ڪتاب جو نالو: ڀُڻ ڀُڻ
مصنف: ڊاڪٽر ونود آسوداڻي
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 04 جولائي 2017 ع
پڙهيو ويو: 517 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 190 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب هند جي سنڌي شاعر ڊاڪٽر ونود آسوداڻيءَ جي غزلن جو مجموعو آهي. هن ودوان جي سڃاڻپ جي هڪ خاصيت اها آهي ته هو ڄائي ڄم کان نابين آهن. باوجود ان جي تعليمي ۽ ادبي کيتر ۾ سٺو مقام حاصل ڪيو اٿن.
ادبي کيتر ۾ ڪيل شيوائن لاءِ کيس اکل ڀارت سِنڌي ٻولي ۽ ساهتيه سڀا، جئپور پاران 2014 ۾ راشٽريه پُرسڪار سان نوازيو ويو. 2015 ۾ سندس غزلن جي هن ڪتاب ”ڀُڻ-ڀُڻ“ کي اين.سي.پي.ايس.ايل. جو 50 هزار روپيه جو راشٽريه ساهتيڪ پُرسڪار ڏنو ويو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • شاعر جي واقفيت
  • سُڃاڻپ
  • غزل

  • 1. بِنا ڪنهن سبب ڪو وَڻي ٿـو تـه ڇا ٿــيو
  • 2. خوابن جا پِڻ خواب ڏِسو
  • 3. ڦــوُڪ ڏئي سڀ ساڙي ڇڏبو
  • 4. خوابن ۾ پڻ خؤفزده
  • 5.باهه کي باهه نه چوندين ته چڱو
  • 5 (II). عـلـم آهـي ته اِلاهــي هِــتِ هُــتِ
  • 6. شام جو روز زندگي ڦَٿِڪي
  • 7. زندگيءَ کان ٿي زندگي ڇِرڪي
  • 8.چند اُميدوُن پوُري رَکجن
  • 9. سُک وِهڻ ڪين ڏين آرايوُن
  • 10. سَچ کي سَچُ چوَندين، وڻندو
  • 10 (II). هـــارايـــان ، سَــوَلــو نــاهـــي
  • 11. خواب هوا پڻ ڏسندي هوُندي
  • 12. راهه کان ماڳ ڇا جُدا آهي؟
  • 13. پيار ۾ ڪُجھه چريو ٿيڻ به کپي
  • 13(II). سَــڀُ پُراڻــا لـَٽــا ڦِــٽــي نه ڪَــيــو
  • 14. وقتُ هـَلندي ڪڏهِن ته بـِـهندو ئي
  • 15. بندگي ٻي نه موُن ڪَئي آهي
  • 16. وقت جا پير پڻ ٿڪل ٿا لڳن
  • 17. اَڌُ لِکيل خط ڪڍي لِکڻ ويٺس
  • 18. ڪُجھه لِکي ذهن تي مِٽائي ڇڏيو
  • 19. خواب وِڪڻي هوُ ڪُجھه ڪَمائي ٿو
  • 20. پيار ڪيڏو ڪَيو آ اَنڌيرن ڏِسو
  • 21. اوچتو اوچتو ڪنهن اَچي هَٿُ جَھليو
  • 22. سِجَّ چَـنـڊَ کي جـڏهِن ڇُهيو هو
  • 23. ڪيترو وَقتُ ڪُجھه لِکيو ڪونهي
  • 24. ٽيپو ٽيپو لُڙڪ ڳڙي پيو
  • 25. ڦٿڪي ڦٿڪي ٿڪو، سُتو آهي
  • 26. ڪڏهِن هَلڪو ڪَڏهِن ڳؤرو لَڳي ٿو
  • 27. دير سان ٿو سُمهي، اُٿي جلدي
  • 28. اوچتي تو ڏني هِڪ چُمي ڪيئن
  • 29. اَڌوُرن ڪَمن کي ڪَري ڪير پوُرو
  • 30. ڪا سُڃاتل هَوا لَڳي ڪونهي
  • 31. تــيـز هَــوا پــر لُـڏي نٿو
  • 32. مُنجھيل مُنجھيل سَڀُ ڌاڳا آهن
  • 33. پـاڻ کي پـاڻ ٺڳي ويٺو آ
  • 34. اَڃا بِه مَنظر ڏِسڻا هوُندا
  • 35. زندگي ڪيڏي سُـنـھري آهي
  • 36. دگي آهي کيچلي ڪيڏي
  • 37. سينسيڪس جِيان گھٽجيِ پو وڌندو آهيان
  • 38. ڳوٺ ڳوٺ جا دؤرا ڇا لءِِ
  • 39. هَوا لَڳڻ سان کُلي پَوي ٿو
  • 40. ٽانڊن کي پيــا ڦوُڪَ ڏين
  • 41. ٽانڊن کي پيــا ڦوُڪَ ڏين
  • 42. ٽـانڊن جو ڪو وارِث بڻبو؟
  • 43. ٽـانڊن جو ڪو وارِث بڻبو؟
  • 44. ٽـانڊن جو ڪو وارِث بڻبو؟
  • 45. اوچتو ڪو اَچي ڪـري ڀُڻ ڀُڻ
  • 46. ماٺِ جا سُڏڪا ٻُڌا ها
  • 47. گـڏجي وَڻ وَڻ سان موُن رُنو ڏاڍو
  • 48. ڪـوُڪ گـاڏي هَڻي ڊڄي ٿو وَڃي
  • 49. پـنهـنجـي ويجھو ذرا اَچان ته سَهين
  • 50. خود ۾ خود جو حاسد کوجڻ سؤلو ناهي
  • 51. واريءَ تـي ڪي مـضموُن لِکيا ويسھه سان

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڀُڻ ڀُڻ“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب هند جي سنڌي شاعر ڊاڪٽر ونود آسوداڻيءَ جي غزلن جو مجموعو آهي. هن ودوان جي سڃاڻپ جي هڪ خاصيت اها آهي ته هو ڄائي ڄم کان نابين آهن. باوجود ان جي تعليمي ۽ ادبي کيتر ۾ سٺو مقام حاصل ڪيو اٿن.
    ادبي کيتر ۾ ڪيل شيوائن لاءِ کيس اکل ڀارت سِنڌي ٻولي ۽ ساهتيه سڀا، جئپور پاران 2014 ۾ راشٽريه پُرسڪار سان نوازيو ويو. 2015 ۾ سندس غزلن جي هن ڪتاب ”ڀُڻ-ڀُڻ“ کي اين.سي.پي.ايس.ايل. جو 00050, روپيه جو راشٽريه ساهتيڪ پُرسڪار ڏنو ويو.

    ٿورائتا آهيون ڀڳوان ٻاٻاڻي صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    شاعر جي واقفيت

    نالو : وِنود هرديالداس آسوُداڻي

    جنم : 1 جنوري 1969، ناگپور

    تعليِم : ايم.اي (انگلش، هِسٽري، سوشلاجي، ناگپور يوُنيِورسِٽي)،
    بي. ايڊ (-ناگپور يوُنيورسِٽي)،
    ايم.ايس.سي . (اپلائيِڊ سائڪالاجي، اناملائي يونيورسِٽي)،
    ايس.ايِ.ٽي. (پونا يوُنيورسِٽي)،
    پي.ايڇ.ڊي.(ناگپور يونيورسِٽي)،
    پي.جي. ڊپلوما (انامالائي يونيورسِٽي)،
    ڀاشا سناتڪ (مراٺي ۾ ڊگري- ناگپور)،
    پنڊت (هندي ساهت ۾ ڊگري-پوني)،
    اَئسوسئيٽ پروفيسر (انگريزي) ۽
    هيڊ آف ڊپارٽمينٽ (هيومنٽيِز ) ناگپور

    ڇپيل ڪتاب : ’ اَڌوُرا آسمان‘ (هِندي غزل سنگرهه، ننڍي ڀاءُ راجيش آسوُداڻيءَ سان گڏ)
    ’چڻگوُن- چڻگوُن‘ (سِنڌي غزلن جو مجموعو)
    ’ باهِه جوُن پاڙوُن‘ (سِنڌي غزلن جو مجموُعو)
    ’ ڀُڻِ- ڀُڻِ‘ (سِنڌي غزلن جو مجموُعو)
    An easy approach to Social Science (Text Book for B.E. First Year)
    An easy approach to English (Text Book for B.E. First Year)

    سنمان : باهه جون پاڙون ڪتاب تي ڀارتيه ڀاشا پريشد، ڪلڪتا طرفان 2012 ۾ يـُوا پرسڪار،
    تعليمي کيتر ۾ ناگپور يونيورسِٽي طرفان جدا جدا امتحانن ۾ 10 گولڊ ميڊل مليل، سنڌي غزلن جي مجموعي ”باهِه جوُن پاڙوُن“ کي ڀارتيه ڀاشا پريشد، ڪولڪتا پاران 2012 ۾ يُوا پُرسڪار، 2013 ۾ تعليمي سرگرمين واسطي Sunrise Peace Foundation پاران ”يوگي مَنوهر شڪشا رتن“ اَوارڊ، 2014 ۾اکل ڀارت سِنڌي ٻولي ۽ ساهتيه سڀا، جئپور پاران راشٽريه پُرسڪار سان ، 2015 ۾ ‘ڀُڻ-ڀُڻ’ ڪتاب تي اين.سي.پي.ايس.ايل. جو 00050, روپيه جو راشٽريه ساهتيڪ پُرسڪار ، . 5 سيپٽيمبر 2015 تي RTM University Nagpur پاران Best Teacher Writer Award ، هِندي ساهتيه ۾ يوگدان تي راشٽرڀاشا پرچار سمتي، وَرڌا جي دَهليءَ ۾ ٿِيَل Diamond Jubilee جلسي ۾ ڀارت سرڪار ۾ اُن وقت جي هوم منسٽر شري سُشيل ڪُمار شِندي سَندَس سَتڪار ڪيو.


    سُڃاڻپ

    ونود آسوداڻيءَ جو جنم مهاراشٽر جي ناگپور شهر ۾ ٿيو. هوُ شري هرديالداس ۽ شريمتي لڇمي آسوُداڻيءَ جو چوٿون اؤلادُ آهي. اَٺن ڀائرن ڀينرن مان ٽي ڀائر ۽ ٻَه ڀينروُن ڄائي ڄَم کان نابيِن (دِرشٽي-هيِن) آهن. نابيِنيءَ باوجوُد ٻالڪپڻي کان ئي پنهنجي لاجَواب قابلِيَت جو مظاهرو ڪندا رهيا آهن.
    ڏهين دَرجي بورڊ جي اِمتحان ۾ 90 سيڪڙو مارڪوُن کڻي وِنود ميرِٽ لِسٽ ۾ سترهون نمبر پراپت ڪيو. اَهڙي طرح ڀارت جو اهڙو پهريون نابيِن هُئڻ جو گؤرَو حاصل ڪيائين جنهنجو نالو ڏهين درجي جي ميرٽ لِسٽ ۾ شامل ٿيو. بورڊ جي ئي ٻارهين درجي ۾ 78 سيڪڙو مارڪوُن حاصل ڪري ڪلا شاخا جي ميرِٽ لِسٽ ۾ هن پنجون نمبر پاتو. ناگپور يوُنيِوَرسِٽيءَ جي بي. اي. ۾ پڻ پَنجون نمبر حاصل ڪيائين. ساڳي يوُنيِوَرسِٽيءَ مان ايم.اي. (انگريزي ساهتيه)، ايم.اي. (اِتهاس) ۽ ايم. اي. (سَماج شاستر) ۾ پهريون نمبر رهي ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيا. بي.ايڊ. ۾ يوُنيِوَرسِٽيءَ ۾ پنجون ۽ پـُڻي وِشوَوِدياليه جي ايس.ايِ.ٽيِ. ۾ سَموري مهاراشٽر ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيائين.
    ايترو ئي نَه، هن اناملائي وِشوَوِدياليه مان اَپلائيِڊ سائڪلاجيءَ ۾ ايم. ايس سي. ۽ P.G. Diploma in Guidance and Counselling ڪري پوري مُلڪ ۾ پهريون نابيِن منووگياني بڻجڻ جو شرف حاصل ڪيو. ناگپور يوُنيِوَرسِٽيءَ مان ونود کي انگريزي ساهتيه ۾ پي.ايڇ.ڊي. ِِِِِِِيعنى ڊاڪٽريٽ جي اُپاڌي حاصل ٿي آهي. کيس الڳ الڳ ڀاشائون سِکڻ جو شؤنق رهيو آهي. راشٽر ڀاشا سَمتي، پـُڻي مان هِندي ساهِتيه ۾ ’پنڊِٽ‘ ۽ وِدرڀ ساهتيه سنگھه، ناگپور مان مَراٺي ڀاشا ۾ گرئجوئيٽ جي اُپاڌي بِه حاصل ڪئي اَٿائين .
    ڪمپيوٽر بِه سندس پَسَند جو وِشيه رهيو آهي. اِن کيتر ۾ M.Sc.(IT) اِمتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري پنهنجي مهارت ڏيکاري اَٿس .
    گذريل 20 سالن کان اَدب جي کيتر ۾ سرگرم آهي. هيل تائين سَندَس ڇَـهَه ڪِتابَ، جن ۾ چار غزل سنگرهه آهن، شايع ٿي چـُڪا آهن :

    1. اَڌوُرا آسمان (هِندي غزل سنگرهه، ننڍي ڀاءُ راجيش آسوُداڻيءَ سان گڏ)
    2. چڻگوُن- چڻگوُن (سِنڌي غزلن جو مجموعو)
    3. باهِه جوُن پاڙوُن (سِنڌي غزلن جو مجموُعو)
    4. ڀُڻِ- ڀُڻِ (سِنڌي غزلن جو مجموُعو)
    5. An easy approach to Social Science (Text Book for B.E. First Year)
    6. An easy approach to English (Text Book for B.E. First Year)

    اِنکان سَواءِ سِنڌي، هِندي ۽ انگريزيءَ ۾ 600 کان وڌيِڪ غزل، گيِتَ ۽ ڪوِتائوُن لکيوُن اَٿائين. راشٽريه ۽ انتر راشٽريه سطح تي 20 کان وڌيِڪ رِسرچ پيپر پيش ڪري چُڪو آهي. گُذريَل 15-14 سالن کان اِنساني وسيِلن جي وِڪاس (Human Resources Development) جي کيتر ۾ پنهنجون شيوائوُن ڏيئي رهيو آهي. ڀارت جي جُدا- جُدا شهرن ۾H.R.D. تي 200 کان وڌيڪ ورڪشاپ ڪيا اَٿائيِن.
    ساماجڪ کيتر ۾ بِه ڪافي سرگرم آهي. گُذريل 20 سالن کان نابيِنن جي ڪلياڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. گھڻين ئي سنسٿائن سان جڙيَل آهي، جن ۾ خاص آهن –

    1. ڊائريڪٽر : Institute for Transformation, Nagpur
    2. سنيوجڪ : ‘سِنڌو’ ساهتيڪ ۽ سانسڪرتڪ سنسٿا، ناگپور
    3. اَڌيڪش : ‘ نوَسِرجن’ هندي ساهتيڪ سنسٿا، ناگپور
    4. ڊِپٽي سيڪريٽري : سِنڌي ساهتيه سڀا، ناگپور
    5. لائيِف ميمبر : اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا، جئپور
    6. لائيِف ميمبر : اِنڊيَن سائِنس ڪانگريس، ڪولڪاتا
    7. لائيِف ميمبر : آل اِنڊيا سوسائٽي فار ٽيڪنيِڪل ايڊيوڪيشن، دَهلي
    8. راشٽريه ڪاريڪارڻي: ”سَکـشَم“ (وِڪلانگن جي چؤطرفي وِڪاس لاءِ ميمبر سويَم سيوي سنگٺن)
    9. جنرل سيڪريٽري : بلائيِنڊ گرئجوئيٽ فورم آف اِنڊيا.
    10. اڌيڪش: نيشنل آرگينائيِزيشن فار دي اِنٽيگريشن آف دي بلائيِنڊس.

    غير معمولي تعليمي، ادبي ۽ ساماجڪ ڪمن سبب سندس نالو ڪيترن ئي راشٽريه ۽ انتر راشٽريه پبليِڪيشنس ۾ شامل ڪيو ويو آهي. انهن مان ڪي آهن-

    1. لِمڪا بـوڪ آف رِڪارڊس (ڀارت مان شايع ٿيِندڙ)
    2. ”هوُ اِز هوُ آف مئِن اَئِنڊ وومَن آف ڊِسٽِنڪشن“ (ڀارت مان شايع ٿيِندڙ)
    3. فائيِو ٿائوُزنڊ ليِڊرس آف د وَرلڊ (اميرڪا مان شايع ٿيِندڙ)
    4. آئوٽ اِسٽينڊِنگ پيِپلس آف ٽوينٽيِئٿ سينچري (ڪئمبرج، برٽين مان شايع ٿيِندڙ)
    5. اِنٽرنيشنل ڊِڪشنَري آف اِنٽيليڪچوئلس (ڪئمبرج، برٽين مان شايع ٿيِندڙ)
    6. ايشِيَن اَميريِڪن هوُ اِز هوُ (ڀارت مان شايع ٿيِندڙ)
    7. ايشِيَن پيسيفِڪ هوُ اِز هوُ (ڀارت مان شايع ٿيِندڙ)
    8. ايشِيَن ايڊمايريبل اَچيِوَرس (ڀارت مان شايع ٿيِندڙ)
    9. ڪئمبرج، برٽين پاران اِنٽرنيشنل مئن آف د مِلينِيَم پـُرسڪار سان 2001 ۾ سَنمانِت.
    10. ساماجِڪ ۽ سانسڪرتِڪ سنسٿا ’چؤکٽ‘ پاران 2001 ۾ ناگپور رتن’ اعزاز سان نَوازيَل.
    11. سِنڌو مـُڪتي سَنگٺَن پاران ’سنڌو رتن‘اعزاز سان پڻ نوازيل.

    وِنودَ جي شخصيَت گھَڻَ ڪـُنڊائي آهي. کيس ساهتيه، سنگيِت، شطرنج، ڪرڪيٽ، منووِگيان، درشن شاستر، راڄنيتي، سَماج سيوا، تعليِم، نابيِنن جو ڪلياڻ، وِگيان وغيره ۾ گَهِري دلچسپي آهي. هِن وَقت هوُ ناگپور جي رامديو بابا ڪاليج آف اِنجيِنِيَرِنگ اَئنڊ مَئنيجمينٽ ۾ مانَـوَشاستر کاتي ۾ ائسوسِئيٽ پروفيسر ۽ هيڊ آف دي ڊپارٽمينٽ جي روُپ ۾ پنهنجوُن شيوائوُن ڏيئي رهيو آهي.
    ونود آسوُداڻيءَ جي سنڌي غزلن جي مجموعي ”باهِه جوُن پاڙوُن“ کي ڀارتيه ڀاشا پريشد، ڪولڪتا پاران 2012 ۾ يُوا پُرسڪار عطا ڪيو ويو. 2013 ۾ تعليمي سرگرمين واسطي کيس Sunrise Peace Foundation پاران’يوگي مَنوهر شڪشا رتن‘ اَوارڊ سان سَنمانِت ڪيو ويو. ادبي کيتر ۾ ڪيل شيوائن لاءِ کيس اکل ڀارت سِنڌي ٻولي ۽ ساهتيه سڀا، جئپور پاران 2014 ۾ راشٽريه پُرسڪار سان نوازيو ويو. 2015 ۾ سندس ‘ڀُڻ-ڀُڻ’ ڪتاب کي اين.سي.پي.ايس.ايل. جو 00050, روپيه جو راشٽريه ساهتيڪ پُرسڪار ڏنو ويو. 5 سيپٽيمبر 2015 تي RTM Nagpur University پاران ڊاڪٽر ونود آسوُداڻيءَ کي Best Teacher Writer Award سان نوازيو ويو.
    وِنودَ جي هِندي ساهتيه ۾ يوگدان تي راشٽرڀاشا پرچار سمتي، وَرڌا جي دَهليءَ ۾ ٿِيَل Diamond Jubilee جلسي ۾ ڀارت سرڪار ۾ اُن وقت جي هوم منسٽر شري سُشيل ڪُمار شِندي سَندَس سَتڪار ڪيو.
    ونود آسوُداڻيءَ گھڻن ئي سِنڌي ڪتابن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. جن مان هيٺ ڄاڻايل ڪتاب شايع ٿي چُڪا آهن:

    1. Silent Path : وينا شرنگيءَ جون سنڌي ڪوتائون
    2. That One Moment : واسديو موهيءَ جون سنڌي ڪهاڻيون
    3. Cheque Book and Other Stories : واسديو موهي ءَ جون سنڌي ڪهاڻيون

    ونود آسوُداڻي مرڪزي ساهتيه اڪادمي، دهليءَ جي سنڌي ائڊوائزري بورڊ ۾ بطؤر ميمبر 1 جنوري 2013 کان پنجن سالن لاءِ nominated آهي. ان کان سواءِ هوُ مهاراشٽر ساهتيه اَڪادميءَ جو پڻ ميمبر رهيو آهي.


    غزل

    1. بِنا ڪنهن سبب ڪو وَڻي ٿـو تـه ڇا ٿــيو

    بِنا ڪنهن سبب ڪو وَڻي ٿـو تـه ڇا ٿــيو
    اِئـيــن دل کـي آٿــت اَچـي ٿــــو تـه ڇا ٿـــيـو

    اُڃــايــل آ بـــرپــٽ اَلائــي جــي ڪـيــڏو
    ڪَڪر ڪوئي ٿورو وَسي ٿو تـه ڇا ٿيو

    ڪَٽيل هَـٿ، ڀَــڳــل پــيـر آهِــن خـــبــر ٿَـــس
    ٻُـــڌي اَڻـــٻُــڌي هـــوُ ڪَـري ٿـــو ته ڇــا ٿـيـو

    رَهي سَچ کان محروُم ڪُجھه وَقت ٻالڪ
    کِـــلــونــن سـان کـيــڏي کِــلـي ٿـــو ته ڇــا ٿــيــو

    ڏِٺـو چَـنڊ ڌرتيءَ کـي پــنـهنـجــيُــن اَکــيُــن سـان
    وَڃي پو ڪَڪَر ۾ لِڪي ٿو تـه ڇا ٿيو

    ڀَـــري ريــتِ جـا ٻُــڪ هــوُ هَــلـنـدو رَهي ٿــو
    ڪَڻو هِتِ ، ڪَڻو هُتِ ڪِري ٿو تـه ڇا ٿيو


    2. خوابن جا پِڻ خواب ڏِسو

    خوابن جا پِڻ خواب ڏِسو
    اَهـــڙا آشـــــاواد بَــــڻـــــــو

    ڪيئن اَوهان سان دل اوريوُن
    ڏاڍا ٿـــا چــيــڙاڪَ لَـــڳــو

    پـــيــار مِــلـي ٿــو قِــسطــن ۾
    دؤر نَئين جي هَلت سِکو

    بوُند بوُند سان سمُنڊ ڀَريوُن
    ڪَيو اِرادو اوهين پَــڪو

    مُشڪَ، چُمي يا هِڪُ ڀاڪُر
    ڪــو تــ کِــــلـــونــــو ڏِيـــــــو سَـــڄـــــو

    سِــجّ سَـويــن پِـــڻ ٿــَڪـجـي پــيــا
    اوُنــــداهــــــو آ ســــفـــــر سَـــــڄــــــــــو

    هَــر ڪــنــهــنـجو آ مــــاڳُ جُـــدا
    سـوچـي سَــمــجھـي قَـدم کڻو


    3. ڦــوُڪ ڏئي سڀ ساڙي ڇڏبو

    ڦــوُڪ ڏئي سڀ ساڙي ڇڏبو
    دل ۾ ٽــانـڊو ڪو به نه رَکـبــو

    ڄــاڻــان ٿــو مـــان قــاتــل آهـــيــان
    هڪ هڪ سپنو پنهنجو ڪُهبو

    ڪو ته پَتو خوشبوءِ جو هوُندو
    واٽــن تــي وَڻ وَڻ کــان پُـڇبــو

    سـاگر نـاهيـان سحرا نــاهــيــان
    ٿــورو پـيِبو پــياســو رهـبـو

    اُجلو تـن ۽ اُجــلو مــن ٿــس
    هوريان هوريان هُن کي ڇُهبـو

    هـوُ ساگــر مــان ٽوٻو آهيـان
    ڳولهي ڳولهي موتي ڪڍبو

    سـائين مــوُنکي هوريان پاڙهيو
    صـدمو صـدمو سـمـجھي سـِکبو


    4. خوابن ۾ پڻ خؤفزده

    خوابن ۾ پڻ خؤفزدھ
    اَهـــــڙو جــيـونُ آهــي اَدا

    ٿـــوري ٿــــوري ريــت کَــڻــي
    سمنڊ ڀــرڻ جي اَٿـــس ڪــلا

    لــفـظ لـفـظ ٿــو پــاڻ لــکـــي
    خود ئــي ڦــاڙي ڇــڏي پَـنــا

    ٻـــار ٿــيــڻ ۾ آهــــه مــزو
    ٻــار جـيـان دل ڪري ڦــڏا

    ٽَـنگ تي چاڙهـي ٽَـنـگ وهـان
    نــاهـيـان يــارو مـان ته خـُـدا
    جھيڻي جھيڻي ٻـُجھي پــئــي
    ڪيئن سُڃاڻان سندس صدا

    ڪو تَه رَسـيِ شـل راس ٿــئـي
    ڪــچـڙا ســپـنـا خـوُب لــڌا


    5.باهه کي باهه نه چوندين ته چڱو

    باهه کي باهه نه چوندين ته چڱو
    بس تماشو بِهي ڏِسندين ته چڱو

    هَلُ ته يُگ بدليوُن مسيحا بڻجوُن
    بُدبُدا ڪوُڙ جا ٻَڌندين ته چڱو

    ٿڪجي پيُس ڊوڙي لـغـڙ جي پويان
    ويهي آڪاش ڏي ڏسندين ته چڱو

    هِڪ نـظر تـوڏي نـهاريــو اَبــهَـم
    هَنجَ ۾ ٻار کي کـڻـنـديــن ته چڱو

    ذهــن ، دل ، خـواب ، تـمنـّا، اَرمـان
    آ اَمانــت وڏي ، رکـنـديــن ته چڱو

    آءُ اوري، اَڃــا اوري، اوري
    سـاهه جو ڀُـڻـڪو جـي ٻُـڌنديـن ته چڱو

    ڪـو نه ڪـو ٻـوجھُه ته کـڻـڻو آهـي
    سوچي سمجھي ذرا کڻـندين ته چڱو


    5 (II). عـلـم آهـي ته اِلاهــي هِــتِ هُــتِ

    عـلـم آهـي ته اِلاهــي هِــتِ هُــتِ
    شاهه جيان اَلف جي سِکندين ته چڱو

    ڪَٽِ چڙهيل ڪوئي لَـڳيـن ٿـو تــالـو
    ڪنهن نه ڪنهن چاٻيءَ سان کُلندين ته چڱو

    ٿــورا اَحـسـاس اُهـي ۾ آهــن
    پنهنجي هَٿ سان هَوا ڇُهندين ته چڱو

    ڪيئن نه ڪيئن موُنکي ته وَڃڻو آهي
    ماڳَ جي ڳولها ۾ هَلندين ته چڱو

    ڀـيـٽَ تنهنجي هـُجي سِج تارن سان
    بـازي اَهڙي ڏُکـي کٽنديـن ته چڱو

    روشني ڪوئـي نه چورائي وَڃي
    پنهنجي هَٿَ سان ڪِٿي رَکندين ته چَڱو

    ڪو ته تُنهنجي به لِکاوٽ پڙهندو
    لَفظ ڪاغذ تي نَه لِکندين ته چَڱو


    6. شام جو روز زندگي ڦَٿِڪي

    شام جو روز زندگي ڦَٿِڪي
    تشنگيءَ لاءِ تشنگي ڦَٿِڪي

    بيڪسي اَهڙي ڪا وَرائي ويس
    پاڻ کي پاڻ ئي ڇُهي ڦَٿِڪي

    گھاوَ اَهڙا به ڪي مِليا آهن
    گَر سُبان ٿو ، سَڳو سُئي ڦَٿِڪي

    آ مَــزو اِنــتـظـار ۾ ، سَـچُ آ
    جي مِلي ڪوئي، دل چري ڦَٿِڪي

    نــاهـهِ سَوَلـو اَدا ٿِــيڻ شاعر
    لفظ در لفظ هوُ لِکي ڦَٿِڪي

    چور ، چالاڪ ، سنت ، ساڌوُ هِت
    هَـرڪو درويش ۽ رِشي ڦَٿِڪي

    بيخوديءَ ۾ بَـيـان ڪَهڙو ڏِجي
    ڦَٿِڪيِ ڦَٿِڪيِ وَري وَري ڦَٿِڪي


    7. زندگيءَ کان ٿي زندگي ڇِرڪي

    زندگيءَ کان ٿي زندگي ڇِرڪي
    ڄڻ اَنڌيري کان روشني ڇِرڪي

    ظلم ساگر ڪيا ته پَڪ هوُندا
    ڇو ٿي نه ته سمنڊ کان نَدي ڇِرڪي

    زورُ طوُفان جو اوهين آکـيـو
    پنهنجي آکيري ۾ پَکي ڇِرڪي

    سِجّ جو قرض چنڊ تي ڪيڏو
    رات ساري ٿي چاندني ڇِرڪي

    ڪو ته اَهــڙو وَڏو گُـنـاهه ٿــيو
    سالَ ڇرڪن، سڄي صدي ڇِرڪي


    8.چند اُميدوُن پوُري رَکجن

    چند اُميدوُن پوُري رَکجن
    وقت پَوڻ تي کوٽي ڪڍجن

    ڳڙنِ پَگھَرَ جوُن اُڀَ مان بوُندوُن
    پنهنجي هَٿ ۾ جيڪر جھلجن

    خواب سموُرا محفوُظ رهن
    اَهڙيوُن اَکڙيوُن ڳولهي لـهِـجن

    لَــهـڻـو اَڄُ جو لاهـِــڻَ خـاطــر
    سمنڊ ڏئي سڀُ رڻ پَٽ وٺجن

    خالي کوکا موُنکي ڏيـندا
    ٻارن لءِ رانديڪا گھُرجن

    چورايل رَت سان ڇا لِکبو
    وَڍِ پنهنجي آڱر يُگ مَٽجنِ

    چنـد گُــــنـاهـــن تــي ويسھُه آ
    وقت ڏُکئي ۾ ٻيلي بڻجن

    هوُندا سِجّ ته اُڀري ايندا
    اوُندھه ۾ سڀُ اُڇلي ڇَڏِجن


    9. سُک وِهڻ ڪين ڏين آرايوُن

    سُک وِهڻ ڪين ڏين آرايوُن
    مهل بــي مهل ڪُرن آرايوُن

    ٻوليءَ جوُن ، مُلڪ جوُن ۽ دُنيا جوُن
    آ تـــمــنـّــا ته لَـــهــن آرايــوُن

    ڪوئي آخر ڪَڍي ڪيڏا ٿڌڙا
    رات ساري ٿيوُن جلن آرايوُن

    بــاهه ڪيڏي رکي سانڍي مَنُ ٿو
    هوريان هوريان ٿيوُن ڪَڍن آرايوُن

    تنگ آهن لَڳي ٿو موُن مان هوُ
    ڪَر دُعـا شـال ڇُـٽـن آرايـوُن


    10. سَچ کي سَچُ چوَندين، وڻندو

    سَچ کي سَچُ چوَندين، وڻندو
    مَن جي ڪُجھ ٻُڌندين، وڻندو

    چُپ مان پڻ ظاهر آهي
    چوري چَپ چوَندين، وڻندو

    هَــلـڻـو آهــي ، هَــلـبـو پــڻ
    تَڪڙي وِکَ کَڻندين، وڻندو

    غلطيوُن ڪَر ، ڀَل ڪر، ليڪن
    غلطيُن مان سِکندين، وَڻندو

    مـنـزل جـي ڳــولــهــا ۾ تــوُن
    سِج وانگُر رُلندين، وَڻندو

    اَک ۾ ڳــوڙهــو سُـهڻـو آ
    پر ڪنهن لاءِ رُئندين، وَڻندو


    10 (II). هـــارايـــان ، سَــوَلــو نــاهـــي



    هـــارايـــان ، سَــوَلــو نــاهـــي
    بازي ڪا کَٽندين، وَڻندو

    گڏجي لِڪ ڇُپ راند ڪَيوُن
    پهريان توُن لِڪندين، وَڻندو

    وِڪڻڻ لاءِ ويٺو آهيان
    هِڪ سَپنو وَٺندين، وَڻـندو

    ٻار جيان سوچڻ سِکبو
    ڪي غلطيوُن ڪڍندين، وڻندو

    ويسھَه تي ويسھُه ناهي
    ڪُجھ سوچي پُڇندين، وَڻندو

    ڪنهن مان ڪُجھه ورڻو ناهي
    ته به کوڙا ڀَڃندين، وَڻندو


    11. خواب هوا پڻ ڏسندي هوُندي

    خواب هوا پڻ ڏسندي هوُندي
    اُمـيـدُن تــي جيئندي هوُندي

    رات رُئي ٿي هوريان هوريان
    ڪنهن اَلهڙِ جيان ڊڄندي هوُندي

    ڪنهن اَڻپوُريَ حسرت وانگُر
    جھنگل جھنگل رُلندي هوُندي

    ياد ڪري خوابن ۾ موُنکي
    پنهنجي آڱر چُمندي هوُندي

    ڪڍي پُراڻا خط پيتيءَ مان
    سُڏڪي سُڏڪي پڙهندي هوُندي

    ڳالھه چئي جا عرصو پهريان
    هاڻي هُن کي وَڻندي هوُندي


    12. راهه کان ماڳ ڇا جُدا آهي؟

    راهه کان ماڳ ڇا جُدا آهي؟
    بندي کان ڇا جُدا خُدا آهي؟

    سوُنهن نيڻن ۾ ئي سمايل آ
    بس ڏسڻ جي اَلـڳـه اَدا آهي

    شاهه جي هَٿَ ۾ شال چيچَ رهي
    سَڀ جي هَٿَ ۾ ڪِٿي شفا آهي

    هِڪ خبر نيٽ تي خُدا ڏياري
    سـاڌوُ سنـتـن کــان هــوُ خفا آهي

    شام جي وقت ڪو ڏيئو نه ٻَريو
    هَـــر طـرف خؤفَ جيِ هَـوا آهــي

    ذهن سان خواب پڻ وڪيا آهن
    ســـانـڍي تــو لءِ رکــي دُعــا آهــي


    13. پيار ۾ ڪُجھه چريو ٿيڻ به کپي

    پيار ۾ ڪُجھه چريو ٿيڻ به کپي
    ڪنهن نَئين ڍنگ سان جـئَڻُ بِـه کپي

    صرف کِـلندين ته ٿي چريو پوَندين
    ٿــــورو ٿـــورو ڪڏهن رُئــــڻ به کَـپــي

    مُـسڪرائـــيندو ئــي رهـيُس هردم
    چوري چَپ ڳالهه ڪا چوَڻ به کپي

    ڏينهُن سارو گَجي پئي هـوُ گَجيا
    شــام جي وقــت ڪو وَسـڻ به کپي

    سَـجُّ بـڻـجي رهڻ جي حسرت ڇو
    چنڊ جيان داغ ڪو هُـئـڻ به کپي

    ڳــائــي ڳــائـــي غــزل پُـــراڻـــا ٿــــيــا
    ڪُجھ نَئون، ڪُجھه اَلـڳ لِکڻ به کپي


    13(II). سَــڀُ پُراڻــا لـَٽــا ڦِــٽــي نه ڪَــيــو

    سَــڀُ پُراڻــا لـَٽــا ڦِــٽــي نه ڪَــيــو
    ڪــو ته ڦاٽــل لَــٽــو سِــبــڻ به کــپــي

    ڳـالھه چَوڻي ٿــئــي ته چوکـي چَــئُـه
    دل ۾ ٿـــورو ته وَڍُ پــوَڻ به کــپــي

    جوهري توُن ٿـئين ته ڇــا ٿــي پــيــو
    ڪوئي موتي سَچو مِــلــڻ به کــپــي

    تــيــل ۽ وَٽ ڏيــئــي ۾ آهـــي پــر
    روشــنــيءَ لءِ اُهــو ٻــرڻ به کــپــي

    مينھَن جا ڪُجھ ڦُڙا ڪِرن هَٿ تي
    پياس مُنهنجي ڪڏهِن ٻُـجھڻ به کَــپـي

    بيِٺي بيِٺي تَه پير ٿڪجي پـيا
    هاڻي منزل ڏي رُخ ڪَرڻُ بِه کَپي


    14. وقتُ هـَلندي ڪڏهِن ته بـِـهندو ئي

    وقتُ هـَلندي ڪڏهِن ته بـِـهندو ئي
    هوُ به ساهـي پَــٽــڻَ ته وِهــندو ئـي

    ڪير پل پل جو هِت حساب رَکي
    وَقـتُ آخر چِٺــا ته پـڙهــنــدو ئـي

    ٻُڪَ ڀري ريت جا لِڪائي رکيــا
    لوڀَ وس، ڪو چريو ته وَٺندو ئي

    ڪنهن ڪَڪر کي ڏسي هوُ خوش ٿو ٿئي
    آيـــو آهــي ، ڪڏهِــن ته وَسـنـدو ئـي

    ڇــانــوَ نـــاهــي ته ڇـا ٿــــيـو دلــبـــر
    شــام جــي وقــت سِجُ ته لَهـنـدو ئي


    15. بندگي ٻي نه موُن ڪَئي آهي

    بندگي ٻي نه موُن ڪَئي آهي
    صـرف تــو لءِ دُعـا پِــنـي آهي

    راهَه ٽانڊن جي ماڳُ ٽانڊن جو
    بـاهِه سـان مُنهنجي دوستي آهي

    ذهـن ۾ گـوُنجي پـيـو پَڙاڏو ڪو
    ڳالھه جِئن ڪَن ۾ هُن چَئي آهي

    ڇير پيرن ۾ ڇمڪندي ته رهي
    دانهن گھُنگھرُن جي ڪنهن ٻُڌي آهي

    سـِجّ ۽ چــنـڊ تــان به ٿــي آيـُـس
    هر جڳھه روشـني ڦِـڪي آهـي

    روز لَـهنـدا رهيــا چِـٿـڙَ دل جـا
    زنـدگـي پـــو به زنـدگـي آهــي


    16. وقت جا پير پڻ ٿڪل ٿا لڳن

    وقت جا پير پڻ ٿڪل ٿا لڳن
    پيچرا سڀ هِتي ڊٺل ٿا لڳن

    ڪير ڪنهن ڏي ڀلا نِهاري ڪيئن
    سڀني جا منهن هِتِ لٿل ٿا لڳن

    اڄُ اُڏامڻ کان هوُ به لاچار آ
    پَرَ نه، پر حـؤصلا ٽُٽل ٿا لڳن

    آ سُڃاڻپ سُٺن جي باقي اِها
    ڪي ڪڻا ٿالهيءَ ۾ لَڳـلَ ٿا لَڳن


    17. اَڌُ لِکيل خط ڪڍي لِکڻ ويٺس

    اَڌُ لِکيل خط ڪڍي لِکڻ ويٺس
    حسـرتــن کــي وري سُبڻ ويٺس

    مونکي فرصت جڏهِن جڏهِن به مِلي
    پاڻ تي ڏوهَه ڪي مَڙهڻ ويٺس

    سوچي سوچي جڏهِن چريو ٿي پيس
    پــاڻ تي پــاڻ ئــي کِــلـڻ ويٺس

    ڳالھه مان ڪُجھه به ڪين ورڻو هو
    ڇو ڀِتيُن سان مَٿو هَڻڻ ويٺس

    قتل لءِ ڪاتُ موُن کنيو هٿ ۾
    پنهنجي آڱر مَگر وڍڻ ويٺس

    مَنَ مَواليءَ ڪِٿي وِهڻ نه ڏنو
    ڪا گھڙي ساهي جي پَٽڻ ويٺس


    18. ڪُجھه لِکي ذهن تي مِٽائي ڇڏيو

    ڪُجھه لِکي ذهن تي مِٽائي ڇڏيو
    پــاڻ کـي پــاڻ کــان لِڪائي ڇڏيو

    زندگي آهي ڪو سِڪو کوٽو
    خوش ٿيو جي اوهان هَلائي ڇڏيو

    روشنيءَ ۾ به ڪُجھه نَٿو ڏِسجي
    ٻاري هِڪڙو ڏيئو وِسائي ڇڏيو

    ڪو نه ڪو حادثو ته ٿيندو هِتي
    رَهبرن کي اوهان گھُرائي ڇڏيو

    ڪو به جذبو نَه ڪو خيال بچيو
    موُنکي پٿـّر اوهان بَڻائي ڇڏيو


    19. خواب وِڪڻي هوُ ڪُجھه ڪَمائي ٿو

    خواب وِڪڻي هوُ ڪُجھه ڪَمائي ٿو
    ڪيڏي مُـشڪل ســان گھرُ هَـلائي ٿو

    نــيــــمَ بــــازار جـــا نَــــٿـو ڄــاڻــــي
    مُفت ۾ مُــرڪَ هـوُ وِرهــائــي ٿــو

    ڪُجھ اُڌارو ڪَڏهِن به ڪين وَٺي
    وقــت جو قــرضُ ته به چُڪائــي ٿــو

    سِــــجّ ۽ چــنــڊ ســان اَداوت ٿَــس
    پنهنجو ننڍڙو ڏيــئـو جَلائي ٿــو


    20. پيار ڪيڏو ڪَيو آ اَنڌيرن ڏِسو

    پيار ڪيڏو ڪَيو آ اَنڌيرن ڏِسو
    روشني ڀي هِتان موٽ کائي وَئــي

    اَڄُ به آڪاش مان ڪُجھه سِتارا ڪِريا
    ته به نه رؤشن بَڻي زندگي هيءَ چَري

    حسرتوُن موُن وِڪَيوُن، خوابَ سڀُ موُن وِڪيا
    گِروي دِل ڀي رَکي ۽ رَکيو ذهن ڀي

    منهنجي قسمت جي روٽي تڏهِن ڀي ڏسو
    ٽُڪرا ٽُڪرا مِلي، موُن ٿي چاهي سَڄي

    واٽَ ڪهڙي وَٺي مان هَلان ماڳَ ڏي
    ڏينهُن ميرانجھڙو، راتِ ميرانجھڙي

    زنـدگــي سِــجّ، چنــڊ تــارن بِــنــا
    پيـچـرن تي نـنگـا پـيرَ کَـڻنـدي رَهي


    موُن خبر ناههِ ڇا ڇا سِبڻ ٿي گھُريو
    پَر سَـڳو پيار جو هَــٿُ ڇڏائــي وِيو

    بي خوديءَ ۾ رَکي پنهنجي آڱـر جِتي
    هِڪ چُڀي پي وَئي چُنهِنب واري سُئي


    21. اوچتو اوچتو ڪنهن اَچي هَٿُ جَھليو

    اوچتو اوچتو ڪنهن اَچي هَٿُ جَھليو
    ڇِرڪُ نِڪري وِيو ، ڇِرڪُ نِڪري وِيو

    بُـــکَ بُــڇڙي بَـلا ڄاڻــي هرڪو هِتـي
    خـوابُ هِڪڙو ڏِٺو ، سو به وِڪڻي ڇڏيو

    سَمجھهَ وارا رَهن هِن گھِٽيءَ هُن گھِٽيءَ
    گَھـرُ بَڻايان ڪِٿي مان اَڪيلو چـريــو

    چَنڊ تارن تي پهُچي وِياسين مَگر
    روز ماڻهوُءَ جو قَدُ گَھٽجندو ئي رهيو


    22. سِجَّ چَـنـڊَ کي جـڏهِن ڇُهيو هو

    سِجَّ چَـنـڊَ کي جـڏهِن ڇُهيو هو
    اُنهيءَ گھَڙيءَ جَڳُ سڄو وَڻيو هو

    مَهَڪي وَئــي سـاري ڪائـنــات
    ڀوُنءِ کي هورِيان سِجّ چُميو هو

    ويدَ سَموُرا سمجھي ويو هوس
    اَکِ ڇِنڀَ ۾ هِڪُ چهرو پڙهيو هو

    گَـنـگـا جَـمـنـا سِـنـڌوُ زم زم
    هُنجي اَک مان لُڙڪ ڳَڙِيو هو

    ڪين لڳي اُڃ ڏينهن اُنهيءَ کان
    چيلھه تي گھَڙو ڇُليو هو

    خاموشيءَ جو هِنئون ڀِڄي پيو
    برپٽَ ۾ ڪنهن سُڏڪو ڀَريو هو

    موُن ٿي چاهيو ‘نوبيل’، ‘بُـڪر’
    هُن ڌيري سان چيو، ”وڻيو هو“


    23. ڪيترو وَقتُ ڪُجھه لِکيو ڪونهي

    ڪيترو وَقتُ ڪُجھه لِکيو ڪونهي
    خود تي اِلزام ڪو مَڙهيو ڪونهي

    ڪين جنـّتَ ڪڏهِن مِلي سَگھندي
    شاهُه، سامي، سَچلُ پڙهيو ڪونهي

    موُن جُدائيءَ ۾ روئي گھاريو ڇو؟
    ڪو به وَڻَ جو پَتو ڇَڻيو ڪونهي

    ڪــا ڪَـهـاڻــي پَـــپــّا ٻُــڌائــيــنــدو
    ٻـارُ اِن آس ۾ سُــمــهيو ڪونــهـي

    سَــمــنــڊ ۽ رُڃّ ۾ فرق ناهي ڪو
    سَـمـنـڊ ۾ ڪـو ڦُڙو رَهــيو ڪونهي

    نـــانُ بِـريــانــي، پــيـٽُ ڪيئن ڀَــريــون
    ڇاڇ ڍوڍو ڪِٿي مِـلـيو ڪونهي

    ٻــارُ آيـــو اِجھــو، اِجھــو آيــو
    مــاءُ داڻــو اَڃا چَــکــيو ڪونهي

    هوُ ڪَفن لاهي ڇـو اُٿي ويٺو
    لُڙڪُ دل مان اَڃا ڳڙيو ڪونهي

    سَمجھَه ناهي نَه ئي عقُل آهي
    چَهري مان پر لَڳي، چَريو ڪونهي


    24. ٽيپو ٽيپو لُڙڪ ڳڙي پيو

    ٽيپو ٽيپو لُڙڪ ڳڙي پيو
    اوُندھه ۾ ڄڻ بلب ٻري پيو

    ساگـر جي هَر ڇول آ ساڳـي
    هُن جو ئي آواز ٻُجھي پيو

    ڪــيـڏا سـپــنـــا تــازا تــازا
    ننڍڙو ٻار سَوير اُٿي پيو

    ٺـاهيان ڊاهيان واريءَ جا گھَر
    ٻـارن وانگُر مَزو اَچي پيـــو

    تُنهنجي هَٿ ۾ هَٿ آ مُنهنجو
    گَـڏُ موُنسان ڄڻ خُدا هَــلي پيــو

    ماڻهوُ سمجھن دﺆلت پوُنجي
    هُن جا خطڙا سانڍي رکي پيو


    25. ڦٿڪي ڦٿڪي ٿڪو، سُتو آهي

    ڦٿڪي ڦٿڪي ٿڪو، سُتو آهي
    نــنــڊ ۾ ٻــــار وِڦــــلــنـــدو آهـي

    ٻار کيڏڻ ۾ مَست ، سوچي ڪِٿي
    هي کِلونو ڀڳل سڄو آهي

    ڀِتِ تي ويٺل پَکي اُڏامي ويو
    هاڻي هُن لءِ گرهُه نـه ڪو آهي

    مار کانوان ٿو وقت جي ور ور
    ٻار وانگُر ڪَيو ڦڏو آهي

    هوُ پُراڻو لَـٽـو سِبي ويٺو
    ڪين ڄاڻي سَڳو ڪَچو آهي

    پنهنجي هَٿ سان رکي ، وساري ڇڏي
    گھَر جي ڪَم ڪار ۾ مَزو آهي


    26. ڪڏهِن هَلڪو ڪَڏهِن ڳؤرو لَڳي ٿو

    ڪڏهِن هَلڪو ڪَڏهِن ڳؤرو لَڳي ٿو
    هـــي جــيـون ٻــار جو بَــستـو لَڳي ٿو

    ڏينهون پو رنگ لَهندو ٿو وَڃي ڇو
    هي ڪپڙو سَستيءَ ڪنهن مِل جو لڳي ٿو

    نه کولي ڪنهن پڙهيو آهي ڪڏهِن ڀي
    اَمڙ جي چوڻيءَ جو نقطو لَڳي ٿو

    جُدا هَر پُٽَِ جو ڪمرو ڪمرو آهي
    اَمڙ جي کَٽَ رکڻ اؤکو لڳي ٿو

    اَچي چانئٺ تي وايوُن بيت ڳائي
    ڪري جوڳي ويو سجدو، لڳي ٿو


    27. دير سان ٿو سُمهي، اُٿي جلدي

    دير سان ٿو سُمهي، اُٿي جلدي
    ٻــار وانگُر روئـي کِلي جلدي

    سِـنڌ، ٻولي، اَدب وڃاياسين
    خواب هاڻي، ته سڀُ مِلي جلدي

    بيٺو هرڪو رهيو قطارُن ۾
    سوچَ ساڳي، نمبر اَچي جلدي

    ڪيترو وقتُ لوُڻ سان ماني؟
    ڪوئي ڪم ڪار گر مِلي جلدي

    ٻار کيڏڻ ۾ خوش، ڪِتاب پَري
    ماءُ چاهي ته هوُ پَڙهي جلدي

    هوُ وساري ڇڏيندو پرواهه نا
    پيار قرباني ٿو گھُري جلدي

    سوُر سانڍي ڪِٿي رَکان آخر
    وياج گھـٽـجـي وِيـو اَڙي! جـلـدي


    28. اوچتي تو ڏني هِڪ چُمي ڪيئن

    اوچتي تو ڏني هِڪ چُمي ڪيئن
    ڪاري هن رات ۾ چاندني ڪيئن

    گُــلبدن آ تصور به تُنهنجو
    تو کنئي آ هٿن ۾ چُري ڪيئن

    سوچَ جا در دريوُن بند آهن
    ياد تُنهنجي ڀڃي ڀِتِ وئي ڪيئن

    وڇڙي وياسين ته سوچڻ لَڳُس مان
    موُنکي کِن لءِ مِلي هِڪ پَري ڪيئن

    لُڙڪ اَکڙين ۾ آيا لَڙِي سَڀُ
    ٿا پُڇو دل جي ساوَڪ سُڪي ڪيئن

    ڀاڪيوُن، مؤج ساگر سان پائي
    پو به دل کي اَلائي وڻي ڪيئن

    سوچَ جا سارا سوراخ کوليو
    مَن ۾ ٿيندي نه ته روشني ڪيئن

    ٿالهيءَ ۾ ڪي ته داڻا بَچايو
    گھَر اَڱڻ ۾ لَهي ڪو پَکي ڪيئَن


    29. اَڌوُرن ڪَمن کي ڪَري ڪير پوُرو

    اَڌوُرن ڪَمن کي ڪَري ڪير پوُرو
    اَنڌيـرو اِلاهــي ٻَــري ڪير پوُرو

    ڇُهڻ آسمان يارَ مُشڪل نه آهي
    فقط شرط آهي، اُڏي ڪير پوُرو

    چيو ڪين آهي ته ’موٽي نه ايندُس‘
    تمنــا اِهـا بــس ســڏي ڪـير پوُرو

    پُراڻي لَٽي کي به سگھبو هَلائي
    جي نازُڪ هَٿن سان سبي ڪير پوُرو

    اَچڻ تُنهنجو، سُرهاڻ جو ڄڻ اَچڻ آ
    چَمن جو مَزو بس وٺي ڪير پوُرو


    30. ڪا سُڃاتل هَوا لَڳي ڪونهي

    ڪا سُڃاتل هَوا لَڳي ڪونهي
    ڪا سُڃاڻپ اَڃا ته ٿي ڪونهي

    ڪُنڊ ڪنهن ڪنهن مان ڄارو لاهيان مان
    ڪُنڊ ڪوريئڙي ڪا ڇڏي ڪونهي

    مُـٺ ۾ چـوُڙيـوُن ڀـڳـل ڪيـڏيـوُ
    زخـم ٿـورو اَچـي، صـحـيـح ڪونهي

    اُڃّ موُنکي نَٿي لَڳي ڇا لءِ؟
    اِئَن ناهي ته ڪا نَدي ڪونهي

    مان ڏيان توکي، ڇا ڏيان سوچيم
    توکان پياري ڪا سوُکڙي ڪونهي

    دل ٿي ڪُجھه چاهي، ذهن چاهي ڪُجھه
    ذهن ۽ دل ۾ ڪا ٻَڌي ڪونهي

    جاءِ پوئين مِلي قطارُن ۾
    جي حُضوُري ڪڏهِن ڪئي ڪونهي

    ساڻُ سِج ڪيترا کڻي هَلبا
    جيڪڏهن مَن جي روشني ڪونهي

    چيز هرڪا وٺان ٿو قسطُن تي
    هِڪ ڀَري آ ته ٻي ڀَري ڪونهي


    31. تــيـز هَــوا پــر لُـڏي نٿو

    تــيـز هَــوا پــر لُـڏي نٿو
    ڌرتي لرزي ڪِري نٿو

    ڪيڏو اَڻاسو آهي مَن
    ساهه کـڻڻ کان مُڙي نٿو

    ڇيهوُن ڇيهوُن ڪَري ڇڏيو
    گر ڪوشش سان جُڙي نَٿو

    پَــٿــر کــان مَـَنُ ڏاڍو آ
    ڪُٽجڻ تي پڻ ڀُري نَٿو

    راهَه اَڻانگي ناهي ڪا
    پوِ به سِڌو ڪو هَلي نَٿو

    جوڪر سَڀُ ڄڻ سرڪَس جا
    تنهن هوُندي ڪو کِلي نَٿو


    32. مُنجھيل مُنجھيل سَڀُ ڌاڳا آهن

    مُنجھيل مُنجھيل سَڀُ ڌاڳا آهن
    تُنهنجا مُنهنجا نــاتــا آهن

    بَڙ جو وَڻ ڀي ڇانو نٿو ڏئي
    مُنهنجي سِر تي ٽــانـڊا آهن

    مَـلمُ مُرڪ جو ڏيندو رهجان
    گھــاوَ دلــيُــن تـــي تــازا آهــن

    اَڄُ ڪُجھه ٻـيو کائڻ تي دل ٿي
    دوکــــا هَـــر هَــر کــاڌا آهـــن

    شيشي کــان پـــڻ نــازڪ آهــن
    ڪـنهن اَلــهـڙ جـا وعدا آهــن

    تُنهنجا سڏڙا، مُنهنجا سَڏڙا
    صرف اَجايا واڪا آهِن

    نانگ جيان ڊيڄارن ٿا سَڀُ
    ڏِسو چِتائي ساپا آهن


    33. پـاڻ کي پـاڻ ٺڳي ويٺو آ

    پـاڻ کي پـاڻ ٺڳي ويٺو آ
    هَـٿن ۾ مُرڪ جھَلي ويٺو آ

    ڪنهنکي ٿو ڳولهين اَڙي پاڳل توُن
    اوکـا پـوکــا هوُ پَــلي ويــٺـو آ

    ڪا عداوت ڪري ڪيئن وقت سان هوُ
    پنهنجا حق پاڻ ڇڏي ويٺو آ

    ڪنهنکي پياسو نه مَرڻ ڏيندو، جو
    لُـڙِڪ اَکــڙيُــن ۾ ڀَري ويٺو آ


    34. اَڃا بِه مَنظر ڏِسڻا هوُندا

    اَڃا بِه مَنظر ڏِسڻا هوُندا
    شـــايــد صدمـــا سَـهـڻـا هـوُندا

    پير اُگھاڙا پو به ڊُڪيس مان
    تازا ڇــالا پـوڻـا هـوُندا

    بند ڪَري چَپَ ويٺو آ هوُ
    راز نَوان ڪي کُلڻا هوُندا

    هوُءَ ڏئي ٿي سوغات سُئي
    گھاو نَوان ڪي سُبڻا هوُندا

    توکان وِڇُڙي ويٺُس، شايد
    پاٺَ هِجر جا پڙهڻا هوُندا

    هِڏڪي آئي، ’ياد ڪَيو تو‘
    مُنهنجي مَن جا ڦُرڻا هوُندا


    35. زندگي ڪيڏي سُـنـھري آهي

    زندگي ڪيڏي سُـنـھري آهي
    دوستي تنهنجي جو مِلي آهي

    ناهي ڪو هاڻي خؤف اوُندهه جو
    روز چهري جي چاندني آهي

    باغ جو حال ڇا بَيان ڪبو
    خوبصورت ڪَلي ڪَلي آهي

    موُن چراغن کان موڪلائي ڇڏيو
    مُرڪ تُنهنجيءَ ۾ روشني آهي

    ڪا شِڪايت ، گِلا نه ڪر ڪنهن سان
    زندگي پياري سوُکڙي آهي

    تُنهنجي چَپ تي اَچي لَڳي هر لفظ
    شيــام-حاسـد جي شاعري آهي


    36. دگي آهي کيچلي ڪيڏي

    دگي آهي کيچلي ڪيڏي
    هَر گھَڙيءَ چاهي مشڪري ڪيڏي

    سال هڪ وَڃي چِٿـڙَ لاهي
    پوءِ به خاموش آ صدي ڪيڏي

    آ اَنڌيرو لِڪل اَکيُن ۾ هِت
    ربُ وِڃائي ٿو روشني ڪيڏي

    فرشتا موُن ڏٺا ته ناهِن پر
    آهي معصوُم ڇوڪري ڪيڏي

    ڇيهوُن ڇيهوُن ٿيل شيُن جي ڇو
    ٿي تمنا ڪَري، چري ڪيڏي

    بَرُ وَڏو، ڊيگھِه پر ننڍي جنهنجي
    زندگي اوُنهي آ نَدي ڪيڏي

    چورُ، وئشيا، لُٽيرو ساڌوُ ڪو
    بُک جي مظبوُط هٿڪَڙي ڪيڏي


    37. سينسيڪس جِيان گھٽجيِ پو وڌندو آهيان

    سينسيڪس جِيان گھٽجيِ پو وڌندو آهيان
    مان به اِشارن تي ٻين جي نچندو آهيان

    زَخم پُراڻو مان، ڏسو چتائي موُن ڏي
    هوريان هوريان، هوريان ئي ڇُٽندو آهيان

    ڊسپوزيـبل گِلاس جِيان جذبا آهن
    مان به نَئين فئشن تي اَک رکندو آهيان

    جڏهن جڏهن موُنکي ڪُجھه فرصت مِلندي آ
    مان خوابن لءِ ويهي ڪَفن سُبندو آهيان

    ٿالھُه اَمان جو، پِتل پُراڻو، سانڍي رَکُ
    گھَر ۾ طوفان اَچي، جي، چوندو آهيان


    38. ڳوٺ ڳوٺ جا دؤرا ڇا لءِِ

    ڳوٺ ڳوٺ جا دؤرا ڇا لءِِ
    ماڻهُن سان اِئَن دوکا ڇا لءِ

    اوُندهه ۾ ئي هَلڻو آهي
    ديا ڌرم جا تِـڙڪا ڇا لءِ

    هر ناريءَ لءِ اَگني پريکشا
    دُک آ ، هر نر، رام آ ڇا لءِ

    کڻڻا آهن پنهنجا ماڻهوُ
    ڀَڃوُن اَجايا کوڙا ڇا لءِ

    تيزُ مُلڪ کي هَلڻو آهي
    مُلڪ هَلائن پوڙها ڇا لء


    39. هَوا لَڳڻ سان کُلي پَوي ٿو

    هَوا لَڳڻ سان کُلي پَوي ٿو
    درُ ڪو تاڙيءَ بنا لَڳي ٿو

    گھَر ۾ ڪوُڙو جَھڳڙو ٿئي پيو
    شايــد ڪو مَهمان اَچي ٿو

    هاڻ سُڃاڻي سَگھبو هُن کي
    ڪِريم پاڻ تي روز ٿِڦي ٿو

    ڪِريو سَڙَڪ تي، ڦٽجي پيو هوُ
    آتم ٻل ٿس، هَلڻُ سِکي ٿو

    ڏاڙهي ٿس پر ساڌُو ناهي
    مونجھارن ۾ سَدا رهي ٿو

    رَڙيوُن ڪَرين ۽ واڪا بِه ڪريِن،
    ٻوڙو ڀَڳوان ٻُڌي ڪِٿي ٿو؟

    روز ڀلا چَئهُ ڪِئَن مان وَهنجان
    هفتي هفتي پاڻي اَچي ٿو

    ڪَپڙا ميرا جوُتي ڦاٽل
    محنتڪش ڪم ڪندو رهي ٿو

    نَوان نَوان گھَرَ ٻارن ٺاهيا
    ڦوٽو پيءُ جو هَٽي وَڃي ٿو

    بابي جي گھر ڀِتيوُن کَڄن ٿيوُن
    شايد پاڪستان ٺهي ٿو


    40. ٽانڊن کي پيــا ڦوُڪَ ڏين

    ٽانڊن کي پيــا ڦوُڪَ ڏين
    شَـل اَکڙيـن مــان لُڙڪَ ڳَــڙن

    توُن مان ڪنهنجا آهيوُن، چَئه؟
    شَــــل هـي کــوڙا جَــلــد ڀَــڄــن

    ســيءَ ۾ ســــاري راتِ اِئــيــن
    ســپــنـا پـيـا ٿـا سـيءَ ڏَڪــن

    هَـرڪو آهــي داڳــي اَنــبُ
    ڪنهنکي ڪنهنکي نـيـٺِ ڪَڍن؟

    ايــنـدڙَ پيِـڙهــيءَ جـي چـنــتـا
    پــوڙهــا اُصـوُل ڇو ٿـا ڪَن؟

    ڪـي ته ڪُنوارا خوابَ ڏِسو
    مِـلـندي دُلــهَـن، ڀــاڳَ کَـٽــن

    ڪَـــري تَـــمــنـا ٻـــارُ اِهــا
    خوابَ کِـلـونـــا بَــڻــي پَــــون

    ســاڳــا ڦُــرڻــا ويــڙهــي وِيــا
    مــاڻـهوُ سَـمـجھـي ڪِيـن سَـگھـن

    سَــولائيءَ ســان ســاهُه ڇڏيــوُن
    ويــنــٽيــليـٽـر تـــي نه رَکــــن

    سـپـنـن جـو آ ڏوهُه اِهــو
    چُپ چُپ نِـنـڊَ ۾ روز اَچن

    ڪـيـن ڪَمي ڪا شَـهَر رَکي
    مـوڳـا مـوڳـا لــوڪَ رَهــــن

    سـوچي سـوچي سَـمجھَه سِکيو
    ســوچڻ ڏاڍو آهــِه ڪَٺن

    ٻــارن وانگُــر رانــد ڪَيــوُن
    فِڪرَ سَموُرا ڪين رهن

    مــن مؤجي مَــنَ مــاريو آ
    ڪي به پراوا ڪين لَڳن

    سِنڌوُءَ ويجھو وَڃي ڏِسو
    شـاهه سَچل جا بـيـتَ ٻُـجھن


    41. ٽانڊن کي پيــا ڦوُڪَ ڏين

    هَر لَـمـحي جو قَتل ٿيو آ
    تَڏهِن وَڃي اِتهاس رَچيو آ

    منهنجي وَس ۾ ناهي ڪا شيءِ
    وِنڊو شاپنگ شؤنق رهيو آ

    قدم قدم تي ڪِري پَوي ٿو
    هـاڻــي هــاڻــي هَــلــڻ سِـکيـو آ

    مُشڪَ ٻار جي، مؤت کَـسـي ويو
    لَـڳي اِئين ٿو خُدا چريو آ

    موُرَ، وِياجَ جا مَهڻا ڇا جا
    موُن واري جي چِٺو ڇڏيو آ

    مـوڳـو حاسـد مـوڳـو مــان پــــڻ
    مـوڳـائيءَ مـــان خوُب سِـکـيو آ

    ســـاري دُنـيـا کـان واقـف آ
    سِجَ وانگُـر هوُ گھَڻو رُلـيو آ

    مـَسـجـد مَـندر ڳـاڙهـا ڳـاڙها
    خون خَلق جو خوُب وَهيو آ

    راتـيوُن گھارِيوُن جاڳي جاڳي
    خوابَــن سان ايِذاءُ رَسيو آ

    هاڻي سِرڙو ُ ڏِيڻو پَوندو
    ٻيِجل جو ڏس چَنگُ چُريو آ

    ڦُٽن سَلا ڪي واريءَ ۾ شَل
    بَرپَٽ ۾ هِڪُ لُڙڪ ڳڙيو آ

    وَقــت پَــوڻ تـي مـؤت به وَٺـبو
    پنهنجي هَٿ سان ڪَفن سِبيو آ

    مـــاڻــهوُ ڇــا ڇـا ڳِرڪائــن ٿــا
    دِل کي پَلُ هِڪُ ڪـيـن ڦَريو آ


    42. ٽـانڊن جو ڪو وارِث بڻبو؟

    ٽـانڊن جو ڪو وارِث بڻبو؟
    شهرَ سَڄي کان وَر وَر پُڇبو

    هُن ٿي چاهيو موٽي وَڃڻ، پَرَ
    اَڌ رَستي ۾ هَٿُ ڪيئن ڇڏبو

    ناهين توُن ، وَشواس اَچي گَر
    تڏهِن ته خود تي ڀاڙي سَگھبو

    ڪَنُ لائي ڪو ويٺو آهي
    دِل ئي دِل ۾ ڀُڻڪو ٻُــڌبــو

    شايد ڪنهن ڪم اَچي وَڃي هي
    سُـپـنـو سُـهِـڻـو ســانڍي رَکــبــو

    چـوٽَ اَڃــا هــيءَ تازي تازي
    جَنگ ڪَرڻ ڪيئن توسان ڇڏبو


    43. ٽـانڊن جو ڪو وارِث بڻبو؟

    سَــچـّــائــي پــــاســا بـــدلائــــي
    سُپنن کان ڪيئن پاڻ ڇڏائي

    ڪُجھه ته هَوائُن ڪَن ۾ ڀُڻڪيو
    وَڻ جو پَن پَن ٿو مُسڪائي

    هَر شيءِ جو مُــلـهـه گھَٽجي وَڌجي
    سوچي سمجھي رَقم لَڳائي

    ٽانڊن جو ٿَس قرضُ اِلاهي
    شــايـد ساڙي هَٿُّ چُڪائي

    وَر وَر مـوُن وَڻ کي وَرجـايو
    ’مـاڪَ ڦُڙو آ‘ لُڙڪَ لِڪائي

    ريت تَـتـل تي پير اُگھاڙا
    ٻارُ ڊُڪي ۽ دَڙڪا کائي

    مَندرَ مَسجد وَٽ گُم ٿيو هو
    ويــسھـُه ڳولـهيان ڦاروُن پــائي


    44. ٽـانڊن جو ڪو وارِث بڻبو؟

    سانت ۾ ڪنهن اَچي ڪيو کڙڪو؟
    يــــا وَري پــــاڻ ئـــــي ڊنــو کـڙڪــو؟

    نِــنــڊ گَـــهَــري اَچـــي ، اَچــي نه اَچـــي
    پــر اَوهيـن ڪين ڪو ڪَجو کڙڪو

    مُــلڪ کــي نِـنـڊ ڪٿان اَچي سَگھندي
    روز ســرحـد تـي آهِه ڪــو کــــڙڪو

    لُــڙڪَ پلڪُـن ۾ ئـــي لِـڪـي ويــٺــا
    دِل ۾ ٿـيو هـو ڪـو اوچـتــو کڙڪو

    کـيـس عــادت هُــئـي سـَهـَڻ جي پَــر
    زلـــزلـــو هــو ، نـنــڍو وَڏو کــڙڪـو

    چنڊ تارن سان گفتگو پئي ٿي
    سِجَ ناحـق اَچيِ ڪَيو کڙڪو


    45. اوچتو ڪو اَچي ڪـري ڀُڻ ڀُڻ

    اوچتو ڪو اَچي ڪـري ڀُڻ ڀُڻ
    ڪيڏو ڊيڄاري ٿي ڇڏي ڀُڻ ڀُڻ

    جي هَـوا ٿـي هَـوا ســان ٽـڪرائي
    ٿـــوري پــولار ۾ ٿــــئـــي ڀُـڻ ڀُـڻ

    ڳـالھه هُـن جي ڪوئي ٻُڌي نه ٻُڌي
    سَڀَ سان ٿوري گھڻي ڪري ڀُڻ ڀُڻ

    لَفظ جي لَفظ سـان بَـڻـت نــاهي
    ڪِئن ڪَنن کــي ڀَلا وَڻـي ڀُڻ ڀُڻ

    هـو ته شـاعر وَڏو ، چَـون ٿا سَڀُ
    ڪاڳرن تـي رُڳــو لِکي ڀُڻ ڀُڻ

    ڪي پَڙاڏا ڪي سَڏ رَهن تازا
    مَهل بي مَهل ٿــي وَڄي ڀُڻ ڀُڻ

    سوچيو سوچيو اَوهين به ڪُجھه سوچيو
    ذهـن جـو کـاڄُ آ، کَـپـي ڀُـڻ ڀُـڻ

    ســانـت سـان آ مُـقـابـلو هن جو
    شــال قــابوُ رَکـي سَگھي ڀُڻ ڀُڻ


    46. ماٺِ جا سُڏڪا ٻُڌا ها

    ماٺِ جا سُڏڪا ٻُڌا ها
    سـاڳـا صـديُن کـان پَـڙاڏا

    ريتِ وڪڻڻ لاءِ نِڪتو
    تــيـز واچـوُڙا لَـڳــا هـا

    زور ڏاڍو سِج ڀريو هو
    مـوُن نه ورتــا هـا اُجـالا

    مؤتُ ڏوراپــا ڏئـي ويو
    ڇــو پـيو ٿــا روز هــالا؟

    ڇيهوُن ڇيهوُن پاڻ کي ڪر
    ڪـات ، خـنجر کڻُ ڪي ڀالا

    مؤت کان اَڳُ ڪو مَري ويو
    ڇـــو نه ٿـــيـنـدا نــــيـــڻ آلا

    مـاڳ تي مُـشڪل آ پـهُچڻ
    ڏاروُن ڏاروُن ٿِــيــا اِرادا


    47. گـڏجي وَڻ وَڻ سان موُن رُنو ڏاڍو

    گـڏجي وَڻ وَڻ سان موُن رُنو ڏاڍو
    پـيـار جَھـنـگل سان اِئين ڪيو ڏاڍو

    اُڃَ جوُن سازشون نه سمجھي سـگھيو
    سَـمـنـڊ کــي تـــڙڦـــنـــدو ڏِٺــــو ڏاڍو

    فــرق اُس ڇـــانــوَ جـــو نه مــــوُن ڄــاتو
    مــوتــــيـــابـــنـــد اَک ۾ هــــــو ڏاڍو

    پنهنجي هَــٿَ سـان رَکي پـوءِ ڀُلجي وَڃي
    ٿــــــي پــــيـــو آهـــــي وائــــــڙو ڏاڍو

    ڇِـــڙٻ ، مَــــهـــڻــا سـَـهــي ويـــو دڙڪا
    هــوُ تــه مــاڻــهــوُ هُـــئـــو سِـــڌو ڏاڍو


    48. ڪـوُڪ گـاڏي هَڻي ڊڄي ٿو وَڃي

    ڪـوُڪ گـاڏي هَڻي ڊڄي ٿو وَڃي
    هـوُ تـه ٻارن جِيان ڪـنـبـي ٿو وَڃي

    ڪُجھه هَوائوُن کـڻي ضروُر اينديوُن
    هــوُ لـيئـو پــائــي پــوءِ لِڪي ٿو اَڃي

    اولــڙو وَقـتَ جــو پـڙهــڻ آ ڏُکـيو
    هــوُ تــه ڳُــجھه ڳــوھ ۾ لِکي ٿو وَڃي

    روز دل ۾ ئــي ٿــو ڪــري سَــجــدو
    ذَهــن مــان ڪـو لَـنگھـي رِشي ٿو وَڃي

    قـيمـتي آهـي وَقــــتُ تــو لاءِ يـــــار
    آهِــيــان مــان نِـکـمِـڻو، مِــلي ٿو وَڃي

    ڪُو بـه هُــن تــي مَـڙهـيـو گُـناھ ، هَـلي
    هــوُ تــه گُـگـدامُ آ، سَــهــي ٿـــو وَڃي

    آهــي اُتــساهه خوُب پـر ڇا ڪريوُن
    هِـڪـڙي سَـرگـرمي ۽ لَــهي ٿو وَڃي


    49. پـنهـنجـي ويجھو ذرا اَچان ته سَهين

    پـنهـنجـي ويجھو ذرا اَچان ته سَهين
    ڪـيرُ آهـيـان چَـئـي سَـگھـان ته سَهين

    خـوُن جـي بـوُند ڪا ڳـڙي نه ڳـڙي
    پـنـهـنـجي آڱــر وَڍي ڏِســان ته سَهين

    جـيــتَ ڇـا ، هــارَ ڇــا ، خـبـر ته پَوي
    هِـڪ ڏُکي بــازي ڪـا هَـڻان ته سَهين

    پــو مَـٿـو ٿــو ڦِــري يــا دُنــيــا سَـــڄي
    ڪُـلـهي تـي بــارُ ڪو کَـڻان ته سَهين

    تَــــرسُ مـــوُنــکي سَــزا ڏِيــــڻ وارا
    ڪا خَطا ، ڏوهُه ڪو ڪَيان ته سَهين

    چنري ڪمسن جي يا ڪفن منهنجو
    ريشمي ڪو لٽو اُڻان تَه سَهين


    50. خود ۾ خود جو حاسد کوجڻ سؤلو ناهي

    خود ۾ خود جو حاسد کوجڻ سؤلو ناهي
    ذهن اَندر ڪو ٽانڊو پوکڻ سؤلو ناهي

    دفن ڪَيا هُئا سپنا پنهنجا عرصو پَهريان
    هـــاڻـــي چَـپـّـو چَـپـّـو کـوٽـــڻ سؤلو ناهي

    پوُڄـيو پَــٿـّر، پَـٿـّر پـنـهـنجا بَـڻـجي پَوَندا
    ڪَنهن سَنگدِل ماڻهوُءَ کي موهِڻُ سؤلو ناهي

    ڪَهڙي موُرتَ ٺهندي آخر ڪَهڙي موُرتَ؟
    روز روز اِئين خود کي ٽـوڙڻ سؤلو ناهي

    خــامـــوشــي ۽ خــامــــوشــي ۽ خــــامــــوشــي آ
    سَـنـّــاٽــي جــيِ صحبت مــاڻـــڻ سؤلو ناهي

    دُنـيـا آهــي گــول چَــوَن ٿــا، لَـڳـندو نـاهي
    ڪنهنکي پنهنجي ڳالھه تان موڙڻ سؤلو ناهي


    51. واريءَ تـي ڪي مـضموُن لِکيا ويسھه سان

    واريءَ تـي ڪي مـضموُن لِکيا ويسھه سان
    بَـرپـٽ سَـنـّــاٽـي مَـنجھه پَـڙهـيـا ويسھه سان

    پـو ڇـا ٿـيـو موُنکي خبر ته ناهي ليڪن
    دل ۾ وِڄُ جــا چـمـڪاٽ ٿِـيـا ويسھه سان

    خُـشڪ اَکــيُـن جيِ مؤسوُم مَٽيوُن خواهِش ٿَنِ
    هوريان هوريان ڪي لـڙڪ ڳـڙيا ويسھه سان

    ڀَـڳـون سَڀَ جـو ڀَـلـو ڪَري ٿــو ، ويسھُه ٿَـنِ
    ســادا مـــاڻـهوُ گُــگــدامَ بَــڻــيــا ويسھ سان

    کــارائــي رِشــوت پَـهريان طوُفـــانـــن کــي
    پو سَپـنـا ٻـيڙيءَ مَنجھه چڙهـيا ويسھه سان

    خـاموشيءَ مـان ڪُجھه ڪين وَريو ڄاڻن ٿا
    سَـنـّـاٽـا پر خــامــوش رَهـيـا ويـسھه ســان

    ڏاروُن ڏاروُن ، ڇيهوُن ڇيهوُن رَِشتا سَڀُ
    هِڪ ٻـئي سان مـاڻهوُ پو بِـه مِليا ويسھَه سان

    دُنــيــا جي اوُندهه سـال سَڄو مِٽبي ڪِئَن
    بَـس ڏيـاريءَ تي سَـڀُ ديــپَ ٻَــريا ويسھَه سان


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 468554
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 187990
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ