ڪتاب جو نالو: ڪڏهن ورندين
مصنف: صابر سيدپوري
ڇپائيندڙ: رم جهم پبليڪيشن دادو
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 09 جولائي 2017 ع
پڙهيو ويو: 831 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 238 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
صابر سيدپوري جي شاعري سندس جذبن جي عڪاس آهي. جنهن ۾ شعوري سگهه به آهي ته داخلي حسناڪي به سندس پيغام چٽو ۽ ڏاهپ تي مبني آهي پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن کي اهڙي ته سهڻي انداز ۾ پوئي اڳيان رکندو جو سڀ ويٺل ۽ پڙهندڙ داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا.
هي سادو ۽ سٻاجهو ماڻهو آهي جنهن ڪري سندس دل شيشي جيان صاف ۽ شفاف آهي هن جو ذهن آدرشي آهي سچ چوڻ کان نه گهٻرائيندو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڇپائيندڙ جا حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • دل ۾ رنل لڙڪ
  • صابر جي شاعريءَ جا خوبصورت موڊ
  • سنڀارون
  • ڏک سک جو سنگم
  • کڙکٻيتا
  • صابر ڀٽائي جي سورمن ۽ سورمين جي ڪٿا
  • صابر سيدپوري موجوده ٽهي جو سٺو ۽ اڀرندڙ شاعر
  • تنهائي منهنجي محبوبه
  • غزل

  • تو بنا يار! هير سانوڻ جي
  • نيڻ ڪنهنجا چمڻ وقتڪاٿي ڏنئي،
  • اسان جي من وفا کي ڏس
  • نيڻ ڪنهنجا چمڻ وقتڪاٿي ڏنئي
  • اسان جي من وفا کي ڏس
  • ٿي اڃا بدنام عاشق
  • سڪ تنهنجي سمهڻ ڏنو ناهي
  • پيار آهي سلامتي جڳ جي
  • اوهان جو مرڪندڙ چهرو اکين آڏو ڦري ٿو پيو
  • ڪيئن ڀلايان مان دل جي راڻي کي
  • سڄڻ جي سار آهي بس
  • اجرا هي سويرا جيئن، تيئن پيار اسان جو آ
  • پيار تنهنجو نچائي ٿو جاني
  • چنڊ تنهنجي ذات سان
  • هي شام سهاني ڳوٺاڻي
  • اکيون واٽ نهارن ساڳيون
  • نه تو يار سمجهيون اکين التجائون
  • مان سراپا، پيار آهيان وو
  • سونهن جي سونهن ئي ته تون آهين
  • بادلن کي سنيهان ڏيان ڪيترا
  • ياد تنهنجي وسارڻ ڪو سولو نه آ
  • راز حسن جا جنهن پل ڄاتا
  • دل ٿي چاهي ته ڪجهه اچان روئي
  • ورن شال ٻيهر سُهانا زمانا
  • تنهنجي هڪڙي مرڪ تان هيءَ روشني گهوري ڇڏيان
  • آڳ جنهن آ لڳائي روزانو
  • مکڙين جيان هي ڪومل ٽڙندڙ گلاب اکڙيون
  • تنهنجي هڪ مرڪ تان ڪيئي سجدا فدا
  • تنهنجون گلاب يادون
  • ميڻ وانگي ڳري ٻري ويندي
  • سهاڻيون ڪي سارون سنڀاري رنم
  • اچڻو اٿئي تان اچ تون
  • روشني ٿي روشني سان غم ونڊي
  • پيار وارن تي کلين ٿو هوش ڪر!
  • پنهنجي دل ۾ پناهه ڏي مونکي
  • درد دل جو سهاڳ آ سرتيون
  • خوشبوئن جون گهريون ڪنهن کي ڀيٽا ڏجن
  • منهنجي سنڌ امڙ سلامت رهي شل
  • خال آهي وڏو حياتيءَ ۾
  • آءُ هاڻي پرين پڇاڙي آ
  • ڪا پيار جي مند نه ٿيندي آ
  • هن دل جو سندر هر سپنو
  • اڃا به توکي اهو گهرون ٿا
  • ڪي پيار جا سارنگ وسڻا هن، ۽ چانڊوڪيون به ڳائينديون
  • ديوانن جا ديرا ڪهڙا
  • پو به تنهنجي يار آهيان سار ۾
  • جاتي سونهن بسيرو آهي
  • اسان تي يار جو سانوڻ
  • اسان جون ڪهاڻيون ستارن کان پڇجان
  • درد دل جي دوا نه ٿي آخر
  • اسان ئي ابتدا تنهنجي
  • هن کان ڪٿي اقرار پڳو آ
  • پاڻ گهوگهي نه مار، اي “صابر”
  • زندگيءَ کان گهڻو پري آهيون
  • شال ماري قهاري مرن
  • دل جا ڪيئي فسانا ٿي ويا
  • ڪهڙيون پڇين ٿو ڳالهيون اي يار زندگيءَ جون
  • غمن ساري ڇاڻي، جواني اسان جي
  • چنڊ جهڙا پرين هن ڳليءَ مان گذر
  • وري هن کي چاهي خطا ٿو ڪرين
  • چپ رهي ڪين چندن جلايومٺا
  • زاهدن جا ثواب سجدا ڏين
  • ڇا ته لٿيون وجود منهنجي ۾
  • جن شوق ڇڏيا هن شاهانا
  • هن پار جي اي شام ڪو
  • چنڊ کان چاندني ڀي ڪڏهن ٿي جدا؟
  • آءُ توکي مان گيتن سان ريجهائيان
  • هي سنسار ۽ پيار سپنو اٿئي
  • زندگي جو سفر مختصر مختصر
  • عشق ڪرڻ جي موسم آهي
  • نغما نغما منهنجون سوچون
  • اگهاڙي بدن جي ڪهاڻي اسان
  • اڃا آسائتو آهيان
  • پيار سمندر پيرا ڪنارو
  • اڻ لکئي احساس پويان زندگي
  • پيار آهي زندگاني پيار ڪر
  • آءُ اسان جا نيڻ ٻرن ٿا
  • اک اڃاري اٿم دلڏکاري اٿم
  • عشق جي واٽ ٿو نهاريان مان
  • اسان جو عشق ديوانو،نچي هر شام ڌاري ڏس
  • هڪ پيار جي تلاش ۾ هڪ پيار ويو مري
  • خوشبو ڪنهن جي آهه هوا ۾
  • هاڻي رهنداسين ريگزارن ۾
  • وايون، گيت

  • ڪونهي ڪا آسيس، رڻ ٿي جهاڳي زندگي.
  • هر پل تنهنجي سڪ، منهنجي آهي ساهه کي.
  • هڪڙو ڀي ارمان، دل جو پورو ڪونه ٿيو.
  • اکين ڪيڏا، آر، تو نه سڃاتا ڇو الئي.
  • اوندهه جا لتاڙي گهيڙ! پرڀات کي پڄڻو آ.
  • ڪيڏي هير هڳاءُ، پوءِ ڀي منڙو هيڪلو.
  • ساڳي آهه اڪير، ساجن تولئه ساهه کي.
  • نيٺ ته ٿيندو داد، پورهيت ۽ مزدور جو.
  • هيڏا لاڳاپا، هڪ ئي ڌڪ ۾ ٽوڙيئي.
  • منهنجو حد حساب، ڄاڻي ڪنهن به نه ڄاتو.
  • ڇا پرايو ڇا وڃايو، زندگيءَ سان ڇا حساب.

  • ڇپائيندڙ جا حق ۽ واسطا

    ڇپائيندڙ جا حق ۽ واسطا محفوظ

    ڪتاب جو نالو: ڪڏهن ورندين
    شاعر: صابر سيد پوري
    لي آئوٽ ڊزائننگ: برک ڪميونيڪيشن ڪراچي.
    سال: 2017ع
    ڪمپوزنگ: عمران انجم سومرو
    اِي ڪمپوزنگ: عبدالجبار شيخ سکر
    ڇپيندڙ: رم جهم پبليڪشن ـ دادو.
    قيمت: 300
    ڪيليگرافي: مصطفيٰ چنا


    ارپنا

    پنهنجي بابا
    شمس الدين چانڊيو
    امڙ
    ملوڪ زادي
    ۽
    ان جي نانءُ
    جا شاعري جهڙي
    خوبصورت هئي
    جا مونکي اڪيلو ڇڏي
    پاڻ روشنين جي جزيري ۾
    گم ٿي وئي.....


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي شاعري جو ڪتاب ”ڪڏهن ورندين“ شاعر صابر سيدپوري جو سن 2017ع ۾ اداري رم جهم پبليڪيشن دادو طرفان ڇپايو ويو آهي. هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ عمران انجم سومرو ڪئي آهي ۽ جنهن جي اِي ڪمپوزنگ عبدالجبار شيخ ڪئي آهي.
    صابر سيدپوري جي شاعري سندس جذبن جي عڪاس آهي. جنهن ۾ شعوري سگهه به آهي ته داخلي حسناڪي به سندس پيغام چٽو ۽ ڏاهپ تي مبني آهي پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن کي اهڙي ته سهڻي انداز ۾ پوئي اڳيان رکندو جو سڀ ويٺل ۽ پڙهندڙ داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا.
    هي سادو ۽ سٻاجهو ماڻهو آهي جنهن ڪري سندس دل شيشي جيان صاف ۽ شفاف آهي هن جو ذهن آدرشي آهي سچ چوڻ کان نه گهٻرائيندو آهي.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    رم جهم پبليڪيشن جي منڍ کان ئي اها ڪوشش رهندي آئي آهي ته اها سٺي کان سٺو ادب پنهنجي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچائي، ان جي ثابتي اسان جا ڇپيل ڪتاب ڏيندا.
    جيتري تائين هن ڪتاب جو سوال آهي، اهو هڪ نئين ۽ اڀرندڙ شاعر جو ڪتاب آهي، جنهن کي پهريون دفعو اسان اوهان سان ملائي رهيا آهيون. هن ۾ ڪجهه ڪچايون ڦڪايون به کڻي هونديون پر هن ۾ ڪجهه داڻا ضرور آهن، جيڪي هن کي نظر انداز ٿيڻ نه ڏيندا.


    ذوالفقار گاڏهي
    03063250132


    دل ۾ رنل لڙڪ

    شعر چوڻ، پرهڻ مون کي سٺو لڳندو آهي. ٻنهي صورتن۾ شعر چوڻ کان پوءِ هڪ راءِ جڙي ٿي. ڪڏهن سر خوشيءَ ماڻبي آهي ته ڪڏهن ڪجه به پلئه نه پوندو آهي. بهرحال اهڙي ڪنهن به راءِ جو اظهار ڪڏهن ڪري به سگهبو آهي، ته ڪڏهن نه به ڪري سگهبو آهي. پنهنجي شعر بابت ڪنهن به راءِ جو اظهار عملي صورت ۾ اهو به هوندو آهي ته ان تي نظر ثاني ڪرڻ يا ان کي ماڳهين رد ڪرڻ، پنهنجي هٿ وس هوندو آهي. پر ٻين جي شعر بابت ظاهر آهي ته پنهنجي وس ۾ ڪجهه به نه هوندو آهي. منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته شعر چوڻ سٺي ڳالهه آهي. پر “ٻين” جي شعر پڙهڻ جي به هڪ اهميت آهي. ساڳي ئي وقت شعر بابت به جيڪي لکيو/چيو ويو آهي. اهو پڻ پڙهڻ جڳائي ه شاعر کي، سو جڏهن صابر سيدپوري فون تي پنهنجي مواد تي ٻه اکر لکڻ لاءِ چيو ته مون به ها ڪري ڇڏي. هن پنهنجو ڪلام ڏياري موڪليو، جيڪو مون پڙهيو ۽ ان تي ٻه اکر لکي رهيو آهيان:
    ڳاڙهاڻ آهي ٿي وئي،
    ٿيو آ ڪٿي قتلام ڪو.
    نون لفظن ۾ موجوده صورتحال جو جيڪو چٽ چٽيو ويو آهي. اهو چٽو/اڻ چٽو اسان جي آڏو اچي ٿو وڃي. چٽو ان ڪري جو جو:
    ڳاڙهاڻ آهي ٿي وئي.
    ڳاڙهاڻ چٽي آه. اڻ چٽو انڪري جو:
    ٿيو آهي قتلام ڪو.
    “ڪٿي” ۽ “ ڪو” اڻ چٽو آهي. جيتوڻيڪ پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ رتو ڇاڻ اسان جي آڏو آڻي ٿي. ان سڄي دنيا ۾ سنڌ به شامل آهي، فاٽا به، عراق به، افغانستان به، ۽ اها ڳاڙهاڻ ئي شاعر جي احساسن تي ڇانئجي ٿي وڃي!. پر اها ڳاڙهاڻ موجوده رتوڇاڻ کان به اڳي. ايامن کان تاڻيل آهي. ڪربلا کان بينظير ڀٽو جي شهادت تائين، پر ان کان به اڳي هابيل قابيل کان وٺي شاعريءَ ۾ تجربو ضروري آهي. پوءِ اهو ڪامياب ٿئي ٿو،نه ٿو ٿئي. ته اها الڳ ڳالهه آهي.هڪ اهو تجربو ڪيو ويو غزل ۾ ته پهريون لفظ قافيي طور رکي باقي سٽ رديف رکي وئي. ان تجربي جي تقليد پڻ ڪئي وئي. صابر جي موڪليل ڪلام ۾ به هڪ اهڙو غزل آهي:
    جنهن مان هي شعر چونڊيو اٿم:
    جنت جهڙي دل جي شهر۾،
    رستا تنهنجي نانءُ هلي آ.
    مٿي مون شعر چوڻ/ پڙهڻ کي سٺي ڳالهه چيو آهي، پر مون کي شعر تي لکڻ به سٺو لڳندو آهي ۽ انهن ۾ هر قسم جو شعر اچي ٿو وڃي، سٺو توڙي نه سٺو ٻنهيءَ تي. ڇاڪاڻ ته مون کي هر قسم جو شعر پڙهڻو پوندو آهي ۽ ان تي لکڻو پوندو آهي. پوءِ ڪڏهن اهو لکيو ڇپيو آهي ته ڪڏهن نه به ڇپيو آهي. جڏهن به ڪو شعر پڙهندو آهيان ته ڪٿي ڪٿي مارڪنگ به ڪندو آهيان. مثال طور صابر جو غزل نغما نغما منهنجون سوچون، جلوه جلوه منهنجون سوچون: ڪنهن جا جلوه!؟ ان ۾ هڪ شعر آهي:
    جذبن جي مان وادي آهيان،
    پڙلا پڙلا منهنجو موجون.
    جڏهن ته لفظ“ پڙلاءُ” آهي پر هتي قافيي جي مجبوري آهي. اهو سرائڪي جو به اثر ٿي سگهي ٿو. سرا.ڪيءَ جو سنڌيءَ تي ۽ سنڌيءَ جو سرائڪيءَ تي اثر فطري آهي، پر ٻوليءَ جو مزاج به ڌيان لهڻي.
    صابر پنهنجي جيڪا شاعري مون ڏي موڪلي آهي. اها پابند صنف تي اَڌارڪ آهي ۽ ان ۾ به گهڻا غزل آهن. پابند شاعري جون پنهنجيون تقاضائون آهن ۽ غزل جي صنف جا پنهنجا لوازمات آهن. صابر انهن تقاضائن ۽ لوازمات من جي پوري ڪوشش ڪئي آهي. اها سارهه جوڳي ڳالهه آهي ته هڪ شاعر جن سوچون (نغما نغما ، جلوا جلوا، ڪرڻا، ڪرڻا، پاڇا پاڇا، سپنا سپنا سوچون) هاڪاري آهن.
    هن جا موضوع گهڻي ڀاڱي رومانوي اهن. (خالص) پيار، محبت، عشق، رومانس....... جا انيڪ روپ آهن ۽ شاعري بهرحال محدوديت کان لا محدوديت جو سفر آهي، جيڪو هڪ شاعر کي تن تنها طئي ڪرڻو آهي. شاعريءَ لاءِ هڪ شاعر کي لاڳيتو لکڻو ۽ پڙهڻو پوي ٿو. بلڪه پڙهڻو پوي ٿو ۽ ان سان گڏ مشاهدي جي گهرائي به لازمي آهي ۽ انهن سڀني جي اظهار لاءِ ٻوليءَ جي وسيع ڄاڻ لازمي آهي. شاعر جيڪي لڙڪ دل ز۾ روئي ٿو سي ڪنهن اڌمي/اڇل جي ڪري لفظ ٿي پني تي پکڙجي وڃن ٿا، جيڪي شعر جي صورت ۾:
    سڄي عمر دل جو ئي دل ۾ رنم،
    مگر ٽهڪ “صابر” جيئاري رنم.
    هي پيتل لڙڪ، دل ۾ رنل لڙڪ، لفظ جو روپ ڪڏهن ٿا وٺن؟ ۽ لڙڪ کان لفظ تائين جا مرحلا شاعر ڪيئن ٿو طئه ڪري...... اها سڌ ته شايد شاعر کي به نه هوندي ڇاڪاڻ ته هولاشعوري طور ڪنهن وجداني ڪيفيت ۾ ئي شعر چوي ٿو:
    (يا چوڻ کپيس!) ان جي جنهن جي سونهن کي هو بيان ڪري رهيو آهي! هو “شاعر” هن (پرينءَ) جي نس نس ۾ آڳ ڀڙڪائڻ جي هام هڻي رهيو آهي:
    تنهنجي نس نس ۾ ڪا آڳ ڀڙڪائين،
    آءٌ توکي مان گيتن سان ريجهائيان،
    آءٌ توکي مان دل جو گهمايان چمن،
    آءٌ توکي هي چانڊوڪيون ارپيان!
    آءٌ توکي ستاره هي پهرائيان.
    آڳ به آهي، گيت به آهن، دل جو چمن به آهي، گلاب به آهن، چانڊوڪيون به آهن، ستاره به آهن سڀ ڪجهه آهي. پر هن کان سواءِ! هن جي اچڻ سان ئي ان جي وڌيڪ اهميت آهي. نئين معنيٰ آهي. “صابر” هڪ لفظ آڳ ڪتب آندو آهي لفظ کي ان جي اصل روپ ۾ ئي ڪتب آڻڻ گهرجي. جيئن ‘آڳ’، ‘سيڄ’
    “ سڄ”...........
    ڇو ته اڄ ڪلهه چڱا، ڏسڻا وائسڻا به ڌارئين اثر هيٺ به پنهنجي ٻوليءَ/ لفظن کي بگاڙي رهي آهن، مثال طور اهي “ آڳ” کي “ آگ” ڪري ڪتب آڻي رهيا آهن. اهي ايسيتائين ته ان ڌارئين اثر جي گپ ۾ گتل آهن، جو سندن لهجو به سنڌي نه رهيرو آهي، جيتوڻيڪ هو لکي سنڌي ۾ رهيا آهن. صابر اهڙين ڌارئين اثر کان پاڻ کي بچائي رکيو آهي. اسان وٽ ته حالت اها وڃي بيٺي آهي. جو ڪرڻي کي “ ڪرن” ۽ ڌڙڪڻ کي ڌڙڪن ڪري ڪتب آندو پيو وڃي. سچ ته اهو آهي ته ان ورتاءَ مان اهڙن شاعرن جي پسوري پڌري ٿي وڃي ٿي جن کي انهن جهڙائي تخليقي صلاحيتن کان وانجهيل “ واهه واهه” جو وهه پياري رهيا آهن.
    شاعر يقيناً پنهنجي دور ۾ ساهه کڻي ٿو ان دور جي ڳالهه سموري گدلاڻ ڌپ ان ساهه وسيلي اندر ۾ اوتي ٿو، جنهن صورتحال مان هن جو وجود، احساس گذري ٿو. ان جو اظهار هو پنهنجي شاعري ۾ ڪري ٿو. منهنجي چوڻ جو مقصد آهي ته هڪ شاعر سماج کان ڪٽجي نٿو سگهي عوام کان پري نٿو ٿي سگهي هو ته هوا کان، چنڊ کان، تارن کان،، موسم کان،پکين کان پري نٿو ٿي سگهي.
    آءُ توکي پکين جو اڏارون ڏسيان،
    آءُ توکي بهارن سان وندرائيان ‘صابر’
    اهو شعر مٿي ڏنل غزل جو آهي جيڪو مٿيون ان ڪري نه ڏنو جو سمجهيم ته هڪ غزل جي مطلعه ۽ ٻه شعر ڏيڻ کوڙ آهن. هتي جڏهن سيڪئنس اهڙو جڙيو جو اهو شعرپاڻ ڄاڻ اتي اچي ويو. ڄڻ هن ٻيهر ظهور پاتو جي ائين ٿئي ها ۽ اهو شعر نه ڏيان ها ته مان پاڻ کي معاف نه ڪريان ها، معاف ته مان تڏهن به پاڻ کي نه ڪريان ها جي صابر کي ٻن صفحن بلڪ پونڻن ٻن صفحن جي ڀيٽا ڏيان ها!
    سو اچو ته اهو شعر ٻيهر پڙهون:
    آءُ توکي پکين جو اڏارون ڏسيان،
    آءُ توکي بهارن سان وندرائيان.
    هڪ ئي شعر ۾ آزادي (پکين جون اڏارون) ۽ سڳنڌ، رنڱ ۽ سونهن (بهارون) جو بيان ڏاڍي سهڻي ڍنگ۾ اچي ويو آهي. غزل جي صنف اهائي ته خوبصورتي آهي ته هڪ شعر ۾ به شاعر ڪا وڏي ڪا اهم ڳالهه ڪري سگهي ۽ “غزل”۾ “غزل” جنهن کي چئجي ٿو اُهو اِهو آهي. غزل اهو سٺو آهي جنهن جا سڀ شعر سٺا هجن اهو زندگي کي ويجهو هجي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته سنڌي هجي.
    ‘صابر’ جي ان غزل ۾ اهي سمورا ڳڻ موجود آهن ممڪن آهي اهو غزل ڪنهن ذاتي وارتا جي حوالي سان هجي، ‘ڪنهن خاص’ لاءِ هجي پر ان شعر جي وسعت پري پري تائين اوچي لمحي آهي. پکين جي اڏار جيان مون کي لطيف سائين جو هي بيت ياد اچي ويو آهي:
    وڳر ڪيو وتن،پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
    پسو پکيئڙن ماڻهئان ميٺ گهڻو.
    لاکيڻو لطيف به پکين جي پسڻ جي ڳالهه ڪري ٿو،پکين کان سکڻ جي هت ڏسي ٿو ماڻهن کي. ۽ اهو به چئي ٿو ته ڏسو، انهن ۾ توهان کان گهڻو ميٺ آهي! ماڻهو ته انهن کي به شڪار ڪري ٿو ۽ پنهنجو پيٽ ڀري ٿو. پڃرن ۾ بند رکي ٿو، انهن کان انهن جي اڏار ۽ آڪاس جي نيلاڻ کسي ٿو، آزادي کسي ٿو پر هو مت جو جو موڙهو اهو نٿو ڄاڻي ته :
    وشال آهه نيلاڻ آڪاس جي،
    نه پڃرو نه پڃري ۾ آهي پکي.
    (امداد)
    انسان کان آزادي جو بنيادي حق کسيو ويو آهي! دنيا جي حڪمرانن کي وائٽ هائوسن جون دريون کولي پکين جو اڏارو ڏسڻ کپن. سڄي دنيا جي شاعرن جو اهو ئي واضح پيغام آهي ته انهن لاءِ جيڪي هن دنيا ۾ گدلاڻ ۽ ڌپ پکيڙڻ جا مجرم آهن! ۽ انهن کي شاعر جو اهو پيغام، ٻاهرين ڪنن (گاڏهان ڪنن) سان نه، دل جي ڪنن سان ٻڌڻ گهرجي.
    ڪجهه به ڪونهي پيار کان اڳتي،
    پيار آهي جهان جي صورت “صابر”


    امداد حسيني


    صابر جي شاعريءَ جا خوبصورت موڊ

    شاعر هڪ اهڙو عاشق آهي جيڪو گهڻ پاسائون عشق ڪندو آهي. سماج، ڌرتي، قوم، دنيا ۽ خود پنهنجو پاڻ سان. اها سند س مرضي آهي ته هو ان عشق مان ڪهڙي کي پنهنجي وڌيڪ ويجهو آڻي ٿو. ان لاءِ ڊڪٽيٽ جي ضرورت ڪانهي. پر اڄ ڪلهه اسان ۾ هڪڙو رجحان جڙ پڪڙيندو پيو وڃي. ڊڪٽيٽ ڏيڻ جو شاعر کي هي لکڻ گهرجي. هي نه لکڻ گهرجي يا معتدل يا محتاط رهڻ گهرجي جي اپيل يا ڇنڊ ٻي صورت ۾ اها سيءِ فن کي متجاوز ڪري وڃڻ جو دڙڪو. اهو رويو ادب جي اسرڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنڊڪ آهي. انهن شايد فرينچ ناول نويس آندري پيد کي ڪونهي پڙهيو.“ انسان پنهنجي اندرئين آواز کي ٻڌي ۽ زندگي جا جيڪي مختلف امڪان آهن انهن کي ته دٻائي پر انهن کي پڌري ٿيڻ جو موقعو ڏئي.” ۽ جديد شاعرن ائين ڪيو آهي. هنن ڪنهن کان به ڊڪٽيٽ نه ورتي. جنهن جي ڪري اسان جي ادب ۾ ڪافي خوبصورت موڊ اڀري سامهون آيا آهن. اهڙا ئي خوصورت موڊ اسان کي صابر جي شاعري ۾ به ملن ٿا.
    اظهار تي بندش آ؟
    ڪيڏو نه ستم آهي
    هٻڪار تي بندش آ!

    مرڪن کي ويو ماتم ڏئي،
    ڪيڏو نه پيارو هو
    ظالم ويو آ غم ڏئي


    پوندو جيءُ جهري،
    منهنجا جند مونکان
    هڪ پل ڌار نه ٿي
    هي ٽي ٽيڙو آهن. ٽنهي جا الڳ الڳ موڊ آهن سهڻا ۽ ڪيوٽ موڊ پهرينءَ ۾ اهو ئي احساس ته راءِ جي آزادي ۽ خوشبوءَ جي ڦهلاءَ تي جيڪڏهن روڪ يا جهل آهي ته پوءِ اها جِهلُ آهي. اهو ناحق اهي .ٻي ٽيڙو جو، جو موڊ آهي انهيءَ ۾ درد جي اپيل آهي. جنهن جو انداز بيان ڏاڍو پيارو، ڏاڍو وڻندڙ آهي. مرڪن جو ماتم ۾ ڍلجڻ، هڪ گهڙي ٽهڪ آهن ته ٻي گهڙي ڪيهٽ“ ڪيڏو نه هيو پيارو” واري سٽ جو لهجو ان جي حسن ۾ نکار پيدا ڪري ڇڏيو اهي. ائين اها سٽ ڄڻ ته “ چار چنڊ” واري محاوري جي ڏور پڪڙيون بيٺي آهي ۽ ساڳي طرح هيٺين سٽ ۾ جو پنهنجائپ جو اظهار آهي اهو “ظالم” واري لفظ جو مفهوم ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اهو آهي نڀاءُ فن ۽ خيال ٻنهيءَ جو نڀاءُ ۽ ٽئين ٽيڙو جو موڊ آهي اهو آهي وينتي يعني گذارش ڀريو التجا آهي پنهنجي محبوب در ته اي منهنجا پرين! مونکان هڪ پل به ڌار نه ٿي. ٻي صورت ۾ منهنجا ڳچ ڳري پوندا منهنجو هانءُ جهري پوندو اهو آهي ماڻهو جي اندر جو آواز.
    هاڻي جيڪڏهن اهو ڪنهن جي ڊڪٽيٽ وٺي ٿو ته پوءِ ان کي پنهنجي اندر جي آواز جو ڳلو گهٽڻو ئي پوندو. جيڪا سراسر زيادتي ٿيندي. هاڻي جيڪڏهن فن متجاوز ٿئي ٿو ته ٿئي پر پنهنجي اندر جي آواز کي لبيڪ چئجي جيڪڏهن ڪو ائين نه ٿو ڪري ته پو اهو بي عقل اهي يا وري سست ۽ ڪانئر. شاعر جيئن فيل ڪري ٿو ان تيئن اظهاري سماجي ۽ معاشرتي پهلوئن کان بي نياز ٿي. جيڪڏهن هن ائين نه ڪيو ته سندس احساس دم ٽوڙي ويهندا ۽ دم ٽوڙيل لفظن ۾ ساهه ڀرڻ بي سود آهي. ٻي ڳالهه اها ته شاعري هروڀرو موجوده مروج سماجي اخلاقيات جي ترازيءَ ۾ تورڻ واري شيءِ به ڪانهي جو ان لاءِ سماجي وٽ ۽ ڪانٽا کڻي ويهجن. شاعري خيالن جي اڏام آهي ان کي آزاد ڇڏي ڏيڻ گهرجي. ان کي جنهن به قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اهو اڏامي نه سگهيو. پوءِ ان ۾ ڪهڙو فائدو جو ماڻهو اڏامي سگهڻ جي باوجود به نه اڏامي. جنهن جو احساس جديد شاعرن کي آهي.
    هي اسان جي اڄ جي جديد شاعر امداد حسيني جي اظهار جو نمونو آهي:
    اک زناڪار نه ٿيندي ته ٻيو ڇا ٿيندو
    مو پري کان ئي خيالن جي نئين رستي تي
    آبرو باخته عورت کي سڃاتو آهي
    لفظ چاهيو به ته آيا نه سئين رستي تي
    مونکي ياد آهي ته ڪنهن شهر ۾ ڪنهن عورت وٽ
    ٻن هٿن مان مون جوانيءَ کي لٽايو آهي
    جو به ڌن آهه اهو نظم اهو گيت آهي
    پاڻ وٽ کيسي ۾ مون ڪجهه نه بچايو آهي
    امداد حسيني
    امداد حسينيءَ جي ڳالهه ڪرڻ جو هي ڏانءُ منهنجي هن مٿين ڳالهه جي عين مطابق آهي ۽ آندري پيد جي به ته “ انسان پنهنجي اندر جي آواز کي ٻڌي ۽ زندگيءَ جا جيڪي مختلف امڪان آهن انهن کي نه دٻائي بلڪ انهن کي پڌري ٿيڻ جو موقعو ڏئي” ساڳيءَ طرح صابر به ان ڳالهه کي سمجهي ٿو صابر جو اسان کان پوءِ ايندڙ ٽهي ۾ هڪڙي ڇلانگ آهي پنهنجي خيالن کي ڪنهن حد تائين محتاط ضرور رکيو آهي

    وڃي انڪار جو موسم
    اچي اقرار جي موسم
    پرينءَ جي ٿو ڏسان مک تي
    اڃان آ خار جي موسم
    مفائيلن مفائيلن تي آڌاريل هن غزل ۾ هڪڙي خلش آهي، ميلاپ جي. اها ساڳي ڳالهه وري به ڦري ٿي اچي پنهنجي آواز کي پڌري ڪرڻ واري ڳالهه تي. اها ساڳي ڳالهه جيڪا امداد حسيني به ڪئي امداد حسينيءَ کي اهو سڀڪجهه مليو ۽ جڏهن ته صابر اڃا اُن جي خوهش رکي ٿي. صابر جو هڪ ٻيو موڊ جيڪو مٿين احساس کان هر حوالي بهتر آهي
    جڏهن کان اوهان کي سمايو اکين
    تڏهن کان ناهن ستا نيڻ هي
    صابر جو هي غزل سنڌي ادب جي سٺن غزلن ۾ هڪ غزل جو اضافو اهي. ان کانسواءِ هن جي هڪ ٻئي غزل مان به اوهان کي شعر پڙهايان جنهن ۾ به ڪافي سهڻا موڊ آهن:
    گهر سڄو سونو اٿئي پو ڀي گهرين
    پو ته تنهنجي لئه مرڻ سولو نه آ
    “پو ته تنهنجي لئه مرڻ سولو نه آ” ڪيڏو نه سماجي شعور رکي ٿي اها سٽ. هي چوڻ جو هڪ سٺو ۽ مثبت انداز آهي ۽ سون تي سهاڳو اهو “گهر سڄو سونو” هجڻ وارو محاورو آهي ۽ جيڪو پڻ هڪ پختي زهن جي پيدوار آهي.
    ۽ هي آهي صابر جي وائي:

    ڪرڻو ڪرڻو پيار،
    سهڻا تنهنجي سونهن جو.
    سوچيان، سهڻو ٿو لڳي،
    وهم بنا ويچار
    سهڻا تنهنجي سونهن جو.
    اها ئي ساڳي جذبي جي نفاست جيڪا هن جي غزلن ۽ ٽيڙوئن ۾ ڏٺي. هر سٽ مان اک ڀڃي رهي آهي.
    صابر جا اهي احساس، اهي موڊ، هر سٽ، هر اکر مان ڳاٽون پائي ڪجهه ڏِسي رهيا آهن؟
    اهي ايڏا مبهم به نه آهن جو ڪو سمجهي نه سگهي.


    ذوالفقار گاڏهي


    سنڀارون

    سنڌي ادب ۾ نوجوان ٽهي جو پنهنجو مقام آهي. انهن جي خيالن جي رنگيني ۾ انفراديت سمايل آهي، وقت ۽ حالتن جي مطابق فڪر ۽ گهرائپ ۽ پيغام سمايل آهي، فن جي ڪسوٽي تي پورو ۽ هر لحاظ کان لفظن جي ڪاريگري ۽ تراش ۾ نواڻ هوندي ۽ پراڻي خيال ۽ لفظ کي نئون ويس پارائن ٿا. ڌرتي جي ذميوارين کان واقف ۽ ٻرندڙ مسئلن جي ڄاڻ رکن ٿا انڪري اهي هر اول دستي جي اڳئين صف ۾ شامل آهن. صابر سيدپوري به انهن مزاحمتي شاعرن ۾ شامل آهي. هن جي شاعري سندس جذبن جي عڪاس آهي. جنهن ۾ شعوري سگهه به آهي ته داخلي حسناڪي به سندس پيغام چٽو ۽ ڏاهپ تي مبني آهي پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن کي اهڙي ته سهڻي انداز ۾ پوئي اڳيان رکندو جو سڀ ويٺل ۽پڙندڙ دادڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا.
    هي سادو ۽ سٻاجهو ماڻهو آهي جنهن ڪري سندس دل شيشي جيان صاف ۽ شفاف آهي هن جو ذهن آدرشي آهي سچ چوڻ کان نه گهٻرائيندو آهي. سماجي ناهموارين ۽ اڻ برابرين کي هن پنهنجي قلم جي ذريعي زبان ڏني آهي سندس هي سٽون ان احساس جي نمائندگي ڪن ٿيون.
    تنهنجي ڏات کان ڪانئر ماڻهو،
    ڪيڏو “صابر” وئون ته وڃن ٿا.
    هنن سٽن جي سادگي پنهنجي جاءِ تي پر ڏات واري ماڻهو کي ڪانئر ماڻهو جو وئون وڃڻ انتهائي دلچسپ ۽ معنيٰ خيز آهي. وئون نج ٻهراڙڪو لفظ آهي ۽ هتي محفوظ ٿي ويو آهي ۽ هن پنهنجي انهي لهجي جي بدولت ٿوري عرصي ۾ پنهنجي دوستن ۾ منفرد مقام ماڻي ورتو آهي.
    آءُ اساسن جا نيڻ ٻرن ٿا،
    آءُ صدين جا خواب سڙن ٿا.
    سندس شاعري ۾ نواڻ سان گڏ اصطلاحن کي محفوظ ڪرڻ جو ڏانءُ آهي نيڻن جو ٻرن ۽ خوابن جو سڙڻ خوبصورت خيال آهن ۽ صابر تمام شاعري جي صنفن تي ٿوري عرصي اندر ڪافي دسترس حاصل ڪري ورتي آهي.
    شاعر هينئر ذهني عياشي يا وڏن ماڻهن يا درٻاري شوق نه رهي آهي. مطالعي، مشاهدي ۽ مشق سان هي پورهيو پورهيتن کي لازوال مقام ڏئي سگهي ٿو.
    هي چوڻ ته قوم ۽ وطن جي ڳالهه ڪندڙ کي وقتي ۽ هنگامي شاعري سڏي سندس پوهئي کي ۽ سندس مان مرتبي کي مٿانهون ڪرڻ اجايو ۽ بي سود آهي يا ائين چوڻ ته اها شاعري نه آهي غلط آهي.
    صابر پنهنجي محنت ۽ جفاڪشي سان پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تائين رسائي حاصل ڪئي آهي. جيڪي ماڻهو يا اديب ڪاٽن جا وڳا وٺي پوءِ ڪنهن کي ڪنهن اداري ۾ پهچڻ ڏين ٿا صابر انهن کان پنهنجو حق ڇني ورتو آهي. حقيقت ۾ اهڙي نفسا نفسي جي دور ۾ ادب ۾ پنهنجي جاءِ پيدا ڪرڻ معجزي کان گهٽ ڪونهي.
    صابر سچو ۽ کرو انسان آهي ٻيائي کي ٻک ڪونه وڌو اٿائين ۽ نه ئي اڳتي وڌڻ لاءِ ڪنهن جا ترا ڪڍيا ٿئين. هي سٻاجهڙو سڀاءُ جو ماڻهو آهي.
    آءُ ته توتان واريان،
    جوڀن جا هي سڀاءُ
    شاعر اميد جو شعاءُ هوندو آهي. هن جي ادب جو ڪارج هوندو آهي ۽ هئڻ به کپي. اديب وٽ نراست نه هجڻ گهرجي.
    ورن شال ٻيهر سهانه زمانه،
    ڪري دل ويا ديوانه زمانه.
    سماجي اديب تي لکڻ وقت اهو سوچڻ گهرجي ته هنجو ماحول ڪهڙو آهي، هن جي آسپاس ڌرتي واسين جي معاشي، سياسي، سماجي ضرورتون، ناانصافيون ڪهڙيون آهن. انهي ماحول ۾ شاعر لکي ٿو. انهي وقت سندس اڳيان بک، بيماري،جاهليت، قبيلائي جهيڙا ۽ سوچون به ساڻس گڏ هونديون اهن. انهي شاعر تي يورپ جا تخليقي نظريا ٺوڪجن ته ساڻس بي واجبي ٿيندي. هتي ته اهي شاعر به آهن جي ڀت جي پاڇي ۾، نٽهڻ اس ۾ ويهي شاعري ڪن ٿا. جن کي موٽ ۾ ڪجهه به نه ٿو ملي ۽ ٻئي پاسي پروفيسرن جهڙا ماڻهو اي سي ۾ ويهي يورپي شاعرن جا ڪتاب پڙهي صابر جهڙن شاعرن کي ماکي جي مکين جيان چنبڙي وڃن ٿا. پنهنجي حفظ ڪيل يورپي نظرين تي هن جي اوک ڊوک ڪن ٿا ۽ سڻڀن شاعرن کي آسمان تائين پهچائي ڇڏين ٿا ۽ جڏهن پروفيسر ٽائيپ ڳالهائيندا آهن ته سڄي ادبي ويهڪ کي بيزار ڪري وجهندا آهن. مجال جو سندن حفظ ڪيل طوطا مينا جو قصو کٽي.
    واهڻ جي ئي اديب کي ٿر جي ڏکن بکن جو احساس هوندو آهي:
    اسان ٿر جي تتل واري،
    پرين آهن گهٽائون ڄڻ،
    ٿڌيريون ڪي هوائون ڄڻ،
    اسان جي آس اڃياري،
    اسان ٿر جي تتل واري
    حساس ذهن اديب پنهنجي ذميوراين کي بخوبي ڄاڻي ٿو. سندس احساس آهي. هن فطرت جي رنگيني کي ڏاڍي دل آويز انداز ۾ پيش ڪيو آهي.
    ڏيئي وانگر رات سموري،
    ڪنهن لئه ٻرڻ جي موسم آهي.
    يا وري هي سٽون جيڪي سندس داخلي ۽ خارجي حالتن جون عڪاس آهن:
    روز جيئڻ جي موسم آهي،
    روز مرڻ جي موسم آهي.
    جواني کي جيڪڏهن بي مقصد ڳاري ڇڏجي ته اها بي انصافي ٿيندي. هي هڪ فطرت شناس آهي. سندس روح فطرت جي نرم نازڪ موسمي رنگيني سان ڀرپور آهي:
    ڇو ٿو “صابر” پاڻ کي ڊاهين،
    تنهنجي ٺهڻ جي موسم آهي.
    صابر سيد پوري جي ادبي استاد ناظم منگي جو پڻ ادبي مقام آهي. جنهن جي محنت صابر کي سون تي سهاڳي جو ڪم ڏنو آهي.
    محبوب سنڀارن کي صدين کان سنڀاريان ٿو،
    ڪن خاص بهارن کي صدين کان سنڀايان ٿو.
    من جي آس اميد ڀلي هڪ ڏينهن جي هجي يا صدين جي پر شاعر جي ذهن ۾ يادون سدائين آباد هونديون آهن.
    جيون جي اماوس ۾ ها چنڊ جيان“ صابر”،
    تڏهين ته پيارن کي صدين کان سنڀاريان ٿو.
    صابر ٻولي ۽ خيال جي لحاظ کان امداد حسيني جي ان ڳالهه تي پورو لهي ٿو ته، “ شاعر جي بنيادي ذميواري ٻولي ڏانهن آهي ته هو هن کي بچائي، ان جي واڌ ويجهه ڪري ٻولي ۽ ڳالهائيندڙن کي بچائي سگهي ٿو.

    (پرک؛ مئي، جون 2015ع)

    فياض بلوچ


    ڏک سک جو سنگم

    جيئڻ جي لاءِ جتن ڪبا آهن پر اهو ڪهڙو جيئڻ جيڪي واعدي جي وفا ٿيڻ تائين سڙي ڀسم ٿي وڃي؟ ۽ اهي واعدا ۽ اقرار ئي هوندا آهن ۽ مايوسي ۽ موت تي فتح حاصل ڪندا آهن. شاعر ڇا جي لئه شعرن جي تعمير ٿيڻ تائين پنهنجي جان ۽ جسم کي ڳاراڻ جي ڳوٺ جي ڳلي ڳلي ۾ ڳاهه جيان ڳاهيندو رهي ٿو. ڪٿي ائين ته نه آهي جيئن شمع ٻري پاڻ ڳري ختم ٿي ٻين کي روشني ڏيندي آهي. ائين شاعر به پنهنجو نور نچوڙي رت ولوڙي جڳ کي شعور ڏيندو آهي ۽ اهي شاعر ئي هانءُ جو ڏڍ ۽ آٿت بڻبا آهن ۽ اهڙا آٿت جهڙا شعر اسان جي پياري دوست شاعر صابر سيد پوري وٽ به آهن جيڪي هن شهري گوڙ شور کان گهڻو پري ننڍڙي ڳوٺ ۾ ويهي لکيا آهن:
    سيد پور کي “صابر” ڇڏڻ آ ڏکيو،
    جنهن جي شفقت ۾ هي عمر گهاري اٿم.
    صابر جي شاعري شهه سرخي آهي سنڌي شاعري جي زندهه هجڻ جي. هن جي شاعري ۾ وطن جي مٽيءَ سان محبت ۽ انس رتل آهي.
    سنڌ تنهنجي يتيمي تي روئان پيو،
    ڇو ته تنهنجا ديوانا فنا ٿي ويا.
    هاڻي انهن ٻن سٽن تي ويچاريو لفظ لفظ تي ويچاريو ته ڪيڏي نه وڏي ڳالهه ڪئي آهي. صابر جڏهن ديوانگي فنا ٿي وڃي ته منزل مقصود مايوسي ۽ موت طرف ڌڪيندي. صابر جي شاعري سادي پيراهي، سليس ٻولي ۾ ٻهه ٻهه ٻهڪندي نظر ايندي. هن ڪڏهن به مشڪل پسندي کان ڪم ناهي ورتو هن جيڪو به لکيو آهي پنهنجو لکيو آهي هن جي شاعري ڪنهن ٻئي جي ساعري جو چرٻو نه آهي:
    برپٽن ڏي ڪير ڪاهيندو؟
    هن ڊٿل کي ڪير ٺاهيندو؟
    ڇا هي ستون سرير کان سيسراٽ نه ٿيون ڪڍن؟! هننن سٽن جي سوال جو جواب ڪهڙو آهي؟ ڪو ته هوندوصابر جي هن شعر جي امين سندس شخصي ۽ ذاتي حالتن جي حقيقي عڪاس آهي:
    ڇيهون ڇيهون دل ڪري منهنجي ويو،
    ڇوڪري ٿي ڇوڪري سان غم ونڊي.
    هي سٽون ساهه ٿيون منجهائن. سور جي سٽ ٿيون ڪڍرائي ڇڏن. هي ئي شاعري آهي، جيڪا ڳالهرائي ٿي. غم ونڊڻ جي سگهه ٿي بخشي هن يار جي هڙ ۾ مٿئين سٽن جهڙيون ڪئي سٽون سون تي سهاڳ جيان جرڪندي نظر اينديون.
    غمن ساري ڇاڻي جواني اسان جي،
    جواني نه ماڻي جواني اسان جي.

    ڪمانن ۾ تاڻياس ويا تير هوندا،
    جڏهن بي اڏاڻي جواڻي اسان جي.
    جڏهن غمن جو گهيرو ٿيندو آهي ته خودي ختم ٿي ويندي آهي. جڏهن هڪ حياتي جوڀن نه ٿي ماڻي تڏهن پيار جو عَلم اوچو نه ٿو رهي سگهي، ڪمانن ۾ واقعي تير وڌا ويندا آهن ۽ پوءِ اهي هنيا به ويندا آهن. جڏهن ٻن دلين جي هڪ ٻئي تي رسائي ٿيندي آهي، جڏهن به ڪي خوشيون مرڪن جي محل جون ماڪياڻيون ٿينديون آهن، ۽ جڏهن به ڪي خواب پر اسراريت جا پنڌ اڪري ساڀيائن جي سرحدن تي رسندا آهن تڏهن تڏهن ڪمانون تاڻيون ويون آهن. صابر سيدپوري جي شاعري ڏک ۽ سک جو سنگم آهي. هن جي شاعري ۾ درد دکي دونهين جهل ٿي ويو آهي:
    دشمن ته آهي دشمن ان تي ميار ڇا،
    اڄ يار! يار جي هٿان هڪ يارويو مري.

    ڪنهن جي نالي اڃا نه ٿي سڏجي،
    سال ٿيا هن سندس سمائي کي.
    هي ٻئي شعر صابر ٻن الڳ غزلن مان کنيا آهن. سچ ته هي ٻئي شعر صابر جي شاعري جي ماٿي جي بنديا آهن. صابر سيد پوري جي شاعري جو پورهيو پڙهندي اهو محسوس ٿو ٿئي ته سندس شاعري زندهه عشق جو چٽو مثال آهي. هن ڏات جي ڏيهه ۾ جيڪي به ڏيئا ٻاريا آهن. اهي تيسيتائين ٻرندا رهندا جيسيتائين راهه جو هڪ به راهي منزل تائين نٿو پهچي.


    احمد شاڪر
    03473230193


    کڙکٻيتا

    پاڻ هڪڙي ڪهاڻي ٿي ويندڙ
    ڪهڙي ويٺو لکين ڪهاڻي ٿو.
    صابر
    درد غزل جي صنف جو انتهائي اهم جزء موضوع هجي ٿو:
    صابر سيد پوري جنهن نموني سان هن مجموعي ۾ پنهنجي اندر جي درد جي اپٽار غزلن جي صورت م ڪئي آهي، ان تي کيرون لهڻي:
    هن جي پويان لڳي لڳي منهنجي،
    هي هلي نيٺ نوڪري ويندي.
    “صابر”
    ۽ اهڙيون انيڪ سٽون صابر سيدپوري جي غزلن ۾ هنڌين ماڳين پکڙيون پيون آهن. هن جي غزل جو لاڳاپو ڪلاسيڪل توڙي روايتي خيالن سان مضبوطي سان قائم آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس غزل سنڌي شاعري ۾ جوڳي جاءِ والارڻ جي سگهه رکي ٿو.
    هونءَ به شاعري امڪانات جي ڪائنات آهي. ان ڪائنات ۾ هو شاعر پنهنجي پنهنجي احساساتي اٿل پٿل کي قلم جي ڌار تي رکي خيال آڻي پاڻ لاءِ مخصوص جاءِ جوڙي سگهي ٿو.
    سٺو ۽ ڪامياب شاعر احساسن کي لفظن جو روپ ڏيڻ سان گڏوگڏ پڙهندڙ جي ذهني ولوڙ توڙي سوچ کي متحرڪ به ڪندو هلندو آهي. اها خوبي جيڪي شاعر جيتري مقدار ۾ وڌيڪ پنهنجي ساعري جي دنيا ۾ مٿاهين پد تي پهچي سگهندو. ان لحاظ کان صابر سيدپوري جي شاعري جو هي مجموعو اميد اٿم ته پڙهندڙن ۾ ضرور مڃتا ماڻيندو.

    گلزار


    صابر ڀٽائي جي سورمن ۽ سورمين جي ڪٿا


    عشق منهنجا ستر سڀ وڃائي ڇڏيا،
    حسن! منهنجا ڪيان تو ذيان ڪيترا

    مونکي لڳو ڄڻ صابر ڀٽائي جي سمورن سورمن ۽ سورمين جي ڪٿا کي ٻن سٽن ۾ سهيڙي ڇڏيو آهي.
    شاعري لاءِ محاورو آهي “ ڪوزي ۾ دريابند ڪرڻ” صابر جو مٿيون شعر پڙهڻ کان پوءِ اهو چوڻ ۾ حق بجانب آهيان ته هن ڪوزي ۾ پورو سمنڊ پلٽي ڇڏيو آهي. هي اهڙو موضوع آهي جنهن تي سوين مقرر بنا ساهي جي سالن تائين ڳالهائن ۽ جڏهن ان جو ڇيهه ڪن ته کين احساس ٿئي ته جو ڪجهه هنن ايتري وقت ۾ ڳالهايو آهي، اهو هڪ شاعر صرف ٻن سٽن ۾ سمائي ڇڏيو آهي ته اهو شاعر ۽ شاعري جو ڪمال آهي.
    ۽ اهڙو ڪمال صرف صابر جهڙا شاعر ئي ڪري سگهن ٿا.


    معصوم بخاري
    03042934778


    صابر سيدپوري موجوده ٽهي جو سٺو ۽ اڀرندڙ شاعر

    صابر سيدپوري اسان جي موجوده ٽهي جو هڪ سٺو ۽ اڀرندڙ شاعر آهي. سندس شاعري ۾ رومانس کان مزاحمت ۽ مزاحمت کان سماجي نابرابريءَ ذاتي ۽ داخلي ڪرب کي هن خوبصورتي سان ورتايو آهي. ڪاڇي جي سرحدي پٽي سان لڳندڙ ڳوٺ سيد پور جي ٻنين ۾ سياري جي سردين ۾ سرنهن ۽ ڄانڀي جو ساڳ ۽ گلڙن جي هٻڪار ۽ اونهاري ۾ سارين جي سڳنڌ اکين کي وڻندڙ دل کي راحت ڏيندڙ هوندي آهي.
    اهو سندس ماحول جو اثر آهي جو صابر اسان کي اهڙي سهڻي شاعري ڏني آهي اهو هن جي پيار ڀريي پورهئي جو پهريون فصل آهي جيڪوڏاڍو سٺو لٿو آهي ۽ هي ان جي ايمانداري ۽ جذبي جي سچائي سان پنهنجي شوق جي آبياري ڪندو رهيو ته مستقبل صابر کي ضرور خوش آمديد چوندو.


    گوهر گل ڳورڙ
    03023277756


    تنهائي منهنجي محبوبه

    ڪنهن ڏاهي چواڻي ته: شاعري نبين جو پيشو آهي ۽ اسان ته مڙيئي پيا ٿا ليڪا ڪڍون. شاعري جو پنڌ واقعي پري جو پنڌ آهي. 1994، 95ع کان مان به ابتا سبتا ليڪا ڪڍندو پيو اچان. ابتا سبتا ليڪا ئي سهي پر مون ڏاڍي شوق ۽ چاهه مان پئي ڪڍيا آهن ۽ اڄ سوڌو ڪڍندو پيو اچان. شاعر ٿيڻ يا شاعري ڪرڻ جو سبب عشق جي چوٽ رسڻ کي چون ٿا پر مون ته ڪنهن سان به عشق ڪونه ڪيو آهي جو ڪنهن لاءِ عليل ٿيو هجان. ها، البته تنهائي آهي انهي جي ساٿ ۾ سانوڻيون، سياري جي راتين جا مچ، کلندڙ ۽ ٽڙندڙ گل، ٻوٽا، وڻ، پکي ۽ انهن جي مٺڙي ٻولي، شامن جا جادوئي ڏيک، چنڊ، تارا، جهڙڦڙ، ڪڪر مينهن، معصوم ٻارن جا ٽهڪڙا اهي مونکي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀريندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙي ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي جو ازخود ٽهڪ نڪري ويندا آهن ۽ ان رڄ ٿي کلڻ مهل سوچيندو آهيان ته هي ڪيڏي نه محبوب گهڙي آهي جو هن مهل کي موت جي هنجهه ۾ هليو وڃان ۽ رڄ ٿي روئڻ مهل به اهائي ڪيفيت هوندي آهي.
    آءٌ، بلڪل نج ٻهراڙي جو ماڻهو آهيان ۽ پنهنجي وجود ۾ اجنبي آدمي:
    اي پکين جا ولر ساڻ وٺيون هلو،
    اجنبي آدمي جي مڃو التجا
    صابر
    هي جيڪو به مون لکيو آهي پنهنجي اصلوب آهر لکيو آهي، ڇا آهي؟ ڇا ناهي؟ ڇا لکڻ کپندو هو؟ ڪيئن لکڻ کپندو هو؟ تي مون ڪڏهن به ڌيان ڪونه ڏنو آهي.
    منهنجي سمجهه آهر جيڪو به خيال آيو پنهنجي حساب سان خود بهتر انداز ۾ ٿي آيو ۽ مان ويس لکندو ۽ هن عمل تي مان خوش به آهيان.
    صابر حسين چانڊيو مان صابر سيد پوري ٿيڻ تي پاڻ کي ڀاڳوند سمجهندو آهيان. مون پنهنجي زندگي ۾ دوست گهٽ ٺاهيا آهن هونءَ به ياري دوستي تي ايمان گهٽ رهيو آهي. ياري دوستي جو ڀرم نه رهيو آهي تنهنڪري هاڻ صرف پاڻ سان ياري اٿم:
    يار، ياري جي عصمت کي لوئن پيا،
    تنهنڪري پاڻ سان هاڻ ياري اٿم
    صابر
    شاعراڻي ٻاجهه مونکي ڏاڍي عزت بخشي آهي جنهن تي مان ڏاڍو سرهو آهيان باقي جيڪي خواب سانڍيا انهن جي تعبير پري تائين به ڪانه ٿي سجهي تڏهن به زندگي سان ايترو پيار ڪريان جو ان کي لفظن ۾ سمائي نه ٿو سگهان.
    ڪونهي ڪوبه سڪون،
    پوءِ به جيئڻ جو اٿم،
    ڏاڍو يسار جنون.
    صابر
    تصوف ڏانهن لاڙو هجڻ ڪري آدم ذات کي انتهائي اتم ۽ اعليٰ سمجهندو آهيان ۽ سڄي عالم جو دعاڳو آهيان. جيسيتائين تنهائي جو ساٿ۽ سنگم رهندو ته شاعراڻي ڪرت به رهندي.
    دائود، شيرين، حسان آهي جيڪر منهنجي شهه رڳ آهن ۽ ان سان گڏ انهن کي ممتا جا ڍڪ پيرايندڙ ثمينه سان به زندگي جيترو پيار ڪريان ٿو. جن منهنجن ابتن سبتن ليڪن تي محبوباڻي راءِ ڏني آهي. انهن مٺڙن محترم ساٿين سنڌ کي لازوال شاعري ارپيندڙ بيحد مانائتي سائين امدادحسيني، منهنجو پيارو کلمک ۽ صاف دل دوست ذوالفقار گاڏهي، ڏاڍي سادي ۽ سٻاجهي طبيعت رکنڙ نظم جي نمائينده شاعر گلزار، قابل احترام سائين نصير مرزا ڏاڍي ولولي سان سنڌي ادب جي آبياري ڪندڙ نوجوان شاعر احمد شاڪر، مون تي پيار مان ٻه اکر لکندڙ منهنجو سائين محترم فياض بلوچ، منهنجا سن جيڏا دوست گوهر گل ڳورڙ، معصوم بخاري ۽ مون کي شاعري جي ساڃاهه بخشيندڙ منهنجو رهبر منهنجو استادسائين امان الله ناظم منگي(کيس الله تعاليٰ جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏئي) جي دل جي حضور سان عنايتون ۽ ڳڻ ڳائيندي پنهنجي پاران واري پني جي پڄاڻي ٿو ڪريان.
    ..................سدائين گڏ


    صابر سيد پوري
    03423255799


    غزل

    تو بنا يار! هير سانوڻ جي

    تو بنا يار! هير سانوڻ جي،
    لڱ ساڙي ٿي ڇانو هر وڻ جي.

    ڦٽ تازا ڪري ڇڏيندي سڀ،
    مند ايندي جا هيل ڪڻ ڪڻ جي.

    زندگي سا به زندگي ڪهڙي،
    هر گهڙي جنهن ۾ اڻ تڻ جي.

    روڳ ڪهڙي ۾ پئي سڙي هر پل،
    هي وهي هئي ته کيس مرڪڻ جي.

    چيروان نيڻ کڻ مٺا “صابر”،
    ڏس ته ٿئي آس ڪائي جيئڻ جي.


    نيڻ ڪنهنجا چمڻ وقتڪاٿي ڏنئي،

    نيڻ ڪنهنجا چمڻ وقتڪاٿي ڏنئي،
    ڪنهن جو ساجن ٿياڻ،وقت ڪاٿي ڏنئي.

    ڪوٽ ٿيندو، رهئين اوٽ ٿيندو رهئين،
    ڪنهن جي صورت ڏسڻ وقت ڪاٿي ڏنئي.

    فاصلو ٻن وکن جيترو ئي نه هو،
    توڙ تي پر پڄڻ وقت ڪاٿي ڏنئي.

    ٻين کي ڏيندو، وئين، پئي اڏيندو، وئين،
    مون کي منهنجو سڄڻ وقت ڪاٿي ڏنئي.

    ساڙ ايڏا رکيئي، تاڙ ايڏا رکيئي،
    ڳاٽ ڪنهن ڏي ڀرڻ وقت ڪاٿي ڏنئي.

    منهنجي “صابر” جيئڻ تي ته خوش ڪونه آن،
    مرضي سان بي مرڻ وقت ڪاٿي ڏنئي.


    اسان جي من وفا کي ڏس

    اسان جي من وفا کي ڏس،
    ۽ پنهنجي تون جفا کي ڏس.

    نه هو جُرم هي ايڏو،
    ڏنئي جا تنهن سزا کي ڏس.

    اسان جي ابتدا، پڙهجان،
    اسان جي انتها کي ڏس.

    جي ڄاڻڻ ٿو گهرين حق کي،
    محاذ ڪربلا کي ڏس.

    وري من، جوڙ من سان تون،
    اي“صابر” التجا کي ڏس.


    نيڻ ڪنهنجا چمڻ وقتڪاٿي ڏنئي

    نيڻ ڪنهنجا چمڻ وقتڪاٿي ڏنئي،
    ڪنهن جو ساجن ٿياڻ،وقت ڪاٿي ڏنئي.

    ڪوٽ ٿيندو، رهئين اوٽ ٿيندو رهئين،
    ڪنهن جي صورت ڏسڻ وقت ڪاٿي ڏنئي.

    فاصلو ٻن وکن جيترو ئي نه هو،
    توڙ تي پر پڄڻ وقت ڪاٿي ڏنئي.

    ٻين کي ڏيندو، وئين، پئي اڏيندو، وئين،
    مون کي منهنجو سڄڻ وقت ڪاٿي ڏنئي.

    ساڙ ايڏا رکيئي، تاڙ ايڏا رکيئي،
    ڳاٽ ڪنهن ڏي ڀرڻ وقت ڪاٿي ڏنئي.

    منهنجي “صابر” جيئڻ تي ته خوش ڪونه آن،
    مرضي سان بي مرڻ وقت ڪاٿي ڏنئي.


    اسان جي من وفا کي ڏس

    اسان جي من وفا کي ڏس،
    ۽ پنهنجي تون جفا کي ڏس.

    نه هو جُرم هي ايڏو،
    ڏنئي جا تنهن سزا کي ڏس.

    اسان جي ابتدا، پڙهجان،
    اسان جي انتها کي ڏس.

    جي ڄاڻڻ ٿو گهرين حق کي،
    محاذ ڪربلا کي ڏس.

    وري من، جوڙ من سان تون،
    اي“صابر” التجا کي ڏس.


    ٿي اڃا بدنام عاشق

    ٿي اڃا بدنام عاشق،
    عشق کڻ الزام عاشق.

    حسن هڪڙي تي ڏنا مون،
    جڳ ۾ آهن جام عاشق.

    سولي، گهاڻو يا ته نيزو،
    عشق جو انجام عاشق.

    سر جوسانگو لاهه پهرين،
    پوءِ هڻ ڪا هام عاشق.

    تون ته “صابر” پيو ٿو سڏجين،
    عاشقن ۾ ڄام عاشق.


    سڪ تنهنجي سمهڻ ڏنو ناهي

    سڪ تنهنجي سمهڻ ڏنو ناهي،
    ڪاٿي بيهڻ هلڻ ڏنو ناهي.

    راءُ ڏاڍا، ٿي زور لائي پر،
    مون به ڏيئو وسڻ ڏنو ناهي.

    مان ته جيئان ٿو، هائو جيئندس پيو،
    وقت توڙي جيڻ ڏنو ناهي.

    ان جي اڳيان کلان به ڇا آئون،
    جنهن سدائين رئڻ ڏنو ناهي.

    ان جي نيڻن ۾ گهر اڏي وٺندس،
    پاڻ ڏي جنهن ڏسڻ ڏنو ناهي.


    پيار آهي سلامتي جڳ جي

    پيار آهي سلامتي جڳ جي،
    پيار ۾ ئي آ، روشني جڳ جي.

    عشق وارن ۽ عشق سان آهي،
    ڪا، ازل کان ته دشمني جڳ جي.

    ڪي ته گردان پنهنجي ۾ هر دم،
    ڪن کي ڳڻتي آ، هر گهڙي جڳ جي.

    توکي چاهڻ جي آرزو رهندي،
    ڪيئن پرواهه ڪا ڪبي جڳ جي.

    پنهنجي “صابر” جي پيار کي شايد،
    ويئي آهي لڳي لتي جڳ جي.


    اوهان جو مرڪندڙ چهرو اکين آڏو ڦري ٿو پيو

    اوهان جو مرڪندڙ چهرو اکين آڏو ڦري ٿو پيو،
    ائين ڄڻ سنڌ جو نقشو اکين آڏو ڦري ٿو پيو.

    رهي ٿو ساهه سان گڏ گڏ، پڪي ويساهه سان گڏگڏ،
    پڙهان جنهن تي پيو ڪلمو، اکين آڏو ڦريٿو پيو.

    لڳي ٿو ساڀيائن جا، اجهو ٿا چنڊ ڪي اڀرن،
    ڏسان ٿو روز هي سپنو، اکين آڏو ڦري ٿو پيو.

    سندءِ هر ڏينهن ۾ تون آن، سندءِ هر رات ۾ تون آن،
    اهو سهڻا سندءِ چهرو، اکين آڏو ڦري ٿو پيو.

    حياتي بعد بي “صابر” اکين آڳر ۾ تون هوندين،
    ڳنڌيل تو سان سچو ناتو، اکين آڏو ڦري ٿو پيو.


    ڪيئن ڀلايان مان دل جي راڻي کي

    ڪيئن ڀلايان مان دل جي راڻي کي،
    دلربا جي حسين ماڻي کي.

    ڪو برو ياڀلو نه چئي ڀلجي،
    شهر جانان جي لاڙڪاڻي کي.

    راهه حق جي کان ڪيئن هٽنداسين،
    ۽ نه ڏربو ڏسي ڪنهن گهاڻي کي.

    جيڪو آهي مٺا سو اڄ ئي آ،
    ڪنهن ڏٺو آ، ڀلا سڀاڻي کي

    ڪنهن جي نالي اڃان نه ٿي سڏجي،
    سال ٿيا هن سندس سماڻي کي.

    ڪنهن تي ايڏي چٿر چڱي ڪونهي،
    ڪاڻو چئبو آ، ڪين ڪاڻي کي.

    عشق “صابر” وڏي بلا آهي،
    ٿو اياڻو بڻائي سياڻي کي.


    سڄڻ جي سار آهي بس

    سڄڻ جي سار آهي بس،
    اهو ڪم ڪار آهي بس.

    سبب دنيا جي جُڙ ڄڻ جي،
    فقط ئي پيار آهي بس.

    پرينءَ جي ئي نگاهن ۾،
    سڄو سنسار آهي بس.

    حياتي جو پڇين ڇا ٿو،
    گهڙيون ڪي چار آهي بس.

    جياپو ئي مئل من جو،
    پسڻ رخ يار آهي بس.

    زماني کان الڳ پنهنجي،
    دنيا ئي ڌار آهي بس.

    تون گل آهين هو گل آهي،
    هي “صابر” خار آهي بس.


    اجرا هي سويرا جيئن، تيئن پيار اسان جو آ

    اجرا هي سويرا جيئن، تيئن پيار اسان جو آ،
    ڪيڏو نه حسين مٺڙا، سنسار اسان جو آ.

    ڪنهن کي نه ڏکائڻ جو، ڪنهن کي نه رنجائڻ جو،
    پرکڻ جي گهرين جيڪر، ڪردار اسان جو آ.

    جو چنڊ جي ڪرڻن تي مرڪون ٿو وکيري پيو،
    سو جاني اسان جو آ، دل ٺار اسان جو آ.

    هر ورق پڙهي ڏسجان، تاريخ جي مڪتب مان،
    انسان شناسيءَ ۾ معيار اسان جو آ.

    هن عشق جي ئي ڏڍ تي دنيا ۾ هلونٿا پيا،
    هڪ عشق ته ٿي “صابر” آڌار اسان جو.


    پيار تنهنجو نچائي ٿو جاني

    پيار تنهنجو نچائي ٿو جاني،
    ڪٿ الائي پڄائي ٿو جاني.

    چنڊ ۾ هو ۽ چنڊ آ، هن ۾،
    منترن کي منجهائي ٿو جاني.

    عشق کاڌن کان ڪو ڇي ته ڏسي،
    زهر رت ۾ ملائي ٿو جاني.

    لڄ ڇا جي حياءُ ڇا جو آ،
    عشق نانگو بڻائي ٿو جاني.

    دل کي گلڙا ڪري ڇٽي ويٺو،
    راهه تنهنجي سجائي ٿو جاني.


    چنڊ تنهنجي ذات سان

    چنڊ تنهنجي ذات سان،
    تارا تنهنجي ذات سان.

    ڪائناتون حسن جون،
    پيارا تنهنجي ذات سان.

    ٿيا قلندر، ڀٽ ڌڻي،
    دارا، تنهنجي ذات سان.

    سوليءَ تي بي جي هنيم،
    نعرا تنهنجي ذات سان.

    منهنجا “صابر” ڀل سڀئي،
    نيارا تنهنجي ذات سان.


    هي شام سهاني ڳوٺاڻي

    هي شام سهاني ڳوٺاڻي،
    ڄڻ منهنجي وجود جي آکاڻي.

    ويون منهنجون ڪهاڻيون يار مري،
    سڪي نيڻن جو به ويو پاڻي.

    هر چيز عزيز آ، ڌرتيءَ جير،
    محبوب اٿم هر لنب لاڻي.

    تنهائي پناهه ۾ رکندي آ،
    جا روز،ازل کان ساٿياڻي.

    ايئن توکي جڳائي ڪين مٺي،
    هيئن روهه ۾ رولڻ جوڳياڻي.

    تنهنجي ياد کان “صابر”ڪيئن ڇڄان،
    توکي ساهه ۾ رکندس مان ساڻي.


    اکيون واٽ نهارن ساڳيون

    اکيون واٽ نهارن ساڳيون،
    جيءَ سان سپرين تو جي واڳيون.

    سنڌ به ساڳي ڪو نه رهي آ،
    ڪونه رهيا هن ڀاڳيا ڀاڳيون.

    ٻيهر ناهن ننڊ کي سنبريون،
    توکان پوءِ جيءُ جي جاڳيون.

    عشق حويليون لوڏي ڇڏي ٿو،
    عشق هزارين ذاتيون داڳيون.

    جيون توکي ماڳ نه ملڻو،
    “صابر” ڪيسين جهاڳ هي جهاڳيون.


    نه تو يار سمجهيون اکين التجائون

    نه تو يار سمجهيون اکين التجائون،
    حياتي ڪٽي ٿي اڃان پئي سزائون.

    سمورا ڪي منظر هيا گونگا ٻوڙا،
    نه ڪنهن ڀي ڪنايون اسان جون صدائون.

    نه سينگار اگهيا نه ڪي پيار اگهيا،
    نه ڪاٿي هي اگهيون نويليون ادائون.

    اسان جو پڇيو جن، اهي ڪونه وڻيا،
    اسان جن کي پڇيو ڏکاري ڇڏيائون.

    ڏيئو پيار وارو سنڀالي ڪو ٻاري،
    گهليون هيل آهن ڪي اڳريون هوائون.

    وفائن جو “صابر” پڙهيو درس آهي،
    نه ڄاڻيون ته ڇا هن، دعائون جفائون.


    مان سراپا، پيار آهيان وو

    مان سراپا، پيار آهيان وو،
    خوشبو آهيان، بهار آهيان وو.

    مان تماشو ئي ٿي ته رهجي ويس،
    حسرتن جي مزار آهيان وو.

    مان منصور جو هان پاڙيچو،
    آءٌ سچل جو، يار آهيان وو.

    عشق آهيان نه قيد ٿي سگهندس،
    مان براقي، اڏار آهيان وو.

    جيترو ئي بي نام هان جڳ ۾،
    ايترو ئي خوار آهيان وو.

    ڪائناتن جا ڏيک نيڻن ۾،
    ڪائي ازلي، نهان آهيان وو.

    جيڪو مون ساڻ هو “صابر”،
    هاڻ ان کان ته ڌار آهيان وو.


    سونهن جي سونهن ئي ته تون آهين

    سونهن جي سونهن ئي ته تون آهين،
    ڇا چوان مون لئه ته تون ڇاهين.

    خود خدا بي ته ان جو ٿي ويندو،
    پنهنجي چاهت سان جنهن کي تون چاهين،

    جنهن کي ڊاهين، ٺهي سگهي ئي نه ٿو،
    ڪيئن نه ٺهندو، سو جنهن کي تون ٺاهين.

    جيئن توکي پيو مان سوچان ٿو،
    ائين آهين الائي ڀي ناهين.

    هن کي ماڻين ته معجزو آهي،
    سينو “صابر” سان تون متان ساهين.


    بادلن کي سنيهان ڏيان ڪيترا

    بادلن کي سنيهان ڏيان ڪيترا،
    وهه وڇوڙي جا من ڏسُ پيان ڪيترا.

    عشق منهنجا ستر سڀ وڃائي ڇڏيا،
    حسن منهنجا ڪيا تو ذيان ڪيترا.

    موت جهڙا، پيو ڏينهن دلبر ڪٽيان،
    حادثن جا هي پل مان جيان ڪيترا.

    غم جا ڏونگر کنيون خوش ٿيو کلندو وتان،
    ڪنهن ۾ هوندا ڀلا هينئنءَ هيان ڪيترا.

    تنها تنها ڏسي مونکي شامن سان گڏ،
    لوڪ“صابر”ڪري ٿو بيان ڪيترا.


    ياد تنهنجي وسارڻ ڪو سولو نه آ

    ياد تنهنجي وسارڻ ڪو سولو نه آ
    پاڻ کي پاڻ مارڻ ڪو سولو نه آ.

    ڪنهن کي رئندي اکين جون نديون ويون سڪي،
    هون ته ڳوڙهو به هارڻ ڪو سولو نه آ.

    مُرڪي جيئڻ جو اتساهه ڏيندو جو هو،
    ڌار تنهن کان گذارڻ ڪو سولو نه آ.

    جسم جيسين نه ٿو ڀسم ٿئي ٻرندي پئي،
    عشق جي آڳ ٺارڻ ڪو سولو نه آ.

    زندگيءَ جون سڀئي هيءَ حسناڪيون،
    ڪنهن مٿان خوش ٿي وارڻ ڪو سولو نه آ.

    سامهون ڪاتيون ڪهاڙيون بندوقون ڏسي،
    ڪنهن لئه “صابر” سنوارڻ ڪو سولو نه آ.


    راز حسن جا جنهن پل ڄاتا

    راز حسن جا جنهن پل ڄاتا،
    عشق اسان جي گهنگهرو پاتا.

    ڌرتيءَ سان ئي رهندو سچو سو،
    ماءُ جا جنهن ڀي ببڙا ڌاتا.

    رات اسان جي گونگن جهڙي،
    ڏينهن سان جا جهڙا ٻاتا.

    سيلانين سان ڪير ڳنڍيندو؟
    سڪ جا ڍولڻ نازڪ ناتا.

    گيت هي منهنجا روشن تارا،
    پوءِ به “صابر” وقت نه ڳاتا.


    دل ٿي چاهي ته ڪجهه اچان روئي

    دل ٿي چاهي ته ڪجهه اچان روئي،
    ڇو نه اڄ چنڊ سان ملان روئي.

    منهنجي روئڻ تي ڪير ٿو روئي،
    اڄُ ته يارن اڳيان ڏسان روئي.

    درد ڪهڙي تي هُو روئن ٿا پيا،
    ٿورو تن کان وڃي پڇان روئي.

    منهنجي سُڏڪن کي ڇو ڪنائيندو،
    ڪنهن کي مان جي اگر سڏيان روئي.

    يار هن ۾ ئي ٿو رهي خوش خوش،
    مان جي جيئان ته پيو جيئان روئي.

    ڪنهن کي تنها ٿو جي ڏسان “صابر”،
    اُن گهڙي ڏاڍو ٿو پوان روئي.


    ورن شال ٻيهر سُهانا زمانا

    ورن شال ٻيهر سُهانا زمانا،
    ڪري دل کي ويا جي ديوانا زمانا.

    اسان تي جي آيا، اسان تي جي ڇايا،
    هُيا دلربا سي يگانا زمانا.

    اسان جيڪي اڌ ۾ ڇڏيا محبتن جا،
    اُهي ڳائجان پيو ترانا زمانا.

    اساسن کي اسان جون ورائي ڏي شامون،
    نه قبضي ۾ ڪر هي خزانا زمانا.

    گهڻو پر ڏکاروئي رهندين اي “صابر”،
    گهڙي جنهن به ٿياسين روانا زمانا.


    تنهنجي هڪڙي مرڪ تان هيءَ روشني گهوري ڇڏيان

    تنهنجي هڪڙي مرڪ تان هيءَ روشني گهوري ڇڏيان،
    زندگي جي خوبصورت هر گهڙي گهوري ڇڏيان.

    سانوڻي جي مند جون سڀ سانورايون دلربا،
    ۽ بهارن جي سموري تازگي گهوري ڇڏيان.

    تنهنجي نيڻن جي نزاڪت ۽ سندرتا ڇا چوان،
    دل چي ٿي هن جهان جي تازگي گهوري ڇڏيان.

    هيل تائين جا ڪئي ٿم بندگي گهوري ڇڏيان،
    سنڌ تنهنجي سونهن تان مان زندگي گهوري ڇڏيان.

    هڪ گهڙي لاءِ به “صابر” جي ڏسين اڄ پيار مان،
    عاشقي گهوري ڇڏيان مان شاعري گهوري ڇڏيان.


    آڳ جنهن آ لڳائي روزانو

    آڳ جنهن آ لڳائي روزانو،
    تانگهه تنهنجي اهائي روزانو.

    لڙڪ آهون ۽ هي اڪيلائي،
    پنهنجي آهي ڪمائي روزانو.

    عشق دل کي ٻڌايون ڇيرون هن،
    ۽ وري جنهن نچائي روزانو.

    دلجي دعويٰ ته تون وري ايندين،
    راهه تنهنجي سجائي روزانو.

    جڳ سان پنهنجي چڱائي روزانو،
    جڳ جي ليڪن مندائي روزانو.

    تنهنجي ڳولا ۾ هي نماڻي دل،
    آهي “صابر”، اُڏائي روزانو.


    مکڙين جيان هي ڪومل ٽڙندڙ گلاب اکڙيون

    مکڙين جيان هي ڪومل ٽڙندڙ گلاب اکڙيون،
    آهن حسن جو مٺڙا تنهنجون جواب اکڙيون.

    نس نس ۾ تازگيءَ جون لهرون نچڻ لڳن ٿيون،
    جنهن پل پسان ٿو ڪي جي ڪٿ مهتاب اکڙيون.

    ڏاڍيون سڀاءَ واريون، بادِ صبا کانپياريون،
    تنهنجون اهي خمارون آڇن شراب اکڙيون.

    سٽ ڏئي جهٽي وجهن ٿيون، دليون ڦٽي وجهن ٿيون،
    ڪي ڪي ته ٿينديون اهن اهڙيون عقاب اکڙيون.

    گيتن جيان ٻرن جي، هِردي اندر هرن جي،
    “صابر” ڪيون اهڙيون سي انتخاب اکڙيون.


    تنهنجي هڪ مرڪ تان ڪيئي سجدا فدا

    تنهنجي هڪ مرڪ تان ڪيئي سجدا فدا،
    با خدا،با خدا، با خدا، با خدا.

    توسان ڪنهن جون نسبتون ٿيون جڙن،
    تون سڀن کان الڳ، تون سڀن کان جدا.

    مون جڏهن کان جهليو دامن عشق آ،
    بس پسي آ بقا، بس پسي آ بقا.

    تنهنجي هر ناز جي، ناز انداز جي،
    ڀاري فطرت مٿان ٿي رهي هر ادا.

    منهنجي هر گيت جون تون ئي عنوان آن،
    چنڊ جهڙا پرين،م هير جهڙا مٺا.

    آءُ هڪ ٿي وڃون، آءُ هڪ ٿي وڃون،
    مان نه “صابر” تون نه ٻيو دلربا.


    تنهنجون گلاب يادون

    تنهنجون گلاب يادون،
    آيون جناب يادون.

    هڪڙي هجي ڀلايان،
    آهن ڪتاب يادون.

    سارا گناهه ميٽين،
    تنهنجون ثواب يادون.

    هر روز من تي اڀرن،
    ٿي آفتاب يادون.

    سانڍيان ڪٿي مان “صابر”
    تنهنجون شباب يادون.


    ميڻ وانگي ڳري ٻري ويندي

    ميڻ وانگي ڳري ٻري ويندي،
    آس هڪ آس ۾ مري ويندي.

    هن جي پويان لڳي لڳي منهنجي،
    هي هلي نيٺ نوڪري ويندي.

    دل جي وادي تي غم لهرائيندو،
    پاڙو هو جو ڇڏي پري ويندي.

    ڪنهنجو ميهار ٿي ته ڏس تو ڀي،
    تنهنجي سهڻي ٿي ڪا تري ويندي.

    دل شڪستو نه ٿي گهڻو “صابر”
    درد جي هر گهڙي ٽري ويندي.


    سهاڻيون ڪي سارون سنڀاري رنم

    سهاڻيون ڪي سارون سنڀاري رنم،
    ڳلن تي اکين کي سمهاري رنم.

    اڄوڪي نه اهڙي هئي رات جو،
    ڏيئن جي بدر پاڻ ٻاري رنم.

    اهي ڀي ته کلندا رهياس مون مٿان،
    جڏهن ڀي انهن جي سهاري رنم.

    نه آئين ، نه ائين، پرين،
    لڙي شام تائين نهاري رنم.

    سڄي عمر دل جو ئي دل ۾ رنم،
    مگر ٽهڪ “صابر” جيئاري رنم.


    اچڻو اٿئي تان اچ تون

    اچڻو اٿئي تان اچ تون،
    ڇو ته سڀاڻي اچڻي ناهي.

    جيسين پيار هي ٻوليندو پيو،
    تيسين دنيا مرڻي ناهي.

    توکان ڪوئي پردو ناهي،
    توکان ڪا سئه رکڻي ناهي.

    جوڀن کي ئي ٽانڊاڻو ڪر،
    ور ، ور جوت هي ورڻي ناهي.

    جيڪو چاهي ڦيري هن کي،
    دل آ هي ڪا ڦرڻي ناهي.

    ديس ۽ دلبر خاطر “صابر”،
    ڪا وک پٺ تي ڪرڻي ناهي.


    روشني ٿي روشني سان غم ونڊي

    روشني ٿي روشني سان غم ونڊي،
    آرسي ٿي آرسي سان غم ونڊي.

    هوءَ اچي هن جي مان پيرن کي چمان،
    هڪ چمي ٿي ٻي چمي سان غم ونڊي.

    ڇيهون ڇيهون دل ڪري منهنجي ويو،
    ڇوڪري ٿي ڇوڪري سان غم ونڊي.

    ڪو نه هن ۾ ڪا ڀري خوشبو سگهي،
    دل لڳي ٿي دل لڳي سان غم ونڊي.

    هڪ به سجدو ڪونه “صابر” جو اگهيو،
    بندگي ٿي بندگي سان غم ونڊي.


    پيار وارن تي کلين ٿو هوش ڪر!

    پيار وارن تي کلين ٿو هوش ڪر!
    يار! يارن تي کلين ٿو هوش ڪر.

    ساڙ سڙيا ديد جو انڌو نه ٿي،
    هانوَ ٺارن تي کلين ٿو هوش ڪر.

    ڪم مٿان تنهن جي به پيارن تي کلي،
    ٻين جي پيارن تي کلين ٿو هوش ڪر.

    هر اڪيلي جا اهي سنگتي اٿئي،
    چنڊ تارن تي کلين ٿو هوش ڪر.

    اڄ به جيڪي سهڻي کي سارن پيا،
    تن ڪنارن تي کلين ٿو هوش ڪر.

    چهرو “صابر” تون خزان جهڙو ڪري،
    ڇو بهارن تي کلين ٿو هوش ڪر.


    پنهنجي دل ۾ پناهه ڏي مونکي

    پنهنجي دل ۾ پناهه ڏي مونکي،
    مورڳو ئي يا باهه ڏي مونکي.

    ڪيترو دربدر ٿيو آهيان،
    يا خدا! ڪائي واهه ڏي مونکي.

    خودڪشي تي دل چوي ٿي پئي،
    يار آهين، صلاح ڏي مونکي.

    منهنجا جيرا، بڪيون ڇڏي ساڙي،
    زهر جهڙي ڪا آه ڏي مونکي.

    ڪوجهي جيئڻ کان دل کٽي ٿي ٿم،
    موت سهڻو، الله ڏي مونکي.

    توتان قربان ٿي وڃي، “صابر”،
    ٿورڙو ئي تون چاهه ڏي مونکي.


    درد دل جو سهاڳ آ سرتيون

    درد دل جو سهاڳ آ سرتيون،
    منهنجو ڪيڏو نه ڀاڳ آ سرتيون.

    ڪنهن گهڙي زندگي گلن جهڙي،
    ڪنهن گهڙي ساري آڳ آ سرتيون.

    پاڻ رولاڪ هون، هوا وانگي،
    پنهنجو هڪڙو نه ماڳ آ سرتيون.

    هو ئي سِندور سينڌ جي آهي،
    هن ئي چپڙن مساڳ آ سرتيون.

    زخم هڪڙو هجي سبي ڇڏيان،
    جسم ئي داڳ داڳ آ سرتيون.

    ماري “صابر” کڻي جياري هو،
    هن جي هٿ ۾ ئي واڳ آ سرتيون.


    خوشبوئن جون گهريون ڪنهن کي ڀيٽا ڏجن

    خوشبوئن جون گهريون ڪنهن کي ڀيٽا ڏجن،
    پوپٽن جون چميون ڪنهن کي ڀيٽا ڏجن.

    مٺ ۾ ماپن نه ٿيون، جهول جهلجن نه ٿيون،
    پيار جون هي لريون ڪنهن کي ڀيٽا ڏجن.

    آس هر هڪ پلي، نيڻ پنهنجا ملي،
    آجپي جون سٽيون ڪنهن کي ڀيٽا ڏجن.

    پنهنجي پنهنجي نه جي يار ميهر مليون،
    سير ۾ جي ٻڏيون ڪنهن کي ڀيٽا ڏجن.

    مرڪڻي ٽهڪڻي ڪائي صورت نه آ،
    چنڊ تنهنجون اکيون ڪنهن کي ڀيٽا ڏجن.

    سانورا بانورا خواب “صابر” کڻي،
    جي هلن ٿيون پريون ڪنهن کي ڀيٽا ڏجن.


    منهنجي سنڌ امڙ سلامت رهي شل

    منهنجي سنڌ امڙ سلامت رهي شل،
    ڏور هن کان هر هڪ قيامت رهي شل.

    ڏور جي پکين سان، ۽ اڀ سان پکين جي،
    خدايا! هميشه لئه سنگت رهي شل.

    اسان جي حوالي ڪئي جيڪا وڏڙن،
    سا، اجرڪ ۽ ٽوپي امانت رهي شل.

    ڪچهريون اوطاقون بچن بد نظر کان،
    هي سانگين ۽ جهانگين جي دولت رهي شل.

    ڏڪر ماني پاڻي جو وڃبو ڪٽي پر،
    رسي ڪين ڪنهن کان محبت رهي شل.

    ڏڪي پيو ٿو دشمن،ڏڪندو به رهندو،
    مگر ٿوري “صابر” ڪا هشمت رهي شل.


    خال آهي وڏو حياتيءَ ۾

    خال آهي وڏو حياتيءَ ۾،
    آءُ هڪڙو دفعو حياتيءَ ۾.

    مون نه آهي ڏٺو وکر ڪاٿي،
    عشق جهڙو سچو حياتيءَ ۾.

    هر نظر کان ڌڪار ئي ملندئي،
    جي تون ٿيندين ڪسو حياتيءَ ۾.

    بي ملها ٿي مرڻ گهرو ڇو ٿا،
    ڪنهن ته ملهه سان جيئو حياتيءَ ۾.

    دربدر تنهنجو “صابر” آ،
    جنهن نه ماڻيو اجهو حياتيءَ ۾.


    آءُ هاڻي پرين پڇاڙي آ

    آءُ هاڻي پرين پڇاڙي آ،
    درد، دلڙي گهڻي لتاڙي آ.

    زندگيءَ جي حسين هر ساعت،
    نانءُ تنهنجي سان مون سلهاڙي آ.

    حسن بيشڪ حسن حسن آهي،
    عشق ليڪن سدا، اڳياڙي آ.

    آنءُ هڪڙو ئي بس ، اياڻو،هان،
    باقي دنيا سڄي کلاڙي آ.

    تون جڏهن کان ئي ٿي وئين اوجهل،
    هي حياتي تڏهن کان ٻاڙي آ.


    ڪا پيار جي مند نه ٿيندي آ

    ڪا پيار جي مند نه ٿيندي آ،
    اظهار جي مند نه ٿيندي آ.

    ڪرگل ڪٿي به ٽڙي ٿو سگهي،
    هٻڪار جي مند نه ٿيندي آ.

    محبوب جواني، ديواني،
    اغيار جي مند نه ٿيندي آ.

    ڪن خاص ڏکايل نيڻ جي،
    وسڪار جي مند نه ٿيندي آ.

    هر مند جي مند اٿئي “صابر”،
    پر يار جي مند نه ٿيندي آ.


    هن دل جو سندر هر سپنو

    هن دل جو سندر هر سپنو،
    مون پيار جي نانءُ ڪري آ ڇڏيو.

    سا، جاءِ جنت کان گهٽ ڪونهي،
    جت جت به حسن آ پير ڏنو.

    احساس نه آ جنهن ماڻهو ۾،
    ڀلجي ڀي نه ان کي ماڻهو چئو.

    جو کير امڙ جو ملهائي،
    تاريخ انهيءَ کي ڏيندي ڪلهو.

    ٿي عشق جي اٿت جياري،
    ويو دور ٿي دل کان هر هڪ ڀئو.

    تون منهنجو نه ٿي ڀل اي “صابر”،
    مان تنهنجو آهيان بس ها، تنهنجو.


    اڃا به توکي اهو گهرون ٿا

    اڃا به توکي اهو گهرون ٿا،
    اڃا به توکي ڏسي جيئون ٿا.

    اڃا به توتي چري اها دل،
    اڃا به توتي مري مرون ٿا.

    اسان به ڏاڍا حسين آهيون،
    مگر اوهان بن ٻسا لڳون ٿا.

    عزيز ڏاڍو لڳي ٿو جيون،
    جڏهن به توتي نظر وجهون ٿا.

    اسان کي پنهنجي زمين ڏيو بس،
    اوهان کي سارو هي اڀ ڏيون ٿا.


    ڪي پيار جا سارنگ وسڻا هن، ۽ چانڊوڪيون به ڳائينديون

    ڪي پيار جا سارنگ وسڻا هن، ۽ چانڊوڪيون به ڳائينديون،
    دردن جي دُڌڙ سڀ لهڻا هن، ۽ چانڊوڪيون به ڳائنديون.

    هي مند چري جي چيٽن جي، آغوش ۾ وٺندي خوف نه ڪر،
    هي نيڻ نماڻا کلڻا هن، ۽ چانڊوڪيون به ڳائنديون.

    اي وقت ڀلي تون رانديون ڪر، پر رانديون به ڪي سهنديون ڪر،
    سورهيه ته سدائين رهڻا هن، ۽ چانڊوڪيون به ڳائنديون.

    اڄ سانون ۾ ڪو ساءُ اچي، هن جيون منجهه هڳاءُ اچي،
    هر آس جا ڏيئا ٻرڻا هن، ۽ چانڊوڪيون به ڳائنديون.

    پکين جون قطارون ڏسجن ٿيون، ڇو ڦير بهارون ڏسجن ٿيون،
    “صابر” جا سڄڻ جو اچڻا هن، ۽ چانڊوڪيون به ڳائنديون.


    ديوانن جا ديرا ڪهڙا

    ديوانن جا ديرا ڪهڙا،
    خوشبوئن جا پيرا ڪهڙا.

    توکي زمانا ياد ته هونداس،
    منهنجا ڀي ها، ويرا ڪهڙا.

    سنڌ سدائين لٽجي ٿي پئي،
    روز لٽين لٽيرا ڪهڙا.

    پکين وانگي پنهنجو جياپو،
    پنهنجا يار بسيرا ڪهڙا.

    عاشق ماڻهن لئه اي “صابر”،
    ڪهڙي شام سويرا ڪهڙا.


    پو به تنهنجي يار آهيان سار ۾

    پو به تنهنجي يار آهيان سار ۾،
    توڙي جو ميدان آهيان دار ۾.

    زندگيءَ جو راز، هوندو آ لڪل،
    جِيت جهڙي سهڻي سهڻي هار ۾.

    هن عمر جي ڇا عمر آهي مٺا،
    جا وڃائڻ ٿو گُهرين انڪار ۾.

    ڏاڍو هڪ ٻئي جي ٿيا آهن قريب،
    جانور ۽ آدمي ڪردار ۾.

    گذري وڃڻي هونءَ ڀي آهي مگر،
    زندگي گذري وڃي شل پيار ۾.

    تنهن گهڙي “صابر” ملي ٿو نئون جنم،
    جنهن گهڙي نظرون رهن ٿيون يار ۾.


    جاتي سونهن بسيرو آهي

    جاتي سونهن بسيرو آهي،
    عشق جو تاتي ديرو آهي.

    شاعر جو من ايئن آهي،
    اڏندڙ ڄڻ ڪو ڳيرو آهي.

    پيار بنا هيءَ يار حياتي،
    ڪَٽي آهي ڪيرو آهي.

    هُنَ جون اکريون چمندي چمندي،
    انگ انگ ٿي پيو کيرو آهي.

    جي ٿو پڇين تون ڇا هي جيون،
    ڪانون جو ڪانگيرو آهي.

    حُسن جي اڳيان ڪجهه ڀي ناهي،
    “صابر” هونءَ مٿيرو آهي.


    اسان تي يار جو سانوڻ

    اسان تي يار جو سانوڻ،
    وسي شل پيار جو سانوڻ.

    زماني کان الڳ پنهنجو،
    رهيو ڪردار جو سانوڻ.

    نگاهُن ۾ پناهون ڏي،
    ٽري آزار جو سانوڻ.

    ڪڏهن ڏئي اورڪون وسندو،
    پرينءَ جي پار جو سانوڻ.

    حياتي کي ملي معنيٰ،
    ڏيو ديدار جو سانوڻ.

    گهٽيو ناهي اڃا “صابر”،
    سڄڻ جي سار جو سانوڻ.


    اسان جون ڪهاڻيون ستارن کان پڇجان

    اسان جون ڪهاڻيون ستارن کان پڇجان،
    گلن،پوپٽن ۽ بهارن کان پڇجان.

    ڀنڀلجي اچن ڪي ڏسي توکي ڀونرا،
    ته پنهنجن ئي ڪارن تون وارن کان پڇجان.

    اسان جي جڏهن ڀي اچئي ياد سائين،
    ته اڀ تي پکين جي اڏارن کان پڇجان.

    اسان توکي ڪيڏو سڄڻ آهي چاهيو،
    ڀلي پنهنجي ئي تون پيارن کان پڇجان.

    اسان نيڻ “صابر” وڇايا ها تو لئه،
    اها شاهدي ڀل تون چارن کان پڇجان.


    درد دل جي دوا نه ٿي آخر

    درد دل جي دوا نه ٿي آخر،
    ڪنهن طرح گهٽ سزا نه ٿي آخر.

    هن طرف انتهائون ٿيون ڪيئي،
    هن طرف ابتدا نه ٿي آخر.

    ڪنهن لئه چنڊ سان ڪري پئي ڳالهيون،
    اهڙي هِن کان پڇا نه ٿي آخر.

    جهول خالي رهيو حياتيءَ ڀر،
    ڪنهن کان ليڪن سخا نه ٿي آخر.

    منهنجون “صابر” مري وفائو ويون،
    بيوفا کان وفا نه ٿي آخر.


    اسان ئي ابتدا تنهنجي

    اسان ئي ابتدا تنهنجي،
    اسان ئي انتها تنهنجي.

    کلي هاڻي نهاريو ڀي،
    سٺي آ، هر سزا تنهنجي.

    ڪٿي وڃبا سڀئي ڏونگر،
    کپي ساٿي دعا تنهنجي.

    اچي ڏس تون اڱڻ منهنجي،
    ڪندس ڇا مرحبا تنهنجي؟

    ڪري ٿو لوڪ “صابر” ڇو،
    سڙي ايڏي گلا تنهنجي.


    هن کان ڪٿي اقرار پڳو آ

    هن کان ڪٿي اقرار پڳو آ،
    هن کان رڳو انڪار پڳو آ.

    تون ئي صرف وسيلو آهين،
    ڏس هُو ڪٿي سنسار پڳو آ.

    گلڙن آ ڪيڏي خوسبو،
    ڪونه مگر سرڪار پڳو آ.

    مون ته اکين تي مرڪي رکيو،
    هن کان جو آزار پڳو آ.

    مان ئي سارا درد ٿو ڳايان،
    ڪونه جو هو فنڪار پڳو آ.

    آءُ هلي آ، نيڻ يار کڻي ڏس،
    “صابر” ڪاٿي يار پڳو آ.


    پاڻ گهوگهي نه مار، اي “صابر”

    پاڻ گهوگهي نه مار، اي “صابر”
    هاڻ هن کي وسار،اي “صابر”.

    لوڪ سان تون ڪٿي پڄي سگهندين،
    سادگيءَ ۾ گذار،اي “صابر”

    ان تان! قربان ٿو ٿيڻ چاهين؟
    جنهن کسيا ٿئي قرار،اي “صابر”

    دل کي وندرائي ڇڏ خزائن سان،
    تنهنجي ناهي بهار، اي “صابر”

    هن جو ڪو ئي اتو پتو ڪونهي،
    توکي پر انتظار،اي “صابر”

    ڪير ڪنهن جو رهيو نه آ جڳ ۾،
    ويو مري پيار، يار!،اي “صابر”


    زندگيءَ کان گهڻو پري آهيون

    زندگيءَ کان گهڻو پري آهيون،
    روشنيءَ کان گهڻو پري آهيون.

    پنهنجي ڪنهن ساڻ دوستي ڪونهي،
    دشنيءَ کان گهڻو پري آهيون.

    ٿو بسر ٿئي گناهه ۾ جيون،
    بندگيءَ کان گهڻو پري آهيون.

    درد سان خوب آشنائي آ،
    پر خوشيءَ کان گهڻو پري آهيون.

    هي ته خالي رڳو سڌون آهن،
    عاشقيءَ کان گهڻو پري آهيون.

    جيڪا نيڻن ۾ ٿي رهي “صابر”،
    تنهن پريءَ کان گهڻو پري آهيون.


    شال ماري قهاري مرن

    شال ماري قهاري مرن،
    پيسا امن جا پکيئڙا اڏن.

    جيڪي ڌرتي ڏي ميريون کڄن،
    سي اکيون شل فنا ٿي وڃن.

    سنڌ تنهنجي جياپي سندا،
    خواب سندر نه مرجهائجن.

    ڌرتي منصور ڏي ڪي ڄڻي،
    حق جا نعرا گجي جي هڻن.

    ڀٽ ڌڻيءَ جي وٺي چيچ مان،
    دشمنن تي ڪي مارا ڪجن.

    دل نه “صابر”ڪڏهن لاهجان،
    پيا بگل آجپي جا وڄن.


    دل جا ڪيئي فسانا ٿي ويا

    دل جا ڪيئي فسانا ٿي ويا،
    حسرتن جا ترانا فنا ٿي ويا.

    مرڪ چپڙن تي آڻي ٻڍي ڀڻڪيو،
    ها، پنهنجا زمانافنا ٿي ويا.

    پيار مسمار توکان نه ماري ٿيو،
    تنهنجا پر سڀ نشانا فنا ٿي ويا.

    گهرج اڄ ڀي پرين تنهنجي آهي گهڻي،
    پهر ليڪن سهانا فنا ٿي ويا.

    سنڌ تنهنجي يتيميءَ تي روئان پيو،
    ڇو ته تنهنجا ديوانا فنا ٿي ويا.

    عشق سان عشق دل جو جڏهن کان ٿيو،
    شوق “صابر” شهانا فنا ٿي ويا.


    ڪهڙيون پڇين ٿو ڳالهيون اي يار زندگيءَ جون

    ڪهڙيون پڇين ٿو ڳالهيون اي يار زندگيءَ جون،
    بيڪار ئي ته آهن بيڪار زندگيءَ جون.

    ڪوئي سرور ڪونهي، بي زيب آ جياپو،
    بڻيون نه ڪي به گهڙيون سينگار زندگيءَ جون.

    هر روز ٿيون بدلجن، تنهنجي پرينءَ پڄاڻان،
    تصويرون اچ ڏسي وڃ هڪ وار زندگيءَ جون.

    ڪهڙيون ڀلا سي عيدون ڪهڙيون ڀلا سي ديدون،
    ڪهڙيون ڀلا اميدون نادار زندگيءَ جون.

    اونده اگر جي آهي، آهي ته پو ڇاهي،
    اٿ ميڻ بتيون “صابر” ڪي ٻار زندگيءَ جون.


    غمن ساري ڇاڻي، جواني اسان جي

    غمن ساري ڇاڻي، جواني اسان جي،
    جوانيءَ نه ماڻي، جواني اسان جي.

    ڪڏهن سرت سوڀيا جي ويجهو نه پهتي،
    رهي ائين اياڻي، جواني اسان جي.

    ڪمانن ۾ تاڻيا ويا تير هوندا،
    جڏهن ڀي اڏاڻي،جواني اسان جي.

    نه ٿي ڪنهن جي سسئي، نه ٿي ڪنهن جي ليلا،
    نه ٿي ڪنهن جي راڻي،جواني اسان جي.

    اهو ڏور “صابر” ويو ڏور ڏاڍو،
    هئي جنهن ڀلاڻي، جواني اسان جي.


    چنڊ جهڙا پرين هن ڳليءَ مان گذر

    چنڊ جهڙا پرين هن ڳليءَ مان گذر،
    آءُ منهنجي ڪڏهن زندگيءَ مان گذر.

    تون جهانن کي لحظي ۾ سمجهي وڃين،
    تنهنجو جيڪر ٿئي عاشقيءَ مان گذر.

    حسن آ روشني، روشني حسن آ،
    روشني ٿي ڪري روشنيءَ مان گذر.

    رهزنيءَ جا گهڻا روپ ڌاري ڏنئي،
    هاڻ ٿورو سچي رهبريءَ مان گذر.

    منهنجون ننڊون تڏهن کان اڏامي ويون،
    آ، جڏهن کان ٿيو اک لڳيءَ مان گذر.

    يا ڪنهن کي ته ڪر، ياد ڪنهن کي ته ڪر،
    ڪجهه ته “صابر” اٿي بندگيءَ مان گذر.


    وري هن کي چاهي خطا ٿو ڪرين

    وري هن کي چاهي خطا ٿو ڪرين،
    چريا، او چريا هيءُ ڇا ٿو ڪرين.

    ڏنا زخم توکي هئا جن ڳڻي،
    انهن کي ڀلا اڄ دعا ٿو ڪرين؟

    ڏيان توکي پنهنجي هي دل جي اگر،
    ٻڌا! ڪيتري تون بها ٿو ڪرين.

    جو بت ڀي مڪمل نه ٿي آ سگهبو،
    اجايو تون ان کي خدا ٿو ڪرين.

    اتان ڪجهه ڀي “صابر” نه ورڻو اٿئي،
    وڃي دل جي ڇا ٿي صدا ٿو ڪرين.


    چپ رهي ڪين چندن جلايومٺا

    چپ رهي ڪين چندن جلايومٺا،
    ٿورڙو ئي سهي مسڪرايو مٺا.

    هي ته سر ڀي تريءَ تي رکيون ٿو وتي،
    ڇو چريئي کي پيا آزمايو مٺا.

    ڪونه توکي وڻيو هو ڪڏهن شخي جو،
    ان ته صحرا وڃي آ وسايو مٺا.

    ايڏو عاري نه “صابر” رهو پيار کان،
    پيار ڏي پيار سان وک وڌايو مٺا.


    زاهدن جا ثواب سجدا ڏين

    زاهدن جا ثواب سجدا ڏين،
    سونهن کي ٿا گلاب سجدا ڏين.

    سنڌ توکي امر شهيدن جا،
    خون وهنداس ٿا خواب سجدا ڏين.

    چهري هڪڙي تلور جهڙي کي،
    باز ۽ ٿا عقاب سجداڏين.

    تنهنجي چهري ڪتاب سهڻي کي،
    ڇو نه سارا ڪتاب سجدا ڏين.

    جاءِ دل ۾ ڏني تنهن “صابر” کي،
    جنهن کي جڳ جا نواب سجدا ڏين.


    ڇا ته لٿيون وجود منهنجي ۾

    ڇا ته لٿيون وجود منهنجي ۾،
    تنهنجون اکيون وجود منهنجي ۾.

    ڪهڙي چوري ڀلا مان باسيان چئو!
    ڪيئي چوريون وجود منهنجي ۾.

    پيار تنهنجو ڀري ويو آهي،
    سڀ کٿوريون وجود منهنجي ۾.

    اي خدايا! هي تون ئي ميٽيندين،
    جيڪي ميريون وجود منهنجي ۾؟

    ياد تنهنجي ۾ ٿيون وڄن “صابر”،
    روز ڇيريون وجود منهنجي ۾.


    جن شوق ڇڏيا هن شاهانا

    جن شوق ڇڏيا هن شاهانا،
    شل توکي وڻن سي ديوانا.

    سا شمع سلامت رهڻي آ،
    جنهن تي پهرو ڏين ٿا پروانا.

    مان هوش کان ٻاهر، هوش ۾ هان،
    منهنجا خيال سمورا رندانا.

    هر سونهن اچي ٿي توتي کٽي،
    ٻيا مڙيئي ته آهن افسانا.

    جي مستين تان هٿ ويٺا کڻين،
    تنهنجي مرڪ ڪيا سڀ مستانا.

    هڪ يار جا نيڻ ئي “صابر” لئه،
    هن ڪوجهي حيات جا دوگانا.


    هن پار جي اي شام ڪو

    هن پار جي اي شام ڪو،
    ڪنهنجو به ڏي پيغام ڪو.

    ڳاڙهاڻ آهي ٿي وئي،
    ٿيو آ ڪٿي قتلام ڪو.

    مون جان ڪٿي تو آ ڏٺو؟
    ها ها، چئو بدنام ڪو.

    ڇڏ عشق جي ڀائو پچر،
    وڃ پيو ئي کڻ الازم ڪو.

    پنهنجي هٿن سان پيار اڄ،
    “صابر” کي سهڻا جام ڪو.


    چنڊ کان چاندني ڀي ڪڏهن ٿي جدا؟

    چنڊ کان چاندني ڀي ڪڏهن ٿي جدا؟
    تون ٻڌا، تون ٻڌا، تون ٻڌا.

    اي پکين جا ولر ساڻ وٺيون هلو،
    اجنبي آدميءَ جي مڃيو التجا.

    غم وڃي غم ڪيان، ائين ڇو غم ڪيان،
    روز غم جي گهلي ٿي اڃان پئي هوا.

    آ گلن ۾ هلون، پوپٽن سان ملون،
    او مٺا، او پرين، دل گهريا، دلربا.

    يار آيو اڱڻ مرڪ جي ساٿ ۾،
    ڇو نه “صابر” ڪري مرحبا مرحبا.


    آءُ توکي مان گيتن سان ريجهائيان

    آءُ توکي مان گيتن سان ريجهائيان،
    تنهنجي نس نس ۾ ڪا آڳ ڀڙڪائيان.

    آءُ توکي مان دل جو گهمايان چمن،
    آءُ توکي گلابن سان مهڪائيان.

    آءُ توکي ڪي چانڊوڪيون ارپيان،
    آءُ توکي ستارا هي پهرائيان.

    آءُ توکي پکين جون اڏارون ڏسيان،
    آءُ توکي بهارن سان وندرائيان.

    آءُ توکي جوانيءَ جو “صابر” قسم،
    آءُ توکي ته اکڙين ۾ ترسائيان.


    هي سنسار ۽ پيار سپنو اٿئي

    هي سنسار ۽ پيار سپنو اٿئي،
    هي وهوا سنڌي ڪار سپنو اٿئي.

    هي اقرار، انڪار سپنو اٿئي،
    اهي سهسين سينگار سپنو اٿئي،

    سکن جون بسنتون به سپنو اٿئي،
    ۽ دردن جا انبار سپنو اٿئي.

    سڳنڌن تي ميڙا به سپنو اٿئي،
    اهو سڀ جو سڀ يار سپنو اٿئي.

    نه ڪنهن جي صبح آ نه ئي شام ڪا،
    هي پهرن جا سهڪار سپنو اٿئي.

    تون “صابر” رڳو جنهن جا پيو گيت چئين،
    اهو ڀي ته دلدار سپنو اٿئي.


    زندگي جو سفر مختصر مختصر

    زندگي جو سفر مختصر مختصر،
    روشني جو سفر مختصر مختصر.

    ڇا ڪري وئين پرين؟ ڇو ڪري وئين پرين؟
    دوستي جو سفر مختصر مختصر.

    واءُ جان ناچ ڪر، رقص ڪر، ڇير پاءِ،
    آ وهي جو سفر مختصر مختصر.

    آءُ مرڪي ڪريون، آءُ مرڪي ڪريون،
    دشمني جو سفر مختصر مختصر.

    غم جو “صابر” سفر ٿيندو آهي وڏو،
    پر خوشي جو سفر مختصر مختصر.


    عشق ڪرڻ جي موسم آهي

    عشق ڪرڻ جي موسم آهي،
    مجنون ٿيڻ جي موسم آهي.

    ڏيئي وانگر رات سموري،
    ڪنهن لئه ٻرڻ جي موسم آهي.

    روز جيئڻ جي موسم آهي،
    روز مرڻ جي موسم آهي.

    مونکي نچڻ کان ڪير نه روڪي،
    منهنجي نچڻ جي موسم آهي.

    گيت چوڻ جي موسم آهي،
    جام پيئڻ جي موسم آهي.


    نغما نغما منهنجون سوچون

    نغما نغما منهنجون سوچون،
    جلوا جلوا منهنجون سوچون.

    چنڊ ٿو مون سان گڏجي مرڪي،
    ڪرڻا ڪرڻا منهنجون سوچون.

    جذبن جي مان وادي آهيان،
    پڙلا پڙلا منهنجون سوچون.

    نفرت جي هر روز تپش ۾،
    پاڇا پاڇا منهنجون سوچون.

    هي ڀي منهنجو هي ڀي منهنجو،
    رشتا ناتا منهنجون سوچون.

    مون کان پو ڀي رهنديون “صابر”،
    سپنا سپنا منهنجون سوچون.


    اگهاڙي بدن جي ڪهاڻي اسان

    اگهاڙي بدن جي ڪهاڻي اسان،
    لٽيل ڪنهن چمن جي ڪهاڻي اسان

    بهارن کي سڪندي زمانا ٿيا،
    سرءُ جي صحن جي ڪهاڻي اسان.

    نه سرمو آ پاتو ڪڏهن ڀي انهن،
    نماڻين اکين جي ڪهاڻي اسان.

    بنا ڏوهه ماريا ويا روڊ تي،
    انهن سورمن جي ڪهاڻي اسان.

    جي موسم کان اڳ ۾ ڇڻي ٿا وڃن،
    ڪچن تن گلن جي ڪهاڻي اسان.

    نه “صابر” لکي ۽ نه ڪنهن ڪٿ پڙهي،
    ڪا اهڙي ڏکن جي ڪهاڻي اسان.


    اڃا آسائتو آهيان

    اڃا آسائتو آهيان،
    اڃا توکي پيو چاهيان.

    اڃا دردن جي ڦندن سان،
    پيو ٿو پاڻ کي ڦاهيان.

    وري ٺاهڻ جي لاءِ ڏس،
    وري ٿو پاڻ کي ڊاهيان.

    اکين ۾ خواب جي سرجيا،
    اهي ڳوڙهن ۾ ٿو واهيان.

    جڏهن کان چت سنڀاليو ٿم،
    تڏهن کان سک ستو ناهيان.

    سندءِ دم ساڻ هان “صابر”،
    بنا تنهنجي سڄڻ ڇاهيان.


    پيار سمندر پيرا ڪنارو

    پيار سمندر پيرا ڪنارو،
    پيار سان جوڙيل جڳ هي سارو.

    پيار جي موسم هر ڪا موسم،
    پيار نه ڄاڻي سرءُ سيارو.

    پيار جي پويان روز رهي ٿي،
    جڳ جي وارو وارو، وارو.

    ڪارا ماڻهو روز ڪهن ٿا،
    پيار کي سمجهي ڪاري ڪارو.

    پيار دلين ٿوڻي، ٿنڀو،
    پيار دلين جو آهه سهارو.

    پيار ۽ پريت کان نفرت جن کي،
    تن جو جيون آهي کارو.

    پيار جي خوشبو سان ٿو چاهيان،
    “صابر” واسيان هرڪ چارو.


    اڻ لکئي احساس پويان زندگي

    اڻ لکئي احساس پويان زندگي،
    ٿي ڊڪي بنواس پويان زندگي.

    جنهن ڌڪي آڙاهه ۾ توکي ڇڏيو،
    پو به تون ان آس پويان زندگي؟

    سانوڻي جي شام مونکي ٿي وڍي،
    ڇو پئي آن ماس پويان زندگي؟

    ڪونه تنهنجي نياز نوڙت پئي قبول،
    هڙ وڃايئي خاص پويان زندگي؟

    هڪڙو “صابر” موتيو محبوب ڪر،
    ٻي نه رولج واس پويان زندگي؟


    پيار آهي زندگاني پيار ڪر

    پيار آهي زندگاني پيار ڪر،
    ناهي پيارا پيار فاني پيار ڪر.

    آ قبولج حسن! منهنجي عشق کي،
    ٿي وڃي اڄ مهرباني پيار ڪر.

    پيار وارن لئه اجر آ پيار جو،
    آ حڪم هي آسماني پيار ڪر.

    روز توکي ٿي سڄڻ منٿون ڪري،
    منهنجي اڻ جهل هي جواني پيار ڪر.

    ان سان “صابر” ساهه جون تندون جڙيون،
    جنهن جو ناهي ڪوئي ثاني پيار ڪر.


    آءُ اسان جا نيڻ ٻرن ٿا

    آءُ اسان جا نيڻ ٻرن ٿا،
    آءُ صدين جاخواب سڙن ٿا.

    احساسن جا روح ٿيا زخمي،
    کيرن جهڙا قدر لڇن ٿا.

    قوم جا ليڊر ڪا ٿي آهين؟،
    ڪيڏا مڙس مٿير مرن ٿا.

    تن کي روڪي ڪير نه سگهندو،
    سونهن ڏي جيڪي پير سرن ٿا.

    موڳو موڳو ڪهڙو جيئڻ؟،
    جيءَ ائين جئن گل ٽڙن ٿا.

    پيار سان ماڻهو، ماڻهو ٿيندو،
    چار ئي دفتر ايئن چون ٿا.

    تنهنجي ڏات کان ڪانئر ماڻهو،
    ڪيڏو “صابر” ونءُ وڃن ٿا.


    اک اڃاري اٿم دلڏکاري اٿم

    اک اڃاري اٿم دلڏکاري اٿم،
    ڪونه ڪڏهين مگر هاج هاري اٿم.

    سوجهرا ان مان ڪيئي ته ڦٽندا پيا،
    ٻاٽ ۾ لاٽ اڄ جيڪا ٻاري اٿم.

    عشق سان پيار آ، جڳ سان وهنوار آ،
    عشق جي دم سان هر دم بهاري اٿم.

    رت روئاريو اٿس، ماس ڳاريو اٿس،
    زندگي اهڙي آ، پو به پياري اٿم.

    يار، ياري جي عظمت کي لوئن پيا،
    تنهنڪري پاڻ سان هاڻ ياري اٿم.

    ان سيد پور کي “صابر” ڇڏڻ آ ڏکيو،
    جنهن جي شفقت ۾ هي عمر گهاري اٿم.


    عشق جي واٽ ٿو نهاريان مان

    عشق جي واٽ ٿو نهاريان مان،
    زندگي ائينپيو پڪاريان مان.

    آڏو ڀت ۽ پٺيان کان دوزخ آ،
    زندگي ائين پيو گذاريان مان.

    روز جيئڻ جي واسطي جيڏا،
    پاڻ کي پاڻ پيو ٿو ماراين مان.

    هينئڙو لوڻ جيان ڳري ويو آ،
    پو به توکي نٿو وساريان مان.

    چنڊ منهنجي اڱڻ اچي ٿو اڄ،
    تنهنڪري گهر پيو سنواريان مان.

    درد“ صابر” ته سونهن آ سک جي،
    درد کي دل مان ڪئن ڌڪاريان مان.


    اسان جو عشق ديوانو،نچي هر شام ڌاري ڏس

    اسان جو عشق ديوانو،نچي هر شام ڌاري ڏس،
    چپن تي چاڙهي مئخانو، نچي هر شام ڌاري ڏس.

    فقيرن جي فقيري ۾ رڳو توحيد آ شامل،
    ڏسو ڏئي ڌيان بي ڌيانو،نچي هر شام ڌاري ڏس.

    اهو منصور جو ڀيچي، اهو دارا جو دلبر آ،
    انهيءَ جو روح رندانو،نچي هر شام ڌاري ڏس.

    پچڻ کي جو پڄائي ٿو، اهو ڪم عشق جو آهي،
    پچي ٿئي راس پروانو، نچي هر شام ڌاري ڏس.

    مٺا محبوب! “صابر” کي لڳن پٿر ڏسين بيٺو؟،
    ٿئي ٿو روز نيشانو،نچي هر شام ڌاري ڏس.


    هڪ پيار جي تلاش ۾ هڪ پيار ويو مري

    هڪ پيار جي تلاش ۾ هڪ پيار ويو مري،
    هڪڙي حسين خواب جو سينگار ويو مري.

    دشمن ته آهي دشمن ان تي ميار ڇا؟،
    اڄ يار! يار جي هٿان هڪ يار ويو مري.

    ڪنهن چنڊ ۽ چڪور جي ميلاپ کي ڏسي،
    پوري عيال سوڌو اغيار ويو مري.

    جنهن عشق ساڻ جهيڙيو، جنهن عشق آ ڇيڙيو،
    سو ٿڪجي ٿڪجي نيٺ کائي هار ويو مري.

    جنهن جي جڏهن جتي ڀي دل ٿي ٽٽي پوي،
    ان لاءِ ڄڻ ته “صابر” سنسار ويو مري.


    خوشبو ڪنهن جي آهه هوا ۾

    خوشبو ڪنهن جي آهه هوا ۾،
    ڪنهن وڌو هي ساهه هوا ۾.

    جيئن هن پئي آهون ڀريون،
    شامل ٿي وئي باهه هوا ۾.

    جئن ئي ڪنهن بندوق هلائي،
    کاڌو ڳيريءَ ٽاهه هوا ۾.

    ڀونئرا ٿي بيچين پون ٿا،
    وار نه پنهنجا ٺاهه هوا ۾.

    منهنجي گهر ۾ ايندي رهندي،
    “صابر” جو ويساهه هوا ۾.


    هاڻي رهنداسين ريگزارن ۾

    هاڻي رهنداسين ريگزارن ۾،
    دل لڳي ئي نه ٿي بهارن ۾.

    درد ۾ جو مزو مليو آهي،
    اهڙو ڪاٿي هيو قرارن ۾.

    بخملي پير تون ڀري ايندين،
    دل وڇايان ٿو تنهنجي چارن ۾.

    نيڻ هر هر کڻي پيو گهوري،
    ڇا ته جادو هيس نهارن ۾.

    هوش مان ٿو ڪڍي ڇڏي “صابر”،
    ٿو رهان روز مان خمارن ۾.


    وايون، گيت

    ڪونهي ڪا آسيس، رڻ ٿي جهاڳي زندگي.

    ڪونهي ڪا آسيس،
    رڻ ٿي جهاڳي زندگي.

    عشق سان ڪهڙو آ حساب،
    عشق اڳيان ڇا سيس،
    رڻ ٿي جهاڳي زندگي.

    ساري جڳ ۾ تون حسين،
    تنهنجو ڪو به نه جيس،
    رڻ ٿي جهاڳي زندگي.

    “صابر” ڪنهن تي ڪين ٿئي،
    ڪربل وارو ڪيس،
    رڻ ٿي جهاڳي زندگي.


    هر پل تنهنجي سڪ، منهنجي آهي ساهه کي.

    هر پل تنهنجي سڪ،
    منهنجي آهي ساهه کي.

    ٻين کان پردو ٿم پرين،
    توکان ڪانهي لڪ،
    توکي ڀي شل ٿي پوي،
    جيڪر منهنجي ڇڪ،
    سهڻا، ساجن، سانورا،
    رات اچي ڪا ٽڪ،
    آءُ پيارج، پيار جي،
    “صابر” ٻيهر پِڪ.

    هر پل تنهنجي سڪ،
    منهنجي آهي ساهه کي.


    هڪڙو ڀي ارمان، دل جو پورو ڪونه ٿيو.

    هڪڙو ڀي ارمان،
    دل جو پورو ڪونه ٿيو.


    پرزا پرزا ٿي ويو،
    خوابن جو گلدان،
    سک جا وڻ ئي ويو پٽي،
    دردن جو طوفان،
    ڪير وساريندو ڀلا،
    عشق سندا احسان،
    ڪنهن نه وڌا ڪٿ جهول ۾،
    پيار پريت جا دان،
    ڪنهن تي هر دم ٿو رهين،
    “صابر” هئين مستان.

    هڪڙو ڀي ارمان،
    دل جو پورو ڪونه ٿيو.


    اکين ڪيڏا، آر، تو نه سڃاتا ڇو الئي.

    اکين ڪيڏا، آر،
    تو نه سڃاتا ڇو الئي.


    نچڻا، ڪڏڻا، مهڪڻا،
    جوڀن جا اظهار،
    تو نه سڃاتا ڇو الئي.

    هن تي سوچان ٿي رڳو،
    اجرا سڀ سينگار،
    تو نه سڃاتا ڇو الئي.

    ماکيءَ جهڙا ها مٺا،
    منهنجا توئي پيار،
    تو نه سڃاتا ڇو الئي.

    ساري جڳ سان مون ڪيا،
    “صابر” پئي تڪرار،
    تو نه سڃاتا ڇو الئي.


    اوندهه جا لتاڙي گهيڙ! پرڀات کي پڄڻو آ.

    اوندهه جا لتاڙي گهيڙ!
    پرڀات کي پڄڻو آ.

    تاريخ چميون ڏيندئي،
    جي وڙهندين حصي جي ويڙهه!
    وارث به انهيءَجو سو،
    جنهن کيڙي عمر ڀر کيڙ!
    ڌرتي ٿي وڃئي کسبي،
    پر تنهنجي اها ڏند ٽيڙ!
    هن قوم جا سڀ ليڊر،
    “صابر” ليڙ جو ليڙ!

    اوندهه جا لتاڙي گهيڙ!
    پرڀات کي پڄڻو آ.


    ڪيڏي هير هڳاءُ، پوءِ ڀي منڙو هيڪلو.

    ڪيڏي هير هڳاءُ،
    پوءِ ڀي منڙو هيڪلو.


    آيل! منهنجي ميت کي،
    ڪونهي ڇو ڪهڪاءُ،
    کيرن جهڙي سنڌ سان،
    سڀ جو ڇو انياءُ،
    آءُ ته توتان واريان،
    جوڀن جا سڀ ساءُ،
    “صابر” ساڙي عشق جو،
    لونءَ لونءَ کي ٿو تاءُ،

    ڪيڏي هير هڳاءُ،
    پوءِ ڀي منڙو هيڪلو.


    ساڳي آهه اڪير، ساجن تولئه ساهه کي.

    ساڳي آهه اڪير،
    ساجن تولئه ساهه کي.


    سرهو سرهو لوڪ پر،
    آنءُ رڳو دلگير،
    ساٿ نه جنهن جو ديس سان،
    سو ئي آ خنزير،
    تن ئي منهنجو سمنڊ آ،
    تون ساحل تون وير،
    مرڪ ته “صابر” ٿي پوي،
    جيون کنڊون کير،


    ساڳي آهه اُڪير،
    ساجن تولئه ساهه کي.


    نيٺ ته ٿيندو داد، پورهيت ۽ مزدور جو.

    نيٺ ته ٿيندو داد،
    پورهيت ۽ مزدور جو.


    رت ست ڏئي ٿو رکي،
    پورو عالم شاد،
    ماڻي وٺبو آجپو،
    وڄندا چو ڏس ناد،
    پنهنجي پنهنجي ديس لئه،
    آهن هي فولاد،
    اول آخر باخدا،
    پورهيت زنده باد،

    نيٺ ته ٿيندو داد،
    پورهيت ۽ مزدور جو.


    هيڏا لاڳاپا، هڪ ئي ڌڪ ۾ ٽوڙيئي.

    هيڏا لاڳاپا،
    هڪ ئي ڌڪ ۾ ٽوڙيئي.

    توکي هٿ ڇا آئيو،
    منهنجارانديڪا،
    هڪ ئي ڌڪ ۾ ٽوڙيئي.

    ڪنهن جي چئي تي اوپرين!
    هي رشتا گهاٽا،
    هڪ ئي ڌڪ ۾ ٽوڙيئي.

    سانڍيا ها جي ساهه ۾،
    ڏس ڪيڏا سپنا،
    هڪ ئي ڌڪ ۾ ٽوڙيئي.

    “صابر” منهنجي پيار جا،
    ڇو ڪچڙا گلڙا،
    هڪ ئي ڌڪ ۾ ٽوڙيئي


    منهنجو حد حساب، ڄاڻي ڪنهن به نه ڄاتو.

    منهنجو حد حساب،
    ڄاڻي ڪنهن به نه ڄاتو.

    پنڇيءَ جهڙو پاڪ هو،
    اکڙين منجهه خواب،
    ڄاڻي ڪنهن به نه ڄاتو.

    سڙي سارو لوڪ ٿو،
    ڪنهن جو هان احباب،
    ڄاڻي ڪنهن به نه ڄاتو.

    ڪيئن اڄ پورو ٿي ويو،
    ويچاري جو باب،
    ڄاڻي ڪنهن به نه ڄاتو.

    “صابر” جيون سوال هو،
    ۽ جيون پاڻ جواب،
    ڄاڻي ڪنهن به نه ڄاتو.


    ڇا پرايو ڇا وڃايو، زندگيءَ سان ڇا حساب.

    ڇا پرايو ڇا وڃايو،
    زندگيءَ سان ڇا حساب.

    دلربائن جي طرف کان،
    جو مليو مون سيني لايو،
    زندگيءَ سان ڇا حساب.

    جنهن ۾ ڪو سنگيت ڪونهي،
    تنهن کي ڏئي سر تار ڳايو،
    زندگيءَ سان ڇا حساب.

    درد جو آ دار تي پئي،
    جنهن هميشه آزمايو،
    زندگيءَ سان ڇا حساب.

    روز رابيلن سان “صابر”،
    مون به هن کي پئي سجايو،
    زندگيءَ سان ڇا حساب.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566320
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215655
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ