ڪتاب جو نالو: اندر ڪارو ڪانءُ
مصنف: جبار آزاد منگي
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 15 جولائي 2017 ع
پڙهيو ويو: 565 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 177 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
جبار آزاد منگي جي ڪهاڻين جو جيئن ته حقيقي زندگي سان تمام ويجهو تعلق آهي، ان ڪري سندس ڪردارن ۾ سماجي ناانصافي ڪري ڪٿي بي وسي جو اظهار آهي ته ڪٿي وري حوصلي، همٿ ۽ ڏاهپ سان جستجو جو گسُ پڻ ملندو. ڪٿي ظالم جي شاطرانه چالن جو منظر آهي ته ڪٿي وري ظلم جي خلاف، ڪي پڙهيل لکيل منطق جي هٿيار سان عدالت جي ايوانن ۾ وڙهندڙ ڪردار به آهن، جيڪي پڙهندڙن جي دل ۾ اتساھ ۽ حوصلو پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا. مطلب ته سندس ڪهاڻين ۾ سماج جو حقيقي ۽ چٽو عڪس پسي سگهي ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پنهنجي پاران
  • مهاڳ
  • ڪهاڻيون

  • امان مان ڪاري ته نه هُيسِ
  • نئون قانون
  • ويل هزارين جاڳوڙي
  • ضمانت
  • سودو سونهن جو
  • ويھ ٿيون واٽون
  • ڪافر
  • شادي پر......
  • ڪوجهيون ۽ ڪامريڊ
  • ڌڪ ڌنارن جا
  • سياسي ملاکڙو
  • 20 هين صدي جو مفڪر
  • بيوروڪريٽ
  • سياڻڻ جي محفل
  • بي رحم مسيحا
  • سخاوت
  • ويسر جو علاج
  • اگھاڙو رقص
  • راڪاسي رهبر
  • اندر ڪارو ڪانءُ
  • چار گاريون
  • هڪ قبر ٻه لاش
  • عيسيٰ پٽ....؟؟
  • اي ڪم ڪميڻن
  • بئڪ ٽائيٽل

  • حق ۽ واسطا

    هن ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: اندر ڪارو ڪانءُ
    موضوع: ڪهاڻيون
    ڪهاڻيڪار: جبار آزاد منگي
    ڇاپو پهريون: مئي 2017ع
    ڪمپوزنگ: محمد فهد آزاد منگي
    ٽائيٽل: قمر الزمان آزاد منگي
    ڇپائيندڙ: سيون برادرس پبليڪيشن
    نصيرآباد ڪراچي
    ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
    سيد آرڪيڊ آفيس نمبر 8 عبرت گهٽي گاڏي کاتو حيدرآباد
    03003513966

    مُلهه: 250/=



    ANDER KARO KANOW
    (Storys)
    By: JABBAR AZAD MANGI
    FIRST EDITION 2017
    Sambara Publication Hyderabad
    03003513966


    ارپنا

    اک الٽي ڌاريندڙ
    ۽
    عام کان ابتو وهندڙ
    لطيف سائينءَ جي ڪردار
    ۽
    سنڌ جي يگاني ڪهاڻيڪار
    ۽
    ڊراما رائيٽر علي بابا

    ۽
    سنڌي ڪهاڻيءَ جي سدابهار
    ڪهاڻيڪار نجم عباسيءَ
    جي نانءُ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اندر ڪارو ڪانءُ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ليکڪ، شاعر ۽ ڪمپيئر جبار آزاد منگي جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
    جبار آزاد منگي جي ڪهاڻين جو جيئن ته حقيقي زندگي سان تمام ويجهو تعلق آهي، ان ڪري سندس ڪردارن ۾ سماجي ناانصافي ڪري ڪٿي بي وسي جو اظهار آهي ته ڪٿي وري حوصلي، همٿ ۽ ڏاهپ سان جستجو جو گسُ پڻ ملندو. ڪٿي ظالم جي شاطرانه چالن جو منظر آهي ته ڪٿي وري ظلم جي خلاف، ڪي پڙهيل لکيل منطق جي هٿيار سان عدالت جي ايوانن ۾ وڙهندڙ ڪردار به آهن، جيڪي پڙهندڙن جي دل ۾ اتساھ ۽ حوصلو پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا. مطلب ته سندس ڪهاڻين ۾ سماج جو حقيقي ۽ چٽو عڪس پسي سگهي ٿو.
    هي ڪتاب سيون برادرز پبليڪيشن، نصير آباد پاران سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد وٽان 2017ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون سائين جبار آزاد منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پنهنجي پاران

    اندر ڪارو ڪانءُ، ڪهاڻين جو مجموعو، اوهان جي هٿن ۾ آهي. منهنجو ڪو به ارادو نه هيو ته پنهنجي پاران ڪجھ لکندس. پر ڪن دوستن جي اسرار جي ڪري هي ٻه اکر اوهان جي اڳيان آهن.
    هن ڪتاب کان اڳ “لفظ هوا ۾ خوشبوءِ” ريڊيو اسڪرپٽ تي مبني ڪتاب، گذريل سال ڇپجي چڪو آهي، مون ان ڪتاب ۾ پنهنجي پاران لکيل “ڪجھ بي ترتيب ڳالهيون” ۾ پنهنجي دل جو حال اوري ڪڍيو. اهو ئي سبب آهي جو هاڻي پنهنجي اندر جي حال اورڻ لاءِ لفظ نٿا ملن، جن لفظن سان پاڻ کي پڏائڻ لاءِ ڪي جملا گھڙي وٺان.... تنهن لاءِ بس ايترو ئي گھڻو آهي ته “مان جوئي آهيان سو ئي آهيان”.
    هن ڪتاب ۾ آيل ڪهاڻين کان سواءِ ٻيون به کوڙ ساريون ڪهاڻيون منهنجي بي ترتيب مواد ۾ موجود آهن، جن کي منهنجو ٻيو نمبر پٽ محمد فهد آزاد ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ڪري رهيو آهي. زندگيءَ جي لاهن چاڙهن جي چڙهڻ بعد وقت مليو ته وري ڪو ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ هوندو.
    ترجميڪار ۽ اديب دوست ننگر چنو، منهنجي پهرين آيل ڪتاب “لفظ هوا ۾ خوشبوءَ” مان مطمئن ان ڪري نه هيو جو هُن جو اسرار هيو ته ڪهاڻين جو ڪتاب اڳ ۾ اچڻ گهرجي ها، بهرحال دير آيد درست آيد، سو يار جي دٻڙ ڌونس تي هي ڪهاڻين جو ڪتاب“ اندر ڪارو ڪانءُ” اوهان اڳيان آهي.
    هن موقعي تي ڪامريڊ عنايت لوهار کي به ياد ضرور ڪبو جنهن سان ويهي ڪتاب ۾ آيل ڪهاڻين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ صلاحون ورتيون.
    ڪهاڻين جي سلسلي ۾ آءُ خليل جبران ۽ سدا بهار سنڌي ڪهاڻين جي ليکڪ نجم عباسيءَ کان متاثر رهيو آهيان. جن کي آءُ پنهنجو روحاني استاد سمجهان ٿو.
    سنڌ جي ڏاهي محترم رسول بخش پليجي پنهنجي ڪتاب “سندي ذات هنجن” جي باب ستين ۾ لکيو آهي، جيڪي لفظ منهنجي ذهن ۾ گهر ڪري ويهي رهيا.
    “ادب سڌيءَ طرح دماغ سان مخاطب نٿو ٿئي. اهو اڻ سڌيءَ طرح، دل جي معرفت دماغ سان پنهنجي ڳالهه ڪري ٿو. سندس ٻولي علمي ڳالهين ۽ عقلي دليلن جي نه پر احساسن ۽ جذبن جي ٻولي آهي. سندس وسيلو رواجي لفظ نه پر لفظن وسيلي ٻين جي دلين ۽ تصورن تي چِٽيل تصويرون آهن.پر بامعنيٰ احساس يا جذبا به ڪنهن نه ڪنهن ڄاڻ، ڪنهن نه ڪنهن سمجهه تي ٻڌل هوندا آهن. ڄاڻ ۽ سمجهه کان خالي، بي معنيٰ احساس ۽ جذبا بي اثر ۽ فضول ٿين ٿا. اديب ۽ فنڪار جا احساس ۽ جذبا زندگي ۽ انساني سماج بابت جيتري وڌيڪ ڄاڻ ۽ سمجهه جي سرچشمن مان ڦُٽي نڪتا هوندا، اوترا ئي اُهي وڌيڪ اثرائتا ٿيندا. اهي زندگيءَ جي بُنيادِي حقيقتن ۽ سچاين جي جيتري گهري ۽ وسيع پروڙ جي عڪاسي ۽ ترجماني ڪندا، اوترا ئي اُهي وڌيڪ قيمتي ۽ ڪارائتا بڻبا. زندگيءَ ۽ انساني سماج جي بنيادي حقيقتن ۽ سچاين جي ڄاڻ، سمجهه ۽ پروڙ کان خالي ادب ۽ فن ۾ کڻي ڪيتري ڪاريگري ۽ هنر، سِٽاءُ ۽ فن هجي پر اهو ڄڻ پاڻيءَ تي ڦوٽو آهي، جيڪو پل ۾ ڦِسي پوندو.اڄ جو انسانيت دوست ۽ عوام دوست مثالي ادب اهو ۽ فقط اهو ٿي سگهي ٿو، جيڪو انساني سماج، انساني تاريخ ۽ اڄ جي دنيا جي مکيه ۽ بنيادي حقن ۽ سچاين کي ڄاڻي، سمجهي، پروڙي، انهن جي پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ وسيلي عڪاسي، ترجماني ۽ وڪالت ڪري.”
    آءُ محترم رسول بخش پليجي جي انهيءَ اصول کي ذهن ۾ رکي لکيو ۽ جيڪو ڪجھ لکيو سي منهنجا احساس آهن، منهنجي اندر جو آواز آهي. جن ۾ ڪنهن به قسم جي لفاظي شامل نه آهي، نه ئي ڪي من گھڙت محاورا ۽ ڳالهيون.
    “اندر ڪارو ڪانءَ” جي هر ڪهاڻيءَ ۾ مون پاڻ کي موجود رکيو آهي، ڪوشش ڪئي اٿم ته مان ڪنهن به ڪهاڻيءَ مان گم نه ٿيان، پر جي ڪٿي آءُ گم به ٿي ويو هجان ته ائين سمجهجو ته متان اتي ڪي اهڙا احساس به موجود هجن ،جتي گمنام رهڻ ئي بهتر هوندو.
    هن ڪتاب جي مهاڳ لکڻ لاءِ مون پنهنجي پياري دوست، ريڊيو پاڪستان جي پروڊيوسر، نالي واري شاعر محترم خالد چانڊئي سان صلاح ڪئي. جنهن هڪڙي محترم اديب دوست (جيم) جو نالو کنيو، جنهن کي ڪهاڻين جو مسودو ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ وڃي ڏنوسين، جنهن اديب دوست پورو هڪ مهينو اڄ سڀان چئي وقت تي مهاڳ لکي نه ڏنو. هڪ ٻئي “ڳوري اديب” جيڪو عوامي تحريڪ ۾ سياسي سفر جو ساٿي رهيو، تنهن کي مهاڳ لکڻ لاءِ ميسيج وسيلي گذارش ڪئي پر ان “ڳوري اديب” وٽ ايتري اخلاقي جرئت به نه هئي جو هو هاڪاري يا ناڪاري ڪو جواب ڏيئي. سمجهيم ته مون ننڍڙي ڪهاڻيڪار لاءِ متان وڏن اديبن وٽ ڪي لفظ نه هجن تنهنڪري پنهنجي پياري دوست علم ادب شناس ۽ شاعر ، ايسوسيئيٽ پروفيسر محترم عنايت لوهار جنهن جو ذڪر اڳ ڪري چڪو آهيان، تنهن کي مهاڳ لکڻ لاءِ چيو، جنهن مهاڳ لکي ڏنو. منهنجيون لکيل ڪهاڻيون ڪيئن آهن؟ تنهن بابت محترم عنايت لوهار جو خيال سندس لکيل مهاڳ مان ئي ملي ويندو.
    ڪتاب ۾ آيل ڪهاڻيون، مون کي منهنجي اولاد وانگر بيحد پياريون آهن. هڪ عام چوڻي آهي ته“انسان جنهن سان پيار ڪندو آهي، ان جا عيب نظر ناهن ايندا”. سو متان مون کان به جيڪڏهن ڪا ڪمي رهجي ويئي هجي، ان ڪري ڪهاڻيون پڙهي پنهنجي راءِ کان آگاھ ڪندا.
    آءُ ٿورائتو آهيان پنهنجي دوست، سمبارا پبليڪيشن جي روح روان محترم ساجد سنڌيءَ جو جنهن مون سان سهڪار ڪري، هي ڪتاب اوهان جي هٿن تائين پهچايو. هن يار بابت بس ايترو چوندس ته منهنجا انگل ۽ آرا، هميشه سهندو رهيو آهي، ڇو ته هن سان منهنجو روح جو رشتو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي کان وٺي آهي،
    شڪر گذار آهيان پنهنجي پٽن، محمد فهد آزاد، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪيو ۽ قمرالزمان آزاد جو جنهن ڪتاب جو ٽائيٽل ٺاهيو.
    هن موقعي تي آءُ “سنڌ دوستي ڪلب” جي ساٿين، سارنگ ساگر، اظهر امر منگي، آسي امين ٿهيم ۽ ٻين جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، جن ڪتاب جي ڇپجڻ کان اڳ ئي ڪتاب جي مهورت جو “سنڌ دوستي ڪلب” پاران اعلان ڪري ڇڏيو.

    جبار آزاد منگي
    منگي محلو/مهراڻ ڪالوني نصيرآباد
    ضلعو قمبر شهدادڪوٽ
    03078346818 /03113508477
    Email: abduljabbarmangi32@gmail.com
    تاريخ: 23 اپريل 2017


    مهاڳ

    هن ڪهاڻين جي ڪتاب “اندر ڪارو ڪانءُ” جو ليکڪ جبار آزاد منگي ادبي حلقي ۾ هڪ گھڻ پاسائين شخصيت جي حيثيت رکي ٿو. ڇاڪاڻ ته هي ڪهاڻيڪار هئڻ سان گڏوگڏ هڪ سُٺو شاعر، سياسي سماجي موضوعن تي لکندڙ بهترين اسٽيج ڊراما رائيٽر ۽ ريڊيو جي دنيا جو هڪ سٺو اسڪرپٽ رائيٽر پڻ آهي.
    هونءَ ته حساس دل رکندڙ هر ماڻهو روزانو زندگي ۾ سامهون ايندڙ ڪجھ غير معمولي واقعن تي گهرائي سان سوچيندي پنهنجي اندر پيدا ٿيل ڪيفيتن جو پنهنجي مخصوص حلقي اندر صرف اظهار ئي ڪري سگهندو آهي. پر جبار آزاد منگي جهڙي ماڻهوءِ جي زندگي ۾ جيڪڏهن ڪو اهڙو منظر سامهون ايندو ته سندس اندر ۾ پيدا ٿيل آنڌ مانڌ جو اظهار سندس ڏاتِ سان قلم وسيلي شڪل وٺي هڪ ڪهاڻي جي روپ ۾ سامهون ايندو.
    اهو ئي سبب آهي ته هن ڪتاب ۾ سندس لکيل ڪهاڻين مان ڪي اهڙيون ڪهاڻيون به آهن، جيڪي لفظن جو روپ وٺڻ کان پهرين زندگي جي حقيقي ڪردارن ۾ سامهون اچي چڪيون آهن.
    جبار آزاد منگي جي ڪهاڻين جو جيئن ته حقيقي زندگي سان تمام ويجهو تعلق آهي، ان ڪري سندس ڪردارن ۾ سماجي ناانصافي ڪري ڪٿي بي وسي جو اظهار آهي ته ڪٿي وري حوصلي، همٿ ۽ ڏاهپ سان جستجو جو گسُ پڻ ملندو. ڪٿي ظالم جي شاطرانه چالن جو منظر آهي ته ڪٿي وري ظلم جي خلاف، ڪي پڙهيل لکيل منطق جي هٿيار سان عدالت جي ايوانن ۾ وڙهندڙ ڪردار به آهن، جيڪي پڙهندڙن جي دل ۾ اتساھ ۽ حوصلو پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا. مطلب ته سندس ڪهاڻين ۾ سماج جو حقيقي ۽ چٽو عڪس پسي سگهي ٿو.
    جيئن ته جبار آزاد منگي بنيادي طور هڪ سياسي ۽ سماجي ورڪر آهي، ان ڪري پنهنجي ڪهاڻين ۾ رومانس ۽ تصوراتي اڏام جي بجاءِ زندگي جي حقيقي ڪردارن جي زبان وسيلي سماجي اڻ برابري جو اظهار ڪري ٿو.
    جبار آزاد منگي جي ڪهاڻين ۾ سندس ذاتي مشاهدي جو عڪس پڻ ملي ٿو، ڇاڪاڻ ته هي تمام گهڻو وقت سياسي ۽ نظرياتي تنظيم جو هڪ ڪميٽيڊ ڪارڪن رهيو آهي ۽ هڪ حساس دل هئڻ ناتي تنظيم اندر ٿيندڙ ڀڄ ڊاھ جي سبب کي سمجهندي ويساھ گهاتي ڪندڙ موقع پرست ۽ وڪامندڙ سياسي اڳواڻ جي ڪردار تي پيدا ٿيل، پنهنجي اندر جي ڪاوڙ کي ڪهاڻي جي صورت ۾ اظهار ڪندي سڀني انقلاب دشمنن، قوم دشمنن ۽ عوام دشمنن لالچي ماڻهن کي پارٽي جي مخلص ڪارڪنن ۽ عوام اڳيان پڌرو ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪري ٿو ۽ ڪهاڻيءَ ۾ اهڙن ڪردارن کي پنهنجي منطقي انجام تي پهچائڻ جي پڻ ڀرپور ڪوشش ڪندي نظر اچي ٿو ته جيئن پڙهندڙ ۽ سياسي ڪارڪن نااميدي جي بيٺل گندي پاڻي ۾ غوطا کائڻ بدران نئين اتساھ سان اڳتي وڌي.
    سنڌ جي سياسي منظر تي سندس گهري نظر هئڻ ڪري پنهنجي ڪهاڻين ۾ انقلاب جي دعوايٰ ڪندڙ ڪجھ انقلاب دشمن وڏيرڪي قومي تحريڪ جي حقيقي ڪردار کي به وائکو ڪندي نظر اچي ٿو ۽ رهبر جي روپ ۾ ڪنهن رهزن لاءِ زنده باد جي لڳندڙ نعرن جي موٽ ۾ هڪ حقيقي سياسي ۽ نظرياتي ڪارڪن جي ڪردار ۾ جرئت جو اظهار ڪندي هڪ عام ۽ سادي قومي ڪارڪن کي پڻ خبردار ڪندي نظر اچي ٿو.
    هن ڪتاب ۾ جبار آزاد منگي هڪ منفرد انداز پڻ اختيار ڪندي نظر آيو آهي. جيڪو پراڻي وقت ۾ سندس لکيل اسٽيج ڊرامن ۾ تمام گھڻو ملي ٿو. اهو آهي ته حقيقت کي مزاحيه انداز ۾ پيش ڪرڻ. سندس پراڻن اسٽيج ڊرامن ۾ جيئن ته اڪثر موضوع سياسي ۽ سماجي رهيا آهن. هن ڪتاب ۾ پڻ هڪ ڪهاڻي ساڳي موضوع تي مزاحيه انداز ۾ ملڪ جي سياسي منظر نامي جو پوسٽ مارٽم ڪندي لکيل آهي. جنهن ۾ سندس جرئت کي سلام ئي ڪري سگهجي ٿو. ڪهاڻي جي ڪردارن ۾ عوام ته تماشائي آهي ئي آهي. جنهن جو هرڪو سياسي اڳواڻ مٿو ڪوڙيندو رهي ٿو، پر مٿو ڪوڙڻ جو حڪم ڏيندڙ ۽ ولايتي پاڪي ۽ ولايتي بليڊ جو بندوبست ڪندڙ ملائڪن کي به نه بخشيو اٿائين.
    ائين چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته جبار آزاد منگي پنهنجي ڪهاڻين ۾ هڪ حساس دل رکندڙ جرئتن سان ڀرپور هڪ سياسي ڪارڪن ۽ سماجي اڻ برابري ۽ ناانصافي خلاف انتهائي غصي جو اظهار ڪندڙ هڪ ڪهاڻيڪار آهي.
    آخر ۾ ڌڻي در اها دعا آهي ته الله تعاليٰ کيس سدائين انهيءَ جرئت، همت ۽ ثابت قدمي تي قائم ۽ دائم رکي ۽ سندس تخليقون، جيڪي سماجي تبديلي لاءِ هڪ اهم هٿيار جي حيثيت رکن ٿيون، اهي تخليق ٿينديون رهن ۽ اڻ برابري، ناانصافي، ظلم، ڌوڪيبازي، موقع پرستي ۽ لالچ خلاف حق جو آواز گونجندو رهي.


    عنايت لوهار
    نصيرآباد
    02 مئي 2017


    ڪهاڻيون

    امان مان ڪاري ته نه هُيسِ

    هو خدن واري اوطاق مان سڀ ڪجھ هارائي اٿيو، هن آخري ڀيرو پنهنجي کيسي ۾ هٿ هڻي، کيسي جو جائزو ورتو، کيس پنهنجو کيسو خالي نظر آيو، هو اڄ ڪاوڙيل هو، پنهنجي جواري سنگتين تي، ڇو ته اڄ هن کي ڪنهن به دش ڪُش نه ڏني، جنهن دش ڪُش کي داءَ تي هڻي پنهنجي قسمت جي اونڌي ٿيل ديڳڙي کي سڌو ڪري پنهنجا هارايل ٻه هزار واپس وٺي سگهي. هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته، هو پنهنجي پيءُ کي ڪهڙو جواب ڏئي سگهي؟ جنهن صبح ساجهر شهر موڪلي چانورن جي ڪارخاني جي مالڪ گنگارام کان هڪ هزار وٺي اچڻ لاءِ چيو هو، هو سوچي رهيو هو ته جڏهن بابو ڳاھ ڳاهي سمورو اَنُ گنگار رام کي ڏيندو، ۽ گنگارام حساب ڪتاب ڪندي ٻه هزار ڪٽي ڇڏيندس، هڪ هزار وڌيڪ وٺي اچڻ جي خبر هونءَ به بابي کي پئجي ويندي ته مون هڪ هزار بدران ٻه هزار ورتا آهن... پر هاڻي اِهي ڏوڪڙ آڻيان ڪٿان، الائي بابي ڪهڙي ڪم خاطر ڏوڪڙ گهرايا هئا ۽ مون خدو واري اوطاق ۾ رمي کيڏي هارائي ڇڏيا آ هن.
    ڪُتي جي ڀونڪ تي هو پنهنجي خيالن مان نڪتو، هن پهريان ته ڪُتي کي ڪاوڙ مان ڏٺو ۽ پٽَ تي پيل سروٽو کڻي ڪُتي کي وهائي ڪڍيو، ڪُتو ڪونڪاٽ ڪندو هڪ گھر ۾ گھڙي ويو.
    بابو اڄ کل لاهي ڇڏيندو، ڇو نه امان کي اڳواٽ ئي ٻڌائي ڇڏيان.... مون سڀ ڪجھ جُوا ۾ هارائي ڇڏيو آهي، من امان منهنجي پُٺِ ڀرائي ڪري، پر سائين بابي کي ٻن هزارن جي باھ لڳي ويندي، سو ڪيئن ڇڏيندو امان جي چوڻ تي... جي امان ڪجھ ڪيو ته امان به مار کائيندي... ان لاءِ مون کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟؟ هو پنهنجو پاڻ سان جنگ ڪندو گهر اچي نڪتو، گھر ۾ هن جي ڪنواري ڀيڻ نواب خاتون اڳٺ ٺاهي رهي هئي. سندس ماءُ پيءُ صبح سان ئي ٻني تي ڳاھ ڳاهڻ لاءِ ويل هئا.
    نباب ! آهي ڪو ٽڪر ڀور ته آڻي ڏي، بُک لڳي آهي.
    ادا!جيڪا صبح ماني پچائي هئي، سا سموري ٻنيءَ تي موڪلي ڏني آهي، ٻي ماني ڪونهي.
    ڇو؟ منهنجي لاءِ اڌ ماني به نه رکي اَٿوَ، صبح بک تي شهر هليو ويس، مون لاءِ توهان وٽ ڪو ڪِساس ڪونهي.
    ادا تو ئي ته چيو هو ته رات جو موٽندس. ان لاءِ تنهنجي ماني ناهي رکي.
    چڱو چڱو گھڻو مٿو نه هڻ، وڃ ۽ وڃي ٻي ماني تڪڙي پچائي آ.. اُٿ گھر جي وڏڙي.
    ادا اٽو ختم ٿي ويو آهي، چاچو آچر توسان گڏ ته اٽو پيهائڻ شهر هليو هو.. سو اڃا ناهي موٽيو.
    اُٿ ! ڊيگھ نه ڪر ۽ وڃ وڃي ماسيءَ جي گھران اٽو وٺي اچ، هروڀرو مون کي نه چيڙاءِ... اسان اڳي ئي پنهنجيءَ ۾ ناهيون.
    ادا تو کي خبر آهي ته ماسات امداد مون سان چرچا ڪندوآ ۽ الائي ڪهڙين نظرن سان ڏسندو آهي.. سو مان اوڏانهن نه ويندس.. تون ماسيءَ وارن کان اٽو وٺي اچ ته ماني پچائي ڏيانءِ.
    تون مون کي جواب ٿي ڏين.. پاڻ کان وڏي ڀاءُ کي ٿي چوين ته وڃي اٽو وٺي اچان.. اٽي لپ لاءِ وڃي هٿ ڊگھو ڪريان.. تون وڃ.
    نه ادا مون کي امداد مان ڊپ ٿو ٿئي، مان نه وينديس.
    نه ويندينءَ؟
    ها ،ادا! نه وينديس.
    ڀيڻ جو جواب ٻڌي هن جي ڪاوڙ ڄڻ جوش وچان اٿي پئي، هن جي ذهن ۾ ، هِن وقت بک، هارايل پئسن جي ڪاوڙ ۽ پيءُ جي موچڙن واري ڳالھ ڇتي ڪاوڙ جو روپ وٺي اٿي بيٺي. هو سڀ ڪسرون پنهنجي ڀيڻ مان ڪڍڻ لاءِ اٿيو..‘‘ تون ايڏي ٿي ويئي آهين جو مون سان ٿي هيرا هُدرا ڏين؟ هُن جھٽ ڏيئي ڏڌ ولوڙڻ واري مانڌاڻي کڻي ورتي ۽ پنهنجي ڀيڻ جي مٿي ۾ وهائي ڪڍي. مانڌاڻي جو هڪ ڦرهو نواب جي مٿي ۾ گھڙي ويو ۽ نواب خاتون پٽَ تي ڪري پئي. نواب جي واتان ڪابه آھ.. ڪابه دانهن نه نڪتي ۽ هوءَ ڇڙيون هڻي ٿڌي ٿي وئي.. هن جون اکيون نڪري آيون. ڀيڻ کي ائين ڪرندو ڏسي ۽ ٿڌو محسوس ڪندي هو وائڙو ٿي ويو.. ڄڻ هن ڄاتو ئي نه پئي ته ڪو ڌڪ هڻڻ سان نواب مري ويندي. هو پگهرجي چڪو هو. هي مون ڇا ڪيو؟ هن پنهنجو پاڻ کان سوال پڇيو. هاڻي مون کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ ها مون کي امان ۽ بابي کي سڀ ڪجھ ٻڌائڻ گھرجي. هو اهو سوچي ڀيڻ جي لاش کي ڪوٺي اندر کڻي، ڪوٺي جو در بند ڪري ڊڪندو ٻنيءَ تي آيو.
    امان..او امان هيڏانهن اچ.. پر تڪڙِي. هن ماءُ کي ڳاھ ڳاهڻ واري هنڌ کان ٿورو پري بيهي سڏ ڪيو. ڇو ته ڳاھ ڳاهڻ واري هنڌ تي ٻيا هاري به موجود هئا. هن جي سڏ ۾ التجا به هئي ته درد به.
    اڙي ڏوڪڙ آندءِ... هيڏي ڇو نٿو اچين... ڪهڙو ماڻهين ۾ ڪم ڦاٿو اٿئي؟ پڻهس ڳاھ جي پِڙَ تان لاڳيتو سوال ڪري ورتس.
    بابا تون به ٿورو هيڏانهن اچ...تمام ضروري ڪم آهي. هن پيءُ کي دٻيل لفظن ۾ سڏ ڪيو.
    پٽ ڇاهي ٿيو؟ خير ته آهي؟ ماڻهس ويجهو ايندي پڇيس.
    واڻئي ڏوڪڙ ڏنا يا نه؟ چئه ڪهڙو ڪم اٿئي؟ جلدي چئه، پڻس پڻ سوالن مٿان سوال ڪيا.
    بابا....بابا... مون کان خون ٿي پيو آهي.
    اڙي ڇا ٿو چئين؟؟؟!! پڻس جي پيرن هيٺان ڄڻ زمين نڪري وئي. هو زمين تي ويهي رهيو، هن جي ماءُ کان ڪوبه لفظ ٻاهر نه نڪتو، ائين محسوس ٿي رهيو هو ته ڄڻ هوءَ بُت بڻائي وئي هجي، هو ته صرف ۽ صرف پنهنجي پُٽ کي ڏسي رهي هئي جيڪو ڀيڻ کي ماري آيو هو.
    اڙي ڪنهن جو خون ڪيو اٿئي؟؟ پڻس آهستي پڇيُس.
    ابا مون ادي نباب کي ماري وڌو آهي.
    هن جي ائين چوڻ سان ٻئي زال مڙس ڄڻ موت جهڙي راڪاس جي چنبي ۾ اچي ويا، هو ڪي گھڙيون بُت بڻجي پنهنجي پُٽ کي ڏسي رهيا هئا.
    اڙي نڀاڳا! پر ڀيڻ کي ڇو ماريو اٿئي؟! پڻس سڪتي واري حالت مان نڪرندي ۽ ڪجھ سوچيندي پُٽ کان پڇيو.
    “بابا بُک لڳي هئي، ماني پچائڻ لاءِ چيو مانس.” هو سڏڪا ڀري روئڻ لڳو. “مون کي ڪهڙي خبر ته مانڌاڻي جي ڌڪ سان ادي نباب مري پوندي!.. مون کي پوليس کان بچاءِ.”
    اڙي نه رو... هاڻي ماٺ ڪر... ڪنهن پاڙي واري توکي ڏٺو ته ناهي نه!؟. پڻس جي من ۾ ڄڻ هڪ نئين منصوبي جاءِ والاري ڇڏي هجي.
    نه بابا ڪنهن به ناهي ڏٺو.
    چڱو هلو گھر .. ٻڌ! لاش ڪٿي پيو آهي. پڻس وري پڇيس.
    بابا ڪوٺي ۾ اندر لاش کي رکي آيو آهيان. هن ڄڻ محسوس ڪري ورتو ته بابو ڪجھ ڪرڻ وارو آهي.
    ٽئي تڪڙا تڪڙا وکون کڻندا گھر ڏانهن آيا. دلبر ڪوٺيءَ جو در کولي ڇڏيو. نواب جي ماءُ پنهنجي لاڏلي ڌيءُ کي ڏسي اوڇنگار ڏئي پار ڪڍڻ جي ڪئي ته سندس مڙس ڇڙٻ ڏئي روئڻ کان منع ڪيس.
    بس ڪر... نه رو، روئيندينءَ ته ٻيڻو نقصان ٿيندو. ائين زال کي منع ڪندي ڌيءُ جي لاش مٿان اچي بيٺو. نواب خاتون جون اکيون کليل هيون، ڄڻ هوءَ پيءُ کي دانهن ڏيندي هجي ته“ بابا مون کي ادي با گناھ ماريو آهي.. بابا ڀائر ته ڀينرن لاءِ ٿڌڙي ڇانو هوندا آهن ۽ بابا ادا دلبر مون کي ڏاڍو زور سان ڌڪ هنيو آ... بابا مان ته تنهنجي لاڏلي ڌيءُ آهيان، پوءِ ڇو مون کي هينئن پٽ تي سمهاري نڌڻڪو ڪري رهيا آهيو”.
    اڙي مانڌاڻي ڪٿي آ؟ پڻس پڇيُس.
    بابا هوءَ کٽ هيٺان پئي آهي، کڻي ڏيانءِ.
    نه مان پاڻهي کڻان ٿو.. ٻڌ نباب جي ماءُ ڌيئرون هونءَ به پرايو ڌن آهن، جڏا سڏا پٽ ڀلا آهن. پٽ اڃا زمانو ناهي ڏٺو. ان لاءِ نباب کي مارڻ جو ڏوھ مان پنهنجي سِر تي ٿو کڻان ته جيئن پٽ بچي پوي... ٻڌ جيستائين مان موٽي نه ٿو اچان تيستائين گھر ۾ ٻي ڪنهن به قسم جو گوڙ نه ڪجو.” يوسف، زال ۽ پنهنجي پٽ کي ائين چئي ٻاهر گھٽيءَ ۾ نڪري ويو. يوسف گھٽيءَ جو جائزو ورتو. هن کي مئٽرڪ ۾ پڙهندڙ وحيد کانسواءِ ٻيو ڪوبه نظر نه آيو.
    “پٽ وحيد ڪٿان پيو اچين؟” يوسف وحيد کي کيڪاريو.
    چاچا اسڪول کان پيو اچان. وحيد هٿ ڏيندي يوسف کي چيو.
    اڄ سويل پيو اچين خير ته آهي نه؟ يوسف وري هن کان پڇيو.
    چاچا شهر ۾ اڄ هڙتال ٿي هئي ان ڪري اسڪول به سويل بند ٿي ويو. ڇو چاچا توهان گھٽيءَ ۾ بيٺا آهيو. وحيد يوسف کان پڇيو.
    پٽ گھر ۾ ڪير به ڪونهي، سڀ ٻنيءَ تي ويل آهن، گابي کي دوا پيارڻي آهي، گھٽيءِ ۾ ماڻهو پئي ڏٺم... پٽ وحيد هاڻي تون ئي هلي مدد ڪر. يوسف هلڪي مرڪ مرڪندي وحيد کي چيو.
    وحيد يوسف جي پويان گھر اندر داخل ٿيو ۽ يوسف وحيد کي ڪمري ۾ اندر اچڻ لاءِ چيو.
    پر چاچا، گابو ته ٻاهر بيٺل آهي. وحيد ڪجھ به سمجهي نه سگهيو.
    پٽ دوا جي شيشي مٿي جاري ۾ رکيل آهي، اها لاهي ڏي ته گابي کي پياريون. يوسف ڪمري ۾ گھڙندي زال ۽ پٽ کي هٿ جي اشاري سان خاموش رهڻ جو اشارو ڪندي وحيد کي سڏ ڪيو.
    وحيد ڪمري ڏانهن وڌڻ لڳو، هوڏانهن يوسف کٽ هيٺان پيل مانڌاڻي هٿ ۾ کڻي در جي اوٽ وٺي بيهي رهيو، وحيد جيئن ئي ڪمري ۾ داخل ٿيو ته يوسف پويان وار ڪندي مانڌاڻي وحيد جي مٿي ۾ وهائي ڪڍي، مانڌاڻي جو ڦرهو وحيد جي مٿي ۾ گھڙي ويو.
    “امان مان مري ويس.” هڪ وڏي دانهن ڪمري جي ڇت سان ٽڪرائجي وئي.. وحيد پٽَ تي ڪري پيو.
    “امان مون کي پاڻي ڏي.” وحيد جهيڻي آواز ۾ چيو ۽ هڏڪي ڏئي هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو. يوسف وحيد جي اڳٺ ۾ هٿ وجهي اڳٺ ڇوڙي هن جي سلوار لاهي ورتي. يوسف جا قدم وري پنهنجي ڌيءُ ڏانهن وڌڻ لڳا، پنهنجي ڌيءُ جو چولو مٿي ڪري اُرھَ ظاهر ڪري ڇڏيا. هڪ پيءُ پنهنجي نڪمي ۽ جواري پٽ کي بچائڻ لاءِ هڪ ڌيءُ جي سُٿڻ جي اڳٺ ۾ هٿ وجهي اڳٺ کولي، سُٿڻ لاهي کٽ هيٺان ڦٽي ڪري ڇڏي. ان منظر تي نه آسمان رنو نه ڌرتي ڌڏي. نه ماءُ ڳوڙها ڳاڙيا، نه ڀاءُ سڏڪا ڀريا... ها.. هن جي اگهاڙي جسم تي جيڪڏهن نظرون ڦريون ته سندس پيءُ جون... جنهن ڪڏهن جھولي ۾ سمهاري، الله هو الله هو ڪئي هيس... زال کي ننڍڙي نياڻي جو انگ ظاهر ڪرڻ تي مار ڏيندڙ يوسف جو نظرون سندس جوان ڌيءُ جي ننگي جسم تي هيون.
    يوسف وڏي آواز ۾ ، “نه ويندين.... وٺوس..” جون رڙيون ڪرڻ لڳو... “ڪارو آهين ڪتي جاپٽ.... ڪارو آهين.” ۽ ائين نواب خاتون ڪاري بڻجي وئي... يوسف هٿ ۾ مانڌاڻي کڻي هڪ نظر ورائي پنهنجي ڌيءُ تي وجهي شهر وڃي ٿاڻي تي پيش پوڻ لاءِ زال کي چيو ۽ گھر کان ٻاهر نڪري ويو.
    سڄي ڳوٺ ۾ ڪارو ڪاري جي خبر باھ وانگر پکڙجي وئي... سڄي ڳوٺ جا ماڻهو، عورتون ۽ ٻار به يوسف جي گھر ۾ گڏ ٿي چڪا... اڙي ادي هي ڇا؟؟. ڳوٺ جي هڪ عورت نواب جي ماءُ کان پڇيو.
    اڙي ادي نواب ۽ وحيد کي پڪڙي وڌن... ائين چئي نواب جي ماءُ پنهنجا سڏڪا روڪي نه سگهي ۽ روئي پئي... “ها ادي منهنجي ڌيءُ ڪاري هئي.” هن ائين چئي پنهنجي ڌيءُ جي اکين ۾ ڏٺو.
    ......۽ نواب جون مئل اکيون ڄڻ ماءُ جي ان جملي تي روئي ويٺيون ، ڄڻ هن جون اکيون ماءُ کي چونديون هجن“ ته امان تون ئي ته ڄاڻِين ٿي ته مان ڪيڏي حياءَ ۽ عزت واري هيس. امان توکي ته خبر هئي ته مان ڇا هُيس. امان تون به بابي کي نه روڪيو؟ امان مان ته بي گناھ ماري وئي آهيان... مون کي ڀلي ماريو هان پر اهڙو الزام ته نه هڻو هان... جڏهن به ڪارو ڪاري جي ڳالھ نڪرندي ته منهنجو نالو به ورتو ويندو ۽ ان وقت منهنجو روح تڙپي اٿندو ۽ امان توکان پڇندو...ته تون خاموش ڇو رهينءَ... امان تو اُهي لفظ ڇو چيا؟ ڇو چيا اهڙا لفظ امان... جن لفظن منهنجي روح کي رنجايو آ... امان مان ڪاري ته نه هُيس.


    نئون قانون

    عدالت اندر مڪمل خاموشي ڇانيل هئي ائين لڳي رهيو هيو ڄڻ عدالت اندر ويٺل هرهڪ شخص کي سامهون انصاف جي ڪرسي تي ويٺل منصف موت جي سزا ٻڌائڻ وارو هجي. پر انصاف جي ڪرسي تي ويٺل جج پنهنجي من سان جنگ جوٽيون ويٺو هو،“آءُ ان بيروزگار کي ڏوهي بڻايان جنهن بيروزگاري کان تنگ ٿي شهر جي چونڪ تي احتجاج ڪندي پنهنجو پاڻ کي گولي هڻي ماريو هو، يا سندس گھر ڀاتين کي، جيڪي نوجوان جي صحيح تربيت ڪري نه سگهيا يا........................!!؟؟
    جج جيسيتائين پنهنجي من ۾ ڪو فيصلو ڪري، عدالت اندر 35 سالن جو نوجوان رڙيون ڪندو داخل ٿيو،“جج صاحب مان قاتل آهيان، مون کي ڦاهي تي چاڙهيو.” عدالت اندر خاموشي ختم ٿي وئي، عدالت جي ڀتين سان آرڊر....آرڊر جا آواز ٽڪرائبا رهيا... قانون جا رکوالا نوجوان کي پڪڙڻ لاءِ اڳتي وڌيا، انصاف جي ڪرسي تي ويٺل جج پنهنجون نظرون فائيل تان هٽائي نوجوان کي حيرت وچان ڏٺو.. جيڪو قانون جي رکوالن جي گرفت ۾ هوندي به رڙيون ڪري رهيو هيو ته“جج صاحب مان قاتل آهيان”
    نوجوان کي ڪٽهڙي تائين آندو وڃي. جج قانون جي رکوالن کي حڪم ڪيو ۽ نوجوان عدالت جي ڪٽهڙي ۾ پهچي ويو.
    اي نوجوان تون ڇا ٿو چوڻ چاهين؟
    جج صاحب مان قاتل آهيان، مون ٻن معصوم ٻارن سيمت ٽي ٻيا به قتل ڪيا آهن، جن ۾ هڪ 27 سالن جي نوجوان عورت، ٻي 57.56 سالن جي عورت ۽ 65 سالن جو مرد شامل آهي، اي انصاف جا رکوال! مون کي سرِعام ڦاهي تي لٽڪايو وڃي، مان قانون هٿان مرڻ ٿو چاهيان، ڇو ته مان بزدل ناهيان جو خودڪشي ڪري پنهنجو انت آڻيان.
    اي نوجوان قتل ڪرڻ وقت تو ڪهڙو هٿيار استعمال ڪيو آهي؟ ڇا تو بندوق يا ڪهاڙي سان قتل ڪيو آهي؟
    جج صاحب! ڇا صرف بندوق ۽ ڪهاڙي سان قتل ڪيا ويندا آهن؟ نه اي منصف نه! هن ملڪ ۾ قتل ڪرڻ جا هزارين طريقا آهن، مون نه ڪنهن کي بندوق جي گولي هڻي نه ئي ڪهاڙي جا قهري وارَ ڪري قتل ڪيو آهي، ڇو ته مان ايڏو بي رحم به ناهيان جو هڪ انسان کي ڳترا ڳترا ڪري پٽ تي ڦٿڪندو ڏسان. ها انصاف جا رکوالا مان بي رحم ناهيان... پر مون پنج قتل ڪيا آهن، مون کي سرِعام ڦاهي تي لٽڪايو وڃي.
    ته پوءِ اي نوجوان تو ڪهڙي قسم جا قتل ڪيا آهن؟
    اي انصاف جو قلم هٿ ۾ جهلي انصاف ڪندڙ، مون، اميدن، تمنائن ۽ ارمانن کي قتل ڪيو آهي.
    اميدن ۽ ارمانن کي !!!!!!!!؟ اي نوجوان تنهنجو مطلب ڇا آهي؟
    اي ديوتا مون پهريون قتل ڪيو آهي، 65 سالن جي پوڙهي، پيءُ جي حسرتن، آسُن ۽ اميدن جو، جنهن ڏينهن رات پورهيو ڪيو، پاڻ بُکون ڪاٽي مون کي وڏو ڪيو، انهي اميد سان ته آءُ وڏو ٿي، هن جي ڏکن واري زندگي ۾ خوشيون کڻي ايندس، پر اي جج صاحب آءُ پڙهي ته ويس، پر پنهنجي پيءُ جي اميدن کي حقيقت جو روپ ڏئي نه سگهيس، مون هن جون اميدون پوريون نه ڪري سگهيس، ڇو ته مون کي ڪٿي به روزگار نه مليو.
    انصاف جي ڪرسي تي ويٺل منصف پنهنجو قلم چپن ۾ ڏئي هن عجيب نوجوان کي ڏسي رهيو ۽ ٻڌي رهيو هو، جيڪو پنهنجو پاڻ کي قاتل ثابت ڪرڻ لاءِ دليل ڏئي رهيو هو.
    جج صاحب مون ٻيو قتل ڪيو آهي پنهنجي ماءُ جي ممتا سان ٽمٽار ٿيل خواهشن جو، جيڪا هروز سوين دفعا منهنجي سُکي زندگي کي ڏسڻ لاءِ ڌڻي در ٻاڏائيندي هئي ۽ جج صاحب جڏهن به مان ڪنهن نوڪري لاءِ انٽرويو ڏيڻ ويندو هيس ته امڙ کوڙ ساريون دعائون ڏيندي چوندي هئي،“پٽ شل الله ڪندو ته آفيسر ٿيندين، مان مٺايون ورهائيندس ۽ لاڏا ڳائيندس.”پر جج صاحب امان جون ڌڻيءَ در دعائون نه اگهيون، ڇو ته مان هرانٽرويو و۾ فيل ڪيو ويس.
    نوجوان پاڻي پيئڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، کيس پاڻي ڏنو ويو، هو هڪ ساهيءَ ۾ پاڻي جو گلاس پي ويو ۽ وري جج صاحب سان مخاطب ٿيو.
    جج صاحب مون ٽيون قتل ڪيو آهي پنهنجي زال جي پاڪ محبت جو جنهن کي مان سٺو ڪپڙو پهرائي نه سگهيس، سٺو کاڌو کارائي نه سگهيس، جج صاحب هوءَ جڏهن به ڪنهن شيءِ جي خواهش ڪندي هئي ته مان ٽال مٽول ڪري ويندو هئس ۽ کيس اهو آسرو ڏيندو هيس ته ڏکيا ڏينهن ٿورا آهن، مون کي روزگار ملندو، ته پوءِ تنهنجا سڀ ڏک سُکن ۾ تبديل ڪندس ۽ هوءَ ان آسري تي جيئندي رهي. اي منصف يقين ڪريو جڏهن هوءَ بستري تي اگھور ننڊ ۾ سُتل هوندي هئي ته آءُ کيس چتائي ڏسڻ جي به سگھ ساري نه سگهندو هيس، ڇو ته مان هن جو ڏوهي هيس، مون هن کي رڳو ڏٽا پئي ڏنا، ايتريقدر اي انصاف جا پيغمبر جو جڏهن هن جو مَنُ محبت ۽ پيار ڪرڻ لاءِ ماندو ٿيندو هيو ۽ هوءَ مون کي ٻانهن ۾ ڀڪوڙي مون کي ڳلن تي چُميون ڏيندي هئي ته ان وقت مان پنهنجو پاڻ تي لعنت ۽ ملامت ڪندو هيس. ڇو ته مان هن کي سچو پيار به نه ڏئي سگهيو هيس...ان لاءِ جج صاحب جو منهنجي من اندر ۾ صرف روزگار جو اُونو هوندو هيو ۽ ڪٺِن زندگي جي جياپي جي لاءِ راهون تلاش ڪندو رهندو هيس.
    انصاف جي ڪرسي تي ويٺل جج عدالت جي ديوار تي لڳل تصوير کي پوئتي ڪنڌ ورائي ڏٺو، ڄڻ هو تصوير کان هن نوجوان جي دليل جا جواب وٺندو هجي، پر تصوير ته اڳ جيان اڄ به خاموش هئي، جج پنهنجو منهن تصوير کا ڦيري ٿورو مشڪيو، جنهن مشڪ ۾ نه ڄاڻ طنز لڪل هئي يا احتجاج!؟ جج پنهنجيون اکيون ڪٽهڙي ۾ بيٺل نوجوان ڏانهن ڏسندي اکين ئي اکين ۾ نوجوان کان پڇڻ گهريو ۽ نوجوان وري ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    مان قاتل آهيان ٻن معصوم ٻارن جي پتڪڙين خواهشن جو، جيڪو روز صبح جو مون کان ٻاتڙي ٻولي ۾ ڪجھ نه ڪجھ گھرندا هئا“بابلا لوپيو لي”(بابا روپيو ڏي) “ابلو بڪوٽ وٿي ڏي”(ابلو بسڪوٽ وٺي ڏي) ۽ جج صاحب پاڪ خدا جي صورت رکندڙ ٻارن کي به سکڻا ڏٽا ڏنا “ها پٽ شام جو توهان لاءِ کوڙ سارا بسڪوٽ وٺي ايندس ۽ رپيا به ڏيندس.” ان ڏٽي جي آسري تي ئي اهي معصوم گلن جهڙا چهرا سڄو ڏينهن ٻهڪندا رهندا هئا ۽ مان.....۽ مان واعدو وفا نه ڪرڻ سبب ٻارن سان هر روز دوکو ڪري رات جو دير سان گهر موٽندو هيس، جڏهن هو منهنجي راھ تڪي تڪي آسرو لاهي سمهي پوندا هئا.
    اهو ضروري ته ناهي، ته هڪ پڙهيل ماڻهو نوڪري جي آسري ۾ ڪو ٻيو روزگار نه ڪري. جج سوال ڪري عدالت ۾ ويٺل ماڻهن ڏانهن ڏٺو.
    اوهان ٺيڪ پيا چئو، اي انصاف جا علمبردار.... مون وٽ ايتري رقم نه هئي جو ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪري سگهان، پر مان هر روز مزدوريءَ تي ويندو هيس، ڪڏهن تغاري کڻي ته ڪڏهن سبزي پڙيءَ تي وڃي ،پُٺن تي بار کنيا آهن.جتي روزانو ٽن کان چئن سون روپين تائين رقم ملندي آهي.... اي منصف ! گهر جا ڇھ ڀاتي ،رقم چار سؤ، ٽي ويلا ماني.... صرف ماني جو خرچ اوهان پورو ڪري ڏيکاري سگهو ٿا؟
    “نه بلڪل نه” جج ڪنڌ ڌوڻي به انڪار ڪيو. “هن مهانگائيءَ جي دور ۾ تمام مشڪل، تمام ڏکيو.”
    منهنجي گهر جي هر ڀاتيءَ جي ننڍي ۾ ننڍي خواهش به ..............نوجوان سڏڪن ۾ پئجي ويو، هن جا سڏڪا عدالت اندر ويٺل هر هڪ ماڻهو کي ڏنگي رهيا هئا، اهو ئي ڪارڻ هيو جو عدالت اندر مڪمل خاموشي هئي هر ماڻهو بُتُ بڻيو ويٺو هيو. عدالت اندر جيڪڏهن ڪا چرندڙ شيءِ هئي ته اهو هيو نوجوان ،جيڪو پنهنجو پاڻ کي قاتل ثابت ڪرڻ لاءِ دليل ڏئي چڪو هو. نوجوان پنهنجن سڏڪن کي روڪيندي جج کي چيو.
    اي عدل جا حاڪم آءُ ڏوهي آهيان، مون کي ڏوھ جي سزا ملڻ گهرجي نه!!؟
    جج جيڪو حيرت وچان نوجوان جا دليل ٻڌي رهيو هو، نوجوان جي ان معصوميت سان ڀريل جملي کي ٻڌي، پنهنجي لڙڪن کي روڪي نه سگهيو، هن ڪنڌ کي اهڙي نموني ڌوڻيو ڄڻ جج کي اڳين ڪيس جو ڪنهن فيصلو ٻڌائي ڇڏيو هجي. هن پنهنجي قلم سان فائيل ۾ پيل ڪاغذن تي ڪجھ لکيو ۽ انصاف جي ڪرسي تان اٿي، هيٺ لهي اچي نوجوان سان ڪٽهڙي ۾ بيٺو.
    جج جي اهڙي عمل تي عدالت اندر ويٺل ماڻهن ۾ حيرت جي لهر ڇائنجي وئي هو هڪٻئي کي تڪيندا رهيا، ڄڻ هڪ ٻئي کان پڇندا هجن ته جج صاحب ڪٽهڙي ۾ ڇو اچي بيٺو آهي؟ پر هو خاموش ئي رهيا.
    اي نوجوان تون قاتل ناهين.... انصاف جي پيغمبر نوجوان سان ڳالهائيندي چيو ته، تنهنجو صرف اهيو قصور آهي ته تون همٿ هاري ويٺو آهين، همٿ ڪر. تون ڪنهن جي آدرشن، اميدن، تمنائن، خواهشن ۽ محبتن جو قاتل ناهين. قاتل ته اهي آهن جيڪي روزگار ڏيڻ لاءِ وڏين ڪرسين تي ويٺا آهن، جن روزگار کي رشوت،پنهنجا نوازي ۽ سفارش جي پڃري ۾ بند ڪري رکيو آهي ۽ اهي ماڻهو سوني پڃري جو در ان لاءِ کوليندا آهن، جن وٽ سفارش ۽ رشوت جي ڪنجي هوندي آهن.
    جج صاحب پوءِ اهڙن ماڻهن کي سزا ڇو نٿي ڏني وڃي؟ ڇا انهن لاءِ به ڪا سزا ناهي؟ نوجوان معصوميت مان جج کان پڇيو.
    اي نوجوان هن عدالت جي ڪرسي تي ويهي اهڙن ماڻهن کي سزا نه ٿي ڏيئي سگهجي ڇو ته هن عدالت ۾ صرف انهن ڪيسن جو فيصلو ڪيو ويندو آهي، جيڪي ڏوھ قانون جي ڪتابن ۾ لکيا ويندا آهن. جيئن ته اميدن، آسن، امنگن، خواهشن ۽ محبتن کي قتل ڪندڙ قاتلن لاءِ ڪوبه قلم ناهي ٺاهيو ويو، ان لاءِ هي جج عدالت جي ڪرسي تي ويهي نه، پر هن عدالت جي ڪٽهڙي ۾ توسان بيهي فيصلو ٻڌائي ٿو ته،“تعزيرات، ضمير، قلم دل ۽ دماغ جي نوجوانن جي خوشين پوڙهن پيئرن جي تمنائن، مائرُن جي ممتا ڀريل آسن ۽ دعائن، زندگي جي ساٿاڻين جي محبتن ۽ ٻارن جي پتڪڙين خواهشن ۽ ٻاتڙين ٻولين کي هر روز نئين بندش ڪري، روزگار جي سوني پڃري ۾ بند ڪري قتل ڪيو وڃي ٿو ۽ اهي شخص قاتل آهن، لحاظا هي ضمير جي عدالت انهن ڪرسين تي ويٺل ماڻهن کي ڏوهي قرار ڏيندي موت جي سزا ٻڌائي ٿي: اي نوجوان آءُ هر گهڙي۽ هر پلڪ توسان گڏ آهيان، هل ته هلي شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ، واهڻ واهڻ، وستي وستي جي هڪ هڪ گھٽي ۽ گھر ۾ اميدن، آسن، تمنائن، خواهشن ۽ محبتن کي موت جي چکيا تي چاڙهڻ وارن خلاف اهڙي عدالت قائم ڪريون، جنهن عدالت ۾ بندوق ۽ ڪهاڙي سان ٿيندڙ قتل جو فيصلو خون جي عيوض خون ته هوندو ، پر حسرتن کي قتل ڪندڙن کي سرِعام ڦاهي تي لٽڪائڻ جو قانون ٺاهي فيصلو ڏنو ويندو.
    نوجوان ۽ جج گڏجي عدالت مان ٻاهر نڪري ويا، عدالت اندر ويٺل ماڻهن ۾ اهڙي فيصلي ٻڌڻ کانپوءِ چرپر پيدا ٿي، ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ جج جي نئين قانون ماڻهو جي جسمن ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو هجي.


    ويل هزارين جاڳوڙي

    اڄ به ايس پي صاحب ٽيليفون وسيلي صبح جو نئون ڳوٺ ٿاڻي تي وڃڻ جو حڪم ڏنو مان سوچي رهيو هئس ته آخر مون کي ڪنهن هڪ پوليس اسٽيشن تي ڇو نه ٿو رکيو وڃي، هن ئي سال ۾ ڇھ ٿاڻا ڏٺا اٿم، صرف هڪ سال ۾ خبر ناهي ته ڇو؟ مان پنهنجو پاڻ کان سوال پڇڻ لڳس.
    سائين گاڏي ۾ سامان رکيو ويو آهي، توهانجو انتظار آهي، سپاهي خيالن جي دنيا کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، سج پنهنجي روشنيءَ سان ڌرتيءَ کي آهستي آهستي روشن ڪري رهيو هو، رستي تي ماڪ ڦهليل هئي ائين پئي لڳو ڄڻ ڪنهن هلڪو ڇنڪار ڪيو هجي. سوزوڪي وين ڏامر جي رستي تي هلندي رهي، ڊرائيور خاموشي سان گاڏي هلائي رهيو هو، ڪنهن مهل ڪنڌ ورائي مون ڏانهن ڏسي وري رستي ۾ نظر ڄمائي ٿي ڇڏيائين، ائين سجهيم ته ڊرائيور ڄڻ ڪا ڳالھ پڇڻ گهري ٿو. مون محسوس ڪري ورتو.
    سوزوڪي پنهنجي اٿئي. مون خاموشي کي ٽوڙيندي ڊرائيور کان پڇيو.
    نه سائين. هن مختصر جواب ڏنو.
    پگھار تي آهين؟
    ها سائين. هن وري به مختصر جواب ڏنو.
    گھڻي پگھار ملندي اٿئي؟
    سائين بس گذر پيو ٿئي. هن ٿڌو ساھ ڀريندي جواب ڏنو.
    گهڻي ملندي اٿئي؟
    ٻه سئو رپيا روز سائين.
    شادي شده آهين؟
    نه سائين.
    پوءِ ته تو هڪ لاءِ ٻه سئو رپيا گھڻا آهن.
    ڊرائيور جواب ڏيڻ بدران صرف منهنجي منهن کي ڏٺو ۽ ٿڌو ڇوڪاري ڀري روڊ تي نظر وجھي ڇڏيائين.
    تو لاءِ ته پنج سئو گھڻا آهن. مون هن جي اندر ۾ لڳل باھ کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ وري چيو.
    سائين اڄ جو پورهيت چڪيءَ جي ٻن پٿرن ۾ پيسجي رهيو آهي، جنهن ۾ پورهيت جو پورهيو ميدو بڻجي وڃي ٿو، ته ان جي اجرت ڪهڙي ملي ٿي؟! چئني طرفن کان وڏا وڏا راڪاس وات ڦاڙيو بيٺا آهن، هر طرف پورهيت جي ڦرلٽ، وڏيرو هجي يا سيٺ، سرڪاري ملازم تي وري........
    نه نه تون چئه ڪو به ڊپ نه ڪر.
    نه سائين سچ چوڻ جي مون ۾ همٿ ناهي، منهنجي زبان وڍيل آهي، مان ظلم جي گھاڻي ۾ پيڙجي پيڙجي هاڻِ ساڻو ٿي پيو آهيان. دنيا وارن جا طعنا ۽ مهڻا هڪ طرف ۽ ٻئي طرف قانون.
    آخر ڳالھ ڇا آهي بابا، سچ سچ ٻڌاءِ ٿي سگهي ٿو ته مان تنهنجي مدد ڪري سگهان.
    سائين نانگ جو کاڌل نوڙي کان ڊڄندو آهي، هوئنن به پوليس وارن...........
    ها ها، مان سمجهان ٿو ته پوليس وارن ۾ ٻوٿ ڪارا گھڻا آهن، جيڪي صرف پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ عام شهرين تي ظلم ڪندا آهن، تون ٻڌاءِ ٿي سگھيو آءُ تنهنجي دردن جو ڪو درمان ڪري سگهان.
    سائين اهي سڀ دل خوش ڪرڻ جون ڳالهيون آهن باقي مدد جي اميد ڪرڻ پوليس مان ائين آهي، جيئن ٻٻرن کان ٻير گھرڻ.
    سڀ اهڙا نه آهن، منهنجا سڄڻ، تون ڳالھ کولي ٻڌاءِ تنهنجي دل ۾ جيڪا لڪل باھ آهي ان کي ٻاهر ڪڍ.
    سائين ڪٿي توهان به مون مسڪين تي ناراض نه ٿي وڃو.
    نه نه تون ڳالھ ٻڌاءِ.
    چار سال اڳ، جنهن ٿاڻي کان توهان اچي رهيا آهيو، اتي منظور صوبيدار هيو.......؟
    هاها مان چڱيءَ ريت ان کي سڃاڻان، اهو منظور نه، جنهن عشق مان شادي ڪئي هئي.
    اهو ڪوڙ آهي، سائين نسورو ڪوڙ، تيز رفتار هلندڙ سوزوڪي کي اهڙي بريڪ لڳي جو سوزوڪي رستي تان ڦري وئي. اهو ڪوڙ آهي سائين اهو ڪوڙ. ۽ ڊرائيور روئڻ لڳو. مان تعجب ۾ پئجي ويس ته آخر ڳالھ ڇا آهي.
    تنهنجي روئڻ جو سبب مون کي سمجھ ۾ نه آيو. مون پُٺيءَ تي هٿ ڦيرائيندي چيومانس.
    سائين توهان سمجهي به ڪين سگهندئو. ان عورت جو بد نصيب ڀاءُ ته مان ئي آهيان، جنهن کي منظور زوري کڻائي ويو.
    ڇا زوري......!؟
    ها سائين، زوري. ڊرائيور جون اکيون ڳاڙهيون ٿي چڪيون هيون، غصي جا آثار هن جي چهري مان ظاهر ٿي رهيا هئا.
    سائين مون ڪهڙو جرم ڪيو هيو منظور جو، جو هن مون کان ايڏو وڏو انتقام ورتو.
    ڏس! هاڻي سچي ڳالھ ٻڌاءِ ته اهو معاملو ڪيئن پيش آيو.
    سائين! جڏهن زخم ناسور بڻجي ويندو آهي، تڏهن ان مان رت ۽ ڪنو پاڻي وهڻ لڳندو آهي، سائين! منهنجي اندر وارا زخم ناسور بڻجي ويا آهن، اهڙو ڪو دردن جو درمان ناهي مليو، جنهن سان سُورَ اووري پنهنجي زخمن تي پها رکان، ان ڪري ئي مون سب سور سيني ۾ سانڍي ڇڏياآهن. ڀلا ورندو به ڇا، هاڻي ته قصو ئي الٽو ٿي ويو آهي ته........... به جهان خان فيصلو به جهان خان ڪري.الٽو ساڳي ٿاڻي تي مون کي ماريو ويو ۽ ڇھ مهينا بي سبب جي سزا. ڇا اهو ظلم نه آهي؟ سائين !جو هڪ ٻهڪندڙ گھر مٿان ٽانڊن جو مينهن وسايو وڃي ۽ انهن ٽانڊن ۾ هر هڪ کي ساڙيو ۽ ماريو وڃي، سائين مان به مري ويو آهيان، منهنجو ضمير مري چڪو آهي ۽ جنهن جو ضمير مري ويندو آهي، اهو بيغيرت ٿي ويندو آهي ۽ سائين مان بزدل ...............
    نه.....ائين نه آهي منهنجا دوست! تون ته وڏو بهادر آهين، اها ئي ته اصل بهادري آهي سور سهي نوان گس ڳولهجن ، تون تڏهن روئين ٿو جڏهن توسان ظلم ٿيو آهي، جڏهن تنهنجي آنڊن ۾ هٿ پيا آهن، پر اي منهنجا دوست ! هن ديس ۾ اڄ به ڪنهن جي نه ڪنهنجي روز لڄ لُٽي وڃي ٿي، هن ديس جي هر پورهيت جي پگھر کي به روز چوسيو وڃي ٿو ۽ اهو سور ماٺ ڪري ويهڻ جهڙو ناهي، اسين سڀ هن سماج جي پيداوار آهيون، جتي وڏيرا شاهي ۽ نوڪر شاهي آهي، منهنجا دوست وڙهڻو هجي ته گڏجي وڙهجي، واقعي تون اڪيلو وڙهي نه سگھندين.
    توهان سائين پوليس ۾ آهيو ۽ ..... موضوع کي ڪٽيندي هن سوال ڪيو.
    ها دوست مان صوبيدار آهيان.
    مون کي اعتبار نه ٿو اچي سائين! صوبيدار اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن ڇا؟ اهي ته مجرم جا يار ۽ جرم ۾ واڌارو ڪندڙ هوندا آهن، صوبيدار ته بيگناهن کي ڦاسائي پئسا وٺڻ واري جو نالو آهي، توهان صوبيدار نه آهيو.
    منهنجا دوست، سڀ اهڙا نه هوندا آهن.
    سڀ اهڙا آهن، سڀ.
    پر مان ائين نه آهيان.
    سائين پوءِ توهان پوليس ۾ به نه رهي سگهندئو!! ڇو ته پوليس ۾ اهو رهي جيڪو بي گناھ جو پٽڪو لاهي. ڊرائيور جذباتي ٿي ويو.
    ها دوست واقعي! تون سچ ٿو چوين ....... منهنجي هر هر بدلي ٿيڻ جو سبب به اهو ئي آهي جو مان مٿي تائين منٿلي نٿو پهچايان ۽ نه ئي ڪنهن بي گناھ ماڻهو جو ماس ڪٽرائي رقم وصول ڪرڻ جهڙو گندو ڪم ڪندو آهيان، نه ئي ڪنهن ڀوتار جي حاضري ڀريندو آهيان، ڇو ته وڏيرن ۽ سيٺين سان منهنجي دشمني طبقاتي دشمني آهي.
    پوءِ توهان سائين پوليس ۾ رهي نه سگھندئو! مون به دنيا جا لاها چاڙها ڏٺا آهن، در در جا ڌڪا کاڌا آهن، هر ماڻهوءَ سان پالو پيو آهي، منهنجي هن ڪٺن زندگي جو تجربو آهي، مان اهو دعويٰ سان چوان ٿو ته اوهان پوليس ۾ گهڻو وقت رهي نه سگھندئو.
    خير ڇڏ انهيءَ ڳالھ کي، ٻڌاءِ ته منظور توتي ڪيئن ظلم ڪيو؟ منهنجي ان سوال تي هن هڪ ٿڌو ڇوڪارو ڀريو.
    بس سائين هاڻي ڇا ٿيندو!
    ٿي سگھي ٿو ته مان تنهنجي مدد ڪريان.
    سائين مون کي ٻڌايو ته توهان کي ڪيتري ملڪيت آهي.
    ملڪيت!!!
    اڙي چريا مان غريب آهيان، هاريءَ جو پٽ آهيان اهڙي هاريءَ، جيڪو وڏيرن جي هر ظلم جو نشانو هر دور ۾ بڻجندو رهيو آهي، پنهنجي ٻني نه اٿم. هي ڏسين ٿو ته منهنجا هٿ اڄ به رونبو ، لابارو ۽ هرَ ڪندا آهن. مون پنهنجا هٿ ڊرائيور کي ڏيکاريندي چيو.
    مون چيو نه... سائين! اوهان منهنجي مدد نه ڪري سگهندا، منهنجي مدد اهو ڪري سگهندو جيڪو منظُور جي پيءُ کان وڌيڪ طاقتور هجي.
    پر پوءِ به ڪو نه ڪو حل ڳالھ ٻڌائڻ سان نڪري ايندو .
    سائين! مان ته پڙهي نه سگهيس پر مون اهو وچن ڪيو هيو ته پنهنجي ننڍي ڀيڻ کي ضرور پڙهائيندس، ڇو ته سائين منهنجي اها ڀيڻ منهنجو ڀاءُ به هئي. پيٽ کي بکيو رکي سندس تعليم جو خرچ پورو ڪندو رهيس. منهنجي ڀيڻ به هوشياريءَ سان پڙهندي هئي ۽ سائين تعليم ئي منهنجي بردباري جو سبب بڻي.
    اهو ڪيئن؟؟
    سائين مئٽرڪ جا امتحان پئي هليا، پوليس جي ڊيوٽي لڳل هئي، منظور صوبيدار ڪاپي روڪڻ جي بهاني امتحاني سينٽر جي انهن ڪلاسن ۾ گهڻو تڻو ويندو هيو،جنهن ڪلاس ۾ نياڻيون امتحان ڏينديون هيون، ڀلا اها ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته، هن جي شيطاني اکين ۾ ڪنهن معصوم، ڪنهن گھر جي عزت، ڪنهن ڀيڻ جي تصوير ڇپجي چڪي آهي ۽ امتحانن جي آخري ڏينهن تي سڄي شهر ڏٺو ته پوليس جي گاڏي ۾ منهنجي عزت منهنجو شان، منهنجي غيرت رڙيون ڪندي رهي.
    ڊرائيور وري ٿڌو ڇوڪارو ڀري چُپ ٿي ويو، ائين ڀانيم ته هن جون اکيون نه پر دل رت جا ڳوڙها ڳاڙيي رهي آهي.
    پوءِ ڇا ٿيو؟
    ان کان وڌيڪ ڪهڙي قيامت آهي سائين! جو منهنجو ٽوپ گند ۽ ڪچري ۾ خراب ٿي ويو، مان ٿاڻي تي پهتس پر اتي منهنجي ٻڌڻ وارو ڪوبه نه هيو، الٽو اڳرا نتيجا ڀوڳڻ جا دڙڪا ڏنا ويا، لٺيون هنيون ويون، انصاف جي گھر مان بي انصافي جا ٽوڪرا ڀري نڪتُس.
    سڄي شهر جي ڊرائيورن هڙتال ڪئي، ٻي ڏينهن تي ايس پي صاحب آيو، ظلم مون سان ٿيو هو، ننگ منهنجو کنيو ويو هيو ان ڪري رڙيون به مون پئي ڪيون، پڪارون ۽ التجائون پئي ڪيون، پر منهنجي احتجاجن جو نتيجو اهو نڪتو جو ....... امن امان ۾ خلل وجھڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري جيل موڪلي ويو ۽ مان جيل جي لوهي سيخن پٺيان چئن مهينن جو عرصو گذاري ٻاهر نڪتس.
    اڇا، ته هڙتال ان سبب ڪري ٿي هئي ۽ اهو سزا کائيندڙ ڊرائيور تون آهين.
    ها سائين مان ئي هن سماج جي قانون جي چڪيءَ ۾ پيٺل اهو شخص آهيان.
    پر پوليس رپورٽ ۾ اهو ڄاڻايل آهي ته ڪرائي ۾ اضافي جو مطالبو ڪندڙ ۽ هڙتال ڪندڙ ڊرائيورن جي اڳواڻ کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو.
    ٻيو سائين ڇا لکندا؟ اهو لکندا ! ته قانون جي هڪ عملدار سرِ عام ڪنهن جي نياڻي کي اغوا ڪيو، جنهن سبب هي معاملو آيو ۽ صوبيدار کي ان ڏوھ جي سزا هڪ سال قيد ڏني وئي. سائين آخر پوليس آهي، جنهن لاءِ چوڻي آهي ته“نوڙي مان نانگ ڪندي آهي”
    افسوس آهي ته هيڏي وڏي واقعيءَ کي ڪنهن اخبار به نه لکيو.مون حيرت جو پڇيو
    سائين! ان ۾ اخبار جو ڪهرو ڏوھ، قصور وار ته هتان جا قلم ڌڻي آهن، جن منهنجي خبر کي نه ڇاپيو. هنن وٽ شهر جي غريب پورهيت سان همدري نه پر ان صوبيدار سان همدريءَ جا وچن هيا، جيڪو انهن جا کيسا گرم ڪري رهيو هيو.
    اها صحافت ته نه چئبي، دلا گيري چئبي. ها دوست واقعي اڄ جي قلم ڌڻين جي اڪثريت اسان پوليس جي ٽائوٽ بڻيل آهي.
    سائين! مون به گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيتو آهي، مونکي به سڀ خبر آهي ته ڪير ڇا آهي؟ پر غريب آهيون ان ڪري ٻڙڪ به ٻاهر نٿا ڪڍي سگهون. اسان جي شهر جي پريس ڪلب جو جيڪو هن وقت صدر آهي، سائين اهو...................... هو چپ ٿي ويو.
    ها دوست! تون ڀلي نه ٻڌاءِ، پر شهر جي ٿاڻي ۾ پيل سيڪريٽ رجسٽر ۾، جنهن رجسٽر ۾ ،شهر جي حقيقي چڱن، ڀلن سماجي، سياسي، ادبي، ڪاروباري ۽ مذهبي ماڻهن جا نالا هڪڙي لسٽ ۾، چڱن ماڻهن جي روپ ۾ لڪل بدمعاش، ٺڳن ماڻهن جا نالا بين لسٽ ۾ ۽ ٽين لسٽ ۾ انهن جا نالا لکيل هوندا آهن،جيڪي پوليس جا ٽائوٽ، ڪمائو پٽ، ..... ۽ ............ هوندا آهن. تنهنجي شهر جي قلم ڌڻين جي صدر جو نالو ،تنهنجي شهر جي ٿاڻي جي رجسٽرڊ ۾ ٽين نمبر ماڻهن جي لسٽ ۾ لکيل آهي.
    ته پوءِ سائين! اوهان ئي ٻڌايو ته اهڙي قسم جا صحافي ڪنهن جي ونگار وهندا؟ بس سائين! اهي ٻهروپ ڏسي ماڻهن تان ويساھ ئي کڄي ويو آهي.
    تون دل نه لاھ ان ڪيس کي جيارڻ منهنجو ڪم آهي.
    سائين توهان منهنجي باھ جو کاڄ نه بڻجو ته بهتر ڪٿي ائين نه ٿئي جو.......
    سچ لاءِ وڙهجي، وڙهندو رهجي پوءِ کڻي جان به قربان ٿي وڃي.
    هن ڪو به جواب نه ڏنو، دوست ڳالهين ڳالهين ۾ مون توکان نالو به نه پڇيو.
    سائين منهنجو نالو بچل آهي.
    مان سوچ ۾ پئجي ويس ته بچل سان ڪيڏو ظلم ڪيو ويو آهي، ڇا هي اسان جو قانون آهي لت هڻجي اهڙي قانون کي، جيڪو لڄن جي به عزت نه رکي سگهي، جيڪي گهرن وارن کي بي گهر ڪري. ان ۾ ڏوهي ته اهي آهن جن اهڙي گندي سماج کي جنم ڏئي ان جا ٺيڪيدار بڻجي ويٺا آهن، جن پنهنجي بچاءَ لاءِ قانون ۽ جيل ٺاهيا، پنهنجي جاگير، خانبهادري، سر ۽ نوابي جي لقبن کي بچائڻ لاءِ غريبن جا جهڳا ساڙي، پورهيتن تي ظلم ڪري حڪمرانن اڳيان سرخرو بڻيا.
    گاڏي هينئر نئون ڳوٺ ۾ داخل ٿي، شهر جا رستا لتاڙيندي، پوليس اسٽيشن تي اچي بيٺي.ٿاڻي تي اڳم اطلاع هئڻ سبب عملو موجود هيو، آءُ گاڏيءَ مان لهندي بچل کي پاڻ سان گڏ اچڻ لاءِ چيو.
    نه سائين! توهان سامان لهرايو آءُ پوئتي ويندس ڇو ته شام جو گاڏي جي مالڪ سان منهن به ڏيڻو آهي، ان ڪري وڃي روزگار ڪيان.
    چڱو..... بچل اچي ڪرايووٺ.
    نه سائين مان نه وٺندس.
    وٺ بابا وٺ.
    بچل ڪرايو وٺندي منهنجي اکين ۾ ڏٺو، ائين سمجهيم ڄڻ هو ڪا شيءِ چئي رهيو آهي،اکين ئي اکين ۾. ايتري ۾ ننڍو صوبيدار ۽ ڪجھ سپاهي اچي ويا. آءُ موڪلائي اندر هليو ويس.
    ڪرسي تي ويهندي گھنٽي وڄائي، سنتري سليوٽ ڪري بيهي رهيو.
    وڏي منشيءَ کي سڏ ڪر.
    جي سر. سپاهي سليوٽ ڪري واپس هليو ويو گھڙيءَ کن کانپوءِ وڏو منشي آفيس ۾ داخل ٿيو. ڪرسي تي ويهڻ لاءِ چيو مانس.
    ٿاڻي جي ڇا پوزيشن آهي.
    سائين منهنجو نالو عارب آهي، اوهان کي ڀليڪار، سر هن ٿاڻي جي بهترين پوزيشن آهي تعلقي اندر بهترين ڪارڪردگيءَ ۾ پهريون نمبر آهي .
    اڇا!!
    جي سائين. هن وقت چاوڙي ۾ ٻه بدنام ڌاڙيل ڪارُو ۽ گُلو بند آهن، جيڪي ڪيترن ڦرن ۽ ڌاڙن جي ڏوهن ۾ ملوث آهن. هڪ سنهي چوريءَ ۾، هڪ ڪارو ڪاري جي قتل ۾ ۽ هڪ ڇوري سان بد فعلي جي الزام ۾ بند آهي.
    هونهن، ته مان چاوڙي ڏسندس.
    سائين اندر سخت بدبوءِ آهي.
    ٺيڪ آهي مان ڏسڻ گھران ٿو.
    جيئن اوهان جي مرضي سائين.
    مان ڪرسي تان اٿيس وڏو منشي عارب به اٿيو.
    سائين هيڏانهن اچو، هي چاوڙي آهي.مشتاق در کول صاحب معائنو ڪندو. سائين هي سپاهي قمر آهي . عارب تعارف ڪرائيندي چيو.
    چاوڙي اندر گھڙندي گندي بدبوءِ محسوس ٿيڻ لڳي، ساھ منجهڻ لڳو جلدي واپس وريس. چاوڙي کان پرڀرو بيهي رهيس.
    مون چيو نه سائين اندر بدبوءِ آهي.
    هن جي صفائي نه ٿيندي آهي ڇا؟
    سائين صفائي! اهي حرامي انهيءَ بدبوءِ ۾ هجن ته بهتر آهي، بس ٻئي ٽئين ڏينهن ڀنگي صفائي ڪري ويندوآهي.
    آءُ هر هڪ سان ملڻ چاهيان ٿو ۽ هڪ هڪ کي آفيس اندر موڪل. مان ائين چئي آفيس اندر هليو ويس.
    ڪرسي تي ويهندو سامهون لسٽ تي نظر پئي،“اشتهاري مجرم” اٿي ڪري ڀت تي لڳل لسٽ ڏانهن ويس ۽ پڙهڻ لڳيس.
    سائين ڪارو حاضر آهي؟ اي ايس آءِ آفيس ۾ گھڙندي چيو.
    موڪلينس. آءُ ڪرسي تي واپس اچي ويهي رهيس.
    ڪارو اي ايس آءِ جي پويان هيو، وڏيون ڳاڙهيون اکيون ناز مان پئي آيو. ڪنڌ فخر وچان مٿي هيس.
    قاتل ۽ بدنام ڌاڙيل ڪارو تون آهين.
    جي سائين!.
    جي سائين جا پٽ! توکي شرم نٿو اچي ڪنهن جي گھر کي اجاڙيندي، ڪنهن ٻار کي يتيم ڪندي، ڪنهن کي بيواھ ڪندي.
    شرم ته سائين عورتن کي ايندو آهي، مان ته .........
    بڪواس بند ڪر! اڙي گهڻا قتل ڪيا اٿئي ۽ ڇو؟
    صاحب اهو سوال اڄ تائين ڪنهن به نه پڇيو آهي، سڀ ڪاوڙيل هوندا آهن...... اندر جي باھ کان سائين.... جيڪا هن سيني اندر ٻري رهي آهي، هي منهنجيون ڳاڙهيون اکيون ڏسو ٿا نه انهن ۾ خون ڀريل آهي، اهي رت روئي رهيون آهن. سائين! آءُ به انسان آهيان پر هن دولت وارن منهنجي وجود ۾ زهر وجهي ڇڏيو جيڪو منهنجي اندر کي کائي رهيو آهي.
    اهي سڀ بهانا آهن، سڀ بڪواس آهي.
    سائين اوهانکي ڪهڙي خبر، اوهان جيئن چوندا تئين ئي هوندو! پر سائين! جت باھ ٻرندي آهي، هنڌ اهو سڙندو آهي، منهنجي اندر ۾ به باھ ٻريل آهي، منهنجو سنڌَ سنڌَ سڙي رهيو آهي، آءُ به انسان آهيان منهنجي دل ۾ محبت آهي، پيار آهي ڪير چاهيندو ته مان جهنگ جي بيڪار زندگي اختيار ڪريان بس! مجبوري ۽ بي بسي هوندي آهي، جيڪا بَرَ ڏانهن منهن ڪرائيندي آهي ۽ سائين انتقام هوندو آهي.
    تنهنجي اندر ۾ انتقام لڪل آهي؟
    ها سائين انتقام، پنهنجي امڙ، پنهنجي ڀيڻ، پنهنجي ۽ ننڍڙي معصوم ڀاءُ کي بي گناھ قتل ڪرڻ وارن لاءِ.
    ڇا؟ تنهنجي گهر جا ڀاتي قتل ڪيا ويا آهن؟
    ها سائين ڀوتار اڪبر خان منهنجي ڀرئي گهر کي اجاڙي قبرستان بڻائي ، ڇڏيو برباد ڪري ڇڏيو.
    ضرور ڪونه ڪو سبب ته هوندو نه ؟
    ها سائين! ڀوتار اڪبر خان جي چوڻ تي سندس مخالف کي ڏنڊا نه هنيا. اهوئي سبب هيو ۽ ڀوتار منهنجو انڪار ٻڌي پنهنجي توهين سمجهي ڇتو ٿي پيو، شام جواوطاق ۾ ڳوٺ جي ماڻهن اڳيان بيعزتي ڪيائين، گارين مٿان گاريون ڏيڻ لڳو، هو گوٺ وارن کي گارين ڏيڻ تي هريل هو، پر سائين ڀوتار کي ڪهڙي خبر ته ڳوٺ ۾ سڀ موچڙا سهڻ وارا نه آهن. مون ڀوتار کي گارين ڏيڻ کان منع ڪئي، پر هو باز نه آيو، سائين مون به ڀوتار کي گار وهائي ڪڍي، پوءِ ته سائين! ڀوتار جا پاليل ڪُتا هئا ۽ مان، خبر ناهي ته ڇا ٿيو، اکيون پٽيم ته گھر ۾ هيس، امڙ روئي رهي هئي، بابو ويڳاڻين اکين سان ڏسي رهيو هيو، ڀيڻ چپ هئي ۽ ڀاءُ سوال ڪري رهيو هو ته ادا تو کي ڇا ٿيو آهي؟ بيعزتي جو بدلو وٺڻ لاءِ اندر ۾ باھ ٻري اٿي جيسيتائين جهرڪي اڏامي تيسيتائين باز جهپي ورتس ۽ مون کان اڳم ئي ڀوتار جي ڪتن منهنجي گھر تي حملو ڪري منهنجو گھر اجاڙي ڇڏيو، برباد ڪري ڇڏيو، بس اهو ئي سبب هيو سائين.
    تون ڪٿي هئين؟
    سائين! ابو آهين توسان ڪهڙو ڪوڙ هڻان! پنهنجي بيعزتي جو پلاند وٺڻ لاءِ، هڪ دوست کان هٿيار وٺڻ لاءِ ٻاهر نڪري ويو هُيس، شايد خدا کي اهو منظور رهيو ته آءُ جيئان!!! نه ته جيڪر مان به پنهنجي گهر جي ڀاتين سان سفر ڪري هليو وڃان هان، پوءِ سائين اهو ڏينهن ۽ هي ڏينهن منهنجي زندگي جهنگ ۾ گذرڻ لڳي.
    گھڻا قتل ڪيا اٿئي؟
    صرف ڇھ سائين هڪ وڏيرو ۽ پنج اهي ڀاڙيتو ڪتا جن منهنجي گهر تي گوليون هلايون هيون.
    ڦُرون؟
    ڪنهن مسڪين کي ڪونه ڦريو آهي، ڪنهن مسافر بس کي ڪونه لٽيو آهي مون صرف پيسن وارن کي اغوا ڪري جيئڻ لاءِ رستو ڳوليو، پئسا وٺي ۽ بس.
    ڪارُو چپ ٿي ويو، مون ٻئي کي آڻڻ ۽ ڪاري کي بند ڪرڻ لاءِ چيو.
    گُلو منهنجي سامهون ڏڪي رهيو هيو، اڌ اڇي، اڌ ڪاري ڏاڙهي جسم مضبوط روئيندي چيو، سائين خدا جو قسم آهي، مان ڌاڙيل نه آهيان،
    ڌاڙيل نه آهين ته پوءِ هي سڀ الزام مون تي آهن؟
    سائين مان ڌاڙيل نه آهيان خدا جو قسم پر پوليس.........
    ڇا ٿيو پوليس کي؟
    سائين ننڍڙو ڇوڪر بيمار هيو، ڳوٺ مان صبح ساجهر شهر اچڻ لاءِ نڪتس ۽ پوليس ڌاڙيلن جي ڳولها ۾ هئي سائين منهنجي چوڌاري به بندوقون سڌيون ٿيون، هٿ مان خالي شيشي ڇڏائجي وئي، پوليس ٿاڻي تي پڪڙي آئي، دانهون ڪوڪون ڪيون، مان هاري آهيان، چور نه آهيان نه ڌاڙيل، پر پوليس سائين صرف اهو پڇڻ لاءِ موچڙا هڻي رهي هئي ته مون ڪٿي ڪٿي ڌاڙا هنيا ڪنهن ڪنهن کي قتل ڪيو. هت ته سائين مون سان ڪنهن کي ملڻ به نه ٿو ڏنو وڃي، سائين! مون کي خدا ڪارڻ ڇڏيو، اڄ پنجون ڏينهن آهي، خبر ناهي منهنجي ٻچڙي جو ڪهڙو حال ٿيو هوندو!
    ائين چئي هو سڏڪا ڀري روئيندو رهيو.
    ٺيڪ آ بابا تون خاطري ڪر، جاچ ڪري توکي دڳ لائبو، هو ڳوڙها اگهندو آفيس کان نڪري ويو.
    ڪارو ڪاري جي الزام ۾ آيل نوجوان هيو، بدن ۾ هلڪڙو ڏسڻ ۾ ائين پئي لڳو ڄڻ بيمار هجي.
    تو ڪنهن کي ماريو آهي؟
    پنهنجي ڀيڻ ۽ ان جي آشنا کي.
    تو پنهنجي ڀيڻ کي قتل ڪيو آهي؟
    اها منهنجي ڀيڻ نه پر هڪ بي حياءُ عورت هئي، جنهن ڀاءُ جي پيار کي ڌوکو ڏنو، جنهن ماءُ جي ممتا سان دغا ڪئي.
    لڳين پڙهيل ٿو؟
    ها سائين بي اي پاس آهيان.
    تو هيتري تعليم هوندي اهو نه سوچيو ته قتل ڪرڻ ڪيڏو جرم آهي.
    جيڪڏهن تعليم بيغيرت بڻائي ٿي ته پوءِ اهڙي تعليم نه کپي.
    ان ۾ بيغيرتي جو ڪهڙو سبب آهي؟
    آءُ انهن ماڻهن جي واتان اهي ڳالهيون ٻڌي چپ ڪري ويهان، بيغيرت.... وانگر سور اندر ۾ لڪائي ڇڏيان.
    ڪهڙيون ڳالهيون هيون جن تنهنجي غيرت کي جاڳايو؟
    آءُ انهن ماڻهن کي ڇا ٿي ڪري سگهيس جيڪي چوندا هئا ته تنهنجي ڀيڻ گلزار سان محبت ڪري ٿي، اهي ڳالهيون ٻڌي منهنجي اندر جي غيرت سجاڳ ٿي ۽ مون ڀيڻ ۽ ان گلزار جي پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو.
    ٻنهي کي گڏ ماريو هيئي؟
    اهڙي موقعي ڏسڻ جو مان ڇو انتظار ڪيان ها، اها پاڙ ئي نه هوندي جنهن تي وڻ مضبوط هوندو آهي، ڀيڻ کي گھر ۾ ماريم ۽ گلزار کي گھٽيءَ ۾ ڊوڙائي ڊوڙائي.
    بغير ڪنهن سوچ ويچار جي.
    اهوئي سوچيو هيم ته اصلي مجرم ئي نه هوندا ته ماڻهو مون کي ڇو بيغيرت چوندا.
    پوءِ اهو ڪارو ڪاري ته نه ٿيو؟
    توهان ڪهڙو به نالو ڏيوس پر آءُ ڪارو ڪاري چوندس.
    ته تون پيار جو ۽ حسين خوابن جو قاتل آهين؟ هن پڙهيل جاهل کي منهنجي اڳيان ڪڍي وڃ. ڪپيانس نه ٻئي هٿ جن پيار ڪندڙ ٻن دلين کي قتل ڪيو آهي، ڪڍانس نه اهي ٻئي اکيون جن سان هي حقيقت کي ڏسي به نه سگهيو.پري ڪر هن لوفر کي منهنجي اکين اڳيان،، ننڍي صوبيدار کي چيم. جيڪو منهنجي منهن ۾ ڏسي رهيو هيو، شايد سوچي رهيو هيو ته رهزن ڌاڙيل کي لڪڻ به نه هنيائين ۽ جنهن غيرت وچان ڀيڻ کي ماريو، ان سان اهڙي تعدي ، عجيب صوبيدار آهي. پر اي ايس آءِ کي ڪهڙي خبر ته ان کي غيرت نه چئبو آهي، اهو ساڙ آهي، حسد آهي، ته فلاڻو منهنجي ڀيڻ سان محبت ڪري ٿو.
    سائين ڇوڪري سان بدفعلي ڪندڙ حاضر ڪيان. ننڍي صوبيدرا سليوٽ ڪندي چيو.
    مون ڪنڌ سان ها ڪئي، ساڳيو لڪڻ کنيم ۽ دل ۾ سوچيم ته اڄ هن ئي لڪڻ سان ڇوڪري سان بدفعلي ڪندڙ جي کَل لاهيندس.
    سائين هي آهي، ڪالھ هن جو ڪارو منهن ڪري گڏھ تي چاڙهي سڄي شهر جو سير ڪرايوسونس.
    اڙي حرامي! بي حيا! توکي معصوم سان بدفعلي ڪندي ڪو حياءُ ڪو شرم نه ٿيو، مون لڪڻن جا لاڳيتا وار ڪندي هن کان پڇيو. هو چپ رهيو، ڪنڌ هيٺ رهيس، جواب ڏي ڪميڻا، هن ڪوبه جواب نه ڏنو، لڪڻ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو پر هو پنهنجي جاءِ تان به نه چريو.
    آءُ توکي انهي بدفعلي جي سزا سخت کان سخت ڏياريندس.
    انصاف ڪرڻو آهي ته سائين سزا مون سان گڏ انهن کي به ڏني وڃي جن هي گندو معاشرو ٺاهيوآهي، جن پيار ڪرڻ کي جرم قرار ڏنو آهي، سزا اهڙن ماڻهن واپارين کي به ڏني وڃي جيڪي ڌيئرون پئسن تي وڪرو ڪن ٿا.
    ٻيو ڪنهن ڪنهن کي سزا ڏجي، آءُ هن جون ڳالهيون ٻڌي تعجب ۾ پئجي ويس.
    “هي سزا انهن کي ڇو نٿي ملي جيڪي روز سوين عزتون لُٽين ٿا، سوين قتل ڪن ٿا، ڇو ته اهي دولتمند ۽ با اثر آهن ۽ انهن وٽ پئسو آهي، قانون جا سڀ قلم اسان مسڪينن لاءِ آهي، لعنت آهي اهڙي..................”
    نه نه ....... دل کولي چئه .
    بس سائين مون اندر جي باھ ڪڍي ڇڏي.
    اکين اڳيان ترورا اچڻ لڳا، هٿ جي اشاري سان جوبدار کي وٺي وڃڻ جو چئي ڪرسي تي اهلجي پيس. زندگي جا لاها چاڙها ڏٺا هيم، پر ڪڏهن به ايترو ٿڪجي نه پيو هيس جيترو اڄ ٿڪجي پيو آهيان، ڪيڏو نه هي اسانجو سماج گندو آهي، هڪ طرف پيٽ جي بک کان سڀ جرم ٿين ٿا ۽ ٻي طرف جنسي بک کان، ڪيتريون نه ٻئي ضروري شيون آهن، آخر ايتري آزادي ڇو ناهي جو ماڻهو پنهنجي جنسي بک وسائڻ لاءِ جرم نه ڪري، ڪنهن ڇوڪري سان بدفعلي نه ڪري، جنسي بک ئي ته سبب بڻي آهي لونڊي بازي جو. ڀلا ويچارو مرد ڪري به ڇا؟ عورت تي پهرا هر طرف کان معاشري جا، قانون جا، گھر جا، پوءِ مرد ائين ڪري ته ٻيو جنسي بک ڪٿان ختم ڪري، هي ڪهڙو قانون آهي؟ جيڪو منظور صوبيدار کي پنهنجي گرفت ۾ نٿو آڻي، صرف ان لاءِ ته هو هڪ با اثر ماڻهوءَ جو پٽ آهي ۽ هتان جي گھڻن با اثر ماڻهن جا اهڙ ئي ڪم آهن، هتي ته پيار تي پهرا، صرف پنهنجي انا ۽ وڏائي سبب پيا آهن.
    ماڻهو، ڌاڙا ڇو ٿا هڻن؟ ڪهڙي خوشيءَ وچان سِرُ تريءَ تي رکي فرون ٿا ڪن؟ “واقعي ڪاري سچ چيو ته سائين مجبوري کان انسان جھنگ کي وسائيندو آهي”، اهو جرم جو سبب هتان جو مٿيون طبقو آهي، وڏيرا، سرمائيدار، جاگيردار، رئيس، خان، سردار ۽ چوڌري سڀ اصل مجرم آهن، جتي مجرم حڪومت ڪري اتي بي ڏوهي پورهيت ئي هر گناھ جي سزا ڪاٽيندا رهندا آهن. آخر هي پورهيت ڪيترو وقت ظلم سهندا رهندا؟ نيٺ ته باھ ڀنڀٽ بڻجي اٿندي، نيٺ ته هي سٺ لک ڏاٽا اُڀا ٿيندا، جي تنگ آهي ته جنگ آهي، ڪو اهڙو صبح ضرور ايندو جيڪو پيار جو پيغام کڻي ايندو.
    مان رستو تلاش ڪندو رهيس ۽ مون کي رستو ملي ويو، منهنجو هٿ گھنٽيءَ ڏانهن وڌڻ لڳو، گھنٽيءَ جو آواز ختم ئي نه ٿيو ته سنتري پهچي ويو.
    عارب کي سڏي اچ.
    جي سائين. سنتري معمول وانگر سلام ڪري موٽيو.
    وڏو منشي عارب سلام ڪندي داخل ٿيو.
    عارب خان سچي ڳالھ ڪجانءِ گُلو واقعي ڌاڙيل آهي؟
    سائين منهنجي سڄي سال جي عرصي ۾ هي پهريون ڀيرو آهي، جو وڏي صاحب پڪڙيو هيس، باقي اڳ نه نالو ٻڌو هيومانس نه ڏٺو هيومانس.
    هن کي گرفتار ڪرڻ وقت تون هئين؟
    نه سائين.
    تو کي ڪيئن ٿو لڳي، ڌاڙيل آهي يا نه؟
    سائين اهي ڪوڙا قسم ۽ التجا پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪيون وينديون آهن، ظاهر آهي سائين ڌاڙيل نه هوندو تڏهن به انهن سان واسطو ته ضرور هوندس. نه ته وڏو صاحب چريو ٿورئي ٿيو هو جو گرفتار ڪريس ها.
    عارب خان اُهي التجائون ٻيون هونديون آهن ۽ هي ٻيون، هن جي التجائن ۾ معصوميت آهي، گلوءَ جو التجائون بي گناهن واريون آهن، انهن التجائن کي اهو ئي سمجهي سگهي ٿو، جيڪو وک وک تي ظلم ڏک ڏاکڙا سهندو آيو هجي.
    ائين هوندو سائين.
    گلو ۽ بدفعلي ڪندڙ کي وٺي اچ.
    جي سر.
    گلو ۽ بد فعلي وارو منهنجي سامهون هيا، گلو جي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا، روئي رهيو هو.
    ڇو ٿو روئين.
    سائين منهنجو ٻچڙو، منهنجو جگر مون کي ڇڏي هليو ويو، منهنجو ٻچو سائين دوا جي آسري ۾ مري ويو.
    تو کي ڪيئن خبر پئي؟، مون مٿي کان ٽوپي لاهي ٽيبل تي رکندي چيو.
    سائين هاڻي ڀاءُ آيو جنهن ٻڌايو ته صبح تنهنجو ڇوڪرو فوت ٿي ويو.
    منهنجو ڪنڌ جھڪي ويو.
    سائين موڪل ڏيندؤ، پنهنجي ٻچي جو منهن ڏسي اچان، ڀلي سپاهي مون سان گڏ هلي مان ڀڄي ڪونه ويندس، موٽي ايندس پر پنهنجي پٽ جو آخري ڀيرو منهن ڏسي اچان هي زندگيءَ ڀر جو وڇوڙو، زندگيءَ جو.گلو سڏڪن ۾ پئجي ويو.
    گلو! سپاهي جي توسان هلڻ جي ضرورت نه آهي، تون وڃ آزاد آهين، تون ڏوهي نه آهين، منهنجي ضمير مونکي فيصلو ٻڌايو آهي، وڃ ۽ وڃي گھر پهچ.
    گلو صرف منهنجي منهن ۾ ڏسندو رهيو هن کان گھڙي کن روئڻ وسري ويو هو صرف مون کي ڏسندو رهيو.
    بابا جلد وڃ.
    سائين الله توهان کي وڏي ڄمار ڏيندو، گلو ائين چئي آفيس مان نڪري ويو.
    تنهنجو نالو ڇا آهي؟
    سائين بشير.
    مان تو کي به ڇڏايان ٿو پر اڳتي...........
    پر سائين هو سهيل جو پيءُ توهان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو.
    اهو ڄاڻي ۽ مان، تون وڃ پر اهڙا ڪم اڳتي ڪيئي ته حشر بڇڙو ٿيندئي.
    سائين جيسيتائين جنسي بک ختم نه ٿيندي تيسيتائين ڇا ڪندو رهندس. ائين چئي هو نڪري ويو ۽ مان خاموشي سان چيل هن جي آخري جملي تي غور ڪندو رهيس. هن معاشري ۾ جرم جي پيداوار ۾ ڪامورا شاهي جو به وڏو هٿ آهي جيڪا پنهنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ هر طريقو استعمال ڪري ٿي.
    سائين هي توهان ڇا ڪري رهيا آهيو؟............. غلط ڪري رهيا آهيو. وڏي منشي حيرت منجهان چيو.
    مون جيڪو ڪجھ ڪيو آهي اهو منهنجي نظر ۾ صحيح آهي. اهو ڏينهن منهنجو انهن واقعن ۾ گذاري چڪو هو، هوڏانهن شهر ۾ گلو ۽ بشير کي ڇڏڻ جي خبر باھ وانگر پکڙجي چڪي وئي، هر طرف ڪڙيون مٺيون ڳالهيون هيون، آءُ انهيءَ ڳالھ کان بي نياز ٿي آرام ڪرڻ لاءِ ڪوارٽر تي وڃي رهيو هيس ته ٽيليفون جي گھنٽي وڳي.
    ايس ايڇ او سرويچ...........
    سلام سر .... جي... مان سڀ سمجهان ٿو! بشير کي ڇڏي جرم ڪيو آهي يا نه، اهو ڄاڻان ٿو ۽ اهو به مان ڄاڻان ٿو ته جي بشير کي جيل موڪليان ها ته هو وڌيڪ مجرم ٿئي ها، انڪري هن کي وڌيڪ مجرم ٿيڻ نه ڏنم.اوهان کي جيڪو ڪجھ ڪرڻو آهي ڪري سگهو ٿا.
    ڪهڙا ماڻهو آهن!!! سيٺ اعظم، نواب جو پٽ ٽيليفون تي ٿو بحث ڪري، مون پنهنجي منهن ڀڻڪيو.
    عارب ! سيٺ اعظم ڪير آهي؟
    سائين ان جو ئي ته ڇوڪرو هيو.
    اڇا.
    ڇوڪرو ڪيتري عمر جو آهي؟ واقعي بشير هن سان..........؟
    سائين ڏاگھ آهي، پيسي واري جو پٽ آهي، ،عادتڙي اٿس نوجوانن جو کيسو گرم ڪندو آهي ۽ سائين نوجوان پنهنجو ڪم ...........
    پوءِ پڻهس ڇو ٿو، رڦڙيون هڻندو وتي؟
    سائين اهو به پنهنجي عادت کان مجبور آهي، ان ماڻهوءَ ڦٽندي آهي، جنهن کي هو پٽ سان پڪڙي وٺندو آهي ۽ سائين سيٺ جو پٽ به زوري ڪرڻ جو دانهون ڪندو آهي،پوءِ بشير وانگيان ماڻهو لاڪپ ۾. وڏي منشي سموري تاريخ ٻڌائي ڇڏي.
    مان آفيس کان ٻاهر نڪري ڪوارٽر تي آيس، سڄي ڏينهن جي بک، بورچي ماني کڻي ڏني، ماني کائيندي به سوچي رهيو هيس ته هن سماج جي ٺيڪيدارن تي، جيڪي پاڻ جرم ڪن ٿا ته قانون ڪوبه تحرڪ نٿو وٺي ۽ ٻيو ڪو مسڪين بلک کان مجبوريءَ وچان جرم ٿو ڪري ته قانون جي بي رحم گرفت ۾ قابو ٿيو وڃي. اڄوڪي پيش آيل ڳالهين ۽ پنهنجي ڪيل فيصلي جي نتيجي تي سوچي رهيو هيس، ته ان جو نتيجو قطعي سٺونه نڪرندو، سوچي سوچي ننڊ وٺي وئي.
    صبح ٿي چڪو هو، نئين سج جي نئين روشني ۾ ڇا ٿيڻ وارو آهي ۽ ڇا ٿيندو؟ مان بي خبر ٿي ٿاڻي تي پهتس، آفيس ۾ ويهندي ڪاري ڌاڙيل جي باري ۾ سوچي رهيو هيس، جيڪڏهن هن جي ڪيل ڏوھن جي سزا معاف ڪئي وڃي ته مون کي يقين آهي ته پوءِ ڪارو جرم نه ڪندو ۽ عزت سان زندگي گذاريندو، مان اهڙي سفارش مٿي تائين پهچائيندس.
    آفيس جي در ٻاهران ويٺل سنتري پردي کي هٽائيندي.
    سائين ايس پي صاحب.
    مان آفيس کان ٻاهر نڪتس، ايس پي گاڏي مان لهي چڪو هيو، سليوٽ ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيس.
    هن کي گرفتا ڪيو وڃي ايس پي ۽ ڊي ايس پي کي حڪم ڏيندي چيو.هي پاڳل آهي، هن جا فيصلا ڊپارٽمينٽ لاءِ تمام خراب اثر ڇڏيندا.
    منهنجو سلام لاءِ اڀو ٿيل هٿ رڪجي ويو.
    مسٽر سرويچ ڌاڙيلن جي پشت پناهي ڪرڻ جي ڏوھ ۾ توکي گرفتار ڪيو وڃي ٿو ڇو ته تو نامي گرامي ڌاڙيل گلو کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ زنا جي ڏوهاري کي به .
    منهنجا حواس منهنجو ساٿ ڇڏائي ويا، پر پاڻ سنڀالي ورتم. همٿ جهلي ايس پي کي چيو ته سرگلو ڌاڙيل نه آهي.
    مان سڀ سمجهان ٿو! تون ائين نه چوندين ته ته ٻيو ڪير چوندو؟ ايس پي پلٽو کائيندي ۽ ڊي ايس پي کي مخاطب ٿيو.... گلو جي ڳوٺ تي ڇاپو هڻي گلو کي گرفتار ڪري وٺو،فوري طور تي.
    منهنجي هٿن ۾ هٿڪڙي پئجي چڪي هئي، ڪلهن تي لڳل ڦول ۽ پٽو لهي چڪا هئا، هٿڪڙين کي ڏسي مون مرڪي ڏنو، ۽ ڊرائيور جا چيل جملا ذهن ۾ گونجندا رهيا ته“سائين توهان پوليس ۾ رهي نه سگهندؤ، پوليس ۾ اهو رهي سگهي ٿو جيڪو بي گناھ جي پڳ لاهي ۽ ..........................”


    ضمانت

    “لعنت آهي توتي” خدا جو عذاب نازل ٿئي توتي” ڪنهن موچڙو هنيُس، ڪنهن مُڪون. ملان الھ ڏنو پاڙي جي ماڻهن جي گرفت ۾ اچي چڪو هو.“اڙي شرم نه آيو توکي؟! جو خدا جي گھر ڀرسان مدرسي ۾ اهڙو گناھ جو ڪم ڪيو اٿئي؟” توکي حياءُ نه ٿيو... مٿان ڪا ڇپ ڪرئي...” قيامت کي ٻيا ڪهڙا سڱ ٿيندا آهن!!؟ اِهائي قيامت اَٿوَ. وٺي هلو ذليل کي ٿاڻي تي ته ڪجھ سيکت مليس.”
    اهي آواز هيا پاڙي جي ماڻهن جا ۽ ماڻهن جي ميڙ ۾ موجود هيو پاڙي جي مسجد جو پيش امام ملان الھ ڏنو.
    ”لک جي هجئي” هڪڙي همراھ ڀونڊو ڏيندي ملان کي چيو.“توبهن آهي توبهن! اڙي تو جهڙن جا اهڙا ڪم هوندا ته پوءِ دنيا ڄاڻ تباھ ٿي. لڪي گناھ ڪيو اوهان ۽ ڏوھ ڏاڙهي ڪوڙن تي، حيف آهي ملان تنهنجي زندگي تي.
    پاڙي جا ماڻهو ڪافي گڏ ٿي چڪا هئا، گھرن جي ڇتين تي عورتون بيهي تماشو ڏسي رهيون هيون، هو کِلي رهيون هيون ملان تي، جيڪو سڃاڻپ کان ٻاهر نڪري چڪو هو. ملان جا وار وکري چڪا هئا، منهن ڪارو ٿيل هئس ڪارنهن سان ۽ هڪ گڏھ هيو ملان جي ڀرسان بيٺل ،ملان چپ چاپ نماڻيون اکيون کڻي ميڙ کي ڏسي رهيو هو.
    “چڙھ جوءِ جا...........” ڪنهن گار ڏيندي ملان کي چيو.“هل ته توکي سچو پادر سان ٿا منجهند جي ماني کارايون.”
    ملان سچو پادر جو ٻڌي هيسجي ويو، هن کي سمجھ ۾ نه پيو اچي ته هو ڇا ڪري. ملان هڪ ڀيرو وري نماڻي نظرن سان ميڙ کي ڏٺو. ملان جي نظر پاڙي جي ميمبر تي پئي.
    “او غلام رسول تون هنن کي سمجهاءِ. هيءَ خطا معاف ڪن، آءُ هي شهر ڇڏي هليو ويندس، مرندو مري ويندس پر هن شهر ۾ ڪڏهن به نه ايندس.” ملان ليلائيندي پاڙي جي ميمبر غلام رسول کي چيو ۽ موٽ ۾ ميمبر هڪ زوردار چماٽ ملان جي منهن تي وهائي ڪڍي:“ تو کي الله جو خوف دل ۾ نه آيو؟ توکي واحد القهار جو ڊپ نه ٿيو؟” ميمبر پنهنجو هٿ اگهڻ لڳو جيڪو ملان جي ٻوٿ تي لڳڻ کان پوءِ ڪارو ٿي چڪو هو.
    “اڙي سائين، اهڙن مُلن کي خدا جو خوف ناهي ٿيندو، هي پاڻ جرم ڪندا آهن ۽ غريب ماڻهن کي خدا جو خوف ڏئي پنهنجي گناهن تي پردو وجھندا آهن.” پاڙي جي هڪ ڇوڪري ملان کي ڏسندي وڏي واڪي چيو ۽ پاڙي جا ماڻهو انهي ڇوڪري جي انهيءَ سوچ کي ٻڌي، ڇوڪري کي حيرت وچان ڏسندا رهيا، شايد پاڙي وارن کي اها خبر نه هئي ته شهر جو نامي گرامي بشني اهڙا کرا ۽ سچا جملا چوندو.
    “اڙي چڙهين ٿو گڏھ تي يا ڪيونءِ ٽنگو ٽالي” هڪ دوڪاندار ملان کي چيو.
    ملان جي هر طرف کان واھ بند ٿي چڪي هئي. ملان پاڻ کي ٿاڻي جي اندر اگھاڙو ڏسڻ لڳو ۽ هن کي ائين محسوس ٿيو ته ٿاڻي اندر سچو پادر آهي۽ منهنجا ٿلها متارا ماس چڙهيل چُتڙ”. ملان کي پنهنجي ساک ويندي محسوس ٿيڻ لڳي، جيڪا ساک هن تعويذ ۽ ٽوڻا ڦيڻا ڪري ماڻهن ۾ برقرار رکي هئي، ملان اهو سوچي ڇرڪي ويو.
    اڙي گڏھ! گڏھ تي نٿو چڙهين؟! هڪ شاگرد ملان کي ڪنڌ واري مڪ وهائيندي چيو ۽ گڏھ کي ملان جي ويجهو آڻڻ جو چيو.
    ملان آهستي آهستي قدم کڻندو گڏھ طرف وڌيو، گڏھ ملان کي ڏسي هينگڻ شروع ڪيو، ڄڻ گڏھ به ناراض هجي ملان تي ۽ ماڻهن کي ٻڌائيندو هجي ته مان اهڙي رويي جي لائق ناهيان، جو مون گڏھ مٿان انسان نما سوئر کي چاڙهي شهر جو گشت ٿا ڪرايو.
    گڏھ تي ملان ويٺو پر گڏھ چرڻ کان نابري واري بيهي رهيو، ٻه ٽي سونٽيون ڪنهن گڏھ کي ڪنهن وهائي ڪڍيون، گڏھ پُستي هڻي ڊوڙ پاتي ۽ ملان جيڪو اڃا مضبوطي سان گڏھ تي ويٺو نه هيو. ڦھ اچي پٽ تي ڪيو، ميڙ ۾ گھڙي کن لاءِ ٽهڪڙو مچي ويو.
    “اڙي هڪڙي ڳالھ وسري وئي آهي، ملان کي پادرن جو هار به ته وجهو” ميڙ مان ڪنهن آواز ڏئي يادگيري ڏياري. ڪنهن پادر ۽ ڪنهن رسي آندي، ائين ملان ۽ گڏھ جي ڳچيءَ ۾ پادرن جا هار سينگارجي ويا. گڏھ جو ڪنڌ شرم وچان هيٺ ٿي ويو، ڄڻ ميڙکي نماڻائي سان چوندو هجي ته“ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوھ آهي؟ مان ملان جو مائٽ ته ناهيان، يا وري ملان منهنجي خاندان مان ٿورئي آهي، جو منهنجي ڳچيءَ ۾ به هار وڌو اَٿوَ.
    هيئنر ائين لڳي رهيو هو، ڄڻ ملان جي شادي ٿيڻ واري آهي. گڏھ هلڻ مناسب سمجهيو ڇو ته گڏھ اهيو ڄاڻي ورتو هو ته جي نه هلندس ته ماڻهو ملان بدران منهنجي کل لاهي وجھندا.
    هوءِ هوءِ.... لعنت لعنت...... هيڙو هيڙو..... ٿُو ٿُو اهي آواز هيا پويان ۽ اڳيان هيو گڏھ تي سوار ملان الھ ڏنو.
    گڏھ شهر ۾ داخل ٿيو، ماڻهو گڏھ ۽ ملان جي چوڌاري ائين مڙي آيا، ڄڻ ملان ٺاهوڪو خطاب ڪرڻ وارو هجي. ڪن ماڻهن کي تماشي جي لڳي ۽ ڪي وري بي خبر هئا ته ملان جي هيڏي ٺاهوڪي مهمانوازي ڇو ڪئي وئي آهي. ملان جون اکيون ڳاڙهيون ٿي چڪيون هيون. ملان جي منهن مهانڊي جي تبديلي مان ائين پئي لڳوته ڄڻ ڪنهن مصور گورپٽ جي تصوير ٺاهي هجي.
    ٿاڻي جو چوڌاري ماڻهن جا ميڙ هئا ۽ ملان گڏھ سميت ٿاڻي جي اندر هيو.
    ڇا آهي؟ ملان سان ههڙي تعدي ڇو ڪئي وئي آهي؟ صوبيدار ملان کي ڏسندي ۽ پنهنجي کِل روڪيندي، حيرت وچان ميڙ وارن کان پڇيو.
    “صوبيدار صاحب هن حرامي اهڙو ڪريل ڪم ڪيو آهي جو اڄ تائين شيطان به اهيو ڪم ناهي ڪيو ۽ شايد شيطان جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويو هجي.” ڪنهن ماڻهو چيو.
    “ڳجهارتن ۾ نه ڳالهايو” صوبيدار رعب ڪندي چيو.
    سائين هن شيطان مدرسي اندر ڏهن سالن جي ڇوڪري سان بدفعلي ڪئي آهي، ڪنهن ميڙ مان وري ڳالهايو.
    سچ ٿا چئو؟ صوبيدار ڏنڊي ۾ هٿ وجهندي چيو.
    جي ها سائين قسم ساک تي ٿا چئون.... ميڙ مان وري ڪنهن وراڻيو.
    صوبيدار باھ ٿي ويو ٻه ٽي ڏنڊيون ملان کي وهائي ڪڍيائين، جيڪو اڃا گڏھ تي چڙهيو ويٺو هو، گڏھ هڪ ڀيرو وري خوف وچان پُستي ڏني ۽ ملان ٻٽڪو اچي پٽ تي ڪيو، پوءِ ته ملان هيو ۽ صوبيدار جا موچڙا ۽ گاريون. ملان اڄ ماٺ هيو. هونءَ ته ڏاڍو ڳالهائيندو آهي پر اڄ ملان ائين چپ هيو ڄڻ جنم کان گونگو ۽ ٻُوڙو هجي.
    ڇوڪرو ڪٿي آهي؟ ڪنهن جو پٽ آهي؟ صوبيدار ٻه سوال ڪري ورتا.
    صوبيدار صاحب ڇوڪرو بيهوش آهي ۽ سندس پيءُ علي بخش اسپتال کڻائي ويو اٿس.
    ڇوڪري جو نالو؟ صوبيدار وري پڇيو.
    سائين قلندر بخش اٿس... پاڙي جي دوڪاندار احمد صوبيدار کي چيو. اصل حقيقت جي مون کي خبر آهي ۽ اکين ڏٺو شاهد به مان آهيان.
    اڇا؟ صوبيدار احمد کي ڏٺو... تو ڇا ڏٺو؟؟
    صوبيدار صاحب آءُ پنهنجي دوڪان تي ويٺو هيس، يارهين جو ٽائيم هيو ته مسجد جي اندران رڙيون آيون،“بابا مونکي بچايو، بابا... سائين مون کي ماري ٿو” مان تڪڙو تڪڙو مدرسي جي ان ڪمري ڏانهن ويس جتان دانهون پئي آيون، پر در اندران بند هيو، مون در جي مٿان لڳل ڄارين مان ڏٺو ته ملان ننڍڙي قلندر بخش جي مٿان چڙهيو ويٺو هو ۽ ننڍڙي جي سلوار لٿل هئي.. مون در کي ڌڪ هنيا ۽ رڙيون ڪري پاڙي وارن کي گڏ ڪيو، جيستائين پاڙي وارا گڏ ٿيا تيستائين ملان خوف وچان قلندر بخش کي سلورا پارائي چڪو هو، اسين در ڀڃي اندر داخل ٿياسون، پر قلندر بخش بيهوش هو.
    “بيغيرت توکي هن اسلامي ملڪ ۾ اهڙو ڪڌو ڪم ڪندي شرم نه آيو؟ خوف نه ٿيو؟ صوبيدار ملان تي لٺين جو وسڪارولائي ڏنو ۽ موٽ ۾ ملان جون رڙيون هيون، جيڪي لٺين لڳڻ ڪري هو ڪري رهيو هو.
    پوليس جاءِ واردات ڏٺي ۽ قلندر بخش کان بيان وٺي ڪيس داخل ڪيو. ٻي ڏينهن وارين اخبارن ۾ ملان جي پرڪارن جي خبر عام جاءِ تي شايع ٿيل هئي ۽ ملان لاڪپ ۾ هڪ رات ڏوهارين سان گذاري چڪو هو.
    ٻي صبح جو صوبيدار ملان کي چالان ڪري ڪورٽ ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ تيار هئو. هڪ اڇي رنگ جي ڪار ٿاڻي جي در اڳيان اچي بيٺي ۽ ان مان چار ڊگهين ڏاڙهين وارا ٿلها متارا ماڻهو لٿا. هنن هڪ ڪاغذ صوبيدار کي ڏنو.. صوبيدار ڪاغذ وٺي پڙهيو.
    “ملان کي ڇڏيو” صوبيدار هڪ اي ايس آءِ کي حڪم ڏنو هي ملان جي اڳواٽ ضمانت کڻي آيا آهن.
    ملان آزاد هيو.. صوبيدار غور سان ملان الھ ڏني۽ ٻين کي ڏٺو جيڪي ٿاڻي جي مين در وٽ پهچي چڪا هئا. هن اسلامي ملڪ ۾ اسلام جي ٺيڪيدارن هڪ شيطان جي ضمانت ڪرائي پوري سماج جي منهن تي موچڙو وهائي ڪڍيو آهي. صوبيدار کان سچ نڪري ويو.... ۽ صوبيدار پاڻ کي ڪرسي تي اُڇلي ڇڏيو.


    سودو سونهن جو

    مريم شادي کان اڳ نه ڪنهن سياسي تنظيم جي ميمبر هئي نه سياست ڪا پيءُ ماءُ کان ورثي ۾ مليل هيس. هوءَ بلڪل ٺيٺ ٻهراڙي جي غريب گهر جي هئي، جيڪا سماج جي غلط ريتن رسمن جي قيد ۾ بند هئي، مريم کي سياسي سمجھ سندس مڙس علي اصغر کان ملي، جيڪو سنڌ جي هڪ انقلابي تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ هيو ۽ پنهنجي تحريڪ جي ڪارڪنن ۾ سٺو اثر رکندڙ هو. سندس تقرير دل تي اثر ڪرڻ واري هوندي هئي، اصغر مريم جو ويجهو مائٽ هو بس ٻنهي ۾ صرف اهيو فرق هيو ته هوءَ ٻهراڙي جي غريب گھر ۾ پيدا ٿي هئي ۽ اصغر شهر جي فضا ۾ رهندڙ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ هيو. ٻهراڙي جي سو به اڻ پڙهيل ڇوڪري سان اصغر جي شادي جو ٻڌي ڪيترن دوستن اصغر کي ٽوڪيو هو پر اصغر اهيو چئي سڀني کي لاجواب ڪري ڇڏيو ته ٻهراڙي جون عورتون به اسانجون عزتون آهن، اسين سياسي ۽ سماجي ڄاڻ رکندڙ به اڻ پڙهيل کي پنهنجو نه ڪيون ته ڇا اهي ماڻهو انهن اڻ پڙهيل عورتن جي زندگي سنواريندا? جيڪي حيثيت، عزت ۽ دولت جا پوڄاري آهن، جن کي انسان جي عظمت جي ڪابه خبر ناهي ۽ جيڪي انسانيت جي وصف کان اڻ واقف آهن؟
    مريم ۽ اصغر جي شادي نه ڪنهن وڏي ٺٺ ٺانگهر سان ٿي نه ئي انڌين رسمن شادي ۾ ڪا رڪاوٽ پيدا ڪئي. ٻئي ڏاڍو خوش گذاريندا هئا ڪڏهن گھر ۾ آهي ڪڏهن نه، پر پوءِ به ٻنهي جي وچ ۾ محبت برقرار رهي. هو ٻئي هڪ ٻِئي جا حال ڀائي ۽ هڪ ئي انقلابي تحريڪ جي جھنڊي هيٺ قوم ۽ وطن جي مظلوم ماڻهن جي آزادي جي جنگ وڙهندڙ سپاهي به هئا. ٻئي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پنهنجي قوم جي وڃايل حقن بابت بحث ڪندا هئا.
    شادي جي چئن سالن کانپوءِ مريم ڏٺو ته سندس انقلابي مڙس کوڙ سارا پئسا ڪمائڻ لڳو آهي، هوءَ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو پاڻ کان پڇندي هئي ته آخر اصغر ڪهڙي روزگار سان لڳو آهي؟ پئسن جي ندي ڪٿان وهي نڪتي آهي؟ جتان هي ڏوڪڙن جا جهول ڀري گھر کڻي اچي ٿو. بار بار مڙس کان پڇڻ جي، مريم انهن سوالن جا جواب نه پاڻ وٽ ڳولهي سگهي ۽ نه ئي مڙسهنس طرفان ڪو جواب مليس. آخر هڪ ڏينهن مريم مڙس کي چئي ڏنو، جنهن ڏينهن اصغر نئين گاڏي وٺي اچي ڏيکاريس.“ڏس چري هي گاڏي!”
    مريم ڪجھ سمجهي ته نه سگهي پر ايترو ضرور پڇيائينس ته هي سڀ ڪجھ توکي پارٽي ٿي ڏئي؟
    چري! پارٽي پاڻ ماڻهن جي چندي تي هلي رهي آهي، هوءَ مون کي گاڏي وٺي ڏيندي؟! پارٽي کي اسين گھڻو ڪجھ ڏنو آهي ۽ موٽ ۾ پارٽي....... خير ڇڏ انهن ڳالهين کي.
    ڀلا پوءِ هي ٺٺ ٺانگهر ڪٿان ٿا اچن؟ مريم مڙس کان وري سوال ڪيو.
    تون ويهي انبَ کاءُ، وڻ ڳڻين ڇا ڪندينءَ؟ اها ڳالھ تنهنجي سمجھ کان مٿي آهي. اصغر مريم کي جواب ڏنو.
    پر اهي وڻ ته مان به ڏسان جيڪي مون تائين انب پهچائن ٿا. مريم مڙس کي چيو ۽ موٽ ۾ اصغر صرف ايترو چيس ته رات ٻه مهمان ايندا، ڪڪڙ وٺي موڪليانءِ ٿو، ماني تيار هجي. ائين چئي هو گھر مان نڪري ويو.
    رات جا ساڍا ڏھ کن ٿيا، مريم گاڏيءَ جي هارن جو آواز ٻڌو، جيسيتائين هو ڪجھ سمجهي ۽ اٿي، گھر ۾ لڳل گھنٽي ساندهه ٽي دفعا وڳي، هن ڄاڻي ورتو ته اها ٽي دفعا گھنٽي وڄائيندڙ اصغر ئي آهي. مريم تڪڙي تڪڙي وڃي در کوليو، اصغر گاڏيءَ سميت اندر داخل ٿيو.
    ٻڌ پاسي واري ڪمري ۾ مهمان رهندا، تون وڃي آرام ڪر، مهمانن کي ماني مان پاڻ کارائيندس ۽ ها ٻنهي ڪمرن جي وچ وارو درُ بند ڪري ڇڏجان.
    اهي ڪهڙا مهمان آهن، جن کي گهر اندر ٿو رهائين؟
    پارٽي جا اهم اڳواڻ آهن، جن جو ٻاهر رهڻ خطري کان خالي نه آهي. اصغر زال جي پريشاني کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
    اڳ ڪڏهن به اهڙي ڳالھ ته نه ٿي آهي. مريم جو حيرت جو اظهار ڪيو.
    سوال جواب نه ڪر، اندر وڃ، مهمان ٻاهر بيٺا آهن. ائين چئي اصغر ٻاهر ويو ۽ مريم ٻي ڪمري ۾ وڃي مڙس جي ڪيل نئين عمل بابت سوچڻ لڳي. ملڪ ۾ مارشل لا به ڪونهي، نه ئي ڪا اهڙي تحريڪ هلندڙ آهي جو هي اڳواڻ گرفتاري کان بچڻ لاءِ لڪندا ٿا وتن. مريم سوچي سوچي سمهي پئي.
    مريم! او مريم. اصغر زال کي اٿاريندي چيس. اچي هي پنج لک روپيا، سيف ۾ سنڀالي رکُ ۽ پئسن جا ڳالھ ڪنهن سان به نه ڪجانءِ.
    هيترا پئسا؟ ڪنهن جا آهن. مريم اصغر کان پڇيو.
    پارٽي جي دوستن جا آهن، ائين سمجھ ته پارٽي جا آهن، تون ان بابت گھڻو نه سوچ، پئسا رکي وڃي آرام ڪر. ائين چئي اصغر وري ٻي ڪمري ڏانهن ويو جتي سندس مهمان ويٺل هئا.
    هيڏانهن مريم سوچ ۾ پئجي وئي ۽ مڙسهنس جا پراڻا خيال ذهن ۾ اچڻ لڳس. جڏهن چوندو هيو ته “مريم اڄ پارٽي جا ڪجھ دوست ڪچهري ڪرڻ آيا، کين ڪرايو ڪونهي، رکيل ڪجھ روپيا اٿئي ته ڏي.”
    نه !!... ضرور دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي، مريم نه چاهيندي به ٻنهي ڪمرن جي وچين در وٽ بيهي مهمانن ۽ مڙس جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين کي ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻئي ڪمري ۾ ويٺل هڪ مهمان اصغر سان ڳالهائي رهيو هو.
    “ٻڌ، اصغر اسان جي سنگت تنهنجي ڪيل ڇهن مهينن جي ڪارڪردگي مان خوش ٿي آهي، هن وقت تنهنجي پارٽي ڌارين جي آبادڪاري خلاف ڀرپور تحريڪ هلائڻ جو پروگرام ڏنو آهي ان تحريڪ کي ناڪام ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. هن وقت تون پارٽي جي اندر ٽوڙ ڦوڙ پيدا ڪرڻي آهي، پارٽي جي ڍانچي کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ، تو کي پنهنجي پارٽي سان ظاهري اختلاف سامهون رکي الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪرڻ کپي. جيئن ڌارين جي آبادڪاري خلاف ڪا به تحريڪ نه هلي سگهي ۽ ها تنهنجي اندازي موجب پارٽي کي ڪيترو نقصان پئجي سگھي ٿو.”
    “تمام گھڻو” اصغر مهمان جو سوال جو جواب ڏيڻ لڳو،“پارٽي سان اختلاف رکندي ۽ عليحدگي ڪرڻ کان پوءِ هزارين ڪارڪن مون سان گڏ ٿي هلندا، ائين سمجهو ته پارٽي ڏهن سالن تائين ڪا به جدوجهد ڪري نه سگهندي.”
    ”ويري گُڊ” ٻيو مهمان ڳالهائڻ لڳو. سياسي اختلاف سان گڏ، پنهنجي اڳواڻ جي ذاتي ڪردار کي تباھ ڪرڻ تي زور هجي ۽ اهيو ئي اختلاف اسان جي ڪاميابي کڻي ايندو، ڇو ته سنڌي قوم عورت جي معاملي ۾ وڏي غيرتمند آهي.”
    اهڙا سوين اختلاف پيد ڪري سگهجن ٿا، ائين سمجهو ته پاڻ واري ليڊر جو ڪنڌ قوم اڳيان جهڪيل ئي آهي”
    سڀني آهستي پر طنز ڀريو ٽهڪ ڏنو ۽ هيڏانهن مريم کان اوڇنگار نڪري وئي،“اُف منهنجو مڙس پارٽي جو دشمن!!؟ پنهنجي قوم ۽ وطن جو ويري!!؟ ڪلھ جيڪو انقلاب جا گيت ڳائي دلين کي موهيندو هيو، اڄ غداري تي لهي آيو آهي.” مريم کي هاڻي سمجهه ۾ آيو ته اهي ڏوڪڙ ڪٿان ٿي آيا، هن انهن وڻن کي سڃاڻي ورتو، جيڪي پڪل انب ڏيئي رهيا هئا ۽ هي اهي وڻ هئا جن کي مريم جي وڏن ۽ وطن جي ماڻهن محبت ۽ ڀائيچاري جو پاڻي ڏئي وڏو ڪيو هو. مريم سڏڪن ۾ پئجي وئي. مريم ائين سمجهيو ته اڄ وچ بازار ۾ منهنجي مڙس، سٽ ڏئي منهنجو رئو لاهي مٿو اگھاڙو ڪري بيهاريو آهي.
    مريم کي دل ۾ آيو ته جيڪر گھر ۾ پيل بندوق کڻي سڀني جا سينا ڇاڻِي ڪري ڇڏيا، هڪ هڪ کي ڳچيءَ کان جھلي قومن سان مذاق ڪرڻ جي سزا ڏيان. پر وري دل ۾ خيال آيس ته ٿي سگهي ٿو ته منهنجي انهي عمل سبب مون کي ئي نقصان پوي ۽ پارٽي تائين اها ڳالھ نه پهچي. مريم جا سڏڪا تيز ٿي ويا. هو روئي رهي هئي قوم جي مسڪين مارُن لاءِ جن جي زندگي اصغر جهڙي غدارن دشمنن وٽ وڪڻي ڇڏي آهي.
    ڇو ٿي روئين؟ اصغر اوچتو ڪمري ۾ داخل ٿيندي، زال جي اکين ۾ لڙڪن کي ڏسندي چيو،“ڪهڙا پور اچي پيا ا ٿئي؟ هي روئڻ جو وقت آهي؟
    ٻڏي مرڻ جو وقت آهي اصغر، مون ائين ڪڏهن به نه سچيو هو ته تون چند ڏوڪڙن عيوض پنهنجي ضمير، وطن، قوم ۽ پارٽي جو غيرن اڳيان، قوم جي دشمنن اڳيان سودو ڪندين، مون وٽ اهي لفظ نه آهن، جيڪي توکي لقب ڏيڻ لاءِ ڪتب آڻيان.
    ماٺ ڪر ۽ ٻڌ جيڪڏهن اهيو راز، راز نه رهيو ته پوءِ پاڻ کي مئل سمجهجان.” اصغر مريم کي دڙڪو ڏئي ڪمري مان هليو ويو.
    مريم سڄي رات ننڊ نه ڪئي، هو مڙس جي وطن دشمني تي روئي رهي هئي، نيٺ هُن هڪ فيصلو ڪري ورتو ته پارٽي کي هن سازش کان ضرور خبر ڪبي، پوءِ کڻي ڇا به ٿئي. مريم صبح جو مڙس جي نڪرڻ بعد گھر ڇڏيو ۽ وري مڙس جي گھر موٽي نه آئي. مريم پيءُ وٽ رهڻ لڳي.
    پارٽي ٻه دفعا اصغر کي صفائي پيش ڪرڻ لاءِ گڏجاڻي ڪوٺائي موقعو ڏيڻ، ٿي گھريو، پر ٻنهي گڏجاڻين ۾ اصغر غير حاضر رهيو ۽ پارٽي اصغر کي تنظيمي ضابطن جي ڀڃڪڙي، وطن، قوم ۽ پارٽي سان غداري جي ڏوھ ۾ مرڪزي عهدي سميت بنيادي ميمبر شپ تان خارج ڪري ڇڏيو. پر ٻي ڏينهن اصغر اخبارن ۾ ڄاڻايو ته هو ڇھ مهينا اڳ پارٽي ڇڏي چڪو آهي.
    اڄ مريم نه روئي رهي آهي نه مڙس وڃڻ جو ڏک اٿس. هن پنهنجي مفاد کان پارٽي جي مفاد کي وڌيڪ ترجيح ڏني. اڄ اصغر مريم کي ڳوٺ جي چئن چڱن اڳيان طلاق ڏئي ڇڏي. مريم طلاق ڏيڻ وقت صرف ايترو چيو ته اهڙي مڙس جي ڪهڙي ضرورت جنهن ٽڪن عيوض ڌرتي جي سونهن،سڀيتا، ڌرتيءَ جي دودن جو سودو ڪيو ۽ پارٽي سان غداري ڪئي. جيڪو پنهنجي ڌرتي ماءُ کي غيرن اڳيان کپائي سگهي ٿو، سڀاڻي اهو مون کي به شهر جي چوواٽي تي بيهي سرِعام نيلام ڪرڻ ۾ دير نه ڪندو، اهڙي غدار مڙس سان زندگي گذارڻ کان بهتر آهي طلاق.
    ۽ ڪجھ وقت کان پوءِ اصغر جو لاش شهر جي هڪ ڍير تي اڇلايل ٻوريءَ مان مليو، جنهن جي سيني تي لکيل هيو“ دھوبی کا کتا نا گھر کا نا گھاٹ کا“


    ويھ ٿيون واٽون

    “بابا وڏيري احمد خان جو نياپو آيو اٿئي، ته “اوطاق تي جلدي پهچ.” ڪوڏر ڪلهي تان مس لاٿم ته پٽ فاضل چيو.
    ڪير آيو آهي ابا.
    باب وڏيرو احمد خان.
    ڇو آيو آهي؟
    اهي برساتي ڏيڏر آهن بابا، وري اليڪشن اچڻ واري آهي نه، انڪري آيو هوندو.
    پٽ اسان ووٽ هميشه وڏيري کي ڏيندا آيا آهيون، ڀلا هاڻي ڪيئن ڪنڌ ڪڍائينداسين.
    بابا وڏيرن اسان کي ڪهڙو فائدو ڏنو آهي، سدائين بُکيو ۽ بيروزگار رکيو اٿن. گذريل اليڪشن اوهان وڏيري کي ووٽ ڏنو هيو نه بابا؟
    ها ڏنو هيومانس.
    بابا! اوهان کي ياد آهي؟ اليڪشن کٽڻ کان پوءِ ويو، وڏيري اوهانکي ڇا چيو هيو؟
    ها پٽ مون کي چڱي ريت ياد آهي، چيو هئائين ته “تو ووٽ مون کي ڏنو ئي ڪونه هيو.”
    توکي دڙڪا ۽ گاريون ڏنيو هيائين نه بابا؟!
    ها پٽ!
    پوءِ بابا اڃا به ووٽ انهيءَ کي ڏيندين؟!
    ڀلا ٻيو ڪنهن کي ڏيون؟ آخر وري به برادري جو چڱو مڙس آهي.
    برادريءَ جو! هونهن.........
    پٽ در لنگهي آيو آهي، اڳيون ڳالهيون ياد ڇو ڪجن.
    بابا توکي چيم نه.... ته اهي برساتي ڏيڏر آهن، موقعي تي نڪري پنهنجي اٻوجھ ماڻهن کي لاهيون چاڙهيون ٻڌائي ووٽ وٺي جڏهن ڪرسي تي ويهندا آهن، پوءِ دڙڪا، گاريون ڏيڻ، ڌاڙا هڻائڻ ۽ ٿاڻن تي پنهنجي مخالفن کي ڪُٽرائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو ڪم نه هوندو اٿن. ۽ پوءِ سڃاڻيندا به نه آهن.
    ابا........ابا ڪجھ سمجھ ڪر، ڏاهو ٿي، مان وڏيري جو اُهو احسان مرندي گھڙي تائين لاهي نه سگهندس.
    اهو احسان بابا نه ؟ جيڪو وڏيري چوري ٿيل مينهن موٽرائي ڏني هئي.
    ها ابا اهيو احسان.
    پر بابا توکي خبر ڪونه آهي ته اها مينهن ڪنهن چوري ڪرائي هئي؟
    نه ابا! ڀلا چوري ڪير ڪرائيندو، اسان جي ڪنهن سان دشمني؟
    ها بابا! اسانجو دشمن اسانجي گھر ۾ ويٺو آهي، اهو آهي وڏيرو احمد خان، جنهن اسان جي مينهن چوري ڪرائي هئي.
    ابا ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ ڀلا علي محمد جي نياڻي جو وڏيري موٽرائي هئي، اها به........
    ها بابا، اها به وڏيري کڻائي هئي.
    پر پٽ وڏيرو ڏسڻ ۾ اهڙو ته نه آهي.
    بابا ٽُوھَ ڏسڻ ۾ سهڻا هوندا آهن، پر کائڻ ۾ ڪڙا. بزدل ماڻهو پاڻ نه وڙهندو آهي، پر ٻين کي استعمال ڪري انتقام وٺندو آهي ۽ اسان جي هر وڏيري جو اهو ڪم آهي.
    پٽ اسان سان وڏيري جي ڪهڙي دشمني؟
    بابا طبقاتي دشمني آهي.
    اها وري ڪهڙي دشمني آهي پٽ؟
    بابا هي لٺين ۽ ڪهاڙين واري دشمني نه آهي، هي اها دشمني آهي ته هاري جو پٽ هاري رهي، مزدور جو پٽ مزدور، ڇو ته هو اهيو نه ٿا چاهين ته هاري جو پٽ پڙهي وڏو ٿئي ۽ اسان جي سلامي کان هليو وڃي، بابا اوهان ئي ته چوندا آهيو ته مون کي جڏهن اوهان اسڪول ۾ ويهاريو هيو ته وڏيرو ڪاوڙجي پيو هيو، اوهان کي چيو هئائين ته ڇورو پڙهي ٿيندئي خراب.
    ها ابا ياد آهي.
    بابا وڏيرن اسان مسڪينن ۾ نفرتون وجهي هڪٻئي کان جدا ڪيو آهي، ويڙهايو آهي، هڪ ٻئي جو دشمن رکيو آهي، اهي اٽڪلون آهن، بابا اسان کي ڪمزور ڪرڻ جون.
    پٽ سچ ٿو چوين، مون حيرت وچان وراڻيو، پر پٽ اهو سمجھ ۾ نه آيو ته وڏيري منهنجي مينهن جي چوري ۽ علي محمد جي ڌيءُ ڇو کڻائي هئي؟
    هڪ ووٽ خاطر بابا! .
    ووٽ لاءِ !؟ سو ڪيئن!؟ اڃا مون کي سمجھ ۾ نه آيو فاضل پٽ؟!
    بابا گذريل ووٽن ۾ چاچي علي محمد ۽ اوهان وڏيري واري پارٽيءَ کي ووٽ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هونه؟ ۽ بابا وڏيري ووٽ خاطر اسانجي چوري ڪرائي ۽ چاچي علي محمد جي عزت تي هميشه لاءِ داغ هڻائي ڇڏيو.
    پر پٽ ان مان وڏيري کي ڇا مليو؟
    بابا ووٽ مليس ٻيو وري ڇا؟
    اهو ڪيئن پٽ مان حيرت ۾ پئجي ويس ۽ سمجھ ۾ نه پيو اچي ته وڏيرو اهڙو به ٿي سگهي ٿو.
    ٻڌ بابا، وڏيري اسان جي مينهن چوري ڪرائي ، ڳوٺ جي نياڻي کڻائي. وري توتي ۽ چاچي علي محمد تي اهو احسان ڪيو جو ٻئي شيون اوهان کي مليون، پر اهيو احسان نه هيو، اها اسان جي عزتن سان راند هئي، اهيو اسان جي پٽڪن ۾ هٿ هيو، اهيو اسان جي لڄن جو لوڙهو لتاڙيل هيو ۽ اوهان ان کي احسان سمجهي وڏيري کي ملائڪ سمجهيو ۽ ان احسان جي بدلي اوهان وڏيري تان جان قربان ڪرڻ جا واعدو ڪيا، ڀري ڪچهري ۾…….. ۽ پوءِ ووٽ ته ..........
    خسيس ووٽ لاءِ؟
    بابا! ووٽ کي اسان جو عام ماڻهو خسيس سمجهي ٿو، پر اهو ووٽ تمام گهڻو قيمتي آهي، خاص ڪري اسان جهڙي وڏيري لاءِ جيڪو ووٽ وٺي سڀني تي حڪمراني ڪندو رهيوآهي.
    مان فاضل جون ڳالهيون ٻڌي ائين محسوس ڪيو، ڄڻ منهنجي اکين ۾ هڪ نئين روشني چمڪي پئي آهي، واقعي فاضل سچ ٿو چوي مون دل ئي دل ۾ چيو.
    بابا! وڏيرا سنڌ وطن لاءِ مٺو زهر آهن، مٺو زهر اهڙو هوندو آهي بابا !... جيڪو انسان جي اندر کي آهستي آهستي موت جي منهن ۾ ڌڪيندو ويندو آهي. بابا اسان کي انهن مان پنهنجي جان آزاد ڪرائڻي آهي.
    اهو ڪيئن پٽ؟ مون تعجب وچان چيو.
    بابا اسان ۾ جيڪي هڪٻئي لاءِ نفرتون پيدا ڪيون ويون آهن، اسان کي هڪ ٻئي جو دشمن رکيو ويو آهي، جيسيتائين اهي سڀ دشمنيون، ڏک، سور وساري، اسان ٻڌي نه ڪنداسين، تيستائين اسان جي نجات نه ٿيندي، هي اسان کي ڦريندا، لٽيندا، ماريندا رهندا، بکيو ۽ اگهاڙو رکندا ايندا ۽ اسان کان جيئڻ جو حق کسي اسان کي پنهنجن گهرن مان ئي لوڌي ڪڍي ڇڏيندا.
    پٽ ! بس مان وڏيري کي ووٽ نه ڏيندس، سُڪو جواب ڏيندومانس.
    اهو بهتر فيصلو آهي بابا! پر اڪيلي سِرَ جو اهڙو فيصلو ڪارگر نه ٿيندو، ان لاءِ ڳوٺ وارن سان ملي ڪري ٻڌي ۽ طاقت گڏ ڪري، پوءِ اهڙا فيصلا ڪرڻ گهرجن.
    پٽ! پوءِ ان جو ڪو رستو ڪا راھ؟
    بابا جڏهن سنڌ جي هر پورهيت جي دلين ۾ هڪ ٻئي لاءِ محبت هوندي ۽ جڏهن محبت پيدا ٿيندي تڏهن ٻڌي اسانجو ساٿ ڏيندي ۽ بابا دنيا جي وڏي ۾ وڏي طاقت به پورهيتن جي ٻڌي کي جهڪائي نه ٿي سگهي. بابا چين ملڪ ٻڌو اٿئي نه؟
    ها پٽ ريڊيو ۾ ٻڌو آهي.
    بابا چين ملڪ ۾ اتان جي هارين، جيڪي اڳ ايترو آفيم کائيندا هيا، جو کين گهر جي به خبر نه هوندي هين، ٻه روپيا ڪمائيندا هيا ته صرف آفيم لاءِ. اُتِ به ظلم هيو، هارين مٿان وڏيرن جو ۽ وڏيرا اهيو نه چاهيندا هيا ته هتان جا هاري هوشيار ٿين، جنهن ڪري هنن آفيم ۽ ٻيون نشي واريون شيون ڳوٺن تائين پهچائي ماڻهن کي عادي بڻائي ڇڏيو ۽ نتيجي طور اتان جي ماڻهن جي تقدير جا وارث انسان دشمن بڻجي ويا. جيئن هتي آهي بابا.
    پوءِ ڇا ٿيو پٽ؟ مون تڪڙ ۾ پڇيو.
    بابا پوءِ اتِ هڪ عظيم انسان جنهن جو نالو مائوزيتنگ هيو.
    ابا ڪهڙو نالو؟!!
    مائوزيتنگ.
    پٽ اهڙا نالا به آهن ڇا؟
    ها بابا، هر ملڪ ۾ ڌار ڌار ماڻهن جا نالا آهن.
    هائو!! مون تعجب وچان چيو.
    بابا پوءِ هن سوچيو ته اسان غريب ڇو آهيون، جڏهن ته هاري سڄو سال محنت ٿو ڪري، پوءِ به هو بُک ۾ سڙي ٿو، ڇو؟ ۽ بابا پوءِ دنيا وارن ڏٺو ته سڄي چين ملڪ ۾ ٿرٿلو مچي ويو، وڏيرا ڀڃڻ لڳا، توهان جهڙن هارين، دنيا کي ٻڌائي ڇڏيو ته اسان به وڙهي سگهون ٿا. بابا اوهان پورهيت دنيا جي وڏي ۾ وڏي طاقت آهيو. توهان کي ڪوبه جهڪائي نه ٿو سگهي.
    مان ڪو به جواب نه ڏئي سگهيس، پنهنجي پٽ جي منهن کي چتائي ڏسي رهيو هيس، جيڪو مون کي ائين سمجهائي رهيو هيو ڄڻ هو مونکان به گھڻو وڏو هجي، پر هو ته واقعي مون کا گھڻو وڏو هيو، مان پاڻ کي پنهنجي پٽ اڳيان ننڍو محسوس ڪرڻ لڳس. بس ايترو چيو مانس ته ابا آمريڪا به آهي نه.
    ها بابا آمريڪا، جيڪا ڪڏهن به نه چاهيندي آهي ته ڪٿي پورهيت جدوجهد ڪري پنهنجو حق وٺن، هو مذهبي طور تي به وڙهندي آهي، جيئن اتان جا ماڻهو مذهب جي آڙ ۾ ڦربا ۽ لُٽبا رهن..
    وڃ !!!! وڏو ڪو بدمعاش ملڪ چئبو؟
    بابا آمريڪي حڪمرانن جي ٻين ملڪن لاءِ ساڳي پاليسي هوندي آهي، پوءِ اهو حڪمران ڪهڙي به جماعت جو هجي. اتان جا حڪمران ايترا ته ظالم نڪتا جو، ويٽنام...... ويٽنام بابا هڪ ننڍڙو ملڪ اهي، ان ملڪ جا هاري ۽ مزدور جڏهن وڏيرن ، سرمائيدران ۽ ڌارين خلاف وڙهي رهيا هئا ته آمريڪا ڪيترائي بم انهن مٿان ڪيرائي ڪيترن ئي ماڻهن کي مارايو هو، پڇاڙي ننڍڙن ٻارن کي مارائڻ لاءِ آمريڪا جهازن وسيلي رانديڪا اڇلائي ٻارن کي ماريو.
    رانديڪا!!
    ها بابا! رانديڪا ! ... جن رانديڪن ۾ بم هيا، جيڪو به ٻار رانديڪو کڻندو هيو ، بم ڦاٽي پوندو هيو ۽ ڪافي ٻار شائين مري ويا.
    پر ويٽنام جي ماڻهن پوءِ به همٿ نه هاري، جدوجهد ڪندا رهيا ۽ آخر فتح حاصل ڪري آمريڪي فوج کي پنهنجي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيو.
    اهڙي بدمعاش کي اهڙي ئي سيکت ملي ها اها واقعي ٻڌي چئبي! واھ
    بابا! جڏهن آمريڪا جي فوج پنهنجي ملڪ ۾ ساھُ پٽيو ته اتان جي اخبار وارن، فوج جي سربراھ کان سوال پڇيو ته“آمريڪا وٽ هيڏا هٿيار، بم ۽ بارود، هيڏي ساري تربيت يافته فوج هوندي به هڪ ننڍڙي ملڪ جي ماڻهن شڪست ڏني؟ ته بابا ان فوجي سربراھ انهن کي اهيو جواب ڏنو ته اسان جا ائٽم بم، توبون جهاز، هنن جي طاقت اڳيان ڪجھ به نه هيا ۽ انهن جي طاقت هئي ٻڌي” سو بابا ٻڌيءَ ۾ ايڏي وڏي طاقت آهي.
    پٽ ايتري ته خبر آهي ته ٻڌيءَ ۾ وڏي طاقت آهي..... پٽ پوءِ وڏيري ڏي ....؟
    بابا. تون وڏيري وٽان ٿي اچ ته هو ڇا ٿو چئي.
    ابا اهڙيون ڳالهيون ٻڌايون اٿئي جو وڏيري ڏي وڃڻ لاءِ روح ئي نٿو چوي.
    نه بابا اوهان ٿي اچوس، ٻڌوس ته ڇا ٿو چئي؟
    چڱو ابا! تنهنجي مرضي، ٻه چار مانيءَ جا گرھ کائي، وڏيري جي اوطاق تي پهتس، اوطاق ۾ اندر گوڙ هيو.
    آءُ توهان سڀني کي ڏسندس، توهان مون سان غداري ڪري، سک جي ماني کائي نه سگهندؤ. اهي لفظ وڏيري احمد خان جا هيا، جيڪو اوطاق ۾ ويٺل هارين کي چئي رهيو هيو، مون کي ڳالھ سمجهه ۾ نه آئي ته وڏيري جي ڪاوڙ ڇو آهي؟ ۽ ڪنهن تي آهي. مون تي نظر پوندي وڏيري چيو. “ميان الھ بخش راڄ جي ماڻهڻ جو مٿو ڪنهن خراب ڪيو آهي؟ ڪهڙو نانگ سنگهي ويو اٿن جو منهنجي حڪم جي نافرماني ٿا ڪن؟”
    ڀوتار سائين! مون کي ڪا خبر ناهي، ته ڪهڙي ماجرا آهي، مون وڏيري احمد خان کي هٿ ڏيندي چيو.
    ڏس الھ بخش! اسان هڪ اهڙي پارٽي ٺاهي آهي جنهن جو مقصد اهيو آهي ته اسان جي قوم ۾ ڪو غريب نه رهي، ڪو ڏکيو نه رهي، پر هي ته الائي ڇا مان ڇا ٿا چون.
    رئيس پارٽي!
    ها الھ بخش اسان چاهيون ٿا ته پاڻ ۾ ٻڌي ٿئي، ڪو ٻيو اسان سان نه وڙهي، اسان مضبوط هجون، ٻيو ڇو اسان جي قوم ۾ هٿ وجهي، اها پارٽي اسان جي قوم سان ٻڌل هوندي، ۽ نالو به پنهنجي ئي قوم تي رکيو اٿئون. پر هي ته جهڙو ڄٽ ئي ڄٽ رهيا، مون سڀني جا فارم ڀري ڇڏيا آهن، پر هي صحيح ڪرڻ ۾ عيب محسوس ڪري رهيا آهن، الھ بخش اچي هي فارم وٺ تون به صحيح ڪر. وڏيري فارم مون ڏانهن وڌائيندي چيو.
    مان سوچ ۾ پئجي ويس واقعي وڏيرو سچ ٿو چئي پٽ فاضل به ته ٻڌي لاءِ چيو هو. ڀوتار سائين! هي ته سٺو ڪم آهي.
    ها الھ بخش! پر هي الائي ڇو چپ ڪيون ويٺا آهن ۽ صحيحون ڪرڻ کان انڪار ٿا ڪن!؟ سو به منهنجي حڪم جو انڪار!!؟.
    رئيس خبر ناهي هي ائين ڇو ڪري رهيا آهن؟ منهنجي انهيءَ جملي چوڻ کان پوءِ ڪافي ماڻهن مون کي غور سان ڏٺو.
    سائين آءُ پٽ سان صلاح ڪري اچان. مون کي ڳالھ سمجهه ۾ اچي وئي ۽ وڏيري کي چيم.
    الھ بخش اهي ڪاليجن ۾ ڇوڪرا پڙهن ٿا، سو ڳالهيون ئي ٻيون ٿا ڪن.
    وڏيرا ڪهڙيون ڳالهيون ٿا ڪن؟؟
    ڪُفر جون ٻيو وري ڪهڙيون؟ چون ٿا ته الله ملڪيت ڪنهن کي ناهي ڏيندوآهي، جيڪي ملڪيت جا مالڪ بڻيا آهن،اهي ماڻهن جا حق ڦٻائين ٿا. الله وٽ هڪجهڙائي آهي. ڏس نه الھ بخش ڇورن جا ڪم!؟ الله جي مرضي خلاف ٿا هلن. چيو هيو مانءِ ته ڇوري کي نه پڙهاءِ پر تو ڪيو ضد ۽ تنهنجو پٽ به ڪندو هوندو ڪفر جو ڳالهيون.
    مون تي ڪاوڙ چڙهي ويئي، واقعي هي ڇورا الله جي ڳجھ ۾ ٿا هٿ وجهن، خدا جنهن کي ڏئي ان جي مرضي، جي نه ڏي هو مالڪ آهي، هن کان ڪير پڇڻ وارو آهي ئي ڪونه. اهيو سوچي گھر آيس.
    فاضل تون خدا جي خلاف آهين؟ مون ڪاوڙ وچان پڇيو.
    ڪير ٿو چئي بابا!؟
    وڏيرو چئي پيو ته شهر ۾ جيڪي پڙهن ٿا اهي الله جي خلاف آهن.
    بابا اهو ته نسورو ئي ڪوڙ آهي.
    ڀلا ائين چئو ٿا ته خدا ڪنهن کي امير ڪنهن کي غريب ڪونه ڪندو آهي؟
    ها بابا بلڪل.... اهو ته سچ آهي.
    ته پوءِ وڏيري جي ڳالھ سچي آهي نه؟
    بابا وڏيرو سچ ڪڏهن به نه ڳالهائيندو آهي.
    ڏس پٽ فاضل ! خدا جنهن کي امير ڪري يا غريب، اها ان جي رضا آهي.
    بابا! ائين نه آهي. هت روز سوين ماڻهن جا حق کائڻ وارا، سوين راڪاس وڏيرن ۽ سرمائيڪارن جي روپ ۾ موجود آهن، هو محنت نه پر حرام خوري ڪن ٿا.
    پر وڏيري احمد خان ته محنت ڪري ٻنيون ڌاريون آهن.
    بابا وڏيري تنهنجي ۽ ٻين هارين جي نالي زمينون کڻي تنهنجا ۽ ٻين جا حق ڦٻايا آهن. اها محنت آهي يا ظلم؟! محنت ته توهان هاري ڪريو ٿا. سڄو سارو سال نانگن بلائن ۾ ٿا گذاريو، لوڙيو ٿا، پوءِ خدا اوهان کي ايڏي محنت جو اجورو بک ۽ بدحالي ڇو ڏيندو؟
    اها خدا جي مرضي آهي، هونءَ به خدا پنهنجي ٻانهن کي آزمائيندو آهي.
    بابا اهي بنياد پرست جنوني ماڻهن جون هٿ ٺوڪيون ڳالهيون آهن، ڏوھ هن معاشري جي نظام ۽ ان کي هلائڻ وارن ،ڀوتار احمد خان جهڙن ماڻهن جو آهي، جنهن جا رکوالا هتان جا ملان، پير، مير، وڏيرا ۽ سرڪاري عملدار آهن، هو پورهيتن جي اکين تي ڪاري پٽي ٻڌڻ لاءِ اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪندا آهن، اهي سڀ بهتر سوچ جا قاتل آهن، بابا! اوهان پنهنجي هن عمر تائين، ڪنهن واعظ کي واعظ ڪندي ائين چوندي ٻڌو آهي ته “ هي زمين ان جي آهي جيڪو ان کي کيڙي ٿو.”
    نه ٻچا! نه بلڪل نه . مان سوچ ۾ پئجي ويس واقعي فاضل به سچ چوي ٿو.
    بابا وڏيري ڇو گهرايو هئي؟
    پٽ چيائين پئي ته اسان هڪڙي پارٽي کولي آهي، جيڪا اسان جي قوم جي نالي آهي ان ۾ شامل ٿيو.
    ڇا ؟ صرف هڪ ذات لاءِ پارٽي بابا. اهيو ڪم اسان سنڌين سان دشمني وارو آهي.
    پٽ تون هيڏانهن به آهين هوڏانهن به.
    اهو ڪيئن بابا؟
    اڳ ۾ چئين پيو ته ٻڌي ڪريو ۽ هاڻي وڏيرو چئي پيو ته تون انڪار ٿو ڪرين.
    بابا! جيڪڏهن هر ذات وارا ائين ئي پارٽيون ٺاهي پنهنجي ذات کي قوم چئي ،مشهور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان وري گھڻيون صديون پوئتي موٽي وينداسين، دنيا اڳتي وڌي رهي آهي ۽ اسان جا وڏيرا اسان کي پوئتي ڌڪي رهيا آهن، ايترو پوئتي جڏهن هڪڙو ماڻهو قبيلي تي حڪم هلائيندو هيو ۽ هاڻي هتان جو وڏيرو اهو ئي چاهي ٿو ته اسان نئين ڄار ۾ پنهنجي ذات جي ماڻهن کي ڦاسائي، حڪم هلايون، ماريون، لٽيون ۽ ڦريون. بابا هي سوين هزارين ماڻهن مٿان نئين ڦاهي آهي.
    بابا اسان جي ذات قوم نه آهي، ڪو حجم، ڪو ڊکڻ قوم نه آهي، ڪو ميربحر، ڪو مشوري قوم نه آهي، ڪو چانڊيو، ڪو مري قوم نه آهي، اهي سڀ ذاتيون ملي هڪ قوم ٺهي آهي، اها آهي سنڌي قوم. سنڌي قوم هڪ آهي، اسان جي ٻولي هڪ آهي، اسان جي سنڌ هڪ آهي، ته پوءِ هي ذات پرستيءَ واريون ڳالهيون اسان کي ننڍڙن ننڍڙن ٽڪرن ۾ ورهائڻ جي خطرناڪ سازش آهي.سموري قوم لاءِ ڪم ڪجي، جنهن ۾ لکين هزارين ذاتيون اچي وڃن ٿيون.
    پٽ هاڻي ڳالھ سمجھ ۾ اچي وئي.
    ها بابا، هي ويھ واٽون ٿيون آهن، هي وڏيرا اسان کي جدا جدا واٽن تي هلائڻ جي سازش ڪري رهيا آهن، پر اها انهن جي ڀل آهي، اسان جي هڪ واٽ آهي، اسان هڪ واٽ تي هلڻ سکي ورتو آهي.
    پٽ! اها ڪهڙي واٽ آهي.
    بابا! اها واٽ سچ جي ساٿ واري واٽ آهي. بابا اوهان فارم موٽائي ڏئي اچو، پوءِ ٻڌايانوَ ٿو ته اهڙي عمل ڪرڻ سان اسان ماڻهو ڇا هارائينداسين ۽ ڇا وڃائينداسين، هي اهو ڪڌو ڪم آهي، جنهن مان قوم کي ڪنهن به قسم جو قائدو نه ملندو.
    مان فارم کڻي اوطاق تي پهتس.
    الھ بخش پڇي آئين ڇوري کان؟ اوطاق ۾ گھڙندو ڏسي وڏيري پڇيو.
    ها ڀوتار.
    ڇا چيائين؟
    ڀوتار اسان فارم ڪونه ڀرينداسين. فاضل چوي ٿو ته ذات پرستيءَ هڪ لعنت آهي، اهڙو عمل قوم جا سڄڻ نٿا ڪري سگهن، اسين هڪ آهيون، هڪ قوم آهيون.
    وڏيري جو منهن ٽامڻي هڻي ويو. الھ بخش سٺو نٿا ڪيو، آءُ توهان سڀني کي ڏسندس، ۽ ان جو نتيجو اوهان سڀ خراب ڏسندؤ.
    ڀوتار! اڳ اوهان اسان کي ڪهڙو سک ڏنو آهي، جو هاڻ ڏيندؤ؟ اسان پنهنجي اڇي ڪاري جا پاڻ وارث بنجڻ لاءِ نڪرون ٿا، پوءِ جيڪو ڪجھ ٿيو ان سان به منهن ڏينداسين. مون پنهنجي اندر ۾ ويٺل وڏيري جي خوف کي ڀڄائي ڇڏيو
    اسين وڏيري احمد خان جي اوطاق مان هڪ ئي فيصلو ڪري اٿياسين ۽ وڏيري جو منهن جوش ۾ ڳاڙهو ٿي ويو.

    تاريخ.28 آڪٽوبر 1982 نصيرآباد.


    ڪافر

    مسجد جي هر هڪ حصي کي رنگ برنگي جهنڊين سان سينگاريو ويو هو، سموري مسجد جي عمارت کي رنگين بلبن سان ڍڪيو ويو هو، لائوڊ اسپيڪر جو آواز پري پري تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو، ڪيترا مومن پري کان ئي مولوي صاحب جو نصحيتن ڀريل واعظ مسجد جي ٻاهران کلي آسمان هيٺ ٻڌي رهيا هئا. سبحان الله، نعره تڪبير، الله اڪبر..... جا نعرا مسجد توڙي ٻاهر هر هر ورجايا پئي ويا، مولوي صاحب وڏي ميڙ جي سامهون ڪرسي تي واعظ ڪري رهيو هو.
    “مومنو! الله تعاليٰ پاڙيسرين جو احترام ڪرڻ، پاڙيسرين جي ڏکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جو حڪم ڪيو آهي، ياد رکو! جنهن پاڙيسري کي رنجايو گويا ان خدا کي رنجايو ۽ اهو شخص جهنمي آهي، هر مومن تي پاڙيسري جا سوين حق آهن ۽ حقن تي عمل واسطي نيت جو سچو هئڻ لازمي آهي، ڇو ته عمل جو دارومدار نيت تي آهي، جنهن جي نيت کوٽي آهي، اهو به جهنم جي تري ۾ اڇلايو ويندو.” صلوات سڳوري پڙهو توهان کي اڳتي ٻڌايان”
    مولوي صاحب پنهنجيون ڳاڙهيون اکيون کڻي مومنن کي ڏٺو جيڪي وڏي آواز سان صلوات پڙهي رهيا هئا، ان وچ ۾ مولوي هڪ عدد پاڻي جو گلاس پي ورتو ۽ دم پٽي واعظ ڪرڻ لڳو،“منهنجا عزيزو حقيقت اها آهي ته منهنجو ڳلو تمام خراب آهي پر سيٺ رمضان جو سڏ مليو ته انڪار ڪري نه سگهيس. بلڪل اهڙا نيڪ مرد جنت جا حقدار آهن، جيڪي ههڙي قسم جا واعظ ڪرائي ثواب دارين حاصل ڪن ٿا. بلند آواز سان صلوات پڙهو ته اڳتي هلون.
    مسجد اندر ويٺل ماڻهو بلند آواز سان صلوات پڙهن ٿا ۽ مولوي پنهنجي کيسي مان اسٽرپ سلز جي هڪ ٽڪي ڪڍي وات ۾ وجهي ڳالهائڻ لڳي ٿو.“ جيڪڏهن پاڙي ۾ ڪو شخص بيمار هجي ته ياد رکو وڏي آواز سان نه ريڊيو وڄايو، نه ٽي وي ۽ ٽيپ رڪارڊر، ڇو ته وڏي آواز سان مريضن جي ذهن کي تڪليف پهچي ٿي، ياد رکو جنهن پاڙيسري جي دل آزاري، گويا ان خدا جي دل آزاري ۽ اهڙا شخص جهنم جي باھ جا کاڄ بڻايا ويندا.”
    مولوي صاحب جا اهي لفظ ٻڌي سياڻِي مڙس کي چيو،“ڏتل ٻڌ! مولوي به چئي ٿو ته وڏي آواز سان ريڊيو نه وڃايو وڃي، هاڻي وڃ مسجد ۾ ۽ لائوڊ جو آواز گھٽ ڪرائي اچ، هاڻي ته منهنجو مٿو ٿو ڦاٽي.
    پر سياڻي مان ڪيئن وڃي چوانِ!؟ ڪٿي جماعتي مون کي.........
    “ڏتل توکي جماعتي ڪجھ به نه چوندا، آخر مومن آهن، مان بيمار آهيان مومنن کي ضرور رحم ايندو”
    پر سياڻي اڄ جو ٻيو زمانو آهي، ماڻهو ڳالھ ته حق ۽ سچ جي چون ٿا پر خود ان تي پورا ناهن، ڪٿي ائين نه ٿئي جو مون تي هر ڪو لعنت ۽ ملامت ويٺو وجهي.
    خدا واسطي ڏتل، خدا واسطي وڃ ۽ وڃي لائوڊ اسپيڪر جو آواز جهڪو ڪراءِ، مولوي کي وڃي چئه اهو آواز پاڻهي گھٽ ڪرائيندو.
    ڏتل بي اميدي وچان قدم کڻندو مسجد طرف وڃڻ لڳو، مسجد ۽ هن جي گھر ۾ صرف اٺن ڏهن فوٽن جي گھٽيءَ جو فرق هيو ۽ مسجد جي منارن ۾ لڳل چئن لائوڊ اسپيڪرن مان هڪ لائوڊ اسپيڪر جو منهن ڏتل جي گھر ڏانهن هيو، اوچتو ئي اوچتو ڏتل بيهي رهيو، ڄڻ ڪنهن پنڊ پهڻ ڪري ڇڏيو هجيس، هو گھڙ کن بيهي واپس گھر آيو.
    ڇا ڪري آئين؟ سياڻي خفا ٿيندي پڇيس.
    بس موٽي آيس.
    پر ڇو!!؟؟
    ٻڌءِ ڪونه؟ مولوي صاحب چيو پئي ته هي آواز جيستائين به پهچندو اوسيتائين رحمت جا ملائڪ، رحمت جو مينهن وسائيندا رهندا.
    ها، پوءِ ان کي ڇاهي؟ سياڻي ٻئي هٿ مٿي تي رکندي چيو.
    ڇا وري ڇا؟ مان آواز گھٽ ڪرائيندس ته ڀرپاسي جي ڳوٺن ۽ گهرن تي ملائڪ رحمت جو مينهن وسائڻ بند ڪري ڇڏيندا، مان اهيو گناھ جو ڪم ڪونه ڪندس.
    منهنجو مٿو ٿو ڦاٽي ڏتل منهنجو مٿو. سياڻي وڌيڪ دانهون ڪرڻ لڳي، ڏتل مان مري ويندس پوءِ ڪير هوندو تنهنجو حال ڀائي؟ خدا واسطي مسجد جي لائوڊ جوآواز گھٽ ڪراءِ.
    ڏتل سوچ ۾ پئجي ويو، هڪ طرف هن جي حال ڀائي زال جي حالت هئي ته ٻي طرف خدا جي رحمت، هڪ پاسي هن جي ڏکن ۽ سورن کي ورهائي کڻندڙ زال هئي ته ٻئي پاسي جنت جي خواهش رکندڙ مومن ۽ نمازي هئا. ڏتل ڪنهن کي مِٺو ڪري؟ ڪنهن کي ڪڙو؟ خدا ۽ ان جي مومن کي؟ يا پنهنجي زال کي؟ هڪ طرف مولوي جو نصيحتون هيون ته ٻي طرف زال جون درد ڀريون دانهون ۽ ڪوڪون.
    ڏتل سوچ ۾ پئجي ويو ته واقعي! سياڻي مري وئي ته پوءِ.........؟
    نه.....نه اها ئي ته آهي منهنجي حياتي جي سونهن، جنهن بُکُن ۾ رهي به منهنجو ساٿ نه ڇڏيو، مالڪ سائين جي هڪ پٽ ڏئي وجهي ها ته سڀ ڏک دور ٿي وڃن هان. نياڻي وڃي شينهن ڪلهي چڙهي. هاڻ اسين ٻئي زال مڙس هڪ ٻئي لاءِ سهارو آهيون، ٻيو ڪير آهي؟
    او ڏتل خدا کي مڃ.. سياڻي پنهنجي ڪنن ۾ آڱريون وجهندي چيو ۽ ڏتل هوش سنڀاليو، هن جي اڳيان زال جي حالت هئي. ڏتل کي ڊاڪٽر جهليو هيو ته گهر ۾ ڪنهن به قسم جو گوڙ نه هجي ۽ مڪمل آرام هجي. ڏتل کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڇا ڪري. هن کي وري ڊاڪٽر جا چيل لفظ ياد آيا ته“جيڪڏهن سياڻي جي دماغ کي مڪمل آرام نه مليو ته ٿي سگهي ٿو ته هيءَ چري ٿي وڃي.” ڏتل ڪنڌ ڌوڻيو، مان مولوي کي چوان ٿو ته لائوڊ جو آواز گھٽ ڪرائي، يا ويندي رات گذري، خدا جو ڪلام آهي هر ڪو پيو ٻڌي، ڀلا جي هوءَ واقعي به چري ٿي پئي ته پوءِ.....؟؟ نه مون کي جهلڻ کپي پوءَ ڇا به ٿي پوي. ڏتل پڪو ارادو ڪري مسجد طرف وڌيو، مسجد ۾ ويٺل ماڻهن مٿان ٽپندو، مولوي کي چئي ڏنائين،“سائين خدا جي واسطي لائوڊ جو آواز گھٽ ڪريو، منهنجي گھر واري بيمار آهي، هو، وڏي آوازسبب رڙيون ڪري رهي آهي.”
    مولوي جو آواز بند ٿي ويو، اکيون ڦوٽاري زهر ڀري تيز نظر سان ڏتل کي ڏٺو، هوڏانهن ڪجھ مومن ڪاوڙ ۾ اچي ويا.“توکي ڏتا شرم نٿو اچي؟ بي شرم ! خدا جي ڪلام کي روڪائين ٿو، هڪ عورت جي ڪري؟ هڪ زال جي ڪري؟” هڪ مومن ميڙ مان اٿي ڏتل کي ڇنڊ پٽي.
    پر منهنجي زال.......
    “بدمعاش بڪواس بند ڪر” سيٺ رمضان اکيون ڦوٽاري ڏتل کي چيو،“نڪري وڃ مسجد مان ڪافر”
    مان ڪافر ناهيان، مسلمان آهيان، پنج ئي وقت نماز پڙهندو آهيان، توهان نٿا سڃاڻو؟ آءُ اهو ئي ڏتل آهيان جيڪو هر نماز جي تڪبير ڏيندو آهي، هر صبح جي ٻانگ ڏيندڙ ڏتل آهيان.
    پر هي آواز گھٽ نه ٿيندو ڇو ته اهڙيون راتيون هر روز نه اينديون آهن، هڪ اجنبي هڪل ڪندي ڏتل کي چيو.
    پر منهنجي زال جهڙيون زالون به سدائين ناهن ملنديون آهن.
    اڙي زال جي ڪري......... انڌو ٿي ويو آهين؟ سوئر، زليل. هڪ رٽائر صوبيدار ڏتل جي منهن تي چماٽ وهائيندي چيو، توکي خدا جو ڪو خوف ناهي؟
    ڏتل نماڻيون نظرون کڻي مولوي کي ڏٺو، مولوي صاحب اوهان هنن کي سمجهايو ته پاڙيسرن جا ڪهڙا حق آهن ۽ توهان ئي ته سويل چيو ته ڪو بيمار هجي..........
    پري هٽ خبيث... ابليس، نامعقول... مولوي به پنهنجي ڪاوڙ لڪائي نه سگهيو، تون اهو شخص آهين جنهن کي ڦاهي ڏجي ته به گھٽ آهي.
    ۽ توهان نيڪي جو نالو وٺي برائي جو پاڙون پختيون ڪرڻ وارا آهيو، توهان پنهنجي قول جا ڪچا آهيو ۽ قول جو ڪچو ڪافر آهي. ڏتل تڪڙ ۽ جذبات ۾ اهو ڪجھ چئي ويو جنهن جي هن کي سُڌ نه رهي. بس پوءِ ته اڳ جنهن لائوڊ مان نصيحتون ٻڌڻ ۾ پئي آيون، هاڻي ان جي جاءِ دانهن ۽ گارين اچي والاري.
    نه ڇڏيو حراميءَ کي.... هي ڪافر اٿوَ، زليل ڪتو...ڪميڻو.... قرآن کان ٿو جهلي، الله جي ڪلام کان ٿو ڪن لاٽار ڪري... بي حياءُ.... بي غيرت.... بي دين هڻوس موچڙا...ڪيوس اتي ئي پورو... اهي آواز لائوڊ وسيلي پري پري تائين پڙاڏو بڻجي ويا، رحمتن جا ملائڪ ڀڄي ويا ۽ زحمت جا اڳواڻ ۽ ڪيئي شيطان ظاهر ٿي پيا. ڏتل مومنن جي مُڪن... ٿُڪن، ٿڦن ۽ لتن جو نشانو بنجندو رهيو.
    هِن کي پوليس حوالي ڪيو وڃي. سيٺ رمضان فيصلو ڏنو.
    هوڏانهن سياڻي جو دانهون لائوڊ اسپيڪر جي آواز ۾ دٻجي ويون، هوءَ کٽ تان اٿي پر ڪِري پئي،.... نه ماريو منهنجي ڏتل کي نه ماريو منهنجي ڏتل کي.... اهو جملو سياڻي جي اندر جو آواز بڻجي ويو ۽ سياڻي جي دماغ ، سواءِ ان جملي جي ٻيا سڀ جملا ۽ يادون وساري ڇڏيون.
    سياري جي رات ۽ ٿڌ جو زور ۽ ٿاڻي اندر ڏتل جي چُتڙن تي سچُو پادر وسندا رهيا.... ماءُ جا.... توکي شرم نه آيو؟ ڪافر! ڪافر جا پٽ، صوبيدار پنهنجي مسلمان هجڻ جو ثبوت مهيا ڪندي ڏتل تي موچڙن جو وسڪارو لائي ڏنو. بيغيرت تون مذهب خلاف بغاوت ڪرين ٿو، مان تنهنجي مٿي مان اِها هوا ڪڍي ڇڏيندس ڪافر”
    سائين مان ڪافر ناهيان، ڏتل جهيڻي آواز ۾ صوبيدار کي چيو.
    بس ڪر جوءِ جا !!!.... ۽ ڏتل مار کائيندو رهيو.
    مسجد جو لائوڊ اسپيڪر هڪ ڀيرو وري نصيحت جا جملا ڪڍندو رهيو.... مولوي حقوق الله ۽ حقوق العباد تي ڳالهائڻ لڳو.. سبحان الله... نعره تڪبير، الله اڪبر، نعره ...... جا گڏيل آواز فضا ۾ گونجي رهيا هئا ۽ رحمت جا ملائڪ ٻيهر واپس وري آيا.


    شادي پر......

    اڄ به هٿين خالي آيو آهين لوڏ لوڏان ڪندو، مان ٿي چوانءِ ته منهنجي ساڙهي ڪٿي آهي؟ گھر ۾ گھريس ئي مس ته گھرواري لوڻ ٻُرڪڻ شروع ڪيو، مون ڪو جواب ڏيڻ کان بهتر سمجهيو ته چپ رهان ۽ چپ چاپ ڪري هليو ويس.
    مون چيو ڪٿي آهي ساڙهي!؟ ممڙن وانگر وتين ٿو ڪنڊن ۾ لڪندو.
    مون وري به ڪو جواب نه ڏنو ۽ هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ ڪمري کان ٻاهر نڪتس.
    ڪهڙو وري اڄ کنڊ جو جهاز ٻڏو اٿئي جو منهن سُڄايو ٿو وتين؟ جواب ڇو نه ٿو ڏين؟ وات ۾ مڱ پئجي ويا اٿئي ڇا؟ نجمه پويان ايندي چيو.
    مون وري به جواب نه ڏنو، ڇو ته مون کي خبر آهي منهنجي جواب ڏيڻ سان مون سان ڪهڙو حشر ٿيندو، نه بچندو ڪو گھر جوٿانوُ، ٽپڙ، پوءِ نقصان ئي نقصان. مان نقصان جي ڀَوَ کان هميشه چپ رهندو آهيان. جڏهن به جهيڙو ٿيندو آهي ته دعائون ابي مرحوم کي ڏيندو آهيان، جنهن مون کي پنهنجي ڀائٽي پرڻائي، ڀلا بابي ۽ چاچي کي ڪهڙي خبر ته اسان جي مرڻ کان پوءِ پويَن جو ڇا حشر ٿيندو؟ هو ته پراڻين ريتن کي ڇڏڻ وارا نه هيا، هنن اهو سمجهيو ته گھر جي شيءِ گھر ۾ سونهين ۽ ننڍي لاءِ ئي نجمه منهنجي نالي ٿي چڪي هئي، شادي جي شروعاتي دور ۾ ته نجمه کي جيئن چوندو هيس تيئن ڪندي هئي، پر جنهن ڏينهن کان هن جو ڀاءُ SDM ٿيو آهي، تنهن ڏينهن کان هو مون سان ائين ڳالهائيندي آهي، جيئن مان هن جي زال هجان، ۽ مان پاڻ کي زال جي زال سمجهي چپ رهندو آهيان، هڪ سنڌي ماستر هڪ SDM اڳيان ڪهڙي حيثيت ٿو رکي‏، ائين نه ٿئي جو جيل جي هوا کائڻي پوي، ڇو ته مان جڏهن SDM صاحب کي گهر واري جي ڪرتوتن جي دانهن ڏيڻ ويو هيس ته، هن اهي لفظ چيا هيا،“ماٺ ڪري وڃي گھر ويھ، جيل جو منهن ڏسڻو اٿئي ڇا؟” اهو ڏينهن ۽ هي ڏينهن مان چپ چاپ نجمه جون اخلاق ڀريون ڳالهيون ٻڌندو رهندو آهيان.
    مون کي ماني آڻي ڏي. مون کٽ تي ويهندي نجمه کي چيو.
    مون ڪهڙي ڳالھ ڪئي ۽ تون وري ماني ٿو گهرين؟ اڳ ۾ جواب ڏي پوءِ ماني.
    چڱو هاڻي بند ڪر اها بڪواس ماني آڻي ڏي نه ته وري.............
    الائي ڇو اڄ مون کي ڪاوڙ ورتو ته، ڪڍانس ٿو مار پوءِ جيڪو ٿيو ماشاالله....
    نه ته تون وري ڇا ڪندين؟ هلين ٿو ادي ۽ منهنجي سهاري ۽ ڏين ٿو دڙڪا! نجمه عورت جي نالي جي احترام کان ٽپي چڪي هئي.
    ڀاڻھين ڪهڙي جاگير آڻي ڏني آهي، جيڪا تنهنجي مائٽن شادي ۾ ملڪيت ڏني هئي سا موٽائي ڏين، مون کي نه کپي.“ڪڪڙ ڪورين جو نالو وڏيري جو” مان جو ڪنن تائين قرض ۾ ڀرجي ويو آهيان اهو صرف ۽ صرف تنهنجي اجائي خرچن ڪري. ڪاوڙ هينئر مون تي به چڙهي چڪي هئي.
    اصلي مون کي سونا هار پارايا اٿئي، جو ڪنن تائين قرض ۾ ڀرجي ويو آهين، پنهنجا به ڪرتوت ڏس.
    عزت جي ماني ته نصيب ٿئي ٿي نه، مان ڪهڙا ڪُڌا ڪرتوت ٿو ڪريان، سٺو ڪپڙو جان تي نصيب ٿئي ڪونه، رڳو نيلامي سوٽ پايان ٿو ٻيو ڇا ٿو ڪريان.
    هيڏي ساري پگهار ڪيئي ڪاڏي؟
    ڏس نجمه، ڪجھ سوچ پگهار 2 هزار روپيا، راشن، ٻارن جي پڙهائي جو خرچ، ٻيو گهر ۾ ڇا نٿو کپي، آخر 2 هزار ڪيئن پورا پوندا؟. مون ٿڌو ٿيڻ مناسب سمجهيو.
    هو پاڙي واري زرينه ڏس ڪيڏو هار سينگار ڪري ٿي، نوان ڪپڙا هر روز پائي ٿي، هن جي مڙس جي به ته پگهار تنهنجي پگهار جيتري آهي.
    هو ته آهي اڪائونٽس کاتي ۾، جتي رشوت ئي رشوت آهي، پوءِ هن جي گھر واري ڪيئن نه ڪپڙا ۽ هار سينگار ڪندي. مان سنڌي ماستر ڇا ٿو ڪري سگهان، ان هوندي به توکي ڪو ڏک ته ڪونه ڏنو اٿم.
    طاقت نه هيئي ته شادي نه ڪرين ها؟ زال غريب هجڻ جو مهڻو ڏنو.
    اها منهنجي غلطي ناهي، پر جي اها خبر هجي ها ته تون اڳتي هلي ڪلارڪ جي ڌيءُ مان SDM جي ڀيڻ ٿيندينءَ ته يقين رک مان شادي ته ڇا پر تنهنجو نالو به نه وٺان ها.
    توکي ته منهنجي ڀاءُ جي نوڪري جو پيٽ ۾ سور آهي.
    مون کي پيٽ ۾ سور ڇو پوندو؟ مان چوندس ته الله ڀاڻھين کي اڃا وڌيڪ رشوت خور ڪري ۽ تون مون سان وڙهندي رهين.
    مان تنهنجو جيئڻ جنجال ڪيو آهي جو مهڻا ٿو ڏين.
    جيئڻ جنجال ته ڇا؟ پر تو ته منهنجو جيئڻ ئي حرام ڪيو آهي. گھر ۾ اچڻ لاءِ قدم ئي نه ٿا کڄن، افسوس! اڄ بابو ۽ چاچو نه آهن نه ته هي حشر ڏسي پنهنجو منهن مٿو پٽين هان. تو ڪيو ته خودڪشي ڪرڻ جهڙو آهي، پر ٻارڙن جا معصوم چهرا ٿا اڳيان اچن نه ته درياھ ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏيان.
    اوهان اڌ مغزي شاعرن ۽ اديبن جو ٻيو ڪهڙو ڪم آهي؟ رڳو ڪندا به خودڪشيون آهيو ٻيو ڇا ڪندا آهيو؟
    اسان ته ٿياسين چريا، پر جي ڪو سياڻو هجي ۽ تو جهڙي ان جي زال هجي ته هو به خودڪشي ڪندو.
    منهنجي توهين ڪرن جو توکي ڪو حق نه آهي .
    چڱو هاڻي بڪواس نه ڪر، چپ ڪري ويهڻ نٿو اچئي ته هو...در کليو پيو آهي، وڃي ڀاءُ جو گھر وساءِ ۽ اهي ڳالهيون وڃي ان کي ٻڌاءِ.
    هان.........هان !؟ تون مون کي گھر مان ٿو ڪڍين؟ مون کي؟ گهر مان ڪڍي تون خوش گذاريندين؟
    جيڪو ٿيو اهو توڏانهن نه ڀائيندس.
    چڱو مان وڃان ٿي، سنڀال پنهنجو گهر، ٻار ڄاڻ ۽ تون. باقي تون به آرام سان ڪين ويهندين. نجمه گھر مان نڪري وئي.
    هونءَ اصل پينگهي ۾ ٿو لڏان، مڙئي ڪربلا آهي، مون چيو ۽ کٽ تي آهلجي پيس سوچيم ته سڀاڻي ڇا ٿيندو ۽ ٻين سان به اهڙو حشر هوندو جن اميرن جي گهرن مان شادي ڪئي آهي، جهڙو مون مٿان آهي؟ يا اهي اڃا وڌيڪ سکيا هوندا؟ مان پنهنجو پاڻ کان سوال پڇڻ لڳس.

    فيبروري 1980 نصيرآباد


    ڪوجهيون ۽ ڪامريڊ

    ڪامريڊ ڪريم جي شادي تي هلبو؟ مون کي گھر واري چيو.
    اميران پاڻ هن شادي ۾ شريڪ ٿي نه سگهنداسين.مون جواب ۾ چيو
    پرڇو؟ تنهنجو پڳ مٽ يار آهي! تڏهن به نه؟
    ان ڪري جو آفيس جي سالياني آڊٽ ڪندڙ عملو ويهين تاريخ کان اچي رهيو آهي جيڪو ڏھ ڏينهن رهندو، مان واندو ئي ڪونه هوندس، جڏهن ڳوٺ هلياسين ته مبارڪ ڏينداسونس.
    جيئن تنهنجي مرضي.
    هوئنن به عيد تي ته ڳوٺ هلنداسين.
    ٺيڪ آهي.
    آفيس جي آڊٽ ختم ٿي چڪي هئي ۽ عيد ۾ به ڪي ست اٺ ڏينهن بچيا هئا، آفيس ۾ ڪم گھڻو به نه هيو، جنهن ڪري ڳوٺ وڃڻ جو ارادو ڪيم، آفيس کان گھر آيس.
    اميران جلدي تيار ٿي وٺ ته............ ڳوٺ ٿا هلون.
    ڪجھ ضروري خريداري ڪرڻ کانپوءِ شام واري گاڏيءَ ۾ ڳوٺ لاءِ روانا ٿياسين.
    صبح جو ساجهر ڳوٺ جي سرسبز ٻنين، کليل هوائن آڌرڀاءُ ڪيو، گھُٽيل ۽ ٻوساٽيل شهر جي زندگي کان هي زندگي ڪيڏي نه عظمت واري ۽ خوبصورت آهي. هتي ڪيڏو قرب ۽ محبت آهي، کليل ۽ صاف هوائون جيڪي اسان جي اندر ۾ هڪ نئون روح ڦوڪين ٿيون، گھر ۾ گھڙندي امڙ تي نظر پئي! اڇن وارن واري امان! جنهن جي اڇن وارن مان اڻ کٽ محبت، لاٽون ڪري ٻري رهي هئي، پنهنجي ڪمزور ٻانهن ۾ قابو ڪندي چمي ڏني،“ابا خوش آهين؟”
    ها امان، تنهنجي طبيعت ڪيئن آهي؟
    ٺيڪ آهي پٽ، امان اميران تون به خوش آهين؟
    امان... اميران به خوش آهي ۽ ها امان تون ڏاڏي به ٿيڻ واري آهين، مون اميران کي ڳالهائڻ جو موقعو ئي نه ڏنو. ڏٺم ته اميران شڪي ٿي رهي هئي.
    ابا الله جا لک لک شڪر، امان اميران هيڏانهن اچ ڀرسان ويھ.
    امان ادو ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي؟
    پٽ شهر ويو آهي، اڙي ابا خبر ٻڌي اٿئي؟
    امان ڪهڙي؟
    ڪريم زال کي طلاق ڏني آهي.
    امان طلاق! منهنجا حوصلا ئي خطا ٿي ويا.
    ها ابا، زال کي مار به ڏاڍي ڏيندو هيو.
    “طلاق” سو به ڪريم، ڪامريڊ ڪريم! مان سوچ ۾ پئجي ويس. اهو ڪريم جيڪو چوندو هيو،“ اسين مرد ڌاڙيل آهيون، اسان عورتن جي حقن تي ڌاڙا هنيا آهن، هن معاشري ۾ جت مرد آزاد آهي، اتي عورت کي به آزاد هئڻ کپي، مرد وانگر هن جا به جذبا آهن، اسين انهن جذبن کي ساڙي خاڪ بڻائي، هوا جي تيز لهرن ۾ اڏائي ڇڏيون ٿا. اهو ڪريم جنهن کي جڏهن ڪاليج جي سالياني جشن ۾ “ڪاليج جو قومي هيرو” لقب مليو هو ۽ يونٽ جو آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو هو ان وقت جڏهن ڪريم تقرير ڪئي هئي ته هر طرف تاڙيون ۽ نعرا هيا ۽ مون کي چڱي طرح ياد آهي ته ڪريم تقرير ڪندي چيو هو ته “سنڌ جون، ڪاريون، ڪمارڙيون ۽ ظاهري سونهن کان محروم عورتون اسان جو عزتون آهن، اسان کي انهن ڪارين، ڪوجهين تي ناز آهي ۽ ڪرڻ کپي، ڇو ته انهن کي ظاهري سندرتا ته ڪونهي پر انهن جي سونهن انهن جي اندر ۾ آهي، جن کي ڪو پنهنجو نه ڪندو اسان انهن کي سهارو ڏينداسون، اسان انهن جا ساٿي ٿيون، اچو ته اڄ عهد ڪريون ۽ هن سنڌو جي پاڪ پوتر ڌرتي جو قسم کائي وچن ڪريون ته ڪارين ۽ ڪوجهين جا سهارا بڻجنداسين.”
    مون کي چڱيءَ ريت اهو به ياد آهي ته جڏهن به ڪريم اخبار ۾ ڌيان طلب پڙهندو هيو ته ڪاوڙ وچان چوندو هيو ته،“ اسان مردن عورتن کي ٻار ڄڻڻ ۽ گهر جي ڪم ڪار ڪرڻ جي مشين سمجهيو آهي، عورت کي به حق آهن، ته مرد سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هر وک تي گڏ هلي، افسوس اهڙي قوم تي آهي جيڪا عورت جي آزادي کي پسند نه ٿي ڪري.” اهو ڪامريڊ ڪريم جنهن موسى کي ڏاڍو ڳالهايو هو، جنهن زال کي طلاق ڏني هئي، ٻين سان وڙهڻ وارو اڄ خود انهي عمل کي پاڻ ورجايون ويٺو آهي، ائين ڇو ٿيو؟ ڇا جي ڪري ٿيو؟ منهنجي ذهن ۾ ڪافي سوال جنم وٺي رهيا هئا.
    ابا ڪٿي ٿو وسين؟ امان خيالن جي دنيا کان ٻاهر آڻي ڇڏيو.
    امان، مان ڪريم وٽان ٿي اچان ٿو، امان جي سوال جو جواب ڏئي نه سگهيس.
    ڪريم جي گھر ۾ گھڙيس، خبر پئي ته ڪامريڊ پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو آهي، ڪمري ۾ داخل ٿيس ته ڪريم وڏي اڪير سان مليو. يار هيترا سارا ڏينهن گم ٿي وڃين ٿو، ڪجھ ڳوٺ جي به سار سنڀال لهندو ڪر، ته ڪير مئو ڪير بچيو. ڪريم“آزادي اعلان اسان جو” ڪتاب ميز تي رکندي چيو، جيڪو شايد هو مون کان اڳ پڙهي رهيو هيو.
    مئن کي زنده ڪرڻ ۽ جيئرن کي مارڻ جو حق تو کي آهي، مان صرف توکان اهيو پڇڻ آيو آهيان ته تو جلدي شادي به ڪئي ۽ ڀاڄائي کي طلاق............
    يار توکي انهن ڳالهين ۾ ڪنهن وڌو آهي، ڇڏ انهن بڪواس ڳالهين کي ڪي ٻيون خبرون چارون ڪر.
    اهي بڪواس ڳالهيون نه آهن ڪامريڊ ڪريم! تو ڀاڄائي کي طلاق ڏني ڇو ؟
    پاڻ واري ڀاڄائي تو ڏٺي هئي.
    نه. مون مختصر جواب ڏنو.
    تو پوءِ اهو سوال ئي نه پڇ.
    مان ان سوال جو جواب ئي وٺڻ آيو آهيان.
    يار انهن ڳالهين ۾ اجايو ٿو وقت وڃائين، ٻي ڀيري ٻڌائيندوسانءِ، تون پنهنجي خبر ڪر ته ڪم ڪيئن پيو هلي.
    نه ڪريم پهريون منهنجي سوال جو جواب پوءِ ٻي ڳالھ.
    ڀلا جيڪڏهن نه ٻڌايانءِ تو پوءِ؟
    تو پوءِ ائين سمجهندس ته تون منهنجو دوست نه پر هڪ واٽ ويندڙ مسافر آهين.
    تنهنجي ڀاڄائي ڪاري هئي؟
    ڪاري!!!!؟؟؟ ڪنهن سان؟
    اها ڪاري نه.... پر رنگ جي ڀوري نه هئي.
    شادي کان اڳ تو ڀاڄائي کي نه ڏٺو هيو؟
    نه ! امان جي پسند کي ترجيح ان ڪري ڏنم جو، امان تنهنجي ڀاڄائيءَ جي ساراھ ڪئي، تنهن تي اعتبار ڪيم، بيمار ابي جو اسرار هيو ته منهنجي مرڻ کان اڳ منهنجي شادي ٿئي، ۽ شادي مڱڻو سڀ هڪ هفتي ۾. ڏس نه جنهن عورت سان روح ئي نه ريجهي ،ان جي زندگي مان وڃائڻ جو ڪيئن سوچي سگهان ٿو.
    تو هڪ عورت جونه پر ان جي سموري خاندان جو، پنهنجي امان ۽ ابي جو، روشن خيال پنهنجي دوستن جو روح به رنجايو آهي، تو صرف پاڻ کي خوش ڪيو، پنهنجي روح کي خوش ڪيو، حيف هجئي..... مون محسوس ڪيو ته منهنجو مغز ڦاٽي رهيو هيو، ڌرتي ڦري رهي آهي تيز تيز.... صرف سنڌ ڌرتي جو ٽڪرو. ڪريم جا چيل جملا مون کي ڪريم جي ڪمري مان ٻڌڻ ۾ آيا ،“ ڪاريون، ڪمارڙيون ۽ ڪوجهيون عورتون اسان جون عزتون آهن” مونکي ڪامريڊ ڪريم جي قول ۽ فعل ۾ زمين آسمان جيترو فرق ڏسڻ ۾ آيو، جيڪي پري کان پاڻ ۾ ملندي ڏسي سگبا آهن پر اصل ۾ اهو اکين جو دوکو هوندو آهي. شايد ڪامريڊ ڪريم به پنهنجي قوم جي ماڻهن سان اهڙي طرح گنڍيل آهي، جهڙي طرح پري کان آسمان ۽ زمين!!!
    مون ڪامريڊ ڪريم کي غور سان ڏٺو، ڪامريڊ پنهنجيون اکيون ڪتاب “ آزادي اعلان اسانجو” کي ڏسڻ لاءِ جهڪائي ڇڏيون.

    3 اپريل 1982نصيرآباد


    ڌڪ ڌنارن جا

    زٽ.
    الا ڙي مري ويس.
    زٽ
    ياحُسي مري ويس بابا!
    زٽ
    ۽ انهي سچو پادر جي لڳڻ سان حڪيم بيهوش ٿي ويو.
    مڪر ٿو ڪريوَ ماءُ جو............... اڙي پاڻي هاريوس. صوبيدار پريان بيهي جماندارا کي تجويزون ڏئي رهيو هيو، ننڍي صوبيدار وٺي هٿڪڙين جي زنجير کي سٽ ڏني، حڪيم جي ٻانهن مان ٺڪاءُ نڪتو. ائين لڳو ڄڻ ٻانهون جسم کان پٽجي پيس، سپاهي سخت سياري جي موسم هئڻ جي باوجود هن جي جسم تي پاڻي هاريو، هو سڄاڳ ٿي پيو.
    اڙي ٻڌاءَ ڀيڻين کي............. ڀوتار منظور خان جي ڳئون ڪاڏي ڪيئي؟
    سائين قرآن جو قسم مون کي خبر ناهي. حڪيم جهيڻي آواز ۾ چيو.
    سچي ٻڌاءِ آءُ توکي ڇڏي ڏيندس، شاباس پٽ. صوبيدار نرمي وچان حڪيم کي چيو جيڪو اڃازمين تي ليٽيو پيو هيو.
    سائين مون چيو ته مون کي ڳئون جي خبر ڪونهي.
    ڳئون تو کپائي آ ته ٻڌاءِ، ڀوتار منظور خان کي پيسا مان ڀري ڏيندس، اجايو ڇو ٿو مار کائين. صوبيدار حڪيم چيو.
    سائين مون ڳئون چورائي هجي ته ٻڌايانوَ نه. حڪيم وري به جهيڻي آواز ۾ چيو.
    اڙي جماندار، هي ڏاڍو نٺر آهي سچي ڪرائينس. صوبيدار وڏي حڪم ڏيندي چيو.
    حاضر سائين. چئي جماندار سچو پادر ۾ هٿ وڌو.
    زٽ.....زٽ.......زٽ........زٽ........زٽ ۽ حڪيم خاموش رهيو، جماندار پادر هڻندو رهيو، هو بلڪل ماٺ هيو ۽ حڪيم پنهنجي ڳالھ تي بيٺو رهيو.
    جماندار هاڻي گھمايوس ته خبر پئي مادر چوت کي. صوبيدار حڪم ڪيو.
    حڪيم کي ڇوڙيو ويو، هٿن ۾ اڃا هٿڪڙيون لڳيون پيون هيس، سچو پادر جي ڌڪن هن جي جسم کي کائي رکيو هو، کل پٽجي چڪي هيس، هو گھمي نه ٿي سگهيو جنهن ڪري رکي رکي بيهي ٿي رهيو، سپاهي وري لڪڻ هڻي حڪيم کي هلڻ تي مجبور ڪري رهيو هو.
    هڻوس وڃي لاڪپ ۾. اڙي تون هيڏي آ، جوءِ جا........ صوبيدار اشارو ڪري فتح علي کي چيو، جيڪي حڪيم جي مار ڏسي ڏڪي رهيو هيو، صوبيدار جي ويجهو ايندي چيائين،“سائين ڳئون اسان ناهي چورائي.” ۽ فتح علي سان به ساڳي حالت ڪئي ويئي، پر فتح علي به ڳئون جو نه ڏس نه ڏنو، هُن جو به اهيو ئي جواب هيو ته“اسان کي ڪا خبر ڪانهي” هي به لاڪپ ۾ بند ٿيو.
    حڪيم ۽ فتح علي ڀوتار منظور خان جا ڌنار هيا، ڀوتار منظور خان جو سڄو ڏينهن گھر کان پري ٻنين ۾ مال چاريندا هيا. ڪالھ رات ڀوتار منظور خان جي وٿاڻ مان هڪڙي ڳئون غائب هئي، ڀوتار ڳئون جي باري ۾ سوچيو ته منهنجي ڳئون ڪير چورائي سگهي ٿو، جڏهن ته حد جا نامي گرامي چور ۽ “لوفر” منهنجا سلامي آهن. پوءِ هي ڳئون ڪنهن چوري ڪئي؟ گھڻي سوچ کان پوءِ ڀوتار منظور خان کي اها ڳالھ سمجھ ۾ آئي ته شهر ۾ ميلو لڳڻ وارو آهي ۽ اهيو ڪم ڌنارن ئي ڪيو هوندو ته جيئن ڳئون کپائي ميلو ڏسون. ڀوتار باھ ٿي ويو، ڇورن جي اها مجال! ۽ ڀوتار منظور خان ٻنهي ڌنارن جي وڏن کي گهرايو، جيڪي پڻ ڀوتار منظور خان جا هاري هئا.
    حڪيم ۽ فتح علي منهنجي ڳئون چورائي آهي، توهان کي خبر آهي؟
    هو ٻئي هڪ ٻئي جي منهن ۾ ڏسڻ لڳا.
    هڪ ٻئي ڏي ڇا ٿا ڏسو، مون کي جواب ڏيو.
    “نه سائين” فتح علي ۽ حڪيم جي پيءُ ڪنڌ ڌوڻي نهڪر جو اظهار ڪيو.
    مون کي ڳئون کپي. ڀوتار منظور خان جي ڪاوڙ وڌي چڪي هئي.
    سائين منهنجو پٽ چوري ناهي ڪندو. حڪيم جي پيءُ پٽ جي باري ۾ شاهدي ڏيندي چيو، “سائين آءُ ساک کڻڻ لاءِ تيار آهيان”
    سائين فتح علي اوهان جو ننڍي لاڪون نوڪر آهي، هن اوهان جي ڪڏهن ليڙ به نه کنئي آهي. فتح علي جي پيءُ به پٽ جي ڳالھ ڪئي.
    تو پوءِ ڳئون مون لڪائي آهي ڇا؟ اوهان جي ڇورن کانسواءِ ٻيو اهڙي حرڪت نٿو ڪري سگهي. ڳئون پيدا ڪريو، نه ته اوهان جي ڇورن کي جيل جي هوا کائڻي پوندي. ڀوتار منظور خان جي ڪاوڙ انتها تي پهچي چڪي هئي، وڃو وڃي ڇورن کي سمجهايو ته ڳئون جتي لڪائي اٿوَ يا کپائي اٿوَ موٽائي ڏيو نه ته پوليس حوالي ٿيندؤ.
    هو ٻئي خاموش ڀوتار منظور خان جي اوطاق مان نڪري ويا.
    سج جبلن جي اوٽ ۾ لڪي رهيو هو، ڌرتي تي روشني آهستي آهستي گھٽ ٿي رهي هئي، ڳوٺ جي ڪکائن جهوپڙن مان نڪرندڙدونهي وارو منظر دل جي تارن کي ڇُهي رهيو هو، عورتون رات جي ماني پچائڻ جا سانباها ٿي ڪيا. سر سبز ٻنين ۾ آهستي آهستي ڪوهيڙو لهي رهيو هو، ڪن جي ڪلهن تي ڪوڏر هئي ۽ ڪي گاھ جي ڀري مٿي کنيو گھرن ڏانهن پئي آيا، ڪي وري گڏھ گاڏن تي چڙهيا شاھ جا بيت جهونگاري رهيا هئا، هاري جيڪي سڄو ڏينهن محنت ڪري گھڙي کن آرام لاءِ پنهنجي ڪکائن جھڳين ۾ ان اميد سان موٽي رهيا هئا ته ايندڙ صبح وارو سج اسان جي لاءِ کوڙ خوشيون کڻي ايندو. هو ڏسڻ ۾ مڙس ماڻهو هيا پر هنن جو اندر کاڌل هيو ڀوتار منظور خان جي ظلم ڪري.
    حڪيم ۽ فتح علي به مال وٿاڻ تي ٻڌي ۽ سڌو گھر آيا. هنن کان پنهنجي گھرن ۾ ڳئون لاءِ پڇيو ويو پر هنن جو جواب هيو ته،“اسان ڳئون چورائي ناهي باقي ڀوتار ٿاڻي تي مارائي ته ڀلي مارائي.”
    ڀوتار ٻنهي جو جواب ٻڌي لال ٿي ويو، فون ڪڍي حد جي ٿاڻي جي صوبيدار سان ڳالهايو.
    حڪيم ۽ فتح علي مال ڇوڙي ٻنين ڏانهن پئي ويا، پري کان هنن کي پوليس موبائيل ڏسڻ ۾ آئي، هي سمجهي ويا ته اڄ هنن جو خير ناهي. موبائل ۾ اندر ويٺل هڪ شخص جي اشاري ته ٻه سپاهي لٿا، هنن ٻنهي کي قابو ڪيو ويو، پوليس وين ڀوتار منظور خان جي اوطاق جي اڱڻ ۾ اچي بيٺي. حڪيم ۽ فتح عليءَ جي دل زور زور سان ڌڙڪي رهي هئي، هو سوچي رهيا هئا ته اڄ اسان کي مار ملندي.
    ڀوتار آءُ جوابدارن کي وٺي هلان ٿو، ننڍي صوبيدار ڀوتار منظور خان کي فاتحانا انداز ۾ چيو.
    نه...نه ائين نه ٿيندو، نيرن پاڻي ڪرڻ کان پوءِ اجازت آهي. ڀوتار منظور خان مهمان نوازي جو ثبوت ڏيندي چيو.
    ڀوتار منظور خان پنهنجي وڏيرپ ڏيکاريندي ٻنهي کي ٺاهوڪي مار ڪڍي، پوليس جا عملدار خاموشي سان اها قانون جي ڀڃڪڙي ڏسي رهيا هئا، ۽ وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي رهيا هئا.
    سج کوڙ مٿي چڙهي آيو هو، ڀڳل ڪڪڙن جي خوشبوءِ اوطاق ۾ ڦهليل هئي، ڀوتار ۽ ننڍو صوبيدار اوطاق جي ڪمري ۾ هيا ۽ سپاهي ٻاهر ڪڪڙ جي ڀاڄي تي کُپي پيا هئا، هڪ سپاهي حڪيم کان پڇيو.
    ماني کائيندؤ.
    هنن ڪنڌ سان ها ڪئي.
    منهنجو آڱوٺو نٿا کائو. سپاهي وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو.
    سپاهي جي جواب تي هو پڄرجي ويا، اندر ڪارو ٿي وين، ٻنهي سپاهين کي غور سان ۽ ڪاوڙ وچان ڏٺو، هنن کي جيڪڏهن ٻيو ڪو اهڙي گار ڏي ها ته اهو رت ۾ ڳاڙهو هجي ها. پر هنن سپاهين کي گار ڏيڻ سٺي نه سمجهي ڇو ته هنن کي خبر هئي ته پوءِ هو بکئي شينهن وانگر حملو ڪرڻ لاءِ ا ٿي پوندا.
    هڪڙي سپاهي ڪڪڙ جي ٽنگ وات مان ڪڍندي چيو،“هنن ڄٽن جي پٽن جو مٿو خراب ٿيو آهي جو ڀوتار منظور خان جي ڳئون چورائي اٿن.”
    چريا آهن هنن کي ڀوتار منظور خان جي حشمت، دليري جي شايد خبر نه آهي، ٻي سپاهي ماني جو ٽڪر ڀڃندي چيو،“ڀوتار منظور خان جهڙو ماڻهو سائين تر ۾ شايد ڪو ٻيو پيدا ٿئي! واھ سائين واھ، ڀوتار منظور خان، جهڙا پٽ مائرون وري ڄڻي نه سگهنديون.”
    ڀوتار ماءُ جو.........حڪيم آهستي گار ڏني.
    اڙي بس ڪر ٻڌي نه وٺن، فتح علي حڪيم کي ٺونٺ هڻندي چيو.
    جيل ۾ هونءَ ڀي (به) وجهندا، ماريندا، ٻيو ڪهڙا آڱوٺو پٽيندا حڪيم ڪاوڙ وچان فتح علي کي چيو.
    حڪيم ڳالھ ٻڌ. فتح علي آهستي چيس.
    ڪهڙي!؟ حڪيم اچرج ۾ پئجي ويو.
    اچ ته ڀڄي هلون. آهستي فتح علي چيو.
    حڪيم سمجهي نه سگهيو. اڙي ڇا ٿو چوين.
    چوان ٿو هل ته ڀڃي هلون.
    صفا ڊڄڻو آهين، مڙس ٿي منهن ڏبو، ڀاڙيو ٿورئي ٿبو.
    ڀوتار ۽ ننڍو صوبيدار ڪمري کان ٻاهر نڪري آيا.
    ڀوتار اوهان ڪو به فڪر نه ڪريو، ڳئون توهان کي جلدي ملندي، هنن وات ڳاڙهن ڇورن ڳئون جتي به لڪائي هوندي اسين ڳولهي لهنداسين، صوبيدار کيسي ۾ ڳاڙها ڳاڙها نوٽ وجهندي چيو.
    وڏي صاحب کي سلام چئجان ۽ مٺائي ڏجانس آءُ سڀاڻي صبح جو ايندس، ڀوتار منظور خان چيس.
    ڀوتار توهان هر طرح جي خاطري ڪريو.“ننڍي صوبيدار دلجاءِ ڏيندي ڀوتار منظور خان کي چيو،“چڱو ڀوتار هاڻي هلون ٿا”
    حڪيم ۽ فتح علي اٿي بيٺا، سپاهي هٿڪڙين جي زنجير کان وٺي هنن کي گار ڏيندي چيو“هلو”
    گاريون ڇو ٿو ڏين، اسان هلون ٿا. حڪيم آخر سپاهي کي چئي ڏنو ۽ موٽ ۾ کيس سپاهي جون ٿڦون جهلڻيون پيس.
    هن وقت ٻئي وڏي صوبيدار اڳيان ها، ڀوتار منظور خان جي ڳئون ڪٿي آهي؟
    وڏي صوبيدار هنن کان پڇيو پر هي ٻئي خاموش هيا، صوبيدار وري به ساڳيو سوال ورجايو پر وري به هو ماٺ رهيا.
    اڙي توهان کي زبان ڪانهي ڇا؟ صوبيدار ڪاوڙ وچان اٿيو.
    سائين.....سائين....اسان.....ڳئون......ڪونه چورائي آهي. حڪيم ڳيتون ڏيندي چيس.
    پوءِ ڳئون ڪاڏي وئي؟ صوبيدار حڪيم کي لڪڻ هڻندي چيو.
    الائي.....سائين ڪاڏي وئي. حڪيم اهو هنڌ مهٽڻ لڳو جتي کيس لڪڻ لڳل هيو.
    اڙي توکي زبان ڪانهي ڇا؟ صوبيدار فتح علي کي چيو جيڪو ماٺ ڪيون بيٺو هيو.
    سائين مون کي آهي، فتح علي زبان وات کان ٻاهر ڪڍي. صوبيدار اهڙي حرڪت ڏسي جوش ۾ اچي ويو، ٻه چار ڏنڊيون فتح علي کي وهائيندي چيو،“ ماءُ جا....... چرچا ٿو ڪرين هي پڻهين جو گھر آهي ڇا؟ ۽ هڪ ڀونڊو ڏيندي چيس“اڙي ڳئون ڪٿي آهي”
    سائين اسان کي خبر ڪانهي. هنن مختصر جواب ڏنو.
    سائين هي ائين نه ڏسيندا هنن جي کل ڳاڙهي ٿيندي تڏهن خوش ٿيندا. ننڍي صوبيدار وڏي کي چيو.
    پوءِ ٺيڪ آهي، ڪٽيو هنن جي چتڙن کي. صوبيدار وڏي حڪم ڏنو.
    پوءِ هي اگهاڙا هيا ، حڪيم ۽ فتح علي مار کائيندا رهيا، ٿاڻي جي ٻاهران شهر جا ماڻهو مڙي آيا.هوندا چور ٻيا، مارن مسڪينن کي، ڌاڙيلن ۽ چورن جا پاڻ يار، ڏوھ بي گناهن تي، ڌاڙن ۽ چورين جو مال کائن پاڻ پوءِ ڍوءُ نه جهلي سگهن ته هڻن غريبن تي، ظلم آهي، ٻيو ڇاهي، ميڙ مان ڪنهن ڪيئن به پئي چيو ۽ ڪنهن ڪيئن، ڪي ته وري حڪيم ۽ فتح عليءَ تي اهڙا ڇوھ ڇنڊي رهيا هيا ڄڻ اڳ ۾ ئي هنن تي ڪاوڙ هجين،“پراوا گھر خالي ڪندا ته اهڙو حشر نه ٿيندن ته ڪو ٻيو کٽ تي ماني کارائيندن. سائين پوليس نه هجي ته ماڻهو ماڻهوءَ کي کائي ماري.” ڪي ماٺ ۾ مار ڏسي رهيا هئا ۽ ڪي هنن تي کلي رهيا هيا.
    ميڙ وڌندي ڏسي سپاهي گار ڏيندي لٺ سڌي ڪري، ٻن ٽن کي وهائي ڪڍي، ماڻهو ڀڄڻ لڳا، ڪي هڪ ٻئي مٿان ڪريا، ڪن جا پادر پيرن مان نڪري ويا، سپاهي جي واپس ورڻ تي وري ماڻهن جا حُشام گڏ ٿي ويا، سپاهي وري ٺاهوڪي ۽ وزنائتي گار ڏيندي ماڻهن جي ميڙ ڏانهن ڀڳو، ماڻهو وري ڀڄڻ لڳا، ڪنهنجو ٽوپ مٿي مان ڪِري پيو، ڪنهن جي قميص ڦاٽي پئي ۽ وري سپاهي جي موٽڻ تي ساڳيو ميڙ. اهڙي طرح سپاهي گاريون ڏيندو رهيو ۽ ماڻهو ڀڄي وري ٿي موٽيا.
    حڪيم ۽ فتح علي جو رڙيون آسمان ڏاري رهيون هيو،“سائين قرآن کڻايو اسان کي خبر ڪانهي، سائين هن مسيت جو قسم آ” جيڪا ٿاڻي اندر ٺهيل هئي.“سائين اسان کي بي گناھ ڇو ٿا ماريو، اسان کي گولي هڻي ماري ڇڏيو پر هيئن اگهاڙو ڪري نه ماريو” هنن جي التجائن جو صوبيدار تي ڪوبه اثر نه ٿيو، ڇو ته هنن جو التجائون ڀوتار منظور خان جي ڳاڙهن ڳاڙهن نوٽن ۾ دٻجي ويون هيون، صوبيدار جو اهيو ئي سوال هيو ته“ ڳئون ڪٿي آهي؟” هنن جو به ساڳيو جواب هيو،“سائين اسان کي خبر ناهي.” هي بي ساها ٿي پيا هيا، هنن جو سنڌُ سنڌُ سور ڪري رهيو هيو، هنن جي اندر مان آهون ٿي نڪتيون.”
    هنن کي هيئنر لاڪپ ڪيو، باقي رات خبر وٺنداسون، جڏهن ٻي ڌمال ڪڍيسونِ ته پاڻهي سچي ڪندا، صوبيدار ٿڪجي پيو هيو.
    هنن جو سور اڃا لٿو ئي ڪونه، هنن جا ڦٽ اڃا ڇٽا ئي ڪونه، هي هلڻ جهڙا اڃا ٿيائي ڪونه، هنن جي بدن جي سوڄ لٿي ئي نه، ته مٿان وري رات هنن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ لڳي، هو ڏڪي رهيا هيا، هنن کان آواز نه ٿي نڪتو، اهڙي حالت هوندي وري به هنن جون ڄنگهون ڪِلنِ ۾ ٻڌيون ويو، بدن تي پاڻي هاريو ويو ۽ سچو پادر هنن جي جسم تي وسندو رهيو، پر هنن جي“نه” هئي، پوليس ڪافي رات تائين ٻنهي کي ماريندي رهي ، پر هاڻي هوخاموش هيا، مار سهندا رهيا، پوليس ٿڪجي پئي ۽ هي وري لاڪپ ۾ بند ٿي ويا. سياري جي وڌندڙ ٿڌ هنن جي سور ۾ اضافو ڪري رهي هئي، هو ڪنجهي رهيا هئا، سڄي رات هنن سورن کان اک نه ٻوٽي، سڄي ڏينهن جي بک هنن کان ڪجھ وقت وسري چڪي هئي.
    صبح جو ڀوتار منظور خان وڏي صوبيدار وٽ ويٺو هيو.
    وڏا ڪريو خبرون ڇورن ڳئون جو ڪجھ ڏسيو. ڀوتار منظور خان ڳالھ شروع ڪئي.
    نه ڀوتار اصل ٻڙڪ ئي نه ٿا ڪڇن، مار جا پڪا، اسان ته ماري ماري اصل سڃاڻپ کان ئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي، پر سچي اصل نه ٿا ڪن. صوبيدار مجبوري وچان جواب ڏنو.
    چڱو ٿيو پر.......... ڀوتار منجهي پيو.
    ڇو ڀوتار چپ ٿي وئين، حڪم ڪريو. صوبيدار دوستي جو ثبوت ڏنو.
    وڏا ڳئون جو پتو پئجي ويو آهي. ڀوتار منظور خان شرمساري وچان چيو.
    اهو ڪيئن ڀوتار. صوبيدار پڻ حيرت وچان پڇيو.
    مون وارو يار آهي نه رجب ، رات آيو ۽ ڳالھ ڪيائين ته ڀوتار مون اوهان جي ڳئون کپائي آهي، ڏوڪڙ ڪم ۾ هيا ان ڪري.
    هون! صوبيدار خاموش رهيو.
    وڏا هاڻي پڳ مٽ يار آهي، مان ڪيئن ٿو ڳئون کان جهليانس، پر هاڻي ڇورن جو ڇا ٿيندو.
    ڀوتار مون ته انهن مٿان ايف آءِ آر ڪري ٻٽي،ٻيا به قلم هڻي ، توهان جي اچڻ کان اڌ ڪلاڪ اڳ ۾ڪورٽ موڪليو آهي. صوبيدار سوچ ۾ پئجي ويو.
    صاحب! هاڻي هڪ خبر توکي، ٻي خبر مون کي ۽ ٽين رجب کي، باقي ڪيس هلي ته پوئيواري ڪنداسين.ڳالھ اها ٻاهر نه نڪري. ڀوتار منظور خان ڪجھ ڏوڪڙ صوبيدار ڏانهن وڌائيندي چيو.
    ڀوتار توهان ڪو به فڪر نه ڪريو. صوبيدار ڏوڪڙ وٺندي چيو.
    چڱو وڏا مان هلان ٿو. ڀوتار منظور خان ڪرسي تان اٿندي چيو،“هڪڙي ڳوٺ ۾ ڪتي جو ڏس مليو آهي، چون ٿا ڪُتو بڻيادو آهي، سو ڪاهڻ وڃان ٿو”
    ٻيو ڪم ڪار هجي ته ڀوتار حاضر ڪريو. صوبيدار موڪلائيندي ڀوتار منظور خان کي چيو.
    ڪم گھڻا آهن، اوهان جهڙا يار هجن ۽ ڪم نه ٿين، چڱو مان هلان ٿو.
    هوڏانهن صبح جو ساجهر فتح علي ۽ حڪيم جا والد پنهنجي ٻچڙن جي سار سنڀال لهڻ لاءِ ڳوٺ کان پنڌ روانا ٿيا. ٻنهي جي ڪلهن تي رکيل بوڇڻ ۾ ڪجھ ٻڌيل هيو، ٿڌ سبب ڪٿي ڪٿي بيهي هنن ٻنين مان پلال کڻي ٻاري هٿ پير پئي سيڪيا. سج ڪافي مٿي چڙهي چڪو هو، هي ٻئي شهر ۾ هيا، ٿاڻي جي در اڳيان بيهي رهيا هئا، هنن کي خوف هيو ته سپاهي گاريون نه ڏئي. هنن کي ايتري همت نه پئي ٿئي جو اندر وڃن گھڙي کن کانپوءِ سپاهي در وٽان لنگهيو، فتح علي جي پيءُ سپاهي کان پڇيو،“سائين ڪلھ جيڪي ٻه ڇوڪرا ڀوتار منظور خان جي ڳوٺ مان جهلجي آيا آهن، انهن سان اسان ملنداسين.” هنن کي جواب ميلو ته هو ٻئي صبح جو چالان ڪري جيل موڪليا ويا آهن، هو گھڙيءَ کن لاءِ مايوس ٿي ويا. هنن ٻنهي وڏي جيل وڃڻ جو ارادو ڪيو، اڌ ڪلاڪ جي پنڌ کانپوءِ هي ٻئي جيل اڳيان هيا، ڪافي دير کان پوءِ هنن جي ملاقات منظور ٿي هئي ۽ هنن پنهنجي هڙ ۾ جيڪي ڏوڪڙ هين اهي هڪ سپاهي حوالي ڪيا هئا، ڪل ٻه سؤ روپيا. هي ٻئي حڪيم ۽ فتح علي کي ڏسي گھٻرائجي ويا، هي ته سڄي چڪا هيا، مار ڪري هنن جو هنڌ هنڌ ڪارو هيو موچڙن ۽ لٺين لڳڻ ڪري، گھڙي کن ته هو بي ساها بڻجي هڪ ٻئي کي ۽ فتح علي ۽ حڪيم کي ڏسي رهيا هئا.“ابا هي توهان کي ڇا ٿي ويو آهي”
    ابا اسان کي ڪالھ کان وٺي ڏينهن رات ماريو اٿن، حڪيم ۽ فتح علي ءَ جي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا، هو ٿڌا شوڪارا ڀري رهيا هئا، ڀلا ٿڌن شوڪارن کانسواءِ هو ڪري به ڇا ٿي سگهيا! سپاهي جي رهڙ ڪري جنهن چيو ته ملاقات جو وقت ختم ٿي چڪو آهي. هنن پنهنجي پنهنجي هڙ کولي ۽ ماني پٽن ڏانهن وڌائي،“ابا الله وڏو آهي، دل نه لاهيو پاڻهي رحم ڪندو اوهان به سِيرَ مان پار وڃي پوندؤ” هو ائين چئي جيل جي دروازي کان هٽيا، هنن ۾ همت نه هئي ته هو ڪنڌ ورائي پٽن کي ڏسن جيڪي اڃا بيٺا هيا، هنن جي دل اڄ وڌيڪ زخم کائي رهي هئي، هنن هڪ ڀيرو تيز نظر آسمان طرف وڌي ڄڻ الله سان شڪايت ڪندا هجن ته“اسان جا مسڪين ۽ اٻوجھ پٽ بيگناھ لوڙي رهيا آهن ۽ تون اڃا خاموش آهين شايد.......شايد تون به........ نه نه پر الله جي ديڳ دير سان تپندي آهي، الله وٽ دير آهي انڌير ناهي هو پاڻهي فيصلو ڪندو”، هو پنهنجي دل کي آٿت ڏئي رهيا هيا.
    ڪورٽ ۾ ڪيس هلندو رهيو ۽ ڀوتار هر حاضري تي هنن تي الزام مڙهي رهيو هو. ڪورٽ هنن کي هڪ هڪ سال قيد جي سزا ڏني. فتح علي ۽ حڪيم جيل اندر پنهنجي سزا ڪاٽي رهيا هئا.
    جيل اندر ٻنهي هر ظلم سٺو، اهو ظلم جيڪو اسان جي ڏيھ جي جيلن ۾ هميشه کان ٿيندو آيو آهي، جيل جماندار جا موچڙا، حرامي قيدين جون بيگرون، ٻِين کولين جو پاڻي ڀرڻ، هنن جو معمول بڻجي ويو، هنن جي اندر ۾ انتقام جي باھ ڀڙڪا کائي رهي هئي، ٻنهي جي اکين ۾ ڀوتار منظور خان کان انتقام وٺڻ جي باھ هئي.
    جيل جو دروازو کليو، حڪيم ۽ فتح علي اکين ۾ پلاند جي باھ کڻي ٻاهر نڪتا، هنن جي دماغ تي جيل سپريڊنٽ جي نصيحت ڪوبه اثر ڪونه ڪيو هو، جنهن آزادي وقت چيو هين،“جرم گندي شيءِ آهي۽ جيل جون سختيون به. بهتر آهي ته اوهان ٻاهر وڃي سٺي زندگي گهاريو” پر هو ته ٻئي فيصلو ڪري نڪتا هئا.
    ڳوٺ آخري بس ۾ هلنداسي. حڪيم فتح علي کي چيو.
    ٺيڪ آهي. فتح علي ورندي ڏنس.
    سج لهي چڪو هيو، ڳوٺ جي موڙ تي حڪيم ۽ فتح علي لٿا، هنن جي هٿن ۾ هڪ دٻو هيو.
    هيئنر ته سڀ جاڳندا هوندا. حڪيم چوڻ شروع ڪيو.
    ڪنهن ٻني ۾ پلال جي اوٽ ۾ لڪنداسين. حڪيم فتح علي کي چيو. پر حڪيم حويلي اندر ڪيئن هلبو؟!
    تون ماٺ ڪر اندر وٺي هلڻ منهنجو ڪم آهي، تون رهيو حويلي ۾ گھڻو آهين پر ڪا ساڃھ ئي توکي ڪونهي.
    پر حويلي تي ته پهرو هوندو آهي.
    ان جي پرواھ نه ڪر، حويلي جي پويان، نم جي وڻ وٽان، اتان ئي چڙهبو. حڪيم چيس.
    پر ڀوتار نه هجي ته پوءِ. فتح علي وري حڪيم کان پڇيو.
    اهيو بيغيرت اتي ئي هوندو. جي نه هوندو ته ڪو ٻيو ڏينهن تاڙينداسين. حڪيم جواب ڏنس.
    پر پاڻ وٽ ڪو هٿيار ئي ڪونهي! فتح علي مايوس ٿيندي پڇيو.
    ڀلا هي چاقو ڇا لاءِ ورتو اٿئون. حڪيم چاقو جي يادگيري ڏيندي چيس.
    هنن وٽ ته بندوقون آهن. فتح علي وڌيڪ مايوس ٿي ويو.
    فتح علي تون سست ڇو ٿيو آهين. سڀ ڪم ٺيڪ ٿي ويندو. هلون ٿا، مئاسين يا ماريوسين ضرور ٻنهي مان هڪ ڳالھ ٿيندي. باقي جي تون ڀاڙي ٿيو آهين ته ڀلي وڃ، مان ڀوتار منظور خان کي ڪونه ڇڏيندس. حڪيم پڪو عزم ڏيکاريندي فتح علي کي چيو.
    اڙي يار توکي ڇڏي ويندس، ائين هرگز نه ٿيندو، مربو به گڏ ته جيئبو به گڏ. فتح علي ءَ دوستي جو ثبوت ڏيندي چيو.
    رات ڪافي لڙي چڪي هئي، ڪڪڙن دس پئي هنيا، ڀوتار منظور خان جي حويلي تي پهرو ڏيندڙ به اوٻاسيون ڏئي رهيا هئا، ۽ ٻه پاڇا وڻ جي اوٽ وٺي حويلي ۾ داخل ٿيا.
    حڪيم هيڏانهن.... فتح علي آهستي چوندي هٿ جو اشارو ڪيو،“ڀوتار هيڏي سمهندو آهي ۽ هُن در مان گهڙنداسين، فتح علي در جي وٿي مان ڏٺو،“ڀوتار سوئر ٿو لڳي”، هن دل ۾ چيو.
    در کليل آهي. حڪيم پڇيس.
    ها، ها در کليل آهي.فتح علي ءَ در کوليندي چيو ۽ هي ٻئي اندر داخل ٿيا.
    تون زور سان ڀوتار منظور خان جي وات تي لٽو رکجان باقي ڪم مان پاڻهي ڪندس.حڪيم، فتح علي کي چيو، ڀوتار منظور خان جي منهن تي ڪپڙو پئجي ويو، ڀوتار منظور خان رڙ ۽ اٿڻ جي ڪئي پر هو اٿي نه سگهيو ۽ نه رڙ ٿي نڪتس. چاقو تيزي سان ڀوتار منظور خان جي جسم ۾ گھڙندو رهيو، ڀوتار منظور خان گھڻو زور لاٿو پر سڀ طاقت بي سود هئي، ڀلا ڪٿي ٻن نوجوانن جي طاقت ۽ ڪٿي اڌ وهي واري ڀوتار منظور خان جي طاقت، رت تيز تيز بستري تي وهندو رهيو. حڪيم چاقو کي چمي ڏني، دٻي جو منهن کليو، پيٽرول ڀوتار منظور خان مٿان هاريو ويو، ماچيس جي تيلي پنهنجو ڪم ڏيکاريو، باھ جي روشني چوڪيدارن جي ننڊاکيڙن اکين کي جاڳائي وڌو، بندوقون سڌيون ٿيون، هڪ ٺڪاءُ ٿيو، ۽ فتح علي ڊڪندي ڊڪندي حويلي اندر ڪري پيو، فضا ۾ ٻيو به آواز گونجيو ۽ حڪيم ڀت ٽپندي حويلي کان ٻاهر ڪريو.
    ڀوتار منظور خان جي مٿان پاڻي هاريو ويو، پر باھ پنهنجا ڪم ڏيکاري چڪي هئي، ڀوتار سڙي چڪو هيو، ڏسڻ سان ڊپ پئي ورتو، ڳوٺ جا ماڻهو ٺڪائن تي اٿيا، هر هڪ جي زبان تي هي سوال هيو ته“حويلي ۾ ڇا جا ٺڪاءَ؟ ۽ جڏهن هنن ڏٺو ته حڪيم ۽ فتح علي هڪ ظلم کي ختم ڪري ڳوٺاڻن جي جان ڇڏائي آهي، هنن پنهنجي جان ڏئي ڳوٺ وارن کي نئين زندگي بخشي آهي، ۽ حڪيم ۽ فتح علي جي والدين جي اکين ۾ خاموشي جا ڳوڙها هيا.

    24 اپريل 1983 نوابشاھ


    سياسي ملاکڙو

    سياسي ملاکڙي جو ميدان سياسي تماشائين سان کَچاکَچ ڀريو پيو آهي، هر طرف کان مختلف آواز گونجي رهيا آهن، هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي سياسي پهلوان جي زور آزمائي جا ڳڻ ڳائي رهيو آهي، ٻي طرف سياسي دُهلاري مختلف گانن جون ڌنون وڃائي تماشائين جي دلين ۾ جوش پيدا ڪري رهيا آهن سياسي نعري باز پنهنجي پنهنجي سياسي پهلوان جي ڪارڪردگيءَ جا عجيب و غريب، بلڪه بنھ ليڙون لٽا ٿيل، “اڇي پڳ ۾ پس اندر مڙئي اڳڙيون” وارا نعرا هڻي ميدان ۾ ولولو پيدا ڪرڻ لاءِ نچي ۽ ڪُڏي رهيا آهن، ڪي ته بنھ پنهنجي جسم کي اهڙا لوڏا ڏئي رهيا آهن، جو ڏسڻ وارن جا وات ڪِٽلي ۽ واڇون گودو هڻي ويون آهن. سياسي کوجنا ڪندڙ يعنيٰ سياسي گلا ڪندڙ چون ٿا ته “جسم کي لوڏڻ وارا ماڻهو خاص مشن لاءِ خاص قيمت تي خاص ڪم لاءِ ۽ خاص چونڪن لاءِ گھرايا ويا آهن ۽ في لوڏي جو کين ڏھ روپيا اجورو ملي رهيو آهي”. ڪنهن ڪنهن وقت سياسي ٻولڙيا طوطا هڪ ٻئي جا ڄُنڊا پڻ پٽي رهيا آهن ،جنهنڪري ڪيترائي سياسي ٻولڙيا گنجا ٿي ويا آهن، ڪن ته مورڳو گنجي ٿيڻ يا ڄنڊن پٽجڻ جي ڀوَ کان اڳ ئي پاڪي سان ٽڪڻ ڪرائي مٿي تي هڪ ربن پٽي ٻڌي، پنهنجي جڳاڙي ميڄالي کي محفوظ بڻائي ڇڏيو آهي. سياسي گلاخورن جو هڪ ٻيو ٽولو چوي ٿو ته “سياسي پهلوان مٿي کي پاڪي هڻائي ٽڪڻ سان گھمڻ جو رواج وجهي، وڳ ٺاهيندڙ ڪمپني کي ڏيوالي جو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي.” جڏهن ته وڳ ٺاهڻ وارن جو چوڻ آهي ته “انهيءَ فيشن اسان جي روزگار کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن، ڇو ته سياسي ملاکڙي جي ختم ٿيڻ کانپوءِ سياسي ٽڪڻ باز ڪانوَن جي ٺونگن کان بچڻ لاءِ وڳ استعمال ڪندا رهيا آهن”.
    اوچتو لائوڊ اسپيڪر جو وات کليو، ڪمپيئر پنهنجي بي سري آواز سان سياسي تماشائين کي ست سُريون ٻڌائي اهيو اعلان ڪيو ته“خواتين و حضرات ٿورو خاموش رهو، هڪ ٻئي جا ڄنڊا پَٽڻ بند ڪريو، هيئنر سياسي ميدان ۾ پهرين جوڙ جا، سياسي پهلوان لهي چڪا آهن، منهنجي ساڄي پاسي کان پرواني پيرل پياسي(پ پ پ) جو شاگرد ڄرڪو ڄاڙي باز مقابلي لاءِ ناسون ڦوڪيون بيٺو آهي، جنهن جون مُڇون ٻلي جي پڇ وانگيان ذيل ٿي چڪيون آهن، اها الڳ ڳالھ آهي ته هو ٻلو آهي يا ٻلي جي نسل مان، انهيءَ مسئلي تي روشني وجهڻ لاءِ مشهور تاريخ نويس اَڪن انڌي کي ڪنهن به وقت بي وقتائتو گھرائي اوهان جي اڳيان آڻبو...... ته خواتين و حضرات ڄرڪو ڄاڙي باز مقابلي لاءِ تيار آهي، سندس اصل نالو ته سياسي تماشائين کان وسري چڪو آهي، ڇو ته هو ملاکڙو کٽڻ کانپوءِ پاڻ پڏائڻ ۽ پنهنجي ثنا ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي ڄاڙي هڻندو آهي ان ڪري سياسي گلا خور کيس “ڄرڪو ڄاڙي باز” چوندا اٿس ۽ هو خود انهي نالي ۾ پنهنجو شان سمجهندو آهي، ڄرڪو ڄاڙي باز ڪيترا ڀيرا سياسي ميدان جو ملاکڙو کٽي چڪو آهي. اڄ کان 23 سال اڳ جڏهن هو پهريون ڀيرو هن سياسي ميدان ۾ لٿو هو، تڏهن سندس وزن 40 ڪلو ۽ پيٽ جي ماپ 30 انچ هئي، پر اڄ ڄرڪي ڄاڙي باز جو وزن پوڻا ٻه سؤ ڪلو ۽ پيٽ 30 انچن مان وڌي سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ جي اڱڻ ۾ پيل اَنَ جي گُندي برابر ٿي چڪو آهي. چوڏهن سياسي درزي گڏجي به سندس ماپ وٺي نه سگهيا، ان ڪري ڄرڪي ڄاڙِي باز جي پيٽ کي ناقابل ماپ قرار ڏنو ويو آهي.
    منهنجي کاٻي پاسي مجروح لاهوتي نسواري گروپ (م ل ن گروپ) جو پهلوان “ربُو رنگروٽ” ائين وات پٽيو بيٺو آهي ڄڻ هر شيءِ کائڻ ۽ هضم ڪرڻ لاءِ حڪم جي دير اٿس، هُن جو وات ڏسي مون کي پٺاڻ جي ڪوٽ جو کيسو ياد اچي ٿو جيڪو سدائين ڦاٽل هوندو هيو. پهرين جوڙ جي ملھ ۾ هي نئون آهي ۽ مجروح لاهوتي نسواري گروپ کيس سهارو ڏئي ميدان ۾ لاٿو آهي. هن جو وزن هن وقت 70 ڪلو ۽ پيٽ جي ماپ 40 انچ اٿس، سياسي چير ڦار ڪندڙ سياسي حڪيم چون ٿا ته “اڳتي هلي ربو رنگروٽ، لوھ، رٻڙ ۽ مٽي کائيندو جنهن ڪري هُن جي وزن ۾ به ضرور واڌ ايندي ۽ هن جو پيٽ به اَنَ جي گُندي جهڙو ٿي ويندو.
    خواتين و حضرات ٻئي سياسي پهلوان مقابلي لاءِ تيار آهن، سياسي تماشائيو هن ملاکڙي ۾ سندرن ڇڪڻ جي پهلوانن کي تڪليف نه ٿيندي نه ئي اڙي يا ڄانگهي هڻڻي پوندي، هي ملاکڙو پنهنجي الڳ تاريخ رکي ٿو. مشهور تاريخ نويس اَڪن انڌي جو چوڻ آهي ته “هي ملاکڙو،سياسي ملاکڙن جي تاريخ ۾ اهم حيثيت رکي ٿو.”
    دوستو! هي ملاکڙُ منفرد انداز وارو ملاکڙو آهي ڇو ته هن ملاکڙي ۾ صرف هٿ جي تيزي ۽ صفائي ڏيکاري ويندي، جنهن به پهلوان جو هٿ تيز وهندو اهو مقابلو کٽي ويندو.
    دوڏن نڪتل سياسي تماشائيو!!! اوهان سوچيندا هوندؤ ته آخر هي ملاکڙو شروع ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ ڪيترن تماشائين کي شڪ آهي ته ملاکڙو آخري وقت تي ملتوي نه ٿي وڃي، توهان جو شڪ پنهنجي ڪچي يا پڪي جاءِ تي درست آهي ڇو ته هن ملڪ ۾ اڪثر مقابلا مقرر تاريخ تي نه ٿيندا آهن، پر تماشائيو هي ملاکڙو ضرور ٿيندو.
    ته منهنجا ڪنن لڙڪيل سياسي تماشبينؤ!!... مقابلي شروع ٿيڻ کان اڳ آءُ توهان کي اهيو ٻڌائڻ پنهنجو فرض سمجهان ٿو. منهنجي ڀر۾ ويٺل چيف آف حجم ايسوسيئيشن جناب بِدن بيوفا ڪُک ۾ آڱريون هڻي مون کي مجبور ڪري رهيو آهي ته آءُ اوهان کي ٻڌايان ته هي مقابلو ميدان ۾ بيٺل سياسي تماشائين جي مٿي ڪوڙڻ جو مقابلو آهي، جيڪو پهلوان وڌ کان وڌ سياسي تماشائين جو مٿو ڪوڙيندو اهو ڪامياب قرار ڏنو ويندو. هاڻي آءُ گذارش ڪندس دنيا جي مشهو ۽ تيز مٿو ڪوڙيندڙ جناب گلو گنجي کي ته هو ٻنهي پهلوانن کي ميڊ اِن آمريڪا پاڪيون، هٿن ۾ ڏيئي ته جيئن ٻئي پهلوان مقابلي جي تياري وٺن...............ته منهنجا بي سمجھ ۽ بددماغ سياسي تماشائيو!! ٻئي پهلوان پنهنجين پنهنجين پاڪين ۾ ميڊ ان چائنا بليڊ وجهي رهيا آهن............ هڪ ٻه ٽي، مقابلو شروع، ته هو ڏسو ٻئي پهلوان سياسي تماشائين تي ٻوڙي جهار وانگي ڪاهي پيا آهن، ٻنهي پهلوانن بنا شيونگ ڪريم ۽ پاڻي جي تماشائين جو سُڪي پاڪي سان مٿو ڪوڙڻ شروع ڪيو آهي. اوهوهو..... مجروح لاهوتي نسواري گروپ جي پهلوان ربو رنگروٽ ٻن تماشائين جي ٽڪڻ رتو ڇاڻ ڪري ڇڏي آهي، پر نه.............. پرواني پيرل پياسي جي شاگرد ڄرڪي ڄاڙي باز به ڪيترن ئي ٽڪڻين جا لاھ پٽي ڪڍيا آهن، تماشائي سُڪي پاڪي سان ٽڪڻ جو ايذاءُ سهندي به هميشه جيان خاموش آهن. ملاکڙي جي ميدان ۾ سياسي ٻولڙيا طوطا واڪا ڪري رهيا آهن. باخبر ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن تي اهڙن سياسي ٻولڙين کي في ٻوڪڙ جا پنجاھ روپيا ۽ تماشائين کي قابو جهلي بيهڻ جا 100 روپيا ڏنا ويندا. اهو ئي سبب آهي جو سياسي ٻولڙيا طوطا سياسي تماشائين جي ڄنگهن، ٻانهن کي مضبوط جهلي بيٺا آهن، ڪي وري تماشائين جي ڪنن ۾ هٿ وجهي پنهنجي سچائي ۽ خلوص جو مظاهرو ڪري رهيا آهن.
    وارو ڙي وارو...... ڏاڍو تيز هٿ وهي ٿو مجروح لاهوتي نسواري گروپ جي پهلوان ربو رنگروٽ جو، پر سائين گھٽ پرواني پيرل پياسي جو شاگرد ڄرڪو ڄاڙي باز به ناهي، ڇو ته ھواڳ به عوام جو مٿي ڪوڙڻ ۾ وڏي مهارت رکي ٿو............
    هي ڇا!! ٻنهي پهلوانن هڪ ٻئي جي ڳلن ۾ هٿ وجهي ڇڏيا آهن، ته ٻئي طرف سياسي ٻولڙيا طوطا پڻ هڪ ٻئي تي مڇرجي چڪا آهن، ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي جا ڳٽا ٿڦن ۽ مڪن سان ڳاڙها ڪري ڇڏيا آهن، ٻنهي جي وات مان رت ريلا ڪري وهي رهيو آهي، هي مقابلو مٿي ڪوڙڻ بجاءِ ٿڦن ۽ مڪن هڻڻ جي مقابلي ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، گلو گنجو ٻنهي پهلوانن کي پرچائڻ لاءِ ٽياڪڙ بڻجي ميدان ۾ لهي چڪو آهي ليڪن ٻئي پهلوان جنگ جاري رکيون ويٺا آهن.
    خاموش..خاموش................ پرائي پٽڪي تي طُرو ٻڌي هلڻ وارؤ تماشبينؤ! مقابلي جو فيصلو ڪندڙ فتوا باز چيف آف حجم ايسوسيئيشن جناب بِدن بي وفا جو فيصلو يعنيٰ فتوا پهچي چڪي آهي خاموش ٿي فيصلو ٻڌو، هڪ ٻئي جا ڄنڊا پٽڻ بند ڪريو نه ته چيف آف حجم ايسوسيئيشن جناب بِدن بي وفا حڪم ڪري چڪو آهي ته جيڪڏهن سياسي پهلوان، سياسي ٻولڙيا طوطا ۽ سياسي تماشائي خاموش نٿا ٿين ۽ هڪ ٻئي جا ڄنڊا پٽڻ بند نٿا ڪن ته پوءِ لٺين جو راڄ نافذ ڪيو ويندو، اهيو ٻڌي سياسي ميدان ۾ خاموشي ڇائنجي وئي ڪيترا سياسي ٻولڙيا لٺين جي راڄ جو ٻڌي چيف آف حجم ايسوسيئيشن جناب بِدن بي وفا جي چمچاگيري ۾ لڳي ويا آهن ۽ پرواني پيرل پياسي جي شاگرد ڄرڪي ڄاڙي باز جي من ۾ به اهيو ئي خيال جنم وٺي رهيو آهي ته مان به بِدن بي وفا جو پاسو جهليان پر هو اڃا فيصلو ناهي ڪري سگهيو، سياسي چغلخور چون ٿا ته جيڪڏهن هڪ لٺ هوا ۾ اُڀي ٿي ته ڄرڪو ڄاڙي باز پنهنجي راڄ ۽ ڀاڳ سميت بِدن بي وفا جي ايسوسيئيشن ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪندو.
    تماشائيو! فيصلي جو وقت آيو آهي. فيصلو ڏيندڙ فيصلو ڪيو آهي ته “پرواني پيرل پياسي جي ڄرڪي ڄاڙي باز ۽ مجروح لاهوتي نسواري گروپ جي ربو رنگروٽ ۽ ٻنهي ڌرين جي سياسي ٻولڙين طوطن ملاکڙي جي ضابطهِ اخلاق کي ٽوڙيو آهي ملاکڙي جي ميدان ۾ جهيڙو جڳھڙو ڪيو آهي، ان لاءِ هي فيصلو ڏنو وڃي ٿو ته “استاد بگن برآمدي ايندڙ سياسي ملاکڙي تائين هن مقابلي جو چئمپيئن هوندو.”
    فيصلو ٻڌي ٻنهي پهلوانن جو منهن پاروٿي واڱڻ جهڙو ٿي ويو، هو هڪٻئي کي تڪي رهيا آهن، ڄڻ هڪٻئي سان شڪايتون ڪندا هجن ته اسان جي وڙهڻ مان ان ماڻهو کي فائدو ملي ويو، جيڪو ڪڏهن ميدان ۾ لٿو به نه هو يا سوچيندا هجن ته هل ته هلي بگن برآمدي جو پاسو جهليون..........۽ تماشائيو ايندڙ ملاکڙي تائين پنهنجون ٽڪڻيون سنڀالي رکجو ڇو ته 90 ڏينهن کانپوءِ وري ميڊِ ان آمريڪا پاڪيون، جن ۾ ميڊ ان چائنا بليڊ پيل هوندا، اوهانجي ٽڪڻين تي استعمال ڪيون وينديون.


    20 هين صدي جو مفڪر

    مون هڪ چوٽيءَ جو اديب، دانشور، مفڪر ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ ڏٺو جيڪو شهر جي وڏي چونڪ تي پنهنجا لکيل، مقالا، شاعري ۽ فلسفي جا ڪتاب ريڙهي گاڏي تي کپائي رهيو هيو“آءُ ويهين صدي جي آخري پنجاھ سالن جي عرصي وارن اديبن، دانشورن، مفڪرن ۽ فلسفين جي صف ۾ سڀ کان اول نمبر وارو ليکڪ ۽ ڏاهو آهيان. آءُ پنهنجي قوم جي ماڻهن کي علم، عقل، ڏاهپ، سورهيائي ۽ سچائي جا گس ڏسيا. قوم جي فردن منهنجي تمام گھڻي عزت ڪئي. اچو ۽ وٺو منهنجا لکيل ڪتاب پڙهو ۽ ٻين کي پڙهايو. اي ايڪيهين صدي جا نوجوان هي ڪتاب توهانجي موجوده سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ جاگرافي صورتحال جي منجهيل سُٽَ کي سلجهائيندا، غلاميءَ ۾ جڪڙيل زندگي جا زنجير پرزا پرزا ڪري ڇڏيندا.”
    شهر جي ماڻهن هن اجنبي ويهين صدي جي اديب جي هوڪن ۽ ڪوڪرن تي ڪوبه ڌيان نه پئي ڏنو، اديب اها ڳالھ محسوس ڪري ورتي هئي ته شهر جا ماڻهو منهنجي ٻولي نٿا سمجهن، هُن کي وڏو افسوس ٿيو ۽ حيرت وچان ڪي گھڙيون ماٺ ڪري بيهي رهيو، هو اها ڳالھ سمجهي نه سگهيو هو ته هن شهر جي ٻولي ڪيئن تبديل ٿي وئي آهي. هن کي ياد آيو ته اڄ کان 70 سال اڳ هن ئي شهر ۾ منهنجي ماڻهن منهنجو شاندار آڌرڀاءُ ڪيو هو ۽ هر طرف هر گھٽي ۾ منهنجي ٻولي هئي، پوءِ هيءَ صورتحال ڪيئن تبديل ٿي چڪي آهي.
    ريڙهي ڀرسان گذرندڙ هڪ نوجوان کي ٻانهن کان جهلي هن پڇيو،“اي ايڪيهين صدي جا نوجوان هي منهنجا ڪتاب خريد ڪر، جن ڪتابن ۾ عقل ۽ ڏاهپ جا نڪتا، وطن جي مٽيءَ جي حفاظت جا اصول ۽ وطن جي آزادي لاءِ وڙهڻ، سوڀ حاصل ڪرڻ ۽ قربان ٿي وڃڻ جا ڏس شامل آهن.”
    نوجوان خاموش رهيو، پوڙهي اديب ٻيهر نوجوان کان پڇيو،“ڇا تون سنڌي آهين؟!!”
    نوجوان ڪنڌ سان “ها” ڪئي. ڄڻ کيس ڪنهن جرئت کسي ورتي هجيس يا هو محسوس ڪري رهيو هو ته جيڪڏهن لفظن ۾ اقرار ڪندس ته هن ئي چونڪ تي ماريو ويندس.
    تنهنجو نالو ڇا آهي نوجوان؟
    نوجوان پنهنجي اکين ۾ شور وجهي اديب کي اکين ۾ ڏٺو ۽ چونڪ تي مارجي وڃڻ جي خوف کي پري ڌڪي، پنهنجي سيني ۾ ستل جرئت کي جاڳايو، هن وڏي واڪ پوڙهي اديب سان ڳالهائڻ ۾ پنهنجي من جي مانڌاڻ جي گھٽتائي محسوس سمجهي.“منهنجو نالو بي وطن آهي”
    ڪنهن جو پٽ آهين اي مصيبتن ماريل نوجوان؟ پوڙهي اديب نوجوان کان همدردي وچان پڇيو.
    “بي گھر منهنجي پيءُ جو نالو آهي” نوجوان منهن ۾ گھنج وجهندي چيو.
    ڏاڏو ۽ پڙ ڏاڏو ڪير هيا تنهنجا؟ پوڙهي اديب ڄڻ نوجوان ۾ ڪجھ ڳولي ورتو هجي.
    “منهنجو ڏاڏو بي سمجھ ۽ پڙ ڏاڏو بيوقوف هئا.”
    “اوهو.........” پوڙهي اديب نوجوان کي سيني سان لائي ڇڏيو،“تون ته منهنجو پڙپوٽو آهين.”
    نوجوان پوڙهي اديب جا اهي لفظ ٻڌي، پاڻ ڇڏائيندي پوڙهي اديب کي زور سان ڌڪو ڏنو جيڪو پنهنجي ڪتابن مٿان وڃي ڪريو.
    جڏهن منهنجي وطن جا نوجوان، عورتون، ٻڍا ۽ ٻار پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد رهيا هئا ته اي پاڻ کي منهنجو پڙڏاڏو چوائيندڙ پوڙها اديب! ان وقت تو صرف ڪتابن ۾ لکيو پر ڪڏهن به انهن بهادرن سان ٻه وکون گڏ نه هلين؟!! حيف آهي توتي ۽ تنهنجي علم ۽ عقل تي! جنهن پنهنجي هزارها سالن جي ڌرتي وڃائي. اي بي عمل اديب تون منهنجو ڪجھ به ناهين، مان توسان رت جو ته پري، پر روح جو رشتو به رکڻ نٿو چاهيان.” نوجوان ائين چئي پنهنجي کيسي مان ماچيس ڪڍي ريڙهي تي پيل ڪتابن کي باھ ڏئي ڇڏي.
    پوڙهو اديب باھِ جي تَوَ کان اٿي بيٺو.“اي ايڪيهين صدي جا نوجوان تو هي ڪهڙو ظلم ڪيو، تو منهنجي پنجاھ سالن جي ڪئي ڪمائي ۽ محنت ساڙي ڇڏي؟
    اي ويهين صدي جي آخري اڌ صدي جا اديب، دانشور، مفڪر ۽ فلاسافر تو ته هزارها سالن جو وطن وڃائي ڇڏيو، اي پوڙها اديب اڄ مون کي اهو اديب، دانشور، مفڪر ۽ فلاسافر کپي جيڪو پنهنجي وطن جي حقن حاصل ڪرڻ واري جدوجهد ۾ هر آول دستي جي رهبري ۽ رهنمائي ڪري. پنهنجي سڙيل ڪتابن جي خاڪ پنهنجي جهولي ۾ کڻ ۽ هن چونڪ تان هليو وڃ. نوجوان جذبات ۾ تپي چڪو هو. اي پوڙها اديب وڃ اوڏانهن جتان آيو آهين.
    پوڙهو اديب ۽ دانشور ڪتابن جي خاڪ پنهنجي جهولي ۾ وجهي قبرستان ۾ هليو ويو، جتي هن کي هڪ اهڙو شخص مليو جنهن جي وات مان ڳاڙهي شيءِ وهي رهي هئي.
    ڇو آيو آهين هتي ۽ ڪير آهين؟ ڪڙتي پاتل شخص اکين ۾ شور وجهي پوڙهي اديب کان ڌاري ٻولي ۾ پڇيو.
    مان ويهين صدي جو اديب، دانشور ۽ مفڪر آهيان، هن قبرستان ۾ منهنجي 503 قبر آهي، جنهن ۾ مان سمهڻ آيو آهيان.
    “هتي تنهنجِي ڪا به جاءِ ناهي ڪڙتي پاتل شخص منهن ٻئي پاسي ڪندي چيو، ڇا توکي خبر ناهي ته هي قبرستان هاڻ اسان جي قبضي ۾ چڪو آهي، اکين اڳيان ٽري وڃ.”
    پوڙهو اديب ڦان ٿي پٽ تي ڪري پيو، هن پنهنجي بيوسي تي ڳوڙها ڳاڙيا، ۽ جهولي ۾ کڻي آيل خاڪ پنهنجي مٿي تي هاري ويهين صدي ۾ گم ٿي ويو، جنهن صدي ۾ هو بي عمل رهيو هيو.
    پوڙهي اديب کان ڇرڪ نڪري ويو هو ويهين صدي مان موٽي ايڪيهين صدي ۾ آيو، هن آهستي اکيون کولي ڏٺو ته اهو ئي نوجوان هن کي چئي رهيو آهي ته “ اي پوڙها اديب! تنهنجي قبر تان مون قبضو ختم ڪرايو آهي وڃ ۽ وڃي قبر ۾ سمهي پئه. پر ياد رک ٻيهر ڪڏهن به ٻاهر نڪري گھمڻ خاطر نه اچجان. پوڙهو اديب ڪجھ نه چئي سگهيو هن سامهون ڏٺو ته ڪڙتو پاتل شخص قبرستان جي وڏي وڻ ۾ اونڌو ٽنگيو پيو آهي. پوڙهي اديب نوجوان کي محبت وچان ڏٺو، ڄڻ چوندو هجي ته واقعي نوجوان تون ئي آزادي جو علمبردار آهين. ۽ پوڙهو اديب قبر ۾ سمهي پيو.


    بيوروڪريٽ

    کليل جيل جا قيدي پنهنجن پنهنجن ڪمن ۾ مشغول هيا، هڪ نوجوان جيل جو 21 نمبر قيدي، جنهن کي غلامي وراثت ۾ ملي هئي. هُن جي اکين ۾ هر وقت نفرت جي باھ شعلا بنجي ٻرندي رهندي هئي. جيل جو هر قيدي پنهنجي پنهنجي ڪرتوتن جي سزا ڀوڳي رهيو هو. ان نوجوان 21 نمبر قيدي جي هٿ ۾ تيز ڇُرو هيو، جيل جي وڏي ايوان ۾ هو تيزي سان ڊوڙندو آيو ۽ ويهين نمبر قيدي کي پٽ تي دسي ان جي سيني مٿان ويهي سندس کوپڙي تيز ڇري سان ٻه اڌ ڪري ڇڏي ۽ 20 نمبر قيدي جو ميڄالو پنهنجي هٿ ۾ جهلي، ڀرسان بيٺل ڪتي کي کائڻ لاءِ ڏنو، ڪتي ميڄالي کي سِنگهي منهن ٻي طرف ڪري ڇڏيو. سڀ قيدي پريشاني وچان 21 نمبر قيدي کي ڏسندا رهيا.
    تو! هِن 20 نمبر قيدي کي قتل ڇو ڪيو؟ هڪ قيدي هٻڪندي پڇيس.
    هي منهنجي وطن جي مٽي کي ڳوهي بڻايو ته ضرور ويو هو، پر هي پنهنجي ذات لاءِ سوچي ملڪيت گڏ ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ وطن جي مٽيءَ جي خوشبوءِ کي وساري چڪو هو ۽ جيڪو به مٽيءَ جي خوشبوءِ کي نٿو سڃاڻي اهو منهنجي قانون موجب هن قسم جي سزا جو حقدار آهي. 21 نمبر قيدي 20 نمبر قيدي جي سيني تان اٿندي ٻين قيدين کي مخاطب ٿيندي چيو.
    “ تو انهي قيدي جو ميڄالو ڪڍي ڪتي اڳيان ڇو رکيو ۽ اها ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي ته ڪتي ميڄالو ڇو نه کاڌو!!؟” جيل جي ٻئي قيدي ڳيتون ڏيندي پنهنجو سوال پڇيو.
    “هن 20 نمبر قيدي جي ميڄالي ۾ سازش، منافقي، ڪوڙ ۽ حسد، لالچ ۽ حوس، مفاد پرستي ۽ غداري کانسواءِ ٻيو ڪجھ به نه هو، ۽ اوهان پنهنجي اکين سان ڏٺو ته جانورن ۾ وفادار جانور به انهيءَ غدار جو ميڄالو نه کاڌو ڇو ته هي غدار هو ۽ ڪتو وفادار”. نوجوان فاتحانه انداز ۾ قيدين کي ٻڌايو.
    آخر هي هيو ڪير؟ جيل ۾ نئين آيل قيدي پڇيو.
    هي قوم دشمن ۽ رشوت خور بيوروڪريٽ هيو. نوجوان ائين چئي تيز ڇُرو هوا ۾ گھمائيندو پنهنجي بيرڪ ڏانهن هليو ويو.


    سياڻڻ جي محفل

    ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمري ۾ ڏهاڪو ماڻهو چرس سان ڀريل سگريٽ ۽ ڪي شراب پي رهيا هئا، ڪمري جي وڏي صوفي تي حد کان وڌيڪ ٿلهو متارو شخص بالم بڻيو ويٺو هو، جنهن جي ڀرسان بيٺل شخص شراب جا گلاس ڀري ڏيندو پئي ويو ۽ هو بنا ساهي جي شراب جا گلاس پلاسٽڪ جي ٺهيل گول ٽانڪي نما پيٽ ۾ وات وسيلي داخل ڪندو رهيو، صوفي جي اڳيان رکيل ٽيبل هيٺان تيرنهن عدد شراب جون خالي بوتلون پيون هيون ۽ چوڏهين بوتل ٿلهي متاري شخص جي ڀرسان بيٺل ماڻهو جي هٿ ۾ هئي جنهن بوتل مان هو شراب اوتي ٿلهي متاري شخص کي ڏئي رهيو هو. ڪمري ۾ شراب ۽ چرس جي بدبوءِ گڏجي سڀني ويٺلن کي مست بڻائي رکيو هو.
    ڪمري جي در اڳيان بيٺل شخص کان مون ٿلهي متاري شخص بابت پڇيو“هو ڪير آهي؟ ۽ ايترو شراب ڇو پي رهيو آهي؟.
    ڇا تون انهيءِ شخصيت کي نه سڃاڻين؟ ڪمري جي در تي بيٺل شخص حيرت وچان پڇيو.
    نه آءُ ان کي ڪيئن ٿو سڃاڻي سگهان. مون پنهنجي اڻڄاڻائي جو اظهار ڪيو.
    صفا ڪو ڀوڪ آهين! ٽي وي نه ڏسندو آهين ڇا؟
    انهيءَ شخصيت جي نالي سان ٽي وي وارا پنهنجو پروگرام پيش ڪري دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کي ڏيکاريندا آهن. ڪمري جي در اڳيان بيٺل شخص ٿلهي متاري شخص جي واکاڻ ڪندي وراڻيو.
    تو صحيح سڃاتو آهي ته مان واقعي ڀوڪ آهيان، ڀلا ڀوڪ به ٽي وي ڏسندا آهين ڇا؟ مون وراڻيو.
    ها سچ ٿو چوين ڀوڪن جو ڪم آهي بصرن سان، سو ٻڌ هي ملڪ جو ناليوارو قوال آ ۽ هو ڏھ ڄڻا سندس جوڙي وال يعنيٰ همنوا آهن، هو جيسيتائين شراب ۽ چرس ناهن پيئندا تيسيتائين قوالي ڳائي ناهن سگهندا آهن. انهن هڪ ڪلاڪ ۾ 14 بوتلون شراب جون پيتيون آهن سمجهئي. ائين چئي همراھ ڪمري ۾ اندر هليو ويو. آءُ ان ٿلهي متاري شخص کي ڏسندو رهيس جيڪو ڪلاڪ کانپوءِ هڪ سياسي پارٽي جي شهيد ٿي ويل اڳواڻ جي ورسي ۾ قوالي ڳائيندو. آءُ پاڻ کي ڀوڪ بصر سمجهي سياڻن جي محفل مان هليو آيس.

    نصيرآباد 19 آڪٽوبر 1994


    بي رحم مسيحا

    شهر جي انتهائي گندي علائقي ۾ مون هڪ اهڙو شخص ڏٺو جنهن جو بدن پونءِ سان ڀريل ڦرڙين سان چٽيل هو، جن ڦرڙين مان سائو گند وهي رهيو هو، اهو شخص سُورَ جي شدت کان پنهنجي بدن کي چڪ هڻي رهيو هو ۽ ڦرڙين مان نڪتل گندي بدبودار پونءِ کي پنهنجي زبان سان چٽي رهيو هو. سندس ڀر ۾ هڪ ڪتو بيٺل هيو جيڪو ان شخص جي جسم مان وهندڙ پونءِ کي چٽي رهيو هو. جنهن جي چٽڻ سان هن کي ڪي قدر آرام پئي مليو، ڪنهن ڪنهن وقت هو ڪرڀ وچان رڙيون ڪري رهيو هو،“ اي انسانو مون کي بچايو منهنجي بدن ۾ تيز سيون لڳي رهيون آهن، خدارا مون تي رحم کائو، مون کي منهنجي طبقي جي ماڻهن، پنهنجي ذاتي بنگلي مان ڪڍي ڇڏيو آهي، ان لاءِ ته متان هي بيماري سوسائٽي جي مڙني رهاڪن جي بنگلن جو رخ نه ڪري. اي هن علائقي جا رهواسيو!!! اوهين ته مسڪين آهيو، توهانجي دل ۾ ته خدا رحم جا سمنڊ ٺاهي ڇڏيا آهن، پوءِ به مون تي رحم نٿا کائو؟ خدارا ،منهنجو علاج ڪرايو.
    هي رڙيون ڪري ڪري ساڻو ٿي پيو پر هن جي ڪنهن به نه ٻڌي ۽ مٿس ڪنهن کي به ڪهل نه آئي، هر ڪنهن ماڻهو هن کي ڏسي منهن ڦيري ٿي ڇڏيو، ڪِن ته نفرت وچان وات مان ٿڪ ڪڍي رستي جي ٻي پاسي اڇلي اڳتي پئي وڌيا.
    جڏهن هن جي بدن ۾ سور جي شدت گھٽ پئي ٿئي ته هو وري پنهنجي بدن کي چڪ هڻي رهيو هو.
    هن علائقي جا ماڻهو هن تي رحم ڇو نٿا کايئن؟ مون ڀرسان لگھندڙ علائقي جي رهاڪو کان پڇيو.
    هي رحم جوڳو شخص ناهي، ڇو ته هن ڪڏهن به ڪنهن تي رحم ناهي ڪيو ۽ انهي سزا جو حقدار آهي. بستي جي رهاڪو هن کي ڏسڻ بنا مون کي ٻڌايو.
    پر هي آهي ڪير؟
    هي اهو شخص آهي جنهن ڪڏهن به ڪنهن جي مجبوري ۽ بي وسي تي ڳوڙها نه ڳاڙيا، الٽو غريبن جي غربت سان مزاق ڪندو هو، هي شخص پئسن ڪمائڻ جي حوس ۾ ايترو بي رحم ٿي چڪو هيو، جو هن جي اڳيان غريب ، هن ڪتي کان بدتر هو، هي پنهنجي مسيحا فن جي آڙ ۾ ڪاسائڪو ڪم ڪندو هو ۽ قلم وهائيندڙ ڌاڙيل هو، هي اهو انسان دشمن شخص آهي، جنهن کي پنهنجي برادريءَ جي انسان دوست ماڻهن سختيءَ سان منع ڪئي ته انسانن جي زندگين سان کيڏڻ بند ڪر، هن بي درد شخص پنهنجي برادريءَ وارن جو به چوڻ نه ورتو.ڇا توکي خبر ناهي؟ ته هي شهر جو مشهور اسپيشلسٽ ڊاڪٽر آهي.

    نصيرآباد 20آڪٽوبر1994


    سخاوت

    شهر جي ٻاهران وڏي شاهراھ تي هڪ پوڙهو شخص لٺ جي سهاري شهر کان ڏور پئي ويو، هن جو هڪ هٿ لٺ ۾ ۽ ٻيو هٿ پنهنجي چيلھ تي هو.
    اي بزرگ مان تنهنجي ڪا مدد ڪري سگهان ٿو؟ شايد توکي چيلھ ۾ سور آهي!!؟
    پوڙهو شخص بيهي رهيو، پنهنجي چيلھ تي ڏنل هٿ پنهنجي اکين مٿان ڏئي مون کي غور سان ڏسڻ لڳو، شايد هو مون کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
    اي نوجوان ڇا تون هن شهر جو آهين؟ جنهن شهرجي ماڻهن کي نڀاڳيِءَ ننڊ مان اٿارڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان.
    ها بزرگ! مان هن ئي شهر جو آهيان ۽ منهنجا ابا ڏاڏا، پڙڏاڏا ۽ انهن جا به پڙ ڏاڏا هن ئي شهر جي مٽيءَ ۾ دفن ٿيل آهن.
    هون! پوڙهو پٽَ تي ويهي رهيو ۽ هٿ جي اشاري سان مون کي به ويهڻ لاءِ چيو.
    اي نوجوان! صدين کان هن شهر ۾ رهندڙ ماڻهو ئي هن شهر جا اصلي وارث آهن. انهيءَ حوالي سان تون به هن شهر جو مالڪ آهين؟
    ها اي بزرگ!.... هي منهنجو ئي شهر آهي، مان ئي هن شهر جو اصلي مالڪ آهيان.
    ڀليل آهين اي نوجوان، هي شهر تنهنجو ضرور آهي پر هن وقت تون مالڪي جي دعوا هٿ کڻي ويو آهين.
    اهو ڪيئن اي بزرگ.
    ڏس نوجوان تون ڪڏهين اهيو سوچيو آهي ته تنهنجي شهر جي چوڌاري ٻاهريان لڏي آيل ماڻهو ڪير آهن!؟
    نه اي بزرگ! مون ان پاسي ڪڏهن سوچيو به ناهي.
    ته پوءِ اي راھ وڃائيندڙ نوجوان! تون مالڪ ته نه ٿئين نه، تون ته اهو چوڪيدار به نه رهيو آهين، جيڪو رات جو خطرو نه ڏسندي به چوندو آهي،“هوشيار جاڳندا رهو” هتي ته اهي ٻاهريان ماڻهو تنهنجي شهر کي ڳڙڪائڻ چاهين ٿا ۽ تون بي خبر!؟ افسوس آهي تنهنجي مالڪي جي دعوا تي! تنهنجي شهر تي قبضو پيو ٿئي ۽ تون اڻڄاڻ بنجي پيو رستا لتاڙين!
    پر اي بزرگ! شهر جي حفاظت لاءِ اسين پنهنجا چوڪيدار چونڊي ڇڏيا آهن.
    اي مورک! انهن ۾ گھڻائي ته ويڪائو چوڪيدارن جي آهي، جيڪي تنهنجي حفاظت جي بهاني چورن جا رکوال بڻجي، تن جي مفادن جي پالنا ڪري رهيا آهن. توکي يقين نٿو اچي ته وڃ ۽ وڃي پنهنجي چونڊيل چوڪيدارن جي بيٺڪ جي در وٽ بيهه، توکي هر صبح جي پهر انهن ويڪائو چوڪيدارن جي ڪمرن مان ٻاهريان آيل ماڻهن جي عورتن جي نڪرڻ جي سُڌ پوندي، جيڪي سڄي رات تنهنجي چونڊيل چوڪيدارن اڳيان پنهنجو جسم پيش ڪري صبح جو نوڪري جو آرڊر يا تنهنجي شهر جي ڪنهن زمين جي ٽڪري جي پرمٽ وٺي اند ئي اندر ۾ تنهنجي چونڊيل چوڪيدارن کي گاريون ڏيندي پنهنجي گهرن ڏانهن موٽنديون آهن.
    اي بزرگ! اها اسان جي مجبوري آهي، ڇو ته هو ڪيترن سالن کان چوڪيداري ڪندا پيا اچن ۽ وڏا تجربيڪار آهن ۽ هر وقت اسان جي حفاظت جي دعوا پيا ڪندا رهيا آهن، ڀلا ٻيو آهي به ته ڪو نه !!!!؟؟؟.
    اي مت جا موڙهيل نوجوان! تو وٽ ڏسڻ واري اها اک ئي ڪانهي، تنهنجي شهر ۾ اهڙا مانجهي مڙس مٿير به رهن ٿا جيڪي پنهنجي وت ۽ وس آهر تنهنجي شهر لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن، پر افسوس جو تنهنجي شهر جي ماڻهن انهن کي ناهي سڃاتو. تنهنجي ماڻهن انهن جي قربانين عيوض تن جي راهن ۾ ڪنڊن جي سيج سجائي ڇڏي آهي، انهن جي رستي تي گلائُن ۽ غلط ڳالهين جون کاهيون کوٽيون ويون آهن.
    اي بزرگ! اهي شهر ۾ ته نه ملندا، ڇو ته برائي عيوض ڀلائي ڪندڙ صرف آسمان ۾ رهي سگهن ٿا.
    اي اونداهي منزل ڏانهن وک وڌائيندڙ راهي! اهي نه توکي آسمان جي بلندين تي ملندا نه ئي پاتال ۾. اهي صرف ۽ صرف انسانن جي وچ ۾ ملندا.
    پر انهن کي ڪيئن سڃاڻجي؟ اي بزرگ.
    اي مورک! تون پنهنجي لطيف کي به وساري ڇڏيو آهي!؟ جنهن اهڙن ماڻهن جو نشانيون پنهنجي سُرن ۾ ڏسيون آهن.
    سُڪا منهن سندن، پيرين پراڻا کيٿڙا،
    سا جوءِ ڏوري آئيا، سونهان جت منجهن،
    ڳجها ڳجهيون ڪن، تهان پرانهين پنڌ جون.
    اي بزرگ اهڙن ماڻهن وٽ اسانجي پيٽ گذر جو ڪوبه وسيلو ناهي اهڙن ماڻهن جي هٿ ۾ بي روزگارن لاءِ نوڪريون ناهن ، ته پوءِ ڪيئن اسان انهن جو ساٿ ڏيون جيڪي خود بکيا رهن ٿا.
    نوڪريون ۽ روزگار!!! صفا چريو آهين. اي نوجوان ڇا تو اڄوڪي اخبار پڙهي آهي؟
    ها بزرگ! مون هڪ نه ست اٺ اخبارون پڙهيون آهن.
    ڇا تو نوڪرين جا اشتهار به پڙهيا آهن. نوجوان!
    ها بزرگ! ڇو ته مون کي نوڪري جي تلاش آهي، مان اخبار روز پڙهندو ئي ان ڪري آهيان ته اڄ ڪهڙو اشتهار شايع ٿيو آهي.
    اي نوجوان! توکي انهن اشتهارن ۾ ڪا انوکي ڳالھ نظر آئي؟
    نه بزرگ مونکي اهڙي ڪا ڳالھ محسوس نه ڪئي جيڪا مون کي انوکي لڳي، ڇا توهان ٻڌائي سگهو ٿا؟
    اي بنا سوچ وار نوجوان! ڪن اشتهارن ۾ تنهنجي شهر جي اصلي مالڪن لاءِ ڪابه جاءِ نه هئي، ڪن اشتهارن ۾ صرف هڪ يا وڌ ۾ وڌ پنج جايون هيون.
    ها! اها ڳالھ ضرور هئي بزرگ.
    ته پوءِ ٻڌاءِ وقت جون واڳون سنڀالڻ جا خواب ڏسندڙ بي عمل نوجوان! ته تنهنجي شهر ۾ گھڻا بي روزگار آهن؟
    اي بزرگ لکن جي تعداد ۾.
    اي عقل جا انڌا نوجوان! مون کي اهو ٻڌاءِ ته اهي نوڪريون ڪنهن کي ملنديون؟ سڀني بيروزگارن جو مسئلو حل ٿي ويندو؟ ڇا سڀني جي پيٽ جي باھ وسامي ويندي؟
    نه بزرگ نه! اهي نوڪريون انهن کي ملنديون جن وٽ سفارش هجي يا رشوت ڏيڻ لاءِ جام ڏوڪڙ هجن.
    تو وٽ اهي ٻئي شيون آهن؟
    نه مون وٽ ته صرف اعليٰ تعليم جي ڊگري آهي.
    ته پوءِ مورک! ڇو ٿو پنهنجو وقت وڃائين، نوڪري جي تلاش ڀلي ڪر، پر ياد رک نوڪري جي پويان ڊڪندي ڊڪندي پنهنجي شهر جي ماڻهن کي متان وسارين، ائين نه ٿئي جو نوڪري پويان ڊڪندي شهر ۽ شهر جا ماڻهو توکان ڏور ٿيندا وڃن پوءِ نه تنهنجو شهر تنهنجي لاءِ هوندو نه نوڪري هوندءِ. ها جيڪڏهن توکي نوڪري نه به ملي تڏهن به پنهنجي علم ۽ عقل کي شهر جي ماڻهن جي ڦٽل نصيب سنوارڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏج، ڇو ته اهي ٻئي شيون تو وٽ امانت آهن. ڇا تون نٿو ڄاڻين ته نوڪرين جا حسين خواب ڏيکاري توکي تنهنجي شهر جي ماڻهن کان پري ڪيو وڃي ٿو؟
    پر اي بزرگ ان ئي اخبار ۾ شهر جي حاڪم جو بيان هو ته“بيروزگارن لاءِ پنجاھ هزار جايون پيدا ڪيون وينديون.”
    اي خيالي دنيا جي رهڻ وارا نوجوان! انهي خيالي سخاوت جي پويان ڊوڙندي تون پنهنجي زندگي ته وڃائيندين ۽ ان سان گڏ پنهنجي شهر جي ماڻهن جي نصيب کي به سنواري نه سگهندين. هينئر مون کي تون اهو هرڻ لڳي رهيو آهين جيڪو پاڻي جي تلاش ۾ صحرا جي حسين روپ جي دوکي ۾ اچي، پنهنجي حياتي وڃائي ڇڏيندو آهي. تنهنجي شهر جي حاڪم تو جهڙن لاءِ روزگار کي دوکيباز صحرا جو روپ ڏنو آهي، ڇو ته تنهنجي حاڪم ڄاڻي ورتو آهي ته شهر ۾ ماڻهو گھٽ پر هرڻ گھڻا رهن ٿا. جيڪي جيڪڏهن سوچ ۽ سمجھ ڌارين ته هوند حاڪم جو ڇٽ پٽ تي اچي ڪري، ان ڪري ئي تنهنجي حاڪم تو جهڙن نوجوانن کي هرڻ جو روپ ڏئي رڃ ۾ ڊوڙڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي. ڇا توکي خبر ناهي ته هي دنيا آخر ڪار توهان نوجوانن جي آهي؟
    ان جو مطلب اهيو ٿيو اي بزرگ! ته اهو صرف ڪوڙ ۽ دوکو آهي؟
    ها انهي ڪوڙي، خيالي ۽ منافقي واري سخاوت ئي ته مون کي وڏو درد ڏنو آهي، اخبار ۾ نوڪرين واري خبر پڙهي ائين لڳم ڄڻ تنهنجي شهر جي حاڪم منهنجي چيلھ ته زوردار لت وهائي ڪڍي هجي، ان ڪري ئي مان تنهنجي ڳوٺن جي ماڻهن کي جاڳائڻ وڃان ٿو، ڀَوُ اٿم ته جيڪڏهن تنهنجي حاڪم اهڙي ڪا ٻي سخاوت ڪئي ته پوءِ منهنجو نالو نشان ئي گم ٿي ويندو. چڱو مان هلان ٿو.
    ائين چئي اهو بزرگ لٺ جي سهاري اٿيو ۽ مان حيرت وچان کيس ڏسڻ لڳس.
    اي بزرگ ويندي ويندي پنهنجو نالو ته ٻڌائيندو وڃ ۽ اهيو به ٻڌاءِ ته وري ڪٿي توسان ملي سگهبو؟
    اي ايندڙ وقت جا نوجوان! منهنجو نالو جادم جکرو آهي ۽ مان تڏهن ئي توکي هن شهر ۾ ملندس جڏهن تنهنجو شهر باقاعده تنهنجو هوندو، جڏهن ڪو به روزگار جي ڳڻتي ۾ نه ڳرندو، جڏهن تنهنجي حاڪم جو ڇٽ پٽ تي اچي ڪرندو ۽ جڏهن تنهنجي شهر جي اندر ڪو به ٻاهريون ماڻهو نه هوندو.
    جادم جکرو!؟ شاھ لطيف جي سُرَ بلاول وارو جادم جکرو؟
    بزرگ ڪنڌ لوڏي هائوڪار ڪئي. ها!
    تون پنهنجي سڃاڻپ واري اک کي تيز رک، تنهنجو اجتماعي نفعو ۽ اجتماعي نقصان ڪهڙو ۽ ڇا ۾ آهي؟ وڃ اول انهيءَ بيماري تي سوچ، ڳوڙهو ويچار ڪر،انهيءَ بيماريءَ جو علاج ڪنهن وٽ آهي؟ اهو ڪم تون ڪري سگهين ٿو.
    اي شاھ لطيف جا سورما! مان اڪيلو ائين ڪري سگهان ٿو؟
    اي نوجوان! تون اڪيلو ڪٿي آهين، صحرا ۾ ڊوڙندڙ سهڻا هرڻ تنهنجا آهن، تنهنجي شهر جا ڦٽل نصيبن وارا ماڻهو تنهنجا آهن، ڏينهن جي روشني ۾ بي دردي سان بي انصافي جا ستم سهندڙ تنهنجا آهن. تنهنجي شهر جي جيل ۾ تنهنجي حاڪم خلاف حق ۽ سچ ڳالھائيندڙ تنهنجا آهن، سڪل چهرن، ڦاٽل ڪپڙن وارا، پيرن اگهاڙا ۽ پيٽ بکيا تنهنجا آهنن، مٽيءَ مان ٺهيل ۽ مٽي هاڻا ماڻهو به تنهنجا آهن، تون اڪيلو ناهين، وڃ ۽ وڃي انهن بيراڳين سان مِلُ، جن جبل مٿي باهڙي ٻاري آهي.
    جادم جکرو ائين چئي روانو ٿي ويو ۽ مان هن جي چيل ڳالهين تي سوچيندو رهيس . هن جي ڇڏي ويل قدمن جي نشانن کي غور سان ڏسندو رهيس. ڏٺم ته بزرگ جادم جکرو هڪ هٿ چيلھ کي ڏئي ۽ ٻي هٿ ۾ لٺ کڻي اکين کان ڏور ٿيندو پئي ويو. مون کي شهر جي حاڪم جي نوڪرين واري سخاوت ياد آئي،جنهن سپڙ سخي جادم جکري جي چيلھ کي زوردار لت وهائي ڪڍي هئي.

    نصيرآباد 26 سيپٽمبر 1994
    سنڌ رنگ ڊائجسٽ جنوري 1999 ۾ شايع ٿي.


    ويسر جو علاج

    آءُ حڪيم روشن ضمير جي دواخاني ۾ جلاب جمال گھوٽي جون پُڙيون ٺاهي رهيو هيس ته پنجاھ سالن کان مٿي عمر وارو شخص، هڪ نوجوان سان اندر داخل ٿيو، ڏسڻ ۾ ڪنهن ڳوٺ جو چڱو مڙس پئي لڳو.
    اي ڇوڪرا حڪيم صاحب آهي؟
    جي ها اندر ويٺو آهي پر هو هينئر ڪنهن سان به ملي نٿو سگهي.
    ڇو؟
    حڪيم صاحب هڪ تجربي ۾ مشغول آهي.
    تجربو! ڪهڙي قسم جو؟
    جناب! ملڪ ۾ قبضي جي بيماري وبائي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، حڪيم صاحب جو چوڻ آهي ته جيسيتائين ملڪ جي ماڻهن مان قبضي جي بيماري نه ويندي، تيسيتائين ملڪ خوشحال نٿو ٿي سگهي.
    ماڻهن جي قبضي سان ملڪ جي خوشحالي جو ڪهڙو واسطو؟ حڪيم صاحب جو دماغ سالم ته آهي نه؟
    جناب! ڪڏهن روشن ضمير جو دماغ خراب ٿيو آهي ڇا؟ باقي جيسيتائين قبضي جو خوشحالي سان رهيو واسطو ان لاءِ حڪيم روشن ضمير جو فرمان آهي ته ماڻهن ۾ قبضي جي بيماري وڌي وڃڻ سبب ملڪ جو هر فرد پنهنجي جان بچائڻ لاءِ زور آزمائي ڪري رهيو آهي، ملڪ جي هر فرد کي پنهنجي ڳڻتي اچي ورايو آهي جنهن سبب هر ماڻهو انفرادي سوچ ۾ پئجي ويو آهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو ملڪ اجتماعي طاقت وڃائي چڪو آهي. هي جلاب جمال گھوٽو پڻ حڪيم صاحب ان لاءِ ٺاهي رهيو آهي ته جيئن ملڪ جي هر فرد کي ڏيئي قبضي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺجي ۽ ماڻهو پنهنجي طاقت پنهنجي لاءِ نه پر ملڪ جي خوشحالي لاءِ استعمال ڪن.
    خير هوندو! پر مون کي ته ملڪ ۾ اهڙي بيماري ڪٿي به نظر نه آئي، ملانس ٿو خبر پئجي ويندي قبضيءَ جي.
    جناب! مون عرض ڪيو ته حڪيم صاحب اڄ ڪنهن سان به نٿو ملي سگهي.
    اي ڇوڪرا شايد حڪيم وٽ نئون آيو آهين، تڏهن ته مون کي نٿو سڃاڻين!؟
    جي ها سائين حڪيم روشن ضمير وٽ مون کي آئي ڏھ مهينا مس ٿيا هوندا.
    اي ڇوڪرا! دنيا جي لاءِ روشن ضمير جا دروازا بند ٿي سگهن ٿا پر اسان جي لاءِ نه، ڇو ته اسانجو واسطو هميشه هر گھڙي ۽ هر هنڌ روشن ضمير سان ئي آهي.
    ائين چئي هو ۽ نوجوان ڪمري اندر هليا ويا، مون پڪ سمجهيو ته اڄ يا ته هن همراھ ۽ نوجوان جو خير ڪونهي يا حڪيم مون تي مڇرجي پوندو، ڇو ته روشن ضمير جي ڪمري ۾ بنا اجازت وٺڻ جي ،صرف اهي ماڻهو وڃي سگهن ٿا، جن کي دنيا جا ماڻهو “چريو” چوندا آهن، هي همراھ مون کي چريو ته نه لڳو، هي ته سياڻن جو سربراھ ٿي لڳو. منهنجو شڪ غلط نڪتو، همراھ ۽ نوجوان حڪيم جي ڪمري ۾ وڃي ويهي رهيا.
    آءُ جمال گھوٽي جي پڙيون ٺاهڻ ۾ لڳي ويس، ايتري ۾ حڪيم روشن ضمير مون کي ڪمري ۾ اچڻ لاءِ سج جي روشني تي هلندڙ گھنٽي وڄائي سڏ ڪيو، آءُ ڪمري ۾ داخل ٿيس ته منهنجي حيرت جي حد نه رهي، ڏٺم ته اهو همراھ پٽ تي اوڪڙو ويٺو آهي ۽ نوجوان جي هٿ ۾ سڪل چمڙي جو پادر آهي جنهن سان هو همراھ جي مٿي تي تارون وارا ڌڪ هڻي رهيو آهي.
    “پٽ هيڏانهن اچ”حڪيم روشن ضمير مون کي پيار وچان سڏيندي چيو،“هن نوجوان کان پادر وٺ ۽ پٽ تي اوڪڙو ويٺل شخص جي تارؤن وارا ست سڌا پادر هڻ.
    آءُ پنهنجي استاد حڪيم روشن حڪيم جو چوڻ وٺندي ست پادر ان شخص جي تارؤن تي وسايا. هو پٽ تان اٿيو ۽ کيسي مان ڦڻي ڪڍي مٿي تي باقي بچيل وارن کي ٺاهي دواخاني مان نڪري ويو. آءُ پهريون ڀيرو پادرن وسيلي علاج جو طريقو حڪيم روشن ضمير کان سکيو، پر هي علاج ڪهڙي بيماري بابت هو، اها ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ مون حڪيم کان پڇيو.
    حڪيم صاحب ان شخص کي ڪهڙي بيماري هئي؟ ڇا مرگهي هيس؟
    نه پٽ ان شخص جي بيماري مرگهي جي بيماري کان وڌيڪ خطرناڪ آهي.
    ته پوءِ پڪ هن جي ميڄالي ۾ ڪنهن وڏي ڪيڙي جنم ورتو هوندو؟ ائين نه حڪيم صاحب.
    ائين به ناهي پٽ.
    پوءِ حڪيم صاحب توهان ئي ٻڌايو ته ان شخص کي ڪهڙي بيماري آهي.
    پٽ ويسر جي.
    ويسر جي حڪيم صاحب!!؟
    ها پٽ اهو شخص پاڻ ڪابه طاقت نٿو رکي، پر اسان جي ملڪ جا ماڻهو ڪڏهن محبت وچان ۽ ڪڏهن ڊپ وچان پنهنجي طاقت جو ڪڻو ڪڻو گڏ ڪري انهي کي طاقتور بڻائيندا آهن.
    حڪيم صاحب اهيو سمجھ ۾ نه آيو ته ماڻهو هن سان محبت به ڪن ٿا ۽ ڊپ به.
    پٽ اهو شخص وقت جو پٽ آهي، هو جڏهن به محسوس ڪندو آهي ته ملڪ ۾ راڪاس راڄ قائم ٿيڻ وارو آهي ته هو راڪاس سان وڃي ملندو آهي ۽ خود راڪاس بڻجي سوين ماڻهو ڳڙڪائي ڇڏيندو آهي انهي ڊپ کان ماڻهو هن کي طاقت ڏيندا آهن. جڏهن وري وقت جو ڪانٽو عوامي راڄ ڏانهن وڌندو آهي ته هي وري راڪاس جو وڏي ۾ وڏو دشمن بڻجي ڳيرن جي ٽولي ۾ شامل ٿي ويندو آهي. پٽ تو کي ته خبر آهي ته هتان جا ماڻهو ڳيرن سان محبت ڪن ٿا، جنهن محبت جي پاڇي ۾ ماڻهو هن کي طاقت ڏيندا آهن.
    حڪيم صاحب پوءِ ته ماڻهو ئي منجهيل چئبا، جيڪي اهڙي پکي کي ڪڻو ڪڻو اناج گڏ ڪري بکيو رهڻ کان بچائن ٿا، جيڪو ڍنڍ جي ڪڏهن اورئين ڀر آهي ته ڪڏهن پرئين ڀر.
    اها ڳالهيون صرف چريا ئي ڪندا آهن سياڻا نه. پٽ تون ماڻهن کي منجهيل ٿو چوين!؟ تون حق تي آهين پر اِهي منجهيل ماڻهو تنهنجي ڳالھ ٻڌندا ته توکي به چرين ۾ شمار ڪندا ۽ توکي خبر هئڻ گھرجي ته ماڻهو پاڻ کي سياڻو سمجهندا آهن ڇو ته هو وقت سان گڏ هلڻ سکيا آهن ۽ جيڪي وقت سان گڏ ناهن هلندا، انهن کي منهنجي دواخاني جو شاگرد سمجهي چرين جي چوياري ۾ شامل ڪري مٿس کِلون ڪندا آهن ۽ تون ڄاڻي ورتو هوندو ته منهنجي دوستي صرف چرين سان آهي.
    پوءِ حڪيم صاحب ان همراھ کي ويسر جو مرض ته نه ٿيو؟
    پٽ انهي شخص کي سؤ سيڪڙو ويسر جي بيماري آهي ڇو ته هو هميشه ماڻهن سان واعدا ڪندو آهي، ته “مان توهان جي ڏکن کي سکن ۾ تبديل ڪندس، مان توهان جي حقن لاءِ وڙهندس مان توهان جا مسئلا حل ڪندس” پر جڏهن هو طاقت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي تڏهن ماڻهن سان ڪيل واعدا ۽ ڳالهيون وساري ويهندو آهي.
    حڪيم صاحب! ڄاڻي واڻي سڀ ڪجھ وساري ڇڏيندو آهي؟
    نه پٽ! پوءِ ان کي قبضي ٿي پوندي آهي، جنهن ڪري هو پنهنجي طاقت پاڻ تي استعمال ڪندو آهي.
    حڪيم صاحب هن سان گڏ جيڪو نوجوان هيو، اهو ڪير هو؟
    اهو انهيءَ شخص جو پٽ هيو، جنهن پٽ کي هو پنهنجو جانشين بڻائڻ گهري ٿو.
    حڪيم صاحب مون کي توهان جي شاگردي ۾ آئي ڏھ مهينا ٿيا آهن، مون انهن ڏهن مهينن ۾ انهيءَ شخص کي اڳ نه ڏٺو آهي.
    پٽ! اهو شخص ڪڏهن ٻين سال ته ڪڏهن پنجين سال ، ڪڏهن ڪڏهن وري يارنهن سالن کانپوءِ علاج ڪرائڻ لاءِ مجبور ٿي ايندو آهي.
    ائين ڇو حڪيم صاحب؟
    پٽ هو پنهنجي ياداشت کي واپس آڻڻ لاءِ اهي علاج مجبور ٿي تڏهن ڪرائيندو آهي جڏهن چونڊن جو اعلان ڪيو ويندو آهي.
    چونڊون! پادر سان علاج ۽ ويسر! حڪيم صاحب !! مون کي سمجھ ۾ ڪجھ به نه آيو.
    پٽ اهو شخص پنهنجي عوام سان ڪيل واعدا وفا نه ڪندڙ سياستدان هو ۽ ان جو علاج روشن ضمير اهيو ئي تجويز ڪيو آهي.

    نصيرآباد:29 سيپٽمبر 1994


    اگھاڙو رقص

    شهر جي وڏي هال اندر شهر جا ماڻهو جن کي عام ٻولي ۾ “معززين” چيو ويندو آهي، ڪرسين تي بالم بڻيا ويٺا آهن، وڏي هال جي وڏي در مٿان، وڏي بينر تي وڏن اکرن ۾ “سنڌي عورت ٻٽي ظلم جو شڪار آهي” لکيل آهي.
    هال جي اسٽيج تي هڪ نوجوان مائيڪ تي “سنڌي عورت ٻٽي ظلم جو شڪار آهي ” تي ليڪچر ڏئي رهيو آهي ۽ هال جي ڪرسين تي ويٺل شهر جا وڏا ماڻهو وڏي واڪي “واھ واھ” چئي رهيا آهن. نوجوان چئي ٿو“اسانجي جي سنڌي عورت هزارين سالن کان اسان مردن جي ظلم جو شڪار ٿيندي رهي آهي، اسين مرد وڏا ظالم ۽ جابر آهيون، جو اسين پنهنجي عورتن کي بند دروازن ۾ لڪائي ڇڏيون ٿا، ڪن حالتن ۾ اسين مرد پنهنجي عورتن کي پنهنجي انا مٿان قربان ڪري ڀتين ۾ لنبائي ڇڏيون ٿا، اسين عورت کان آزادي کسي ورتي آهي.”
    تون انهي نوجوان کي چڱي طرح سڃاڻين ٿو؟ جيڪو سنڌي عورتن تي ٿيندڙ ٻٽي ظلم بابت دليل ڏئي رهيو آهي؟ مون ڀرسان ويٺل شهر جي هڪ معزز کان پڇيو.
    “ها چڱي طرح” شهر جي معزز جواب ڏيندي وضاحت ڪئي ته“ان نوجوان کي ڪير نه سڃاڻي؟ نوجوان خون آهي، بهترين ليکڪ آهي ۽ ماهوار“طبيب” جو سب ايڊيٽر آهي، دنيا جو ترقي پسند ادب برزبان ياد اٿس.
    اهو نوجوان منهنجي ڳوٺ جو آهي. مون معزز کي چيو.
    “اڇا”!! تون ان جي ڳوٺ جو آهين؟ معزز حيرت وچان سوال ڪيو.
    جي نه ... هو منهنجي ڳوٺ جو آهي ڇو ته آءُ عمر ۾ هن کان وڏو آهيان ان ڪري ڳوٺ ۾ اڳ مان ڄائس. توهان حيرت ۾ نه پئو.” مون معزز شخص کي جواب ڏنو.
    “ڪمال آيار”! شهر جي معزز مون کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو،“ اهڙو اديب جنهن ڳوٺ ۾ جنم وٺي اهو ڳوٺ ان اديب جو ئي آهي، تون خوش نصيب آهين جو ان نوجوان جي ڳوٺ ۾ ڄائو آهين، هُن تنهنجو ۽ تنهنجي ڳوٺ وارن جو مان آڪاش جي بلندين تائين پهچايو آهي.”
    ان ۾ ڪمال جي ڪا به ڳالھ ناهي، پر زوال جي ڳالھ ضرور آهي، ان نوجوان ڳوٺ وارن جو مانُ آڪاش جي بلندين تائين پهچائڻ کان اڳ ڳوٺ جي پاڪ دلين جي مالڪ ڳوٺاڻن جو نڪ وڍي ڇڏيو آهي.
    “بڪواس ٿو ڪرين” شهر جي معزز وراڻيو، “هو ائين نٿو ڪري سگهي، هونءَ به گهر جو پير چُلھ جو مارنگ آهي ڄٽ!؟”
    اي شهر جا معزز ڇا تون ڄاڻين ٿو ته اهيو نوجوان جيڪو ڪجھ چئي رهيو آهي اهو ڪوڙ آهي؟
    مون ڪٿي چيو ته ڪوڙ آهي؟ نوجوان سؤ سيڪڙو سچ پيو چوي. شهر جي معزز جواب ڏنو.
    بلڪل سچ ٿو چئي. ڇو ته هو پنهنجي تاريخ بيان ڪري رهيو آهي جيڪا تاريخ سؤ سيڪڙو سچ آهي.
    اهو ڪيئن!؟
    ٻڌ هن شهر جا معزز.....! اهو نوجوان جنهن کي اوهين هن شهر جا وڏا ماڻهو ترقي پسند اديب چئو ٿا، جنهن جي مٿان گلن جي ورکا ڪريو ٿا، جيڪو سنڌي عورتن تي ٿيندڙ ٻٽي ظلم بابت دليل ڏئي عورت جي آزادي جو علمبردار بڻجي پنهنجي قوم، پنهنجي نسل ۽ پنهنجي علم جي توهين ڪري رهيو آهي. اهو اديب جيڪو تو جهڙن شهر جي وڏن ماڻهن جي نظرن ۾ وڏو معزز آهي سو منهنجي ڳوٺ جي پاڪ دلين جي مالڪن ۽ منهنجي نظرن ۾ ڪوڙو، منافق، ظالم ۽ وڏو ڪميڻو آهي.
    “اي گستاخ ....! تون شهر جي معزز ماڻهن جي بيعزتي ڪري رهيو آهين، ڇا توکي خبر ناهي ته اسين تنهنجي زبان ڪاڪڙي کان پٽائي سگهون ٿا؟” شهر جو معزز جذبات ۾ اچي ويو.
    اوهين درست ٿا چئو... اسان جي سماج ۾ معزز اهي ئي آهن جيڪي سچن انسانن جون زبانون پاڙؤن پٽائين ٿا. واقعي ئي اهي معزز ليکيا ويندا آهن.... پر ٻڌ اي شهر جي وڏي هال اندر ويٺل شهر جا وڏا معزز! اِهو نوجوان اُهو آهي جنهن پنهنجي گھر واري کي، اُن ڪري پادر هنيا، جو هُن هڪ ڌيءُ کي جنم ڏنو! ڇا توکي خبر ناهي؟ اي شهر جا معزز! هي نوجوان منهنجي ڳوٺ جو اهو شخص آهي، جنهن ڌيءُ جي ڇٽي به نه کاڌي. هي آهي اهو ساڃاھ وند اوهان جو ڏات ڌڻي جنهن پنهنجي زال کي ڌيءُ ڄمڻ جي ڏوھ ۾ گهران ڪڍي ڇڏيوآهي، جيڪا ٻن سالن کان پنهنجي پيءُ جي در تي بيواھ عورت جي زندگي گذاري رهي آهي. ڇا توکي اها به خبر ناهي!؟ ته اهو نوجوان اڄ ڪلھ شهر جي معزز هڪ غير سنڌيءَ جي ڌيءُ سان شادي ڪرڻ لاءِ تياريون پيو وٺي، جنهن عورت جي نالي چاليھ ايڪڙ زرعي زمين ٿيل آهي ۽ اهو غير سنڌي هو ڏس اڳئين سيٽ تي بالم بڻيو ويٺو آهي.
    شهر جي معزز شخص ڪاوڙ ۽ شور وچان ڏسندي چيو ته“ نڪر هتان پادر هڻي دونُ سجائي ڇڏينداسؤن.”
    ان کان اڳ جو شهر جي وڏي هال ۾ ويٺل شهر جا وڏا معزز ماڻهو مون کي وڏا موچڙا هڻي، وڏا ڦٽ وجهي ڇڏين، آءُ وڏا قدم کڻي معزز ماڻهن جي محفل مان نڪري ويس، جنهن محفل ۾ رڳو ڪوڙ ۽ ٺڳي اگهاڙوناچ ڪري رهي هئي.


    راڪاسي رهبر

    هر سال وانگي هن سال به شهر ۽ ان جي آسپاس جي ڳوٺن ۾ موت جي راڪاس پنهنجي فوج سميت اچي خيما کوڙيا هئا، هر طرف موت جا منظر هيا، هر گھر مان خوشين جو ديوتا ڀڄي وڃي ڪٿي لڪو هو. هن سال به پوري علائقي ۾ دستن ۽ الٽين (گيسٽرو) جي بيماري پنهنجا بي رحم پاڇا پکيڙي موت جون لوليون ڏئي رهي هئي. علائقي مان صوبائي اسيمبلي ۾ چونڊجي ويل هڪ وڏيري ميمبر پاران موت جي راڪاس طرفان جاري ڪيل سرڪسي ڪرتبن تي تبصرا ڪيا ويا ۽ وڏيري اسيمبلي ميمبرن تي زور ڀريو هو ته منهنجي علائقي کي موضي مرض کان بچايو وڃي. اخبارون روز خبرون ڏينديون رهيون ته اڄ هيترا ڪي هيترا ماڻهو گيسٽرو وگهي مري ويا.
    هوڏانهن شهر جا پئسي وارا ماڻهو، بي درد ۽ بي رحم ماڻهو ، خود غرض ۽ بدحواس ماڻهو روز دعوتن کائڻ ۾ مشغول هئا ۽ پنهنجي من اندر، اڌ مئل انسان کي مستي جا جام پياري وڌيڪ ماري رهيا هئا.
    هر سال شهر جي سطح تي ڪم ڪندڙ ننڍڙين سماجي تنظيمن پاران غريب، مسڪين، نڌڻڪن ۽ موت جي راڪاس جي بي رحم اکين مان اٿندڙ موت جي شعلن جو وڌيڪ نشانو بنجندڙ، بي پهچ ماڻهو جي بچاءَ لاءِ مفت ڪئمپ هنئي ويندي هئي، جتي روزانو ڪيترن ئي مريضن جو علاج مفت ۾ ڪيو ويندو هو. جيڪي مريض موت جي راڪاس سان جنگ ڪري، اکين ۾ اکيون وجهي وڏي واڪي چوندا هئا ته “اي موت جا راڪاس تون هاڻي اسان جو ڪجھ به بگاڙي نٿو سگهين، ڇو ته اڄ اسان جا وارث، هن مٽيءَ مان ڳوهيل ماڻهو اسان جي جيئڻ جا جتن ڪري رهيا آهن. ياد رک اي موت جا راڪاس اسين هاڻ ڪونه مرنداسين، اسين زنده رهنداسين.”
    اهي ارادا ۽ عزم موت جي راڪاس کي هيسائي ڇڏيندا هئا ۽ موت جو راڪاس پنهنجي دال ڳرندي نه ڏسي، پڇ پائي علائقي مان ڀڄي ويندو هو.
    هن سال به جڏهن واٽر سپلاءِ جو پاڻي، پاڻي آهي زندگيءَ بجاءِ زهر قاتل پاڻيءَ ۾ تبديل ٿي چڪو هو، تڏهن موت جو راڪاس وري فوجون وٺي ، خيما کوڙي شهر ۽ شهر جي آسپاس وارن ڳوٺن ۾ انڌي لشڪر جي صورت ۾ ڪاهي پيو هو. پر هن ڀيري ننڍڙيون تنظيمون خاموش هيون، ڇو ته شهر ۾ هڪ ٻي وڏي ۽ تمام وڏي پڙهيل لکيل ماڻهن جي سماجي تنظيم جي شاخ وجود وٺي چڪي هئي، جنهن جا اڪثر ميمبر سرڪاري نوڪر هئا. ان تمام وڏي تنظيم جي “انتظام هلائيندڙ ڪميٽي” ۾ گهڻا شهر جا ڊاڪٽر هئا، جيڪي اڳ ننڍڙين تنظيمن جي سهڪار سان لڳندڙ مفت ڪئمپ تي فرض ادا ڪندا هئا. شهر جا نڌڻڪا ان وڏي تنظيم ڏانهن واجهائي رهيا هئا ۽ ننڍڙيون تنظيمون فنڊ نه هئڻ ڪري خاموش هيون، ڇو ته اڳ جيڪي ماڻهو مفت ڪئمپ لاءِ سهڪار ڪري چندا ڏيندا هئا، انهن هاڻ وڏي ۽ تمام وڏي سماجي تنظيم لاءِ سوچڻ شروع ڪيو هو. ان لاءِ ننڍڙين تنظيمن وارا بي هٿيار بڻجي ڪاغذن وانگيان جلندا رهيا.
    شهر جي ان وڏي ۽ تمام وڏي سماجي تنظيم مجبور ٿي علائقي جي صورتحال تي گڏجاڻي گهرائي ورتي. گڏجاڻي ۾ هڪ اهڙو ميمبر به هيو جيڪو “چريو” ، “موڳو” ۽ “مست” هيو ۽ عام ماڻهن جي وهڪري جي ابتڙ وهندڙ پاڻي جو هڪ ڦڙو هو، تنهن “موڳائپ” ڏيکاريندي چيو ته“ هر سال ٻيون ننڍڙيون سماجي تنظيمون مفت ڪئمپ هڻي انسانن جي زندگي بچائينديون رهيون آهن، هن سال اسان جي وڏي تمام وڏي تنظيم طرفان مفت ڪئمپ لڳڻ گهرجي. دستن ۽ الٽين جي بيماري پوري علائقي ۾ ڦهلجي چڪي آهي، انسانن جي خوشين کي موت جو راڪاس پنهنجي ٻنهي هٿن سان وات ۾ وجهي ڳيت ڏئي ڳڙڪائي رهيو آهي، هر گهر جي اڳيان موت جو دهل وڄي رهيو آهي، هر ماڻهو جي اک آلي آهي. اچو ته پنهنجي ماڻهن کي بچايون جيڪي هٿن جو پورهيو ڪري، اسان ۽ اسان جي ٻچن جو پيٽ ڀري رهيا آهن.”
    “علائقي ۾ گيسٽرو ڪانهي، اهي افواھ آهن، انتظام هلائيندڙ ڪميٽي جي هڪ ميمبر فتوا جاري ڪندي فرمايو” جنهن شهر ۾ هڪ عدد خانگي اسپتال ٺهرائي هئي.
    “پوري علائقي ۾ او-آر- ايس- ORS ورهايا وڃن، مفت ڪئمپ نه لڳڻ گهرجي.” انتظام هلائيندڙ ڪميٽي جي ٻي ميمبر ڊاڪٽر اکيون ڇنڀيندي شيطاني مرڪ مرڪي چيو.
    “نه نه او -آر- ايس جي به ضرورت ناهي، ماڻهن کي هيلٿ ايجوڪيشن ڏني وڃي.” ٽئين ميمبر زيان خور ٻلي وانگر چپن تي زبان ڦيرائيندي چيو.
    “ماڻهو مفت خور ٿي پيا آهن، هو مفت جي دوائن تي مرن ٿا.” چوٿين ميمبر ڊاڪٽر چشمو صاف ڪندي چٻري وانگر ڪنڌ کي گول ڦيرائيندي چيو.
    گڏجاڻي ۾ سواءِ ڊاڪٽرن جي، ٻي ڪنهن به ڪئمپ جي مخالفت نه ڪئي پر جيئن ته “انتظام هلائيندڙ ڪميٽي” جا اڪثر ميمبر ڊاڪٽر هيا، جن ڀرپور مخالفت ڪئي ۽ سماجي تنظيم پاران مفت ڪئمپ نه لڳڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
    چريو، موڳو ۽ مست ميمبر ڪن ڍرا ڪري سماجي تنظيم جي آفيس مان ٻاهر نڪري وڃي رستي تي بيٺو. جتي هُن موت جي راڪاس کي پنهنجي لشڪر سميت ڏسي ورتو. چرئي ۽ موڳي مست کي ڪاوڙ اچي وئي، هن تيز ڊوڙي وڃي موت جي راڪاس کي پڪڙي ورتو. “اي منحوس موت جا راڪاس! تون هر سال هن شهر جي ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ ڇو ٿو موت جا منظر پيدا ڪرين؟ ڇو ٿو بهار جي مند ۾ معصوم مکڙين کي پنهنجي پيرن ۾ لتاڙين؟؟”
    “ڇڏ مون کي” موت جي راڪاس چرئي، موڳي ۽ مست کان ڳچي ڇڏائيندي چيو.“مان پنهنجي فوج سميت هن علائقي مان وڃان پيو، مون تي الزام نه هڻ..... مان ٻيهر وري نه ايندس، ڇو ته مون کان وڏا ۽ تمام وڏا راڪاس هن شهر ۾ جنم وٺي چڪا آهن، جيڪي تنهنجي ماڻهن جي ڦٽن تي مرهم رکڻ جي دعوا ڪري ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جا عادي ڏوهاري بڻجي چڪا آهن. اي موڳا مان موت جو راڪاس، منهنجو ڪم ئي موت ڏانهن گهلي وڃڻ آهي ۽ تنهنجي انسان جو ڪم آهي انسان جي زندگي بچائڻ ۽ سنوارڻ. پر اي چريا جڏهن انسان خود مون کان به وڌيڪ موت جا راڪاس بڻجي وڃن، اتي آءُ ڪڏهن به نه رهندو آهيان ڇو ته اتي منهنجي حيثيت ان ماڪوڙي وانگر آهي، جيڪو هاٿين جي ميڙ ۾ موجود هوندي به نظرن ۾ نه ايندو آهي. اي چريا مان رڳو بدنام آهيان دراصل ۾ منهنجو ڪم ته تنهنجا انسان ڪري رهيا آهن، اي مست! تنهنجي سماجي تنظيم جي آفيس ۾ ويٺل سماجي ماڻهن، هن گڏجاڻي کان اڳ پنهنجي ايسوسيئيشن جي گڏجاڻيءَ ۾ مفت ڪئمپ نه هڻڻ ۽ هڪ مريض کان هڪ ڊرپ جا ٻه سؤ ويھ رپيا رقم وٺڻ جو فيصلو ڪري چڪا آهن. اي چريا! تون واقعي موڳو مست ۽ چريو آهين تون اهڙن ماڻهن کي غور سان ناهي ڏٺو جيڪي منهن تي انسان دوستي جو نقاب پائي گهمي رهيا آهن. مون جڏهن تنهنجي سماجي ماڻهن جو اهيو فيصلو ٻڌو تڏهن پڪ ٿي وئي ته منهنجا ڏاڏا ۽ پڙ ڏاڏا ميدان تي لهي چڪا آهن، هاڻي اهي منهنجو ڪم خود ڪندا. ان لاءِ آءُ بي فڪرو ٿي هيءُ علائقو ئي ڇڏيون وڃان ٿو. وڃ ۽ وڃي انسانن جي روپ ۾ راڪاسن جي ڳچي ۾ هٿ وجهي پڇ، ته هي حيوانيت ۽ موت جو ننگو ناچ ڇو نچي رهيا آهن. وڃ ۽ وڃي انهن انسانن جي ويرين کان پُڇُ! جيڪي منهن تي سماج سڌارڻ جي دعوا جو نقاب چاڙهي، سماج جي بي پهچ ۽ نڌڻڪن ماڻهن جي خون کي ڄؤرن وانگي پي رهيا آهن. هوڏس غور سان پنهنجا انسان... هوڏس اچن پيا منهنجا ابا ۽ ڏاڏا.
    چرئي، موڳي ۽ مست ڪنڌ ورائي سماجي تنظيم جي آفيس ڏانهن ڏٺو، جتان وڏي تمام وڏي سماجي تنظيم جي انتطام هلائيندڙ ڪميٽي جا اڳواڻ ۽ ميمبر کلندا نڪري رهيا هئا. جن جا ڏند انساني خون سان رڱيل هئا، جن جون زبانون وات کان فوٽ کن ٻاهر نڪتل هيون، جن جي واڇن مان معصوم ۽ مسڪين ماڻهن جو رت ڳڙي رهيو هو.
    موڳي مست ڏٺو ته اُهي ميمبر تمام وڏي سماجي تنظيم جي انتظام هلائيندڙ ڪميٽي جا ميمبر، پنهنجا دوڏا پنهنجي هٿن تي کنيون پئي آيا. موڳي مست دل ئي دل ۾ چيو ته هائو اي موت جا راڪاس واقعي تو سچ چيو. هتي تنهنجي دال نه ڳرندي ڇو ته تو اڃا پنهنجيون اکيون ڪڍي هٿن تي ناهن رکيون، ها اڃان توکي اکيون آهن. اي موت جا راڪاس مون کي اها ڄاڻ هئي ته اڄ جي اڪثر انسانن پنهنجي اکين مان حياءُ، شرم، محبت ۽ انسان دوستي کي لوڌي ڪڍيو آهي، پر انهن جون اکيون پنهنجي جاءِ تي قائم آهن، جن ۾ ڪڏهن حياءُ، شرم، محبت ۽ انسان دوستي ٻيهراچي سگهي ٿي. پر مون کي اها خبر نه هئي ته سماج کي سڌارڻ جي دعوا ڪندڙ اهڙا به انسان آهن، جيڪي پنهنجيون اکيون ڪڍي هٿن تي رکي گھمائي رهيا آهن ۽ واقعي اهڙن ماڻهن وٽ ٻين لاءِ ڪجھ به نه هوندو، جيڪي انسان نه پر “راڪاسي رهبر” آهن.
    موڳي مست کي اسيمبلي ۾ ويٺل اهو شخص ياد آيو جنهن شهر جي ماڻهن کي موضي مرض مان بچائڻ لاءِ پاڻ سان گڏ دوائون ۽ ڊرپون آنديون هيون.
    موڳي مست وڏيري کي رڙ ڪندي چيو،“اي خانداني نالي وارا وڏيرا ڀڄ هتان، ڇو ته هاڻ پڙهيل ۽ وڏن وڏيرن اچي ديرو ڄمايو آهي، ڀڄ هتان، ڪٿي اهي پڙهيل وڏيرا توکي به ڳڙڪائي نه وڃن.

    نصيرآباد 11 اپريل 1995


    اندر ڪارو ڪانءُ

    هونءَ ته هو هڪ مالياتي اداري ۾ آفيسر هو، پر شام ٿيندي ئي، هن کان آفيسري وسري ويندي هئي ۽ شهر جي ڪنهن بئنچ يا خالي پيل صندل تي پلٿي ماري ويهندو هو. ان وقت هو پنهنجي ٽڪڻ، جنهن تي اڌورا وار هوندا هيس ۽ اڳيون اڌ حصو بلڪل اسٽيل جي وٽي وانگيان لسو هيس، اها چمڪندڙ ٽڪڻ ڪنهن مالشي حوالي ڪري ڇڏيندو هو ۽ مالشي سرنهن جي تيل مان لپون ڀري ٽڪڻ تي هاري مالش ڪندو هو. هو دنيا جهان کان بي پرواھ ٿيو، پنهنجي ٽڪڻ جي مالش ڪرائيندو هو.ڪڏهن ڪڏهن شهر جي ڪنهن ڪولڊڪارنر اندر ڪرسي تي ويهي اڳيان پيل ٽيبل تي ڄنگھون سڌيون ڪري ٽڪڻ کي مهٽرائيندو هو. ان وقت هو مون کي اهڙو شخص لڳندو هو، جيڪو هن سماج جي سڌاري لاءِ پنهنجي انا، ذات، ريتون رسمون ۽ دوستيون قربان ڪري يگانو بڻجي هر انسان لاءِ سک ۽ امن ڳوليندو هجي. ڀلا ڇو نه؟ هو شهر جي سماج سڌارڪ تنظيم (اين جي اوز) جو عهديدار هو، ان ڪري هِن جي مٿي تي دنيا جهان جا درد اچي ڪڙڪيا هئا جن جي حل لاءِ هو روزانو ٽِڪڻ تي مالش ڪرائي حل ڳوليندو هو.
    هن جي ٻي خوبي اها به هوندي هئي ته هو ڪنهن به ننڍڙي ڳالھ کي پنهنجي اتم ۽ ڪمال جهڙي ٽڪڻ اندر موجود ميڄالي ۾ هٿ ٺوڪي ڳالھ ٺاهي ان کي تمام گهڻو وزندار بڻائي، پنهنجي گول مول وات اندر ان بي تُڪي ڳالھ کي ڦيرائي ڦيرائي ايڏي اشتهار بازي ڪندو جو شهر جا اڪثر ماڻهو چوڻ تي مجبور ٿيندا آهن ته “افسوس اهو ماڻهو آفيسر ڪيئن ٿيو؟ ان کي ته دهلاري ٿيڻ گهربو هو” اڪثر حالتن ۾ هو هٿ ٺوڪيو اهڙو ته پڙهو ڏيندو هيو جو شهر جا نامي گرامي، طبلچي ۽ دهلاري ٻانهون ٻڌي هن کان پنهنجي جان ڇڏائڻ ۾ پورا ٿي ويندا هئا.
    انهيءَ آفيسر جي هڪ سؤٽ جو قول آهي ته “ مها سياڻن جا ڇھ قسم ٿيندا آهن.هڪڙا مها سياڻا پِتل جا، ٻيا اسٽينل اسٽيل جا، ٽيان لوھ جا، چوٿان ڪاٺ جا، پنجان مٽيءَ جا ۽ ڇَهان مها سياڻا ڪوئلي جا. اهڙن مها سياڻن جي الماريءَ ۾ پيل هي ماڻهو ڇهين نمبر واري مها سياڻن جي سٿ ۾ شامل آهي. جيڪو ان کي هٿ لائيندو،ان جو هٿ به ڪارو ٿيندو، جيڪو ان سان ڀاڪر پائيندو، اهو منهن سميت ڪارو ٿي ويندو.”
    باوجود اهڙن لقبن جي هو پنهنجي ڌن ۾ مست هاٿيءَ وانگيان گهمندو ڦرندو رهندو آهي ۽ هر شام شهر جي ڪنهن نه ڪنهن خالي صندل تي ويهي پنهنجي ٽڪڻ ،مالشي حوالي ڪري،مالش ڪرائيندو آهي.اڪثر هو پنهنجي والد ماجد مرحوم جا ٻه چار قول، مالشي يا ڀَرَ ۾ ويٺل ڪنهن اڻ واقف کي ٺونشي وانگيان دون ۾ وهائي ڪڍندو آهي.
    هو اڄ شهر جي ڪنهن به چؤڪ، صندل يا ڪنهن بئنچ تي مالش ڪرائيندي نظر نه آيو، نه ئي ڪنهن مانڊڻي تي ويهي ڳالھ مان ڳالھوڙو يا ڪنهن جي گلا ڪندي نظر آيو، شايد ان ڪري جو سڄو ڏينهن برسات وسندي رهي يا اڄ هو ڪنهن سماجي مِشن تي ٻاهر ويل هو!!؟
    ڏينهن رات جي برسات وسڻ بعد آءُ صبح جو پنهنجي اليڪٽرڪ جي دوڪان کي کولي وڃي ويٺس. پکن ٺاهڻ واري مستري مونکي غور سان ڏسندي بئنڪ آفيسر بابت پڇا ڪئي“ توهانجي سماجي تنظيم جو ميمبر آهي نه !؟ ان کي ڀلا ميمبر ڪنهن بڻايو هو؟”
    هو نه صرف ميمبر آهي پر اسان جي سماجي تنظيم جي هڪ اهم عهدي تي به هن سال چونڊجي آيو آهي...شهر جي گريجوئيٽ ميمبرن هن کي ووٽ ڏيئي چونڊيو آهي.باقي رهيو ميمبر ڪرڻ وارو سوال، ان جو جواب هي آهي ته ان کي ميمبر مون ئي بڻايو هئو.مون فخر وچان پکن ٺاهڻ واري مستريءَ کي جواب ڏنو.
    “ افسوس آهي سائين اوهان تي ۽ اوهان جي پڙهيل ماڻهن تي جنهن ان کي ووٽ ڏئي پنهنجي تنظيم جو عهديدار بڻايو، هڪ اهڙي تنظيم جو جنهن جو ڪم سماج مان برائيءَ جي پاڙ پٽڻ آهي.اهڙي تنظيم جو اهو ماڻهو ميمبري جي لائق به ناهي” مستريءَ نفرت جو اظهار ڪندي مون کي چئي ڏنو.
    ڇو؟ هو مالياتي اداري ۾ آفيسر آهي...........
    “ڌوڙ پئي اٿس منهن ۾...... جيڪڏهن اوهان جا عهديدار اهڙا آهن ته پوءِ هن شهر ۾ جڪو سماجي سڌارو ايندو، سو ڏيھ ڏسندو! سائين ڪجھ ڌيان ڌريو! اهڙي قسم جا ماڻهو ته ميمبر نه ڪريو،جيڪي خود هن سماج ۾ برائيءَ جون پاڙون آهن، جيڪي پاڻ هن سماج لاءِ هڪ وڏو عذاب ۽ ٻوجھ آهن.” مستري پڪڙ سان تار کي وٽيندي چيو.
    مستري آخر ڪهڙو سبب آهي جو تنهنجي ڪاوڙ اسان جي عهديدار مٿان لهي ئي نٿي.؟ هُن اهڙو ڪهڙو ڪم ڪيو آهي؟ جو هو سماج لاءِ عذاب ۽ ٻوجھ بڻجي ويو آهي؟
    ڇڏيو سائين!! ڄڻ اوهان کي ڪابه خبر ئي ناهي؟
    نه واقعي مونکي ڪابه خبر نه آهي.مون پنهنجي حيرت جو اظهار ڪيو.
    هو هر رات شراب پي نشي ۾ ڌُتَ ٿي پاڙي وارن کي گاريون ڏيندو آهي؟ اها ته اوهان کي خبر ضرور هوندي.
    نه استاد مان ان ڳالھ کان بلڪل اڻ واقف آهيان.
    ڀلا هيءَ ته اوهان کي ڄاڻ هوندي ته هو جواري آهي ؟
    ها اها ڳالھ ٻڌندو آهيان پر مون اُن کي ڪڏهن جوا کيڏندي ناهي ڏٺو.
    اوهان جوا کيڏو ته ان کي ڏسو نه!؟ ..... رات به هُن هڪ لک کان مٿي رقم جوا ۾ هارائي آهي.
    واقعي!!!!!
    “ها .... اها ته اوهان کي به خبر نه هوندي ته اوهان جو عهديدار هم جنس پرست آهي؟ جڏهن ته هن کي ٽي پٽ ۽ ٻه نياڻيون آهن.”
    هو شادي شده آهي، ٻارن ٻچن جو پيءُ آهي.اها ضرور خبر اٿم پر هو هم جنس پرست به آهي، اها خبر تنهنجي واتان ٿو ٻڌان. مستري اڳيان مون پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ مناسب سمجهيو.
    “پوءِ اوهان جو ڏوھ ناهي، لڳي ٿو ته کوڙي کي ئي گهمرو آهي.” مستري پنهنجي جذبن کي روڪي نه سگهيو.
    مستري خيال سان ڳالهاءِ، جذباتي نه ٿيءُ، مان صبر سان تنهنجو سڀ ڪجھ ٻڌان پيو ان جو اهو مطلب ٿورئي آهي ته تون اچي ڳچيءَ ۾ پئه. مون ٿوري ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
    “جذباتي نه ٿيان سائين!؟ مان اڻ پڙهيل ۽ جاهل ضرور آهيان پر اوهان وارو پڙهيل لکيل عهديدار وڏو جاهل آهي. اوهان کي خبر آهي ته هن وسندڙ برسات جي رات ڪهڙو سماجي ڪم ڪيو آهي؟”
    نه مونکي ڪا به خبر ناهي استاد. مون حيرت وچان چيو.
    ٻڌو سائين! مستري پنهنجي ڪم کي ڇڏي مونسان مخاطب ٿيو“هر رات پنهنجي گهر ڀاتين کي گاريون ڏيڻ هن جو روز جو ڪم آهي پر رات جنهن وقت برسات وسي رهي هئي، بجلي به بند هئي، ان وقت اوهان جي سماجي ڪارڪن رات جو ٻين وڳي ڌاران، رات جي اونداهيءَ ۾ ،پنهنجي امڙ کي وارن کان جهلي اڱڻ تي گهلي موچڙا هنيا آهن! .... ۽ پنهنجي ماءُ ۽ ڀينرن کي گاريون ڏيئي ،گهر مان ڪڍي ڇڏيائين، جيڪي پنهنجي مائٽن جي گهر روئنديون ويون. هُن رات سڄو پاڙو پاڻ تي کلايو آهي. افسوس آهي جو اهڙو ماڻهو اوهان جو ميمبر آهي !! اهڙي قسم جو ماڻهو سماج کي ڪيئن سڌاريندو؟” پکن ٺاهڻ واري مستري ڄڻ منهنجي منهن تي گهروڙي ڀونڊو ڏيئي ورتو.
    اهڙي ڳالھ ٻڌڻ بعد مونکي دوڪان تي ويهڻ ۾ مزو نه پئي آيو، دوڪان تان اٿي پنهنجي سماجي تنظيم جي صدر وٽ آيس ۽ پکن ٺاهڻ واري مستريءَ پاران گهروڙي ڏنل ڀونڊو جيئن جو تيئن ، پنهنجي اڳواڻ اڳيان پيش ڪيو. صدر صاحب ڪي گهڙيون ماٺ رهيو.
    هُن جي ڀينرون اڄ صبح ساجهر گهر اچي، مون کي روئي دانهن ڏئي ويون آهن. صدر صاحب خاموشي ختم ڪندي چيو“ اِهو اُن جو ذاتي ڪردار ۽ مامرو آهي، جنهن سان اسان يا اسان جي تنظيم جو ڪو به واسطو نه آهي، سماجي تنظيم ڪنهن جي ذاتي ڪردار سان ٻڌل ناهي.”
    پر صدر صاحب هر فرد جو هر تنظيم اندر ذاتي ڪردار تنظيم لاءِ ايترو ئي اهم آهي، جيترو جسم لاءِ ساھ. اهو شخص ڪهڙو سماجي انقلاب آڻي سگهي ٿو، جنهن جو ڪردار خود سماج لاءِ هڪ سوال هجي؟ اهڙو شخص ڪنهن ٻئي جي ماءُ جو ڪهڙو احترام ڪندو؟ جيڪو پنهنجي ماءُ کي وارن کان جهلي اڱڻ تي گهلي گهر مان ڪڍي ڇڏي ٿو، ان قسم جو ماڻهو ٻين جي ڀينرن جي ڪهڙي عزت ڪندو؟ جيڪو پنهنجي ڀينرن جي بي عزتي ڪري ٿو. اهڙو شخص سماج سڌارڪ نٿو ٿي سگهي، پر اهڙي قسم جو ماڻهو سماج سڌارڪ تنظيم جي ٻين ميمبرن جي منهن تي به موچڙو آهي، ملامت ۽ بدنامي جو نه مٽنجندڙ داغ آهي. مون پنهنجي جذبن کي صدر صاحب اڳيان ظاهر ڪيو.
    “ تنهنجو دماغ خراب آهي، تون هميشه بيوقوفن واريون ڳالهيون ڪندو آهين، اهي تنهنجون ڳالهيون تنظيم اندر ڀڃ ڊاھ ڪنديون ۽ لڳي ٿو ته تون هاڻي تنظيم اندر ٽوڙ ڦوڙ ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهين.” صدر صاحب ڇنڊ پٽيندي چيو. “ وڃ بابا وڃي پنهنجي ڪم سان ڪم رک، تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي ڪنهنجي ذاتي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ جو؟”
    اي سماجي تنظيم جا صدر صاحب!!! اها پنهنجي ذهن ۽ ضمير سان غداري آهي، مون کي افسوس آهي ته اوهين ڪنن هوندي ٻوڙا، اکين هوندي انڌا ۽ زبان هوندي گونگا آهيو..... مونکي اڄ سمجھ ۾ آيو ته اوهان سماجي ڪم صرف دنيا کي ڏيکارڻ، پنهنجي معتبري جتائڻ ۽ ذهني عياشي سمجهي ڪريو ٿا.....۽ اهي شيون جتي گڏ گڏ هلنديون هجن اتي چرياڻ قسم جا ماڻهو ڪٿي هلي سگهندا؟
    ٻئي ڏينهن صبح سان مونکي سماج سڌارڪ تنظيم پاران “ تنظيم اندر ٽوڙ ڦوڙ ۽ ميمبرن جي ذاتي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ ” جي ڏوھ ۾ صفائي پيش ڪرڻ جو نوٽيس مليو..... مون نوٽيس پڙهي مرڪي ڏنو. مونکي لطيف سرڪار جو بيت ياد اچي ويو
    اندر ڪارو ڪانءُ، ٻاهر ٻولي هنج جي،
    اهڙو ٺلهو ٿانءُ، ڀڃي ڀورا نه ڪرين

    (آڪٽوبر 1998ع واري سنڌ رنگ شماري ۾ شايع ٿيل)


    چار گاريون

    اڄ مون کي ٻن ڏوهن جو فيصلو ٻڌائڻو آهي، اڄ مون کي انصاف ڪرڻو آهي، هڪ قتل جو ڏوھ، جنهن ڏوھ ۾ هڪ غريب هاري جوابدار آهي، جنهن جي ڏاند ٽڪر هڻي ڳوٺ جي چڱي مڙس جي پٽ کي ماري وڌو هو. ملڪ جي قانون ڏاند جي ڪيل گناھ جي سزا ڀوڳڻ لاءِ ڏاند جي مالڪ کي گرفتار ڪري ورتو هو، اهو اِن لاءِ ته هُن اهڙو ڇڙواڳ ۽ خوني ڏاند ڇو ڇوڙيو هو، جيڪو مالڪ جي قابو ۾ نه هيو ۽ اهڙي مٿي ڦريل ۽ ڇڙواڳ ڏاند جي مالڪ کي ملڪ جي قانون سيکت ڏيڻ لاءِ پڪڙي ورتو هو. جنهن غريب شخص جي نه ڪيل ڏوھ جو اڄ مون کي فيصلو ٻڌائڻو آهي.
    منهنجي اندر ۾ ويٺل کري منصف مون کي پنهنجي فيصلي کان آگاھ ڪري ڇڏيو ته،“غريب شخص جو ڪوبه ڏوھ نه آهي، ملڪ جو ڪو به قانون هاري کي سزا نٿو ڏئي سگهي.”
    ٻيو گناھ قتل جو ئي هيو، شهر جي هڪ واپاري جي پٽ تيز رفتار گاڏي هلائي، هوٽل جي هڪ مزدور کي چيڀاٽي ڇڏيو هو، جنهن جي رپورٽ ۾ ڄاڻايل هو ته سيٺ جو پٽ نه نشي جي حالت ۾ هو نه ئي سندس گاڏي ۾ ڪا خرابي هئي. هوٽل جي مزدور يونين جي زور تي پوليس فرياد ته داخل ڪرائي هئي، پر واپاري جو پٽ گرفتار ٿيڻ کان اڳ ضمانت ڪرائي ورتي هئي، ۽ هو هڪ منٽ به ٿاڻي جي عمارت ۾ نه رهيو، اهڙي ڇڙواڳ ۽ خوني انسان کي قانون اڳواٽ ضمانت جو تحفظ ڏنو هو. جنهن جي ڪيل ڏوھ جو اڄ مون کي فيصلو ٻڌائڻو هو.
    منهنجي اندر ۾ ويٺل کري منصف مون کي پنهنجي فيصلي کان آگاھ ڪندي چيو ته،“واپاري جي پٽ پيسي جي مڳي ۽ لاپرواهي سبب تيز رفتار گاڏي هلائي روڊ جي پاسي ۾ بيٺل هوٽل جي مزدور کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو آهي، جنهن واپاري جي لاپرواھ پٽ کي سزا ملڻ گھرجي ۽ ڪوبه قانون ان کي سزا کان بچائي نٿو سگهي.
    مون انصاف لکندڙ قلم کي هٿ ۾ کنيو، ڳوٺ جي چڱي مڙس جي وڏي وڪيل جي مضبوط دليلن کي سامهون رکيم، مون غريب شخص جي ڪيل نئين وڪيل جي ڪمزور دليلن کي به جانچيو. مون انصاف ڪندي لکي ڇڏيو ته،“ هاري کي ڳوٺ جي چڱي مڙس جي پٽ جي قتل ۾ ست سال سزا ڏجي ٿي، ڇو ته هاري پنهنجي ڏاند کي ڀنگ پياري مست ڪري ڇڏيو هو، جنهن جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ ثابت ٿيل آهي. وڪيل جو هي دليل وزندار آهي ته ملزم هاري، زمين جي هارپ کسجڻ جي انتقام وٺڻ لاءِ چڱي مڙس جي پٽ کي پنهنجي ڀنگ پيتل مست ڏاند جي هٿان مارايو. اکين ڏٺل شاهدن موجب هاريءَ چڱي مڙس جي پٽ کي سامهون ايندو ڏسي پنهنجي ڏاند جي رسي مان هٿ ڪڍي ڇڏيو. هاري ڄاڻي واڻي ڏاند هٿان چڱي مڙس جي پٽ کي مارايو آهي.”
    مون پنهنجي انصاف لکندڙ قلم کي وري وهايو ۽ لکي ڇڏيو ته، “حادثو اتفاقي ٿيو آهي”. منهنجي دماغ ۾ واپاري جي پٽ جي بچاءَ لاءِ وڙهندڙ وڏي وڪيل جا وڏا دليل موجود هئا، ۽ غريب مزدور جي وڪيل جا ڪمزور دليل ۽ خاموشي اڳيان هئي. مون لکي ڇڏيو ته،“واپاري جي پٽ جي ضابطي مان گاڏي نڪري چڪي هئي، جڏهن ته واپاري جي پٽ کي مزدور مارڻ جو ڪوبه شوق نه هيو نه ئي مزدور سان ڪا دشمني هيس. ان ڪري سيٺ جي پٽ کي باعزت آزاد ڪجي ٿو. مون پنهنجي انصاف لکندڙ قلم سان ٻنهي فيصلن تي صحيح ڪري ڇڏي.
    منهنجي اندر ۾ ويٺل کري منصف هڪل ڪندي چيو ته، “اي نادان تو هر پاسي غريب کي ئي پنهنجي انصاف جي ڪاتيءَ سان ڪٺو آهي، تون وڏو ڏوهي آهين ۽ ڏوهن جي پيداوار آهين.” مون موٽ ۾ اندر ۾ ويٺل کري منصف کي چار گاريون ڏئي ماٺ ڪرائي ڇڏيو.

    شايع ٿيل: عبرت مئگزين 08-08-1995


    هڪ قبر ٻه لاش

    خدا بخش سوچي رهيو هيو ته آخر ڇوڪري مان هو ڪيئن جند ڇڏائي؟ هن کي ڪجھ به سمجھ ۾ نه پئي آيو. مون کي پنهنجي قيامت ڪاري ناهي ڪرڻي، آءُ ننڍو ٿي وڏو هن حويلي ۾ ٿيو آهيان. پوءِ مان ائين ڪيئن ٿو ڪري سگهان؟ ائين ڪرڻ کان اڳ خدا ماري ته چڱو، زهر کائڻ سٺو. پر مرشدن جي شان ۾ ڪڏهن به گستاخي نه ڪندس. مان وڃان ته ڪاڏي وڃان؟! ٻه دفعا سائين وڏي کي چيو اٿم ته سائين مون کي هاڻي موڪل ڏيو ته، مان وڃان، هاڻي منهنجي هن حويلي ۾ رهڻ سٺو نه آهي، پر سائين مڃي ئي نٿو. نيٺ وڃان ته ڪاڏي وڃان، هيڏانهن باھ هوڏانهن ڀِتِ.! جيڪر سائين وڏي کي چئي ڏيان ته سائين تنهنجي نياڻي مون کي تنگ ٿي ڪري، چُهنڊيون ٿي هڻي، جنهن ڪري مان وڃان ٿو، مان توهان جو دشمن ڪيئن ٿيندس؟!
    واھ سائين واھ! چئبو ته دنيا کان بي خبر پنهنجي ڌُن ۾ ويٺو آهين. حويلي جي ٻي نوڪر سلطان، خدا بخش کي خيالن جي دنيا کان ٻاهر آڻي ڇڏيو.
    سلطان مان پريشان آهيان مون کي تنگ نه ڪر.
    پريشان! صفا چريو آهين، هيڏي وڏي حويلي ۾ ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا توکي پريشان ڪري رهي آهي؟ عيش عشرت آهي، مريدن جا ڏوڪڙ، پوءِ به تون پريشان آهين؟!..
    ها، سلطان مان پريشان آهيان.
    پر ڇو ۽ ڇا جي ڪري؟
    منهنجي جواني منهنجي پريشاني جو سبب آهي.
    جواني! جواني به ڪنهن کي پريشان ڪيو آهي ڇا؟ سلطان ٽهڪ ڏيندي چيس، مان به ته جوان آهيان، کڻي تنهنجي چمڙي مون کي اڇي آهي.
    اها اڇي چمڙي ئي ته آهي جنهن مون کي پريشان ڪيو آهي.
    آخر ڳالھ ڇا آهي خدا بخش؟
    يار ڪابه ڳالھ نه آهي، بس منهنجي توبهن آهي توبهن. خدا بخش نڪ مٿان آڱر رکي مهٽيندي چيس.
    نٿو ٻڌائين ته وڃي کڏ ۾ پئهُ رڳو ٿو توبهون ڪرين، ڄاڻ چريو ٿئين. سلطان ڪمري مان نڪرندي خدا بخش کي چيو.
    خدا بخش کٽ تي پاسا ورائيندو رهيو، گھڻي دير تائين ڇتِ کي تڪيندو ۽ سوچيندو رهيو، پر هن حويلي مان نڪرڻ جا ڪا واھ ئي ڏسڻ ۾ نه آئي، خدا بخش سائين وڏي جي اجازت کانسواءِ وڃڻ نه پيو گهري، ڇو ته هو اڪثر چوندو هيو ته جنهن سائين وڏي جي نافرماني ڪئي اهو جهنمي آهي ۽ خدا بخش جهنمي نه پيو ٿيڻ چاهي.
    رات ڪافي گذري چڪي هئي، خدا بخش اڃا جاڳي رهيو هو، هن ائين محسوس ڪيو ته ڪو ماڻهو هن جي ڪمري ڏانهن وڌي رهيو آهي، هن پنهنجيون اکيون در ۾ کپائي ڇڏيون، جيڪي اڃا تائين کليل هيون، سڪينه کي ايندو ڏسي هن جي بُت مان ساھُ ڇڏائجي ويو هو هيئنر هڪ لاش مثل لڳي رهيو هو، ان لاش مثل جنهن جو موت ڪنهن خوف وچان ٿيو هجي. هو صرف سڪينه کي تڪي رهيو هيو، جيڪا هن جي کٽ تي پهچي چڪي هئي.
    ڏس خدا بخش تنهنجي محبت مون کي اڄ تائين ڏاڍو جلايو آهي، اڄ محبت ئي هيسيتائين اچڻ تي مجبور ڪيو آهي، تون ساٿ ڏي ته آءُ هيءَ حويلي به ڇڏي توسان هلنديس. سڪينه خدا بخش کي چيو، جيڪو اڃان تائين بُت بڻيو پيو هيو.
    خدا بخش هن سيني ۾ جيڪا باھ ٻري رهي آهي، ان کي تون ئي وسائي سگهين ٿو. خدا واسطي صرف هڪ دفعو پنهنجي ٻانهن ۾ مون کي جهلي ايڏو زور ڏي، ايڏو زور ڏي جو آءُ تنهنجي جسم سان هڪ ٿي وڃان. سڪينه نِوِڙي خدا بخش کي چُمي ڏني، خدا بخش جي بدن ۾ بجلي ڊوڙ کاڌي، هن جا چپ خشڪ ٿي چڪا هئا، هو ٽِپُ ڏئي کٽ تي اٿي ويٺو، سڪينه پنهنجون ٻانهون خدا بخش جي ڳچيءَ ۾ وجهي خدا بخش کي ليٽايو ۽ لڳاتار چميون ڏيندي رهيس، خدا بخش جي دل زور زور سان ڌڙڪندي رهي، هو ائين محسوس ڪري رهيو هو ته ڄڻ مان جهنم جي هيٺين طبقي ۾ وڃي رهيو آهيان. خدا بخش سڪينه جي ڀاڪر مان پاڻ ڇڏائي ڪمري مان نڪري ويو، دل ۾ آيس ته رڙيون ڪري دنيا وارن کي ٻڌايان ته هڪ حويلي ۾ اڄ ڇا ٿي رهيو آهي، پر سائينءَ وڏي جي بدنامي جي ڪري چپ ٿي ويو.
    سڪينه جنهن جون اکيون ڳاڙهيون ٿي چڪيون هيون، جنهن جي چپن جي گرمي پري کان محسوس ٿي رهي هئي، هُن جوسينو اُڀري آيو، سڪينه ٻنهي هٿن سان سيني کي مهٽڻ شروع ڪيو، اندر مان هڪ آھ نڪتس، گرم آھَ، “اڙي خدا بخش شل تون به مون وانگر جلندو رهندين.” ڪمري کان ٻاهر نڪري سڪينه آس پاس جو جائزو ورتو ۽ سڌو حويلي اندر هلي وئي. خدا بخش جيڪو ڪمري کان ٻاهر اڱڻ ۾ وڻ جي اوٽ ۾ بيٺو هيو، تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو ڪمري ۾ داخل ٿي در اندران بند ڪري ڇڏيو.
    سج ڪافي چڙهي چڪو هو، پر خدا بخش جي ڪمري جو در اڃا اندران بند هيو ، معمول موجب سائين وڏو ٽهلندو اچي نڪتو.
    ڇو خدا بخش اڃان تائين سُتو پيو آهي؟ رات ڪاڏي ويو هيو هو ڇا؟ سائين وڏي خدا بخش جو در بند ڏسي سلطان کي چيو جيڪو ڪُتر هڻي رهيو هو.
    سائين خبر ناهي مان جاڳايانس ٿو. سلطان ڪُتر جي مشين مان هٿ ڪڍندي چيو.
    سلطان گھڻو ئي در کڙڪايو، پر اندران ڪو به جواب نه مليس، هن کي سمجھ ۾ نه پئي آيو ته خدا بخش سڏ ڇو نٿو ڏئي؟ يا رات ڪو نشو ڪيو اٿائين؟ سلطان در جي وِٿيءَ مان ڏٺو، هن کان رڙ نڪري وئي،“ادا خدا بخش تو هي ڇا ڪيو.” سلطان ڊوڙندو سائين وڏي وٽ آيو.
    سائين.......... سائين خدا بخش ڇتِ ۾ ٽنگيو پيو آهي.
    ڇا؟! سائين حيرت وچان وراڻيو.
    ها سائين خدا بخش مري ويو! سلطان روئيندي چيو.
    سائين در جي وٿي مان خدا بخش کي ڏٺو جيڪو ڇت ۾ ٽنگيو پيو هو، سائين گھڻي سوچ ڊوڙائي پر کيس خبر نه پئجي سگهي ته خدا بخش خودڪشي ڇو ڪئي آهي؟ سائين وڏي پوليس گھرائي ورتي. پوليس دروازو ڀڃي خدا بخش جي لاش کي هيٺ لاٿو، گھڻي ڪوشش باوجود پوليس کي ڪوبه اهڙو ثبوت نه ملي سگهيو جنهن مان خدا بخش جي خودڪشي جو پتو پئجي سگهي. ڊاڪٽر رپورٽ ڏني ته ذهني دٻاءَ سبب خودڪشي ڪئي وئي آهي. پوليس کي ۽ وڏي سائين کي اها ڄاڻ پئجي نه سگهي ته خدا بخش تي ڪنهن جو ۽ ڪهڙو سخت دٻاءُ هيو؟!.. ڀلا سائين ۽ پوليس کي سُڌ پئي به ڪيئن، خدا بخش ته سور اندر ۾ سمائي هليو ويو، جيڪو سدائين جهنم جي باھ کان ڊڄندو هيو.
    بابا شل ڪاريءَ تي پير پوئي. سڪينه اندر ۾ پيءُ کي پاراتا ڏيڻ لڳي. سوچي رهي هئي ته منهنجي شادي بابو ڪرائي ها ته مان خدا بخش کي تنگ ڇو ڪريان هان، خدا بخش منهنجي تنگ ڪرڻ تي خودڪشي ڪئي آهي، بابو قاتل آهي، خدا بخش جو، منهنجو، منهنجي جذبن ۽ تمنائن جو.
    سڪينه اندر ئي اندر ۾ روئي رهي هئي، هوءَ سوچي رهي هئي ته ان خون ۾ مان به شامل آهيان، مان به قاتل آهيان. پر نه .......... قاتل ته بابو آهي، مان ته مجبور هيس، مان پنهنجن حسرتن کي ڪيئن برباد ڪريان، اندر ۾ جوانيءَ جو جيڪو طوفان پيدا ٿي چڪو آهي، ان کي روڪڻ منهنجي وس ته نه رهيوآهي، منهنجي دل ۾ به پيار آهي، مان به چاهيان ٿي ته ڪو اهڙو هجي، جيڪو مون سان ويهي ٻه پيار جا ٻول ٻولي ۽ منهنجي جذبن کي ٿڌو ڪري، جيڪي سالن کان منهنجي سيني ۾ اڀري رهيا آهن، جيءُ جلائي رهيا آهن.
    اڄ خدا بخش کي مهينو گذري چڪو آهي، سڪينه پنهنجي ڪمري ۾ هميشه وانگيان در بند ڪيون ويٺي آهي، سڪينه جي ذهن ۾ اڃا تائين خدا بخش جو سهڻو چهرو، ڪاريون اکيون، گھنڊيدار وارَ، اڏول جسم، ذهن ۾ نقش ٿيل ۽ هن جي اکين ۾ سمايل هيو، هو سوچي رهي هئي ته آخر هاڻي ڇا ٿيندو؟ مان ائين ئي مري وينديس، مون سان ڪو سور سلڻ وارو آهي ئي ڪونه، خدا بخش چڱو هيو، پر....... پر خدا بخش مون کي ڇا ڏنو؟ هوبه ته منهنجي سيني اندر لڳل باھ کي سمجهي نه سگهيو هو.
    سڪينه سوچي سوچي ٿڪجي پئي، نيٺ هُن هڪ ڳالھ سوچي ورتي، سڪينه جو منهن گلاب جي گل وانگيان ٽڙي پيو، ڳل خوشي وچان ڳاڙها ٿي پيس. پر خدا بخش وانگيان هو به انڪار ڪري ته پوءِ؟ سڪينه اهو سوچي مايوس ٿي وئي. نه ! مون کي مايوس ٿيڻ نه کپي، مان ڪوشش ڪنديس پوءِ جيئن هوندو نصيب ۾.... الله ڀلي ڪندو، صرف رات ٿئي مان پنهنجو ڀاڳ آزمائينديس.
    رات پنهنجي جوڀن ۾ هئي، سياري جون سرد هوائون هر جسم کي ٿڌو بڻائي رهيون هيون، هر ڪو ساھ وارو سيءَ کان لڪل هيو، مڪمل خاموشي ڇانيل هئي، صرف آواز هيو ته هوا جو، آواره هوا جو، تڙپائيندڙ هوا جو. سلطان ڪمري اندر سوَڙِ ۾ سيءَ کان لڪل هيو، هو گهري ننڊ ۾ ستل هيو. سلطان ٽپ ڏئي اٿيو، هن جو در کڙڪي رهيو هيو.
    ڪير آهي!؟ هن گهبراهٽ وچان سوڙ هٽائيندي پڇيو.
    سلطان کي ٻاهران ڪو به جواب نه مليو.سلطان در کوليو هن جون اکيون ڄمي ويون، هو سوچي به نٿي سگهيو ته سڪينه هتي ايندي، هن کي خبر هئي ته حويلي اندر سواءِ مرحيات خدا بخش جي ٻيو ڪو به نه ويندو هيو ۽ نه ئي ڪا عورت حويلي کان ٻاهر نڪرندي هئي، هن خواب سمجهيو، اکين کي جڏهن زور سان مهٽيائين تڏهن خبر پيس ته خواب نه پر حقيقت پيو ڏسان. هو بت بڻجي ويو، اکيون ٽِڪَ ڪري سڪينه کي ڏسندو رهيو، جيڪا هن جي بستري تي ويهي چڪي هئي.
    سائنڻ توهان....... هن همٿ ڪري پڇيس.
    ها، سلطان ڀرسان ويھ تو سان ٻه چار ڳالهيون ڪرڻيون آهن.
    ڪهڙيون ڳالهيون؟!.
    تون ويھ ته ٻڌايانءِ ٿي.
    سلطان ڪجھ به نه سمجهي سگهيو، هو آهستي آهستي اچي کٽ تي ويٺو، هن جا حواس هن جو ساٿ تڏهن ئي ڇڏي ويا، جڏهن سڪينه اٿي ڪمري جو درُ بند ڪيو.
    سائنڻ..... سائنڻ هي توهان ڇا ڪري رهيون آهيون؟ سلطان ڊپ وچان وراڻيو، پر اڃا هو ڪجھ به نه سمجهي سگهيو.
    سڪينه کٽ تي سلطان ڀرسان ويهي رهي، سلطان سُرڻ جي ڪوشش ڪئي پر، هو هينئر سڪينه جي ٻانهنِ ۾ اچي چڪو هيو، هن ۾ اها همٿ نه هئي جو هو سڪينه کان پاڻ ڇڏائي ڀڄي، جيڪا هن کي چميون ڏئي رهي هئي.
    منهنجي اندر ۾ باھ ٻري ٿي، منهنجو اندر جلي ٿو، ان کي وسائڻ لاءِ تو وٽ آئي آهيان سلطان.!
    سلطان ڪو به جواب ڏئي نه سگهيو، سلطان جي بدن ۾ چرپر ٿيڻ لڳي، هن جون اکيون به ڍريون ٿينديون ويون، چپ خشڪ ٿي چڪا هيس، سخت سياري هوندي به سلطان جو بدن پگهرجي ويو، سلطان جي رڳن ۾ خون ان وقت تيز تيز ڊوڙڻ شروع ڪيو جڏهن سڪينه جا چپ هُن جي چپن سان مليا ۽ هن جا چپ سڪينه جي چپن ۾ هيا. سلطان جون ٻانهون ازخود سڪينه ڏانهن وڌيون ۽ هينئر ٻئي هڪ ٻئي جي ڀاڪر ۾ هيا، ڪمري اندر سنهن سنهن آوازن سان گڏ گرم گرم ساھَ هيا مٺڙا مٺڙا درد ۽ سور هيا. هو هڪ ٻئي کي ائين چنبڙي پيا، ڄڻ کٽ تي هڪ جسم ستل هجي. سلطان جو هڪ هٿ جيڪو سيني تي ڪنهن شيءِ کي مهٽي رهيو هيو، اهو هٿ هيٺ سرڪندو ويو، سرڪندو ويو.، ۽............ ۽ گھڙي کن کانپوءِ هڪ سرد آھَ سڪينه جي اندر مان نڪتي، اها آھ جيڪا هن جو اندر ٺاري رهي هئي، هوءَ لڳاتار ٿڌا ساھَ کڻي رهي هئي، هن جون اکيون وڌيڪ ڍريون ٿي رهيون هيون. سڪينه هڪ دفعو سلطان کي زور سان پاڻ ڏانهن ڇڪيو. هڪ مٺو درد، هن جي اندر مان اڀري ٻاهر آيو ۽ گھڙيءَ کن کانپوءِ ٻئي جسم ساڻا ٿي پيا. سڪينه کي ڪا خبر نه هئي ته هوءَ ڪٿي آهي، هن جي اندر ۾ جيڪا خوشي اڄ پيدا ٿي هئي سا هن کي پنجويهن سالن تائين پنهنجو پيءُ به نه ڏئي سگهيو هو. هوءَ گھڙي کن بي ساهي بت وانگر کٽ تي ليٽيل رهي ۽ پوءِ سڪينه اُٿي.
    سلطان آءُ سڀاڻي به اينديس. هوءَ ڪمري کان ٻاهر نڪري وئي، اڄ سڪينه جي چال ڇڙواڳ هرڻي وانگيان هئي.
    سلطان هاڻي سوچيو ۽ دل ئي دل ۾ پشيمان ٿيڻ لڳو، توبهون ڪرڻ لڳو. ڪيڏي وڏي غلطي ڪئي اٿم!، قيامت ڪاري ڪري ڇڏيم، اڳتي اهڙي غلطي نه ڪندس، سڀاڻي اچي ته جهليندومانس. هو سڄي رات سوچيندو رهيو، سڪينه ۽ حويلي جي ٻين ڀاتين تي.
    سلطان سڄو ڏينهن به سوچيندو رهيو. اڄ رات مان جواب ڏيندو مانس ته “سائنڻ مون کان اهيو گناھ جو ڪم ڪونه ٿيندو، جيڪو ڏوھ ڪيم سو مولا ٻاجھ ڪري بخشيندو. آخر بندو گندو آهي، خطا جو گهر آهي”. سلطان پڪو پھ ڪيو ته اڄ رات جهليندومانس. پر جڏهن رات جو ڪمري ۾ هوءَ داخل ٿي، در بند ٿيو، ۽ سلطان سڪينه کي ڪجھ چئي نه سگهيو، وري به جسم هڪ ٿي ويا. ۽ هاڻي هر رات ائين ٿيندو رهيو.
    سڪينه جي دل هاڻي ڪچي ٿيڻ لڳي، ڪڏهن الٽيون ته ڪڏهن اوڪارا، هن کٽي شيءِ کائڻ شروع ڪئي. هن کي پنهنجو پيٽ وڏو ٿيندو ڏسڻ ۾ آيو ۽ پيٽ ۾ ڪنهن شيءِ جو چرڻ به هن محسوس ڪري ورتو. هوءَ مايوس ٿي وئي. هاڻي ڇا ٿيندو!؟ سڪينه سوچي رهي هئي، رات سلطان سان ڳالهائينديس ڪونه ڪو رستو ضرور تلاش ڪري وٺندو، آخر مرد آهي سڄو ڏينهن ٻاهر ٿو گذاري.
    سلطان مون کي پيٽ ٿي پيو آهي، هاڻ هل ته هن حويلي مان نڪري هلون. سڪينه رات جو سلطان کي چيو.
    سلطان کان ڄڻ شرڪ نڪري ويو. نه سائنڻ مان اهيو ڪم نه ڪندس، باقي سڀاڻي دوا وٺي ايندس، الله رحم ڪندو. سڪينه اڄ دوا جي آسري تي حويلي ۾ واپس آئي، پر دوائن به فرق نه ڏيکاريو. سڪينه جو پيٽ هاڻي ڪافي وڌي چڪو هيو، ۽ سلطان حويلي مان غائب هيو.
    حويلي اندرسڪينه جي وڌندڙ پيٽ سائين وڏي ۽ وڏي سائنڻ کي پريشان ڪري رکيو، هنن سمجهيو ته ڇوڪري کي جلندر جي بيماري آهي. پر جڏهن وڏي سائنڻ ٻار چرندي محسوس ڪيو ته هن جا حواس خطا ٿي ويا، هو ذري گھٽ بيهوش ٿيڻ واري هئي ۽ جڏهن سائين وڏي کي اها خبر پئي ته سائين وڏو سوچ ۾ پئجي ويو. هاڻي منهنجي عزت خاڪ ۾ ملي ويندي، ماڻهن ۾ ڪهڙو منهن وٺي ويندس. هن کي ڪابه ڳالھ سمجھ ۾ نه پئي آئي ته هو ڪري ته ڇا ڪري؟ سائين وڏو پيٽ اندر لڪل ٻار ۽ سڪينه تي ڪاوڙيل هيو، پر هوسڪينه کي ڪجھ چئي نه پئي سگهيو. ڇو ته خبر هيس مون پنهنجي پير تي ڪهاڙو پاڻ هنيو آهي. سائين وڏي کي اها به خبر پئجي ويئي ۽ سمجهي ويو ته خدا بخش خودڪشي ڇو ڪئي ۽ سلطان غائب ڇو آهي. سائين وڏو عزت بچائڻ لاءِ سوچي رهيو هيو ته عزت ڪيئن بچائجي ۽ هيءَ ڳالھ به حويلي کان ٻاهر نه نڪري. سائين نيٺ فيصلو ڪيو ته رات پنهنجي هٿن سان پنهنجي ڌيءُ جو ڳلو گھٽيندُس ۽ هميشه لاءِ بدنامي کان بچي ويندس.
    رات پنهنجي ڪاري چادر ويڙهي آيل هئي، سڪينه ڪمري اندر لڇي ڦٿڪي رهي هئي، هن جو بدن سور سور ڪري رهيو هو، پيٽ اندر مئل ٻار پنهنجو زهر ماءُ جي جسم ۾ داخل ڪري چڪو هيو، جيڪوٻار ڪيرائڻ وارين گھڻين دوائن کائڻ جي اثر سبب پيٽ ۾ ئي مري ويو هو. سائين وڏو سڪينه جي ڪمري اندر داخل ٿيو پر سڪينه ته اڳ ئي مري چڪي هئي، سڪينه جا چپ ڪارا ٿي چڪا هيا، بدن ڪاراٽجي ويو هيس ۽ بسترو سڄو رت سان ڳاڙهو ٿيل هو، سڪينه جو پيٽ وڏو ٿي چڪو هيو، سائين وڏي هڪ ڀيرو سڪينه تي نظر وڌي جيڪا هن جي گھٽن ڏيڻ کان اڳ ئي مري چڪي هئي. پوءِ هن آسمان جي طرف ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن جو نظرون ڪمري جي ڇت تائين محدود رهيون. سائين وڏي ٿڌو ڇوڪارو ڀريو. هن کي پنهنجي عزت بچندي محسوس ٿي.
    حويلي ۾ نه روڄ هيو نه راڙو، بلڪل خاموشي هئي ۽ حويلي جي هڪ ڪمري ۾ کوٽيل هڪ قبر ۾ ٻه لاش دفن ڪري ڪمري کي هميشه لاءِ ڪلف هڻي بند ڪيو ويو.

    لکيل نصيرآباد 6 آگسٽ 1985
    سنڌ رنگ ڊائجسٽ جي حويلي نمبر ۾ شايع ٿيل


    عيسيٰ پٽ....؟؟

    “تون حرامي آهين” جا لفظ ٻڌي ڪنن تي کڻي هٿ رکندو هو، هيءَ وڏي ۾ وڏي گار هئي.
    عيسيٰ اها گار روز سوين ڀيرا ٻڌندو هو، خارون ته گھڻيون اينديون هيس. پر عيسيٰ اڪيلو ڇا ٿي ڪري سگهيو. بس اندر ئي اندر ۾ روئيندو ۽ جلندو هيو، پنهنجي جهوپڙي ۾ گھڙندي سواليه نظرن سان جهوپڙي کي ڏسندو هيو، ڄڻ جهوپڙي ۾ لڳل ڪکن ۽ ڪانن کان پڇندو هجي ته مان ڪنهن جو پٽ آهيان؟ پر جهوپڙي به خاموش! ڪاوڙ وچان “ٿُو” ڪري چوندو هيو “حرامي توهان آهيو”
    هاڻ عيسيٰ لاءِ هي جملو ڪجھ به نه هيو، ٻڌندو هو ته نه روئيندو هيو نه ئي جهوپڙي کان پڇندو هيو. الائي ڇو خاموش هوندو هيو!
    عيسيٰ کي اڄ شهر ۾ ڪم ڪونه لڳو، سوچيندو اچي ڳوٺ پهتو. ڳوٺ ۾ پير مس پاتائين ته هُن جي ڪنن وري “تون حرامي آهين” ٻڌو، ڳوٺ جا پوءِ ٻار هيا ۽ عيسيٰ، ڄڻ هي چريو هجي “تون حرامي آهين تون حرامي آهين” هي ٻڌندو اڳتي هلندو رهيو. تون حرامي............. ۽ عيسيٰ اڄ واچوڙي وانگر ڦيرو کاڌو، زمين هيٺ جهڪيو ۽ فضا ۾ هڪ سروٽو ڏسڻ ۾ آيو، ٻارن جي ميڙ ۾ ٿرٿلو پئجي ويو، اڪبر جي مٿي مان رت ريلا ڪري وهڻ لڳو، ڳاڙهو ڳاڙهو رت ٻار ڏسي ڀڄي ويا، اڪبر زمين تي بيهوش پيو هيو. عيسيٰ تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو جهوپڙي ۾ آيو، اڄ الائي ڇو هن جي منهن تي مرڪ هئي، يا هن ٻين کي ٻڌائي ڇڏيو ته مان ڪنهن جو پٽ آهيان.
    اڙي عيسيٰ....... عيسي جا پٽ هي سروٽو تو اڪبر کي نه پر ڳوٺ جي چڱي مڙس کي هنيو آهي. چڱي مڙس پٽ جي حالت ڏسي ڪاوڙ ۾ چيو.
    عيسيٰ کي چوکنڀو ٻڌي چڱي مڙس وٽ وٺي آيا. پوءِ عيسيٰ هيو، چڱو مڙس ۽ ان جا نوڪر چاڪر،جيڪي عيسيٰ تي مُڪن، لتن جا وار ڪري رها هئا. “حرامي ڪتي جا پٽ تنهنجي اها مجال؟”
    حرامي تون آهين، ٻڌي ٿو مارين!؟ ڇوڙ ته خبر پوئي ته عيسيٰ حرامي آهي يا.........
    بس ڪر ڪميڻا، وات جا ڪتا!! تو منهنجي ٻچي کي سروٽو هنيو آهي.
    مون کي ڪهڙي خبر ته تنهنجي پٽ کي لڳندو، اِها خبر هجي هان ته ڪو وڏو ۽ چڱو سروٽو وهائي ڪڍانس هان.
    عيسيٰ جو ايترو چوڻ ۽ چڱي مڙس جو مڇرجڻ. بس پوءِ ته کجيءَ جو لڪڻ هيو ۽ عيسيٰ جو جسم، هاڻ عيسيٰ کي ڪا به خبر نه هئي ته مان ڪٿي آهيان ؟ اڳيان اکين جي اوندھ هيس.
    وڏيري راهب! پٽ جي باھ عيسيٰ کي ٺاهوڪي مار ڏيئي اندر مان ڪڍي ۽ هن کي پنهنجي جهوپڙيءَ ٻاهران ڦٽو ڪرائي، ڳوٺ وارن تي حڪم جاري ڪيائين ته “ ڪوبه ماڻهو هن حراميءَ جي پرگهور نه لهندو نه ئي هن کي ڪو ماني ٽڪر ڏيندو.”
    عيسيٰ ڪجھ ڏينهن کان پوءِ ٺيڪ ٿيو. چڱي مڙس کي گار ڏيندي چيائين. ............... سڀ چڱا مڙس ٿيا آهن! سڄو ڳوٺ ڄڻ وڏيري جي پيءُ جو آهي!”.
    جهوپڙي کان ٻاهر نڪتو، گھٽيءَ ۾ وڏيرو ٽهلندو ڏسي باھ ٿي ويو. سوئر! وري منهنجي اڳيان سينو تاڻي ٿو گھمي! ۽ فضا ۾ هڪ ڀيرو وري سروٽو ڏسڻ ۾ آيو ۽ چڱي مڙس به ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي ۽ زپڪو اچي پٽ تي ڪيائين.
    منهنجي اڳيان ٿو گهمي، منهنجي اڳيان!؟ عيسيٰ وات مان نڪتل گِڦ ٻانهن سان اگهندي چيو. ڄڻ هُن وڏو جبل ڪيرايو هجي! هو پاڻ کي فاتح سپاهي سمجهي اندر ئي اندر ۾ ڏاڍوخوش ٿيو، ڄڻ هُن وڏيري کي به ٻڌائي ڇڏيو ته “مان ڪنهن جو پٽ آهيان”
    عيسيٰ کي پوليس پڪڙي وئي، عيسيٰ مار کائيندو رهيو پر رڙ جنهن شيءِ جو نالو هيو عيسيٰ وٽ اها شيءِ نه هئي.
    سال کان پوءِ جيل کان ٻاهر نڪتو، پر هاڻي اهو عيسيٰ نه هيو، هِن عيسيٰ ۽ هُن عيسيٰ ۾ فرق هيو، کيسو ڪترڻ، نشو ڪرڻ ۽ جُوا کيڏڻ، هي عيسيٰ جيل مان سکي آيو هو. ها جيل مان! اسان جي ديس جي جيل مان، جتي جيڪو هڪ ڀيرو ويندو آهي پوءِ اهو ان جو گهر ٿي ويندو آهي، اسان جي جيل مان سزا ڪاٽي نڪري ايندڙ سڌرندو گهٽ آهي، پر وڌيڪ مجرم ٿي نڪرندو آهي.
    عيسيٰ هاڻ گھر کان محروم، ڳوٺ مان نڪري اچي شهر وسايائين ۽ شهر ۾ هُو ڪنهن خالي صندل تي ۽ ڪڏهن موالين جي مڪان تي هوندو هيو. عيسيٰ هاڻ ڪنهن جو اوکو ڳالهائڻ ڪين سهندو هيو، يا ته ڌڪ هڻي ڪڍندو هيس يا “مان تو کي ڏسندس” چئي هليو ويندو هيو.
    عيسيٰ ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو هيو ته “مان ڪنهن جو پٽ آهيان!؟” پوءِ آسمان طرف منهن ڪري، آسمان کي گھڻي وقت تائين ڏسندو هيو. ڄڻ فضا ۾ پنهنجي سوال جو جواب ڳوليندو هجي. ڪڏهن ڪڏهن ته روئي ويهندو هيو ۽ ماڻهن کي اهڙي نماڻائي وچان ڏسندو هيو، ڄڻ چوندو هجي ته اهيو منهنجو ڏوھ ناهي جو مان پيءُ جي نالي کان بي خبر آهيان، مون ته بس تڏهن امان کي ڏٺو، جڏهن مان اڃا ننڍو هيس، ڪڏهن ڪڏهن امان کان پڇندو هيس ته “امان بابو ڪٿي آهي” پر امان به چُپِ رهندي هئي. ڀلا هوءِ مونکي ٻڌائي به ته ڪيئن؟ جڏهن ڳوٺ جي گهٽين ۾ سمهندي ۽ در در جا ٽڪر کائيندي اچي سمجھ ڀريو ٿيس تڏهن ڳوٺ وارن مونکي ٻڌايو هو ته “تنهنجي ماءُ چرڙي هوندي هئي، جنهن کي پنهنجا مالڪ جيڪي لاڏائو فقير هيا، سي ڄاڻي واڻي ڳوٺ مان لڏيندي ڦٽي ڪري ويا هئا يا وساري ويا هئا.” هڪ دفعي ڳوٺ جي دوڪاندار الهڏني ٻڌايو هو ته “عيسيٰ تنهنجي چرڙي ماءُ هن ڳوٺ جي ڪڏهن هِن گهر ۾ ته ڪڏهن هُن گهر ۾ ماني کائي سمهي پوندي هئي.” عيسيٰ ٿڌو ڇوڪارو ڀريو. هو وري گذري ويل وقت کي ياد ڪرڻ لڳو. جڏهن هُن کي دوڪاندار الهڏني ٻڌايو هيو ته “ تنهنجي مستاني ماءُ به در در جا ڌڪا ۽ رحم جي خيرات کائيندي هڪ ڏينهن جوان ٿي ويئي، پوءِ اهو ڏينهن به آيو جو تنهنجي ماءُ جي عزت سان ڳوٺ جي ڪنهن ڪميڻي شخص راند کيڏي، تنهنجي ماءُ ڳوٺ وارن کي شايد ٻڌائڻ پئي گهريو پر هوءَ ٻڌائي نه سگهي ۽ هڪ ڏينهن تو مستاني امڙ جي ڪُکِ مان جنم ورتو!!!!. مونکي پنهنجي اولاد نه هئي، جنهن ڪري منهنجي گهرواري توسان پيار ڪرڻ لڳي ۽ تنهنجو نالو عيسيٰ به ان ئي رکيو هيو، جيڪو هُن جي پيءُ يعني منهنجي سهري جو نالو هيو.مون تنهنجي امڙ ۽ تو تي رحم کائي، پنهنجي ڳوٺ جي گهرن سان گڏ واري زمين تي جهوپڙي ٺاهي ڏني، جنهن ۾ تو پنهنجي ماءُ سان پنج سال گهاريا جتي منهنجي گهرواري، تنهنجي امڙ ۽ تنهنجي سار سنڀال لاءِ جهوپڙيءَ جا ڀيرا ڪندي هئي، پر هوءَ به توسان گهڻو وقت ساٿ ڏيئي نه سگهي هئي. عيسيٰ تون شايد نڀاڳ پاڻ سان ڄمندي ئي کڻي آيو هئين جو هڪ ڏينهن اهڙو به آيو جو تنهنجي ماءُ جو لاش واھ مان مليو. عيسيٰ تون ڪنهنجو پٽ آهين!؟ سا ڪنهن کي به خبر ناهي ۽ تنهنجي پيءُ کي ڪنهن به نه ڏٺو”
    عيسيٰ کي الهڏني دوڪاندار جي اها ٻڌايل ڪهاڻي هميشه ياد هئي. عيسيٰ اکين کي ٻنهي هٿن سان مهٽيو. ڄڻ هو اندر ئي اندر ۾ روئندو هجي. ننڍڙي لاڪون سار لهندڙ الهڏني جي واتان اهڙي ڳالھ ٻڌڻ کان پوءِ عيسيٰ بلڪل خاموش ٿي ويو، هو ڳوٺ وارن کان پري پري رهڻ لڳو پر ڳوٺ وارن جا “ تون حرامي آهين” وارا جملا هن جي پويان پاڇي وانگيان هلندا رهيا، پوءِ به هو خاموش ئي خاموش رهيو.
    هڪ ڏينهن جڏهن ڳوٺ جي هڪ ماستر عيسيٰ کي هي ٻڌايو هو ته “اڳي اڳي به هڪ عيسيٰ هيو، عيسيٰ بن مريم، جنهن کي پيءُ ڪونه هيو، ماءُ جي نالي سان سڃاتو ويو، هو ماءُ جي پيٽ مان ائين ئي نڪتو هيو ۽ پاڪ هيو.” تڏهن عيسيٰ جي منهن تي مرڪ اچي ويندي هئي. هو سوچيندو هيو ته هُن کي ماءُ جي نالي جي ته خبر هئي پر مونکي ته ماءُ جي نالي جي به خبر ناهي.
    پر عيسيٰ کي اها خبر ضرور هئي ته هن کي وڏيري جي ٽريڪٽر ڊرائيور ڀر واري شهر ۾ لڳل ميلو گهمائڻ جي بهاني زمين ۾ پيل پلال ۾ وٺي وڃي زنا ڪئي ۽ ٻه روپيا ڏئي دڙڪا ڏنا هئا ته “ ڪنهن سان ڳالھ ڪندين ته ڪهندو سانءَ” عيسيٰ اهڙي ڏاڍائيءَ تي به خاموش رهيو، ڀلا ڏهن سالن جي ٻار جو پاسو ڪير کڻي ها!؟ سو به بي يارو مددگار ٻار، جنهن کي جهوپڙي ٺاهي ڇانو ڏيندڙ دوڪاندار الهڏنو به راھ رباني وٺي ڳوٺ ۾ صفا اڪيلو ڇڏي ويو هيو. هي اهو ئي ڳوٺ هو جتي ڄمڻ کان اڳ هن جي مستانيءَ ماءُ سان ۽ ڄمڻ کان پوءِ به هن سان زيادتيون ٿينديون رهيون ۽ عيسيٰ ان ئي ڳوٺ مان مجرم ٿي نڪتو.
    “حرامي” لفظ کان عيسيٰ کي هاڻِ سخت نفرت ٿي چڪي هئي. شهر ۾ خاموش پئي آيو ڪنهن اونهي سوچ ۾ ۽ هن هڪ ڀيرو وري واچوڙي وانگر ڦيرو کاڌو، جڏهن ڪنهن جي واتان “حرامي” چوندي ٻڌو ۽ عيسيٰ ڏنڊو اُڀو ڪيو ۽ همراھ رت وهائيندو ڌرتي تي ڪري پيو ۽ ٿڌو ٿي ويو،جنهن پنهنجي پٽ کي حرامي چيو هو. سندس پٽ ابا...اوبا ڪري روئڻ لڳو.
    ڪيتري وقت کان پوءِ عيسيٰ جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا. هن جهڪي ان ڇوڪري کي ڇاتيءَ سان لائي چمي ڏني “پٽ تون حرامي ناهين”
    پوليس عيسيٰ کي پڪڙيو، ڪيس هليو ۽ کيس ڦاسي جي سزا مليس. عيسيٰ هاڻي ڦاسي گھاٽ ۾ هيو ۽ سڀاڻي کيس ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويندو.
    ڦاهيءَ تي لٽڪڻ کان اڳ عيسيٰ جي آخري خواهش هئي ته.
    “مون کي هڪ مهيني جي موڪل ڏني وڃي ته مان پنهنجي ان پيءُ کي ڳوليان جنهن کي نه ڪنهن ڏٺو آهي ۽ نه ئي ڪير ڏسي سگهندو! پر مان پنهنجي ان پيءُ کي ڳولڻ گهران ٿو، مونکي پڪ آهي ته مان پنهنجي گمنام پيءُ کي ضرور ڳولي لهندس ڇو ته هو مون هڪ جو پيءُ نه پر هن ڌرتي جي هزار عيسائن جو پيءُ آهي”
    ۽...........۽ عيسيٰ ڦاهيءَ تي لٽڪجي ويو.

    15 ڊسمبر 1985 نوابشاھ


    اي ڪم ڪميڻن

    “سنڌين سان ظلم هرگز هرگز برداشت نه ڪيو ويندو، هر جبر جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، جيئي سنڌ”. اهي جملا رئيس محراب خان جي تقرير جا آخري جملا آهن. هو اسٽيج تي “سنڌين کي حقيقي نجات ڏيارڻ جي دعوا ڪندڙ وڏيرن جي مخصوص ٽولي جو اڳواڻ آهي.
    رئيس محراب خان هر دؤر ۾، حڪومت جو حصو رهيو آهي. ضياء جي دؤر ۾ رئيس وسان ڪين گهٽايو، دل کولي حڪمرانن جي مدد ۽ خدمت ڪئي ۽ سنڌي ماڻهن کي، ڪوڙَنِ، ڦٽڪن ۽ جيلن جي زينت بڻايو. چونڊن ۾ جڏهن عوام کيس ووٽ نه ڏنو ۽ حڪومت رئيس محراب خان جي هٿ مان هلي وئي، تڏهن رات وچ ۾ رئيس محراب خان “قومپرست” ٿي “سنڌين جي بقا” لاءِ وڙهندڙ جون دعوائون ڪندڙ وڏيرن جي چوياري جو چڱو مڙس ٿي اسٽيج تي تقرير ڪري رهيو آهي. رئيس محراب خان حڪومت خلاف گھڻو ڪجھ ڳالهايو، پر سندس آخري جملا ذهن کي جنجھوڙي رهيا آهن. واقعي!؟ هيءُ محراب خان ائين ئي ڪندو؟ جيئن چوي ٿو. نه قطعي نه! مون کي ان وقت رئيس محراب خان رڍ جي کل ۾ لڪل بگهڙ ٿي لڳو. چاپلوس ماڻهو رئيس محراب خان جي قومپرستي جا ڍڪ ڀري رهيا هئا. لائوڊ اسپيڪر ڪوڙ ڳالهائي رهيو هو. اسٽيج تان ڪنهن چيو ته “رئيس محراب خان سنڌي ماڻهن جو همدرد ۽ نجات ڏياريندڙ سنڌ جو سورمو آهي”
    بگهڙ رڍن جي حفاظت نٿا ڪري سگهن. پنڊال ۾ مون کان وڏي آواز نڪري ويو.
    “اڙي اهيو ڇا چيئي!؟” هڪ ڪامريڊ اکيون ڦوٽاري مُڇن کي وٽ ڏيندي هڪل ڪندي چيو “بڪواس ٿو بڪين، زبان ڪٽي ڇڏيندوسانءِ.”
    ها! رئيس محراب خان قوم جي ڳچيءَ ۾ ويڙهيل ڪارو نانگ ۽ سوئر........ مان سچ ٿو چوان.
    پويان ڌڪ لڳو، منهنجي رڙ ۽ سچ لائوڊ اسپيڪر جي ڪوڙ ۾ دٻجي ويو خبر ناهي ته ڪامريڊ ڪيتري وقت تائين مون کي ماريندا رهيا. جڏهن اکيون کليون ته پاڻ کي پنڊال کان پري ٻنيءَ ۾ ستل ڏٺم. ڌڪن ۽ مُڪن سبب سڄو بدن سور ڪري رهيو هيو، وات ۽ نڪ مان رت وهي چڪو هو. آءُ آهستي گوڏن تي هٿ ڏئي اٿڻ جي ڪوشش ڪئي پر مٿي کي چڪر اچي ويو ۽ وري زمين تي ڪِري پيس. ڪيترو وقت بيهوش رهيس! سا خبر مون کي نه پئي پر اکيون ٻيهر تڏهن کليون جڏهن منهن تي پاڻيءَ جا ڇنڊا پيا.
    “پٽ تون اڪيلي سِر محراب خان سان ڪونه پڄي سگهندين! اچي پاڻي جا ٻه ڍُڪ پيءُ” ڪرڙ وڍ ماڻهو مون کي ٽيڪ ڏئي اٿاريو.“ابا وري به رب جا احسان، پير زور هيئي جو جيئرو بچيو آن، نه ته محراب خان خلاف ڳالهائڻ وارا اسين زمين ۾ دفن ڏٺاسين، ائين نه ڪبو آهي، پنهنجيءَ جوانيءَ تي رحم کاءُ”.
    ڪيترو وقت خاموش رهجي چاچا....ڪيترو وقت؟
    “ابا تنهنجي مرضي!” ائين چئي اهو نامعلوم شخص اٿي هليو ويو. مون وري اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، آهستي آهستي اٿيس وات ۽ نڪ مان وهندڙ رتُ اگهي روڊ ڏانهن وڌڻ لڳس. لائوڊ اسپيڪر اڃا ڪوڙ ڳالهائي رهيو هو.“اسين هر طرح سان سنڌي قوم جو تحفظ ڪنداسين” ۽ موٽ ۾ مڌهم آواز ۾ تاڙيون ۽ “آڻينداسين آڻينداسين انقلاب آڻينداسين” جا نعرا ٻڌي رهيو هيس. هڪ زوردار نعرو لڳو “محراب خان زنده باد”.
    محراب خان مرده باد مون کان بي اختيار نڪري ويو، پر هاڻي ته رستو هيو ۽ ڪو به ڌڪ هڻڻ وارو“ڪامريڊ” ڪونه هيو.
    “زنده باد” نعري جي پويان مون کي لالڻ چرياڻ نظر آيو. لعل بخش عرف لالڻ!! سهڻو نوجوان، ذهين جنهن ايم اي سوشيالاجيءَ فرسٽ پوزيشن ۾ ڪئي هئي. اڄ شهر جي گھٽين ۾ پيل گند جي ڍيرن جي زينت بڻيل آهي، ڪيڏانهن ويس اُها مرڪ؟ جنهن ۾ هڪ طوفان لڪل هو، محبت، پيار ۽ پنهنجائپ وارو طوفان. ڪيڏانهن ويس اهي نيريون اکيون؟ جن ۾ محبت جون ڇوليون هڻندڙ سمنڊ هيو. ڪيڏانهن ويس ڳاڙهو ڳٽول بدن؟ اهي سڀ شيون لالڻ کان ڪنهن کسيون هيون؟ رئيس محراب خان، ها رئيس محراب خان!. جنهن لالڻ جي سهڻي سدا ملوڪ زال زينت به کسي ورتي هئي. اهو ڏينهن ڀلا ڪيئن وسرندو؟ جنهن ڏينهن رئيس محراب خان لالڻ کي چيو ته، “لالو سڌو ٿي هل نه ته خراب نتيجو ڀوڳڻو پوندءِ، اهي سياسي چالبازيون ۽ منهنجون گلائون بند ڪر نه ته....................”
    “پر رئيس هر ماڻهو کي ڳالهائڻ جو حق آهي ۽ اهيو حق تون مون کان نٿو کسي سگهين.”
    “شايد تون.............” رئيس محراب خان چپ ٿي ويو، پر ٻئي ڏينهن لالڻ گم هيو. ڏينهن ڏينهن ۾ پورو مهينو لالڻ کي ٿي ويو پر ماءُ جي نظر اڃا در ۾ کُتل هئي، زال اڃا مڙس لاءِ واجهائي رهي هئي. هو ٻئي ڄڻيون بي خبر هيون پنهنجي اڪيلي وارث لالڻ کان.
    آسمان تي ڪارا ڪڪر ڊوڙون پائي رهيا هئا، کنوڻ تجلا ڏئي رهي هئي، مينهن زور سان وسي رهيو هو. هو ٻئي ڄڻيون ڪوٺِي ۾ ڊپ وچان هڪ ٻي کي ڀاڪر پائي چنبڙي پيون هيون. ٻاهر تيز نيسارا وهي رهيا هئا، ڪنهن ڪنهن وقت زوردار ڌماڪو پئي ٿيو، ڪنهن جي جاءِ جي ڀت ڪرڻ جو آواز، ڌماڪو هيو، انهن ڪچن گهرن وارن لاءِ جن جون جايون برسات جي سَٽَ سهڻ جهڙيون نه هيون. اوچتو در کڙڪيو . لالڻ جي ماءُ ۽ زال ڇرڪ ڀري هڪ ٻئي کان اکين ئي اکين ۾ پڇڻ لڳيون،“ڪير ٿي سگهي ٿو؟ هن برسات ۾!؟ ڪير هوندو!؟ شايد لالڻ هجي. ماءُ جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي، هوءَ کٽ تان هيٺ لٿي، هڪ ٻيو ڌماڪو ٿيو، لالڻ جي ماءُ ڏڪي وئي، هن پنهنجي پناھ جي ڀت ڪِرندي ڏٺي، ڀت نه ڪري ڄڻ هِن جي مٿي تان ڪنهن رئو لاهي ننگو ڪري ڇڏيو.
    لالڻ جي ماءُ ڏڪندڙ وِکن سان اڳتي وڌي. پر هي ڇا!؟ چار ماڻهو ڪريل ڀت پار ڪري گھر ۾ داخل ٿي چڪا هئا. لالڻ جي ماءُ جون اکيون ڪروڌ وچان ڳاڙهيون ٿي ويون. هو اڳتي وڌي، ڄڻ هن ۾ نئين قوت، نئين جوت ۽ نئون رت پيدا ٿي پيو هجي. “ڪير آهيو!؟” لالڻ جي ماءُ هڪل ڪئي. ماڻهو ويجها ٿيندا ويا. “هٿيار!!؟؟” لالڻ جي ماءُ کان ڇرڪ نڪري ويو. هن ڊوڙي وڃي ڏانداري کنئي ۽ مڙس ماڻهوءَ واري هڪل ڪندي چئني ماڻهن ڏانهن ڊڪي. پر ڪلاشنڪوف جي برسٽ، لالڻ جي ماءُ کي هميشه لاءِ سمهاري ڇڏيو، لالڻ جي ماءُ پٽ تي ۽ زال رات جي رهزنن جي گرفت ۾ مضبوط هئي، رڙيون بند هيون، آسمان تي ٺڪاءَ هيا، هر ماڻهو پنهنجيءَ ۾ پورو هيو ۽ آسمان ڌرتي تي ٿيندڙ ظلم کي ڏسي ڏڪي به رهيو هيو ۽ زور زور سان رڙيون ڪري روئي به رهيو هيو. آسمان وڏا وس ڪيا ته رئيس محراب خان جي حويلي تباھ ٿئي پر رئيس جي حويلي ته لالڻ جي زال زينت جي رڙين، سڏڪن، آهُن کان مضبوط ۽ آسمان کان وڌيڪ طاقتور هئي.
    صبح جو سج اڃا ڪڪرن ۾ لڪل هيو، ائين لڳي رهيو هيو ڄڻ ڌرتيءَ تي ٿيل ظلم کي سج نٿو ڏسڻ گھري، يا هو زينت جو اگهاڙو جسم ۽ لالڻ جي ماءُ جو لاش ڏسڻ جي قوت نه پيو رکي. سج ڪڪرن جي پردي پويان اکيون پوري هلندو رهيو ۽ ٻه لاوارث لاش اسپتال جي زينت بڻجي ويا.
    ٻن مهنين کان پوءِ اوچتو لالڻ شهر ۾ ڏٺو ويو، اهو لالڻ جيڪو رئيس محراب خان جي ظلم جي چڪيءَ ۾ پيسجي چريو ۽ مڏو بڻجي ويو هو. وار وکريل اکيون ڏرا ڏئي ويل، ڳاڙهو ڳٽول بدن ڌڪن سان چچريل ۽ ڪارو ٿيل وجود جي بار کي گھليندو رهيو، زينت ۽ ماءُ کان بي خبر. هُن کي خبر نه رهي ته منهنجي امان ڪير آهي؟ زال ڪير آهي؟ ۽ ٻئي ڪٿي آهن؟ لالڻ هر شيءِ وساري ويٺو، هر شيءِ کان بي نياز سگريٽن جا ٽوٽا ميڙي، تن کي ڦاڙيندو شهر ۾ پيل گند جي ڍيرن جي زينت بڻيو ۽ رئيس محراب خان سنڌي قوم کي آزادي ڏيارڻ وارن جي اڳواڻي ڪري رهيو هيو.
    لائوڊ اسپيڪر لڳل جيپ منهنجي پاسي کان زوزاٽ ڪندي نڪري وئي، جنهن ۾ ڪجھ ماڻهو ويٺل هيا، شايد رئيس محراب خان جا “ڪامريڊ ساٿي” هئا، لائوڊ اسپيڪر وسيلي اعلان ڪيو ويو ته، “سڀاڻي سنڌي قوم جو محسن، بي باڪ، هڏڏوکي، نه وڪامندڙ نه جهڪندڙ رئيس محراب خان حيدرآباد ۾ عام جلسي کي خطاب ڪندو”. ان اعلان ۾ مون کي حافظ محمد خان جو مست ۽ نشي ڀريل چهرو نظر آيو. ڪاري ڏاڙهي، وڏين اکين وارو ، قرآن ۽ حديث شريف جو حافظ محمد خان. جڏهن به واعظ ڪندو هيو تڏهن هر ماڻهو جي دل کي سڪون ملندو هيو، هندو مسلمان سڀ حافظ جي عزت ڪندا ۽ حافظ کي ٻڌندا هيا. پر رئيس محراب خان کي حافظ تي ڪاوڙهوندي هئي.
    مون کي واعظ ٻڌڻ جو شوق گھٽ آهي پر حافظ محمد خان جو واعظ ضررو ٻڌندو هيس، جڏهن حافظ واعظ ڪندو هيو، تڏهن نامعلوم طاقت مون کي مسجد طرف گهلي ويندي هئي، ان ڏينهن ماڻهو مون کي عجيب نظرن وچان ڏسندا هيا. اها ڪشش شاھ لطيف جي انهن بيتن ۾ هوندي هئي. اها ڇِڪَ انهي سچائي ۾ هوندي هئي جيڪا سچائي حافظ محمد خان هر واعظ ۾ بيان ڪندو هيو. پر رئيس محراب خان حافظ لاءِ نفرت جي باھ پنهنجي دل ۾ دکائيندو رهيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي اوطاق تي گهرائي حافظ کي بيعزتو ڪندو هو، پر حافظ رئيس جي دڙڪن کان نه ڊڄي سچائي کي بيان ڪندو رهندو هو. اڄ حافظ محمد خان مسجد ۾ واعظ ڪندي حيدرآباد ۾ ٿيل خونريزي جو ذڪر ڪيو ۽ تنبيھ ڪندي ايم ڪيو ايم کي چيو ته “ياد رکو قاتلو! خدا اوهان کي معاف نه ڪندو، اوهان مائرن جون هنجون خالي ڪريو ٿا، اوهين سنڌين جا گهر اجاڙيو ٿا، اسان جا گهوٽ گھايو ٿا، پر ياد رکو! عنقريب اوهان جي مٿان الله جو شديد عذاب نازل ٿيندو،اوهان جا گهر به اجڙي سگهجن ٿا. اهو ڏينهن پري ناهي جواوهان جا ماڻهو اوهان مٿان ئي شاهد بنجي بيگناھ قتل ٿيل انسان جي خون جا واڪا ڪندا، خدا اوهان سان ائين هڪ ڏينهن ضرور ڪندو. ڊڄو.....ڊڄو! ان ڏينهن کان، جنهن ڏينهن اوهان تي اهڙوڏکيو وقت ايندو، ان ڏينهن اوهان جو ڪو به ساٿي نه هوندو. اوهان انسان کي قتل ڪريو ٿا ۽ هاڻ انسان صبر نه ڪندو، هاڻ خون جي قطري قطري جو حساب ٿيندو. اي منهنجا مسلمان ڀائرو! اي ايمان وارؤ! ڪن کولي ٻڌو جي سنڌ وئي ته سڀ ڪجھ ويو، ايمان ويو، عزت ۽ آبرو وئي، جنهن سنڌ کي وساريو، تنهن خدا کي وساريو. اٿو ۽ اٿي پنهنجي تقدير پاڻ سنواريو، هي وڏيرا، پير ملان سڀ اوهان جا ويري آهن، قاتل ۽ جلاد آهن، جي اوهان جا هٿ اڃا به گوڏن تي رهيا ته اوهان کي خدا ڪڏهن به معاف نه ڪندو ۽ اوهانجي تقدير خدا به تبديل نه ڪري سگهندو ڇو ته قرآن مجيد، فرقانِ حميد ۾ ربُ العزت فرمائي ٿو؛
    اِنَاللّه لا يغّر بقوما حتٰي يغّرُ مابا انفسهم
    يعنيٰ “جيڪا قوم پنهنجي تقدير کي پاڻ نٿي تبديل ڪري، مان الله به ان قوم جي تقدير تبديل نٿو ڪري سگهان”.
    اي منهنجا ڀائرو! خدا جي ڏنل هدايت تي هلو ۽ پنهنجي تقدير جا مالڪ پاڻ ٿيو، پنهنجي تقدير پاڻ سنواريو، نڀاڳ جي ننڊ سمهڻ ڇڏي ڏيو، هي وقت جاڳڻ جو آهي، سرِ مٿان ڪلاشنڪوف هجن، موت مٿان هجي ۽ اسين ننڊ ۾ هجون، اهو ڪم ڪميڻن جو آهي. شاعرن جو سرتاج شاھ عبداللطيف ڀٽائي فرمايو آهي ته
    “اي ڪم ڪميڻن، جيئن سمهن پير ڊگها ڪري،
    ننــــــــــڊون نڀـــــــــــــــــاڳن کـــــي، او ڀالا اچــــــــــــن،
    لوچيـــــــن ڪيـــــــن لطيف چئي، هاري لئه هوتن،
    سي پنهون ڪوھ پڇن، جي سنجهي رهن سمهي”.
    ۽ ان ڏينهن رئيس محراب خان کي حافظ محمد خان جي جواني تي رحم آيو، شايد ان لاءِ ته هو حق ۽ سچ چئي رهيو هو.
    “حافظ صاحب اڄوڪي واعظ منهنجي دل ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏيو آهي، اڄ تو منهنجيون اکيون کولي ڇڏيون آهن، دل چئي ٿي ته هاڻي وڌيڪ وقت............... اچي هي چانھ پيو” محراب خان جمعي جي شام حافظ محمد خان کي اوطاق تي گهرائي چيو، “حافظ توجهڙا مولوي جيڪڏهن سنڌ ۾ رهيا ته اهو ڏينهن پري ڪونهي جو سنڌي ماڻهو پاڻ ڀرا ٿي وڃن”.
    هاڻي روز حافظ محمد خان جون ڪچهريون رئيس محراب خان سان ٿينديون رهيون، چانھ جا دؤر روز هلندا رهيا. هڪ ڏينهن.......... حافظ محمد خان کي چانھ مختلف لڳي، هن ڍُڪ ڀريندي رئيس کي چيو “رئيس اڄ چانھ ۾ اهو مزو، اهو سُرور، اُها لذت ڪانهي.
    “ها حافظ صاحب اڄ چانھ ۾ آفيم مليل ناهي”. رئيس شيطاني مُرڪ مرڪيو.
    “ جي!!!!!؟ ” حافظ کان ڇرڪ نڪري ويو.
    “جي ها” رئيس وري شيطاني مرڪ مرڪندي چيو “حافظ تون چئن مهينن کان اعليٰ قسم واري آفيم مليل چانھ پيتي آهي، انڪري اڄ هي چانھ جيڪا خالص کير جي آهي سا توکي نٿي وڻي.
    حافظ محمد خان جون ٽنگون ڏڪڻ لڳيون، اکيون ڦاٽي ويس، اُن ڏينهن کانپوءِ حافظ محمد خان ڏاڙهي ڪوڙائي ڇڏي، چرس، آفيم ۽ هيروئن پيئندو رهي ٿو. اڄ به شهر جي صندلن تي نشي ۾ مست ملنگ ٿي حافظ محمد خان ويهي واعظ ڪندو آهي، پر هاڻي ان ۾ اهو سرور،اهو سوز،اُها ڪشش، اُها سچائي نه رهي آهي. اڄ حافظ نڌڻڪو، اڌ چريو، موالي ٽڪي ٽڪي جو محتاج، هر ماڻهوءَ اڳيان هٿ ٽنگي پنندو۽ شهر جون گھٽيون رلندو رهي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن سنهي ٿلهي شيءِ به چوري ڪندي پڪڙجي پيو ۽ ڀريءَ بازار ۾ ماڻهن جي مار به جهليائين. حافظ محمد خان ڀنگ جا پيالا پي مست بنجي نعرا هڻندو رلندو رهي ٿو ۽ رئيس محراب خان سنڌي قوم جو همدرد ۽ اڳواڻ ٿي سنڌين جي تقدير سنوارڻ لاءِ اسٽيج تي ويٺو آهي ۽ “ڪامريڊ” نعرا هڻي رهيا آهن. “ڪير رکندو لوئيءَ مانُ”، “محراب خان، محراب خان”.
    لوئيءَ جي لڄ ۽ محراب خان!!!؟ محراب خان ته لوئيون لاهيندڙ خانُ آهي. اڄ به قائمان جي لٿل لوئي، هُن جا ڳوڙها، هُن جون سِسڪيون مون کي ياد آهن. اڄ به قائمان جو حويلي جي هڪ ڪمري جي پکي ۾ لڙڪيل جسم جنهن جا پير زمين تي پيل هئا، مونکي ياد آهي، جنهن کي خودڪشي قرار ڏنو ويو. قائمان جي خودڪشيءَ رئيس محراب خان جي ٻوٿ تي چڙهيل حياءَ جو نقاب لاهي ڇڏيو، پر رئيس کي ڪير چوي تهنهنجي حياءَ جي پردي پويان بيغيرتي لڪل آهي، تنهنجي ڪوڙيل ڏاڙهي مان جڏهن اڇا وار ڪَرُ کڻي نڪرندا آهن، تڏهن تنهنجي اڇن وارن مان حوس ۽ جنس پرستي چمڪي اٿندي آهي. تون حوس پرست، نياڻن جون ننڊون حرام ڪندڙ، تن جو لڄون لٽيندڙ ۽ ڳاڙها ڳٽول ڇوڪرا کڻي هلندڙ رئيس محراب خان آهين. پر هتِ ته هر ڪنهن جا وات سبيل آهن انهن ڪامريڊن وانگيان جيڪي تنهنجا ڪڏهن منظور نظر هئا، جن کي ساڻ کڻي تون سير ڪندو هئين، جن تنهنجي گستاخي ڪرڻ تي مون کي اڌ مئو ڪيو آهي.
    آءُ رڙهي رڙهي ٿڪجي پيس ۽ رستي تي بيٺل وڻ هيٺان ويهي رهيس. پر اڃا به منهنجي ذهن تان اهي نقش مٽجي نه سگهيا آهن، اڃا به رئيس محراب خان جو ڪيل فيصلو منهنجي ذهن جي ڪاڳر تي چٽيل آهي.
    اُن ڏينهن وارو فيصلو جنهن ڏينهن قائمان جي تقدير، قائمان جي عزت، آبرو ۽ قائمان جي جسم جي رڳ رڳ رئيس محراب خان پنهنجي حوالي ڪئي هئي.
    اوطاق ۾ڳوٺ جي ماڻهن جا هُشام گڏ هيا، هڪ طرف ڪاري ٿيل قائمان جا مائٽ ۽ پيءُ ته ٻي طرف مقتول ڪاري وهاب جا مائٽ ۽ پيءُ هئا.
    “ها ته ڪارو قتل ڪيو ويو، ڪاري زنده آهي ۽ قتل ڪندڙ تنهنجو پٽ احمد ٿاڻي ۾ بند آهي” رئيس محراب خان قائمان جي پيءُ نبن ڏانهن ڏسندي چيو.
    “ها ڀوتار” نبن هٿ ٻڌندي چوڻ شروع ڪيو “منهنجي ڇَوري احمد وڏا وس ڪيا پر ڪاري يعنيٰ منهنجي ڌيءُ قائمان ماري نه سگهيو”.
    “نبو ڪوڙ ٿو ڳالهائي ڀوتار” وهاب جو پيءُ اٿي بيٺو “جي ڪاري مارڻي هجين هان ته ماري وجهن هان، ڪاري گهر ۾ موجود هوندي به ماري نه سگهيا. جنهن مان صاف ظاهر آهي ته نبو وارن منهنجي پٽ کي ڄاڻي واڻي قتل ڪيو آهي ۽ پنهنجي ڌيءُ تي الزام هڻي جان ڇڏائي رهيا آهن. رئيس ان جو فيصلو صاف ٿيڻ گهرجي.”
    “مون کي سڀ پروڙ آهي رمضان! مان ڄاڻان ٿو ته تنهنجي پٽ جو خون ڪيئن ٿيو آهي؟ ڳالهيون پنهنجي زبان سان پاڻ اڇيون ڪريونه ته............. پوءِ سمجهو ٿا!؟” رئيس رعب وجهندي ٻنهي ڌرين کي سخت لحظي ۾ چيو ۽ ٻه چار گاريون به ڏنائين.
    “رئيس اسان جا ابا آهيو، سڀ ڪجھ اوهان جي وس آهي” رمضان هٿ ٻڌي چيو “ بس ايترو عرض آهي ته منهنجي پٽ جو خون نه لوڙهجو”.
    “ها رمضان تون دلجاءِ ڪر، هن در وٽان انصاف ئي ملندوآهي”. رئيس وهاڻي تي ٽيڪ ڏيندي چيو، “نبو! ڇا ٿو چئين؟ ڳالھ سڌي ڪر نه ته منهنجي قهر جي تو کي خبر آهي، منهنجا زمين ۾ پوريل وري ڪڏهن به اٿي ناهن سگهيا.”
    “ڀوتار ابو آهين تو اڳيان ڪهڙو ڪوڙ هڻون! منهنجي ڇوري ٿوري ڳالھ تي هيڏو ممڻ مچايو آهي، بس توهان جي پاڇي جي پناھ ۾ آهيون، مڙئي پارت اٿوَ.” نبن ٽوپ لاهي رئيس جي پيرن تي رکيو.
    “اڙي کڻ ٽوپ ۽ وڃي هٿيڪو ڪر، خون جو بدلوخون آهي” رئيس ، نبن جي ٽوپ کي ٿُڏو هڻندي چيو.
    “ابو آهين جيئن وڻئي تيئن فيصلو ڪريو، مون کي اڳواٽ ئي قبول آهي”. نبن ٽوپ کڻندي چيو.
    “رمضان! تون چئه، تو کي به فيصلو مڃڻو پوندو!”
    “سائين! ڪڏهن اوهان جي ڪيل فيصلي جو اڄ تائين ڪنهن انڪارڪيو آهي، جو مان ڪندس!؟” رمضان عاجزي وچان چيو.
    “نبو! ڳالھ سڌي ۽ پيرائتي ڪجان. قتل ڪيئن ٿيو” رئيس ان وقت جاھ جلال ۾ ٻڏي چڪو هو.
    “سائين! ٽيون ڏينهن منهنجي ڇوري احمد ۽ رمضان جي ڇوري وهاب وچ ۾ ٻني تي ڏندي چڪي ٿي پئي ۽ پوءِ...........................”
    “اڙي نبو! ڇا تي ڏند ڏنائون” رئيس جملو ڪٽيندي نبن کان پڇيو.
    “ڀوتار!” نبو ٿڌو ساھ ڀريو. ڀوتار! ٽيھ روپيا وهاب جا مون واري ڇوري ڏانهن هيا، اهي گهرڻ آيو ۽ منهنجي ڇوري ڏيڻ کان انڪار ڪيو. بس ان تي ڏند ڏنائون.
    هون! پوءِ. رئيس ويٺلن تي نظر ڦيرائي.“ ها اڳتي هل نبو”
    “بس ڀوتار! مون واري ڇَوري، الائي ڪهڙي طرح ريجهائي، رمضان جي پٽ وهاب کي ڇن ۾ وٺي آيو، ٻئي گھڻي دير تائين ڪچهري ڪندا رهيا........ اسر ويل مون وارو ڇَورو احمد مون وٽ آيو ۽ وهاب کي قتل ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي. ڀوتار! ابو آهين..... منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي، پر ٻچو آهي انڪري چيومانس ته توکي بچائڻ لاءِ ڪجھ نه ڪجھ ته ڪرڻو آهي، ان ڪري ڀوتار منهنجي ئي صلاح تي ڇوري پوليس کي هٿ ڏئي ڪارو ڪاري جو بيان ڏنو آهي........ ڳالھ ايتري آهي سائين.”
    هون!! محراب خان گهري سوچ ۾ پئجي ويو، “چئبو ته بي گناھ ماڻهو ماريو اٿَوَ، نبو تنهنجو ڇورو تڏهن ڇُٽندو، جڏهن منهنجي فيصلي کي ٻئي ڌريون قبول ڪنديون.”
    ها! بادشاھ اسان کي توهانجو هر فيصلو اکين تي آهي. رمضان ۽ نبن چيو.
    ڳالهيون هلنديون رهيون، ڪنهن وقت نبن جي ڌر پئي ڳالهايوته ڪنهن مهل رمضان جي ڌُر.
    فيصلي جي گهڙي اچي وئي، رئيس مڇن کي هٿ سان تاءُ ڏيندي فيصلو ٻڌايو.“نبو توکي خون جي عيوض هڪ لک روپيا ڏنڊ ۽ قائمان جو سڱ رمضان وارن کي ڏيڻو پوندو، منظُور!!؟”.
    “ها سائين مون کي قبول آهي، منهنجي قبر وارو ابو به ڏنڊ ۽ سڱ ڏيندو.” نبن فيصلومڃيندي ڀوتارکي چيو.
    “رئيس وڏا هڪڙو عرض آهي.” رمضان اٿي بيٺو.
    “ها! چئه ڇا ٿو چوڻ چاهين؟ اڃا ڪا ڳالھ رهجي ويئي آهي ڇا؟” رئيس سخت لهجي ۾ رمضان کان پڇيو.
    “سائين! قائمان جو سڱ مان ڪاڏي ڪندس. پٽ هڪڙو هيو سو به هنن.........!” رمضان اوڇنگارون ڏيندي روئي پيو.
    “اڙي رمضان! رنن ونگيان نه رو!” رئيس ڇڙٻ ڏيندي رمضان کي چيو.
    “جي بابا سائين! بس دل جو اوٻر هيو جيڪو ٻاهر نڪري آيو” رمضان ڪلهي تي پيل رومال سان ڳوڙها اگهندي رئيس کي چيو.
    “ ته پوءِ قائمان سان تون ئي شادي ڪر” رئيس ڪنڌ کي جهٽڪو ڏيندي طنزڀريل جملو رمضان تي وهائي ڪڍيو.
    “ڀوتار اڇي ڏاڙهيءَ ۾!؟ نه! ڀوتار نه! مان ڌيءُ جيڏيءَ سان شادي نه ڪندس.” رمضان پنهنجي فيصلي کان رئيس کي هٿ ٻڌي آگاھ ڪيو.
    “چئبو ته توکي منهنجو فيصلو قبول ڪونهي؟” رئيس جي گونجندڙ آواز ماڻهن کي خاموش ڪري ڇڏيو، ان وقت ائين لڳي رهيو هو ڄڻ سڀني ماڻهن کي نانگ سنگهي ويو هجي. پر وري به خاموش پاڻي ۾ رمضان ئي پٿر اڇلايو. “ڀوتار! قائمان سان مان شادي نه ڪندس”.
    “هون!” رئيس ڪجهه سوچي رمضان ڏانهن ڏٺو، “رمضان توکي فيصلو قبول ڪرڻو پوندو.”
    “سائين! مان نياڻي جي زندگي ڇو تباھ ڪيان!؟ هُن نماڻي نينگريءَ ڪهڙو ڏوھ ڪيو آهي؟” رمضان اڳتي وڌي وڃي رئيس جي پيرن تي هٿ رکيا.
    “رمضان! تون شادي ڀلي نه ڪر پر قائمان جو سڱ توکي ضرور ملندو.” رئيس پنهنجي آخري فتويٰ ٻڌائي.
    “ڀوتار ابو آهين پر.........................” رمضان اڳتي ڪُڇي نه سگهيو.
    “پر ٻر کي ڇڏ رمون! نبوءَ وارن کي سبق ڏيڻ لاءِ قائمان جو مٿو منهنجي روبروڪوڙيو ويندو ۽ اُها مٿي ڪوڙيل نبوءَ جي ڇوري، مٿو اگهاڙو ڪري ڳوٺ جي هر هڪ گهر مان هٿ ٽنگي خيرات پنندي! منهنجو آخري فيصلو آهي. قبول اٿئي ته ٺيڪ آ، نه ته نبوءَ جو ڇورو هوندءِ ٻاهر ۽ پوءِ............ ۽ پوءِ مان ذميوار ناهيان.” رئيس رمضان کان پنهنجو ڪنڌ ڦيرائي ڇڏيو.
    “پر سائين نياڻي جو مٿو...........................” رمضان وري مُنجهي پيو.
    “ها رمون! مون فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، اڄ کان پوءِ قائمان تنهنجي حوالي ۽ ها!جي تون شادي نٿو ڪرڻ چاهين ته پوءِ جيستائين قائمان زنده هوندي تيستائين مٿي تي پاڪي لڳندي رهنديس ۽ قائمان رهندي تنهنجي گهر ۾ پر پني کائيندي. اڙي نبو تون ڇا ٿو چوين؟ ” رئيس جو جلال ڏسڻ وٽان هيو. جيڪو هڪ ڀاءُ جي ڪيل ڏوھ جي سزا هڪ ڀيڻ کي ڏئي رهيو هيو
    “بابا سائين! مون کي سڀ قبول آهي، رڳو پٽ ملي، نياڻيون هونءَ به پرايو گهر وڃي وسائينديون آهن، پيريءَ ۾ڪم ته پٽ ئي ايندا آهن.” نبن پٽ کي بچائڻ لاءِ نياڻيءَ کي ٽياس تي ٽنگڻ لاءِ تيار بيٺو هيو.
    “ته پوءِ هيئنر ئي سڄي راڄ سامهون قائمان جو مٿو ڪوڙيو ويندو، نبو! وڃ ۽ وڃي قائمان کي وٺي اچ.” رئيس محراب خان پنهنجي فيصلي تي اٽل رهيو.
    نبن ٽپ ڏئي اٿيو ۽ گهر ڏانهن وڌيو، جتي قائمان کي خبر هئي ته اڄ منهنجي تقدير جو فيصلو ٿيندو، هن کي خبر هئي ته ڀائر جڏهن خون ڪندا آهن تڏهن ڀينرون ئي قرباني جي ٽياس تي ٽنگبيون آهن، هوءَ ايندڙ فيصلي تي سوچي روئي رهي هئي.
    “قائمان! اٿي توکي رئيس گهرايو آهي ۽ فيصلو ٿي ويو آهي.” نبن ڌيءُ کي چيو.
    “ڪهڙو فيصلو ٿيو آهي؟” قائمان جي ماءُ مڙس کان پڇيو.
    “قائمان جو مٿو ڪوڙي، ڳوٺ ۾ پنائڻ جو فيصلو. جيستائين قائمان حال حيات رهندي.” نبن رئيس جي فيصلي کان زال کي آگاھ ڪيو.
    پيءُ جي واتان رئيس جو ڪيل فيصلو ٻڌي قائمان کي پنهنجو بدن وارياسي زمين وانگر ڀرندي محسوس ٿيو. هو رڙيون ڪري روئڻ لڳي. “بابا اهيو ظلم نه ڪيو، مون کي گولي هڻي ماري ڇڏيو پر منهنجو مٿو نه ڪوڙايو، بابا منهنجو ڏوھ ته ڪوئي ڪونهي پوءِ به ايڏي سزا ڇو؟ بابا.............بابا........ فيصلن ۾ سڱ چَٽي پوندي آهي، مونکي ان ۾ ڏيو، جي چاچي رمضان کي ڪا ٻي واھ ناهي ته بابا! مان چاچي رمضان سان به شادي ڪنديس پر اهيو ظلم مون تي نه ڪيو.” قائمان پيءُ جي پيرن تي ڪري ليلائيندي ۽ ٻاڪاريندي رهي پر پڻهس جي دل ۾ قائمان لاءِ ڪو به رحم نه هيو.
    “قائمان! مون فيصلو قبول ڪيو آهي. سو به راڄ وچ ۾ ان تان هر گز نه هٽندس، مڙسن جي زبان هڪ هوندي آهي. نبن پنهنجي غيرت جو اظهار ان انداز ۾ ڪيو.
    “امان................او امان! تون ئي بابي کي سمجهاءِ، تون ئي ڪجھ ڪر.” قائمان روئيندي ٻاڏائيندي رهي. پر ماڻس به خاموش هئي، ڇو ته هوءِ رئيس جي ظلم کان واقف هئي. نبن قائمان کي ٻانهن کان جهلي ڇڪيو.
    “بابا مٿي تي رئو ته رکڻ ڏينم. قائمان نوِڙي پَٽَ تان رئو کڻي انهن وارن کي ڍڪيو، جيڪي وار گهڙيءَ پل کان پوءِ ڳوٺ وارن جي سامهون ڪوڙيا ويندا، هوءَ پيءُ پٺيان سڏڪا ڀريندي مقتل ڏانهن وکون کڻندي، هلندي رهي. اوطاق ۾ گهڙندي قائمان پنهنجو منهن رئي سان لڪائي ڇڏيو.
    “نبو حجم تيار آهي، ڇوريءَ جو رئو لاهي هيڏانهن وٺي اچينس.” رئيس کي پنهنجي فيصلي تي فخر هيو.
    نبن قائمان جي مٿي تان رئو لاهي هٿ ۾ جهليو. اڄ جيڪڏهن ڌرتي کي اکيون هجن هان ته هو ڦاٽي سڄي ڳوٺ وارن کي غرق ڪري ڇڏي ها. نياڻين جو مٿو ڍڪيندڙ پيءُ اڄ پنهنجي ڌيءُ جو رئو لاهي مٿو اگهاڙو ڪري ڇڏيو هو.
    قائمان جو ڪنڌ شرم ۽ حياءَ وچان جهڪي ويو، هوءَ خاموش ڳوڙها ڳاڙيندي رهي ۽ هيڏانهن رئيس محراب خان، جنهن وقت قائمان کي ڏٺو ان وقت رئيس جو شيطاني دماغ حرڪت ڪرڻ لڳو، رئيس جي اکين ۾ حوس چمڪي اٿي ۽ ڀاڙي ڪتي وانگيان پنهنجي زبان چپن تي ڦيرائي دل ۾ چيو “جوانڙي ته منُ آهي” ۽ اوچتو رئيس پلٽو کاڌو.
    “ها رمضان! تون سڱ وٺڻ نٿو چاهين نه؟” رئيس جي ڳالھاءَ ۾ نرمي هئي.
    “نه سائين! ۽ نه ئي نياڻي جو مٿو ڪوڙائڻ ٿو گهران، هيءَ تي منهنجي ڌيءُ آهي، نياڻيون نماڻيون هونديون آهن. ڏسو! رئيس ڪيئن هوءَ خاموش روئي رهي آهي.” رمضان جي اکين ۾ پاڻِ تري آيو ۽ هو اڳتي وڌي وڃي نبن کان رئو کسي قائمان جي مٿي تي رکندي نبن کي چيو “اڙي بيغيرت نياڻين جا مٿا ننگا نه پر ڍڪبا آهن، اڙي تون ڪهڙو پيءُ آهين!!؟ مون هن نياڻي جي صدقي تو کي پنهنجي پٽ جو خون معاف ڪيو، نه کپن مون کي ڏنڊ جا هڪ لک روپيا، اهي هن نياڻيءَ تان صدقو ٿيا.”
    ان وقت قائمان کي پنهنجي پيءُ کان وڌيڪ تمام مٺو ۽ عزت وارو رمضان لڳو جنهن جي پٽ کي قائمان جي ڀاءُ احمد “ڪاري” جو الزام هڻي بي گناھ ماريو هو.
    “رمضان! تو کي جس آهي جو ڇَوري قائمان جي عزت رکي اٿئي.” رئيس جو ائين چوڻ ۽ ماڻهن جو اوڇنگارن ۾ پوڻ. جن رئيس جو فيصلو ٻڌي، رئيس جي ڊپ کان پنهنجا ڳوڙها بند ٻڌي اکين ۾ روڪي ڇڏيا هئا. جيڪو بند رئيس جي جملي چوڻ سان ڀڄي پيو ۽ اوطاق ۾ ويٺل ڳوٺ جي ماڻهن جي دامن کي ٻوڙي ڇڏيو.
    “اڙي جاهلو! مادين وانگر روئڻ ڇڏي ڏيو.” رئيس وري هڪل ڪئي ۽ وري هڪ ڀيرو راڄ ۾ خاموشي ڇائنجي وئي. ماڻهن جا ڳوڙها هڪدم سُڪي ويا. رئيس محراب خان ٻلي وانگر زبان ڦيرائيندي چيو “قائمان اصول موجب پيءُ جي گھر نٿي وڃي سگهي، ان لاءِ هوءَ اڄ کان وٺي منهنجي حويلي ۾ سام بڻجي زندگي گذاريندي.”
    ۽ ان ڏينهن کانپوءِ قائمان سام بڻجي حويلي اندر رهڻ لڳي. ڪجھ وقت کان پوءِ قائمان کي پيٽ هجڻ جي خبر حويلي کان ٻاهر ڳوٺ جي ماڻهن تائين اچي پهتي، ته هڪ سام پيل ڪنواري نياڻي ڪيئن پيٽ سان ٿي، ان راز جي ڳوٺ جي ماڻهن کي خبر هئي، پر هر ڪنهن جي وات تي رئيس محراب خان جي لت رکيل هجڻ ڪري ڪنهن به وات مان سچ نه نڪتو ته قائمان جي پيٽ ۾ رئيس محراب خان جو ئي تخم پلجي رهيو آهي ۽ هڪ ڏينهن اهڙو به آيو جو حويلي اندر قائمان جي خودڪشي ڪرڻ جي خبر، سڄي ڳوٺ جي ماڻهن تائين پهتي. پوليس ڪيس جي ڪارروائي ڪري لاش کي لاوارث قرار ڏنو، ڇو ته نبن پنهنجي ڌيءُ جي مالڪي نه ڪئي، نبن ڄاتو ٿي ته جيڪڏهن هو پنهنجي ڌيءُ جو وارث بنجي لاش وصول ڪندو ته پوءِ هُن مٿان اهڙو ڏينهن به ايندو، جو هُن جو لاش ڪنهن واھ يا زمين ۾ پيل پلال مان ڳوٺ وارن کي ملندو. اهڙو بي رحم ۽ سفاڪ شخص اسٽيج تي قوم جو همدرد ٿي قوم جي تقدير سنوارڻ جا عزم پيو ڪري.
    پريان گاڏين جي جلوس ۾ رئيس محراب خان کي ڪامريڊ وٺيون پئي آيا، اُڀ ڦاڙ نعرا هيا. محراب خان زنده باد. منهنجي اڳيان جلوس گذري ويو، نعرن جي گونج ۾ هڪ ڀيرو وري مون کان نڪري ويو. “اهڙا ماڻهو سنڌي قوم جا دشمن آهن، غدار آهن جيڪي رئيس محراب خان کي قومپرست ليڊر ٿا چون. محراب خان مرده باد.............. مرده باد.”

    نصيرآباد
    18 مارچ 1986


    بئڪ ٽائيٽل


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 466
    ڪتابن جو مشاهدو: 394183
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 159379
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ