ڪتاب جو نالو: صداءِ غم عرف آوازِ دل
مصنف: مير غلام اڪبر ”مشتاق“
ڇپائيندڙ: شڪارپور ماڊرن پرنٽنگ پريس شڪارپور سنڌ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 1978
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 06 جولائي 2017 ع
پڙهيو ويو: 676 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 164 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”صداءِ غم عرف آوازِ دل“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مرحوم مير غلام اڪبر ”مشتاق“ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
قمر الدين سهتو لکي ٿو:
”اسانجو مرحوم دوست ميراڻو ٻار ٿي ڪري ۽ ڦوھ جواني ھوندي به ڦونڊ ۽ وڏائي ڪانه رکندو ھيو- ھو نھايت بردبار ۽ حليم طبيعت جو مالڪ ھيو. سندس طبيعت ھن چوڻيءَ جي مصداق ھئي ته ” ماڻھو سڀ نه سھڻا، پکي سڀ نه ھنج- ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجھ، اچي بوءِ بھار جي “ ان چوڻ ۾ وڌاءُ ڪونھي ته اسان جو مرحوم دوست اُھو انسان ھيو جنھن جي خوشبوءِ ھن وقت به اسانجي دماغ کي معطر ڪري ٿي. اسانجي دوست شادي ته ڪانه ڪئي پر اھڙي لائق اولاد يا ورثو (زير نظر مجموعو) ڇڏي ويو آھي جنھن مان نه صرف دوست پر ٻيا احباب به مستفيض ٿي سگھن ٿا.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • صداءِ غم
  • سنڌ سلامت پاران
  • يار جي ياد ۾
  • مير غلام اڪبر سان ناز ھاءِ اسڪول خيرپور ۾ گڏ پڙھندڙ دوستن جا نالا
  • ٻه اکر
  • مختصر سوانح حيات مرحوم غلام اڪبر ”مشتاق“
  • نوٽ
  • شاعري

  • ڪلام : تقدير ۾ بندي جي اڄ باب ھي بڻي آ
  • مخمس در شان ڪبريا
  • مسدس شڪوه و جواب شڪوه
  • جواب شڪوه
  • نظم
  • غزل : اجڙيل چمن ھي دل جو، آباد ڪر خدايا
  • نظم : اسان جو مير مرسل آ، ٿيو شافي قيامت ۾
  • بيت
  • نظم : تنھنجي چمن ۾ مرسل، باد خزان گھلي ٿي
  • غزل : دلدار تنھنجي حسن جي، تعريف ڇا ڪيان
  • غزل سورھن رڪني
  • نظم : اچي مشڪل ڪشائي ڪر- علي حيدر علي حيدر
  • ڪلام : در اوھان جي ٿيس گدا حيدر علي حيدر علي
  • ڪافي : ڦٽائي يار ويو ياري- وڇوڙي جي وجھي گھاري
  • ڪافي : ڪيئن ڪيان ڪاڏي وڃان، مان بيوس ٿيس بيمار
  • غزل: ڪلام مشاعري ۾ ڏنل
  • غزل : خدايا ٿو فقط گھرجي، مونکي ديدار دلبر جو
  • غزل : مشاعري ۾ ڏنل
  • ڪافي : ڏئي ڏک ھزارين ويا ڪيچ ڪاھي
  • بيت
  • غزل : ڪيو تو قيد ڇو ھتڙي، ادا صياد بلبل کي
  • غزل : پرين جي پار جو خطڙو، اسان ڏي ڪونه آيو ڇو
  • ڪافي : ٻٽڙي آ پير ڀري
  • غزل : اي حسينا ناز وارا، ناز سان دل شاد ڪر
  • نظم : آءُ اچي ڪر تون مدد يا علي حيدر
  • غزل : قسم خدا جو اوھان ري نه آھي خوشي اي صنم
  • غزل : سدا آھي اکين آڏو پيارل يار جي صورت
  • غزل : ماھ رو ناز و ادا سان دل نوايون ويو ھليو
  • غزل : ڏئي ھٿ پار دريا جي پڄايو دلربا مونکي
  • غزل : ڏسان سامھون سدائين شل پيارل يار مان پنھنجو
  • ڪافي : ھاڻي ناھيون وس ۾ پنھنجي چئجو سنت کي سلام
  • ڪافي : درد فراق دي ڦٽي ھان يار
  • غزل : پيش ڪردہ در مشاعره ناز
  • غزل : شعر پيش ڪرده در بزم ناز
  • غزل : ڏي وڃي پيغام ھي قاصد ادا

  • صداءِ غم

    صداءِ غم

    مصنف:
    مير غلام اڪبر ”مشتاق“


    مرتب:
    مير حسن علي ٽالپر

    ڇپائيندڙ: مير حسن علي ٽالپر
    ڇپيندڙ: شڪارپور ماڊرن پرنٽنگ پريس شڪارپور سنڌ


    حق ۽ واسطا محفوظ
    آگسٽ 1978ع

    ڪمپوزنگ: شاھنواز سومرو

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2017ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”صداءِ غم عرف آوازِ دل“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مرحوم مير غلام اڪبر ”مشتاق“ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
    قمر الدين سهتو لکي ٿو:
    ”اسانجو مرحوم دوست ميراڻو ٻار ٿي ڪري ۽ ڦوھ جواني ھوندي به ڦونڊ ۽ وڏائي ڪانه رکندو ھيو- ھو نھايت بردبار ۽ حليم طبيعت جو مالڪ ھيو. سندس طبيعت ھن چوڻيءَ جي مصداق ھئي ته ” ماڻھو سڀ نه سھڻا، پکي سڀ نه ھنج- ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجھ، اچي بوءِ بھار جي “ ان چوڻ ۾ وڌاءُ ڪونھي ته اسان جو مرحوم دوست اُھو انسان ھيو جنھن جي خوشبوءِ ھن وقت به اسانجي دماغ کي معطر ڪري ٿي. اسانجي دوست شادي ته ڪانه ڪئي پر اھڙي لائق اولاد يا ورثو (زير نظر مجموعو) ڇڏي ويو آھي جنھن مان نه صرف دوست پر ٻيا احباب به مستفيض ٿي سگھن ٿا.“
    هي ڪتاب 1978ع ۾ مير حسن علي ٽالپر پاران شڪارپور ماڊرن پرنٽنگ پريس شڪارپور سنڌ مان ڇپايو. هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ صوڀيديري سان تعلق رکندڙ علمي ۽ ادبي دوست شاهنواز سومري ڪئي آهي.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    يار جي ياد ۾

    ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجھ، اچي بوءِ بھار جي.

    سڀ تعريف الله رب العالمين کي سونھي جو فَعَال لّـمـَا يُريۡدآھي، جنھن ساري مخلوق کي پنھنجي ارشاد ” ڪُنۡ “ سان پيدا فرمايو آھي. ھو اُھو حڪيم آھي جنھن جو ڪوبه فعل حڪمت و مصلحت کان خالي نه آھي. ھر ننڍي وڏي شيءِ زبان حال سان سندس پاڪائي بيان ڪري ٿي. واِنۡ مِنۡ شَيءِ اِلا يُسّبِحُ بِحَمۡدہ.
    ننڍي ۾ ننڍي مخلوق تي غور ڪبو ته حيرت وڌندي ۽ اندر مان ازخود سبحان الله نڪرندو. ھن گلزار ھستيءَ ۾ انسان پنھنجي خالق جو عجيب شاھڪار آھي. انھيءَ ڪري ھن کي اشرف المخلوقات جو درجه مليل آھي- سندس تخليق ۾ قدرت جو راز سمايل آھي.
    مشيت ايزديءَ مطابق ايامن کان انسان جي تخليق جو سلسلو جاري آھي- اسانجو مرحوم دوست مير غلام اڪبر ” مشتاق “ انھيءَ سلسله تخليق جي ھڪ اھم ڪڙي آھي- پروردگار عالم ڪابه شيءِ اجائي پئدا نٿو ڪري. جيئن قرآن فرمائي ٿو ” ربَّنا مَا خَلَقۡت ھٰذا بَاطِلا “- تنھن ڪري ڪنھن به انسان جي پئدائش اھميت کان خالي نه ھوندي ۽ ان ۾ رب جي ڪا نه ڪا مصلحت ضورو ھوندي- مرحوم جو خانداني تذڪره سندس برادر بزرگوار مير حسن علي خان چِٽيءَ طرح بيان ڪيو آھي جيڪو ڪافي دلچسپ آھي. مرحوم جي شاعريءَ متعلق حضرت حافظ خير محمد اوحديءَ صاحب جو محققانه مضمون ھن ڪتاب ۾ شامل آھي- آءٌ مرحوم جي رفيق جي حيثيت ۾ سندس متعلق ڪجھ تاثرات پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.
    ناز ھاءِ اسڪول خيرپور ۾ ميٽرڪ تاءِ مرحوم منھنجو ھم ڪلاسي به ۽ روم ميٽ به ٿي رھيو ھيو. اسان چار يار مرحوم مير غلام اڪبر- ثناءُ الله بلوچ- سرائي خان محمد ۽ ھي بنده ھاسٽل جي ساڳي ڪمري ۾ رھندا ھئاسين. ڪاليج واري زماني ۾ ڪراچيءَ واري جناح ڪورٽس ھاسٽل ۾ به گڏ رھڻ جي سعادت نصيب ٿي. آءٌ سائنس جو شاگرد ھوس تنھن ڪري الڳ ڪمري ۾ رھندو ھوس ۽ مرحوم مير صاحب ۽ ثناءُالله بلوچ ھڪ ڪمري ۾ گڏ رھندا ھئا- بھرحال اسڪول واري زماني کان وٺي اسان جو اٿڻ ويھڻ ۽ گھمڻ ڦرڻ گڏ ٿيندو ھو.
    اسانجو مرحوم دوست ميراڻو ٻار ٿي ڪري ۽ ڦوھ جواني ھوندي به ڦونڊ ۽ وڏائي ڪانه رکندو ھيو- ھو نھايت بردبار ۽ حليم طبيعت جو مالڪ ھيو. سندس طبيعت ھن چوڻيءَ جي مصداق ھئي ته ” ماڻھو سڀ نه سھڻا، پکي سڀ نه ھنج- ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجھ، اچي بوءِ بھار جي “ ان چوڻ ۾ وڌاءُ ڪونھي ته اسان جو مرحوم دوست اُھو انسان ھيو جنھن جي خوشبوءِ ھن وقت به اسانجي دماغ کي معطر ڪري ٿي. اسانجي دوست شادي ته ڪانه ڪئي پر اھڙي لائق اولاد يا ورثو (زير نظر مجموعو) ڇڏي ويو آھي جنھن مان نه صرف دوست پر ٻيا احباب به مستفيض ٿي سگھن ٿا.
    اسانجي دوست نه صرف شاعري ۾ پر پنھنجي ھر قول ۽ فعل ۾ اسانجي اڳيان بامقصد زندگيءَ جو نقشه پيش ڪيو آھي. ڪنھن به انسان جي زندگي ٻين لاءِ سبق آموز آھي- جيڪڏھن ڪو انسان ڪامياب زندگي گذاري ٿو ته اسانکي به پنھنجي زندگي ان طريقي سنوارڻ گھرجي- آءٌ ھِت ھڪ مثال پيش ڪندس ته ڪيئن آءٌ پنھنجي دوست جي قول ۽ فعل کان متاثر ٿيو آھيان- مرحوم ھڪ دفعي ذڪر ڪيو ته ادا مشاعره جي ھڪ طرح ملي آھي ته:
    ”اسيران- قفس جو دم لب- منقار تي پھتو “
    مرحوم ان طرح تي پورو شعر (پنھنجو چيل) پڙھي ٻڌايو-
    سچ پڇو ته مٿين شعر ۾ مرحوم ڄڻ ته الودائي پيغام پي ٻڌايو- ھو ته ڪو لاھوتي انسان ھيو جنھن ھن دنيا کي قيد پئي سمجھيو- واقعي ھيءَ دنيا مؤمن لاءِ قيدخانو آھي- اسانجو دوست ته ھن دنيا مان جلد ئي جند ڇڏائي ويو. اسان ھن قيدخانه ۾ ڏکيا ڏينھڙا پيا ڪاٽيون.
    دعا آھي ته مرحوم جيڪا محبت جي شمع روشن ڪري ويو آھي، اُھا ٻين جي من ۾ به محبت جي جوت جاڳائي ۽ ھن دنيا مان ٻيائي ۽ نفرت جو انڌيرو مٽجي وڃي. الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏئي- آمين.

    دعاگو
    قمرالدين سھتو

    سکر
    10- 06- 1978ع


    مير غلام اڪبر سان ناز ھاءِ اسڪول خيرپور ۾ گڏ پڙھندڙ دوستن جا نالا

    (1) مير علي ڏنو خان ٽالپر (2) محمد شريف رڏ (3) احمد حسين لاھوري (4) ثناءُالله بلوچ (5) قمرالدين سھتو (6) محبوب علي کيمٽيو (7) مرحوم علي مراد کيمٽيو (8) مرحوم قاضي شير محمد روھڙائي (9) مرحوم حيدر بخش سولنگي (10) پير بخش سولنگي (11) سرائي خان محمد خان (12) لعل محمد شيخ (13) الھ بخش شيخ (14) در محمد شيخ (15) محمد علي سولنگي (16) الاھي بخش ڪنڌر (17) غلام رسول ٻانڀڻ (18) محمد يعقوب ميمڻ (19) آدم خان ميمڻ (20) محمد بچل ميمڻ (21) نور محمد شيخ (22) محرم علي ميمڻ (23) محمد جمن ميمڻ (24) محمد شعبان ميمڻ (25) مرحوم وزير ميمڻ.


    ٻه اکر

    ھيءُ ھڪ مرحوم شاعر مير غلام اڪبر ” مشتاق “ جي ڪتاب جو مختصر مجموعو آھي، جو پنھنجي حياتيءَ جون فقط 24 بھارون ڏسي، 27 سال اڳ عين عالمِ شباب ۾ عزيزن ۽ دوستن کي دائمي مفارقت جو داغ ڏئي، پنھنجي پروردگار جي حضور ۾ وڃي حاضر ٿيو. مرحوم کي طبعي عمر نصيب ٿئي ھا، ته ھيءُ مجموعو مختصر نه ھجي ھا ۽ شايد منجھس شعر ۽ سخن جي ھر صنف تي طبع آزمائي ڪيل نظر اچي ھا، پر تقدير کي ڪير ٿو ٽاري سگھي:-
    باغبان دھر نخل عمر را آبے نداد
    کاشتن دانست و پروردن نمیداند کہ چیست.
    ھن مجموعه ۾ 8 نظم، 17 غزل ۽ 5 ڪافيون آھن. شاعر جي حالات زندگيءَ مان پتو پوي ٿو ته ھي بي داغ ڪردار جو مالڪ ھو. انھيءَ ڳالھ جو ثبوت ھن جي ڪلام مان به ملي ٿو، جنھن ۾ سيرت جو عڪس جھلڪندو ٿو رھي.
    شاعريءَ جي دامن ۾ ايڏي وسعت آھي، جو اُن ۾ نه صرف ھر موضوع تي اظھارِ خيال ڪري سگھجي ٿو، پر ھر قسم جي جذبه جو بي تڪلفيءَ سان اظھار به مباح سمجھيو ٿو وڃي. مگر ھيءُ شاعر ڀرپور جوانيءَ جي باوجود غزل جھڙي صنف ۾ به پنھنجي جذبات جو اظھار اھڙي انداز ۾ ٿو ڪري، جو سنجيده مزاج ماڻھن کي به ناگوار نٿو لڳي. حالانڪ غزل بنيادي طور تي آھي ئي شراب ۽ شباب جي ڳالھين لاءِ وقف.
    ان مان جتي اھا خبر پوي ٿي ته شاعر ۾ اظھار جو سليقو موجود آھي، اُتي ھن ڳالھ جي تصديق به ٿئي ٿي ته ھن جو اندر ڪيڏو نه اُجرو آھي، جو ڪُل اِناءِ يَتَرشَّحُ بِمافِيۡہِ جي مصداق ھن جي زبان مان اھوئي ٿو نڪري، جو ھن جي دل ۾ آھي. در اصل اھو سيرت ۽ ڪردار جو بلند ترين مقام آھي ۽ شاعر جو پنھنجي فن سان بي پناھ خلوص، جنھن ڪري ھيءُ شعر ھن جي جذبه خلوص جو بھترين آئينه دار بڻجي پيو آھي.
    ھن ڪلام ۾ انداز بيان جي سادگي طبيعت کي متاثر ڪري ٿي. نه اٽڪي ٿي ۽ نه مفھوم سمجھڻ ۾ دماغ مونجھارو محسوس ٿو ڪري- اھا سادگي، قادر ڪلاميءَ جو نتيجو کڻي نه ھجي، جا غير معمولي علم ۽ مسلسل مشق جي ڪري پيدا ٿيندي آھي، پر ڪم از ڪم اھو تسليم ڪرڻو پوي ٿو ته شاعر مافي الضمير جي ادائگيءَ ۾ تصنع کان ڪم وٺڻ جي ڪوشش نه ڪئي آھي.
    ھيءُ شعر طبيعت جي موزونيءَ جي آڌار تي چيل آھي ۽ قواعد و ضوابط کي نظر انداز ڪيو ويو آھي. سنڌي شاعريءَ ۾ اھا ڪا نئين ڳالھ نه آھي. منھنجي علم ۽ تجربه موجب سنڌ جي اڪثر شعراءَ ڪرام جو ڪلام ابتدا ۾ ائين ئي ھوندو آھي. مان ڀانيان ٿو ته شاعر جي حياتي وفا ڪري ھا ۽ مشق سخن جاري رکندو اچي ھا، ته سندس ڪلام عام قاريءَ کان علاوه اھل فن حضرات کان به خراج تحسين وصول ڪري ھا.
    بھرحال ھيءُ ننڍڙو مجموعو سنڌ جي شعري ادب ۾ چڱو اضافو ڪندو ۽ مرحوم جي عزيزن ۽ دوستن جي لاءِ بھترين يادگار ثابت ٿيندو.

    حافظ خير محمد اوحدي
    شڪارپور
    15- اپريل 1978ع


    مختصر سوانح حيات مرحوم غلام اڪبر ”مشتاق“

    تاريخ ولادت 25 سيپٽمبر 1926ع- شھداداڻي ٽالپرن جي ڄاماڻي پاڙي جي ھڪ متوسط خاندان ۾ تولد ٿيو. سندس پرورش والدين جي زير نگراني ٿي. والد صاحب جو نالو مير غلام علي خان- جاءِ ولادت آبائي ڳوٺ صوڀوديرو تعلقه گمبٽ، ضلع خيرپور آھي- سندس والد صاحب مير غلام علي خان ھڪ علم دوست ۽ علم سان بيحد شوق رکندڙ آھي ۽ سندس مشغله ساري زندگي ڪتابن جو مطالعو رھيو آھي. والد صاحب جو اثر اولاد تي به ساڳيو رھيو ۽ سندس اولاد مان ڪنھن به فرد کي عام ٽالپرن ۽ وڏن ماڻھن جي ٻارن جيان فضوليات سان به ڪو واسطو نه رھيو. مرحوم غلام اڪبر جي طبيعت ته پنھنجي ٻين ڀائرن کان به نرالي ھئي. کيس ٻيا ٻه ڀائر ھر ھڪ، وڏو حسن علي راقم الحروف ۽ ٻيو مير شھداد خان مرحوم، جو گورنمينٽ ملازم ھيو ۽ ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد ھيو ۽ دل جي اٽيڪ سبب ھارٽ فيل سال 1971ع جي اپريل ۾ ٿيو. غلام اڪبر، جو پنھنجي والدين جي اولاد مان سڀ کان ننڍو ھيو. تمام سلڇڻون، سٻاجھو، حيا ۽ رحم جو ھڪ مجسمون ھيو. زماني طفوليت ۾ ھن عام ٻارن وانگر ڪڏھن به ڪنھن شيءِ ملڻ لاءِ پنھنجي مائٽن سان ضد نه ڪيو. نه ڪنھن ٻار سان راند ڪندي اسان کيس وڙھندو ڏٺو. گھر ۾ جيڪو به کاڌو پچندو ھيو ۽ جڏھن به تيار ٿيندو ھيو، بسم الله ڪري کائيندو ھيو. اِئين ڪڏھن به نه چيائين ته مان ھي نه کائيندس، مون کي فلاڻي شيءِ ملي، يا مانيءَ جي تيار ٿيڻ ۾ دير ھوندي ھئي ته ڪيتري بُک ھوندي ڪڏھن نه چيائين ته دير ڇو ٿي آھي. پنھنجي گھر جي نوڪرن نوڪرياڻين کي پنھنجي عزيزن جيان ڀائيندو ھو. ڪڏھن به اسان کيس انھن سان تلخ ڪلامي ڪندي نه ڏٺوسون. پنھنجي حياتيءَ جي پوين سالن ۾ ھڪ دفعو ٻن ماڻھن جي وچ ۾ فيصلو ڪندي ھڪ ماڻھون کي سزا طور ھڪ چپاٽ ھنئين ھيائين جنھن جو پڇتاءُ پڇاڙيءَ تائين ڪندو رھيو. انسان دوستي ۽ محتاج جي مدد ڪرڻ پنھنجو فرض سمجھندو ھيو. ڪنھن انسان کي دُکي ڏسي سندس دل بيقرار ٿي ويندي ھئي.
    اطاعت: والدين جي اطاعت، عزت ۽ خذمت پنھنجو اولين فرض سمجھندو ھيو.
    تعليم: سندس ابتدائي تعليم گورنمينٽ مڊل اسڪول صوڀوديرو سندس آبائي ڳوٺ ۾ ٿي- اسڪول کان ڪڏھن به ڪين گسائيندو ھيو. گھر ۾ ايندو ھيو ته به سندس شوق ڪتابن پڙھڻ سان ھوندو ھيو. استادن جو ادب والدين جيترو ڪندو ھيو جنھن ڪري استاد به کيس بيحد عزت جي نگاھ سان نوازيندا ھيا. مارچ 1943ع ۾ سنڌي فائينل جو امتحان مڊل اسڪول صوڀوديرو مان پاس ڪيائين. اپريل 1943ع ۾ 25 تاريخ تي کيس ناز ھاءِ اسڪول خيرپور ۾ داخلا وٺي ڏني وئي. اتي بحيثيت فري بورڊ جي ھاسٽل ۾ رھندو ھيو. سندس ڪلاس ميٽ دوستن مان تمام قريبي دوست جن کي ھو ڀائرن جيان ڀائيندو ھيو انھن مان ھڪ مسٽر قمرالدين سھته صاحب ۽ ٻيو مسٽر ثناءُالله بلوچ صاحب ھيا. مسٽر قمرالدين سھته صاحب سان گڏ ان وقت جو نڪتل فوٽو اڄ به اسان وٽ يادگار آھي. سال 1947 ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين ۽ پوءِ سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي ۾ آرٽ ۾ داخلا ورتائين. خيرپور رھڻ واري عرصي ۾ بزم ناز خيرپور جي شاعرانه محفلن ۽ صحبت جي ڪري منجھس شعر چوڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ پاڻ به شعر چوڻ شروع ڪيائين. بزم ناز خيرپور مان ”طرح“ جو مصرع نڪرندو ھيو جنھن تي شعراءُ ڪرام طبع آزمائي ڪندا ھيا، جنھن ۾ پاڻ به حصو وٺڻ شروع ڪيائين. جن طرح جي مصرعن تي پاڻ شعر لکي بزم ناز ۾ ڏنا اٿس يا مشاعري ۾ به پڙھيا اٿس تن جو سلسلي وار فصيل ھي آھي:
    1- ”سپاھي قوم خفتہ جا اٿي بيدار ٿي ھاڻي.“
    2- اسيرانِ قفس جو دم لبِ منقار تي پھتو. ان تي شعر چئي مشاعره ۾ پيش ڪيو اٿس ۽ تاريخ 45- 11- 7 لکيل اٿس.
    3- طرح آھي- ”اي صبا ڇو ٿي وڌائين پنھنجي تون رفتار کي.“ ھن تي 48- 8- 9 تي شعر لکي ڪراچي مان بزم ناز کي موڪليو اٿس.
    4- طرح جو مصرعه- ”ٻڌايان ڪنھن کي غم پنھنجو الم پنھنجو بيان پنھنجو.“ ان تي مورخه 49- 1- 3 تي شعر لکي ڪراچي مان بزم ناز کي پيش ڪيو اٿس.
    اھڙيءَ طرح شاعرانه صحبت ۽ شعراءُ ڪرام جي ھمٿ افزائي منجھس ننڍي عمر ۾ شعر چوڻ جو شوق پيدا ڪيو ۽ شعر چوڻ شروع ڪيائين. سندس تخلص ”مشتاق“ آھي.
    جيڪي شعر چيا اٿس، انھن تي تاريخون لڳل آھن جنھن مان معلوم ٿو ٿئي ته 45- 8- 29 کان شعر چوڻ شروع ڪيو اٿس. سال 1945ع ۾ 5 شعر ۽ سال 1946ع ۾ 16، سال 1947ع ۾ 6 ۽ سال 1948ع ۾ ھڪ شعر چيو اٿس. ان جو سبب ھي آھي ته سال 1947 ۾ والد صاحب کي جڏھن خبر پئي ته ھو شعر ٿو چوي ته والد صاحب کيس شعر چوڻ کان منع ڪئي ھئي جنھن ڪري ھن شعر چوڻ ڇڏي ڏنو. مون والد صاحب جي ان فھمائش ڪرڻ کي سراسر زيادتي ٿو سمجھان ڇالاءِ ته شعر چوڻ ڪھڙو خراب ڪم آھي يا ڪھڙو ڏوھ آھي، جڏھن ته وڏن وڏن عالمن ۽ بزرگن شعر چيا آھن- خود والد صاحب جن پاڻ به پارسي ۾ شعر گوئي ڪئي آھي. سندس تخلص ”عاصي“ آھي- ۽ منھنجي ڏاڏي مرحوم مير خير محمد خان به پارسي ۾ شعر چيو آھي. سندس تخلص ”ضيا“ ھيو. ته پوءِ غلام اڪبر شعر چيو ته ڪھڙو خراب ڪم ھيو جنھن کان والد صاحب کيس منع ڪئي. ھن وقت اسان وٽ سندس چند شعرن کانسواءِ ٻيو ڪھڙو يادگار آھي- ازنسواءِ شعر شاعر جي جذبات، احساسات ۽ تصورات جو آئينه دار آھي جنھن مان سندس شخصيت کي پروڙي سگھجي ٿو.
    سال 1949ع ۾ مون وٽس ڪراچي سندس شادي جي ڏاج خريد ڪرڻ جي لاءِ ويو ھيس. ان وقت پاڻ ھاسٽل ۾ حسن علي ھال جي روم نمبر 16 ۾ ٻين دوستن سان گڏ رھندو ھيو. ساڻس گڏ ساڳي روم ۾ ٽي ٻيا ۽ چوٿون پاڻ رھندا ھيا جن مان مسٽر ثناءُالله خان ۽ ٻيو مسٽر محمد دائود خان باقي ٽئين صاحب جو نالو مون کي ياد نه رھيو آھي. اھي چارئي ھڪ روم ۾ گڏ رھندا ھيا. مسٽر ثناءُالله خان B. A. LL.B پاس ڪري جيڪب آباد ۾ وڪالت شروع ڪئي جو اڄ جيڪب آباد ۾ نالي وارو وڪيل آھي. مسٽر قمرالدين سھته صاحب جيئن ته انجنيرنگ ۾ داخلا ورتي ان ڪري ساڳي ھاسٽل ۾ مٿين منزل ۾ رھندو ھيو. ۽ انجنيرنگ ۾ B. E ڪرڻ بعد سروس ۾ آيو ۽ ھن وقت S. E گڊو براج آھي ۽ سکر ۾ رھي ٿو.
    شادي: غلام اڪبر جو مڱڻون منگھنواري جي مير ڪرم خان صاحب جي دختر سان سال 1948ع ۾ ٿيو. سندس شاديءَ جو پروگرام 1949ع ۾ ھيو ۽ ان ڪري سندس ڏاج جي خريداريءَ لاءِ مان ڪراچي ويو ھيس جو ٻنھي گڏجي ورتو. مگر سال 1949ع ۾ شادي ٿي نه سگھي جو سندس سھرو مير ڪرم خان فوت ٿي ويو. سندس شادي جو پروگرام بعد ۾ ڊسمبر 1950ع ۾ مقرر ڪيو ويو ھيو ته جيئن B. A جو امتحان ڏئي ڳوٺ اچي ته سندس شادي ڪرائي وڃي.
    نومبر 1950ع ۾ سندس امتحان پورو ٿيو ۽ ڊسمبر جي پھرين يا ٻي تاريخ ڳوٺ آيو. سندس طبيعت ٺيڪ نه ھئي، زڪام ۽ ڪجھ بخار ٿي پيو. والد صاحب جن کيس پُڙيون لکي ڏنيون جي ٻه ٽي ڏينھن پيتائين مگر بخار وڌندو ويو. والد صاحب راڻيپور مان قاضي محمد حسين حڪيم کي گھرايو ڇاڪاڻ ته والد صاحب جن جو يوناني علاج ۾ اعتقاد گھڻو رھندو آھي. پاڻ به يوناني حڪمت مان گھڻو واقف آھي ۽ چڱو خاصو حڪيم آھي- قاضي صاحب جي اچڻ کان بعد بخار تمام گھڻو وڌي ويو ۽ تڪليف گھڻي ٿي وئي ۽ نڙي به بند ٿي وئي. ڪابه دوا يا غذا کائي نه پئي سگھيو. نڙيءَ ۾ نه سُور ھيو نه سوڄ ھئي، نه اندر ڳاڙھي ھئي صرف ڳيت ڏئي ڪابه شيءِ حتيٰ ڪه پاڻي تڪ ڳھي نه ٿي سگھيو. بخار 105 کان 106 تاءِ ھيو جو ڪڏھن به گھٽ ڪونه ٿي ٿيو- اھا حالت ڏسي قاضي صاحب موڪلائي ھليو ويو. والد صاحب حڪيم محمد صادق کي راڻيپور مان گھرايو مگر دوا ته اندر وڃي ڪانه ٿي سگھي، حڪيم محمد صادق به ڪجھ ڪونه ڪيو. پوءِ والد صاحب ڊاڪٽر گل محمد پٺاڻ کي گھرايو جو ان وقت گمبٽ جي سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽر ھيو- ان اچي پينسلين جا انجيڪشن ڪيا مگر فائدو ڪجھ به ڪونه ٿيو. چوڏھن ڏينھن بخار تمام سخت ھليو ۽ بيقراري تمام گھڻي ھئي. سندس خدمت چاڪريءَ لاءِ سارو وقت، رات ڏينھن مان مقرر ھيس ٻيا ڀاتي ڪجھ آرام ڪندا ھيا ڪجھ جاڳندا ھيا. مگر مان رات ڏينھن سندس اڳيان جاڳندو رھيس ۽ سندس خدمت ڪندو رھيس. 18 ڊسمبر جي رات ھڪ بجي کان بعد مون کيس بيماريءَ جي حالت ۾ ڪنھن سان ڳالھائيندو ٻڌو. ڪنھن کي چوي پيو ته، اڄ نه سڀاڻي. ان کان بعدسجاڳ ٿيو ۽ مون سان ڳالھايائين ۽ ٽائيم پڇيائين ته مون کيس غلط ٽائيم ٻڌايو. 3 يا 4 بجه جو وقت مون کيس ٻڌايو ته مون کي کِلي چيائين ڏِس ڪوڙ ٿو ڳالھائين. مون پوءِ کيس صحيح ٽائيم ٻڌايو. چيائين اِئين چئو نه- پڇيائين ادو شھداد ڪٿي آھي. ادو شھداد خان ان وقت شھداد ڪوٽ ۾ مختيارڪار ھيو. ان کي تار ڪري گھرايو ويو ھيو جو موڪل وٺي آيو ھيو ۽ سندس بدلي به شھدادپور ٿي ھئي. ان وقت ڀر ۾ پيل کٽ تي ننڊ پيو ھيو جو مون کيس ٻڌايو ته ننڊ ۾ آھي. پاڻ چيائين ته اٿارينس اڄ به ننڊ ٿو ڪري. بس اڄ رات تڪليف سَھو سڀاڻي خوب ننڊون ڪجو. مون ادي شھداد کي جاڳايو. ان کان اڳ جا کيس بيماريءَ جي تڪليف ھئي سا بلڪل پوءِ ڪانه رھي. ان کان بعد بار بار ٽائيم پڇندو رھيو. 18 ڊسمبر جو سارو ڏينھن بار بار ٽائيم پڇندو رھيو. سج لٿو، شام جا 8 بجا ٿيا ته چيائين يار ھاڻي خدا حافظ. اڳ ۾ مون کي ڳچيءَ ۾ ڀاڪر وجھي موڪلايائين، ان کان بعد ادي شھداد کي ڳچيءَ ۾ ڀاڪر وجھي خدا حافظ چيائين. ان وقت سندس زبان تي ياعلي- ياعلي جو ورد جاري ھيو. ادي شھداد جي ڀاڪر ۾ ئي سندس دم پرواز ڪري ويو. اِنا الله و انا اليہ راجعون- اھڙي طرح ھي نوجوان ساٿي اسان کان موڪلائي ويو. 19 ڊسمبر 1950ع تي سندس تدفين تڪفين جي رسم ادا ڪئي وئي. سندس جنازي نماز ۾ تمام گھڻا ماڻھو شامل ھيا ۽ سڀ جا سڀ زار زار روئي رھيا ھئا، گويا سندن ڪو تمام ويجھو نوجوان گذاري ويو آھي. الله تبارڪ و تعاليٰ کيس پنھنجي جوارِ رحمت ۾ جاءِ عطا ڪري ۽ جنت ۾ داخل ڪري ۽ پنجتن پاڪ جو قرب عطا ڪري- مصرعه ” خود آسمان شد و کار مرا مشکل کرد “ کيس شھداداڻي ٽالپرن جي شجره لکڻ جو گھڻو شوق ھيو. جنھن به ٽالپر فرد سان سندس ملاقات ٿيندي ھئي، ان کان حقيقت معلوم ڪندو ھيو ۽ اھي حقيقتون پاڻ وٽ درج ڪندو ھيو. ان ڪري ڪن شھرن جو دورو به ڪيو ھيائين ۽ وڏي عمر وارن ٽالپرن سان ملي انھن کان حقيقتون ورتيون ھيائين. مگر جيئن ته اھو ڪم تمام مشڪل ھيو، ساري سنڌ جي ميرن کان موجوده نسل بابت حقيقتون ورتيون ھيون ۽ اڳ جا شجره ۽ تاريخ جو مطالع ڪرڻ جو ڪٺن ڪم ھيو جنھن لاءِ وقت ۽ سرمايه جي ضرورت ھئي، جي ٻئي ان وٽ ڪونه ھيا ۽ عمر به بقا نه ڪئي تنھن ڪري اھو سندس خيال پايهءِ تڪميل کي پھچي نه سگھيو- سندس شعر کان سواءِ ھڪ مضمون فراق جي زباني جي عنوان سان سندس ھٿ اکرين بوڪ تي لکيل نثر ۾ مليو آھي-
    سندس وفات کان بعد مون تي سندس مفارقت جو سخت اثر ٿيو ڇاڪاڻ ته اسان ٽي ڀائر نه فقط پاڻ ۾ ڀائر ھياسون مگر اسان ڀائرن جي پاڻ ۾ سخت محبت ھئي ۽ ڏک به محبت کي ٿيندو آھي. دنيا اوندھ اندوھ ڪار ٿي وئي. ٻه سال برابر مون پاڻ کي ھن دنيا ۾ ڪونه ٿي سمجھيو. جيڪو ڪم ڪار فرض سمجھي ڪندو رھان پيو اھو اِئين پيو محسوس ٿئي ڄڻ خواب جي حالت ۾ ڪيو اٿم. سندس مفارقت ۾ ھڪ شعر به مون لکيو جو پڻ ھت ڏيان ٿو.
    سندس شعر جي ڇاپرائڻ لاءِ گھڻي وقت کان مونکي خيال رھندو ھيو. 25- 3- 78 تي مسٽر قمرالدين سھته صاحب سان سکر ۾ ملاقات ٿي جو ھن وقت سپرنٽينڊنگ انجنيئر ايريگيشن گڊو براج تي آھي- ملاقات دوران صاحب موصوف غلام اڪبر جي شعر بابت پڇا ڪئي ۽ خيال ڏيکاريو ته سندس شعر کي ڇپرائجي، جنھن مون کي تمام گھڻي تقويت ڏني. ھي مجموعه ڪلام ترتيب ڏئي سندس مدد سان ڇپرائڻ لاءِ پيش ڪيم.

    العبد حسن علي ٽالپر
    10- 3- 78


    نوٽ

    نوٽ:- گھڻو ڪري مرحوم جنھن تاريخ ۾ شعر چيو آھي ان تي اھا تاريخ لکي اٿس ۽ اسان به انھن جون تاريخون شعر ھيٺان لکيون آھن. مگر مجموعه جي ترتيب پھريان الله تبارڪ و تعاليٰ جي شان ۾ چيل شعر ۽ ان کان بعد حضور اڪرم صلي الله عليہ و آله وسلم جي شان ۾ چيل شعر، ان کان بعد حضرت علي عليہ السلام جي شان ۾ چيل شعر، اھڙي طرح باالترتيب مرتب ڪيو ويو آھي.

    ڪلام درد انجام از طرف حسن علي مضطر
    در فراق برادرم مرحوم مغفور جنت مکان.

    غلام اڪبر مشتاق


    شاعري

    ڪلام : تقدير ۾ بندي جي اڄ باب ھي بڻي آ

    ٿلھ- تقدير ۾ بندي جي اڄ باب ھي بڻي آ
    غم ۾ رھڻ سدائين، قسمت کي ويو وڻي آ
    1
    سک ۾ سوين سلامي، ڏک جو ناھي ڪو حامي،
    غمن جي ھيءَ غلامي، اي دل توکي ڏيڻي آ
    2
    ھڪ دل ھزار غم ھِن، بي انت تنھنجا ڪم ھن،
    ڪنھن جي اندر غم ھن، سؤ سور ھن ڄڻي آ
    3
    سورن جو حال ڀائي، ان کان به ٿي جدائي،
    دل ھئي اڳئي ستائي، صدمن ڪئي پڻي آ
    4
    دل ۾ ھيون اميدون، خوشيون ٿينديون ۽ شاديون،
    ليڪن ٿيون برباديون، تن جي شرح گھڻي آ
    5
    مشتاق جي جدائي، دل کي ڪيو سودائي
    سورن جي ڀيڙ لائي، تنھن دل اندر گھڻي آ
    6
    اھڙي نه ڪل ھئي ڪائي، جلدي ٿيندي جدائي،
    ناگھ قضا جو آئي، تنھن ڪيو جدا کڻي آ
    7
    دردن فراق ان جي، ڪيا چاڪ سؤ جگر کي،
    سورن کان دل ٿي ڦاٽي، گواھ ھڪ ڌڻي آ
    8
    صحبت کي دل ٿي ساري، وسرئي نٿي وساري،
    محبت سڄڻ جي ماري، جنھن جي تات ۽ تڻي آ
    9
    فاني دنيا فنا ھي، ڪنھن کي نه ھت بقا ھي
    جا چيز منجھ دنيا ھي، آخر فنا ٿيڻي آ
    10
    آيو به آ اڪيلو، ويندو به سو اڪيلو،
    ڏينھن چئن جو ميلو، سؤ سال گر کڻي آ
    11
    اي دل نه ٿي مضطر تون، ڪر صبر ۽ شڪر تون،
    رک غور جي نظر تون، ھر شئي فنا ٿيڻي آ.


    20- 6- 1951ع


    مخمس در شان ڪبريا

    1
    ڇا ڪري سگھندو قلم، تحرير شان- ڪبريا
    شعر سان شاعر به ڇا، پوري ڪندو تنھنجي ثنا
    بي مثل بي چون آھي، ان شھنشاھ جي بنا
    ھر شجر ھر چيز مان، ظاھر سندس آھي ضيا
    ھي پسي سارو جھان، ڪي عاشق ديدار ٿيا.
    2
    تو ڪيو روشن جھان کي، ساڻ سورج ۽ قمر
    ٿو ڏِسي تن کي ھرڪو، شڪر تنھنجو بشر
    آب سان آ تو سدائين، ھي ڪيو آباد بَر
    ھر جسم ھر جان کي، ھر جا رسائين ٿو ثمر
    اي مڙوئي شان تنھنجو، يا شھنشاھ- خدا
    3
    رنگ ۽ بو آ عجب گل تي، ڪئي يا رب عطا
    ٿا ڦرن جن تي سدائين، مست ھر دم بلبلا
    ڪين جيڪر ھي ھلي، سارو جھان ارض و سما
    يا الاھي دم به ھڪڙو، تنھنجي قدرت کان سواءِ
    تنھنجي قدرت جو ڪرڻ، تخمينو آ بي انتھا
    4
    بي پدر پئدا ھتي، تنھنجي حڪم عيسيٰ ٿيو
    ناس مڇرن يا خدا، نمرود جو لشڪر ڪيو
    باھ مان تنھنجي حڪم سان، باغ ھڪدم ٿي ويو
    خاڪ جي پُتلي کي مَلڪن، تو اڳيان سجدو ڪيو
    ھي پَسي حيران ٿيا، قدرت الاھي انبيا
    5
    بعد شان- ڪبريا، آ شان تنھنجو مصطفيٰ
    در اوھان جي تي ٿيا، دربان دارا دلربا
    مَلڪ ھر دم ٿا پڙھن، صلوات توتي سَيّدا
    تنھنجي در آھن سدا، نوشيروان نادر گدا
    مرسلن ۾ مصطفيٰ، آ شافع روز- جزا


    مسدس شڪوه و جواب شڪوه

    1
    گھڻو چرخه- ڪھن تو ڀي، اسان کي پي ستايو آ
    ڪري مفلس تو دنيا ۾، اسان کي پي نپايو آ
    ٽِڪِي ۽ انگ جي خاطر، پي تو در در رلايو آ
    اسان جي تو مٿان، حُڪم فرنگي پي ھلايو آ
    ستم پنھنجي جي جي، اڄ بارش اسان تي ئي وسائين ٿو
    الائي شمع ڇو اسلام جي، اڄ تون وِسائين ٿو
    2
    خدايا! ڇو کڻي تو ڀي، پنھنجو مُنھڙو مَٽايو آ
    ڪري باطل کي اڄ ظاھر، تو حَق کي ڇو ڇپايو آ
    حجازي قوم کي ھِتڙي، تو ڇو بي گھر بنايو آ
    وڃي اغيار جو گھر تو، الائي ڇو وَسايو آ
    ذرا محبوب پنھنجي جي، تو اُمت تي نظر ڪا ڪر
    ذرا اسلام جي موجود، ذلت تي نظر ڪا ڪر.

    3
    ڪيون ٿا دال مانيءَ تي، اسان ھِتڙي گذر پنھنجو
    اڏي ھڪ جھوپڙي جھنگ ۾، بنايون ٿا سو گھر پنھنجو
    ڪمائي غير جي در تي، وَھايون ٿا پگھر پنھنجو
    وڃي سورن ۾ گذري ٿو، سدا شام و سحر پنھنجو
    ڪرائين غير کي ٿو، سير اڄ تون ڀي جھازن ۾
    مگر آھي سفر پنھنجو، سدائين ٿرڊ گاڏن ۾
    4
    تنھنجي ھن نُور مخفي جو، ٿي نعرو ھِت ھڻايو ڪنھن
    تنھنجي قرآن کي ھتڙي، ٿي ڇاتي سان لڳايو ڪنھن
    تنھنجي نالي جي ڪاڻ ھتڙي ٿي، پنھنجو سِر ڪپايو ڪنھن
    وجود- بت پرستي پڻ، دنيا مان آ مٽايو ڪنھن
    اسان جي خون جي اڄ تڪ به منزل گاھ شاھد آ
    اسان جو يا خدا اڄ ڀي، ته نصب العين واحد آ


    جواب شڪوه

    1
    ڪري قرآن کي ڪَڇ ۾، تون غيرن وٽ گھمائين ٿو
    وجھي نالو منھنجو سڀ کي، تون رقمون اڄ ڪمائين ٿو
    تجارت کي ڇڏي تون، اڄ پِنڻ پيشو بنائين ٿو
    وٺي رشوت غريبن کان، تون پوزيشن وڌائين ٿو
    شرم پنھنجي ڪئيءَ تي ڪر، شرم تو ڇو وڃايو آ
    اجايو محب منھنجي جو، به نالو تو لڄايو آ
    2
    اڙي! افسوس خود مونکي، آ تنھنجي ھن ذلالت تي
    اڙي! ارمان صد ارمان، آ تنھنجي جھالت تي
    وڏو افسوس آ مسلم کان، مسلم جي ڪراھت تي
    مگر اڄ رحم آيو آ، مونکي ھن تنھنجي حالت تي
    وري اسلام جو گلشن، بنايان باغ شاھي ٿو
    ڏيان محبوب لئي غيرن تي، مان ھي داغ شاھي ٿو
    3
    مگر ڪجھ سوچ دنيا ۾، ته ڪم توکي ئي ڪرڻو آ
    فقط توحيد جي خاطر، ھتي توکي ئي مرڻو آ
    جتي للڪاري ٿو دشمن، اتي توکي ئي وڃڻو آ
    وري ويران ھي گلشن، توکي آباد ڪرڻو آ
    نه گھرجي خاڪ بازي اڄ، مگر پرواز گھرجي ٿو
    مون کي الله اڪبر جو، فقط آواز گھرجي ٿو
    4
    اٿي غفلت ڇڏي گذريل، زمانو ياد پنھنجو ڪر
    اٿي بازو جي طاقت سان، پڪو بنياد پنھنجو ڪر
    وري تلوار سان دشمن، اٿي برباد پنھنجو ڪر
    ڪري قربان سر پنھنجو، نبي صه تون شاد پنھنجو ڪر
    اگر ”مشتاق“ آھين تون، ته پاڪستان پيدا ڪر
    وري اسلام جو دنيا ۾، عز و شان پئدا ڪر
    دکن ڪشمير جو قبضو، نه ڏي اغيار کي ھرگز
    خدا تي ڀروسو ڪر تون، نه ڪر ھٿيار تي ھرگز.


    نظم

    ٿلھ- الاھي آسرو تو ۾، فقط ھاڻي رھيو آھي
    صرف ھي وقت مون سارو، گناھن ۾ ڪيو آھي
    1
    غرق آھيان گناھن ۾، برايون مون ڪيون بيحد،
    چڱاين کان ته دنيا ۾، نه ڪو ڪم مون وتو آھي.
    2
    ظلم زوري زبردستي، ڪئي ساري عمر مون آ،
    عبادت کان جسم منھنجو، پري يا ربَ رھيو آھي.
    3
    ڏسان گر ڏوھ ٿو پنھنجا، ته دوزخ جاءِ مون لئي ٿي،
    اگر مولا علي مرشد، ته جنت گھر جڙيو آھي.
    4
    چوان ”مشتاق“ ڇا ھاڻي، ادا باقي رھيو آھي،
    فقط لاتقنطو ۾ ڀروسو، منھنجو رھيو آھي.

    16- 1- 1946ع


    غزل : اجڙيل چمن ھي دل جو، آباد ڪر خدايا

    اجڙيل چمن ھي دل جو، آباد ڪر خدايا،
    الفت جو دل ۾ پئدا، بنياد ڪر خدايا.
    1
    مضطر ھي دل مدامي، شوق- وصال کان آ،
    ھڪواري دلربا سان، دل شاد ڪر خدايا.
    2
    فرقت کان آب جاري، اکڙين مان آ سدائين،
    اکڙين جي آب جون تون، ڪو داد ڪر خدايا.
    3
    اميدوار آھيان، ھرگز نه آس لاھيان،
    ديدار دلربا جو، امداد ڪر خدايا.
    4
    ”مشتاق“ جي صدا آ، عشق- حُسين ڏي تو،
    عشق- بتان کان دل ھي، آزاد ڪر خدايا.

    28- 1- 1946ع


    نظم : اسان جو مير مرسل آ، ٿيو شافي قيامت ۾

    ٿلھ- اسان جو مير مرسل آ، ٿيو شافي قيامت ۾،
    علي حيدر ٿيو آھي، ادا ساقي قيامت ۾.
    1
    گھرندو پڻ دعا جاتي، حسن سردار اُمت لئي،
    شھيد- ڪربلا ٿيندو، اچي حامي قيامت ۾.
    2
    سفارش خود جتي ٿيندي، سائڻ خاتون جي يارو،
    کپي ٻيو ڇا ادا مونکي، اُتي باقي قيامت ۾.
    3
    نه آھي خوف ڪو خطرو، ٿيو مون يار محشر جو،
    ٿيا ”مشتاق“ آھن، پنجئي والي قيامت ۾.

    10- 1- 1946ع


    بيت

    ابرو سندي اشاري، زخمي ڪيا ھزارين،
    بازار مان لڳي وئي، تلوار ويندي ويندي.


    نظم : تنھنجي چمن ۾ مرسل، باد خزان گھلي ٿي

    ٿلھ- تنھنجي چمن ۾ مرسل، باد خزان گھلي ٿي،
    تقدير يا محمد، تنھنجو چمن گھري ٿي.
    1
    ريءَ آب اڄ اوھان جو، گلشن نبي ٿيو آ،
    ڪومائجي ويا گل، مکڙي سُڪي ڪري ٿي.
    2
    باغِ بني جو مالھي، مظلوم منجھ ڪربل،
    تقدير يا الاھي، ڀائر جدا ڪري ٿي.
    3
    شان خدا عجب آ، ٿي بي نياز ويو آ،
    خاتون جي پلي، اڄ بي پوش ٿي ھلي ٿي.
    4
    ”مشتاق“ ڇا چوان مان، مخفي ڪو راز رب جو،
    بي ڏوھ ڪربلا ۾، آل- عبا ڪُسي ٿي.

    11- 1- 1946ع


    غزل : دلدار تنھنجي حسن جي، تعريف ڇا ڪيان

    ٿلھ- دلدار تنھنجي حسن جي، تعريف ڇا ڪيان،
    منھن تو سندو مٺا ٿو، ڏسان ماھ تاب جان.
    1
    مکڙي مثال آھ، سڄڻ تو سندو دھن،
    مرڪڻ ڪنان ڪرن ٿا، سدا لعل وات مان.
    2
    آمد جڏھن اوھان جي ٿي، اي باغ ۾ صنم
    خجلت نصيب ٿي وئي، سنبل کي ذلف کان.
    3
    تعريف تنھنجي حسن جي، ھڪ مان نه ڪئي مٺا،
    قرآن پر ڏسان ٿو، مان تنھنجي بيان سان.
    4
    ”مشتاق“ ناھيان مان، فقط توتي اي صنم،
    خود منظر خدا ٿو ڏسان تنھنجي ديد ڪان.

    11- 4- 1946ع


    غزل سورھن رڪني

    1
    ڏسان ٿو ھتڙي ھزار سھڻا، مگر نه ڪو آ مثال تنھنجو،
    ھزار توتي رھن ٿا عاشق، موھي ٿو تن کي جمال تنھنجو.
    2
    زوال دنيا ۾ چيز سڀڪا، بقا نه آھي ھتي سڄڻ ڪجھ،
    زوال جنھن تي نه آھي اچڻو، جمال سو لازوال تنھنجو.
    3
    سدا ٿا تڙڦن ھزارھا عاشق، عجب پڪائي اوھان جي دلبر،
    پلڪ نه چاھن پري رھن ٿا، مگر جدائي ڪمال تنھنجو.
    4
    بھار آيو صبا گھلي ٿي، رھي ٿي بلبل به مست گل ڪان،
    رھي ٿو دل ۾ خيال مونکي، نصيب شل ٿئي وصال تنھنجو.
    5
    غلام اڪبر جي تون غلامي، قبول ھيڪر اي دلربا ڪر،
    عطا اچي ڪر تون ديد دلبر، رھي ٿو ھردم خيال تنھنجو.

    26- 4- 1946ع


    نظم : اچي مشڪل ڪشائي ڪر- علي حيدر علي حيدر

    ٿلھ- اچي مشڪل ڪشائي ڪر- علي حيدر علي حيدر،
    ھلي آ ساقئي ڪوثر- علي حيدر علي حيدر.
    1
    نه ڪر دم دير آ ھڪدم، ٿو نڪري غم الم ۾ دم،
    ٿيو آ حال ھي ابتر- علي حيدر علي حيدر.
    2
    نه آھي آسرو تو ريءَ، خطا پوشي خدارا ڪر،
    وڃان مان ھاڻ ڪنھن جي در- علي حيدر علي حيدر.
    3
    ڪئي مشڪل ڪشائي تو، سدا اسلام جي شاھا،
    اُڏايو تو درِ خيبر، علي حيدر علي حيدر.
    4
    مدد رس ياعلي حيدر، اچي مشڪل منھنجي حل ڪر،
    تون آن شير- خدا صفدر، علي حيدر علي حيدر.
    5
    شھيد- ڪربلا ڏي ڏس، ٿي رھبر رھنمائي ڪر،
    ٿيو ”مشتاق“ آ مضطر- علي حيدر علي حيدر.

    9- 8- 1946ع


    ڪلام : در اوھان جي ٿيس گدا حيدر علي حيدر علي

    ٿلھ- در اوھان جي ٿيس گدا حيدر علي حيدر علي
    سڻ صدا بھر خدا حيدر علي حيدر علي.
    1
    يا علي مشڪل ڪشا آ، يا علي حاجت روا
    حل ڪيو مشڪل سدا، حيدر علي حيدر علي
    2
    يا علي شير- خدا، ھان غم الم ۾ مبتلا
    رنج کان ڪر تون رھا، حيدرعلي حيدرعلي
    3
    آ حسيني، حيدري، ”مشتاق“ در تنھنجي گدا
    جام ڪوثر ڪر عطا، حيدرعلي حيدرعلي.

    28- 8- 1946ع


    ڪافي : ڦٽائي يار ويو ياري- وڇوڙي جي وجھي گھاري

    ٿلھ- ڦٽائي يار ويو ياري- وڇوڙي جي وجھي گھاري.
    1
    ٿي ڀانيم وڇڙي نا ويندا- نماڻي نال سي نيندا
    نٿي ڄاتم ائين ويندا- ڏئي ڏکڙا عمر ساري.
    2
    اٿي ھل ڪيچ ڏي ڪاھي- تنھنجو ھاڻي ھتي ڇاھي
    پيو ڏورڻ ڏونگر آھي- سجھن ٿا بر جبل باري
    3
    چوي ”مشتاق“ ويا ماري- ڏکن جو ڏئي ثمر ساري
    رندن تي ٿي ھنجون ھاري- اکن مان آب آ جاري.

    29- 8- 1945ع


    ڪافي : ڪيئن ڪيان ڪاڏي وڃان، مان بيوس ٿيس بيمار

    ٿلھ- ڪيئن ڪيان ڪاڏي وڃان، مان بيوس ٿيس بيمار
    اچي ڪر دارون منھنجو دلدار
    1
    درد اندر ۾ دونھان دکايا، ڪيو عشق تنھنجي لاچار
    برھ مونکي بيتاب بڻايو، ٿيو بدن بيڪار
    2
    موجه مدامي توسان ماڻيان، ٻيو ڪين وڻي ڪم ڪار
    آءُ پيارا رمزن وارا، رمز ڪيو آ ڌار
    3
    ڏينھن وصل جو جڏھن ايندو، ٿيندي گلشن دل گلزار
    حال حقيقت روبرو ساري، توکي ڏيندس يار
    4
    ”مشتاق“ جون ميٽي مدايون، مل اچي منٺار
    صورت تنھنجي سھڻان مون لئي، دوا ٿيندم ديدار.

    25- 10- 1945ع


    غزل: ڪلام مشاعري ۾ ڏنل

    ٿلھ- سحر ويلي ڏٺم بلبل وڃي گلزار تي پھتو
    ارادو ان سندو تڏھين خيال- يار تي پھتو
    1
    ٻڌم بلبل ۽ نرگس جي به ات گفتار ڪا ھلندڙ
    وڃي بلبل ۽ گل جو بحث پڻ تڪرار تي پھتو
    2
    اچي ماري وڌي ڄاري ڪيو تنھن قيد بلبل کي
    ستم صياد جو پڻ عندليب- زار تي پھتو
    3
    چيو بلبل تڏھن روئي نه ڪر تون بند ويچاري
    مگر ظالم سندو رايو وڃي انڪار تي پھتو
    4
    اڙي صياد ھاڻي ڪجھ ڍرو پنھنجي ستم کي ڪر
    اسيراني قفس جو دم لب- منقار تي پھتو

    5
    ادا ”مشتاق“ آھين مبتدي سک شعر سازي کي
    سخن تنھنجو نه آھي ڪنھن وڏي معيار تي پھتو.

    7- 11- 1945ع


    غزل : خدايا ٿو فقط گھرجي، مونکي ديدار دلبر جو

    ٿلھ- خدايا ٿو فقط گھرجي، مونکي ديدار دلبر جو،
    نه ٻيو ھرگز مگر گھرجي، رڳو ھڪ پيار دلبر جو.
    1
    نه آ آرام اکڙين کي، نه آ ڪاننڊ نيڻن کي
    رھي شب و روز دل کي ٿو، وڏو ويچار دلبر جو
    2
    نھاريندي وئي قابو ، زلف جي دام ۾ دل ٿي
    نه ٿي ڄاتم ته ھو اڏيل، اتي ڪو ڄار دلبر جو
    3
    ھنيون مونکي آ دلبر تير، نھارڻ وقت نظرن جو
    پئي دشوار مرھم ٿي، ڪيل آ وار دلبر جو
    4
    ڪيل ”مشتاق“ آھي قول، ات قالوا بليٰ تنھنجو
    وساري ڪين ويھج تون، پيل ٿي بار دلبر جو.

    29- 12- 1945ع


    غزل : مشاعري ۾ ڏنل

    1
    زمانو يار فيشن سان ، ويو آ تار ٿي ھاڻي
    نھاري ناز نخري سان، نوائي نار ٿي ھاڻي.
    2
    ٿيا چريا ادا ڪيئي، ڏسي پڪچر ۽ سئنيما
    نصيحت پڻ ڪرڻ تن کي، پئي دشوار ٿي ھاڻي.
    3
    اڄوڪي عشق جي حالت، ڪيان تحرير ڪھڙي مان،
    وڃي اڄ عشق جي سڌ آ، ڏھاڙا چار ٿي ھاڻي.
    4
    چمن ۾ چھچٽو ناھي، بھاري وئي خزان آئي،
    قفس ۾ بند بلبل ڀي، پئي بيمار ٿي ھاڻي.
    5
    سٺو جو سوٽ ٿو پھري، ته يارو ان جي آ عزت،
    عجب ھي دور آيو آ، شرم شلوار ٿي ھاڻي.
    6
    وئي ايجاد آ ھاڻي، ھتي ٿي سيفٽي ريزر،
    نه رک ڏاڙھي مڇون ھرگز، نه شھپردار ٿي ھاڻي.
    7
    مسلمانن ۾ ناھي اتحاد و الفت و ھمت
    وڃي قسمت اسان جي در ڪف- اغيار ٿي ھاڻي.
    8
    ڪيون نفرت ھنر کان ٿا، وڻي ٿي نوڪري ھاڻي،
    تجارت عيب ٿي ھاڻي، پِنڻ پڻ ڪار ٿي ھاڻي.
    9
    ويو ھليو ادب آھي، رھيو اخلاق ناھي ڪو،
    اسان ۾ پڻ حقارت جي، نظر نروار ٿي ھاڻي.
    10
    تعلق آھي مذھب جو، ٻڌل ھردم حڪومت ساڻ،
    اسان جي قوم کي ان جي، وڏي درڪار ٿي ھاڻي.
    11
    ضرورت ناھ واعظ جي، کپي تلوار ٿي ھاڻي،
    سپاھي قوم خفتہ جا، اٿي بيدار ٿي ھاڻي.
    12
    زمانو پڻ وڃي پھتو، ادا نازڪ ڪڙي تي آ،
    سگھو تون نوجوانن جو، علم بردار ٿي ھاڻي.
    13
    خدايا ڪر ڪرم پنھنجو، اچي حامي اسان جو ٿي،
    حجازي قوم کان يا رب، نه تون بيزار ٿي ھاڻي.
    14
    نه ڊڄ مشتاق“ جي ڀرپور، آھين تون گناھن ۾،
    نه ھرگز پنجتن جي حُب کان، تون ڌار ٿي ھاڻي.
    15
    ڪرڻ ماتام آ آل- عبا جو تو مٿان واجب،
    سوا ان غم جي دنيا ۾ ، نه تو بيڪار ٿي ھاڻي.

    *


    ڪافي : ڏئي ڏک ھزارين ويا ڪيچ ڪاھي

    ٿلھ- ڏئي ڏک ھزارين ويا ڪيچ ڪاھي
    ويا رڻ ۾ رولي، پرين پيچ پائي.
    1
    ھيا رات ھتڙي، اديون ڏير مُئيءَ جا،
    ويا ساٿ منھنجي، پنھل جو پٽائي.
    2
    رھيا رات مھمان، مون وٽ ٿي سرتيون،
    ڪيو ڏاڍ ڏيرن، ويا مون منجھائي.
    3
    سکي پاڻ پنھل، وڃي وطن ٿيو آ،
    مگر مون لئي ويو آھ، ماتم مچائي.
    4
    نه رھ ھت وڃج ڪيچ ”مشتاق ڪاھي،
    ھتي ھاڻ تنھنجو، سوا ھوت ڇاھي.

    20- 1- 1946ع


    بيت

    ھجي آباد شل تنھنجو، سدا ساقي ھي مئيخانو،
    پيارج يار رندن کي، ڀري پنھنجو ھي پيمانو.


    غزل : ڪيو تو قيد ڇو ھتڙي، ادا صياد بلبل کي

    ٿلھ- ڪيو تو قيد ڇو ھتڙي، ادا صياد بلبل کي،
    ڪري ھت بند پڃري ۾، جدا صياد بلبل کي.
    1
    وڃڻ ٿي يار ڏي چاھي، مگر آ قيد قسمت ڪئي،
    نصيبن ۾ رئڻ مليو، سدا صياد بلبل کي.
    2
    فراق يار کان بلبل پئي، دم دم ڪري دانھون،
    غم ساغر ڪيو توئي، عطا صياد بلبل کي.
    3
    قفس جي قيد ڪاٽڻ لئي، نه ھئي بلبل ڪڏھن لائق،
    مگر الفت ڪرائي آ، خطا صياد بلبل کي.
    4
    رھي ”مشتاق“ ٿي بلبل، سدا گلزار ۽ گل تي،
    ملائيندو وري گل سان، خدا صياد بلبل کي.

    15- 2- 1946ع


    غزل : پرين جي پار جو خطڙو، اسان ڏي ڪونه آيو ڇو

    ٿلھ- پرين جي پار جو خطڙو، ، اسان ڏي ڪونه آيو ڇو،
    الائي يار جانب آ، اسان کي ھت وساريو ڇو.
    1
    سدا جو ياد آ مونکي، وساريو آھ تنھن شايد
    ڏئي فرقت جو ڦٽ دل کي، مونکي دلبر ستايو ڇو.
    2
    ڇڏائي اوچتو وس کان، ويو آ يار مرغ- دل
    تو دام- زلف سان دلبر پکي دل جو ڦاسايو ڇو.
    3
    ڏئي دلبر کي دل پنھنجي، ڪرين ”مشتاق“ دانھون ٿو،
    ڏئين ٿو ڏوھ دلبر تي، ادا ھاڻي اجايو ڇو.

    2- 3- 1946ع


    ڪافي : ٻٽڙي آ پير ڀري

    ٿلھ- ٻٽڙي آ پير ڀري
    1
    آ صورت سبحاني، منھنجا مٺا تون جاني،
    توريءَ سوا نٿي ھڪ دمڙو سڄڻ سري.
    2
    قسمت ڪيو آ جاني جدا ڪين وس ھلي،
    نه دل نٿي چوي، ٿيان توکان پرين پري.
    3
    فرقت سھڻ جي طاقت، تن ۾ وڌيڪ ناھي،
    ميلاپ توسان جلدي منھن جو خدا ڪري.
    4
    ”مشتاق“ آھي مضطر، سوز و فراق ۾،
    دک درد ۾ ٿي دلبر، ھي جان دل ڳري.

    30- 5- 1946ع


    غزل : اي حسينا ناز وارا، ناز سان دل شاد ڪر

    ٿلھ- اي حسينا ناز وارا، ناز سان دل شاد ڪر
    بيڪسيءَ جي حال تي بھر- خدا امداد ڪر.
    1
    آ ٿيو ويران منھنجي، دل جو گلشن دلربا
    آب الفت سان اچي، دل جو چمن آباد ڪر.
    2
    تنھنجي فرقت ۾ سڄڻ، جاري اکين مان آب آ
    اي سخي نام- خدا مون بينوا جو داد ڪر.
    3
    غم نه ڪر ”مشتاق“ ٿيا ھن عشق ۾ ڪيئي فنا
    پاڻ کي دلدار تان قربان مثل فرھاد ڪر.

    1-9-1946ع


    نظم : آءُ اچي ڪر تون مدد يا علي حيدر

    ٿلھ- آءُ اچي ڪر تون مدد يا علي حيدر
    تنھنجو لقب شير- خدا ساقئي ڪوثر
    1
    توکي ٿو سنڀاليان مان توکي ٿو پڪاريان
    ٿو راھون نھاريان آ حيدر- صفدر
    2
    ھت درد غمن ۾ آھيان حيدر مان مبتلا لھ سار ۽ سدا
    صدمن جي زماني کان آزاد اچي ڪر.
    3
    ھن دور زماني جي ستايو آ حيدر- ڪر مھر جي نظر
    ”مشتاق“ گداگر آھي حيدر ٿيو تنھن جي در.

    12- 9- 1946ع


    غزل : قسم خدا جو اوھان ري نه آھي خوشي اي صنم

    ٿلھ- قسم خدا جو اوھان ري نه آھي خوشي اي صنم
    اوھان جي ھجر ۾ ٿي جان دلربا ھي ڀسم.
    1
    وصال تنھنجي ۾ ھر ڪا ھئي خوشي مون کي صنم
    ھجر ۾ مون کي مليو درد و غم رنج و الم.
    2
    برائي نام خدا وڃ تون صنم وٽ اي صبا
    خدا جي واسطي تون ڪر وڃي ھي حال غم الم
    3
    نه آھي عشق ۾ ”مشتاق“ روا آھ و فغان
    صبر سان عشق جي رھ ۾ وڌاءِ يار قدم.

    4-10- 1946ع


    غزل : سدا آھي اکين آڏو پيارل يار جي صورت

    ٿلھ- سدا آھي اکين آڏو پيارل يار جي صورت
    ڪيو انڪار آ اکڙين ڏسڻ اغيار جي صورت
    1
    گھلي دل کي بھاري آ، گھلي ان تي خزان آھي
    منھنجي دل عشق جانان ۾، ٿي وئي گلزار جي صورت
    2
    ڪيان ديدار دم دم ٿو پوءِ ڇو ٿئي غم ڪو فرقت جو
    سمايل آھي سيني ۾ سندم دلدار جي صورت
    3
    نه آھي فڪر ڪو ”مشتاق“ ۽ رنج و الم مونکي
    جڏھن سامھون سدائين آ مون کي غم خوار جي صورت

    29- 4- 1947ع


    غزل : ماھ رو ناز و ادا سان دل نوايون ويو ھليو

    ٿلھ- ماھ رو ناز و ادا سان دل نوايون ويو ھليو
    پيار ڏئي پيارو پرين ھي پيچ پايون ويو ھليو.
    1
    حسن جي ماچيس مان الفت سندي تيلي ڪڍي
    آگ منھنجي دل اندر دلبر دکايون ويو ھليو.
    2
    خون دل جو ٿو ڪري ڪم گاسليٽي تيل جان
    محب منھنجي من اندر ھي مچ مچايون ويو ھليو.
    3
    سنگدل ساجن ڪيو نا قياس ھيڻي دل سندو
    دلربا درد دل کي منھن مٽايون ويو ھليو.
    4
    حيف ٿئي ”مشتاق“ دل تون ٿي ڪرين آہ و فغان
    شمع لئي پروانو ڏس ڪيئن سِر وڃايون ويو ھليو.

    12- 5- 1947ع


    غزل : ڏئي ھٿ پار دريا جي پڄايو دلربا مونکي

    ٿلھ- ڏئي ھٿ پار دريا جي پڄايو دلربا مونکي
    قيامت ۾ وري ھٿ سو ملائيندو خدا مونکي.
    1
    رھي ٿي آرزو دل ۾ نه ٿيان دم ڌار دلبر کان
    پرين ھڪڙو پلڪ پاڻئون ڪري نا شل جدا مونکي
    2
    پوي درڪار ٿي دم دم سندم دلبر سندي ھٿ جي
    تمنا دل سندي آھي ملي شل غم نوا مون کي
    3
    نه ڪر غم ڪو اڙي مغموم دل- دنيا جي صدمن جو
    ڪندو ”مشتاق“ مشڪل ۾ مدد مشڪل ڪشا مونکي.

    22- 5- 1947ع


    غزل : ڏسان سامھون سدائين شل پيارل يار مان پنھنجو

    ٿلھ- ڏسان سامھون سدائين شل پيارل يار مان پنھنجو
    ڪيان قربان سر سارو سندم دلدار تان پنھنجو
    1
    تمنا دل سندي آھي، سندم پوري خدايا ڪر
    ڏيان دم ڪوءِ جانان ۾، پتنگ پرواني جان پنھنجو.
    2
    ڪرين ڪعبي کي ٿو سجدو سندم سجدو عجب زاھد
    بنايو روءِ جانان آھ سجدہ گاہ آن پنھنجو
    3
    ملامت سر مٿان سڀ ڪا، تون سھ ”مشتاق“ دنيا ۾
    مگر منصور جان موڙج، نه منھن دلدار کان پنھنجو.

    25- 5- 1947ع


    ڪافي : ھاڻي ناھيون وس ۾ پنھنجي چئجو سنت کي سلام

    ٿلھ- ھاڻي ناھيون وس ۾ پنھنجي چئجو سنت کي سلام

    1
    غرق مدامي عشق ۾ آھيون، ٿئي ٿي نماز قضا
    عشق اسان کي بيوس بنايو، ٿياسي جنھن جا غلام
    2
    فرض ڇڏيا ھن عشق وساري، ڪين پڙھيوسي قرآن
    تسبيح سُورن جي روز پڙھون ٿا، آھي درد جو دور مدام
    3
    لب تي ھر دم نام ڦري ٿو، ورد زبان آ ڪلام
    تن- من رڳ ٿي يار تنواري، ڪيو قيد زلف جي دام
    4
    وس ڪو نا ”مشتاق“ اسان جو، عشق نوايا ھزار
    شيخ صنعان ڳل جڻيان پايا، عشق ڪھايا امام.

    27- 5- 1947ع


    ڪافي : درد فراق دي ڦٽي ھان يار

    ٿلھ- درد فراق دي ڦٽي ھان يار
    سانون ڪنھن نه ٻڌايان پٽيان پار

    1
    پل وچ پوندي پور الاھي، دم نھين نڀندا غم دي خالي
    ڪنھن نون خبر سوران دي سليان يار.
    2
    اوکا ڪام ھي عشق ڪماوڻ، سانگ تي سرڙا آپ چڙھاوڻ
    پيوڻ وِھ ديان ڀر ڪي وٽيان يار.
    3
    ”مشتاق“ لقب مين آپ ڪو لايا، بار غمان دا سر تي چايا
    ڇٽيان ڦٽ ول کِليان يار.

    31- 5- 1947ع


    غزل : پيش ڪردہ در مشاعره ناز

    1
    اي صبا ڇو ٿي وڌائين، پنھنجي تون رفتار کي
    درد منھنجي جي خبر ڏي، ڪينڪي دلدار کي.
    2
    دل نٿي چاھي ته ٿئي، غم جو اثر دلدار تي
    پنھنجي دل جي بيقراري، ڪيئن ٻڌايان يار کي.
    3
    منھنجي لئي غم آ خوشي، جي آھ دلبر يار خوش،
    سا خوشي ڪاڏي ڪبي، جي آھ غم غمخوار کي.
    4
    آ تمنا دل سندي، دلبر رھي آباد خوش،
    ڪين ڪوسو وا لڳي، سھڻي صنم جي وار کي.
    5
    زاھدا تون ٿو ڪرين، محراب کي سجدو مگر،
    عاشقن جو آھ سجدو، يار جي رخسار کي.
    6
    ٿيا ھزارين قيس و صنعان، عشق تي ھردم فدا،
    ٿا صرف عاشق سڃاڻن، عشق جي اسرار کي.
    7
    عشق پنھان جو ڪيان ”مشتاق“ قصو ڪنھن سان مان،
    دل نٿي چاھي ڏيان، احوال ھي اغيار کي.

    9- 8- 1948ع


    غزل : شعر پيش ڪرده در بزم ناز

    1
    الائي ڇو ويو دشمن ٿي آ دور- زمان پنھنجو
    نٿو ڄاڻان الائي ڇو ڦريو آھي سمان پنھنجو.
    2
    نه آھي راز محرم ڪو، نه آ فرياد رس ڪوئي
    ٻڌايان ڪنھنکي غم پنھنجو، الم پنھنجو بيان پنھنجو.
    3
    ستم گر ڇو ستائي ٿو، اڃان ڀي مون ستايل کي،
    وٺڻ چرخ- ڪُھن چاھي، ٿو شايد امتحان پنھنجو.
    4
    ھيو جنھن باغ ۾ گل جو، سدائين راض بلبل تي،
    اچي زاغن ڪيو آھي، اتي اڄ آشيان پنھنجو.
    5
    نه آھي ڏوھ گل ڏي ڪو، نه آھي چرخ ئي دشمن،
    ڪيو باغ خوش- آھي، اسان وقفي خزان پنھنجو.
    6
    سڏائي عاشق- گل تون، رکين ٿي غير سان الفت،
    اَٿي بھتر ته ان کان تون، مٽائي ڇڏ نشان پنھنجو.
    7
    نه سونھين زاغ سان گڏ ٿي، ھميشہ باغ ۾ بلبل،
    اَٿئي گل سان اگر الفت، وسائج آستان پنھنجو.
    8
    اڳي غازي- بھادر ۽ مجاھد نام ھو پنھنجو،
    مگر ھاڻي ڪٿي آھي، گذشتہ گز ڪمان پنھنجو.
    9
    نمازي ٿي، مجاھد ٿي، نه ٿي اغيار جو پيرو،
    بنائي پيشوا ڇڏ جڳ ۾، شاھ- دوجھان پنھنجو.
    10
    نه ڪر ”مشتاق“ بلبل تون ڪو غم ويران گلشن جو،
    مصيبت دور ٿي ويندي، جي آيو باغبان پنھنجو.

    3- 1- 1949ع


    غزل : ڏي وڃي پيغام ھي قاصد ادا

    1
    ڏي وڃي پيغام ھي قاصد ادا
    ڪين لائج دير دم بھر- خدا
    2
    ڪين آھي قلب منھنجي کي قرار
    جنھن ڏھاڙي کان ڪيو جاني جدا
    3
    بي وفا آھيان ولي آھيان غلام
    نينھن تنھنجي جو آھيان نوڪر سدا
    4
    ڏوھ تنھنجو ڪين آ، آھي مڙئي منھنجو قصور
    تنھن ڪري معافي طلب آھيان اوھان کان دلربا
    5
    ڪوڙ جي دنيا ۾ تون ڇڏ، ڪوڙي ڪاغذ جي پچر
    قرب سان پنھنجي قلب کي، صاف ڪر اي عاشقا.
    6
    بيوفا ۽ بي مروت، چؤ ڀلي مون کي مگر
    ياد تنھنجي ۾ ٿو گذري، منھنجو ھي صبح و مسا
    7
    دين ۽ دنيا ۾ آھي آسرو تنھنجو علي
    دور ڪر منھنجي قلب جي بيقراري مطلقا.
    8
    خُلُق ۽ اخلاق ۽ اخلاص ٿئي مون تي عطا
    يا خدا يا مصطفيٰ يا مرتضيٰ آ التجا
    9
    عشق ۾ ”مشتاق“ کي ھردم رکج ثابت قدم
    يا الاھي اھڙي خصلت، مون تي ڪر ھردم عطا.
    10
    دوست ۽ احباب ڀي دنيا ۾ ٿا رنجش ڪرن
    ڪين ٿو معلوم ٿئي، ڪھڙي مون ڪئي آھي خطا.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 468552
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 187990
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ