ڪتاب جو نالو: سنڌ جو سياسي ۽ سماجي شعور
مصنف: شهبان سهتو
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 11 جولائي 2017 ع
پڙهيو ويو: 1494 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 259 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
شهبان سهتو سنڌ جو سڄاڻ ليکڪ آهي. سندس لکڻين جو محور ۽ مرڪز ”سنڌ“ آهي. سنڌ جا سماجي، سياسي، تعليمي ۽ ثقافتي مسئلا هُجن يا وري سنڌ جي شاندار تهذيب ۽ تاريخ جا رنگ، اِهي سڀ موضوع شهبان سهتي جي قلم هيٺ اچي تاريخ جو حصو بڻجن ٿا. شهبان سهتو هڪ شعور وند ليکڪ آهي، ڌرتي ۽ ديسَ جي مڙني معاملن سان سندس ڪمٽمينٽ، سندس لکڻين مان جھلڪا ڏيندي رهي ٿي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • مُهاڳ : سماجي تبديلي لاءِ سياسي شعور ۽ عمل گهرجي
  • پنهنجي پاران
  • مضمون

  • ڇا سنڌ کي صوفي نظريي جي ضرورت آهي؟
  • سنڌڙي تنهنجوناءُ ورتم!
  • سماجي ٽوڙ ڦوڙ
  • عورت جي سماجي پسماندگيءَ جو ذميوار مرداڻو سماج آهي
  • سنڌ جو قومي شعور
  • سنڌي سماج تي موقعي پرستن جو راڄ !
  • قومپرست نظريي جي تاريخ
  • سنڌي نوجوان طبقو ۽ ان جون سماجي ذميواريون
  • عالمي سرمائيدار، ترقي پسند قوتون ۽ پاڪستان
  • پاڪستان تي جاگرافيائي سياست جا اثر ۽ سنڌ جون سياسي حالتون
  • دنيا جون تبديل ٿيندڙ حالتون: سنڌ کي درپيش سماجي ۽ معاشي مسئلا
  • سنڌين جو سياسي شعور
  • سنڌ دوستيءَ جا نام نهاد معيار
  • سنڌي نوجوانن جي سياسي جدوجهد ۽ تاريخ
  • سنڌي موسيقي جي ترقي جو سوال
  • ڀٽائي ۽ مارڪس: انساني تاريخ جا ڏاها
  • سنڌ جي بمبئي کان علحدگيءَ جي سياسي جدوجهد
  • سول سوسائٽيءَ جو تصور ۽ ان جو تاريخي پسمنظر
  • سول سوسائٽي ۽ پاڪستان رياست
  • سنڌي سماج ۽ ڪمزور سول سوسائٽي
  • سنڌ ڪارڊ سياست ۽ سنڌ
  • قبائلي دور کان قومپرست نظرئي تائين
  • سنڌ جي ڪاموراشاهي ۽ ان جو سماجي ترقيءَ ۾ ڪردار
  • سنڌ جي تعليم ۽ سنڌي سماج
  • انقلابي ڇلانگ
  • ٿر ۾ آيل آفتن جي پٺيان سازشون
  • انساني شعور جي ترقي ۽ سماجي تبديلي
  • سرد جنگ جي خاتمي کانپوءِ
  • عالمي معيشت جو عروج ۽ زوال
  • ٽالپر دور، انگريز سامراج ۽ سنڌ
  • سنڌ جي سياست، سياسي جماعتون ۽ انهن جو ڪردار
  • آخري پنو

  • حق ۽ واسطا

    POPAT BOOK NO: 94

    سنڌ جو سياسي ۽ سماجي شعور
    (مضمونَ)

    ليکڪُ: شهبان سهتو
    ڇاپو پهريون: 2016ع
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
    لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڪمپوزنگ: عرفان ڀٽو
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ــ سنڌ.
    ملهه: 350/- روپيه



    SINDH JO SYASI AIN SMAAJI SHAOOR
    (Essays)

    By: Shahban Sahito

    First Edition: 2016
    Quantity: 1000 Copies
    Title Design: Saeed Mangi
    Lay ‘out: Asif Nizamani
    Composing: Irfan Bhutto
    Printed by Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
    Published by Popat Publishing House, Khairpur – Sindh.
    Price: Rs. 350/-


    ارپنا

    پنهنجي پياري
    امان ۽ بابا
    جي نانءِ

    ـــــ شهبان سهتو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌ جو سياسي ۽ سماجي شعور“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ليکڪ ۽ صحافي شهبان سهتو صاحب جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي.
    شهبان سهتو سنڌ جو سڄاڻ ليکڪ آهي. سندس لکڻين جو محور ۽ مرڪز ”سنڌ“ آهي. سنڌ جا سماجي، سياسي، تعليمي ۽ ثقافتي مسئلا هُجن يا وري سنڌ جي شاندار تهذيب ۽ تاريخ جا رنگ، اِهي سڀ موضوع شهبان سهتي جي قلم هيٺ اچي تاريخ جو حصو بڻجن ٿا. شهبان سهتو هڪ شعور وند ليکڪ آهي، ڌرتي ۽ ديسَ جي مڙني معاملن سان سندس ڪمٽمينٽ، سندس لکڻين مان جھلڪا ڏيندي رهي ٿي.
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون پياري مصطفا بوزدار جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي. مهربانيون مانواري شهبان سهتي جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    شهبان سهتو سنڌ جو سڄاڻ ليکڪ آهي. سندس لکڻين جو محور ۽ مرڪز ”سنڌ“ آهي. سنڌ جا سماجي، سياسي، تعليمي ۽ ثقافتي مسئلا هُجن يا وري سنڌ جي شاندار تهذيب ۽ تاريخ جا رنگ، اِهي سڀ موضوع شهبان سهتي جي قلم هيٺ اچي تاريخ جو حصو بڻجن ٿا. شهبان سهتو هڪ شعور وند ليکڪ آهي، ڌرتي ۽ ديسَ جي مڙني معاملن سان سندس ڪمٽمينٽ، سندس لکڻين مان جھلڪا ڏيندي رهي ٿي ساڳئي ئي وقت عالمي سطح تي ٿيندڙ تبديلين ۽ وارتائُن تي به سندس گهري نِگاهه رهي ٿي. هن ڪتاب ۾ موجود مڙئي مضمونَ تحقيقي، تجزياتي ۽ اڀياسي نوعيت جا پڻ آهن، جيڪي يقيناً پڙهندڙن جي لاءِ لاڀائتا ثابت ٿيندا.
    ادارو ”پوپٽ“ معياري ڪتابن جي ڇپائيءَ جي عملَ ۾ رڌل آهي ۽ اِهو سفر ائين ئي سرگرميءَ سان جاري رهندو.


    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور


    مُهاڳ : سماجي تبديلي لاءِ سياسي شعور ۽ عمل گهرجي

    منهنجي راءِ مطابق جيستائين ليکڪ ۽ لکڻ جي عمل جو تعلق آهي ته ان جو مقصد قطعي طور تي سماجي ۽ سياسي شعور جي ڳانڍاپي سان آهي. جيڪڏهن ڪنهن به لکاريءَ ۽ لکڻيءَ جو تعلق سماج ۽ ان سان لاڳاپيل مسئلن ۽ وارتائُن بابت شعوري ۽ تنقيدي جاڳرتا ۽ عمل سان ناهي ته اهو سارو خفو پاڻيءَ ۾ لٺيون هڻن برابر آهي. خاص ڪري اسان جهڙن سماجي، معاشي ۽ سياسي طور ڏتڙيل سماجن ۾ ته هوند اڃا به وڌيڪَ ان ڳالهه جي اهميت آهي ته اسان جا ليکڪ، اديب، استاد ۽ شاگرد پنهنجي سماج ڏانهن سنجيدگيءَ ۽ ذميداريءَ جو مظاهرو ڪندي پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ليکڪن ۽ لکڻين جي ڀرمار آهي. اخبارن ۾ ڪالم ۽ آرٽيڪل ڪتاب، ترجما، شاعريون ڇپجڻ جي ڪا کوٽ ناهي. روز ڪا نه ڪا ڪتاب مهورت ۽ ادبي ويهڪ ۽ شاعر سان شام ملهائڻ واري داخلي ڪيفيتن ۽ احساسن تي ٻڌل پاڻ ساراهڻ واري ڪلچر سنڌي ثقافت جو ڄڻ ته روز جو لقاءُ آهي. اهڙي ماحول ۽ لقاءُ ۾ وري اهو چوڻ ته سنڌي سماجي ۽ سياسي طور وڏي باشعور آهي. هتي تمام گهڻو سَرجيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو، نوجوان لکڻ ۽ پرهڻ سان ڳنڍيل آهن وغيره وغيره.
    اهم ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ لکجندڙ ۽ پڙهجندڙ مواد جي معيار جي پرک ڪهڙي آهي. ڇا واقعي به اسان وٽ لکيو ويندڙ مواد سماجي ۽ سياسي ڪارج رکي ٿو. ۽ ليکڪن پاران سرجندڙ ليک ۽ لکڻيون سماجي ۽ سياسي تبديليءَ واري مقصد تي آڌاريل آهن ۽ انهن لکڻين ۾ ڪي آٺوس، تُز ۽ تنقيدي ريايا، تشريحون ۽ تجزيو به آهن يا نه، منهنجي خيال ۾، ڪنهن به معياري ليکڪ ۽ لکڻي جي پرک ان معيار تي ڪري سگهجي ٿي ته ان ۾ تنقيدي راءِ، تشريح ۽ تجزيو ڪيترو ۽ ڪهڙي نوعيت جو آهي، ليکڪ جي تجزيي ۽ تنقيدي راءِ پٺيان ڪهڙي شعوري، علمي وابستگي آهي، يعني ليکڪ پنهنجي لکڻيءَ ۾ جيڪي ڄاڻ پيش (Knowledge Prodia) ڪري رهيو آهي ان جو شعوري ۽ تنقيدي حوالي سان سماج ۽ سماجي مسئلن سان ڪيترو تعلق آهي. ڇا اها ڄاڻ سماج جي روز مرهه جي وارتائُن ۽ م سئلن ڏانهن تنقيدي نشاندهي به ڪري ٿي. سکڻو لکڻ جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ لکيل آهي. مان جڏهن ڄاڻ، علم ۽ تعليم جي تنقيدي، تجزياتي شعوري پاسن جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. ته ان جو قطعي طور مقصداهو آهي ته ڄاڻ ۽ علم جو سماجي شعور ۽ جاڳرتا سان تعلق نه هجڻ ان کي فضول ۽ بي معنيٰ ۽ رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اُڇلڻ برابر آهي. مان هيءَ ڳالهه ان ڪري به زور ڏئي ڪري رهيو آهيان جو سيمانده سماجن ۽ رياستن ۾ علم ۽ ڄاڻ جو مقصد ۽ تعلق سماج ۾ تبديلي جي عمل کي تيز ڪرڻ کان قطعي طور وانجھيل رهيو آهي ۽ خاص ڪري اسان جي ملڪ ۽ معاشري ۾ جتي اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا ته ڄاڻ ۽ علم جي تنقيدي پاسي ۽ ان کي سماجي تبديليءَ لاءِ هٿيار بنائڻ واري عمل کان بلڪل ڪٽيل ۽ لا تعلق بڻيل آهن. ڄاڻ، علم ۽ تعليم جي سماجي تبديلي واري عمل کان لا تعلقي واري سبب جي ڪري، اسان وٽ جيڪا سرمائيداراڻي، جاگيرداراڻي، شخصيت پرستي، ۽ ڪامورڪي ڪلچر جي اثرن هيٺ سماج جي ڀينگ ٿيل آهي ان جي خلاف ڪو به ڀرپور سماج شعوري، رد عمل ۽ تحريڪ نٿي اُڀري. ڄاڻ طاقت آهي (Knowledge is Power) هڪ مشهور ۽ نالي چڙهيو مفروضاتي جملو آهي. اسان عام طور ان خيال ۽ مفروضي جي آڌار تي علم ۽ تعليم جي وضاحت ۽ تشريح ڪندا آهيون. پر جي گهرائي سان جانچبو ته پتو پوندو ته ڄاڻ ته هڪ مخصوص استحصالي ڦورو ٽولي ۽ طبقي لاءِ پاور آهي. عام ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي زندگيءَ ۾ ته ان خيال ڪو ٻوٽو ناهي ٻاريو خاص ڪري، جڏهن اسان پنهنجي سماج کي ڏسون ٿا جتي وڏي حد تائين سماجي، معاشي اڻبرابري آهي، سماجي انصاف، قانون ۽ ادارن جي بهتر ڪارڪردگي ۽ عام ماڻهن جي ڀلائي ۽ بهتري ۾ سندن ڪردار ته ٻڙي آهي. بس هڪـڙو مخصوص موقعي پرست، ڦورو سياسي ۽ ڪامورڪو ڪلاس آهي جنهن وٽ طاقت به آهي ته ان طاقت جي آڌار تي ڦر لٽ جا سڀ جائز ۽ نا جائز طريقا به آهن. ان حوالي سان منهنجي راءِ اها آهي ته ان جو وڏو ۽ اهم سبب ڄاڻ، علم، تعليم جو سماجي تبديلي واري عمل کان لا تعلقي وارو رويو ۽ نظام آهي. ۽ اکيون ٻوٽي ”ڄاڻ ۽ علم طاقت آهي“وارو خيال اسان جهڙن سماجن ۾ هڪ مفروضاتي تصور کان وڌيڪَ حيثيت ۽ معنيٰ نٿو رکي. مان اها ڳالهه وري به ورجائڻ ٿو چاهيان ته علم، تعليم ۽ ڄاڻ جو تعلق سماجي، معاشي انصاف، ترقي، سياسي شعور، آزادي ۽ خودمختياري سان لاڳاپيل آهي جيڪڏهن سماجي انصاف، سماجي تبديلي ۽ ترقي سان جڙيل اهڙو ڄاڻ ۽ علم جو تصور ۽ عمل جيڪو سماج ۾ موجود طبقاتي، نسلي، صنفي، گروهي ۽ مذهبي اڻبرابري کي ختم ڪري برابري، انساني آزادي ۽ خوشحاليءَ کي هتي ڏي. تعليم سان سلهاڙيل سماجي انصاف جي تصور بابت برازيل جي تمام وڏي پايي جي تعليمي ڏاهي پالو فراري جو ڪتاب ”علم مظلومن لاءِ“ ان حوالي سان تمام اهم ڪم ليکيو وڃي ٿو، جنهن ۾ علم ۽ تدريسي عمل کي هن آزادي ڏياريندڙ عمل (Practice of Freedom) سان مشروط ڪيو آهي. پالو فراري مطابق تعليم يا علم اهو آهي جيڪو فردن اندر تنقيدي شعور کي بيدار ڪري ۽ فرد ان تنقيدي شعور کي استعمال ڪندي سماجي تبديلي ۽ انصاف جي راهه هموار ڪبو. ان سڄي تنقيدي ڄاڻ ۽ علم واري ڊسڪورس جي روشنيءَ ۾ جڏهن اسان پنهنجي سماج تي نظر وجھون ٿا ته ائين لڳي ٿو ته اسان جا ادارا، اسڪول، يونيورسٽيون ۽ تعليمي نظام ان سموري تصور اکن عملي طور بلڪل پري بيٺل آهي ۽ نتيجي ۾ سماجي تبديلي جو عمل اُتي جو اُتي بيٺل ۽ جمود جو شڪار آهي“. ان ڪري اسان جيستائين پنهنجي ڄاڻ وسيلي عام ماڻهن جي تنقيدي صلاحيتن ۽ عمل کي تيز نه ٿا ڪيون تبديلي ۽ آزادي جو عمل اڻپورو ئي رهندو. خاص ڪري سنڌي سماج ۾ وڌندڙ سماجي ۽ معاشي انڌوڪار ۽ استحصال جي پيش نظر ته ان قسم جي شعوري ڪوشش جي وڌيڪَ ضرورت آهي.
    اهڙي ئي سماجي، سياسي شعوري ڪوشش جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ اسان جا ڪيترائي دوست پنهنجي قلم ذريعي سنڌي سماج ۾ حد درجي تائين وڌندڙ سماجي ۽ معاشي بي چيني ۽ نا انصافين خلاف لکي ۽ وڙهي رهيا آهن ۽ مان سمجھان ٿو ته سنڌ جي نوجوانن ۾ وقت ۽ هالتن جي ڦيري جي نتيجي ۾ اُٿل ۽ بي يقيني واري صورتحال آهي. سنڌ جو نوجوان. سنڌ جي ڦورو حڪمران ۽ ڪامورڪي ٽولي طرفان تباهي ۽ برباديءَ کان اڻ واقف ۽ ڪن لاٽار ڪيو ناهي ويٺو.
    سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انٽرنيشنل رليشنز شعبي جي استاد ۽ سماجي، سياسي طور باشعور نوجوان دوست شهبان سهتو جو هي تازو ڪتاب ”سنڌ جو سياسي سماجي شعور“ جيڪو گهڻ پاسائين تنقيدي راءِ عام تي ٻڌل مضمونن تي مشتمل آهي. پڻ ان ساڳي شعوري جاڳرتا جو نتيجو آهي جنهن ۾ سندس پاران ڪيل تُز تنقيدي ۽ تجزياتي رايا سنڌي سماج جي اهم مسئلن جي نه صرف نشاندهي ڪن ٿا پر شهبان مؤثر انداز سان انهن مضمون ۾ زير بهث آندل ڪيترن ئي مسئلن جي حل بابت پڻ پنهنجي راءِ پيش ڪئي آهي. شهبان سان ساڳي سنڌ يونيورسٽي ۾ هڪ دوست ۽ پٽي ڀائي جي تعلق طور تمام گهڻن سماجي، سياسي موضوعن ۽ مسئلن تي خيال ونڊيندا رهيا آهيون ۽ مون کي شعبان جي گهڻ رُخي تنقيدي ۽ مختلف انداز سان مسئلن جي تجزيي واري صلاحيت هميشه هن سان ڳنڍي رکيو آهي. سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جي سياست کان ويندي عمران خان جي پي ٽي آءِ ۾ نوجوان قيادت کان ويندي پيپلز پارٽيءَ ۾ رحمان ملڪ ۽ رياض ملڪ ۽ پيپلز پارٽيءَ جي زمينن تي قبضه گيري جو جيڪو وڏو راز فاش ٿيو آهي اِها ڳالهه هڪ سال پهين شهبان ڪچهريءَ دوران سنڌ ۾ زرداري ۽ ملڪ رياض جي سنڌ ۾ سرمائيداري سيڙپڪاريءَ جي حوالي سان پنهنجي راءِ ذريعي شيئر ڪئي هئي.
    هن ڪتاب ۾ شهبان تقريباً 31 کن گهڻ رخي موضوعن تي سماجي، ثقافتي، معاشي ۽ سياسي تجرباتي رايا پيش ڪيا آهن جنهن ۾ سنڌي سماج جي مسئلن، سماجي ٽوڙ ڦوڙ، عورتن جي پسماندگي وارو سوال، سنڌي نوجوان جون ذميواريون، سياسي جدوجهد، سنڌ ۾ موقعي پرستي ۽ استحصالي ٽولن جي فرمار عالمي طور تبديل ٿيندڙ حالتون ۽ سنڌ جا سماجي معاشي مسئلا، سول سوسائٽي ، پاڪستاني رياست، سنڌي سماج ۽ سول سوسائٽي سنڌ ۾ ڪامورا شاهي ۽ ان جو سماجي، ترقيءَ ۾ ڪردار، سنڌ جي سياسي تاريخ ۽ سنڌ جي سياست ۾ سياسي جماعتن جو ڪردار وغيره جهڙن اهم پهلوئن ۽ مسئلن تي بحث ڪيو آهي. ڪتاب ۾ شامل ڪل مضمونن جي موضوعن مان اڪثريت سنڌ جي سماجي ۽ سياسي مسئلن بابت تجزيي تي ٻڌل آهي. جنهن مان ليکڪ جي پنهنجي ماڻهن، ڌرتيءَ، روز مرهه جي عام مسئلن ڏانهن سندس سنجيدگي ۽ وابستگيءَ جي چِٽي نشاندهي ڪري ٿو. جنهن مان پنهنجي شروع وارن نقطن ۾ واضح ڪري آيو آهيان ته ليکڪ يا لکڻي جو تعلق جيڪڏهن پنهنجي سماج ۽ ان جي مسئلن سان آهي ته اِها هِڪَ سنجيده روش آهي جو هڪ ليکڪ پنهنجي سماج سان پنهنجي لکڻين ذّريعي تعلق ۽ وابستگي جو اظهار ڪندي سماج ۾ موجود اوڻاين تي پنهنجي تنقيدي شعوري سگهه جو پڙاڏو ڪري رهيو آهي. هڪ پسمانده ۽ تباهه ٿيل سماج ۾ هڪ ليکڪ کان ان قسم جي سنجيده رويي جي توقع هڪ وڏي اُميد ۽ اُتساهه پيدا ڪندڙ ثابت ٿئي ٿي.
    شهبان پنهنجي مضمونن ۾ جنهن سنجيدگي ۽ تُزُ شعوري تعقيدي سگههس ان تجزيو ۽ راءِ پيش ڪئي آهي ان حوالي سان مان هتي ڪجهه مضمونن تي پنهنجو جائزو پڙهندڙن آڏو پيش ٿو ڪيان. جائزو پيش ڪرڻ کان پهرين ايترو ضرور چوندس ته هي ڪتاب نئون لڳي پر ڪتاب ۾ شامل موضوعن ۾، جن تي اڳ۾ سنڌ ۾ ڪافي دوستن لکيو آهي ۽ لکن پيا، شهبان جيڪو تجزيو ۽ راءِ عام پيش ڪئي آهي ان جا گهڻا پاسا ۽ نقطا نوان ۽ شعوري سگهه سان ڀرپور آهن. ۽ ڪجهه پاسن ۽ پهلوئن ته بلڪل نئين سر تجزيو پيش ڪيو ويو جن کي سمجھڻ سان سنڌي سماج ۾ موجود سماجي معاشي وارتائُن کي نئين رُخ سان ڏسي، پرکي ۽ اڳتي وڌي سگهجي ٿو.
    مثال طور ڪتاب ۾ شامل پهريون مضمون سنڌ ۾ صوفي ازم يا صوفي نظرين جي باري ۾ آهي. اسان وٽ سنڌي سماج ۾ عام طور صوفي ازم بابت اکيون پوريل عام راءِ مفروضو اِهو آهي ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، سنڌي صوفي آهن، صوفين سنڌ کي بچائي رکيو آهي، يا سنڌ جي مسئلن جو حل صوفي ازم ۾ آهي وغيره وغيره. اهڙن عام بڻجي ويل مفروضن ۽ خيالن بابت ڪڏهن ڪڏهن اسان شعوري ۽ لاشعوري طور پنهنجي نقطه نظر ۽ نظرياتي سوچ کي غير تنقيدي بآڻائي ڇڏيندا آهيون. ۽ اهڙا کوڙ سارا خيال سماجي خيال ۽ تصور اسان جي سوچ ۽ عقل جو (World View)جو غير تنقيدي طور حصو بڻجي ويندا آهن. ۽ اسان انهن تصورن کي بغير ڪنهن تنقيدي نقطه نظر ۽ انداز بيان سان قبول ڪري چڪا هوندا آهيون. جڏهن ته سماجي نمائش جي عملن مطابق سماج ۾ موجود خيال، تصور، سوچون، نظريا، عقيدا، ڄاڻ سڀ جو سڀ ڪنهن نه ڪنهن سماجي، سياسي، معاشي طاقت واري جوڙجڪ جو حصو ۽ لقاءُ هوندا آهن. ٻيو ته ڪنهن به ثقافتي سماجي ڍانچي ۽ نظام اندر سماجي خيال ۽ نظريا هميشه هڪ هڪ جهڙا ناهن رهندا، بلڪه اُهي بدلجندڙ حالتن جي آڌار تي تبديل ٿيندا آهن، انهن جي استعمال ۾ تبديلي ايندي آهي، ۽ انهن خيالن، نظرين ۽ عقيدن کي طاقت (Power) واري عنصر کان الڳ ڪري به نٿو پرکي سگهجي. ضروري ناهي ته هڪڙا خيال، تصور، نظريا ۽ عقيدا هڪڙي رزماني ۾ جنهن معنيٰ ۽ مفهوم سان استعمال ٿيندا هئا، اُهي ان روح سان ته سماجي سائنس اندر ڪنهن به سماجي خيال، حقيقت ۽ لقاءَ بابت هڪ طرفي راءِ يا تجزيو نٿو ڪري سگهجي پر ان بابت مختلف رايا ۽ تشريحون (Interpretations) ٿي سگهي ٿيون.
    شهبان هن مضمون ”ڇا سنڌ کي صوفي نظريي جي ضرورت آهي“ هڪ سماجي سائنس جي شاگرد ۽ استاد وارو تجزيو پيش ڪيو آهي. يعني جهڙي اسان وٽ عام خلق جو تصور صوفي ازم بابت اهو آهي ته سنڌي سماج جو سڀ ڪجهه صوفي ازم بابت اهو آهي ته سنڌي سماج جو سڀ ڪجهه صوفي ازم ۾ آهي. يا سنڌي سماج صوفي سماج آهي، ان غير تنقيدي سماجي راءِ عام ۽ نقطه نظر کي شهبان رد ۽ چئلينج ڪيو آهي، خاص ڪري سنڌ جي موجوده سماجي سياسي حالتن تي روشني ۾ صوفي ازم جي خيال ۽ نظريي جي ڪهڙي ضرورت آهي جهڙي بنيادي سوالن تي شهبان انتهائي تنقيدي تجرباتي راءِ پيش ڪئي آهي جنهن کي نه صرف سمجھڻ جي ضرورت آهي پر سنڌ جي دانشور ۽ سياسي سوچ سمجهه رکندڙ لڏي کي ان سوال بابت سنجيدگي سان غور ڪري سنڌي سماج اندر تبديلي واري سوال سان ڳنڍڻ گهرجي سنڌ جي موجوده سياسي حالتن ۾ خاص ڪري ان صوفي ازم بابت اهو ڊسڪورس ٿيڻ گهرجي ته سنڌ کي ڇو ۽ ڪهڙي قسم جو صوفي ازم وارو برانڊ ۽ فارمولو گهرجي ڇو ته صوفي ازم خود هڪ نقلي وضاحت تي ٻڌل خيال، نظريو يا پرريڪٽس انهي ۽ ٻيو ته صوفي ازم جو جيڪو موجوده سنڌ ۾ ايڪٽورم ۽ پرچار ٿي رهي آهي جنهن جي نشاندهي شهبان پنهنجي هن مضمون ۾ ڪئي آهي. اها پرچار ۽ شهبان جي نشاندهي مطابق اين جي اوز، مغربي ملڪن جي ادارن جي فنڊنگ ۽ صوفي راڳ رنگ جي محفلن جي شڪل ۾ ٿي رهيو آهي. ان کي ڏسڻ ۽ پرکڻ جي ضرورت آهي. ڇا صوفي ازم وارين محفلن ۽ ايڪٽوزم واري حڪمت عملي سان مذهبي انتهاپسندن کي ختم ڪري سگهجي ٿو. يا ڪو ٻيو سياسي لاحئه عمل ۽ نظريي جي ضرورت آهي. شهبان جو خيال آهي ته: ”صوفي ازم کي انتها پسندي کي روڪڻ لاءِ استعمال ڪندي ٻڌايو وڃي ٿو. جڏهن ته سنڌ ۾ صوفي نظريي جي پرچار يا ان جي بحالي سان مذهبي رواداري ۽ سهپ واپس بحال ڪونه ٿيندي ڇو ته انتها پسند قوتون هن ملڪ ۾ هڪ سياسي نظريي طور پيدا ڪيو ويون آهن ۽ انهن مذهبي تنظيمن کي هڪڙي سياسي هٿيار طور استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي، اهڙي سياسي سازشن واري ماحول ۾ صوفي ازم واري پرچار ۽ عمل خام خيال ۾ رهڻ آهي“. شهبان جي راءِ آهي ته اهو هڪ قسم جو غير سنجيده رويو آهي سماجي ۽ سياسي مسئلن کي سنڌ ۾ حل ڪرڻ جو، اهڙي قسم جي ڪوششن سان سنڌ ۾ ڪا سماجي ۽ معاشي تبديلي ڪانه ٿيندي ۽ اهڙي طرح جي سياسي ۽ سماجي حڪمت عملين سان نه سنڌي سماج جو نقصان ٿيندو“.
    مان سمجان ٿو شهبان هن مضمون ۾ صوفي ازم بابت سنڌ ۾ ويجھڙائي وارن سالن ۾ اُڀريل ايڪٽوزم ۽ پرچار بابت جيڪا راءِ ڏني آهي ان کي مڪمل طور تي رد نٿو ڪري سگهجي پر مان ان راءِ جو آهيان ته شهبان طرفان اها راءِ سندس حد کان وڌيڪَ رد عمل واي نقطه نظر تي ٻڌل آهي. سنڌ ۾ ويجھڙائي وارن سالن ۾ صوفي ازم واري ايڪٽوزم کي جنهن طريقي سان ثقافتي ۽ آرٽ جي مورچي طور سنڌ جي نوجوانن جي شموليت سان ملهايو ويو آهي اهو خود هڪ مثبت عمل آهي. سنڌ جي نوجوانن جي وڏي اڪثريت صوفي ازم واري ڪلچرل ۽ آرٽ ايڪٽوزم ذّريعي مذهبي انتها پسندي ۽ بنياد پرستي خلاف جيڪو ڪائونٽر ڊسڪورس جوڙيو ۽ پيش ڪيو آهي ان کي مثبت پاسي طور ڏسڻ گهرجي. ها اِها الڳ ڳالهه آهي ته ان سان گڏ ٻين سنجيده سياسي موبلائيزيشن واريون عملي حڪمت عملين جي پڻ اهم ضرورت آهي. جڏهن اسان سماجي ۽ سياسي تبديلي جي ڳالهه ڪيون ٿا ته ان تبديلي لاءِ مختلف محاذ هجن ٿا جن تي رهي ڪري سنجيدگيءَ ۽ منظم طريقي سان تبديلي جي عمل کي گهڻن رخن ۽ حواصن کي تيز ڪري سگهجي ٿو. بهرحال شهبان هن مضمون ۾ سنڌ ۾ صوفي ازم واري پرچار بابت جيڪي خيال پيش ڪيا آهن نه اهو هڪ سست ۽ غير سائنسي نظريو آهي، سنڌ کي سماجي، معاشي ۽ سياسي مشڪلاتن جڳو حل صوفي ازم ۾ ناهي، خاص ڪري ان تي ٻاهرين فنڊنگ جهڙن سوالن تي جيڪا تنقيدي راءِ ڏني آهي اها سماجي سائنس واري نقطه نظر سان ڏسڻ ۽ سمجھڻ گهرجي.
    ”سنڌڙي تنهنجو نانءُ ورتم“ مضمون ۾ شهبان سنڌ جي قومي حقن جي تحفظ ۽ ان حوالي سان تاريخي طور تي سنڌ جي سياسي، سماجي قيادت واري سوال جو قومپرست تجزيو (Nationalist analysis) پيش ڪيو آهي هن مضمون مڪمل طور نه سنڌي سماج جي قومي حص جي تحفظ بابت سياسي، تجزيو آهي جنهن ۾ شهبان انتهائي تنقيدي رايا ڏنا آهن. جيتوآڻيڪ هن مضمون جو موضوع پڻ ڪو نئون ناهي پر جنهن طريقي سان سياسي تاريخي تجزيو پيش ڪيو ويو آهي اهو پڙهندڙ کي سماج ۽ سياسي تبديليءَ واري سوچ ۽ عمل سان جهڙوڪ ڳنڍي ٿو. مضمون جي شروعات ۾ ئي شهبان سياسي بيان (Hypothesis) بيان ڪري ٿو ته: ”سنڌ جون سياسي ۽ سماجي قيادتون تاريخي حوالي سان سنڌ جي قومي حقن جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن.“ سنڌي سماج جي ترقي نه ڪرڻ وارو سوال سياست ۽ سياسي قيادت سان ڳنڍڻ هڪ اهم نقطو آهي جنهن کي شهبان پنهنجي سياسي تجزيي واري نقطه نظر سان انتهائي سگهاري انداز سان پيش ڪيو آهي. عام طور تي اسان سياست واري اصطلاح کي منفي ۽ مبهم انداز سان سمجھندا آهيون پر هن مضمون ۾ پڙهندڙن لاءِ سياست جو سماج ۽ سماجي تبديليءَ جي عمل ۾ ڪيترو اهم ڪردار آهي سمجھڻ ۾ نهايت مددگار ثابت پيو ٿئي. خاص ڪري سماجي سائنسز جي شاگردن کي سماجي تبديلي ۽ ترقي کي سمجھڻ لاءِ سياست جي اصطلاح کي ضرور سمجھڻ گهرجي. جيڪو اڪثر ڪري اسان سمجھڻ ۽ ان کي ڳنڍڻ ۾ غير سنجيدگي ۽ نا سمجھي جو مظاهرو ڪندو آهيان. هي مضمون پڙهڻ کانپوءِ ان ڳالهه جي اهميت جو پتو لڳائي سگهجي ٿو ته سياست ۽ سياسي عمل ۾ تجزيي جو سماج جي ترقيءَ ۾ ڪيترو نه اهم حصو آهي. ڪنهن به سماج جي تبديليءَ ۽ ترقيءَ ۾ سياسي جماعتن. انهن جي قيادتن ۽ خاص ڪري انهن پارٽين ۽ قيادتن جو طبقاتي مفاد کان هٽي ڪري، پنهنجي عوام ۽ پورهيت طبقن سان گڏ بيهڻ ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرن ئي ترقي جو سبب بڻجي ٿو. شهبان هن مضمون ۾ واضح ڪيو آهي ته ورهاڱي کان اڳ کان وٺي هيل تائين سنڌ ۾ سياسي جماعتون جاگيردار طبقي جي قبضي هي رهيون آهن جن سنڌ جي عوام جي مفادن جو تحفظ ناهي ڪيو. يعني سياست جي جاگيردار طبقي جي قبضه گيري تحت سنڌ جي سماجي ترقي جو عمل جمودَ جو شڪار رهيو آهي. هن مضمون ۾ ڪجهه جايُن تي جذباتي قومپرستي وارا لاڙا ليکڪ طرفان ظاهر ٿيا آهن پر مضمون جو اصل موضوع ۽ خيال پختي سياسي تجزيي تي ٻڌل آهي نه سياسي قيادت سماج جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ”سماجي ٽوڙ ڦوڙ“ مضمون ۾ شهبان سماجي سڌارن تي ڳالهايو آهي ته ڪنهن به سماج اندر موجود مسئلن جو حل سماجي سڌارن (Social reforms) ۾ هوندو آهي. هي هڪ اهم ڳالهه آهي. جنهن جو هن مضمون ۾ تفصيل سان تجزيو ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ مضمون ڪافي هنڌن تي انتهائي خشڪ ۽ بي ربط آهي پر خيال ۽ تجزيي جي حوالي سان سنڌي سماج جي سماجياتي پهلوئن ۽ مسئلن جو تجزيو ڪيو ويو آهي خاص ڪري سنڌ جي سماج ۾ موجود منفي لاڙن (Trends) جي تفصيلي نشاندهي وارو تجزيو پڙهندڙ، خاص ڪري نوجوان شاگردن لاءِ، کي سماجي سڌارن ۽ تبديل ٿيندڙ حالتن سان هم آهنگ ٿيڻ جي نتيجي ۾ وٺندڙ شڪل بابت آگاهي ڏئي ٿو. هن مضمون ۾ جيڪا اهم تجزياتي راءِ ليکڪ پيش ڪئي آهي ته: ”سنڌي سماج ۾ ڀڃ ڊاهه جو لقاءُ ان ڪري ٿي رهيو آهي جو تمام وڏي عرصي کان سماجي تبديليءَ لاءِ ڪا منظم ڪوشش ئي نه ٿي آهي ۽ نه طويل عرصي کان ڪا سياسي تبديلي آئي آهي نه وري ڪي سماجي سڌارا“. اها راءِ انتهائي اهم آهي ته سماجي تبديليءَ جي عمل کي منظم شعوري سماجي سڌارن واري تحرڪ جي روشني ۾ ڏٺو وڃي. يعني جيڪڏهن سماج ۾ ڪا به شعوري طور منتظم سماجي تحريڪ نٿي هلائي وڃي ته سماج پسماندگيءَ جو شڪار ٿي وڃن ٿا. ۽ خاص ڪري جيڪڏهن اها سماجي تحريڪ سياست جو حصو نه آهي ته اڃا به سماج بيٺل پاڻي وانگر سينوارجي وڃن ٿا.
    عورتن جي سماجي پسماندگي بابت مضمون پڻ ڪتاب ۾ ليکڪ طرفان شامل ڪيو ويو آهي. جنهن مان ليکڪ جي سماجي، سياسي شعوري پختگيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڇو ته اسان جي سماجي، سياسي ڊسڪورس ۾ عورت جي آزادي ۽ خودمختياري وارو سوال جهڙوڪر ماٺو ۽ غير سياسي رهيو آهي. ۽ ظاهر آهي ته ان جو سبب به اسان جي مرداڻي سماج وارو جاگيرداڻو ڍانچو آهي. جتي عورت جو تشخص ”ذاتي ملڪيت ۽ مالڪاڻا حقوق“ وارا آهن. شهبان هن مضمون ۾ عورت جي پسماندگيءَ واري سوال سنڌي سماج جي معاشِ ۽ سياسي طور ڪمزور هجڻ واري نقطه نظر سان ڏٺو آهي، اها ڳالهه هڪ حد تائين صحيح آهي ته جيڪڏهن سماج معاشي طور سگهارو ۽ ترقي يافته آهي ته اتي صنفي برابري ڪجهه قدر بهتر ٿئي ٿي. شهبان جي خيال مطابق سنڌي سماج جي تاريخي سياسي ناڪامي ۽ سماجي سڌارا نه اچڻ ڪري، معاشي حالتون پوئتي پيل هجڻ ڪري، عورت جي سماجي حالتن ۾ بهتري، ناهي آئي. هن مضمون ۾ پڻ شهبان قومپرست سياسي تجزيي جي اثر هيٺ عورت جي سماجي حيثيت واري سوال کي گهڻو واضح ۽ چٽو ڪري پيش نه ڪيو آهي. مجموعي طور تي هڪو عورت جي آزادي واري سوال کي سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن جي بهتري ۾ ڏسي ٿو. ۽ اها راءِ پيش ڪري ٿو ته سنڌي مرد هر دؤر ۾ سنڌ جي سياسي حوالي سان حفاظت نه ڪري سگهيو آهي ۽ سياسي ناڪاميءَ جي ڪري عورت جي حيثيت آ۾ ڪا تبديلي نه آئي آهي. هيءُ هڪ مڪمل طور تي نئون رايو آهي جيڪو گهڻو ڪري ليکڪ پاران قومپرست سياسي تجزيي جي آڌار تي ڪيل آهي ۽ هڪ حوالي سان وڏي تاريخي جنرلائيزيشن آهي. اصل ۾ ٿيڻ ائين گهرجي ها ته موجوده سنڌي سماج جي حالتن ۾ عورت جي آزادي جو سوال ڪٿي بيٺل آهي ان جا ڪهڙا پاسا آهن ۽ ان ۾ ڪهـڙيون تبديليون ٿيون آهن. ڇو ته ويجھڙائي وارن سالن ۾ سنڌي سماج ۾ ٿوري تعداد ۾ ئي سهي پر هڪ مثبت عورت تحريڪ ۽ نمائندگي اُڀري آهي. باقي ليکڪ طرفان اها اهم ڳالهه آهي ته معاشي حالتون خراب هجڻ ۽ سماجي سڌارا نه اچڻ ڪري عورت جي حالت خراب آهي.
    ”سنڌ جو قومي شعور“ مضمون ۾ شهبان سنڌي سماج ۾ سماجي قدرن ۽ اخلاقيات جي تباهيءَ جي حوالي سان سنڌ ۾ فردي ۽ گروهي روين ۽ ذميدارين تي بحث ڪيو آهي. سنڌ ۾ جهڙي سماجي، معاشي، سياسي بربادي ٿي آهي ان جو ذميدار هو سڀني کي قرار ڏي ٿو ۽ بربادي ڪندڙن جو گڏجي مقابلو ڪرڻ گهرجي. شهبان پنهنجي سياسي جڙپي مطابق ان راءِ جو اظهار ڪيو آهي ته بجاءِ گڏيل مقامي ۽ رستي روڪ ڪرڻ جي ڪجهه نام نهاد ساڃاهه وند ان معاملي ۾ ٻٽي معيار جو شڪار آهن. يعين هڪ طرف اهي تباهي ڪندڙ ڌرين ۽ حڪمران ٽولن تي تنقيد ۽ واويلا پيا ڪن ٿا ٻي طرح اهي انهن ئي ڌرين ۽ ٽولن سان گڏ ويٺا آهن ۽ هڪ ٻئي جا دوست آهن جن ۾ اڪثريت ليکڪن ۽ صحافين جي آهي جيڪي حڪمران ٽولن کان پنهنجو حصو پتي پاڻ وٺن ٿا. مطلب ته شهبان سنڌ جي ان قسم جي ٻٽي معيار رکندڙ ليکڪن ۽ صحافين جي رويي ۽ روش ۽ شعور جي نشاندهي ڪئي آهي ته اهو عمل ڪيڏو نه هاڃيڪار آهي ۽ سندس سماج جي ترقي ۾ رڪاوٽ آهي ان ڪري ڪنهن به سماج ۾ جيڪڏهن ڪا سماجي اخلاقيات ۽ قدر ناهن ته تبديليءَ جو عمل ڪيئن اڳتي وڌي سگهندو. مان سمجھان ٿو هي هڪ تمام اهم ۽ سنجيده ڳالهه آهي ته فردن جي انفرادي ۽ اجتماعي سماجي اخلاقيات ۽ قدرتي سماجي تبديلي ۾ اهم محرڪ جو ڪردار ادا ڪن ٿا. ڏٺو اهو ويو آهي ته سنڌي سماج ۾ موقعي پرست مڊل ڪلاس طبقي جنهن ۾ دانشور، ليکڪ، استاد ۽ صحافي وغيره اچي وڃن ٿا پنهنجي مفادن خاطر سماجي اخلاقيات انهن وٽ ڪا اهميت نٿي رکي. اسان جي ادارن جي تباهي پڻ ان روش ۽ رويي جي ور چڙهيل آهي. اِهي موقعي پرست مڊل ڪلاس طبقا مفادن وارا فرد ۽ ٽولا هر ناجائز کي جائز ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هونه آهن ته کين ڪو حصو پتي ملي. شهبان انتهائي واضح انداز ۾ ان طبقي جي نشاندهي ڪئي آهي ته ”اِهي ماڻهو رڳو سنڌ دوستي جا ٺلها احوال ڪن ٿا. ۽ اهو هيٺين سطح جو قومي شعور آهي، انهن فردن ۽ سماجي گروهن جو مقابلو ڪرڻو پوندو جيڪي حقيقي طور سماج دشمن آهن، انهن ماڻهن جي سڃاڻپ ڪرڻ ڪو مشڪل ناهي. اِهي ماڻهو جيڪي ادارن تي قابض ٿيا ويٺا آهن ۽ ادارن ۾ ڪرپشن جي ڀرمار ڪيون ويٺا آهن. انهن گروهن کي هاڻي پڌرو ڪرڻ گهرجي جيڪي رڳو گروهي مفادن واسطي ادارن ۾ ويٺا آهن.“
    شهبان پاران ڪيل هن تنقيدي شعوري روشني ۾ منهنجي پنهنجي ذاتي تجربي ۽ مشاهدي جي آڌار تي سنڌي سماج بابت جيڪا راءِ آهي اها بنهه الڳ ناهي. منهنجي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٿيل ذاتي تجربي ۽ مشاهدي جي بنياد تي آئون اها ڳالهه پڪ سان چوان ٿو ته سنڌ جي ادارن جي ڀينگ ڪرڻ ۾ مڊل ڪلاسي لالچي ٽولي جو جيترو حصو آهي ايترو شايد ئي ڪنهن ٻئي جو هجي. سنڌ يوينورسٽي کي ئي هڪ ڪيس اسٽئڊي طور سنڌي سماج جي سماجي اخلاقيات ۽ قدرن جي بربادي واري مفروضي تحت ڏسجي ته خبر پوندي ته ڪيئن نه اسان جا ادارا مخصوص فردن ۽ ٽولن جي حسين انفرادي ۽ لالچي مفادن جي ور چڙهيل آهن.
    انهن لالچي مفادن جو صرف هڪڙو ئي محرڪ آهي ان پٺيان اهو آهي ته ڪلاس ڪيئن مٽائجي بس ڪيئن به ڪري هر ناجائز ۽ ڦرلٽ واري طريقي سان پنهنجو ڪلاس مٽائڻ انهن فردن ۽ ٽولن جي اولين ترجيح هوندو آهي. سماجي اخلاقيات جي انتهائي خطرناڪ شڪل آهي جتي هر ماڻهو ”ڪلاس مٽايو ڪلچر“ کي هٿي ڏيندو هجي، اهو سماج ڪنهن به حوالي سان تبديلي آ۽ ترقيءَ ڏانهن هڪ وِک به اڳتي وڌائي نه سگهندو. مون ڪيترا ڀيرا ان حوالي سان دوستن سان ذاتي گفتگو ۽ سنڌ يونيورسٽي جي پبلڪ فورمس تي پنهنجي راءِ جو تنقيدي حوالي سان اظهار ڪيو پر ڪجهه به حاصل نه ٿيو. ان ڪري مان سمجان ٿو ليکڪ طرفان هن نهايت ئي سنجيده سماجي تجزيو آهي سنڌي سماج جي تناهيئ منفي سماجي قدرن جو ۽ ان کي اسان جو پڙهيل لکيل نوجوان سنڌ ۾ تبديليءَ واري عمل سان ضرور ڳنڍي ۽ ان خلاف به هڪ منظلم سماجي تحريڪ هلائڻ جي ضرورت آهي. جيستائين سماجي قدر ۽ اخلاقيات ٺيڪ نه ڪبا سماج جو اڳتي وڌڻ ناممڪن آهي ان معاملي کي قومي شعور ۽ سماجي تبديليءَ واري ڌارا سان ڳنڍڻ جي اهم ضرورت آهي نه ته هيٺين سطه جو، لفري باز قومي شعور ڪنهن به ڪم ۽ سُود جو ناهي.
    ان ساڳي مضمون جي موضوع جي تسلسل ۾ ڪتاب ۾ شآمل جيڪو ٻيو اهم مضمون آهي ان جو عنوان آ”سنڌي سماج تي موقعي پرستن جو راڄ“ آهي. هن مضمون ۾ پڻ ليکڪ انتهائي تز سياسي تجزيو ڪيو آهي ۽ سنڌي سماج آ۾ موقعي پرستن ۽ استحصالي ٽولن ۽ قوتن طرفان سماج جي برباديءَ جو سماجي جائزو پيش ڪيو آهي مان سمجھان ته سماجي سائنس جي حوالي سان هي هڪ سنجيده تجزياتي طريقيڪار آهي ته ڪنهن به سماج ۾ موجود بربادين جو ان ۾ موجود مختلف سماجي قوتن ۽ عملن ذريعي ڪيو وڃي. هي ان ڪري به ضروري آهي جڏهن اهي موقعي پرست ٽولا مافيائون ۽ استحصالي صورت اختيار ڪري سماج ۾ چڙون پکيڙي چُڪيون هجن، تنهن انهن جي نشاندهي ۽ مقابلو ڪرڻ سماج جي بقا ۽ تبديليءَ لاءِ نا گزير ٿيو پوي. شهبان هن مضمون ۾ ان جي انتهائي وآصح انداز ۾ نشاندهي ڪئي ته ”سنڌ ۾ هن وقت منفي موقعي پرست ۽ استحصالي ٽولن جو راڄ آهي. اهڙيون قوتون سنڌ ۾ تمام گهڻيون سگھاريون ٿينديون پيون وڃن ۽ اهي قسم جون مافيائون بڻجي چڪيون آهن“. شهبان جو اشارو ۽ نشاندهي ڪنهن غيبي قوتن ڏانهن ناهي رپ هو انتهائي واضح انداز ۾ لکي ٿو ته: ”انهن مافيائُن مٿان کان هيٺ تائين هڪڙي مضبوط قسم جو نيٽ ورڪ جوڙيو آهي جنهن ۾ رياست ۽ ادارن تي قابض ٿي ويلن جي پُٺ ڀرائي آهي“. يعني رياستي ادارن جي سرپرستيءَ ۽ نيٽ ورڪ جي پيشت پناهي آهي. ليکڪ جي نشاندهي انهن ٽولن ۽ گروهن طرف آهي ”جيڪي سماج ۽* رياست جي هر شعبي ۾ آهن، پوليس، بيوروڪريسي، صحافت، سول سوسائٽي، اين جي اوز، استادن جون تنظيمون، قومپرست سياست ۽ سماجي تنظيمون وغيره. انهن سڀني ادارن ۽ شعبن ۾ موقعي پرست مافيائون قابض ٿيو ويٺيون آهن جيڪي سنڌي سماج کي اسرڻ ئي نٿيون ڏين”، ان کان به اهم ڳالهه اها ته شهبان ان مافيائي ٽولن واري ڪلچر جي اُسرڻ اهڙيون ساڳيون ئي لوڀي ۽ موقعي پرست رويو انهن نام نهاد دانشورن ۽ اديبن ۽ ليکڪن جي شڪل ۾ سنڌي سماج ۾ آهي جو اُهي مارڪسي، قومپرست، انسان دوست قوم دوست، تبديلي پسند ۽ خبر ناهي الائي ڇا ڇا سڏائيندا آهن پر سندن سپورٽ ۽ تقريرون انهن ٻهروپي هميشه اقتداري ڌرين جي ڳٽ جوڙ سان مزا ماڻيندڙ ڪنهن به مارڪسواد، سماجواد ۽ تبديلي پسند نظريي جي ابتڙ ڪمن ۾ ملوث ٿيل نام نهاد ماڻهن کي وڏو اديب ۽ ادبي شخصيت ڪري پيش ڪندا آهن. مان سمجھان ٿٿو ته هي هڪ انتهائي هيٺين درجي جي سوچ ۽ روشني هجي جو اسان وٽ ادب، دانش، سياست ۽ سماجي تبديلي جي حوايل سان فرد ۽ گروهن جي پرک ۽ تميز ناهي. اسان جا گهڻا دانشور ۽ ليکڪ دوست نه پنهنجي شخصي ۽ گروهي مفادن خاطر انهن فردن کي به وڏو ڏاهو ڪري پيش ڪندا آهن جن جو ڪو به واضح روشن خيال سياسي نظريو ۽ عمل ناهي هوندو انهن لاءِ اهي ماڻهو به عظيم هوندا آهن جيڪي ڪنهن مري خارج جاگيردار پپيراڻين پارٽين جي سرواڻي به ڪن ۽ پنهنجي پاڻ کي اول درجي جا ڏاها ۽ پيا سڏائين. ادبي تقريبن ۽ مهورتي پروگرامن ۾ پيا هڪ ٻئي جا ڳڻ ڳائيندا آهن.
    ارباب رحيم ٽائيپ ٿاڦيل موقعي پرست سياسي قوتن کي اڀاريو ۽ مڙهيو. ۽ اسان اهو به ڏٺوسين ته سنڌ جا چوٽيءَ جا ۽ ناليوارا اديب ۽ دانشور سڏجندڙ تمام وڏن نظرين جهڙوڪ مارڪسي، رومانوي ادب سان تعلق جوڙيندڙ اهي مها ڏاها پوءِ انهن آمريت زده ۽ ارباب شاهي حڪومت ۾ ڪُرسيون وٺي ويهي رهيا، ۽ اڄ به اهي اسان جي ادبي پروگرامن ۾ صدر جي ڪرسين تي ويهي صدارت جا ڪتاب ۽ القاب ماڻيندا رهن ٿا. سنڌي سماج جي شعوري سگهه ۽ تنقيدي سياسي صلاحيت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته انهن خلاف ڪو به سماجي بائيڪاٽ نٿو ڪري، انهن خلاف پبلڪ فورمس تي ڪو به، انهن جي آمريتن ۽ موقعي پرست مفادن لوڀي انداز خلاف ڪو به نٿو ڳالهايئ. هڪ طرف اهي مارڪسي، قومپرست روشن خيال رومانوي پسند ڏاها ۽ دانشور سڏبا آهن ته ٻئي طرف اهي انهن موقعي پرست ۽ مافيائي استحصالي ٽولي جي پشت پناهي ۾ پنهنجي ڪلاس مٽائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهن. ارباب رحيم جي دؤر ۾ انهن ڪيترن ئي ڏاهن دانشورن جيڪي سنڌ جي ثقافتي، ادبي ۽ ٻوليءَ جي ادارن جون ڪرسيون وٺي ويٺا رهيا، کان سڄي سنڌ واقف آهي پر محال آهي جو ڪو انهن جي انهن ڪڌن ڪمن ۽ مافيائي انداز خلاف ڳالهائڻ جي همت ڪري ۽ پشت پناهي جا تاريخي پيرا ۽ سبب به ڄاڻايا آهن. جيئن هو لکي ٿو ته: ”اهڙين مافيائن جي سنڌي سماج جي اندر شروعات ضياءَ الحق جي دؤر ۾ ٿي جنهن وقت سنڌي ماڻهو پنهنجي جياپي جي جنگ وڙهي رهيا هئا ۽ ان سماجي مزاحمت کي توڙڻ لاءِ اهڙي قسم جي سياسي چال کيڏي وئي“. ليکڪ طرفان هي اٿرائتو سماجي تجزيو آهي ته اهڙن سماجن ۾ جيڪي پنهنجي تاريخي قومي شناخت ۽ بقا لاءِ ڏاڍ ۽ جبر وارين قوتن خلاف وڙهن ٿا ته انهن کي ماٺو ۽ مُڏ ڪرڻ ۾ مخالف سياسي قوتون ڪهڙيءَ ريت ڪم ڪن ٿيون. مان سمجھان ٿو ته هي ليکڪ طرفان هي تجزياتي رايا پاڪستاني رياست جي مخصوص بحراني، رياستي ڍانچي ۾ ڏسبو ته ڳالهه انتهائي واضح ٿي سامهون بيهندي. شهبان ان نقطي کي واضح ڪيو آهي ته موقعي پرست مافيائن پالڻ واري پاليسيءَ کي مستقل طور سنڌ اندر جاري رکيو ويندو رهيو آهي ۽ نتيجي ۾ سنڌ سياسي ۽ سماجي طور ڪمزور ٿيندي رهي آهي. مان سمجھان ته پاڻ تمام گهڻو پري نٿا وڃون صرف پاڪستاني رياست ۾ فوجي دوران ارباب رحيم ٽائيپ ٿاڦيل موقعي پرست سياسي قوتن کي اڀاريو ۽ مڙهيو ويو، شهبان طرفان زير بحث آندل راءِ کي سمجھڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهيو آهي. بهرحال شهبان پاران اٿاريل هن اهم نقطي تي سنڌ جي هر سماجي، سياسي اداري ۽ تنظيم ۾ موقعي پرست، لوڀي، ٽڪي وڪاڻن، مافيائن سنڌ جي سماج کي مڏو ۽ جَڏو ڪري سنڌي عوام جي حقن جو تآحفظ ناهي ڪيو، ان ۾ ڪا به ٻي راءِ ناهي. مطلب ته هيءَ ڳالهه پڌري آهي ته سنڌ ۾ موجود سماجي تنظيمن، اين جي اوز، سياسي پارٽين، ٽوڙ سرڪاري ادارن، يونيورسٽي، ڪاليجن ۾ ادبي ۽ ڇسائپ واري روش جو راڄ آهي. ان سنڌي سماج کي اڳتي وڌڻ بجاءِ ويتر پوئتي ڌڪيو آهي. ويجھڙائي وارن سالن ۾ سنڌ ۾ سول سوسائٽي، ادب ۽ صحافت، استادن ۽ شاگردن جي تنظيمن ۾ خاص ڪري (ڪامورڪي طبڪي جي ڳالهه ئي دور آهي) جهڙي قسم جي موقعي پرستي ۽ ”ڪلاس مَٽايو“ ڪلچر کي هٿي ڏني آهي ان ته هڻي سماج جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي. هر ماڻهو آ۽ ٽولو هر وقت ان چڪر ۾ آهي ته پنهنجو ڪلاس ڪيئن مٽائجي. مون کي ته حيرت ٿيندي اهي اڄڪلهه فيس بڪ تي اهي عجيب و غريب حرڪتون ان موقعي پرست لالچي ۽ لوڀي فردن ۽ ٽولن جون جن کي جيڪڏهن ڪنهن اين جي اوز يا ادبي پروگرام جي سيمينار ۽ ڪانفرنسز ۾ اسلام آباد، لاهور يا ٻاهرين ملڪن لاءِ ڪا جهاز جي ٽڪيٽ ٿي ملي ته پوـءِ ڏسو ته ڪيئن پاڻ پڏائڻ جهڙن ڇَسن روين جو اظهار ٿا ڪن. اهي موقعي پرست فرد ۽ ٽولا ۽ سندن ادارن کي سنڌي سماج جي تبديليءَ ۽ ترقيءَ سان ڪجهه نه وڃي ٻينانهن کي پنهنجي ذاتي ٺٽ ۽ ڪلاس مٽائڻ جو اونو هوندو آهي. سندن سڄي ڪوشش ان تي هوندي آهي ته هو اهو ثابت ڪن ٿا هاڻي هو پنهنجو ڪلاس مٽائي ٻي ڪلاس جا فرد ۽ شهري ٿي ويا آهن. منهنجو پختو يقين آهي ته ان موقعي پرست مافيائي سوچ ۽ عمل جو سنڌ جي سماجي تبديليءَ جي رڪاوٽ ۾ اهم ڪردار آهي.
    ڪتاب ۾ شامل ٻه مضمون، نوجوانن جي موضوع سان لاڳاپيل آهن. شعبان ان حوالي سان سنڌي سماج ۾ نوجوان جي سماجي ذميواري ۽ ڪردار بابت تجزيو ڪيو آهي، مان سمجھان ٿو هي هڪ تمام اهم موضوع آهي هڪ اهڙي سماج ۾ جيڪو تباهه ۽ بربادي جو ڏيک ڏئي رهيو آهي ۽ تبديليءَ جو گهرجائو آهي، ڪنهن به سماج ۽ رياست جي تبديلي ۽ ترقيءَ جو يقين ان جو نوجوان مؤثر رول ۽ شعوري سگهه ۽ صلاحيتن کان ساوءِ نٿو ڪري سگهي. ان ڪري اسان جي روز مرهه جي موضوعن ۽ اشوز ۾ نوجوانن جي سماجي تبديليءَ واري سياسي رول بابت تمام گهٽ ۽ غير سنجيدگي وارو لاڙو ڏٺو ويو آهي. عام طور تي اهڙي غير سنجيدگي ۽ نوجوانن ڏانهن لا تعلقي واري رويي جي ڪري اسان وٽ نوجوان طبقي جي سگهه ۽ صلاحيتن کي ليڪي ۾ ناهي آندو ويندو، خاص ڪري اسان جي تعليمي ادارن ته ان حوالي سان ڪي ٺوس، شعوري حوالي سان نوجوانن جي تربيت ۽ ترقي لاءِ جامع شموليتي پروگرام ناهن ڏنا. اهو ئي سبب آهي جو اسان جي يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن ۾ هزارن جي تعداد ۾ نوجوان ساليانو نڪرن ٿا پر انهن کي صحيح دڳ لائڻ واسطي ڪي به جامع رهنما پروگرام ناهن. نتيجي ۾ سنڌي سماج اندر جيڪا سماجي افراتفري ۽ بي چيني وڏي آهي ان رهندو سماجي، معاشي ترقيءَ جي عمل کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. ان پس منظر ۾ شهبان نوجوانن جي سماجي ذميواري ۽ تبديلي واري موضوع کي زير بحث آڻي نوجوانن جي اهميت ڏانهن نشاندهي ڪئي آهي. جيئن هو لکي ٿو ته: ”سماج کي گهرجي ته هو ايندڙ نسل کي تيار ڪري روشن خيال بڻائي، انهن کي سماجي ذميواري ڏني وڃي ته جيئن سماجي معاشي ترقي جو عمل تيز ٿئي“. جيئن مان اڳ ۾ چئي آيو آهيان ته هي انتهائي اهم مسئلو آهي. اسان کي پنهنجي نوجوانن جي لاءِ تعليم ۽ ٻين ترقي جي هر شعبن ۾ وسيع موقعا پيدا ڪرڻا پوندا ۽ ان لاءِ هڪ منظم سماجي تحريڪ هلائڻ گهرجي ڇو ته سنڌي سماج جي بيٺل پاڻي ۽ ڌٻڻ مان نڪرڻ لاءِ نوجوان طبقي جي صلاحيتن ۽ قيادت تبديليءَ لاءِ انتهائي اهم آهي. خاص ڪري اسان جون يوينورسٽيز، ڪاليجز، ٽيڪنيڪل ۽ انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل سائسز جا ادارا ان ڏس ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ۽ نوجوانن کي اڳتي آڻڻ، انهن لاءِ ڪئرير جا موقعا ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اسان وٽ روز بروز نوان ڪيمپس نه کوليا وڃن ٿا نه پر انهن جو معيار ڪهڙو آهي ان تي ڪنهن جي به ڪن تي ڪاجونءِ. ڪونه ٿي چُري. هي انتهائي غير ذميواراڻي روش ۽ رويو آهي. سنڌي سماج جي نوجوانن لاءِ معياري ۽ ساک وارا ادارا گهرجن جيڪي سماج، سماج جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن. نه ڪي اهي ادارا ڀوتارن جي ڪمدار ۽ ڪاراون ۽ ونگارو مڊل ڪلاسي طبقاتي مفادن جو پورائو ڪن.

    هن ڪتاب ۾ شامل مختلف موضوعن تي شهبان مختلف ارخن ۽ پهلوئن بابت سماجي ۽ سياسي تجزيو ۽ راءِ پيش ڪئي آهي جيڪا سندس سياسي سماجياتي تجزيي واري صلاحيت ۽ گُر تي ٻڌل آهي. منهنجي خيال ۾ هن ڪتاب ۾ شامل سڀ مضمون ۽ انهن جا موضوع پڙهندڙن خاص ڪري سنڌ جي نوجوان لاءِ، تنقيدي شعوري لاڙي کي اجاگر ڪرڻ ۽ پنهنجي سماج اندر موجود سماجي جمود وارين قوتن ۽ استحصالي ٽولن جي نشاندهي ڪن ٿا. سڀ کان اهم ڳالهه نه ڪتاب ۾ شامل اڪثر مضمونن جا موضوع سماج ۽ رياست جي اهم مسئلن ۽ تبديلي واري ڊسڪورس سان جُڙيل آهن ۽ ائين هوا ۾ تير هلائڻ واري رويي تحت ناهن لکيا ويا. ان ڪري سنڌ جي نوجوان شاگردن، سماجي سائنسز ۽ تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙن، سياسي ورڪرز کي هي ڪتاب سنڌي سماج اندر تبديلي واي سوال سان ڳنڍي نوان تنقيدي ويچار ۽ عمل لاءِ اتساهڻ جي سگهه رکي ٿو.

    سنڌي سماج کي بربادي ۽ جمود واري حلت مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ سنڌ جي هر باشعور فرد ۽ نوجوان کي تنقيدي صلاحيتن ۽ عمل جي آڌار تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. شهبان سهتي ان حوالي سان هي ڪتاب لکي هڪ حوالي سان لکڻ واري محاذ تي پنهنجي ذميواري ادا ڪئي آهي. پر اسان ان کان وڌيڪَ پنهنجي لکڻين واري تنقيدي شعور کي سنڌي سماج ۾ تبديلي واري عمل ۾ عملي طور ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ۽ جاگيرداراڻي، سرمائيداراڻي ۽ شخصيت پرستي وارن سماجي لاڙن ۽ سماجي اخيلات خلاف منظم سماجي تحريڪ جو ٽئي پوندي. تنهن تي هڪ سنڌي سماج جي اڏاوت سماجي انصاف واري قدرن تي ڪرڻ ممڪن ٿي سگهندي. تنقيدي شعوري سگهه ان حوالي سان بنيادي ڪردار جي گهرجائو آهي.

    رفيق وساڻ

    ـــ اپريل 2016ع
    برن يونيورسٽي، سئيزرلئنڊ.


    پنهنجي پاران

    منهنجو هي ڪتاب سنڌ جي تاريخي، سماجي، سياسي ۽ عالمي سياسي نظرين تي لکيل موضوعن تي سلهاڙيل آهي، جيڪي مون وقت به وقت لکيا هئا. هن ڪتاب ۾ مون اڪثر انهن مضمونن جي چونڊ ڪئي آهي جنهن جو تعلق سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ تاريخ سان آهي. هن مضمونن ۾ گهڻي قدر مون پنهنجي تنقيدي نقطه نظر پيش ڪيو آهي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن تي جيڪا منهنجي پنهنجي راءِ آهي ضروري ناهي ته سڀ ماڻهو يا پڙهندڙ منهنجي نقطه نظر سان اتفاق ڪن.
    اميد آهي ته هي منهنجي ننڍڙي ڪوشس سنڌ جي سياسي ۽ سماجي شعور ۾ ڪارمند ثابت ٿيندي ۽ سنڌ هن پوري تاريخي سياسي ۽ سماجي وايو منڊل کي سمجھڻ ۾ مدد فراهم ڪندي.
    مان هت جن دوستن جو ٿورائتو آهيان جنهن منهنجي هن ڪوشش ڪامياب بنائڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي منهنجي گهرواري ياسمين ۽ منهنجا ننڍڙا ٻلونگڙا پٽ آريان ۽ سارنگ جنهن کان مون هنن جو وقت چورائي ڪري هي مضمون لکيا.

    انهيءَ کان علاوه جنهن جو مان ٿورائتو آهيان جنهن منهنجي ڪتاب لاءِ بيڪ ٽائيٽل ۽ مهاڳ لکيو نويد سنديلو ۽ دوست رفيق وساڻ جنهن سئٽزرلينڊ ۾ پنهنجي پڙهائي جي مصروفيتن باوجود وقت ڪڍي منهنجا مضمون پڙهي ڪري منهنجي هن ڪتاب لاءِ هڪڙو تفصيلي مهاڳ لکيو جنهن لاءِ مان هن جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان. مهرباني منهنجا پيارا دوست ـــ رفيق وساڻ.

    اهڙيءَ طرح منهنجا ٻيا کوڙ سارا نالا جن ۾ ڪي منهنجا استاد به ڪي منهنجا پيارا دوست جن مون کي هر وقت اتساهيو هن ڪاوشن کي ڪامياب ڪرڻ ۾ جنهن ۾ منهنجا استاد منهنجي سياسي ۽ سماجي شعور جي پالنا ڪرڻ وارا سائين ڊاڪٽر مهتاب علي شاهه، سائين امداد علي چانڊيو، ميڊم نغمه منگريو، ميڊم عذرا سرور ڪنڌر، منهنجا دوست آءِ ـــ آر شعبي جا استاد رمضان ڪولاچي، سراج نظاماڻي ۽ ميڊم هميرا هڪڙو، ڊاڪٽر امداد علي خواجه، نويد سنديلو، آصف مهر، محبت علي شاهه، عمران نوناري، نسيم کوسو، عمران نوناري، ماجد نوناري، منهنجو دوست عزيز کهڙو ۽ ٻيا ڪجهه نالا جنهن منهنجي کوڙ ساري پنهنجي راين سان منهنجي رهنمائي ڪئي.
    انهيءَ سان گڏوگڏ کوڙ ساري مهرباني قربان منگي صاحب جي، جنهن پنهنجي صلاحيتن توانايُن کي لڳائي ڪري پنهنجي. پوپٽ پبلشنگ هائوس طرفان هن ڪتاب کي ڇپائي ڪري پڌرو ڪيو توهان اسان اڳيان.

    مهرباني!

    شهبان سهتو

    ـــ جون 2016ع
    بين الاقوامي تعلقات شعبو،
    سنڌ يونيورسٽي، ڄامشور ـــ سنڌ.
    shahbanuni@gmail.com


    مضمون

    ڇا سنڌ کي صوفي نظريي جي ضرورت آهي؟

    سنڌ ۾ هن وقت ڪجهه سنڌي صحافي يا وري ڪجهه سنڌ جي پڙهيل طبقي جا ماڻهو صوفي نظريي ۽ ان جي پرچار ڪرڻ ۾ رڌل آهن، صوفي نظريي جي پرچار ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ صوفي راڳ جون محفلون ۽ تقريبون ڪرايون وڃن ٿيون ، اهڙو رجحان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن ۾ ان ڪري اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو هن وقت پاڪستان رياست مذهبي انتهاپسندي جي گهيري ۾آيل آهي، پوري پاڪستان ۾ انهن مذهبي انتهاپسندن تنظيمن طرفان خدڪش بمباري ڪئي وڃي ٿي، جتي اهڙي جگهه ناهي بچي جنهن تي دهشتگرد حملو نه ڪيو هجي اسڪول، مسجد، پبلڪ جگهيون ۽ حساس سيڪيورٽي ادارا. اهڙي طرح سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي ۾ بمباري ٿيڻ کان وٺي سنڌ جي باقي ٻين ننڍڙن شهرن شڪارپور ۽ سکر جهڙا شهر به انهن خدڪش حملن جو شڪار ٿي چڪا آهن، جنهن ڪري سنڌ جو پڙهيل طبقو اهو سمجهي رهيو آهي، ته اهو سنڌ جي روايتن جي خلاف آهي ۽ جڏهن ته سنڌ تاريخي حوالي سان صوفين ۽ مذهبي رواداري سماج جي سرزمين رهي آهي، تنهن ڪري سنڌ ۾ اهڙن خدڪش حملا ٿيڻ ۽ مذهبي شدت پسندي جو سنڌي سماج ۾ وڌارو ٿيڻ ۽ سماجي سطحه تي شدت پسنديءَ جي واقعن ڪري سنڌي سماج جي تاريخي شناخت تي وار ٿي رهيو آهي.
    تنهن ڪري ، سنڌ ۾ اهڙين صوفي تقريبون ۽ صوفي راڳن جون محفلون ڪرايون وڃن ٿيون يا وري سنڌ ۾ صوفي نظريي جي ادارن ٺاهڻ کان وٺي سنڌ ۾ هن وقت ڪيترائي اين جي اوز طرفان مختلف پراجيڪٽس شروع ڪيا ويا آهن، جنهن جي فنڊنگ ۽ سهڪار مغرب ملڪن ڪري رهيا آهن جنهن جو مقصد آهي ته سنڌ ۾ انهيءَ انتهاپسنديءَ کي روڪي سگهجي. جڏهن ته سنڌ جي اندر صوفي نظري جي پرچار يا ان جي بحالي سان سماج ۾ اهڙيون مذهبي رواداريون يا سهپ واريون روايتون واپس موٽي ڪو نه اينديون، جڏهن ته انتهاپسند قوتون هن ملڪ ۾ هڪڙي سياسي نظريئ طور پيدا ڪيون ويون هيون ۽ آهن، انهن مذهبي تنظيمن کي هڪڙي سياسي هٿيار طور استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي. اهڙي قسم جي ماحول ۽ علائقائي سياسي سازشن جي سياسي ماحول ۾ جڏهن اسين سنڌي انهيءَ خام خياليءَ ۾ رهون ۽ سنڌ ۾ ويهي سڀني سماجي معاملن جو حل هڪڙي اهڙي صوفي يا غير سنجيده طريقن سان ڪڍون جنهن سان ڪا حاصلات نه ٿيئي، نه وري سنڌ ۽ سنڌي عوام جي ڪا ترقي ٿئي يا سنڌ هڪ جديد دور جي سماج ڏانهن قدم کڻي، اهڙين قسمن جون ڪوششون ڪرڻ سان سنڌ ۾ ڪا سماجي يا معاشي تبديلي رونما ڪا نه ٿيندي، نه وري ڪا سماجي رواداري جنم وٺندي، اهڙي طرح جون سياسي ۽ سماجي حڪمت عملين سان نه رگو سنڌ ۽ سنڌي سماج جو نقصان ٿيندو پر تاريخي حوالي سان سنڌي سماج پوئتي رهجي ويندو.
    جڏهن ته هن وقت سنڌ جي سياسي ڪلچر کي سڌارڻ ۽ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪو ڪجهه ڏهاڪن کان تمام گهڻو بگڙجي ويو آهي، جنهن ۾ جاگيردارانه نفسيات جي سياسي سوچ، خد پسندي، پيداگيري واري سوچ وارن ماڻهن جو سنڌ جي سياست ۽ سماجي جي هر شعبي تي حاوي آهي، جنهن کي درست ڪرڻ سان ئي سنڌ جي ايندڙ سماجي معاشي حالتن ۾ بهتري اچڻ جي اميد ڪري سگهجي ٿي پئي، باقي سنڌ ۾ صوفي خيال ۽ صوفي سوچ کي بحال ڪرڻ ۾ سنڌ جي سماجي ترقي ۾ سڌارو اچڻ هڪڙي قسم جي غير سائنسي سوچ هوندي.

    جيڪڏهن سنڌ جي تاريخ کي ڏسجي ته صوفي نظريي ڪو سنڌي سماج کي اڳتي وٺي هلڻ يا ترقي وٺرائڻ ۾ ڪو گهڻو فائدو به نه ڏنو آهي. صوفي سوچ ۽ نظريي پوري بر صغير ۾ هڪڙي مخصوص سياسي حڪمران طبقي يا سامراجي قوتن هڪڙي پاليسي طور به استعمال ڪندا رهيا آهن ۽ ٻاهرين سامراجي قوتن کي صوفي نظريو يا مذهب هٿي وٺرائيندو رهيو آهي، ان کان علاوه انهيءَ صوفي نظريو ۽ مذهب هميشه حڪمران طبقي جي فائدي ۾ رهيو آهي ۽ عام ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ انهيءَ نظريي جو ڪو خاص فائدو نه رسيو آهي، سواءِ ڪجهه عرصي ۾ صوفي خيال عام ماڻهن کي مذهبي تعصب کان بچائي رکيو هوندو، ڪن گهڙين ۾ جيڪو به هڪڙو منفي هئو ته ڪي سماجي ۽ سياسي حالتن سڌارڻ بجاءِ نام نهاد اهڙن خيالن جو استعمال ڪيو وڃين، سماجي هم آهنگي پيدا ڪرڻ لاءِ سماج ۾ حڪومتي يا رياستي سڌارا آڻڻ بجاءِ اهڙي صوفي خيالن ۽ نظرين سان ماڻهن کي ريجهائي ماٺ ڪرايو وڃي ۽ اصل سماجي مسئلن جو حل نه ڪڍيو وڃين.
    سنڌ جي سماج ۾ تاريخي حوالي سان مذهبي انتهاپسندي جو گهٽ رهڻ يا مذهبي بنياد تي ڪو تعصب گهٽ رهيو آهي، باقي برصغير جي سماجن جي نسبت ۾. ان جو به هڪڙو خاص تاريخي سبب اهو هئو ته سنڌ بر صغير جي ٻين سماجن کان گهڻو وقت اڳ يا پهريان گهڻ ثقافتي (Multicultural) سماج رهندو پيو آيو آهي، جنهن سبب ڪري سنڌ ۾ مذهبي ۽ نسلي رواداري ٻين بر صغير جي سماجن کان وڌيڪ رهي آهي، انهيءَ ۾ صوفي نظريي ۽ سوچ جو ڪو ڪمال نه هئو، جيڪڏهن صوفي نظريي جو اهڙو ڪو ڪمال ۽ جادو هجي هان، ته پنجاب ۾ سنڌ کان گهڻي اڪثريت ۾ صوفي اولياءَ موجود هئا، اهڙي طرح باقي هندستان ۾ به صوفي اوليائن جي گهٽتائي ته ڪو نه هئي، پر جڏهن انهن علائقن ۽ سماجن ۾ مذهبي نفرتون گهٽ ڪو نه ٿي سگهيو، انهيءَ مذهبي جنونيت ۽ غيررواداري جو اظهار پاڪستان ۽ انڊيا جي آزاديءَ وارين تحريڪن ۾ ظاهر ٿيون، جنهن ۾ هندستان جي ثقافت ۽ نام نهاد رواداري واري تاريخ کي سواليه نشاني ڏئي ڇڏي هئي.
    سنڌ جي سماجي رواداري ۽ گهٽ مذهبي پڻو هجڻ جو سبب سنڌ جو گهڻ ثقافتي سماج هجڻ به رهيو آهي يا وري ڪجھ ٻيا تهذيبي تاريخي سبب، جنهن ۾ عيسائي هندو، بدھ، مسلمان، فارسي ۽ يهودي اهي سڀ سنڌ ۾ هڪڙي ڊگهي تاريخي عرصي کان رهي رهيا هئا، جنهن ڪري سنڌ ۾ رواداري ۽ سهپ جو عنصر سماج ۾ ڪافي عرصي کان پيدا ٿي چڪو هئو، جنهن ۾ ماڻهن هڪ ٻئي کي سماجي هرشڪل ۾ قبول ڪندا پيا آيا آهن، جنهن ۾ هڪڙي صوفي نظريي يا خيال جو ڪو ڪمال نه هئو، ان سان گڏوگڏ تاريخ جا اهڙا ٻيا کوڙ سبب هئا، سنڌي سماج کي سيڪيولر رکڻ ۾ جيڪي سنڌي سماجي روايتون بڻجي چڪيون هيون. جڏهن وري پاڪستان ٺهڻ جو مرحلو شروع ٿيو ته سنڌ جي انهيءَ تاريخي گڏيل ثقافتي (Multiculural) ۽ روادريءَ (Secular) جي روايتن کي ڪافي ڌچڪو رسيو ۽ مذهبي جنونيت ۽ انتهاپسندي جي واقعن ۾ تيزي آئي، ڇاڪاڻ ته ٻه قومي نظريي کي جنم ڏنو ويو برصغير جي سماج ۾ جنهن سبب ڪري 1947ع ۾ هن خطي ۾ مسلمانن جي نالي سان هڪ الگ ملڪ ٺاهيو ويو.
    هن وقت هن ملڪ ۾ جيڪا انتهاپسندي جا واقعا ٿي رهيا آهن، انهيءَ جا به ڪي تاريخي سبب آهن، جنهن ۾ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هن رياست ۾ هڪ مخصوص سياسي حڪمران طبقي مذهبي ڌرين کي اڳتي آڻي ڪري هن ملڪ ۾ پنهنجي حڪومتي طبقي فائدا ورتا آهن ۽ سياسي بالادستي حاصل ڪرڻ لاءِ خاص ڪري اهڙن مذهبي ڌرين کي ٻاهرين قوتن کان ڦنڊنگ ڪرائي وئي، جنهن ڪري انهن ۾ اضافو ٿيو، افغان جنگ دوران انهن کي استعمال ڪيو ويو ۽ ملڪ پاڪستان ۾ ترقي پسند قوتن جي ڊڄ کان به انهن مذهبي جماعتن کي به عام ڪيو ويو، ان کان علاوه هن ملڪ ۾ شروع کان آئين جيڪي ٺاهيا ويا اهي به مذهبي طرز جا رهيا آهن، پاڪستان جي حڪمراني طبقي هن ملڪ جي ٺهڻ کان وٺي اها ڪوشش ڪئي وئي ته رياست جو مذهبي هجڻ سان گڏ ٻين مذهبي فرقن جي ڀيٽ ۾ سني مذهبي فرقي کي وڌيڪ ترجيع ڏني وئي، اهو پاڪستان جي حڪمراني طبقي جي سياسي نظريي لاءِ مفيد هئو، معاشي ۽ سياسي حوالي کان خاص ڪري پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ جي سماج ۾ ثقافتي، مذهبي ۽ تاريخي رواداري به گهٽجڻ شروع ٿي وئي، خاص ڪري جڏهن وري پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ ۾ هندستان کان مهاجر آيا جيڪي گھڻي قدر مذهبي رنگ ۾ ويڙهيل هئا، يا وري انهن مذهبي سوچ ۽ نظريي کي سياسي حوالي سان جڪڙي رکيو، ڇاڪاڻ ته انهن مهاجرطبقي جا سنڌ ۾ سياسي ۽ معاشي مفاد ان مذهب جي آڙهه ۾ ئي پورا پي ٿيا. اهو ئي سبب رهيو جو انهن شروع ۾ اهڙين مذهبي ڌرين ۽ جماعتن ۾ رهيا ۽ سنڌ جي شهرن ۾ مذهب جو استعمال عام زندگي جي معاملن شروع ٿيو. شهر جيڪي تاريخي حوالي سان سماج جي ٻين حصن کان وڌيڪ روشن خيال، سماجي سهپ ۽ رواداريءَ تي ٻڌل هجن ٿا پر سنڌ جي شهرن ۾ ان جي ابتڙ ٿيو، جڏهن ته ورهانگي کان اڳ ڪراچي شهر جي سماجي سڃاڻپ هڪ اعتدال پسنديءَ واري رهندي پئي آئي هئي.
    عام ماڻهن ۾ مذهبي ڌرين هڪڙي ڊگهي عرصي کان ڪم ڪنديون رهيون آهن ۽ روشن خيال سياسي ۽ سماجي ڌريون سماج ۾ گهٽ ٿيڻ ڪري سنڌ ۾ مذهبي جنونيت وڌڻ شروع ٿي. شروع ۾ ته اهي پراڻيون سنڌي سماجي رواداريءَ واريون سوچون ۽ سماجي اخلاقياتون قائم رهيون پر مسلسل سماج ۾ رياستي ادارن جي سماجي ادارن جي نه ٺهڻ ڪري يا وري مذهب کي رياست جو سياسي حصو بڻائڻ ڪري، ٻيو سنڌي جون معاشي حالتون ۽ سياسي حالتون غير مستحڪم ٿيڻ ڪري به اهي سماجي رواداري سنڌي سماج مان ختم ٿيندي وئي ۽ اهڙيون مذهبي انتهاپسند قوتن کي بنا رنڊڪ جي سماج ۾ کليو ڇڏي ڏيڻ سان مذهبي انتهاپسندي جو اثر ٿيڻ شروع ٿي ويو، ماڊرن سوشل سائنس مطابق ته ڪنهن به سماجي کي سيڪيولر رکڻ جو ڪم رياستي ادارن جو هوندو آهي، سماجي پاڻ مرادو سيڪيولر رهڻ تمام گهڻو مشڪل هوندو آهي، تنهن ڪري سنڌ جي باشعور طبقي کي گهرجي ته هو سنڌ کي ماڊرن دور ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪن، سنڌ جي سماجي ۽ معاشي حالتن کي سڌارڻ جي ضرورت، ان سان گڏ سنڌ کي مذهبي جنونيت کان پاڪ رکڻ لاءِ جديد سماجي ۽ علم ۽ سنڌ جي تعليم کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، جنهن سان سنڌ جي نئين ٽهي کي روشن خيالي واري سماجي ۽ سياسي علمن کي متعارف ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن سان سماجي استحصال جو خاتمو آڻي سگهجي ۽ سماج ۾ اڻ برابري ۽ سماجي برايون ختم ٿي سگهن، بجاءِ ڪنهن اهڙي غير ضروري سوچ ۽ هٿ ٺوڪي نظريئ کي تقويت ڏيڻ سان نه سماجي برايون ۽ نه ئي سماجي اڻ برابري جو خاتمو ٿي سگهي ٿو. هن وقت سنڌ کي جن به ڪي سياسي سماجي يا معاشي مشڪلاتن جي گهيري ۾ آڻي رکيو آهي، اسان سڀني کي انهيءَ لاءِ پريشان ٿيڻ گهرجي، سنڌ جي اهڙي سماجي يا سياسي مشڪلاتن کي ڪنهن غير ٺوس صوفي نظريي جي پرچار ڪرڻ يا ان جي سماج ۾ بحالي سان ڪجهه حاصل نه ٿيندو، صوفي نظريو ۽ سوچ هڪڙي سست سوچ آهي، جنهن سان سنڌ جي سماجي ۽ معاشي حالتن ۾ وڌيڪ پيچيدگي ايندي، جنهن ۾ نقصان سنڌ جو ٿيندو.
    ٻڌڻ ۾ اهو به آيو آهي، ته هن وقت اهڙي صوفي سوچ ۽ خيال کي ڦهلائڻ لاءِ ڪجهه ماضيءَ واريون سامراجي طاقتون فنڊنگ ڪري رهيون آهن، جيڪي ڪجهه وقت اڳ انهن مذهبي شدت پسند قوتن کي فنڊنگ ڪري رهيون هيون، جنهين جو خيال آهي ته سنڌ ۾ اهڙي مذهبي انتهاپسندي جو مقابلو صوفي نظرييءِ سان ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته اهڙو ڪجهه به نه ٿيندو، هن وقت اهي مغربي قوتون جيڪي اهي فنڊز ڪڏهن مذهبي ڌرين کي پاڪستان ۾ ڏيندو هئو، افغان جنگ دوران هاڻي اهي فنڊز وري سنڌ ۾ صوفي نظريي جي پرچار ڪرڻ لاءِ ڏنا ٿا وڃن، اهڙيون مغربي قوتن جون ڪراچي ۾ قائم ڪيل ڪونسليٽس سنڌ جي اندر ويجهر ۾ وڌيڪ سرگرم ٿي ويون آهن، جنهن ۾ ڪائونسليٽس جي ڪجهه سنڌي ڪم ڪندڙ ملازمن جي مدد سان سنڌ ۾ ثقافتي سرگرمين ۾ مصروف نظر اچي رهيا آهن، اهو سڀ ڪجهه سنڌ ۾ معاشي سرگرمين جي ڪري ٿي رهيو آهي ۽ صوفي نظريو سنڌ جو هڪڙو بهانو طور استعمال ٿي رهيو آهي ۽ سنڌ جي ماڻهن کي انهيءَ خوشفهمي ۾ نه رهڻ گهرجي ته سپر پاور قوتون سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌي سماج جون خير خواهه ٿي رهيون آهن، اهو سبب ڪجهه موجوده پاڪستان ۽ سنڌ ۾ قدرتي وسيلن جي ڪري ٿي رهيو آهي ۽ اهڙين سرمائيدار مغربي قوتن جي اها خواهش رهي آهي ته سنڌ جي اهڙي معدني وسيلن تي انهن جي اجاره داري قائم ٿئي، بجاءِ ڪنهن چائنا جي اجاره داري پاڪستان جي راهداري پاليسي تحت، ۽ اهو به سنڌ جي باشعور ماڻهن کي خبر هجڻ گهرجي ته اهڙيون مغربي سرمائيدار قوتون جيڪي MQM جي به سياسي ايجنڊا جي پٺڀرائي ڪنديون رهيون آهن ۽ جڏهن ايم ڪيو ايم هن وقت سنڌ صوبي جي ورهاست جي ڳالهه ڪري رهي آهي، ان تي آمريڪا ۽ برطانيه جهڙي سفارتڪاري طرفان اهڙو ڪو به بيان نه ڏنو ويو آهي ته اهي MQM جي اهڙي سنڌ دشمن ايجنڊا سان متفق ناهن يا ان جي اهڙي سياسي چال جي حمايت نٿا ڪن، براءِ مهرباني ڪري سنڌ جي پڙهيل لکيل طبقي کي انهن سڀني شين ادراڪ هجڻ گهرجي، ڪنهن به سامراجي سياسي ۽ معاشي چال کان بچجي جنهن سان نقصان سنڌ جي تاريخ ۽ سماج جو ٿيندو.
    هن وقت جڏهن سنڌي ماڻهو اڳئي گهڻ رخي سياسي سماجي پريشانين ۾ گهيريل آهن ته سنڌي ماڻهو کي پنهنجي سنڌ ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، سنڌ ۾ ڌاري آبادي ٻوڏ وانگي سنڌ ۾ اچي رهي آهي، جنهن جو ڪو به ازالو ٿي نه رهيو آهي ۽ سنڌ جي پنهنجي سماجي پسماندگي وڌي رهي آهي ۽ سنڌ ۾ ڌاري آبادي جي ڪري معاشي ۽ سماجي حالتون وڌيڪ خراب ٿيندون، انهيءَ ڌاري آبادي جي لحاظ کان هن وقت سنڌ ۾ به اهڙي مذهبي شدت پسندي وڌي رهي آهي ته ان جو به ڪارڻ اها ڌاري آبادي آهي، جيڪا افغان جنگ کان شروع ٿي هئي، اڃا تائين انهيءَ کي نه روڪيو ويو آهي ته اهڙي ڌاري آبادي کي روڪڻ بجاءِ سنڌ ۾ صوفي نظريي جي پرچار سان ڪجهه نه ٿيندو، هن وقت سنڌ ۾ بحريه ٽائونز کان وٺي ذوالفقار آباد ٺاهڻ تائين، اهي سڀ ڪجهه سنڌ ۾ خدڪش حملن کان به وڌيڪ خطرناڪ سياسي سماجي ۽ معاشي سنڌ ۾ نتيجا کڻي ايندا، انهن ميگا پروجيڪٽس ظريعي سنڌ ۾ تمام وڏي خطرناڪ انداز سان ڌاري آبادي سنڌ ۾ منتقل ٿي ويندي، جنهن سان سنڌي ماڻهون هميشه سنڌ ۾ اقليت ۾اچي ويندو، سياسي ۽ قانوني حوالي سان ڪمزور ٿي ويندو، جنهن کانپوءِ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي ۽ معاشي حالتون هميشه لاءِ سنڌي ماڻهو کان هٿ مان نڪري وينديون،
    جيڪڏهن سنڌ جي باشعور سياسي ۽ سماجي اڳواڻن کي پريشان ٿيڻ گهرجي ته انهيءَ حوالي سان، ته ماڻهن جي سياسي شعور جي پالنا ڪرڻ گهرجي۽ هن وقت جي حڪومت تي سياسي دٻاءُ وجهجي ۽ سنڌ ۾ اهڙي قانون سازي ڪرائجي جو انهن مٿين سڀني خطراتن کي مستقل بنيادن تي منهن ڏئي سگهجي، نه بلڪ اهڙي (passive) سياسي سماجي نظرين سان جنهن سان سنڌ ۽ سنڌي سماج جي تاريخ ۽ ثقافت جو نقصان ٿئي.


    سنڌڙي تنهنجوناءُ ورتم!

    سنڌ جون سياسي ۽ سماجي قيادتون تاريخي حوالي سان سنڌ جي قومي حقن جو تحفظ ڪرڻ ۾ هن وقت تائين ناڪام رهنديون پئي آيون آهن، سنڌي عوام جا جيڪي به 6-7 ڏهاڪن به هن وقت تائين سياسي، سماجي ۽ معاشي اهنج رهندا آيا آهن، انهيءَ جون ذميوار سنڌ جون سياسي ۽ سماجي قيادتون رهيون آهن، انهن جي ڪمزور حڪمت عملين ۽ سياسي بصيرتن ڪري سنڌ سماج تاريخي نقصانن کي منهن ڏيندو پيواچي. سنڌ جي سياسي جماعتون جي قيادتن ورهاڱي کان اڳ جي دور کان وٺي ڪري هن دور تائين اڪثر جڙندڙ سياسي جماعتون سنڌ جي هڪڙي مخصوص طبقي جاگيردارنه انهن سياسي جماعتن تي قابض رهيو آهن، جنهن جا سياسي ۽ معاشي مفاد سنڌ جي پورهيت عوام کان هٽي ڪري رهندا آيا آهن، جنهن سبب ڪري مني صدي گذرڻ باوجود سنڌي سماج ترقي نه ڪري سگهيو آهي، سنڌ جي انهيءَ جاگيردار طبقي جي سياست تي حاوي رهڻ ڪري ئي سنڌ ۽ سنڌي عوام جي برصغير جي خطي ۾ وڌيڪ سياسي، سماجي ۽ معاشي حق تلفي ٿيندي رهندي اچي پئي.
    سنڌ جي پورهيت ۽ غيرتمند عوام هميشه پنهنجي وطن سنڌ سان محبت جو ڀرپور مظاهرو ڪندو رهيو آهي، هنن سنڌ وطن جي خودمختياري لاءِ پنهنجي زندگي جي قرباني ڏيندو رهيو آهي، تمام گهٽ سنڌ جي تاريخ ۾ سنڌ جي حڪمراني طبقي سنڌي عوام جي انهيءَ ڏنل قرباني جو احساس رکيو آهي ۽ سنڌ جي سرحدن جي حفاظت ڪري سگهيو آهي، يا هر حملي آور قوتن کان انهيءَ سنڌ جي حڪمرانن جي سياسي ڪمزورين ڪري سنڌ ۽ سنڌي عوام کي تمام گهڻين تاريخي تڪليفن مان گذرڻو پيوآهي، جيڪي ٻاهرين غاصبن قوتن سنڌ تي حملو ڪري سنڌي عوام کي تڪليفون پهچايون، بر صغير جي سياسي تاريخ ۾ سنڌ هميشه دشمنن ۽ حملي آور ڌارين جي زد ۾ رهي آهي، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ جي خودمختياري پوري بر صغير جي حڪمرانن لاءِ ناگزير رهندي آئي آهي، اهو ڪنهن به حڪمران کي ڪنهن به دور ۾ سنڌ جي آزادي اڻ وڻندڙ رهي آهي ته سنڌ جو عوام سنڌ جي سياسي خودمختياري ڇو ٿو چاهي؟
    اهو رويو سنڌ لاءِ هن بر صغير جي تاريخ ۾ اشوڪ اعظم کان وٺي اڪبر اعظم تائين ساڳيو رهيو آهي يا وري برطانيه دوَر کان وٺي ڪري ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي سياسي اڳواڻن تائين سنڌ کي هن برصغير جي تاريخ ۾ هميشه ميري اک سان ڏٺو ويو آهي، انهيءَ ۾ سنڌين جو صرف قصور اهو رهيو آهي ته هنن پنهنجي وطن سان بيحد محبت ڪئي آهي، انهيءَ وطن سان محبت ڪرڻ ڪري سنڌي ماڻهو کي ڪڏهن ڪنهن بر صغير يا ان کان ٻاهرين غاصب قوتن پسند نه ڪيو آهي، بر صغير جي تاريخ هڪڙي وڏي عرصي ۽ صدين کان انهن غاصب ۽ لٽيرن جي زد ۾ رهي آهي، ڪو به اهو خطو هن برصغير ۾ گهڻو عرصو انهن ڌارين حڪمرانن کان آزاد نه رهيو آهي، جڏهن ته سنڌ هميشه پنهنجي الڳ سياسي سڃاڻپ قائم ڪندي آئي آهي، جيڪڏهن سنڌ جي خطي ۽ وطن تي ڪنهن ڌاري قوت قبضو ڪيو ته انهن کي گهڻو وقت سنڌ جي وطن سان محبت ڪندڙ عوام پنهنجي وطن سنڌ کي آزاد ڪرايو، اهي ڀلي عرب حڪمران هجن يا وري اڳتي هلي ارغون، ترخان ۽ مغل حڪمران هجن، سنڌ مختلف دورن ۾ به خودمختياري واري شڪل ۾ رهي آهي، ها ڪجهه عرصي لاءِ انهن ٻاهرين قوتن ضرور سنڌ کي پنهنجي قبضي هيٺ رکڻ جون ڪوششون ڪنديون رهيون.
    برصغير جي تاريخ ۾ جهڙي طرح سنڌي پنهنجي وطن جا متوالا رهيا آهن، اهڙي طرح ڪا ٻي قوم شايد هن برصغير جي تاريخ رهي هجي، انهيءَ تاريخ جي عرصي ۾ٻيون قومون ۽ نسل ضرور وڙهيا آهن ۽ انهن پنهنجي جان جو نظرانو ڏنو هوندو، پر اهڙي طرح نه جهڙي طرح سنڌ جي ماڻهن، جيڪي ماڻهو جانسي جي راڻي سان گڏ وڙهيا اهي جانسيءَ جي راڻي جي حڪم يا ان جي تابيداري ڪري وڙهيا، پر سنڌ جا رهاڪو ڀلي حڪمرانن پنهنجي وطن سان غداري ڪئي هجي پر عام سنڌي ماڻهو پوءِ به سنڌ لاءِ جنگ جوٽي آهي، جڏهن مياڻي جي جنگ لڳي تڏهن به سنڌ جي ان وقت جي ٽالپر حڪمرانن هٿيار ڦٽو ڪيا، جنگ نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو، تڏهن به سنڌ جا متوالا جنگ جي ميدان ۾ انگريزن سان وڙهيا ۽ پنهنجي وطن جي آزاديءَ خاطر پنهنجي جان جو نظرانو ڏنائون، سنڌ جي تاريخ ۾ سوين سنڌ جي ماڻهن جنگيون هارايون ۽ شڪست کاڌائون پر سنڌ جي غيرتمند عوام ۽ عام ماڻهو سنڌ جي آزادي لاءِ قربانيون ڏيڻ کان ڪڏهن به نه گهٻرايو، هڪڙي شڪست کانپوءِ هو وري وڙهيو آهي، پنهنجي وطن لاءِ دنيا جي تاريخ ۾ پنهنجي وطن جي آزادي لا ڪا قوم ڊگهي عرصي تائين وڙهي آهي ته اها سنڌي قوم آهي، جيڪڏهن ايترا حملا ڪنهن به ٻئي ڌرتي ۽ وطن تي ٿين ها ته اها قوم ختم ٿي وڃي ها پر سنڌي قوم هميشه زندهه رهي آهي، صرف انهيءَ سبب ڪري جو هو ايتري ڊگهي عرصي تائين پنهنجي وطن لاءِ وڙهندا رهيا آهن ۽ پنهنجي سنڌ ۽ سنڌي وجود کي جياريندا آيا آهن.
    ڀلا ٻيو ڪهڙو سبب هئو تا ريخ ۾ جو سڀني سنڌي قوم سان نفرت پئي ڪئي آهي، انهيءَ جو سبب اهو رهيو آهي ته سنڌي قوم پنهنجي وطن سان محبت ڪرڻ وارا ھئا، اهو ئي سبب آهي جو اڃ به سنڌي قوم ان جو نتيجو ڏسي رهي آهي، جڏهن پوري بر صغير ۾ گورن حڪمرانن کي ٿڏي ڪڍڻ جي ڳالهه هلي رهي هئي ته هندستان جي آزاديءَ جي آندولن هلي رهي هئي ته تڏهن سنڌ جي محب وطن ماڻهن پنهنجي سنڌ جي آزاديءَ جي ڳالهه ڪئي هئي، جتي وطن ۽ ڪفن جو نارو لڳي رهيو هئو، تڏهن هندستان جي سڀني سياسي اڳواڻن مسلمانن ۽ هندن اها ڳالهه ڪنهن به سياسي اڳواڻ کي پسند نه آئي هئي ته سنڌي پنهنجي الڳ ۽ آزاد سنڌ جي ڳالهه ڇو ڪري رهيا آهن، اها نه گانڌي جي ٽولي وارن سياسي اڳواڻڻ کي پسند هئي نه وري جناح جي ٽولي وارن اڳواڻن کي، اهڙي طرح سازشون ٿيون، سنڌ جي سياست ۾ ٽوڙ ڦوڙ ٿي سنڌ اسيمبلي جي چونڊيل ميمبر کي خريديو ويو جاگيرادارن کي همراهي بڻايو ويو، هندو مسلم ڏڦيڙ ڪرايا ويا، سنڌ جي سياسي اڳواڻڻ کي جاني نقصان جو ڌمڪيون ڏنيون ويون، ڪن سياسي اڳواڻڻ کي سازشن قتل ڪرايو ويو، اهڙي غير مقبول سياسي اڳواڻن کي پيدا ڪيو ويو، انهن کي سنڌ جو اقتداري واڳون ڏنيون ويون، جنهن سنڌ جي تاريخ سياسي حق کي نست نابود ڪرائي هن سنڌ کي هڪڙي اهڙي بر صغير جي سياسي ورهاڱي جي ڌارا ۾ آڻي، ڪري سنڌ جي تاريخ جو نقصان ڪيو، سنڌي قوم جي صدين جي سياسي صفر کي الائجي ڪٿي پهچائي ڇڏيو، جنهن جو سنڌي ماڻهو شايد ئي ان جو مستقبل ۾ ازالو ڪري سگهي.
    سنڌي قوم جي پنهنجي تاريخ جي ايڏي وڏي قرباني ڏيڻ کانپوءِ به سنڌ جو لفظ برصغير ۾ سياسي اڳواڻن لاءِ هڪڙو اهنجو رهيو آهي، سنڌي ٻولي، ثقافت جي ڳالهه ڪرڻ ۽ ان کي جيارڻ وارا ملڪ دشمن نظر اچن ٿا، هيءَ سنڌ جي تاريخ جي ستم ظريفي آهي، جنهن سنڌ هن خطي کي جنم ڏنو، هن خطي جي تهذيب جي ارتقا ڪئي، جنهن برصغير جي سڀني سماجن کي شاندار ماضي ٺاهي ڏنو اڄ اها سنڌ جنهن جا رهاڪو سنڌ سان محبت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڪي ڦاسي تي لٽڪايا ويا ته ڪئي سالن تائين جيلن ۾ سڙي مري ويا، اڄ به اهي سنڌي پنهنجي وطن سنڌ ۾ هڪڙي گمنام زندگي گذاري رهيا آهن، جنهن قوم جي فردن جو پوري طرح سان جسم به ڍڪيل ناهي، جنهن جي غريب عوام جا پير اگهاڙا آهن، هو پنهنجي وطن جي جلاوطن واري زندگي گذاريندا هجن ڄڻ سنڌ جي انهن نوجوان طبقو جنهن جا خواب اجڙي ويا هجن ۽ خودڪشي ڪندا وتن، هن وقت سنڌ جي نوجوانن جو اهو حال وڃي بچيو آهي جو پنهنجي صوبي جي ادارن ڪراچي ۾ جيڪڏهن نوڪري لاءِ وڃن ته انهن کي سواءِ نفرت ۽ ڌتڪار جي ڪجهه به نصيب نه ٿيندو هجي اهڙو حال سنڌ جي نوجوانن جو سنڌي ٻار جيڪي خوبصورت اکيون رکندا هجن، انهن جي روئڻ ڪڏهن نه ختم ٿيڻ وارو ڏسڻ ۾ ڪمزور ڄڻ ڪي اهي اٿوپيا جي ڪئمپن ۾ رهندڙن ٻارن واري زندگي گذاريندا هجن، انهن ٻارن جون مائرون جيڪي سنهيون سيپڪڙيون جنهن ٿڃ ۾ کير به ڪٺو نه ٿيندو هجي جو پنهنجي ٻار جو پيٽ ڀري سگهن، سنڌي ٻهراڙي جو ٻار جيڪو تمام گهڻو حيسايل 10 سالن جي عمر تائين به هو پنهنجوعتماد سان نالو نه ٻڌائي سگهندو هجي، ايترو سماجي حوالي سان حيسايل رهي ٿو، سوين ٻار سنڌ جا پنهنجي ڪمزور صحت سبب ڪري پنهنجي ماءُ جي گود ۾ ئي اهڙي سنڌ ۽ پنهنجي ڏوکويل ماءُ ڏسي پنهنجون اکيون هميشه لاءِ بند ڪري ڇڏين ٿا.
    سنڌ جي ڌرتي جيڪا ڪڏهن خوبصورت چمڪندڙ اکين وارين عورتن جي ڌرتي طور مشهور رهي آهي،سنڌ تي جڏهن ته محمد بن قاسم حملو ڪيو ته هزارين سنڌ جون خوبصورت عورتون باندي بڻائي عربستان موڪليون ويون هيون، جنهن ۾ راجا ڏاهر جون ڀينرون به موڪليون ويون هيون، اهڙيون ته سنڌ جو خوبصورتي ۾ مشهور هئي اڄ جي سنڌ ۾ جڏهن ته ورلي ڪا خوبصورت نظر ايندي، سنڌي عورت سڄو ڏينهن پورهيو ڪري ان جي جواني ۽ خوبصورتي ڄڻ ڪڏهن هن جي زندگي ۾ آئي ڪو نه ، جي سنڌي گهرن جي معاشي حالت بگڙڻ ڪري سنڌي عورتن پوري زندگي پورهيو ڪري ٿي، جنهن ڪري هوءَ پنهنجي خوبصورتي ۽ جوڀن کي ڪڏهن ڪنهن عمر جي حصي ۾ ڏسي ئي ڪو نه ٿي.
    اها آهي سنڌ ۽ سنڌي سماج جي حالت جنهن کي شايد تاريخ جي سڀ کان وڏي سزا ملي هجي، اڄ به سنڌي سڏرائڻ سڀ کان وڏي سزا آهي، اها سنڌ جنهن پاڪستان کي ٺاهيو هئو اڄ سنڌ سنڌ جو هر سنڌي گهڻو ڪري اهو سوچيندو آهي ته اها سنڌين جي وڏي غلطي هئي جو هنن جي وڏن پاڪستان جي چونڊ ڪئي، هن ملڪ ۾ سنڌ جي گالهه ڪرڻ ۽ سنڌ جي حقن جي، ڄڻ ڪو ڪنهن پاڪستان جي دشمني گالهه ڪئي.سنڌ جي هڪڙي شاعر چيو آهي ته
    سنڌڙي تنهنجو ناءَ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم!


    سماجي ٽوڙ ڦوڙ

    هر سماجي معاشرو هڪڙن مخصوص ضابطن ۾ جوڙيل ٿئي ٿيو، جنهن ضابطن کي اسين ريتون، رسمون، روايتون ۽ سماجي اخلاقتون سڏيون ٿا، هر سماجي معاشرو سماجي ريتن۽ رسمن جو مرڪب هجي ٿو، انهن سماجي روايتن طورئي ڪو به معاشرو سڃاتو وڃي ٿو، اهڙيون سماجي روايتون تمام گهريون ۽ تاريخي هجن ٿيون، جيڪي سوين ۽ هزارين سالن ۾ ٺهي تيار ٿين ٿيون، جيڪي سماجي عقيدن (Beliefs) ۾ تبديل ٿيو وڃن، وقت گذرڻ سان اهڙين سماجي روايتن ۽ ريتن، رسمن ۽ اخلاقياتن ۾ ڦير گير ايندي رهي ٿي، اهو سماجي ڦير گير جوعمل ڪنهن سماج ۾ تمام گهڻو اهنجو ٿئي ٿو پر سماجي علم رکڻ وارو ماڻهو انهن ريتن ۽ رسمن کي پاڙئون پٽي ڪو نه ٿا ڇڏين، پر انهن سماجي قدرن، روايتن ۽ اخلاقياتن کي تبديل (Alter) ضرور ڪندا آهن، جنهن کي اسين سماجي تبديل يا (Social Reforms) چئون ٿا، سماجي تبديليءَ جو مقصد هوندو آهي ته وقت ۽ حالتن جي تبديليءَ مطابق اهڙين مخصوص سوچن، روايتن ۽ اخلاقياتن کي به سڌاريو وڃي ته جيئن ايندڙ وقت ۽ حالتن جي مطابقت سان انهيءَ مخصوص سماجي کي بيهاري سگهجي ته جيئن سماجي ترقي ممڪن بڻجي سگهي، ڇاڪاڻ ته سوين هزارين سال اڳ سماجي ريتون، رسمون ۽ اخلاقياتون جيڪي سماجي ضروررتن جو پورائو ڪري رهيو هيون، هاڻي سائنسي دور آهي ۽ سماجي ضرورت جو پورائو يا ترقي انهن سائنسي علمن ۽ سائنسي طريقن کان سواءِ ممڪن نٿو ٿي سگهي پيو، تنهنڪري تمام ضروري هوندي آهي ته اهڙن سماجي قدرن اخلاقياتن، روايتن ۽ رسمن کي سائنسي سوچ ۽ طريقن جي مطابق ڪيو وڃي، جنهن کي (Social Reforms) چئون ٿا.
    سماجي سڌارا صرف هڪ دفعو يا هڪ دم ڪو نٿا اچن، ڪنهن به معاشري ۾ سماجي سڌارو هڪڙو مسلسل عمل ٿئي ٿو، جيڪو ڪڏهن رڪجي ڪو نه ٿو ڇاڪاڻ ته وقت ۽ حالتون به ڪڏهن رڪجن ڪون ٿيون، معاشري ۾ اهڙي طرح سماجي سڌارا به مستقل هوندا آهن، انهيءَ جو مثال اسين هڪڙي اوائلي دور کان وٺي سگهون ٿا، جنهن ۾ شروعاتي انساني معاشرو هڪڙي غارن جي دور کان شروع ٿيو ۽ هاڻي سائنسي دور ۾ انساني معاشرو هلي رهيو آهي، اهڙيون انساني سماجي تبديليون هڪڙي ڊگهي سماجي سڌارن جي ذريعي آيون آهن، ڪي ازخود ڪو نه آيون آهن، ساڳئي طرح انساني معاشرو اڄ به انهن سماجي تبديلي (Social Reforms) مان گذري رهيو آهي، جيڪا انساني معاشري ۽ سماجي ترقي کي ممڪن بڻائي رهيون آهن، يا زندهه رکي رهيون آهن، ساڳئي طرح دنيا جا مختلف سماج يا ملڪ جيڪي ڪجهه وڌيڪ ترقي ڪري رهيا آهن، ته ڪي وري پوئتي پيل آهن، جن مخصوص سماجن وڌيڪ سماجي ۽ معاشرتي ترقي ڪئي آهي، اهي سماج وقت گذرڻ سان تڪڙين سماجي تبديلن مان گذريا آهن. تنهن ڪري اهي سماج وڌيڪ سڌريل نظر اچي رهيا آهن ۽ جديد سماج سڏيا وڃن ٿا، جهڙوڪ مغرب ملڪن جي سماجن وڌيڪ سماجي ۽ معاشي ترقي حاصل ڪئي ته انهيءَ جو سبب مغرب جي 18 ۽ 19 صديءَ جي سياسي ۽ سماجي انقلابن مغرب جي سماجن کي بدلائي ڇڏيو،
    جيڪي وري اڄ جي دنيا جي مختلف حصن ۾ گهڻا تڻا قومي سماج ۽ ملڪ غيرترقي پذير آهن يا سماجي تبديليءَ ۾ ٺهراءُ آيل آهي ته انهيءَ جو سبب اهو آهي ته انهن سماجي معاشرن ۾ مغرب جهڙيون سياسي سماجي تبديليون ڪو نه اچي سگهيون، ان ڪري اهڙا انساني سماج اڳتي وڌي ڪو نه سگهيا آهن نه ئي انهن وقت ۽ حالتن جي مطابق سائنسي تبديليون آڻي سگهيا آهن، تنهن ڪري اهڙا سماج پراڻين روايتن، رسمن ۽ سماجي اخلاقياتن تي بيٺل رهيا آهن، جنهن ۾ ڪا سماجي جدت ڪانهي رهي، تنهن ڪري انهن سماجن ۽ معاشرن کي بيٺل سماج چئون ٿا يا وري پوئتي پيل سماج، جيڪڏهن ڪو سماجي معاشرو پراڻي قدرن تي بيٺل آهي ۽ اڳتي وڌي نه سگهيو آهي ته انهن سماجن ۾ لازمن هڪڙي سماجي ٽوٽ ڦوٽ (Social Disintegration) پيدا ٿئي ٿي، جيڪا سماج کي اڳتي وٺي وڃڻ ته ڇا پر رهندو پوئتي وٺي وٺي وڃن ٿا، اهڙي سماج ۾ ٽور ڦوڙ (Social Disintegration) انهيءَ ڪري به ايندي آهي ،جو انهيءَ سماج ۾ رهندڙ فردن جون سماجي ضرورتون پوريون نه ڪري سگهندو آهي ۽ نه وري انهيءَ سماج جي سماجي قدر انهن فردن کي اڳتي وڌڻ جو صحيح گس ڏسنيدو آهي نه ئي وري انهن فردن کي تبديل ٿيندڙ حالتن مطابق ڪا شخصي آزادي مليل هجي ٿي، تنهن ڪري اهڙا فرد انهن سماجي قدرن جي بغاوت تي لهي ايندا آهن يا معاشري جي رسمن ۽ روايتن جي ذريعي يرغمال بڻجي وڃن ٿا، جنهن ۾ انهن فردن جي خواهش، مرضي ۽ آزادي باقي نٿي رهي، اهڙي طرح جڏهن اهي فرد انهيءَ پوئتي پيل سماجي قدرن کي پٺي ڏين ٿا يا انهن قدرن کان منهن موڙين ٿا ته انهيءَ رد عمل ۾ سماج ۾ هڪڙي سماجي ٽوڙ ڦوڙ جنم وٺي ٿي، انهيءَ ٽوڙ ڦوڙ جي ڪري فردن کان وٺي هڪڙي خاندان يا پوري قبيلي يا وري پوري سماج ۾ منفي قسم جا اثر پوڻ شروع ٿي وڃ ٿا، اهڙي قسم جون سماجي ٽوڙ ڦوڙ يا فردن جو سماجي اخلاقياتن ۽ روايتن کي نه مڃڻ سان ڪا مثبت تبديلي ڪانه اچي ٿي پر رهندو سماج جي سست پيل ترقي جو سلسلو پڻ رڪجي وڃي ٿو ۽ سماج هڪڙن منفي روين جو شڪار ٿي وڃي ٿو، جنهن ۾ انهن سماجن جي فردن جي نفسيات ڪرپٽ ٿي وڃي ٿي، هڪڙو فرد منفي سماجي حرڪتون ڪرڻ شروع ڪري ٿو ڏئي، اهڙي سماجي فردن جي نفسيات يا سماجي عمل ان سماجي گانڍاپن (Social bonds) کي ٽوڙي ڇڏين ٿا، جنهن ۾ هر اهي سماجي روايتون، ريتون، رسمون، سماجي قدر ۽ اخلاقياتون دم ٽوڙي ڇڏين ٿا، اهو سڀ ڪجهه سماجي لقاءَ انهيءَ نتيجي ڪري اچن ٿا، جو ان سماج ۾ وقت گذرڻ سان ڪي مخصوص سماجي تبديليون يا سماجي سڌارا (Social Reforms) ڪونه آيا.
    اڄ جي دور ۾ سنڌي قومي معاشرو به اهڙي قسم جي سماجي ٽوڙ ڦوڙ جي حالتن مان گذري رهيو آهي، جنهن ۾ هر طرف سماجي ٽوڙ ڦوڙ نظر اچي رهي آهي، سنڌي معاشري جي معاشي ترقي نه ٿيڻ هڪڙي پاسي ته سماجي ڀڃ ڊاهه ٻئي پاسي، جنهن ۾ فرد مڪمل طرح سان منفي سماجي نفسيات جي ور چڙهي رهيو آهي، جنهن ۾ هو سماجي قدرن ۽ اخلاقياتن کي هو مڪمل طرح رد ڪري رهيو آهي،جنهن نتيجي ۾ هڪڙي قسم جي خانداني ڏڦيڙ پيدا ٿي رهيا آهن، خاندانن ۾ سماجي تعاون ختم ٿي رهيو آهي ۽ ملڪيتن جي ورهاست تي تضاد اڀري رهيا آهن، جنهن ڪري خاندانن ۾ مختلف قسمن جا جهيڙا conflicts)) انهن جو جاني ۽ مالي نقصان ڪري رهيا آهن، رياست جي سماجي ادارن جيڪي سماجي تضادن کي روڪڻ يا انهن سماجي تضادن کي وقت تي حل ڪرڻ ۾ سست هجڻ ڪري سماجي استحڪام ويتر ڪمزور ٿي رهيو آهي.
    سنڌ ۾ سماجي معاشرتي هن وقت جيڪي منفي ((Trends طور طريقا هلي رهيا آهن انهن مان ڪي خاص هيٺيان آهن:
    • خاندانن (Families) مان سماجي تعاون ختم ٿي وڃڻ
    • قبيلائي جهڳڙا ۽ اختلافات وڌي وڃڻ
    • فردن جو نفسياتي بحران پيدا ٿيڻ
    • خاندان ۾ هڪڙي فرد جو بيگانو ٿي وڃڻ
    • ذاتين جي بنياد تي سوچڻ ۽ شاديون مرادون ڪرائڻ
    • خانداني اختلافات جي ڪري ٻيون شاديون ڪرڻ/ ڪرائڻ
    • غير معياري غيرت تي عورتن تي تشدد ڪرڻ
    • اڃا تائين اهو سوچڻ تي ڌيءَ کي پرهائڻ بي غيرتي آهي يا وري ڌيءَ يا زال کي نوڪري ڪرائڻ وارو فرد کي بي غيرت سمجهڻ، جيڪڏهن ڪنهن گهر جي ڇوڪري ڪنهن سان افيئر هلائي يا پنهنجي مرضي سان شادي ڪري ته ان جي پيءَ يا ڀائرن کي سماجي تعنا هڻن ته هي گهر بي غيرت آهي.
    • جيڪڏهن ڪو نوجوان يا مرد ڪنهن جي گهر جي عزت جي بي حرمتي ڪري ته هو ٺيڪ آهي، انهيءَ ڪرڻ ۾ انهيءَ مرد کي ڪير نه چوي ڀلي هو پنهنجو مڇون وٽي گهمندو وتي.
    • اڄڪلهه اهو سنڌي معاشري ۾ عام ٿي ويو آهي ته ڪارو ڪاري جي رسم جنهن بنياد پيءُ، ڀاءُ يا مڙس پنهنجي نام نهاد غيرت جي بنياد تي پنهنجي ڌيءَ، ڀيڻ يا زال کي قتل ڪري ڇڏي انهيءَ مرد کي معاشرو پيو ساراهي ته هن واهه جي غيرت جو مظاهرو ڪيو آهي پر ڪو فرد يا مرد اهڙي معاملي تي ڪو رد عمل نه ڏيکاري ته ان سنڌي سماج جا فرد بي غيرت هجڻ جا پيا تعنا ڏيندا ۽ هن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيندا، سماج جڏهن سماجي حوالي سان ڪمزور هوندو آهي ته سماج جا لچا فرد يا خراب اخلاقيات وارا ماڻهو پنهنجو پاڻ کي مڙس ماڻهون سڏيندا آهن اهي ئي سبب هوندا آهن، انهيءَ غيرت جي عزت تي وار ڪرڻ جنهن کي سماج ڪجهه نه چوندو آهي.
    • سنڌي معاشري جي فردن ۾ ٻي شادي عام ٿي رهي آهي، هڪڙي هلي ڪون همراهه ٻي وٺي گهر ۾ ويهاري، جيڪا هن پهرين شادي ڪئي، انهيءَ مان 5-8 ٻار هوندا آهن، جنهن کي هو ڪڏهن پنهنجو ڪو نه ڪندو آهي ته انهن جي سٺي طرح پالنا ڪندو آهي، ٻي شادي ڪرڻ کانپوءِ نه وري هنن کي خرچو پکو ڏيندو آهي، اڳلي زال ويچاري خانداني Family)) هجڻ ڪري پئي سڄي عمر پورهيا ڪري پنهنجي ٻارن جو پيٽ پاليندي آهي، ان ويچاري ابهاڳڻ کي نه ڪڏهن سک ملندو آهي ۽ نه ڪي خوشي زندگي ۾ پوءِ به سنڌي معاشري ۾ خانداني شادي زوري ڪرايون وڃن ٿيون اهڙن نتيجن جي باوجود، جڏهن ته هاڻي ٿيڻ ائين گهرجي ته زمانو بدلجي ويو آهي، سماجي نون اخلاقي قانونن کي قبول ڪرڻ گهرجي ۽ نوجوانن جون شاديون هنن جي مرضي سان ڪرائڻ گهرجن ته جيئن هو گڏجي بهتر زندگي گذاري سگهن، اهڙين فرسوده خانداني سوچن مان هاڻي ڪجهه نه ورندو، رهندو خراب نتيجا نڪرندا اڳتي هلي ڪري.
    • سنڌي سماجي ۾ اڪثر فردن جي نفسيات منفي ٿئي وئي آهي، هو هر سماجي عمل کي منفي ئي ڪري رهيا آهن، جهڙوڪ هر فرد چاهي ٿو ته هو محنت کان بغير يا شارٽ ڪٽ ۾ امير ٿي وڃان، جنهن ڪري معاشري ۾ اڄڪلهه جوا، وياج ۽ جرم تمام گهڻو ٿي رهيو آهي، محنت ڪرڻ، ايمانداري سان زندگي گذارڻ تان ماڻهن جو وشواس ئي ختم ٿي رهيو آهي، سنڌي سماج ۾ جيڪي فرد انهن شين کي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام وڃن ٿا يا ڪي اهو عمل نه ڪري پيا سگهن، اهي وري تيزي سان مايوسي ڏانهن وڃي رهيا آهن ۽ مايوسي سبب ڪري نشي وارين شيون ٻيڙي، سگريٽ، شراب ۽ نشي وارين شيون واپرائي رهيا آهن، هر نشي واريون عادتون خاص ڪري سنڌي نجوانن ۾ عام ٿي رهيون آهن.
    • سنڌي سماج ۾ هن وقت هر قسم جي ڪرپشن عام آهي، جنهن ۾ غيرقانوني طرح سان دولت ڪمائي وڃي، جيڪا خاص ڪري سرڪاري ادارن ۾ ٿي رهي آهي، رشوتن جي شڪل ۾، هر سماجي پنهنجي جائز يا ناجائز ڪم انهن ادارن ۾ ڪندڙ ملازمن کان رشوت ڏئي ڪرائي ٿو، پر سماج ۾ ٻي به هر قسم جي غير اخلاقي ڪم ٿي رهيا آهن، جنهن ۾ ماڻهو يا ڪجهه فرد غيرقانوني ڌنڌن مان پئسو ڪمائين ٿا، اهڙين سماجي براين جو عام ٿي وڃڻ، وياج، جوا، جرم، چوري، نشي وارين شين جو واپار ڪرڻ، ڪنهن سان سماجي دوکيبازي، وڌيڪ منافعو ڪمائڻ، دوستن ۽ رشتيدارن جا جائز ناجائز ڪم ڪرائڻ، هرعمل يا ڪم پئسي ۽ رشوت تي ٿيڻ، فحاش، وڌي وڃڻ، اهڙا سڀ جو سڀ سماجي لقاءَ هڪڙي ڪرپشن طور سڏيا وڃن ٿا.
    • سنڌي معاشري جي فردن ۾ مطلب پرستي، خودگرزي، لالچ، ڪوڙ ۽ گلا هڪڙي قسم جي عام آهي، جنهن سان سنڌي سماجي کي تمام گهڻو نقصان ٿي رهيو آهي، هر لحاظ سان اهي ٻه چار ڳالهيون جيڪي سنڌي سماج کي سماجي بحرانن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ سنڌي معاشري ۾ ٽوڙ ڦوڙ پيدا ڪري ڇڏي آهي، اهو سڀ ڪجهه انهيءَ ڪري ٿي رهيو آهي، جو هن وقت سنڌي سماج جون پراڻيون روايتون ۽ سماجي قدر تبديل ٿيندڙ حالتن ۾ سنڌي سماج جي فردن جون ضرورتون پوريون نٿيون ڪري سگهن، تنهن ڪري سماجي فردن انهن پراڻين سماجي طور طريقن جي پرواهه ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي، هنن کي باقي سمجهه ۾ ذاتي حوالي اچي ٿو، اهڙو عمل شروع ڪري ڏنو آهي، انهيءَ سان پوري سماج جو نقصان ٿي رهيو آهي.
    اهو سڀ ڪجهه سنڌي معاشري ۾ ڀڃ ڊاهه جو لقاءَ ان ڪري ٿي رهيو آهي جو تمام وڏي عرصي کان سنڌي معاشرو اڳتي وڌڻ ڇڏي ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي سماج ۾ سماجي بدلاءِ لاءِ ڪا منظم سماجي ڪوشش ئي نه ٿي آهي، نه سنڌي معاشري ۾طويل عرصي کان ڪا سياسي تبديل آئي آهي، نه وري ڪي سماجي سڌارا ته پوءِ ڪيئن سنڌي معاشري ۾ رهندڙ فردن جي شعوري ترقي ۽ معاشرتي ترقي ممڪن ٿي سگهي، باقي سنڌي سماج جون پراڻيون اخلاقياتون ۽ روايتون هن تبديل ٿيندڙ حالتن پنهنجي سماجي ضرورت جو پورائو نه ڪري سگهنديون، اهڙي سنڌي سماج کي جيڪڏهن هن سماجي بيٺل دٻڻ مان ڪڍڻو آهي ته سماجي ۽ سياسي حوالي سان سنڌي معاشري جي نئين سر جوڙجڪ ڪرڻي پوندي، جنهن ۾ شخصي آزاديءَ کان وٺي هر فرد جي سماجي آسودگي تائين هن کي بدلائڻ گهرجي، تڏهن ئي سنڌي سماج هن تبديل ٿيندڙ دنيا جي قومن سان گڏ بيهي سگهندو ۽ اڳتي وڌي سگهندو، سماجي تبديلي ۽ سڌارن سان سنڌي معاشري جي فرد جي نئين سر اخلاقي ۽ قدرن جي جوڙجڪ ڪرڻي پوندي، هن جي سماجي نفسيات کي تبديل ڪرڻو پوندو، تڏهن اهڙو جديد سنڌي معاشرو قائم ٿيندو.


    عورت جي سماجي پسماندگيءَ جو ذميوار مرداڻو سماج آهي

    عورت ڪنهن به سماج ۾ هڪڙو تمام حساس وجود رکي ٿي، انهيءَ هر سماج ۾ عورت جنس جون مختلف سماجي شڪليون هجن ٿيون، جيڪڏهن ڪو سماج معاشي حوالي سان سگهارو آهي ته ان ۾ عورت به سماجي ۽ معاشي حوالي سان سگهاري هجي ٿي، جنهن ۾ ان کي سماجي آزادي مليل هجي ٿي، جيڪڏهن وري اهڙو سماج جيڪو سماجي ۽ معاشي حوالي سان پوئتي پيل آهي، جنهن جون معاشي حالتون پوئتي پيل آهن ته ان سماج ۾ عورت جي سماجي حوالي سان آزادي ۽ سماجي حق به بگڙيل شڪل ۾ هجن ٿا.
    بهرحال اهو چئي سگهجي ٿو ته جيترو جيڪو سماج مادي ترقي ڪري ٿو اوتري انهيءَ سماج ۾ عورت جي سماجي قوت مضبوط ۽ سڌريل ٿئي ٿي، پر انهيءَ سڌريل ۽ ترقي يافته سماجن ۾ به هڪڙي مخصوص قسم جي عورت جو سماجي پيچيدگيون مڪمل ختم ڪو نه ٿيون ٿين، انساني تاريخ جو هڪڙو الميو رهيو آهي.
    اهڙِي طرح سان سنڌ جي عورت سان به اهڙو الميو رهندو اچي ٿو پيو، سنڌي سماج ۾ سنڌي عورت سماجي ۽ معاشي استحصال جا به ڪيترائي تهه چڙهيل آهن، جنهن ۾ هن جو وجود هر لمحي ۽ هر روز پيسجي ۽ پيڙهجي ٿو پيو، جنهن ۾ سنڌ جي عورت هڪ ڊگهي عرصي کان سنڌي سماج جي هر سماجي برائي ۽ سماجي استحصال جو شڪار ٿي رهيون آهن. جڏهن ته دنيا جي سڀني سماجن جي تاريخ، مرداڻي سماجي بالادستيءَ جي تاريخ رهندي آئي آهي، تهڙي طرح سنڌي سماج جي تاريخ به مرداڻي بالادستي جي تاريخ رهي آهي. جڏهن ته انساني تاريخ هڪڙي مرداڻي بالادستي قائم رهڻ ڪري انهن جون سماجي تاريخ جون ڪاميابيون يا ناڪاميون سماج تي اجتماعي اثر ڇڏينديون آهن، ساڳيءَ طرح سنڌي سماجي تاريخ جي حوالي سان مرداڻي سماج جي هر تاريخي سماجي ۽ سياسي شڪست ۽ ناڪاميءَ جو اثر سنڌي عورتن تي پيو آهي. سنڌي مرداڻي سماج جي شڪست ۽ ناڪاميءَ سنڌي عورتن لاءِ هڪڙو عذاب ٿي ڪڙڪي آهي، جنهن ڪري سنڌ عورتن کي ڀوڳڻو پيو آهي، جيڪڏهن سنڌي مرد سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن کي بهتر ڪري سگهن ها يا هو جديد سنڌ جي ترقي ممڪن بڻائي سگهن هان ته شايد سنڌ جي عورت جي سماجي حالتون به سڌري پوي هان، پر سنڌي مرد هر دور ۾ سنڌ جي سياسي حوالي سان سنڌ جي حفاظت نه ڪري سگهيو، سنڌ جي سياسي حالتن کي مستحڪم نه بڻائي سگهيو، جنهن ڪري جيترا ڀيرا به سنڌ تي ڌارين ۽ حملي آورن سنڌ تي ڪاهو ڪيون اوترا ڀيرا سنڌ جي عورتن جون عظمتون پئمال ٿينديون رهيون ، انهن ڌارين ۽ حملي آورن جي قوتن هٿان سنڌ جي تاريخ ۾ اهو به واضح طرح سان اچي ٿو ته جڏهن سنڌ تي عربن حملا ڪيا ته سنڌ جي عورتن کي وڌيڪ سماجي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو هئو، سنڌي عورتن کي باندي بڻايو ويو، انهن عرب فوج جي لشڪر جي هٿان به سنڌي عورت جنسي ڏاڍاين ۽ بي حرمتين جو شڪار ٿيون. اهڙي طرح جڏهن جڏهن به سنڌ تي ڌارين قوتن حملا ڪيا تڏهن سنڌ جي عورتن کي مختلف سماجي ۽ معاشي ازيتن مان گذرڻو پيوخاص ڪري جڏهن سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن حملا ڪيا ته ويتر سنڌ جي عورت کي وڌيڪ عذاب ڀوڳڻا پيا، اهو سڀ ڪجهه سنڌ جي مرد جي ناڪامي سبب ٿيندو رهيو . جيڪڏهن سنڌي مرد سنڌ تي انهن ڌارين حملا آور قوتن جي مزاحمت ڪري سنڌ جو تحفظ ڪري هان ته سنڌ جي عورتن کي اهڙيون مصيبتون نه ڏسڻيون پون هان
    اهو ته صرف سنڌ جي مرداڻي تاريخي ناڪامي جي سبب ڪري سنڌ جي عورت جو سماجي زوال ۽ پسماندگي ٿيندي رهي آهي. ٻيو اهم سبب سنڌي عورت جي سماجي ۽ معاشي پسماندگي، جنهن ۾ خد سنڌي مرداڻو سماج عورتن لاءِ هڪڙي قسم جو جابراڻو سماجي ٺاهيو، جنهن ۾ عورت جو سماجي تقدس وڌيڪ پئمال ٿيندو رهيو آهي، آهستي آهستي جنهن ۾ سنڌي مرد خود هي ظلم جي شڪل بڻجي ٿو، انهيءَ پنهنجي سنڌي سماج جي عورتن کي اذيتون ڏيندو رهيو آهي، سنڌي مرد پنهنجي تاريخي ناڪاميءَ جو بدلو پنهنجي سنڌي عورت کان وٺندو رهيو آهي، پنهنجي گهر جي هر قسم جو بوجهه انهيءَ پنهنجي زال، ماءُ يا ڌيءَ تي وجهڻ شروع ڪيو آهي ته هوءَ هر قسم جي ذميواري کڻي ۽ هن جي گهر کي پورهيو ڪري هلائي، هاڻي ڀلا هوءَ پنهنجي گهر هلائڻ لاءِ ڪهڙي ڪهڙي قسم جون سماجي استحصالي قوتن مان نٿي گذري جو هوءَ گهر جي معيشت کي بهتر ڪرڻ يا ٻارن کي پالڻ لاءِ هن کي سخت پورهيو ڪرڻو پوي ٿو.
    جڏهن وري سنڌي سماجي تاريخي حوالي سان مختلف سياسي، سماجي ۽ معاشي شڪلن مان گذري ٿو ته اوترو ئي سنڌي سماج ۾ بگڙيل سماجي شڪليون پيدا ٿينديون رهيون آهن، جنهن ۾ عورت ته ڇا پر سنڌ جي مجموعي انداز سان هڪڙي ظالمانا سماجي ۽ معاشي استحصالي قوتون پيدا ٿينديون رهيون آهن، جنهن ۾ سماج هڪڙي طبقاتي شڪل وٺي اوڀريو آهي، سنڌ جي ڪيتري ئي عرصي کان سياسي ناڪامي سبب سماجي سڌارا نه اچي سگهيا، جنهن ڪري سنڌ جي سماجي نفسيات به پسمانده ٿي وئي آهي ، جنهن ۾ مرد جي سماجي حيثيت وڌيڪ اهم بڻجي وڃي ٿي ۽ عورت جي سماجي حيثيت بلڪل ئي زيرو وڃي بيهي ٿي، اهڙي سماجي اڻ برابري جو اثر به سنڌي عورت تي وڌيڪ اثر ڇڏي رهيو آهي. سنڌي سماج هڪڙي جاگيرداڻي اثر هيٺ رهڻ ڪري به سنڌ جي عورت جي سماجي ۽ معاشي حالت نه بدلجي سگهي آهي، جاگيرداراڻو سماج به هڪ نيم غلاماڻا روايتون رکندڙ سماج ٿئي ٿو، جنهن ۾ وڏي اڪثريت ماڻهن جي انهيءَ جاگيرداراڻي اثر ۾ رهي ٿي، جنهن ڪري سماج ۾ ماڻهن جي سماجي آزادي نه هجڻ جي برابر هجي ٿي ۽ سماج ۾ مڪمل ڪنٽرول انهيءَ جاگيردار جو ٿئي ٿو، جنهن ۾ عام ماڻهو پنهنجي خيالن ۽ سماجي فيصلن ۾ آزاد نٿو رهي، تنهن ڪري عورت انهيءَ ماحول ۾ يا جاگيرداڻه سماج ۾ هڪڙي بغير خواهش ۽ بنا ساهه کڻڻ واري جنس سمجهي وڃي ٿي، جنهن کي ڪنهن به قسم جي سماجي آزادي نه مليل هوندي آهي، عورتن کي ته هوءَ انهيءَ سماجي ڍانچي ۾ پنهنجو ڪرادار ادا ڪري سگهي يا هوءَ پنهنجي سماجي حقن جي گهر ڪري سگهي، انهيءَ سبب ڪري به سنڌي عورت سماجي ۽ معاشي پٺتي پيل حالتن ۾ رهي ٿي ۽ هوءَ صرف بنا معاوضي وٺندڙ فرد ٿي رهندي آهي، جنهن کان هر مرد جنسي لذت کان ويندي جسماني پورهئي تائين ڪم وٺندو آهي ۽ اهڙي جاگيردار ماحول ۽ سماج ۾ عورت جي سماجي آزادي بلڪل نه هوندي آهي.
    اهڙي طرح جڏهن سنڌي سماج مجموعي طرح سان پوئتي پيل آهي ۽ هر سماج جو امتيازي سلوڪ روان هجي، جنهن ۾ مرد جي معاشي حالتون خراب هجن هڪڙي ڊگهي عرصي کان سنڌي سماج ۾ ڪا بهتري نه آئي هجي، انهيءَ سنڌي سماج ۾ سنڌي عورت جون سماجي حالتون ڪيتريون خوفناڪ هونديون! جنهن ۾ هر قسم جون استحصالي قوتون رهنديون هجن ۽ سنڌ سماج هڪڙي پراڻي قسم جي ريتن ۽ رسمن تي هلايو ويندو هجي، انهيءَ ۾ عورت جي حقن جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، جو سنڌي عورت ڪو سک جو ساهه کڻي ۽ هوءَ سماج ۾ پنهنجي برابريءَ جي ڳالهه ڪري سگهي، سنڌي عورت کي سماج ۾ برابر جي حيثيت وٺي ڏيڻ يا ان کي سماجي استحصالي مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ جيستائين مجموعي سنڌ جون سياسي ۽ سماجي معاشي حالتون بهتر نه ٿينديون تيستائين سنڌ جي عورت جي سماجي حالتن جي بهتري جي اميد ڪرڻ ئي هڪ خواب جي برابر هوندو.


    سنڌ جو قومي شعور

    ڪنهن به سماج جي ترقي ۽ تباهي جا مکيه ڪارڻ ان جي اخلاقي قدرن تي ٻڌل هجن ٿا، جڏهن به ڪنهن سماج ۾ ماڻهن پنهنجا انفرادي ۽ اجتماعي قدر ۽ اخلاقيات وڃائي ويهن، تڏهن انهيءَ ڪنهن مخصوص سماج ۾ انيڪ سماجي برايون جنم وٺن ٿيون، ان سماج ۾ ماڻهن جا رويا تبديل ٿيو وڃن، ڪو به ماڻهو ڪنهن به ڏکي ويل مدد جي اميد وڃائي ويهي ٿو، هو فرد انفرادي طور سوچڻ شروع ڪري ٿو، اجتماعيت جي سوچ ڏينهن به ڏينهن ختم ٿيندي ويندي آهي، تڏهن ڪو به فرد اهو نه ٿو سوچي ته مان پنهنجي برادري ۽ جتي رهان ٿو جن ماڻهن سان انهن جي گڏيل ترقي لاءِ پنهنجي ڪوشش وٺان نتيجن انهيءَ ڳوٺ ۽ برادري گڏيل ترقي کان بلڪل وانجيهل رهجي وڃي ٿي، ساڳيو حال هن وقت اسان جي سنڌ ۽ سنڌي سماج جو آهي، جتي سماجي اخلاقيات ۽ سماجي قدرن جي مڪمل تباهي ۽ برباديءَ جو ڏيک ملي ٿو. جڏهن سنڌي سماج هزارن سالن جي تهذيبي ۽ تاريخي قدرن جي ارتقا ڪندو آيو آهي، اڄ انهيءَ سماج جي سماجي قدر ۽ اخلاقيات تباهي ۽ بربادي جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، جنهن جون سماجي، سياسي ۽ معاشي حالتون تباهه ۽ برباد ٿي ويون آهن، جڏهن اهڙي تباهي مڪمل سماج جو اهڃاڻ هجي ته پوءِ اسان کي گهرجي ته اسان سڀ جو سڀ اهو قبول ڪيون ته اسان انهيءَ بربادي جا سڀ گڏيل ذميوار آهيون نه ڪي مخصوص ٽولا ۽ فرد انهيءَ بربادي جو ڪارڻ يا ذميوار آهن.
    هن وقت سنڌي سماج ۾ ائين ٿي رهيو آهي ته ڪي مخصوص فرد اهو هنگامو برپا ڪن پيا ته تباهي ۽ بربادي ٿي وئي آهي، سنڌ جي مهرباني ڪري اسان سڀني کي اهي واويلا ڪرڻ بند ڪرڻ کپن، بلڪ انهيءَ صورتحال ۾ گڏجڻ کپي ۽ جيڪي فرد يا ڌريون تباهي ۽ بربادي ڪري رهيون آهن، انهن جو گڏيل طور تي مقابلو ڪرڻ کپي، انهن کي انهن جي ڪڌن ڪمن ڪرڻ کان روڪجي ۽ انهن کي ظاهر ڪجي ته اهي ماڻهو ڪهڙي طرح سماجي دشمن ڪردار ادا پيا ڪن، انهن جي رستا روڪ ڪجي پر هن وقت ٿي اهو رهيو آهي جو سنڌي نام نهاد سانڃهه وند هڪ طرف شديد تنقيد پيا ڪن ۽ ٻئي طرف اهي هڪ ٻئي جا دوست ۽ يا وري انهن جي اڳيان پٺيان پيا چمچاگيري ڪن، ته ڪو اسان کي به انهيءَ ڦرلٽ مان ڪجهه حصو ملي، اهو سڀ ڪجهه اهي ماڻهو ڪري رهيا آهن، جيڪي پنهنجو پاڻ کي ليڪک ۽ اديب ۽ صحافي طور پاڻ پڏائين ٿا، پنهنجو پاڻ کي دانشور، اديب طور اڳيان اچي سنڌ جي قومي مفادن جي سوديبازي ۾ مصروف ۽ رڌل آهن، اهو ڀلا ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته جيڪي ماڻهو قومي ادارن جي ڀينگ ٿا ڪن ڪرپشن جو راڄ قائم ڪيون ٿا اچن ۽ اهي ئي ماڻهو انهن داشنور طبقي سان گڏ ويٺا آهن ۽ گڏجي پروگرامن ۾ هڪ ٻئي جي تعريف ويٺا ڪن، اڄڪلهه اسان جي سنڌ ۾ اهڙن دانشورن جو ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو پيو وڃي، جڏهن اهي تنقيد ٿا ڪن ته پوري سماج کي برو ڀلو ۽ خراب ٿا سمجهن، جڏهن وري انهن ماڻهن کي اسٽيج تي گهرايو ته ڪنهن تقريب ۾ ڪنهن جي ياد جي ميڙاڪي ۾ يا وري ورسي ۾ ته اهي اهڙا تعريف جا بند ٿا ٻڌن ڄڻ اهي فرد ڪي فرشتا هجن ۽ انهن زندگي ۾ ڪا به غلطي ڪا نه ڪئي هجي، اسان سڀ اهڙن چمچن ۽ ٻٽاڪي ماڻهن کي چڱي طرح سڃاڻو، انهن جو تعداد سنڌ ۾ گهڻو ناهي اهي ڪي سون ۾ موجود آهن، جيڪي هر پروگرام ۾ موجود هوندا آهن، اهي ئي دانشور سڏرائڻ ۾ ڪا ڪسر ڪو نه ٿا ڇڏين، هر وقت پنهنجي ڳالهه ميان مٺو لڳا پيا آهن، اهڙن اديبن ۽ دانشورن کي جڏهن به ڪو موقعو ٿو ملي ته پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ ڪا سڻڀي پوسٽ ڪنهن اداري جي ڊائريڪٽر شپ لاءِ ته اهي حضرات وسان نٿا گهٽائين ته انهي قومي اداري جي ڀينگ ڪري پوءِ ٿا هٿ ڪڍن، توهان اسان سڀني کي چڱي طرح خبر آهي جيڪي اهڙين سرگرمين ۾ رات ڏينهن رڌل آهن، هر وقت هڪ ٻئي جي ٽنگو ڪڍڻ ۽ سازش ۾ مصروف آهن ۽ وڏي ڳالهه ۽ انهن جي سڃاڻپ اها به آهي ته هڪ ٻئي جا دوست ۽ دشمن به آهن، اهو انهن جو ڪمال آهي حرفت گيريءَ جو!
    مان پنهنجي ڳالهه تي موٽي ٿو اچان ته جيڪو ڪجهه مٿي مان شروع ۾ پيو بحث ڪيو، انهن اديبن، دانشورن ۽ صحافين جو مان انهيءَ ڪري ذڪر آندو ڇاڪاڻ ته انهن دانشورن ۽ ساڃاهه وندن سڏرائڻ جي اخلاقياتي ۽ قدرن جي ڪيتري ته ڀينگ ٿيندي نطر اچي ٿي، جنهن جو ڪم ئي سنڌي سماج جي قدرن ۽ اخلاقيات ٺيڪ ڪرڻ آهي ۽ سنڌي سماجي جي گڏيل ترقي کي جنم ڏيڻو آهي پر انهن ته عام ماڻهن کان به اخلاقيات ۾ زوال پذير آهن.
    اچو ته پاڻ ڪجهه مختلف سماجي طبقي تي نظر وجهون ته انهن طبقن جي سنڌ ۾ ڪهڙي حالت آهي ۽ اهي ڪهڙي طرح پنهنجو اخلاقي ڪردار ادا ڪن يا انهن جي سماجي اخلاقي قدرن جي ڪهڙي حالت آهي،سڀ کان پهريان اسان هت ان ڳالهه تي بحث ٿا ڪيون ته ايمانداري ڇا آهي ۽ ايماندار کي سنڌي سماج ۾ اڄڪلهه ڪهڙي حيثيت مليل آهي؟
    جيئن ته مان آخر انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان ته سنڌي سماج ۾ هڪ فرد کان وٺي اجتماعي سطح تائين اخلاقيات ۽ قدرن جي مڪمل تباهي ٿي چڪي آهي ۽ اهڙي سماج ۾ ايمانداري جو به ٻيڙو غرق آهي، ايمانداري ۽ ايماندار ماڻهن جي ڪا به وڃي حيثيت نه بچي آهي، جڏهن ته ايماندار ماڻهو سماجن ۾ وڏي اهميت طور سڃاتا ويندا آهن، هن وقت چائنا ۽ جاپان جي ملڪن ۾ ايماندار ماڻهن جي گهڻائي آهي شايد انهن ملڪن جي ترقي جو راز به اهو آهي ته انهن جي قومي سماج انهن ايماندار ماڻهن کي جنم ڏنو آهي ۽ اهي تيستائين ترقي يافته رهندا جيستائين انهن وٽ انهن ايماندار ماڻهن جي گهڻائي رهندي.
    اسان جي سنڌي سماج ۾ ايمانداري ۽ ايماندار فردن جي سخت کوٽ ۽ ڏڪر آهي، خاص ڪري اها کوٽ ۽ ڏڪر تڏهن پيدا ٿيو، جڏهن سنڌ مان هندو سنڌي هليا ويا، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ ۾ ايمانداري جو اچي ڏڪر پيو ۽ بيماني، چالاقي ۽ ٺڳي اچي سنڌي سماج جو مقدر بڻي، هن وقت سنڌي سماج ۾ ايمانداري ۽ ايماندار ماڻهو کي بيوقوف ۽ بيوقوفي سمجهي وڃي ٿي، جيڪو فرد ايماندار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو، ان جي نه ڪي گهر ۾ عزت ۽ نه ڪي سماج ۾، اهو ماڻهو ڪنهن ڪم جو نه سمجهيو ويندو آهي، اهي ايماندار ماڻهو جنهن نه ڦرمار ڪئي نه ٺڳي ڪئي ۽ نه وري ڪرپشن ته پوءِ هو سماج ۾ ڪا به عزت ۽ مان نه لهڻي، سنڌي سماج جي اخلاقيات ۽ قدر وڃي ان ڳالهه ۽ نهج تي پهتا آهن عزت ۽ مرتبو ان ماڻهو کي ڏنو ويندو، جنهن وٽ ڌن، دولت، گاڏيون، بنگلا هوندا اهي ڪنهن ڪهڙي طرح سان به ڪمايا هجن اهڙي سنڌي سماج جي اخلاقي روش سنڌ ۾ ايماندارن جو ڏڪر پيدا ڪري ڇڏيو آهي، ڪو به فرد ايماندار ٿيڻ لاءِ بنهه تيار ناهي ته ڪو ايماندار ٿي هن سماج ۾ بيعزتي ڪمائي، انهن اخلاقي قدرن جي ڪري جيڪڏهن اسان ڏسون ٿا ته سماج ۾ هر طرف تباهي بربادي نظر اچي ٿي، سياست کان وٺي سماجي ادارن تائين اهو ئي سبب آهي جو هن وقت سنڌي سماج جو گڏيل طور ئي تباهي ۽ بربادي ٿي آهي، انهيءَ پوري صورتحال ۾ سڀ کان پهريان ۽ آخر ۾ نقصان انهيءَ سنڌي سماج جي پوئتي پيل طبقي جو ٿيو آهي، جيڪو اڳ ۾ ئي پوئتي پيل آهي، جنهن جو ڪو والي وارث ناهي.
    سنڌ ۾ هن وقت ڪو به اهڙو ادارو نه بچيو آهي، جنهن ۾ ڦرمار نه هجي، هڪڙو ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ ماڻهو جيڪو هو پنهنجي نه ڊيوٽي سرانجام ڏئي نه وري هن کي ان ڳالهه جي پرواهه آهي ته ڪو غريب ماڻهن جو ڇا ٿيندو، جن وٽ نه ڪي ڏوڪڙ آهن، پنهنجي مرض جي علاج ڪرڻ لاءِ، سنڌ جون هزارين اسپتالون بند پيل آهن، جنهن جي ڪنهن کي به پرواهه نه آهي، عام غريب ماڻهن جي صحت جو مستقبل ڇا ٿيندو، ساڳي طرح اسان جائزو وٺون سنڌ جي تعليم جو جنهن جي اسان سڀني کي خبر آهي، هڪ يونيورسٽي کان وٺي پرائمري اسڪولن تائين اتي ته نه ڪا استادن جي حاضري آهي نه وري ڪا تعليم هن وقت سنڌ جي وڏي ۾ وڏي تباهي بربادي جيڪا ٿي رهي آهي، اها تعليم جي ميدان ۾ ٿي رهي آهي، حڪومت جي ذميواري ته پنهنجي جڳهه تي سنڌ جي تعليم کي تباهه ڪرڻ جي پر اسان جا استاد جيڪي پاڻ کي دانشور ۽ قومي ڪارڪن ۽ سانڃهه وند سڏرائين ٿا، اهي اسڪولن ۾ استاد جي حيثيت جي باوجود اسڪول وڃڻ ۽ پڙهائڻ لاءِ بلڪل به تيار ناهن ۽ اسان انهن کي اخلاقي طرح پابند به ناهيون ته انهن کان پڇاڻو ڪيون، ساڳئي طرح سان سنڌ جي سڀني ادارن جي حالت ۽ بربادي هڪ جهڙي آهي، هميشه سنڌ ۾ ڪرپٽ ۽ غير اخلاقي ۽ بي ايمان ماڻهن ۽ فردن کي سرڪاري سطح تي ڪرسين تي ويهاريو ويو آهي ۽ انهن جي هٿان سنڌ جي سماجي ادارن جي بربادي ڪرائي وئي آهي، انهيءَ قومي سماجي برائي ۽ برباديءَ جي ڪنهن کي ڪا ڪل ڪانهي، اهي ئي ماڻهو سرخرو آهن، اڄ به جن تباهي ۽ بربادي ڪئي ۽ پوءِ وري ساڳيو سنڌ دوست ۽ سنڌ پرستي جون ڳالهيون ڪندا رهيا ۽ ڪندا رهن ٿا، سرعام سنڌ ۾ هرڪو دعوا ڪري ٿو ته مان سنڌ پرست آهيان ۽ جڏهن اهو ماڻهو ڪڏهن ڪنهن پوسٽ تي اچي ٿو ته ان کان اها ڳالهه وسريو وڃي ته سنڌ پرستي ڪهڙي بلا آهي يا ان سان محبت ڪرڻ جا ڪهڙا قدر هجن ٿا، اهڙن ماڻهن جي سنڌي سماج ۾ گهڻائي آهي، جيڪي رڳو ٺلها حوال ڪن ٿا، سنڌ دوستي جا مون کي ته محسوس ٿيندو آهي پنهنجي سياسي تجربي مان ته اسان سنڌين جو قومي شعور ۾ پاڪستان ۾ سڀ کان پوئتي پيل آهيون، جنهن جو قومي شعور سطحي ۽ بي معنيٰ آهي!
    اسان کي سنڌي سماج جي اخلاقن ۽ سماجي قدر جي نئين سر جوڙجڪ ڪرڻي پوندي، نون اخلاقي قدرن کي ترتيب ڏيڻي پوندي، انهن فردن ۽ سماجي گروهن جو مقابلو ڪرڻو پوندو جيڪي حقيقي طرح سماج دشمن آهن، جيڪي نٿا چاهين ته سنڌي سماج ۾ ڪي ايماندار ماڻهو وڌن، ويجهن ۽ سماجي ترقي کي هٿي وٺرائن، انهن جي به چڱي طرف پروڙ ڪرڻي پوندي، جيڪي دعوائون ڪن ٿا ته اسان سنڌ پرست آهيون ۽ انهن کي سنڌ جي مستقبل جي ڪا وڏي پروڙ آهي، انهن ماڻهن جي هاڻي ڪا وڏي اڪثريت ڪانهي، انهن کي سڃاڻپ ڪا وڏي مشڪل ڪانهي اهي ماڻهو جيڪي ادارن تي چڙهي قابض لڳا ويٺا آهن ۽ انهن ادارن ۾ ڪرپشن جي ڀرمار ڪيون ويٺا آهن ۽ انهن گروهن کي هاڻي پڌرو ڪرڻ گهرجي ته جيڪي رڳو گروهي مفادن واسطي پنهنجي ادارن ۾ سياست ويٺا ڪن، انهن گروهن جي پاڻ ۾ ايتري سياسي دشمنيون وڌي ويون آهن، لڳندو ائين آهي ته انهن کي ڪو ادارن جي بربادي جو وڏو سور آهي، پر اصل ۾ اهي پنهنجي گروهي مفادن لاءِ ڪات ڪهاڙا کنيو ويٺا آهن ته هنن جا مخالف سڀ ڪجهه کائي ويا ۽ باقي اسان کي انهيءَ قومي ادارن جي ڦرلٽ مان حصو نه مليو.


    سنڌي سماج تي موقعي پرستن جو راڄ !

    هر ڪنهن معاشري ۾ ٿوريون ڪي گهڻيون موقعي پرست قوتون ضرور هونديو آهن، هو ڪهڙي قسم جو سماجي تاريخي حوالي سان روايت رهي آهي، جنهن کي اسين انهن موقعي پرست ماڻهن يا گروهن کي استحصالي قوتن جو نالو به ڏيندا آهيون پر هر دور ۾ اهڙن موقعي پرستن فردن ۽ گروهن کي روڪڻ لاءِ سماجي سگهاريون قوتون ۽ ادارا اهڙن موقعي پرستن ۽ استحصالي قوتن جي خلاف ڪم ڪند آهن ته انهن موقعي پرست قوتن کي روڪي سگهجي، انهن کان معاشري ۾ منفي اثرن پوڻ کان بچائي سگهجي، اهو سڀ ڪجهه اهي سماجي سگهاريو قوتون ئي ڪري سگهنديون آهن، جيڪي سماجي بهتر قوتون جيڪڏهن وري ڪنهن سماج ۾ اهڙيون مثبت سماجي قوتون سگهاريون نه هونديون آهن ته وري اتي اهڙيون منفي موقعي پرست ۽ استحصالي قوتن کي وڌيڪ تقويت ملي ويندي آهي، معاشري ۾ لٽ مار ڪرڻ ۽ سماجي برايون ڦهلائڻ ۾ اهڙي ئي قسم جون موقعي پرست ۽ استحصالي فرد ۽ گروهه هن وقت سنڌ جي سماج اندر رت وانگي گردش ڪري رهيا آهن، اهڙن موقعي پرستن ۽ استحصالي قوتن جو سنڌ تي راڄ هلي رهيو آهي، اهڙيون قوتون سنڌ ۾ تمام گهڻيون سگهاريون ٿينديون پيون وڃن، اهي موقعي پرست ۽ استحصالي قوتن هڪڙي قسم جون مافيائون بڻجي چڪيون آهن، انهن مافيائن مٿان کان هيٺ تائين هڪڙي مضبوط قسم جو نيٽ ورڪ جوڙي ورتو آهي، جنهن ۾ رياست ۽ سماجي ادارن تي قابض ٿي ويٺلن جي تمام گهڻي پٺ ڀرائي ٿي رهي آهي، انهن مافيائن کي جيڪي سماج جي سڀني ادارن ۽ قوتن کان سگهارا ٿي چڪا آهن، انهن کي قانون ۽ رياستي ادارا ڪجهه به بگاڙي نٿا سگهن، ڇاڪاڻ ته اهي قانون ٺاهڻ ۽ قانون نافض ڪرڻ وارن سان يا ته ملي ويا آهن يا انهن کان وڌيڪ طاقتور آهن، اهي مافيائي فرد يا گروهه، هون ته اهي موقعي پرست مافيائون پوري پاڪستان ۾ موجود آهن پر انهن جي وڌ ۾ وڌ گهڻائي سنڌ صوبي ۾ آهي، انهن سماجي موقعي پرستن سنڌي سماج جي ڀينگ ڪري ڇڏي، اهي موقعي پرست گروهه ۽ فرد سنڌ ۾ ماڪڙ وانگي ڦهلجي ويا آهن، جنهن سنڌي سماج کي اوڏهيءَ وانگي چٽي ڇڏيو آهي. اهڙيون موقعي پرست مافيائون سنڌ جي اندر سياست کان وٺي هر شعبي زندگي ۾ توهان اسان کي ملنديون، اهي ڀلي سنڌ جي پوليس هجي، سنڌي بيورو ڪريسي، سنڌي صحافت، سنڌ جي سول سوسائٽي، اين جي اوز، استادن جون تنظيمون، شاگرد تنظيمون، قومپرستي جي نالي تي سياست ڪندڙ هجن، جنسن جو ڪاروبار ڪندڙ هجن يا وري سماجي تنظيمون جيڪي عام ڀلائيءَ جي نالي تي ڪم ڪري رهيو آهن، انهن سڀني سياسي ۽ سماجي ادارن تي اهي موقعي پرست مافيائون قابض ٿي ويٺل آهن، جيڪي سنڌي سماج کي اسرڻ ئي نٿيون ڏين پيون.
    اهڙين مافيائن جي سنڌي سماج جي اندر شروعات هڪڙي مخصوص ضياءَ الحق جي دور ۾ شروعات ٿي هئي، جنهن وقت سنڌي ماڻهو پنهنجي جياپي جي جنگ وڙهي رهيا هئا، انهيءَ سماجي مزاحمت کي ٽوڙڻ لاءِ اهڙي قسم جي سياسي سماجي چال کيڏي وئي، جنهن ۾ اسين پاڻ ۾ مخصوص ٽولا ۽ فردن کي اهڙي سنڌ جي اجازت ڏني وئي انهن موقعي پرستن ماڻهن کي سياسي سماجي سنڌ جي ادارن ۾ ويهاريو ويو، انهن جي سياسي پٺڀرائي ڪئي وئي ته سنڌ ۾ انهن موقعي پرست ماڻهن کي پيدا ڪيو وڃي، جيئن پاڻ سنڌي سماج جي تاريخي ساک کي ختم ڪري سگهجي، اهو هڪڙي قسم جو تمام گهڻو ڪامياب تجربو ثابت ٿيو رياست طرفان ۽ انهيءَ تجربي ۽ پاليسيءَ کي مستقل طور سنڌ جي اندر جاري رکيو ويو، جيڪواڄ تائين به سنڌ ۾ جاري آهي، جنهن جي ڪري سنڌ جو عوام سياسي ۽ سماجي حوالي سان ڪمزور ٿيندو رهيو آهي.
    سنڌ ۾ جيڪي سياسي ۽ سماجي تحريڪون ۽ تنظيمون ٺهيون اهو هڪڙو دور هئو ون يونٽ جو، ٻيو دور هئو MRD تحريڪ جي دؤران، جنهن ۾ سنڌي سماج جي سياسي ۽ سماجي شعور جي اوسر ٿي، جنهن کي بعد ۾ نظر لڳي وئي، انهيءَ دور سنڌ ۾ سياسي اڳواڻ پيدا ٿيا، خاص ڪري مڊل ڪلاس جي طبقي مان سنڌي ادب ۾ ترقي ٿي (ڇاڪاڻ جو سماج ۾ مزاحمت ۽ سياسي سماجي جدوجهد هلي رهي هئي)، سنڌ جي صحافت ۾ جدت آئي ۽ تحرڪ پيدا ٿيو، اهڙيو کوڙ ساريون ٻيون سياسي ۽ سماجي اڳواڻن انهن تحريڪن ذريعي اڳتي آيا، سنڌ جي سياست ۾ ان کان علاوه سنڌي ادبي تنظيمن ۽ خاص ڪري سرڪاري يا غير سرڪاري يونين جنهن ۾ عام مزدورن کان وٺي استادن جي تنظيمن ۽ يونين تائين سنڌ جي سياسي سماجي حقن لاءِ ڪردار ادا ڪيو، جيڪو هڪڙي قسم جي سنڌي عوام جي شاندار سياسي ۽ سماجي ڪاميابي هئي، اهو سڀ ڪجهه سنڌي سماج مان ايترو جلدي تبديل ٿي ويندو ۽ سنڌ سماج جي سڃاڻپ وڃي هڪڙي سياسي ۽ سماجي بحران واري بيهندي، اهوهڪڙو وڏو الميو آهي سنڌ جي تاريخ لاءِ، اهي سڀ جو سڀ سنڌ جون سياسي ڌريون ۽ سماجي تنظيمون، سرڪاري يا غير سرڪاري ادارن ۾موقعي پرستن ۽ استحصال ۽ قوتن جو راتو رات راڄ قائم ٿي ويندو ۽ اهي سنڌ جي تاريخي تباهي ۽ بربادي ڪري ڇڏينديون، اهو هڪهڙو لمحه فڪر آهي سنڌي ساڃاهه وندن لاءِ.
    اهو سڀ ڪجهه سنڌ جي اندر هڪڙي مضبوط قسم جي سياسي سازش ۽ پاليسيءَ تحت ڪرايو ويو. رياست جي اسٽيبلشمينٽ طرفان، ان ايم آر ڊي MRD)) تحريڪ کانپوءِ سنڌ جي هر سماجي ۽ سياسي تنظيمن ۾ اهڙا مخصوص موقعي پرست، لوڀي ۽ ٽڪي وڪاڻا ماڻهن کي هٿ ڪري انهن کي سياسي ۽ سماجي تنظيمن ۾ لاٿو ويو، اهڙي قسم جي ماڻهن جي سياسي ۽ سماجي پٺڀرائي ڪئي وئي ته اهي وڃين انهن سياسي ۽ سماجي ادارن ۾ سازشون ڪن ۽ انهن کي ڪمزور بڻائن ته جيئن انهن سياسي سماجي تنظيمون هڪڙي قسم جون مافيائون ٿين ۽ اهي سنڌي عوام اڳيان پنهنجي ساک وڃائين ته جيئن اهي اڳتي هلي ڪري پنهنجي سنڌ جي عوام جي سياسي ۽ سماجي حقن لاءِ ڪڏهن ڪامياب ٿي نه سگهن، اهو سڀ ڪجهه سنڌ جي سياسي پارٽين ۾ صرف نه ٿيو پر سنڌ جي سماجي هر اداري ۽ تنظيمن ۾ اهو لقاءَ پيدا ڪيو ويو، هر سطح تي موقعي پرست سياسي اڳواڻ ۽ سماجي اڳواڻ انهن ادارن تي سازشون ڪرائي قابض ٿي ويا ۽ انهن سماجي ۽ سياسي تنظيمن کي گروهي مفاد خاطر هلائيندا رهيا ۽ عام غريب سنڌي ماڻهن جي حقيقي مسئلن کي نظرانداز ڪيو ويو، جنهن سان نه صرف اهي سياسي ۽ سماجي ادارن پنهنجي ساک بچائي سگهيا پر عام سنڌي ماڻهن جي سماجي مسئلن کي وڌيڪ اهنجو بڻائي ڇڏيو، پر ان سان گڏوگڏ اهي سماجي ۽ سياسي ڌريون هڪڙي مافيائي شڪل وٺي سنڌي سماج ۾ رونما ٿيون.
    هن وقت سنڌ جي اندر سياست ڪندڙ ڌرين کان وٺي مختلف سماجي گروهه ۽ ڌريون سڀ جو سڀ انهيءَ موقعي پرستن جي ور چڙهي ويون آهن، اهي سنڌ جي استادن جي تنظيمن کان وٺي سنڌي ادبي سنگت، سول سوسائٽي، صحافتي ڌريون، اين جي اوز سڀ ئي انهن موقعي پرستن جي قبضي هيٺ آهن، جيڪي انهن سماجي ادارن کي پنهنجي گروهي ۽ انفرادي فائدي تحت استعمال ڪري رهيا آهن، انهيءَ سڀني جو سياسي ۽ سماجي جوهر مڪمل ختم ڪري ڇڏيو آهي. جنهن سبب ڪري سنڌ جو عام عوام انهن اڳواڻن ۽ نام نهاد دانشور تان ويساهه وڃائي ويٺو آهي، هڪڙي معجزي جي انتظار ۾ آهي ته شايد ئي انهن جي سماجي معاشي حال بدلجي سنڌي سماج ۾ اهڙن موقعي پرست ۽ سماجي مافيائن جي سبب ڪري سنڌ جي سماجي ترقي وارو خواب اڻپورو ئي رهجي ويو آهي، انهن سماجي ۽ سياسي تنظيمن ۽ اڳواڻن ذريعي سنڌ جي سماج Social Transformation متوقع هئي، جيڪا نه ٿي سگهي ۽ سنڌي سماج جون سماجي خصلتون هن وقت ارڙهين صدي وارو ڏيک ڏئي رهيون آهن، اهي ساڳيون سماجي ۽ معاشي حالتون نفسيات جنهن ۾ قبيلائي سوچ، جاگيرداراڻه رويا فردن جا، عورتن جي لاءِ مخصوص قسم جي سوچ، تعليم ۽ ترقي ۾ پوئتي ۽ حسد ۽ بغض ۾ سوين ڪوهه اڳتي، سماج جي هر شڪل ۾ سازشون ڪنهن به قسم جي مثبت سوچ جو نه هجڻ، گڏيل سماجي ترقي تان ويساهه کڻي وڃڻ، اهو سڀ ڪجهه اڄ جي سنڌي سماج جي سڃاڻپ آهي، اهو سڀ ڪجهه سنڌي سماجي ۾ انهن موقعي پرستن ۽ سياسي سماجي مافيائن جي جي بدولت ٿيو آهي، جنهن سنڌي سماج جي معاشي ترقي ڪرڻ نه ڏني، نه ئي وري انهن سياسي ۽ سماجي ادارن کي سماج جي ترقي ۽ جاڳرتا لاءِ ڪردار ئي ادا نه ڪرڻ ڏنو ته ڪو متان سنڌي عوام ترقي ڪري سگهي ۽ سنڌ جا ماڻهو پنهنجي تاريخي سياسي ۽ سماجي حقن لاءِ بيهي سگهن.
    سنڌ جي باشعور عوام ۽ اڀرندڙ سياسي سماجي ڌرين کي انهن موقعي پرستن ۽ سياسي سماجي مافيائن کان جان آجي ڪرائڻي پوندي، تڏهن ڪو اهي اڀرندڙ سياسي ۽ سماجي ڌريون سنڌ کي صحيح معني ۾ اڳتي وٺي وڃي سگهن ٿيون، اهڙن موقعي پرست ۽ استحصالي قوتن جون جڙون خطرناڪ حد تائين مضبوط آهن، هن وقت اهي مافيائي قوتون هڪڙي قسم جو سياسي ۽ سماجي مضبوط نيٽ ورڪ جوڙي ويٺيون آهن، انهيءَ نيٽ ورڪ کي ٽوڙڻو پوندو، تڏهن ئيانهن سياسي ۽ سماجي ادارن کي سماجي ڀلائي ترقي لاءِ ڪارمنده بڻائي سگهجي ٿو پيو.


    قومپرست نظريي جي تاريخ

    اڪثر ڪري اهو ٻڌايو ۽ پڙهيو ويندو آهي ته قومپرست سياست جي نظريي جي شروعات يورپ کان ٿي ۽ خاص ڪري فرانس انقلاب کانپوءِ جڏهن نيپولين فرانس جو امپرر ٿي اڀريو ۽ هن فرانس جي انقلابي خيالات جيڪي روشن خيال مان جنم وٺندڙ انساني زندگي جا آزاد خيالات اڀريا انهن ۾ هڪڙو رجحان اهو به قومپرستي نظريي جو به هئو، جڏهن نيپولين فرانس جي انقلاب کانپوءِ باقي يورپ تي جنگي پاليسي تحت پوري يورپ تي ڪاهون ڪيون ۽ يورپ ۾ هن پنهنجي نيپولين ڪوڊ کي متعارف ڪرايو ۽ يورپ ڪانٽينيٽل سسٽم ٺاهيو، جنهن ۾ يورپ جي سڀني شهنشاهي ملڪن سميت ان سسٽم جو حصو ٿيا ۽ نيپولين پنهنجي نيپولين ڪوڊ کي پوري يورپ تي لاڳو ڪيو، نيپولين ڪوڊ هڪڙي روشن خيالي تي ٻڌل هئو، جنهن ۾ فرانس انقلاب جي عين روح مطابق هئا، شروع ۾ نيپولين ڪوڊ کي انهن ملڪن جي ماڻهن لاءِ تمام سماجي ۽ معاشي ڇوٽڪاري لاءِ ته بهتر هئا پر اڳتي هلي ڪري انهيءَ نيپولين ڪوڊ کي نيپولين ۽ فرانس جي سامراجي چال سمجهو ويو، انهيءَ نتيجي ۾ سڀ کان پهريان رد عمل جرمني، اٽلي ۽ رومانيا مان اچڻ شروع ٿي ويا، جنهن ۾ خاص ڪري جرمني ۽ اٽلي جا دانشور انهيءَ نيپولين جي ڪوڊ کي چئلينج ڪرڻ شروع ڪيو، خاص ڪري هبسبرگ امپائر جي قومن تي نيپولين ڪوڊ يا ڪانٽينيٽل سسٽم هڪڙي قسم جي فرانسيسي بالادستي قائم ٿي، ٻين يورپين قومن جي مٿان جنهن سان انهن ٻين قومن ۽ سماجن جي ثقافت جي برعڪس هئو، يورپ جي قومن جي پنهنجي تاريخ آهي، ثقافت ۽ روايتون اهي نيپولين جي ٺاهيل ڪوڊ وانگر ئي ٿئي ٿي، جنهن ۾ خاص ڪري جرمني ۽ اٽلي جي دانشورن پنهنجي قومن تي تاريخ ۽ ثقافت جي ڳالهه ڪئي ۽ پنهنجي عوام کي قومي شعور ڏٺو ته جرمن ۽ اٽلي جا ماڻهو پنهنجي قومي خودمختياري حاصل ڪن، تنهن ڪري نيپولين ڪوڊ ڪانٽينيٽل سسٽم جي مخالفت ۾ انهن ملڪن جي اندر قوم پرستي جون تحريڪون شروع ٿي ويون اهي پهريان جرمني ۽ اٽلي ۾ شروعات ٿي ۽ ان کانپوءِ رومانيا ۽گريس جهڙن ملڪن ۾ به قوم پرست انقلاب جي شروعات ٿي، 1871ع ۾ جرمني ۽ اٽلي جهڙن ملڪن ۾ قومپرست انقلاب اچي چڪا هئا، ان کان علاوه ايسٽ يورپ مشهور قومپرست انقلاب 1932ع ۾ گريس ۾ آيو.
    اهڙي طرح سان يورپ جي کنڊ ۾ قومپرست انقلاب ۽ قومي مزاحمتي تحريڪن جي شروعات ٿي، اهو قومپرستي جي تاريخ يورپ ۾ روشن خيالي جي نتيجي ۾ آئي، اهو به خاص ڪري فرانس انقلاب ۽ نيپولين ڪوڊ ۽ ان جي يورپ ڪانٽينيٽل سسٽم جي نتيجي ۾ يورپ ۾ قومپرستي جي تاريخ جي شروعات ٿي، جنهن کانپوءِ قومپرستي جو رجحان باقي دنيا ۾ ڦهليو. انهيءَ جو هڪ خاص سبب جو جيئن يورپ جي نيپولين ۽ فرانس جي سياسي ۽ معاشي بالادستي جي نتيجي ۾ قومپرستي تحريڪن جي شروعات ٿي اهڙي طرح سان جيئن جيئن يورپين قومن دنيا جي ٻين خطن تي پنهنجي بيشڪيت جي شروعات ڪئي تنهنجي رد عمل ۾ باقي دنيا جي ملڪن ۽ ماڻهن جي جرمني ۽ اٽلي ۽ ايسٽ يورپ جي قومي انقلابي تحريڪ ۾ به قومپرست سياست جا رجحان جنم وٺڻ شروع ڪيا.
    19 صديءَ جي شروعات ۾ يعني نيپولين جي شڪست کانپوءِ مغربي قومن ۽ دنيا بهر ۾ پنهنجي بيٺيڪيت جي پاليسي کي وڌائي ڇڏيو هئو، ڇاڪاڻ ته هاڻي انهن يورپي ايمپايرس ملڪن لاءِ اهو ممڪن ڪو نه رهيو هئو ته هو وڌيڪ يورپ ۾ پنهنجي بيٺڪي دور هلائي سگهن، فرانس انقلاب کانپوءِ هڪڙو تڪڙو صنعتي انقلاب شروع ٿي چڪو هئو، يورپ پنهنجي صنعتي انقلاب جي پورائي لاءِ لازمي هئو ته يورپ کان ٻاهر جي ملڪن جو منهن ڪن ۽ اتي پنهنجي بيٺڪيت ڄمائي پنهنجي صنعتي انقلاب ۽ ترقي کي ممڪن بڻائي سگهن، اهڙي طرح هڪڙي ڀيٽ ڪئي. دؤر جي شروعات تيزي سان ٿي، يورپ کان ٻاهر بيٺڪيتون حاصل ڪرڻ لاءِ به يورپ جون طاقتور سامراجي قوتن جا پاڻ ۾ ٽڪراءُ شروع ٿيا. ، دنيا جي مختلف حصن ۾ جنهن ۾ خاص ڪري فرانس ۽ انگلينڊ جون ڪافي بيٺڪيتي جنگيون هليو ته فرانس جي انقلاب کان اڳ ۾ فرانس ۽ انگلينڊ ڪالونين تي جنگيون وڙهي چڪا هئا، اهو ئي سبب هئو جو فرانس جو بادشاهه لوئيس آمريڪا جي انقلاب کي معاشي سپورٽ ڪئي هئي، جنهن لاءِ لوئيس کي فرانس ۾ عوام تي ٽِيڪسون وڌائڻيون پيون هيون ۽ فرانس جي اندر خود معاشي گهوٽالو شروع ٿيو، جنهن سبب ڪري فرانس ۾ انقلاب آيو، اڳتي هلي ڪري، نيپولين جو به هميشه اهو خواب هئو ته هو انگلينڊ کي ڪنهن به طرح تباهه ڪري ۽ انگليڊ کي فرانس جي ماتحت آڻجي، نتيجي ۾ نيپولين فرانس انقلاب کي پوري يورپ ۾ ڦهلايو ۽ ڪانٽينيٽل سسٽم ٺاهيو ته انگلينڊ کي يورپ کان ڌار ڪري ان جي تجارت ۽ معيشت کي نقصان پهچائجي، جيڪو اڳتي هلي ڪري اهو نيپولين جو خواب خواب ئي رهيو، رهندو فرانس کي معاشي نقصان رسيو.
    نسولين جي جنگي پاليسين تحت اهڙي طرح هڪڙي قوم پرستي سياست جي يورپ جي شروعات ٿي هئي، جنهن ۾ يورپ ۽ مغرب جي سياسي دانشورن اها دعوا ڪندا آهن ته قومپرست نظريو يورپ کان شروع ٿيو، پوءِ باقي دنيا جي اندر هڪڙي بيٺڪيت جي خلاف قومپرست سياست ۽ انقلابن جي شروعات ٿي، اهو هڪ تاريخي سچ آهي ته قومپرست نظريو هڪڙي يورپ جي روشن خيالي واري تحريڪ ۽ يورپ جي سامراجيت جي نتيجي ۾ شروعات ٿي هئي، پر اهو ڏسڻو آهي ته يورپ جي سامراجيت کان به اڳ ۾ سامراجيت ڪهڙي ملڪ کان شروع ٿي هئي، اهو عمل هو ترڪي جنهن کي ان وقت سلطنت عثمانيه جيڪا 13 صديءَ ۾ شروع ٿي، جنهن يورپ جي قومن ۽ ملڪن کي پنهنجي زير اثرآندو هئو، جيڪو وڌيڪ طاقتور هئو، ٻين يورپ جي سامراجي بادشاهتن ۽ سلطنتن کان جنهن جو خاتمو پهرين مهاڀاري جنگ ۾ ٿيو هئو. سلطنت عثمانيه ٺهڻ ۽ سامراجيت جو سڀ کان وڌيڪ ۽ پهريون جيڪي ملڪ شڪار ٿيا هئا، اهي هئا خاص ڪري ننڍي کنڊ جا ملڪ هئا، ننڍي کنڊ جي ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ جيڪو خطو متاثر ٿيو هئو، اهو سنڌ هو، سنڌ ملڪ هڪ تاريخي حوالي سان ننڍي کنڊ ۾، سنڌ جي رهاڪن هميشه سنڌ ۽ پنهنجي وطن سان محبت ڪئي آهي ۽ سنڌ ملڪ جي ماڻهن هميشه اها ڪوشش ڪئي، تاريخ ۾ هن هنن جو ملڪ پنهنجي تاريخ جي الڳ شناخت ۽ آزاد ۽ خودمختيار رهي شايد انهيءَ جو هڪڙو سبب تاريخ ۾ اهو به آهي ته سنڌ دنيا جي هڪڙي پراڻي تهذيب وارو ملڪ رهيو آهي، جنهن جو شعور سنڌ جي خطي ۾ رهندڙ ماڻهن جي شروع کان هئو، جڏهن سنڌ تي عرب 712ع ۾ محمد بن قاسم جي اڳواڻي ۾ حملو ڪيو هئو ته ان جي به مزاحمت سنڌ جي رهاڪن هڪ قومپرستانه انداز سان ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ سنڌ جي اندر سمن جو سومرا حڪومت جو دور شروع ٿيو هئو، عرب جي حڪومت کي ختم ڪري انهن سومرن کانپوءِ وري سنڌ تي سمن جي حڪمراني شروع ٿي، جيڪي پڻ سنڌي ۽ سنڌ جا حقيقي باشندا هئا، جڏهن وري سنڌ تي ارغونن حملو ڪري سنڌ کي فتح ڪيو، پنهنجي زير اثر آندو، ارغون جيڪي وچ ايشيا مان آيا هئا، جنهن جو تعلق ترڪ ۽ منگولن سان هئو، ارغونن جي سنڌ تي حملو ۽ ڪاهه سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو لاءِ هڪڙي قسم جو ڪهر ٿي نازل ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي معاشي ۽ سماجي تمام گهڻي تباهي ٿي، ان کان علاوه سنڌ جي سياسي عدم استحڪام وڏي پئماني تي آيو، جنهن جي سنڌي رهاڪو ماڻهن مزاحمت ۾ تمام گهڻو اڳتي آيا هئا، جنهن ۾ سنڌ جي ماڻهن پئي چاهيو ته سنڌ کي سياسي حوالي سان پنهنجي ملڪ تي پاڻ سنڌي ماڻهن کي حڪومت ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي، جڏهن ته ارغون ۽ ان کانپوءِ ترخان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن تي حملو ڪري آيا، جنهن سنڌ تي قبضو ڪيو، اهو دور سنڌ جي ماڻهن لاءِ هڪڙي قسم جي شڪستي دور جهڙو هئو، جنهن ۾ سنڌ جي سجاڳو ۽ باشعور اديب ۽ دانشورن انهن ارغونن ۽ ترخانن جي ظلم جي مزاحمت ڪئي هئي، جنهن ۾ سنڌ جي اندر هڪڙي ڊگهي سياسي مزاحمت شروع ٿي، جنهن کي ميان وال تحريڪ سڏيو وڃي ٿو، انهيءَ تحريڪ انهن ارغونن ترخانن ۽ مغلن جي بالادستي جو خاتمو ڪري سنڌ تي ڪلهوڙن جي حڪمراني شروع ٿي، اهي ڪلهوڙا جيڪي سنڌ جا اصل رهاڪو هئا، ان ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ به افغانستان ۽ انڊيا ۾ مغلن سنڌ تي حملا ڪندا رهيا ۽ اها ڪوشش انهن جي جاري رهي ته سنڌ کي زير تسلط آندو وڃي، ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان. سنڌ ۾ ان وقت ڪلهوڙن جي شروع واري دور ۾ سنڌ جي اندر هڪڙي عظيم ۽ سنڌ دوست شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي پيدا ٿيو هئو، جنهن جي شاعري مڪمل طرح سان سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تاريخ جو هڪ حصو آهي، جنهن ۾ سنڌ جون سياسي سماجي ۽ معاشي حالتون بيان ٿيل آهن، انهيءَ سنڌ جي عظيم شاعر جي شاعري ۾ سنڌ وطن جي حب ۽ سنڌ جي سياسي آزادي ۽ سامراجي قوتن جي ڀرپور طرح سان نقاشي ٿيل آهي، جنهن مان پتو پئي ٿو ته سنڌ جي قومپرست سياست جو نظريو سنڌ ۾ ان دؤر کان شروع ٿئي ٿو، هي دور سترهين صدي جي آخري ڏهاڪن جو آهي، شاهه عبدالللطيف ڀٽائي جي پيدائش 1689ع ۾ ٿي آهي، جڏهن ته فرانس جو انقلاب 8917ع ۾ ٿيو آهي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ سئو سال جو فرق آهي، فرض ڪيو ته جنهن ۾ 18 صديءَ جي شروعات کانپوءِ 50 سالن جو فرق لکون ته سنڌ اهڙي طرح قومپرست نظريو رکندڙ هئي، انهيءَ جو هڪڙو سبب اهو هئو ته سنڌ تي ارغونن ۽ مغلن جي تسلطت سنڌ کي قومي شعور ڏئي چڪو هئو، جڏهن ته قومپرست نظريي جي شروعات تڏهن شروع ٿي، جڏهن ته يورپ ۾ نيپولين ۽ ڪانٽينيٽل سسٽم باقي يورپ جي ملڪن ۽ سماجن تي لاڳو ڪيو ويو هئو، جنهن جي نتيجي ۾ قومي نظريي جي سياست کي جرمني ۽ اٽلي مان جنم مليو هئو، باقي قومي نظريو ۽ قومي پرستي جو شعور ان وقت وڌي گهرو ٿيو، جڏهن ڪالونيز ٺاهيون ويون، جنهن کي جديد قومپرستيءَ جو نظريو سڏيون ٿا.
    مغربي ملڪن جي صورت ۾ جڏهن برطانيا هندستان جي اندر راڄ ڪرڻ شروع ڪيو، تڏهن هندستان جي ڪيترن ئي حصن مان بغاوتون شروع ٿيون هيون، جنهن ۾ جانسيڪي راڻي واري مزاحمت هڪ ليجنڊ طور سڃاتي وڃي ٿي، اهڙي طرح جڏهن سنڌ تي برطانيه حملو 1843ع ۾ سنڌ به هڪ مثالي مزاحمت برطانيا جي خلاف وڙهي هئي، جنهن کي مياڻي جي جنگ طور سڃاتو وڃي ٿو، جنهن جنگ ۾ ان وقت جرنيل هوش محمد شيدي اهو نعرو لڳايو سنڌ وطن لاءِ ته ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ اهو هڪڙو سنڌ وطن سان محبت جي آزاديءَ لاءِ ايڏي جذبي سان جنگ وڙهڻ هڪڙو کليو اعلان هئو، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي 1843ع ڌاري انگريزن جنگ وڙهڻ وقت به سنڌ جي قومپرست نظريو ۽ شعور سنڌ ۾ موجود هئو.


    سنڌي نوجوان طبقو ۽ ان جون سماجي ذميواريون

    ڪنهن به قوم جي ترقي انهيءَ قوم جي نئين نسل کانسواءِ نه صرف اڌوري پر ناممڪن هوندي آهي، دنيا جي هر قوم ۽ نسل جي ماڻهن جو نوجوان طبقو ان قوم جو ڳر هوندو آهي، جيڪو اڳتي هلي ڪري مڪمل حوالي سان اهو سماج جي سڃاڻپ ٿئي ٿو ۽ ان سماج کي سنواري ۽ سڌاري ٿو، ساڳئي وقت اهو نوجوان طبقو انهيءَ سماج کي اڳتي وٺي وڃي ٿو، ڪن سياڻن چيو آهي ته نوجوان قوم جا معمار ٿين ٿا، اهو انهيءَ لاءِ شايد چيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي اڳتي هلي ڪري پنهنجي ان سماج کي پنهنجي نئين ضرورتن ۽ تبديل ٿيندڙ حالتن مطابق نئون سماج جوڙن ٿا، اهو هڪ سماجي ۽ سائنسي اصول آهي ته بدلجندڙ حالتن مطابق هر سماج جي قدرن، روايتن جي تبديلي جي اهم ضرورت هوندي آهي، سماج به هڪ وهندڙ پاڻي وانگي ئي رکيو وڃي ته اهو وڌيڪ ترقي ڪندو آهي، جيڪڏهن ڪنهن سماج کي پراڻين روايتن ۽ قدرن مطابق رکيو ويو ته پوءِ اهو سماج ان بيٺل پاڻي جي تلاءَ وانگي ٿي ويندو، جنهن ۾ بدبوءِ ۽ ڌپ ٿي ويندي آهي، اهڙي طرح هن سماج کي گهرجي ته هو ايندڙ نسل کي تيار ڪري سنواري روشن خيال بڻائي، انهن کي سماجي ذميواري ڏني وڃي ته جيئن هو انهيءَ سماجي تلاءَ کي تازو ۽ ٽمٽار رکي سگهن، جيڪڏهن ڪو سماج پنهنجي نوجوان نسل کي جلد از جلد ذميواري سنڀالڻ نٿو ڏئي ۽ پراڻي پيڙهي انهن سماجي ادارن تي قبضو ڪري ويهي رهي ٿي ته پوءِ ان قوم جي سماجي ۽ معاشي ترقي ڪرڻ کان رڪجي وڃي ٿو ۽ اهو سماج دنيا جي ترقي ڪندڙ سماجن ۽ قومن جو مقابلو به نٿو ڪري سگهي، هر قوم جي سماج لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي نوجوان نسل کي ان جي صلاحيتن کي اجاگر ڪري ۽ انهن کان بهتر لاڀ حاصل ڪن، نوجوان نسل بهتر ۽ روشن خيال واري تعليم ڏني وڃي ته جيئن هو پنهنجي سماج ۾ ترقي جي صلاحيتن کي بهتر ڪري سگهن، پوءِ اها پراڻي پيڙهي جلد کان جلد انهن نوجوان کي تعليمي ميدان ۾ لاهن ته هو حاصل ڪيل تعليم ۽ صلاحيتن کي اجاگر ڪن ۽ انهن صلاحيتن جو عملي مظاهرو ڪن، اهڙي طرح اهي قومي سماج جديد ترقي ڪري سگهن ٿا پيا.
    هن وقت سنڌ ۽ سنڌي سماج جي وڏي آبادي هڪ نوجوان سان تعلق رکي ٿي، سنڌ جي نوجوان جا لاتعداد مسائل آهن، اهي هر طرف کان سماجي ۽ معاشي مسئلن ۾ گهيريل آهن، اسان جي هڪڙي پيڙهي جيڪا هن وقت سنڌي سماجي ادارن ۾ ويٺل آهي، انهيءَ پيڙهيءَ سنڌ جي نوجوانن لاءِ ڪي موثر اپاءُ نه نه وٺي سگهيا آهن، يا اهي ناڪام ويا آهن، سنڌي نوجوان کي بهتر ۽ سائنسي تعليم ڏيارڻ ۾ يا وري سنڌ جي نوجوان وڏي اڪثريت ۾ اعليٰ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو آهي، مختلف سماجي سياسي ۽ معاشي مشڪلاتن جي سببن ڪري جنهن جي ڪري سنڌ جي قومي سماج کي تاريخي نقصان ٿيو آهي، ان تاريخي سماجي نقصان جي ڪري نه سنڌي قومي سماج جي ڪا معاشي ترقي ٿي سگهي آهي، نه وري سنڌ جي آرٽ ۽ فن ۾ ڪا خاطر خواهه ترقي ممڪن ٿي سگهي آهي، انهيءَ جو سڄو سارو نقصان سنڌ جي تاريخي سماج جو ٿيو آهي، انهيءَ پوري سنڌ جي سماجي نقصان جو ڪير ذميوار آهي؟ جيڪڏهن هن وقت سنڌي نوجوان اڳتي وڌي نه سگهيو آهي يا اهو اعليٰ سائنسي ۽ جديد علمن ۾ بڙ نه ٿي سگهيو آهي ته ان جو ذميوار به هيءُ سماج آهي،جيڪي هن وقت سماجي ڪاروهنوار هلائيندڙ آهن. اهي پيڙهيون آهن جن کي ذميواريون مليل هيون ۽ اهي انهن ادارن جا سربراهه بڻيل هئا ۽ هنن پنهنجي نوجوانن لاءِ ڪي بهتر اپاءَ نه ورتا ۽ نه ئي انهن نوجوانن کي مستقبل لاءِ انهن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪيو، تنهن ڪري هي سڄو سارو سنڌ جي تاريخ ۽ سماج جو نقصان ٿيندو رهيو آهي،
    سنڌي قومي سماج جي هڪڙي تاريخي بدقسمتي رهندي آئي آهي ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سنڌي نوجوانن کي ناقابل بڻايو ويو ۽ انهن ناقابل فردن کي سماجي ذميواريون ڏنيون ويون ۽ انهن پنهنجي غير قابليتن سان سنڌي سماج کي هلايو، جنهن جي ڪري ايڏو وڏو تاريخي نقصان سنڌي ماڻهو ۽ سماج کي برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي، سماج جي ٻي هڪڙي وڏي خراب ۽ منفي سوچ اسان جي موجوده پيڙهي ۾ عام رهي آهي ته هو انهيءَ ڳالهه ۾ يقين نٿا رکن ته هو ايندڙ نسل کي پنهنجو ڪن ۽ انهن کي سماجي ذميواريون حوالي ڪن، اهو سنڌ جي سينيئر پيڙهي ان ڳالهه کي سمجهي ئي نٿي ته انهيءَ سان نقصان ٿي رهيو آهي ۽ هن ۾ سماجي ڪم ڪرڻ جي حوالي سان جدت به ختم ٿي چڪي آهي، عرصو گذرڻ جي ڪري هو اهو سماجي ڪم نون اندازن سان ۽ بدلجندڙ گهرجن مطابق ڪم سرانجام نٿا ڏئي سگهجن پيا پر هو انهيءَ ڳالهه کي سمجهي نه رهيا آهن، صرف شايد ڪجهه ذاتي معاشي فائدن جي ڪري، انهن روين ۽ سوچن کي بدلائڻون پوندو، ڪنهن به حوالي سان سنڌي سماج ۾ سنڌي نوجوان تمام گهڻي قدرتي ۽ تاريخي صلاحيت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته هنن جي قومي سماج جي هڪ طويل تاريخ ۽ تهذيب رهي آهي، اها هن جي تاريخ ۽ تهذيب هن جي لاءِ هڪڙي ڊگهي راهه مشعل آهي، سنڌي نوجوان لاءِ هڪڙو اتساهه آهي ته هو ان جي ترقي لاءِ پاڻ کي تيار ڪري پنهنجي تهذيب ۽ تمدن کي اڳتي وٺي هلن ۽ انهيءَ پنهنجي تهذيب ۽ تمدن جي ترقي لاءِ هن جديد دؤر جي معيارن تي پورو لهڻو پوندو، جنهن ۾ سنڌي نوجوان کي تاريخ جو تمام گهڻو مطالبو ڪرڻو پوندو، پنهنجي ادب ۽ ٻولي کي ترقي وٺرائڻي پوندي، نون سماجي علمن جهڙوڪ ميڊيڪل، سائنس، آرٽس، سماجي علمن ۾ هن کي پنهنجو پاڻ ملهائڻو پوندو. انهن حاصل ڪيل عملن جي ذريعي پنهنجو سنڌي سماج جي ترقي وٺرائي ان کي جديد ۽ سماجي ۽ معاشي قدرن وارو سماج ٺاهڻ جي لائق بڻائي، جنهن ۾ طبقاتي ڪو فرق نه هجي، هموار سماجي ترقي ٿئي، سماج جي پوئتي پيل قدرن کي تبديل ڪري نون سماجي ۽ معاشي قدرن وارو سماج ٺاهڻو پوندس، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي استحصالي قوتون نه هجن، جاگيردار جي اثر ۽ مفاد پرست سياست کي ختم ڪرڻو پوندو، عام سماجي مذهبي، نسلي تضادن کي ختم ڪري، سماج ۾ هر رهندڙ فرد لاءِ بغير ڪنهن سماجي فرقن جي انهن کي ترقي وٺرائي ۽ سماجي برابري قائم ڪري، تڏهن ئي جديد سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن جي ترقي ممڪن ٿي سگهي ٿي،
    اهو سڀ ڪجهه سنڌ جي نوجوانن جي ذميواري آهي، مستقبل ۾ ان کان علاوه ٻيو ڪو رستو ڪونهي، سنڌي نوجوان وٽ هن وقت هن دنيا ۾ عالمي طاقتور قومن اهڙو سامراجي سياسي، سماجي ۽ معاشي نظام ترتيب ڏنو آهي، جنهن کي ڊارونزم جو نظريو سڏين ٿا، جنهن ۾ صرف اهي قومون ۽ سماج زندهه رهي سگهن ٿا، جنهن وٽ رهڻ جي قوت هوندي ۽ اهڙي سگهه جنهن ۾ هو پنهنجون حالتون بدلائڻ وقت ۽ حالتن پٽاندڙ، نه ته هنن جو جيئندان ختم ٿي ويندو، اهڙي دنيا جون بي رحم رسمون ۽ قانون مرتب ٿي رهيا آهن، اهڙين حالتن ۾ سنڌي سماج کي اسان نوجوانن جون ڪوششون ۽ پنهنجو پاڻ کي ايندڙ حالتن لاءِ تيار ڪرڻ تڏهن سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب زندهه رهي سگهي ٿي، اهڙو ڊارون نظريو بنيادي حوالي سان هڪڙو سماجي طبقاتي بنيادن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ صرف مٿين طبقي جي ماڻهن کي جيئڻ جو حق ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ قومون ۽ سماج به انهن طاقتور ملڪن جا سگهه رکن ٿا زندهه رهڻ جو جيڪو اهي بلڪل سماجي ۽ معاشي حوالي سان ظلم تي ٻڌل آهي، منهنجو اهو يقين آهي ته اهڙا انساني دشمن نظريا هڪڙي ڏينهن پنهنجو پاڻ تباهه ٿي ويندا.


    عالمي سرمائيدار، ترقي پسند قوتون ۽ پاڪستان

    ڪنهن به قومي سماج جي ترقي يا ان جي اوسر اتان جي رهندڙ منظم سماجي ۽ سياسي گروهن جي سياسي ۽ سماجي ڪوششن سان سلهاڙيل هوندي آهي، جيڪڏهن اهي سياسي ۽ سماجي گروهه يا تنظيمون جيتريون سگهاريون هندويون آهن، اوترو ئي ان سماج جي سياسي ۽ سماجي شعور سان سگهه مضبوط ٿئي ٿي ۽ اها سماجي شعوري سگهه قومن کي ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ ترقي يافته بڻائڻ ٿيون ۽ ان قوم جو وقار بلند ٿئي ٿو. اسان کي کوڙ سارا اهڙا انساني تاريخ مان مثال ملن ٿا، اهي قومون جيڪي پهريان تمام پوئتي پيل نظر اينديون هيون، پوءِ اتان جي باشعور طبقي سياسي ۽سماجي منظم جدوجهد کانپوءِ سماجي تبديليءَ کي يقيني بڻائي ڇڏيو هنن جا مثال اسان مغرب ۽ ايشيائي ملڪن مان ملي سگهن ٿا، مغرب جي ملڪن ۾رڳو اسان فرانس جي انقلاب کانپوءِ ڏسي سگهون ٿا، مغرب جا ملڪ سئو سالن تائين پوئتي رهيا ۽ پاڻ وڙهندا رهيا، انهن بادشاهي طرز حڪمرانن جي هٿان انهن کانپوءِ جڏهن جڏهن انهن قومن جي پيڙهيل طبقي تمام گهڻيون تڪليفون برداشت ڪيون ۽ انهن جي سماج ۾ ڪڏهن ڀلو نه ٿيو، انهن بادشاهي حڪمراني مان تڏهن هنن پنهنجي قسمت ۽ پنهنجي حالتن جي تبديلي جو پاڻ علم کنيو ۽ پاڻ ۾ پيڙهيل طبقي گڏجي حالتن کي بدلائڻ جو جتن ڪيو ۽ پنهنجين زندگين جو نذرانو پيش ڪيو، تڏهن ڪجهه سالن جي اندر هنن جي سماجي ۽ معاشي حالتون بدليون، اهو سڀ ڪجهه هنن 18 هين صديءَ ۾ ممڪن بڻائي ڏيکاريو، انهن جي سياسي جدوجهد نه رڳو انهن جون سياسي ۽ سماجي هلايل جدوجهد سڄي دنيا لاءِ مثالي بڻيون، ان فرانس جي 1879ع جي انقلاب نه رڳو فرانس جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتون بدليون پر ان انقلابي دنيا جي قومن ۽ سماجن تي اثر انداز ٿيو، ارڙهين صديءَ جي شروع کانپوءِ سڄي مغربي ملڪن جي اندر سياسي انقلاب برپا ٿيا. اهڙي طرح ئي انهن مغربي انقلابي دنيا جي ٻين خطن ۽ سماجن تي به اثر ڇڏيا، اهڙي طرح پوئتي پيل سماجن جي اندر وڏي پئماني تي انقلابي اٿل پٿل شروع ٿي، جنهن انقلابي تنظيم ۽ اتان جي انقلابي اڳواڻن غلامي ۽ استحصالي، سياسي ۽ سماجي معاشري مان جند ڇڏائي.
    انهيءَ خيال کان ڪو به باشعور انڪار ڪو نه ڪندو ته هر ڪنهن سماج ۾ انقلابي سوچ وارا ماڻهو هميشه ان ڪوشش ۾ رڌل هجن ٿا ته انقلابي ۽ ترقي يافته معاشري کي هميشه اڳ کان اڳتي وٺي وڃجي، ڇاڪاڻ ته اهو ئي حقيقي سماجي اصول آهي ته هر دور جي سماج جي ماڻهن کي نت نوان قانون ۽ اصول ٺاهڻا ٿا پون، جنهن ۾ هو پنهنجي آزادانه زندگي گذاري سگهي نه بلڪ اهو ته هو پراڻن کي اڳ جي نسل جي ٺاهيل اصولن ۽ قدرن کي پاڻ تي زوري مڙهي، جيڪو هن جي آزاديءَ جي خلاف آهي، اهو سڀ ڪجهه يورپ جي 18 هين صديءَ ۾ ٿيو، جنهن کي يورپ جا ڏاها ۽ فلسفي ايڏي وڏي سياسي ۽ سماجي انقلابن کي جنم ڏنو هيو ۽ هنن جي زندگي تبديلي ٿي وئي ۽ ان صديءَ ۾ پيدا ٿيندڙ سوچ ۽ انقلابي خيال هلندڙ تحريڪن کي روشن خيال دور سڏين ٿا، جنهن ۾ روشن خيال جي تصويرن انهن سڀني مغربي ۽ ماضي جي مزارن کي ڊاهي پٽ ڪيو، ان روشن خيال جي تحريڪن جي ڪاميابي کانپوءِ اسان ڏٺوسين ته تاريخ ۾ هر شيءِ جا تصور بدلجي ويا، نوان سماج ۽ قانون ٺهيا، زندگي جي شڪل بدلجي وئي، ان کان اڳ انسان جي اهميت ڪيڙن ۽ ماڪوڙن جهڙي هئي ۽ انسان کي اهميت ملڻ لڳي، ترقي جا نوان دڳ معلوم ٿيا، انسانن کي پنهنجي سوچ جي آزادي ملي، جنهن پنهنجي مرضي سان زندگي گذاري سگهي پيو، انهيءَ دور ۾ سماجي ۽ معاشي ترقي ايتري ته تيزي سان وڌي جو انسان ان کان اڳ پوري تاريخ ۾ اهڙي ترقي خوشحالي نه ماڻي سگهيو هئو. ان روشن خيال جي تحريڪ پورو جگ مگايو ۽ ايندڙ نسلن کي به اها سوجهه بوجهه ڏني ته هو آزاد آهن ۽ آزاديءَ سان زندگي گذارن، هنن جو بنيادي حق آهي، انهيءَ خيال سان اڄ تائين جيڪي انساني ۽ قومي سماج هن دنيا ۾ آهن اهي پنهنجي انهن رجت پرست قوتن سان ۽ اڄ جي استحصالي قوتن سان پنهنجي قومي سماجن کي نجات وٺي ڏيڻ ۾ رڌل آهن، اها روشن خيالن واري تحريڪ اڄ به مڪمل طرح سان انساني سماج ۾ رهندڙ ماڻهن کي مڪمل آزادي نه وٺرائي سگهي آهي، سواءِ ڪجهه ملڪن ۽ قومن کي انهيءَ ڪري ان روشن خيال جي تحريڪ اڄ به جاري ساري آهي ۽ ان جي ڪا پڄاڻي نه آهي، ڇاڪاڻ ته انساني ڦرلٽ ۽ انساني سماج جي آزاديءَ جون دشمن قوتون پنهنجون شڪليون مٽائي ماڻهن ۽ سماجن کي ڦرينديون وتن ٿيون، اهي مذهبي رجت پرستي واريون قوتون هجن يا وري سرمائيداري جون قوتون جيڪي چاهين ٿيون اهي ئي طاقت حاصل ڪري سماجن ۽ محڪوم طبقي تي پنهنجي حڪمراني قائم ڪن ۽ انهن جي ڦرلٽ کي جاري رکي سگهن،
    اهڙيون ئي قوتون هن 21 هين صديءَ ۾ عالمي سامراجي جي شڪل وٺي چڪيون آهن، انهن عالمي استحصالي قوتن وري ملڪي ۽ قومي استحصالي قوتن سان اتحاد ڪري ورتو آهي، جيڪي گڏجي ڪري پوئتي پيل ۽ ڪمزور قومي سماجن جو مڪمل استحصال ڪري قومن جي ڀينگ ڪري رهيون آهن، انهن پنهنجي ڦرلٽ جي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ محڪوم قومن جي مختلف اندروني اختلافن کي جنم ڏئي انهن کي ويهڙائي، مارائي ايترو ته ڪمزور ڪري ورتو آهي، جو اهي ويچاريون پنڊ پهڻ ٿي ويون آهن، اهي آفريڪي کنڊ جون قومون هجن يا ايشيائي ۽ ليٽن آمريڪي، اتان جي ملڪن تي ڊگهو عرصو مٿئين طبقي سان مغرب جي سرمائيداري قوتن حڪمراني ڪري انهن قومن جي هر پاسي کان ڦرلٽ ڪري انهن جي ثقافتي، سماجي ۽ معاشي تباهي ڪري پنهنجا ٽپڙ گول ڪيا، پوئتي پيل سماجن اتان جي ڀائيوار استحصالي قوتن جي حوالي ڪري ڇڏيو ته جيئن اهي انهن ئي پنهنجي نويت جي داخلي سامراجيت قائم ڪن ۽ انهن جو اڳتي هلي ڪري ساٿ ڏين.
    جڏهن وري ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ اڪثر قومن پنهنجي نالي ماتر آزاديون ماڻيو ۽ انهن قومن جي اندر ڪجهه حقيقي سياسي ۽ معاشي ڌريون پاڻ هڪ منظم ٿي اتان جي سماجي ۽ معاشي حالتن جي حالتن کي بهتر بنائڻ چاهيو يا وري پنهنجي ملڪن کي جمهوري انداز سان هلائڻ جي جدوجهدون ڪيون ته انهن جمهوري ۽ ترقي پسند قوتن کي عالمي سامراجي ملڪن ڏيهي غير جمهوري قوتن کان ختم ڪرائي ڇڏيو ۽ وڏين ترقي پسند تحريڪن جي اڳواڻن کي ڦاهي چاڙهائي ۽ مارائي ڇڏرايو، ملڪن جي جابر حڪمرانن کان اهڙي طرح پوئتي پيل مظلوم قومن جي سرد جنگ دوران تباهي ۽ بربادي ڪئي وئي ۽ انهن مظلوم قوم جي ڪا گهڻي تڻي تاريخي حوالي سان ترقي ٿي نه سگهي آهي، اڄ به پوئتي پيل سماج ۽ قومون انهن عالمي سرمائيدار جي هٿ ڪنڊن کان آجيون ٿي نه سگهيون آهن، انهن قومن جي هن وقت اهڙي بري حالت آهي جن ۾ گهڻي تڻي خانه جنگي وارين حالتن ۾ آهن، جهڙوڪ آفريڪي ملڪن ۽ انڊيا، وري هن وقت عرب ملڪن جي اندر جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، انهيءَ سڀني حالتن جو ذميوار اهي عالمي ۽ ديسي قسم جا لٽيرا آهن، انهن مظلوم قومن جي سماجي ۽ سياسي حالتون اڳ کان وڌيڪ برتر ڪري ڇڏيو آهي، انهن جي نه رڳو سياسي سماجي ۽ معاشي حالت خراب پئي ٿئي پر ان قومي سماجن جي تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي بربادي رونما پئي ٿئي، اهو سڀ ڪجهه مغرب جي سرمائيداري جي نتيجي ۾ ئي ٿي رهيو آهي.
    انهيءَ کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها به آهي ته دنيا جي پوئتي پيل سماجن ۽ قومن هڪ منظم داخلي سامراج ۽ استحصالي قوتون ايتريون ته مضبوط ٿي ويون آهن، جو اهي خارجي عالمي استحصالي قوتن کان وڌيڪ خطرناڪ شڪل اختيار ڪري ورتي آهي، جيڪو انهن پوئتي پيل قومن جي لاءِ وڌيڪ خطرناڪ آهي. ته اتان جي سياسي ۽ سماجي قوتن کي گهرجي ته انهن سان ڀرپور مهاڏو اٽڪائي انهن قوتن جون پاڙون پٽي ۽ انهن کان سياسي اقتدار ۽ معاشي بالادستي کي پنهنجي قبضي هيٺ ڪري جيڪي حقيقي جمهوري ۽ ترقي پسند قوتون آهن، هاڻي مان هت انهيءَ پوري تناظر ۾ پاڪستان رياست ۽ ان جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن تي بحث کي سميٽڻ جي ڪوشش ڪندس، پاڪستان رياست جيڪا 1947ع کان گڏيل برصغير جي مذهبي ۽ فرقيوارانه اختلافن جي نتيجي ۾ وجود ۾ آئي، جيڪا هڪ گهڻ قومي رياست آهي، جنهن مذهبي تصور طور جنم ورتو ۽ انهيءَ مذهبي تصور طور پاڪستان کي هلائڻ کان پاڪستان جي باني محمد علي جناح خد ئي انڪار ڪيو هئو ته پاڪستان سيڪيولر رياست طور سڃاڻپ حاصل ڪري پر ان جي فوت ٿي وڃڻ کانپوءِ ان رياست کي مذهب جي عين مطابق يرغمال بڻايو ويو، پاڪستان جي هڪ سياسي ٽولي پنهنجي پنهنجي سياسي ۽ معاشي مفادن خاطر هن ملڪن تي قبضو ڄمائي ڇڏيو ۽ مذهب کي نالي ماتر استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي، اڄ تائين اسلام مذهب جنهن جي سياسي بهترين تشريح اها به ٿي ته رياست ۾ رهندڙ ماڻهو، قومون، مذهب ۽ نسل سڀ برابر هجڻ گهرجن، ڪو به مذهبي يا نسلي ڪا بالادستي جي اجازت ناهي مليل، رياست اندر رهندڙ شهرين جي معاشي ۽ سماجي حالت هڪ فلاحي هجڻ گهرجي نه بلڪي استحصالي، عين اسلامڪ رياست ۾ ڪنهن به قسم جي تفريق جي ذري جيتري گنجائش ناهي مليل، اسلام مذهب کان علاوه جيڪي به ٻي مذهبي آبادي آهي، انهن جي سياسي ۽ معاشي حالتون ڪنهن به مسلمان کان گهٽ نه هجڻ گهرجن، اسلامي رياست جو تصور به هڪ مڪمل فلاحي ۽ مڪمل طور عدل ۽ انصاف تي ٻڌل معاشري جو حڪم آهي، جيڪو پاڪستان ۾ ڪڏهن به اسلامي اصول قائم نه ڪيا ويا آهن، ان جي 70 سالن جي تاريخ ۾ جيڪڏهن جيڪو ڪجهه اسلام جي نالي تي ڪيو ويو آهي ان سان اسلام ۽ مذهب جي عالمي سطح تي بدنامي ٿي آهي، اسلام جي حقيقي روح، تعليم ۽ فلسفي جي گهٽتائي ٿي آهي نه رڳو پاڪستان کان ٻاهر پر پاڪستان جي پنهنجي معاشري ۾ پڻ،
    انهيءَ هٿ ٺوڪي مخصوص سياسي بالادست طبقي جي ڪري پاڪستان 1971ع ۾ ٽٽي ويو، جنهن مان بنگلاديش ٺهيو، پوءِ به هن ملڪ کي نه جمهوريت نصيب ٿي نه وري ڪجهه ٻيو، هن ملڪ جون سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتون ان کان به وڌيڪ بدتر کان بدتر ٿينديون پيون وڃن، هن ملڪ ۾ رهندڙ ٻيون قومون مذهب ۽ ثقافتن جا ماڻهو پاڻ گڏجي رهڻ کان بلڪل عاري آهن، پاڪستان ۾ مختلف قومون هاڻي گڏجي رهڻ ناممڪن سمجهي رهيون آهن، هن ملڪ ۾ مختلف قومن ۽ ثقافتن جا ماڻهو هڪ ٿي رهڻ جي اميد وڃائي ويٺا آهن، هر طرف اختلافات نظر اچي رهيا آهن. پاڪستاني سماج ۾ مذهبي، سياسي، معاشي ۽ سماجي حوالي سان هن رياست جي سياسي ايترو وڏو خلفشار هلي رهيو آهي، جو اهو پري ناهي ته هن جو مستقبل عراق، شام ۽ مصر جهڙو ٿئي، انهيءَ پوري صورتحال ۾ هر شهري پنهنجو پاڻ کي پاڪستان ۾ غير محفوظ سمجهي رهيو آهي، عالمي سطح وري هن ملڪ جي لاءِ ڪجهه ٻيون حڪمت عمليون جوڙي رهيون آهن، انهن عالمي قوتن کي پنهنجي پنهنجي مفادن جي هن خطي ۽ ملڪ ۾ ڳڻتي آهي ته انهن جي مفادن جو ڇا ٿيندو؟


    پاڪستان تي جاگرافيائي سياست جا اثر ۽ سنڌ جون سياسي حالتون

    پاڪستان پنهنجي جاگرافي حوالي سان هي خطو تمام گهڻي اهميت جي لائق آهي، هن ملڪ جي ذريعي ٽن خطن جو پاڻ ۾ ڳانڊاپو ٿئي ٿو، هي ملڪ ئي ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا ۽ وسطه ايشيا، انهن ٽن خطن ۾ ئي هن وقت عالمي سطح جون طاقتون پنهنجو ڪنٽرول ٿيون چاهين ته جيئن هو انهن خطن جي وسيلن، منڊين تي قبضو ڪجي ۽ پنهنجي سرمائيدارانه مفادن کي تقويت ڏئي سگهجي ، انهيءَ ڊوڙ ۾ آمريڪا ۽ ان جون اتحادي قوتون انڊيا، جاپان، آسٽريليا، انگلينڊ ۽ ٻئي طرف آهن، هن وقت اڀرندڙ دنيا جي معاشي قوت چائنا جنهن وري پنهنجا ڪجهه اتحادي آهن، انهيءَ سڀني جي دوري مرڪز آهي، پاڪستان جيڪي انهيءَ پوري گريٽ گيم جو اهم ۽ لازم حصو آهي، جنهن سان پاڪستان گڏجي بيهي، انهيءَ جو پلڙو ڀاري ٿيندو.
    پاڪستان جون وري پنهنجون تاريخي گهرجون آهن هن خطي ۾ انهيءَ جو پاڪستان جي حڪمران طبقي کي مڪمل ادراڪ آهي ته پاڪستان جي ڪيڏي نه وڏي اهميت آهي، هن پوري خطي ۾ تبديل ٿيندڙ حالتن جي پاڪستان جي حڪمراني طبقي جون گهرجون آهن، انهن مان سڀ کان وڏي گهرج اها آهي ته انڊيا جيڪو هن جو ازل کان دشمن ملڪ قرار ڏنل آهي، 1947ع کان، انهيءَ انڊيا کي پاڪستان مڪمل طرح سان هيٺ ڏسڻ چاهي ٿو ۽ جيڪو هنن حالتن ۾ انڊيا جو يار آهي، پاڪستان جو دشمن آهي، ٻيو پاڪستان جي گهر ۽ اهميت ان ڳالهه تي آهي ته هن وقت ڪو به ملڪ پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪري ۽ نه وري پاڪستان ۽ هلندڙ هن وقت بلوچستان جي آزاديءَ جي تحريڪ جي حمايت ڪري، يا ڪنهن به قسم جي مدد، ان سان گڏ نه وري سنڌ صوبي جي گاديءَ واري شهر ڪراچي ۾ مداخلت يا ڪا مدد ڪنهن نسلي گروهه کي جيڪو هن وقت پاڪستان جو وڏو اهم معاملو هلي رهيو آهي، ٽيون آهي ته هن وقت پاڪستان ۾ جيڪي عالمي قوت پاڪستان جي عسڪري ۽ ائٽمي قوت جي مدد ڪري ته پاڪستان انڊيا جو مقابلو ڪري سگهي، ان سان گڏوگڏ پاڪستان جون معاشي حالتون سياسي معاملا انتهائي خراب آهن، انهيءَ حوالي سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري ۽ معاشي حالتن ۾ پاڪستان جي مدد ڪري، جيڪو هن وقت چائنا جي صدر پاڪستان جي دوري تي اچي ڪو تمام وڏي سيڙپڪاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن کي چائنا ۽ پاڪستان اقتصادي راهداري سڏيو وڃي ٿو، اها سيڙپڪاري تقريبن 46 بلين ڊالرز جي آهي، انهيءَ کان اڳ پاڪستان ۾ ايڏي وڏي ڪڏهن به سيڙپڪاري نه ٿي آهي، تاريخ ۾ ياد رهي ته تازي سيڙپڪاري چائنا اڳ ۾ ئي گوادر تي ڪري چڪو آهي، جنهن تي بلوچستان جي سياسي ماڻهن ان گوادر کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ان تي هلندڙ ڪم ڪافي عرصي کان روڪيل آهي ۽ بلوچستان جي اندر هلندڙ هن پاڪستان جي خلاف علحدگي پسند قوتن جون ڪارروايون هلي رهيون آهن، جنهن جو تڪڙو حل نظر نه اچي رهيو آهي، فلحال ته اهو سڀ ڪجهه پاڪستان اندر رياست ۾ پاڪستان جا حڪمران اهو سمجهي رهيا آهن ته اهو سڀ ڪجهه بيروني مداخلت جي ڪري ٿي رهيو آهي، جنهن جو پاڪستان تازو ئي الزام ڀارت ملڪ جي خوفيه ايجنسي تي لڳايو آهي ته بلوچستان کان ڪراچي ۽ مختلف پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرد ڪارروايون ڀارتي را ايجنسي ڪرائي رهي آهي ته پاڪستان ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام نه اچي سگهي، ڪڏهن به پاڪستان ڀارت جو مقابلو نه ڪري سگهي.
    انهيءَ ڳالهه ۾ شايد ڪي گهڻا رايا نه هجن ته اهي سڀ گهيريل پاڪستان کي مشڪلاتون جنهن ۾ شايد ئي عالمي قوت جو شامل نه هجن، پر انهيءَ کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي، پاڪستان ۾ سياسي ۽ معاشي استحصال پاڪستان ٺهڻ کان هن رياست جي حڪمران طبقا ڪندا رهيا آهن ۽ انهن حڪمرانن ڪنهن به انهن سڀني اندروني سياسي اختلافن جو حل سياسي حوالي نه ڪڍڻ چاهيو آهي، اهو ڀلي کڻي اوڀر پاڪستان جو معاملو هجي يا وري هن وقت بلوچستان جو مسئلو، انهن سڀني مسئلن جو حل هن رياست اندر ڏاڍ ۽ بندوق جي زور تي ڪيو ويو آهي، جيڪو هر وقت هر ڀيري هر معاملي جو حل نٿو ڪڍي سگهجي، پاڪستان جي حڪمرانن کي ضرور تاريخ مان سبق سکڻ گهرجي، نه ته تاريخ پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندي آهي ،جيڪي ڏاڍا ڪڙا هوندا آهن.
    اهڙي طرح پاڪستان کي جاگرافيائي حالتون هنن خطن جو ڪجهه حالتن ۾ تمام گهڻي اهميت ڏئي رهيو آهي ۽ وري پاڪستان جون پنهنجون اندروني حالتون پاڪستان جي ان جاگرافيائي اهميت کي تمام وڏو نقصان ڏئي رهيون آهن، اهو سڀ ڪجهه پاڪستان کي پنهنجي بهتر سفارتڪاري تي آهي ته پاڪستان انهن سڀني خطن جي تبديل ٿيندڙ حالتن مان فائدو ٿو حاصل ڪري يا وري پنهنجي ئي ڪيل اندروني ۽ خارجي فيصلا ان کي نقصان ٿا رسائن، انهيءَ جو فيصلو ايندڙ وقت ئي ڪري سگهي ٿو، هن وقت جي حقيقي حڪمران طبقي پاڪستان جي علائقائي ۽ جاگرافيائي حوالي سان چائنا کي پنهنجو اتحادي بڻائي رهيو آهي، اهو چائنا جنهن جو انڊيا مد مقابلي طور سامهون اچي رهيو آهي، آمريڪا جو اتحادي ٿي، انڊيا ۽ چائنا جون ڳالهيون هلي رهيون آهن ته انڊيا ۽ چائنا جي وچ ۾ هڪ اتحادي نه سهي پر اهو هڪ هن وقت فطري آهي ته انڊيا آمريڪا جو وڌيڪ اتحادي آهي ۽ اهو چائنا جي سياسي اڳواڻن کي سفارتڪارن کي به بخوبي علم آهي، جنهن جي ڪري چائنا کي انڊيا جي رستا روڪ ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي مدد ڪرڻ چائنا لاءِ تمام گهڻو لازم ٿي رهيو آهي، جنهن جي بنياد تي چائنا وڏي پئماني طور پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري رهيو آهي، هر سطح تي اهو ڀلي پاڪستان جي ائٽمي قوت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ يا وري معاشي حوالي، هڪڙي ڳالهه ضروري آهي ته چائنا کي ڪجهه ضرور پاڪستان جي حوالي سان خدشات ۽ تعلقات جي حوالي سان ته ڪٿي پاڪستان جي اصل سياسي حڪمران وري نه آمريڪا جي پٺيان لڳي پون، ڇاڪاڻ ته آمريڪا سڌي طرح سان پاڪستان کي ڊالرز ڏيندا رهن ٿا ۽ آءِ ايم ايف ۽ (world bank) جي (Aid) به هڪ وڏي اهميت رکي ٿي، پاڪستان لاءِ چائنا بلڪل ئي نٿو ڪري سگهي پيو ته هو سڌا سنوا پاڪستان کي پئسا ڏيڻ ائين جيئن آمريڪا ڪندو رهيو آهي، ٻيو اهو آهي ته هن وقت چائنا جيڪي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي، ان جي تڪميل ٿيڻ ممڪن آهي، پاڪستان جي اندر يا نه، هڪ ته گوادر ۾ چائنا جي سيڙپڪاري اڳ ئي رولڙي جو شڪار آهي، ٻيو هاڻي ايڏي وڏي چائنا جي 46 بلين ڊالرن جي سيڙپڪاري ۽ مرڪز ۾ نواز شريف جي حڪومت ۽ صوبن جون ناراضگيون مرڪزي حڪومت تي هن وقت صوبن جا خدشا ۽ اعتراض اچي رهيا آهن ته چائنا جي ايڏي سيڙپڪاري مان ننڍن صوبن کي حصو ملندو اهي سڀ (Gray Areas) آهن، چائنا جي سيڙپڪاري جي حوالي سان، ان کان علاوه پاڪستان مان ڪجهه مذهبي شدت پسند جماعتون چائنا جي اندر رهندڙ مسلمانن جي آباديءَ تي اثرانداز به ٿي رهيون آهن، جنهن تي چائنا جا ڪجهه تلخ قسم جون شڪايتون آهن، پاڪستان سان هن وقت اها به حقيقت آهي ته پاڪستان جون اندروني خلفشار ڀريون حالتون ۽ سياسي ۽ سماجي عدم استحڪام خد پاڪستان لاٰ وڏيون چئلينجز آهن، انهن کي قابو پائڻ، هڪ ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته چائنا جي پاڪستان سياسي عسڪري ۽ معاشي سرگرميون ۽ تعاون آمريڪا جي حڪمران ۽ سفارتڪارن لاءِ به قابل قبول ڪونهن،اهو هڪ الڳ پاڪستان جي لاءِ مشڪل ۽ امتحان جي گهڙي آهي ۽ پاڪستان ساڳئي وقت ٻن ٻيڙين ۾ به سوار ٿي نٿو سگهي، ٻيو اهو پاڪستان جي حڪمران طبقو ڪوشش ضرور ڪندو ته خوش رهي رحمان ۽ راضي رهي شيطان بهي!
    مان هاڻي اچان ٿو پنهنجي ڳالهه تي جنهن جي ڪري هي مون ايڏو ڊگهو بحث کي ڇيڙيو آهي، سنڌ جو سوال ۽ ان جو مستقبل هن خطي ۾ تبديل ٿيندڙ سياسي ۽ معاشي حالتن ۾ ان ڳالهه کان شايد ڪو به جاگرافي جو ماهر ۽ استاد انڪار ڪو نه ڪندو ته پاڪستان رياست جي جاگرافيائي اهميت ۾ هن سنڌ صوبي جي تمام گهڻي اهميت بيهي ٿي، پاڪستان جي (Geopolitical) اهميت سنڌ صوبي کانسواءِ باقي ڪا گهڻي ڪا نه بچندي، جيڪڏهن سنڌ صوبي کي رڳو هٽايون ته پوري هن خطي جي سياسي اهميت به ساڳئي نه رهندي، ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن وقت سنڌ جي گاديءَ واري شهر ۾ سياسي ڏڦيڙ هلي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪجهه عالمي قوتن جا هٿ موجود آهن.
    هن پاڪستان رياست ۾ سنڌ صوبي جون سڀ کان وڌيڪ قربانيون آهن، تڏهن کان وٺي جڏهن کان هي ملڪ ٺهيو آهي، انهيءَ قرباني جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن تمام گهڻا گهاو کاڌا آهن. هن صوبي ۽ سنڌي ماڻهن پنهنجي سياسي سماجي ۽ معاشي ترقي جون قربانيون ڏنيو آهن، هن صوبي جي اصل رهاڪن کي ڪجهه نصيب نه ٿيو آهي، هنن جي پنهنجي ٻولي، ثقافت جي تباهي ۽ بربادي پنهنجي جڳهه تي سنڌ جو اصل رهاڪو هن وقت اقليت ۾ تيزي سان تبديل ٿي رهيو آهي، سنڌ جي وسيلن تي ڌارين جي آبادي ڪابض ٿي رهي آهي، سنڌ جي راڄڌاني جي شهر ڪراچي ۽ پاڪستان ٺهڻ کان اڄ تائين امن سياسي استحڪام قائم نه ٿيو، سنڌ صوبي جي ايڏي وڏي بندرگاهه مان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو کي رڳو نقصان پهتو آهي، ڪو به معاشي فائدو نه مليو آهي، سنڌ جون معاشي ۽ سماجي حالتون آفريڪا جي پوئتي پيل ملڪن جهڙيون آهن، سنڌي ماڻهن کي نه هن وقت تائين ڪي بهتر روڊ رستا، صحت، روزگار ۽ نه ئي ڪا تعليم ملي سگهي آهي، هي ايڏو وڏو بندرگاهه جيڪو پوري پاڪستان کان وٺي سينٽرل ايشيائي ملڪن تائين رسائي فراهم ڪري ٿو، ان جي بدلي سنڌ کي ۽ سنڌي عوام کي بک ۽ معاشي بدحالي کانسواءِ ڪجهه ناهي مليو، انهيءَ سنڌ جي بندرگاهه کان سنڌي ماڻهن کي ڪجهه مليو آهي ته رڳو ڪلاشنڪوف، چرس، آفيم ۽ ڌارين جي ڪٽڪ آبادي جن جي ڪري سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي بربادي ٿي رهي آهي، هن وقت سنڌ جي ٻهراڙين جي سماجي ۽ معاشي ڏيک آفريڪي صحرا جهڙو ڏيک ڏئي رهي آهي، جاتي هو پاڻ پنهنجي ننڍين ننڍين قبيلائي تڪرارن ۾ پنڊ پهڻ ٿي ويا آهن. جاتي نه ڪڏهن ڪا رياست جي قانونن جو نفاذ رهيو آهي نه وري ڪا سياسي حڪمراني، هن وقت سنڌ جي اندروني سماج ۾% 80 کان به گهٽ سنڌي عوام کي بنيادي سهولتن جي رسائي آهي، پوري سنڌ ۾ هڪ طرف وڏي پيماني تي نقل مقاني ٿي رهي آهي، امن امان جي عدم موجودگي ڪري يا وري معاشي تنگيءَ ڪري جنهن جو هن وقت تائين ڪو به حڪومتي سطح تي ان جو ازالو ناهي، سنڌ جي ٻهراڙين جو معاشي ڍانچو به هڪ طرف مڪمل تباهه ۽ برباد ٿي چڪو آهي، سنڌ ۾ ڪافي عرصي کان ڄڻ ڪا حڪومت نالي ڪا شيءِ موجود ئي نه رهي آهي، زندگي جون سڀ سهولتون هن وقت ختم ٿي چڪيون آهن، ڳوٺن جي ٻارن جي پڙهائي لاءِ اسڪول 60% سيڪڙو بند ٿي چڪا آهن، اهڙي طرح بنيادي صحت جي مرڪزن جي به ساڳئي حالت آهي، سرڪار پاران ڪي به هن وقت تائين خاطر خواهه اپاءَ نه ورتا ويا آهن، ٻئي طرف سنڌ جي ٻهراڙي جي رهاڪن جو وڏو معاشي ذريعو انهن جي زراعت رهي آهي، جيڪو هن وقت تباهه ۽ برباد آهي، ڪي حڪومتي ٺوس پاليسيون نه ٺاهيون ويون آهن، جنهن سان سنڌ جي زراعت کي ترقي ملي، رهندو ٻهراڙين ۾ منافعي خور واپارين کي ڇوٽ ڏني وئي ته هو وڌيڪ اڃا تباهي ڪن، آبادگارن جو اهو ڏينهن به پري ناهي جو آبادگارن جو سماجي حالتون هڪ خودشڪيءَ واريون بڻجي ويون آهن.
    هنن سڀني سنڌ ۽ سنڌي عوام جون بدتر حالتن ۾ هڪ دفعو وري هن خطي ۾ پاڪستان سياسي ۽ معاشي حالتن ۾ وڏو ڦيرو اچي رهيو آهي، جتي هڪ دفعو وري افغانستان ۾ سياسي عدم استحڪام جنم وٺي رهيو آهي ۽ پاڪستان هڪ دفعو وري عالمي قوتن جي اختلافن جي گهيري ۾ اچي رهيو آهي، جنهن جا خطرناڪ نتيجا نڪرڻ وارا آهن انهيءَ پوري تبديلي ۾ سياسي ۽ معاشي حالتن جا سڀ کان وڌيڪ اثر سنڌ صوبي تي پوندا ۽ پئجي رهيا آهن، انهيءَ لاءِ اسان سنڌي بلڪل تيار نه آهيون نه ڪي اسان سنڌي سياسي حوالي سان مضبوط آهيون ۽ نه وري سماجي معاشي حوالي سان اسان سنڌ جي ماڻهن ۽ سياسي اڳواڻن کي انهيءَ پوري عالمي ۽ علائقائي سياسي تبديلين جو جائزو وٺڻو پوندو ۽ سنڌين جي سياسي صفن کي مضبوط رکڻو پوندو ته جيئن اسين سنڌ جي مستقبل لاءِ مثبت رکي سگهون، سنڌ جي ماڻهن ۽ سياسي اڳواڻن لاءِ اها به هڪ پريشاني رهي آهي ته اسان سنڌي پنهنجون سياسي ڌرين کي مضبوط نه ڪري سگهيا آهيون، جنهن جي ڪري سنڌ جو عوام ۽ سنڌ جي مفادن جو نقصان ٿيندو آهي ۽ هاڻي به پاڻ ماضي وانگي پنهنجون غير سنجيدگي برقرار رکي هلنداسين، سياست ۾ ته پوءِ يقين سنڌ جو وڏو تاريخي نقصان ٿيندو، شايد توهان اسان کي ان جو ڪو ڪاٿو به نه ڪري سگهيون، هن وقت تائين سنڌ صرف هڪ ئي سياسي جماعت تي ڀاڙيندي آئي آهي، اها آهي پيپلزپارٽي جنهن ڪجهه سنڌ کي فائدا به ڏنا ۽ نقصان به، جڏهن ته سنڌ ۾ هڪ کان وڌيڪ اهڙيون مضبوط سياسي جماعتون هجڻ گهرجن هان، جيڪي سنڌ جي سياسي ۽ معاشي حالتن جو مقابلو ڪن هان، ائين نه ٿئي جنهن جو وڏو سنڌي عوام جو نقصان ٿيندو رهيو، صرف ان ئي خيال تي به سياسي تبصرو ٿيڻ گهرجي، چلو خير! هن وقت وري ٿي ڇا رهيو آهي، جو جيڪا رهيل کهيل هڪڙي سنڌ جي سياسي جماعت هئي پيپلزپارٽي ان جون به هاڻي پارٽي جي ڪرپٽ قيادت پاڙون پٽي رهي آهي، هڪ ته هنن جي حڪومت هن ٻن دوري حڪومت ۾ ڪا به پرفارمنس يا سٺي حڪمراني نه ڏيکاري آهي، وري ٻيو هنن جي پاڻ اڳواڻن ۾ جهڳڙو جيڪو هن وقت ذوالفقار مرزا جي شڪل ۾ هلي رهيو آهي، جيڪو پيپلزپارٽي لاءِ تمام وڏو خطرناڪ آهي، هنن حالتن ۾ سنڌ جو آئيندو مشڪل ٿي رهيو آهي، سنڌين کي مضبوط سياسي جماعتن جي ضرورت آهي، ۽ وري صحيح سياسي جماعت جي اندر اهڙي کوٽ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ تشويڪ کان خالي نه آهي، انهيءَ ۾ ڪو شڪ شهبو به نه آهي ته پيپلزپارٽي ۾ موجود تضاد ۽ اختلاف صرف ئي صرف اندروني آهن ۽ ٻاهرين ڌرين جي ڪا مداخلت نه آهي، ته مان نٿو سمجهان اهو صحيح آهي، اهي ساڳيون ئي قوتون جن پيپلزپارٽي کي مرڪز کان هٽائي هڪ سنڌ صوبي تائين محدود ڪيو ويو ۽ وري هاڻي سنڌ صوبي ۾ رهڻ پيپلزپارٽي جو ناگزير بڻايو پيو وڃي، جيڪڏهن پيپلزپارٽي جو اهڙو حشر رهيو ته سنڌي عوام جي لاءِ سياسي هاڄيڪار بڻبو، ڇاڪاڻ ته سياسي جماعتون ڪو ايترو آساني سان نٿيون ٺهن، ڪنهن به سياسي سماج ۾، تنهن ڪري اسان سنڌي پڙهيل لکيل ۽ سياسي سوجهه بوجهه رکڻ وارن لاءِ ضروري آهي ته هن وقت پيپلزپارٽي تي هڪ مثبت تنقيد ڪيو ۽ ان کي بهتر بڻايو، جيڪڏهن پارٽي جي اندر ڪجهه فرد اڳواڻ پنهنجي صحيح طريقي سان ڪردار ادا نه ڪري رهيا آهن ته انهن تي تنقيد ڪرڻ گهرجي.
    ان کان علاوه سنڌ جي ڪجهه ٻين سياسي جماعتن کي به بهتر انداز سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ پيپلزپارٽي سان حقيقي سياسي مقابلو ڪرڻ گهرجي، عوامي سطح تي نه بلڪي هٿ تي هٿ رکي ويهي رهجي ته ڪڏهن ٿيون پي پي جون پاڙون پٽجن ۽ انهن کي وارو ملي، ته اها سوچ سنڌ دوست به نه آهي ۽ مثبت، ڪنهن حوالي سان اهڙي روش ۽ سوچ غير جمهوري آهي ۽ سنڌ جي وسيع مفادن جي خلاف به سنڌ کي جهڙي نوعيت جو سياسي ۽ معاشي مشڪلاتون اچي رهيون آهن، انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجڻ به گهرجي، سڀني سياسي جماعتن کي ۽ ساڳئي وقت انهن سڀني سياسي ننڍين ننڍين جماعتن کي پنهنجي عوامي سگهه به حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ بهتر حقيقي قيادتن کي به اڳيان آڻجي ته جيئن هو وقت اچڻ تي اهي اڳواڻ هڪ بهتر ڪردار ادا ڪن، سنڌ ۽ سنڌي عوام جي مفادن لاءِ سنڌ جي سياسي منظر نامي کوڙ ساريون ماضي ۽ حال ۾ غير سنجيده ڌريون رهنديون پيو اچن، جن سنڌ جي سياسي ۽ سماجي مفادن کي ڏاڍو نقصان ڏنو آهي، جيڪڏهن اڃا به ائين هلندو رهيو ۽ اهڙي سوچ جي قيادت سياسي جماعتن ۾ رهنديون ته ايندڙ هن خطي ۽ ملڪ جي تبديل ٿيندڙ حالتن ۾ سنڌ کي نقصان کان نٿو روڪي سگهجي پيو.


    دنيا جون تبديل ٿيندڙ حالتون: سنڌ کي درپيش سماجي ۽ معاشي مسئلا

    موجوده دور کي جديد دورسڏيو وڄين ٿو، جنهن جي شروعات ويهين صدي جي آخري حصي ۾ ٿي، جنهن دنيا جي سماجي علمن، فلسفي، سائنس ۽ ادب، آرٽ ۽ فن، ثقافتن جون تحريڪون ۽ نظريا هڪڙي نئين تنقيدي رخ سان ڏٺا ۽ پرکيا وڃن ٿا، جنهن ۾ جديدت کانپوءِ انساني تاريخ ، مذهب ۽ ادب، فن، سائنس، فرانس انقلاب کانپوءِ وجود ۾ آيا، انهن علمن جي سوچن کي هڪ نئين انداز سان ڏسڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ وري (postmodernism) (بعد جديديت) وارو عمل سمجهيو وڃي ٿو، هر نظريي مطابق انساني سماج ترقي، فن ادب، معيشت مختلف سماجي فرق سائنسي ترقي جا سماج تي اثر، انهن سڀني ادبي فلسفي تاريخ جي حوالي سان انسان جي زندگي تي پوندڙ اثر خاص ڪري ٻي مهاڀاري جنگ ۽ سرد جنگ جا نتيجا انهن سڀني علمن کي نئين سر جاچڻ ۽ انهن علمن جي ڪري پوندڙ اثر کي هڪڙي انداز سان ڏسڻ کي پوسٽ اسٽڪچرلزم يا Post modernism سڏيو وڃي ٿو، جنهن کي سنڌيءَ ۾ بعد جديديت سڏي سگهجي ٿو يا ٻولي جا ماهر ان لاءِ ڪو نئون مناسب سنڌيءَ ۾ متفق ٿي ڪري لفظ ٺاهن ته بهتر ٿيندو.
    انهيءَ جديديت واري دور کانپوءِ وري هن وقت سنڌي سماج کي ڪٿي بيهارجي ۽ ڪهڙي رخ ۾ کڻي وڃجي، اهو هڪ اهم سوال ۽ مسئلو آهي، سنڌ جي سياسي سماجي ۽ انهن ادبي دنيا جي سنڌي باشعور ماڻهن لاءِ انهيءَ ڳالهه سان مان به متفق آهيان ته سنڌ جي تاريخ ۽ سماج جو نئين انداز سان سوچڻ ۽ فڪر ڪرڻ گهرجي، سنڌ سائنسي ۽ معيشتي حوالي سان ترقي ڪو نه ڪئي آهي پر ان دنيا جي سائنسي ۽ معاشي ترقي سنڌ تي گهرو اثر ڇڏي رهي آهي ، جنهن کي سمجهڻ ۽ انهن جي پوندڙ اثرن کي سمجهڻ تمام گهڻو ضروري آهي، سنڌي سماج کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ ٻيو اهم پهلو آهي سنڌي ادب ۽ فن جي حوالي سان جيڪو تمام گهڻو اهم آهي، جنهن جي حوالي سان سنڌ ۾ مختلف دورن ۾ ڪم ٿيندو رهيو آهي، ان ادب ۽ فن کي نئين سر سان سنڌ ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي، جنهن سان سنڌي سماج جون کوڙ ساريون شيون تبديل ٿي سگهن ٿيون پيون، جيڪي سنڌي سماج کي اڳتي وٺي وڃڻ ۾ مدد فرهام ڪنديون، مثلن سنڌ هن وقت ملڪ نه پر هڪ صوبو آهي، جيڪو هڪ تاريخ جو سچ آهي، ٻيو ته هن وقت سنڌي سماج جي وقت تبديل ٿي چڪو آهي، تاريخي حوالي سان 1947ع کانپوءِ جنهن ۾ ڪيترائي مذهبي نسلي، ٻولي ۽ ثقافتي فرق آهن، انهن سڀني فرقن کي سياسي سماجي حوالي سان قبول ڪرڻون پوندو، ٽيون فرق اهو ته سنڌ هڪ زرعي سماج واري حالت ۾ آهي، جنهن ۾ صنعتي سماج وارا گڻ ۽ قدر نه اچي سگهيا آهن، ڪهڙن به سببن جي ڪري چوٿون اهم هن وقت سنڌ هڪڙي (Globalization) جي چڪرويو ۾ آهي، جنهن مان اسان سنڌ جو فائدو ته وٺي ڏئي سگهون ٿا پر ان کي ختم ڪري نٿا سگهون، انهن سڀني سوالن ۽ فرقن کي سنڌ جي سياسي عمل يا ادب ۽ فن ۾ ڪم ڪندڙن تي تاريخي فرض ٿئي ٿو ته اهي انهن سڀني حوالن سان سنڌي سماج جي نئين سر جوڙجڪ ڪن، جنهن ۾ سياست ڪندڙ سنڌي اڳواڻن تي گهڻي ذميواري عائد ٿئي ٿي، جنهن کي سنڌي سماج کي تاريخي حوالي سان هڪ فيصلاڪن مرحلي مان گذارڻو آهي ۽ انهن سياسي اڳواڻن کان علاوه باقي شعبن جي ماڻهن کي نت نيون تشريهون ڪرڻيون پونديون. سنڌ جي علم، ادب، تاريخ ۽ فسلفي جي حوالي سان سنڌ جو سماج تاريخي حوالي سان انهيءَ سڀني ۾ موجود تضادن ۽ فرقن کي ختم ڪرڻ بجاءِ انهن کي حل ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو، جيڪي هن وقت سنڌ ۾ موجود آهن، انهيءَ لاءِ صرف ضرورت آهي، سياسي فراخ دلي سياسي عزم (Political will) جي، جو دنيا جي هن ڪيترن ملڪن ۽ قومن ۾ اهڙا تضاد ۽ فرق موجود آهن، جنهن کي سهيڙڻ يا گڏائڻ واري پاليسي تحت حل ڪيو وڃي ٿو، ان سان گڏوگڏ سڀني لاءِ هڪجهڙائي سياسي ۽ معاشي موقعا فراهم ڪيا وڃن ٿا، نوان ذاتي ڪوڊ متعارف ڪرايا وڃن ٿا، جنهن کي سڀني هڪ ملڪ ۾ رهڻ جي آزادي مليل هجي ۽ هو انهن شناختن سان زندگي گذاري سگهن، هڪڙي ئي معاشري ۾ جنهن معاشري کي (Multicultural society) سڏين ٿا، اهو آمريڪا کان وٺي انڊيا جهڙي گهڻ رخي فرقن واري رياست ۾ به اهڙي پاليسي حڪومتي سطح تي آندي وڃي ٿي، جنهن ۾ سماجي ادارن جو رخ موڙڻ جي ضرورت آهي، هن وقت سماجي تضادن لاءِ سماجي عمل جي ماهرن جو چوڻ آهي ته سماج ۾ سماجي اختلافن جو سبب سڀ کان پهريان سماجي ادارن کان شروع ٿئي ٿو ۽ انهن ادارن جي نئين پاليسي تحت ئي انهن تضادن کي ختم ڪري سگهجي ٿو پيو، هن وقت پاڪستان جي رياست ۾ انهن ادارن جي سبب ڪري پاڪستاني سماج ۾ اختلافن جنم ورتو آهي، اهي اختلاف تيستائين ختم نه ٿي سگهندا، مذهبي ۽ نسلي حوالي سان جيستائين هنن رياستي ادارن جو ڍانچو Structure)) تبديل نه ٿيندو، جنهن ۾ سڀني فرقن وارن ماڻهن ۽ نسلن کي شامل نه ڪيو ويندو يا انهن کي برابر جي آزادي ۽ موقعا نه ڏنا ويندا ته پاڪستان رياست جو سماج اڳتي وڌڻ ناممڪن آهي، اڳتي وڌڻ بجاءِ هي سماج ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿيندو، جيڪو هن وقت هلي رهيو آهي، پاڪستان رياست اندر.سنڌ ۾ هن وقت جيڪي سماجي، سياسي ۽ معاشي حوالي سان تضاد هلي رهيو آهي انهن کي سمجهڻو پوندو، انهيءَ لاءِ سياسي بصيرت جي ضرورت آهي، خاص ڪري سنڌ جي سياسي اڳواڻن جيڪڏهن ائين نه ڪيو ته سنڌ کي اڃا به گهڻيون تڪليفون اينديون، انهن تضادن جي حوالي سان جنهن ۾ نقصان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو جو ٿيندو.
    سنڌي سماج ۽ سنڌ کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ هيٺيون پاليسون ٺاهڻيون پونديون.
    سنڌ کي زرعي ترقي وٺرائڻ لاءِ انهي زراعت کي صنعتي بڻائڻو پوندو، هڪڙي فارمن جي شڪلن ۾ جنهن ۾ نئين زرعي ٽيڪنالاجي جي ضرورت پوندي، جنهن جي ذريعي پيداوار بهتر ٿيندي، خاص ڪري سنڌ ۾ اهڙا ميوات ۽ فصل ٿين ٿا، جنهن کي بعد ۾ وڏي پيماني تي ايڪسپورٽ ڪري سگهجي ٿو، انهن فارمن ۾ جدت اچڻ کانپوءِ سنڌ جي اندر هڪڙو وڏي آبادي مزدوري طور ڪم ڪري سگهي ٿي، جنهن سان ذريعه معاش بهتر ٿي سگهي ٿو. سنڌي معاشري جو انهيءَ زرعي تبديلي سان سنڌ جو هڪڙو ننڍو سرمائيدار به ٺاهي سگهجي ٿو پيو.
    سنڌ کي هڪ تعليم جي انقلاب کان گذارڻو پوندو، جنهن ۾ سنڌ جو نوجوان طبقو هن گلوبلائيزيشن جي موقعن مان فائدو وٺي سگهي ۽ انهيءَ گلوبلائيزيشن کي سنڌ جي فائدي ۾ آڻي سگهي، انهيءَ تعليمي سڌارن جي ڪري سنڌ کي پنهنجو هيومن رسورس هوندو، هر شعبي ۾ ته سنڌ کي اهو انتظامي ڪم ڪار ۽ ٽيڪنالاجي جو استعمال ۽ سماجي ڀلائي جو ڪم ڏئي سگهندو، جنهن لاءِ سنڌ کي اهي سماجي معاشي يا انتظامي خدمتون ڪنهن ٻئي ملڪ مان خريد نه ڪرڻيون پونديون، شروع شروع ۾ انهيءَ تعليم جي سڌارن سان سنڌي سماج ۽ سنڌ کي گهڻ رخو فائدو رسندو، جنهن سان سنڌ جي تاريخ تي ڪم ٿي سگهي ٿو، سنڌي ٻولي ۽ ادب فن ترقي ڪندو، سنڌ جي ماڻهن کي دنيا ٻين ڪيترن ئي سماجي ۽ سائنسي علمن جي ڄاڻ ايندي، سنڌي نوجوان ۽ ايندڙ نسلن کي هڪڙو ٻيو اهم ڪم ۽ تبديلي جو اهو ڪرڻو پوندو ته هن وقت تائين سنڌ جي صنعتي پاليسيون ۽ منصوبابندي تمام بري نموني ڪيون ويون آهن، جنهن سان سنڌ جي ترقي هموار نه ٿي سگهي آهي، سنڌ جي صنعتن کي رڳو سنڌ جي وڏن شهرن ڪراچي ۽ حيدرآباد تائين محدود رکيو ويو آهي، جنهن سان سنڌ ۾ اهي ٻه شهر سماجي ۽ معاشي حوالي سان ترقيون ڪري سگهيا پر باقي سنڌ جا شهر 50 يا 60 سالن کان اتي جو اتي ئي رهجي ويا آهن، جنهن جي ڪري سنڌ جي اندر هڪڙو ته مڊل ڪلاس نه ٺهي سهگيو آهي، ٻيو ته سنڌي سماج کي زرعي سماج جي طور طريقن کان بدلائي هڪڙي شهري مزاج رکندڙ وارو بڻائي سگهجي، سنڌي ماڻهو کي انهيءَ شهري آباد کي هڪڙي ننڍي ۽ وڏي سرمائيدار ۾ تبديل ڪري سگهجي پيو، پر اهو به ممڪن ٿي نه سگهيو، سنڌ جي حڪمراني جي ناڪامي سبب اهو سڀ ڪجهه هن وقت به ممڪن آهي، صرف انهيءَ منصوبابندي لاءِ سياسي مضبوطي ۽ دلچسپي گهرجي،
    اهو ئي سبب آهي جو هن وقت سنڌ کي سماجي حوالي سان ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي، يا سنڌ کي شهر ۽ ٻهراڙي واري آبادي تحت سياست ڪئي ٿي وڃي، جيڪو سراسر سنڌ جي ايڪي لاءِ نقصان واريون ڳالهيون آهن، اهو صرف تڏهن ممڪن ٿيو آهي يا سنڌ جي شهر يا ٻهراڙيءَ واري سياسي زبان استعمال ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي صحيح سياسي، سماجي ۽ معاشي حوالي سان متوازن نه رکيو ويو، اهو چوڻ هرگز غلط آهي ته حيدرآباد کان پوئتي ڪراچي تائين شهري سنڌي آهي ۽ حيدرآباد کان پوئتي سنڌ ٻهراڙي آهي، حيدرآباد جهڙو شهر سنڌ جو سکر ۽ لاڙڪاڻو به آهي، انهيءَ کان علاوه ٻيا شهر جن جون وڏيون آباديون، سنڌ جي شهر ڪراچي ۽ حيدرآباد جي شهرن کانسواءِ ٻين شهرن جي لاءِ مخصوص منصوبابندي ٿيڻ کپي، ترقي جي هر ميدان ۾ جهڙوڪ بهترين تعليمي ادارا، بهترين صحت جون سهولتون بهتر قسم جا روڊ رستا ۽ ٻيو مواصلاتي سهولتون، سير، سفر ۽ تفريحي گاهون جيڪي اڳئي موجود آهن، تاريخي جڳهيون آهن، جيڪي ملڪ کان علاوه ٻين ملڪن جي ماڻهن جي لاءِ پرڪشش هجن، اهي شيون آساني سان ڪري سگهجن ٿيون، ٻيو صرف حڪومتي توجهه سان ٻي اهم ڳالهه سڀ کان سنڌ جا سڀئي شهر قدرتي حوالي سان سرسبز آهن، انهن جي ڀرپاسي وڏي پيماني تي قدرتي وسيلا آهن. جنهن جي ذريعي انهن شهرن تي صنعتي زون ٺهرايا وڃن، جيڪي تمام گهڻا لاڀائتا ٿيندا، سنڌي جي ترقي لاءِ جنهن ۾ هزارين ۽ لکن ماڻهن کي روزگار ملندو، اهڙين سماجي ۽ معاشي منصوبابندين سان سنڌ جي اندر هڪڙي قسم جي هموار ترقي ٿي سگهي ٿي، جنهن سنڌ جي اندر ڪجهه شهرن جي هڪ هٽي به ٽٽندي ۽ ڪو به سنڌ جو شهر ۽ ان ۾ رهندڙ شهري اهڙي دعوا نه ڪري سهندا ۽ نه وري ڪنهن قسم جي سياسي ۽ سماجي فرق اڀري سامهون ايندا، جنهن سان ڪو سياسي گروپ سياسي ۽ معاشي بليڪ ميلنگ به نه ڪري سگهندو، انهن ئي سڀني فرقن جي ڪري سنڌ جي سياست کان وٺي سماجي ۽ معاشي سطح تي سنڌ ۾ تضاد اڀرندا رهن ٿا، مان ذاتي سمجهان ٿو ته هن وقت به سنڌ کي هڪڙو سماجي حوالي سان تمام گهڻو فائدو اهو آهي ته سنڌ جي اندر وڏيون ڪميونٽيز (Communities) رهن ٿيون، جنهن کي تاريخي حوالي سان تمام گهڻي حرفت ۽ ڏانءِ آهي، سرمائيداري ۽ ڪاروبار جي حوالي سان جنهن سان سنڌ ڇا پر پاڪستان ۾ڪا به اهڙي ڌر انهن جو مقابلو نٿي ڪري سگهي، سرمائيداري جي حوالي سان اهي سنڌ ۾ بچيل هندو سنڌي آبادي ۽ شيخ جنهن جي ڪثير آبادي موجود آهي، سنڌ ۾اهي ئي هڪڙيون سنڌ جون (Indigenous) يا قومي سرمائيدار (Communities) جيڪي سنڌ جي سرمائي جو تحفظ ڪري سگهن ٿيون ۽ سنڌ جي هر شهري کي صنعتي ترقي وٺرائي سگهن ٿيون، صرف انهن جي رهنمائي ٿيڻ جي ضرورت آهي، اهڙيون آباديون اسان جي ڪراچي ۾ به موجود آهن، جيئن خواجا برادري، ميمڻ برادري ۽ پارسي برادري پر انهن کي اسين سنڌي پنهنجي پاڻ سان بيهارڻ ۽ سلهاڙڻ ۾ ناڪام ويا آهيون، پاڪستان ٺهڻ کان، اڄ به وقت موجود آهي، انهن کي اسين پنهنجو ڪري سگهون ٿا صرف سياسي ۽ سماجي حوالي سان انهن کي تحفظ ڏيڻ جي ضرورت آهي، اهڙي طرح سان اسين سنڌ جي ٻين ننڍن شهرن ۾ شيخ ۽ هندو برادري کي به تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ويا آهيون، جنهن جي ڪري سنڌ جي شهرن جي سرمائيداري ۽ ڪاروباري حوالي سان تباهه ٿي رهيا آهن، جيڪڏهن اهو نه روڪيو ويو ته اڃا به گهڻي تباهي ٿيندي، سنڌ جي هن وقت سنڌ جا سنڌي سرمائيدار ۽ ڪاورباري ڌرين سان جيڪو ڪجهه تحفظ جي حوالي سان ٿي رهيو آهي، اهو ڏاڍو خطرناڪ آهي، هن وقت گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ هزارين هندو سنڌي لڏي وڃي رهيا آهن، انڊيا يا دبئي طرف انهن جي لاءِ سنڌ حڪومت ڪجهه به نه ڪري سگهي آهي، انهيءَ برادري جي ماڻهن کي تمام گهڻو عدم تحفظ جو خدشو آهي ۽ انهن جي ماڻهن کي اغوا براءِ تعاون ڪارروايون ٿي رهيون آهن، جيڪو پڻ گڻتي جوڳو عمل آهي، سنڌ جي مستقبل لاءِ اهڙين سازشن کي روڪڻو پوندو، ڪهڙي به حالت ۾، خاص ڪري انهيءَ لاءِ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي ڌرين کي سامهون اچڻ گهرجي.
    سنڌ جي تاريخي تمدن کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو، سنڌ هڪ پنهنجي ماضي جي آڌار تي سنڌي سماج کي ترقي وٺرائي سگهجي ٿي پئي، صرف اهڙن ڪجهه سياسي ۽ معاشي منصوبابندي جي ضرورت پوندي ۽ هر سنڌي کي ان تاريخ کي اڳيان رکي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اهو ڪم ايڏو مشڪل ڪم ناهي صرف هڪڙي سماجي ليڊرشپ کي ٺاهڻ جي ضرورت آهي، هڪڙي ايمانداري سان سماج ۾ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، سماجي ادارن کي سنڌ ۾ مضبوط بڻائڻو پوندو ۽ انهن ادارن ۾ بهتر مستقبل جا سياسي سماجي معاشي ماهرن جي ضرورت آهي، جنهن سان شيون ٺهي سگهن ٿيون ۽ سماج سنوارجي سگهي ٿو پيو.


    سنڌين جو سياسي شعور

    اسان سنڌي ماڻهن کي هڪڙي وڏي خام خيال رهندي تي آئي آهي ته اسان سنڌين کي پاڪستان ۾ رهندڙ ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ سڀني کان وڌيڪ سياسي ۽ سماجي شعور آهي يا سنڌ کي وڌيڪ پنهنجي ڀرپاسي جي تبديلين جو اهڃاڻ آهي، پنهنجي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن جو ادراڪ آهي، يا وري ٻين لفظن ۾ پاڪستان ۾ رهندڙ قومن کان وڌيڪ پنهنجي سياسي شعوري سگهه آهي ۽ انهن جو هو مقابلو ڪري ٿو، جڏهن ته مان اهڙي راءِ سان بلڪل متفق نه آهيان ته ڪو اسان سنڌي کي ڪو مضبوط يا سگهاري سياسي شعور جو ڪڏهن ڪو مظاهرو ڪيو آهي، يا وري هن وقت تائين ڪو ڪڏهن گڏجي ڪري پنهنجي سياسي ۽ سماجي حالتن جو ڪو رخ موڙيو هجي، پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين جيڪو ڪجهه سنڌي ماڻهو ۽ قوم جو نقصان ٿيو آهي، ان جو اسان سنڌي ماڻهو مقابلو ڪرڻ ته پري پر اسان سنڌي خود پنهنجي قومي مفادن جو سودو ڪرڻ ۾ ڪو وس ڪو نه گهٽايو آهي، سنڌ جي قومي مفادن جو جيڪڏهن ڪو ٻيڙو غرق ڪيو آهي ته اهو به اسين سنڌي پاڻ سنڌ دشمن ڪردار ادا ڪندا آهيون، پنهنجي ذاتي خصيص مفادن خاطر.
    سنڌ ۾ جيڪي سياسي ۽ سماجي تحريڪون ماضي ۽ حال ۾ شروع ڪيون ويون انهن سڀني عوامي جدوجهدن کي ڪجهه مخصوص فردن پنهنجي ذاتي مفادن خاطر پئي وڪڻيو آهي ۽ انهن جو ڪڏهن اسان سنڌين ڪو حساب نه ڪيو آهي، الٽو اهي فرد ۽ ٽولا اسان جا اگواڻ رهندا پيا اچن، سنڌ جي تاريخ ۾ سنڌ اندر سنڌ جي سياسي ۽ معاشي تبديلي لاءِ ڪا هڪڙي سياسي جماعت به پنهنجو جٽاءُ نه ڪري سگهي آهي ڪا به اهڙي پاپولر جماعت نه اڀري سگهي آهي، پاڪستان ٺهڻ کان وٺي جيڪي سنڌي ماڻهن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ کڻي هلي سگهي هجي، جڏهن جڏهن سنڌ جي سياست ۾ مشڪل ۽ ڏکيو وقت آيو، تڏهن به سنڌ جي سياست گروهن جي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪئي وئي آهي. ان گروهي سياست سنڌ جي قومي شعورن جي جوڙجڪ ڪرڻ بجاءِ رهندو سنڌ جي قومي شعور کي ٽوڙي مروڙي ڇڏيون آهي، انهن هلايل سياسي ۽ سماجي تحريڪن حالتن جو رخ موڙڻ ته ٺهيو پر سنڌ ۾ اهڙن موقعي پرستن، سياسي ناگن کي جنم ڏنو، جنهن اڳتي هلي ڪري سنڌ جي سياسي سگهه کي نه رڳو ڪمزور ڪيو پر انهن سنڌ جي سياسي ۽ قومي مفادن جي ڀينگ ڪري ڇڏي، ان کانپوءِ نه رڳو سياست جي ميدان ۾ انهن مفاد پرستن جو راڄ قائم ٿيو بلڪه زندگي جي هر شعبي ۾ اهڙي مطلبي ۽ مفاد پرستن جڳهه والاري اڳتي هلي ڪري آدرشي ۽ سچن پچن ماڻهن کي پنهنجي انهن تحريڪ ۾ جڳهه ئي نه ڏني جو انهن سان گڏجي اچي ڪم ڪري سگهن.
    ون يونٽ جي تحريڪ جو جيڪڏهن اسان جائزو وٺون جنهن ۾ ڪيتريون ويساهه گهاتيون ٿيو، سنڌ جي قومي مفادن سان ون يونٽ تحريڪ جيڪا سنڌ جي هن پاڪستان رياست ۾ پهرين وڏي ۽ اهم تحريڪ هئي، سنڌ جي مستقبل لاءِ هن پاڪستان ۾انهيءَ تحريڪ دوران ڪهڙن سنڌي ڪامورن، سياسي اگواڻن يا وري دانشورن سنڌ دشمنيءَ جو ڪردار ادا نه ڪيو. انهن جو به مڪمل کاتو کولڻ کپي ۽ جيڪي قومي ڪارڪن، سياسي اڳواڻن سرڏئي سختيون برداشت ڪيون ۽ اڳتي هلي ڪري انهن به پنهنجو پاڻ ملهايو ۽ سرڪاري ڪرسيون وٺي پوءِ به پاڻ کي هيرو سڏرائيندا رهيا.
    اهي سڀ شيون شايد اسان سنڌي ماڻهن کا جلد وسري ويون آهن ۽ پوءِ به اسان اهو چوندا وتون ته سنڌي سماج پنهنجي ڀرپور قومي شعور جي سگهه رکي ٿو.
    ها هڪڙي ڳالهه مان ضروري سنڌي ماڻهون جي هت قبول ڪندس ته اسان هڪ خام خيالي ۽ کوکلو سياسي ۽ قومي شعور ضرور رکون ٿا، پر جڏهن به هنن کي پنهنجي پر ۾ ڪڏهن به ڪو موقعو ملي ٿو ته هو ان وقت قوم ۽ شعور جي انهن وٽ ڪا اهميت ڪا نه رهي ٿي، ان وقت هو صرف اهو ياد رکن ٿا ته هن کي جيڪو موقعو مليو آهي، ان جو هو ڀرپور طريقي سان فائدو حاصل ڪن، ۽ سنڌي قوم ۽ سماج وڃي کڏ ۾ ڪري، ان وقت اهو سنڌي شخص پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ ڪروڙن جو قومي نقصان پنهنجي ذاتي پنج رپين جي لاءِ قربان ڪري ٿو ڇڏي، ها وري ڀلي اسان جو سياسي اڳواڻ، ڪارڪن اديب يا ڪو ئي آفيسر شاهي سان تعلق رکندڙ هجي، اهڙن ماڻهن جي هن وقت سنڌ ۾ ايڏي وڏي اڪثريت آهي، جو هتي سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، ڪا اهڙي جڳهه ۽ ادارو، ڪا جماعت يا تنظيم نه رهي آهي، جتي اهڙا ماڻهو نه هجن. وري انهن ماڻهن جي انهن ادارن ۽ سياسي جماعتن ۾ وري الڳ هڪ ويڙهه هلي رهي آهي، جيڪي هڪٻئي پٺيان ڪات ڪهاڙا کنيو پيا وتن، ان قومي لٽ مار مان اسان جو حصو ڪاڏي ويو، ان کي به حصو ملڻ کپي.جيڪڏهن توهان کي اهي .ئي ماڻهو ڪنهن تقريبن ۽ جلسن ۽ ذاتي مجلسن ۾ ملندا, اهڙيون ته ڳالهيون ڪندي نظر ايندا جو لڳندو ته اصل سنڌ جي سورن جو درد هنن ئي ماڻهن کي آهي، ڄڻ هنن کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو آهي.اهي ته هئا رڳو سياسي ۽ ادبي دانشورن جو لڏو جنهن جو پاڻ مٿي ذڪر ڪري آياسين.
    اڃا ڪهاڻي اتي ڪا نه ختم ٿئي، سنڌ جي ٻهروپي عاشقن جو قصو اڃا گهڻو آهي، هنن اهڙو ته وقت به وقت روپ مٽايو آهي، اهڙا ته هنن ماڻهن ناگن جا ٽولا به ٺاهيا آهن جو هاڻي اهي ماڻهو سنڌ جي سڃاڻپ ٿي ويا آهن، اهي ائين ڦهلجي ويا آهن، ڄڻ ڪي ڪنهن ماڻهو جي جسم ۾ رت جي جزن وانگي، پر اهي حقيقت ۾ سنڌ جي سماج ۾ ناسور بڻجي ويا آهن، اهي ڪڏهن به سنڌ کي اسرڻ نه ڏيندا، جڏهن به ڪنهن سماج ۾ اهڙا ماڻهو جيڪي پاڻ ئي دشمن، پاڻ ئي دوست بڻجي وڃن، تڏهن اهڙن ماڻهن کي هڪ وڏي انقلاب ۽ هڪ وڏي منظم طريقي سان ختم ڪرڻو پوندو آهي، گهڻو ڪري پنهنجون وقت آهر شڪليون بدلائي ڇڏيندا آهن ۽ اهي انقلابي ڌرين سان ڪوڙا انقلابي ٿي بيهي رهندا آهن ته ڪڏهن ٿو وري انهن کي موقعو ملي ته هو پنهنجي موقعي پرستي جي چال شروع ڪن، اهڙي ئي قسمن جا ماڻهو وڏن وڏن بالشوڪ انقلابن جون ڌچيون اڏائي ڇڏيون، اهڙي قسم جي ماڻهن جو ئي سنڌ جي سياست ۾ ئي هن وقت راڄ آهي. جيڪي سنڌي سماج کي اوڏهي وانگي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي.
    اهڙي قسم جي ماڻهن جا ٽولا سماج جي هر حصي ۾ ڦهلجي ويا آهن، انهن مان ڪي سنڌ جي نام نهاد سول سوسائٽي ۾ ڪاهي پيا آهن، جيڪي سنڌ جي پسماندگي ۽ ترقي جي نالي فنڊ وٺي پنهنجا کيسا ڀرڻ ۾ رڌل آهن ۽ پنهنجون ذاتي مسرتون حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾آهن، انهن جو ڪو ايمان ڌرم ناهي، انهن جو رڳو اهو ڌيان آهي ته ڪٿان اهي فنڊ ڦٻائي راتو رات پنهنجو طبقو بدلايون ۽ پاڻ وٽ بنگلا، گاڏيون ۽ نوڪر چاڪر رکي، پنهنجو پاڻ کي سنڌي هيسايل عوام تي پنهنجو وڌيڪ روعب ڄمايون، انهن ماڻهن ۽ فردن سنڌ جي هڻي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، سنڌ جا سمورا وسيلا ڌارين جي ور چڙهندا وڃن ٿا ۽ انهن کي ڪل ئي ناهي صرف هنن کي ذاتي ڪجهه ڏوڪڙ کپن، باقي وچي سنڌي قوم ڄاڻي قوم جو ڪم، اڄڪلهه انهيءَ سول سوسائٽي ۾ تمام گهڻا ماڻهو ڪا هي پيا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي هن وقت وڏي ۾ وڏو اجارادارن ڪمپنيز جو پئسو اچي رهيو آهي، سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ لاءِ، ان ۾ سنڌ جو صحافتي لڏو به وڏي انگ ۾ ڪاهي پيو آهي، ان کان علاوه سنڌي نام نهاد اديب ۽ هٿ ٺوڪيو دانشور جنهن قومي ادارن جي ڀينگ ڪري سياسي ۽ سماجي تنظيم جا بکيا اڊيڙي اچي سول سوسائٽي جي وٽ ورتي آهي ته هاڻي پئسو هت اچي رهيو آهي ته ڳجهن وانگي اچي لٿيون آهن، خدا خير ڪري الائي ڪٿي پنهنجي سنڌ جي موقعي پرستن هنن ٽولن هٿان سنڌ جو حال ٿيندو، اهڙي طرح ئي سنڌ جي سياسي سماجي هلايل جدوجهد جو اهڙي قسم جي ماڻهن تباهي ڪري ڇڏي، جتي وارو مليو آهي، اهڙن موقعي پرست ماڻهن کي انهن سنڌ جي عام ۽ هيٺين طقبي جي مفادن جا سودا ڪيا آهن ۽ ڪندا رهن ٿا، مان ته ڏٺو آهي وڏي اڪثريت عام ماڻهن جي اسان جي سنڌ ۾ انهن ماڻهن کان متاثر آهن، انهن جون ڪوڙيون تعريفون ڪن ٿا، انهن جهڙا ٿيڻ چاهين ٿا، هڪڙي طرف اهي ماڻهو پنهنجي ڪوڙي وطن پرستي جو دعوائون ڪن ٿا ته ٻئي طرف اهي ماڻهو سنڌ کي سنڌي قومي مفادن کي ٽڪن تي وڪڻي سرخرو لڳا گهمندا وتن،
    اهڙا ئي مفاد پرست ٽولا گروهه جنهن به قومي سماج ۾ هوندا آهن، انهن قومن جو مستقبل آفريڪن ملڪن جي پوئتي پيل گهرو خانه جنگي ۾ تباهه معاشري وانگي ٿيندي دير نه لڳندي آهي، اهڙا ڪوڙا وطن پرست چائنا، روس ۾ انقلاب کان اڳ موجود هئا، روس ۾ زاربادشاهه به پاڻ کي وڏو وطن پرست سڏرائيندو هئو، هن روس جون سياسي ۽ سماجي ۽ معاشي حالتون اهڙيون ته خراب ڪيون جو اهي روسي ماڻهن پنهنجو پاڻ کي به نه سڃاڻيندا هئا، روسي سماج جو احوال انهن جي برک وڏن ڪهاڻيڪارن ۽ اديبن پنهنجي لکڻين ۾ چٽيو آهي، توهان اسان ڀلي چيخوف جون ڪهاڻيون پڙهي ڏسو ته ان ڪهاڻين ۾ روسي سماج ۾ رهندڙ فردن جي ڪهڙي حالت ڏيکاريل آهي، ان کان علاوه ٽالسٽاءِ پڙهون يا دوستو وسڪي جا ناول انهن سڀني شاهڪار لکڻين ۾ اسان کي روسي سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جي هڪ ڪمال جي شڪل سمجهڻ لاءِ ملي ٿي، جنهن ۾ هر ماڻهو پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي ويهي ٿو، اهڙي سماجي حالتن جي باوجود زار بادشاهه رشيا جو پاڻ کي وڏو عاشق ۽ وطن پرست سڏرائيندو هئو ته پوءِ ڇا ٿي پيو، حقيقت اها هئي ته رشيا جي سماج ۾ ان وقت عام ماڻهو تباهه ۽ برباد هئو، ساڳئي طرح سان هن وقت سنڌ جي عام طبقي ۽ عام ماڻهن وٽ باقي ڪجهه نه رهيو آهي، هن جا حال هيڻا آهن، هن جي گهر ۾ هڪ پل لاءِ سڪون نه بچيو آهي، هن سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيو آهي، جيڪو اچي ايرو گيرو هن کي ڦريو وڃين، هن جي عزت کي نيلام ڪري ڇڏي، هن وقت سنڌ جي سڃاڻپ تباهي ۽ بربادي کانسواءِ ڪجهه نه رهي آهي، توهان ڀلي ٻيا هزارين سالن جي تهڊيب جا راڳ ڳايون ان کوکلي تاريخ سان ڇا ورندو، حقيقت ته اها آهي جيڪا موجود آهي، جنهن ۾ ڪا به تعليم ڪانهي، صحت جي بربادي آهي، ڪو امن امان جو نالو نشان ڪونهي، هر طرف تباهي ڪا به ترقي جو اهڃاڻ نه، هر ڳوٺ، واهڻ ۽ شهر ۾ايترا ته لٽيرا ٿا رهن جو عام ماڻهن جي حصي جو گرهه به کائي رڳو مڙس ماڻهو ٿي ڦرندا وتن ٿا.
    انهيءَ سڀني حالتن باوجود به اسان اهو چئون ته اسان سنڌي وڏا باشعور ۽ پڙهيا لکيا ۽ مهذب آهيون هرڪو ماڻهو پنهنجي الو سڌو ڪري وتي ٿو راڄ ڀاڳ جون ڳالهيون ڪندو، مان صرف ايترو ڄاڻا ٿو ته هن وقت سنڌ جي وڏي بربادي ٿي رهي آهي ۽ اها گهڻو تڻو اسان پاڻ سنڌي ساڃهه وند ڪري رهيا آهيون، اسان کي محبت جا معيار پرکڻا پوندا ۽ وطن پرستي جي اصل روح کي سمجهڻو پوندو ۽ سنڌ جي دوست ۽ دشمن جي صحيح پرک ڪرڻي پوندي، انهن ماڻهن جو هٿ روڪڻو پوندو، جيڪي ڪوڙي وطن پرستي ۽ محبت سنڌ سڏرائين ۽ سرعام وطن جا سودا ڪن، صرف پنهنجي کسيس چند مفادن خاطر.


    سنڌ دوستيءَ جا نام نهاد معيار

    ڪنهن به سماج جي ترقي ۽ تباهي جا مکيه ڪارڻ ان جي سماجي اخلاقي قدرن تي ٻڌل هجن ٿا، جڏهن به ڪي سماج پنهنجا انفرادي ۽ اجتماعي قدر ۽ اخلاقيات وڃائي ويهن تڏهن ان مخصوص سماج ۾ انيڪ سماجي برايون جنم وٺن ٿيون، ان سماج ۾ ماڻهن جا رويا تبديل ٿيو وڃن، ڪو به ماڻهو ڪنهن جي ڏکي ويل مدد جي اميد وڃائي ويهي ٿو، هو فرد انفرادي طور سوچڻ شروع ڪري ٿو، اجتماعت جي سوچ ڏينهن به ڏينهن ختم ٿيندي ويندي آهي، تڏهن ڪو به فرد اهو نه ٿو سوچي ته مان پنهنجي برادري ۽ جتي رهان ٿو، جن ماڻهن سان انهن جي گڏيل ترقي لاءِ پنهنجون ڪوششون وٺان، نتيجو انهيءَ ڳوٺ ۽ برادري گڏيل ترقي کان بلڪل وانجهيل رهجي وڃي ٿي.
    ساڳيو حال هن وقت اسان جي سنڌ ۽ سنڌي سماج جو آهي، جتي سماجي اخلاقيات ۽ سماجي قدرن جي مڪمل تباهي ۽ بربادي جو ڏيک ملي ٿو. جڏهن سنڌي سماج هزارين سالن جي تهذيبي ۽ تاريخي قدرن جي ارتقا ڪندو آيو آهي، اڄ انهيءَ سماج جي سماجي قدر ۽ اخلاقيات تباهي ۽ بربادي جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، جنهن جون سماجي، سياسي ۽ معاشي حالتون تباهه ۽ برباد ٿي ويون آهن، جڏهن اهڙي تباهي مڪمل سماج جو اهڃاڻ هجي ته پوءِ اسان کي گهرجي ته اسان سڀ جو سڀ اهو قبول ڪيون ته اسان انهيءَ بربادي جا سڀ گڏيل ذميوار آهيون نه ڪي مخصوص ٽولا ۽ فرد انهيءَ بربادي جو ڪارڻ يا ذميوار آهن، هن وقت سنڌي سماج ۾ ٿي ائين رهيو آهي، ڪي مخصوص فرد اهو هنگامو برپا ڪن پيا ته تباهي ۽ بربادي ٿي وئي آهي، سنڌ جي مهرباني ڪري اسان سڀني کي اهي واويلا ڪرڻ بند ڪرڻ کپن، بلڪ انهيءَ صورتحال ۾ گڏجڻ کپي ۽ جيڪي فرد يا ڌريون تباهي ۽ بربادي ڪري رهيون آهن، انهن جو گڏيل طور تي کلم کلا مقابلو ڪرڻ کپي، انهن کي انهن جي ڪڌن ڪمن کان روڪجي ۽ انهن کي ظاهر ڪجي ته اهي ماڻهو ڪهڙا آهن ۽ ڪهڙي طرح سماجي دشمن ڪردار ادا پيا ڪن، انهن جي رستا روڪ ڪجي، پر هن وقت اهو ٿي رهيو آهي جو سنڌي نام نهاد ساڃاهه وند هڪ طرف شديد تنقيد پيا ڪن ۽ ٻئي طرف اهي هڪ ٻئي جا دوست ۽ يا وري انهن جا اڳيان پٺيان پيا چمچاگيري ڪن، ته من ڪو اسان کي به انهيءَ ڦرلٽ مان ڪجهه حصو ملي، هو سڀ ڪجهه اهي ماڻهو ڪري رهيا آهن، جيڪي پنهنجو پاڻ کي ليکڪ ۽ اديب ۽ صحافي طور پاڻ پڏائين ٿا، پنهنجو پاڻ کي دانشور، اديب طور اڳيان اچي سنڌ جي قومي مفادن جي سوديبازي ۾ مصروف ۽ رڌل آهن، اهو ڀلا ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته جيڪي ماڻهو قومي ادارن جي ڀينگ پيا ڪن ڪرپشن جو راڄ قائم ڪيون اچن ۽ اهي ئي ماڻهو انهن دانشور طبقي سان گڏ ويٺا آهن ۽ گڏجي پروگرامن ۾ هڪ ٻئي جي تعريف ويٺا ڪن،
    اڄ ڪلهه اسان جي سنڌ ۾ اهڙن دانشورن جو ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو پيو وڃي، جڏهن اهي تنقيد ٿا ڪن ته پوري سماج کي برو ڀلو ۽ خراب ٿا سمجهن، جڏهن وري انهن ماڻهن کي اسٽيج تي گهرايو ته ڪنهن تقريب ۾ ڪنهن جي ياد جي ميڙاڪي ۾ يا وري ورسي ۾ ته اهي اهڙا تعريف جا بند ٿا ٻڌن، ڄڻ اهي فرد ڪي فرشتا هجن ۽ انهن زندگي ۾ ڪا به غلطي ڪا نه ڪئي هجي، اسان سڀ اهڙن چمچن ۽ ٻٽاڪي ماڻهن کي چڱي طرح سڃاڻو، انهن جو تعداد سون ۾ موجود آهي جيڪي هر پروگرام ۾ موجود هوندا آهن اهي ئي دانشور سڏرائڻ ۾ ڪا ڪسر ڪو نه ٿا ڇڏين، هر وقت پنهنجي ڳالهه ميان مٺو لڳا پيا آهن، اهڙن اديبن ۽ دانشورن کي جڏهن به ڪو موقعو ٿو ملي ته پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ ڪا سڻڀي پوسٽ ڪنهن اداري جي ڊائريڪٽر شپ لاءِ ته اهي حضرات وسان نٿا گهٽائن ته انهيءَ قومي اداري جي ڀينگ ڪري پوءِ ٿا هٿ ڪڍڻ، توهان اسان انهن سڀني کي چڱي طرح سڃاڻون ٿا جيڪي اهڙين سرگرمين ۾ رات ڏينهن رڌل آهن، هر وقت هڪ ٻئي جي ٽنگن ڪڍڻ ۽ سازش ۾ مصروف آهن ۽ وڏي ڳالهه ۽ انهن جي سڃاڻپ اها به آهي ته هڪ ٻئي جا دوست ۽ دشمن به آهن، اهو انهن جو ڪمال آهي حرفت گيري جو.
    مان پنهنجي ڳالهه تي موٽي ٿو اچان جيڪو ڪجهه مٿي مان شروع ۾ پيو بحث ڪيو، انهن ادبين، دانشورن ۽ صحافين جو مان انهي ڪري ذڪر آندو ڇاڪاڻ ته انهن دانشور ۽ ساڃاهه وند سڏرائڻ جي اخلاقيائي ۽ قدرن جي ڪيتري نه ڀينگ ٿيندي نظر اچي ٿي، جنهن جو ڪم ئي سنڌي سماج جي قدرن ۽ اخلاقياتون ٺيڪ ڪرڻ آهي، ۽ سنڌي سماج جي گڏيل ترقي کي جنم ڏيڻو آهي، پر انهن تي عام ماڻهن کان به اخلاقيات ۾ زوال پذير آهن.
    اچو ته پاڻ ڪجهه مختلف سماجي طبقي تي نظر وجهون ته انهن طبقن جي سنڌ ۾ ڪهڙي حالت آهي ۽ اهي ڪهڙي طرح پنهنجو اخلاقي ڪردار ادا ڪن، يا انهن جي سماجي اخلاقي قدرن جي ڪهڙي حالت آهي، سڀ کان پهريان اسان هت ان ڳالهه تي بحث ٿا ڪيون ته ايمانداري ڇا آهي ۽ ايمانداري کي سنڌي سماج ۾ اڄڪلهه ڪهڙي حيثيت مليل آهي؟
    جيئن مان آخر انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان ته سنڌي سماج ۾ هڪ فرد کان وٺي اجتماعي سطح تائين اخلاقيات ۽ قدرن جي مڪمل تباهي ٿي چڪي آهي ۽ اهڙي سماج ۾ ايمانداري جو به ٻيڙو غرق آهي، ايمانداري ۽ ايماندار ماڻهو جي ڪا به وڃي حيثيت نه بچي آهي، جڏهن ته ايماندار ماڻهو سماجن ۾ وڏي اهميت طور سڃاتا ويندا آهن، هن وقت چائنا ۽ جاپان جي ملڪن ۾ ايماندار ماڻهن جي گهڻائي آهي شايد انهن ملڪن جي ترقي جو راز به اهو آهي ته انهن جي قومي سماج انهن ايماندار ماڻهن کي جنم ڏنو آهي، ۽ اهي تيستائين ترقي يافته رهندو جيستائين انهن وٽ انهن ايماندار ماڻهن جي گهڻائي رهندي. اسان جي سنڌي سماج ۾ ايمانداري ۽ ايماندار فردن جي سخت کوٽ ۽ ڏڪر آهي، خاص ڪري اها کوٽ ۽ ڏڪر تڏهن پيدا ٿيو، جڏهن سنڌ مان هندو سنڌي هليا ويا، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ م ايمانداري اچي ڏڪر پيو ۽ بيماني، چالاقي ۽ ٺڳي اچي سنڌي سماج جو مقدر بڻي، هن وقت سنڌي سماج ۾ايمانداري ۽ ايماندار ماڻهو کي بيوقوف ۽ بيوقوفي سمجهيو وڃي ٿو، جيڪو فرد ايماندار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو ان جي نه ڪي گهر ۾ عزت ۽ نه ڪي سماج ۾، اهو ماڻهو ڪنهن ڪم جو نه سمجهيو ويندو آهي، اهو ايماندار ماڻهو، جنهن نه ڦرمار ڪئي نه ٺڳي ڪئي ۽ نه وري ڪرپشن ته پوءِ هو سماج ۾ ڪا به عزت ۽ مان لهڻي، سنڌي سماجي اخلاقيات ۽ قدر وڃي ان ڳالهه ۽ نهج تي پهتا آهن ته عزت ۽ مان ان ماڻهو کي ڏنو ويندو جنهن وٽ ڌن، دولت، گاڏيون، بنگلا هوندا، اهي ڪهڙي طرح سان به ڪامياب هجن، اهڙي سنڌي سماج جي اخلاقي روش سنڌ ۾ ايمانداري جو ڏڪر پيدا ڪري ڇڏيو آهي، ڪو به فرد ايماندار ٿيڻ لاءِ به تيار ناهي ته ڪو ايماندار ٿي هن سماج ۾ بي عزتي ڪمائي، انهن اخلاقي قدرن جي ڪري جيڪڏهن اسان ڏسون ٿا ته سماج ۾ هر طرف تباهي بربادي نظر اچي ٿي، سياست کان وٺي سماجي ادارن تائين اهو ئي سبب آهي جو هن وقت سنڌي سماج جو گڏيل طور تباهي ۽ بربادي ٿي آهي، انهيءَ پوري صورتحال ۾ سڀ کان پهريان ۽ آخر ۾ نقصان انهيءَ سنڌي سماج جي طبقي جو ٿيو آهي جيڪو اڳ ۾ ئي پوئتي پيل آهي، جنهن جو ڪو والي وارث ناهي،
    سنڌ ۾ هن وقت ڪو به اهڙو ادارو نه بچيو آهي جنهن ۾ ڦرمار نه هجي، هڪڙو ڊاڪٽر هي حيثيت ۾ ماڻهو جيڪو هو پنهنجي نه ڊيوٽي سرانجام ڏئي نه وري هن کي ان ڳالهه جي پرواهه آهي ته غريب ماڻهن جو ڇا ٿيندو، جنهن وٽ نه ڪي ڏوڪڙ آهن، پنهنجي مرضي جي علاج ڪرڻ لاءِ سنڌ جون هزارين اسپتالون بند پيل آهن، جنهن جي ڪنهن کي به پرواهه نه آهي، عام غريب ماڻهن جي صحت جو مستقبل ڇا ٿيندو، ساڳئي طرح اسان جائزو وٺو سنڌ جي تعليم جو جنهن جي سڀ کي خبر آهي ته هڪ يونيورسٽي کان وٺي پرائمري اسڪولن تائين نه ڪي اتي استادن جي حاضري آهي نه وري ڪا تعليم هن وقت سنڌ جي وڏي ۾ وڏي تباهي بربادي جيڪا ٿي رهي آهي اها تعليم جي ميدان تي ٿي رهي آهي، حڪومت جي ذميواري ته پنهنجي جڳهه تي سنڌ جي تعليم جي تباهه ڪرڻ جي پر اسان جا استاد جيڪي پاڻ کي دانشور ۽ قومي ڪارڪن ۽ ساڃاهه وند سڏرائين ٿا، اهي اسڪولن ۾ استادن جي حيثيت جي باوجود اسڪول وڃڻ ۽ پڙهائڻ لاءِ بلڪل به تيار ناهن ۽ اسان انهن کي اخلاقي طرح پابند به ناهيون ته انهن کان پڇاڻو ڪيون.
    ساڳئي طرح سان سنڌ جي سڀني ادارن جي حالت ۽ بربادي هڪ جهڙي آهي، هميشه سنڌ ۾ ڪرپٽ ۽ غير اخلاق ۽ بي ايمان ماڻهن ۽ فردن کي سرڪاري سطح تي ڪرسين تي ويهاريو ويو آهي ۽ انهن جي هٿان سنڌ جي سماجي ادارن جي بربادي ڪرائي وئي آهي، انهيءَ قومي سماجي برائي ۽ بربادي جي ڪنهن کي ڪل ڪانهي اهو ئي ماڻهو سرخرو آهي، اڄ به هو تباهي ۽ بربادي ڪري رهيو اهي، پوءِ به هو ساڳيو سنڌ دوست ۽ سنڌ پرستي جون ڳالهيون ڪندا رهيا ۽ ڪندا رهن ٿا، سرعام سنڌ ۾ هرڪو دعوا ڪري ٿو ته مان سنڌ پرست آهيان ۽ جڏهن اهو ماڻهو ڪڏهن ڪنهن پوسٽ تي اچي ٿو ته ان کان اها ڳالهه وسريو وڃي ته سنڌ پرستي ڪهڙي بلا آهي يا ان سان محبت نه ڪرڻ جا ڪهڙا قدر هجن ٿا، اهڙن ماڻهن جي سنڌي سماج ۾ گهڻائي آهي، جيڪي رڳو ٺلا حوال ڪن ٿا، سنڌ دوستي جا مون کي ته محسوس ٿيندو آهي ته پنهنجي سياسي تجربي مان ته اسان سنڌي قومي شعور ۾ پاڪستان ۾ سڀ کان پوئتي پيل آهيون، جنهن جو قومي شعور سطحي ۽ بي معنيٰ آهي، اسان کي سنڌي سماج جي اخلاقن ۽ سماجي قدرن جي نئين سر جوڙ جڪ ڪرڻي پوندي، نون اخلاقي قدرن کي ترتيب ڏيڻي پوندي، انهن فردن ۽ سماجي گروهن جو مقابلو ڪرڻو پوندو، جيڪي حقيقي طرح سماجي دشمن آهن، جيڪي نٿا چاهين ته سنڌي سماج ۾ ڪي ايماندار ماڻهو وڌن ويجهن ۽ سماجي ترقي کي هٿي وٺرائن، انهن کي به چڱي طرح پروڙ ڪرڻي پوندي، جيڪي دعوائون ڪن ٿا ته اسان سنڌ پرست آهيون ۽ انهن کي سنڌ جي مستقبل جي ڪا وڏي پروڙ آهي، انهن ماڻهن جي هاڻي وڏي اڪثريت آهي، انهن کي سڃاڻڻ ڪا وڏي مشڪل ڪانهي، هو ماڻهون جيڪي ادارن تي چڙهي قابض لڳا ويٺا آهن ۽ انهن ادارن ۾ ڪرپشن جي ڀرمار ڪيون ويٺا آهن ۽ انهن گروهن کي هاڻي پڌرو ڪرڻ گهرجي ته جيڪي رڳو گروهي مفادن واسطي پنهنجي ادارن ۾ سياست ويٺا ڪن، انهن گروهن جي پاڻ ايتري سياسي دشمنيون وڌي ويون آهن، لڳندو ائين آهي ته انهن کي ڪو ادارن جي بربادي جو وڏو سور آهي پراصل ۾ اهي پنهنجي گروهي مفادن لاءِ ڪات ڪهاڙا کنيون ويٺا آهن.


    سنڌي نوجوانن جي سياسي جدوجهد ۽ تاريخ

    سنڌ جي نوجوان هميشه پنهنجي سنڌ جي ڌرتي ۽ وطن لاءِ هر تاريخ جي دور ۾ سياسي سماجي جدوجهد ڪئي آهي، جڏهن به سنڌ ڌرتي ۽ انهن جي ماڻهن تي ڪو مشڪل وقت آيو ته باشعور سنڌي نوجوان ڀرپور طريقي سان انهن سامراجي قوتن جي مزاحمت ڪئي ۽ پنهنجي سنڌ ڌرتي جي آزادي ۽ خودمختياري لاءِ جنگ وڙهي آهي. سنڌ جي نوجوانن هميشه پنهنجي ڌرتي سان ايتري ته محبت ڪئي آهي، جيتري شيڪسپيئر جي ڊرامي ۾ روميو ۽ جوليٽ محبت ڏيکاريل آهي. جيڪڏهن انهن سنڌي نوجوانن کي پنهنجي ڌرتي لاءِ پنهنجي جان ڏيڻ جو وقت آيو ته هنن پنهنجي جان جو به نظرانو ڏيڻ کان به ڪين ڪيٻايو آهي، هر لمحه پنهنجي ڌرتي سان روميو جوليٽ واري انداز سان ئي محبت نڀائي آهي، جيئڻ به پنهنجي سنڌ ڌرتي سان ته مرڻ به پنهنجي ڌرتي سان! اهڙي لاجواب محبت سنڌي نوجوان جي سنڌ ڌرتي سان جنهن جو دنيا جي قومي تاريخ ۾ شايد ملندو هجي، سنڌي نوجوان جي پنهنجي ڌرتي ۽ وطن سان محبت جي هڪ طويل تاريخ آهي جنهن ۾ هن پنهنجي سياسي ۽ سماجي جدوجهد ڌرتي جي حفاظت لاءِ ڪئي آهي، اهڙي روايت سنڌي نوجوانن جي پنهنجي وطن سان سڪندري اعظم کان شروع ٿي، جيڪا اڄ تائين قائم آهي.
    چوندا آهن ته جڏهن سڪندر اعظم سنڌ تي ڪاهه ڪري آيو ۽ سنڌ جي ملڪ جا ڪيترائي ماڻهو ماريا جڏهن هو سنڌو درياهه پار ڪري صحرا واري علائقي ۾ پهتو ۽ هن جي لشڪر هڪڙي نوجوان سنڌي ٻڪرار کان رستو معلوم ڪيو ان سحرا مان نڪرڻ لاءِ ته ان ٻڪرار کي اهو پتو هئو ته هي اهو سڪندر آهي، جنهن هن جي ڌرتي جي ماڻهن کي ماريو آهي، ۽ هن جي وطن تي حملو ڪري آيو آهي، تنهن نوجوان ٻڪرار سڪندر جي لشڪر کي اهڙو ته مشڪل رستو ڏيکاريو جو ان صحرا مان نڪري نه سگهن، جڏهن سڪندر جو لشڪر ان نوجوان ٻڪرار جي ٻڌايل رستي سان ويو تڏهن سڪندر جو لشڪر اهڙوته سحرا ۾ ڦاٿو جو انهن کي ڪيترائي ڏينهن لڳي ويا ۽ ڪيترائي سڪندر جي لشڪر جا سپاهي اڃ ۽ بک وگهي ان سحرا جي طوفان ۾ دفنائجي ويا ۽ سڪندر ۽ ان جا ڪجهه سپاهي پنهنجي جان بچائي نڪتا هئا.
    اهڙي طرح هزارين سنڌي نوجوان جا قصا ۽ واقعا پنهنجي وطن سان محبت جا ملن ٿا، سنڌ جي تاريخي هر دور ۾ اهو دولهه درياهه خان هجي يا دودو سومرو، بلاول، سارنگ، هوشو، هيمون ۽ روپلو ڪولهي تائين، اهي اهڙا سنڌي نوجوان هئا جن پنهنجي جواني جي عمر پنهنجي سنڌ وطن لاءِ مزاحمت ڪئي ۽ پنهنجي جان به واري ڇڏيائون، پنهنجي وطن جي محبت ۾ اهڙي سنڌي بهادر نوجوان جون قربانيون سنڌ جي تاريخ ۾ هر دور ۾ ورجايون وڃن ٿيون ۽ اهي سڀ سنڌ جي ايندڙ نسلن ۽ نوجوانن لاءِ اتساهه بخشيندڙ آهن ۽ سنڌ جو نوجوان انهن پنهنجي هيروز کي هميشه پنهنجي سنهري يادن ۾ سانڍيو پيو اچي، جڏهن به سنڌ تي اهڙو تاريخ جو مشڪل دور اچي ٿو ته اهي تاريخ جا سورما انهن نوجوانن جي روپ ۾ اڀري اچن ٿا ۽ پنهنجي وطن جي آزاديءَ ۽ تحفظ لاءِ جنگ وڙهندا آهن، اهو هن ڌرتي جي نوجوانن جو تاريخي دستور ۽ روايت رهي آهي، سنڌ جي قديمي تاريخ ۽ جڏهن برطانيا سنڌ تي حملو ڪيو، تڏهن هن سنڌ وطن تي هوشو جهڙا بهادر سپاهي موجود هئا، جنهن انگريز سامراج کي للڪاريو هئو، وطن جي آزاديءَ لاءِ هيمون ڪالاڻي، روپلو ڪولهي ۽ سورهيه بادشاهه هئو، جنهين 23-24 سالن جي نوجواني جي عمر ۾ برطانيا سامراج سان وطن جي آزاديءَ لاءِ پنهنجي جان جي به قرباني ڏني هئي، پر انهن انگريزن کي اهو ثبوت ڏنائون ته سنڌي نوجوان پنهنجي ڌرتي سان محبت ڪن ٿا ۽ پنهنجي وطن کي آزاد ۽ خودمختيار ڏسڻ چاهين ٿا، سنڌ ڌرتي جي اهڙن نوجوانن جون پنهنجي وطن سان محبت جي تاريخ ايتري پراڻي آهي، جيتري سنڌ جي تاريخ آهي.
    جڏهن سنڌ تي برطانيا سامراج جو راڄ هئو، تڏهن به سنڌ جي سياست ڪرڻ وارن ۾ اڪثريت سنڌي نوجوان سياستدانن جي هئي، جنهن ۾ جي ايم سيد، علي محمد راشدي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، ايوب کهڙو، شاهنواز ڀٽو، حيدر بخش جتوئي، محمد ابراهيم جويو ۽ ٻيا ڪيترائي هندو ۽ مسلمان سنڌي جنهين سنڌ جي سياسي خودمختياري لاءِ سياسي سماجي جدوجهد پئي ڪئي. برطانيا سامراج جي آخري سالن جي راڄ ۾ سنڌ جي نوجوانن جي وڏي اڪثريت اڳتي آئي، سياسي ميدان ۾ هن برصغير جي تاريخ ۾ جنهن پنهنجو سياسي نظرياتي ڪردار ادا پئي ڪيو، جنهين جي سياسي نظرياتي ميدان ۾ سنڌ وطن جي سياسي خودمختياري واضح هئي، سنڌ جو سياسي مستقبل انهن نوجوان جو اهم نڪتو هئو ته انگريزن جي وڃڻ کانپوءِ سنڌ جو سياسي ۽ جاگرافيائي بيهڪ ڪهڙي هجڻ کپي، جن ۾ ڪنهن جو نظريو جداگانه ۽ آزاد سنڌ جو هئو، ڪن جو سياسي نظريو ڪانگريس جي سياست وارو هئو، جي ايم سيد وارن جو سياسي نظريو هئو ته سنڌ کي پاڪستان ۾ هجڻ کپي ۽ هي مسلم ليگ جي سياست جا حامي هئا، ۽ سنڌ کي پاڪستان 1940ع واري قرارداد تحت پاڪستان جو حصو بڻايو ويو، 1947ع ۾ جنهن جو هو سنڌ جي سياسي تاريخ جو صحيح فيصلو هئو،يا غلط انهيءَ جو فيصلو سنڌ جي تاريخدانن ۽ نوجوانن کي ڇا ڪرڻو آهي، سنڌ جي تاريخ ۾.
    سنڌ جي نوجوان طبقي سنڌ جي خودمختياري لاءِ سياسي جدوجهد برطانوي سامراج جي خاتمي وٽ ختم ڪا نه ٿي، سنڌ جي نوجوانن لاءِ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هڪ ٻيو دور شروع ٿيو، جنهن ۾ انهن سنڌي سياسي باشعور نوجوانن کي اهو يقيني بڻائڻو هئو، 1940ع واري قرارداد تحت سنڌ کي پاڪستان ۾ سياسي ۽ معاشي خودمختياري ڏني وڃي، بدقسمتي سان سنڌ کي هڪڙي الڳ ملڪ ٺهڻ کانپوءِ به سياسي حق ۽ شناخت نه ڏني وئي، جنهن تي سنڌ جي شاگرد نوجوانن سڀ کان پهرين سياسي مزاحمت شروع ڪئي ته سنڌ کي سياسي ۽ سماجي حقن لاءِ جنهن ۾ سنڌي شاگردن جي 4 مارچ واري سياسي جدوجهد سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ تمام اهميت واري آهي، جنهن ۾ انهن سنڌي ٻولي کان وٺي سنڌ جي سياسي سماجي ۽ معاشي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي، جنهن ۾ سوين سنڌي نوجوان جيلن ۾ ويا ۽ سخت طرح سان پاڪستان جي وفاقي نظام جي مخالفت ڪئي، ساڳئي طرح سان جڏهن سنڌ جو شهر ڪراچي وفاق حوالي ٿيو ۽ ايوب کهڙي جي حڪومت ختم ڪئي وئي ۽ سنڌ جي نالي ماتر شناخت ون يونٽ جي پاليسي تحت ختم ڪئي وئي، ته اهڙو ته مشڪل سنڌ جي تاريخ جو سياسي دؤر شروع ٿيو، جنهن ۾ سنڌي نوجوان طبقو اهو ڀلي شاگرد هجي يا ڪو مزدور، انهيءَ ايڏي وڏي بهادريءَ سان پنهنجي سنڌ جي سياسي خودمختياري لاءِ اڳتي آيو ۽ جدوجهد ڪئي، جنهن ۾ تمام وڏا سياسي نوجوان شاگرد ان جدوجهد سان سنڌ جي تاريخ کي ورجايو ته سنڌ جا نوجوان پنهنجي ڌرتي جي شناخت ۽ سماجي غلامي کي ڪڏهن به نه قبول ڪندا، جڏهن پاڪستان ۾ ايوب جي آمريتي دور شروع ٿيو، سياسي هلچل ۽ سياسي آزادي تي پابنديون لڳيون، هر قسم جا سياسي ۽ سماجي حقن کي ختم ڪيو ويو، ايوب جي آمريت ۾ تڏهن به سنڌ جي انهن نوجوانن هڪ گهڙي لاءِ خاموش نه ويٺا ۽ ايوب جي آمريت کي للڪاريو، ايوب جي آمريت پاڪستان ۾ ائين هئي جيئن سنڌي سماج جي نوجوانن کي هڪ دفعو ٻيهر انهن جي روح کي جنجهوڙيو ۽ انهن ۾ تاريخي سياسي ۽ سماجي روح ڦوڪيو، جو هڪ آواز ۽ للڪار ٿي پنهنجي سنڌ ڌرتي لاءِ هر قسم جي جسماني روحاني تڪليف کان گذرڻ لاءِ تيار ٿي پيا، انهن سنڌي نوجوانن سنڌ جي هر ماڻهو کي سياسي سماجي سجاڳي ڏني، انهن عام سنڌي ماڻهن کي پنهنجي سياسي ميدان ۾ لاٿو، انهن کان سماجي سياسي مزاحمتون ڪرايون، اهو اهڙو سنڌ شاگرد نوجوان جو دور هئو، جنهن ۾ سنڌ جي هر طبقي جي ماڻهو ۾ سياسي سماجي سجاڳي آئي، انهيءَ سياسي جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو، سنڌ جي انهيءَ دور ۾ تمام وڏا نوجوان سنڌي ادب ۾ انهن ڪمال جون مزاحمتي تخليقون ڪيون، جنهن ۾ سنڌي ٻولي ۾ تمام وڏي پيماني جي شاعري ٿي ۽ سنڌ ۾ وڏا نوجوان شاعر ٿي اڀريا، جنهن ۾ شيخ اياز، همايون ابراهيم منشي، امداد حسيني، قمر شهباز، استاد بخاري ۽ اهڙا کوڙ سارا مزاحمتي شاعرن ان وقت سنڌي ادب ۾ پيدا ٿيا، جن نه صرف سنڌي ٻولي ۽ ادب کي شهڪار بڻايو ۽ سنڌي سماج کي سياسي مزاحمت لاءِ اتساهيو، ته جيئن پنهنجي سياسي ۽ سماجي حقن لاءِ هن ملڪ پاڪستان ۾ انهيءَ کان سنڌ جي خودمختياري جي گهر ڪئي وئي ته ون يونٽ ختم ڪيو وڃي ۽ سنڌ جي پنهنجي تاريخي شناخت کي بحال ڪيو وڃي، سنڌ جي هن سياسي سماجي دور ۾ سنڌ جي نوجوان شاگردن ڀرپور طريقي سان پنهنجي سنڌ ڌرتي لاءِ مزاحمت ڪئي، اهو دور هئو سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تاريخ جو جنهن سنڌي سماج هڪ نئين انداز سان شعوري طرح اسري سامهون آيو، جنهن ۾ سنڌي ادب ۾ تمام گهڻي نظرياتي ترقي ڪئي، کوڙ سماجي سياسي تحريڪون ٺهيون، سنڌ جي ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي حقن لاءِ سنڌ جي اندر سنڌي حوالي سان انهن نوجوانن هڪ سنڌي صحافت حوالي سان تجربا ڪيا، جنهن ۾ سنڌي اخبارون ۽ رسالا شايع ڪيا ويا، انهن ۾ اڪثريتي ڪم ڪرڻ وارا سنڌي نوجوان ئي هئا، جنهن انهن رسالن ۽ اخبارن ذريعي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي مسئلن کي اجاگر ڪيو ۽ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي شعور ۾ اضافو ڪيو، ان ون يونٽ جي سياسي دور ۾ تمام گهڻي اڪثريت سان سنڌي نوجوان پنهنجي سياسي نظرين سان اڳتي آيو، جنهن ۾ کاٻي ڌر کان وٺي ساڄي ڌر ۽ قوم پرستي وارا نظريا سنڌي شاگردن ۽ نوجوانن ۾ آيا، انهن مختلف سياسي ۽ سماجي نظرين باوجود به سنڌي نوجوان طبقو پنهنجي سنڌي قومي سماج لاءِ متحد هئا، گڏجي تحريڪون هلايو، انهن نظرين جي اختلافن باوجود انهن نوجوانن ۾ اڪثر اهي سياسي شاگرد نوجوان اڳتي هلي ڪري سنڌ جي سماجي حوالي سان ڪي ادب ۾ انهن نالو ڪمايو، ڪن وري پنهنجون سياسي، سماجي پارٽيز ٺاهيون، انهن مان اڪثر سنڌي نوجوان سنڌ جي صحافت جي حوالي سان ڪم ڪندا رهيا آهن، ون يونٽ جي خلاف سنڌي نوجوانن جي هلايل سياسي ۽ سماجي جدوجهد هڪ الڳ باب آهي، سنڌ جي تاريخ جو جنهن کي ايندڙ نوجوان سنڌي نسل لاءِ اهم آهي، ان جو مطالعو ڪرڻ ۽ ان سنڌي تاريخ جي دور کي سهيڙڻ ۽ تحقيق ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سياسي سماجي تاريخ ۾ سنڌي نوجوان شاگردن جا ٻيا وڏا اهم تاريخي ڪردار MRD تحريڪ دوران اسان کي ملي ٿو، جنهن وقت پاڪستان ۾ هڪڙي عوامي چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي معضول ڪري ۽ انهيءَ کي ڦاسي تي چاڙهيو ويو، هڪڙي فوجي ڊڪٽيٽر ضياءَ جي هٿان، جنرل ضياءَ جو آمريتي دور به سنڌ جي سماجي ۽ تاريخ لاءِ هڪڙو نادر شاهه وارو دور طور سامهون آيو. جنهن ۾ سنڌي سماجي ۽ تاريخ تي تمام گهرا اثر ڇڏيا، ان جنرل ضياءَ جي آمريت جا اثر 25 سالن گذرڻ کانپوءِ به سنڌ ۾ موجود آهن، مذهبي انتهاپسندي کان وٺي ادارن جي مافيا جي شڪل تائين، جنهن جو اڄ به سنڌي سماج انهن منفي سماجي ۽ سياسي حوالي سان جنهن جو سنڌ ۽ سنڌي سماج جا ماڻهو ازالو نه ڪري سگهيا آهن، انهيءَ جنرل ضياءَ جي آمريت جي خلاف سنڌي نوجوان طبقي ۽ خصوصن شاگردن MRD تحريڪ ۾ سنڌ جي نوجوانن ڀرپور سياسي تحريڪون هلايون، جنهن ۾ يونيورسٽي کان وٺي عام سماج تائين، جنهن ۾ سوين سنڌي نوجوان شاگردن جنرل ضياءُ جي آمريت جي خلاف هجڻ ڪري سخت سياسي ۽ سماجي تڪليفن مان گذريا، جنهن ۾ هنن پنهنجي يونيورسٽي جي تعليم کي ترڪ ڪرڻو پيو، هڪ روپوشي جي زندگي گذارڻي پئي ۽ ڪي ته سوين شاگرد سياسي اڳواڻ جيلن ۾ سالن تائين واڙيا ويا، جنهن نوجوانن کي جيلن ۾ غير انساني طريقي سان انهن سان سلوڪ ڪيو ويو ۽ انهن کي سالن تائين جيلن ۾ سزائون ڏنيون ويون، انهيءَ MRD دور ۾ نظير عباسي جهڙا سنڌي نوجوانن کي جيلن ۾ ڪچلي ماريو ويو، اهڙي طرح ان جنرل ضياءَ جو آمريتي دور ايوب جي دور کان به سخت ۽ غير انساني حوالي سان پيش ايندڙ قانوني پابنديون سنڌي نوجوان کي سهڻيون پيون، انهيءَ پوري مشڪل سياسي ۽ سماجي حالتن باوجود به سنڌي نوجوان پنهنجي سنڌ ڌرتي جا نغما ڳايا، انهن سڀ سختيون برداشت ڪيون، پر سنڌ ڌرتي سان انهن جو ناتو ڪڏهه نه ٽٽو، انهن نوجوانن ۾ دودو، هوشو، هيمو، ۽ سورهيه بادشاهه جهڙن وانگي جوش ۽ جذبي سان پنهنجي وطن سان محبت ڪرڻ جون روايتون قائم رکيون، اهڙين ئي سياسي مزاحمتي ۽ قرباني، سنڌي نوجوانن جون روايتون سنڌ جي سماج ۽ تاريخ کي اڳتي وٺي هلڻ ۾ مدد ڪئي آهي.


    سنڌي موسيقي جي ترقي جو سوال

    سنڌي موسيقي برصغير جي خطي ۾ ڪمال جي حد تائين رهي آهي، جنهن ۾ وڏا موسيقار ۽ گائڪ پيدا ڪيا، جنهن ننڍي کنڊ جي مڙني قومي سماجن ۽ موسيقي تي پنهنجا اثر ڇڏيا آهن. سنڌ هڪڙي طويل دور کان هن خطي جي موسيقي جو مرڪز پڻ رهندي آئي آهي، جنهن ۾ برصغير جا وڏا گائڪ ۽ موسيقار اچي سنڌ جي موسيقارن کان موسيقي جي سکيا ورتي پئي ۽ سنڌ ۾ ڳايو وڄايو، جنهن ۾ اهو ڀلي موڪيش کان وٺي لتا مگيشڪر، نورجهان ۽ مهدي حسن اهڙا کوڙ وڏن گائڪن جا نالا آهن، جنهن نه صرف سنڌي ۾ ڳايو ۽ پنهنجي فن جي سنڌ جي موسيقي گهراڻن کان سکيا ورتي.
    سنڌي موسيقي جا انيڪ نالا آهن، استاد منظور علي خان، ماسٽر چندر، ڍول فقير، فوٽو زرداري، ابراهيم سنديلو، استاد جمن، مائي ڀاڳي، مائي جيوڻي، استاد يوسف، وحيد علي خان ۽ استاد گلزار علي خان اهڙا کوڙ موسيقي جي دنيا جي ڪمال وارا ماڻهن جنهن سنڌي موسيقي کي ڪمال جي حد تائين وٺي ويا، انهن جي موسيقي جا سماج تي پوندڙ اثر سنڌي سماج کي جگمڳايو ۽ ٻڌندڙن تي ايڏو وڏو اثر ڇڏيو آهي به هن جي ڌرتي جا هيرا بڻيا ۽ سنڌي معاشري کي هن آرٽ ۽ فن جي حد تائين وٺي وڃڻ جا جتن ڪيا. منهنجو پنهنجو خيال آهي ته ڪو به سماج جيڪڏهن موسيقي کان خالي آهي ته اهو سماج نه ڪا ترقي ڪري سگهي ٿو ۽ ان سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جي زندگيءَ ۾ نڪي خوبصورتي پيدا ٿي سگهي ٿي، موسيقي سماجن کي سنواري ۽ خوبصورت بڻائي ٿي، ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ زندگي کي گلزار بڻائڻ جو هڪ گس مهيا ڪري ٿي ۽ اهو نسل ان معاشري کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي ٿو.
    اهڙي طرح سنڌ جي موسيقي تي به اهڙي قسم جا اثر رهندا آيا آهن، هڪڙو اهڙو زمانو هئو، جنهن ۾ تمام وڏي قد ۽ ڪاٺ وارا سماجي ۽ سياسي ماڻهو پيدا ٿيا، ائين لڳندو هئو ته اهي سنڌي سماج جا مسيحا ٿي ڪري هن ڌرتي تي آيا هجن، جنهن جو تخيل به ڪمال جو هئو ۽ سنڌ دوستي به، انهن سڀني سياسي ۽ سماجي ڪردارن ۾ رنگ ڄڻ ڪي ڀٽائي پاڻ ڀريا هجن، انهن ڪردارن جي سوچ ۽ عمل ۾ ڀٽائي جو تخيل ۽ شعور جون جهلڪيون سمايل نظر اينديون هيون، اهي زندگيءَ ۾ ڪڏهن هار يا آڻ نه مڃيندا هئا، هڪ ئي ساهي ۾ زندگي گذارڻ وارا هئا، اهي سڀ ڪردار ڄڻ ڌرتي جو ڀاڳ هئا، سنڌ ڌرتي لاءِ جاکوڙيندا ۽ هن ڌرتي جي رهندڙن لاءِ ئي خوشيون تلاش ڪندي نظر ايندا هئا، هن سنڌ جي ڌرتيءَ کي ئي جگمگائڻ ۽ خوشحال سنڌ جو خواب اکين ۾ سمايل هئو، هر قسم جون سخيتون سر تي کڻي پوءِ به زندگي گذاريندا هئا ۽ ڀٽائي جي ڀونءَ لاءِ پيا پتوڙيندا هئا، انهيءَ ۾ ڪو به وڌاءُ ناهي ته اهي سڀ ڀٽائي جا ٺهيل ڪردار هئا ۽ انهن ۾ سڀ رنگ ڀٽائيءَ جا هئا، انهن ڪردارن ۾ سائين جي ايم سيد، سوڀو گيانچنداڻي، ابراهيم جويو، گربخشاڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، مومن ڪلپنا، هري موٽواڻي، الهه بخش سومرو، سورهيه بادشاهه، مجيد سنڌي، راشدي برداران، روپلو ڪولهي، هيمون، شيخ اياز ابراهيم جويو، تاجل بيوس، دائود پوٽو، انور پيرزادو، رسول بخش پليجو، حميد جتوئي، علامه آءِ آءِ قاضي، شمشيرل حيدري، نبي بخش بلوچ،، مرزا قليچ بيگ، حيدر بخش جتوئي اهڙي طرح هڪ ڊگهي لسٽ آهي لطيف جي ڪردارن جي، جيڪا وڃي ذوالفقار ڀٽي کان وٺي بينظير تائين ڪجهه اهي نالا جيڪي مان هتي نه ڄاڻي سگهيو آهيان، انهن تاريخي ماڻهن جا جيڪي ڀٽائي جي تخيل مطابق هن ڌرتي جي لاءِ وڙهيا ۽ جنهين جدوجهد ڪئي، انهن سڀني ڪردارن کي ٺاهڻ ۾ ڀٽائي جي شاعري ۽ موسيقي هئي.
    سنڌي موسيقي ورهاڱي جي دور تائين تمام عروج تي پهتل نظر اچي ٿي ۽ جڏهن ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿيو، 1947ع واري ورهاڱي سنڌي موسيقي کي کوڙ سارو ڇيهو رسايو، جنهن سنڌ جي پاڪستان ملڪ طور سڃاڻپ ڪئي ۽ کوڙ سارا فن ۽ ادب جا هندو سنڌي سنڌ ڇڏي هليا ويا، ته پوءِ سنڌي فن ۽ موسيقي کي وڌيڪ ترقي نه وٺرائي سگهياسين، جنهن ۾ سائين جي ايم سيد اها ڪوشش وڌ ۾ وڌ ڪئي ته سنڌ جي راڳين ۽ فقيرن جون محفلون ڪرايون، انهن کي ڳارائي هڪ طرح سان ماحول ٺاهيو، جيڪو ڏاڍو ڪامياب تجربو ٿيو، پر پوءِ به هن ملڪ پاڪستان ۾ اهڙي طرز عمل جون حڪمرانيون آيون جو سنڌ جون نه رڳو سماجي، سياسي ۽ معاشي حالتون خراب ٿيون، پر سنڌ جي فن ۽ آرٽ جي شعبي کي تمام گهڻو نقصان ٿيو، ڪنهن به معاشري ۾ فن ۽ آرٽ تڏهن ترقي ڪري سگهي ٿو، جڏهن ان معاشري ۽ ملڪ ۾ سياسي ۽ سماجي آزادي مهيا هجي، انهيءَ نتيجي ۾ سنڌ جي موسيقي ۾ زوال اچڻ شروع ٿي ويو، اهو خاص ڪري ايوب جي دور حڪومت کان شروع ٿيو، جيڪو جنرل ضياءَ جي زماني ۾ فن ۽ موسيقي ته ڇا پر سڀ ڪجهه سنڌ جو ويران ٿيو ۽ سنڌي سماج سڃاڻپ کان ئي هليو ويو.
    پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ وارو زمانو جنهن ۾ خاص ڪري ون يونٽ وارو دور ان وقت به سائين جي ايم سيد، ابراهيم جويو ۽ پليجو صاحب وارن ڪوششون ورتيون، سنڌي ماڻهو ون يونٽ جي خلاف وڙهي رهيو هئو، انهيءَ وقت ۾ سنڌ جي اندر اهي مسلمان سنڌي گهراڻا جنهن راڳ کي اهميت ڏني ۽ ڳايو وڄايو پئي، ان کان علاوه تمام وڏي پائي جي شاعري ڪئي وئي، جنهن ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، تاجل بيوس، شمشير حيدري جنهن ڪمال جي شاعري پئي ڪئي، جن کي تمام وڏي پيماني تي ڳايو ويو، انهيءَ وقت به سنڌ جي گائڪي ۾ تمام وڏا نالا ۽ گائڪ هئا، جنهن ڳايو پئي، انهن کانپوءِ سنڌ جي موسيقي ۾ ڪم ٿيڻ بلڪل ئي ختم ٿي ويو، تربيتي ڪم هئو ۽ هجڻ گهرجي هان، سو نه پئي ٿيو، اهي استاد گهراڻا سنڌي موسيقي جا هوريان هوريان ختم ٿي ويا، سرڪاري سطح تي سنڌي موسيقي ۽ فن ۽ آرٽ جي حوالي توجهه بلڪل نه هجڻ جي برابر ٿي وئي، جيڪا اڄ تائين اهڙي افسوس ڪندڙ حال آهي، سنڌ صوبي جي سطح تي ثقافت کاتو ته موجود آهي پر انهيءَ ڪي به اهڙا اپاءُ نه ورتا، جنهن سان سنڌي موسيقي کي بچائي سگهجي.
    هن وقت سنڌ جي موسيقي هڪ مڪمل زوال پذير مرحلي مان گذري رهي آهي، جنهن جي ترقي لاءِ ڪا به ڌر يا ادارو ڪوشش نه نه وٺي رهيو آهي ته اهو سنڌي معاشري جي فن ۽ آرٽ کي بهتر ڪجي، هن وقت سنڌ جي اندر ڳايو ۽ وڄايو ته وڃي ٿو، جنهن ۾ ڪجهه بهتر ڳائڻ وارا به آهن، فنڪار جنهن کي داد ڏيڻ گهرجي، هو پنهنجي حال آور بک ڏک تي ڪم ڪري رهيا آهن، انهن کي بهتر ڳارائڻ لاءِ بهتر شاعري ڪو نه ٿي رهي آهي، ٻيو ته هنن کي مارڪيٽ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڳارايو وڃي ٿو، هن وقت هو وڏو هلڪو جيڪي پڙهيل لکيل چئجي، انهن سنڌي موسيقي ٻڌڻ ڇڏي ڏني آهي، ڇاڪاڻ جو اهو معيار ڪانهي رهيو، معيار ڪانهي اهو به هڪ بهانو آهي، انهن سنڌي ماڻهن کي حقيقت آهي ته اهي پنهنجي سماجي شعور گهٽ ٿا رکن ۽ وري هنن کي سنڌي هجڻ تي به شرم ٿو اچي، ته پوءِ هو سنڌي راڳ ۽ موسيقي جو ٻڌڻ هن وقت سنڌ جي اندر سنڌي ماڻهو خاص ڪري پنهنجون ذاتي محفلن کان وٺي شاديون، سماجي گڏجاڻين تائين غير سنڌي موسيقي کي پسند ڪن ٿا، جيڪو سراسر اهي پنهنجي سنڌي ٻولي سنڌي موسيقي سان ظلم ڪن ٿا، اهي پاڻ پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت جا دشمن ٿي رهيا آهن، انهن کي ائين ڪرڻ جڳائي نٿو، ٿيڻ اهو کپي ته هو پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت کي ترقي ڏيارڻ لاءِ انهن شين کان آگاهه رهڻو پوندو.
    هن وقت سنڌ جي باشعور، اديب دانشور ۽ سياسي ماڻهن کي گهرجي ته هو گڏجي سڏجي سرڪار کان سنڌي موسيقي ۽ ثقافت کاتي جي حوالي سان ان شيءِ تي توجهه ڇڪرائين ۽ سنڌي موسيقي لاءِ ترقي لاءِ نوان تجربا ڪرائڻ گهرجن، جهڙي طرح هندستان ۾ ٿي رهيو آهي ۽ هن وقت پاڪستان جي اندر پنجابي موسيقي تي وڏو ڪم ٿي رهيو آهي، پنجابي موسيقي جي ترقي لاءِ نت نوان تجربان ڪيا وڃن پيا، ان سان گڏ پنجاب جو ثقافتي کاتو وڏيون ڪوششون وٺي رهيو آهي ته پنجابي موسيقي کي ترقي وٺرائجي، جنهن ۾ پنجاب جو لوڪ ورثه کاتو تمام گهڻو پيش پيش آهي، اهڙي طرح سنڌ جي اندر به ثقافت کاتو ۽ سنڌ يونيورسٽي جو سنڌيولاجي جيڪو رڳو ڪارنر کولڻ ۾ مشهور آهي، انهن کي گهرجي ته اڳتي اچي ۽ سنڌي موسيقي جي ترقي لاءِ ڪوشش وٺي، ان ۾ نوان تجربا ڪيا وڃن ۽ پراڻي ڳايل موسيقي کي نئين انداز سان ڳارايو وڃي، جيڪو هن وقت طور سڃاتو وڃي ٿو. وچين ته جيئن هلندڙ دؤر جي گهرجن مطابق سنڌي موسيقيءَ کي پيش ڪري سگهجي.


    ڀٽائي ۽ مارڪس: انساني تاريخ جا ڏاها

    شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ڪارل مارڪس جي پاڻ ۾ ڀيٽا ڪرڻ هڪ نه صرف انتهائي اهم ڪم ڪرڻ جي برابر آهي، پر اهو هڪڙو تمام وڏو مشڪل ڪم پڻ آهي، ڇاڪاڻ ته هنن ٻنهي فلسفين ۽ انسان دوست ڏاهن جو پاڻ ۾ تقريبن هڪڙي صديءَ ۽ دور جو فرق آهي. هڪ ته هي ٻه وڏيون تاريخي شخصيتون نه صرف جداگانه درو جون آهن ۽ ٻيو اهي ٻئي تاريخي شخصيتون ٻن مختلف سماجن سان تعلق رکن ٿيون، جنهن ۾ هڪڙو شاعر آهي ته وري ٻيو تاريخي ماديت جو فلسفي ۽ معيشت جو عالم، توهان پڙهندڙ سوچيندا هوندو ته اهڙو ڀلا ڪهڙو لاچار ۽ ضرورت آهي جو هنن ٻنهي جو گڏجي مطالعو ڪجي ۽ هنن ٻنهي تاريخ جي عالمن جي پاڻ ۾ ڀيٽا ڪجي به ته ڇو؟ هنن ٻنهي عالمن جي فلسفي ۽ خيالن جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي؟ هنن پنهنجي تاريخي شخصيتن جو پاڻ ۾ تقريبن سئو سالن جو فرق آهي ۽ ايڏو وڏو تاريخي فرق هنن جي خيالن ۽ تصورن کي ڪيئن ٿو ڀلا ڳنڍي سگهجي پيو؟ مان هنن ٻنهي تاريخ جي وڏين شخصيتن تي لکڻ لاءِ هڪڙي وڏي عرصي کان مسلسل سوچيندو رهيو آهيان ۽ هنن ٻنهي شخصيتن جي علم ۽ تصورن ۽ خيالن جي پاڻ ۾ هڪجهڙايون ڳوليندو رهيو آهيان، هو هڪ مشڪل ڪم به هئو ڇاڪاڻ ته شاهه ڀٽائي هڪ ته سنڌ جو هڪڙو وڏو شاعر رهيو آهي، 17 هين صديءَ ۾ جنهن وقت شايد تاريخي ۽ سياسي حالتون ڪجهه ٻيون هيون، ۽ 17 هين صديءَ ۾ ڪي اهڙيون بهتر حالتون ڪو نه هيون، نه ئي وري ڪي مواصلات جون ڪي گهڻيون سهولتون موجود هيون، ان 17 هين صديءَ ۾ دنيا جو پاڻ ۾ ڳنڍڻ يا علم شعور جو ڪو وڏو موثر رابطو موجود نه هئو، ان وقت منهنجي خيال مطابق برصغير يا سنڌ ڪجهه عرب ملڪن سان ۽ وچ ايشيائي ملڪن سان رابطا ضرور هئا، ڪجهه عالمن جي حوالي سان ۽ ڪجهه عالمن جي فڪر جي حوالي سان، 17 هين صديءَ ۾ لکائي ۽ ڇپائي جو به ڪو خاطر خواهه بندوبست به نه هئا، انهيءَ جو اندازو اسان ان مان لڳائي سگهون ٿا ته ڀٽائي جي شاعري کي ترتيب ۽ لکائي جي شڪل به ڀٽائي جي زندگيءَ ۾ نه ڏني وئي هئي، مان سمجهان ٿو ته اهو ڀٽائي جي رسالي جي شڪل به 19 هين صديءَ جي آخر ۾ ڏني وئي، انهيءَ کان اڳ اها شاعري ڀٽائي جي راڳين ۽ پارکو ماڻهن وٽ روايتي انداز سان سانڍيل هئي، جيڪا ستين ڪال ڀٽائي کانپوءِ سهيڙي ۽ ڇپائي وئي هئي.
    ڪارل مارڪس جيڪو 19 هين صديءَ جي شروع ۾ پيدا ٿئي ٿو، هڪڙي جرمني ملڪ جي اندر هو يونيورسٽي ۾ پڙهي ٿو، باقاعدي فلسفي جو شاگرد ۽ استاد پڻ ٿئي ٿو، ياد رهي ته يورپ جي 19 هين صديءَ ۾ تاريخي سياسي حالتون تمام گهڻيون ترقي ڪري چڪيون هيون، خاص ڪري ان دور ۾ يورپ ۾ خاص ڪري علم، ادب ۽ فلسفي جي گوناگون صدي قرار ڏني وڃي ٿي، هر طرف فلسفي زندگي ۽ تاريخي حوالي سان بحث ۽ مباحثا ٿي رهيا هئا، پوري طرح انساني تاريخ جو انهن ماڻهن فلسفي جو جائزو پئي ورتو، ٻئي طرف سياسي ۽ سماجي يورپ جي اندر ڀونچال ڏسڻ ۾ پئي آئي، يورپ جي هڪ وڏي زبردست روشن خيال انقلاب جنم وٺي رهيا هئا، يورپ جو سڄو سماجي تاريخي، معاشي ۽ سماجي ڍانچا تبديل ٿي رهيا هئا، فرانس ۽ آمريڪا جي انقلاب بعد هڪ گڏيل سماج کان وٺي هڪ اڪيلي فرد تائين آزاديءَ جي ڳالهه ٿي رهي هئي، فردن ۽ بادشاهتي نظام کان آجپي جي ڳالهه ٿي رهي هئي، ۽ ان سان گڏ سماج ۽ انسان ڪنهن به غير فطري غلام ۽ اڻبرابري جي ويچارن کي ٺڪرائي رهيو هئو ۽ انهن ماڻهن ڳالهه پئي ڪئي، ادارن ۽ قانونن جي ٺهڻ جي، جيڪي هو پاڻ ئي ٺاهن پيا، هن تي ڪي مذهبي يا جاگيردارن جي ضابطي هيٺ ان سان گڏ سائنسي تمام وڏيون ايجاداتون ٿي رهي هيون، انساني رشتا پنهنجون نيون شڪليون وٺي رهيا هئا، هڪڙي انسان جي تاريخي مادي جي حوالي سان هڪڙو نئون تعلق جڙي رهيو هئو، اهو 19 هين صديءَ جو يورپي سماج پنهنجي تاريخ کان مڪمل تضاد ۾ بيٺل نظر اچي ٿو ۽ ماضي جي اخلاقيات، قدر، مذهب، قانون ۽ روايتن جي مڪمل طرح بغاوت تي لهي اچي ٿو، ان ئي پوري تاريخي بغاوت جي 19 هين صديءَ ۾ ڪارل مارڪس جو جنم ٿئي ٿو، ڪارل مارڪس کان اڳ جا وڏا فلسفا جنهن پنهنجي تصورن ۽ فلسفن جي خيالن جو اظهار پئي ڪيو ۽ ان پوري دور جي تاريخي بغاوتن جي تشريح پئي ڪئي ۽ ان سان گڏوگڏ انساني تاريخ ۽ سماج جا نت نوان قانوني ضابطا پئي جوڙيا ۽ انساني تاريخ جون پئي تشريحون ڪيائون، ٻئي طرف نون سماجي ادارن ۽ قانونن کي جوڙڻ جي لاءِ فلسفياڻا ويچار پئي ڏنا. ڪارل مارڪس ٺيڪ ان وقت ان دور جي پيداوار هئو ۽ هن به پنهنجي فلسفي اندر تاريخ جو مطالعو ڪيو، جنهن اهو ڳولهي لڌو انساني تاريخ مان ته انساني تاريخ جو مرڪزي نڪتو ۽ ان جي ڦير گير جو منتقي نتيجو انساني سماج طبقاتي آهي ۽ ٻيو انساني تاريخي مادي جي نتيجي ۾ معيشت آهي، جيڪا انساني سماج کي طبقن ۾ ورهايو بيٺي آهي، ۽ اهي طبقاتي تاريخ انساني سماج ۾ ڇڪتاڻ جو نتيجو رهندا آيا آهن، جنهن جي ڪري انساني تاريخ جو ڦيرو طبقن جي تضاد جي چوگرد ڦرندو رهي ٿو ۽ اهي سماجي طبقا هڪڙن اهڙن سماجي طبقن جو جنم وٺن ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي بالادست طبقا انهن سڀني وسيلن تي قابض ٿيل آهن ۽ هڪ گهڻ آباديءَ جي معاشي استحصال ڪري سماجي ۽ سياسي حوالي سان طاقت حاصل ڪري ۽ سماج تي قبضو حاصل ڪن ٿا ۽ وڏي پئماني تي اجتماعي سماجي سگهه حاصل ڪري وٺن ٿا، ان سان گڏوگڏ انهيءَ سماج ۾ هڪڙي قسم جو تقدس ۽ پيداواري وسيلن تي قبضو ڪري ٿا ڇڏين ۽ اهڙي باقي سماج ۽ رياست جا اهڙا ماڻهو يا طبقا جنهن کي اهي پيداواري وسيلا قبضي هيٺ آيا، انهن کان بالادست طبقو انهن کي پيٽ پالڻ ۽ زندگي گذارڻ واستي انهن کان جبري پورهيو ڪرائن ٿا ۽ انهن غلام طور ڪم وٺي انهن جي پورهيي مان لاڀ حاصل ڪري، اهي پنهنجي سماجي بالادستي برقرار رکندا پيا اچن.
    ڪارل مارڪس جو اهو دور جڏهن يورپ ۾ هڪ طرف انقلابن جي صدي آهي، ٻئي طرف يورپ جي ملڪن ۾ وڏي پئماني طور سرمائيداري جو دور شروع ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ هيٺيان پيڙهيل طبقا خاص ڪري وچولو طبقو ۽ زرعي طبقو جيڪي ٻئي گڏجي سڏجي ڪري سماجي برابري جي ڳالهه ڪري رهيا هئا ته ٻئي طرف انهن انقلابن کانپوءِ جيڪو طبقو سماج ۽ رياست تي قابض ٿي رهيو هئو، اهو طبقو جيڪو سرمائيدار جي شڪل وٺي رهيو هئو، سرمائيداري نطام هڪ بهتر نظام، جنهن فردي آزاديءَ جا خواب ڏيکاريا پئي ويا، جنهن ۾ هڪ فرد مڪمل طرح آزاد هوندو، پنهنجي گهمڻ ڦرڻ ۽ سوچڻ جي حوالي سان، ان فرد کي سماج ۾ کوڙ سارا فيصلا ڪرڻ جي آزادي هوندي، جيڪا هن کي اڳ ڪڏهن به نه ملي سگهي هئي، هتي انساني تاريخ ۾ جڏهن ان سرمائيدار پنهنجي تقويت پڪڙي ته رياست ۽ سماجي ادارن تي پنهنجو قبضو ڄمايو، تڏهن ان کي ان شيءِ جي ضرورت به پئي ته انهن جي سرمائيداري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ يا وري جيڪي انهن سرمائيدارن صنعتون هڻايو، انهن پيدار کي وڌيڪ وڌائيو، ان لاءِ انهن کي منڊين ۽ خام مال جي ضرورت پڻ پئي، جنهن جي لاءِ انهن سرمائيدار ملڪن يا وري صنعتي ملڪن کي بيٺڪيت جي ضرورت پئي، انهن سرمائيدار ملڪن ۾ وڌ ۾ وڌ انگلينڊ، فرانس ۽ آمريڪا جهڙا ملڪ پيش پيش هئا، جيڪي وڌيڪ سرمائيدار هئا، باقي ملڪن جون حالتون ايڏيون ڪي خاص ڪونه هيون، مارڪس جي وقت ۾ پوري يورپ جا ملڪ به ان ڪوشش ۾ لهي آيا ته اهي پنهنجي ملڪن کي سرمائيداري ترقي وٺرائڻ ۽ بيٺڪيتي پاليسي اپنائن.
    انهيءَ پوري يورپ جي ملڪن ۾ سرمائيداري نظام جي ڪشمڪش يورپي ملڪ جي سماجي حالتن کي پسپا ڪري رهي هئي، مارڪس انهن تبديل ٿيندڙ سماجي ۽ معاشي حالتن جو تمام ويجهي طرح سان مطالعو ڪري رهيو هئو، اهو ڏسي رهيو هئو ته هڪڙي طرف يورپي ملڪن جي صنعتي ترقي ٿي رهي آهي ته ٻئي طرف انهن يورپي ملڪن جي صنعتن ۾ جيڪي مزدور ڪم ڪري رهيا آهن، انهن جون ذاتي معاشي ۽ سماجي حالتون بدتر ٿينديون پيون وڃن، انهن جي پورهئي جو ڪو به انهن جي زندگيءَ تي سماجي ۽ معاشي حالتن جي بهتري نه اچي رهي هئي، انهن جي پورهئي مان جيڪو وڏو فائدو رسي رهو هئو، اهو صرف صنعتي ملڪن ۽ سرمائيدارن کي ٿي رهيو هئو، جيڪي وڏا امير ٿي رهيا هئا ۽ صنعتن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي ٻن وقتن جي ماني به نصيب نه پئي ٿي سگهي، اهڙي قسم جو استحصال يورپ جي سرمائيدار ملڪن جي سماج ۾ به طبقا جنم وٺي رهيا هئا، جنهن کي مارڪس جو نالو ڏنو هئو، هڪ مزدور طبقو ۽ ٻيو سرمائيدار طبقو.
    شاهه ڀٽائي جيڪو تقريبن صدي اڳ جو مارڪس کان هئو، جيڪو صرف شاعر هئو، هنن ۾ جيڪڏهن ڪا هڪجهڙائي آهي ته اُها اِها آهي، ته پنهنجي فلسفي ۽ شاعري ۾ انسان دوست هجڻ جا بهترين معيار آهن، ڀٽائي جي شاعري ۾ جيڪي انساني قدر ڏيکاريا ويا آهن، انهن قدرن جو حسن ڪارل مارڪس جي مارڪسي فلسفي ۾ موجود آهي، جنهن جي لاءِ هن هڪڙي پورهي ڪندڙ مزدور جي زندگي لاءِ ڏنو آهي، ڀٽائي جي شاعري ۾ به مظلوم ۽ پورهيت طبقي جي لاءِ به انتهائي ڪمال جي حد تائين مزاحمت ڀريل آهي، ان پورهيت طبقي جي استحصال ڀٽائي جي شاعري ۾ جنهن ۾ ڪولاچار ۽ ان جي پورهي جي ڪا به اجرت نٿي ملي ۽ هو سماجي زندگي گهڻي بدتر انداز ۾ گذاري ٿو، هنن جون روز مرهه جون خواهشون پروان چڙهن ٿيون، ان پورهيت طبقي جو سماجي تقدس بلڪل نه هجڻ جي برابر آهي، هو پوري حياتي لاچارگيءَ سان گذاري ٿو، هن جي زندگي جي هڻ هڻا جو ڪو هڙ حاصل نه آهي، انهيءَ سڀني سماجي ۽ معاشي حالتن کي پنهنجي شاعري ۾ ڀٽائي تمام وڏي جدت سان پيش ڪري ٿو، ڀٽائي پنهنجي شاعري انهن پورهيت طبقي جي زندگيءَ جي بدلاءَ جون به ڳالهيون ورجايون آهن، هو ڪٿي به اهو محسوس نٿو ڪرائي ته اهڙيون سماجي پسپائيت هڪڙي پورهيت جون ڪي قدرتي آهن يا ڪي خدا جي طرفان پيدا ڪيل آهن، ڀٽائي پنهنجي شاعري ۾ انهن سماجي استحصال قوتن کي به وائکو ڪري ٿو ته وري غير مساوي ورهاست به ڏيکاري ٿو ته اهڙي قسم جي سماجي اڻ برابري جنهن جي ڪري پورهيت طبقي کي زندگي جي خوبصورت هجڻ کان به محروم رهجي وڃي ٿو. ڀٽائي جي شاعري ۾ اهڙين ڪيترين ئي جڳهين تي ڏيکاريل آهي ته هر سماجي قدر انسان جو معاشي قدرن سان آهي ۽ معيشت جو مستحڪم هجڻ ئي هڪڙي فرد جي زندگي جو پهلو آهي، جنهن ۾ هن کي انساني وقار ٿو ملي ۽ ان ئي فرد جون اهي سڀ خواهشون اڻ پوريون ٿي رهجي وڃن.
    هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سئو سال اڳ ڪارل مارڪس کان شاهه ڀٽائي جي شاعري ۾ اهڙو سماجي شعور ڪٿان آيو، جڏهن ڀٽائي هڪڙي سائنسي دور جو به نه هئو، جدلياتي فلسفي يا تاريخي مادي جي به ڀٽائي ڄاڻ ڪا نه هئي ته پوءِ هو مارڪس هن جي خيالي يا سائنسي بنيادن تي ٻڌل انسان دوستي ڪٿا آئي، ڀٽائي نه ڪنهن سرمائيداري جي اختلاف جي خبر رکندڙ هئو نه ورڪر ٿيو، منهنجي خيال مطابق ته هڪڙو فلسفي يا ڏاهو ڀلي ڪنهن به دور يا سماج سان تعلق رکندو هجي، انهيءَ جي پهچان ان جي انساني اعليٰ قدرن ۽ سوچن سان ٿيندي آهي، ڪو به اهڙي فلسفي يا ڏاهو حقيقي حوالي سان نٿو ٿئي، جيستائين اهو پنهنجي لکڻين ۾ يا خيالن ۾ هن جا انسان دوست قدر ۽ معيار انهن سڀني رسمي عام رجعت پرستي کان مٿانهان نه آهن، جيڪڏهن ڪو ڏاهو رجعت پرست يا ڪو رنگ مذهب ۽ نسل پرستي جي اردگرد ڦري ٿو ۽ هو پوري عالم انسانيت دوستي تي ٻڌل پنهنجا معيار نٿو جوڙي ته پوءِ هو ڪو سچو ڏاهو ۽ انسان دوست نٿو ٿي سگهي، ڀٽائي جي شاعري به عالم انسان جي ڳالهه جهڙي طرح ڪارل مارڪس پورهيت ڪندڙن جي هر نسل ۽ مذهب جي ڳالهه انهن سڀني رجعت پرستاني خيالن کان مٿانهون ٿي ڪري، جهڙي طرح ڀٽائي جي شاعري ۾ انساني دوست جون ڳالهيون آهن، انهن غريب، پيڙهيل ۽ پوئتي پيل طبقي جنهن لاءِ ڀٽائي جو شعور جاڳي ٿو ۽ انهن دردن جا قصا ۽ هر روز ايندڙ سماجي ۽ معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏيندڙ پورهيتن جي ڳالهه ڪري ٿو، ڀٽائي جي شاعري ۾ پورهيت، مظلوم ۽ سماجي ۽ معاشي حالتون جيڪي ڀٽائي پنهنجي شاعري ۾ ڏنيون آهن، ان جا ڪي تاريخي سبب آهن، جنهن کي ڪارل مارڪس تاريخي ماديت يا وري ائين چئجي ته Surpls value)) يا وري اضافي ورهاست، ڪارل مارڪس جو فلسفو به هڪ معروضي يورپ جي سماجي ۽ معاشي حالتن جي پيدوار رهيو ۽ اهڙي طرح ڀٽائي جي شاعري ۾ به معروضي سياسي، سماجي معاشي عڪس وڏي پئماني تي موجود نظر اچي ٿو، انهيءَ ڀٽائي جي ڀرپور شعوري جوهر 17 هين صديءَ جي حالتن پٽاندڙ آهن، جنهن وقت انساني قدرن جي لتاڙ ٿئي ٿي ۽ انسانيت جي ڪا معنيٰ نٿي رهي، انهن مذهبي ملن اڳيان جيڪي درباري آهن، ۽ مذهب جي نالي سماج تي حاوي آهن، ٺيڪ ائين جيئن 18 هين صديءَ ۾ يورپي سماج تي مذهبي پوپ غالب آهي ۽ خدائي نالي تي رعيت تي حڪمراني ڪري ٿي، انهن مذهبي ۽ جاگيرداري جي مدد سان ڀٽائي جو دور به هڪ طرف حڪمراني جو دور آهي، جنهن ۾ سلطنت عثمانيه جو عروج حاصل ڪري برصغير جي اندر انهيءَ سلطنت عثمانيه جي تسلسل ۽ وثوق سان وچ ايشيائي فتح ڪئي، جيڪي مذهب جي نالي تي گهوڙن تي چڙهي پنهنجون تلوارون نگيون ڪري هن برصغير جي خطي ۾ داخل ٿين ٿا ۽ انسانيت جي خون کي پاڻي وانگي وهائي لٽي ماري، باهيون ڏئي ۽ عزتون لٽين ٿا، جڏهن ان ديس جو اهڙو حشر معمول بڻيل هجي ته پوءِ هڪڙي سچي پچي ڏاهي ۽ دانشور جي شعور جي ڪهڙي ارتقا ٿيڻ گهرجن، مان سمجهان ٿو ته اهو شاهه ڀٽائي هئو، جنهن پوري سماجي اڻ برابري ۽ تباهي، بربادي اکين سان ڏٺي پئي، تڏهن هڪڙو ڏاهو ماڻهو ڇا ٿو لکي سگهي پيو، ساڳئي طرح ڪارل مارڪس انساني ذلتون، تباهيون، برباديون، سياسي ۽ معاشي اڻ برابريون ڏٺيون، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ فلسفي ۽ دانشورن جي شعور به ايڏي وڏي ڇلانگ لڳائي، تاريخ ۾ انهن سڀني تاريخي نسل پرستن، مذهبي ڪٽر پرستي ۽ طبقاتي اڻ برابرين کي رد ڪري ڇڏيو هئو، تاريخ ۾ هن صرف تاريخ جو بنياد غير طبقاتي بنيادن تي رکڻ چاهيو پئي.
    ڀٽائي تاريخ جي ان نازڪ دور ۾ پيدا ٿيو آهي، جنهن وقت تاريخ پڻ اٿل پٿل ٿي رهي هئي ۽ اها ئي سماجي سياسي ۽ معاشي اٿل پٿل جيڪا اڳتي هلي ڪري يورپي سرمائيداري ۽ ان سان گڏ يورپي ملڪن ۽ قومن جي برصغير ۽ بيٺڪيت جي شروعات ٿي رهي هئي ۽ ٻئي طرف سنڌ جي اندر ڌارين جون ڪاهون هڪٻئي پٺيان ٿي رهيون هيون، اصل ۾ ڀٽائي جي دور ۾ ارغون ۽ ترخان حملا عام جام ٿي رهيا هئا، احمد شاهه ابدالي ۽ نادر شاهه جي صورت ۾ جيڪي خاص ڪري سنڌ ۾ انهن جي حملن سنڌ جي سياسي سماجي ۽ معاشي حالتون بري طرح تباهه ۽ برباد ٿين پيون، ساڳئي وقت سنڌ جي اندر ڪلهوڙن جو حڪومتي دور هلي رهيو هئو ۽ اها ڪلهوڙن جي دور حڪومت هڪ نج پج سنڌ جي شناخت ڏني هئي ۽ سنڌ جون سرحدون نروار ٿيون هيون، انهيءَ ڪلهوڙن جي درو ۾ سياسي، سماجي حالتون ڏينهون ڏينهن غير مستحڪم رهيون هيون، باقي برصغير جي حصن ۾ مغلن جون حڪومتون هلي رهيون ۽ ڪلهوڙن جي حڪومت سنڌ اندر ڪي خاطر خواهه معاشي ۽ سماجي سڌارا نه آڻي سگهي سواءِ ان جي ته شروع ۾ ڪلهوڙن سنڌ کي خودمختيار هجڻ جي حيثيت ڏياري هئي، ان کانپوءِ جلدي ڪلهوڙن جي حڪمرانن ۾ غير معياري ماڻهو حڪومت ڪرڻ لڳا ۽ بيروني قوتون جي سنڌ ۾ مداخلتون ٿيڻ شروع ٿي ويو، جنهن جو مقابلو ڪرڻ ڪلهوڙن حڪمرانن جي وس جي ڳالهه نه رهي هئي، انهيءَ جو سبب شايد اهو به گهڻو هو ته ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ سياسي ۽ معاشي ۽ اخلاقي ڪرپشن وڌي وئي ۽ سنڌ جون سماجي ۽ معاشي حالتون خراب ٿيڻ ڪري سنڌ جي هيٺين طبقي خاص ڪري هاري طبقي انهن جي حڪومت جي خلاف بغاوتون ڪري ڇڏيون ۽ وري ڪلهوڙن پنهنجي سياسي ۽ فوجي انتظام ڌارين کي ڏيڻ شروع ڪيو، خاص ڪري ٽالپرن کي جيڪي بلوچستان کان گهرايا ويا، انهن کي سڀ ڪجهه حوالي ڪرڻ ڪلهوڙن جي تباهي ۽ بربادي ٿيڻ شروع ٿي وئي ۽ سنڌ جون حالتون ويتر خراب ٿيڻ لڳيون، اهڙي طرح ٻاهرين قوتن به انهيءَ جو فائدو وٺڻ شروع ڪيو ۽ سنڌ جي اندر ڌارين جون مداخلتون شروع ٿي ويون، خاص ڪري مغلن جون ۽ ارغونن جون ۽ ڪلهوڙون جي دور حڪومت سنڌي معاشي، سياسي ۽ سماجي حالت رهندو خراب ڪري ڇڏيون، اهڙي طرح ان ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ اندر جاگيرداري وڏي پئماني تي ۽ انهن جاگيردار طبقي جون ظالمتون وڌائي ڇڏيون، انهن زمينن ۾ ڪم ڪرڻ وارن جو مان سمجهان ٿو ته ان ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ جو سياسي، معاشي ۽ سماجي حالتون فرانس جي انقلاب کان اڳ جيڪي فرانسي سماج جون هيون اهي ان وقت سنڌ جون حالتون هيون، هڪڙو اهو پهلو هئو، ان وقت سنڌي سماج جو ٻيو اهم پهلو جيڪو اسان کي ڀٽائي جي شاعري ۾ ملي ٿو، اهو آهي مذهبي ڪٽرپڻو سماج ۾ جيڪو ڪارل مارڪس کي ان کي ڳالهائڻو پيو، جنهن کي مارڪس لکيو ته مذهب ۽ سماج ماڻهن لاءِ آفيم جي برابر آهي، شاهه ڀٽائي ان وقت اهو ڏسي رهيو هئو ته مذهب جو سماج جي ناانصافين ۽ ان جي معيشت تي وڏو اثر وجهي رهيو آهي، هر ڳالهه ۾ مذهب جو استعمال ٿي رهيو آهي ۽ ان مذهب جي نالي تي عوام جو استحصال ڪيو ٿو وڃي، ان وقت جا وڏا شاعر عالم به ان مذهب جي پاڇي هيٺ هئا ۽ جنهن ۾ خاص ڪري هاشم ٺٽوي جيڪو وڏو عالم هئو ۽ پاڻ شاعر به هئو، سنڌ جون جنهن ۾ سنڌ جي اندر مذهب جي نالي سياست ڪرڻ جي حمايت ڪئي هئي ۽ ان کي ان شيءِ جي پرواهه ڪا نه هئي ته سنڌ تي ڌاريو حڪومت ڪري پر سنڌ ۾ حڪومت مذهب ۽ شريعت موجب هجي، ان وقت سنڌ ۾ جيڪي به بيروني حملي آور اچي رهيا هئا، اهي اسلام ۽ شريعت جو سهارو وٺي ماڻهن ۽ سنڌ جي معاشي لٽ مار ڪري رهيا هئا، جنهن کي سنڌ جي وڏي پڙهيل لکيل عالمن جي حمايت حاصل ٿي رهي هئي، شاهه ڀٽائي ئي هڪڙو اهڙو شاعر ۽ ڏاهو هئو، جنهن انهن افغاني ۽ مغلن جي سنڌ اندر مداخلت هر حوالي سان رد ڪري رهيو هئو ۽ هن اهو به ڏٺو پئي ته سنڌ ۾ اهي ٻاهريون حملي آور قوتون مذهب جو نالو استعمال ڪري سنڌ کي غلام رکڻ چاهين ٿيون، اهڙي طرح سنڌ اندر ڪلهوڙن جي حڪومت وڃي نالي ماتر رهي هئي ۽ انهن کي مختلف اندروني بغاوتن جي ڪري انهن حملي آورن جو سهڪار به وٺڻو پئجي رهيو هئو، جيڪا ڀٽائي کي اها ڳالهه پسند نه پئي آئي، جنهن جي ڪري ڪلهوڙن ڀٽائي ۽ ان جي شاعري ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت خلاف بغاوت ڀريل هئي، ۽ ڪلهوڙن ڀٽائي جي مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ڀٽائي کي پنهنجو گهر ٻار ڇڏڻو پيو ۽ اهو ڀٽائي ڇڏيو، اسان جي سنڌ ۾ اهو مشهور آهي ته ڀٽائي پنهنجو گهر انهيءَ ڪري ڇڏيو هئو ته هن هڪ عورت سان عشق ڪيو جيڪا ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ڌيءَ هئي، اهو بلڪل ڀٽائي تي الزام آهي ته ڀٽائي ڪلهوڙا حڪمران انهيءَ ڪري ناراض ٿيا، جو هن جي شاعري ۾ بغاوت ۽ ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ سنڌ جون سماجي ۽ معاشي اڻ برابري جي خلاف هئي جيڪا ڪلهوڙا حڪمرانن کي بلڪل به پسند نه آئي، جنهن سبب ڪري ڀٽائي ائين چئون ته جلاوطن ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ شاهه ڀٽائي به ڪارل مارڪس وانگي گهر ۽ تر ڇڏيو، جڏهن ڪارل مارڪس جرمني جي 1848ع جي قومي انقلاب دوران تحريڪن ۾ حصو ورتو ۽ سرگرم ٿيو ته ڪارل مارڪس جون لکڻيون ۽ هلندڙ ان وقت ۾ جرمني جي سياسي انقلابن تي تبصرا ڪرڻ جرمني سرڪار کي مجبور ڪيو ته ڪارل مارڪس جو جرمني ۾ رهڻ حڪومت لاءِ خطرناڪ آهي ۽ مارڪس کي جرمني ڇڏڻي پئي، ساڳئي طرح ڀٽائي لاءِ به رستا تنگ ڪيا ويا ۽ ڀٽائي جو فڪر به ڪلهوڙن جي لاءِ وڌيڪ مشڪلاتن کي جنم ڏئي رهيو هئو، جنهن سان ڪلهوڙن حڪمرانن جي سياسي بدنامي ۽ انهن جي خلاف وڌيڪ سماجي سطح تي بغاوت کي هٿي ملي رهي هئي، ٺيڪ ان وقت سنڌ جي اندر وڏي پئماني تي سياسي ۽ سماجي ۽ معاشي بغاوت جهوڪ شريف ۾ ٿي رهي هئي، جنهن جي اڳواڻي شاهه عنايت شاهه ڪري رهيو هئو، انهن ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ اها تمام وڏي پئماني تي سماجي بغاوت هئي، ان دور جي جاگيرداري جي خلاف جنهن مان ڀٽائي تمام گهڻو متاثر ٿيو هئو ۽ انهن جي پوري بغاوت جي ساراهه ۾ ڀٽائي جي رسالي هڪ شاندار حوالي سان سر موجود آهي، جنهن سر جو نالو کاهوڙي (Revolutionary) رکيو، جنهن ۾ ڪمال جي حد تائين هڪ انقلاب کي سماج جي بدلاءِ لاءِ ۽ معاشي اڻ برابري ختم ڪرڻ هن کي انقلابي ڪم ڪرڻو ٿو پوي ته جيئن هو انقلاب آڻي ان سماج جي پوئتي پيل قدرن ۽ سياسي بدلاءِ آڻي سگهجي ته جيئن سماج جو استحصالي قوتن کي ختم ڪري سگهجي، ڀٽائي ان وقت جي جاگيرداري جي خلاف ٿئي ٿو ۽ ڪارل مارڪس 19هين صديءَ ۾ يورپي سماج ۾ جاگيرداري جي خاتمي جي نتيجي ۾ سرمائيداري پيدا ٿيندڙ ۽ ان جي استحصالي قوتن جي خلاف بغاوت ڪري ٿو، جيڪو صرف وقت جو فرق آهي، باقي هڪڙي ڏاهي جي حيثيت ۾ هنن ٻنهي جي انسان دوست ۽ مظلوم طبقي جنهن جو تاريخ ۾ مٿيون طبقو استحصال ڪري ٿو، ان جي خلاف بغاوت آهي، باقي انهن ٻنهي فلسفين هيٺين طبقي ۽ انسان دوست نظرين ۾ ساڳيو ئي ڪمال ڏيکاريل آهي.هڪ اهڙي سادي قسم جي انساني فلسفي جو اظهار ناهي، جهڙي طرح گانڌيءَ، ٽالسٽاءِ جهڙن جڳ مشهور ڏاهن چيو هئو ته غريب غريب رهي پر هو خوش رهن، يا اهڙا کوڙ سارا فلسفي ۽ ڏاها رهيا آهن، جنهن طاقتور طبقي کي اخلاقي بنيادن تي تاڪيد ڪندا رهيا آهن ته هو غريبن تي ظلم نه ڪن ۽ هنن کي ترس کائي هنن سان بهتر سلوڪ ڪن، ڀٽائي جي شاعري ۾ اهڙي قسم انسان دوستي يا سماج پرستي بلڪل به نه آهي. ڀٽائي جي شاعري ۽ فلسفي ۾ اهو ذڪر ڪيل آهي ته سماجي اڻ برابري هن انسان جي تاريخ ۾ طاقتور طبقي جي پيدا ڪيل آهي، نه ڪي فطري يا خدا جي طرفان.
    هڪڙو اهڙو پهلو ڪارل مارڪس جي انقلابي فلسفي ۾ به موجود آهي، اهو ته ان پروليٽاريه يا صنعتن ۾ ڪم ڪندڙ مزدور طبقو انقلاب لاءِ تيار ٿئي ۽ ان سرمائيدار جي استحصالي طبقي جي خلاف ان کي ڊاهي هڪ سوشلسٽ ۽ برابري واري سماج کي ٺاهي، جنهن ۾ معاشي ۽ سماجي اڻ برابري ختم ٿئي ۽ اهي وسيلا ۽ ملڪيتون سڀني جي لاءِ هجن نه ڪي مخصوص طبقي لاءِ ۽ اهي ئي رياستن ۽ سماجن جي حڪمراني ڪن، ساڳئي طرح شاهه ڀٽائي جي شاعري ۾ به انهيءَ پيڙهيل طبقي جي ڳالهه آهي ۽ انهيءَ پوئتي پيل طبقي کي سماج بدلائڻ جي تلقين ڪري ٿو ته اهي اهڙو سماج ٺاهن، جنهن ۾ هر قسم جون برايون ختم ٿيڻ کپن ۽ حقيقي برابري بنيادن تي ملڪيتن جي ورهاست ٿيڻ گهرجي، جنهن سان سڀني ماڻهن جو ڀاڳ هڪجهڙو هجي ۽ اعليٰ قسم جي سماج جي جوڙجڪ ٿيڻ کپي، جنهن لاءِ ڀٽائي وٽ انهن ماڻهن ۽ انقلابي ڌرين جي واکاڻ موجود آهي، جيڪي سماج جي بدلاءَ لاءِ راتين جون راتيون جاڳي جدوجهد ڪري واهڻ وستي وڃي ماڻهن کي جاڳائن ٿا ۽ انهن عام فردن کي پنهنجي انقلابي سوچ سان سرشار ڪن ٿا ته وقت ۽ حالتن کي هاڻي بدلائجي پنهنجي قسمت جو فيصلو پاڻ پنهنجي هٿن سان ڪجي ۽ انهن پوئتي پيل ماڻهو جنهن جا سور ساڳيا آهن ۽ حالتون به سماجي ۽ معاشي هڪجهڙيون آهن ته پوءِ ڇو نه اهي گڏجي سڏجي سماج کي بدلائين ۽ ظلمت جي قائم ٿيل راڄ کي ڊاهي ڦٽو ڪجي، جنهن سان هنن جي زندگي جون سڀ بهارون ۽ مسرتون اجڙي ويون آهن، ڀٽائي انهن ماڻهن جي زندگيءَ تي حيرت ٿو کائي ۽ بيڪار سمجهي ٿو، جيڪي ماڻهو سماج جي اهڙين براين ۽ اڻ برابري کي قبول ڪيو ويٺا آهن ۽ انهن سماجي ۽ معاشي اڻ برابري ختم ڪرڻ جي لاءِ اٿي کڙا نٿا ٿين.
    جهڙي طرح ڀٽائي سماجي سياسي ۽ معاشي شعور پنهنجي شاعري ۾ ڏيکاريو آهي ائين لڳندو پيو آهي ته ڄڻ ڀٽائي وٽ ڪارل مارڪس جي تاريخي ماديت، منافعي خوري ۽ سماجي جدليات جهڙن فلسفن کان واقف هجي، جهڙي طرح ڀٽائي پنهنجي شاعري وسيلي تاريخي سماجي اوڻاهين کي پرکيو آهي ۽ سماج ۾ پيدا ٿيل اڻ برابريون ۽ طبقاتي استحصال جو ڀٽائي وٽ مڪمل ادراڪ موجود ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ان کان علاوه ڀٽائي به ڪارل مارڪس وانگي معيشت کي زندگي جو بنيادي نڪتي طور کڻي ٿو، جنهن کانسواءِ هٺين طبقن جي زندگي کي بدلائڻ ۽ سماجي برابري پيدا ڪرڻ ناممڪن آهي، ڀٽائي وٽ به مادي ترقي ۽ برابري کانسواءِ محبتون، پيار ۽ حقيقي سماج جنهن ۾ هڪڙو فرد مڪمل آزاديءَ سان زندگي گذاري نٿو سگهي، اهڙا عليٰ قدر انهن وقت جي ٻن فلسفين جي فلسفن کي تمام ويجهو ڪري بيهاري ٿو، جڏهن ته اهي ٻئي فلسفي ٻن الڳ الڳ دورن ۽ خطن سان واسطو رکن ٿا، جنهن سماجن جي تاريخي تهذيبي، سماجي ۽ معاشي حالتن جو تمام گهڻو فرق هئو، انهيءَ باوجود به ڀٽائي ۽ مارڪس پنهنجي تاريخي شعور ۽ سماجي فلسفي ۾ ڪيڏي نه واضح هم آهنگي رکن ٿا، جڏهن ته ڀٽائي هڪ صدي ڪارل مارڪس کان اڳ جو هئو، جنهن وقت سائنس ۽ تاريخي ماديت يا صنعتي دور ۾ ايتري ترقي نه ٿي سگهي هئي، ته ڀٽائي ايڏي وڏي فڪري اڏار جيڪا هڪ ماضي ۽ حال جو تجزيو ڪري رهي هئي، انهيءَ سبب جي ڪري ڀٽائي جي ڏاهپ ۽ شعور هڪ اعلي قسم جو انسان دوست فلسفو تخليق ڪيو هئو، هڪڙو سبب اهو ضرور هئو، جنهن ڀٽائي ڏاهپ ايڏو وڏو شعور ڏنو، جنهن تاريخي ماديت جو ڪاٿو ڄاڻي ورتو هئو، انهيءَ کان علاوه هڪڙو باشعور سماجي فرد جيڪو سماج ۾ ڏاهي جي حيثيت ماڻي ٿو ۽ ان ڏاهي جي ڏاهپ جو ڪاٿو پاڻ کي تڏهن ئي پئي ٿو، جڏهن سماج جي اندر موجود انهن معاشي، سماجي ۽ سياسي حوالي اڻ بربرايون، اهي استحصالي قوتن جي خلاف نٿو آواز اٿاري ۽ پنهنجو پاڻ کي انقلابي جي حيثيت ۾ نٿو وٺي وڃي، تيسيتائين ڪيئن خبر پوي ته اهو ڏاهو ماڻهو آهي ۽ اهو ڏاهو فسلفي هڪڙي مظلوم يا استحصالي قوت سان گڏ بيهي ٿو، ڀٽائي ۽ ان جي ڏاهپ انسان دوست نظري جي پرک پاڻ کي به تڏهن پئي ٿي، جڏهن هن پنهنجي دور جي ناانصافين ۽ پورهيت طبقي جي ظلم خلاف نه لکيو هجي، يا نه ڳالهايو هجي پوءِ شايد ڀٽائي جي ڏاهپ کي سمجهڻ به ناممڪن ٿي وڃي هان ته اسان لاءِ، ڇاڪاڻ ته ڀٽائي جي دور ۾ به سنڌ اندر ٻيا کوڙ سارا ڏاها سڏرائڻ وارا موجود هئا، انهن کي ڏاهي هجڻ جي سرڪاري سطح تي مڃتا به مليل هئي، شايد جيڪا ڀٽائي کي نه هئي، ڀٽائي کي رڳو ان وقت جي حالتن جي خلاف بيهڻ ۽ انهن استحصالي قوتن جي بغاوت ڪرڻ جي ڀٽائي جي سڃاڻپ هئي. جنهن جي ڪري اڳتي هلي ڪري ڀٽائي جي انقلابي فلسفي طور سڃاڻپ ٿئي ٿي.
    ڪارل مارڪس به جيڪڏهن هڪ روايتي فلسفي هجي هان ۽ انقلابي گهٽ، ته پوءِ ان جي نظريي جي شڪل ڪجهه تاريخ ۾ مختلف هجي هان، جڏهن ته ڪارل مارڪس کان اڳ جا فلسفي تمام گهڻا موجود هئا، جهڙوڪ هيگل جنهن مان ڪارل مارڪس خود وڏو متاثر هئو ۽ ان جي جدلياتي فلسفي جو ڳوڙهو مطالعو ڪيو هئائين ۽ ان کانپوءِ وري هن خود هيگل جي جدلياتي نڪتي نظر جي تنقيد ڪئي، اهي سڀ شيون پنهنجي جڳهه تي، ائين جڏهن ڪارل مارڪس انساني تاريخي طبقاتي سوال اٿاريو ۽ ان جي لاءِ انقلابي ڪم ڪيو، اهو تاريخي پهلو مارڪس جو تمام وڏو هئو، جنهن جا انساني تاريخ ۾ وڏا نتيجا نڪتا. اڳتي هلي ڪري دنيا جي تاريخي سماج ۾ ڀٽائي جي هن وقت تائين سنڌي سماج ۾ ايڏي سماجي شعوري گهرائي ماڻي چڪو آهي، سنڌ جي ادبي، سياسي، سماجي ۽ معاشي حوالي جنهن جي تڪميل ٿيڻ سنڌي سماج ۾ باقي آهي. اهو ئي سنڌ جو حقيقي سماج سڀني سماجي ۽ معاشي اڻ برابرين کي ختم ڪري سگهي ٿو ۽ سنڌي سماج جون جيڪي طبقاتي ايذاءَ تاريخ ۾ سنڌ جو ماڻهو برداشت ڪندو اچي پيو، انهن ايذائن کان جان آجي ڪرائڻ ئي سنڌ جي اندر ڀٽائي جي تاريخي سماجي شعور جي ساڀيان ٿي سگهي ٿي پئي.


    سنڌ جي بمبئي کان علحدگيءَ جي سياسي جدوجهد

    سنڌ جي سياست برصغير ۾ پنهنجي جداگانه تاريخي حيثيت رکندي آئي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخي تشخص، تمندن، ٻولي، ثقافت، خدمختياري يا اقتداراعلي جو سوال اهم رهيو آهي. سنڌ جي ماڻهن تڏهن به مزاحمت ڪئي هئي جڏهن برطانيا سامراج 1843ع ۾ سنڌ جي مٿان ڪاهه ڪئي هئي، جڏهن وري ان برطانوي حڪومت زبردستي سان سنڌ جي تاريخي سڃاڻپ کي ختم ڪري، سنڌ کي بمبئي سان ملائي ڇڏيو ۽ سنڌ جي خودمختياري بمبئي جي هيٺ آڻي ڇڏي هئي، انهيءَ برطانوي راڄ جي خلاف سنڌ جي تقريبن هر طبقي جي ماڻهن ان برطانوي فيصلي جي نه صرف مذمت ڪئي پر سنڌ جي عوامي قيادت ۽ سياسي اڳواڻن سئو سالن تائين سنڌ بمبئي کان الڳ ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي، جيڪا سئو سالن کانپوءِ وڃي سنڌ جي جداگانا ۽ خدمختياري کي انگريز سرڪار قبول ڪيو، سنڌ کي هڪ دفعو ٻيهر تاريخ ۾ 1936ع ۾ پنهنجي تاريخي حيثيت کي بحال ڪيو ويو.
    سنڌ جي سياسي تاريخ ۽ سياسي جدوجهد جو هي هڪ الڳ باب آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخي خدمختياري ختم ڪري بمبئي هيٺ سئو سالن تائين رهي، ان دوران سنڌ جي سياست کي سمجهڻ جي لاءِ سنڌي باشعور ماڻهن کي تمام گهڻي ضرورت آهي ته ان وقت ڪهڙيون سياسي ۽ سماجي جماعتون هيون، انهن پنهنجي ڪهڙي نقطه نظر جي سياست ڪئي پئي، انهن جماعتن ۾ اهڙيون به ڪي جماعتون ۽ ڌريون هيون، جنهن سنڌ جي سياسي خدمختياري تي سودو ڪري رهيون ۽ انهن کي پنهنجا انفرادي مفاد سنڌ جي خدمختياري ۽ آزاديءَ کان وڌيڪ پيارا هئا، انهيءَ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن کي سنڌ جي تاريخي خودمختياري واري حيثيت جي ڪا به پرواهه نه رهي هئي، انهن کي صرف انگريز سامراج جي خوشنودي حاصل ڪرڻي هئي ته جيئن اها سنڌ جي سياسي تاريخ سان غداري ڪري، سنڌ جي عوام کي غلامي هيٺ اڇلائي پنهنجي لاءِ جائدادون حاصل ڪيون، اهڙيون کوڙ ساريون شخصيتون هيون.
    سنڌ جي سياست ۽ سماج جون انهن ۾ کوڙ سارا پير سيد، وڏيرا، تاجر، سياسي اڳواڻ، نام نهاد سماجي رهنما ۽ آفيسر شاهي جيڪي سنڌ تاريخ سان غداري ڪري رهيا هئا ۽ انگريز سامراج جي اشارن تي سياست ڪري رهيا هئا، اهو ئي هڪ سبب هئو جو سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ جنهن جي ڪري سئو سالن تائين سنڌ پنهنجي تشخص وڃائي ويٺي هئي، 1936ع ۾ جڏهن سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي هئي ته ان جا ڪي ٻيا تاريخي سبب هئا، اسان جي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن جي جدوجهد جي ڪري انگريز سامراج ڊڄي ڪو نه ويو هئو، سنڌي سياسي اڳواڻن جي مزاحمت کان ان وقت جڏهن برطانوي سامراج پهرين مهاڀاري جنگ ۽ ان کانپوءِ ٻي مهاڀاري جنگ هلي رهي هئي، جنهن نازي قوت انهن سڀني اتحادي قوتن جي سياسي ۽ معاشي تباهي ڪري ڇڏي هئي، برطانوي سامراج جنهن جو سب ڪجهه تباهه ٿي ويو، هر طرف هن جي معاشي تباهي ٿي رهي هئي ۽ برطانيا هاڻي ان قابل به نه رهيو هئو ته هو هاڻي دنيا ۾ وڌيڪ حڪومت ڪري سگهن، انهن سڀني مغربي يورپ جي سامراج ملڪ کي بچائڻ وارو آمريڪا هئو 1944ع ۾ اهو واضح ٿي ويو هئو ته هاڻي دنيا ۾ سامراجيت جو ڪم سرانجام آمريڪا ڏيندو ۽ برطانيا هاڻي پنهنجو ڪم مڪمل طرح ختم ڪري ۽ پنهنجي ملڪ اندر بگڙيل معاشي ۽ سماجي حالتن کي سنڀالي، اهڙي طرح جڏهن برطانيا سامراج جو مستقبل کي ٻي مهاڀاري جنگ دوران خطره وڌيا ته ان کانپوءِ برطانيا سرڪار هندستان جي مستقبل جا تڪڙا سياسي حل ڪڍيا. اهي سياسي اختلاف جنهن جو برطانيا سامراج پاڻ تخليقڪار هئو، ان ڏيڍ سئو سالن جي سامراجيت دور دوران، برطانيا ايترو ته هن بر صغير جي سياسي ۽ سماج کي ورهايو۽ ويڙهايو جو هن برصغير جي تاريخي حيثيت ئي وڃائي ڇڏي هئي، هاڻي ڀلا اهو ڪيئن ممڪن هئو جو، انهن ٿوري عرصي ۾ هندستان ۾ سياسي ۽ سماجي اختلافن جو حل ڪڍي سگهجي پيو.
    سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تاريخ کي اهڙي طرح ان برطانوي سامراج بگاڙيو هئو، جنهن جو حل اهڙو ئي نڪتو جنهن جي ڪري سنڌ اڄ ڏينهن تائين وڃايل تاريخي حيثيت کي بحال نه ڪري سگهي، 1843ع کانپوءِ سنڌ جي اندر ترقياتي حوالي سان کوڙ ساري تبديلي آئي، ان انگريز سامراج سنڌ جي اندر نالي ماتر جديد ترقي وٺرائي ، جنهن ۾ سنڌ جي زرعي اصلاحات ۽ مواصلاتي نظام کي جديد ڪيو، انتظامياتي حوالي سان نواڻ آئي، ڪراچي بندرگاهه جي ترقي ٿي، جنهن جي ڪري سنڌ جي معاشي حوالي سان تيزي آئي، ان کان علاوه پوليس ۽ قانونن جي حوالي سان سنڌ هڪ نئين سياسي، سماجي ۽ معاشي دور ۾ داخل ٿي هئي، ان کان علاوه هندستان جي اندر انگريز سامراج جي سياسي ۽ سماجي فيصلن جي ڪري سنڌ کي ترقي کان به وڌيڪ تاريخي نقصانات کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن جو ازالو اڄ تائين سنڌ ۽ سنڌي عوام نه ڪري سگهيو آهي، جنهن ۾ هڪ تاريخي حوالي سان سنڌ جي تاريخي حيثيت کي انگريز سامراج هڪ ئي ڌڪ ۾ ختم ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ کي سئو سالن تائين بمبئي جي انتظاميه هيٺ آڻي ڇڏيو، جنهن ڪري سنڌ کي تمام وڏو تاريخي معاشي ۽ سياسي نقصان ٿيو ۽ سنڌ جي سياست ۽ معيشت جا سمورا فيصلا بمبئي انتظاميه ڪرڻ لڳي هئي ۽ ان ۾ سنڌ جي ڪا نمائندگي نه هئي ته ڇا سنڌ ۽ سنڌي عوام سماج لاءِ بهتر آهي يا خراب، ٻيو وڏو منفي اثر سنڌ جي سماج ۽ معيشت تي اهو پيو ته انگريز سرڪار سنڌ جي ايريگيشن جي نظام کي تبديل ڪيو، انهيءَ ۾ به سنڌ ۽ سنڌي سماج جو ٻيڙو غرق ڪيو ويو، هڪ ته زرعي سڌارن ۾ سنڌي عوام جي خواهش ۽ مفادن کي نظر ۾ نه رکيو ويو، سنڌ ۾ جاگيرون مخصوص ماڻهن ۽ قبيلن ۽ سردارن کي ڏنيون ويون، جاگيرداري کي سنڌ جي اندر وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو، سنڌ جي اندر جنهن قبيلي ۽ سردار کي هزارين ايڪڙ زمينون آهن، اهي گهڻيون تڻيون انهن کي اهي جاگيرون انهن سردارن ۽ قبيلي جي وڏيرن کي انگريز سرڪار انهن سياسي ۽ سماجي وفاداري جي ڪري ڏنيون، جنهن سنڌ ۽ سنڌي عوام جي غداري ڪرڻ جي بدلي ۾ ڏنيو ويون، ٻيو وري جڏهن سنڌ جي آبپاشي نظام کي سڌاريو ويو، خاص ڪري ويهين صديءَ جي شروعات ۾ جڏهن سکر بيراج جي تعمير ۽ واهه ڪئنال نڪتا، سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون نڪتيون، انهن زمينن تي انگريز سرڪار غير سنڌي ماڻهن ۾ زمنيون ڏنيون، جنهن تي سنڌي عوام مزاحمت ڪئي، جنهن ۾ هيمون ڪالاڻي اهم سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تاريخي مزاحمت جو سورمو آهي، جنهن ان وقت سکر بيراج ٺهڻ جي مخالفت ڪئي هئي ۽ هن اهو خدشو ڏيکاريو هئو ته سکر بيراج ٺهڻ سان سنڌ جون زمينون ڌارين کي ڏنيون وينديون، جنهن جو خدشو اڳتي هلي ڪري سچ ثابت ٿيو ۽ سنڌ جي زمينن جي نيلامي ٿي، ان وقت سنڌ جون زمينون ڌارين کي ڏنيون ويون، جنهن جا اثرات اڄ به سنڌ جي سياست، معيشت ۽ سماج تي هلندڙ آهن،
    اهڙي طرح ٻيا کوڙ سارا انگريز سرڪار جي سياسي ۽ سماجي فيصلن سنڌ جي تاريخ تي تمام وڏا اثر ڇڏيا آهن، جنهن جو اڄ به سنڌي عوام انهن فيصلن ڪري پنهنجي سياسي، سماجي ۽ معاشي بدحالي کي منهن ڏئي رهي آهي، سنڌ جي سياست شروع کان وٺي ڪمزور رهي آهي، جنهن سنڌ جي ۽ سنڌي عوام جي مفادن جو تحفظ نه ڪري سگهي آهي، سنڌ جي سياست شروع کان وٺي انهن جاگيردارن ۽ پيرن، سردارن جي هيٺ رهي آهي، ان طبقي وري سنڌ جي سياست صرف پنهنجي طبقاتي مفادن تحت ڪئي پئي ۽ سنڌ جو پورهيت ۽ هاري طبقي جي ڪڏهن نمائندگي نه پئي ڪئي ۽ جڏهن ته انگريز سرڪار اهڙا سياسي ۽ معاشي فيصلا ڪيا، سنڌ اندر ان طبقي رڳو پنهنجي طبقاتي مفادن جو تحفظ ڪيو، باقي سنڌي عام عوام جي ڀلائي ۽ سڌاري لاءِ انهن کي ڪا به سڌ ڪا نه رهي، سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ جيڪا سئو سال کن هلي ان تحريڪ دوران ان جاگيردار ۽ مفاد پرست طبقي سنڌ جي عوام جي سياسي جدوجهد تي به سودا ڪيا ۽ پنهنجو مراعتون وصول ڪندا رهيا، ان تحريڪ ۽ عوامي مزاحمت جي جيڪڏهن ان وقت سنڌي عوام جي مزاحمت جي قيادت ان سنڌ جي مفاد پرست ۽ جاگيردار طبقي هيٺ نه هجي هان ته شايد سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي 70 سال اڳ ٿي وڃي هان ۽ 1936ع نه ٿئي هان، نه وري سنڌ کي ان وقت جي مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جهڙين پارٽين جي هٿان بليڪ ميل ٿين هان، سنڌ جي سياسي ۽ معاشي حيثيت مختلف هجي هان.


    سول سوسائٽيءَ جو تصور ۽ ان جو تاريخي پسمنظر

    شروع شروع جي ٺهندڙ انساني سماج ۽ دور ۾ عام فردن ۽ عام ماڻهن کي بلڪل آزاديءَ جي اجازت نه ڏني وئي هئي، جنهن معاشري کي اسين غلاميءَ واري دور جي شروعات چئي سگهون ٿا، هوريان هوريان سماج بدليو ۽ سماج جا قدر بدليا، انهن بدلجندڙ دور سان گڏ ماڻهن جي ذهني ۽ شعوري ترقي رونما ٿيڻ لڳي، اهڙي طرح وري ان بدلجندڙ سوچ سان گڏ ماڻهن اهو ڄاڻي ورتو ته انساني معاشري جو بدلاءِ ۽ ترقي ماڻهن جي سوچ سان آهي ۽ انهن جي ڪوشش سان نه ڪي ڪا قدرتي طرح سان، اهڙي طرح پنهنجي وقت گذرڻ سان ۽ انهن انسانن ۽ ماڻهن جي ڪيل بغاوتن ۽ ڪوششن سان نئون سماج ٺهندو ويو، جنهن ۾انهن ماڻهن کي ڪروڙين ماڻهن جي قرباني ڏيڻي پئي، رت وهايو ۽ جلاوطن ٿيڻو پيو، تڏهن وڃي انهن قربانين جو ڪو کڙ تيل نڪتو.
    انساني معاشري ۾ هڪ فرد کي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ئي سماج ۾ هزارين تاريخي دليل ڏيڻا پيا آهن، انهيءَ وقت جي ڏاهن ۽ فلسفي ماڻهن کي جڏهن وقت جي ڏاهي سڪرات گريڪ جي ماڻهن جي آزاد زندگي گذارڻ جو فلسفو عام ڪيو ته گريڪ جي ان وقت جي قابض حڪومت کي ڄڻ ڌچڪو رسيو هئو، هي ماڻهون وري ڪهڙيون بغاوت جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي ۽ شهرين ۽ غلامن کي آزاديءَ جو خواب ڏئي رهيو آهي، سڪرات جون ڳالهيون گريڪ جي عام ماڻهن لاءِ انوکيون هيون، سڪرات کي ٻڌي عام ماڻهون حيرت کائيندا هئا ته اهو به ڪڏهن سچ ٿي سگهي ٿو ڇا ڀلا ته اسان غلامي ختم ڪري پنهنجي مرضي سان جيئون ۽ سوچون، سڪرات جي انهن ڳالهين ان وقت گهڻيون ڪي تبديليون نه آنديون پر هن جي اها ڪاميابي هئي ته هن گريڪ جي ماڻهن کي آزاديءَ جي سوچ کي جنم ڏنو، جيڪا اڳ ۾ موجود نه هئي، ان سڪرات جي سوچ کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ ان وقت جي بادشاهن ۽ حڪمرانن کي رد عمل لاءِ مجبور ڪيو ۽ ماڻهن ۾ بغاوت جو ٻج پوکيو، سڪرات جو صرف هڪڙو ئي عزم خيال هئو ته سماج جا مسئلا ۽ تضادات جو حل ماڻهن جي بحث مباحثي سان حل ڪري سگهجن ٿا پيا، جهن لاءِ ماڻهن کي سماج ۾ ڳالهائڻ جي اجازت هجي.
    انساني سماج جي تاريخ ۾ اهڙا کوڙ سارا قصا موجود رهيا آهن، جيڪي اڄ تائين جاري آهن. ڇاڪاڻ ته اڄ به مختلف سماجن جي اندر ماڻهن کي اها قدرتي مليل آزاديءَ مهيا نه ٿي سگهي آهي، جيڪا هن جي هڪ فطري حق رهي آهي، اڄ به انساني سماج ۾ ماڻهن جي آزادي جي بنيادي حقن کان جنهن قوت پري رکيو آهي، اها آهي هڪ Authority، اهي پنهنجون شڪليون مٽائيندي پئي اچي، جنهن کي اڄ اسين نام نهاد جمهوريت ۽ رياست سڏيون ٿا ۽ وري ان رياست تي قبضو ڄمائيندڙ استحصالي گروهه جيڪو رياست جي ادارن تي قابض آهي. انهيءَ لاءِ بالادستي کي چئلينج ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڌريون ۽ گروهه سماج ۾اڀريا، جنيهن معاشري ۾ رهندڙ فردن جي آزاديءَ ۽ شهري ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪندا رهيا آهن ته هڪ اهڙو معاشرو ٺاهجي، جنهن ۾ برابري هجي ۽ هر قسم جي سماجي تفريقن کي ختم ڪجي، انهن گروهن ۾ هڪڙي اهڙي تحريڪ به رهي آهي، جنهن کي اڄڪلهه جي سياسي ٻولي (Civil Sociaty) سڏيون ٿا، سنڌ ۾ ان جي معنيٰ ٿيندي (شهري سماج) بلڪ هن وقت سول سوسائٽي جو اصطلاح طور مشهور آهي، هر سنڌي گهٽ پڙهيل به ان اصطلاح کان واقف آهي پر ان سول سوسائٽي جو جيڪو تصور آهي، جنهن جي ڪري مان مٿي سڪرات جي بابت ذڪر ڪيو آهي، انهيءَ سول سوسائٽي جي اصطلاح کي سمجهڻ خاطر مون ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جي سياسي، سماجي حالتن جو به ذڪر ڪيو ته پڙهندڙن کي انهيءَ جي پوري ڄاڻ ملي سگهي ته سماجن ۾ تضاد ۽ سماجي اڻ برابريون ۽ ادارن جون تفريقون ڪيئن موجود آهن، اسان جي ڀرپاسي جي ملڪن جون ته جيئن پنهنجي بحث کي مڪمل طرح سمجهڻ جي ڪوشش ڪري سگهون.
    سڀ کان پهريون مان هت اهو ڄاڻائيندم ته سول سوسائٽي يورپ جي سماج ۽ تاريخ جو تصور ڪيو ٿو وڃين آهي، انهيءَ جي لغوي معني آهي ته سماج جي اهڙن غير حڪومتي گروهن ۽ جٿن جو ميڙاڪ جيڪي ڪنهن رياست ۽ سماج ۾ شهرين جي مفادن جي نمائندگي ڪن، جنهن ۾ هڪ گهر کان وٺي هڪ فرد جي ذاتي زندگي جي مفادن جي اهميت ۽ انهن جي آزاديءَ کي اجاگر ڪندا هجن، جيڪي حڪومت ۽ ڪاروباري معاملا الڳ هجن، هڪڙي صاحب فڪر، جنهن جو نالو آهي ايڊم ميچنڪ ( (Adim Michinkان جي خيال مطابق سول سوسائٽي جو تصور اهو آهي، شهرين جي قدرن تي ٻڌل سماج هجي، جنهن جي لاءِ ڪجهه اهڙيون غير سياسي ڌريون جنهن ۾ (Trade union NGOs) يا وري اهڙيون تنظيمون جيڪي سماجي ترقي وٺرائڻ لاءِ مختلف سماجي حوالي غير سرڪاري طور ڪم ڪنديون آهن ته عام شهرين کي بنيادي رياست جي اندرسهولتون ميسر ڪن ۽ انهن کي آئيني گهرجن ۽ حقن جي فراهمي هجي، انهيءَ سڀني حقن ۽ سهولتن جي لاءِ اهڙي قسم جا گروهه سرگرم ٿي ڪري حڪومت کان عمل ڪرائجي يا وري عام شهرين کي سماجي شعور ڏئي انهن کي همٿائجي ته هو حڪومت کان اهڙي قسم جي گهر ڪن ته جيئن هڪ اهڙو معاشور ٺاهي سگهجي، جنهن ۾ عام شهرين کي روزمرهه جون سهولتون ۽ بهتر زندگي مهيا ڪري سگهجي.
    بنيادي حوالي سان سول سوسائٽي کي ٻن دورن ۾ ورهايو ويو آهي، هڪ اهو دور جنهن کي (premodern) سڏيو وڃي ٿو، جنهن جون پاڙون گريڪ ۽ پليٽو (Plato) جي (Classical Republican) کان وٺي روشن خيال جي دور، 16 هين صديءَ جي روشن خياليءَ جي تحريڪ (Entightement) تائين ڳنڍيل آهن، جنهن ۾ حقيقتن سول سوسائٽي هڪڙو سياسي تصور رهيو آهي، جنهن ۾ اها ڪوشش ڪئي وئي آهي ته سماج ۾ ڪنهن اهڙي جهڳڙي ۽ تضادن کان بچايو وڃي، جنهن ۾ جاني مالي نقصان نه ٿئي بلڪ ڪنهن پرامن طريقي سان حڪومت سان ڳالهين ذريعي شهرين جي حقن جي حصول لاءِ ڪوشش وٺجي ۽ انهن قانون ۽ ضابطن کي سماج ۽ رياست ۾ نفاذ ڪرائجي، جهڙي طرف سڪرات جي (Dialectic) مطابق ته سماج جي جهيڙن ۽ جڳهڙن جو حل مذاڪرات ذريعي ڪڍيو وڃي ته جيئن سماج ۾ عام ماڻهن جي زندگي ۾ بهتري آڻي سگهجي ۽ حڪومت ۽ بالادست قوتن کان عام شهرين جي حقن جي يقين دلائي ڪرائي وڃي. افلاطون جي ريپبلڪ ۾ به اهڙي قسم جي سماج جي جوڙجڪ جون ڳالهيون دهرايون ويون آهن، جنهن ۾ معاشري جي ڀلائي ترقي ۽ انصاف تي ٻڌل معاشري جي ارتقا، جنهن ۾ هڪ ڏاهو فلاسفر حڪمران هجي، رياست جو جيڪو عام شهرين جي زندگي ۾ بهتري آڻڻ جي ضمانت ڏئي، افلاطون جو شاگرد ارسطو به انهيءَ استادن جي ڳالهه کي دهرايو هئو ته شهر ۾ هڪ اهڙي گڏيل حڪومت هجي، جيڪا گڏجي شهرين جي بهتر زندگي لاءِ ڪم ڪري.
    سول سائٽي جي اهم تصور جنهن جي شروعات رومن جي دور ۾ سيسرو (Cicero) مفڪرکان ٿي، جيڪو لفظ رومن جي ٻولي (Sociaty Civilis) مان ورتو ويو، جنهن جو مطلب ته اهڙو سياسي بحث مباحثو جنهن هڪ سٺي سماج جي جوڙجڪ ۽ ان ۾ رهندڙ شهرين جو امن ڀائيچارو هجي، اهڙي طرح هڪ ڪلاسيڪل دور جي فلاسفرن هڪ رياست ۽ سماجي ڳانڍاپي جي تصور کي واضح نه ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته ان وقت هڪ رياست جو تصور چٽي طرح موجود ڪو نه هئو، جنهن جي لاءِ هڪ بهتر معاشري جي ڳالهه اهم رهي آهي، جنهن ۾ ماڻهو پاڻ گڏجي سڏجي هڪ بهتر معاشرو قائم ڪرڻ بجاءِ ان جو اڄ جي حڪومت ۽ رياست کان بهتر معاشري جي گهر ڪجي. جڏهن ته مڊل ايجز (Middle Ages) جي دور ۾ سول سوسائٽي تي وڌيڪ واضح طرح سان ڳالهايو ويو آهي، جڏهن جاگيرداري جو عروج ٿئي ٿو ۽ سماج ۾ لاتعداد اڻ برابريون ۽ جڳهڙا شروع ٿين ٿا، جنهن ۾ صرف جنگيون ئي جنگيون آهن، وڃي سجاڳي (Renaissance) جي وقت تائين، انهيءَ دور دوران سول سوسائٽي جو تصور مڪمل طرح اهميت وڃائي ويهي ٿو، ان وقت جي سياسي سماجي مباحثن ۾ جنگ هڪ اهم موضوع طور اڀري ٿي، ان وقت يورپ ۾ اهم ۽ تاريخي 30 سالا جنگ لڳي ٿي، جنهن کانپوءِ وري هڪ ويسٽ فيليا ٽريٽي (Treaty Westphalia) معاهدو ٿيو، جنهن وري واضح حوالي سان رياست ۽ ان جي خدمختياري جنم ورتو، انهيءَ معاهدي (Treaty of Westphalia) کانپوءِ رياست واضح حوالي سان اڀري سامهون آئي، پر انهن مغربي رياستن ۾ هڪڙي مضبوط (Absolute) حڪمراني کي هٿي ملي، جنهن رياست ۾ رهندڙن تي مڪمل قبضو انهيءَ بادشاهي سان گڏ هڪ مذهبي رياست ۾ رهندڙ عام شهرين کي پنهنجي بنيادي حقن کان وٺي سياسي ۽ معاشي حوالي سان به محروم ڪيو ويو، عام شهري کي ڪنهن به قسم جي آزادي ۽ بهتر زندگي لاءِ رياست ۽ بالادست قوتن وٽ ڪنهن به قسم جو ڪو منصوبو ڪونه هئو، ان وقت جي يورپي معاشرو ۾ صرف ئي صرف معاشرتي استحصال ٿي رهيو هئو، انهيءَ مذهبي جاگيرداري ۽ بادشاهي گروهن کان جنهن جي نتيجي ۾ هيٺين طبقي جي سماجي ۽ معاشي حالت بدترين ٿي وئي، ها اهو دور يورپ جي وچ ارڙهين صديءَ جو دور هئو، جنهن ۾ روشن خيالي (Enlightment) جي تحريڪ شروع ٿي، ان روشن خيالي تحريڪ کان پهريون ان (Absolutist) طرح جي حڪمراني کي اعتراض جوڳو بڻايو ۽ يورپ جي سجاڳي جي دور ۾ ترقي ڪيل سوالن کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو ويو، جهڙو سائنسي انقلاب ۽ انسان دوست معاشري جي اهميت روشن خيالي دور جي فلاسفرن، ڏاهن زندگي ۽ انساني سماج جي اهم سوالن کي اڀاريو ته اهڙو ڪهڙو فطري قانون ۽ اخلاق آهي ته خانداني حڪومتون هجن؟ ڇو حڪومتون بدلجندڙ نه هجن؟ اهو ڪهڙو قانون آهي ته هڪڙي ئي معاشري ۾ ڪنهن مخصوص ماڻهو وٽ سڀ ڪجهه هجي ۽ باقي عام ماڻهن کي جيئڻ جو به حق مهيا نه هجي وغيره، اهڙن سڀني سوالن عام ماڻهن کي هڪڙي خيال تي وٺي آيا ته اهو سڀ ڪجهه انهيءَ ڪري ٿي رهيو آهي، جو انهن طبقن جي ذهينت ڪري ۽ انهن جي سماجي ۽ سياسي اخلاقي ضابطن جي ڪري، جنهن جي پٺيان انهن جي سياسي اختيارات تي قبضو آهي ۽ انهن پنهنجي (Absolute) مضبوطيءَ جي حڪومت ٺاهي آهي، روشن خيالي تحريڪ جي فلاسفرن اهو عام ماڻهن کي سمجهايو ته اسان فطري طرح سان آزاد آهيون ۽ هن معروضي حالتن جڪڙي ڇڏيو آهي، اهڙي طرح هن مڪمل حڪمراني چرچ جي انساني ترقي جي دشمن آهي ۽ ان سان گڏوگڏ سماجي رهندڙن جي اخلاقيات مجروح ڪري ڇڏي آهي، اهو سبب ڪجهه يورپ جو سماج ۾ انهيءَ ڪري ٿي رهيو هئو جو چرچ انهن ماڻهن کي اهو سمجهايو هئو ته اهي جيڪي حڪمران آهن، انهن کي خدائي حوالي سان حڪومت جو حق مليل آهي، انهن کي توهان عام ماڻهو نٿا هلائي سگهو، صرف توهان کي انهن جي حڪم جي تعمير ڪرڻي آهي. يورپ جي ٽيهن سالن جي جنگ کانپوءِ ان وقت جي سياسي فلاسفرن جي اها ڪوشش رهي هئي ته سماجي تعلقات کي نئين سر جوڙيو وڃي، جيڪي فطري قانونن کان مختلف هجن، جنهن ۾ ان وقت جي سياسي فلسفي جي ڪوشش سان هڪ نئون سماجي معاهدو ((Social contract لکيو ويو، جيڪو ان وقت جي برپاءِ ٿيل سماجي تعلقات جي خلاف ٺاهيو ويو، ان سماجي معاهدي Social contract)) سماجي تعلقات ۾ اهو ٻڌايو ويو ته انساني فطرت کي معروضي حالتن ۽ فطري قانونن مطابق ئي سمجهي سگهجي ٿو، اهڙي طرح فلسفي ٿامس هابس ان شيءِ جي تائيد ڪئي ته انساني ۽ رياست جي ٺاهيل مثبت قانونن مطابق هڪڙو سماج هجي, جنهن ۾ شيون طئي ٿيل هجن هڪ رياست ۽ ماڻهن جي وچ ۾، ان شيءِ تي وڌيڪ زور ڏنو ويو ته هڪ طاقتور رياست ان ڳالهه جي ضمانت ڏئي ته هو شهرين جي بهتر زندگيءَ لاءِ امڪاني ڪوشش ڪندي، هابس مطابق ته انسان ذات فطرتن، پنهنجي ذاتي مفادن تحت هوندي آهي ۽ اهي هڪ ٻئي جا ذاتي مفاد مختلف فردن جي اختلافن جو سبب پڻ هوندا آهن، جنهن جو رياست سنڀال ڪندي، بهرحال رياست جي اداري کي به اهميت ڏني وئي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن رياستي ادارو نه هوندو ته سماج ۾ هڪ انارڪي جنم وٺندي، جيڪا سڀني شهرين ۽ ماڻهن کي نبيرڻ لاءِ رياست هجڻ کي لازمي قرار ڏنو ويو، اهڙي طرح ان کانپوءِ فلاسفر جان لاڪ (John lock) جو الڳ الڳ اهڙو ئي خيال هئو ته انگلينڊ لاءِ جڏهن انگلينڊ جي سياسي حالتون بگڙيل هيون ۽ انگلينڊ جي اندر هڪ شاندار انقلاب (Glorious revolution) هلي رهيو هئو. جنهن ۾ بادشاهي کي خدائي حق حڪمران ۽ پوءِ برطانيا جي پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ اتان جا ماڻهو وڙهي رهيا هئا، ان پوري برطانيا جي سياسي تضاد جان لاڪ جي خيالن تي گهرو اثر ڇڏيو پئي، جنهن لاءِ جان لاڪ هڪ نئين سماجي معاهدن جي ڳالهه ڪئي، جنهن ۾ هن اها ڳالهه ڪئي ته محدود رياست ۽ طاقتور سماج (Limited states power full society) جان لاڪ مطابق انساني سماج فطرتن هڪ غير امن (Unpeacful) حالتن ۾ رهندو آيو آهي، تنهن ڪري اهو ممڪن ڪو نه ٿيندو ته انسان ڪنهن بغير ڪنهن مخصوص اختيارات (Authority) واري نظام کان علاوه رهي سگهي، جنهن جي ڪري ڪو مخصوص نظام ۽ سسٽم جو هجڻ لازمي آهي، انهيءَ لاءِ جان لاڪ جي خيال موجب ماڻهن جو ڪو اهڙو جٿو يا گروپ اهڙو نظام هجي، جيڪو ان اختيارات ( (Authorityکي ان شيءِ لاءِ پابند ڪندي رهي ته عام شهرين جي زندگي جي بهبود لاءِ اهڙا قانون ٺاهي، جنهن ۾ روز مرهه جي زندگي جون سهولتون ۽ سٺي زندگي ان رياست ۾ رهندڙ شهرين کي ملي سگهن، جان لاڪ ڪنهن مخصوص نظرياتي ۽ سياسي ڌرين ۽ پارٽيز خلاف آهي ته اهي ڪي عام ماڻهن کي شهري حق وٺي ڏئي سگهن ٿيون، ڇاڪاڻ ته اها سياسي ڌر ڪنهن به وقت ڪن مخصوص ماڻهن جي ور چڙهي سگهي ٿي پئي، جيڪا (Autocratic) سڏي وڃي ٿي، تنهن ڪري جان لاڪ ٻه معاهدا ڪرڻ لاءِ چيو حڪومت سان ڏي وٺ جي بنياد تي هڪڙو اهو ته ماڻهو پنهنجي گڏيل مرضي ڪنهن به رياست جي حوالي ڪن، جنهن کي (Common public Authority) ۽ پوءِ اها گڏيل اختيارات واري رياست يا حڪومت ان جي بدلي ان شيءِ جي ضمانت ڏئي ته هو معاشري ۽ سماج ۾ ٺاهيل قانونن جي پاسداري ڪري ۽ ان تي عمل ڪرائي ۽ اهڙي طرح رياست کي اهڙو ڪو به اختيار نه هوندو ته هو شهرين کي ڌمڪائي ۽ ڊيڄاري، ٻيو اهم معاهدو اهو هو ته رياست جا اختيارات محدود هوندا، جنهن ۾ ڪا زور زبردستي نه هلندي، رياست طرفان ۽ نه وري ان ۾ رهندڙ شهرين جي حقن کي ڪو ڇيهو رسندو، جيسيتائين جان لاڪ جو اهم توجهه اهو هو ته انسان ذات جي بنيادي حقن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي، جنهن زندگي آزاديءَ ۽ انهن جي ذاتي ملڪيتن جو انهيءَ طرح سان جان لاڪ ۽ هابس جو اهو اهم خيال هو ته هڪ اهڙو معاشرو تشڪيل ڏجي جنهن ۾ شهري ۽ رياست هڪ پرامن طريقي سان هلي سگهن، جنهن ۾ سول سوسائٽي اها ڪوشش ڪري ته معاشري ۾ رهندڙ شهرين جي زندگي کي بهتر بڻائي ته جيئن هڪ صحت مند سماج اڀري سگهي، جيڪا انساني فطري قانون موجب هجي، انهيءَ فلسفي هن کي انسان تاريخ ۽ فطري قانونن جي هڪ جامع حوالي سان خبر هئي ته انساني معاشرو فطري گهرجن موجب ڪيئن بهتر ڪري سگهجي ٿو پيو، جنهن لاءِ انهن اهي تاريخي سماجي معاهد ڪرايا ۽ ان وقت جي (Devine rule) خدائي حق حڪمراني کي ختم ڪرايو ۽ اهو ماڻهن جي لاءِ چيو ويو ته انسان پاڻ پنهنجو سياسي نظام ٺاهڻ جو قابل آهي، جيڪو هو چاهي.
    هابس ۽ جان لاڪ جي انهن روشن خيالي جي مفڪرن ۽ فلسفين تي تمام گهڻو اثر ڇڏيو، جنهن ۾ انهن پڻ اهو چيو ته ماڻهو خود پنهنجي قسمت جو مالڪ آهي، جنهن لاءِ جيڪو هو فيصلو ڪري انهيءَ لاءِ ڪنهن مخصوص قسم جي اهڙي اٿارٽي يا قوت (Absolute Authority) جي ضرورت ناهي، جيڪا عام ماڻهن جي قسمت جو يقين ڪري ۽ انهن تي قابض هجي، انهن روشن خيالي واري تحريڪ جا ٻه اهم فلسفي روسو ۽ اميونيل ڪانٽ جي خيال مطابق ته انسان ذات هميشه امن ۽ ڀائيچاري جا خواهشمند رهيا آهن، ۽ انساني تاريخ ۾ اهڙي مخصوص ۽ قابض (Absolute power) قوتن جي ڪري انساني تاريخ ۾ تضاد ۽ جنگيون رهيون آهن نه بلڪي عام ماڻهن جي ڪري انهيءَ لاءِ اميونل ڪاٽ جو اهو به خيال هئو ته سول سوسائٽي جو اهو رول ۽ ڪردار هوندو ته اها انهيءَ جو خيال ڪري ته ڪنهن ٺهيل رياست ۾ مليل اختيار واري ڌر کي اهو نه ٿيڻ ڏئي ته اها هڪ ظلم ۽ جبر انهن شهرين تي قائم ڪري، سول سوسائٽي جو تصور ان روشن خيالي جي دور ۽ فرانس جي انقلاب کانپوءِ کلي ڪري سامهون آيو، جڏهن انساني تاريخ جو رخ انهن انقلابن کانپوءِ مٽجي رهيو هئو، پراڻو معاشرو ۽ انهن جي قانون کي عام ماڻهن ۽ فلسفين ٺڪرائي ۽ مستقبل لاءِ نوان سماجي معاهدا ٿي رهيا هئا، نئون دور (Modern History) نئين انساني سماج جي ڏاهي ۽ فلسفي هيگل جيڪو جرمني جو هئو، هيگل جديد انساني تاريخ ۾ تمام وڏو فلسفي ڄاتو وڃي ٿو، جنهن سول سوسائٽي جي تصور کي بنهه نئون رخ ڏنو، ڇاڪاڻ ته هن جي دور ۾ نئون سماج جڙي چڪو هئو، جيڪو هابس، جان لاڪ، ڪانٽ ۽ روسو جي نون سماجي معاهدن مطابق ۽ انهن نون معاهدن کانپوءِ انساني سماج هڪ مڪمل نئين شڪل وٺي چڪو هئو، جنهن جو شايد انهن کي گهٽ خبر هجي، انهيءَ جديد تاريخ ۽ دور جو هيگل هڪ اهم فلسفي طور اڀريو، جنهن انساني معاشري ۾ پيدا ٿيندڙ نوان سماجي مسئلا پيدا ٿيا، تنهن ڪري ان جديد دور جي سول سوسائٽي جي اهميت به مٽي، جنهن ۾ هيگل سول سوسائٽي جي وصف به نئين ڏني، جنهن ۾ هن چيو ته سول سوسائٽي مارڪيٽ جي ضرورتن جو پورائو ڪن ٿيو ۽ رياست جي ادارن بالادستي کي ڪمزور ڪري ٿي ۽ هڪ اهڙو معاشرو ٺاهن ٿيون، جنهن ۾ ماڻهن جي ضرورت جو پورائو ٿئي، هيگل جي خيال مطابق سول سوسائٽي جو ڪم آهي ته انهن ماڻهن کي آزاد معيشت سان جوڙن، جنهن ۾ انهن جو روز مرهه جي اندر معيشت ۽ صنعت جي ترقي ٿي سگهي، اهڙي طرح هيگل جو خيال سول سوسائٽي لاءِ اهو رهيو ته اهي سول سوسائٽي ۾ اڳتي هلي ڪري سرمائيداري سماج ٺاهي سگهن ۽ سرمائيداري جي معاشري ۾ ترقي ٿئي، ڇاڪاڻ ته هيگل جي جديد دور جي شروعات ٿي چڪي هئي، جنهن ۾ سرمائيدار عام ماڻهن کي جاگيردار ۽ (Absolutation) جي حڪمراني کان آزاد ڪرائي رهي، فرانس جي انقلاب بعد جنهن ۾ ماڻهن چاهيو پئي ته شخصي آزادي ملي ۽ ذاتي ملڪيتن جي تصور کي يقيني بڻائجي، اڳتي هلي ڪري هيگل جي سول سائٽي جي لاءِ اهو خيال هئو ته سول سوسائٽي جو ڪم آهي ته اهي شهر جو سماج ٺاهن پر ان خيال سان گڏوگڏ هيگل اهو به ڄاتو پئي ته سول سوسائٽي هڪ تضادن کي جنم ڏيندي، معاشري ۾ سرمائيداري جي خلاف ڇاڪاڻ ته سرمائيداراڻا مفاد عام ماڻهن جي به خلاف ٿيندا، جنهن ۾ اڻ برابري ۽ ٻيون کوڙ ساريون پيچيدگيون سماج ۾ رونما ٿينديون،
    جهڙوڪ، فطرتن جسماني ڪمزوريون، تعليم جي گهٽ وڌ هجڻ، ماڻهن جي صلاحيتن جي اڻ برابري هجڻ، اهڙيون کوڙ ساريون ڪمزوريون سول سوسائٽي کي تضادي بڻائينديون، سرمائيداراڻا سماج ۽ رياست جنهن ۾ پبلڪ کي اهو مشڪل ٿي ويندو ته اهي ڪنهن رياست ۾ اهڙن قانونن جي پاسداري ۽ رياست لاءِ الڳ الڳ سول ڪوڊ ٺاهڻ به هڪ اهم ۽ مشڪل ڪم ٿيو، جنهن لاءِ سول سائٽي جي ضرورت وڌيڪ اهم ٿيندي ته اهي آرستا ڪن رياستن کي ماڻهن جي مفادن لاءِ ۽ انهن جي بهتر زندگي کي يقيني بڻائي سگهجي.
    هن جديد دور جو ٻيو اهم فلاسفر جنهن هيگل جي خيالن کان متاثر ٿيو ۽ هن به هيگل جي ڏنل سول سوسائٽي جي پوئيواري ڪئي، ان جو نالو هو ڪارل مارڪس جيڪو جديد تاريخ جو وڏو ۽ اهم سمجهدار هيو، هو به جرمنيءَ جو هئو ۽ هيگل جو همعصر سياسي ڄاڻو هئو، جنهن ڪميونزم جو خيال ڏنو، ڪارل مارڪس جي مطابق سول سوسائٽي هڪ بنيادي عنصر آهي، ڪنهن به سماج جو جنهن ۾ پيداواري قوتون سماجي تعلقات کي جنم ڏينديون، جنهن ۾ سماج جو اهم قوت سياست هوندي، جيڪا ڪنهن به رياستي سماج جي جوڙجڪ ڪندي، مارڪس، هيگل جي ان ڳالهه سان سهمت ۾ هئو، ته سول سوسائٽي جو تعلق هڪڙي سرمائيدار سان هوندو پر اها سول سوسائٽي آخرڪار نمائندگي ڪندي سرمائيدارن جي، اهڙي طرح رياست جو جيڪو هٿ ۾ هوندو ۽ ان بالادست طبقي جي مفادن لاءِ ئي ڪم ڪندي ۽ بلڪي ڪمزور ماڻهن جي جيڪي رياست ۾ رهن ٿا، ان رياست ۾ بالادستي به انهن سرمائيدار جي قائم ٿيندي ۽ اهي بالادست سرمائيدار ئي رياست کي هلائيندا، جنهن جي ڪري مارڪس رياست جي ڍانچي کي رد ڪري ڇڏيو هئو ته رياست به ڪا سماج ۾ ڪو مثبت ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، رياست صرف ۽ صرف سرمائيدار مفادن جو تحفظ ڪندي ۽ رياست ئي هڪڙو اهڙو ذريعو هوندو، جنهن بنياد تي سرمائيدار ۽ بالادست قوتن ان کي پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ ڪتب آڻيندا، جنهن ڪري مارڪس چيو هئو ته رياست جي ڊهڻ سان ئي مزدور طبقي جو مفاد آهي ۽ پوءِ ئي مزدور طبقي جي سماج تي جمهوري حڪمراني قائم ٿي سگهي ٿي، اهڙي طرح وري هڪ ٻيو اهم اٽلي جو سياسي مبثر جنهن جو نالو انٽينو گرامچي هئو، هن صاحب مفڪر جو خيال ڪجهه مارڪس جي ابتڙ ۽ تنقيدي هئو، ان جو اهو خيال هئو ته سول سوسائٽي بابت ضروري ناهي ته اها سماج ۾ صرف سياسي ۽ معاشي ڪردار ادا ڪري ٿي، گرامچي جي خيال موجب ته سول سوسائٽي ئي هڪ سياسي ڍانچي جي اهميت رکي ٿي ۽ سول سوسائٽي ئي هڪ اهڙي مشينري رکي آهي، جنهن جي بنياد تي سرمائيدار پنهنجي سامراجيت دنيا ۾ قائم ڪرڻ چاهي ٿو ۽ سول سوسائٽي هڪ مخصوص طبقي جي نمائندگي ڪري ٿي، ان سان گڏوگڏ سول سوسائٽي ان سرمائيداري نظام جي لاءِ ثقافتي ۽ نظرياتي ضرورتن جو پوراءُ پڻ ڪندي آهي، ٻي اهم اها ڳالهه گرامچي جي ته سول سوسائٽي ان سرمائيدار نظام جا جيڪي مسئلا ٿين ٿا، انهن جو حل ڪڍي ٿي ته جيئن سرمائيداري کي بچائي سگهجي، جڏهن ته وري نئين کاٻي ڌر جي ماڻهن جو خيال آهي ته گرامچي جي اها هڪ محدود سوچ آهي، سول سوسائٽي بابت جڏهن ته شيون ائين نه آهن، سول سوسائٽي رياست ۽ عوام جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلن جو حل ڪڍي ٿي ۽ متبادل حل تلاش ڪري ٿي، ان کان علاوه نيو لبرل ڌڙي جي خيال مطابق سول سوسائٽي جو اهو ڪم آهي ته اها ڪميونسٽ ۽ غير جمهوري قوتن جي خلاف آهي ۽ انهن قوتن سان ماڻهن جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪري ٿي، اهڙي طرح سول سوسائٽي جو بحث ڏاڍو اهم رهيو آهي، انهيءَ کاٻي ۽ ساڄي ڌر جي وچ ۾.
    ٻيو اهم دور سول سوسائٽي جي تاريخ ۾ جنهن کي پوسٽ ماڊرن هسٽري (Post modern history) سڏيو وڃي ٿو، ان دور جي شروعات 1980ع کان ٿئي ٿي، جڏهن سويت يونين بلاڪ موجود هئو ۽ ايسٽ يورپ (East Europe) جي ملڪ ۾ ان بلاڪ جي مخالفت ٿي رهي هئي، جڏهن مارڪسزم انهن ملڪن تي حاوي هيو يا وري ڪميونسٽ حڪومتون هيون گهڻي تڻي انهن ملڪن جي اندر،، هي دور تمام گهڻو اهم سمجهيو وڃي ٿو، سول سوسائٽي کي سمجهڻ لاءِ ان دور جي تحقيقي ڪم اهو ٻڌائي ٿو ته ڪميونسٽ ڌرين تمام وڏي پئماني تي اها پروپيگنڊا ڪئي ته اها هڪ ساڄي ڌر وارن جي خواهش آهي ته ايسٽ يورپ جي ملڪن کي کاٻي ڌر جي حڪمراني کي ڪمزور ڪجي ۽ انهن کي نئين سر سياسي سماجي ڍانچو ترتيب ڏجي، جنهن ۾ ماڻهو آزاد هجي، رياست هڪ فلاحي واري هجي، جنهن ۾ شهرين کي پنهنجي مرضي جي مطابق زندگي گذارڻ جو حق حاصل هجي، جيڪو شايد ان وقت کاٻي ڌر جي حڪمراني هيٺ ڪو نه هئو، ان ڪميونسٽ دور جي اندر انهن ناڪام حڪمرانن ۽ بيوروٽڪ ( (Beauraticانداز حڪمراني سماج ۾ ماڻهن جي بهتر زندگي بڻائڻ ۾ ناڪام وئي پئي ۽ ماڻهن جي سياسي سماجي آزادي منجمند ڪئي وئي هئي، جنهن جي مغرب جي سرمائيدار ملڪن کي انهيءَ کي هڪ فلاحي رياست هجڻ جو خواب ڏيکاريو، جنهن ڪري انهن ملڪن ۾ سياسي ۽ سماجي ڏڦيڙ جنم ورتو، جيڪو اڳتي هلي ڪري ان ڪميونسٽ بلاڪ جو خاتمي ٿيو ۽ ايسٽ يورپ جي ملڪن کي ان بلاڪ مان سياسي آزادي ملي، انهيءَ خيال موجب ته اهڙن سماجن ۽ سياسي ڍانچن کي نئين سر جمهوري انداز سان جوڙجڪ Democratization)) ڪجي ۽ هڪ ويلفيئر welfare)) رياست ٺاهجي، جنهن جو خواب اڄ تائين انهن ۾ پورو نه ٿي سگهيو آهي، اڄ به انهن ملڪن ۾ سياسي عدم استحڪام ۽ معاشي حوالي سان ڏيوالو نڪتل آهي، اهڙي طرح سول سوسائٽي انهن ملڪن جي ماڻهن سماجي ۽ معاشي حالت آزاد ته نه بڻائي سگهي آهي پر ان ملڪن جي اندر نيو لبرل (New libral) يعني سرمائيداراڻي نظام کي هٿ ملي آهي، جنهن مان کوڙ سارا ملڪ اهي يورپين يونين جا ميمبر ٿيا آهن، ان جي باوجود به ڪي سماجي حالتون بهتر ٿي نه سگهيو، آهن، بهرحال اهڙي طرح اهو سڄو سارو سول سوسائٽي جو اهم ڪردار هئو، انهن سڀني حالتن ۾ انهيءَ نئين دور جي سول سوسائٽي جو ڪجهه مفهوم ئي تبديل ٿيو آهي ته سول سوسائٽي هڪ نئون ۽ ٽيون نمبر ايجنٽ آهي، سماج جو هڪ پوليٽيڪل سوسائٽي کان هٽي ڪري ڇاڪاڻ ته هن سرمائيداري جي دور، جنهن ۾ IMF, World bank پوئتي پيل ملڪن کي قرضا ڏيندا رهيا آهن ۽ انهن قرضن ۽ انهن ادارن جي پاليسين جي ڪري پوئتي پيل ملڪن جي سماجي ۽ معاشي حالتون ڏاڍيون بگڙيون آهن، جنهن جي خلاف انهن سول سوسائٽيز جي ڌڙن انهن ادارن جي پاليسين جي خلاف احتجاج پڻ ڪنديون رهن ٿيون، ان کان علاوه هن گلوبلائيزيشن (Globlization) جي نتيجي ۾ لاتعداد مسئلا دنيا بهر ۾ اڀريا آهن، جن جي خلاف عالمي سطح تي ڪروڙين ماڻهو، انهن عالمي ادارن جي خلاف احتجاج ڪن ٿا ۽ انهن تي تنقيد پڻ ڪئي وڃي ٿي، اهڙي سول سوسائٽي جي رول کي ڏسي اهو چوڻ ته سول سوسائٽي ڪا مڪمل سرمائيدارن جي ايجنٽ آهي يا انهن جي مفادن لاءِ ڪم ڪري ٿي، هن وقت هن سول سوسائٽيز کي ماڊرن دور ۾ (Third Sector) طور سڃاتو وڃي ٿو ۽ اهو ته هن وقت سول سوسائٽي پنهنجو ڪردار هڪ (Neutral) غير جانبدارانه بڻائي سگهي آهي، ڪنهن به رياست يا سماج اندر.


    سول سوسائٽي ۽ پاڪستان رياست

    سول سائٽي ۽ پاڪستان رياست ائين آهي جيئن اهي ٻئي هڪٻئي جي ضد هجن، پاڪستان ٺهڻ کان اڄ تائين هڪ ملڪ ۾ غيرجمهوري قوتون وڌيڪ مضبوط ۽ رياست تي قابض رهيون آهن، ملڪ ۾ رهندڙ شهرين جي سماجي ۽ معاشي حالتون وقت گذرڻ کانپوءِ وڌيڪ خراب ٿيو آهن ۽ معيار زندگي عام ماڻهن جو هيٺ ٿيو آهي، پاڪستان جي 70 سالن جي تاريخ ۾ عام ماڻهن جي سماجي سياسي ۽ معاشي آزادي نه هجڻ جي برابر رهي آهي، شهرين کي بنيادي حقن کان محروم رکيو ويو آهي، جنهن ۾ نه هنن کي ڪا سياسي ۽ سماجي اظهار جي آزادي پوري طرح ملي سگهي آهي، هن ملڪ جي شروع کان شهرين کي جمهوري حق کان محروم ڪيو ويو ۽ جمهوري قوتن ۽ ڌارين آمريتي هٿيارن سان ڪچليو ويو آهي، پاڪستان ۾ جڏهن هي ملڪ ٺهيو، جيڪو ته آئين کان بغير هلايو ويو ۽ جڏهن اهو آئين 1956ع ۾ ٺهيو ته اهو به هڪ مذهبي حوالي سان ۽ ٻيو ان کي نافذ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ۽ وري ان عبوري آئين کي به ختم ڪيو ويو،
    پاڪستان ۾ سول سائٽي شروع کان ڪمزور ۽ بي آواز رهندي آئي، جيڪڏهن اها ڪمزور شڪل ۾ رهي به ته ان کي وڌڻ وجهڻ نه ڏنو ويو، انهيءَ جا کوڙ سارا سياسي سبب هئا، پاڪستان تي هڪ مخصوص ٽولن جي بالادستي قائم ٿي ۽ انهن جي حق ۾ اهو ته رهيو، ته هن ملڪ ۾ جمهوري ۽ ترقي پسند قوتن کي وڌڻ ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ جو اهو انهن جي سياسي معاشي حق ۾ نه هئو، انهن جي حق ۾ صرف اهو رهيو ته هنن طبقن ۽ ڌرين جي هن ملڪ تي بالادستي جاري رکڻ لاءِ هنن هڪڙي مذهبي ڌرين کي اڳتي آڻڻو پيو ۽ هن ملڪ کي مذهبي اثر ۽ قوتن هيٺ رکي انهن جا به ڪي تاريخي سبب هئا، انهن حڪمرانن لاءِ صوبن جي خودمختياري ۽ وري عالمي قوتن جي مفادن لاءِ هنن رياست جو استعمال، بهرحال هن پاڪستان جي 70 سالن جي تاريخ جي هٿان هن ملڪ جي شهرين کي بنيادي حقن ۽ سهولتن کان محرومي ملي آهي ۽ اهي محروميون به تمام گهڻيون متضاد آهن، جيڪي هڪ صوبي کان ٻئي صوبي تائين فرق هيٺ آهن، انهن جي سياسي، ثقافتي، معاشي ۽ سماجي حوالي سان هو هڪ متضاد بحث آهي ۽ ٻيو ڊگهو، پڙهندڙ انهن کي تلاش ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي سياسي تاريخ جو مطالعو ڪن ته هن ملڪ کي جمهوري بنيادن تي هلائڻ لاءِ ٺاهيو ويو هئو يا وري ڪنهن مخصوص فڪر لاءِ هن وقت تائين هن ملڪ تي سڌي طرح جنهن ۾ عام شهرين کي بنيادي حق ۽ آزادي موجود نه رهي آهي، اهڙي صورتحال جي اندر ڪنهن به سماج ۽ رياست اندر سول سوسائٽي جو وڌڻ ويجهڻ تمام ڏکيو رهيو آهي، جيڪڏهن ڪا نالي ماتر ڪا سول سوسائٽي رهي آهي، پاڪستان جي اندر اها به هڪڙي قسم جي نام نهاد ۽ ڪٽ پتلي، جنهن ۾ ميڊيا جيڪا انهن حڪمرانن جي گهڻي ڀاڱي اثر هيٺ رهي يا وري ڪي دانشور اهي به اڪثر حڪومتي ڌرين جا مبصر رهيا، جنهن انهن جي مفادن جي پئي ترجامني ڪئي ۽ جيڪڏهن ڪي حقيقي ۽ ترقي پسند اهي جيلن يا وري انهن کي مبينا طرح سان ماريو ويو، اڄ به هي رياست ۽ پاڪستان هڪ (Garison) يا وري سيڪيورٽي اسٽيٽ Security state)) طور سڃاتي وڃي ٿي، 70 سال گذرڻ باوجود هتان جا دانشور، صحافي، سول سائٽي جا ماڻهو خوف ۾ آهن ۽ انهن کي زندگي ۽ جان جي خوف ۾ رهن ٿا، هن وقت به عام شهرين کي ٻڙي تحفظ مليل آهي، ٻيا سماجي ۽ سياسي حق پنهنجي جڳهه تي، اڄ تائين هن ملڪ ۾ نه هي ادارا مضبوط ٿي سگهيا نه وري ڪي هن ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهن جي معياري زندگي بهتر ٿي سگهي آهي، سول سوسائٽي اڄ تائين ڪمزور ۽ عام شهرين بنيادي ۽ آئيني حق وٺي ڏيڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته هن وقت ۾ خطرناڪ قسم جي پاڪستاني سماج ۾ رجعت پرستي وڌي رهي آهي، جيڪا سماج جي سول زندگي کي متاثر ڪري ڇڏيو آهي، هن وقت پاڪستان عالمي ادارن جي رپورٽ مطابق اهڙو ملڪ آهي جتي هر قسم جي اقليتي ماڻهن لاءِ رهڻ ناممڪن بڻيل آهي، اهي نسلي اقليتي گروپ کان وٺي مذهبي اقليتن تائين، هن وقت پاڪستان جي اندر اڌ آبادي ٻارن جي جيڪا اسڪول نه وڃي رهي آهي، اهڙي طرح کان وڌيڪ عام شهرين کي بنيادي زندگي جي سهولتن کان محروم آهن ۽ ايشيا ۾ وڌ کان وڌ ڪرپشن پاڪستان ۾ ٿي رهي آهي، سماجي ادارن جي ڪارڪردگي نه هجڻ جي برابرآهي ۽ عدم تحفظ سڀ کان وڏو مسئلو آهي، هن ملڪ ۾ رهندڙ شهرين جو.


    سنڌي سماج ۽ ڪمزور سول سوسائٽي

    سنڌي سماج به مغربي ملڪن جيان پنهنجي سياسي ۽ سماجي تاريخ جو پسمنظر جو نالو آهي، جنهن ۾ سماج جي هڪڙي پنهنجي تهذيب رهي آهي، انهيءَ تهذيب سڄي دنيا جي تهذيب تي پنهنجا گهرا سياسي، ثقافتي ۽ معاشي اثر ڇڏيندي رهي آهي، سنڌي تهذيب جنهن کي پنهنجا آئڊيا لاگس ( (Idealogues يعني سياسي ۽ سماجي فڪر ۽ مفڪر پيدا ڪيا آهن، جنهن هن ڌرتي ۽ سنڌي تهذيب جي ترقي لاءِ ڪم ڪيو، جنهن ڌرتي ۽ تهذيب پنهنجون تاريخي مذهبن ۽ سماجي ڏند ڪٿائڻ کي جوڙيو، هن سنڌ جي تهذيب تي ويد لکيا ويا ۽ هتان ئي مذهب جو اثر ڇڏيو، هن سنڌ تهذيب جيڪا موهن جي دڙي جي تهذيب سڏي وڃي ٿي، جتي انساني تاريخ جي هڪ اوائلي تهذيب آهي، جتي سڀ کان پهريان سول لائيف ((Civil life شهري زندگي جو تصور ملي ٿو، جنهن تهذيب جي معاشري شهري زندگي جو معيار اعليٰ قسم جو ملي ٿو، جنهن ۾ صاف سٿرا گهر ويڪريون گهٽيون، شهرن ۾ صفائي سٿرائي (Sanitation) جو هڪ اعليٰ انتظام شهري عام سهولتون جهڙوڪ روڊ رستا، تعليم جو انتظام، صحت جو انتظام، ٻارڙن جي راندين لاءِ خاص انتظام، عورتن جي وندر ۽ مردن جي جسماني مضبوطي لاءِ خاص قسم جون مشقون وغيره اهڙي قسم جي اعليٰ زندگي جون سهولتون، جنهن جو ان وقت جي ڪنهن تهذيب ۾ مثال نٿو ملي، سنڌ ان تهذيبي سماج جو تاريخي پسمنظر رکي ٿي.
    مغرب جو سماج جنهن صرف ٻه هزار کن سال اڳ اهڙي سماج جو بنياد رکڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن ڪاميابي 18 هين ۽ 19 هين صديءَ کانپوءِ ٿي، جڏهن ته سنڌ جي تهذيب اعليٰ سماج جي جوڙجڪ 5000 هزار سال اڳ ڪري چڪي هئي، جنهن کي پوءِ انهن وچ ايشيا، ويسٽ ايشيائي جي باربرڪ قبيلي ۽ حملي آورن هزارن سالن تائين حملا ڪري هن کي سنڌ جي تهذيبي تاريخ کي اجاڙي ڇڏيو، جنهن ۾ توهان اسان کي موجوده سنڌ تباهه ۽ برباد سنڌ ملي ٿي، هن وقت سول سوسائٽي جو تصور مغربي سماج جو ٻڌايو وڃي ٿو، انهيءَ ۾ به ڪي ٻه رايا نه آهن ته هن وقت پوري دنيا ۾ قومي سماجن ۽ ملڪن ۾ يورپي طرز عمل جا سڀ ادارا آهن، جيڪي رياست کان وٺي سياسي، معاشي ۽ سماجي سڀني ادارن جا ماڊل يورپ کان ورتا ويا آهن، يورپ ئي هن وقت اسان جي ملڪن جي جديد ادارن جي شروعات ڪئي، هاڻي هڪ ٻيو سوال آهي ته انهن يورپي ۽ مغربي ادارن اسان جي سماج کي ترقي وٺرائي يا اسان کي ڌڪي پوئتي ڪيو، هن وقت انهن سڀني سياسي ۽ معاشي نظرين سميت سول سوسائٽي به يورپي تاريخ جو نظريو آهي، انهيءَ جو اهو هرگز مطلب ڪونهي ته هن يورپي سول سوسائٽي جي نظرئي کانسواءِ، اسان جي سماج ۾ ڪو سول سوسائٽي جو نظريو موجود ڪو نه هئو، هي يورپي سول سوسائٽي اسان جهڙي سماج ۾ هڪڙي اڄڪلهه جي ڳالهه آهي، يعني مڪمل طرح سان سول سوسائٽي جو تصور بر صغير ۾ آهي، جنهن کي مقبوليت به سرد جنگ (Cold war) کانپوءِ ملي آهي، اڄڪلهه ته سنڌ ۾ سول سوسائٽي جي لفظ جو استعمال عام جام ٿي رهيو آهي پر سول سوسائٽي جي تصور کان واقف تمام گهٽ ماڻهو آهن، اسان جي سنڌ ۾ جنهن تصور کي سمجهڻ لاءِ مان مٿي ان جي تاريخ ارتقائي تصفيل سان بحث ڪري چڪو آهيان ته سول سوسائٽي آهي ڇا ۽ ان جا ڪهڙا تصور رهيا آهن، وقت به وقت ۽ هي اسان وٽ ڪهڙي شڪل ۾ پهتي آهي؟
    مان هت اها ڳالهه ڪندس ته سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن مطابق هن سنڌي سماج ۾ سول سوسائٽي موجود رهندي آئي آهي، اهو تصور هن سماج ۾ ڪو نئون نه آهي، صرف اهو فرق آهي ته اصطلاح نئون ڏنو ويو آهي ۽ اسان ڪجهه اصطلاح جي ڪري منجهيل (Confuse) آهيون ۽ وري ڪجهه سماج ۾ نون ادارن جي جوڙڻ جي ڪري به اسان منجهي پياسين ته انهن ادارن جي مطابق سماج کي ڪيئن ٺاهيون، سول سوسائٽي سنڌ جي اندر هن بيٺڪيت جي زماني کان اڳ جي آهي پر اها کلي ڪري سامهون تڏهن آئي آهي جڏهن سماج ۾ نوان قانون ٺهيا ۽ رياست جي نئين سر تشڪل ٿي، ان رياست وري نوان قانون ۽ ادارا ٺاهيا، جڏهن ته وري بيٺڪيت کان اڳ جي دور ۾ ڳوٺن جي اندر پنهنجين پنهنجين ذاتين جي بيادن تي پنچائت به هوندي هئي، ان پنچائت مطابق هڪڙي قسم جي سماجي نظام هلندو هئو، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي ڳوٺن ۽ شهرن جي اندر ويهي پنهنجي سماجي مسئلن جا حل گڏجي مشاورت سان ڪندا هئا، جڏهن کان وري رياست ٺهي شيون بدليو انهن پراڻن ادارن جي جڳهه ڪجهه رياست جي نون ادارن ورتي ۽ باقاعدگي سان انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪورٽ ڪچهريون ٺهيون، پوليس جو نظام آندو ويو، ماڻهن پنهنجي حوالي سان پنهنجا نمائندا اسيمبلين ۽ پارلياميٽ ۾ موڪليا ۽ لوڪل گورنمينٽ جو قانون جوڙيو ويو ته جيئن عام شهرين جي معياري زندگي کي بهتر بنائڻ لاءِ انهن ادارن جي طرفان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ويو، اهڙي طرح شهرين جي ڀلائي بهبود لاءِ سڄو ذمو ان رياست ۽ ان جي ادارن تي وڃي پيو، جڏهن انهن ادارن ۽ رياستي وهنوار هلائڻ لاءِ مخصوص ڌرين ۽ گروهن پنهنجون ذميواريون صحيح طرح نڀائڻ ڇڏي ڏنيون، انهن ادارن ۾ ڪرپشن ۽ ذاتي اڪربا پروريون شروع ڪيون ته انهيءَ نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ غير جانبدار قوت جيڪي سماج جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ پئي چاهيو ته اهي سماجي ادارن کي پنهنجو ڪم غير جانبدار بنائڻ گهرجي ۽ عام شهرين کي صحت کان وٺي تعليم ۽ روزگار تائين سهولتون مهيا ڪيون وڃن ته جيئن عام شهرين جي معياري زندگيءَ کي بهتر بڻائي سگهجي، اهڙي طرح سماج ۾ ڪجهه قوتون جڙن ٿيون، جيڪي ڪجهه فلاحي ڪم ڪرڻ لاءِ غير منافعائي ۽ آزاد تنظيمون ٺاهي سماجي ڪمن ڪارن ۾ حصو وٺن ۽ ساڳئي وقت اهي رياست جي ادارن ۽ ان ۾ ويٺل يا ڪم ڪندڙ ماڻهن کان اها گهر ڪن ٿيون ته اهي عام شهرين جي سهولتن لاءِ ڪم ڪن، اهڙي طرح رياست ۽ ان جي ادارن جي عام سماج جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ اختلافن کي دور ڪن ٿيون ۽ انهن رياستي ادارن کي عوام ۽ سماجي ترقي ۾ ڪوششون وٺرائن ٿيون.
    سنڌي سماج جي تاريخ ۾ به اهڙا کوڙ سارا ڪردار ۽ شخصيتون ٿي گذريون آهن، جن نه صرف سماجي فلاحي ادارا ٺاهيا ۽ انهن لاتعداد عوامي ۽ سماجي ڀلائي جو ڪم ڪيو، انهن شخصيتن سنڌي سماج جي فلاح لاءِ روڊ رستا، پاڻي جي فراهمي، اسپتالون ۽ اسڪول ٺهرايا ته جيئن عام سنڌي سماج جو ماڻهو انهن مان فائدو وٺي ۽ ان جي معياري زندگيءَ ۾ بهتري اچي سگهي، جهنن کي اسين انگريزي ۾ فلنٿر وفسٽ (Philinthorfist) چئون ٿا، سنڌي سماج ۾ اهڙن ماڻهن جي تمام گهڻائي هئي ۽ ان وقت سماج جي ترقي به ٿي رهي هئي، انهيءَ ۾ مسلمان به هئا، جنهن ۾ حيدر بخش جتوئي جهڙا ماڻهو جيڪي هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هئا.
    جڏهن پاڪستان ۽ هندستان ٻه الڳ ملڪ ٺهيا ۽ سنڌ پاڪستان جو حصو بڻي ۽ سنڌ جا اهي سول سوسائٽي ٺاهڻ وارا ماڻهو سنڌ مان نڪري ويا ۽ سنڌ جي سول سوسائٽي جو خواب اڌورو رهجي ويو ۽ سنڌ ۾ اها سول سوسائٽي اڳتي هلي ڪري ڪمزور ٿي وئي ۽ پاڪستان رياست وارا ادار ٺاهيا ويا ۽ نوان قانون متعارف ٿيا، جنهن ۾ سنڌي ماڻهن جي نمائندگي ڪمزور ٿي ۽ انهن ادارن سنڌي سماج جي ترقي کي پابند نه بڻائي سگهيا، جو هو ادارا عام شهرين کي روزمرهه جي بنيادي سهولتون فراهم ڪن، اهڙي طرح پاڪستان جي رياست ۾ هڪ جمهوريت به نه وڌي سگهي ۽ جمهوري قوتون به ڪمزور ٿي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي سماج ۾ رهيون سهيون سهولتون به ختم ٿي ويون ۽ ادارن جو حال زوال پزير ٿي ويو،
    سنڌ جي اندر اڄ به بدقسمتي سان وڏيرا شاهي ۽ عوام وڏيرن ۽ پيرن جي سياسي، معاشي ۽ سماجي اثر هيٺ رهندو اچي ٿو، سنڌ جي اندر لوڪل گورنمينٽ نظام به نه آندو ويو، جنهن جي ڪري عام سنڌي پنهنجي نمائندن جي چونڊ ڪرڻ جي لائق ٿي نه سگهيو آهي. هن وقت سنڌ جو عوام هن پاڪستان رياست جي ٺهيل ادارن کي پنهنجي سنڌي عوام عام بهتري بلڪل نه بڻائي سگهيو آهي، انهن ادارن جي هن وقت جيتري بي رحمي سان سڀني ماڻهن جو استحصال ڪيو آهي، اهڙو تاريخ ۾ شايد ڪڏهن به نه ٿيو آهي، سنڌ جي ادارن ۾ جيتري نااهلي ٿي رهي آهي يا هي سنڌي سماج جي ڀينگ ڪري رهيا آهن، اهڙي ڪڏهن به نه ٿي آهي، عام ماڻهن کي هن جديد دور ۾ نه روڊ آهي نه ڪي اسڪول ۽ نه وري صحت جو خاطر خواه بندوست، اڪثر سنڌي ڳوٺن کي اڄ به پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ٿيل نه آهي، ان لاءِ سنڌ جي سول سوسائٽي مڪمل طرح لاپرواهه بڻيل آهي، جنهن کي تمام گهڻو اثرائتو ٿي ڪم ڪرڻو پوندو، سنڌي ماڻهن کي بنيادي سهولتون وٺي ڏيڻ ۾ هن وقت اهو افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اهڙي مڪمل طرح هن پنهنجي سوڪ سينس (Civic sens) وڃائي ويٺو آهي، ائين لڳندو آهي،ته جيئن لاتعداد سماجي برايون، ڏوهه، قبيلائي ۽ برادري جهيڙا، ذاتي نفرتون ۽ ساڙ، سماجي منفي رويا، ماڻهن جون غلط روشون هڪ ٻئي لاءِ کڏو کوٽڻ ۽ ٻئي تباهه ڏسڻ منفي انفرادي سوچ، ذميوارين کان لاپرواهي، غير سماجي سوچ، هڪٻئي کي ڦرڻ، ڪو ڪنهن لاءِ چڱائي جو احساس نه رکڻ وغيره، سنڌي سماج ۾ موجوده لقاءُ آهي، هڪڙي سنڌي سوسائٽي اهڙي لاجواب هئي، جنهن ۾ سماجي تعاون گڏيل احساس هئو، ڳوٺ ۾ يا پاڙي ۾ ڪو غريب هئو ته ان کي هر وقت مدد ڪئي ويندي هئي، ان کي سماج ۾ گڏ کڻي هلبو هئو، هر مسئلي ۾ انهن غريبن جي مدد ڪئي ويندي هئي، رستن تي مسافر گهر ٺاهرايا ويندا هئا، رستن تي وڻ لڳرايا ويندا هئا ته ڪو مسافر سفر ڪندي انهيءَ وڻ جي ڇانو گهڙي کن لاءِ ويهي ٿڪ ڀڃي، رستن تي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي ڪئي ويندي هئي، ڪو پڄندي وارو هوندو هئو ته هو هر وقت غريب جي مدد ڪندو هئو، ڳوٺ سطح تي گڏجي ترقي لاءِ ڪوشش ورتي ويندي هئي، اوکي ويل ڪنهن وس واري ڏي هلي ويندو هئو ته ان جي وس آهر مدد ڪئي ويندي هئي. مطلب ته اهڙي سنڌي شهرين جو ڀائيچاري وارو سماج جوڙيل هئو، هاڻي جو هر ڳوٺ ۾ ٽيهن گهرن تي 40 ۽ 50 ٺگ ملندا، هر وقت ڦر ڦران لڳي پئي آهي، ڳوٺن جي رستن تي رڳو رڄ نظر ايندي، ڪو وڻ توهان اسان کي رستي تي ئي نه ملندو، جو ڪو تتي ڌاري ڪو ويهي ٿڪ پٽي، جيڪڏهن ڪو اوپرو ماڻهو ڳوٺ ۾ لهي آيو ته اوطاق ۾ ان کي ڪير نه ملندو، جيڪڏهن ملندو سکڻي پاڻي پيارڻ جي به صلاح نه ڪئي ويندي، ان کي ڳوٺ ۾ رهندڙ لاءِ ڪو به بهتر سهولتون نه نظر اينديون، گهٽيون سوڙهيون، بدبودار پاڻي جا کڏا رڳو گند ڀريل نظر ايندو، اسڪول هوندو ته ان ۾ ڪو ماستر ڳوٺ جو هوندو، اسڪول ۾ ٻار پڙهائڻ لاءِ تيار نه هوندو، ڳوٺ وارا اسڪول جا پکا لاهي ۽ دريون در ڀڃي ڪڍي ويل نظر ايندا، وري ڪنهن کي اهو احساس نه هوندو ته ڳوٺ ۾ ٻار سڀ اڻ پڙهيل ۽ پيري اگهاڙا آهن ۽ عمر جي حساب سان هو انهن ڳوٺن جي سماجي براين جي ور چڙهندي نظر اچن ٿا، انهن ڳوٺ وارن کي اهو به بلڪل احساس نه هوندو جو انهن مسئلا کي گڏجي حل ڪڍجي، مطلب گڏيل سوچ جي سنڌي سماج ۾ مڪمل تباهي هوندي آهي، جيڪڏهن ان پوئتي پيل ڳوٺ جو ڪو سنڌي ماڻهون يا فرد پڙهي اڳتي نڪري به آيو ۽ سٺي نوڪري به ورتائين ته به هن ماڻهن کي ان پنهنجي ڳوٺ لاءِ ڪا به اهڙي سوچ نه نظر ايندي جو هن پنهنجي ڳوٺ لاءِ ڪي بهتر اپاءِ وٺي، هن کي به رڳو پنهنجي ذاتي ترقي جي سوچ حاوي هوندي آهي، جيڪڏهن ائين رهيو ته پوءِ هڙ ختم ٿي ويندو، آخرڪار موجوده سنڌي جي اهڙين سماجي براين ۽ پوئتي پيل سماج جي روين جو ڪهڙي طرح مقابلو ڪري سگهجي ٿو، هن سنڌ جي باشعور يا جيڪي ڪجهه ماڻهو يا فرد سنڌ جي بهتري لاءِ لوچن ٿا، انهن کي انهن سڀني منفي سوچن، ڌرين ۽ سماجي روين جي خلاف ڪم ڪرڻو پوندو، تڏهن ئي مان مجهان ٿو ته سماج ۾ ڪو بدلاءِ اچي، اهي سڀ سنڌ جي سول سوسائٽي لاءِ پهاڙ جيڏيون رڪاوٽون آهن، سنڌي معاشري کي بهتر بڻائڻ ۽ سنڌي سماج جي ماڻهن کي بهتر زندگي مهيا ڪري ڏيڻ.


    سنڌ ڪارڊ سياست ۽ سنڌ

    سنڌ ڪارڊ سياست جو پهريون ڀيرو استعمال تڏهن ٿيو جڏهن هن ملڪ پاڪستان جي بانيڪار محمد علي جناح نهرو رپورٽ جي مخالفت ۾ 1929 ع ۾ جڏهن 14 نڪتا پيش ڪيا هئا، جناح جي 14 نڪتن مان هڪڙو اهم نڪتو سنڌ هئو، جنهن ۾ سنڌ کي بمبئي کان علحدگي جي گهر ٿيل آهي، اهو سنڌ علحدگي وارو نڪتو ڪانگريس جي سياست خلاف هڪڙي قسم جو جواب هئو، جنهن ۾ جناح سنڌ ڪارڊ جو استعمال ڪيو هئو ڪانگريس جي برصغير جي سياست خلاف، سنڌ ۾ ان کان اڳ ۾ سنڌي مسلمانن خاص ڪري انهيءَ سياسي جدوجهد ۾ موجود هئا، جنهن جي ڪانگريس اڳواڻن جي مخالفت ڪري رهيا هئا، جڏهن ته مسلم ليگ اڳواڻن کي اهو طئي ڪرڻو هئو ته پاڪستان هڪ الڳ مسلمان ملڪ ٺاهڻ لاءِ ڪهڙن صوبن يا سرحدن جي ضرورت پئجي سگهي ٿي، جنهن ۾ سنڌ هڪڙو اهم علائقو هئو، جنهن ۾ اڪثريت مسلمانن جي هئي، سنڌ ۾ اڳ ئي هلندڙ سنڌ جي خودمختياري جي سياسي سماجي جدوجهد کي جناح پنهنجي سياسي حرفتگيري سان سنڌ ڪارڊ استعمال ڪيو، جنهن جو تمام گهڻو سياسي سماجي اثر رونما ٿيو، نه صرف سنڌي مسلمانن تي جيڪي پوءِ مسلم ليگ جي سياست جو حصو ٿيا ۽ اگتي هلي ڪري پاڪستان ٺهڻ جي حمايت ڪيائون، ٻيو سنڌ ڪارڊ جو اثر اهو پيو ته ڪانگريس ۽ سنڌي هندو ان جناح واري 14 نڪتن ۾ سنڌ ڪارڊ جو استعمال انهن ڪانگريس جي سياست سنڌ جي سياسي مستقبل جي حوالي سان ظاهر ٿيو، جنهن کانپوءِ مسلم ليگ جي سياست سنڌي مسلمانن ۾ پاپولر ٿيڻ لڳي هئي، اهو پهريون ڀيرو هئو سنڌ ڪارڊ ٺهڻ جو جنهن جو محمد علي جناح هڪڙو ڪامياب تجربو ڪيو مسلم ليگ جي سياست جي سنڌ ۾ چمڪائڻ ۽ پاڪستان هڪ الڳ ملڪ ٺاهڻ ۾.
    محمد علي جناح جو تعلق سنڌ سان هئو، جنهن ڪري هن کي سنڌ ڪارڊ جي سياست ڪرڻ ۾ ڪاميابي ملي هئي، پر جڏهن پاڪستان ٺهيو ان ۾ وڏو تاريخي سياسي ڪردار سنڌ جو رهيو، جنهن ۾ پاڪستان ٺهڻ جو نه صرف 1943ع سنڌ اسيمبلي پاڪستان ٺهڻ جو تاريخي قرارداد منظور ڪيو پر سنڌ پاڪستان کي هڪڙي تاريخي ۽ تهذيبي جواز به پيدا ڪري ڏنو هئو محمد بن قاسم جي حوالي سان، ته برصغير جي مسلمانن جي لاءِ الڳ ملڪ جي حوالي سان جنهن جي هن وقت به اهميت موجود آهي، پاڪستان جي مستقبل جي شناخت لاءِ سوال ٿو پيدا ٿئي، جڏهن سنڌ صوبو پاڪستان جو هڪڙو تخليقار( Creator) آهي ۽ جناح سنڌ ڪارڊ به استعمال ڪيو پاڪستان ٺهڻ لاءِ، ته پوءِ پاڪستان الڳ آزاد ملڪ ٺهڻ کانپوءِ سنڌ ۽ سنڌي عوام کي ڇا مليو، هن ملڪ جي 70 سالا سياسي تاريخ ۾ سنڌ صوبي جي سياسي ۽ معاشي خومختياري سنڌ جي وسيلن جي خودمختياري، تعليم، صحت، بيروزگاري ۽ ٻيا انيڪ روز مرهه جا سنڌي عوام جون تڪليفون پنهنجي صوبي جي اندر، جنهن ۾ سنڌي عوام کي تمام گهڻي مايوسي نصيب ٿي، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ جو باشعور فردن هاڻي اهو سمجهڻ شروع ڪيو آهي ته پاڪستان جو ٺهڻ سنڌ ۽ سنڌي عوام جا سماجي ۽ معاشي پسماندگي پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ وڌي وئي آهي، جنهن سبب ڪري هنن جي پاڪستان ملڪ لاءِ هڪڙي مثبت راءِ نه جڙي سگهي آهي ۽ باشعور فرد اهو سمجهن ٿا ته سنڌ هن ملڪ ۾ هڪڙي ڄڻ ڪالونيءَ واري حيثيت رکي ٿي.
    ان کانپوءِ هڪ طرح سان پاڪستان جي سڃاڻپ هڪڙي مضبوط وفاق واري رهي آهي، هيمشه سان جنهن ۾ اڪثريتي صوبو پنجاب آهي، جنهن جي وڌيڪ نمائندگي ۽ سياسي معاشي ڪنٽرول رهندو آيو آهي، جنهن ۾ هڪڙي قسم جي سياسي نه بلڪي انگريز قوت جهڙي اسٽبلشمينٽ جوڙي رکي آهي، جنهن جو تعلق به اڪثريت سان پنجاب صوبي جي ماڻهن جو آهي، پاڪستان کي هن وقت تائين سياسي حوالي سان ڪنٽرول به انهيءَ قوت جو رهيو آهي، جنهن ۾ سولين جي حڪمراني هميشه ڪمزور رهي آهي يا سڌي طرح سان هن ملڪ جي سياسي حڪومتون به انهيءَ آمريتي قوتن حلايون آهن، جنهن ڪري سنڌي عوام جو هن ملڪ تا ويساهه گهٽجي ويو آهي.
    سنڌ ڪارڊ ٺهڻ جو ٻيو دور تڏهن شروع ٿيو يا سنڌ ڪارڊ پاڪستان جي سياست ۾ استعمال ٿيڻ لڳو، جڏهن پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ شروع وارن ڏهاڪي 1954ع ۾ ون يونٽ لگايو ويو ۽ سنڌ جي تاريخي جاگرافيائي حيثيت ختم ڪئي وئي جنهن ۾ انهيءَ ڏهائي ۾ پاڪستان جي سياست هڪڙي مخصوص غير سنڌي سياستدانن وٽ رهي ۽ ملڪ سياسي سازشون هلنديون رهيون، جنهن ۾ سنڌ ۽ سنڌي عوام کي سواءِ محرومين جي ڪجهه به نه مليو ۽ انهن سياسي، سماجي ۽ معاشي محرومين جي نتيجي ۾ سنڌي عوام ۾ هڪڙي سياسي قسم جي مزاحمت Resentment) ) پيدا ڪئي، هن ملڪ ۾ وفاقي نظام جي خلاف ۽ هڪڙي ون يونٽ جي ذريعي پاڪستان ملڪ تي هڪڙي مخصوص طبقي طرفان بالادستي قائم ٿيڻ ڪري، جنهن ۾ خاص ڪري سنڌ صوبي ۾ قومپرست سياست جي شروعات ٿي، جنهن ۾ ڪجهه سياسي اڳواڻ جنهن ۾ خاص ڪري جي ايم سيد جيڪو پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ مسلم ليگ جو سنڌ مان اهم اڳواڻ هئو، جنهن سنڌ اسيمبلي مان 1940ع وارو پاڪستان ٺاهڻ جو قرارداد منظور ڪرائي هئي، انهيءَ کي 1976ع ۾ سنڌ کي پاڪستان کان الڳ ۽ سنڌ کي آزاد ملڪ ٺاهڻ جي گهر ڪئي ۽ سنڌ ۾ سياسي جماعتن جي شروعات ڪئي، جيڪا سنڌي جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندي، جيڪا سنڌ جي نوجوان طبقي ۾ خاص ڪري شاگردن ۾ اهم مقبوليت ماڻي، اهڙي طرح سنڌ ۾ علحدگي جي سياست جي شروعات ٿي ۽ وري جڏهن سنڌ جي صوبي سان تعلق رکندڙ ذوالفقار علي ڀٽو جنهن هڪڙي وفاقي پارٽي جي شروعات ڪئي 1968ع دوران، جنهن کي پيپلزپارٽي سڏيو ٿو وڃي، جنهن کي 1971ع واري اليڪشن ۾ اولهه پاڪستان ۾ خاص مقبوليت ماڻي، انهيءَ پيپلزپارٽي به ون يونٽ جي حوالي سان سنڌ جي سياسي عوام جي حمايت ڪئي هئي، جهڙي طرح جناح سنڌ جي بمبئي پريزيڊنسي کان علحدگيءَ جي ڳالهه ڪئي هئي،انهيءَ ڪري ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ان جي پارٽي کي سنڌ ۽ سنڌي عوام ۾ ڪافي سياسي پذيرائي حاصل ٿي، جنهن ڪري ته سنڌي عوام جون محروميون هن ملڪ ۾ تمام گهڻيون هيون، انهيءَ سڀني سياسي، سماجي ۽ معاشي سنڌي عوام جي محرومين هڪڙي سنڌ ڪارڊ کي جنم ڏنو، جنهن جو ڪو به ازالو نه ٿيو نه وري سنڌي عوام جي سماجي، معاشي ۽ سياسي حالتن ۾ ڪا بهتري يا استحڪام آيو، هن ملڪ پاڪستان ۾ وقت گذرڻ سان سنڌي عوام جون محروميون وڌيون، انهن جا هن ملڪ ۾ ويتر وڌيڪ اهنج ۽ تڪليفون وڌنديون رهيون.
    جڏهن وري سنڌ جي سياسي رهنما ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ختم ٿي ۽ هن کي غير آئيني ۽ ڪوڙي قتل ڪيس ۾ ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويو، انهيءَ آمريتي قوتن تڏهن ويتر سنڌي عوام جي تاريخي ۽ سياسي ويساح کي ڇيحو رسائي ڇڏيون ۽ سنڌي عوام جو هن ملڪ تان رهيو سهيو اعتماد ئي ختم ڪري ڇڏيو، ته ڪوسنڌي عوام جي ملڪ ۾ ڪا بهتري اچي سگهي ٿي پئي. انهيءَ تاريخي مرحلي ۾ خاص ڪري 80 ۽ 90 واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جو هڪڙو تاريخي مزاحمت جي شروعات ٿي، هن ملڪ جي آمريت ۽ جنرل ضياءَ جي خلاف، انهيءَ سنڌي عوام جي مزاحمت جي سبب ڪري ”سنڌ ڪارڊ“ سياسي حوالي سان هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ لاءِ تمام گهڻي اهميت پڪڙي ويو هئو، جنهن جو استعمال صرف پيپلزپارٽيءَ وٽ رهيو ، جنهن جو بينظير ڀٽو استعمال ڪيو، جنرلن ۽ وفاق جي خلاف سياسي شطرنج طور جنهن ۾ جنرل ضياءَ جي مرڻ کانپوءِ پيپلزپارٽي کي حڪومت ملي، ڪجهه عرصي لاءِ اهڙي طرح سنڌ ڪارڊ جو استعمال ٿيندو رهيو، هن ملڪ جي اسٽيبلشمينت خلاف ۽ سنڌي جي پي پي ان سنڌ ڪارڊ جي بدلي ۾ سنڌي عوام کي ڪجهه به ڏئي نه سگهي، نه وري سنڌي عوام جي محرومين جو ڪو ازالو ٿيو، محترمه بينظير ڀٽو خد پاڻ مختصر دورن ۾ جڏهن جڏهن هن جي حڪومت کي خطرات آيا ۽ هن جي حڪومت کي غير آئيني طريقي سان ختم ڪيو پئي ويو ۽ وري جڏهن سنڌ جون قومپرست جماعتن سنڌ جي سياسي ۽ معاشي حقن لاءِ جدوجهد پئي هلائي، ته محترمه بينظير ڀٽو انهن جي سياسي جدوجهد کي ڪيش ڪرايو، انهن سان سياسي شموليت اختيار ڪري جنهن ۾ 1998ع ۾ ڪالاباغ ڊيم جي خلاف سنڌ جي قومپرستن سنڌ پنجاب بارڊر تي ڌرڻو هنيو ۽ پاڪستان جي ڪراچي پورٽ واري شاهراهه کي بند ڪيو هئو ته محترمه پاڻ ان ڪموشهيد واري سياسي ڌرڻي ۽ جلسي ۾ شريڪ ٿي پنجاب ۽ وفاق کي چتاءُ ڏنو هئو ته هو آخر سنڌ قومپرست يا جي ايم سيد جي سياسي ڌرين جي حمايت ڪندي يا اڳواڻي ڪندي، جنهن کانپوءِ هوءَ هن ملڪ مان جلاوطن ڪئي وئي هئي، 1999ع ۾ هن ملڪ ۾ عسڪري قوت جنرل مشرف جي شڪل ۾ مارشل لا نافذ ڪئي، جيڪا 2008ع تائين قائم رهي، جڏهن وري محترمه بينظير وطن واپس پهتي پنهنجي ڊگهي جلاوطني ختم ڪري، ته هن ڪراچي جي ايئرپورٽ سنڌ جي گاديءَ واري شهر مان لهڻ کي ترجيح ڏني، جنهن ۾ هن اهو ڏيکارڻ چاهيو ته هن وٽ ڪيتري عوامي سگهه آهي، جنهن ۾ محترمه ڪراچي ۾ پهريان اچڻ ۽ اتي پنهنجو سياسي استقباليه طور سياست ڪرڻ ۽ هڪڙي قسم جو سنڌ ڪارڊ ئي هئو، جنهن ۾ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ کي ڏيکارڻو هئو پنهنجي عوامي مقبوليت جنهن استقباليه جلسي محترمه تي جاني حملو ٿيو 18 آڪٽوبر تي.
    هاڻي هڪڙو اهڙو سنڌ جو سياسي دور هئو، جنهن ۾ سنڌ ڪارڊ جي سياست تمام گهڻي اهميت وڌي وئي هئي ڇاڪاڻ ته ان جنرل مشرف جي پوري سياسي دور ۾ سنڌ جي سياسي اقتدار سان مذاق ڪئي وئي ۽ سنڌي عوام کي مڪمل طرح ڀهت سان لگايو ويو جڏهن ته مشرف هڪ مهاجر نسل هئڻ ڪري سنڌ جي اقتدار تي ايم ڪيو ايم طاقتور بڻايو ۽ سنڌ ۾ شهري ۽ ٻهراڙي ۾ فرق رکي ڪري سنڌي عوام جي احساس محروميءَ کي شدت پڪڙائي ۽ اهڙي طرح سان سنڌ عوام جي احتصالي شدت جي نتيجي ۾ سنڌ ڪارڊ ويتر اهميت پڪڙي هئي انهيءَ مشرف جي پاليسين جي نتيجي ۾، ڇاڪاڻ ته سنڌي عوام جون 8200ع تائين سماجي ۽ معاشي حالتون مڪمل برباد ٿي چڪيون هيون، سنڌي عوام ۾ سخت قسم جي سماجي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هئو، سنڌ جي قومپرست نظري جي سياست مقبول ٿي رهي هئي، هر طرف سنڌ دشمن حڪومتي پاليسيون ۽ انهن سنڌ دشمن فيصلن جي خلاف سنڌي عوام جا سياسي ڌرڻا ۽ انهن سنڌ خلاف سياسي سازش جي مخالف سياست ان وقت وري سنڌ ۾ سڀني سياسي جماعتن ۽ سماجي گروهن اهو پئي چاهيو ته سنڌ ڪارڊ استعمال ڪري هن ملڪن جي استبلشمينٽ مان سياسي ۽ معاشي فائدا وٺي سگهجن، انهيءَ سنڌ ڪارڊ جي استعمال لاءِ سڀ سياسي ۽ سماجي پارٽيون ميدان ۾ لهي پيون، جنهن ۾ سنڌ جون قومپرست سياست ڪندڙ جماعتون به پيش رهيون، جنهن ۾ سنڌ جي ايم ڪيو ايم 1997ع ۾ سنڌ جي قومپرست جماعتن سان سياسي اتحاد ڪيو ۽ سنڌ جي اهڙن ڪجهه سياسي مسئلن تي ايم ڪيو ايم انهن قومپرست جماعتن جي سياسي ڌرڻن ۽ جلسن ۾ به پاڻ کي شريڪ ڪري سنڌي عوام جون همدرديون پئي حاصل ڪرڻ چاهيون، ته جيئن سنڌ ڪارڊ هنن جي استعمال ۾ اچي پنهنجي سياسي اقتداري مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ساڳئي طرح سنڌ جون ٻيون جماعتون خاص ڪري سنڌ جي مسلم ليگ (ف) انهيءَ سان گڏوگڏ پاڪستان جي وڏي سياسي جماعت مسلم ليگ نواز جنهن جماعتن سنڌ جي قومپرست جماعتن سان سياسي ملاقاتون ڪري انهن سان مستقبل ۾ سنڌ جي سياست ۽ چونڊن لاءِ سياسي اتحاد ڪيا، جنهن ۾ گذريل 2013ع واري اليڪشن ۾ سنڌ جي اندر ڏهه جماعتي اتحاد قائم ڪيا، ته جيئن سنڌ جي اندر پيپلزپارٽي جو چونڊن ۾ مقابلو ڪري سگهجي، اهڙي طرح سنڌ جي جمعيت علماءِ اسلام ۽ جماعت اسلامي به سنڌ ڪارڊ جو استعمال ڪرڻ شروع ڪيو، سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي مسئلن تي ڳالهائي ڪري اهڙي سنڌ جي اندر اي اين پي خاص ڪري سنڌ ۾ پٺاڻن جي سياست ڪندڙ جنهن 2008ع جي اليڪشن ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ ايم پي ايز جون سيٽون کٽيون، ANP جي سنڌ سياسي قيادت سنڌ جي سنڌين جي آهي، اهي سنڌ جي ايڪي لاءِ سنڌي عوام سان گڏ هوندا، اهو سڀ ڪجهه سنڌ ڪارڊ جو ڪمال هئو، جو انهن سڀني سنڌ جي سياسي جادوگرن سنڌ ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۾ لڳي ويا.
    پاڪستان ۾ 2008ع ۾ اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي کٽي آئي، جنهن پاڪستان ۾ حڪومت ٺاهي وفاق توڙي سنڌ ۾ محترمه بينظير ڀٽو ڊسمبر 2008ع لياقت باغ ۾ جلسي دوران شهيد ٿي وئي ۽ ان کانپوءِ پيپلزپارٽي جي قيادت ان جي ور آصف علي زرداري جي هٿ ۾ آئي ۽ هن اليڪشن کٽي حڪومت ٺاهي، جنهن ۾ هي پاڻ هن ملڪ جو صدر چونڊيو، هن پنهنجي 5 سالن جي صدارتي دور ۾ پنهنجي حڪومت بچائڻ خاطر هر دفعي سنڌ ڪارڊ جو استعمال ڪيو ۽ اهڙي بيڪار طريقي سان جو سنڌ ڪارڊ جي اهميت ئي ختم ٿي وئي، ڇاڪاڻ جو آصف علي زرداري سياست جا اخلاقي اصول ئي ٽوڙي ڇڏيا، اهڙيون غير اخلاق سياسي چالون کيڏيون جو سياسي پيپلزپارٽي جي تاريخي اهميت وڃائي ويٺي، آصف علي زرداري جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي اندر جيڪي پيپلزپارٽي جون حڪومتون ٺهيون انهن حڪومتن جي وزيرن سياسي ڪرپشن جا ليڪا ئي لتاڙي ڇڏيا، سنڌ کي ارغونن ۽ ترخانن وارو دور ياد اچي ويو، سنڌي عوام جون هنن چيلهيون ئي چٻيون ڪري ڇڏيون، هر زندگي جي شعبي ۾ بدعنوانيون، لاقانونيت ۽ ڇڙواڳي سنڌي عوام کي نصيب ٿي، جنهن ۾ حڪومت هجڻ جو تصور ئي نه رهيو آهي، اهڙين حالتن جو پيپلزپارٽي سنڌ جي عوام کي تحفو ڏنو، سياسي حڪمرانن جو هاڻي جڏهن پيپلزپارٽي وفاق مان نڪري سڀني صوبن ۾ چونڊون هارائي سنڌ جي عوام جو ويساهه کي چڪنا چور ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي جڏهن ڪراچي ۾ آپريشن هلي رهيو آهي، نيب ۽ رينجرس جو بدعنوان آفيسرن ۽ سنڌ جي بدعنوان وزيرن خلاف وٺ پڪڙ ٿي آهي ۽ هن وقت اهو سياسي چوٻول هلي رهيو آهي ته اڄوڪي سنڌ مان پيپلزپارٽي جي حڪومت جي تڏا ويڙهه ٿئي، تڏهن وري آصف علي زرداري اسلام آباد ۾ ويهي اسٽيبلشمينٽ کي سنڌ ڪارڊ ڏيکاري ٿو، جڏهن پي پي جي وزيرن سنڌ کي بدعنواني عدم استحڪام ۽ غير قانونيت کان سواءِ ڪجهه ناهي ڏنو. اهڙي سنڌ اندر پيپلزپارٽي جي غير جمهوري ۽ خراب حڪمرانيءَ سنڌ ڪارڊ جي اهميت هنن پاڻ ئي وڃائي ڇڏي آهي، خاص ڪري پيپلزپارٽي لاءِ باقي ته سنڌ سرڪار جي معنيٰ آهي سنڌ جون تباهه سماجي ۽ معاشي حالتون جنهن جي لاءِ سنڌي عوام کي اڃا تمام گهڻي مزاحمت ۽ سياسي جدوجهد هلائڻي آهي، ته جيئن سنڌ جون سماجي ۽ معاشي حالتون بهتر ٿي سگهن. هن وقت سنڌ ڪارڊ سنڌ جي ڪمزور سياسي جماعتن وٽ آهي، جنهن کي سنڌ جي قومي مسئلن ۽ سنڌي عوام جي اهنجن جي ڪا اهميت ڪانهي پر انهن کي سنڌ جي سياسي اقتداري قوت حاصل ڪرڻ جي لوڀ ۽ لالڇ آهي، ٻي حقيقت اها آهي ته سنڌ جو باشعور عوام اهو سمجهي ٿو ته سنڌ ۽ سنڌي عوام جون سماجي معاشي بدحالي هڪڙي تاريخي حقيقت رکي ٿي، انهيءَ سنڌ جي سماجي بدحالي کي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي جماعتن پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ وفاق وٽ هڪ ڪارڊ واري اهميت طور پيش ڪيو آهي، اهڙيون سنڌي يا غير سنڌي سياسي پارٽيون سنڌ دوست گهٽ ۾ گهٽ نٿيون ٿي سگهن، خاص ڪري سنڌ جي سياسي پارٽين کي اهڙو سياسي زيب نٿو جڳائي جو هو سنڌي عوام جي تاريخي جدوجهد ۽ انهن جي سماجي تڪليفن سان سنڌ ڪارڊ واري مذاق ڪن، سنڌ صوبي جي عوام خاص ڪري سنڌي عوام سان هن ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ سياسي دوکا ٿيا آهن، انهن سياسي دوکن جو ازالو ٿيڻ کپي سنڌ جي عوام جي ترقي جي صورت ۾ ۽ سنڌ جي جديد ترقي ٿيڻ کپي،سنڌ جا مسئلا هڪ حقيقت آهن، نڪي صرف هڪ سنڌ ڪارڊ آهي!


    قبائلي دور کان قومپرست نظرئي تائين

    انساني تاريخ جو وڏو حصو جنگين جي ور چڙهيل رهيو آهي، انهن جنگين جا سلسلا مختلف انساني شڪلن ۾ رهيا آهن، هڪڙي قبيلي کان وٺي شهنشاهيتن ۽ قومن تائين ۽ هن وقت قومن ۽ ملڪن ۽ جي اندروني طاقتور ۽ ڪمزور طبقن ۽ سماجي ۽ سياسي گروهه تائين اختلافات ۽ جنگيون، جاري ساري آهن، اوائلي دور واري انساني سماج ۾ انهن جنگين ۽ فسادن جا ڪي هڪڙا خاص سبب رهيا آهن، انساني زندگي گّذارڻ جي لاءِ وسيلن جنهن جي حاصلات لاءِ انهن قبلين جي وچ ۾ جنگ ڪرڻ ۽ طاقت جو استعمال ڪري انهن وسيلن تي قبضو ڄمائڻ ته جيئن انهن قبيلن ۽ سماج جي زندگي گذارڻ آسان ٿي سگهي، جڏهن ته اهو ڪو آساني سان حاصل ڪرڻ ممڪن ڪو نه هئو، ته انهن وسيلن تي مخصوص قبيلو انهن جي زندگي گذارڻ جي وسيلن تي ڪو آساني سان قبضو ڪري تڏهن انهن کي جنگ ڪرڻ جون ضرورتون پيش آيون، انهن قبيلن جنگين وسيلي زندگي گذارڻ جي ذريعن کي حاصل ڪيو، اهڙو سلسلو انساني سماج ۽ تاريخ ۾ هزارن سالن تائين هلندو رهيو، جنهن ۾ انهن پنهنجي جنگ وسيلي طاقت جو مظاهرو ڪندا رهيا، اهڙو سلسلو هلندي، انساني شعور جي ترقي به ٿي، انسان سجاڳ به ٿيو، انساني سماج جو دور بدليو، نوان قانون ٺهيا، نواب مذهب انساني سماج ۾ متعارف ٿيا، جنهن جي ذريعي انسان زندگي ۾ بدلاءُ آيو، سماجي اخلاقيات جنم ورتو، جنهن ۾ اهو تاقيد ڪيو ويو، انهن سماجن جي ماڻهن کي ته هو گڏجي سڏجي زندگي گذارڻ، هڪ ٻئي سان تعاون ڪن، انهن زندگي جي وسيلن جي صحيح ورڇ ڪن، سڀني انساني طبقن کي وسيلن جو استعمال ڪرڻ ڏين، ڏاڍ ۽ طاقت جو استعمال کان پري رهن، پر اهو شايد ممڪن نٿي سگهيو، انساني فطرت ۽ ان جي لوڀ ۽ لالچ کي مذهبن جي اخلاقي پابندي ماڻهن کي نه روڪي سگهي ۽ جنگيون ۽ سماجي فسادات جاري ساري رهيا، طاقت جو استعمال ئي آخري حل رهيو، انساني سماج ۾ جيڪو اڄ تائين جاري آهي. اهڙي طرح انساني سماج اوائلي دور کان هن جديد دور تائين ڪيترن ئي انساني سماج جي شڪلين ۾ بدلبو رهيو آهي، طاقت ۽ جنگ هر انساني سماجي شڪل ۾ موجود رهي آهي، شروع واري يا اوائلي دور جنهن ۾ ماڻهو جهنگلي ۽ قبيلائي شڪل ۾ رهيو ۽ قبيلو انهيءَ جي پهرين سڃاڻپ رهي ،جنهن ۾ هڪ ٻئي جي ضرروتن جي پورائي لاءِ گڏجي ڪوشش ڪرڻ ۽ هڪٻئي جو گڏجي تحفظ ڪرڻ کي اولين اهميت ڏيندو رهيو، اهڙي طرح اهو قبيلو هڪڙي مخصوص سماجي حالتن ۽ جاگرافيائي تبديليءَ مان گذريو، انهن قبيلائي زندگي ۾ هر قبيلي جون ڪي سماجي ۽ معاشي حالتون رهيون، انهن قبيلين ۾ هڪڙي قسم جون سماجي اخلاقيات به رهيو، جنهن جي ذريعي انهن قبيلن پنهنجي جيودان کي اڳتي جديد دور ۾ وٺي آيا، جنهن ۾ هر قبيلي جي هر دور ۾ سماجي ۽ معاشي تعلق رهندو پئي آيو. خاص ڪري انهن مخصوص قبيلن جي خارجي خطرات جي سبب ڪري.
    انهيءَ کانپوءِ هڪڙي تهذيبي دور جي شروعات ٿي، انساني تاريخ ۾ جڏهن اهي تهذيبون ٺهيون ته انهن تهذيبن جو ڦهلاءُ پري پري تائين ڪيو ويو، جنهن ۾ اهي قبيلائي سماج انهيءَ تهذيبن ۾ ضم ٿي ويا، جنهن۾ انهن قبيلن کي هڪڙي غلامي جي دور مان گذرڻو پيو، جنهن ۾ وڏيون بادشاهتون قائم ٿيون، انهن قبيلن جي سماجي ۽ معاشي استحصال کانپوءِ، انهن تهذيبن جي ٺهڻ کانپوءِ ڀي انساني تاريخ ۾ جنگ ۽ فسادات جو سلسلو نه رڪيو، هڪڙي تهذيب جي ختم ۽ تباهه ٿيڻ کانپوءِ ڪنهن ٻي تهذيب کي ارتقا ملي رهي هئي اهڙو سلسلو انساني تاريخ ۾ هلندو رهيو، جنهن ۾ غلامي، جنگيون، فسادات ۽ انساني جانين جو خون وهڻ هڪڙو عام لقاءَ رهندو پئي آيو. انساني تاريخ ۾ جڏهن قدرت جو ڪو وس نه هليو، انساني سماج ۾ بدلاءُ جنهن لاءِ دنيا جي سڀني مذهبن ڪيترائي هيلا بهانا هلايا، سماجي اخلاقياتون جوڙيون جيڪي اڳتي هلي ڪري، اهي ئي مذهب انساني تاريخ ۾ جنگيون ۽ استحصال جا پڻ سبب بڻجي ويا، انهن مذهبن جو فائدو وٺي مخصوص طبقن مذهب جو استعمال ڪيو، ٻين خطن جي سماجن ۽ قبيلن کي باندهي بڻائڻ ۾ ۽ سماجي معاشي استحصال ڪيو، هڪڙو وري اهڙو دور آيو جو مذهب جي نالي تي شهنشائتون قائم ٿيڻ لڳيون ۽ انهن مذهبي شهنشائتن اهو جواز پيدا ڪري سماج تي حڪومتون هلايون، ته اهي خدائي ۽ قدرت طرفان انهن کي موڪليو ويو آهي، ته اهي ماڻهن ۽ سماجن تي حڪومتون ڪن، عام انسانن کي انهن جي تابع رهڻ گهرجي، جنهن ۾ انهن جي ڀلائي آهي، اهڙي طرح ان دور ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون شهنشائتون قائم ٿيون هيون، جنهن ۾ وڏيون شهنشائتون عيسائيت ۽ مسلمانن ۽ اسلام جي بادشاهتي حڪومتي نظام يورپ ۾ به قائم ٿيو، ته وري مسلمانن ۽ اسلامي بادشاهتون عرب ملڪن کانپوءِ باقي دنيا جي ٻين حصن ۾ ڦهليون، جنهن جو سلسلو اچي يورپ ۾ روشن خيالي واري دور تائين هليو، 18 هين صدي جي فرانس انقلاب تائين. جڏهن ته اهڙي بادشاهي دور دنيا جي ٻين سماجن ۾ قائم ڪيو ويو، اهو چائنا هجي يا جاپان، ساڳئي طرح سان انڊيا ۾ به موريا خاندان کان ويندي، اشو ڪا ۽ ٻيو ننڍيون وڏيون بادشاهي حڪومتون هر دور ۾ قائم رهيو، جنهن جو تعلق به مذهبن سان رهيو، اڳتي هلي ڪري خانداني، مذهبي حڪومتن جو سلسلو جوڙيو ويو، جنهن کانپوءِ مسلمانن جو اچڻ شروع ٿيو، برصغير ۾ وري مسلمانن جون بادشاهي حڪومتون قائم ڪيون ويون، مسلمانن جي دوري خلافته عثمانيه جو ڦهلاءُ تمام پري پري تائين ٿيو، جنهن عرب ملڪن کان وٺي آفريڪا ۽ اوڀر يورپ، وچ ايشيا کان ٿيندي برصغير تائين، اهي سڀ مسلمانن جون بادشاهتون جوڙيون ويون ۽ وري جڏهن سورهين ۽ سترهين صديءَ ۾ يورپ جو عروج اچڻ شروع ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته يورپ ۾ 13 هين ۽ 14 هين صديءَ ۾ Rennaisance)) جاڳرتا جو دور آيو، ان کانپوءِ سماجي تبديلون اچڻ شروع ٿي ويو، جنهن ۾ خاص ڪري سماجي قانونن جي ترقي ٿي ۽ ادارا قائم ٿيا، هڪڙي طويل مذهبي جنگين جي خلاف سلسلو شروع ٿيو، خاص ڪري سترهين صدي جي وچ دوران جنهن ۾1648ع يورپي قوتن جي وچ ۾ 30 سالن جي مذهبي قسم جي جنگين جو خاتمون ٿيڻ کانپوءِ هڪڙو معاهدو ٿيو، جنهن جو يورپ جي تاريخ، سياست ۽ يورپين سماج ۽ ملڪن جو وڏو معاهدو يورپ جي تاريخ ۾ لکيو ٿو وڃي، اهو معاهدو هئو، معاهدا ويسٽ فيله (Treaty of West Phalia) جنهن ۾ انهن يورپ جي سڀني طاقتن اهو طئي ڪيو هئو، ته هاڻي جنگ بندي ڪندا ۽ هڪ ٻئي جي سرحدن جي ڪو پهڄڪڙي نه ڪندو نه ئي ڪنهن قسم جي جارحيت، چيو وڃي ٿو ته اهو معادو هئو، جنهن ۾ سرحدن جو تعين ٿيو ۽ اقتدار اعليٰ (Sovereignty) جو تصور قائم ٿيو، جنهن کانپوءِ جديد رياست جو ٺهڻ ممڪن بڻيو، جنهن انداز سان انهيءَ ويسٽ فيليا ((West phalia معاهدي کانپوءِ يورپ جي سماجن مان جنگ ۽ جارهيت جو دبدبو گهٽيو ۽ يورپين، يورپ کان ٻاهرين کنڊن ڏانهن نڪرڻ شروع ڪيو، پنهنجي سماجي ۽ معاشي ضرورتن جي پورائي لاءِ. انهيءَ معاهدي ويسٽ فيليا (West phalia) کانپوءِ يورپين بيٺڪيتي ( (Colonialجي شروعات ڪئي، جنهن کانپوءِ يورپين طاقتن يورپ کنڊ ۾ جنگ جو ماحول گهٽيو،پر اهي يورپي طاقتون دنيا جي ٻين خطن ۾ بيٺڪيت قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجو پاڻ ۾ وڙهندا رهيا، انهيءَ بيٺڪيتي نظام لاءِ جنهن ۾ خاص ڪري انگلينڊ ۽ فرانس جون فوجون انڊيا، آفريڪا، مڊل ايسٽ، سائوٿ ايسٽ ايشيا جي ملڪن تي پنهنجي بيٺڪيت قائم ڪرڻ لاءِ مسلسل وڙهندا رهيا، جنهن کانپوءِ هڪڙو يورپين جو بيٺڪيتي Colonialism جو دور پوري دنيا ۾ شروع ڪيو، جيڪو ٻي مهاڀاري جنگ جي خاتمي کانپوءِ ختم ٿيو.
    يورپ جي انهن قوتن ويسٽ فيليا West phalia معادو ڪيو هئو، اهو به ان وقت يورپ جي وڏين قوتن جي وچ ۾ ٿيو هو جنهن وقت يورپ ۾ ٽي وڏيون قوتون هيون، انگلينڊ، فرانس ۽ هفسبرگ امپائر، انهن ٽن بادشاهي قوتن ۽ بادشاهن پوري يورپ تي حڪومتون ڪندا رهيا هئا، باقي يورپ جون ٻيون قومون ۽ ملڪ انهن وڏين امپائرس جي تسلط هيٺ رهيون، اوڀر يورپ ۾ Otoman Empire پندرهين صديءَ ۾ اچي ڪري قبضا ڪرڻ شروع ڪيا هئا، جنهن کانپوءِ ويسٽ يورپين امپائر سوڙها ٿيا هئا، عثمانيه بادشاهت جي طاقت جو هاڻي سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جو هڪ اهڙو دور شروع ٿيو انساني تاريخ ۾، جنهن ۾ انساني تاريخ ۽ سماج جا رخ ۽ سوچون ئي بدلائي ڇڏيون، جڏهن واسڪوڊي گامان ۽ ڪولمبس جهڙن مفڪرن ۽ سيلاني سفر ڪري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جا راز فاش ڪري ڇڏيا هئا، سورهين صديءَ ۾ جنهن عام ماڻهن کي به اهو معلوم ٿيو ته دنيا ۾ ڇا آهي ۽ هن دنيا جا ڪهڙا راز آهن، جنهن کان اڳ عام ۽ خاص ماڻهو متعارف نه هئا، انهن ٻن سيلاني شخصيتن تاريخ جو رخ ئي موڙي ڇڏيو هئو، پوءِ اڳتي هلي ڪري برطانيا کي آمريڪا جي خبر پئي ۽ اتي وڃي پنهنجي بيٺڪيت جي شروعات ڪئي ۽ واسڪوڊي گاما وڃين اسان جي ملڪن ۽ خطن جي ڄاڻ ڏني، يورپي ماڻهن کي يورپي تاريخ جي هڪ مفڪر چواڻي تي Globlization جو پهريون دور ڪولمبس ۽ واسڪوڊي گامان کان شروع ٿيو هئو، اهڙي طرح يورپ جي سماج جون اهي ٻه، ٽي صديون تمام گهڻيون سماجي اٿل پٿل واريون رهيون، جنهن ۾ سائنس تمام گهڻي ترقي ڪري اڳتي آئي، انهيءَ سائنسي ترقي جي ڪري سماجي شعور ۾ تمام وڏيون ڇلانگون لڳيون،پراڻيون سوچون، عقيدا، سماجي اخلاقياتون سڀ جو سڀ ڊهي پٽ ٿي ويون، انهيءَ سائنسي ترقي جي نتيجي ۾ يورپين سماج ۾ هڪڙو روشن خيالي سماجي نظرين کي جنم ڏنو، جنهن ۾ هر هڪ فرد جي آزاديءَ جو تصور اچڻ شروع ٿيو،ان وقت جي ٺهيل يورپين بادشاهتن ۽ انهن جي سماجي اختيارات کي چئلينج ڪيو ويو، جڏهن هنن کي روسو جي خيالات مطابق ته ماڻهو آزاد پيدا ٿيو آهي ۽ ان کي آزاد رهڻ جو فطري حق حاصل آهي، تڏهن يورپ جي Absolute monortary واريون اختيارات Authorities عام ماڻهن جي انشتار ۽ بغاوتن اڳيان نه ٽڪي سگهيا، هر طرف نون سماجي معاهدن جي ڳالهه ڪئي وئي، جنهن ۾ انسان پاڻ قانون ٺاهيندڙ هوندو، هن کي ڪا به Authority منجمند نٿي ڪري سگهي، هو پنهنجي مرضي جو پاڻ مالڪ هوندو، اهو سڀ ڪجهه يورپ جي هڪڙي روشن خيال Enlightenmentجي دور جو ڪمال هو، جنهن جي شروع ۾ يورپ جي سماج تائين محدود رهيو، جنهن جي شروعات سياسي ۽ سماجي حوالي سان فرانس کان شروع ٿي، جنهن کي فرانس انقلاب 1789ع سڏين ٿا، فرانس جي هڪڙي فلسفي مطابق ته فرانس انقلاب ۾ فرانس جي ماڻهن انساني تاريخ جي سڀني اختيارات Authorities کي رد ڪري ڇڏيو، جيڪي هنن فرانس انقلاب کان اڳ هنن سماج تي لاڳو ڪيون هيون، هڪڙي خدائيDevine Rule)) کان وٺي هڪڙي لوئيس Lious بادشاهه جي Authority تائين سڀ جو سڀ ختم ڪيون ويون.
    فرانس انقلاب پوري يورپ جي بادشاهي نظام Status کي ڌوڙ ۾ ملائي ڇڏيو، يورپين جي باقي بادشاهه حڪومتن پنهنجا ڪيترائي وس هلايا ته فرانس انقلاب جي سوچ کي باقي يورپ جي سماجن تي اثر پوڻ کان بچايو وڃي، پر انهن جو وس نه هلي سگهيو، فرانس جي ڊگهي عوامي انقلابي تحريڪ کي روڪڻ ۾ نه وري فرانس جي انقلاب کي فرانس جي سرحدن ۾ قيد ڪري سگهيا باقي يورپ جون پوپ واريون بادشاهه حڪومتون، فرانس انقلاب مان هڪڙو نيپولين اڀريو، جنهن فرانس تي Europe تي حڪومت ڪرڻ لڳو، جنهن فرانس جي انقلابي نظرين فرانس جي سرحدن کان ٻاهر باقي يورپين ملڪن ۾ Export ڪرڻ شروع ڪيو، فرانس کي امپائر شپ جي صورت ۾ جنهن ۾ نيپولين جو به متعارف ڪرايو فرانس ۽ باقي يورپين جي سماجن ۾ جنهن جي نتيجي ۾ يورپين جي سماجن ۽ ملڪن ۾ فرانس جي بالادستي جي شروعات ٿي، جنهن جي ردعمل ۾ خاص ڪري جرمني ۽ اٽلي مان سخت قسم جو رد عمل ظاهر ٿيو، پهرين انهن ملڪن جي دانشور تاريخدانن طرفان پوءِ عوامي نيپولين ڪوڊ هڪ قسم جي فرانسيسي ثقافتي ۽ سماجي قانونن جي بالادستي قائم ڪرڻ جي برابر آهي، جڏهن ته هر سماج جا پنهنجا تاريخي ۽ ثقافتي قدر رهيا آهن، هر سماج پنهنجي ثقافتي ۽ سماجي قدرن سان ترقي ڪري سگهي ٿو، نڪي فرانسيسي سماجي ۽ ثقافتي قدر آهن، ڇاڪاڻ ته نيپولين جي ڪوڊ ۾ فرانس جي معاشي صنعتي ترقي جو نظريو به اهم هئو، فرانس جي صنعتي ترقي وٺرائڻ لاءِ نيپولين فرانس جي سرحد ۾ به واڌارو آندو، ته جيئن فرانس جي صنعتي ترقي ڪرائي انگلينڊ جو مقابلو ڪري سگهجي، اهو ئي دور فرانس جي صنعتي ترقي جو هئو، ڪارل مارڪس مطابق ته فرانس انقلاب بنيادي حوالي سان سرمائيدار انقلاب هئو يعني سرمائيداراڻو انقلاب جنهن جي تڪميل نيپولين ڪري رهيو هئو، هڪڙي يورپ تي بيٺڪيتي دور جي شروعات ڪري يورپ جي منڍين کي فرانس جو قبضو ڄمائجي ۽ انگلينڊ جو تجارتي دڳ بند ڪري فرانس کي اوتي آڻجي، اهو هتي نيپولين جو خواب يورپ تي قبضي ڄمائڻ جنهن ۾ نيپولين کي ناڪامي ملي ۽ فرانس کي نقصان، نيپولين جي جنگي پاليسي جي حوالي سان انهيءَ روشن خيالي، فرانس صنعتي انقلاب، نيپولين جي جارحيت ۽ بيٺڪيتي دور جي شڪل ۾ هڪڙي قومپرستي جي نظريي 18 هين صديءَ جي آخر ۾ جنم ورتو، جنهن جي شروعات جرمني ۽ اٽليءَ کان ٿي، نيپولين ڪوڊ جي مخالفن ۾ انهيءَ کانپوءِ ساڳئي طرح سان ((Easter Question جو سوال اڀريو، گريس ۽ رومانيا جي 1822ع واري قومي انقلابن جي شڪل ۾ Otaman empire)) جي خلاف قومپرستي جو نظريو هڪڙِ قسم ((Rational نظريو هئو، جيڪو يورپ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي پاليسين جي نتيجي ۾ جوڙيو، خاص ڪري فرانس جي انقلاب کان بعد ۾ قومپرست نظريو هڪڙي قسم جي رومانوي ۽ ثقافتي تحريڪن جي شڪل ۾ جوڙيو ويو، جنهن جو تعلق هڪڙي مخصوص تاريخي قبيلائي ثقافت ۽ پوليسي سان جوڙيو ويو، جنهن ۾ انهيءَ شيءِ جو اظهار ڪيو ويو ته انهن مخصوص قبيلائي ۽ هم آهنگي رکندڙ ثقافتن کي به آزاد ۽ برابري جو حق ڏنو وڃي، جنهن ۾ هنن جون پنهنجون سرحدون هجن ۽ اقتدار اعليٰ بدلجندڙ حالات مطابق انهن کي به ترقي ڪرڻ جو حق حاصل هجڻ کپي، جيڪو هنن کي تاريخ ۾ نه مليو آهي يا انهن کي ماضي ۾ حق حاصل هئو، پنهنجي شاندار ۽ خودمختيار ماضي هنن جي قومپرست نظريي کي وڌيڪ تقويت ڏني، انهيءَ پوري ماضي ۽ حال جي حالتن قومپرست نظريي کي تشڪيل ڏني.
    جڏهن 18 هين صدي صنعتي انقلاب جون صديون هيون، جنهن ۾ ٽيڪنالاجي انقلاب آيا، سائنسي جي بيپناهه ترقي ڪئي، ان نتيجي ۾ سماجي ۽ سياسي انقلاب زور پڪڙيو، شروع ۾ اهي جديد ترقيون يورپ تائين محدود رهيون، جنهن جو پوءِ ٻين دنيا جي سماجن ۾ ڦهلاءُ آيو، تقريبن هڪ سئو سالن کانپوءِ يورپ جي صنعتي ترقي ۽ سرمائيداري جو خواب شايد ايترو جلد پورو نٿي سگهيو آهي، جڏهن ته مغربي يورپ خاص ڪري فرانس ۽ انگلينڊ تي 19 هين صديءَ جي نيپولين جي دور جي خاتمي کانپوءِ مسلسل يورپ ۾ قومي انقلابين جي تحريڪن کي منهن ڏيڻ پئجي رهيو هئو، جنهن ۾ پورو يورپ هڪڙي سياسي عدم استحڪام جي دل ۾ ڦاٿل رهيو پئي، ٻئي طرف فرانس ۽ انگلينڊ جو يورپ کان ٻاهر جنگيون هلي رهيون هيون، بيٺڪيتي حوالي سان تڏهن به هنن جو يورپ جي اندر سياسي حوالي سان تعاون هئو، جنهن ۾ ڪٿي اختلاف به هئا، يورپ جي سياسي معاشي تبديلين جي حوالي سان خاص ڪري سلطنت عثمانيه هڪڙو اهم سبب هئو، هنن ملڪن جي تعلق ۾ جنهن ڪري هنن کي هڪ ٻئي جي مخالفت پئي ڪئي ۽ معاهدا ۽ سياسي اتحاد وڌڻ لڳا، انهيءَ 1822ع کان 33-1832 تائين اوڀر يورپ ۾ قومي آزاديون تحريڪون هلي رهيون هيون، سلطنت عثمانيه کي فرانس ۽ انگلينڊ جي به پٺڀرائي هوندي پئي آئي، ڇاڪاڻ ته روس ملڪ جي بادشاهه زار اهو پئي چاهيو ته اوڀر يورپ تي انهيءَ جو سياسي ۽ معاشي اثر رهي، جنهن ڪري روس ملڪ قومي ۽ معاشي گريس جي قومي آزاديءَ واري تحريڪ کي مدد فراهم ڪري رهيو هئو، سلطنت عثمانيه اوڀر يورپ مان هن جون پاڙون پٽجن ۽ روس جي اجاره داري قائم ٿئي، جنهن لاءِ انگلينڊ ۽ فرانس کي روس جي نڪولس جي ارادن کي ختم ڪرڻ لاءِ هو سلطنت عثمانيه جي حمايت ڪري رهيا هئا. جڏهن ته سلطنت عثمانيه سياسي ۽ معاشي عسڪري حوالي سان ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿي چڪو هئو، 19 هين صديءَ ۾ جنهن کي روس جو بادشاهه سلطنت عثمانيه کي Sick man of the Europe)) سڏي رهيو هئو، ته ان کي زوري هلايو وڃي ٿو، جڏهن ته سلطنت عثمانيه اندروني ڪمزور ٿي چڪي آهي، اها روس جي نڪولس زار جي ڳالهه سئو سيڪڙو سچ به هئي پر سلطنت عثمانيه هاڻي رڳو مغربي يورپ لاءِ هڪڙي ڀت جو ڪم ڏئي رهي هئي، روس جي يورپ ۾ داخل ٿيڻ کان، جڏهن ته روس جو اوڀر يورپ داخل ٿيڻ ۽ سياسي مداخلت ڪرڻ اڻٽر هئو، ساڳئي وقت پوري يورپ جي اندر قومي آزادي ۽ انقلاب وڌي رهيا هئا، جنهن ۾ خاص انگلينڊ ۽ فرانس اڳتي هلي ڪري مصلحتانه ڪجهه قومن جي آزادي جون حمايتون ڪيون. 1871ع ۾ جرمني ۽ اٽلي يونيفيڪيشن ٿيون اهي ٻئي ملڪ اڀري ڪري سامهون آيا، جيڪي اڳتي هلي ڪري وڌيڪ صنعتي ترقي لاءِ ڪوشان ٿيا ته انهن کي به صنعتي انقلاب ۽ ٽيڪنالاجيڪل ترقي ماڻي سگهن، اهڙي طرح يورپ ۾ ٻن طاقتن فرانس ۽ انگلينڊ کانسواءِ ٻيون طاقتور قومون ۽ ملڪ ٿيڻ لڳا، جنهن کانپوءِ هنن ٻنهي مغربي ملڪن جي Monopoly ۾ ٽٽڻ لڳي، جنهن ۾ يورپ جي اندر سياسي اختلاف وڌيڪ ٿيڻ لڳا، اهو زمانو هو 1848ع وارو جنهن Communism نظريو وڌيڪ ويجهڻ لڳو، مزدورن جون يونين ٺهڻ لڳيون، يورپ جي صنعتي ملڪن اندر ڪميونسٽ سياسي پارٽيون ٺهيون، انگلينڊ ۽ فرانس اندر ان کانپوءِ جرمني ۽ اٽلي اندر، سياسي ۽ سماجي تحريڪون شروع ٿي ويون، هڪڙن ڪميونسٽ انقلابن جون جنهن ۾ انگلينڊ ۽ فرانس جي سرمائيداري کي وڌيڪ خطرات مرتب ٿيڻ لڳا، جنهن ۾ فرانس ۽ انگلينڊ قومپرست انقلابن جي وڌيڪ توجهه ڏيڻ لڳيون، يورپ اندر نتيجا به ڪي بهتر ڪو نه نڪتا، جنهن جي ڪري جرمني ۾ هٽلر ۽ اٽليءَ جي اندر ميسولني جهڙن نسل پرستن جنم ورتو، جيڪي يورپ جي مستقبل لاءِ خطرناڪ نتيجا کڻي آيا اڳتي هلي ڪري، اهڙي طرح يورپ جي اندر جارحيت تمام وڏي پئماني وڌي سامهون آئي، قومي آزادي جي تحريڪن کي سئو سالن تائين اڳتي نه وڌڻ ڏنو ويو، خاص ڪري (Treaty versalies) معاهدي ورسليز تحت جنهن جو خاص مقصد هئو، ته ڪنهن به قسم جي سياسي ۽ سماجي تبدليءَ کي نه اچڻ ڏيڻ ۽ يورپ ۾ Status quo کي بحال رکڻ، جيڪو خاص ڪري تمام گهڻو مشڪل هئو، ته روشن خيالي جي تحريڪ کي روڪڻ يورپ جي (Status quo) جي ملڪن کي معاهدي ورسلي کان پوءِ جيڪو روس زبردستي پنهنجي سياسي مفاد خاطر هولي الائنس Holly alliance)) ڪرايو اهو اصل ۾ ٿيل معاهدي ورسلي جي روح جي خلاف هئو، جنهن اڳتي هلي ڪري معاهدي ورسلي جي عين مطابق يورپ ۾ Status quo کي قائم نه رکي سگهيا، بهر حال اهو به هڪڙي ڪمزور پوائنٽ ضرور هئي پر حقيقت ۾ يورپ ۾ فرانس جي انقلاب واري تبديلي کي باقي يورپ جي ملڪن ۽ سماجن تائين پهچڻ نه ڏيڻ به هڪڙو ديوانگي خواب هئو، ان وقت يورپ جي طاقتور جو جيڪو ممڪن پئي ٿي سگهيو، اهڙي طرح يورپ جون سماجي سياسي حالتون هر روز نيون مشڪلاتون کڻي پئي آيون، جنهن ۾ قومي انقلابن جن تحريڪون سر فهرست هيون، قومي جارحيتون Ageression تمام گهڻو اڀري سامهون آيون، جنهن ڪري يورپ جي طاقتن به سياسي سازش ۾ لهي آيا ۽ يورپين طاقتور قومن جو Status quo جي ديوار ڪري پئي ۽ يورپ هڪڙي مهاڀاري جنگ ڏانهن وڌڻ لڳو، جڏهن يورپ جي ملڪن ۽ قومن جا سياسي تعلقات هڪڙي نهج تي پهتا هئا، جنهن ۾ قومن جي دشمني هر قسم جي لٽريچر(ادب) شايع ڪيو ويو، اخبار جي ڪارٽونن کان وٺي موسيقي ۽ ناولس تائين هڪ قومي دشمني ۾ هڪٻئي خلاف توهين آميز شيون لکيون ۽ پڙهيون ويون، ان وقت انگلينڊ جو مشهور گانو جنهن جا ٻول هئا “Brituos never never will be slaves” اهڙي طرح پوري يورپ جي قومي تحريڪن انهن سامراجي قوتن جي بغاوت ۾ حالتون پهرين مهاڀاري جنگ ڏي وٺي ويا، انهن قومن جنهن آزادي ماڻي ۽ انهن کي وري پنهنجي سامراجي پاليسي کي اپنائڻو پيو ته جئين هو به هڪڙي صنعتي طاقتور قومون ٿي سگهن، انهيءَ طاقتور ٿيڻ لاءِ انهن قومن کي Expansionist ٿيڻو پوي ۽ پنهنجي قومي ملٽري Military مضبوط ڪرڻي پئي، انهيءَ ملٽري طاقت جي حاصلات يورپ کي پهرين مهاڀاري جنگ شروع ڪرڻي پئي، 1914ع ۾ جيڪا 5 سال مهاڀاري جنگ هلي، جنهن جرمنيءَ ۽ اٽليءَ کي شڪست ملي پر ان سان گڏوگڏ سلطنت عثمانيه ۽ آسٽريا ۽ پروشيا قوتون ڀي ڪمزور ۽ تباهه ٿيون اهڙي طرح پهرين مهاڀاري جنگ يورپ هڪڙي سامراجيت ۽ قومپرستي تحريڪن جي سبب لڳي جنهن ۾ قومپرستن جي بظاهر شڪست ٿي ۽ سامرج قومن فرانس ۽ انگلينڊ فتح ٿي هئي.
    پر قومپرستي نظريو پوءِ به طاقتور نظريو رهيو يورپ جي سياسي محڪوم قومن ۾ بلڪ پهرين جنگ عظيم کان پوءِ ته قومي نظريي جون سياسي تحريڪون يورپ کان نڪري ٻين خطن ۾ به مضبوط ٿيڻ لڳيون، قوپرستي نظريو جنهن جو نعرو هئو Self Determination يعني خود اراديت، جنهن ۾ قومن کي اهو حق ڏنو وڃي ته پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي حڪومت جو پاڻ حق رکن نه بلڪ ڪنهن ڌاري سامراجي قوت انهن تي حڪمراني ڪري اهڙي انگلينڊ ۽ فرانس کي خاص ڪري وڌيڪ چئلينج جو سامنو ڪرڻو پيو، ڇاڪاڻ ته اهي ٻه قوتون ۽ ملڪ وڌيڪ بيٺڪيتي سامراجي هئا ۽ انهن ملڪن يورپ کان ٻاهر بيٽڪيتي نظام هلائي رهيا هئا، پهرين جنگ عظيم کانپوءِ انگلينڊ ۽ فرانس کي ڪافي سياسي مزاحمتن کي سامنو ڪرڻو پيو، نه صرف يورپ جي اندر پر يورپ کان ٻاهر جي ملڪن ۾ قومي آزادي جون تحريڪون يورپ جي قومي تحريڪن کان متاثر ٿي اڀريون، انهيءَ پهرين جنگ عظيم کانپوءِ ۽ مهاڀاري جنگ جي دوران يورپ جي سامراجي قوتن کي يورپ جي قومن کي قومي آزادي ڏيڻي پئي، ڇاڪاڻ ته ٻي جنگ عظيم تائين پهچڻ تائين يورپ ۾ سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام پوري يورپين طاقتور ملڪن کي تباهه ڪري ڇڏيو هئو، هٽلر ۽ ميسولني جهڙن سرفروش قومپرستن يورپ ۾ تباهي مچائي ڇڏي ۽ يورپ 20 سالن کانپوءِ ٻي جنگ عظيم ۾ داخل ٿي ويو، ٻي جنگ عظيم ۾ پورو يورپ تباهه ۽ برباد ٿيو، اهي سامراجي انگلينڊ ۽ فرانس ملڪن سميت ٻي جنگ عظيم تائين يورپين اهو محسوس ڪيو ته قومي آزاديون يورپين کي ڏيڻ کانسواءِ يورپ جو مستقبل به تباهي کانسواءِ ڪونهي، جنهن ۾ اڪثر ننڍين يورپين قومن جي آزاديون مليون، پهرين جنگ عظيم کانپوءِ روس ۾ 1917ع وارو بالوشڪ انقلاب ڀي اچي چڪو هئو، جيڪو خد يورپين خاص ڪري ويسٽ يورپين لاءِ خطرناڪ هئو، انهيءَ لاءِ قومي آزادي ڏيڻ کانسواءِ ٻي ڪا راهه نه هئي روس جي ڪميونسٽ اڳواڻ لينن ڀي قومي تحريڪن ۽ آزاديءَ جي حمايت ڪري رهيو هئو، سرمائيداري دشمني ۾ اهم اهو هئو ته ايسٽ يورپن ۾ ڪميونسٽ رشيا آرمي داخل ٿي وئي هئي، ٻي جنگ عظيم دوران ۽ اوڀر يورپ جي ملڪن کي ڪميونسٽ رشيا جو حصو بڻايو ويو هئو، جنهن کي سوويت يونين جو نالو ڏنو ويو هئو.
    باقي دنيا ۾ يورپ کان علاوه قومپرستي نظريي کي ۽ قومپرستي تحريڪ کي ڪا گهڻي ڪاميابي نه ملي سگهي، جنهن ۾ برطانيا ۽ فرانس ۽ آمريڪا جي سامراجي سياسي سازش هئي، انهيءَ قومي آزاديءَ جي جڳهه تي انهن سامراجي ملڪن جي سياسي حڪومت آهر رهي، اهڙي طرح ته آفريڪا مڊل ايسٽ، برصغير ۽ دنيا جي ٻين خطن ۾ اهڙين مخصوص سياسي گروهن کي اڳتي آندو ويو، جيڪي حقيقي طرح قومپرست نظريي جي خلاف هيون ۽ گڏيل طور سياسي آزاديءَ جون ڪاهل هيون، جيڪي قومپرستي نظريي جي روح خلاف هجن، جهڙي طرح اسان ننڍي کنڊ ۾ ڏٺوسين ته ڪانگريس ۽ مسلم ليگ هڪڙي مذهبن جي بنياد تي ٻڌل قومپرستي جو نظريو کڻي آيون، جنهن ڪري اصل قومپرستي جو تحريڪن کي ننڍي کنڊ ۾ ڪا گهڻي اهميت نه ڏني وئي يا اصل قومي نظريي جنهن جو بنياد نسل، ٻولي، تاريخ، ثقافت ۽ جاگرافيائي هئو،اهڙن قومن کي آزادي نه ڏني وئي بلڪ انهن قومن کي هڪڙي مذهبي نام نهاد ملڪن ۾ ضم ڪيو ويو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو اهي قومون اتي گهڻ قومي رياست ۾ دٻجي ويون ۽ انهن ملڪن ۾ هميشه لاءِ ننڍين قومن ۽ ثقافت جو استحصال ٿيندو رهيو، هڪڙي اڪثريتي بنيادن تي، جنهن اڪثريتي نسل جي قوم رياست جي سياسي ۽ سماجي ادارن تي قبضو ڄمائي باقي اقليتي قومن ۽ ثقافتن جو معاشي ۽ سماجي استحصال ڪندا رهن ٿا، جنهن سان اهڙن ملڪن جي سماجي ترقي نه ٿي سگهي، ۽ اهڙن ملڪن ۽ رياستن ۾ نسلي جنگيون هلنديون رهن ٿيون،هڪٻئي تي نسلي تسلط يا برتري قائم ڪرڻ لاءِ، جنهن ۾ يورپ جي انهن سامراجي سرمائيدار ملڪن کي اهو فائدو ٿيو، جو هنن کي نئين بيٺڪيت جي آساني سان شروعات ٿي آهي ۽ مغرب جي سرمائيداراڻا مفادن جو پورائو ٿي رهيو آهي، هن وقت انڊيا ۽ پاڪستان ۾ به اهڙيون لساني ۽ ثقافتي 70 سالن کان تضاد هلي رهيا آهن، ساڳئي طرح سان وچ اوڀر جي ملڪن جي سماجن جوبه اهو ئي حال آهي، ساڳي طرح آفريڪا جي ملڪن جو جنهن ۾ اهي ننڍيون ننڍيون قومي ثقافتي مزاحمتون سالن کان هلي رهيون آهن، جنهن ۾ پوري نسل پرستي انهن سماجن جي تباهي ڪري ڇڏي آهي ۽ نسل پرست دشمنين سماجن لاءِ ناسور ٿي ويون آهن ۽ بالادست هڪڙي نسل گروپ انهن ملڪن تي سياسي ۽ معاشي قابض آهن ۽ بدلي ۾ اهي مغربي سرمائيدار ملڪن جي مفادن تحت ملڪ هلائي رهيا آهن، اڄ به قومپرست نظريي جو سوال يورپ کان علاوه باقي دنيا ۾ ان کي حل نه ڪيو ويو آهي ۽ اهي مستقبل ۾ انهن سماجن جي گهرو جنگين ۽ نسل پرستي جي دشمني ۾ گهيري رکيو پيو اچي نه وري هن وقت ڪو مغرب جي سرمائيدار ملڪن جي حق ۾ آهي ته انهن هلندڙ قومپرست تحريڪن جي حمايت ڪن ڇاڪاڻ ته اهو انهن جي آزاد تجارت ۽ معيشت ۾ رڪاوٽون بڻجنديون اگتي هلي ڪري.


    سنڌ جي ڪاموراشاهي ۽ ان جو سماجي ترقيءَ ۾ ڪردار

    سنڌ تي برطانوي دور جا ڪيترائي سياسي، سماجي ۽ معاشي اثر رهيا آهن، انهن مان هڪ اهم برطانوي دور جو اثر سنڌ جي انتظامي حوالي سان رهيو آهي، برطانوي دور دوران سنڌ جي سويلين ادارن ڪهڙي طرح ڪم پئي ڪيو؟ سنڌ جي انتظامي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ سنڌي ماڻهن جو ڪيترو تعداد هئو، ان وقت سنڌي ڪامورا شاهي جي ڪهڙي انداز سان جوڙجڪ ٿي رهي هئي؟ ڇا سنڌي ان وقت ان اتنظامي حوالي سان ويٺل ڪرسي تي ڪيترو سنڌ جي سماجي ترقي لاءِ ڪم ڪري رهيو هئو؟ ڇا ان وقت انهن انتظامي سرڪاري ادارن ڪو سنڌي سماجي ترقي لاءِ اثرائتو ڪم ڪيو؟ اهي سڀ اهم سوال آهن، سنڌ جي ڪاموري شاهي کي سمجهڻ ۽ ان تي ڳالهائڻ لاءِ ضروري آهن.
    جڏهن 1843ع ۾ سنڌ کي برطانيا پنهنجي بيٺڪيت ۽ تسلط هيٺ آندو ان وقت سنڌ سماجي ۽ معاشي حوالي سان ڪا خاطر خواهه ترقي نه ڪئي هئي، سنڌ جي عوام ۽ عام ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي حالتون تمام گهڻيون پوئتي پيل هيون، عام سنڌي عوام کي ڪا سياسي آزادي نه مليل هئي، ان سياسي غير آزادي سنڌ جي سماجي ۽ معاشي ترقي کي به گهڻو پوئتي ڪري ڇڏيو هئو، سنڌ ٽالپرن جي دور ۾ انتظامي حوالي سان مختلف سياسي ۽ سماجي يونٽن ۾ ورهايل هئي، جنهن جي ڪري سماجي ۽ معاشي حوالي سان ڪا بهتر منصوبابندي ڪرڻ انتهائي مشڪل ڪم هئو. برطانوي دور کان اڳ سنڌ جي انتطامي ادارن ڪا گهڻي ترقي نه ڪري سگهيا هئا، سنڌي سماج ٽالپرن جي دور دوران هڪ زرعي سماج جي قدرن تي بيٺل هئو، جيڪو هڪڙي محدود جاگيردار جي اثر هيٺ هئو، جيڪو هڪڙي نيم غلامي زرعي سماج جو ڏيک ڏئي رهيو هئو، ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ سماجي ادارن جو فعال نه هجڻ ڪري، هڪ انتظامي حوالي سان Centerlized هيو، جيڪڏهن وري ٿورو ڪو گهڻو انتظاميا هئي ته اها به هڪ روايتي سطح تي ٻڌل انتظامي ڍانچو هئو.
    ٽالپرن جي دور ۾ ته سنڌ جي جاگيرداراڻو نظام به Centerlized هئو، جيڪو برطانوي حڪومت اچڻ کان پوءِ ختم ٿيو ۽ برطانوي حڪومت سنڌ جي انهن مخصوص جاگيرون وٺي ڪري جاگيردارن جو تعداد وڌايو ويو، سنڌي سماج ۾ تڏهن کان سنڌ جي اندر جاگيردارن ۾ اضافو ٿيو.
    جڏهن برطانيه سنڌ جو اقتداري واڳون سنڀاليون ته سنڌ جون سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتون بلڪل ئي بدلجي ويون، سنڌ ۾ هڪ حوالي سان جديد ادارن جي شروعات ٿي، جنهن ۾ سماجي قانون بدليا ويا، سماجي ۽ معاشي ادارن جي جديد انداز سان شروعات ٿي، سماج ۾ هڪ قسم جا الڳ قانون ٺاهيا ويا، عدالتي نظام جي نئين سر شروعات ٿي، پوليس جي هڪ اهم اداري طور شروعات ڪئي وئي، زرعي ۽ مواصلاتي ادارن کي نئين سر ترتيب ڏني وئي، انهن سڀني ادارن کي هلائڻ ۽ سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ موثر بڻايو ويو، انهن ادارن جي انتظامي ڪم ڪار هلائڻ لاءِ هڪ نئين انداز سان شروعات ڪئي وئي هئي، جيڪا اهڙي سنڌ ۾اڳ نه هئي، شروع شروع ۾ ته انهن ادارن جي انتطامي ڪم ڪرڻ واسطي برطانيا سرڪار وٽ پنهنجا گهرايل انگريز ڪليڪٽر ڪمشنر يا اهم انتظامي ڪم ڪار هلائڻ خاطر پنهنجا آفيسر مقرر ڪيا ويا هئا، ڇاڪاڻ ته ان وقت انهن ادارن جي انتظام هلائڻ لاءِ سنڌ وٽ اهڙي انتظامي صلاحيت رکڻ وارا ماڻهو موجود ڪو نه هئا، جيڪڏهن ٿورا گهڻا هئا ته شروع ۾ انهن گورن سان ڪم ڪرڻ لا تيار ڪو نه هئا ۽ شروعات ۾ ٿورو عرصو عام ماڻهن جون مزاحمتون به هليون، برطانوي سرڪار جي خلاف وقت گذرڻ سان انهن جو غم غصو به تبديل ٿي ويو، برطانوي سرڪار جي دور دوران انهن انتظامي ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا، وقت گذرڻ سان سنڌ جي انتظامي عهدن تي سنڌي ماڻهون ترقي ڪري اڳتي وڌيا، ڇاڪاڻ ته انگريز سرڪار جي ڪوششن سان جيڪي اسڪول کولرايا ويا ۽ سنڌي ماڻهو ڪجهه قدر پڙهيل لکيل پيدا ٿيو ۽ اهي انهن سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، انهن ۾ خاص ڪري سنڌ جا هندو انهن سنڌي مسلمانن جي مقابلي ۾ وڌيڪ پڙهيل لکيل هجڻ جي ناتي انهن سنڌ جي انتظامي پوسٽن تي اڪثريت سان اڳتي آيو، جنهن ۾ اڪثريت انهن هندو سنڌي آفيسرن جي ٿي، برطانوي دور ۾ وري جڏهن ميونسپل ۽ لوڪل گورنمينٽ جو نظام سنڌ ۾ متعارف ڪيو ويو ته انهن ۾ انهن ميونسپل نظام جي چونڊجي اچڻ ۾ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ سنڌي وڏيرو اڳتي آيو ۽ شهرن ۾ هندو سنڌي، انهيءَ شهر ۽ ٻهراڙيءَ واري چڪر ڪري انهن ۾ وڏيرن ۽ هندن تاجرن جي وچ ۾ سماجي ۽ سياسي اختلاف به ضرور پيدا ٿيا هئا، بهر حال ان وقت اڪثريت انهن هندو سنڌي ڪامورا شاهيءَ جي قائم ٿي هئي ۽ سنڌي مسلمانن پوليس کان وٺي سرڪاري دفترن ۾ ڪلارڪي ۽ مئجسٽريٽ جي پوسٽن تي سنڌي مسلمان به اڳتي وڌيو ٻي نمبر اڪثريت سان.
    انهي پوري صورتحال ۾ سنڌ جي آفيسرشاهي جي جوڙجڪ ٺاهي وئي هئي، برطانوي حڪومت دوران ڀرتي ڪرڻ جو هڪ موثر نظام پڻ هئو، امتحان جو چٽا ڀيٽي واري عمل کانپوءِ ئي انهن کي ڀرتي ڪيو ويندو هئو، اهو خاص ڪري وڏين سرڪاري پوسٽن لاءِ باقي عام ۽ هيٺين قسمن جي نوڪري لاءِ ڪجهه جماعتون پاس هجڻ لازمي هئو، جنهن کانپوءِ انهن نوڪرين لاءِ ڀرتي ڪيو ويندو هئو، اهڙي طرح سنڌ جي سول انتظامي ڍانچو قائم ٿيو ۽ سنڌ ۾ ڪامورا شاهيءَ جنم ورتو، سنڌ جي ان انتظامي نظام ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن جا کوڙ سارا ڪرپشن جا قصا به مشهور ٿيا، انهن آفيسرن کي سرڪاري نوڪرين تان Dismiss به ڪيوويو، انهن سنڌي انتظامي آفيسرن پنهنجي سرڪاري پاور جو ناجائز استمعال ڪرڻ هڪ قسم جو عام هئو ۽ انهن سنڌي آفيسرن تي ڪرپشن جا کوڙ سارا الزام هوندا هئا، جنهن ۾ انهن جون ناجائزگيون، رشوتون به وڏي پئماني تي ورتيون وينديون هيون ۽ عام سماجي ڀلائي جي جيڪي سرڪاري فنڊ ايندا هئا، انهن فنڊن ۾ وڏي پئماني تي انهن سنڌي آفيسرن طرفان گهوٻيون لڳايون وينديون هيون، انگريز سرڪار طرفان انهن کوڙ سارن سنڌي آفيسرن انهن جي ڊيوٽي کان برخواست ڪيو ويندو هئو، تڏهن به سنڌ جي انتظامي ادارن ۾ ڪرپشن جا اسڪينڊل مشهور هئا، سنڌ جي ان وقت هندو سنڌي آفيسر سنڌي مسلمانن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ايمانداري جو مظاهرو ڪندا هئا ۽ انهن پنهنجي سرڪاري مليل عهدن جو ڪو خاص غلط استعمال نه ڪندا هئا، جهڙي طرح سنڌي مسلمان ڪري رهيو هئو، انهن هندو سنڌي جي مثبت انتظامي ڪارڪردگي جي ڪري سنڌ جي شهرن ۾ وڌيڪ ترقي ٿي ۽ اتي ماڻهن جي معياري زندگي ۾ بهتري ايندي رهي ۽ شهرن ۾ عام ماڻهن جي سهولتن لاءِ سرڪاري سطح تي بهتر ڊرينيج نظام، بهتر رستا ۽ روڊ صفائي جي خاص طرح سان ڌيان ۽ سرڪاري اسڪولن جو ٺهڻ تعليم جي ترقي لاءِ ۽ خاص ڪري صحت لاءِ اسپتالن جي قائم ٿيڻ تائين هڪ قسم جي بهتري Civic Soceity جوڙڻ لڳي، سنڌ جي خاص ڪري شهرن ۾ ڪراچي کان وٺي حيدرآباد. سکر، لاڙڪاڻو ۽ شڪارپور انهن ۾ رهندڙن جي اڪثريت انهن هندو سنڌي جي رهي هئي، جنهن جي ڪري انهن شهرن جي آبادي ڪري انتظامي ميونسپل حوالي سان به انهن جو ئي ڪنٽرول رهيو، باقي ٻهراڙي جي آبادي وارن علائقن ۾ سنڌي مسلمان جو سياسي، سماجي اثر رهيو، دنيا ڀر ۾ هڪ اهو تضاد ڪامن رهيو آهي ته شهرن ۽ ٻهراڙين جي وچ ۾ فرق هر حوالي سان، هن وقت تائين آمريڪا، فرانس ۽ انگلينڊ جهڙن ملڪن جي شهرن ۽ ٻهراڙين جي علائقن ۾ ترقي جي حوالي فرق اڄ تائين موجود رهيو آهي، اهو ان وقت سنڌ جي وڏيرن سياسي اڳواڻن جو هندو سنڌي سان سياسي اختلاف کي جنم هڪ قسم جو غير مناسب رويو هئو، شهرن ۾ عام طرح سان جديد طريقي سان ڪاروبار ٿئي ٿو، شهر ۾ رهندڙ ٻهراڙيءَ جو ماڻهو وڌيڪ ترقي پسند ٿئي ٿو ۽ انهن شهرن ۾ تجارتي حوالي سان وڌيڪ سرگرميون موجود هجن ٿيون، جنهن حوالي سان اهو فرق سماجي ۽ معاشي حوالي لازمي ٿي ويندو آهي، ٻيو ته ٻهراڙين ۾ عام ماڻهن جي سوچ گهٽ ترقي يافته ٿئي ٿي زرعي سماج جي حيثيت ۾، انهن جي سماجي آزادي اتان جي وڏيرن ۽ پيرن وٽ مرغوب رهندي آهي، ٻهراڙي جو رهندڙ ماڻهو وڌيڪ سست ٿئي ٿو، هن جا معاشي ذريعه محدود هوندا آهن، جنهن ڪري هن جي معاشي ۽ سماجي ترقي به سست ٿئي ٿي، ان کان علاوه ان وقت سنڌ جي ٻهراريءَ ۾ رهندڙ سنڌي مسلمان جنهن جو سماجي هڪ وڏيري جاگيردار وٽ رهي ٿو ۽ ان سماجي اثر جي ڪري، اهو ئي طبقو سياسي قوت بڻجي ٿو، جنهن جي مفاد ۾ اهو نه هوندو آهي ته ڪو اهڙو طبقو ترقي ڪري اسان جي طبقي سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي ويهي ۽ هن جي جاگيردار طبقي جي سماج ۽ سياست کي نقصان پهچائي، انهيءَ ٻهراڙيءَ جي سماج ۾ رهندڙن جي سوچ به اهڙي ئي هوندي آهي، ڀلي اهو فرد ان وڏيري طبقي سان واسطو نه به رکي پر اهو متاثر ان وڏيري طبقي جي سوچ کان ٿيندو آهي، اهڙي قسم جي سوچ اڄ به سنڌ جي هر ٻهراڙيءَ جي ماڻهو سان سلهاڙيل آهي، اهو ڀلي هاڻي هڪ غريب هاري جي پٽ کان ترقي ڪري وڏي سرڪاري ڪنهن پوسٽ تي پهتو هجي، پر هن جي سوچ تي اثر ان وڏيرڪي نفسيات جي رهي ٿو.
    جڏهن پاڪستان ٺهيو ۽ سنڌ پاڪستان جو صوبو ٿي نئين سڃاڻپ حاصل ڪيائين، پاڪستان ٺهڻ دوران سنڌ جي ان سنڌي مسلمان پاڪستان ٺهڻ جي حمايت ڪئي، هندو سنڌي جنهن جي ان ڳالهه ۾ ڪا به دلچسپي نه هئي، ته سنڌ ڪو پاڪستان جو حصو بڻجي، پر ان هندو سنڌ اڪثريت ڪانگريس جماعت جي سياسي حمايت ۾ هئو، پاڪستان ٺهڻ جي لاءِ هڪڙي سياسي مفڪر حمزه علوي نظريو ڏنو، جيڪو پاڪستان ۽ هندستان جي سياسي ۽ سماجي وڏن محقن رهيو آهي، جنهن تمام گهڻو هن خطي سياسي سماجي تاريخ تي لکيو آهي، هن چيو ته هو ته پاڪستان ملڪ هندستان ۾ رهندڙ مسلمانن جي هڪ نوڪر شاهي طبقي جي ضرورت آهر ٺاهيو ۽ ان طبقي ئي پاڪستان جي ٺهڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، مان هن سنڌ جي ان وقت سياسي حوالي سان حمزه علوي جي نظريي کي سنڌ جي صورتحال ۾ پرکڻ چاهيان ٿو، ته ڇا اهو حمزه علوي جو نظريو سنڌ جي هندو ۽ مسلمان آفيسر شاهي يا پگهاردار طبقي جو ڪو اثرائتون هئو يا نه، سنڌ جي اندر ڪي اهڙيون حالتون موجود ڪو نه هيون، سنڌي جي مسئلن ۽ هندو سنڌي جا پاڻ ۾ سماجي تعلقات مذهبي شدت پسندي کان مٿانهان هئا، اهڙو ڪنهن خاص قسم جي پگهاردار طبقن ۾ ان قسم جو ڪو تعصب موجود هئو، انهن مسلمان ۽ هندو سنڌين جي سرڪاري آفيسر شاهي ۽ پگهاردار طبقي جو سماجي ڳانڍاپو تمام گهرو هئو، خاص ڪري اهي سماجي، سياسي ۽ ادبي ڀلائي ترقي لاءِ خاص ڪري هندو سنڌين جو معاشري جي گڏيل ترقي لاءِ هڪ سنڌي مسلمان کان به گهڻو سماجي ڪردار هئو، اهڙي وڏن سنڌي پڙهيل لکيل سنڌي مسلمانن جو سياسي ڳانڍاپو مسلم ليگ جي نظرياتي سوچ سنڌ جي اندر تمام دير سان آئي، اها ڪجهه مخصوص ماڻهن طرفان جنهن مسلم ليگ کي سنڌ ۾ پير پاتو، جنهن جي به وڏي پئماني تي مخالفت ٿي هئي، جنهن جو ذڪر جي ايم سيد پنهنجي سياسي ڪتابن ۾ ڪيو آهي، جيڪو مسلم ليگ سنڌ جو بانيڪار هئو، اهڙي طرح حمزه علوي جي نظريي جي اهڙي ڪا سماجي شڪل موجود ڪو نه هئي سنڌ اندر، جڏهن ته سنڌ کي وڏو نقصان به انهيءَ ڪري پيو جنهن جو خال اڃان تائين سنڌي مسلمان نه ڀري سگهيو آهي، سنڌ جي ڪامورا شاهي جي حوالي سان پاڪستان ٺهڻ کان فورن بعد سنڌ جي آفيسر شاهي يا ڪامورا شاهي سنڌ اندر ئي اٽي ۾ لوڻ برابر وڃي بچيا، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جيڪو سنڌ جي ڪامورا شاهي کي نقصان پهتو، اهڙو پاڪستان جي ڪنهن به صوبي جي ڪامورا شاهي کي نه پهتو.
    پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ جي تاريخ جو اهڙو سماجي طبقو سنڌ کان هڪ ڌڪ ۾ ئي ڌار ٿي ويو، جيڪو سنڌي سماج جي تاريخ جو گر هئو، جيڪو وڌيڪ پڙهيل لکيل هئو، تمام گهڻي اڪثريت سان سنڌ جي اعليٰ انتظامي صلاحيتون رکڻ وارو، سنڌي ادب جو تخليقي ۽ محقق، وڏي معاشي حوالي ماهر Enterprinur بزنسي طبقو جيڪو سنڌي قومي سرمائيدار طبقو هئو، سنڌي سماج جو فلاح ۽ بهبود بهترين تعليمدان، تاريخ جا ڄاڻو، سنڌي جي وڏي شهري آبادي تي ٻڌل طبقو هڪ بهتر سياستدان ۽ سماجي ورڪر، انهن جي اولاد جيڪي هڪ بهترين صلاحيتن وارو نوجوان طبقو جيڪو اڳتي هلي سنڌي ايندڙ نسل جي رهنمائي ڪري هان، ۽ سنڌي سماج کي دنيا ۾ تبديل ٿيندڙ حالتن پٽاندر ترقي وٺرائي هان، اهڙو سنڌي هندو سنڌي سماج جو سنڌ کان پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ الڳ ٿي ويو، جيڪو پوءِ سنڌي سماج ڪڏهن تيار نه ڪري سگهيو ۽ تبديل ٿيندڙ حالتن ۾ سنڌ کي اڳتي وٺي هلڻ جي سگهه هميشه لاءِ وڃائي ويٺا، ان جي ابتڙ سنڌ جي اندر هندو سنڌي جي جڳهه تي اهڙا غير سنڌي سنڌ ۾ آيا، جنهن سنڌ جي مخالفت ڪئي، سنڌ دشمني جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا.
    ورهاڱي کانپوءِ سنڌ جا ڪامورا شاهي باقي نه هجڻ برابر ٿي بيٺي، سنڌ جي سڀني سرڪاري ادارن ۾ اڪثريتي غير سنڌي آفيسر آندا ويا، اهي سنڌ جي وڏن شهرن کان وٺي سنڌ جي ننڍن شهرن سکر، لاڙڪاڻو ۽ خيرپور تائين هر سرڪاري ادارن ۾ غير سنڌي آفيسر شاهي آيا، جن سرڪاري ادارن کي سنڌي سماجي ترقي لاءِ بلڪل ئي استعمال نه پئي ڪيو نه وري سنڌي ماڻهن جي معياري زندگي کي بهتر بڻايو پئي، ملڪ اندر ادارن برطانوي دور کان به بدتر ثابت ٿيا، سنڌي ماڻهن جي مسئلن کي گهٽائڻ بجاءِ وڌائي ڇڏيو، سنڌي عام ماڻهو پنهنجو پاڻ کي هڪ ٻئي نمبر جو شهري سمجهڻ لڳا، برطانوي دور ۾ به سنڌي عام ماڻهن جو اهو احساس هئو، ته هنن کي سماجي تحفظ مليل آهي پر 50 ۽ 60 ڏهاڪي ۾ سنڌي ماڻهن مان اهو احساس تحفظ ختم ٿي ويو، اهو ٻن طريقن سان ٿيو، هڪڙو ته انهن سرڪاري ادارن ۾ عدم تحفظ ختم ڪيو ۽ ٻيو وري سنڌي وڏيرن کان انهن عام سنڌي ماڻهو کي يرغمال بڻائي ڇڏيو، اهو سلسلو سنڌي ماڻهن لاءِ وڏي عرصي تائين هليو، جنهن ۾ سنڌي عام ماڻهن جي سماجي پسماندگي وڌي، انهن سماجي ادارن وري انهن کي هڪ قسم جي بيٺڪيتي دور ياد ڏياري ڇڏيو، شروع جي ٽن ڏهاڪن ۾ پاڪستان ۾ سنڌ جون سياسي ۽ معاشي حالتون سنڌين کي انهن جي حقن کان محروم ڪري ڇڏيو هئو، انهيءَ ٽن ڏهاڪن جي دوران سنڌي ماڻهن ۾ احساس محرومي تمام گهڻي شدت سان پيدا ٿي.
    جڏهن وري ڪجهه سنڌي آفيسر ۽ ڪامورا هئا به ته انهن کي اهڙو سياسي ۽ انتظامي يرغمال بڻايو ويو، جو هنن سنڌ جي لاءِ ڪو به ڪردار ادا نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي انتظامي فيصلن جي حوالي سان آزاد هئا ئي ڪو نه، جو هو ڪي انهيءَ پوسٽن تي رهندي ڪو سماجي ۽ عام ڀلائي جو ڪم ڪن، ايوب جي آمريت دوران سڀ انتظامي ۽ سماجي ادارن جو آخري فيصلو اهي پاڻ ڪندا هئا، سنڌ ۾ هڪڙي قسم جي ون يونٽ خلاف سياسي ۽ سماجي تحريڪون هلي رهيون هيون، سويلين ادارن جو آمريتي دورن ۾ باقي حيثيت به نه هوندي آهي، هن ملڪ جي تاريخ ۾ سنڌ ۾ اڪثر وڏيرن کي رول ڏنو ويو هئو، ايوب جي دور دوران اهڙي طرح سنڌ جي سنڌي ڪامورا شاهي هڪ ته ٺهي ڪو نه ۽ نه وري ڪا اها ميچوئر ٿي سگهي، جو هو سنڌي سماج جي ترقي ڪرائي سگهي، يا انهن سماجي ادارن کي وڌيڪ فعال به نه ڪرڻ ڏنو ويو، سرڪاري سطح تي، نه وري پاڪستان ۾ ڪا بهتر انداز ۾ چٽا ڀيٽي ۽ ميرٽ جي بنياد تي ڀرتي جو ڪو نظام بهتر ڪيو ويو هئو.
    سنڌ جي اندر سياسي تبديلي جي شروعات تڏهن ٿي، جڏهن هنن جو سنڌي پهريون ڀيرو وزيراعظم ٿيو، ذوالفقار علي ڀٽو جنهن کانپوءِ سنڌين کي پهريون ڀيرو اهو احساس ٿيو ته هاڻي سنڌ کي سماجي ۽ معاشي حوالي سان انهن جو ازالو ٿيندو، اهو به هڪ خواب ئي ثابت ٿيو سنڌي ماڻهن لاءِ، سنڌ جي عوام تمام گهڻي توقع پئي ڪئي، ته پ پ پ جي حڪومت کان سنڌي هجڻ جي ناتي، جيڪو گهڻو ته سنڌي ماڻهن کي ڪجهه نه مليو، پر سنڌي کي ڪجهه نه ڪجهه اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مليو، پ پ جي حڪومت دوران سنڌي سرڪاري نوڪرين ۾ اچڻ شروع ڪيو، سنڌي آفيسرن جون ترقيون ٿيون، سنڌين پهريون ڀيرو صوبي جي وڏين انتظامي پوسٽن تي اچڻ شروع ڪيو، سنڌ صوبي جي سرڪاري ادارن ۾ سنڌين جي نوڪرين ۽ آفيسرن جو تناسب وڌيو، سنڌي ماڻهن جو احساس محرومي گهٽي ته هنن جي سنڌ صوبي جي ادارن ۾ انتظامي ڪم ڪار جلد ٻڌا ويندا ۽ انهن جو ترت حل ڪڍيو ويندو، ان وقت سنڌي ماڻهن سنڌ ۽ پاڪستان جي اهڙن ادارن ۾ نوڪريون ڪرڻ لڳا، جنهن سنڌي ماڻهو ڪڏهن تصور به ڪندا هئا، جهڙوڪ اسلام آباد جهڙي شهر ۾ سنڌي ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون مليون، جنهن جي سنڌ جي عام ماڻهن ۾ پي_پي تمام گهڻي مقبول ٿي ۽ ٻي ڪا به اهڙي سنڌ اندر سياسي جماعت پنهنجا پير نه کوڙي سگهي، پي پي جي مقابلي ۾ اهڙي طرح سنڌي عوام جي هن ملڪ ۾ ڪجهه قدر احساس محرومي گهٽي، پي پي جي پهرين دور حڪومت ۾ جيڪي سنڌي ماڻهن ڪامورا شاهي جو حصو ٿيا، هن ملڪ ۾ انهن ڪنهن حوالي سان ماضي جي ڀيٽ ۾ تعداد ته وڌيو پر انهن سنڌي ڪاموراشاهي سنڌي ماڻهن جي سماجي بهتري لاءِ ڪو خاص ڪردار ادا نه ڪيو، رهندو انهن سنڌ صوبي جي ادارن جي ڪرپشن ذريعي وڌيڪ تباهي ۽ بربادي پئي ڪندو رهيو، انهن جو هڪڙو خاص سبب اهو هئو، جو جن ماڻهن کي اهي نوڪريون ڏنيون ويون اهي سنڌ جي وڏير شاهي جي اولاد ۽ پٽن کي ڏنيون ويون، باقي عام ماڻهن کي جيڪي گهٽ پڙهيل هئا، يا وري غريب هارين جو اولاد هئا، انهن کي هيٺين قسم جون نوڪريون مليون، جنهن ۾ ڪلارڪي ۽ ماستري وغيره، جنهن ۾ وڏو سماجي ڪردار ادا ڪرڻ انهن جي وس جي ڳالهه نه هئي، انهيءَ پي پي جي دور ۾ پوءِ سنڌ صوبي جي سرڪاري ادارن ۾ اهم سيڪريٽرين يا آءِ جي يا ڊي جي جهڙن عهدن تي پوءِ به غير سنڌي يا ٻين صوبن کان واسطو رکڻ وارا قابض رهيا، جيڪي سمورن ادارن جي پلاننگ ۽ منصوبابندي انهن جي هيٺ رهندي آئي آهي، هن موجوده دور ۾ به، جنهن جو سنڌي معاشري تي تمام گهرو منفي اثر پوندو رهيو آهي.
    انهي شروع واري دور ۾ به پي پي جي حڪومت سنڌ جي ادارن ۾ ميرٽ جي بنياد تي ڀرتيون ڪرڻ کي اهميت نه ڏني، جنهن جي ڪري سنڌ صوبي جي ادارن جي ڪارڪردگي متاثر ٿي ۽ انتظامي سطحه تي سماجي بهتري لاءِ انهن ادارن ڪم نه ڪيو، شروع ۾ ته وڏي اڪثريت انهن سنڌي آفيسرن جي چڱي طرح آفيس جو ڪم نه پئي ڪرڻ چاهيو، صرف انهيءَ لاءِ انهن جي خاندان جو پي پي جي حڪومت سان سياسي واسطو آهي، يا انهن آفيسرن جو پيءُ يا ڀاءُ پي پيءَ جو منسٽر آهي، يا ڪو MNA يا MPAهئو، اهڙي طرح ان وقت کان سنڌ جي ادارن ۾ اڪربا پروري ۽ ڪرپشن جو دور شروع ٿيو ۽ انهن ادارن سنڌي سماج جي ترقي ۽ بهبود لاءِ ڪو به اهڙو اهم ڪردار ادا نه ڪيو، پي پي جي ان پهرين دور ۾ ميرٽ نه ٿي، انهن ماڻهن کان ڪم نه ورتو ويو، انهيءَ جا ڪجهه سبب هئا ته سنڌ جي ماڻهن جي تعليم پوئتي پيل هئي، گهڻي وقت کانپوءِ انهن جي سياسي حڪومت آئي، عام ماڻهو هر طرف اميدون رکي تڪڙي مدد لاءِ نهاري رهيا هئا، اهڙن سماجي ۽ سياسي حالتن ۾ حڪومتن کان غلط ڪم ٿي ويندو آهي، بهر حال انهيءَ 80ع جي شروع ۾ سنڌي بيوروڪريسي ٺهڻ شروع ٿي، جنهن جو اڳتي هلي ڪري ڪافي تعداد وڌيو، انهن جي پنهنجي صوبي اندر پر هڪڙي ڳالهه اهم اها به رهي ته ان سنڌي آفيسر کي انهن ادارن ۾ ڪم ڪرڻ خودمختياري نه ملي، نه وري انهن پنهنجي پوزيشن تي ڪم جي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو، نه وري اهي سنڌي ڪامورا سنڌ صوبي جي ادارن کي خودمختيار بڻائي سگهيا، انهيءَ جو سبب انهيءَ ڀرتي جو طور طريقو به هئو جو سياسي ڀرتي ٿي ڪري اڳتي آيا، ۽ اهي سياسي حوالي سان ئي ڪم ڪندا رهيا، اهي ڪڏهن غير سياسي ٿي نه سگهيا، اهڙو لقاءَ تي پاڪستان جي هر صوبي جي آفيسر شاهي جو هئو، پر سنڌ ۾ 16 آنا سرڪاري آفيسرن جي وابستگي سياسي رهندي پئي آئي، جڏهن وري سياسي دور مٽيو جنرل ضياءَ جي آمريت آئي ته سنڌ جي ڀرتي ٿيل سوين آفيسرن کي نوڪرين تان لاٿو ويو، جنهن جو سرڪاري تعلق پي پي سان هئو، باقي جيڪي بچيا انهن پنهنجو پاڻ کي ضياءُ جي خوشنودي ظاهر ڪري پنهنجون نوڪريون بچايون ۽ سنڌ جي عوام دشمني جو ڪردار ادا ڪيو، سنڌي ڪامورن کي به سنڌ جي تاريخ ۾ ظاهر ڪرڻ گهرجي ته ڪهڙيون انهن ڪامورن سنڌ جي ادارن سان دشمنيون ڪيون، سنڌ جا ان وقت ڪجهه ڪامورا تعريف جي لائق به آهن، جن ضياءُ جي آمريت جي ايجنڊا تي ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هئو، ان وقت هڪ اهل قلم ڪانفرنس ڪوٺائي وئي هئي، ضياءُ جي طرفان جنهن ۾ سنڌ جي تمام وڏن اديبن ۽ دانشورن کي به دعوتون اماڻيون ويون هيون، جنهن ۾ علي بابا ۽ سنڌ يونيورسٽي جو پروفيسر ظفر حسين شاهه وڃڻ کان انڪار ڪيو هئو، باقي جن کي دعوت ملي ان ڪانفرنس ۾ اهي سڀ جو سڀ شامل هئا.
    جنرل ضياءُ جي آمريت ۾ سنڌ صوبي جي تقريبن انهن سماجي ۽ معاشي ادارن جي ڀينگ ٿي، انهن ادارن ۾ ويٺل سنڌي ڪامورن کان اهڙو ته ڪم ڪرايو ويو جنرل ضياءُ جي دور کانپوءِ انهن سنڌي ادارن سنڌي عوام جي ترقي ۽ بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو، نتيجن سنڌ جو ادب، ڪلچر، معيشت، تعليم ۽ سماجي ترقي ٻيهر ڪر نه کڻي سگهيو، رهندو انهن ادارن جي انتظامي ڪم يا سماجي ڪردار مڪمل تباهه ۽ برباد ٿي ويو. جنرل ضياءُ جي آمريتي دور ۾ سنڌي ڪامورن پاڻ وڪڻي ڪري سنڌ دشمنيءَ جو ڪردار ڪيو باقي ڪجهه ايماندار آفيسرن کي گهر ويهاريو ويو. اهڙي طرح جنرل ضياءُ جي آمريتي دور ۾ سنڌي عوام جون سماجي ۽ معاشي تڪليفون وڌيون، سنڌ ۾ مختلف قسم جو عوامي احساس محروميون به وڌي ويون، اهو گهڻو ڪجهه سنڌ جي ڪامورا شاهي جي ڪري ٿيو ۽ انهن کان ئي سنڌي عوام دشمني جو ڪردار ادا ڪرايو ويو، ان وقت سنڌ جي ڪامورا شاهي مزاحمت ڪري پئي سگهي، سنڌي ادارن جي بهتري لاءِ پر ان جو هڪڙو خاص سبب اهو هو ته سنڌ جي ڪامورا شاهي جيڪي گهڻي تڻي انهن جاگيردار سياستدانن جي اولاد جي هئي، انهن وٽ اها اهليت موجود ئي ڪو نه هئي، ۽ اهي پنهنجي ڪلاس جي مفاد جي لاءِ ئي ڪم ڪري رهي هئي، جنهن جي ڪري انهن سنڌي ڪامورن کي سنڌي عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ڪو به Siprit موجود ڪو نه هئو، جنرل ضياءُ جي آمريتي دور کان پوءِ اهي سماجي ۽ معاشي ادارا هميشه لاءِ ئي ڪرپشن جي ڪلچر ۾ هليا ويا، انهن ادارن جي بهتري لاءِ سنڌي عوام ۽ سنڌ جي سول سوسائٽي ڪو بهتر ڪردار ادا ڪرڻ ۾مڪمل ناڪام وئي، جڏهن ته سنڌ جي ادارن ۾ بهتري لاءِ گنجائش موجود رهندي آئي آهي، پر ڪي سنجيده سماجي ڌريون اڳتي اچن هان ۽ انهيءَ سرڪاري ۽ انتظامي ادارن ۾ ويٺل ڪامورن جي ڪارڪردگيءَ حوالي سان تنقيد ۽ مزاحمت ڪن هان ته انهن م ڪجهه بهتري جي اميد موجود هئي، ته اهو افسوس سان چوڻو ٿو پوي، ته اهڙو ڪم اڄ ڏينهن تائي سنڌ جي پڙهيل لکيل يا سول سوسائٽي جي ايجنڊا ۾ اهم ٿي نه سگهيو آهي، انهن سڀني سنڌ صوبي جي ادارن ۾ بهتري آڻن جي ضرورت آهي، اهو ڪم صرف هڪ مسلسل سول سوسائٽي جي پريشرسان ممڪن ٿي سگهيو پيو.
    جنرل ضياءُ جي يارنهن سال آمريت جي ڪاري دور جي گذرڻ کانپوءِ سنڌ ۽ پاڪستان جي اندر هڪ دفعو وري پي پي جي حڪومت آئي، ذوالفقار ڀٽي جي ڌيءُ بينظير ڀٽو جيڪا پاڪستان جي وزيراعظم ٿي، سنڌ جي عوام هڪ دفعو ٻيهر توقع ڪئي، ته سنڌي عوام کي سماجي ۽ معاشي حوالي سان ڪجه قسم جو رليف ملندو، اهي سڀ سنڌ صوبي جا معاملات ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت هئي، انهن سنڌي ادارن ۾ خاص بهتري آڻڻ جي ضرورت هئي، جنهن جي ذريعي ئي عام عوامي ڀلائي جي ڪم کي پورو ڪري سگهجي پيو، پر پي پي هن ٻئي دور حڪومت ۾ به ان روايتي انداز ۾ حڪومت ڪئي، ساڳين ڪامورن کي انهن ادارن ۾ ڪم ڪرڻ ڏنو ويو، جنهن جي عوامي ساک ۽ وقار بلڪل به نه هئو، سنڌي عوام ۾ تڏهن به انهن ڪامورن کي اوليت ڏني وئي، پي پي جي دور ۾ انهن ادارن ۾ ڪرپشن جاري ساري رهي، سنڌ اندار ڪنهن به قسم جي ميرٽ تي ڀرتيون ڪرڻ ڄڻ پي پي جي ايجنڊا ۾ نه هئو، ساڳئي انداز ۾ انهن منسٽرن ڪم ڪيو، جيئن ڪي وڏيرا ڪندا آهن، سنڌي عوام جنهن پي پي جي سياسي ۽ پاڪ ستان جي جمهوريت جي بحالي لاءِ گهر ٻار ڇڏي جنرل ضياءُ جي آمريت سان ٽڪراءُ کاڌو، سوين سنڌي عام ماڻهن کي جيلن ۾ وڌو ويو، جڏهن پيپلزپارٽي جي حڪومت آئي ته انهن عام سنڌي ماڻهن ۽ ڪارڪنن جو ڪو به نه ازالو ٿيو ۽ نه ئي انهن جون سماجي حالتون بهتر ٿيون، پي پي ان دور ۾ به سنڌي ڪاموري کي بهتر نه بڻايو، اهي ڪرپٽ ئي رهيا، پي پي جي ان دور انهن امن امان ۽ ڪرپشن جي الزام هيٺ حڪومت کي ختم ڪيو ويو ۽ وري عام چونڊو ٿيون نواز شريف جي حڪومت آئي، هن دور ۾ نواز شريف پي پي جي سياسي دشمني ۾ سنڌ جي انهن انتظامي ادارن جي حالت خراب ڪئي وئي، انهن ادارن ۾ صوبي ٻاهران ڪامورا گهرايا ويا، انهن پي پي جي سياسي واسطو رکندڙ ڪامورن کي گهر ويهاريو ويو، سنڌ صوبي جي سرڪاري ادارن ۾ غير آئيني ڀرتيون ٿيون، ميرٽ جي معيار کي قتل ڪيو ويو، سنڌي نوجوان سان ٻه اکيائي ڪئي وئي، نوڪريون نه ڏيڻ هڪ قسم جو، پر سنڌي نوجوانن کي پنهنجي سنڌ جي ادارن ۾ اوپرو بڻايو ويو، انهيءَ دور نواز شريف ۾ سنڌي ڪامورن پنهنجون سياسي وفاداريون مٽايون، صرف پنهنجي ذاتي ڪرپٽ مفاد لاءِ سنڌي سرڪاري ادارن جون ڪارڪردگيون بلڪل به نه رهيون، نه ئي ڪو عوامي سطح تي انهن ادارن ڪو ڪم ڪيو، سواءِ ڪرپشن جي، وري ٽيون دور آيو، پي پي جي سرڪار جو سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ڪنهن به قسم جي بهتري نه آئي اهي سنڌي ڪامورا ۽ سنڌ صوبي جي وزيرن اهڙو ته لٽيو، ڄڻ هنن کي ڪجهه وقت لاءِ ٽائيم آهي، ته هو مال ميڙي وٺن ۽ وري ناهي ملڻو انهن کي انهيءَ دور ۾ ته پي پي حڪومت ڪرپشن جي حد ڪري ڇڏي، ميرٽ جو تصور کان به ڳالهه چڙهي وئي هئي، هي اهڙو دور هئو سنڌ ۾ جنهن وقت سنڌي نوجوان وڏي اڪثريت سان يونيورسٽيز مان ڊگريون حاصل ڪيون ۽ نوڪرين لاءِ ڦرندا وتندا هئا، ادارن جي ٻاهران انهن تعليم يافته سنڌي نوجوان جي عزتون ڪندا هئا، اهي سنڌي ڪامورا ۽ نوڪري وٺڻ لاءِ انهن نوجوانن کي انهن سرڪاري ادارن مان سنڌي ڪامورن جي طرفان ڌڪا مليا، جنهن ۾ سنڌي نوجوان بيحد مايوس ٿيو، انهن پنهنجون ڊگريون ساڙي احتجاج ڪيو، ۽ وڏي پئماني تي سنڌي پڙهيل لکيل بيروزگاري سبب خودڪشي ڪرڻ لڳا، وڏي سنڌي پڙهيل لکيل نوجوان نشي جي ور چڙهي ويو ۽ سنڌي عام ماڻهو پنهنجي اولاد کي اعليٰ تعليم ڏيڻ کان مايوس ٿي ويا، جنهن جي ڪري اڳتي هلي ڪري سنڌ جي تعليم کي ڪاپاري ڌڪ رسيو ۽ صوبي جي تعليم پرائڻ ۾ تعداد گهٽجي ويو، سنڌ جي تعليم پوئتي پئجي پئي، انهيءَ دور حڪومت ۾ پي پي جي حڪومت هر نوڪري ميرٽ بجاءِ پئسن تي وڪڻڻ لڳا، هر منسٽر پنهنجا هر سنڌ جي ضلعي سطح تي ايجنٽ مقرر ڪيا، ته هو ماڻهن کان هر نوڪري لاءِ پئسا وٺن ۽ انهن کي پهچائن ته نوڪري ڏني ويندي، هر وزير ائين ئي ڪيو، انهيءَ طريقي سان سنڌي نوجوان کي نوڪريون ته مليون، پر پوءِ انهن نوڪرين جي ذريعي پئسا ڪمائڻ شروع ڪيا، ڀلي هو ڪهڙي به سرڪاري اداري ۾ پوزيشن تي ويٺل هئو، انهيءَ ۾ اهو احساس آيو ته هن اها نوڪري پئسا ڏئي ورتي آهي، ته هو ڪرپشن ڪندو، انهيءَ بدلي انهيءَ پوري صورتحال جو نتيجو اهو نڪتو جو سنڌي سوسائٽي پوري ڪرپٽ ۽ وڏي پئماني تي سماجي مافيائون ٺهي ويون، هر ادارو سنڌ جو نانگ بڻجي ويو، جيڪو به عام ماڻهو ڪم ڪار لاءِ ويو پئي، ان جو ڪم سواءِ رشوت جي ناممڪن ٿي ويو، اهو ڪم ڇو ڀلي جائز هجي يا ناجائز، اهڙي طرح سنڌي سماج جي سڃاڻپ مڪمل طرح سان ڪرپٽ بڻجي وئي، عام غريب ۽ پورهيت سنڌي جو معيار زندگي ۾ انتهائي برو ۽ پسمانده ٿي ويو، جنهن جو دادو نه فرياد!
    جڏهن 1997ع ۾ نواز شريف جي حڪومت آئي ۽ پي پي جي حڪومت ڪرپشن جي بنياد تي 1996ع ۾ ختم ڪئي وئي ته نواز شريف سنڌي ماڻهن کي پئسن تي مليل نوڪريون هڪ ئي ڌڪ ۾ ختم ڪري ڇڏيون، هزارن جي تعداد ۾ هر سنڌ صوبي جي سرڪاري ادارن مان سنڌي نوجوانن کي بيروزگار ڪري ڇڏيو، Down sizing پاليسي تحت جنهن جو ڪو ازالو نه ٿيو، سنڌي نوجوانن، انهيءَ پوري صورتحال ۾ سنڌ جي آفيسر شاهي جي ارتقا وائڙي رهي اها ڪڏهن ميچوئر نٿي سگهي، اهڙي طرح سان پوري ملڪ پاڪستان ۾ ڪامورا شاهي جي سڃاڻپ هڪڙي سياسي جماعتن تحت ٿيڻ لڳي ۽ انهن آرمي جي ڪامورا شاهي وري الڳ سڃاڻپ آهي، جنهن جون همدردريون آرمي سان هونديون آهن، جڏهن به ملڪ ۾ آرمي ۽ مارشل رول جي انتظام هوندا آهن، ته پاڪستان ۾ مارشل لا اچي ۽ انهن کي انهن ادارن جون سربراهيون لٽن، اهڙن ڪامورن جو پاڪستان ۾ تعداد تمام گهڻو آهي، خاص ڪري سنڌ ۾ ته ٻين کان به وڌيڪ آهي. 1999ع ۾ پاڪستان ۾ آئين کي ختم ڪري نواز شريف کي معضول بڻائي پاڪستان ۾ آرمي چيف جنرل مشرف مارشل لا کي نافذ ڪيو، مشرف جو تعلق سنڌ صوبي سان هئو ۽ هو هڪ نسلن مهاجر هئو، جنهن جون اوليتون ۽ همدرديون مهاجر نسل جي ماڻهن سان هيون، انهيءَ ڪري هن سنڌ جي ادارن ۾ مهاجر ۽ MQM جي سياسي جماعت جي ڪامورن کي تمام وڏي اهميت ڏني ۽ سنڌ جي هر سرڪاري اداري ۾ مهاجر ۽ اردو ڳالهائيندڙ ماڻهن کي رکيو ويو، انهيءَ وقت ايم ڪيو ايم سنڌ جي وڏي سياسي جماعت ۽ سنڌ اندر سياسي قوت ايم ڪيو ايم کي ٺاهيو ويو، ايم ڪيو ايم جي هر سنڌ صوبي جي سياسي ۽ انتظامي حوالي اڇي ڪاري جي مالڪ بڻي، جنهن وڏي پئماني تي سنڌي ڪامورن کي هٽائي، انهن جي جڳهه تي اردو ڳالهائيندڙ ڪامورن کي آندو، انهيءَ دور ۾ سنڌي ڪامورن کي ڪنهن به قسم جون سرڪاري ترقيون نه مليو، نه وري انهن کي ڪم ڪرڻ جو ڪو Space پئي مليو، اهو پهريون دفعو هئو، سنڌي ڪاموري لاءِ جنهن کي اهو احساس ٿيو ته سنڌي ڪامورن کي سنڌ صوبي جي ادارن ۾ تفريڪ ٿي رهي آهي، انهن کي سنڌي هجڻ جي ناتي انهن کي پوئتي رکيو ٿو وڃي، پر ان سنڌي ڪاموري جي ان احساس ڪو گهڻو ڪم نه ڏيکاريو، ڇاڪاڻ ته انهن جي اهليت کان وٺي انهن جي طبقي تائين، اهو ممڪن ڪو نه پئي ٿيو ته هو ڪي وڏي جرئتمندي سان هو عام سنڌي ماڻهن جي لاءِ ڪم ڪن، سنڌي سماج جي ترقي لاءِ مشرف جي نون سالن جي دور کانپوءِ وري پيپلزپارٽي جي حڪومت آئي، هن ملڪ ۾ اها به زرداري جي قيادت ۾، سنڌ ۾ هن وقت پيپلزپارٽي 2008ع کان حڪومت ڪري رهي آهي، جنهن عام سنڌي ماڻهن کي ٽڪي جو فائدو نه پهتو آهي، سماجي معاشي حوالي سان ويتر هن پيپلزپارٽي جي دور حڪومت ۾ سنڌ جو سڀ کان وڏو سياسي، سماجي ۽ معاشي نقصان ٿيو آهي، جنهن جو ڪو ويجهڙ مستقبل ۾ سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حوالي سان جو پورائو ٿي سگهي، پيپلزپارٽي هن زرداري جي اڳواڻي ۾ سنڌ جا تاريخي نقصان ڪيا آهن، جنهن جي به ڪنهن سنڌي دانشور کي ان جي سڌ هجي، ايندڙ وقت شايد انهيءَ زرداري جي ڪيل سنڌ جو نقصان بهتر ڪاٿو لڳائي.
    هن وقت انٽرنيشل ٽرانسپرنسي جي سروي ۽ رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن ۽ لاقانونيت سنڌ صوبي ۾ ٿي رهي آهي، سنڌ جي ڪامورا شاهي پنهنجي تاريخي حوالي سان نااهليت ۽ سنڌي سماج دشمن ڪردار نڀائيندي اچي پئي، سنڌ صوبي جي سڀني سياسي ۽ سماجي ادارن ۾ ڪرپشن ماضي جي سڀني رڪارڊن کي ٽوڙي ڇڏيو آهي، سنڌ جو ڪو به اهڙو سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارو نه بچيو آهي، جنهن ۾ ڪرپشن نه ٿيندي هجي، پيپلزپارٽي جو اهوئي انداز ۽ رويو آهي، ماضي وانگي ميرٽ لاءِ ادارن ۾ خاندان جو خاندان، قبيلن جا قبيلا ڀرتي ڪيا وڃن ٿا، جيڪو سنڌي سماجي ادارن سان دشمني ٿي رهي آهي، هن وقت انهن مافيائي ڪامورا شاهي جو ڪو به رستا روڪ نه ڪري رهيو آهي،سنڌ ۾ جنهن تمام گهڻو سنڌي سماجي ۽ معاشي نقصان ٿيندو، انهيءَ لاءِ سنڌ جو سياسي سماجي ڌريون اڳتي اچن ۽ انهن دشمن سنڌ ڪامورن جي مزاحمت ڪرڻي پوندي، خاص ڪري سنڌي ميڊيا کي يا سنڌ جي سول سوسائٽي انهن سرڪاري يا غير سرڪاري ادارن ۾ ڀرتيون ميرٽ تي ڪرايون وڃن، ڪنهن به اداري ۾ ڪامورن جون مقرريون سياسي بنيادن تي ڪرڻ کان روڪيو وڃي، اهي جو ڪامورا ادارن ۾ ويهي ڪرپشن ڪري رهيا آهن، انهن کي روڪڻو پوندو، انهن کي عوام اڳيان ظاهر ڪرڻو پوندو، سنڌي سول سوسائٽي خاص ڪري اڳتي اچڻ کپي، سنڌ جي بهتر حڪمراني قائم ڪرڻ لاءِ ۽ انهن ادارن کي سماجي ترقي جو ڪردار نڀائڻ هڪڙي اهڙي قسم جي سڀني ادارن جي Accountancy قائم ڪرائي وڃي، صرف لفظي تنقيد کان هاڻي ڳالهه چڙهي وئي آهي، انهن سرڪاري ادارن ۾ ڪامورن جو گهيراءُ ڪرڻ کپي نه ته معاملا ٺيڪ نه ٿيندا، انهن ڪامورن کان الله جي نالي بهتر ڪم وٺڻ کان ڳالهه چڙهي وئي آهي.


    سنڌ جي تعليم ۽ سنڌي سماج

    ڪنهن به انساني ۽ قومي سماج جي ترقي تيسيتائين ممڪن ٿي نٿي سگهي پئي، جيسيتائين اهو قومي سماج پنهنجي تعليم ۽ شعور جي ترقي نٿو ڪري، هر قومي سماج جي شعور جي ترقي ممڪن ناهي، جيسيتائين ان سماج جي تعليم ترقي نٿي ڪري، سماج جي ترقي جو دارو مدار تعليم جي ترقي سان سلهاڙيل هجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هر سماج هڪ قسم جو منجهيل تضادن جو مرڪب ٿئي ٿو، جنهن ۾ ڪيترائي فرد، ذاتيون، قبيلا، ثقافتون ۽ ويڙها هجن ٿا، جنهن جون وري مختلف روايتون، عقيدا ۽ سوچون ٿين ٿيون، هر انهيءَ سماجي طبقاتي روايت جي حوالي سان هڪڙي ئي سماج ۾ رهندڙ سڀني جو اندار زندگي ۽ روايتون مختلف ٿين ٿيون، انهن جون سماجي گهرجون ترقي ڪرڻ جون سوچون ۽ فڪر به علهده هجن ٿا، تنهن ڪري انهن سڀني فرقن جي حوالي سان جڏهن هڪ قسم جي هڪ فرد کان وٺي ذاتين ۽ قبيلن تائين هڪڙي قسم جا الڳ سماجي ۽ معاشي ضرورتون هجن ٿيون، جڏهن انهن سڀني فرقن سان هڪ رياست هجي يا قومي سماج تڏهن ان سماج ۾ ترقي جو سوال بنهه مشڪل ٿيندو آهي، انهن سڀني سماجي فرقن کي ختم ڪرڻ کان علاوه بغير ڪنهن طاقت جي انهن فرقن سلهاڙي گڏ ڪري سماجي مجموعي ترقي وٺرائڻ لاءِ ان قومي سماج لاءِ تعليم جي تمام گهڻي ضرورت هوندي آهي، جيڪڏهن اهڙن قومي سماجن ۾ تعليم جي ترقي نه ٿيندي ته اهي مخصوص قسم جا سماج انهن تضادن ۾ رهندو ورهائجي ويندا ۽ انهن تضادن تحت سماج جون اختلافي شڪليون اڀري اينديون، تڏهن وري ان قومي سماج ۾ ترقي بجاءِ رهندو تباهي ۽ اختلافات جنم وٺندا آهن، تڏهن وري اهو قومي سماج ترقي ته بلڪل ئي نه ڪري سگهندو آهي، نه وري اها قوم يا سماج دنيا ۾ ترقي يافته قومن جو مقابلو ڪري سگهندي.
    اهڙي طرح ڪنهن به قومي ترقي جو سڌو سنئون تعلق ان سماج ۽ قوم جي تعليم جي ترقي سان هوندو آهي، جنهن به قومي سماج ۾ تعليم جي ترقي جيتري وڌي هوندي آهي، اهو سماج نه صرف ترقي ڪندو آهي، بلڪ انهيءَ قومي سماج ۾ رهندڙ مختلف فرقن وارا ماڻهو ان لائق ٿيندا آهن ته اهو ان رهندڙ سماج مان رنگ، نسل ۽ مذهبن جا فرق ختم ڪري هڪ گڏيل سماج جي ترقي وٺرائن ۽ انهيءَ سماج ۾ هر قسم جي تعصبي فرقن کي ختم ڪري سگهن، صرف ان تعليمي ترقي واري سماج ۾ هڪ فرد يا نسل وارو ماڻهو سماج ۾ استحصالي قوتن جو مقابلو ڪري سگهندو آهي، جيڪڏهن وري هڪ اهڙو سماج جنهن ۾ تعليم جي ترقي بلڪل به نه هجي ته ان سماج ۽ قوم ۾ گهڻن کان به گهڻا اختلافات، تضاد ۽ جڳهڙا ٿيندا آهن، جتي سماجي ترقي جو ته سوچي به نٿو سگهجي، ان غير ترقي تعليم واري سماج ۾ رڳو استحصالي ۽ طبقاتي قوتون ئي ترقي ڪري سگهن ٿيون، عام فرد بلڪل به نه،
    سنڌي قومي سماج به تيسيتائين ترقي ڪري سگهيو جيسيتائين سنڌي سماج ۾ تعليم ۽ ادب جي ترقي ممڪن ٿي سگهي، قومون پنهنجي هر قسم جي دشمن قوتن سان مقابلو تڏهن ڪري سگهنديون آهن، جڏهن اهي قومون ۽ سماج ان لائق بڻجن ٿيو، هر قوم ۽ سماج کي هر وقت هن تاريخ ۾ خطرات رهندا ايندا آهن، ڪڏهن اندروني ته وري ڪڏهن خارجي، اهڙن خطراتن کي منهن ڏيندي هر قوم اڳتي وڌندي آهي، ۽ جيڪا قوم وري پوئتي پيل آهي، تعليم جي ترقي ۾ ته اهي قومون هميشه ٻين طاقتور قومن جي بالادستي هيٺ اچي وينديون آهن ۽ اهي قومي غلامي جي ڪڙي دور کان گذرن ٿيون، جنهن ۾ انهن ڪمزور قومي سماجن جي يقيني بڻجي ويندي آهي، اهي قومون ڪڏهن به ڌارين جي يلغارن جي مزاحمت نه ڪري سگهنديون آهن، جيڪڏهن انهن قومن جي تعليم بهتر آهي، ته انهن قومن جا فرد ۽ سماج اها سگهه هڪ فطري طرح رکي ٿو، ته ان سامراجي قوتن ۽ سماجي استحصالي قوتن جو هو مقابلو ڪري ۽ هو پنهنجي قومي سماج کي آجپو وٺي ڏئي سگهي، سنڌ قومي ترقي جو خواب پورو نه ٿي سگهيو، ڇاڪاڻ سنڌي تاريخي حوالي سان تعليمي ميدان ۾ ترقي نه ڪري سگهيا آهن، جنهن جي ڪري انهن جي سماجي ترقي ناڪام ٿي ۽ ان جي ابتڙ سماج جا اندروني تضاد ۽ اختلافن سنڌي سماج کي هن وقت تمام گهڻ رخن اختلافن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي، سنڌ جي تاريخ ۾ ڏسبو ته سنڌ تاريخ جو گهڻو عرصو هڪڙن حملي آورن ۽ ڌرين جي قبضي هيٺ رهندي آئي آهي، وري ڪو سنڌ جي سماجي تاريخ قومي سماج جو ڏيک ڏنو آهي، جنهن ۾ سنڌي قومي سماجي ترقي جو پسمنظر ملندو هجي!
    سنڌي قومي سماج جيڪو هزارن سالن کان هڪڙن اهڙن سماجي، سياسي ۽ معاشي آفتن کي منهن ڏيندو رهيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخي حيثيت کي مٽائي ڇڏيو، اهڙي سماجي بگيڙ ٿيو آهي، جو ان کي قومي سماج چئي نٿو سگهجي، اڄ به سنڌ کي انهن تاريخي مشڪلاتن کي گهيري ۾ آهي، جڏهن سنڌ جي پنهنجي تاريخي حيثيت ختم ٿيڻ تي هجي، سنڌ هن جديد دور مان گذري رهي آهي، جڏهن ته سنڌ جي سياست کان وٺي سماجي ۽ معاشي حوالي سان حالتون تمام خراب هجن ۽ سماجي پسماندگي تڏهن وري سنڌ جي اندر هر شعبه زنگي ۾ پوئتي پيل آهي، انهن ۾ خاص ڪري سنڌ جي تعليم جيڪا سنڌي قوم جي اڪيلي سر سماجي ترقي جو اهڄاڻ ٿي سگهي ٿي، سنڌ جو مستقبل هن وقت سنڌ جي تعليم جي ترقي سان سلهاڙيل آهي، سنڌ جنهن جي هن برصغير جي تاريخ ۾ هڪ تاريخي حيثيت رهندي آئي آهي، هزارن سالن کان جيڪا تاريخ ۾ هڪ الگ تشخص جي حيثيت به رهي آهي، ته وري هن سنڌ جي آزاد تاريخي حيثيت کي بيروني قوتن سوين سالن تائين ختم به ڪري ڇڏيو، سنڌ جي ويجهي تاريخ ۾ سنڌ 1943ع ۾ انگريز سامراج سنڌ جي آزاد خطي جي حيثيت ختم ڪري هن کي گڏيل هندستان ملائي ڇڏيو هئو، ۽ وري جڏهن ان انگريز سامراج جنهن لاءِ چيو ويندو هئو، ته برطانوي راڄ جو ڪڏهن سج نٿو لهي، آخرڪار ان جو سج لٿو، ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ ۽ سنڌ وري هڪ دفعو ٿوري عرصي لاءِ پنهنجي تاريخي حيثيت کي ختم 1947ع ۾ پاڪستان جو هڪ صوبو بڻايو ويو، جنهن سنڌ جي اڄ تائين حيثيت هڪ صوبي جي رهندي پئي اچي، جنهن وقت سنڌ کي پاڪستان جو صوبو بڻايو ۽ ان سنڌ صوبي جي هن پاڪستان ۾ پنهنجي تاريخي حيثيت کي مڃرائڻ به گهريو ۽ ان صوبي جو عوام پاڪستان جي وقتي حڪمراني کان اها به گهربه ڪئي، ته سنڌ کي پنهنجي تاريخي حوالي سان سياسي، سماجي ۽ معاشي خودمختياري ڏني وڃي، جنهن وقت پاڪستان ٺهيو ته سنڌ جي تعليم جي حوالي سان ڪافي بهتر رهيو، سماجي ۽ سياسي شعور سنڌي سماج ۾ اڄ جي حالتن کان وڌيڪ ترقي ۾ هئو، سنڌ جي عوام جڏهن پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جيڪي پنهنجي سماجي ۽ معاشي حق گهريا ۽ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پاڪستان جي حڪمراني تي مخصوص طبقو جڏهن قابض ٿيو ۽ هن ملڪ ۾جمهوريت بجاءِ انهن طبقن جي حڪمراني قائم ٿي، ته سنڌ جي سياسي ۽ سماجي مزاحمت سنڌي عوام ظاهر ڪئي، اهڙي طرز حڪومت ۽ هڪ مخصوص طبقي جي جنهن جي ڪري سنڌ جي سياسي ۽ معاشي خودمختياري ختم ڪئي، تڏهن سنڌي عوام خاص ڪري سنڌ جونوجوان طبقو ان مزاحمت ۾ تمام گهڻو اڳتي آيو، جنهن سنڌ جي ثقافتي حق وٺي سنڌ جي تاريخي حيثيت جي بحالي لاءِ تمام گهڻي سياسي جدوجهد ڪئي، اهو زمانو هئو، جڏهن پاڪستان جي حڪومت طرفان ون يونٽ پاليسي لاڳو ڪئي وئي هئي ۽ سنڌ صوبي جي حيثيت کي مڪمل طرح سان ختم ڪيو ويو هئو، انهيءَ ون يونٽ پاليسي سنڌ جي ان تاريخي شعور کي بيدار ڪيو، ته سنڌ جي هر سماجي طبقي مان ان ون يونٽ جي خلاف سياسي مزاحمت ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ جا ڪيترائي نوجوان، سماجي ۽ سياسي اڳواڻ حڪومت جي خلاف مزاحمت ڪئي ۽ انهن کي جيلن ۾ وڌو ويو، انهيءَ باوجود سنڌي باشعور عوام ۽ تعليم يافته نوجوان اڀري ڪي سنڌ دوست ڪردار ادا ڪيو، ڀلي ان وقت ڪهڙي به سياسي فڪر سان سلهاڙيل هيو، اها سنڌي سياسي تحريڪ ون يونٽ خلاف هڪ تاريخي مثال قائم ڪيو، جنهن ۾ سياسي پارٽيز، سماجي رهنما ۽ اديب، دانشور ۽ يونيورسٽي ۽ ڪاليجز جي شاگردن گڏجي ڪري وڙهي، ان وقت جي پاڪستاني آمريتي حڪومت انهن سياسي جدوجهد ڪرڻ وارن کي هر قسم جي تڪليف ڏني، پر اهو سنڌي شعور مند طبقو پنهنجي ان آمريت حڪومت اڳيان نه جهڪيو، اهو پورو جو پورو هڪ ڪرشمو هئو، سنڌي تاريخ جي مزاحمت جو اهو انهيءَ لاءِ جو ان وقت سنڌ جو نوجوان تعليم يافته هئو، هو تاريخ جو شعور رکي پيو، ڪنهن به سماجي ۽ معاشي استحصال کي قبولڻ لاءِ تيار نه هئو.
    تعليم جو مقصد به اهو هوندو آهي، ته سماج ۾ هڪڙي مثبت برابري اچي ڪو فرد ڪنهن ٻئي فرد هٿان استحصال جو شڪار نه ٿئي، تعليم سماج جي فردن کي اهڙو سماجي شعور جي ارتقا ڪرائي ٿي، ته هو رنگ، نسلن ۽ ذات جا فرق ختم ڪري هڪ اهڙو انساني معاشرو ٺاهجي، جنهن ۾ اهي سماجي معاشي ويڇا ختم ڪري ڇڏجن، جنهن ۾ سماج جو فرد هڪڙو کلي ۽ آزاد فضا ۾ رهڻ جي قابل ٿئي، ان تعليمي ترقي سماج جي هر فرد کي اها قوت ۽ سگهه بخشي ٿي، جنهن سان سماجي فرد پنهنجي ذاتي ۽ گڏيل مفادن جي حفاظت ڪري سگهي، اهڙي تعليم جي شعور سان هو رهندڙ سماج جي ترقي لاءِ ڪوشش وٺي سگهي، ڪنهن به سماج ۽ ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهن جي آبادي جو وڏو حصو نوجوان تي مشتمل ٿئي ٿو، اهو نوجوان طبقو تعليم يافته ٿي ڪري، اهو پنهنجي سماج جي ترقي لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو، فرض ڪيو ته ايڏي وڏي آبادي جو حصو يا اهڙا ماڻهون جيڪي اڳتي هلي ڪري سماج جي ادارن جو واڳون سنڀاليندا ۽ اهي بلڪل ئي اڻ پڙهيل ۽ بغير ڪنهن زندگي جي هنر کان وانجهيل هوندا، ته اهي ڪهڙيون پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندا، انهن سماجي ادارن جو ڇا ٿيندو، انهن سماجي اڻبرابري کي ڪيئن ختم ڪري سگهبو، ان سماج ۾ رهندڙ انسان دشمن جيڪي غريب ماڻهن جو استحصال ڪن ٿا، انهن استحصالي قوتن کي ڪيئن منهن ڏيندو، انهن سڀني سماجي دشمنن کي منهن ڏيڻ لاءِ صرف ايندڙ نسل جي تعليم يافته هجڻ لازمي آهي، نه ته ڪو به چارو ڪونهي، ته انهن انساني سماج جي لٽيرن ۽ دشمن سان مقابلو ڪري سگهجي، اسان جو سنڌي سماج جيڪو هاڻي هڪ ننڍون ٿيندو پيو وڃي، جنهن جي سڃاڻپ وڏيرا شاهي، سماج جو رت چوسيندڙ مافيائون، هزارين قسمن جو استحصالي قوتون، مخصوص قسم جون اشرافيائون جنم وٺي رهيون آهن، جن سنڌ جي سماجي حالتن کي باهه ڏئي ڇڏي آهي، هڪ اوڏهه وانگي چٽي بوتو بڻائي ڇڏيو آهي، انهيءَ جو آخرڪار ڪير مقابلو ڪندو، سنڌ جي تعليم ڪئي ڏهاڪن کان تباهه برباد ڪري ڇڏي آهي، جڏهن سنڌي نوجوان ون يونٽ جي تحريڪ دوران وڙهيو، ته هن رياست جي آمرن حڪمرانن کي هڪڙي سوچ اچي، وئي ته سنڌ جو اگر مقابلو ڪرڻو آهي، ته انهن جي شعور کي ختم ڪرڻو آهي، انهن جي تعليم کي تباهه ڪرڻو پوندو، ته هي سنڌي انهن جي قبضي هيٺ نه ايندا نه وري اهي اسان جي ڏاڍ کان ڊڄندا، تنهن ڪري سنڌين جي تعليم کي پهريان تباهه ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته هن وقت دنيا جي قومي سماجن جي ترقي جو مقابلو صرف تعليم جي حوالي سان ئي ڪري سگهجي ٿو، جنهن قوم جا نوجوان وڌيڪ باصلاحيت وارا هوندا اهي ئي ترقي ۾ ڪاميابي ماڻي سگهندا، باقي جيڪي قومون پنهنجي نوجوان ۽ ايندڙ نسل کي تعليم نٿو ڏئي، اهي نوجوان نسل انهن قومن ۽ سماجن تي بوجهه بڻجي بيٺا هوندا ۽ انهن جو پيٽ پالڻ ئي دشواري هوندو، ڏکن ايشيا جي سياست تمام وڏي ڏاهي عائيشه جلال جنهن جو تعلق هڪ پنجاب سان آهي، اصل ان پنهنجي ڪتابAuthurtatianism In South Asia ۾ لکيو آهي، ته پاڪستان رياست ٺهڻ کان وٺي پاڪستان جي حڪومت هميشه کان ان ڪوشش ۾ رهي آهي، ته سنڌ جي تعليم کي تباهه ڪجي، ته جيئن سنڌ جو ماڻهو ملڪ ۾ ڪامپيٽ مقابلو ڪرڻ جي لائق نه رهي، اهو عائيشه جلال جو تجزيو 16 آنا حقيقت تي ٻڌل آهي ۽ انهيءَ تجربي مطابق اهو سچ ثابت ٿيو اڳتي هلي ڪري هن آمريتي ۽ حڪمران طبقي اهڙيون تعليمي دشمن پاليسيون ٺاهيون جو سنڌ جي تعليم تباهه ۽ برباد ٿي وئي ۽ سنڌ جو پورو نسل نااهل ٿي ويو، جنهن ۾ ڪا سگهه ئي نه رهي آهي ته هو سماجي ۽ معاشي استحصالي قوتن جو هاڻي مقابلو ڪري سگهي، اڄ سنڌي سماج جون جيتريون، سماجي، سياسي ۽ معاشي برايون آهن، انهن جو سبب به سنڌ جي تعليم جي تباهي جي ڪري آهي، سنڌ ايوب جي آمريتي دور کان نڪتي ته وري اهڙي جنرل ضياءُ جي آمريت ۾ ڦاٿي، جنهن به جهڙو آخري تباهي سنڌي سماج جي ڪئي، سنڌي سماج ۾ هر قسم جو مافيائون لاٿيو ۽ پيدا ڪيون، خاص ڪري تعليم جي شعبي ۾ نه هن ڀينگ ڪئي، استادن جي يونين ۾ اهڙا مافيائي اڳواڻ اڀريا جنهن تعليم دشمن جو ڪردار ادا ڪيو، انهن کي اهو پتو ئي نه پيو ته هو ڇا ڪري رهيا آهن، استادن جو يونينز ۾ ڌڙي بازيون ڪرايون ويون، انهن کي ويڙايو ويو، اهڙي Cheap قسم جي استادن جي يونين ۾ اڳواڻپيدا ڪيا ويا، جنهن رڳو تعليمي ادارن ۾ هڙتالون ڪرايون ۽ اسڪول ۽ ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز کي بند ڪرائي مهينن تان هڙتال ٿيا، جنهن ۾ سنڌ جي تباهي ٿي، شاگردن جي يونين تي پابنديون وڌي ويون ۽ ڪاليجن ۽ يونيورسٽيز جي اهڙن گنڊن شاگردن کي پئسا ڏنا ويا هٿيار ڏنا ويا، جنهن انهن انقلابي شاگردن سان ويڙهايو ويو، جيڪي جنرل ضياءُ جي آمريت خلاف مزاحمت ڪري رهيا هئا، سنڌ جي سماجي اڻ برابري ان جي ٻولي ۽ معاشي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هئا، اهڙي انهن استاد تنظيمن جو به انقلابي ڪردار رهيو، ون يونٽ جي تحريڪن ۾ ضياءُ جي آمريت خلاف پر اڳتي هلي ڪري جنرل ضياءُ جي آمريتي دور اهڙي سوچي سمجهي منصوبابندي ڪئي وئي، جو انهن استادي يونين جي شڪل ئي مٽجي وئي، اهي ان انقلابي ڪردار کان هٽي وڃي تعليم دشمن يونين ٿي ويون، هڪڙو ان ضياءُ جي آمريت ۽ ٻي وري اڄ به سنڌ ۽ ان جي تعليم سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ اڄ به ضياءُ جي باقيات گهر ڪري ويٺي آهي، اڄ به انهن استادن ۽ شاگردن جي يونين ۽ سياست ۾ انهيءَ جنرل ضياءُ جي باقياتون جاري ساري آهن، جيڪي هنن تعليمي ادارن کي اسرڻ ئي نٿا ڏين، اڄ به هن ملڪ جي اصل حڪمرانن جو سنڌ جي تعليم لاءِ ساڳيو مائينڊ سيٽ آهي، انهيءَ تحت سنڌ جي تعليم جون پاليسيون ٺاهيون وڃن ٿيون، اهڙي ئي قسم جا تعليم جي شعبي ۾ آفيسر شاهه کان وٺي استادن جي ڀرتي ڪئي وڃي ٿي، انهيءَ قسم جو تعليم دشمن استاد يونين جا اڳواڻ هٿ وٺي آندا وڃن ٿا ۽ اهڙي ئي قسم جا غير سياسي ۽ جاهل شاگرد جن کي هر قسم جي ڇوٽ ڏئي ۽ هٿن ۾ هٿيار ڏئي عام شاگردن کي هيسائي تعليم دشمن ماحول پيدا ڪرايو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته انهن آمريتي حڪمرانن اڄ به سنڌ جي ماڻهن سان ٻه اکيائي بند نه ڪئي آهي، ۽ انهن کي سنڌ جي تعليم ۽ انهن مان پيدا ٿيندڙ ذهنن کان مزاحمت جو خطرو موجود آهي، انهن آمريتي قوتن کي هن ملڪ کي بندوق جي نوڪ تي ئي هلائڻ جو ئي سوچيو آهي، جنهن لاءِ هن ملڪ ۾ رهندڙ هيسايل ۽ خون چوسيل ماڻهن کي ڪڏهن تعليم ناهي ڏيڻي، هن ملڪ ۾ جمهوريت جي لاءِ ڪا جڳهه ناهي، هن ملڪ ۾ جمهوريت ناهي هلائڻي، هتان جي عوام کي ڪي به سياسي ۽ سماجي حق ناهن ڏيڻا، جيڪي ماڻهو پنهنجا سياسي سماجي ۽ معاشي حق گهرندا، انهن جو حشر انهن ڪارن ۽ بندرن بنگالين جهڙو ٿيندو، انهن وٽ ائٽم بم آهن، جديد ڪروز ميزائل آهن، هو ڪجهه به ڪري سگهن ٿا، انهن کي فخر آهي جابر جي بربريت تي، جنهن هندستان لتاڙيو ۽ لٽيو، انهن کي فخر آهي، غوريءَ تي، جنهن قومن جي تهذيبي سماج جي گهوڙن جي سنمبن سان ڌوڙ اڏائي، ڇا وڙهندو اڻ پڙهيل ڏٻرو پيرن اگهاڙو سنڌي انهن نادر شاهي تمغن سان.


    انقلابي ڇلانگ

    سنڌي سماج سون ۽ هزارن سالن کان ڪنهن انقلابي تبديلي جي انتظار ۾ رهيو آهي، هڪ اهڙو سماجي انقلاب جنهن سان پوري سماجي ڍانچي کي تبديل ڪري هڪ نئي سماج جي ڍانچي جي جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، جنهن جي ذريعي سنڌي سماج جي هڪ نئين سر سان اوسر ٿي سگهي، وقت ۽ تاريخي حالتن جي مطابق سنڌي سماج معاشي حوالي سان ترقي ڪري سگهي هان، منهنجو هت سماجي انقلاب مان مراد آهي ته سنڌ سماجي انقلاب هڪڙو سياسي انقلاب جي ذريعي اچڻ گهرجي هان، دنيا جي ڪنهن به قومي سماج انقلاب هڪ سياسي انقلاب کانسواءِ ممڪن نٿو ٿي سگهي، اهو سياسي انقلاب ئي هڪ سماجي ۽ معاشي انقلاب برپا ڪندو آهي، اڄ تائين دنيا جي ڪنهن به قومي سماج ترقي نه ڪري سگهيو جيستائين انهيءَ سماج ۾ سياسي انقلاب نه آيو هجي، هن وقت به دنيا جون اهي ترقي يافته قومون جيڪي هن وقت تمام گهڻيون طاقتور آهن، سماجي ۽ معاشي حوالي سان انهن ۾ هڪڙي وقت زبردست قسم جو سياسي انقلاب آيو هئو، ان ذريعي انهيءَ قومي سماج جي تاريخ کي نئون رخ ڏنو، سياسي ڍانچو ان قومي سماج جو تبديل ٿيو، انهن نون سماجي ۽ معاشي فڪرن تحت سماج ٺاهيو، جنهن جي ذريعي ان سماج ۾ رهندڙن جون سماجي ۽ معاشي حالتون بدليون ۽ فردن ترقي ڪئي، ڪوبه سياسي سماجي انقلاب ڪڏهن به قوم ۾ تڏهن ايندو آهي، جڏهن ان سماج ۾ رهندڙ ماڻهن ان موجوده سسٽم کان بيزار ٿيندا آهن، اهو سسٽم انهن ماڻهن جي وقت ۽ حالتن مطابق زندگي جون ضرورتون پوريون نه ڪري سگهندو آهي، اهو سسٽم جيڪو هڪ فرد کان وٺي ان سماج ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن جي سماجي ۽ سياسي آزادي جي اجازت نه ڏيندو آهي ته کيس وٺندي آهي، تڏهن ان سماج جا ڪي مدبر ماڻهو، ڏاها شخص، نئين سوچ وارا سماج جي سڀني انهن ماڻهن کي سماج بدلائڻ لاءِ اتساهيندا آهن، جن ماڻهن جو اهو سماجي ڍانچو انهن کي غلام بڻائيندو آهي، انهن کان سماجي آزادي کسي وٺندو آهي، انهن ماڻهن جون ان سماج ۾ معاشي حالتو بگڙيل هونديون آهن ۽ ان ئي پوئتي پيل سماجي ڍانچي ۾ رڳو استحصالي قوتون ئي طاقتور ٿي رهيون هونديون آهن، تڏهن انهن انقلابي سوچ رکندڙ ڏاهن نئون سماج ٺاهڻ ۽ جوڙڻ لاءِ سياسي انقلاب لاءِ اٿي کڙا ٿيندا آهن ته ان قومي سماج ۾ نئون سماجي ڍانچو جوڙڻ جيڪو عام ماڻهن جي زندگيءَ ترقي جو پورائو ڪري سگهي، انهن ماڻهن کي ان استحصالي قوتن کان جان آجي ڪرائجي ۽ هڪ اهڙو سماجي ۽ معاشي جهان جوڙي جو ان سماج ۾ رهندڙن سماجي ۽ معاشي بدلجي ۽ ان سماج ۾ سڀني جي لاءِ ترقي ٿي سگهي، اهڙي طرح ڪنهن به قومي سماج جي ڪا انقلابي ترقي ٿي سگهي، اهو ئي سماج ان انقلاب کانپوءِ هو تاريخي سماج ترقي جي ڇلانگ لڳائڻ جي قابل ٿيندو آهي تاريخ ۾.
    اهڙا سماجي انقلاب هن دنيا ۾ قومن جي تاريخ ۾ ڪئي آيا، تڏهن ئي انهن قومن جي سماجي ۽ معاشي ترقي ممڪن ٿي سگهي، دنيا جي ڏاهي سماجي مفڪر ڪارل مارڪس جي مطابق ته انساني تاريخ هميشه طبقن جي تضادن ۽ اختلافن جي رهي آهي، انهن طبقاتي اختلافن ئي انساني سماج جي تاريخ کي بدلايو آهي ۽ اڳتي وٺي آيا، انساني سماج کي انساني تاريخ ۾ تمام وڏا گهڻ رخا انقلاب 18 هين صديءَ جي آخري سالن ۾ آيا، اهڙا انقلاب هن انساني تاريخ ۾ ڪڏهن به نه آيا، جنهن جي ذريعي انساني ۽ قومي سماجن جي ايڏي وڏي ترقي ممڪن ٿي سگهي هجي.
    اهي انساني تاريخي جا وڏا انقلاب سمجهيا وڃن ٿا، جن انساني سماجن جون حالتون بدلايون ۽ اهي هڪ اهڙا انقلاب هئا، جنهن عام ماڻهن جي زندگي انهيءَ غلاماڻي سماج کان آجي ڪرائي ۽ انهن سماجن ۾ رهندڙ عام ماڻهن جون سماجي ۽ معاشي حالتون بدلايون، انهن کي سماجي آزادي نصيب ٿي اهڙا انقلا انساني تاريخ ۾ شايد ڪڏهن نه آيا هئا، اهي انقلاب جنهن جو اسان هت ڳالهه ڪري رهيا آهيون، اهو انقلاب آمريڪا ۾ آيو ۽ ان کانپوءِ فرانس انقلاب جيڪو انساني تاريخ وڏو سماجي انقلابي سمجهيو وڃي ٿو، ان کانپوءِ انهن انقلابن جو اثر پوري دنيا جي قومي سماجن تي پيو، جنهن جو خاص اثر فرانس جي ڀر وارن قومي سماجن تي پيو، انهيءَ ۾ جرمني ۽ اٽلي ۽ ٻيا کوڙ سارا يورپ جي قومن جا سماجي انقلاب برپا ٿيا، ان فرانس جي سماجي انقلاب کان بعد يورپ جي قومي سماجن جا اهي تاريخي انقلاب هئا، جو انهن سماجي ۽ معاشي انقلاب يورپ جي خاص ڪري مغربي يورپي قومن جي تاريخ ئي بدلائي ڇڏي، انهن قومن انقلابن کانپوءِ ئي انهن جي سماجي ايڏي وڏي معاشي ترقي ممڪن ٿي سگهي، جيڪا اڄ اسان 21 هين صديءَ ۾ ويهي ڏسون ٿا. انهن انقلابن کان پهرين آمريڪي سماجي ۽ معاشي حالتون به هڪ قسم جي غلامانه هيون، آمريڪا جي ملڪ ۾ ته انقلاب کان هڪڙا خطرناڪ قسم جي خانه جنگي وڏي عرصي تائين هلندي رهي هئي، ان کان علاوه آمريڪا هڪڙي برطانوي سامراج جي ڪالوني هئي ۽ جڏهن 1776ع ۾ آمريڪا جو انقلاب آيو، جنهن انقلاب آمريڪا جي سماجي ۽ معاشي قسمت بدلائي ڇڏي، اهو پوئتي پيل ۽ خانه جنگي جي ور چڙهيل آمريڪا سماج هڪ اهڙي وڏي سماج ترقي جي ڇلانگ لڳائي جو آمريڪا ان انقلابي سماجي ترقي کان پوءِ ٿوري عرصي ۾ دنيا جو سپر پاور ٿي اڀريو، ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ.
    اهڙو ئي انقلا يورپ جي هڪ خاص ملڪ ۾ آيو، جنهن کي فرانس سڏيون ٿا، فرانس انقلاب 1779ع ۾ آيو، فرانس انقلاب دنيا جي انقلابن جو نصيب بڻيو، پوري دنيا جي سماجن ۽ قومن لاءِ مثالي ٿي اڀريو، اهڙي فرانس جو انقلاب جيڪو 200 سال گذرڻ کانپوءِ دنيا جي قومن جي انقلاب لاءِ هڪڙي رهنمائي بڻيل آهي، انهيءَ فرانس جي سماجي انقلاب جنهن يورپ جي تاريخ جا رخ ئي موڙي ڇڏيا، ان فرانس جي انقلاب بعد يورپ جي ڪنهن به ملڪ ۾ اهي شهنشاهي سلطنتون قائم نه رهي سگهيون ۽ يورپي قومي سماجن ۾ انقلاب ۽ تبديليون هڪ هڪ سيڪنڊ حساب آيون، اهو يورپ جي تاريخ جو هڪ لمحه فڪر هئو، انهن سماجن ۾ انقلاب هڪ آنڌي وانگي آيو، جنهن يورپ جي سماجن جي هزارن سالن جي پوئتي پيل سماجي تاريخ کي بدلائي ڇڏي، تڏهن يورپ جي سماجن ۾ رهندڙ فردن هڪ نئين سماج ۽ معاشي روح سان اٿي کڙا ٿيا، انهن انقلابن کانپوءِ فرانس جو انقلاب ڄڻ ڪو ريل جي انجڻ هجي ۽ ٻيا قومي انقلاب ان انجڻ جون بوگيون هجن، سنڌي قومي سماج جنهن جي تاريخ ۽ تمدن جي ترقي لاءِ هڪ اهڙي فرانسيسي جهڙي سماجي انقلاب جي ضرورت آهي، هڪڙي چائني 1949ع جهڙي انقلاب جي ضرورت آهي، اهي ٻئي انقلاب هڪڙي خاص قسم جي تاريخ ۾ گهڻي مماثلت رکن ٿا، سنڌ جون هن وقت سماجي ۽ معاشي حالتون به انهن ملڪن جي انهن انقلابن کان پهريان جهڙيون آهن، جنهن ۾ هر قسم جون سماجي برايون، معاشي استحصالي قوتون، جاگيردارانا نظام ۽ روايتون ۽ سوچ اهي ئي پوئتي پيل مذهبي قوتون ۽ سوچون اهڙو ئي خاص قسم جو سياسي مافيائون جيڪي سنڌي قومي سماج جو تاريخي تمنڊن جو گرئي چوسي ويون آهن، سنڌي سماج ۾ رهندڙ فردن ۽ ماڻهن جون اهڙيون سماجي ۽ معاشي بدحاليون هلي رهيون آهن، جهڙي طرح فرانس جي سماج ۾ انقلاب کان اڳ ۾ انهيءَ حالتون جي پورو احوال اسان کي ان وقت جي فرانسيسي ادب مان ملي سگهن ٿيون، اهڙي طرح اسين جڏهن چائنا جي ادب جو ان انقلاب کان اڳ جو مطالعو ڪنداسين ته اهڙيون ئي سماجي حالتون هيون چائنا جي عام ماڻهن جون جيڪي هن وقت سنڌي سماج جون سماجي حالتون آهن.
    سنڌي سماج تاريخي حوالي سان ڪجهه اهڙين مخصوص تاريخي مرحلن مان گذريو آهي، جنهن جون ثقافون ۽ تمدن تبديل ٿي ويون آهن، سنڌ جي قومي سماج ۾ ڪي هزارن سالن کان ڪنهن به قسم جون خاص سماجي ۽ معاشي بدلاءِ نه آيو آهي، جنهن جي ڪري سنڌي سماج جون حالتون، روايتون ۽ سماجي جدت نه اچي سگهي آهي، جو هن سماج کي نون سماجي ۽ معاشي فڪرن تحت بيهاري سگهجي، هڪ ته سنڌ جي هزارن سالن کان ئي ڌارين ۽ سامراجي قوتن سنڌ جي تاريخ جا نشان ئي ڊاهي ڇڏيا، سڌي سماج جي تاريخي حيثيت ئي بدلائي ڇڏي آهي، جنهنجي ڪري هن وقت سنڌي سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جي سوچ کي متضاد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي سڃاڻپ ڪرڻ ئي مشڪل آهي، تاريخي حوالي سان هاڻي ڀلا ڪيئن ممڪن آهي، انهن حالتن ۾ سنڌي سماج کي ترقي وٺرائڻ، هن وقت سنڌي سماج جي ترقي جو هڪڙو ئي رستو بچيو آهي ته سنڌ جي سماجي حالتن جو بدلاءَ هڪ انقلابي سوچ جي رفتار سان ڪجي باقي ٻيو ڪو حل ئي ڪونهي، سنڌي قومي سماج جي ترقي لاءِ، ڇو ته هن وقت سنڌي سماج کي دنيا جي تبديل ٿيندڙ سياسي، سماجي ۽ معاشي فڪرن سان سلهاڙڻون پوندو، تڏهن ئي هي سماج ۽ ان رهندڙ ماڻهن جي تاريخي حيثيت کي بحال ڪري سگهجي ٿو، تڏهن ئي هن جون سماجي معاشي حالتون ترقي ڪري سگهن ٿيون، هن وقت جيڪي سنڌي سماج جون دشمن قوتون آهن انهن کي ختم ڪرڻ کانسواءِ اهو ڪڏهن ممڪن ڪو نه ٿيندو ته سنڌي قومي سماج نئين سر سان ترقي ڪري سگهي ۽ پنهنجي تاريخي حيثيت کي بدلائي سگهي، انهيءَ ايڏي وڏي سماجي انقلاب لاءِ هڪڙي اهڙي انقلابي سماجي ڌرين کي گڏيل ڪوشش وٺڻي پوندي، جنهن ۾ سنڌ جو اديب، سياسي سماجي دانشور کي اڳتي اچڻو پوندو، باقي سماج جي پوئتي پيل طبقي يا ماڻهن کي انهن انقلابي تبديلي لاءِ سلهائڻو پوندو، انهن عام ماڻهن جي انقلابي رهنمائي ڪرڻي پوندي، انهن سنڌي قوم جي موقعي پرست ۽ استحصالي قوتن جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن کي سنڌي سماج جي دشمن قوتن طور سامهون آڻڻ جي ضرورت پوندي، تڏهن ئي انهيءَ انقلابي ڌارا کي سماج ۾ اثرائتو بڻائي سگهبو. سماجن جي انقلاب جي تاريخ ۾ اها روايت رهندي آئي آهي ته اهي موقعي پرست طبقي انقلاب جي شروع واري مرحلي ۾ انهن سماجي انقلابن جي تحريڪن جو حصو ٿي ويندا آهن ۽ جڏهن وري انهن قوتن کي وارو ملندو آهي ته انقلاب دشمن ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪندا آهن. اهڙي طرح انهن سماجي انقلابن جي، اهي موقعي پرست گروهه چيلهه چٻي ڪري ڪري ڇڏيندا آهن، يا وري انهن سماجي انقلابن جو رخ ئي موڙي ڇڏيندا آهن. اهو سڀ ڪجهه دنيا جي هر قومي انقلاب جي تاريخ ۾ رهيو آهي، شروع شروع ۾ فرانس جي انقلابي تحريڪ ۾ به ايئن ئي ٿيو پر پوءِ اهي ماڻهون سڃاتا ويا، انهن کي ڪچليو ويو، اهڙا کوڙ نام نهاد انقلابي ماڻهو فرانس جي انقلابين سان گڏ هئا، پر وقت اچڻ تي اهي ظاهر ٿي پيا، فرانس جي انقلاب ۾ شروع ۾، اهي وڏا انقلابي سمجهيا ويا هئا پر انقلابي مرحلي دوران انهن جا پول پڌرا ٿي ويا ۽ انهن انقلابي سمجهندڙ ۽ مشهور ماڻهن کي چونڊي چونڊي انهيءَ تيز ڌار واري ڪات ۾ انهن جي منڍي ڌڙ کان الڳ ڪئي وئي هئي، جيڪي سون ۽ هزارن جي تعداد ۾ هئا، انهن ۾ ڪي فرانس جا انقلابي سرواڻ روبنسپيئر جنهن کي اڳتي هلي ڪري انهيءَ کي ان مشهور ڪات سان ڪٽيو ويو، اهڙي طرح اسان کي دنيا جي ٻين سماجي انقلابن ۾ به اهڙا مثال ملندا، جهڙوڪ جرمن جي 1848ع واري انقلاب دوران ٿيو، جيڪو انقلاب ناڪام ٿيو هئو،صرف اهڙن موقعي پرست اڳواڻن جي ڪري، هو موقعي پرست اڳواڻ عام انقلابي ماڻهن جي جدوجهد کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ تيار ئي ڪو نه هئا، نتيجي ۾ جرمني جو 1848ع وارو انقلاب ناڪام ٿي ويو ۽ پنهنجي سماجي تبديلي واري خواب کي پورو نه ڪرائي گهيو، ساڳئي طرح سان چائنا جي انقلاب دوران اهڙا مرحلا آيا، جو انقلاب اڳتي وڌڻ ئي ڇڏي ڏنو، جيسيتائي انهن حقيقي انقلابي اڳواڻن انهن موقعي پرست ماڻهن کي انقلابي تحريڪ کان الگ نه ڪيو. ڪڏهن ڪڏهن پر اڪثر اهڙي موقعي پرست سماجي دشمن ماڻهون انقلاب جي اچڻ کانپوءِ به انقلاب کي ناڪام ڪندا آهن، جنهن جو مثال اسان کي دنيا جي وڏي روس انقلاب جو مليو جيڪو اڳتي هلي ڪري انقلاب ناڪام ٿي ويو. هن وقت سنڌ جي اندر جيڪي سياسي ۽ سماجي قوتون يا جماعتون آهن يه خود سنڌي سماج جو هڪ مسئلو بڻيل آهن، جيڪي سنڌي سماج ۽ معاشي حل ڪرڻ جي بجاءِ سنڌي سماج ۾ ماڻهن لاءِ مسئلا پيدا ڪيا آهن، انهن سڀني سنڌي قومي سماج جي سياسي سماجي مسئلن کي وڌيڪ مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي، اهي سموريون سياسي ۽ سماجي ڌريون موقعي پرست ۽ استحصالي قوتون بڻجي ويون آهن، سنڌي قومي سماج ۾ جيسيتائين انهن جي ڪو پاڙ نه پٽيندو، تيسيتائين، اهي سڀ نام نهاد ڌريون يا قوتون سنڌي سماج کي اسرڻ ئي نه ڏينديون ۽ نه وري سنڌي سماج ان سماجي انقلاب جي ڇلانگ لڳائي سگهندو ۽ نه وري سماجي ۽ معاشي ترقي سنڌ جي ممڪن ٿي سگهندي، جڏهن جڏهن به سنڌ جي پڙهيل طبقي سماجي حالتن جي تبديلي لاءِ سياسي سماجي ويڙهه وڙهي، تڏهن تڏهن انهن موقعي پرست سياسي ۽ سماجي قوتن سنڌ سياسي هلچل کي وڪڻي ڇڏي يا ان جو رخ ئي بدلائي ڇڏيو، اهو سڀ ڪجهه تڏهن به ٿيو هو، جڏهن سنڌ جي عام ماڻهن انگريزن سان بغاوت ڪئي يا وري سنڌي ماڻهن جڏهن ون يونٽ جي خلاف تحريڪ هلائي، اهڙن موقعي پرست قوتن انهيءَ عوامي جي هلايل ون يونٽ جي تحريڪ کي وڪڻي تين وال ڪري ڇڏيو، انهن موقعي پرستن پنهنجا ذاتي ۽ گروهي فائدا وٺي مڇن کي تيل هڻي پنهنجا ذاتي فائدا وٺي گهمندا رهيا ۽ سنڌي عام ماڻهن جي سماجي تبديلي جو ڪجهه به نه ٿيو، اهڙو ٻيو مرحلو سنڌي عام ماڻهن جي سماجي تبديلي لاءِ هلايل جدوجهد جنهن کي MRD تحريڪ سڏيون ٿا، جيڪا 1983ع ۾ وڙهي وئي، ان جو ڪهڙو سماجي معاشي عام ماڻهن کي فائدو مليو، اهڙا کوڙ سنڌي ماڻهو سماجي ۽ معاشي تبديلي لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا، انهيءَ MRD تحريڪ ۽ مذاهمت دوران سوين عام سياسي ۽ انقلابي ڪارڪن ماريا ويا ۽ هزارين عام ۽ هيٺئين طبقي جا سياسي ڪارڪن جيلن ۾ بند ڪيا ويا، ان وقت جي آمريت حڪومت طرفان، انهيءَ سنڌي عوام جي مذاهمت ۽ جدوجهد باوجود به ڪا سماجي تبديلي نه آئي، سنڌ جي عام ماڻهن لاءِ انهن نام نهاد سياسي، سماجي اڳواڻن ڀڳڙن مٺ تي سنڌي ماڻهن جي هلايل سياسي جدوجهد کي بيسود بڻائي ڇڏيو، اهڙائي سياسي سماجي موقعي پرست اڳواڻ اڄ به سنڌ ۾ وڏي اڪثريت سان ويٺا آهن، چوڪيدار بڻجي ته سنڌ جي سماجي ترقيءَ لاءِ عوامي جدوجهد کي ختم ڪرڻ ۽ اهڙين سماجي هلايل جدوجهد کي پيٽ ۾ موقعي پرستي جو ڇرو هڻڻ لاءِ، اهي اڄ به سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ادبي جماعتن ۾ وڏي پئماني تي گهڙيا ويٺا آهن ۽ سنڌ جي عوام جي ننڍين ننڍين تحريڪن ۽ جدوجهدن کي وڪڻي ۽ پنهنجي انفرادي فائدن جو سوچي رهيا آهن. هن وقت سڀ سياسي، سماجي يا ادبي لڏي جون قوتون يا اڳواڻ سنڌي سماج جي اسرڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن يا انهن ۾ اڪثريت انهن موقعي پرست قوتن جي آهي، جيڪي ڪڏهن به سنڌي سماج ۾ انقلاب ۽ تبديلي کي اچڻ نه ڏيندا، جيسيتائين ڪا حقيقي سماجي ۽ سياسي قوت اهڙن سماجي دشمن قوتن کي ختم نٿي ڪري تڏهن ئي ممڪن ٿيندو ته ڪا سنڌي سماج ۾ ڪا تبديلي اچي ۽ سنڌ جو هزارن سالن جو پيڙهيل طبقي کي ڪا خوشحالي نصيب ٿئي.


    ٿر ۾ آيل آفتن جي پٺيان سازشون

    سنڌ جون سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتون اڄ جي ڏينهن ۾ به اسان جون ڪنهن آفريڪا جي پوئتي، ايٿوپيا، سوماليا ۽ ڪانگو جهڙن ملڪن کان گهٽ نه آهن، جتي نه ڪي حڪومتون ڪم ڪنديون هجن نه ڪي سياسي ۽ سماجي ادارا، عام ماڻهن جون سماجي ۽ معاشي حالتون خانه جنگي جهڙيون هجن.
    سنڌ ۾ به گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان سنڌ جو عوام به هڪڙي خانه جنگي حالتن ۾ رهي رهيو آهي، جتي رڳو موت راڪاس وانگي عام ماڻهن تي ڦيرا ڏيندو رهي ٿو، جتي نه ڪا حڪومت نالي ڪا شيءِ آهي ۽ نه وري ڪو عام ماڻهن جو ڪو ڌڻي سائين.
    سنڌ جي ٿر واري حصي ۾ گذريل ڏهاڪو کن سالن کان ڏڪار جون حالتون رهنديون پيون اچڻ، جتي وڏي پئماني تي نقل مڪاني ٿيندي پئي اچي، اسان سنڌي ماڻهون ايترا ته بي خبر آهيون جو پنهنجي حالتن کان جنهن جو اڳتي هلي ڪري ڪو ازالو ئي نٿا ڪري سگهون، جڏهن گذريل ڪجهه سال اڳ وڏي پئماني تي ٿر جي علائقي ۾ رهندڙ خوبصورت پکين، مورن ۽ ٻين قدرتي خوبصورت رهندڙ جانورن ۽ پکين ۾ موت پيو هئو، تڏهن ئي اسان کي اندارزو ڪري ڇڏڻ گهرجي هان ته اهو موت جو راڪاس مور پکين کانپوءِ انساني جانيون ڀي ڳڙڪائيندو، اها هڪ عام فهم جهڙي ڳالهه آهي ته تاريخ ۾ ته ڪا به انساني تباهي بربادي ۽ موت اچڻ کان پهرين اها توهان جي ارد گرد جي ماحول کان شروع ٿيندي، جانورن، پکين ۽ ماحوليات جي تباهي جيڪا پوءِ انساني سماج تي اثر پوڻ شروع ٿي ويندا آهن، اڄ جڏهن ٿر ۾ ننڍڙن معصوم ٻارن تي پئي آهي جيڪي تمام ڪمزور انساني حياتيون آهن، اها ڪهاڻي اتي رڪڻي نه آهي ته ٿر ۾ هزارين ٻار مري ويا اچانڪ، اهو سلسلو ٿر جي تباهيءَ جو تمام گهڻو اڳتي وڌندو ۽ هزارين قسم جي مصيبتن جي شڪلن ۾ رونما ٿيندو، گذريل سال به هزارن جي تعداد ۾ سنڌ جا معصوم ٻار ارڙيءَ جي ڦهليل وبا ۾ ننڍڙا ٻار ان جو شڪار ٿي مري ويا، اڄ اهو قصو سنڌ جي اندر اڳتي وڌيو آهي ۽ اهڙي قسم جون وبائي شڪليون سنڌي سماج ۾ توهان اسان کي ڏسڻ لاءِ ملنديون.
    هيءُ جيڪو لقاءُ آهي، اهو صرف سنڌ جي صحت جو آهي، باقي ٻيا معاملا ته اڃا تمام گهڻا پوئتي رهيل آهن، جن جا به تمام جلدي اثرات سنڌ ۽ سنڌي کي ڀوڳڻا پوندا، هڪ ٻئي پٺيان! اسان سنڌي جيڪي مم جي موت جهڙي ماٺ ڪيون ويٺا آهيون، انهيءَ جهڙي ڪا ڀيانڪ ۽ خطرناڪ ٻي ڪا اهڙي شيءِ نه هوندي، جيڪا سنڌ جي مستقبل کي ڳڙڪائي ويندي، هن وقت ڀلي سنڌ جا سياسي ۽ سماجي شعور رکندڙ پنهنجو پنهنجو ڪمايون ڪري وٺن ۽ بنگلا ۽ امپورٽيڊ گاڏيون وٺي مزا ماڻين.
    هن وقت سنڌ ۾ هر طبقي جي ماڻهون جنهن تي هڪ اهم سماجي ذميواري بيهي ٿي سماجي سطح تي ڪم ڪرڻ جي، جڏهن ته انهيءَ جو هن وقت ڪردار خطرناڪ حد تائين ڀيانڪ ٿي بيٺو آهي، اهو هڪ سياستدان هجي، ڪو ڪامورو هجي، ڪو اديب دانشور هجي، ڪو ڊاڪٽر هجي، ڪو صحافي هجي، ڪو استاد هجي يا وري ڪو نام نهاد سول سوسائٽي جو چهيتو هجي، انهن سڀني پنهنجي دڪانداري کولي رکي آهي ۽ رات ڏينهن انهي پريشاني ۾ مبتلا آهن ته ڪو ڇڪو لڳي ته پنهنجي آسودگيءَ جو دور شروع ڪجي، باقي عام سنڌ جي ماڻهون کي ڀلي وڃين وڏيرا، وزير ۽ شاهه انهن کي چيري ڦاڙي کائين.
    ٿر ۾ جيڪو هي معصوم ٻارڙن جي موت جو سلسلو سروع ٿيو آهي اهو ڪو قدرتي يا اچانڪ نه آهي اهو هڪ سنڌ جي پيپلزپارٽي جي نااهل وزيرن ۽ وزيراعليٰ جي غلفت سبب ٿيو آهي، انهي ڪري انهي ٿر جي مصبيبت ضده ماڻهن وام روايتي ڏڪار نه سڏيو وڃي، اهو هڪ هٿرادو آهي، جنهن جي ذميوار موجوده سنڌ حڪومت آهي، جنهن جو خود ٻيو نالو تباهي ۽ بربادي آهي، جيڪي هن ڪندا پيا اچن، گذريل دور حڪومت کان هنن کي ٿر خالي ڪرائڻو آهي، اتان جو رهاڪن کي ڀڄائي ڪڍڻو آهي. ته جيئن هي پوري علائقي يک اجارا دار ڪمپنيز کي وڪڻي ڏين، متان ڪٿي اهي اصلو رهاڪو ٿر جي مالڪي ڪن ۽ سڀاڻي مزاحمت شروع پنهنجي حقن لاءِ، ٿر جي وڪڻن جي شروعات ارباب رحيم جي حڪومت ڪئي ۽ هن وقت پيپلزپارٽي جا چهيتا ۽ قائم علي شاهه جي وڏ وزارت ڪري رهي.
    هن وقت آمريڪا کان وٺي چين تائين جون سڀ اجارا دارا ڌريون ڳجهن وانگي سنڌ تي لهڻ شروع ٿي ويون آهن، هرڪو پنهنجي پنهنجي آماده ۽ شروعات اسان جي NGOs هلائڻ وارن مفڪرن ۽ دانشورن جي آجيان سان ٿي رهيون آهن، هن سرمائيدار دنيا جي اجاراداره قوتن جي هميشه دنيا جي پوئتي پيل ملڪن ۽ سماجن ۾ پهريان اتان جو سياسي حالتون خراب ڪرائيندو آهي پوءِ تحفظ جون حالتون پيدا ڪرائيندو ۽ پوءِ وري انساني ڀلائي جي ماڻهن کي اڳيان آڻيندا انهن کي چمڪندڙ ڊاڪر ڏئي ان سماج جي نام نهاد دانشور، صحافي ۽ سماج سڌار کي پنهنجو ايجنٽ بڻائي انهن کي پنهنجي ماڻهن خلاف استمعال ڪندا، هن پنهنجي سرمائيداراڻه مفاد لاءِ جي ڪهاڻي نئين ڪا ڪانهي انهي جو مڪمل جو هر 1970ع کان شروع ٿيو، پنهنجي پنهنجي طاق سان هن وقت دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ اجارا دارا قوتون آمريڪا جون آهن، جنهن سڀ کان تباهي پنهنجي ڀرواري ملڪن ۾ ڪئي، لٽين آمريڪا جي ملڪن جي، جيڪا انسان جي سنڌ جي ٿوري گهڻي پڙهيل ماڻهو کي خبر آهي، مثال ڏين جي ضرورت ناهي ته ليٽن آمريڪان، سماجين جي ڪهڙي حالت ٿي آهي.
    اها هڪ ٻي رام ڪهاڻي آهي ته سنڌ ۾ هن وقت ڪجهه قوتون سياسي ۽ سماجي ڪجهه آمريڪا جون پٺ ڀرايون پيون ڪن ته وري ڪي چائنا جون سنڌ ۾ هن وقت سياسي ۽ سماجي سڀ قوتون انهن ٻن ڪئمپن ۾ ورهايل آهن، هڪڙا چائني ٻيا آمريڪي، ڀلي اهي پوءِ آمريڪا تي سامراج هجڻ جون تنقيدون ڪري پنهنجو پاڻ کي سچو ڪامريڊ سڏائن اهو انهن جي نيت تي آهي پر اهي سڀ ڊگهيو ۽ عام ماڻهن کي متاثر ڪرڻ واريون تقريرون ڪندا هجن ۽ نه سمجهه ۾ اچڻ وارا تنقيدي اخبارن ۾ ڪالم لکن!
    وڏي افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ ۾ هڪ اهڙي قوت ۽ ڌر وجود ئي نٿي رکي، جيڪا سنڌ کي انهن پوري سامراجي وحشي ڦيري کي منهن ڏئي ۽ سنڌ جي آئينده کي بهتر بڻائي، ها البته ڪجهه Individuals فرد موجود ضرور آهن جيڪي به خاموش ويٺا آهن، مصلتحانه جيڪو تمام هاڃيڪار آهي. انهن جي خاموشي انهن کي سامهون اچڻ کپي ۽ ڳالهائڻ کپي ته ڪير سنڌ دوست ۽ ڪير دشمن آهي پنهنجي سماج جو ٻي صورت ۾ هي موتمار تباهي سنڌ ۾ ڊگهي وقت ڏانهن وٺي ويندي، آفريڪا ۽ ليٽن آمريڪا سماجن وانگي جنهن اسان پنهنجوپاڻ کي مارڻ شروع ڪنداسين، ننڍڙن مفادن تي جيئن هن وقت اها پوري سماجي حالت شروع به ٿي وئي آهي، پنهنجي اثر سنڌ ۾ قبائلي جهيڙن جي شڪل ۾ پوءِ اسان جي ترقي پسند سياسي جماعتون به انهن ننڍڙن مفادن ۽ سياسي نظرين ۾ ورهائجي وينديون، جيئن ورهاڱي کان اڳ هندستان جي ڪميونسٽ پارٽي به ورهاڱي جي حمايت ڪرڻ به ڪا نه بچي سگهي هئي.
    هن وقت جيڪي سنڌ جي اندر سياسي ۽ سماجي ۽ معاشي مسئلا شروع ٿيا آهن، اهي سمورا جو سمورا سنڌ جي مستقبل جي بربادي ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهن، اسان کي به ايڏي وڏي سطح جي تياري ڪرڻ پوندي، پهريان اسان کي هن وقت سنڌ جي حڪمراني ڪندڙ ٽولن کي وائکو ڪرڻو پوندو، جنهن جي مک جماعت هن وقت پيپلزپارٽي ڪري رهي آهي ۽ ٻيون وري اهي قوتون ۽ ڌريون جيڪي ظاهر ۾ پيپلزپارٽي جون مخالف آهن پر اهي به وڏيون خطرناڪ آهن، صرف انهن کي حڪمراني ملي وڃي ان کان وڌيڪ انهن سياسي جماعتن جو ٻيو ڪو به سنڌ لاءِ ان جي عوام جي بهتري لاءِ درد ڪونهي.
    باقي رهندو مسئلو ته سنڌ ۾متبادل قوت ۽ جماعت جو نه ملڻ ته في الحال اهو مسئلو پوري دنيا جي پوئتي پيل قومن سان آهي، جنهن جا عوام تي انقلابي تحريڪون هلائن ٿا ۽ جابر قوتن سان مقابلو ڪن پيا، پر انهن جي عدم قيادت جي ڪري انهن جون قربانيون ۽ مزاحمتون في الحال رائيگان وڃي رهيون آهن، اهڙو لڪاءُ هن وقت خليج جي ملڪن جي عوام سان هلي رهيو آهي، مان ته سوچيندو آهيان ته محترم بينظير ڀٽو کي به انهي تحت قتل ڪيو ويو ته هن سنڌ جي هڪڙي ليڊر شپ کي به زندهه نه ڇڏجي جو هو اڳتي هلي ڪري سنڌ جي بهتر مستقبل لاءِ اٿي کڙي ٿئي ۽ هن بدنصيب قوم جي قسمت سنواري وجهي ۽ بشير قريشي کي به قتل ڪرڻ به هڪ انهي سازش جي ڪڙي هئي.
    مان وري پنهنجي بحث کي ٿر جي ڏڪار ۽ معصوم جانين جي نقصان ڏانهن وٺي هلان ٿو ته هن اسان سڀني کي هن موجوده حڪومت کي ذميوار قرار ڏجي، هيءُ حڪومت ئي هن بربادي جي ذميواري آهي، ٿر ۾ ڏڪار جهڙين حالتن جو اڳ ۾ ئي احاطو هو ته ٿر ۾ ڏڪار ايندو ۽ هڪ وڏي بربادي واري شڪل اختيار ڪندو پر ان کي هن موجوده حڪومت ڪو به خاطر خواهه قدم ۽ اپاءِ نه کنيا، جنهن جي ڪري هي قيمتي ٻارن جو جانيون ضايع ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن ائين چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته ٿر ۾ ڏڪار هٿ سان آندو ويو آهي، هن وقت جيڪي اخبارن ۾ خبرون شايع ٿيون آهن ته فوڊ (خوراڪ) واري کاتي ٿر جي گودامن ۾ لکين ٻوريون اناجن جون پيل هيون ته به هو ان اناج کي بيڪار بڻايو ويٺا رهيا ۽ جڏهن ڏڪار موت مار شڪل اختيار ڪئي تڏهن اهي سڀ انهن وزيرن جون حرڪتون ۽ عوام دشمن شڪل سامهون آئيون، هن وقت ان پوري افسوسناڪ ڏڪار ۽ آفت جو مقابلو وڏي سنجيدگي سان ڪجي، انهن ماڻهن کي پنهنجي گهرن ۾ رليف وٺرائي ڏجي ۽ انهن کي نقل مڪاني ڪرڻ کان بچائجي نه ته ٻي صورت ۾ انهن جي پنهنجي گهرن ڏانهن واپسي ڏاڍي مشڪل ٿي ويندي، اڳتي هلي ڪري.
    ٻي اهم ڳالهه انهي پوري صورتحال ۾ اها ٿيندي ته ٿر ۾ اهي سڀ ڊونرس اچي لهندا ۽ اهي اڳتي هلي ڪري ٿر جي شڪل ئي بدلائي ڇڏيندا، انهن جي ڪم ڪار تي مڪمل نظر ۽ توجهه هجڻ کپي، ٻيو اهم ڪم ته سنڌ جي هن نااهل سرڪار کي ڪڏهن به معاف نه ڪرڻ کپي، جيڪو ڪجهه ٿي رهيو اهي سنڌ سان انهن جي نا اهلي جي ڪري سنڌ جو عوام هڪ ٻئي پٺيان عذاڀ ڀوڳي رهيو آهي.


    انساني شعور جي ترقي ۽ سماجي تبديلي

    انساني سماج جي ارتقا جو اهم سبب ان جي شعوري تاريخ رهي آهي ۽ شعوري تاريخ ئي انساني سماج تبديلي جو سبب بڻجندي آئي آهي، انساني سماج هڪڙي غار جي دور کان شروعات ڪئي، ان وقت انساني شعوري سگهه به هڪڙي سادي قسم جي رهي، جنهن ۾ ماڻهو کي اها به خبر نه هئي ته هو ڪير آهي ۽ هن جي زندگي جو ڪهڙو مقصد آهي؟ هو هن دنيا ۾ ڪيئن آيو آهي؟ ۽ مري وڃڻ کانپوءِ انسان جي ڪهڙي شڪل رهندي، اهي سڀ سوال ان وقت جي انسان لاءِ بنهه مشڪل هئا، شروع ۾ ته هن کي ان سوالن جي لاءِ سوچڻ به عجيب هئو، انساني تاريخ وقت گذرڻ سان اهي سمورا سوال ان سماج ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ اڳتي هلي اهم بڻجي ويا، اهي سمورا سوال ڪي سڀني ماڻهن ۽ مختلف سماجن ۽ مختلف خطن جي ماڻهن لاءِ هڪ وقت ڪو نه اڀري سامهون آيا، مختلف سماج جي ماڻهن ۾ مختلف وقتن جي حوالي سان سامهون آيا، انهن سوالن کي ڪير کڻي آيو، ڪهڙن ماڻهو انهن سوالن تي سوچڻ لاءِ عام ماڻهن کي متوجهه ڪيو. ظاهر آهي اهي سوال ۽ فڪر زندگي، ڪن مخصوص فردن انهن رهندڙ عام ماڻهن جي اڳيان پيش ڪيا، اهڙا سوال ۽ فڪر لمحه انهن عام ماڻهن کي ضرور تعجب ۾ آڻي ڇڏيو هوندو ته انهن کي اسان سوچيو ئي ڪو نه هئو، اڳ ۾ به جڏهن اهي سوال ۽ فڪر زندگي ۽ هي ڪائتان جي بابت سوچڻ لاءِ چيو ويو تڏهن هنن پنهنجي پنهنجي سادي سوچ مطابق جواب به ضرور ڏنا، انهن جوابن مان ڪجهه جواب تمام گهڻا اثرائتا ۽ ڏاهپ تي ٻڌل نظر آيا آهن، اڪثريت ته انهن سوالن تي رڳو تعجب ئي کاڌوپئي، انهن کي ڪجهه نه پئي سمجهه ۾ آيو ۽ انهن صرف ڏنل ڪجهه ماڻهن ۽ فردن جي جوابن کي سچ سمجهيو ۽ انهن جواب سان ئي سهمت ڏيکاري ته اهي ائين ئي هوندا جيئين اهي سوچي رهيا آهن، شروع شروع واري دور ۾ ته اهي سوال ۽ سوچ هڪڙي قسم جي فضول هئي، اهي زندگي گذاري رهيا هئا ڪهڙو لاچار پيو جو اهي سوال پڇيا ويا هنن کان، جنهن جي ڪري سمجهه ۾ اختلافات پيدا ٿيا، سماجي الڳ الڳ فڪرن کي جنم ڏنو ويو، هڪڙا نت نوان نظريا سماج ۽ دنيا ۾ گهڙيا ويا، جن ماڻهن کي ويڙهائي ناس ڪري ڇڏيو، انهن سماجن جي شڪل ئي بدلجي وئي، اهي ماڻهو جن کي اهي پيدا ڪيل اختلافات سمجهه م نه پئي آيا، انهن صرف اهو ئي پئي ڄاتو ته هنن جي زندگي هن فطرت جو پورائو ڪرڻ لاءِ آهي، ڇو ته هنن کي ڀرپاسي ۾ هر طرف هر قسم جي فطري زندگي نظر ايندي هئي، جنهن ۾ ٻوڏ، درياهه، سمنڊ، جيٽ جڻا ۽ مختلف قسم جا جانور، رات ڏينهن، چنڊ ستارا، آنڌيون، مينهن، موت زندگي، اهي انهن انسانن جي زندگي جو فطري لقاءُ هئو، هنن لاشعورن اهو پئي سوچيو ته اهو پورو فطرت جو لقاءُ شايد زندگي جي حقيقت آهي يا وري اهو سڀ ڪجهه هجڻ هن فطرت جي اهم ضرورت آهي، انهي سڀني شين جي هجڻ کانسواءِ هي سارو جهان نامڪمل ٿي ويندو.
    جڏهن انهيءَ سادي ۽ فطري انساني سماج ۾ ڪنهن ماڻهو ته اهي ضرور سوال اڇلايا، جنهن انهن ماڻهن جي لاشعور ۾ ڄڻ ڪو رخنو پئدا ڪري ڇڏيو هجي، انهن انسانن جي پوري ملڪيت انهن جو لاشعور هئو، شعور ته نه هجڻ جي برابر هئو، انساني تاريخ هڪڙي قسم جي لاشعور ۽ شعور جي تضادن جي آهي، هميشه شعور لاشعور کي بنياد بڻائي، ان تي ڳالهايو آهي، انساني فڪر ۽ فلسفا به انهيءَ شعور ۽ لاشعور جي ارد گرد ڦرن ٿا، جيڪڏهن اڄ به انساني تاريخ مان لاشعور کي ڪڍي پاسي ڪيون ته باقي ڪا شعور جي اهميت نٿي رهي، هڪڙو قدم به شعور انسان جو اڳتي نٿو وڌي سگهي.
    ان وقت اهي سوال جيڪي انهن ماڻهن کان پڇيا ويا هئا ته اهي شعوري هئا ۽ اهو انساني سماج ان وقت گهڻو تڻو لاشور تي ٻڌل هئو، جيڪو انهن کي ورسي ۾ ملندو آيو هئو، نسل در نسل جڏهن لاشعور ماڻهن جي شعور کي بيدار ڪيو ويو ته هنن جي لاشعور ۾ هڪڙي وڏي قسم جي حرڪت آئي، جنهن جي ڪري انهن انساني سماج ۾ رهندڙ ماڻهن پنهنجي پوري لاشعور ۽ ماضي کي نئين سر سوچڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ کوڙ سارا تضاد نظر آيا، انهن ماڻهن کي انهن ۾ گهڻي حد تائين انهن مخصوص فردن جي سوچ جو اثر ٿيو، جن انهن سوال کي انهن اڳيان اڀاريو هو ۽ عام ۽ اڪثريت سان انهن ماڻهن انهن فردن جي سوچ کي قبول ڪيو، انهيءَ لاءِ ته انهن فردن ئي انهن سوالن کي تخليق ڪيو آهي ۽ اهي ئي فرد انهن جو بهتر جواب ڏئي سگهن ٿا، جڏهن انهن مخصوص فردن انهن سوالن جا جواب ترتيب ڏنا، تڏهن انهن جوابن جي وقت گذرڻ سان ضرور تبديليون آيون، انهن سوالن جو جواب ڏيڻ وارن انهن ڪجهه سوالن جو جواب ڪجهه ضرور فهم مطابق ٻڌل هئا پر گهڻا جواب ته ٺاهيا ويا هئا انهن سوالن جا.
    اهڙي طرح سان شروع ۾ انهن انساني سماج جا سوال فڪر جي حوالي سان هئا ته هي ڪائنات ڪنهن ٺاهي ۽ ڪيئن ٺهي آهي؟ انساني زندگي ڀلا ڪهڙي بلا آهي؟ انسان زندهه ڪيئن ٿئي ٿو ۽ مري ڇو ٿو؟ اهي سوال ان وقت جي انهن فردن طرفان اٿاريا ويا هئا، اهي فرد اڳتي هلي ڪري انهيءَ سماج جا وڏا ڏها ۽ اڪابر مڃيا ويا، حقيقت ۾ انهن مان ڪجهه ماڻهو تمام وڏا ڏاها هئا، جنهن انهن سوال جا جواب پنهنجي حوالي سان فلسفياڻا، ڏاهپ ۽ عقلي دليلن تي ٻڌل هئا، انهيءَ تاريخي سلسلي کي اڳتي وڌايو ويو، ڇاڪاڻ ته هاڻي اڳتي هلي ڪري انهن سوالن جي جواب کي منهن ڏيڻو پيو انهن مختلف سماجي دورن ۾ انهن جواب جو ته گهڻو تڻو سماجي اثر پوڻ شروع ٿي ويو، جنهن تي سماجي اختلاف وڌيا ۽ سماج انهن ڏنل جواب تي ونڊجي ورهائجي ويو،انهن مان گهڻا جواب ته غير عقلي ثابت ٿيا اڳتي هلي ڪري، جنهن جا اثر اڄ جي جديد دور تائين جاري ساري آهن، جيڪي نظريا بڻجي ويا ۽ انساني سماج جا دشمن ثابت ٿي بيٺا آهن، انهن انساني فڪرن انساني سماج ئي بدلائي ڇڏيو، جيڪو رڳو ماٺار ۾ سماج پيل هئو، جڏهن سوال انساني سماج ۾ آيا ته انساني فطري سماج تبديل ٿي غير فطري سماج جوڙڻ لڳو، جنهن ۾ هزارين ديوتا، هزارين عقيدا ٺاهيا ويا ۽ هزارين قسم جا انساني سماج جون شڪليون ٺهيون، انهن سڀني شڪلين کي اڳتي هلي ڪري انساني تهذيب جو نالو ڏنو ويو، اها جيڪا انساني تهذيب جوڙڻ لڳي، انهيءَ تهذيب ڪروڙين انسانيون ضايع ڪيون، انسانن جو رت وهايو، انساني سماج کي خونخوار بڻايو ۽ ماڻهن کي ماڻهن جو غلام، ان پوري انساني دشمن سلسلي کانپوءِ تهذيبون سامهون آيو، انهن تهذيبن جي ماڻهن جيڪي سماج تي حاوي هئا، هنن جو ان سماج طاقت جو غلبو هئو، انهن عام ماڻهن کي غلام بڻائي انهن کان رات ڏينهن زبردستي طور ڪم وٺي انهن تهذيبن کي دنيا بهر ۾ ڦهلايو ۽ پنهنجي طاقت دنيا تي قائم ڪرڻ لڳا، انهن عام ماڻهن کي ڇا مليو، جيڪي بغير سوچڻ جي زندگي گذاريندا هئا، جنهن وٽ شعور نه هو، هن ڪائنات جو جن وٽ ڪي به عقيدا نه هئا، نه هنن ڪڏهن موت تي سوچيو هئو، نه وري زندگي تي.
    انسان جي تاريخ تي نظر وجهجي ته اسان کي لاتعداد ۽ گهڻا راز نظر ايندا پر اهي سمجهه سوچ کان ٻاهر هجي ٿو، هو ته ڪيترن تاريخادانن انهيءَ کي ايترو مشڪل ۽ ٽوڙي مروڙي پيش ڪندو رهيو آهي جو واقعي ۽ هڪ گهٽ علم رکندڙ کي منجهائي ڇڏي. هون ته تاريخ جا ڪهڙا اهم محرڪ رهيا آهن، جيڪي جتي تاريخ جي بحث هيٺ ايندا رهندا آهن، اهي سماجي، سياسي، معاشي ۽ مذهبي پر گهڻي ڀاڱي تاريخدان انهن سڀني شين کي ملائي ڪري تاريخ سڏيو آهي، ته وري تاريخ ۾ اهڙا به تاريخدان رهيا آهن، جنهن اها رٽ لڳائي بيٺا رهيا ته تاريخ صرف ۽ صرف واقعن جو نالو آهي، باقي ڪجهه به نه آهي، اهڙي طرح انهن اهو خيال ڪرڻ تي ان جا بنيادي ڪهڙا عنصر ۽ محرڪ آهن، جيڪي تاريخي موڙڻ ۾ مدد ڏين ٿا، انهيءَ فلسفياڻي بحث ڪرڻ ۾ تمام گهڻو ادراڪ ڪيو ويو، ايترن تمام وڏن نام نهاد تاريخدانن انساني تاريخ صرف هڪ فطري چڪر ڪٽيندڙن فيٿي وانگ سڏيو ته اها هڪ اهڙِي تاريخ آهي جيڪا ابتدا ۽ عروج کان سفر ڪندي زوال تائين پهچي ٿي ۽ هڪ ڀيرو وري ابتدا کان شروع ٿئي ٿي، فطري قوتون ان کي ائين ڪرڻ تي مجبور ڪيو بيٺيون آهن ته اها پنهنجا ساڳيا رويا جاري رکن، انهيءَ کي ڪا به قوت نٿي روڪي سگهي، انهي پوري تاريخ جو جيڪڏهن اسان ڇيد ڪيون ته اسان کي هڪڙي اهڙي تاريخ نظر ايندي جنهن ۾ انسان جي تاريخ جو وڏو حصو ظلم، تشدد، ناانصافي، بربريت ۽ محرومين سان ڀريل ملندو، جنهن جو ذميوار انسان خود آهي، انهيءَ ۾ ڪا به اهڙي فطري قوت نظر نه ايندي ته پوءِ تاريخ کي فطري قوت سمجهي ڪري ويهي رهڻ برابر ناجائزي ٿيندي، اها پوري تاريخي پرک غير منطقي آهي. اهڙي طرح انسان ذات جي تاريخ جا ڪيترائي وڏا نالا ملن ٿا پر ساڳئي ڳالهه ته هو اهي ماضي کي تاريخ سڏي بيهي رهن ٿا، پر انهن وٽ ڪو به مستقبل لاءِ رستو ٺاهڻ کان گهڻي ڀاڱين وانجهيل ۽ اڻ مڪمل نظر ايندا، ڪنهن وٽ به اهڙو ٺونس حل موجود نه آهي، جنهن ۾ انسان دوستي تي ٻڌل نظريو هجي.
    تاريخ ۾ هڪ اهڙو شخص اسان کي ملي ٿو، جيڪو 19 صديءَ ۾ پيدا ٿئي ٿو ۽ انسان جي تاريخ کي هڪ نئون رخ ڏئي ٿو، انساني تاريخ ۽ ان جي محرڪ کي ڳولهي لهي ٿو، اهو آهي ڪارل مارڪس Karl Marx جنهن تاريخي ماديت وسيلي انسان جي تاريخ جو مطالعو ڪندي اهو واضح ڪيو ته انسان ذات جي تاريخ طبقاتي ڪشمڪشن جو نالو آهي، پر ان طبقاتي ڪشمڪش کي جنم ڏيندڙ قوت معيشت آهي ۽ اها ڪشمڪش تيستائين جاري ساري رهندي ۽ انسان جو گهڻو حصو انهيءَ غلامي ۽ ظلم ۾ پيڙه جندو رهندو، جيستائين ان سماجي ڍانچي ۾ اڻ برابري جي بنياد تي رکيل آهي.
    انهيءَ مارڪس فلسفي ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته مارڪس پنهنجي ڳالهه ۾ کٽل ۽ اڻپورو آهي، ڇاڪاڻ ته مارڪس اها ڳالهه ان وقت ڪئي، جنهن وقت سرمائيدار پنهنجا وحشي پنجا ظاهر ڪرڻ لڳو هئو ۽ ڏينهن به ڏينهن انهن قوتن جو استحصال زور پڪڙي رهيو هئو، ۽ يورپ جي ڪجهه ملڪن ۾ صنعتي انقلاب جنم وٺي چڪو هئو، جنهن ۾ بيٺڪيت جو دور زور پڪڙي رهيو هئو جنهن ۾ انگلينڊ، آمريڪا ۽ فرانس اڳڀرا نظر پئي آيا، جنهن پوري دنيا کي Colonies بڻائي چڪا هئا، پنهنجي پنهنجي زبردست بيـٺڪيتي ۾ ماڻهن کي سياسي، معاشي ۽ سماجي غلام بڻائي ڇڏيو هئو ۽ لوٽ کسوٽ جي بازار عام جام هئي ۽ قومن جي سماجي ۽ معاشي استحصال جي ڪا ڪسر نه ڇڏيائون ۽ استحصال جا نت نوان طريقا استعمال ڪندا رهيا، پوءِ ڇو نه انهن کي انسان جي لاتعداد جانين کي ضايع ڪرڻو پئي، ڇو ته انهن ڪڏهن به انسانيت جي ڀلائي جي ڪڏهن پرواهه نه ڪئي ۽ قومن ۽ خطن جي تهذيب ۽ تمدن کي نست نابوت ڪري ڇڏيائيون.
    آخرڪار 20هين صديءَ جي شروعات ۾ يورپ جي قومن پاڻ ۾ وڙهڻ شروع ڪيو، هڪ ٻئي جي Status qauo لوڏي وڌو، جرمني ۽ اٽلي، فرانس ۽ انگلينڊ جي طاقت Supermacy جي خلاف بيهي رهيا، جيڪو انگلينڊ ۽ فرانس کي قطئي ناگوار پي لڳو ۽ آخرڪار انسان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ عالمي جنگ ڇڙي، جنهن ۾ لکين انساني جانيون ضايع ٿيون، انهيءَ جو به ذميوار هي بيٺڪيتي قوتون يا ملڪ هئا، جنهن سارو الزام صرف ۽ صرف جرمني وارن تي لڳائي ڪري انهن کي قصور وار سڏيو ويو ۽ ورسليز versllies جهڙا نام نهاد معاهده ڪري جرمن قوم کي خراب خوار ڪيو ويو، اهڙي طرح اهو قصو صرف اتي ختم نه ٿيو جتي هنن چاهيو، اها ته انهيءَ جي شروعات هئي، انهيءَ سان گڏوگڏ دنيا جي قومي انقلاب ۽ قومي آزاديءَ جهڙا مسئلا اڳتي ڪر کڻڻ شروع ڪيو، جيڪي انهن جي غلامي ۽ بيـٺڪيتي استحصال ۾ پيڙهجندا رهيا پئي، قومي تحريڪن ۽ قومي آزاديءَ جي کي جان ملي وئي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ مقامي تحريڪن جي قيادت کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ لڳي ته مغربي سامراجي قوتون هاڻي پنهنجو پاڻ وڙهي ڪري پنهنجو پاڻ کي وڌ کان وڌ ڪمزور ڪنديون، ڇاڪاڻ ته پهرين مهاڀاري لڙائي جي آخر زار شاهي حڪومت جو ڪميونسٽ انقلاب ذريعي تختو اونڌو ڪري ڇڏيو ۽ رشيا جون واڳون ان وقت ڪميونسٽ اڳواڻن جي هٿ ۾ اچي ويون ۽ انهن فرانس، انگلينڊ ۽ آمريڪا ننڍن ۽ وڏن صنعتي ملڪن کي وڌيڪ خطرو اهو محسوس ٿيڻ لڳو ته جرمني اٽلي جهڙا ملڪ ته صرف انهن سان گڏ ان استحصال جو حصو ٿيڻ چاهن ٿيون، پر آڪٽوبر انقلاب ته مرڳو ئي انهن جي پاڙ پٽڻ جي ڪوشش ڪندو.
    بهرحال حالتون انهن جي وس کان ٻاهر هلنديون ويون، انهن Colonial powers ڪالونيل قوتن ڪا ڪسر ڪين ڇڏي ته حالتون پنهنجي حق ۾ رکجن، انهيءَ سبب ڪري نام نهاد بين الاقوامي تنظيم به جوڙِي، پر حاصل ڪجهه به نه ٿيو، حالتون وڌ کان وڌ خراب ٿينديون ويون، انهيءَ پوري عرصي دوران جاپان، جرمني ۽ اٽلي نئي سر پنهنجي جنگي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون ۽ ميسولني ۽ هلٽر جهڙا انساي ۽ ڊڪٽيٽرس جنم ورتو ۽ هڪ دفعو وري 1939ع عالمي جنگ ڇڙي، جنهن ۾ 5 سالن تائين انسان ذات جي خلاف نگو ناچ ڪيو ۽ جديد هٿيارن سان وڙهندڙ پهرين مهاڀاري جنگ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ٻي مهاڀاري جنگ انسان ذات کي پنهنجي موت ۾ آڻي ڇڏيو.
    انهن ٻنهين عالمي جنگين مان اهو فائدو ضرور پيو ته آمريڪا، انگلينڊ ۽ فرانس جنگ کٽڻ جي باوجود هارائي ۽ انگلينڊ ۽ فرانس انهيءَ عالمي جنگ کانپوءِ پنهنجي چيلهه چٻي ڪري وڌي ۽ انهن کي پنهنجي ٺاهيل ڪالونيز تان هٿ کڻڻو پيو، ڇاڪاڻ ته ان وقت انهن لاءِ اها ڳالهه وس کان ٻاهر رهجي وئي ته مزيد بيٺڪيتي نظام کي برقرار رکي سگهن، ڇاڪاڻ ته اهو پاڻ تباهه حال معيشت ٿي ويا ۽ ٻيو ته ان ڪالونينن جي قومن جي حيثيت ساڳي نه رهي هئي ته اهي وڌيڪ انهن جي جارحيت هيٺ رهن، اهڙي طرح انهن وقتي نظاقت کي ڏسي ڪري انهن جي قومي آزاديءَ جي اجازت ڏئي ڇڏي ۽ اهڙي طرح ٻي عالمي جنگ ختم ٿيڻ سان هڪ ڊگهو نئين رياستن جي آزادين جي شروعات ٿيڻ لڳي، پر انهيءَ هڪ سوچيل سمجهيل پاليسيز تحت انهن کي آزاد ڪيو ويو ۽ انهن ڪالونيز جي سماج جي اهڙي طرح ته شڪل بگاڙي جو اهي آزاد رهندي به غلامي وارو سماج ۽ تعبيدار ٿي رهن، هڪ ته هنن آزاد ٿيڻ وارن رياستن جون واڳو اهڙن طبقن جي ماڻهن کي ڏنائون جوسندن پاليل ۽ تعبيدار اڳئي هئا، جيڪو انهن جي ڪالوني دوران انهن سامرجن جي جاگيردار، سرمائيدار ۽ اڌورا مذهبي رنگ ۾ رنگيل گروهه جنهن ڪڏهن به مقامي ماڻهن جي حقن لاءِ ڪو ڪردار ادانه ڪيو، سواءِ پنهنجي ذاتي مفادن جي ۽ انهن ۽ ماڻهن کان سياسي پارٽيون ٺهرائي انهن کي چڱو مڙس ڪري پيدا ڪيو، جنهن کان ڪوڙي جمهوري قومي ۽ مذهبي قدرن جا نعرا هڻيا ويا ۽ اهڙي طرح انهن خطن جي قومي ۽ مذهبي قسمن کي جنم ڏئي ورهاست ڪيائون، جو اڄ تائين انهن خطن رياستن ۽ قومن جا ماڻهو اڄ به انهيءَ غلام جهڙي دور ۾ رهي رهيا آهن، ۽رياست جون واڳون چند افرادن وٽ آهن، جيڪي شاهي زندگي بسر ڪري رهيا آهن. اسان کي انهيءَ پوري ڳالهه جو ثبوت اسان کي آساني سان ملي سگهي ٿو، اسان جيڪڏهن پنهنجي ڏکڻ اشيا جو مثال وٺُون، جنهن مان توهان اسان کي انهيءَ ڳالهه جو چٽو ثبوت ملندو، پوري برصغير جي لاتعداد قدرتي وسيلن جي باوجود ستن ملڪن جو حشرساڳيو ملندو، جنهن ۾ 80 سيڪڙو عوام بک. بدحالي، بيروزگاري، بي گهر، غير تعليمي ۽ نه پيئڻ جي پاڻي، نه ئي صحت جون سهولتون مهيا ۽ ان سان گڏ لاتعداد سماجي معاشي، سياسي ۽ مذهب ۾ پيڙهيل ۽ بي وس لاچار عوام نظر ايندو ۽ ان ۾ اڄ به اهڙا کوڙ قومي اگواڻ نظر ايندا جيڪي ورهاستن جي نظريئي تي يقين رکندي نظر ايندا، باقي سماجي معاشي ۽ سياسي حوالي سان فقدان نظر نه ايندو، اهڙي طرح ٻين خطن ۽ رياستن ۾ به ساڳيو لقاءُ نظر اچي رهيو آهي، جهڙوڪ: آفريڪا، مڊل ايسٽ ليٽن آمريڪا ۽ ايسٽ يورپ سڀ جو سڀ خطن جا ماڻهو عجيب و غريب ساڳين مسئلن جي ور چڙهيل آهن، آفريڪن جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪيترن ئي سالن کان خانه جنگي هلي رهي ۽ ڪيتريون انساني جانيون، مال ۽ ملڪيت تباهه ٿينديون پيون وڃن، پر انهن جو ڪي به عالمي جمهوريت علمبردارملڪ ان جي لاءِ عملي طرح توجهه نه ڏئي رهيا آهن.
    اهو سڀ ڪجهه عالمي جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪالونيل حڪمرانن ڄاڻي واڻي انهن خطن جي سماجن ۽ ملڪن جو اهڙو بنياد رکيو ته جيئن ڪميونسٽ رشيا سان منهن ڏئي سهگجي، ڇو ته ٻي عالمي جنگ کانپوءِ فورن بعد عالمي سرد جنگ شروع ٿي چڪي هئي ۽ دنيا جي ٻن نظرياتي ڌڙن ۾ ورهائجي وئي، عالمي سطح تي ٻن طاقتن جو ٽڪراءُ منظر تي اچي ويو ۽ اهڙي طرح سوويت يونين هڪ مضبوط طاقت طور نمودار ٿيڻ لڳي ۽ سرمائيدار مغرب دنيا کي هڪ دم اڀرندڙ ڪميونسٽ طاقت سرمائيدار آمريڪا جا حواس اڏائي ڇڏيا.
    سرد جنگ دوران آمريڪا پنهنجي طاقت سان جهڙي طرح غير انساني سياست جو ڪردار ادا ڪيو ان جو مثال ڪٿي به تاريخ ۾ نٿو ملي، انساني قدرن جا سڀ ليڪا لتاڙي ڇڏيا، اهو سڀ ڪجهه انهي ڪري ڪيو ته ڇو ته سرمائيدار ملڪ سويت يونين کان خوف زده ٿي ويا هئا، متان ڪٿي ڪميونسٽ قيادتون ٽين دنيا جي ملڪن ۽ سماجن ۾ جڳهه نه والارين ڇو ته سوويت يونين جي صدر نڪتا ڪرسچوف دنيا ۾نظرياتي ڦهلاءُ واري پاليسيءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو هئو، پوري دنيا جي سوشلست قيادتن ۽ اتان جي سياسي پارٽيز کي مڪمل طرح جي مدد ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن کانپوءِ آمريڪا ۽ ان جي پوئلڳ سرمائيدار ملج دهلجي ويا، انهيءَ ڪميونسٽ نظريي کي روڪڻ لاءِ آمريڪا جي پوري خارجي پاليسي سوويت يونين کي تباهه ڪرڻ جي پٺيان لڳائي ۽ سوشلسٽ حڪومت جي ڦهلاءُ کي روڪڻ لاءِ هر قسم جا حربا هلايا، انهيءَ پوري سرد جنگ دوران آمريڪا جي بربريت جا وحشي نشان توهان کي هنن مثالن سان ملي سگهن ٿا، آمريڪا جو پهريون منصوبو اهو هئو ته هن ٽين دنيا جي سڀني ملڪن مان جمهوري حڪومتون تباهه ڪري اتي فوجي آمريتي ڌرين کي هٿي ڏني، ۽ انساني ۽ جهموري قدر لتاڙي ناس ڪري ڇڏيا ۽ انهن ٽين دنيا جي ملڪن ۾ فوجي آمريتن جي مدد ڪئي وئي، انهيءَ ۾ توهان پوري ليٽن آمريڪا جا ملڪ، آفريڪا جا ملڪ ۽ ڏکڻ ايشيا جا ملڪ انهيءَ سان گڏوگڏ مڊل ايسٽ Middle east جا عرب ملڪ جتي وري بادشاهي ۽ خانداني آمريت کي مضبوط ڪيو ويو، اهڙي طرح اسان کي اهڙو هڪ مثال پنهنجي ملڪ پاڪستان مان ملي سگهي ٿو، جنهن تي 66 سالن گذرڻ جي باوجود فوجي آمريت ۽ قوتون قائم ۽ دائم آهن، اهو سڀ ڪجهه آمريڪا مدد جي ذريعي امدادون ڏئي ڪري هتان جي جمهوري ۽ ترقي پسند قوتن کي ڪچليو ويو آهي، اهڙي طرح اهو سڀ ڪجهه آمريڪا سرمائيدار جي ڪري ٿيو ۽ ٿيندو پيو اچي. اهڙي فوجي آمرن جنهن آمريڪا کان امدادون وٺي ڪري پنهنجي عوام کي ڪچليو ۽ اتي ڪا به اهڙي ترقي پسند قيادتون ۽ تحريڪو نه اڀرڻ ڏنيون، جڏهن ته رياست ۾ قدامت پرست قوتن کي آمرن طرفان کلي ڇوٽ ڏني وئي ۽ آمريڪا انهن کي هر قسم جي مدد فراهم ڪندي رهي، اهي امدادون جيڪي انهيءَ نالي تي ڏنيون ويون ته ملڪ جي سماجي ترقي لاءِ خرچ ڪيو، پر اهي اصل ۾ انهن فوجي آمرن کي ڏنيون ويون ته اهي اتي ترقي پسند پارٽين کي ڪچلايو ويو ۽ انهن طبقن پنهنجي عوامي طاقتن کي ڪچلڻ ۾ ڪا ڪسر ڪين ڇڏيائون.
    اهڙي طرح سوويت يونين Soviet union جي اڳواڻن جي غلط پاليسين جي ڪري گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگهيون ۽ آهسته آهسته سياسي معاشي طرح ڪمزور ٿيندي وئي ۽ آخرڪار 1991ع ۾ اڳواڻ گورباچوف سويت يونين جي خاتمي جو اعلان ڪيو ۽ سوويت يونين جو خاتمو آندو ويو.


    سرد جنگ جي خاتمي کانپوءِ

    سرد جنگ جي خاتمي کانپوءِ آمريڪا ۽ ان مغربي يورپ جا مفاد جيئن ته پوءِ وڌيڪ وسيع ٿيندا ويا ۽ سرد جنگ جي ختم ٿيڻ کانپوءِ انهن جي اڳيان ڪا به اهڙي قوت نه رهي جو ان سان ٽڪرائجي، صرف هڪ اهڙي طاقت رهي جيڪا سوشلسٽ ملڪ آهي، اها آهي چائنا، انهيءَ ۾ ايتري جرئت پهريان کان ئي گهٽ هئي ۽ هاڻي ته چائنا وڌيڪ پنهنجي روين ۽ پاليسيز جي ملائم ۽ سرمائيدار ملڪن سان ڀائيچاري وارو ڪردار ادا ڪيون پيو اچي، جنهن جو مثال توهان اسان کي چائنا جو WTO جو ميمبر هجڻ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، هون به چائنا سوشلسٽ ملڪ ۾ ايترو دم فلحال ڪو نه آهي جو اها آمريڪا سان ٽڪراءُ کائي، ڇاڪاڻ ته اڄ به ايشيا ۾ اڀرندڙ طاقتن جي باوجود هڪ ترقي يافته ملڪن جهڙي مسئلن جو شڪار آهي ۽ ان کي ڪيترن ئي اندروني سماجي تضادن ۽ مسئلن سان گهيريل آهي.
    روس جي هن وقت حالت اها آهي اڄ روس جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالت زار جي دور جو ڏيک ڏئي رهيون آهن، ولادي مير پيوٽن جيڪو آمريڪا کان مدد لاءِ واجهائي رهيو آهي، مشرق ملڪ جي وس ۽ لاچار نظر اچي رهيو آهي ۽ سڀ ملڪ جي Soviet union جا هئا، انهيءَ اڄ انهن جا حڪمران يورپين يونين ۽ نيٽو فوجي اتحاد جو ميمبر ٿيڻ لاءِ مجبور آهي.
    سوويت يونين ٽٽڻ کانپوءِ اوڀر يورپ جي ملڪن جي عوام جيڪا اڳئي لاچار مجبور ظلم ۽ غربت ۾ پيڙهجنديون رهيون، اهو ته هن وقت وڌيڪ رياستون يتيم ٿي ويون آهن، اهڙيون ته ڪوڙين قيادت جي ور چاڙهي ڇڏيو اٿائون جو اتان نڪرڻ انهن جي مسئلن مان جيان ڇڏائڻ انتهائي ڏکيو ٿي پيو آهي

    عالمي نئون نظام New World Orden۽ ان جا مسئلا:

    عالمي نظام New World Orden جا هو ته انيڪ مسئلا آهن، جنهن ۾ پورهيت عوام ۽ هيٺيون طبقو پيڙهجندو ٿو رهي ٿو پر اسان هتي صرف اهي مسئلا بحث هيٺ آڻيڻداسين جيڪي آمريڪا ۽ مغرب جي سرمائيدار ملڪن انهن جي تشريح ڪئي آهي، ۽ ٻڌايا آهن، جمهوريت ٽين دنيا جي عوام هٿرادو پيدا ڪيل غربت، گلوبلائيزيشن جيڪا سرمائيدارن جو سرمايو بغير ڪنهن روڪ ٽوڪ جي دنيا جي مارڪيٽ تائين رسائي ڪري ۽ ٽيون وڏو مسئلو دنيا مان مذهبي شدت پسندي جو خاتمو جنهن کي آمريڪا دهشتگردي ٿو سڏي، اهي مسئلا جيڪي آمريڪا ۽ ان جي ساٿاري سرمائيدار ملڪن (New World Order) جي بحث هيٺ اچي رهيا آهن، هاڻي پاڻ هتي انهن جو تفصيلي جائزو وٺبو ته اهي مسئلا ڇا آهن ۽ انهن مسئلن جو پيدا ڪندڙ ڪير آهي.

    جمهوريت ۽ ان جي دنيا ۾ بحالي:
    جمهوريت جيڪا آمريڪا ۽ سرمائيدار ملڪ انهن جمهوري قدرن جا پنهنجو پاڻ کا پاسبان ٿا سمجهن، هن تحرير ۾ مٿي بحث ۾ صاف ڄاڻايل آهي ته سرد جنگ جي دوران سرمائيدار ملڪن انهن جمهوري قدرن کي پاڻ نسيت نابود ڪيو ۽ هن وقت پاڻ ان جو چڱو مڙس ٿي ڪري ان جي بحالي لاءِ نام نهاد ڪوشش ڪري دنيا ۾ پهنجي سامراجي اثر کي وڌائي رهيو آهي ۽ ڪا به ڪسٽم ڊيوٽي ۽ محصول نه رهنديون دنيا ۾ عالمي منڊي قائم ڪرڻ واسطي ۽ هاڻي کان ئي ٽي دنيا جا ملڪ انهن نام نهاد حقيقتن کي تسلم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي ۽ انهيءَ ڪري رهيو آهي ۽ هو اهو چون ٿا ته جمهوريت جي قدرن کي تباهي بربادي اتان جي عوام جي جاهليت جي سبب ڪري آهي، جنهن جو توهان اسان کي اڄ جي نام نهاد تحقيق ڪندڙ ۽ ڪالمنگارن مان ملي ٿو، ساڳئي طرح عالمي ميڊيا به انهن آمريڪي سرمائيدارن جو ساٿ ڏيڻ ۾مدد پئي ڪري، سرمائيدار ملڪن جو اهو هاڻي باربار چوڻ ته جمهوريت هڪ طويل سفر آهي، جنهن کي مڪمل ٿيڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو، مثلن 3،2 سئو سال جهڙي طرح هو پنهنجي مغربي نام نهاد جمهوريت جو مثال ٿا ڏين. توهان اسان کي اها خبر هجڻ گهرجي آمريڪا، فرانس ۽ برطانيا جي سرمائيدار طاقت انهن جي سچن ۽ نيڪ نيت اصولن يا انسانيت جي قدرن تي ٻڌل آهي، پر هنن ڪيترن ئي سئو سالن تائين دنيا جي غريب قومن کي لٽي ڪٽي ۽ استحصال ڪري ايڏو وڏو سرمايو ڪٺو ڪيو آهي ۽ اڄ به ساڳيو ئي رول ادا ڪري رهيا ۽ اڄ به اسان جي دنيا ۽ اهو تمام گهٽ ممڪن آهي، اسان انهيءَ نام نهاد سرمائيدار جمهوريت کي برپاءَ ۽ جوڙي سگهون، ڇاڪاڻ ته اهي عالمي سرمائيدارن اهڙيون ته عالمي پاليسيون ۽ سازشي قدم رکيا آهن جنهن ٽين دنيا جو پورهيت عوام غربت مان ۽ پسماندگي مان ڪڏهن به نٿو نڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته اهي سرمائيدار ملڪ ان ڳالهه لاءِ آماده ئي ڪونه آهن ۽ هنن IMF، WB WTOجهڙا ادار ٺاهي ڪري ڪيا آهن، جنهن جي وحشي پنجي مان نڪرڻ انتهائي مشڪل آهي.
    ٻيو ته سرمائيدار جمهوريت جيڪا مڪمل استحصال تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ صرف هڪ مخصوص سرمائيدار طبقو ئي ان تي غلبو حاصل ڪري سگهي ٿو. باقي 80% عوام ساڳيو ئي بي حال ۽ لاچار هوندو.

    گلوبلائيزيشن( Border less Globlizations):
    هن وقت دنيا جيڪا وائرليس wireless بڻجي وئي آهي، ۽ پوري دنيا اليڪٽرانڪ ميڊيا، پرنٽ ميڊيا، جديد ٽرانسپورٽر جي ذريعي هڪ تمام سڪڙجي هڪ ڳوٺ نما بڻجي وئي آهي، جتان هڪ ماڻهو دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ کان ڪنهن به هنڌ ڪلاڪ ۾ پنهنجي منزل تي پهچي سگهي ٿو، اڄ جي دنيا ۾ جتي ماڻهن جا ڪلها هڪ ٻئي کي ڇهن ٿا، اتي وري هڪ وڌيڪ حيرت جي ڳالهه آهي ته ماڻهن جي هڪ ٻئي سان غير واقفيت به اوتري وڌيڪ ٿيندي پئي وڃي، دنيا ۾ ماڻهون ڏينهون ڏينهن وڌيڪ اڪيلو ٿيندو ٿو وڃي. انهيءَ پوري گلوبل لقاءُ ۾ گلوبل ڪلچر جڙندو پيو وڃي، رنگ، نسل، ٻولي ۽ تهذيب جون سڃاڻون ختم ٿينديون پيون وڃن، ايڏي وڏي گلوبلائيزيشن ۾ به لاتعداد ۽ منجهيل مسئلا پيدا ٿيندا پيا وڃن، جنهن ۾ انت بهر جي خبر نه چار، اڄ جي گلوبلائيزيشن ۾ جنهن ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙچ مان ڪلاڪ ۾ ملي ويهي سگهون ٿا، پر اتي گڏجي ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل آهي، هڪ طرف ته دنيا گلوبلائيزيشن جي انهيءَ سرمائيدار نظريعي هيٺ جڙي چڪي آهي، ٻئي طرف هن وقت به دنيا جي 80 فيصد آبادي انتهائي افسوس ڪندڙ غربت جي حال ۾ گذاري ٿي، انهن وٽ اڄ جي نام نهادگلوبلائيزيشن انساني ضروري سهولتن جو محتاج آهي، جنهن وٽ نه تعليم، صحت، گهر، روزگار ۽ پيئڻ جو پاڻي آهي، انهن لاءِ اڄ به هڪ ڳوٺ کان وڃڻ لاءِ سهولت مهيا نه آهي، باقي جون سهولتون ته پري جي ڳالهه آهي، اها آهي اڄ جي سرمائيدار جي گلوبلائيزيشن جنهن ۾ دنيا جا 80 فيصد ماڻهو بک، بدحالي ۾ مري پيو، سرمائيدار کي صرف ۽ صرف پنهنجي سرمائي کي وڌائڻ ۾ دلچسپي آهي، نه ڪي انسانيت سان.
    سرمائيدار ملڪن جي ملي ڀڳت سان انهن اهو به فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته انهن کي دنيا کي مڪمل Borderless بڻاڻون آهي، ۽ ڪا به رائيلٽي، ڪسٽم ڊيوٽي ۽ ٽيرف Tariffs نه رهنديون ۽ هاڻي کان ئي ٽين دنيا جا ملڪن انهن نام نهاد حقيقتن کي تسليم ڪرڻ شروع ڪن. ٻي صورت ۾ انهن وٽ ڪا به واه ڪانه آهي.

    غير منصفاڻي گلوبلائيزيشن:
    هن سرمائيدار گلوبلائيزيشن جيڪا مغربي سرمائيدارن پنهنجي فائدي لاءِ جوڙي آهي ته جيئن هو دنيا جي مارڪٽ تي قبضو ڪري سگھن، وڏي غير منصفاڻه اها ڳالهه آهي ته اهي سرمائيدار ملڪن جي شيون آرام سان اسان جي مارڪٽ ۾ اينديون پر اسان جي ٽين دنيا جو شيون آساني سان انهن جي مارڪيٽ ۾ نٿيون وڃي سگهن، انهن لاءِ شرتون مقرر آهن يا انهن کان انهن شين جي اجازت وٺڻي پوندي، هن وقت ٽين دنيا جي سڀني ملڪن جو لڳ ڀڳ ساڳيو حال آهي ته انهن وٽ ٽٽل پٽل مشين، ڪمزور صنعتي ادارا ۽ ان ۾ ٺهندڙ شيون گهٽ قدرن وارو غير سيکڙاٽ مزدور ۽ ڪوڙيون غير عوامي جمهوريتون ۽ سياسي جماعتون جنهن ۾ ممڪن ئي ڪو نهي ته اسان جي شين جا دنيا جي انهن سرمائيدار ملڪن جي معيار تي لهي سگهن.

    دهشتگردي ۽ آمريڪا:
    دنيا ۾ دهشتگردي جيڪا 9/11 کان اسان ٻڌون پيا، اها ڪا نهئين ڳالهه ڪا نه آهي، دهشتگردي گهڻي وقت کان هلدني پئي اچي، 11 سيپٽمبر جي آمريڪا تي حملن جي واقعن کانپوءِ دهشتگردي کي هڪ الڳ دنيا ۾ حيثيت ڏني وئي آهي، جيڪا بلڪل ماضي کان الڳ آهي، آمريڪا ۽ ان جا دنيا ۾ اتحادي جيڪي عالمي اتحاد ٺاهي ڪري هڪ نام نهاد دهشتگردي خلاف جنگ شروع ڪئي اهي اها به هڪ عجيب سازش جي اهي، انهي سازش جا مثال توهان اسان کي هاڻي چڱي طرح سان ملي سگهن ٿا، آمريڪا ۽ ان جي اتحادي ڪين افغانستان کي پنهنجي بمن جو نشانو بڻايو ۽ اتان جي بيڏوهي عوام کي نشانو بڻايو ويو، ۽ هاڻي افغانستان ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، ان کانپوءِ ڪين هڪ ميڊيا جي ذريعي عراق جي صدر صدام حسين دنيا جي امن لاءِ خطرناڪ ثابت ڪيائون ۽ ڪوڙا ثبوت پيش ڪري عراق کي دهوڙ ۾ تبدلي ڪري ڇڏيو، هاڻي عراق ۾ اتحادي فوجن کي 01،9 مهينا گذرڻ جي ايٽمي بارود ڇا هڪ گندرف واري هٿيارن جي بوءِ به ڪين ملي سگھي آهي.
    تاريخي حوالي سان انساني سماج ۾ ڪي اهڙيون ڌريون يا فرد ڪن گروهن يان تنظيمن جي شڪلن ۾ رهيا آهن، جنهن انساني سماجن ۾ عام ماڻهن جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ڪوششون وٺندا رهيا آهن، خاص ڪري انهن قائم ٿيل حڪومت کان اها گهر ڪندا رهيا آهن ته حڪمران يا قائم ٿيل Authorities اختيارت کان ته اهي عوام جي بهتر زندگي لاءِ ڪجهه قدر بهتر ۽ قانون ٺاهن ۽ انهن کي سماج زندگي گذارڻ لاءِ آزادي ڏني وڃين ته جيئن اهي سماج ۾ آزاديءَ سان زندگي گذاري سگهن ۽ ان سان گڏ انهن کي اها پڻ آزادي هجي ته هو پنهنجي خيالن جو اظهار ڪن ۽ پنهنجي روز مرهه جون سماجي حرڪتون پنهنجي خواهش تحت ڪري سگهن، جڏهن ته اسان هن وقت جي ماڻهن کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته هن وقت جيڪي به انساني آزاديون ماڻيون آهي اهي ڪي پاڻمراديون يا بغير ڪنهن جفاڪش جي نتيجي ۾نه مليون آهن، انهيءَ سڀني آزادين کي حاصل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻا ورهه لڳي ويا آهن ۽ هزارين تڪليفن ۽ قربانين کانپوءِ اڄ جي انسان کي ڪجهه آزاديون مليون آهن، جيڪي به اڻ پوريون آهن، هن وقت ڪروڙين انسان مختلف سماجن ۾ رهي رهيا آهن، جنهن کي انهيءَ آزاديءَ جي نعمت کان پري آهن ۽ غيرجمهوري حڪومت جي جبر هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن، انهن کي ڪا به بنيادي حقن جي آزادي ڪا نهي، يا بنياد حقن کان محروم آهن، اهڙا کوڙ سارا سماج ۽ قومون آهن، جنهن وٽ اڃا به نڪي جمهوريت آهي نه وري انساني ۽ شهرين جا برابري جا ڪي حق مليل آهن، اسان جهڙن پوئتي پيل ملڪن ۾مغربي يورپ جي ترقي يافته ملڪن جي جمهوريت ۽ شهرين کي سماجي، سياسي ۽ معاشي حق جو مثال ڏنو ويندو آهي، جڏهن ته اڪثر مغرب جهڙن ترقي پذير ملڪن ۾ به اهي انساني برابري وارو سلوڪ نه ڪيو ويندو آهي، اتي به حڪومت ۽ سماجي تي اختيارات حاصل ڪندڙ قوتون نسلي يا مذهبي تفريقون جاري رکيون اچن ٿيون پيون، اهو ڀلي آمريڪا هجي يا وري انگلينڊ، فرانس ۽ جرمني جهڙا ملڪ هجن، جڏهن ته باقي ملڪن جي سماجن جي آزاديءَ کان وٺي انهن سماجن ۾ رهندڙ شهرين تي به گهڻيون تڻيون پابنديون لڳايل آهن، جنهن ۾ عرب ملڪن جي سماجي آزادي ۽ جمهوري حقن جي حوالي سان ته اتان جي شهرين جو حال ٻين سماجن کان تمام گهڻو خراب آهي، جتي اڃا به بادشاهي نظام لاڳو ٿيل آهي، جتي ڪنهن به قسم جي سياسي ۽ سماجي آزاديءَ جو تصور به نٿو ڪري سگهجي پيو، انهيءَ کان علاوه توهان اسان آفريڪا جي اندر ڪنهن به قسم جي آزادي ۽ جمهوريت موجود ناهي رهي، بيٺڪيت جي زماني کانپوءِ به اڪثريتي آفريڪن ملن جي سماج ۾ تمام ڪيترن ڏهاڪن کان خانه جنگي موجود رهندي پئي اچي، جنهن خانه جنگي هنن جي سماجي ۽ معاشي حوالي سان تباهي ۽ بربادي ڪري ڇڏي آهي، ايتري قسمن جون گهڻ رخيون جنگيون پيون هلن جو انهيءَ جو توهان اسان تصور به نه ٿا ڪري سگهو، ڪٿي مذهبي ته وري ڪٿي نسلي، هڪ هڪ ملڪن جي اندر ٻن ٻن درجن کان وڌيڪ گروهي ۽ نسلي فسادات هلي رهيا آهن جن فسادن جي ڪري انهن ملڪن ۽ قومن جا ماڻهو 20-25 سالن کان ڪئمپن ۾ زندگيون گذاري رهيا آهن صرف زندگي جي تحفظ خاطر، انهن ۾ انگولا، ڪينيا، اٿوپيا، سوڊان جهڙا ملڪ موجود آهن.
    اهڙو ئي حال وري اسان جي ايشيائي ملڪن جو آهي، جتي نه پوري طرح جمهوريت آهي نه وري سياسي ۽ معاشي استحصڪام، ايشيائي ملڪن جي اندر به ڪنهن خاطر خواهه انساني ترقي ڪانه ٿي آهي نه وري ڪنهن قسمن جي انساني حقن جو ڪو تحفظ موجود آهي، انهن ملڪن جي اندر به مذهبن کان وٺي نسلي بنيادن تائين تفريقون ۽ اختلافات موجود آهن، جنهن ۾ سڀني ملڪن ۾ هڪڙي قسم جي مذهبي فرقيواريت جي حڪومتون آهن يا وري هڪ اڪثريتي نسلن جي رياستن جي ادارن تي قبضو آهي، جنهن جي ڪري سماجن ۾ مذهبي ۽ نسلي تضادن ڪنهن به ملڪ جي سماج کي ستر، اسي سالن ۾ اسرڻ نه ڏنو آهي، انهن ملڪن ۾ هندستان هجي يا وري پاڪستان، جتي وڏي پيماني تي نسلي ۽ مذهبي رجعت پرستن، رياستن جي ادارن تي ديرو ڄمائي ويٺا آهن، جيڪي اقليتي قسم جي نسلن ۽ مذهبن جي لاءِ نانگ بڻيا پيا ڦرن، لٽن ۽ اقليتي نسلن ۽ مذهبي ماڻهن جي معاشي ۽ سماجي استحصال ڪيو پيو وڃي، جنهن جي انهن ملڪن جي معاشري نه وري ڪا جمهوريت آهي نه وري ڪنهن قسم جون سماجي ۽ سياسي حقن جي پاسداري، نتيجن انهن ملڪن جي سماجن ۾ سياسي آزاديون نه هجڻ جي برابر آهن، انهن ملڪن ۾ هندستان جيڪو وڏو ملڪ آهي ايراضي ۽ آبادي جي حوالي سان اتي به 50 کان مٿي نسلي قسم جون آزادي تحريڪون هلن ٿيون، ان کان علاوه گهٽ ذات وارن هندن سان جنهن کي ڇودر سڏيو ٿو وڃي، اتي انهن کي ڪا برابر جي سماجي ۽ معاشي حق مهيا نه آهن، جنهن جي ڪري انهن ۾ سخت قسم جي مزاحمت هلي رهي آهي ۽ هندستاني رياست جي طرفان حڪومت ڪارا پوليس ۽ فوج جا قانون لاڳو ٿيل آهن، جنهن سان انهن مزاحمتي گروهن کي سماجي ۽ نسلي بنيادن تي ڪچليو ويندو رهيو آهي ۽ اهڙي طرح هندستان جي اندر هڪڙي قسم جي وڏي پيماني تي معاشي استحصال ٿي رهيو آهي، هندستان جي رياست ۾ ڪهڙي ۽ ڪيترن ئي قسمن جون سماجي، سياسي ۽ معاشي تفريقون هلن پيون، ان جو احوال هندستان جي وڏي سياسي ۽ سماجي لکيڪ اروندتي راءِ جي ڪتابن مان توهان اسان کي احوال تفصيل سان ملي سگهي ٿو ته هندستان جي اندر رهندڙ مذهبن ۽ نسلن ۽ سماجي اڻبرابري موجود آهي، ساڳيي طرح ڏکڻ ايشيا جي ملڪ سريلنڪا، جتي 50 سالن کان اڪثريتي ۽ اقليتي نسلن جو پاڻ ۾هلندڙ جيهڙو موجود آهي، جنهن ٻن نسلن جي ماڻهن هڪڙا تامل ۽ ٻيا وري سنهالي نسل جا ماڻهو آهن، جنهن جي اڪثريت آهي ۽ رياست ۽ حڪومت تي قبضو آهي هڪ نسلي حوالي سان، اڪثريتي بنياد تي جنهين تامل نسل جي ماڻهن کي رياست ۾، ۽ انهن جي رياستي ادارن ۾ نمائندگي کان محروم ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪري اتي تامل سريلنڪن حڪومت جي اهڙي طرز عمل کان، شروع کان بغاوت ڪئي هئي، جيڪا اڄ تائين لکين انساني جانين جو ضايع ٿيڻ باوجود پوءِ به سنهالي اڪثريت سريلنڪا رياست تان بالادستي ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي، ساڳئي طرح وري نيپال جي آهي جتي بادشاهي نظام هلندو پيو اچي، ۽ عام شهرين کي جمهوريت ۽ سماجي حقن جي اجازت به باقي ملڪن وانگي آهي، اتي ڪجهه قدر هڪڙي وڏي سياسي انقلاب ۽ بغاوت کانپوءِ بادشاهي نظام ختم ٿيو آهي پر اڃا به ٻين قسمن جي سياسي اختلافات موجود آهن، ٻيو اهم ملڪ جيڪو بنگلاديش آهي، انهيءَ جي سياسي ۽ سماجي حالت به اهڙي رهي آهي، جنهن ملڪ ۾ ڪافي عرصي کان سياسي غيراستحڪام رهندو آيو آهي، اتي به فوجي بغاوتون ۽ بالادستي رهيون جنهن ۾ فوج ملڪ ۾ حڪومت ڪندي رهي آهي، بنگالي عام ماڻهن کان سياسي آزاديءَ جا حق کسيل رهيا آهن ، جنهن وري ان فوج آمرن حقيقي سياسي ۽ جمهوري سياسي اڳواڻن کي ڪچليو ۽ ملڪ نيڪالي ڏني ۽ شهرين کي آئيني حقن کان پري رکيو ويو، جنهن جي ڪري ملڪ جي اندر سياسي ۽ سماجي عدم استحڪام جنم ورتو ۽ جنهن ۾ عام شهرين جي عدم تحفظ جو احساس وڏي پيماني تي رهندو آيو آهي، ٻئي طرف هن خطي جو اهم ملڪ پاڪستان جيڪو پنهنجي ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين هڪ Securiy state)) تحفظي رياست طور سڃاتو وڃي ٿو، جنهن جي سڃاڻپ پوري دنيا ۾ هڪ اهڙي ملڪ تحت ڄاتي ملڪ ٺهڻ کان وٺي چار دفعا ته فوجي آمرن سويلين آئيني حڪومتون ختم ڪري ملڪ تي قبضو ڄمايو آهي. ، پاڪستان ۾ آئين جي بالادستي نه هجڻ برابر رهي آهي، جنهن سبب ڪري 1971 ع ۾ ملڪ ٽٽي ويو، پاڪستان ۾ هن وقت تائين 30 سالن کان سڌي طرح فوج جي آمريتي حڪمراني رهي آهي، هن ملڪ ۾ هن وقت چار قومون رهن ٿيون، جنهن ۾ اڪثريت پنجابي نسل جي رهي آهي، جنهن جي ڪري پنجاب هن ملڪ جي سياسي ۽ معاشي حالتن تي ڪنٽرول ڪندو رهيو آهي، ان کا علاوه رياست جي سڀني سياسي، سماجي ۽ معاشي ادارن تي انهن جي بالادستي قائم رهندي پئي آهي، جنهن جي ڪري هن ملڪ ۾ رهندڙ باقي نسلن کي انهيءَ پنجاب جي بالادستي تي سخت اختلافات رهيا آهن ته انهن کي آبادي جي لحاظ کان ملڪ جي وسيلن مان حصو ملي، جيڪو اڄ 70 سال گذرڻ تائين ناممڪن رهيو آهي انهيءَ سبب جي ڪري هي 1971ع ۾ به ٽٽي ويو هئو، پاڪستان جي اندر به هڪ آئين جي بنيادي کان وٺي سماجي حقن تائين شهري هن ملڪ ۾ محروم رهيو آهي، هن ملڪ ۾ مذهبي فرقيواريت کان وٺي نسلي تضادن تائين وڏي پيماني جا اختلاف موجود رهيا آهن، سياسي آزادي نه هجڻ جي برابر آهي، جمهوري ۽ سياسي اڳواڻن کي جيلن ۾ بند ڪرڻ ۽ انهن کي جسماني عزيتون ڏيڻ هن ملڪ ۾ معمول رهيو آهي، جنهن جي ڪري کوڙ سارا سياسي ڌرين جا اڳواڻ مارجي ويا، جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کا وٺي بينظير ۽ اڪبر بگٽي تائين، سياسي آزادي شهرين جا بنيادي ۽ اظهار جي آزاديءَ تي سخت کان سخت پابنديون رهيون آهن.
    مان هت وري هن تفصيلي احوال کانپوءِ وري پنهنجي بحث تي موٽي ايندس جنهن جو ذڪر مون شروع ۾ پئي ڪيو ته انساني سماج ۾ شهرين جي آزادي ۽ حقن جي ويڙهين جو قصو تمام انسان جي اوائلي دور کان رهيو آهي، جنهن ۾ وري ڪي اهڙيون ڌريون جيڪي ماڻهن ۽ سماجن جي ترقي ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪنديون رهيون آهن ۽ انهن فردن ۽ گرووهن اها ڳالهه ان بااختيار ۽ بالادست قوتن اڳيان رکي ته شهرين جي زندگيءَ علحدگي


    عالمي معيشت جو عروج ۽ زوال

    مغرب ۾ سرمائيداراڻي تهذيب جي پڄاڻي ٿيڻ واري يا هيءَ ايڪويهين صدي ايشيا وارن ملڪن ۽ قومن جي عروج جي صدي ثابت ٿيندي؟ اهو بحث هڪ ڏهاڪي کان هلندو پيو اچي، جڏهن 2008ع کان يورپ جي معاشي خلفشار پيدا ٿيڻ کانپوءِ ڏينهون ڏينهن انهن جون ناڪام حڪمت عمليون ڪي خاطر خواهه حل نه ڪڍي سگهيون آهن، نتيجي ۾ پوري مغرب جي معاشري ۾ فرد جي خوشحالي ۽ سماجي تحفظ جي بيچيني وڌندي پئي وڃي،
    يقينن مغرب جا سڀ ئي ملڪ جيڪي صنعتي طاقتور آهن سي به پنهنجن شهرين کي ڪو رليف ڏيڻ ۾ ناڪام وڃن ته پوءِ يقيين انهن ملڪن ۾ سياسي بحران جنم وٺندو، وٺي رهيو آهي ۽ پاڻ جنهن مغربي تهذيب ڳالهه ڪري رهيا آهيون اها يقينن پنهنجي هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿي، پنهنجي ارتقائي دور کان هن عروج ۽ ڪمال جي دور تائين ان جي هڪ جداگانه اهميت اهي پر جيڪڏهن ڪا تهذيب وڌي ويجهي به ٿي ته خصوصن انساني معاشري جي مادي ضرورت جي پورائي لاءِ پر جيڪڏهن اها تهذيب فرد جي مادي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃي ته ان تهذيب جي سڃاڻپ ظالماڻه ٿيندي آهي ۽ اها گهڻو وقت پنهنجو وجود قائم نه ٿي رکي سگهي، هن مغربي سرمائيداراڻه تهذيب ئي انساني تاريخ جي وڏي تهذيب رهي آهي، جيڪا ٺوس ۽ ٺوس انساني مادي ترقي ۽ بنياد تي ٻڌل رهي آهي، جنهن ۾ گذريل سڀني تهذيبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ جدت پسند آهي، پنهنجي جوهر ۾ گذريل سڀئي انساني تاريخ جون تهذيبون ايتريون جدت پسند ڪو نه رهيون آهن، جنهن ۾ انساني شعور ايڏي ترقي ڪئي هجي.
    هن وقت مغرب جي سرمائيداري، دنيا جي سڀني قومن ۽ ملڪن تي لاڳو آهي، انهن جي سرواڻي يورپ يا مغرب جا ترقي پذير ملڪن ڪري رهيا آهن ،جيڪي ڪجهه ادارن جي شڪل ۾ پوري دنيا جي معاشي فيصلن جو تعين ڪن ٿا، جيڪي آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ ۽ ڊبليو ٽي او جهڙن ادارن جي شڪل ۾ آهن، هڪ طرح دنيا جي سرمائيداراڻي معيشت ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڳنڍيل آهي،ان جي زوال يا استحڪام پوري دنيا جي ملڪن تي هڪ جيترو ئي اثر انداز ٿيندو الڳ الڳ نه، جنهن جو مثال اسان هن وقت جي صورتحال مان لڳائي سگهون ٿا، جو 2008ع کان سرمائيداري ۾ معاشي غير استحڪام جو شروع ٿيڻ سڀني مضبوط سرمائيدار ملڪن جي ڳڻتي جو سبب بڻجندو پيو وڃي، اها آمريڪا هجي يا چائنا يا يورپ جا ڪي ٻيا سرمائيدار ملڪ انهن کي پنهنجي معاشي مسئلن کان وٺي سماجي ۽ سياسي مسئلن تائين هڪ ڀرپور عدم استحڪام کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جنهن ۾ هر ملڪ جا اڳواڻ هڪٻئي تي الزام هڻڻ ۽ پنهنجي معيشت کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن، چاهي پوءِ اهي سياسي اڳواڻي کي تبديل ڪرڻ جا، تازو چائنا کي پنهنجي پوري تاريخي معاشي ڍانچي جي حوالي سان فيصلا ڪرڻا پئجي رهيا آهن ته جيئن چائنا پنهنجي اڀرندڙ سماجي تضادن کي حل ڪري سگهي ۽ ڪيل (گروٿ ريٽ) برقرار رکي سگهي، جيڪو تمام مشڪل ٿيندو پوي وڃي، ساڳئي طريقي سان جاپان هجي، پورو يورپ هجي يا آمريڪا انهن سڀني اڳواڻ سرمائيدار ملڪن کي گهڻي ليکي ساڳي نوعيت جون مشڪلاتون سامهون آهن ، جنهن ۾ ڏسڻو اهو آهي ته اهي معاشي پيدا ٿيل خرابيون ڪٿي دنگ ڪن ٿيون، ها هن وقت جيڪي معاشي خرابيون هلي رهيون اهن انهن جو اهو هرگز اهو مطلب ڪونهي ته هاڻي مغرب جو عروج ختم ۽ زوال شروع ٿي ويو آهي.
    مون کي خصوصن اها راءِ ڪجهه عجيب لڳندي آهي ته هاڻي مڪمل مغرب جو زوال ۽ ايشيا جي ملڪن جو عروج ٿيندو، معاشي حوالي سان هيءَ صدي ايشيا جي ملڪن جي آهي ۽ ايشيائي طاقتن جو اڀار ٿيندو، انهن خيالن جو بنياد ڪهڙو آهي،؟ گهڻي ڀاڱي اهي ماهر ڄاڻو، مفڪر، تجزيه نگار جيڪي اهو چئي رهيا آهن ته 21 هين صدي ايشيا جي ترقي ۽ طاقت جي آهي، انهيءَ لاءِ ته مغرب جي صنعتڪار ملڪن لاءِ شيون واپرئيندڙ(ڪنزيومر مارڪيٽ) باقي نه رهيو آهي، اهو صرف ئي صرف ايشيا جي ملڪن ۾ آهي، هاڻي اچون ٿا ته ايشيا جا اهي ڪهڙا ملڪ جيڪي ايشيائي طاقت جي اڳواڻي ڪندا ۽ ايشيائي ملڪن جي صف بندي سان انهن ملڪن ۾ معاشي، سياسي ۽ سماجي استحڪام پيدا ڪندا، انهن مان ڪجهه ملڪ آهن چائنا، انڊيا، جاپان، ڪجهه سائوٿ ايسٽ ايشيا جا ملڪ جهڙوڪ ٿائيلينڊ، سنگاپور، ملائيشيا، انڊونيشيا وغيره، اهي سڀئي ايشيائي ملڪ جن وٽ گهڻي ڀاڱي چئجي ته مستحڪم سماج جوڙيل آهي، ۽ معيشت جي حوالي سان يا جمهوري نظام جي پائيدار موجود آهي پر انهن ملڪن ۾ اڄ به جيڪي سماجي تضاد آهن اهي گهڻي قدر غير ترقي يافته ملڪن جهڙا آهن، مثلن چائنا ۾ هڪ ٻئي قسم جو سسٽم آهي، جنهن جو معاشي ڍانچو هڪ سرمائيدارانه، جنهن کي عام ٻوليءَ ۾ آمريتي سياسي نظام چون ٿا، مذهبي تضاد، اقليتن جي لاءِ سماج ۾ هڪ جهڙائي جي کوٽ، لساني تضاد، انساني حقن جي حوالي سان کوٽ، اڀرندڙ معاشي اڻبرابري، شهري ۽ ڳوٺاڻي زندگي ۾ وڌندڙ تضاد، صحت جون اڻ برابرسهولتون، پوڙهن ماڻهن جو وڌڻ ۽ انهن لاءِ غير موثر ڪوششون، تعليم جي لاءِ ٻهراڙين ۽ شهرن ۾ اڻبرابري، تيزي سان ڳوٺن کان شهرن ۾ وڌندڙ آبادي، روزگار جي لاءِ غير موثر اپاءَ، جنسي برايون ، اهي سڀ چائني سماج ۾ تمام وڏا ڪر کڻندڙ مسئلا ٿيندا پيا وڃن، ڀلي چائنا معاشي حوالي سان آسمان کي ڇهندڙ ترقي ڪئي هجي پر ان جا اندروني، سماجي، سياسي ۽ معاشي مسئلا بنگلاديش ۽ پاڪستان کان گهڻا مختلف ناهن، ساڳي نوعيت جا مسئلا باقي ملڪن ۾ ٿائيلينڊ جتي اڄ به فوجي آمريت سياسي مضبوط بڻيل آهي، اسان سڀني کي خبر آهي خاص ڪري پاڪستاني ماڻهن کي ته اتي اڄ به وڏي انڊسٽري جنس جي آهي، لساني تضادن کان وٺي مذهبي تضادن تائين، اچون پاڻ انڊونيشيا جتي اڀرندڙ مذهبي انتهاپسندي مذهبي اقليتن سان اڻ برابري، آئيني بحران وغيره، جهڙا مسئلا آهن، اچون ٿا پاڻ هاڻي ڀارت تي جنهن جي فيڪس آمدني آفريڪا جي رهندڙن جهڙي آهي، تمام وڏي تعداد ۾ هيٺين طبقي جي موجودگي، بيروزگاري، شهري ۽ ڳوٺاڻي آبادي ۾ تضاد، تمام وڏي ڪرپشن، سياسي معاشي حوالي سان، انساني حقن جي حوالي سان تمام افسوسناڪ حد تائين، اهي صرف 2012ع ۾ 35 هزار عورتن سان جنسي زيادتي جا مسئلا پيش آيا آهن، هن وقت به ڀارت جي اندر 43 آزاديءَ جون ننڍيون وڏيون هلندڙ تحريڪون، پوليس کي مليل اختيار، اروندوتي راءِ جو ڪتاب پڙهي Walking with comrades انداز ٿي ويندو ته هندستان جي جمهوريت ڪهڙي انداز سان ڪم ڪري رهي آهي، جنهن کي اسان دنيا جي وڏي جمهوري ملڪ جو خطاب ڏنو آهي، جنهن جمهوريت جو صرف اهو ڪم آهي ته انڊيا کي وڪڻي هڪ مڪمل ڪارپوريٽ ڪمپنيز جي حوالي ڪجي ۽ اهي ڪمپنيز ڀارت جي ماڻهن جي مستقبل جو فيصلو ڪن، اڃا به ان جو گهرائي سان اندازو لڳايو ته 2007ع ۾ من موهن سنگهه لوڪ سڀا ۾ ڪيل تقرير ۾ اهو چيو ته هن وقت ڀارت کي سڀ کان وڌيڪ خطرو اندروني تضاد جي ڪري آهي، ڪو خارجي نه، باقي ملڪن جو پاڻ ذڪر نه ٿا ڪريون، جيڪي کاتي ۾ نه ٿا اچن، سو اهو سڀ ڪجهه ايشيا کي طاقتور بڻائڻ ۾ ڏاڍو ڏکيو عمل آهي.
    هن وقت پوري دنيا ۾ سرمائيداراڻي طرز جو معاشي نظام آهي، مغرب کي هن وقت تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو ته اهي هن هلندڙ معاشي بحران مان نڪرن ۽ دنيا ۾ وڙهندڙ جنگيون نيٽو جي حوالي سان اهو سڀ ڪجهه هڪ وڏي خطرناڪ صورتحال آمريڪا ۽ يورپ جي ترقي پذير ملڪن لاءِ اڃا آمريڪا کي هن جنگي، انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ لاءِ نيٽو کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ ۾ يورپ جا سڀئي ملڪ آمريڪا سان تعاون ۾ بيٺل آهن، جڏهن هو تعاون ختم نه ٿيندو، تيستائين اهو چوڻ ته سڀ ڪجهه ختم ٿي رهيو آهي ته هو ايڏو آسان ڪونهي منهنجي نظر ۾، مان مٿي اهو بيان ڪري آيو آهيان ته هن وقت پوري دنيا م سرمائيداري معاشي نظام آهي ۽ ان ۾ تمام گهڻا نظرياتي اختلاف آهن ۽ ٿيندا رهندا، هن وقت پوري دنيا جي ملڪن ۾ سرمائيداراڻه لبرل ڊيموڪريسي دنيا جي اندر ماڻهن جا مسئلا حل نه ڪري سگهي، بک، بدحالي ۽ ملڪي تضان جو خاتمو نه آڻي سگهي آهي، مغرب جا ملڪ جيڪي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، اهي سڀ مسئلا پوري سرمائيدار نظام جو خاتمو آڻيندا سرمائيدارانه لبرب ڊيموڪريسي دنيا جا مسئلا حل ڪرڻ يا ماڻهن جي ويلفيئر ۾ مڪمل ناڪام وئي آهي، هاڻي ان جو زندهه رهڻ تمام گهڻو مشڪل ۽ ناممڪن آهي، سرمائيداري کي تباهه ٿيڻو آهي، جيڪا سڄي دنيا ۾ اڻ برابري ۽ جبر قائم رکڻ جو سبب بڻجندي پئي اچي، اها به سرمائيدار جي چالاڪي آهي، ۽ سرمائيدارانه چالاڪي تي ٻڌل آهي، پڙهيل لکيل موڳن ماڻهن کي ان خوشفهمي ۾ رکڻ جي برابر آهي. سرمائيدار ڳجهون آفريڪا، ايشيا، ليٽن آمريڪا جي پورهيت طبقن ۽ مظلوم ماڻهن جو ماس پٽي کائي رهيون آهن، ماڻهن کي نسلي، مذهبي، ۽ جاگيرداري اختلافن ۾ ويڙهائي تباهه برباد ڪري ڇڏيو اٿن، غريب عوام هڪ پوري وبا ۾ گهيريل زندگي گذاري رهيا آهن، انڊيا جي غريب عوام جي حالت کڻي ڏسو، هن گانڌي ۽ نهرو جي ٺهيل ڪانگريس جنهن ملڪ ئي ملٽي نيشنلز کي وڪڻدا پيا وڃن، آمريڪا جي اڳيان هٿ جوڙي ڪنڌ نوائي بيٺا آهن مٿان اهو ڊرامو ته هي صدي ايشيا جي ملڪن جي هوندي، سواءِ هن سرمائيداري زوال جي جيڪو مغرب جي ملڪن ۾ شروع ٿيو آهي، اهو وڌندو رهندو، تيستائين جيستائين مظلوم ۽ پورهيت طبقن جو استحصال بند نه ٿيندو.


    ٽالپر دور، انگريز سامراج ۽ سنڌ

    سنڌ جو سماج به هن گذريل ٻه سئو سالن کان ڪنهن به هڪ جديد سماجي تبديلين مان نه گذريو آهي، جيئن دنيا جون ٻيون قومون سياسي انقلاب کان گزريون آهن يا گذري رهيون آهن، ويهين صديءَ جو تجربو دنيا جي سڀني قومن لاءِ گهڻو مختلف نه رهيو آهي، اهو آهي بيٺڪيت وارو، جنهن ۾ تمام گهڻين دنيا جي مغربي يورپين جي فوجي تسلط هيٺ گذاريو، جنهن ۾ هن ننڍي کنڊ جي قومن سان گڏ سنڌ کي به انهيءَ يورپين تسلط جو تجربو ڪرڻو پيو اهو سنڌ لاءِ بهتر هئو يا نه اهو تجربو پاڻ ڪنهن ٻئي وقت ڪنداسين، پر مان هڪڙي ڳالهه ڪندو هلان ته تاريخ جي تمام گهڻي ڏاهي ڪارل مارڪس چواڻي ته برصغير ۾ برطانوي راڄ صرف ظلم ۽ بربريت کانسواءِ هندستان جي تاريخ ۽ ان جي سماجي ترقي لاءِ برطانوي تسلط تمام گهڻو مثبت ٿي گذريو آهي، برطانوي سامراج نه اچي هان ته اتي جديد طرز جي حڪومت ۽ معاشي ترقي سماجي علم ۽ روشن خيالي بابت پري پري تائين سوچڻ ناممڪن هئو، جيڪو به هڪ الڳ بحث آهي، پر آئون ڪارل مارڪس جي ان خيال سان سهمت آهيان ته اسان جي برصغير ۾ جهڙي طرح جي حڪومت ۽ راڄ قائم هئو، اهو نج مذهبي بنيادن تي ٻڌل مغل شهنشاهيت رهي، جنهن مان ڪا به اميد نه پئي ڪري سگهياسين هڪڙي جديد دور ۽ سماجي تبديلي جي، وڌ ۾ وڌ ان جي مقابلي ۾ هندو مذهب جي شهنشاهيت جڙي سگهي هان، ٻيو ڇا؟ ساڳئي طرح سنڌ ۾ ٽالپر حڪومت جو به اهڙوئي حال هئو، جتي نڪا بهتر حڪمراني هئي، نه وري ڪا سماجي ۽ معاشي بهتري جي لاءِ ڪا ڪوشش. افغاني ۽ نئين اڀرندڙ پاڙِيسرن کي ڏن ڏئي سنڌ ۾ پنهنجي تسلط ۽ حڪومت ٽيڪو ڏيڻ کانسواءِ وڌيڪ ڪجهه نه ڪري سگهيا پئي، باقي سنڌ اندر ان وقت ڪو به اهڙو طبقو يا ڪا سماجي ڌر موجود ڪونه هئي جيڪا ڪنهن ريت ٽالپرن جي حڪومت کي ختم ڪري ڪا نئين طرز حڪومت قائم ڪري سگهي ها.
    سنڌ سميت پوري برصغير ۾ سماجي ۽ معاشي طرح جديد ترقي جي شروعات انگريز سرڪار جي اچڻ کانپوءِ ئي ممڪن بڻي، انهن جي ڏيڍ سئو سالا حڪومت ۾ اسين ڪجهه نئين انداز سان سماجي فڪر ۽ ترقيءَ سان سلهاڙجڻ شروع ڪيوسين، تنهن کانسواءِ سياسي سماجي، وسيلن کي ڪتب آڻڻ، جديد انساني حقن کي سامهون رکي پنهنجي سياسي ۽ سماجي حقن جي گهر ڪئي وئي پوءِ اها ڪيتري مضبوط هئي يا نه اها هڪ الڳ ڳالهه آهي، اهڙي طرح 20 هين صدي جي شروعاتي ڏهاڪن دوران پهرين ۽ ٻي مهاڀاري جنگ لڳي ۽ بيٺڪيتي دور جي پڄاڻي طرف وڌڻ شروع ڪيو ۽ برصغير جي سماجي سياسي شعور ان برطانوي سامراج جي مزاحمت جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي ۽ مجبورن انهيءَ طرح سان سياسي آزادي جي شروعات ٿي، انگريز سرڪار انهن سئو ڏيڍ سالن جي حڪمراني دور دوران اهڙا ته سماجي ۽ مذهبي معاشي ڌڙا قائم ڪيا جن پوري سماجي جي حالت ئي بدلائي ڇڏي، بلڪل ائين جيئن سنڌي ۾ هڪ چوڻي آهي ته ”ڪيڏانهن مهن مريم جو، ڪيڏانهن رهيو ٽنڊوالهيار“. ايترا ته سماجي، مذهبي ۽ سيا سي اختلافات کي پيدا ڪيو ويو جو پوري خطي جي حالت ئي بدلجي وئي.
    بهرحال سنڌي جا گرافيائي سماجي حالت وقت سان گڏ تبديل ٿيندي رهي اها حالت ساڳي نه رهي جيڪا برطانوي راڄ کان اڳ هئي، برطانوي راڄ دوران ئي سنڌ جي آجپي لاءِ هڪ الڳ جداگانه سياسي گهرج هئي، جنهن کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان برطانوي راڄ ڪچلي ڇڏيو، جيئن برطانوي 1843ع کانپوءِ سنڌ جي سياسي اقتدار اعليٰ کي بمبئ پريزيڊنسي هيٺ آڻي ڇڏيو، جنهن جي سنڌ مان گهڻي قدر ان سياسي فيصلي جي تيستائين مداخلت ٿيندي رهي جيستائين 1936ع ۾ ان جي جداگانه حيثيت کي بحال ڪيو ويو، اهڙي طرح ان ئي عرصي دوران سنڌ مان سياسي، ساجي ۽ معاشي حالتون هڪ نئين انداز ۾ اڀري سامهون آيون، جهڙي طرح ٽالپرن جي دور ۾ سنڌ جون سماجي حالتون تمام مختلف هيون، جيئن ته ٽالپر سنڌي نه هجڻ ڪري هنن جي ايتري توجهه نه رهي ته اهو اتان جي اصل رهاڪن سان بهتر سلوڪ ڪن ۽ سرڪاري سطح تي انهن کي انتظام هلائڻ يا وري ڪجهه اهم فيصلا ڪرڻ ۾ کين شريڪ ڪن، نه ئي وري عام ماڻهن کي اهو پنهنجو بڻائي سگهيا، ان ڪري پنهنجي سرڪاري، سماجي توڙي معاشي فيصلن جي نتيجن ۾ انهن ويڇا هميشه قائم رکيا ۽ ٽالپر حڪمرانن گهڻي ڀاڱي فوج ۾ انهن کي ڀرتي ڪيو جيڪي هتان جا مقامي ماڻهو نه هئا، ان کانسواءِ ميرن ڀرپاسي جي حڪمرانن سان سڌي يا اڻ سڌي ريت غير ضروري تعاون ڪندا رهيا، جهڙوڪ: پنجاب رنجيت سنگهه يا افغانستان جي مدد ان جي ڀوکان ائين ئي ڪندا رهيا، جيئن هنن مير حڪمرانن کي چيو ويندو هئو، سنڌ جون معاشي حالتون بد کان بدتر ٿينديون ويون پر ٽالپر ڪنهن به طرح ڪو سياسي، سماجي يا معاشي سڌارا نه آڻي سگهيا ۽ نه ئي وري ان وقت سياسي يا سماجي حالتن پٽاندر ڪان تحريڪ جنم وٺي سگهي، جيڪا ٽالپرن جي ان نااهل حڪومت کي چئلينج ڪري سياسي قوت بڻجي هان.
    اهو به چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن برطانيا سنڌ تي قبضو نه ڪري ها ته پنجاب ۾ رنجيت سنگهه يا وري افغانستان ئي سنڌ مٿان حملو ڪري سنڌ کي پنهنجي تسلط هيٺ آڻي ڇڏين هان، باقي ان وقت ٽالپرن ۾ اهڙي قوت نه رهي هئي جو سنڌ جو اعليٰ اقتدار قائم دائم رکي سگهن ۽ اها حالت رڳو سنڌ جي حڪمران گهراڻي ٽالپرن جي نه هئي پر پوري برصغير جي مختلف حڪمرانن جي به ساڳئي حالت هئي، نه ته برصغير جي ڏاهي ولي الله دهلوي احمد شاهه ابدالي کي خط ڇو لکي هان ته اچي حملو ڪري ۽ برصغير جي مسلمان سلطنت کي بچائي، ڇاڪاڻ ته مغل به پنهنجي حال مان نڪري چڪا هئا، ٽالپر حڪمرانن ۾ ڪو فرق باقي نه رهيو هئو ۽ ٽالپر به اڻ سڌي طرح مغلن جي ماتحت سنڌ جي حڪمراني ڪندا پئي آيا نه ته ٽالپرن جون آزاد معاشي ۽ سياسي پاليسيون قطعه ڪو نه رهيون، ان سڄي صورتحال پوري برصغير جي سياسي سلطنتن ۽ حڪمرانن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي هئي، جنهن جو پورو فائدو برطانوي حڪمران ورتو ۽ سڌي طرح پنهنجي بيٺڪيت قائم ڪئي، ان برطانوي حملن کي يا ته سلطنت جي مختلف هنڌن تان مزاحمت جو منهن ڏسڻو پيو، جنهن کي اسين جنگ آزادي به سڏيون ٿا، اهي مزاحمتون هڪ ته نه منظم هيون ۽ نه ئي وري ٽالپر حڪمرانن جي انهن ۾ ڪا خاص دلچسپي هئي.
    جنهن ڪري انهن مزاحمت گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪيو، بلڪ اهي صرف عام ماڻهن وطن جي حب تحت مزاحمتن ۾ پنهنجو پاڻ نڀايو، جيڪي جلد ئي ڪجهه هفتن يا ڪجهه ڏينهن اندر ئي ختم ٿي ويون، جيئن مياڻي جي جنگ کانپوءِ انگريز 1843ع ۾ سنڌ کي فتح ڪري ٽالپرن کي گهر ٻيڙو ڪيو، انگريزن سان ويڙهه لاءِ ٽالپرن وٽ نه ته هٿيار هئا نه ئي وري ڪا سٺي رٿابندي، ان وقت هوش محمد شيدي ئي اهڙو ڪردار هئو جنهن “ مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون“ جو نعرو بلند ڪيو ۽ جوان مرديءَ سان وڙهيو، جيڪڏهن ٽالپر حڪمران ان وقت جنرل هوش محمد شيدي جي پاليسي کي سمجهي ڪجهه قدم کڻن ها ته ٿي سگهي ان وقت به انگريز ايتري آساني سان سنڌ تي قبضا نه ٿي سگهن هان پر ٽالپرن ڪڏهن به هتان جي مقامي آباديءَ کي اوليت نه ڏني بلڪل ائين جيئن عراق ۾ صدام حسين ملڪ جي عوام سان جٺيون ڪندو رهيو ۽ عراق جهڙو ملڪ به هن جديد دور ۾ آمريڪا پنهنجي فوجي قبضي هيٺ آڻي ڇڏيو، سنڌ جي ماڻهن به ٽالپرن جي نااهلي کي ڏسندي چاهيو ۽ جيڪڏهن ٽالپرن جي جڳهه تي ڪي ٻيا حڪمران به نااهل هجن هان ته سنڌي قوم انهن جو به ڪڏهن ساٿ نه ڏئي هان، پوءِ ڀلي ئي انگريز ڇو نه هجن، 1843ع ۾ انگريزن سنڌ کي پنهنجي ماتحت آڻي ڇڏيو ۽ اهڙا فيصلا ڪيا، جنهن جو سنڌي ماڻهن ڪڏهن به خير مقدم نه ڪيو، انهن فيصلن مان پوءِ ڀلي سنڌ بمبي پريزيڊنسي جي ماتحت بڻائڻ جو فيصلو هجي يا ڪراچي جي بندرگاهه کي استعمال ڪرڻ جو هجي، سنڌ به پوري برصغير جي ٻين خطن وانگر ان برطانوي بيٺڪيت ۽ اجارداري جي قائم ڪيل قانونن لاءِ مزاحمتي ڪردار ادا ڪندي رهي، پوءِ اهو قانون شهرين جي ترقي ۽ ٻهراڙيءَ جي حوالي سان هجي يا وري ڪو سياسي، سماجي توڙي معاشي حوالي سان هجي، بهرحال برطانوي سامراجيت ۽ بيٺڪيت جو هڪ ڊگهو سفر سئو سالن جي عرصي تائين رهيو، جنهن ۾ سنڌ جو عوام به مختلف قومن وانگر انهيءَ سامراجي راڄ جي مدمقابل ٿي ويڙهاند ڪئي ۽ سنڌ جي اقتدار اعليٰ لاءِ سياسي ڪوششون وٺندو رهيو، جنهن مان سياسي شعور جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن آل انڊيا مسلم ليگ ۽ ڪانگريس سياسي ميدان ۾ لٿيون ته انهن جي ايجنڊا ۾ سنڌ جي خودمختياري جو مسئلو اهو رهيو ته سنڌ کي بمبي پريزيڊنسي کان الڳ ڪري ان کي الڳ جداگانه ۽ تاريخي حيثيت ۾ برقرار رکيو وڃي.
    اهڙي طرح سنڌ پنهنجو پورو تاريخي قومي شعور ۽ ان جي خودمختياري ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو مزاحمتي ڪردار ادا ڪندي رهي آهي، ان جي سخت مزاحمت جو مثال پاڻ سنڌ جي حر گوريلا جنگ مان لڳائي سگهون ٿا ته برطانيا سرڪار جيڪا برصغير ۾ ئي پنهنجو تسلط قائم ڪندي پئي آئي، اهو نج فوجداري جي ڏنڊي تي قائم هو، جنهن کي مارشل لا ئي چيو پئي ويو پر جڏهن سنڌ ۾ حر گوريلا تحريڪ هلي ته انهيءَ فوجداري سامراج سنڌ ۾ ان مزاحمتي تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ هڪ الڳ سخت مارشل لا لڳائڻو پيو، جيڪا اڳ ئي برطانيا سامراج پوري برصغير ۾ لاڳو ڪيو پئي آيو، ائين چئجي ته اها سنڌ ئي هئي جنهن پنهنجي دور ۾ انگريز سرڪار کي ايتري سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري برصغير ۾ پهرين مارشل لا جو سهارو وٺي حُر گوريلا تحريڪ کي ڪچليو.
    بهرحال انگريز سامراج سنڌ تي تمام گهرا تاريخي اثر ڇڏيا، جنهن جو سياسي، سماجي ۽ معاشي توڙي نفسياتي ڪلچر کي بدلائي ڇڏيو، جنهن جا اثر اڃا به موجود آهن، اسان جي سماج تي جيڪي هن وقت به انهن ٺهيل قانونن، ادارن، جاگيردارن ۽ ڪامورا شاهي جي شڪل ۾ موجود آهن ۽ انهيءَ گوري سامراج جي اڻ سنڌي طرح سامراجيت اڄ به قائم ۽ دائم آهي، جنهن جو ڄار هو ويندي ويندي وڇائي ويا هئا.


    سنڌ جي سياست، سياسي جماعتون ۽ انهن جو ڪردار

    سنڌ جون سياسي جماعتن جي ٺهڻ جو سلسو خاص ڪري 1930ع کان شروع ٿيو هئو، جنهن ۾ سنڌ جي سياست ۾ هڪڙي قسم جي جدت آئي هئي، هي اهو وقت 1930ع جو جڏهن هندستان ۾ انگريزن جي حڪومت هئي، جنهن کي برطانوي دور سڏيو وڃي ٿو، جنهن پوري برصغير ۾ حڪومت ڪئي، 1857ع جي آزاديءَ جي جنگ کانپوءِ برطانيا افغانستان مان شڪست کائي پنهنجي طاقت جي ساک بچائڻ خاطر هن خطي ۾ سنڌ تي حملو ڪيو ته جيئن برطانوي راڄ جي افغانستان مان شڪست جي رسوائي کان بچي سگهي، سنڌ ۾ ٽالپرن جي حڪومت هئي، جيڪا اندروني سماجي ۽ معاشي حالتن جي غير استحڪام ڪري ڪمزور ٿي چڪي هئي، تنهنڪري برطانوي عسڪري قوت لاءِ اهو گهڻو مشڪل ڪون هئو جو هو سنڌ تي قبضو ڪري سگهي، 1843ع ۾ برطانوي جرنيل چارلس نيپئر سنڌ کي قبضي هيٺ آڻي ڇڏيو ۽ ميرن جون حڪومتون ختم ڪري ڇڏيون، 1846ع ۾ سنڌ کي برطانوي حڪومت بمبئي پريزيڊنسي سان ملائي ڇڏيو، انتظامي سهولت خاطر.
    سنڌ جي عوام انهيءَ تي گهڻائي واويلا ڪيا ته سنڌ جا جاگرافيائي سڃاڻپ کي جيئن جو تيئن رکيو وڃي پر سنڌ جي باشعور ۽ سياسي ماڻهن جي هڪ نه هلي، برطانوي راڄ جي اڳيان انهيءَ پوري عرصي دوران سنڌ جي ساڃاهه وندن انهيءَ شيءِ تي رٽ لڳائي بيٺا رهيا ته سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪيو وڃي، پوري سنڌ جي سياست انهيءَ ايجنڊا تي هلندي رهي خاص ڪري سنڌي طبقي جي ماڻهن يا دانشورن ۽ سياست ڪندڙن جي باقي بعد ۾ ٻيا سماجي ۽ معاشي مسئلا باقائدگي سان سنڌ جي سياسي جماعتن جي ٺهڻ جي شروعات 1930ع کانپوءِ ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي اندروني حالتن تحت سياسي جماعتن سنڌ جي مختلف سياسي فڪرن سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ سنڌ آزاد پارٽي جنهن جي اڳواڻي شيخ عبدالمجيد سنڌي پئي ڪئي، جنهن جو خاص سياسي نڪتو هو سنڌ جي آزادي، نه صرف بمبئي کان علحدگي جي پر سنڌ جي برطانوي راڄ کان به ساڳئي طرح سان سنڌ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جنهن جي اڳواڻي جي ايم سيد پئي ڪئي ۽ ان کانپوءِ جي ايم سيد ۽ سر شاهنواز ڀٽي گڏجي ڪري سنڌ پيپلزپارٽي جو بنياد وڌو 1934ع ۾ انهن سڀني جماعتن جو گهڻي ڀاڱي سياسي نظريو قومپرستاڻو هئو، جنهن ۾ سنڌ جي خودمختياري هئي، انهيءَ پارٽيز کان علاوه ٻي اهم پارٽي سنڌ هندو مهاڀاري پارٽي هئي، جنهن ۾ سنڌ جي هندن جي اڪثريت هئي، جنهن ڪانگريس جي سياست جي پوئواري ڪئي، ساڳئي طرح سان 1909ع ۾ مسلم ليگ جو به بنياد پيو هئو، پر مسلم ليگ 1937ع وارن چونڊن تائين ڪا خاص سنڌ ۾ جڳهه والاري نه سگهي هئي، ۽ 1937ع وارين چونڊن ۾ سنڌ مان ڪا هڪڙي به سيٽ نه کٽي سگهي هئي، اهڙي طرح سنڌ ۾ انهن جماعتن سياست جو آغاز ڪيو هئو، انهن سڀني جماعتن جو اثر گهڻو تڻو سنڌ جي جاگيردارن جو هئو، سواءِ سنڌ آزاد پارٽي جي جنهن جي اڳواڻي شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪري رهيو هئو، انهيءَ جماعتن سنڌ جي مڊل ڪلاس جو خاص اثر هئو ۽ سنڌ آزاد پارٽي جو سياسي نظريو هڪڙو واضح هئو ته سنڌ کي آزاد ڪيو وڃي، برطانوي راڄ جي خاتمي کانپوءِ ڇاڪاڻ ته انهيءَ 4019ع جي زماني ۾ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي سياست جون ڌارائون واضح ٿي ويون هيون، جنهن ۾ هن خطي ۾ برطانيا کانپوءِ ٻه ملڪ ٺاهڻ کپن، جنهن ۾ مسلم ليگ جي اڳواڻن جي گهر هئي ته هندستان جي مسلمانن کي الڳ ملڪ ڏنو وڃي، يا وري ڪانگريس جو سياسي نظريو هئو ته گڏيل هندستان جي آزادي جيڪو اڳ ۾ هيو ڪونه برطانيا جي دور کان اڳ.
    اهڙين Trajactory)) ڳنڀير حالتن ۾ سنڌ جي سياست جي شروعات ٿي، سنڌ جي بمبئي کان علحدگي ٿي وئي خاص ڪري 1936ع ۾ پر سنڌ جي سياست ۾ اڃا مشڪل حالتون سنڌ جي لاءِ انتظار ڪري رهيون هيون ته سنڌ کي ڪهڙي پاسي بيهڻ کپي، ڇاڪاڻ ته انهن سالن ۽ ڏينهن ۾ مسلمانن ۽ هندن جي سياست جا رستا الڳ ٿي رهيا هئا، اهي ٻئي جماعتون ويجهو اچن يا سياسي مصلحتون ڪرڻ جي بجاءِ هڪٻئي کان الڳ ٿي رهيون هيون، انهن ٻنهي سياسي جماعتن جي اڳواڻن جي هٽ ڌرمي جي سبب ڪري جنهن جو نقصان پوري برصغير تي پئجي رهيو هئو، جنهن ۾ نه صحيح جناح جي سياست هئي نه وري ڪا گانڌي ۽ نهرو جي جنهن کي وقت ۽ حالتن ثابت ڪيو آهي، انهيءَ پوري صورتحال کي پيدا ڪرڻ ۾ برطانوي سرڪار جي نمائدن به ڪا ڪسر نه ڇڏي ويندي، برصغير جي سياسي مستقبل کي بگيڙڻ جنهن ڪري اڄ 70 سال گذرڻ کانپوءِ ٻنهي ملڪن جو عوام ڀوڳي رهيو آهي، پنهنجي سياسي، سماجي، معاشي ۽ ثقافتي نقصانن جي شڪلن ۾ جنهن جو مستقبل ۾ به ڪو ازالو نٿو ڪري سگهجي، انهيءَ پوري صورتحال ۾ سنڌ جو به وڏو تاريخي نقصان ٿيو، جيڪو برصغير ۾ ناهي ورهاڱي جي ضد ۾.
    1940ع واري دور ۾ سنڌ جي سياست يا سنڌي سياسي جماعتون جيڪي جوڙيون هيون انهن سنڌ ۽ سنڌي عوام ۽ سماجي مفادن جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام ويون، اهي سنڌي سياسي جماعتون هڪڙو ته جاگيردار طبقي جي مفاد هيٺ هيون ۽ انهن جي قيادت اهي سنڌي جاگيردار ڪري رهيا هئا، جنهن کي سنڌ جي عوام سنڌي سماج جي مجموعي مفادن کان انهن جي طبقاتي مفاد بالاتر هئا، جنهن اڳتي هلي ڪري سنڌ جي عوام جي مجموعي مفادن جي بلي چاڙهاڻڻي پئي، انهن جاگيردار طبقي جي اهڙي خاص ڪري سياسي سماجي بلوغت به نه هئي جو ايندڙ سياسي حالتن جو تخمينون لڳائي سگهن ته هو ڪٿي مستقل ٺڳجي نه وڃن، اهڙي طرح سان سنڌ جي سياسي قيادت برصغير جي Trajactoty) ) دور جي سياست جي ور چڙهي ويا، جنهن ۾ مذهبي جذباتيت پڻ تمام گهڻو انهن سنڌي سياسي اڳواڻن تي اثر ڪرڻ شروع ڪري ڏنو، جنهن ڪري سنڌ جي سياست ۽ سماج ۾ به مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي سياسي نظرين جي ڌارائن ۾ سنڌ ورهائجي وئي، تنهن کانپوءِ سنڌ ۾ به مسلمانن جي الڳ وطن ۽ ملڪ ٺاهڻ جي ضرورت ۽ گهرو سياست شروع ٿي وئي، انهيءَ برصغير جي مسلمانن ۽ هندن جي مذهبي سياست سنڌ جهڙي خطي ۾ مسجد منزل گاهه جهڙن واقعن جنم ورتو، جنهن ۾ هزارين عام سنڌي ماڻهن جي قتل جي شروعات ٿي، سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان جو قرارداد پاس ٿيو، سنڌ جي ان وقت وزيراعظم الهه بخش سومري جو سياسي قتل ٿيو، هندن جي بزرگ صفات جهڙي ماڻهو جو قتل ٿيو، پوري سنڌ ۾ مذهبي جنونيت وڌڻ لڳي ۽ سماجي نفرت عام ٿي، پوري سنڌ ۾ مذهبي جنونيت وڌڻ لڳي ۽ سماجي نفرت عام ٿي ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ هارس ٽريڊنگ جي شروعات ٿي، سياسي وفاداريون بدلايو ويون، سنڌ اسيمبليءَ کي غير آئيني طريقي سان ختم ڪئي، چونڊن ۾ ڌانڌليون ڪرايون ويون، جيڪي سياسي اڳواڻ سنڌ دوست هئا، انهن کي نظربند ڪيو ويو ۽ سنڌ جي سياسي صورتحال کي وڃي ورهاڱي جي طرف ڌڪيو ويو ته جيئن سنڌ جي آزاديءَ جي مضبوط آواز تي ڪچلي سگهجي، اهو ئي ٿيو جيڪو مسلم ليگ چاهيو، سنڌ ۾ سنڌ جي اندر 1937ع وارين چونڊن کانپوءِ سنڌ جي سياسي جماعتن ۾ سياسي اتحاد ٺهڻ شروع ٿيا پر اهي ڪي خاص سنڌ جي سياسي صورتحال کي بدلائي نه سگهيا ۽ اهي سياسي اتحاد اوترو ئي جلد ٽٽي ويا صرف انهن سياسي اڳواڻن جي ذاتي مفادن جي خاطر، اهو ئي دور هئو جو سنڌ جي سياسي اتحادن جو قائم ٿيڻ جي تاريخ جي شروعات ٿي هئي، جنهن ۾ ان وقت جي سياسي پارٽيز جي اڳواڻن محض انهيءَ لاءِ پئي سياسي اتحاد ٺاهيا ته جيئن هو کٽي اچن، سنڌ اسيمبلي ۾ پاڻ کي ڪيش ڪرائن. پنهنجي جاگيرداري جي مفادن خاطر انهيءَ لاءِ نه ته هو سنڌ جي سياسي مستقبل کي مستحڪم بڻائي سگهن ته جيئن سنڌ جي عوام جي سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ ڪم ڪري سگهن، انهن سنڌ جي ڪجهه اهڙن سياسي اڳواڻن خاص ڪري شيخ عبدالمجيد سنڌي الهه بخش سومرو،خان بهادر ايوب کهڙو ۽ جي ايم سيد انهن سنڌي اڳواڻن ضرور سنڌ جي عوام لاءِ سنڌي مجموعي ترقي لاءِ ضرور سنجيده ڪردار ادا ڪيو هئو، باقي سنڌ جي هندو سياسي اڳواڻن ۽ دانشورن به سنڌ سان محبت ڪئي ۽ سنڌ جي ترقي لاءِ بهتر سماجي ۽ سياسي ڪردار ادا ڪيو، هو ان وقت برطانيا جي پوري دور دوران صرف انهن سنڌ ۾ ڪانگريس جي نظريي جي گهڻي ڀاڱي حمايت ڪئي پئي، 1947ع جي ورهاڱي کانپوءِ فورن سنڌ تي پاڪستان ٺهڻ ۽ ان جا سياسي فيصلن جو اثر پوڻ شروع ٿي ويو، جنهن ۾ سنڌ کي تمام گهڻا نقصان انهيءَ ورهاڱي جي ڪري پيا، جنهن ۾ پهريون مسئلو سنڌ کي انهيءَ ورهاڱي بعد هندستان مان لڏي ايندڙ مهاجرن جو سنڌ ۾ اچڻ شروع ٿي ويو، جنهن تي سنڌ جي سياسي قيادت مضبوطي ۽ سنڌ جي مفاد ۾ سياسي مقابلو نه ڪري سگهي، سنڌ جي هندو آبادي کي سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ انهن جي ڇڏيل مال ۽ ملڪيت کي انهن هندستان مان لڏي ايندڙ مهاجرن جي لاءِ وقف ڪئي وئي، سنڌي هندن جي لڏي ويل آباديءَ جي جاءِ تي هندستان مان لڏي آيل مسلمان مهاجرن کي سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو، ان وقت جي سنڌ جي وزيراعليٰ محمد ايوب کهڙي پنهنجي ڀرپور طرح سان مزاحمت ڪئي، پاڪستان جي مرڪزي قيادت وٽ پر ان جي هڪ نه هلي، انهن آيل هندستان مان مهاجرن جي وڏي اڪثريت کي سنڌ ۾ رهائشيون ڏنيون ويون، انهن آيل هندستان جي مسلمان مهاجرن سنڌ جي هندن کي جاني خطري ۾ وڌو ويو ته گهر خالي ڪن ۽ اهي جائدادون انهن جي حوالي ڪيون وڃن، انهيءَ ڳالهه جي تصديق هندستان جي صابق ۽ فوت ٿي ويل نگران وزيراعظم آڪي گجرال پاڻ ڪئي، جڏهن هو ان وقت ڪراچي سنڌ ۾ پنهنجي وڪالت جي پريڪٽس ڪري رهيو هئو، هن اهو به چيو منهنجي ملاقات دوران جيڪا 2007ع ۾ هن سان ٿي، ته محمد ايوب کهڙي پاڻ پوليس فورس کان هٿيار کسي حوائي فائرپئي ڪيا، امپريس مارڪيت وٽ ته جيئن هندن تي حملي ڪندڙ مهاجيرين حراس ۾ اچي ڀڄي وڃن، اهو سڀ ڪجهه لقاءُ آڪي گجرال ان وقت ڀرسان هڪ بلڊنگ جي گيلريءَ مان ڏسي رهيو هئو،
    انهن هندستان مان لڏي ايندڙ مهاجرين آبادي کي شهرن ۾ آباد ڪرڻ کانپوءِ وري جيڪو سنڌ کي نقصان ۽ اثر پيو اهو هئو اردو ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ ۽ سنڌ جي شهر ڪراچي کي فيڊرل حڪومت جي حوالي ڪرڻ، اهڙيون ٻيون کوڙ ساريون سياسي، سماجي ۽ معاشي فيصلا پاڪستان جي مرڪزي حڪومت مرضيءَ جا سنڌ جي ڳچيءَ ڳٽ وجهندا ويا، جو سنڌ ۾ سنڌي عوام جو ساهه سوڙهو ڪري دٻائي ڇڏيو ويو، جيڪڏهن سنڌي ماڻهو ٿورو به آواز بلند پئي ڪيو ته انهيءَ تاريخي اذيت خلاف ته ان کي ويتر وڌيڪ گهٽو ڏنو پئي ويو، ان وقت پاڪستان جي مرڪز ۾ جناح گورنر جنرل هئو ۽ لياقت علي خان وزيراعظم ، سنڌ جي عوام جو ۽ سنڌي سياسي اڳواڻن جو آواز ۽ سنڌ جي حق کي ڪنهن به مسلم ليگ جي مرڪزي قيادت اهميت نه پئي ڏني، جناح تي پورو سياسي ڪنٽرول لياقت علي خان ڪري ورتو هئو، سياسي حوالي سان جيئن لياقت خان پاڪستان جو سياسي سماجي منظرنامو پيش پئي ڪيو، تيئن جناح ان کي پئي سمجهيو، جناح پاڻ ئي محمد ايوب کهڙي جي حڪومت کي غير آئيني انداز سان ختم ڪري ڇڏيو، سنڌ جو گورنر راڄ لڳائي ڇڏيو، سر هدايت الله ان وقت گورنر هئو، سنڌ جي انهيءَ گورنر راڄ دوران سنڌ جي سياسي اڳواڻن ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جي هارس ٽريڊنگ شروع ٿي ۽ سنڌ جي سياسي اڳواڻن جون وفاداريون تبديل ڪيون ويون، سنڌ جي عوام دانهون ڪيون احتجاج ڪيا پر انهن جي احتجاجي آواز کي طاقت سان دٻايو ويو، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن کي جيلن ۾ بند رکيو ويو ته جيئن سنڌ جي سياسي اعتراض ۽ اختلاف کي ختم ڪري سگهجي، ان وقت سنڌ جي عوامي محاذ جي اڳواڻ جي ايم سيد کي جيل ۾ بند ڪيو ويو ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي پڻ اهو قرارداد نامنظور ڪيو 1948ع لاڙڪاڻي اجلاس دوران ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي حوالي سان، 2 جولاءِ 1948ع تي پوري سنڌ ۾ ڪراچي ڏينهن ملهايو ويو، تمام وڏي جوش سان، انهيءَ باوجود سنڌ جي عوامي مزاحمت جو ڪو نتيجو نه نڪتو، 23 جولاءِ 1948ع ۾ آئين کي تبديل ڪري گورنر سر هدايت الله ڪراچي کي فيڊرل ڪيپيٽل جي حوالي ڪري ڇڏيو، ڪراچي کي سنڌ کان علحده ٿيندي پوري ڪراچي شهر جي صورتحال ئي تبديل ٿي وئي، جنهن ۾ ڪراچي يونيورسٽي کي فيڊرل يونيورسٽي بڻايو ويو، جنهن ۾ سنڌي ٻولي جو مڪمل خاتمو ڪيو ويو، سرڪاري دفتري ٻولي اردو ۾ تبديل ڪئي وئي، ڪراچيءَ جا جيڪي سنڌي ميڊيم اسڪول هئا انهن مان سنڌي ٻولي کي ختم ڪري اردو کي متعارف ڪيو ويو، يا اسڪولن کي بند ڪيو ويو، جيڪي پرائمري تعليم سنڌي ٻولي ۾ ڏئي رهيا هئا، ان کان علاوه هائير سيڪنڊري بورڊ کي فيڊرل بورڊ طور متعارف ڪرايو ويو، جنهن ۾ نصاب مڪمل طورتبديل ڪيو ويو ۽ نون نصابن کي اردو ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، اهڙي طرح سنڌين کان ٿوري عرصي ۾ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هنن جي ڌرتي، هنن جي پيرن هيٺان کسڪائي وئي، جنهن ڪري سنڌ جي ماڻهن جي احساس محرومي تمام وڏي پيمان تي وڌي وئي، انهيءَ ٿوري عرصي دوران پاڪستان ٺهڻ ۾ سنڌي عوام پاڻ لاءِ هڪڙي قسم جو قيامت خيز منظر ڏسي رهيو هئو، وري ٿورو ئي عرصو گذريو هئو ته سنڌ تي وري هڪڙي قهري قسم جي سياسي چال کيڏي وئي، نالي ماتر سنڌ جي شناخت کي به ختم ڪيو ويو، جڏهن اولهه پاڪستان ٺاهيو ويو ۽ سنڌ کي ون يونٽ طور سنڌ جي سڃاڻپ ختم ڪئي وئي ۽ ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو، 1954ع ۾ هي ون يونٽ انهيءَ بمبئي پريزيڊنسي کان به سنڌ لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيو، بمبئي پريزيڊنسي دوران سنڌ کي سماجي ۽ معاشي يا انتظامي حوالي سان اڄان ڪي گهڻا اختيار مليل هئا، پر ون يونٽ دوران سنڌ جا اهي ڀي اختيار ختم ڪيا ويا هئا، ون يونٽ پاليسي طور سنڌ ڄڻ دنيا جي نقشي تائين ختم ٿي وئي، سنڌ جي شناخت مڪمل طور ختم ڪي ويو، هي سنڌ جي تاريخ جو هڪڙو وڏو الميو هئو، سنڌ جي باشعور عوام لاءِ جڏهن ون يونٽ فارمولا کي لاڳو پئي ڪيو ويو ته ان وقت سنڌ جو وزيراعليٰ عبدالستار پيرزاده هئو، جنهن ون يونٽ جي مڪمل مخالفت ڪئي هئي پر ان جي حڪومت ختم ڪري ايوب کهڙي کي وزارت تي آڻي ڪري ون يونٽ کي 11 سيپٽمبر 1954ع ۾ لاڳو ڪيو ويو، هڪڙي زبردستي سان، ون يونٽ پاليسي لاڳو ڪرڻ جي جهنن به مخالفت پئي ڪئي انهن کي سختي سان ڪچليو ويو، سنڌ ۾ اهو ئي هڪڙو ايوب کهڙو هئو جنهن شروع ۾ جناح سان به ٽڪراءُ کاڌو، پنهنجي وزارت اعليٰ وڃائي سنڌ ۽ سنڌي عوام جي مفاد لاءِ 1948ع ۾ ساڳيو ئي سنڌ جو هيرو سنڌ جي مفادن جو سودو ڪري وزيراعليٰ ٿي ڪري ون يونٽ اسڪيم لاڳو ڪرائي ۽ ان وقت سنڌ جي ٻي اهم سياسي مدبر شخصيت جنهن جهر جهنگ وڃي ون يونٽ کي سنڌين لاءِ مفيد هجڻ جي پرچار ڪئي هئي اهو هئو علي محمد راشدي جنهن اڳتي هلي ڪري سنڌ جي سياسي مفادن جي مخالفت ڪئي ۽ سنڌ دشمن ڪردار ادا ڪيو، اهڙي طرح اولهه پاڪسان جو نالو ڏنو ويو، سڀني صوبن کي ختم ڪري ون يونٽ اسڪيم جو سڀ کان فائدو پنجاب کي پيو، انهيءَ اولهه پاڪستان کي ختم ڪرڻ لاءِ سڀني صوبن جي سياسي اڳواڻن، سياسي محاذ ٺاهيون جنهن کي (Anti one unit front) جنهن ۾ سرحد، سنڌ ۽ بلوچستان جي سياسي اڳواڻن ان جي مخالفت پئي ڪئي پر پنجاب ان جي حمايت ڪندو رهيو، ون يونٽ اسڪيم 1940ع واري قرارداد جي روح جي بلڪل ئي خلاف هئي، جڏهن ون يونٽ محاذ جي ڌرين سياسي جدوجهد هلائي اولهه پاڪستان جي اسيمبليءَ مان ان کي ختم ڪرائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ته ايوب خان سڪندر مرزا جي حڪومت کي ختم ڪري پاڪستان ۾ مارشل لا لڳائي ڇڏي، متان ون يونٽ کي ختم ڪيو وڃي، ايوب جي اچڻ کانپوءِ به ون يونٽ جي سياسي مخالفت جاري رهي، ون يونٽ دورن سنڌ کي تمام گهڻو نقصان پئي رسيو، جنهن ڪري سنڌي ماڻهن هميشه لاءِ پاڪستان ۾ دٻجي ويا، سنڌ جي اندر هر انتظامي پوسٽن تي غير سنڌي ماڻهن کي آندو ويو، شروع ۾ ايوب کهڙي کي انهيءَ جي يقين دلائي ڪرائي وئي هئي ته سنڌ کي اهڙا انتظامي ۽ معاشي فائدا ڏنا ويندا پر ون يونٽ لاڳو ٿيڻ سان اهڙو ڪو به واعدو پورو نه ٿيو ۽ سنڌ جي انتظامي پوسٽن تي غير سنڌي قابض ٿي ويا، اهو ئي دور هئو ون يونٽ وارو جنهن ۾ سنڌ کي مستقل طور پوئتي ڌڪي ڇڏيو ۽ پنجاب مستقل پاڪستان رياست تي سياسي، سماجي ۽ معاشي حوالي سان طاقتور بڻجي اڀريو، اهو ئي سبب آهي جو هن وقت پنجاب جي طاقت هميشه اهڙين غير آئيني طريقن جي ذريعي پنهنجي قوت ۾ اضافو آندو، جيڪي به پاڪستان ٺهن کانپوءِ سياسي ۽ اتنظامي فيصلا ڪيا ويا، جنهن جو سڀني صوبن جي سياسي اڳواڻن مخالفت ڪئي پر پنجاب جي سياسي رهنمائن ان جي حمايت ڪري زبردستي سان اهي سياسي فيصلا مڙهيا ويا، پاڪستان رياست ۾ ڀلي اهي فيصلا غير آئيني هجن يا غير جمهوري انداز سان، پنجاب جي سياسي رهنمائن جي ان جي حمايت پئي ڪِئي آهي. انهيءَ پنجاب جي انهن سڀني فيصلن کي زبردستي لاڳو ڪرائڻ ۾ فوج جي قوت انهن وٽ اڳئي موجود هئي، جنهن جي طاقت بنياد تي پاڪستان کي هلايو ويو آهي، پنجاب جي سياسي ۽ معاشي مفادن کي نظر ۾ رکي، اهڙي صورتحال اڄ به موجود آهي، پاڪستان ٺهڻ کان وٺي ون يونٽ تائين جيڪي به سياسي انتظامي ۽ معاشي فيصلا ٿيا آهن، اهي پنجاب جي سياسي اڳواڻن پنهنجي طاقت جي بنياد تي پئي ڪيا آهن، جنهن جو وڏو نقصان سنڌ صوبي جي ماڻهن کي ٿيندو رهيو آهي، جنهن ۾ نه صرف سنڌ جي سياسي ۽ معاشي بلڪ سنڌ جي تاريخ، ٻولي، ثقافت جو پڻ نقصان ٿيو آهي، انهيءَ عرصي دوران سنڌي ماڻهن کي پنهنجي سنڌ ۾ ئي ڀت سان لڳايو ويو آهي، هر زندگي جي شعبي ۾ سنڌي ماڻهن کي ٻاهر رکيو ويو، انهيءَ جو معاشي، سماجي ۽ ثقافتي استحصال ڪيو ويو، اهو ئي عرصو هئو جنهن ۾ سنڌ ۾ محرومين کانپوءِ سنڌي ماڻهو جو هن پاڪستان رياست مان ڀروسو ئي ختم ٿي ويو ۽ سنڌ ۾ قومپرستي جي رجحانن کي تقويت ملي، جيڪو هڪڙو نيچرل عمل آهي ته قومپرستي نظريو هڪڙي بيٺڪيت جهڙي سياسي، سماجي ۽ معاشي پاليسي جي رد عمل ۾ جوڙي ٿو، جنهن ۾ هڪڙي نسل جي ماڻهن ٻئي نسل جو استحصال پئي ڪيو، اهڙي طرح هن ملڪ ۾ سنڌي ماڻهو پنهنجي نسلي بنيادن تي استحصال ڏسي رهيا هئا، هڪڙي پنجاب نسلي بالادستي طور.
    ايوب جي آمريت دور دوران سنڌي ماڻهن جون محروميون وري به چوٽ تي پهتيون، سياسي مزاحمتون ڪندڙ سياسي اڳواڻن کي جيل موڪليو ويو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ماڻهن لاءِ ٻيو ڪو به رستو نه بچيو، ته هو سنڌ جي مفادن جو دفاع ڪري سگهن ۽ سواءِ سياسي ۽ جمهوري جدوجهد جي، ايوب جي دور ۾ سنڌي ٻولي کي ڪاپاري ڌڪ رسايو ويو، اردو ٻولي کي هر رياستي اداري ۾ عام ڪيو ويو، اردو کي پوري پاڪستان ۾ لازمي طور پڙهائڻ لاءِ قانون پاس ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌي ٻولي جي ترقي کي روڪيو ويو، اهڙن فيصلن جنهن ۾ ون يونٽ دوران 30 سنڌي ميڊيم جا اسڪول بند ڪيا ويا، جو سنڌي ٻوليءَ جي پنهنجي صوبي ۾ رڪاوٽ اچڻ شروع ٿي وئي، ساڳئي طرح سان سنڌ جي ٻين انتظامي ۽ معاشي حوالي سان استحصال ويتر تيز ٿي ويو، سنڌ جي ماڻهن ۽ سياسي ۽ سماجي رهنمائن ڀرپور پنهنجي مزاحمت جو مظاهرو ڪيو پر سنڌ جو اڪثر اهو وڏيرو، سيد سياست ڪندڙ اڳواڻ سنڌ جي سياسي مفادن جي سوديبازي ڪندو آيو، پنهنجي اقتدار خاطر ۽ هو پنهنجون سياسي وفاداريون به تبديل ڪندو رهيو، انهيءَ ايوب جي آمريتي دور ۾ اهي سنڌ جون سياسي ڪمزوريون هيون، جيڪي وفاق کان سنڌ جي خودمختياري جي مزاحمت کي ڪمزور بڻائي رهيون هيون، آخرڪار ايوب جي آمريتي دور جو خاتمو ٿيو، 8196ع ۾ ملڪ جون واڳون هڪڙي ٻئي جرنيل يحيٰ خان جي حوالي ٿيون، جنهن صاحب عام چونڊن جو اعلان ڪيو، ڇاڪاڻ ته اوڀر پاڪستان جي ڪري سياسي حالتون تمام گهڻيون بگڙجي ويون هيون، ملڪ جي وجود کي خطرو اچي ڪڙڪيو، اهڙي طرح بنگال جي عوامي ليگ جي سياست ۽ مزاحمت ملڪ جي حالتن کي تمام گهڻو ڪمزور ڪري ڇڏيو هئو، ايوب جي آمريتي پاليسي ڪري، جڏهن ته وري 1968ع دوران ذوالفقار علي ڀٽو جنهن پنهنجي سياسي پارٽي جو اعلان ڪيو، جيڪو پاڻ ايوب جو ويجهو سياسي ڪابينا ۾ اهم وزارتن تي رهيو، جنهن بعد ۾ ايوب سان سياسي اختلافن سبب پنهنجي پيپپلزپارٽي ٺاهي، جيڪا اولهه پاڪستان ۾ ٿوري عرصي ۾ خاص مقبوليت ماڻي اڀري، جنهن عام چونڊون ڪرائڻ جي گهر ڪئي، جنهن لاءِ چيو ويو ٿو ته اها عوامي ليگ جي سياسي مقابلي لاءِ اولهه پاڪستان ۾ ٺاهي وئي هئي ته جيئن ملڪ ۾ سياسي توازن کي برقرار رکي سگهجي، خاص ڪري اوڀر ۽ اولهه پاڪستان جي حوالي سان 1970ع جي عام چونڊون ٿيون جنهن ۾ عوامي ليگ اوڀر پاڪستان ۾ اڪثريت سان کٽي آئي ۽ اولهه پاڪستان ۾ پيپلزپارٽي، پر سياسي سازش تحت عوامي ليگ جي اڳواڻ مجيب الرحمان کي اقتدار نه ڏنو ويو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کي ان جي سياسي مخالفت ۾ آندو ويو، جڏهن ته عوامي ليگ 70 فيصد اڪثريت سان چونڊون کٽي آئي، جتي آئيني حوالي سان حڪومت ان جي حوالي ڪجي ها پر ائين نه ڪيو ويو، جنهن جا نتيجا اهي نڪتا جو 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان ٽٽي ويو ۽ يحيٰ خان ون يونٽ ختم ڪري ڇڏيو ۽ صوبن جي بحالي ڪئي وئي، ون يونٽ صرف ان وقت جي سياسي وايو منڊل کي ڏسي ڪري ختم ڪيو وي هئو ته جيئن ان وقت جي چونڊ لاءِ ضروري هئو انهيءَ لاءِ پاڪستان پيپلزپارٽي جي سياسي گهر به هئي ته ون يونٽ کي ختم ڪيو وڃي، جيئن ذوالفقار علي ڀٽو آساني سان سنڌي عوام کان ووٽ وٺي سگهي، بهرحال ون يونٽ ٽٽي ويو اولهه پاڪستان ئي باقي پاڪستان رهيو، جنهن ۾ حڪومت پيپلزپارٽي ئي ٺاهي، ذوالفقار علي ڀٽو نئين ملڪ جو نئون پهريون چونڊيل وزيراعظم بڻيو. 1971ع کانپوءِ پاڪستان جون سياسي حالتون پاڪستان ۾ هڪڙي قسم جون Transitory رهيون، جنهن ۾ خاص ڪري اهو طئي ٿي چڪو هئو ته پاڪستان کي ڪهڙي طرح هلايو وڃي، اهو خاص ڪري اولهه پاڪستان جي ننڍين صوبن جي عوام جي سياسي جدوجهد هئي، ۽ اوڀر پاڪستان جي عوام جي پنهنجي صوبي جي جمهوري حقن لاءِ ڏنل قرباني ڪري اوڀر پاڪستان کي الڳ ٿي ويو، باقي بچيو اولهه پاڪستان جنهن کي ذوالفقار علي ڀٽي جي پيپلزپاٽي کي حڪومت ڏني وئي، جنهن ننڍن صوبن ۽ خاص ڪري سنڌ جي عوام جي محرومين جو سهارو وٺي هڪڙي سنڌي سياسي اڳواڻ کي باقي پاڪستان جو وزيراعظم بڻايو ويو، جنهن ۾ ننڍن صوبن جي حق تلفي ڪئي پئي وئي، ڀٽي کي شوپيس (Show piece) ڪري استعمال ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته ان وقت ملڪ ٽٽي ويو هئو، جنهن ۾ اوڀر پاڪستان بنگلاديش ٺهي ويو، ڀٽي کي آئيني قوت ڏني وئي، اهڙي مشڪل سياسي حالتن ۾ جنهن ۾ ڀٽي کي سول مارشل ايڊمسنٽريٽر ۽ صدر به ٺاهيو ويو ۽ پوءِ وزيراعظم، باقي بچيل اولهه پاڪستان جو ذوالفقار علي ڀٽي باقي پاڪستان کي بچائي ورتو، ان وقت اوڀر پاڪستان مان پاڪستان جا 93 هزار فوجي انڊيا جي ڪنٽرول ۾ اچي ويا هئا، انهن کي به ڀٽي آزاد ڪرايو، سنڌ جي ماضيءَ جون اهي سڀ محروميون ۽ سياسي اذيتون پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جيڪي پاڪستان جي حڪمرانن ڏنيون جنهن جو ڪو ازالو نه ٿيڻو هئو، انهيءَ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪمران ٿيڻ ڪري سنڌ جو عوام خاموش ٿيو ته سنڌي وزيراعظم اهي سڀ انهن جا معاشي ۽ سماجي محروميون ختم ڪري ڇڏيندو، پر ائين ٿيڻو ڪو نه هئو ڇاڪاڻ ته ڀٽي کي وزيراعظم ڪرڻ کانپوءِ ٿوري عرصي ۾ پوري صورتحال پاڪستان جي تبديل ٿي وئي، ڀٽي کان پاڪستان جو 1973ع وارو آئين ٺهرايو ويو، ڀٽي کان ننڍن صوبن جي سياسي قيادت کي ڪچلايو ويو ۽ انهن کي جيل ۾ بند ڪرايو ويو، ڀٽي کي ايتري قوت بڻايو ويو، جنهن ۾ ڀٽي جي دماغي قوت جو نشو چڙهي ويو، ڀٽي ائين پئي ڪيو، جيئن هن کي سمجهه ۾ آيو ۽ ان ۾ سڀ ڪجهه ڪرائڻ ۾ اهي ماضي جو سياسي قوتون ڀٽي کي هٿي ڏينديون رهيون، ايتري قدر جو ڀٽي بلوچستان جي عوام تي فوجون چاڙهيون ۽ بلوچستان جي ماڻهن خلاف آپريشن ڪيو ويو، اهي سڀ ذوالفقار علي ڀٽي جي سياسي چالون ڀٽي جي ڳچي ۾ وڌيون ويون ۽ ڀٽي جي حڪومت کي ختم ڪيو ويو، سنڌ جي عوام ذوالفقار علي ڀٽي تي جيڪو هڪ سنڌي هئو تنهن ڪري سنڌي عوام مان اهو ماضي واريون محروميون ختم ٿينديون انهيءَ اميد تي ان جي پٺيان لڳي پيا، جنهن ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت اچڻ کانپوءِ سنڌ جي عوام ڪجهه قدر رليف ضررو مليو پر سنڌ جي ماڻهن جون اهي سڀ محروميون ختم نه ٿيون، خاص ڪري سنڌي ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون، سنڌ صوبي ۾ ۽ وفاق جي سرڪاري ادارن ۾ خاص ڪري سنڌي ٻولي جي حوالي سان سنڌ اسيمبلي ۾ قانون پاس ڪيو، جنهن ۾ سنڌي ٻولي کي صوبي جي ٻولي جو درجو ڏنو ويو، باقي ڪجهه خاص سنڌي ماڻهو کي نه مليو، صوبي جي خودمختياري جي سياسي جدوجهد اڃا به اڌوري رهي، سنڌي ماڻهن جي لاءِ نوڪرين جي ڪوٽا سسٽم متعارف ڪرايو ويو پر سنڌ صوبي ۾ غير سنڌي اعليٰ آفيسر پوءِ به قائم رهيا، اهڙي طرح وقت گذرڻ سان اهي اصلي قوتون وري باقي بچيل پاڪستان ۾ متحرڪ ٿي ويون ۽ سياسي سازشون ملڪ ۾ ٿيڻ لڳيون، جنهن کانپوءِ وري هن ملڪ تي عسڪري قوتون اچڻ جو سانڀا ڪري رهيون هيون، جن 1977ع ۾ ڀٽي ۽ پيپلزپارٽي جي حڪومت کي غير آئين انداز سان ختم ڪري جنرل ضياءُ الحق ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏيو، شروع ۾ انهن ملڪ جي اصل قوت Establishment اهو سڀ ذوالفقار علي ڀٽي کان ڪم وٺي چڪي هئي، اهو ملڪ جي اندر يا ملڪ کان ٻاهر خارجي دنيا جي حوالي سان پوءِ ضياءُ جي مارشل لا لڳايو، ذوالفقار علي ڀٽي کي جيل بند ڪري هڪڙي جڙتو جوڊيشل ذريعي ڦاسي گهاٽ تي پهچائي ڇڏيو، وري سنڌ لاءِ ائين جيئن سنڌ ۾ هڪڙي ڪهاوت آهي ته ”ساڳيا ٽڪر ساڳ سان“ وارو دور شروع ٿي ويو، جنرل ضياءُ جو مارشل لا سنڌين لاءِ اهڙو ته ثابت ٿيو جو سنڌين کي ماضي جون سڀ عزيتون وسري ويون، سنڌين جي سياسي اڳواڻن، سماجي رهنمائن ۽ سياسي ڪارڪنن تي ڪهر ڪڙڪايو، سنڌين جي ڳوٺن ۽ واهن تي فوج چڙهائي وئي، جهر جهنگ سياسي ۽ معاشي حق گهرڻ وارن کي جيلن ۾ بند ڪري انهن کي جسماني اذيتون ڏنيون ويون، پيپلزپارٽي سنڌ ۽ پوري پاڪستان ۾ MRD جي تحريڪ شروع ڪئي، جنهن ۾ سنڌ جي ماڻهن تمام جذباتي انداز سان ان تحريڪ جو حصو ٿيو، اها تحريڪ ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ هئي، پر سنڌي عام ماڻهو ائين پئي وڙهيو جيئن سنڌ جي آزاديءَ لاءِ وڙهي رهيو هجي، اهو شايد سنڌين جي ماضي جي شعور جي بيداري هئي سنڌين جي ذهن ۾ جنهن جي اِذيت هن ملڪ ٺهڻ کانپوءِ ملندي رهي هئي هنن کي.
    1971ع کانپوءِ سنڌ جي سياست ۾ هڪڙن نون سياسي نظرين ۽ لاڙن جي شروعات ٿي، جنهن ۾ مختلف سياسي جماعتون ٺهي سامهون آيون، جنهن ۾ ڪجهه سياسي جماعتن ۾ وفاق جي سياست پئي ڪئي ته ڪجهه سنڌي سياسي جماعتن صوبي جي سياست جي شروعات ڪئي وري هڪڙي جماعت 1976ع ۾ ٺهي، جنهن جي شروعات مسلم ليگ ۽ سنڌ جو پراڻو مشهور سياستدان جي ايم سيد جنهن سنڌ جي پاڪستان کان علحدگي جي ڳالهه ڪئي، جنهن هڪڙي جيئي سنڌ قومي محاذ پارٽي جو آغاز ڪيو، اهو ئي جي ايم سيد جنهن پاڪستان ٺهڻ جو 1940ع وارو قرارداد منظور ڪرايو هئو سنڌ اسيمبلي مان.
    پاڪستان پيپلزپارٽي جي شروعات ذوالفقار علي ڀٽي 1968ع ۾ ڪئي ، جنهن پارٽيئ جي مقبوليت سنڌ سميت پوري پاڪستان جي صوبن ۾ ٿي، ذوالفقار علي ڀٽو جنهن جو تعلق سنڌ صوبي هجڻ ڪري سنڌين ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو، ذوالفقار علي جيڪو پنهنجي سياست جو آغاز اڳئي ڪري چڪو هئو، جنهن کي ايوب جي دور حڪومت ۾ اهم وزارتن تي فائذ رهيو، جنهن جي مقبوليت خاص ڪري تڏهن قائم ٿي هئي جڏهن هو ايوب جي دوَر حڪومت ۾ وزير خارجه رهيو، ذوالفقار علي ڀٽي پهنجي سياسي مقبوليت جي شروعات تڏهن کان ڪئي، جيڪا هن پنهنجي سهر انگيز ۽ عوامي شخيصت طور مقبول ٿيو، آمريڪا کان قانون جي تعليم حاصل ڪري آيو هئو، هن جو پيءُ سر شاهنواز ڀٽو جنهن پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هڪڙو مشهور سياستدان ٿي گذريو هئو، سنڌ جي هڪڙي مشهور جاگيردار گهراڻي کان علاوه، اهڙي پراڻي سياسي گهراڻي سان ذوالفقار علي ڀٽي جو تعلق به رهيو، انهيءَ کان علاوه ڀٽو پاڻ به هڪ ذهين شخصيت طور پهنجي سڃاڻپ قائم ڪري چڪو هئو، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جڏهن هو بمبئي ۾ پڙهندو هئو، ته هو قائد اعظم محمد علي جناح جي سياست ۽ شخصيت کان تمام گهڻو متاثر رهيو هئو، بهرحال هن پيپلزپارٽي جي شروعات ڪئي، ايوب جي ڪيبينيٽ ۾ تمام اهم وزيرن مان هڪ هئو، صدر ايوب سان هن جا اختلاف ٿيڻ ڪري هن استعفا ڏئي ڇڏي ۽ صدر جرنل ايوب جي خلاف هن سياسي تحريڪ هلائڻ شروع ڪئي، جنهن کانپوءِ هو پنهنجي سهر انگيز تقريرن جي ڪري تمام جلد پاڪستان جي سياستي خاص ڪري اولهه پاڪستان جي عوام ۾ مقبوليت پيدا ڪئي، باقي هن کي اوڀر پاڪستان جي عوام ۾ ڪا خاص پنهنجي سياسي جگهه نه ٺاهي سگهيو هئو، پيپلزپارٽيءَ کي تمام گهڻي مقبوليت سنڌ ۽ پنجاب مان ملي، باقي سرحد ۽ بلوچستان جي صوبن ۾ خاص نه رهي، 1971ع وارين چونڊن ۾ هيءَ پارٽي اولهه پاڪستان ۾ اڪثريت سان چونڊ کڻي سامهون آئي، جنهن کانپوءِ اقتدار عوامي ليگ کي ملن کپي هان پر اوڀر پاڪستان جي علحده ٿيڻ کانپوءِ اولهه پاڪستان جي اقتدار جي مالڪ پيپلزپارٽي بڻي، ذوالفقار علي ڀٽو جي قيادت ۾ جنهن بعد ۾ 1977ع تائين اقتدار ۾ رهي پاڪستان جنهن جي حڪومت کي جنرل ضياءُ ختم ڪري هن کي جيل ۾ بند ڪيو، جنهن ان کانپوءِ 1979ع ۾ جوڊيشل ڪميشن ذريعي هن کي 4اپريل تي قتل جي ڪيس ۾ ڦاسي ڏني وئي.
    جنهن کانپوءِ هن جي گهرواري ڪجهه عرصي لاءِ پارٽي جي اڳواڻي ڪئي، پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڌيءَ بينظير ڀٽو اچي پارٽي جي قيادت ڪئي، جيڪا بعد ۾ پاڪستان جي ٻه ڀيرا وزيراعظم رهي، بعد ۾ 2007 ڊسمبر ۾ پاڪستان ڊڪٽيٽرشپ جي دور ۾ پنڊي جي لياقت باغ ۾ شهيد ڪئي وئي، هڪ مبينا دهشتگردي جي واقعي ۾. ذوالفقار علي ڀٽي کانپوءِ هن پارٽي جي اها مقبوليت نه رهي باقي صوبن ۾ سواءِ سنڌ ۽ پنجاب جي سرائيڪي آبادي جي ڇاڪاڻ ته جنرل ضياءُالحق جي دور ۾پنجاب ۾ مسلم ليگ نواز مقبول ٿي اڀري، جنهن ۾ پيپلزپارٽي جي مقبوليت کي ڪافي گهٽايو پر پوءِ به ڏکڻ پنجاب ۾ پي پي جي مقبوليت رهندي آئي، خاص ڪري سرائيڪي ڳالهائيندڙ علائقن ۾ پيپلزپارٽي جي مقبوليت اڄ سڌو سنڌ ۾ ۽ سنڌي ٻهراڙين ۾ موجود آهي. جڏهن ته بينظير جي قيادت ۾ پيپلزپرٽي سنڌين جي تاريخي محرومين جو خاص ازالو نه ڪري سگهي آهي، جنهن جي ڪري سنڌ جي پڙهيل ۽ سنڌي دانشور جون خاصيون تنقيدون آهن ته پيپلزپارٽي کي سنڌين غيرمشروط حمايت ڪئي آهي پر ان پارٽيءَ سنڌين جي سماجي ۽ معاشي بهتريءَ لاءِ ڪجهه خاص نه ڪيو آهي، جنهن جي سنڌي عوام کي بهتريءَ جي اميد هئي، ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي جي قيادت جڏهن به اقتدار کان ٻاهر رهي ته ان سنڌ ڪارڊ استعمال ڪيو اسٽيبلشمينٽ جي خلاف ۽ وري جڏهن پيپلز پارٽي اقتدار ۾ پئي آهي ته پارٽيءَ جي قيادت سنڌين حقن تي مصلحتون ڪيون آهن. اهو سنڌ صوبي جي خودمختياري جو معاملو هجي يا وري ٺهندڙ سنڌو دريا تي ڊيم هجن يا سنڌ صوبي جي معدني وسيلن جي حوالي سان وفاق جو ڪنٽرول جنهن تي پيپلزپارٽي سنڌين جي اميدن کان برعڪس هلي ڪري اقتدار ڪيو آهي، پر سنڌين کي پيپلز پارٽي کانسواءِ ٻي ڪا اهڙي متبادل سياسي جماعت موجود ڪون رهي آهي جنهن سنڌين ۾ مقبوليت ماڻي هجي يا وفاق جي نمائنده جماعت هجي، تنهن ڪري به سنڌين ٻهراڙين جي عوام جو ووٽ پي پي کي ئي ملندو رهي ٿو. انهيءَ ڳالهه جو علم خود پي پي جي صوبائي ۽ مرڪزي قيادت کي آهي، سنڌين جي انهيءَ ڪمزوري جو پي پي قيادت فائدو وٺندي رهي آهي، خد محترمه بينظير ڀٽو به سنڌ ڪارڊ وقت به وقت کيڏندي رهي آهي، جيڪو سنڌي عوام لاءِ اذيت جي برابر رهيو آهي، هن وقت پيلز پارٽي جي قيادت هن جو مڙس آصف علي زرداري ۽ هن جو پٽ بلاول ڪري رهيا آهن 2008 کان، آصف زرداري جي سڃاڻپ هن جي ڪرپشن جي ڪري رهي، جنهن سبب ڪري بينظير جي 1996ع ۾ حڪومت ختم ڪئي وئي هئي، هتي باقي هن جي پٽ کي پاڪستان جي سياست جو تجربو ڪونهي ۽ هو اڃا هڪڙي ننڍي عمر ۾ آهي، پر هن وقت پيپلز پارٽيءَ تي آصف علي زرداري جو ڪنٽرول آهي ۽ هن زرداري گهراڻي جو آصف علي زرداري 2008 کان سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي، جنهن ۾ پيپلز پارٽِيءَ جي صوبائي حڪومت ماضي جي بدعنوانيءَ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، آصف علي زرداري ۽ هن جي ڀينرن جي اڳواڻي ۾ جڏهن ته 2013ع وارين چونڊڻ آصف علي زرداري جي غلط پاليسي ۽ قيادت جي ڪري سڀني پاڪستان جي صوبن مان بري شڪست کائي ڪري صرف سنڌ ۾ انهن کي ڪاميابي ملي آهي. تنهن ۾ سنڌين ۽ سنڌ صوبي جي سڀني صوبن کان بدترين حڪومتي ڪارڪردگي رهندي آئي آهي ۽ هر سنڌ جي ادارن ۾ ڪرپٽ ماڻهن کي اعلي انتظامي عهدن تي رکي ڪري بدعنواني ڪرائي وڃي رهي آهي،. جنهن کي آصف زرداري ۽ هن جي ڀينرن خاص ڪري فريال ٽالپر جي سرپرستي موجود آهي، انهن ڪرپشن ۾ هن وقت سنڌ صوبي ۾ ميگا ڪرپشن ٿي رهي آهي. پيپلز پارٽي جي قيادت ۾ باقي سياست ڪندڙ صوبائي سياسي ڌڙا رهيا آهن سنڌ ۾ جنهن خاص ڪري جنرل ضياءُ جي دور ۾ ٺاهيل سنڌ جي شهري مهاجرن جي سياست ڪندڙ ايم ڪيو ايم جماعت جي مقبوليت شهري آبادي ۾ رهي آهي ۽ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ پيپلز پارٽي جي ۽ ٻيا ڌڙا سنڌ قومپرستن جا جنهن جي شروعات جي ايم سيد ڪئي، اهي قومپرست جماعتون چونڊن جي سياست کان پري رهيون آهن. انهن سنڌ صوبي جي پاڪستان کان عليحدگي ۽ آزاديءَ جي ڳالهه ڪندا رهيا آهن، انهن قومپرستن جماعتن جي مقبوليت خاص ڪري سنڌ جي تعليمي ادارن جي نوجوانن تائين رهي آهي. باقي عوام ۾ تمام گهٽ اثر رهيو آهي، پر پوءِ به خاص ڪري سنڌ جي قومي مسئلن تي انهن قومپرستن جي آوازکي عام سنڌي عوام خاص موٽ ڏيندو رهيو آهي خاص ڪري جلسن ۽ ڌرڻن جي سياست ۾ هنن قومپرست وٽ خاص اڪثريت سان موٽ ۽ حمايت موجود رهندي آئي آهي. هن وقت سنڌ ۾ انهن قومپرست ڌرين جي هڪ درجن کان وڌيڪ سياسي جماعتون آهن جيڪي تمام گهٽ متحد ۽ غيرميسر سياسي قيادت اڳواڻي ڪري رهي آهي، ڪي ته اهڙيون سنڌي قومپرست جماعتون آهن جن جا آڱرين تي گڻڻ جيترا سياسي ورڪر آهن، اهڙين قومپرستن جي ماضيءَ جي هلايل سياسي جدوجهد ۽ انهن جي گروهي مفادن جي ور چڙهيل سياسي پارٽيز تان عام سنڌ جي عوام جو ويساهه نه هجڻ جي برابر آهن. انهن قومپرستن جي اثر خاص ڪري جنرل ضياءَ جي دور کان گهٽيو، جنهن کانپوءِ هنن جو منفي سياست جو لاڙو گهر ڪري ويو ۽ سياسي ڪارڪن قبضي مافياڻي ۽ ڏوهاري عنصرن هنن پارٽين ۾ پناهه وٺن شروع ڪئي، تنهن کانپوءِ هنن قومپرستن جو عوامي ويساهه مڪمل طور گهٽجي ويو، خاص ڪري جڏهن پيپلزپارٽي حڪومت ۽ اقتدار ۾ نه رهي تڏهن وري هنن قومپرستن جي ڌڙن کي سنڌي عوام ڪجهه موت ڏيندو آهي. انهن ۾ به ڪجهه سياسي ڌڙا خاص ڪري جيئي سنڌ قومي محاذ جنهن جي جي ايم سيد پاڻ شروعات ڪئي. جنهن جي قيادت بشير قريشي ڪري رهيو هئو باقي پارٽيز به شخصيتن جي اردگرد ڦرنديون رهيون آهن. جيڪڏهن ڪا مخصوص شخصيت نه هوندي ته ان پارٽي جي اهميت خاص ڪري غيرمقبول ٿي وڃي ٿي. اهڙي طرح سنڌ ۾ باقي ڪجهه ٻيا ڌڙا آهن، جيڪي جي ايم سيد جي سياست، نظريي کان هٽي ڪري سنڌ صوبي جي سياست ڪري رهيا آهن. جنهن ۾ رسول بخش پليجي جي سنڌ عوامي تحريڪ، قادر مگسي جي پارٽي سنڌ ترقي پسند، جي ايم سيد جو پوٽو جلال محمود شاهه جي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي، سنڌ ۾ ٻيو اهم گروپ پگاروليگ، مسلم ليگ ن جيڪي چونڊن جي سياست ڪنديون رهيون آهن. سنڌ صوبي جنهن ۾ ڪجهه سنڌ ۾ ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جون سيٽون ملنديون آهن چونڊن۾ اهڙين جماعتن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جتوئي گروپ، غلام مصطفيٰ جتوئي جيڪو نگران وزيراعظم به رهيو آهي ۽ شروع ۾ ذوالفقار ڀُٽي جي ويجهن سياسي ساٿين ۾ رهيو آهي. بعد ۾ پ پ ۽ بينظير سان سياسي اختلاف ٿيا، جنهن ڪري هن پنهنهجي پارٽي جي شروعات ڪئي، جنهن کي ڪجهه سيٽون پنهنجي اباڻي شهر نوشهروفيروز مان ملنديون آهن. هاڻي غلام مصطفيٰ جي وفات کانپوءِ هن جا پٽ پارٽي هلائي رهيا آهن. اهڙي طرح ڪجهه خانداني سياسي ڌڙا به سنڌ ۾ چونڊن جي سياست ڪري رهيا آهن. جنهن ۾ مهر گروپ، شيرازي گروپ ۽ ارباب گروپ وغيره، جنهن کي پنهنجي پنهنجي اباڻي ضلعن جا جاگيرداري جي حيثيت ۾ سيٽون کٽيندا آهن. سنڌ ۾ مسلم ليگ نواز گروپ جو به خاصو اثر رهيو آهي. خاص ڪري 1996ع وارن چونڊن ۾ مسلم ليگ نواز سنڌ صوبي جي حڪومت ٺاهي هئي. اهڙي طرح سنڌ ۾ نيشنل عوامي پارٽي، ولي خان 2008ع ۾ پيپلزپارٽي سان چونڊن ۾ اتحاد ڪري ٻه صوبائي اسيمبلي جون سيٽون کٽيون هيون. جنهن تي آصف علي زرداري، وزارت ڏني هئي. سنڌ ۾ اهي سڀ اهم سياسي جماعتون سنڌ ۾ سياست ڪري رهيون آهن. 88 جي اليڪشن ۾ رسول بخش پليجو جنهن ايم-اين-ايز جي سيٽ تان ٺٽي مان هارايو، پوءِ وري چونڊن ۾ هن جي عوامي تحريڪ چونڊن ۾ حصو ئي نه ورتو. ساڳئي طرح جلال محمود شاهه هڪڙي دفعي 1997ع وارن چونڊن ۾ ايم اين اي جي سيٽ تان کٽي آيو ۽ سنڌ اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر ٿيو پر پوءِ هن اها سيٽ ڪڏهن نه کٽي سگهيو. قادر مگسي ترقي پسند پارٽي جو اڳواڻ 1997ع ۾ قاسم آباد مان MPA جي سيٽ تي هارايو، وري نه بيٺو، چونڊن لاءِ اهڙي هنن قومپرستن جي سياسي انداز هڪڙو ته جاگيرداڻو هجڻ ڪري سنڌين انهن کي ووٽ نه ڏنا ۽ ٻيو اهي غير مسقتل مزا جي سياست هجڻ ڪري اهي چونڊن جي سياست ۾ اچي ڪو نه سگهيا. اهو ئي سبب رهيو آهي جو سنڌ جي سياسي ماحول تبديل ٿي نه سگهيو آهي ۽ سنڌين کي پيپلز پارٽي کانسواءِ ٻيو ڪو اهڙو متبادل نه ملي سگهيو. سياست ۾ جنهن ڪري سنڌين اهڙين روايتي جماعتن کي پنهنجو ووٽ جي ايجنڊا تي رکيو ئي ناهي. سنڌ ۾ مسلم ليگ، (ف) ليگ يا پنهنجي مريدن واري ضلعن ۾ رهي آهي، جنهن جو سياست ڪرڻ جو انداز هڪڙي مذهبي جماعت کان گهٽ نه رهيو آهي . ٻيو ته انهيءَ پاڳاري جي اسٽيبلشميٽ جي حامي رهي آهي ۽ سنڌ جي قومي معاملن تي ان جماعت جو منفي ڪردار رهيو، تنهن ڪري سنڌ جو عام ماڻهن ان جماعت کي ووٽ گهٽ ڏيندو آيو آهي. ڇاڪاڻ پاڳارو گروپ جيڪڏهن آيو آهي، سنڌي جي اقتدار ۾ ته اهو هڪڙي پيپلزپارٽي جي مخالفت ۾ ۽ مارشل لا جي دور ۾ تنهن ڪري سنڌي ماڻهو انهيءَ ڳالهه کان بخوبي واقف رهيو آهي. باقي ڌڙا هي به پي پي جي خلاف ۽ مارشل دور ۾ يا انهيءَ پي پي اتحادن ۾ رهيو آهي. انهن جماعتن هميشه هڪڙي مخصوص جاگيرداري واري انداز ۾ سياست ڪئي ته اهي گروپ پنهنجي قبيلن ۽ پنهنجي ضلعن تائين محددو رهيون آهن. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ خاص ڪري سنڌي عوام پي پي جو ڪو متبادل سياسي جماعت ۽ ليڊر نه اچي سگهيو آهي، جنهن کي ووٽ وٺي سگهي. ها پيپلز پارٽي گهڻو ڪجهه سنڌي کي نه ڏنو آهي پر پي پي جيتري ٻي ڪا جماعت نه ڏئي سگهي آهي، جنهن جي سنڌين ۾ مقبوليت وڌي. پي پي سنڌين جي محرومين جوازالو نه ڪري سگهي پر جيترو به ڪجهه سنڌين کي مليو آهي، اڄ ڏينهن تائين اهو پيپلز پارٽي ڏيندي رهي آهي. ذوالفقار علي ڀٽي جي دور حڪومت کان اڄ جڏهن بينظير ڀٽو نه رهي آهي ۽ پي پي قيادت آصف زرداري هيٺ آهي ۽ سنڌ جي اندر غير قانونيت، ڪرپشن ۽ سٺي حڪمراني موجود ناهي ته سنڌي عوام تمام گهڻو پريشان آهي ته هنن جو ڇا ٿيندو. جنهن تي هو قربان ٿيا اها جماعتن هنن لاءِ ڪجهه ڪرڻ لاءِ لاچار آهي ته باقي سياسي جماعتون سنڌين لاءِ ڇا ڪنديون. سنڌ جي انهن سياسي جماعتن کان انهن جي قيادت کان مستقبل ۾ اها اميد ٿي ڪجي ته اهو ٺوس انداز سان، پي پي جي سياست ۽ سنڌ جي ترقي لاءِ متبادل ٿي اڳتي وڌنديون ۽ اهي پنهنجي گروهي ۽ جاگيرداري واري روايتي سياست جو خاتمو ڪري بنيادي عوام سياست ڪري سنڌ صوبي جي عوام جي ترقي لاءِ ڪم ڪندا ۽ سنڌين جي ڊگهي سياسي محرومين کي ختم ڪندا ته جيئن سنڌي عوام جديد دور ۾ داخل ٿي سگهي ۽ سنڌين جي ٻهراڙين جي ترقي ڪري سگهي ۽ انهن کي اڄ جي جديد دور جي سماجي سهولتون مهيا ڪرائي سگهجن. اهو سڀ ڪجهه سياسي سنجيدگي سان ٿي سگهي ٿو، نه ڪي تڪڙي سياسي جمپ سان يا سياسي سازش ڪري اسيمبلي ۾ اچڻ سان ٿيندو. اهڙين روايتن هميشه سنڌين کي پوئتي رکيو آهي. سنڌ جي مفادن جو سودو ڪيو ويو. سياسي قوت جي نشي هڪڙي ون يونٽ کان وٺي ڪري عوامي سياست ڪرڻ وارن کي ٿوري ڏکي لڳندي آهي، پرانهن ۾ جٽاء هوندو ۽ مثبت تبديلي ايندي سماج ۽ معاشري ۾.


    آخري پنو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566273
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215652
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ