري جو امين آهي : ممتاز آريسر

    عشق، ايمان ۽ عقيدو انسان کي ان حد تائين جذباتي ڪري ڇڏيندو آھي جو سندس ڪنھن به عمل ۽ فيصلي ۾ علم، عقل ۽ فھم جو عمل دخل انتھائي گھٽجي ويندو آھي. پر ھزارن ۾ ڪو ھڪ اھڙو شخص ھوندو آھي جنھن جو عشق ايمان ۽ عقيدو، علم، عقل ۽ فھم کان خالي ناھي ھوندو. اھڙن ماڻھن جي کوٽ جي ڪري ئي مذھب ۽ عقيدي جي تشريح غلط طريقي سان ٿيندي رھي آھي، جنھن جي نتيجي ۾ مذھبي انتھا پسندي ۽ نفرتن جون پاڙون مضبوط ٿينديون رھيون آھن. جيتوڻيڪ سنڌ اھڙو خطو آھي جنھن ماضيءَ ۾ بـ اھڙا ڪردار پيدا ڪيا آھن جن مذهبي رواداريءَ جا اعلى مثال قائم ڪيا. پر گذريل ٻن چئن ڏھاڪن کان جڏھن کان ھڪ طرف طالبان فيڪٽر مضبوط ٿيو آھي توڙي مذهب کي سياسي مقصدن لاء استعمال ڪيو ويو آھي تڏھن کان سنڌ ۾ نفرت ۽ عدم برداشت جي رجحان ۾ واضع اضافو ٿيندي نظر آيو آھي.
    اڄ کان ڪجھ سال اڳ ۾ جڏھن عمرڪوٽ شھر ۾ ھندو برادري جي مذهبي ڏھاڙي ھولي تي مذھبي نفرت ۽ فساد پکيڙڻ جي سازش ڪئي وئي تڏهن ھڪڙي شخص سڀ کان اڳڀرو رھي ان سازش کي ناڪام بڻايو ۽ سڄي سنڌ جي ھر مذهب ۽ مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻھن جي دلين ۾ اعليٰ مقام حاصل ڪري ورتو. سڀني کان منفرد طبيعت ۽ مزاج رکندڙ ان انسان دوست شخص کي ماڻھو مولانا عبدالرحمان جمالي جي نالي سان سڃاڻڻ ٿا. مولانا عبدالرحمان جمالي ايئن تـ خطي ۾ مذهبي رواداريءَ ۽ نفرتن جي خاتمي لاء تمام گھڻو متحرڪ رھيو آھي پر ھڪ تقريب ۾ ھيٺيئن درجي جي ھڪ ھندو شخص جي اوبر ٿيل پاڻي پيئڻ واري عمل سان سموري دنيا جي ساڃهوند ڌرين وٽ تمام گھڻو مقبول ٿيو ۽ سندس تمام گھڻي عزت افزائي پڻ ٿي. مولانا جمالي جي ان عمل تي تمام گھٽ ماڻھن کي تعجب ٿيو جيڪي اسلام جي ان مذھبي رواداريءَ واري نظريي کان واقف ھئا. پر بدقسمتي سان اسلامي نظريي کي سمجھندڙ انھن ماڻھن مذھبي رواداريءَ جي ان نظريي کي عام ماڻھن تائين نه پھچايو جنهن جي نتيجي ۾ اسين مذھبي انتھاپسندي جي. وڏي ڌٻڻ ۾ ڏينھون ڏينهن ڦاسندا وڃون ٿا.
    خوشقسمتي سان منھنجو تعلق پڻ مذھبي خاندان سان آھي. منھنجو نانو ۽ ضلعي جي اھم سياسي اڳواڻ حاجي عبدالحق آريسر جو والد مولوي محمد امين آريسر پنهنجي دور جو وڏو عالم ٿي گُذريو آھي. ريشمي رومال تحريڪ ۾ ھن احمد آباد جيل ياترا پُڻ ڪئي، پاڻ مذھبي عالم ھُئڻ جي باوجود پنهنجي ڳوٺ ۾ قُرباني واري عيد تي ڍڳي جي قُرباني جي منع ڪري ڇڏي ڇاڪاڻ جو سندس ڳوٺ ۽ ڀر پاسي جي علائقي ۾ رھندڙ ھندو برادري سان تعلق رکندڙ غريب ماڻھو قُرباني جو گوشت استعمال ڪري سگھن. جيڪا روايت اسان جي خاندان ۾ اڄ تائين موجود آھي پر ڳوٺ ۾ ناھي رھي. ھڪ وقت اھڙو بـ آيو جو فقط ھن ھڪ شخص جي مثبت سوچ ۽ ڪردار سان اسان جي سول سوسائٽي پڻ مذھبي رواداري جي حوالي سان متحرڪ نظر اچي رھي آھي. ان سلسلي ۾ سامي فائونڊيشن سميت مختلف ادارن اھم ڪردار ادا ڪيو آھي ۽ علائقي سان تعلق رکندڙ مختلف مذھب ۽ مسلڪ سان لاڳاپو رکندڙ ڌرين ۾ ويجھڙائپ پيدا ٿي آھي پر سوال اھو پيدا ٿو ٿئي تـ اسلام جو اھو نظريو جيڪو اسان مولانا جمالي صاحب کان سکيو آھي سو اسان جي ديني درسگاھن ۾ موجود آھي يا نـ ؟ ته اسان کي ان جو جواب ھاڪار ۾ نـ ملندو جڏھن تـ اسان جي علائقي ۾ ولھيٽ ۽ مدرسـ قراني جي صورت ۾ قديمي درسگاھون موجود آھن جن مولانا جمالي سميت تمام وڏا عالم پيدا ڪيا آھن، منهنجي ذاتي راءِ اھا آھي تـ انهن درسگاھن ۾ پُڻ عام درسگاھن جيئن اسلامي نظريو سيکارڻ بجاءِ فقط عربي ۽ فارسي جي تعليم ڏني وڃي ٿي ، خُدا نـ ڪري پر ايندڙ وقت ۾ اسان کي وڏو نقصان ان صورت ۾ برداشت ڪرڻو پوندو جو اھي ڌريون ۽ ماڻھو اسان تي قابض ٿي ويندا جيڪي ماڻھن جي علم جي گھٽ ھُئڻ ۽ عشق جي انتھا جو فائدو وٺندي پنهنجو روزگار قائم ڪندا اچن پيا. مولانا جمالي عمر جي ان حصي ۾ پُھتل آھي جتي فقط آرام جي ضرورت ھوندي آھي پر کيس بيماري وڌيڪ ھيڻو ڪري ڇڏيو آھي ۽ آئون نٿو سمجھان تـ ھو ڌر تتي جو شھر جي ڪنهن چوڪ تي بيھي ماڻھن کي مذھبي رواداري، امن ۽ ڀائيچاري سان رھڻ جو درس ڏئي سگھي. ان ڪري سندس ان مشن کي ساڻس محبت ڪندڙ سمورين ڌرين کي اڳتي وڌائڻو آھي، ايئن نـ ٿئي جو علم ۽ عقل جي دڳ تان شروع ٿيل انسانن سان عشق جي انتھا جو ھي سفر اسان جي لاعلمي جي چوواٽي تي رستو ڀلجي وڃي


    سنڌ جو عالم مولانا عبدالرحمان جمالي : الياس ٿري

    ھي 90ع واري ڏھاڪي جي پڇاڙڪن ڏينھن جون ڳالھيون آھن جڏھن اڃان امراڻو سياسي سماجي ۽ علمي ادبي توڙي مذھبي سرگرمين جي حوالي سان ڪو گھڻو کليل دل وارو ۽ زرخيز خطو نه بڻيو ھو. عوامي سطح تي سماجي ڀلائي ۽ خدائي خدمتگار وارو لاڙو ضرور موجود ھو .سامي فائونڊيشن تن ڏينھن ۾ اڃان سامي سماج سجاڳ سنگت طور موجوده سٽي ھارٽ ھوٽل لڳ سامھون واري ھڪ ڪمري ۾ موجود ھئي .آھستي آھستي اسان صحافتي دنيا ۾ پير رکيا سرڳواسي پيرڏانسنگ سوڍو، مرحوم محمد ابراھيم آريسر، حاجي گل حسن آريسر، جمن جيساڻي، محمد صديق درس، آغا عبدالغفور ڪاڪڙ ،مرحوم عبدالمجيد حسيني ۽ ٻيا دوست توڙي سينئر صحافي عمرڪوٽ ۾ صحافت ڪندڙ ھئا تن ڏينھن ۾ الھوسايو ھاليپوٽو، عباس کوسو ۽ مون سميت موجوده ايم اين اي لال مالھي ۽ ٻين صحافت ۾ نئين نئين شروعات ڪئي ھئي. حاجي گل حسن آريسر جي موجوده آفيس وارو ڪمرو تڏھن پريس ڪلب ھو صبح جي پھرين پھر ۾ جڏھن ٻھراڙي مان سفر ڪري اچي ڪلب تي پڄندا ھئاسين. ته ڪلب جي ٿلھي سان ٿانيڪو ٿي ڪرسي تي ويٺل اڪثر ھڪ شخص اڇي سونھاري مبارڪ سان ھميشه جنگ اخبار پڙھندي نظر ايندو ھو اڪثر سندس پٽڪو جھولي ۾ پيل ھوندو ھو ۽ وارن جي ڇيڙي تي عالماڻو ڪت سندس اخبار پڙھڻ جو اسٽائيل پڻ عالماڻو ۽ مدبراڻو ڀاسندو ھيو ھڪ ڏينھن معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته اھو شخص مولانا عبدالرحمان جمالي آھي .جيڪو مُک جامع مسجد عمرڪوٽ جو خطيب ھئڻ سان گڏ ھڪ مدرسي جو مھتمم پڻ آھي ايئن سلام دعا سان مولانا صاحب سان ڳالھ ٻولھ ۽ ڪچھري ٿيندي رھندي ھئي .جيڪا ھيل تائين انتھائي پيار ۽ پاٻوھ سان جاري ۽ ساري آھي .گذريل ٻن ڏھاڪن کان پاڻ عمرڪوٽ جي سياسي علمي ادبي مذھبي ۽ سماجي پروگرامن کي رپورٽ ڪندا اچون پر زندگي ۾ اھڙو مستقل مزاج شخص پاڻ ڪٿي ڪو نه ڏٺو اصل منطق جي بنياد تي معاملن جو تز تجزيو رڳو جمالي صاحب ئي ڪري سگھي. پاڻ هن کي بابري مسجد وارن وڳوڙن بعد نڪتل ريلي کان وٺي ڳوڌيار ويجھيار مسجد واقعي توڙي اسلام ڪوٽ واقعي کان وٺي ھاڻوڪي عمرڪوٽ ۾ ھولي ڏڻ تي ٿيل اشو دوران سندس عالماڻو تدبر موقف ۽ ثالثي وارو بھادراڻو ڪردار انتھائي ويجھي کان ڏٺو ۽ پرکيو آھي .منھنجي راء سان ضروري ڪونھي ته ڪو متفق ھُجي پر اھا تاريخ جي اٽل حقيقت آھي ته گذريل ٻن ڏھاڪن کان مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب جھڙن مدلل قسم جي عالمن جي ڪري ئي عمرڪوٽ اڄ به سنڌ جي ٻين علائقن کان قدر بھتر حالت ۾ آھي بھتر مان منھنجي مراد مذھبي ھم آھنگي آھي جو اڄ به ھتان جو عوام ھڪ ٻئي جي مذھبي ۽ سماجي خوشين ۾ ڀائيوار ٿيندو پيو اچي .پر ھاڻ اھو خوبصورت پسمنظر اجڙڻ ڀُرڻ شروع ٿيو آھي. جنھن کي ترت بچائڻ جي ضرورت آھي. مولانا عبدالرحمان جمالي ئي ھو جنھن عمرڪوٽ ۾ پڙھيل لکيل ماڻھن جي ھڪ وڏي ميڙاڪي ۾ ھڪ ڀيل ڀڳت کي اسٽيج تي سڏي عوام آڏو کيس چيو ته ھي گلاس وارو اڌ پاڻي پيئو ۽ بچيل اڌ پاڻي مولانا جمالي صاحب مجموعي سامھون پاڻ پي ويو ۽ چيو ھئائين ته ھي آھي منھنجي اصل سنڌ. دنيا دنگ رھجي ويئي سڀ حدون بند ۽ ھٿ ڪڙول ٽٽي چڪناچور ٿي ويا ۽ سنڌ ھڪ ٿي وئي ھئي.
    عمرڪوٽ ۾ ھڪ وڏي امن ريلي جي سرواڻي پڻ جمالي صاحب ڪئي .سنڌ جي تصوف سميت عالمي حالتن جو وڏو ادراڪ رکندڙ ھن عالم ۽ مفڪر کي مالڪ سائين وڏي ڄمار ۽ صحت عطا ڪري ته جيئن جمالي صاحب اڃان وڌيڪ پرامن امراڻي جي خوشحالي ۽ ترقي لاء ڪردار ادا ڪندو رھي.


    کرڪڻا لاهي ويٺا نه وريام : خطائي ٿيٻو

    سنڌ جي مٽيءَ جي اها مهانتا آهي جو هن عالمن، مفڪرن، شاعرن ۽ دانشورن کي جنم ڏنو آهي. عمرڪوٽ جي به اها خوش بختي آهي جو هتي ڪيترن ئي مهان ماڻهن جنم ورتو آهي. جن پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو آهي. انتهاپسندي جي ڀاڪرن ۾ ساهه کڻندڙ جڳت ۾ مولانا مفتي عبدالرحمن جماليءَ جهڙا به ماڻهو آهن جن هميشه تنهنجو دين توسان منهنجو دين مونسان” جي مصداق پاڻ پتوڙيو آهي. سائين جمالي صاحب انتهائي گهڻ پڙهيو عالم ۽ اسڪالر آهي. سندس من ۾ فلسفي ۽ مفسر به ويٺل آهن. جنهن جي جهلڪ سندس خطاب مان ئي معلوم ٿيندي آهي. منهنجو سائين سان نياز مندي جو رشتو آهي.

    مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرين کي
    تنين سندي ڪا، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.

    مخدوم محمد زمان لنواري واري لاءِ لطيف سائين جي چيل هن بيت وانگر منهنجو استاد مرحوم عبدالرحمن ڪاڇيلو صاحب اڪثر ڪري جمالي صاحب جي علمي ۽ فڪري رمزن تي راءِ ڏيندو هو جڏهن سائين ڪاڇيلو صاحب ترقي پسند سوچ جو قائل هو. پر مولانا جي تعريف مان نه ڍاپندو هو.
    اهي ته اسان جي اسڪول جا ڏينهن هئا. ڪاڇيلي صاحب ۽ جمالي صاحب ولهيٽ ۾ ڪافي سال گڏ نوڪري ڪئي هئي. نيٺ اهي به ڏينهن آيا جو جمالي صاحب سان رهاڻن جا موقعا مليا، سندس پهريون خطاب صوفي صادق شاهه بين الاقومي ڪانفرنس ۾ ٻڌڻ جو موقعو مليو.
    سائين زيب صوفي، جلال ڪوري، ميرحسن آريسر ۽ جي ايم ڀڳت. ان ڪانفرنس جا سينگاريندڙ هئا.
    جمالي صاحب اسلامي تصوف کان ويندي فلسفي جي تاريخ تي جيڪو ڳالهايو ان کي رسول بخش پليجي ۽ عبدالواحد آريسر جهڙا ترقي پسند اسڪالر به ساراهيندا رهيا.
    سائين جمالي صاحب عمرڪوٽ جي انسائيڪلوپيڊيا آهي جنهن هن خطي جي ماڻهن جي وک وک تي خدمت ڪئي آهي ۽ رواداري جي راهه ڏيکاري آهي.
    عمرڪوٽ مختلف مذهبن جي ماڻهن جو گلدستو آهي دنيا جي ٻين مذهبن سان گڏ اسلام جي مختلف سلسلن جا به هتي سڀ سلسلا موجود آهن.
    اهڙي ماحول ۾ لطيف چواڻي.
    مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾
    اڀا ايئن چون، متان پاند پسائيين.

    هن ماڻهو پنهنجو دامن ۽ پاند پسائڻ کان بچايو آهي. سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جا جتن ڪيا آهن. سائين جمالي صاحب وڏو عالم ۽ مفتي هجڻ سان گڏ هڪ وطن پرست انسان به آهي جنهن جي من ۾ هميشه وطن جي لاءِ حب رهي آهي.
    منجهان منهنجي روح
    جي وڃي ساجن وسري
    ته مر لڳي لوء ٿر ٻاٻيهو ٿي مران.

    سائين جمالي محبتن جو سفير ۽ روادارين جو علمبردار آهي،
    الله تعالى کيس تندرستي عطا ڪري هو سدائين حق ۽ سچ جي پير وڪاري ڪندو رهي. آمين.
    کرڪڻا لاهي ويٺا نه وريام،
    صبح توڙي شام، پنڌ پريان جي پارجا
    ..


    سنڌ جو هڪ عالم، اديب ۽ مفڪر : حافظ اياز آريسر

    سنڌ جي ڌرتي هر دور ۾ اهڙا ماڻهو ڄڻيندي رهي آهي جيڪي عالمي سطح تي علم ۽ عرفان جا مرڪز مڃيا ويا آهن. ٺٽي شهر ۾ واقع دبگير جي جھوني مسجد پڻ انهن جي علمي ڪاريگري جي اکين ڏٺي شاهد آهي. مڪلي جو ڀتل قبرستان پنهنجي ڇاتي ۾ الائي ڪيترا علم ۽ ادب جا پهاڙ لڪائي ويٺو آهي. ديني درسگاهن ۾ پڙهايا ويندڙ ڪيترن ئي ڪتابن تي علامه ابو الحسن سنڌي جو لکيل حاشيو “حاشيته السندي” جي نالي سان مشهور و معروف آهي. حضرت مولانا حسين احمد مدني رحه پنهنجي شهر آفاق ڪتاب “نقش حيات” ۾ لکن ٿا ته “علماءِ عرب اسان برصغير جي علماء جي عزت انهي ڪري به ڪندا هئا جو اهي علماءِ هند جي ڪجھ عالمن سميت علامه عابد سنڌي جي علمي صلاحيتن کا پڻ متاثر هئا”. شيخ الاسلام علامه محمد هاشم ٺٺوي صاحب رحه پنهنجي دور جا ايڏا ته وڏا عالم هئا جو سندس علمي سڪو عرب توڙي عجم تي اهڙو ته ويٺل هو جو اڄ به پوري دنيا ۾ ٺٺوي صاحب رحه جا ڪتاب ڪتب خانن جا زيور بڻيل آهن. علامه محمد هاشم ٺٺوي صاحب رحه جي شاگردن واري سلسلي جي ڪڙي هن وقت جي هڪ جھوني عالم، مفڪر ۽ اديب تائين اچي پهچي ٿي، جيڪو عمرڪوٽ جي هن تاريخي قلعي جي مک دروازي جي دامن ۾ اڏيل هڪ پراڻي مسجد ۾ سالن کان پيش امامت وارو فريضو سرانجام ڏيئي رهيو آهي، جنهن کي پوري سنڌ ۾ “جمالي صاحب” جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. سندس پورو نالو عبدالرحمن، سن 1934 ع ۾ ڄاوا ۽ ولهيٽ جي مدرسي ۾ تعليم پرايائون، پاڻ جمالي ذات جي “زوڙ” نالي نک سان واسطو رکن ٿا. انهي ڪري پنهنجي پاڻ کي عبدالرحمن زوڙ جمالي لکڻ پسند ڪندا آهن. پاڻ علم فقه، اصول فقه، علم فلسفو ۽ منطق سان گڏو گڏ حديث جي هڪ اهڙي منفرد سند رکن ٿا جيڪا کين واسطي در واسطي وڃي علامه محمد هاشم صاحب رحه سان جوڙي ٿي. انهي سند جي اعلي حيثيت هئڻ ڪري نه صرف پاڪستان بلڪه هندستان، بنگلاديش ۽ عرب ملڪن کان ايندڙ لڳ ڀڳ چار هزا، (4000) عالم ۽ طالب علم اها سند حاصل ڪري چڪا آهن. جمالي صاحب جو علم ادب سان چولي دامن وارو رشتو هئڻ ڪري “سنڌ جي سطح جو اسڪالر” وارو مرتبو پڻ رکن ٿا. پوري سنڌ ۾ بخاري جو آخري درس هجي يا حافظن جي دستار، صادق فقير جو سيمينار هجي يا منٺار فقير جو مشاعرو، پي ٽي الف جي گڏجاڻي هجي يا عمرڪوٽ ۾ هندو مسلم فساد جو نبيرو، هر موڙ تي ڪليدي ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن. جمالي صاحب جو ڳاڻيٽو سنڏ جي انهن جھونن اديبن مان صف اول جي طور تي ٿيندو آهي. جيڪي تاريخ جا ماهر، زبان ۽ بيان جا بي تاج بادشاهه چئجن ته به مبالغو نه ٿيندو. هڪ دفعي اديبن ڪو ميڙاڪو ڪوٺرايو جنهن ۾ موضوع بحث حضرت انسان هو، انهي پروگرام ۾ جمالي صاحب کي به مدعو ڪيو ويو. (حالانڪه اڄ ڪلهه جي پروگرامن ۾ نوان اديب پنهنجو قد ڪاٺ گھٽجڻ جو خدشو محسوس ڪندي اهڙن ڏاهن جو اچڻ پسند ڪونه ڪندا آهن. ) جمالي صاحب ان موضوع تي ڳالهائڻ لاءِ اسٽيج تي ايندي ئي سامهون ويٺلن کان سوال ڪندي پڇو ته انسان جو ضد ڇا آهي؟ پوءِ جواب ۾ اتي ويٺلن منجھان ڪن لاعلمي اختيار ڪئي ته ڪن انسان جو ضد جانور ته ڪن حيوان چيو. جمالي صاحب نفي ۾ ڪنڌ هلائيندي وراڻيو ته ضد ان کي چئبو آهي جنهن ۾ سامهو واري جي ڪا به صفت نه لڌي وڃي. جڏهن ته انسان ۽ جانور کائڻ ، پيئڻ، اکيون، نڪ ،ڪن، ،ڏند ۽ ٻين ڪيترن ئي ڳالهين ۾ مشترڪ آهن. پوءِ پاڻ جواب ڏيندي فرمايو ته انسان جو ضد “شيطان” آهي. ان کان بعد ۾ جمالي صاحب انسان جي موضوع تي اهڙو ته شاندار بحث ڪيو جو وڃي ٿيا خير....!
    حيدرآباد ۾ ايران جي سفيرن هڪ پروگرام ڪرايو جنهن ۾ جمالي صاحب کي به دعوت ڏني وئي، جمالي صاحب اُتي ويٺل فارسي زبان ڳالهائيندڙ سفيرن جو لحاظ ڪندي فارسي ۾ پڻ تقرير ڪئي جنهن ڪري اُتي ويٺلن کي سائين جن جي فارسي داني تي عبور هئڻ جو به پتو پيو.
    هونئن به جمالي صاحب جي عام گفتگو ۾ فلسفو ۽ منطق ائين پيو ترندي نظر ايندو آهي جيئن مولانا آزاد رحه جي زبان تي بنا ڪنهن سوچڻ جي ادبي الفاظ جاري ٿي پوندا هئا. اڄ ڪلهه سائينجن بيماري سبب گھڻو هلڻ ڦرڻ کان وڌيڪ بستر کي پسند ڪندا آهن. الله تعالي کيس صحت عطا فرمائي ۽ تادير سائينجن جو سايو اسان جي مٿان قائم رکي. آمين.


    مولانا عبدالرحمان جمالي علم جو انسائيڪلوپيڊيا : عبدالرئوف سومرو

    دنيا ۾ ڪي انسان اهڙي املي ۽ عاليشان ڪردار جي روپ ۾ جنم وٺي حد آهن پنهنجو اعلي مقام جوڙي وٺندا آهن ته سمورو سماج سندن نه صرف انهن خطتبن جي ڪري مداح بڻجي پوندو آهي بلڪه جيءُ ۾ جايون ڏيڻ شروع ڪندو آهي پر جي اهڙن انسانن جو تعلق مذهبي رشتن سان ڳنڍيل هجي ته اهي مزيد محترم ۽ مبترڪ بڻجي پوندا آهن . آئون سمجهان ٿو ته اها اسانجي ضلعي عمرڪوٽ جي خوشقسمتي آهي جو اهڙن شخصن جي مذهبي، علمي تدريسي ۽ انساني قدرن علائقي واسين کان وٺي ڪري سموري سنڌ کي متفيق پئي ڪيو آهي انهن اڏول ۽ املهه ڪردارن مان حضرت مولانا عبدالرحمان جمالي جو نالو ڪنهن کان به ڳجهو ناهي هن ماڻهو جي جنم جي مٽيءَ جو مرڪز لسٻيلي بلوچستان آهي پر قدرت واري پڙهائي جو انتظام ضلعي ميرپورخاص جي ڪاماري شريف ويجهو غلام حيدر سريوال ۾ ڪرايو اتي نومسلم استاد جي پيشورانه صلاحيتن ۽ درس وتدريس جي طور طريقن مولانا کي موهي وڏو بنيادي تعليم ۾ پير پختا ڪرڻ ڪري پاڻ سنڌيءَ تي عبور حاصل ڪيائون پر والدين جي وري لڏپلاڻ سبب ڪاماري شريف کان ڪهي اچي ولهيٽ جا وڻ وسايائون جتي جي ديني ۽ دنيوي تعليم اڳئي عروج تي هئي ته مٿان وري مولانا جمالي جهڙو پاڙهو ماڻهو سو ان علمي ماحول جو ڀرپور فائدو وٺندي ديني توڙي دنيوي تعليم اعلي پوزيشن سان پاس ڪيائون، حضرت مولانا عبدالسميع ساند رح جي زير تعليم پاڻ سنڌي توڙي عربي ٻنهي شعبن ۾ دسترس حاصل ڪري ورتائون ياد رهي ته حضرت مولانا عبدالسميع ساند رح پاڻ سنڌي جا ته بهترين آخوند هئا پر ان سان گڏوگڏ عربيءَ ۽ فارسي ۾ اعلي پايي جا عالم هئا ته عبدالسميع جهڙي استاد جي شفقت هيٺ مولانا عبدالرحمان جمالي کي پنهنجا جوهر ڏيکارڻ جو شاندار موقعو مليو، پاڻ پنهنجي استاد جي نقش قدم تي هلندي نه صرف پرائمري جا عظيم استاد بڻيا بلڪه ديني ڪتابن تي دسترس حاصل ڪري سنڌ جا مذهبي اسڪالر ٿي اڀري آيا. سندس تحرير توڻي تقرير کان ويندي درس وترديسي جهڙي گورک ڌنڌي ۾ به ڪو ثاني ناهي جيئن شيخ اياز چيو ته.
    ڪوڪو ماڻهو مون ڏٺو جهڙو چوڏهين چنڊ
    هرڪا مندن منڍ، هرڪا اک نه آئڙي.
    هن چيز کي اول حضرت مولانا عبدالرحمان جمالي جي جمعي جي واعظ ۾ علمي ۽ فلسفي بيانن بيحد متاثر ڪيو اهڙي ريت باقاعدگيءَ سان جامع مسجد عمرڪوٽ ۾ هر جمعي جي ڏينهن وڃڻ ٿيندو هو ۽ اتي مولانا جي ڪيل بيان ڇا علم جو ڀنڊار محسوس ٿيندو هو پاڻ عربي،فارسي ۽ سادي سولي سنڌي ۾ جڏهن تقرير ۾ شعلبر بياني ڪندا هئا ۽ ( هاڻي صنحيف هئڻ ڪري پاڻ اهو ڪم سرانجام نٿا ڏيئي سگهن. ) ته سچ پڇو ته علم سطحي علم وارو ماڻهو ته ڪٿي پتو بحر ۾ غوطا کائيندو هو پر ٺيڪ ٺاڪ علم جا پارکو پڻ انهي علم جي ساگر ۾ ٽٻيون هڻي وڃي بهشڪل گهرائيءَ ۾ وڃي ڪو موتي ميڙي اچن ته ڪٿي به علم جو انت نه ايندو جيئن سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح فرمايو ته.
    سيوا ڪر سمنڊ جي جت جر وهي ٿو جال
    سوين وهن سير ۾ ماڻڪ موتي لال
    جي ماسو جڙيئي مال ته پوڄارا پر ٿيئن
    اهوئي سبب آهي جو جيترو وقت سنڌ جا ناليوارا اديب، ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر مظهرالحق صديقي صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جا وائيس چانيسلر رهيا، پاڻ سنڌ يونيورسٽي جي هر انهي ايونٽ ۾ جتي تصوف جي پرچار کانوٺي “ مذهب اسلام ۾ انسانيت جا حق جهڙن اهم موضوعن تي مولانا کان نه صرف مقالا لکرائي محفوظ ڪيائون بلڪه سدائين يونيورسٽي جي پروگرام ۾ مدعو ڪري مهمان خاص طور وڏي چاهه سان جماليءَ صاحب جا دانشمنديءَ سان لبريز ليڪچر ٻڌندا هئا، وري مظهرالحق صديقي صاحب پاڻ موڪلائڻ مهل آفيس مان ٻاهر اچي سائين کي سي آف ڪري دعائن جي درخواست ڪندا هئا مونکي ياد ٿو پوي ته صوفي فقير ۾ “ تصوف ” جي عنوان سان ڪا عاليشان تقريب جو انعقاد هيو ۽ آئون به سهيڙ جي وڃي پهتس ته ڏٺم سنڌ جا نامور اسڪالر اسٽيج تي جلوه افروز هئا ۽ صدارت محترم رسول بخش پليجو صاحب پئي ڪئي ته اچانڪ انائوسنر تصوف تي روشنيءَ وجهڻ لاءِ مولانا جمالي صاحب کي جسارت ڏني صوفي صادق فقير جو فارسيءَ ۾ لکيل ڪتاب “ درد نامه ” جو سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ جو اعزاز پڻ جمالي صاحب کي حاصل آهي سو جيئن ٿي پاڻ “ درد نامه ” جي داستان کي “ تصوف ” جي تاڃي پيٽي ۾ توري تڪي پيش ڪرڻ واري عمل جتي عام ٻڌندڙن کي ته متاثر ڪيو ئي پر اسٽيج تي براجمان اسڪالرن کي به ڏندين آگريون اچي ويون پاڻ پنهنجي بيان کي اڌ ۾ روڪي چيائون ته آئون هڪ ادني انسان توهان اعلي پايي جي عالمن جي وچ ۾ شايدئي اهو علم جو وکر ورهائي نه سگهان سو بهتر ٿيندو ئي مس ڪيائين ته سمورن اسٽيج تي اهل قلم سنڌي ٻوليءَ جي اديبن اهو اسرار ڪيو ته سائين توهان تصوف تي ڳالهائڻ جو حقيقي حق رکو ٿا توهان پنهنجي تقرير کي جاري وساري رکو ته جيئن اسان توهانجي ناياب نڪتن کي نوٽ ڪري تصوف جي چاهه ڀري چاشني چکي سگهون ان وچ ۾ سنڌ جو نامور اديب محترم حميد سنڌي صاحب ته اٿي بيهي مولانا کي ڳراٽڙي پائي بار بار اسرار ڪرڻ لڳو ته سائين توهان جهڙا املهه انسان ۽ کاهوڙي ڀٽائي جي سٽن جيان ته
    ايا ڪي آهين ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي واري ڪار
    سنڌ جي ڪنهن ڪوني ۾ لڪيا پيا آهن توهان جنهن انداز سان تصوف جي تاڪين کي کوليو آهي ۽ عام فهم ۾ آڻي سولي سنڌي ۾ سرور پريئي سليقي سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ متان وري هن علائقي جي صوفي بزرگ صوفي صادق فقير جي ڪتاب “ درد نامه ” جي داستان کي تصوف ۾ صوفي جي شناخت سان متعارف ڪرايو آهي.
    صوفي صاف ڪيو ڏوئي ورق وجود جو
    تيهان پوءِ ٿيو سڄڻ ساهه پساهه ۾
    درحقيقت اسان ماڻهن وٽ تصوف جي تهه تائين ته ڇا بلڪه سطحي ليول جي ڄاڻ به پلئه پئچي ناهي سگهي اهڙي ريت مولانا جمالي کي تقرير جاري رکڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو ته هو “ تصوف ” تي حقيقي معني ۾ روشني وجهي ان جو حق ادا ڪري سگهي ٿو. هن ماڻهو وٽ جيترو الله پاڪ علم ۽ حلم سان نوازيو آهي ته اوترو ئي عملي زندگي ۾ عاجزيءَ سادگي ۽ انسان دوستي جا عنصر اندر ۾ ڏٺا ويا آهن مذهبي شدت پسندي ۽ ڪثر پڻي کان ڪوهين ڏور هي سٻا جهو عالم هر ماڻهو کي پيار ۽ پايوهه سا پيش ايندو آهي ويندي غيرمسلم ماڻهن سان ويجهڙائپ پڻ ورثي ۾ مليل رهي آهي هميشه ثالثي ۽ سهب واري ڪردار عمرڪوٽ ۽ سنڌ جي ماڻهن ۾ بيناهه الفت ۽ عقيدت مولانا جمالي لاءِ اڀري آهي مذهبي تعليم جي ته پرچار درس وتدريس ۽ مختلف سيمينارن ۾ خصوصي ليڪچر ته هونئن ئي بيحد مقبول آهن پر سنڌ جي حقن لاءِ قلم توڙي زبان هميشه حرڪت ۾ رهيا آهن پاڻ جميعت علماءَ اسلام جي يو آءِ ساڻ منسلڪ هئڻ ڪري سنڌ جي اهم اشوز تي جمالي صاحب جرئت سان جرح ڪئي آهي هڪ پروگرام ۾ جڏهن شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي المناڪ شهادت تي تعزيتي ميڙاڪو سورهيه بادشاهه ڪامپليڪس ۾ ڪوٺايو ويو جنهن جي صدارت حضرت مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب پئي ڪئي ۽ مهمان خاص صوبائي وزير ثقافت و سياحت سائين سردار شاهه صاحب جن هئا. ان پروگرام ۾ جمالي صاحب اهو انڪشاف ڪيو ته جڏهن شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومري ڪالاباغ ڊيم جي خلاف فتوي لاءِ سنڌ جا مذهبي عالم گهرايا ته اتي هي ( مولانا عبدالرحمان جمالي صاحب ) پڻ اڳيان اڳيان هو، فرمائي ٿو ته اسان قرآن پاڪ ۽ حديث مبارڪ جي روشنيءَ ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف فتوي جاري ڪئي هئي ان فتوي ۾ منهنجي صلاح لاءِ ۽ صحيح شامل هئي هن عظيم اسڪالر هڙ ان توڙي وڙان ماڻهو پنهنجي خانقاهه تي آيل مهمان کي مان مرتبو ڏيڻ سان گڏ حال آهر خاطر تواضح پڻ ڪندو اچي. جيڪا سنڌ جي ورهين کان شناخت رهي آهي ديني مدرسن ۾ تعليم ڏيڻ هر ماڻهو سان خوش اخلافي سان پيش اڇي تعلقاتن کي نپاهڻ ۽ هر شادي غمي ۾ شامل ٿي ميل ميلاپ کي قائم رکڻ پڻ هن جي مزاج جو حصو رهيو آهي حالانڪه هن وقت پاڻ صنعيف آهن پر پوءِ علمي ڪتابن سان زوق ۽ هرمسئلي کي کولي سمجهائڻ وارو فن ڪو هن کان سکي بقازوئي پروفيسر حافظ نورمحمد نهڙي صاحب جيڪو سائين جمالي صاحب جي زندگي تي بايوگرافي سهيڙڻ ۾ مصروف عمل آهي سان گڏجي مولانا صاحب جي زيارت ٿي اتي مون ڪجهه مسئلا پڇيا پر هڪ عالم مولانا صاحب جيڪو حيدرآباد کان ڪهي اچي ايم فل جي ٿيسز تي معلومات مان مستفيد ٿيڻ لاءِ آيو هو پاڻ به موج ۾ هئا ۽ علم جا واهڙ پئي واهيائون ته سچ پڇو ڏاڍو لطف اندرز ٿياسون. مولانا انهي عالم اڳيان سموري سنڌ جي تاريخي ثقافتي سياسي ۽ مذهبي موضوعن تي لب ڪشائي پئي ڪيائون ته اسان پارا همراهه ته دنگ رهجي ويا ته هي رڳو مذهبي عالم جي تائين محمود ڪونهي پر مختلف تاريخي سياسي سماجي ۽ جاگرافيائي حدن ۽ حوالن سان سرشار هي انسائيڪلوپيڊيا نظر آيو ۽ اسان آخر ۾ پروفيسر نورمحمد صاحب کي عرض ڪيوسون ته سائين جي حياتي ۾ علم جي گوهر انشانيءِ کي قلم بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ته جيئن ايندڙ نسل سندن علمي تحريرن بتحرين ۽ واقعن کان نه صرف فيضياب ٿئي پر گڏوگڏ ٻيا عالم سڳورا پڻ شال انهي واٽ تي هلڻ ۽ عمل ڪرڻ جي همت ڪن اهڙا ماڻهو دنيا ۾ ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن شال الله پاڪ سندن زندگيءَ ۾ برڪت وجهي ۽ پاڻ پنهنجي صلاحتين کي نروار ڪندا رهن.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566275
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215652
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ