ڪتاب جو نالو: تاريخ جا پيرا
مصنف: ارڏو اترادي
ڇپائيندڙ: ايلسا پبليڪيشن، حيدرآباد
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 20 جولائي 2017 ع
پڙهيو ويو: 718 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 276 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”تاريخ جا پيرا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب سنڌ جي مزاحمتي شاعر ۽ ليکڪ ارڏي اترادي جو لکيل آهي. ارڏي هن ڪتاب ۾ سائين جي.ايم سيد کان وٺي سڀني قومي ۽ ادبي ڪردارن کي شاعريءَ ۾ ڀيٽا ڏني آهي ۽ تعارف پيش ڪيو اٿس.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • صفحه اول
  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران :
  • پبلشر پاران
  • پنهنجي پاران
  • ٻه اکر
  • قومي ۽ مزاحمتي شاعر ارڏو اترادي
  • کِلي زنجير پائجو، اي نوجوان نِڀائجو...(مهاڳ)
  • دُعا
  • سائين جي.ايم سيد
  • سنڌ جو سِج
  • جي.ايم سائين
  • سُر سنڌ، سيد
  • رُباعيون
  • عبدالواحد آريسر
  • سائين آريسر
  • ها آريسر ياد ايندين!
  • اندرا جو بابو
  •  شهيد الهه بخش سومرو
  • شهيد الله بخش سومرو
  • ڪيرت ٻاٻاڻي
  • سائين جي. ايم. سيد ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي
  • شهيد قيوم منگي
  • شهيد قيوم منگي
  • شهيد جو اڄ آههِ ڏهاڙو
  • شيخ اياز
  • جنم ڏينهن شيخ اياز : ماتر ڀومي
  • عبدالڪريم گدائي
  • عبدالڪريم گدائي
  • وهاب ڀيو
  • انقلابي انسان وهاب ڀيو
  • راجا ڏاهر
  • وري آيو ڏاهر
  • شهيد احسان ميمڻ
  • احسان ميمڻ پيارو
  • قاضي مقصود گُل
  • مقصود گُل جي خوشبوءِ
  • ٽربيونل
  • اڃان ڌرتيءَ کي سجدو آ
  • نوجوان نِڀائجو
  • ڪي مُرليون وڄايون
  • شاهه رسالي وارا
  • پوءِ کِلنداسين
  • درياهه بند
  • ارڏا اُٿي لِکو
  • ٻُڌو هي ڪهاڻي
  • تاريخ جا پيرا آهن
  • گُهر حق هتي انسانن لاءِ...

  • صفحه اول

    شهيد جيئرا آهن، تاريخ جا پيرا آهن،
    سنڌڙيءَ ۾ اُنهن جا ديرا آهن.


    ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: تاريخ جا پيرا
    موضوع: شاعري
    شاعر: ارڏو اترادي
    ڇاپو: پهريون 2017ع
    ڳاڻيٽو: 1000
    ڪمپوزنگ: نظير چانڊيو
    ٽائيٽل: عرفان ميمڻ
    ڇپائيندڙ: ايلسا پبليڪيشن، حيدرآباد
    قيمت: /130


    انتساب

    سنڌ جي سپوت
    وهاب ڀيي جي نالي،
    جنهن مون کي
    قومي تحريڪ کان واقف ڪرايو.

    - ارڏو اترادي


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”تاريخ جا پيرا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب سنڌ جي مزاحمتي شاعر ۽ ليکڪ ارڏي اترادي جو لکيل آهي. ارڏي هن ڪتاب ۾ سائين جي.ايم سيد کان وٺي سڀني قومي ۽ ادبي ڪردارن کي شاعريءَ ۾ ڀيٽا ڏني آهي ۽ تعارف پيش ڪيو اٿس.
    ارڏي پنهنجي هن ڪتاب ’تاريخ جا پيرا‘ ۾ جيڪا بـ شاعري ڪردارن تي ڪئي آهي، اُها سندن نالن سان ڪئي آهي، ۽ اهو سنڌي شاعريءَ ۾ تمام گهٽ ٿيو آهي. اسان جا ڪافي شاعر ڪردارن تي مبهم ۽ زو معنيٰ ۾ شاعري ڪندا آهن ۽ پوءِ اُها شاعري ڪنهن لاءِ بـ پڙهي سگهجي ٿي.
    هي ڪتاب ايلسا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري نواز آريسر ۽ محترم ارڏي اتراديءَ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر پاران

    فطرت جي حُسناڪين جي رنگن ۾ سمايل شاعري لفظن جو اُهو رُوپ آهي، جيڪو هر ٻُڌندڙ جي دل کي پاڻ ڏانهن ڇڪي، ماڻهن جي ذهنن ۾ ڪيترائي معنيٰ خيز خيال آڻي، سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. تشبيهن جي ڀرمار کان تنگ ۽ نهايت آسان ماترائن جي ويس ۾ شعر لکندڙ ارڏو اترادي هميشه اهو چوندو رهيو آهي ته: ”منهنجو محبوب اڻپڙهيل آهي. ان ڪري آءٌ پنهنجي پرينءَ آڏوسادن لفظن ۾ اظهار ڪريان ٿو ته جيئن هُو سمجهي سگهي.“ هُن جي شاعريءَ ۾ سماج، انقلاب ۽ مزاحمت جا ڪيئي رُوپ آهن، جن مان قومي ۽ ادبي ڪردارن کي ڀيٽا طور لکيل شعرن کي ترتيب ڏيئي، اسان پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو آهي، سڀئي شاعر شخصيتن، دوستن لاءِ نثر ۾ ته لکي ويندا آهن، پر منظوم ڀيٽا ڏيڻ هڪ ڌار فن آهي.
    اسان جي سنڌ جو سادڙي شاعر شاهنواز مسافر وٽ هڪ ڌار فن آهي، هُو جنهن به شخصيت تي قطعو لکندو آهي ته اُن ۾ اُن شخصيت جي ڄمڻ کان مرڻ تائين زندگيءَ جو سڄو خاڪو پيش ڪندو آهي. اهڙيءَ ريت اسان جي هن قومي شاعر ارڏر اتراديءَ جو هي ڪتاب ”تاريخ جا پيرا“ به شخصيتن جي عقيدت ۾ لکيل شاعريءَ جو هي منفرد ڪتاب آهي، جيڪو سنڌ جي قومي ادب ۾ چڱو واڌارو ثابت ٿيندو.
    ارڏي اترادي، سائين جي.ايم سيد کان وٺي سڀني قومي ۽ ادبي ڪردارن کي ڀيٽا ڏني آهي. هي ڪتاب قومي تحريڪ توڙي عام ماڻهن جي ڄاڻ ۾ ڀرپور اضافو ڪندو. آءٌ ايلسا پبليڪيشن پاران هيءُ ڪتاب ڇپائيندي تمام گهڻي خوشي پيو محسوس ڪريان. اُميد ته هيءُ ڪتاب پڙهندڙن کي به پسند ايندو ۽ سندن لائبريريءَ جي سُونهن بڻبو.

    واحد ڪانڌڙو- قاسم آباد


    پنهنجي پاران

    هڪ ڏينهن پياري پرين واحد ڪانڌڙي فون ڪري خيريت پُڇندي چيو ته، اوهان وٽ جيڪا شاعري آهي، اُن مان مھان شخصيتن تي، اوهان وقت بوقت عقيدت جا گُل نِڇاور ڪندا رهيا آهيو، اُها شاعري فوٽو اسٽيٽ ڪري اُماڻيو ته، آءٌ اُن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪريان.
    اوهان جي شاعري اُنهن مهان عظيم انسانن، شهيدن، قومي سرواڻن، انقلابي ڪارڪنن ۽ انقلابي اديبن لاءِ ڀيٽا ۽ اعزاز آهي، جيڪي اوهان جي اندر جي اُتساهه مان ٻاهر اچي، قلم وسيلي ڪتابن، اخبارن جي زيب زينت بڻي ڏيهه پرڏيهه پيغام ٿي پهتي آهي.
    هر شعر نه صرف منهنجي اندر جو آواز آهي، پر هنن اکرن سان ڀرپور پيار ڪندڙ سنڌ جي هر باشعور انسانن جي دل جي ترجماني آهي.
    جيڪي ماڻهو، انسان ذات جي ڀلائي، امن ۽ آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهيا، جيل، ڦٽڪا، ٽارچر، سختيون سهندي راهه اجل وٺي موڪلائي روانا ٿيا، ڪي ٿاڻن، گهاڻن کان پيڙجي ٻاهر آيا ۽ شهيد ٿيا. اهو موت ڪنهن اقتدار جي ڪُرسيءَ لاءِ نه ٿيو، اُنهن انسان ذات جي خدمت يعني حقوق العباد سمجهي حقيقي خالق کي خوش ڪرڻ جو ڏس ۽ گس هو. ڪي مرڻ کان اڳ روز مرندا ۽ جيئرا ٿيندا رهيا، جيڪي شهيد ٿيا، سي سڀ جيئرا آهن. هو هتان هلي اتي ويس مٽائي ويٺا آهن، اِها به حقيقت آهي ته رُوح زندهه آهن، ته پوءِ هُو ڏسن ٿا ته، ڪير اسان کي ياد ڪن ٿا؟ ڪير گُل کڻي تُربت تي اچن ٿا؟ پر سڀ کان وڌيڪ اُهي تڏهن خوش ٿين ٿا ته جنهن مقصد لاءِ اسان سِر ڏنو، ڪير اُن کي سجايو ڪن ٿا. ڪهڙا اديب/ شاعر اسان واري ڳالهه اسان جو نالو وٺي، مارو ماڻهن سان اهو اندر جو احوال اورين ٿا.
    اِها به حقيقت آهي ته وقت گذرڻ کان پوءِ نالا ياد رهندا آهن. اڄ به ڪيترن کي دُولهه دريا خان جي زمان مڪان، حسب نسب جي خبر ناهي. هڪڙي ڇوڪري پنهنجو نالو هوشو ٻُڌايو. پُڇيوسين ته هُو ڪير هو، ڪڏهن- ڪٿي ۽ ڪهڙي مقصد لاءِ شهيد ٿيو. هن چيو ته بابا چيو هو ته: ”هُن نعرو هنيو هو ته مرويسون- مرويسون، پر سنڌ نه ڏيسون“ ٻي خبر ناهي. مخدوم بلاول کي ته گهاڻي ۾ پيڙيو ويو هو- پر هُو ڪير هو- ڇا ڪندو هو، هُن کي ڪيئن ۽ ڪنهن پيڙيو هو، اها ڪڏهن جي ڳالهه آهي؟ اها پيرائتي خبر ڪِن ٿورن باشعور ماڻهن کي هوندي.
    جنهن سنڌ ۽ پنجاب جي بارڊر وٽ، بشير خان قريشي،
    قادر مگسي ۽ ڪِن سياستدانن ڪالا باغ ڊيم جي خلاف ڌرڻو هنيو، اُن مشهور جاءِ جو نالو ڪمون شهيد آهي. ڪمون ڪير هو، ڪڏهن شهيد ٿيو، ڪا تحقيق ڪانهي. ائين ئي سال صدين کان پوءِ هنن انقلابي انسانن، ماءُ پيءُ جي لاڏلن، ليڊرن، رهبرن، قومي ڪارڪنن، سپهه سالارن، شهيدن کي وساريو ويندو آهي، ڇاڪاڻ جو چوندا آهن ته اڪثر غلام قوم جو هاضمو دُرست ۽ حافظو چٽ ختم هوندو آهي- داتا شاهه ولايت جو ڪلام آهي ته:
    مشتاق سڀئي ميڙي، هڪ هنڌ ڪيا هڙيئي،
    سانگي اوهان جي سهڻا، موجون وٺن مڙيئي.
    آءٌ سائين واحد ڪانڌڙي کي هنن سڀني سنڌ جي سائين
    جي. ايم. سيد کان وٺي، سنڌ امڙ تي قربان ٿيندڙ، شهيد ٿيندڙ هن راهه ۾ هلندي قربان ٿيندڙ سڄڻن جي تعارف، احوال ۽ واقعن کي سهيڙڻ جو بار کڻڻ تي کيس دل جي گهراين سان مبارڪ ڏيان ٿو. هن اهڙا سنڌ جي سڄڻن جا ڪافي ڪتاب اڳ به سهيڙيا آهن.
    هيءَ شاعري، سنڌ ڌرتيءَ جي هن دور جي حقيقي تاريخ ۾ شمار ڪئي ويندي. اُها حقيقي تاريخ لکي ويندي، ڇاڪاڻ ته هنن شهيدن، هنن جو ڌن، جوانن جي تاريخ نه عرب ٿو لکي نه انگريز، جنهن تي قياس آرائي ڪجي يا ڏند ڪٿا لکجي. هنن عظيم انسانن کي خود ڌرتي ڌڻي ئي سنواري سهيڙي ماروئڙن ڏانهن موڪلي ٿو.
    آءٌ هڪ ڀيرو وري به سائين واحد ڪانڌڙي ۽ ايلسا پبليڪيشن جي سٿ جو شڪر گذار آهيان.


    ارڏو اترادي
    ڪنڌڪوٽ- سنڌ


    ٻه اکر

    سائين عبدالقادر جوڻيجي چواڻي ته، ”پاڻ کان وڏي ماڻهو تي لکڻ، معنيٰ جبل ٽُڪڻ جي برابر آهي.“
    ارڏي اتراديءَ سان منهنجي ويجهڙائي، منهنجي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر خالد جي ڪري ٿي، ۽ سائين اڪثر اسان جي ڳوٺ ايندا رهن ٿا ۽ اُن موقعي تي، سائين جي ڪچهريءَ ۾ سندس شاعري ٻُڌڻ جو موقعو ملندو رهي ٿو. ارڏي اترادي جي گهڻي ڀاڱي شاعري مون سندس زباني ٻُڌي آهي، ۽ منهنجي ناقص علم آهر، استاد بخاريءَ کان پوءِ سادن ۽ عوامي لفظن ۾ اگر ڪا سنڌي شاعري ٿي آهي تـ اُها ارڏي اترادي ڪئي آهي، ٿي سگهي ٿو تـ اوهان اُن ڳالهـ سان اتفاق نه به کڻي رکو، ڇو تـ آءٌ ڪو ايڏو پڙهيل لکيل ناهيان ۽ نـ ئي آءٌ ڪو ڀيٽ ڪرڻ جو قائل آهيان، پر استاد بخاري جي شاعري مون پڙهي ۽ ٻُڌي آهي ۽ مون کي اُن کان پوءِ گهڻي ڀاڱي عام لفظن ۾ صرف ارڏي اترادي جي شاعري نظر آئي آهي. مثال طور هڪڙو شعر اٿس ته:
    اچو اي دوستو اچو،
    اچي مِلو، اچي مِلو،
    اڃان پيو سڏيان،
    اڃان پيو سڏيان.
    اچو اي دوستو اچو،
    مهان مرد ساٿ ڏيو،
    وقت کي سُڃاڻيو،
    زبان پنهنجي پاڙيو.
    بُخار ۾ مرڻ ٿئي،
    يا ريل تان ڪِرڻ ٿئي،
    ائين متان مري وڃو،
    مرو تـ مڙس ٿي مرو.
    ڪيڏا نـ سادا لفظ استعمال ڪيا اٿس ان شعر ۾، يا وري سندس هڪ ٻيو شعر ياد پيو اچي ته:
    انقلابي درس ڏيندڙ سو اسان جو سائين آ،
    قوم لاءِ قربان ٿيندڙ سو اسان جو سائين آ،
    ٿئي روس جو يا چين جو، هنڌ جو يا سنڌ جو،
    فڪرِ سيد کي مڃيندڙ، سو اسان جو سائين آ.
    چوڻ جو مطلب تـ ارڏي اترادي تمام سولي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي آهي، جنهن کي ڪو به پڙهيل لکيل يا اڻ پڙهيل آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو، ارڏو پاڻ بـ چوندو آهي ته، مُنهنجو محبوب اڻ پڙهيل آهي، اُن ڪري آءٌ اهڙا لفظ استعمال ڪندو آهيان، جيئن هُو آسانيءَ سان سمجهي سگهي، ۽ بقول سائين عبدالواحد آريسر جي ته: ”ارڏي جي شاعريءَ ۾ اڻ ميو بارُود ڀريل آهي، جيڪو ٻين جي شاعري ۾ بنهـ گهٽ آهي.“ ارڏي اترادي ڪڏهن بـ پنهنجي ڳالهـ هيڻي انداز ۾ نـ رکي آهي، هن هميشه پنهنجو موقف چِٽو ۽ ارڏائي انداز ۾ رکيو آهي. هڪڙو شعر اٿس ته:
    اسان قيد ڪڙين کي زيور ٿا ڄاڻون،
    ڏيکاريو جي ٿاڻو تـ پرواهـ ناهي،
    اسان پنهنجي ڌرتيءَ جا وارث بلالي،
    گُهرايو جي گهاڻو ته پرواهـ ناهي،
    اسان ٿر ۽ بر ۾ رهڻ وارا ’ارڏا‘
    نـ ٿيو گهر ٺڪاڻو تـ پرواهـ ناهي.
    ارڏي سائين پنهنجي هن ڪتاب ’تاريخ جا پيرا‘ ۾ جيڪا بـ شاعري ڪردارن تي ڪئي آهي، اُها سندن نالن سان ڪئي آهي، ۽ اهو سنڌي شاعريءَ ۾ تمام گهٽ ٿيو آهي. اسان جا ڪافي شاعر ڪردارن تي مبهم ۽ زو معنيٰ ۾ شاعري ڪندا آهن ۽ پوءِ اُها شاعري ڪنهن لاءِ بـ پڙهي سگهجي ٿي، پر جيڪڏهن نالي سان هُوندي تـ اُها صرف اُن شخص لاءِ ئي پڙهي ۽ سمجهي ويندي. بقول ارڏي اترادي جي ته: ”شاعر وٽ ڪا لفظن جي ڪمي تـ ناهي هُوندي، هُو جنهن جي لاءِ شاعري ڪري، اُها صرف اُن لاءِ ئي هُئڻ گهرجي ۽ اهو ئي بهتر خراجِ تحسين هوندو آهي ان ماڻهوءَ لاءِ.“
    بهرحال ارڏو اترادي تمام سُٺو ۽ پڙهڻ لائق شاعر آهي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته، اُهي ماڻهو جيڪي جيڪي سائين جي. ايم سيد جي موجودگيءَ ۾ پنهنجي شاعري اسٽيج تي پڙهندا هُئا ۽ سيد جهڙا ماڻهو بـ وڏي غور ۽ فڪر سان اُنهن کي ٻُڌندا هُئا، پر اڄ اسان جي قومي تحريڪ جي اسٽيجن تي اُنهن کي نٿو گهرايو وڃي ۽ اُهو مان نٿو ڏنو وڃي، جيڪو ڏيڻ گهرجي يا جيڪو سيد ڏيندو هو، اُن ۾ ڪجهـ ڪردار اسان جي انهن اديبن جو به آهي، جيڪي ساڙ ۽ حسد ۾ ورتل آهن، جن هميشه اهڙن اديبن ۽ شاعرن کي نظرانداز ڪري پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، حالانڪه ارڏي سائين جي شاعريءَ جا ٽي ڪتاب ’جنگ جو اعلان‘، ’ياد توکي ڪريان‘ ۽ ’ڇا تون مون کي ماري سگهندين!‘ ۽ ٻه ڪتاب نثر ۾ ’ڪشمور ضلعي جي تاريخ‘ ۽ ’تاريخ ۽ اسان‘ ڇپجي چُڪا آهن، اُن جي باوجود بـ نظراندازي جو ڪارڻ الائي ڇا آهي؟ شايد هاڻي ارڏي اترادي جهڙن شاعرن جي شاعري، اُنهن کان هضم نٿي ٿئي يا اڃا به ڪا ٻي وجھه آهي. بهرحال اهو تاريخ جو حساب ڪتاب آهي، جيڪا پاڻ وٺندي، پر جيڪڏهن ڪنهن کي اهو ڄاڻڻو هُجي تـ ارڏو اترادي ڪير آهي تـ سندس نثر ۽ شاعري جا ڪتاب پڙهي ڏسي تـ خبر پئجي ويندي.

    منصور مزاري
    مريد شاخ- ڪشمور


    قومي ۽ مزاحمتي شاعر ارڏو اترادي

    غلام رسول مڱريو

    قومي ۽ مزاحمتي شاعر ارڏي اتراديءَ جو اصل نالو ارصلاح ولد ڪوهدل باجڪاڻي آهي. هن 17 مئي 1949ع تي ڳوٺ گلواڻي، تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾ جنم ورتو. 1969ع ۾ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ مان مئٽرڪ، 1980ع ۾ بي.ايڊ ۽ 1985ع ۾ ايم.اي (سنڌي ادب) جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري مان حاصل ڪيائين. ان وچ ۾ پرائمري استاد ٿيو، جتان 2009ع ۾ رٽائر ڪيائين.
    کيس ننڍپڻ کان لکڻ جو چاهه هو، ۽ 1968ع ۾ ’عاجز‘ تخلص اختيار ڪري شاعريءَ جي شروعات ڪيائين. جيئن ته سندس شاعري مزاحمت واري آهي، جنهن ڪري دوستن جي اصرار تي ’ارڏو اترادي‘ تخلص اختيار ڪيائين، جيڪو سندس سُڃاڻپ بڻيو.
    ارڏي اترادي شاعريءَ سان گڏ نثر ۾ به لکيو آهي ته تحقيق واري پاسي به سندس لاڙو رهيو. سندس لکڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿينديون رهيون آهن. سائين جي. ايم. سيد سان عقيدت رکڻ ڪري ڪجهه عرصو ’جيئي سنڌ محاذ‘ سان به وابسته رهيو، ۽ سماجي سرگرمين ۾ به حصو وٺندو رهي ٿو، اُن کانسواءِ سگا شاخ ڪنڌڪوٽ سان به لاڳاپيل آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’جنگ جو اعلان‘ (شاعري)، ’ياد توکي ڪريان‘ (شاعري)، ’تون ڇا مون کي ماري سگهندين‘ (شاعري)، ’تاريخ ۽ اسان‘ (نثر)، ’ڪشمور ضلعي جي تاريخ‘ (تاريخ) ڇپجي مڃتا ماڻي چُڪا آهن، اُن بعد شخصيتن تي ڪيل سندس شاعريءَ جو هيءُ ڪتاب ’تاريخ جا پيرا‘ پڻ اهم ڪتاب آهي.
    ارڏو اترادي بنيادي طور مزاحمتي شاعر آهي، پر اُنهي مزاحمتي شاعريءَ ۾ هن جيڪو رومانس استعمال ڪيو آهي، سو ٻين شاعرن وٽ گهٽ نظر ايندو، وٽس تشبيهه جي چُونڊ به منفرد ۽ نرالي آهي، جنهن ڪري سندس شاعري پڙهندڙ کي اُتساهي ٿي. سندس ٻين ڪتابن وانگر هيءُ ڪتاب به پڙهندڙن ۾ مقبوليت ماڻيندو.


    کِلي زنجير پائجو، اي نوجوان نِڀائجو...(مهاڳ)

    80ع جي ڏهاڪي ۾ ٻارڙن جون سياسي تنظيمون سنڌ جي ٻارڙن لاءِ اهڙو سياسي رُومانس هُيون، جنهن رُومانس، سنڌ جي هڪ پُوري نسل جي ذهن کي نظرياتي سياست سان سلهاڙي ڇڏيو. اڄ به جيڪا ٿوري گهڻي قومي تحريڪ جي مُتحرڪ قيادت نظر اچي رهي آهي، ۽ سياسي ميدان تي پاڻ ملهائي رهي آهي، سا اُنهن ٻارڙن جي تنظيمن جو ئي سياسي ثمر آهي. ذاتي طور تي مان اهڙي دَور کي سنڌ جي قومي تحريڪ جو سُنهري دَور سمجهان ٿو، جنهن دَور ۾ هاءِ اسڪول جا ٻارڙا ڳِچين ۾ اجرڪ جا ڳانا پائي، جڏهن اسٽيج تي ايندا هُئا ته سنڌ جي تقدير جا پاسا بدلجندي محسوس ٿيندا هُئا. تڏهن اِئين محسوس ٿيندو هو ته هي پورهيتن ۽ هارين جا ٻارڙا نئين سنڌ کي پنهنجي نيڻن سان پَسندا ۽ سنڌي قوم جو ريڊ انڊين وانگر ملياميٽ (Decimated) ٿي وڃڻ وارو مُحاورو حقيقت نه لڳندو هو. جيتوڻيڪ اياز 60ع جي ڏهاڪي کي ادب ۾ صليبي جنگين جو زمانو لِکيو آهي، جيڪا حقيقت آهي، پر اُن ادب جو گهڻو اُڀار ۽ اَوسر اسان 80ع جي ڏهاڪي ۾ ڏٺي. اسان ڏٺو ته بيت، لات ۽ منات جي بُتن کي ڪيئن ڊاهيندا آهن؟ وايون ڪنهن آمر سان ڪيئن وِڙهنديون آهن؟ نظمون نيزا ڪيئن بڻجي پونديون آهن؟ گيتن جي گونجار توبن جي آواز کي مات ڪيئن ڏيندي آهي؟ اسان ڏٺو ته سنڌ ۾ آهستي آهستي، مذاحمتي ادب، سنڌ جي قومي تحريڪ جي آواز کي سڄي سنڌ ۾ طوفان بڻائي ڇڏيو. مذاحمتي ادب جي اُن لهر سنڌ جي سياسي آدرشن جا ڳاچ هميشه اُوچا رکيا، اُهو ئي سبب آهي، جو برفيلي چادر تي صبح جي وڻندڙ اُس ۾ سُتل ادب ۾ اهڙي تلخي ۽ شوخي آئي، جو سمورو ادب سرمد جي چپن تي آيل نفيءَ جو نغمو بڻجي پيو ۽ شاعري محبوب جي مُرڪ ۽ وهندڙ ندين جي ٽهڪن وارين تشبيهن مان نڪري، تلوار جي نوڪ تي نچڻ لڳي.
    اُها جنوري 1986ع جي ٿڌڙي شام هُئي، جو ڪو دوست ارڏي اُتراديءَ جي شاعري ٻُڌائي رهيو هو.
    تون ڇا مون کي ماري سگهندين،
    فاتح ٿي ڏيکاري سگهندين،
    سي سڀ آهن ويچارن ۾،
    ڏاڍ نه رهيو هٿيارن ۾،
    جڏهن هي هٿيار نه هُوندئي،
    ويڙهه ڪرڻ لاءِ تيار نه هُوندئي،
    قومن کي آزادي ملندي.
    ظالم کي بربادي ملندي.
    ’سن‘ جو نالو سِج اٿئي،
    هِتڙي ڳالهيون نِج اٿئي.
    اُن شاعريءَ سبب ئي ارڏي سان مُنهنجي پهرين شُناسائي ٿي هُئي، پوءِ هُن جي شاعري’لطيف جي ڏهاڙن‘ ۾ پڙهجندي رهي. ارڏي جي اُها شاعري ئي اسان جي اڄ تائين، اُن سان واقفيت جو سبب بڻي آهي. مون کي ياد نٿو اچي ته مان ڪڏهن ارڏي اُتراديءَ سان مِليو هُجان! ليڪن ڪنهن سان شُناسائيءَ جو معيار مُلاقات ناهي هوندو، پر اُن جي تخليق ۽ ڪم ئي اُن جي اصل سُڃاڻپ هوندي آهي. ارڏي سان به مُنهنجي ائين ئي سُڃاڻپ آهي، جيئن نذار قاباني، نذرالسلام ۽ محمود درويش سان.....! مون لاءِ اُن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو اعزاز ٿي سگهي ٿو ته، جنهن شاعر جي شاعري سنڌ جو قومي ڪارونجهر عبدالواحد آريسر اسٽيج تي پنهنجي تقريرن ۾ حوالي طور استعمال ڪندو هُجي، اڄ اُن جي شاعريءَ جي ڪتاب تي مُهاڳ لاءِ پياري ’واحد ڪانڌڙي‘ منهنجو نالو مُنتخب ڪيو آهي. برطانيا جي رُومانوي شاعر وليم ورڊس ورٿ لکيو هو ته: ”شاعري احساسن جي اوچتي آيل ٻوڏ آهي، جيڪا اندر جون دريون ڀڃي اُٿلي پوي ٿي.“ احساسن جي اهڙي ٻوڏ جڏهن ارڏي جي اندر مان اُٿلون کائڻ لڳي ٿي، تڏهن هُو اُهي سٽون سِرجي ٿو...
    بيشڪ ’بلاول‘ ۽ ’حيدر‘ جو حامي،
    هر هر سڏي ٿو، اچو نينهن لايون،
    آهي جنگ جاري، امن لاءِ ارڏا،
    هلي هن قدم سان قدم کي مِلايون...
    دُنيا سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ به طاقت جي تڪبر ۾ رهي، ۽ ٽين دُنيا جي مُلڪن جا جرنيل آمريڪي آشيرواد سان عوام جي سياسي ۽ جمهوري فيصلن ۾ مُداخلتون ڪندا رهيا ۽ اُهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. اهڙين سنگين سياسي حالتن ۾ ٽين دُنيا جي مُلڪن ۾ نه رُڳو سياسي مذاحمت ٿيندي رهي آهي، پر ادب جي هر صنف پنهنجي مٿي سان احتجاج جون ڪاريون پٽيون ٻڌندي رهي آهي. حبيب جالب کان وٺي، گُل خان نصير تائين، شيخ اياز کان وٺي حليم باغي، جُمن دربدر ۽ ارڏي اُتراديءَ تائين، سڀني پنهنجي نظمن جا نيزا تيار ڪري ادب جي اِتهاس ۾ ويڙهه جا بُنياد رکيا آهن. جيتوڻيڪ غلام مُلڪن جي دُنيا کي چوٿين دُنيا طور مُتعارف ڪرايو ويو. ڇاڪاڻ ته اُهو عوام، جيڪو سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ به پنهنجي قومي آزادي حاصل ڪري نه سگهيو، جن جي بُنيادي قومي آزاديءَ کي ٽين دُنيا جي غلاميءَ هيٺ ڏنو ويو. اُنهن انسانن جي دُنيا کي چوٿين دُنيا سمجهيو ويو ۽ اُن چوٿين دُنيا جي ماڻهن جي آزادي لاءِ ارڏو اُترادي پنهنجي نظمن جا پرچم ڦڙڪائيندو رهي ٿو.
    ڪڏهن مير مجلس، ڪڏهن قيد ڪاٽي،
    ڪڏهن گيت باغي ۽ ٻيجل جون وايون
    ڳُجهارت ۾ ڳالهيون ڪيان ڪيستائين،
    اچو چوٿين دُنيا جو مُفڪر ملايون.
    ارڏي جو مٿيون نظم سنڌ جي قومپرست دانشور عبدالواحد آريسر تي لکيل آهي. ارڏي جو هي ڪتاب ’تاريخ جا پيرا‘ سنڌ جي اهم سياسي ۽ ادبي شخصيتن ۽ وطن جي آزاديءَ ۾ شهيد ٿيندڙن کي ڏنل اهڙي ڀيٽا آهي، جيڪا موجوده سنڌ ۾ ڪيڏاري طور ياد رکي ويندي. سنڌ ۾ شاعري ته تمام گهڻي لکجي ۽ ڇپجي رهي آهي، پر شاعريءَ ۾ مذاحمت واري انفراديت جو عنصر گهٽ شاعرن ۾ مِلي ٿو. اياز جڏهن اهي سِٽون لکيون هُيون ته:
    ڪو ڪيئن نه ڊوڙي مقتل ڏي، آ رت ۾ خوشبوءِ مينديءَ جي،
    ڪو ڪيئن نه موٽي زندان ڏي، ٿا زُلف ڇِڪن زنجيرن جا.
    تڏهن اياز شاعريءَ وسيلي قومي غلاميءَ خلاف ويڙهه جا نوان لاڙا ۽ رُجحان وِڌا هُئا، پر ڪي اهڙا ماڻهو به هُئا، جيڪي اياز جي اهڙي عالمي معيار جي شاعريءَ مٿان نعريبازيءَ جو تُهمتون مڙهي رهيا هُئا. اُها شاعري ئي ڪهڙي ڪم جي، جنهن شاعريءَ ۾ قومن جا سُڏڪا ۽ اذيتن جون آنڌيون نظر نه اينديون هُجن. جنهن ۾ بُکايل ٻارڙن جو درد سمايل نه هُجي. جنهن ۾ سڙيل کيتن ۽ لُوساٽيل لِڱن جو تذڪرو نه هُجي. ارڏي جي هن نظم مان بلوچ شاعر گُل خان نصير جي باغي گيتن جي جهلڪ محسوس ٿئي ٿي.
    ڪِن ڪِن ٻچڙن توکي ڳايو،
    ڪِن ڪِن ٻچڙن ڪنڌ ڪپايو،
    ڪي ڪي تو لاءِ قيدي بڻيا،
    هر ڪنهن هر هنڌ پاڻ ملهايو،
    تن جي ڳڻبي پائي پائي،
    تن کي ڀيٽا ڏيڻ ڀلائي.
    جيتوڻيڪ سنڌ جي سياست نظرياتي دَور مان نڪري انفرادي مُفادن جي دَور ۾ داخل ٿي آهي، پر اُن جو اِهو قطعي مطلب ناهي ته قومي غلامي ۽ وطن جي آزاديءَ جا خُواب اڌورا رهجي ويندا، ڇاڪاڻ ته وطن جي آزادي ڪنهن مخصوص نظريي يا فلسفي جي مُحتاج ناهي ٿيندي. قومي غلامي حقيقت آهي، جنهن لاءِ لڳاتار جدوجهد ڪرڻ ۽ پاڻ پتوڙڻ اهم آهي. جيڪي ماڻهو عارضي ۽ وقتي حاصلاتن ۽ آسائشن خاطر وطن جي آزاديءَ تان هٿ کڻي ويندا آهن، سي ڪڏهن به قومي غلاميءَ جي گند کان پاڻ کي آجو ڪري ناهن سگهندا. ارڏو اُترادي سنڌ جو اهڙو مذاحمتي شاعر آهي، جيڪو ديس جي دُشمنن لاءِ للڪار آهي. اهڙي للڪار، جهڙي بلوچي شاعر گُل خان نصير ۾ هُئي، جيڪو ايوب جي آمريت کي اسٽيج تان للڪاريندي چوندو هو ته: ”ايوب خان! گدڙ پٿر چٻاڙي ناهن سگهندا.“ ۽ ارڏو پنهنجي شاعريءَ ۾ دُشمن کي هن طرح للڪاري ٿو:
    ون يونٽ ۽ ٻوليءَ واريون، توکي گوليون ياد ڏياريان،
    خون سنديون هي ٽوڙهي ڦاٽڪ واريون ڇوليون توکي ياد ڏياريان،
    لاکاٽ تي بمباري ٿي، سنڌوءَ سارو رت وهايو،
    پاپي ٿيا پنجابي هردم، سنڌين پنهنجو پاڻ ملهايو،
    ٽربيونل جا جج ٻُڌي ڇڏ، آئون اصل ڏوهاري ناهيان،
    ڪين بيانن کي ڦيرايان، ڪين بيانن کي ڦيرايان.
    اهڙي مذاحمت ۽ شوخي فقط ارڏي اُتراديءَ جي شاعريءَ ۾ ئي مِلي ٿي. اهڙي شوخي ۽ ارڏائپ جو سبب سنڌ سان بيحد مُحبت ۽ آزاديءَ تي مُڪمل يقين هُجڻ جو نتيجو آهي. جيڪڏهن آکيرا ڪچين ٽارين تي ٺهندا ته جٽاءُ ڪري نه سگهندا. اسان کي يقين آهي ته، جيڪي مُلڪ پنهنجي بُنيادن ۾ ئي ڪمزور نظرين تي ٺهندا آهن، سي ڪڏهن به جٽاءُ ڪري ناهن سگهندا. مذهب جي نالي تي ڪنهن رياست جو قيام ڪنهن به طرح گهڻي عرصي تائين جٽاءُ ڪري نه سگهندو. سولزي نٽسن چيو هو ته: ”طبقاتي استحصال رُڳو اهو ناهي، جيڪو سرمائيدار ڪنهن مزدور جو ڪندو آهي، پر استحصال ڪنهن به بدليل شڪل ۽ صورت ۾ قابل قبول نه هُجڻ گُهرجي.“ جڏهن سنڌ جا سمورا وسيلا وفاق وٽ موجود هُجن ۽ وفاق اُنهن جي ورهاست آباديءَ جي بُنياد تي ڪندو هُجي، اهڙي حالت ۾ وطن جي وارثي ۽ مالڪي خود وڏو سوال بڻيل آهي. جيڪڏهن پنهنجي وطن مٿان پنهنجي وارثي ۽ مالڪي نه هوندي ته وسيلن جي ڦُرلُٽ جو سلسلو هميشه برقرار رهندو. اُهو ئي سبب آهي، جو ارڏي جي سموري شاعري، وطن جي آزادي ۽ خوشحاليءَ جي عظيم جذبي سان سرشار نظر اچي ٿي. ارڏو پنهنجي نوجوانن کي سڏيندي چوي ٿو، وسيلن مٿان ڦُرلٽ جو هلندڙ سلسلو رهيو ته اوهان وٽ ڪُجهه به نه رهندو، اُن لاءِ لڳاتار جدوجهد جاري رکو.
    اِجهو ٿيو داڻو پاڻي بند،
    اوهان جو راڻو راڻي بند،
    کرڙي، ٿرڙي، مياڻي بند،
    ڪندا هُو ڄاڻي واڻي بند،
    کِلي زنجير پائجو،
    اي! نوجوان نِڀائجو....
    هي مُلڪ، جيڪو عوام کي مذهبي آفيم آڇي هلايو پيو وڃي، جڏهن قومن اهڙي آفيم کي ٺُڪرائي ڇڏيو، تڏهن ارڏي اُتراديءَ جي شاعري سنڌ جي سُگهڙن جي سُونهن بڻجي ويندي. مون کي يقين آهي ته شاعريءَ جي رستي مُئل رُوح به زنده ٿي سگهن ٿا ۽ ارڏي جي شاعري سنڌ جي ساڻي وجود ۾ اهڙي سگهه پئدا ڪندي، جو اُها سنڌ جي سياسي سنگهرن مان آجپي جو سبب بڻبي. ارڏي اُتراديءَ جي شاعري پڙهندي مون کي پشتو ٽپو ياد آيو، جنهن جون سِٽون آهن ته:
    اي آزاديءَ جا موت! مان توتي خوش آهيان،
    غلاميءَ جي زندگي وڏي هُجي، تڏهن به اُن تي لعنت آهي.
    مون کي يقين آهي ته هڪ ڏينهن ارڏي اُتراديءَ جا خيال، ساڀيائن جا گُلابي ويس ڍڪيندا ۽ وري کرڙيءَ جا کيت سونا سنگ اُپائيندا ۽ امن ۽ آزاديءَ جا اوٿر اُٿندا ۽ سنڌ جا سمورا شهر ۽ ڳوٺ ٻهه ٻهه ٻهڪي پوندا.
    ڪا روشنيءَ جي لاٽ ٿئي، ختم اي ’ارڏا‘ ٻاٽ ٿئي،
    ظلم زوري ڪاٽ ٿئي، کُليل آزادي واٽ ٿئي.

    تاريخ لطيف جمال
    2016-12-12 حيدرآباد


    دُعا

    ڀلا ڀاڳ ڪريو ڀلارا لطيف،
    ختم ٿيا سڀئي سهارا لطيف،
    وڃن بند ٿيندا ٿا چارا لطيف،
    ٽٽندا وڃن ٿا ستارا لطيف،
    جڏهن ڪو نه هوندءِ پيارا لطيف،
    تڏهن ڪو نه هوندءِ منارا لطيف.

    ويو ڏِس گدائي ، ويو ڏيپلائي ،
    اسان جي به پويان اِجها فوج آئي،
    نه ڪي شرح ٿيندي نه ڪي پڙهبي وائي،
    رهي ڀٽ ۾ پوءِ ڪندين ڇا ڀٽائي
    ڏيکارين جي هاڻي ڪنارا لطيف،
    تڏهن سمجهان سمجهيا اشارا لطيف.

    3- ڀٽائي سان گڏجي ڪريون هيءَ ٻولي،
    وساريون نه مادر ڏني جيڪا لولي،
    سانوڻ جي موجن جي سنڌوءَ جي ڇولي،
    هرگز نه وسري لڳي چاهي گولي،
    ڪيون عهد توسان ٿا سارا لطيف،
    ’ارڏن‘ جي جيءُ جا جيئارا لطيف.

    عبدالڪريم گدائي
    محمّد عثمان ڏيپلائي


    سائين جي.ايم سيد

    نالو: سيد غلام مرتضيٰ شاهه
    سُڃاڻپ: جي.ايم سيد
    جنم جو هنڌ: 17 جنوري 1904، سن شهر، ضلعو دادو، سنڌ
    پيشو: رهبر، سياستدان، عالم ۽ اديب
    ادبي حيثيت: تاريخدان، محقق ۽ عالم
    تصنيفون:
    (1) محــال مـانجهـنـدن جـو تعليمي ۽ تنظيمي پـروگــرام (1928ع)
    (2) هندستان جا مسلمان ۽ پاڪستان (ترجمو: مئي 1941ع)
    (3) سنڌ جي عدالت جي انتظاميه کان جدائي (1946ع)
    (4) مسلم ليگ جي مخالفت ڇو؟
    (5) نئين سنڌ لاءِ جدوجهد (2 ڀاڱا)
    (6) پيغام لطيف
    (7) پاڪستان ۾ قــوميـتـن جـو مسـئـلو
    (8) چونڊ ادبي مضمون
    (9) چونڊ سياسي مضمون
    (10) ســنـڌ جي بمبئــيءَ کـان آزادي
    (11) سنڌ متـحــده مـحــاذ ۽ ونـيـونٽ
    (12) جنب گذاريم جن سين: 2 ڀاڱا
    (13) جيئن ڏٺو آهه مون
    (14) موجوده سياسي مسئلا
    (15) جديد سياست جا نو رتن
    (16) رهاڻ (ميران محمد شاهه جا خط)
    (17) ساهڙ جا سينگار (علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جا خط)
    (18) خط ۽ مضمون (پير علي محمد راشديءَ جا خط)
    (19) بزم صوفياء سنڌ جو آئين ۽ خطبا
    (20) سنڌي ڪلچر
    (21) واڄــٽ ويـراڳيـن جا (محمد امين کوسي ۽ جي. ايم. سيد جا خط)، ٻه ڀاڱا
    (22) اڄ پڻ چڪيم چاڪ (اديبن جا خط)
    (23) ڪجهه خط (برصغير جي سياستدانن جا خط)
    (24) خطبات سيد
    (25) جديد عالمي سياست
    (26) سنڌ جي ڪهاڻي، سيد جي زباني (تقريرون)
    (27) پاڪستان جي ماضي ۽ حال تي طائرانه نظر
    (28) ديارِ دل ۽ داستانِ محبت
    (29) سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ،
    (30) سنڌوءَ جي ساڃاهه: ٻه ڀاڱا
    (31) مسلم سربراهه ڪانفرنس جو تجربو
    (32) ههڙا هاڃا ٿين (پمـفـليـٽن جو مجموعو)
    (33) پنهـنجـي ڪهـاڻي پنهنجــي زبـانـي، جـلـد پهريون
    (34) پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني، جلد ٻيو
    (35) سنڌ ڳالهائي ٿي (عدالتي بيان)
    (36) سڏ پڙاڏو (جي. ايم. سيد ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط)
    (37) پيام عمل
    (38) حاصل جنين حال (جي. ايم. سيد جا امين کوسي ڏانهن خط)
    (39) آيو تڙ تماچي (رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جا خط)
    (41) جي. ايم. سيد جون تحريرون، ٽي ڀاڱا
    (42) سنڌ جا سُورما
    (43) رهبر
    [وڇوڙو: 25 اپريل 1995]


    سنڌ جو سِج

    سن جي سِج سان، رِيس تارا ڪَرِن،
    گورن کان پوءِ هاڻي ڪارا ڪَرِن.

    چنڊ چانڊوڪي چاهي ڪرين ڪيتري
    ڪين منظور ٿا سن وارا ڪَرِن...

    سنڌ جو سِج اُڀريو جڏهن سن کان،
    تڏهن کان ٿا ڦورو ڪنارا ڪَرِن...

    ڪڏهن کان وٺون ها آزادي مگر،
    اسان سان به پنهنجا ٿا پيارا ڪَرِن...

    ’ارڏا‘ اُنهن کي سُڃاڻي ڇڏيو،
    جيڪي پاڻ ۾ پيا اِشارا ڪَرِن...


    جي.ايم سائين

    1- جيڪو به انسان امر انهيءَ جي،
    جيئي مري يا اُٿي ۽ ويهي،
    اهو انهيءَ جو مجاز مالڪ،
    اهو انهيءَ جو حقيقي خالق،
    انهيءَ کي سجدو ڪري سدائين،
    اهو انهيءَ جو صنم ۽ سائين.
    اسان جو سائينءَ مثال آهين،
    جي. ايم. سائين- جي. ايم. سائين.

    2- صنم ۽ سائين سيد کي ڄاڻي،
    فڪر انهيءَ تي هاڻي جو هاڻي،
    ڀلي ڪو دشمن پيڙائي گهاڻي،
    چوان نه تن کي پيڙيو سڀاڻي.
    ڦران جي واعدي تان منهن نه لائين،
    جي. ايم. سائين- جي. ايم. سائين.



    3- عبادتن سان جنت پرستي،
    رياضتن سان دنيا جي وستي،
    جيئن سڀني ۾ آ هڪڙي هستي،
    دنيا جي وستين ۾ قومپرستي،
    اها ئي آهي خدا جي بستي،
    انهيءَ سان ناتو آهي الستي.
    اهو ئي ناتو اڃان نڀائين،
    جي. ايم. سائين- جي. ايم. سائين.

    4- ازم طريقا انسان ٺاهيا،
    قانون ڪيئي ٺاهيا ۽ ڊاهيا،
    مائو ۽ لينن ٿيا پنهنجن لئه،
    اسان ڀلا ڇو ٿيون انهن لئه،
    انهن چڱن جا چڱا ڪي نقطا،
    انهن مان چونڊي ڪيا تو پختا،
    پنهنجا تجربا نقطا ملائي،
    انهيءَ تي پنهنجي تحريڪ ٺاهي.
    سوچي ۽ سمجهي پيو هلائين،
    جي. ايم. سائين- جي. ايم. سائين.


    5- پري کان ٻڌندي سڏن پيا ڪافر،
    اکرن ۾ اڙيل علامه ڦر ڦر،
    ٻڌي ڏسي ۽ ويچار ڪريو،
    ملي انهيءَ سان پوءِ ڌيان ڌريو،
    پُڇوس ڇا ٿو سيد سڏائين،
    جي. ايم. سائين- جي. ايم. سائين.

    6- سيد جا پُختا خيال آهن،
    انهيءَ لئه پُختا مثال آهن،
    ملڻ کان دشمن نٽائن پيا،
    انهيءَ لاءِ راهون مٽائن پيا،
    جيڪي چوي ٿو اهو ٿئي ٿو،
    عظيم جي. ايم ازم ڏئي ٿو،
    انهيءَ اِزم تي ارڏا ٿيون ٿا،
    جيئي سنڌو ديش اسان چئون ٿا.
    عظيم سنڌ کي عظيم ٺاهين،
    جي. ايم. سائين- جي. ايم. سائين.


    سُر سنڌ، سيد

    سنڌ امڙ جي صحت، آهي روز خراب،
    بُڇڙيون بيماريون سندن لڳيون بي حساب،
    ٽرن سڀ عذاب، صدقي سيد سائين جي.

    سنڌ وطن جيئن، سڄڻ سڀ غريب،
    مير-وزير-ڪامورا، اچن ڪو نه قريب،
    مِهر مٺيءَ ماءُ کان، بيشڪ بدنصيب،
    ڪي ڪي مرد مجيب، جي. ايم جوڙي سنڌ ۾.

    سنڌ امڙ کي اڄڪلهه، چڱن جي آ لوڙ،
    غدار ڪافي گرهه جا، کائڻ اچن کوڙ،
    ماءُ مِٺي کي وڪڻي، کائن ٻڪرا ٻوڙ،
    تون تنين کان ٽوڙ، ’ارڏا‘ ناتو نينهن جو.

    ’ارڏا‘ ناتو نينهن جو، جوانن سان تون جوڙ،
    جيڪي دم دم ديس سان، نينهن نڀائن توڙ،
    سڄي سنڌ وطن ۾، وڃي پيارا ووڙ،
    خيما اُتي کوڙ، جي جيئارن سنڌ کي.



    سنڌ جي سياست ۾ ڪي کرا ڪي کوٽا،
    ڪي جي. ايم سان جوڙ رهيا، باقي ٿيا لوٽا،
    ڪي سياست ڇڏي سنڌ جي، ٽڪر ٿيا ٽوٽا،
    ڪي چوٽيون ڪي چوٽا، مُئا ڪرسيءَ ڪاڻ.

    ’ارڏن‘ اوشاقن ڪيو سيد کي سلام،
    گيتا- گرنٿ کان وٺي ڪل الهامي ڪلام،
    مذهبي مهندار آيا، اُتي خاص ۽ عام،
    جي. ايم. پيتو جام، منصوري هن ملڪ ۾.


    رُباعيون

    اديب انقلابي ٿئي ته اُن کي اديب سڏيان،
    جي. ايم سائين کي سنڌ جو حبيب طبيب سڏيان،
    ’ارڏا‘ سنڌي ٿين هاڻي بنگالي،
    وڙهي جي قوم لاءِ مري تنهن کي مجيب سڏيان.
    -


    اوڀر ڏي هلون، اولهه ڏي هلون، ڪنهن هڪڙي طرف هلڻ گهرجي،
    روسين سان ملون، چينين سان ملون، ڪن هڪڙن ساڻ ملڻ گهرجي،
    اي سنڌي قوم جا فرضندو، في الحال هلو هن ’ارڏي‘ سان
    سيد ڏي هلي سڀ هڪ ٿي هلي، ڪو ٻيو ڪو ڪم ڪرڻ گهرجي.


    عبدالواحد آريسر

    نالو: عبدالواحد جادو آريسر
    ادبي نالو: عبدالواحد آريسر
    جنم جي تاريخ: 11 آڪٽوبر 1949ع
    جنم هنڌ: وائوڙي (امرڪوٽ)
    سُڃاڻپ: قومپرست اڳواڻ، سياستدان
    ادبي حيثيت: ليکڪ، نقاد، تاريخدان، محقق ۽ دانشور
    تصنيفون:
    1. پرهه جو پيغام (1974ع)
    2. صدين جون صدائون (1974ع)
    3. ترم ياترا (1985ع)
    4. ٿي نه محبت مات (1986ع)
    5. جي.ايم.سيد (1976ع)، ٻيو ڇاپو: 1988ع
    6. چانڊوڪيون ۽ چٽ (1987ع)
    7. ماڙين ماريس ڪينڪي (1989ع) ٻيو ڇاپو: 2003ع
    8. ابو الڪلام آزاد ۽ سرمد شهيد (1988ع)
    9. ماڻهو ميگهه ملهار (1988ع)
    10. مٽيءَ هاڻا ماڻهو (ترجمو: فرانزفينن جو ڪتاب: 1983ع) ٻيو ڇاپو: 1999ع
    11. سر ۾ سانجهيءَ وير (1979ع)
    12. وريا واهرو (1981ع)
    13. اسان جيئن جيئي ڪو (جيل ڊائري: 1998ع) ٻيو ڇاپو: 1999ع
    14. رُوح جا ريلا (ڪالم: 1999ع)
    15. سِر جي صدا سُر ۾ (تقريرون/ مقالا: 2000ع)
    16. تقريرون (1989ع)
    17. ٽَهڪي نِڪتا ٽُوهه (1985ع)
    18. ڇا ته شخص هو (2004ع)
    19. سچ وڏو ڏوهاري آ (بلاولي تحريڪ: 2006ع)
    20. پارٽي ۽ سياست (اڻ ڇپيل)
    21. واڄٽ ويراڳين جا (تاج جويي سان گڏ ترتيب)
    22. سنڌي سماج جو جائزو (1985ع)
    23. قومي تحريڪ (1989ع)
    24. قومي تحريڪ ۾ رُڪاوٽون (1990ع) چوٿون ڇاپو: 2004ع
    25. ڳچي ڳانا لوهه جا (ٽيئي جيل ڊائريون گڏيل: 2006ع)
    26. وطن پرستي (1987ع) ٻيو ڇاپو: 1988
    27. اُميد جو قتل: (بينظير جي شهادت وقت لکيل: 2008ع)
    28. رُوءِ داد هڪ رات جي (2008ع)
    29. زندگي آزادي ۽ محبت (تقريرون، تحريرون ۽ انٽرويو:2009ع)
    30. مُنهنجي اڱڻ مُساڳ جي وڻ (چونڊ نثري ٽُڪرا:2013ع)
    31. ڪنڌيءَ ٽڙن ڪنول (گڏيل ڪتابن جو مجموعو: 2012ع
    32. کٽڻهار کِڙيا (گڏيل ڪتابن جو مجموعو: 2012ع
    33. تاريخ جي جِهروڪي مان (گڏيل ڪتابن جو مجموعو (2013ع)
    34. ورق ورق تاريخ (چونڊ نثري ٽُڪرا:2015ع)
    35. ويراڳي جي وڃڻا ها (خاڪا: 2015ع)
    36. اندر رُوح رَهيام (تقريرون ۽ مضمون: 2015ع)
    37. ڌرتيءَ جي ڌڙڪن (گڏيل ڪتابن جو مجموعو:2015ع)
    38. انڊلٺ ريکائون: (شاعري ۽ نثري ٽڪرا:2015ع)
    39. نئين دور جا نوان چار درويش (خاڪا:2016ع)

    [وڇوڙو: 03 مئي 2015ع]


    سائين آريسر

    ’ترم ياترا ۽ صدين جون صدائون‘
    لِکي خوب ڄاڻي جي. ايم جون ادائون.

    صبح شام ساري دنيا کي سڏي ٿو،
    اچو گڏجي آزاد ٿي گيت ڳايون...

    ڪڏهن مير مجلس ڪڏهن قيد ڪاٽي،
    ڪڏهن گيت باغي ۽ ٻيجل جون وايون...

    ’اسان جيئن جيئي ڪو‘ آ اعلان اُن جو،
    ’وريا واهرو‘ جا ورق سڀ ورايون...

    ڳُجهارت ۾ ڳالهيون ڪيان ڪيستائين،
    اچو چوٿين دنيا جو مفڪر ملايون...


    مدبر، مصنف، مقرر، آريسر،
    اڃان سنڌ سان هُو ڪري پيو وفائون...

    پنهنجي قوم سان پيو سَلي سُور اڄ به،
    ڪيئي سهڻا ساٿي ڪري ويا جفائون...

    بيشڪ ’بلاول‘ ۽ ’حيدر‘ جو حامي،
    هر هر سڏي ٿو اچو نينهن لايون...

    آهي جنگ جاري امن لاءِ ’ارڏا‘،
    هلي هن قدم سان قدم کي ملايون...


    ها آريسر ياد ايندين!

    وقت ساريندو وري توکي وري،
    ڪير ڏيندو قوم کي سا دلبري.

    ڪير لِکندو قوم لاءِ ايڏا ڪتاب،
    ڪير کوليندو وري دل جي دري...

    تو اُٿي گهر گهر اُٿاريو قوم کي،
    تو سان گڏ رهبر سائين جي رهبري...

    ها آريسر ياد ايندين سنڌ کي،
    هر وقت جي تقرير- تحرير- ڪچهري...

    ها وڏين گاڏين ۾ ليڊر کوڙ هُئا،
    پر نه ڪنهن ڄاتو وڏو ماڻهو ٿري...

    تو چيو هو سچ آ وربو وري،
    موت ’ارڏن‘ کان اڳي ويندو مري...


    اندرا جو بابو

    ٿري آيو ٿر کان، وري ٿر ويو،
    جنهن گهر کان آيو، اُن ئي گهر ويو.

    ڪيسر جو وَر ۽ اندرا جو بابو،
    ڪکاؤن گهر ۽ هو سُکيو ستابو.
    سڀئي روسي، چيني، مفڪر سڏين پيا،
    مسڪين ماڻهن ۾، اُن جو هو ڪعبو.
    سدائين ذڪر ۽ فڪر ۾ به عظمت،
    دنيا جي مظلوم خاطر جيئاپو.
    ان لاءِ سڄي سنڌ در در ويو،
    ٿري آيو ٿر کان وري ٿر ويو.
    سندس نانءُ وڏو هو تحرير ۾،
    نه ملندو ٻيو نسخو اڪثير ۾.
    قلم تي قلم هو ۽ جلسن ڪري جيل،
    ان لاءِ هُئا هٿ زنجير ۾.
    پنهنجن پراون ڪئي دشمني پئي،
    سٺائين جيسين ساهه سرير ۾.
    سدا هر ستم تي ڪري صبر ويو،
    ٿري آيو ٿر کان، وري ٿر ويو.



    نه دهشت ۽ وحشت ڏي مائل هُيو،
    سيد ۽ گانڌي جو قائل هُيو.
    هُيو صاف سياست ۾ ايمان اُن جو،
    مسئلو سٺي سوچ سان حل هُيو.
    صوفي لا ڪوفي انسان اَرڏو،
    نه غريبن جي دل کان پري پل هُيو.
    اُهو موڪلائي آريسر ويو،
    ٿري آيو ٿر کان، وري ٿر ويو.


     شهيد الهه بخش سومرو

    نالو: الهه بخش سومرو
    جنم: 31 آگسٽ 1900ع
    جنم هنڌ: شڪارپور
    حيثيت: سياستدان/وزيرعظم
    جيون خاڪو
    سائين جي.ايم سيد جو ويجهو ساٿي الهه بخش سومرو پهريون ڀيرو 1923ع ۾ جيڪب آباد ميونسپل جو ميمبر ٿيو، جنهن کانپوءِ هو 1928ع ۾ سکر ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر ۽ 1930ع ۾ وري لوڪل بورڊ جو صدر ٿيو. 9331ع ۾ شهيد الله بخش سومري کي بهتر عوامي خدمتن عيوض اُن وقت جي انگريز سرڪار پاران (Order of the British Empire OB.E) جي خطاب سان نوازيو ويو. 1936ع ۾ جڏهن اتحاد پارٽي قائم ٿي ته الله بخش سومرو ان ۾ شامل ٿي ويو ۽ 1937ع جي پڇاڙيءَ ۾ سنڌ اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون، جن ۾ پاڻ اڪثريت سان ڪامياب ٿيو ۽ 1938ع ۾ شهيد الله بخش سنڌ جو پهريون وزيراعظم چونڊجي آيو. سندس پهرين پارٽي پاليسي بيان ۾ هيٺيان اهم نُڪتا شامل هئا:
    1. ملڪي انتظام کي قوم پرست بنيادن تي هلايو ويندو.
    2. سکر بئراج سبب سنڌ جي ڪِن حصن کي زراعت ۾ نقصان پهتو
    آهي، اُن ڪري لوئر بئراج جي اسڪيم تيار ڪئي ويندي ته جيئن عوام جا مفاد پورا ٿين.
    3. اتر سنڌ روهڙي ڊويزن جا واهه سُڌاريا ويندا.
    4. ڪانگريس وزارت وانگر وزير پگهار گهٽ کڻندا.
    5. آنرري مئجسٽريٽون ختم ڪيون وينديون.
    6. آزمائشي طور ضروري رستن جو ڪم لوڪل بورڊن کي ڏنو ويندو.
    7. پرائمري ماسترن جي پگهار ۾ پنجن رُپين جو اضافو ڪيو ويندو.
    8. مولانا عبيد الله سنڌي سنڌ واپس آيو ته سندس آجيان ڪنداسون.
    9. سنڌ فرنٽيئر ريگيوليشن ختم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي مقرر ڪئي ويندي.
    1940ع ۾ وزيراعظم سنڌ الله بخش سومري سنڌ ڳوٺاڻي جماعت جو بنياد رکيو .
    • 1942ع ۾ ڪراچيءَ جي بندر تي وزيراعظم جي حيثيت ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي افغانستان مان واپسيءَ تي استقبال ڪيائين، هندستان جي تاريخ ۾ هي پهريون اهڙو اڳواڻ هو، جنهن اُن ئي سرڪار جي مخالف کي وطن واپس ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.
    • 26 سيپٽمبر 1942ع تي سنڌ جي وزيراعظم الله بخش سومري انگريزن جا مليل سڀ لقب واپس ڪندي اهو خط اخبارن ۾ پڻ شايع ڪرايو. آڪٽوبر 1942ع ۾ سنڌ جي وزيراعظم الله بخش سومري کي انگريز سرڪار برطرف ڪري ڇڏيو.
    • الله بخش سومري کي خبر پئي ته شڪارپور جي ٻاهران هڪ ڪُوڙو ۽ فريبي پِير، ماڻهن، خاص ڪري عورتن کي ڦاسائي ۽ ڦُري رهيو آهي ته پاڻ اُن مان جان ڇڏائڻ لاء 14 مئي 1943ع تي ٽانگي تي سوار ٿي، اُن سان ملڻ لاءِ روانو ٿيو. سندس نيت اها هُئي ته اُن پير کي ڪُجهه رقم ڏئي هتان ڀڄائجي. پر سندس پهچڻ کان اڳ ئي اُن پير کي ڪا کڙڪ پئجي وئي ۽ هو اُتان ڀڄي ويو. پاڻ ساڳئي ٽانگي ۾ واپس وري رهيو هو ته کيس گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو ۽ سنڌ هڪ وفادار ۽ امر ڪردار واري سياستدان کي وڃائي ويٺي. سنڌ جي قومپرست سياستدان سائين جي . ايم سيد پنهنجي ڪتاب ’ جنب گذاريم جن سين ‘ ۾ کيس ’ سنڌ جو دودو ثاني ‘ سڏيو آهي . سندس مزار شڪارپور شهر ۾ آهي.


    شهيد الله بخش سومرو

    شهيدن نانءُ پنهنجو ڇڏي هليو وئين،
    ڌرتيءَ سان پنهنجو ناتو گڏي هليو وئين.

    تاريخ ۾ لِکائي وئين ورق سون جا،
    ڪُرسي ۽ لوڀ لالچ ٿُڏي هليو وئين...

    پنهنجن سان پيار خاطر، ڌارين سان هو مهاڏو،
    سرچاءُ ڪاڻ سڀ جي تڏي هليو وئين...

    دودي جو رُوپ ڌاري، آئين الهه بخش،
    سِر ساڻ سِر ملائي آڏي هليو وئين...

    سامي، اياز، ’ارڏا‘ آيا هزارين سنڌ ۾،
    سي سڀ سچائي خاطر سڏي هليو وئين...


    ڪيرت ٻاٻاڻي

    نالو: ڪيرت ٻاٻاڻي
    جنم: 03 جنوري 1922ع
    جنم هنڌ: ڳوٺ موريو لاکو، سڪرنڊ، نوابشاهه
    تعليم: بي.اي ۽ ايل.ايل.بي
    حيثيت: عالم، اديب ۽ فريڊم فائيٽر
    جيون خاڪو
    ڪيرت ٻاٻاڻي، شاگرديءَ واري زماني کان قومي سوچ رکندڙ هو ۽ شاگرديءَ دوران استاد روچيرام ٿانواڻيءَ جي ترتيب هيٺ قومپرستيءَ جو صلو من ۾ انگوريس، سنڌ اندر مزدور ۽ شاگرد جدوجهد سان گڏ انگريزن کان ملڪ جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ڪانگريس جي اثر هيٺ حصو ورتائين. ان زماني ۾ ٽنڊي آدم ۽ نوابشاهه ۾ جلسن ۾ شريڪ ٿيندو هو. اسڪولي جيون ۾ پرڀات ڦيريون ڏيڻ، هٿ سان پترا لکي ورهائڻ ۽ قومي ڏينهن ملهائڻ سندس مشغوليون هيون. سنڌ اسٽوڊنٽس ڪانگريس جو سيڪريٽري رهيو. شيخ اياز، ڪيرت بابت لکيو آهي ته:
    ”ڪيرت ٻاٻاڻي منهنجو پراڻو دوست آهي، ان جو شمار سنڌي قوم جي عظيم محب وطنن ۾ ڪري سگهجي ٿو. هن جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪافي وسيع آهي ۽ هن جي پنهنجي قوم سان مڪمل وفاداري (Absolute Commitment) آهي.“
    ڪيرت بنيادي طرح آزاديءَ جي هلچل جي پيدائش آهي. هو سنڌي ادبي سنگت جي اوائلي ميمبرن مان آهي ۽ هن سنڌ ۾ رهڻ دوران جديد ترقي پسند ادب کي اي. جي. اُتم، گوبند پنجابي ۽ گوبند مالهيءَ سان گڏجي همٿايو. ’نئين دنيا‘ ڪتاب گهر ڪراچيءَ جو ان ڏس ۾ وڏو ڪردار آهي. هن ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ڇڏڻ نه ٿي چاهي، پر پهرين سرڪار کيس باغي سرگرمين ۾ شرڪت سبب 11 مهينا قيد ۾ رکيو ۽ آزاديءَ بعد به سي. آءِ. ڊي سندس پيڇو نه ڇڏيو. ڪجهه وقت سائين جي. ايم. سيد ۽ حيدر بخش جتوئيءَ وٽ لڪندي گذاريائين. جتوئي صاحب جي ’هاري حقدار‘ اخبار سنڀاليائين، پر سي. آءِ. ڊيءَ سندس پيڇو نه ڇڏيو ۽ نئين پاڪستاني حڪومت هڪدم ملڪ ڇڏڻ جو پروانو هٿ ۾ ڏئي، کيس سنڌ مان زوريءَ روانو ڪيو ۽ هُو اکين مان لُڙڪ لاڙيندو پنهنجي جنم ڀوميءَ کي الوداع ڪري هند روانو ٿي ويو. ان ئي پسمنظر ۾ هن لکيو هو ته:
    ”تون پُڇين ته مان اُداس ڇو آهيان!“ سندس اهو ليک 1956ع جي ’مهراڻ‘ رسالي ۾ ڇپيو.
    هي محبِ وطن، کاهوڙي انسان 12 مئي 2015ع ۾ اسان کان وڇڙي ويو.


    سائين جي. ايم. سيد ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي

    سائين جي. ايم. سيد ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي

    هڪ کي ديس ڇڏايو ويو ۽ ٻيو ٿيو قيدي سنڌ سائين،
    رُوح ته ٻئي آزاد رهيا، پر ظاهر بوتا بند سائين.

    هڪ قومي ٻوليءَ جي خاطر، ٻيو قومي ٽوليءَ جي خاطر،
    هو ٻئي تڙپيا آزاديءَ لاءِ، ڪيرت، جيئم جند سائين...

    مهڪ، هوا ۽ عظمت اعليٰ، قيد ڪري ڪو ڇا سگهندو! !
    اکيون، اکين منجهه ويهارن، پيار ۾ ڪهڙو پنڌ سائين...

    مِٽي، مِٽيءَ ساڻ مليا ۽ روح مليا وڃي روحن سان،
    هو يار ٻئي اوطاقي ٿيا، هڪ سنڌ سائين ٻيو هند سائين...

    ڌرتي ساري ماتر ڀومي، ڪو هت آيو، ڪو هُت آيو،
    آهن عملن جون ڳالهيون، ڪي راز پروڙن رند سائين...

    جن جو عشق آفاقي هو، سي ويس مٽائي ويٺا هُئا،
    ’ارڏا‘ آيا سير ڪرڻ، ڪي گهڙيون گهارڻ چند سائين.


    شهيد قيوم منگي

    شهيد قيوم منگي

    نالو: عبدالقيوم ولد گلشيرمنگي
    سڃاڻپ: قيوم منگي
    جنم: پهرين آڪٽوبر 1954ع
    جنم هنڌ: محله قلعه قافلو، شهر شڪارپور، سنڌ
    تعليم: گرئجوئيشن
    حيثيت: قومپرست اڳواڻ
    جيون خاڪو:
    1. جساف ضلعي شڪارپور جو صدر ۽ ڊويزنل آرگنائيزر
    2. جيئي سنڌ محاذ جو مرڪزي وائيس چيئرمئن
    3. جيئي سنڌ محاذ جو آئيني ڪميٽيءَ جو ميمبر
    4. جيئي سنڌ قومي محاذ جو مرڪزي وائيس چيئرمئن
    5. بلدياتي چونڊن ۾ ڪائونسلر چونڊيو ويو.
    شهيد قيوم منگي قومي تحريڪ جي سرگرمين ڪري ڪيترائي ڀيرا گرفتار ٿيو، سائين جي.ايم سيد سان گڏ جهنڊي واري ڪيس ۾ جيل ويو، ۽ وڏي عرصي تائين جيل ۾ رهيو.
    قيوم منگي، سائين جي.ايم سيد جي اعتماد جوڳن ماڻهن ۾ شمار ٿيندو هو.
    قيوم منگي سياست سان گڏ سماجي ورڪر به رهيو، هن شڪارپور ۾ ڪيترائي سماجي ڪم ڪيا، جنهن ڪري شهر جا ماڻهو کيس تمام گهڻو ڀائيندا ۽ مانُ ڏيندا هُئا. 1987ع وارين بلدياتي چونڊن ۾ شهرين جي اصرار تي قيوم منگي حصو ورتو ۽ اڳوڻي صوبائي وزير مقبول شيخ جي سامهون چونڊن ۾ بيٺو، جنهن ۾ اڪثريت سان ڪامياب ٿيو، هن اُن دور ۾ مقامي سطح تي تمام گهڻو ڪم ڪيو، جيڪو تاريخ جي ورقن ۾ اڄ به زندهه آهي ۽ مقامي سطح تي اڄ به کيس سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو. شهيد قيوم منگيءَ جو سڀاءُ نهايت ئي وڻندڙ هوندو هو، ننڍي توڙي وڏي سان ’باباسائين‘ چئي مُخاطب ٿيندو هو.
    قيوم منگي 4 جون 1998ع تي شهيد بشير خان قريشيءَ سان گڏ، جناح اسپتال جي ڪينٽين تي ويٺو هو ته مٿن پوليس ۽ رينجرس جي پهري هيٺ دهشتگردن حملو ڪيو، جنهن ۾ پاڻ بشير خان کي بچائيندي، مزاحمت ڪئي ۽ سخت زخمي ٿي پيو. بشير خان کي به ڪافي ڌڪ لڳا هُئا، پر قيوم جي حالت تمام گهڻي خراب هُئي. اُن ئي وقت بشير خان ۽ قيوم منگيءَ کي جناح اسپتال جي اسپيشل وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو، بشير خان ته جلد صحتياب ٿي ويو، پر قيوم جي طبيعت ويتر بگڙندي وئي ۽ نتيجي طور زندگيءَ ۽ موت جي جنگ وڙهندي 22 جون 1998ع تي شهادت ماڻي امر ٿيو. سندس مڙهه قومي ڪارڪنن جي قافلي سان شڪارپور آندو ويو، جتي هزارين قومي ڪارڪنن کان علاوه شهرين سندس آخري ديدار ڪيو. ان بعد کيس قومي جهنڊي جو ڪفن ڏئي، اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.



    شهيد قيوم منگي

    شهيد قيوم منگي

    جيئي سنڌ قيوم منگي ته جسقم ٺهي پوي،
    رُٺل جو مِلي اُن سان هڪدم ٺهي پوي.

    جسقم جو آ ڏهاڙو، شهيد نانءُ سان،
    شهيد تُنهنجي رت سان قسم ٺهي پوي...

    شهيد الهه بخش ۽ شهيد قيوم منگي،
    شڪارپور جو شان اڳتي قدم ٺهي پوي...

    سڀني سنڌين کي ان لاءِ مهراڻ پيو سڏي،
    آزاد سنڌ وارو الم ٺهي پوي...

    دولهه دلير دودا، آيا ائين هو ايندا،
    جيئن جنم وٺي هو، جي. ايم. ٺهي پوي...

    جي. ايم، وهاب، قيوم، ’ارڏن‘ سان گڏ آهن،
    نالي وٺڻ سان دم ۾ ٻيو دم ٺهي پوي...


    شهيد جو اڄ آههِ ڏهاڙو

    شهيد جو اڄ آههِ ڏهاڙو

    ميمبر ليڊر مرد مهان،
    سنڌي ڪارڪن سياستدان.

    شهيد جو اڄ آههِ ڏهاڙو،
    قيوم منگي جا مهمان...

    شوق شهادت شان اُتم آ،
    مالڪ لِکيو منجهه قرآن...

    زندهه آهن زندهه رهندا،
    پنهنجو پُختو آ ايمان...

    جاڳن پيا جاڳائڻ وارا،
    مٽيءَ لڌو تن جو مان...

    تو سان گڏجي مظهر ساري،
    منهنجا مٺڙا اي مهراڻ ...


    سُورهيه جا اي سُورهيه پُٽڙا،
    رکين هر دم جذبا جوان...

    هڪڙي پاسي هاءِ وڇوڙو،
    رکين روئي پيو گلدان...

    سن سڏي پيو هڪ ٿيڻ لاءِ،
    ڇا لاءِ ٽولا ۽ بحران...

    ائين نه مِلندي آ آزادي،
    هر هڪ سنڌي آ حيران...

    مڃيو سيد جو فرمان،
    بند اشارا بند بيان...

    سنڌو ماتا تي اي سنڌي،
    هڪڙو ڪريو هي احسان...

    ننڍا وڏا سنڌي ’ارڏا‘،
    ڪريو گڏجڻ جو اعلان...


    شيخ اياز

    شيخ اياز

    نالو: شيخ مبارڪ ولد غلام حسين شيخ
    سڃاڻپ: شيخ اياز
    جنم: 2 مارچ 1923ع ، شڪارپور، سنڌ
    تعليم: ايم.اي ايل.ايل.بي
    حيثيت: قومي شاعر
    شيخ اياز سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر به رهيو ۽ وڪالت ۾ به وڏو نالو ڪڍيو.
    تصنيفون:
    (1). ”ڀَونر ڀِري آڪاس“ (شاعري: 1962ع)
    (2). ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ (خط ۽ نوٽ بوڪ جا ٽڪرا: ڊسمبر 1962ع)
    (3). ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ (شاعري: 1963ع)
    (4). ”اڪ جون ڦلڙيون، ڀيڄ ڀيني“ (نثري شاعري: 1965ع-ايوبي مارشل لا ۾ هي ڪتاب ڇپجڻ جي باوجود منظر عام تي نه اچي سگهيو ۽ ٻيهر 2000ع ۾ ڇپيو.
    (5). ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ (شاعري: 1970ع)
    (6). ”وڄُون وسڻ آئيون“ (شاعري: 1973ع)
    (7). ڪَپر ٿو ڪُن ڪري“ (شاعري: 1975ع)
    (8). ”لڙيو سج لڪن ۾“ (شاعري: 1980ع)
    (9). ”پتڻ ٿو پُور ڪري“ (شاعري: 1982ع)
    (10). ”جڳ مڙوئي سپنو“ (آتم ڪٿائي يادون: 1985ع)،
    (11). ”چنڊ چنبيليءَ ول“ (شاعري: 1985ع)
    (12). ”پن ڇڻ پڄاڻان“ (شاعري: 1985)
    (13). ”ٽڪرا ٽٽل صليب جا“ (شاعري: 1985ع)
    (14). ”رڻ تي رم جهم“ (شاعري: 1986ع)
    (15). ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ (سنگيت ناٽڪ: 1986ع)
    (16). ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ (مئي: 1986ع)
    (17). خط، انٽرويو، تقريرون“ (جلد پهريون: جولاءِ 1987ع)
    (18). ”اڪن نيرا ڦليا“ (شاعري: 1988ع)
    (19). ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون“ (يادون: فيبروري 1989ع)
    (20). ”خط، انٽرويو، تقريرون“ (جلد ٻيو: اپريل 1991ع)
    (21). ”هينئڙو ڏاڙهونءَ گل جيئن“ (شاعري: 1991ع)
    (22). ”الوداعي گيت“ (شاعري: 1991ع)
    (23). ”ننڊ وليون“ (شاعري: 1992ع)
    (24). ”ڪَتين ڪرموڙيا جڏهن“ (ڀاڱو پهريون، شاعري: 1992ع)
    (25). ”ڪَتين ڪرموڙيا جڏهن“ (ڀاڱو ٻيو: 1992ع)
    (26). ”جر ڏيئا جهمڪن“ (شاعري: 1993ع)
    (27). ”سرلوهيڙا ڳڀيا“ (شاعري: 1993ع)
    (28). ”سورج مکي سانجهه“ (شاعري: 1993ع)،
    (29). ”ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون“ (شاعري: 1993ع)
    (30). هرڻ اکي ڪيڏانهن“ (شاعري: 1994ع
    (31). ”تون ڇپر تون ڇانوَ“ (شاعري: 1995ع)
    (32). ”چنڊ ڳليون“ (شاعري: 1995ع)
    (33). ”گهاٽ مٿان گهنگهور گهٽا ۾“ (شاعري: 1996ع)
    (34). ”سانجهي سمنڊ سپون“ (شاعري: 1996ع)
    (35). ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (آتم ڪٿا: جلد پهريون: 1995)
    (36). ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (جلد ٻيو: آڪٽوبر 1996ع)
    (37). ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (جلد ٽيون: نومبر 1997ع)
    (38). ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (جلد چوٿون: آگسٽ 1998ع)
    (39). ”ڪونجون ڪرڪن روهه تي“ (شاعري: 1997ع)
    (40). ”ڪاري رات ڪُهنگ“ (شاعري: 1998ع)
    (41). ”مينهن ڪڻيون“ (شاعري: 1999ع)
    (42). ”وڏا وڻ وڻڪار جا“ (تاجل بيوس سان گڏ شاعري: 1997ع)
    (43). ”اٿي اور الله سان“ (شاعري: جنوري 1998ع)
    [وڇوڙو: 28 ڊسمبر 1997ع]


    جنم ڏينهن شيخ اياز : ماتر ڀومي

    جنم ڏينهن شيخ اياز : ماتر ڀومي

    تنهنجي جهول ۾ شاهه ڀٽائي،
    آهي بلاول شاهه سنائي،
    ها، هي مبارڪ شيخ اياز،
    سڀني کي آ تنهنجي وائي.
    ثابت سالم ساڻ سچائي،
    تن کي ڀيٽا ڏيڻ ڀلائي

    تون ئي آهين سنڌو ماتا،
    تو ئي سڀئي سيني لاتا،
    ڏين مبارڪ تن کي سڀئي،
    جن جن گيت اوهان جا ڳاتا.
    تن لاءِ پنهنجي سوچ سوائي،
    تن کي ڀيٽا ڏيڻ ڀلائي...

    ڪن ڪن ٻچڙن توکي ڳايو،
    ڪن ڪن ٻچڙن ڪنڌ ڪپايو،
    ڪي ڪي تولاءِ قيدي بڻيا،
    هر ڪنهن هر هنڌ پاڻ ملهايو،
    تن جي ڳڻبي پائي پائي،
    تن کي ڀيٽا ڏيڻ ڀلائي...

    تن لاءِ کوڙ دعائون آهن،
    جنم جنم واڌايون آهن،
    پل پل ڪريون پيار انهن سان،
    جيءُ، جيءُ ۾ سؤ جايون آهن.
    جن جي ڪافي آههِ ڪمائي،
    تن کي ڀيٽا ڏيڻ ڀلائي...

    جن جو اڄ ٿا جنم ملهايون،
    ڳلي ڳلي ۾ وايون ڳايون،
    پنڌ ڪري پيغام پهچايون،
    مچ انهيءَ کي خوب مچايون.
    تڏهن ٿيندي سڀ سڻائي،
    تن کي ڀيٽا ڏيڻ ڀلائي...

    هن جو لکيو تحريرن ۾،
    سر تريءَ تي تقريرن ۾،
    حق چئي ويو هر هنڌ ’ارڏو‘،
    ظالم اڳيان زنجيرن ۾.
    ڪڏهن ڪاڻ نه ڪڍبي ڪائي،
    تن کي ڀيٽا ڏيڻ ڀلائي...


    عبدالڪريم گدائي

    عبدالڪريم گدائي

    نالو: عبدالڪريم ولد بجار خان لاشاري
    تخلص: گدائي
    جنم: 1 جنوري 1901ع
    جنم هنڌ: ڪريم آباد، ٺُل
    حيثيت: شاعر
    تصنيفون:
    1. ساڻيهه جا سُور (1965ع)
    2. پيماني تي پيمانو (1974ع
    3. پکڙا ۽ پنهوار (1975ع).
    عبدالڪريم گدائي نه فقط ناليوارو شاعر ٿي گذريو آهي، پر هُو قومي سٿ سان به سلهاڙيل رهيو. 1932ع ۾ سرڪاري نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏيئي تحريڪ آزاديءَ ۾ شامل ٿيو.
    پاڻ ڪانگريس ڪميٽيءَ ٺُل جو سيڪريٽري به رهيو.
    سنڌ جي هن بيباڪ انسان سڄي زندگي سنڌ لاءِ جاکوڙيندي گذاري، پاڻ 28 جنوري 1978ع تي جيڪب آباد ۾ وفات ڪيائين، سندس آخري آرامگاهه جيڪب آباد جهٽ پٽ روڊ تي آهي.


    عبدالڪريم گدائي

    عبدالڪريم گدائي

    هن سنڌ امڙ جا سڀئي پيارا،
    هي ڀينر ڀائر سڀئي سارا.

    هي قول وري اڄ ورجايون،
    اڄ گيت گدائي جا ڳايون،
    هي گفتا بيت غزل وايون،
    اڄ انهن تي سڀ ڳالهائيون.

    اڄ پڳڙن ۽ پنهوارن تي،
    ۽ ماروئڙن ٿر وارن تي،
    هن پيٽ بُکايل ٻارن تي،
    ۽ ٻئي پاسي غدارن تي.
    ¬¬¬¬¬
    چورن جي ساٿارين تي،
    ان ڌاڙيلن پاٿارين تي،
    مسڪينن جي مارين تي،
    هارين جي لاچارين تي.

    سي ووٽن لاءِ وري جاڳيا،
    جيپ به ساڳي جهنڊا ٻيا،
    هڪ جيپ ۾ آهن سڀ ساڳيا،
    هي چور سڃاڻج اي ڀاڳيا.

    اڳ نعرا خوب ٻڌا آهن،
    ڀل پارٽين منجهه جدا آهن،
    هو فنڊن لاءِ فدا آهن،
    پر پاڻ سان ڪونه سڌا آهن.

    هي آيا ووٽ ڦرڻ وارا،
    ۽ هاڻي نت نوان نعرا...

    اسين قائل نفرت جا ناهيون،
    ۽ صوفي صاف سچا آهيون،
    اسين پيار جا گل سدا ورهايون،
    پوءِ ڇا لاءِ بم هتي باهيون.

    آءٌ ذڪر ڪيان مظلومن جو،
    محڪومن جو معصومن جو،
    هت رت وهي پيو قومن جو،
    هر مسجد ۾ هر مومن جو.

    هت روئي ڀيڻ پياري ٿي،
    ڪا بيواه بي گهر واري ٿي،
    ڪا ماري وئي آ ڪاري ٿي،
    ائين هر ڪا دل آزاري ٿي.

    هت وڙهن قبيلا جهيڙا ڇو،
    هت بم ڪلاشن کوڙا ڇو،
    هت لڪل هٿ هٿوڙا ڇو،
    ۽ حاڪم گونگا ٻوڙا ڇو.

    هت عام اهو چؤٻول آهي،
    هت سامراجي سڀ کيل آهي،
    هن قوم سان وڏو ويل آهي،
    هت سچ چوڻ تي جيل آهي.

    سنڌي ’ارڏا‘ سمجهه اشارا،
    اهي آهن وارا ڍارا...


    وهاب ڀيو

    وهاب ڀيو

    نالو: عبدالوهاب ولد حاجي سبزل خان ڀيو
    جنم: 16 آگسٽ 1952ع
    جنم هنڌ: ڳوٺ رئيس مبارڪ خان ڀيو، تعلقو ڪنڌڪوٽ
    حيثيت: پرائمري ۽ سيڪنڊري استاد
    سڃاڻپ: سماج سڌارڪ ۽ قومپرست


    وهاب ڀيو، سنڌ جو سپوت هو، جيڪو پنهنجي سڀني سُلڇڻاين ۾ اعليٰ ۽ اوتم هو. هي هڪ آدرشي انسان هو. پاڻ بنيادي طور تي قومپرست هو، جيئي سنڌ محاذ جي بنيادي ميمبرن ۾ سندس شمار ٿيندو هو، ضلعي جو عهديدار، نيشنل ڪانگريس ۽ سينٽرل ڪميٽيءَ جو ميمبر به رهيو.
    اُن کان علاوه سماج جو سيواڪار به هو، علائقائي سطح تي ڪيترن ئي هيڻن ماڻهن جو ڀرجهلو هو. ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، ٺل ۽ جيڪب آباد ۾ شهري اتحاد جو بنياد وڌائين ۽ پاڻ اُن جو پهريون ميمبر هو. اُن کانسواءِ پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪنڌڪوٽ جو سيڪريٽري به رهيو.
    سنڌ جو هيءُ گهڻگهرو انسان جون 1998ع ۾ سنڌ کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.


    انقلابي انسان وهاب ڀيو

    انقلابي انسان وهاب ڀيو

    محفل آ تصور ۾ آيل ’اياز‘
    آهي ’گل‘ جي ڀر ۾ ’ادل‘ ۽ ’نياز‘
    حقيقت کي شاعر هي کولي پيو،
    ترانو سنڌوءَ جو ڪو ٻولي پيو،
    اندر ۾ انسان ڳولي پيو،
    دنيا جو مهمان ڳولي پيو.
    ادا انقلابي اُٿي اي وهاب،
    آزادي جو هاڻي سُڻائج خواب.

    اسيءَ جي ڏهاڪي جو وارو وريو،
    نعرن سان پنڊال جوانن ڀريو،
    هر ڪو پڇي پيو ڪٿي آ وهاب،
    دعوت ڏئي ٿو ڪرڻ لاءِ خطاب،
    اجهو هو آريسر مٿي ٿو اچي،
    تاڙين سان ٻيهر ٿي محفل مچي.
    ٻيجل جي وائي سرندو رباب،
    ڀرپور تاڙين سان مليو جواب.

    تقرير پوري آريسر ڪئي،
    وري يار ملبو هليو هي چئي،
    گڏ يار وهاب نثار هڪڙو،
    هليو شهادت لاءِ قيوم تڪڙو،
    وري مون ڏٺو جوان بشير خان،
    محفل مان هڪ هڪ ٿي هليا مهان.
    ڏٺو مون اکين آڏو هي انقلاب،
    ناهي بند ٿيڻو، بيشڪ هيءُ باب.

    اڃان پنهنجي پوري ڪهاڻي نه ٿي،
    خوابن جي ساڀيا وراڻي نه ٿي،
    هر رات محفل مچي پئي هتي،
    گلشن مان خوشبوءِ اچي پئي هتي،
    چئي ويا سان کي هو ايندا وري،
    ’ارڏا‘ سنڌي کول دل جي دري.
    اڃان آهي ڌرتي اڃان آفتاب،
    ڦٽندا سنڌوءَ جي ڪناري گلاب،
    ادا انقلابي اٿي اي وهاب،
    آزادي جو هاڻي سُڻائج خواب.


    راجا ڏاهر

    راجا ڏاهر

    نالو:
    پيءُ جو نالو: ڏاهر، ڏهيسر، راجا ڏاهر
    عطا محمد ڀنڀرو
    جنم: پهرين جنوري 1976ع
    پرائمري تعليم: ڳوٺ بچل ڀنڀرو، خيرپور ميرس
    مئٽرڪ: حيدرآباد
    ايم.ايس.سي:
    قلمي پورهيو: جيولاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
    سياسي، سماجي ۽ ڪيترائي ادبي مضمون لکيائين
    جيون خاڪو:
    راجا ڏاهر سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري اديب، محقق ۽ دانشور عطا محمد ڀنڀيري جو ٻيو نمبر پُٽ هو. هُو قومي سياست سان لاڳاپيل هو، هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن ۾ شموليت سان ڪئي، بعد ۾ جيئي سنڌ متحده محاذ ۾ شامل ٿيو ۽ شهادت تائين سلهاڙيل رهيو ۽ مرڪزي سينٽرل ڪميٽيءَ جو ميمبر هو، مرڪزي عهدو هئڻ سبب ڪيترو عرصو روپوشيءَ واري زندگي گذاري. 4 جون 2015ع تي صبح جو سوير ڳوٺ بچل ڀنڀري مان قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن کيس کنڀيو، مهينو گم ڪيو ويو ۽ مهيني کانپوءِ 8 جولاءِ تي نوري آباد پوليس کي چچريل حالت ۾ لاوارث لاش هٿ آيو، جنهن کي امانتي طور حيدرآباد جي ٽنڊي يوسف قبرستان ۾ دفنايو ويو، نادرا پاران راجا ڏاهر طور تصديق ٿيڻ بعد وارثن کي اطلاع ڏنو ويو، اُن بعد وارثن ۽ سنڌ جي قومي اڳواڻن ٽنڊي يوسف قبرستان پهچي، راجا ڏاهر جو مڙهه 26 جولاءِ تي قبرستان مان ڪڍرايو ۽ پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.


    وري آيو ڏاهر

    وري آيو ڏاهر

    سُورهيه سُڃاڻو اُٿي سنڌ واسي،
    وري آيو ڏاهر، امڙ باس باسي.

    صدين کان پوءِ سنڌڙي وري ساريو آ،
    ڌرتيءَ تي ڌارين ٻارڻ ٻاريو آ.

    جيڪو ڪونه ڄاڻي اهو آ اَڻاسي،
    وري آيو ڏاهر، امڙ باس باسي.

    هڪ وڙهيو ڏاهر هتي شهنشاهه،
    گورن سان وڙهيو ’سورهيه بادشاهه‘

    مکي ٻيلي ٻيجل ٿي آيو اداسي،
    وري آيو ڏاهر، امڙ باس باسي.

    پينگهو لوڏي ڀنڀري رکيو نانءُ ڏاهر،
    ايندو آجپي لاءِ کڻي جهنڊو ظاهر.

    هي ’ارڏا‘ مڃيندا شهادت سياسي،
    وري آيو ڏاهر، امڙ باس باسي.


    شهيد احسان ميمڻ

    شهيد احسان ميمڻ
    نالو: احسان ميمڻ
    پيءُ جو نالو: قادر بخش ميمڻ
    جنم جي تاريخ: 1960ع
    جنم هنڌ: ڳڙهي ياسين، شڪارپور
    سُڃاڻپ: قومي ڪارڪن
    تعليم: ايم.ايس.سي پاس سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو
    زندگيءَ جو عڪس:
    احسان ميمڻ سياست جي شروعات سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. هيءَ پهريان جساف جو ميمبر ٿيو، بعد ۾ جساف سنڌ يونيورسٽيءَ جو چيف آرگنائيزر ٿيو. احسان ميمڻ جو شاگرديءَ وارو دور تمام شاندار رهيو ۽ هن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سياست ڪندي ۽ سائين جي. ايم سيد جي نظريي جي پرچار ڪندي، قومي تحريڪ ۾ مثبت لاڙا آندا.
    هُو نظرياتي ورڪر هو، سندس مطالعو وسيع هو. جساف جي سياست ڪندي هيءَ رياست جي اک جو ڪنڊو بڻيل رهيو ۽ نيٺ آخر 26 مئي 1983ع تي رياستي درندن ’هوشو هاسٽل‘ تي چڙهائيءَ ڪري گولين جا برسٽ هڻي کيس شهيد ڪيو، سندس مڙهه اباڻي ڳوٺ نِيو ويو، جتي قومي جهنڊي جو ڪفن ڏئي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
    احسان ميمڻ جي شهادت، سنڌ جي قومي شاعر جمن دربدر تي ايترو ته اثر ڇڏيو جو هُن هيٺيون نظم لکيو:
    وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو،
    ختم اونداهه ٿي ويندي، چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو.


    احسان ميمڻ پيارو

    احسان ميمڻ پيارو

    ٻه شخص سُتا ناهن ۽ باک ڦٽڻ تي آ،
    ماءُ پيءُ ٿا اڃان جاڳن ۽ رات کُٽڻ تي آ.

    هُو دَر ڏئي نهارن ٿا ۽ ڏيئڙا ٻارن ٿا،
    سڀ ويهي گذارن ٿا، احسان اچڻ تي آ...

    هاڻي مون هليو ويندس ۽ جلد وري ايندس،
    آيو نه اڃان تائين ۽ مهل مٽڻ تي آ...

    احسان ميمڻ پيارو، ويو جوان ڳڙهي وارو،
    هنيو سنڌ جو هن نعرو، کڻي ساهه ٽٽڻ تي آ...

    سارو ڪٽنب روئاري ويو، پر سنڌ سنواري ويو،
    ’ارڏن‘ ڏي نهاري ويو، هي دور ڪٽڻ تي آ...


    قاضي مقصود گُل

    قاضي مقصود گُل

    نالو: قاضي مقصود حيات
    ادبي نالو: مقصود گل
    جنم: 18 اپريل 1950ع،
    جنم هنڌ: رتوديرو، لاڙڪاڻو
    ادبي حيثيت: اديب ۽ شاعر
    تصنيفون:
    • شاعريءَ جي شروعات: 1975ع.
    1. ’ڪرڻا ڪرڻا‘ (ٻارڙن لاءِ شاعري)
    2. ’عشق سمندر‘ (اردو)، ’سچل سرمست جي فارسي مثنوين جو منظوم‘ (اردو ترجمو)
    3. ’رتوديرو‘ (مختصر تاريخ،
    4. ’زندگيءَ ڏي موٽ‘ (ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون ترجمو)
    5. ’وکريل موتي‘ (ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ جا مقالا)
    6. ’اندر روح رهيام‘ (ڊاڪٽر حاميءَ بابت لکيل مضمون ۽ مقالا- ترتيب)
    7. ’سنڌوءَ تي ڌاڙو‘، ’سنڌو ڪپ تي‘ ۽ ٻيا ڪتاب
    8. سچل سرمست، ڊاڪٽر تنويرعباسي ۽ ٻيا ڪيترائي اوارڊ حاصل ڪيائين.
    [وڇوڙو: 14 فيبروري 2015ع]


    مقصود گُل جي خوشبوءِ

    مقصود گُل جي خوشبوءِ

    دنيا ته دم گذر آ،
    ڪنهن جو پڪو نه گهر آ.

    مقصود گل جي خوشبوءِ،
    موجود هر شهر آ...

    هڪ هو عظيم انسان،
    شاهد ته هر بشر آ.

    هر بزم ڪچهري ۾،
    مٿانهون معتبر آ...

    دعاگو سدائين ’ساس‘
    ’ارڏا‘ سداءِ ٿر آ...


    ٽربيونل

    ٽربيونل

    راجا ڏاهر کان اڄ تائين، سينگاريل هي سُولي آهي،
    سنڌي قوم جي اڳيان سارو، کيل رهيو معمولي آهي،
    سنڌڙيءَ جي تاريخ چوي، ڪيئي ڌاريا ويا ۽ ويندا،
    ’ٽوڙي ڦاٽڪ‘ جهڙا واقعا، ڪافي ٿيا ۽ ڪافي ٿيندا.
    آءٌ اهو ئي ’هوشو‘ آهيان، آءٌ اهو ئي ’هيمون‘ آهيان،
    ڪين بيانن کي ڦيرايان، ڪين بيانن کي ڦيرايان.

    عرب ويا، ارغون ويا، ترخان ويا ۽ مغل ويا،
    انگريز ويا ۽ هي به ويندا، هل هنگاما ڄاڻ ٿيا،
    مون توب تلوارون، گهاڻا ٿاڻا ڦٽڪا ڪوڙا خوبَ سٺا،
    هي ڳالهه نئين ڪا مون لاءِ ناهي، هر دم ڪوڙا ڪوٽ ڊٺا.
    مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون، ساڳيو نعرو پيو ورجايان،
    ڪين بيانن کي ڦيرايان، ڪين بيانن کي ڦيرايان.

    ون يونٽ ۽ ٻوليءَ واريون توکي گوليون ياد ڏياريان،
    خون سنديون هي ٽوڙهي ڦاٽڪ واريون ڇوليون ياد ڏياريان،
    لاکاٽ تي بمباري ٿي، سنڌوءَ سارو رت وهايو،
    پاپي ٿيا پنجابي هردم، سنڌين پنهنجو پاڻ ملهايو.
    ٽربيونل جا جج ٻڌي ڇڏ، آئون اصل ڏوهاري ناهيان،
    ڪين بيانن کي ڦيرايان، ڪين بيانن کي ڦيرايان.


    اڃان ڌرتيءَ کي سجدو آ

    اڃان ڌرتيءَ کي سجدو آ

    وڃي چئه منهنجي ڌرتيءَ جي، پيارن کي سنگهارن کي،
    اڃان ڌرتيءَ کي سجدو آ، اڃان سنڌوءَ ڪنارن کي.

    جن وٽ قوم جو نعرو، ڪُفر انڪار وارو هو،
    جي. ايم جي شڪايت هئي، گلا جو سِر تي کارو هو،
    ڌاري مزدور، هاريءَ لاءِ، سرگردان ويچارو هو،
    اسان وٽ سخت گرمي هئي ۽ هن وٽ پوهه پارو هو.
    اهي وريا، وري ورندا، جيڪي سمجهيا اشارن کي،
    وڃي چئه منهنجي ڌرتيءَ جي پيارن کي سنگهارن کي.

    ڏسي سمجهي ڪشادي هي، جهولي سنڌ سائين جي،
    ”ڀُلي جي ڀاڻ سي آيا“ اکين ۾ جاءِ ٿي تنهنجي،
    سنڌو امڙ ته سانئڻ آ، اها ڪندي ڪيئن اهنجي،
    اهو ئي ڀاءُ ٿو ڀانئيان، اها ئي ڀيڻ آ منهنجي.
    کڻي پيغام سائين جو، ڏيو پکڙن پنهوارن کي،
    وڃي چئه منهنجي ڌرتيءَ جي پيارن کي سنگهارن کي.


    سُڃاتو جن به جي. ايم کي، سڏيو تن امن جو رهبر،
    سچو ۽ صاف صوفي هو، ڀٽائي ياد هو اڪثر،
    ڌرتي ماءُ دنيا ۾، امن وارن جو آهي گهر،
    هڪٻئي کي ورهائڻ لاءِ، سدا حرڪت اندر ٻاهر.
    هڪ رياست، هڪ سياست، چئه سڀني ڀلارن کي،
    وڃي چئه منهنجي ڌرتيءَ جي پيارن کي سنگهارن کي.

    رکون انسانيت دل ۾، گهرون ٿا خير دنيا جو،
    نه کائي حق ڪو ڪنهن جو، تڏهن سو صاف ۽ آجو،
    هاري، مزدور ڀائر سڀ، وسائن ديس هو پنهنجو،
    نه ٿئي مظلوم ۽ محڪوم، پوءِ فساد آ ڇا جو.
    ٿڌڙي هير ڌرتي جي سڏيندي پوءِ بهارن کي،
    وڃي چئه منهنجي ڌرتيءَ جي پيارن کي سنگهارن کي.

    نه ڪي هيءَ توب ماريندي، نه ڪي سڀئي سڌاريندي،
    اسان جي قوم کي سائين، امن محبت جيئاريندي،
    نفرت، ساڙ ۽ جهيڙو، اڃا به باهه ٻاريندي،
    ڪريون اتحاد ۽ ايڪو، اهو جلوو ڏيکاريندي.
    ساري سلام ڏي ’ارڏا‘ ملي مٺڙن موچارن کي.
    وڃي چئه منهنجي ڌرتيءَ جي، پيارن کي سنگهارن کي،
    اڃا ڌرتيءَ کي سجدو آ، اڃا سنڌوءَ ڪنارن کي.


    نوجوان نِڀائجو

    نوجوان نِڀائجو

    اي نوجوان نڀائجو، اي نوجوان نڀائجو،
    جوت هي جلائجو، وجود کي بچائجو.

    اسان عَلم آ کوڙيو، ۽ قيد بند ٽوڙيو،
    هي ٿر جبل آ ووڙيو، هي جسم جسم جوڙيو.
    اوهان اهو هلائجو،
    اي نوجوان نڀائجو.

    اسان صرف پڪاريو، ۽ ننڊ مان اٿاريو،
    مٽيءَ جو ڏيئو ٻاريو، هي پيچرو ڏيکاريو.
    قدم قدم ملائجو،
    اي نوجوان نڀائجو.

    اسان جون ساعتون ٻه ٽي، ٿو وقت زندگي ڪَٽي،
    اجها هي رات ٿي کٽي، اوهان جي باک ٿي ڦٽي.
    هاڻي نه هانءُ لاهجو،
    اي نوجوان نڀائجو.



    اجهو ٿيو داڻو پاڻي بند، اوهان جو راڻو راڻي بند،
    کرڙي، ٿرڙي، مياڻي بند، ڪندا هو ڄاڻي واڻي بند.
    کلي زنجير پائجو،
    اي نوجوان نڀائجو.

    ڪاروشي جي لاٽ ٿئي، ختم اي ’ارڏا‘ ٻاٽ ٿئي،
    ظلم زوري ڪاٽ ٿئي، کليل آزادي واٽ ٿئي.
    تيستائين ڳائجو،
    اي نوجوان نڀائجو.


    ڪي مُرليون وڄايون

    ڪي مُرليون وڄايون

    اچو يار گڏجي غزل بيت ڳايون،
    کڻي ساز سُرندا ڪي مرليون وڄايون.

    اڃان سوجهرو آ، اڃان چنڊ آهي،
    اڃان رات اوندهه مٿان منڊ آهي.
    اچو مير مجلس هي محفل مچايون.

    اڃان ساهه آهي، اڃان ست آهي،
    اڃان هن رڳن ۾ رهيل رت آهي.
    اچو پنهنجو آواز پلپل پڄايون.

    اڃان پنهنجي اوطاق ۾ مچ آهي،
    اها هي ڪهاڻي ٻڌو ڳچ آهي.
    اچو رنگ لايون ڪچهريون سجايون.

    اڃان ڳائجي هت ڪنور ۽ اياز،
    اڃان ڳائجي هت گدائي، نياز.
    اچو ڳايون ’ارڏا‘• ڀٽائيءَ جون وايون.


    شاهه رسالي وارا

    شاهه رسالي وارا

    آءُ ته گڏجون سارا سائين،
    ماءُ مٺيءَ جا پيارا سائين.

    گڊو شهر ڪراچيءَ تائين،
    شاهه رسالي وارا سائين.

    سنڌي وائي ڄاڻ اهائي،
    سي سڀ بيت سپارا سائين.

    سنڌوءَ ندي جون سڀ ڇوليون،
    ٻولن پوتر ڌارا سائين.

    ماٿيلي کان ڪيٽي بندر،
    منهنجا ٻئي ڪنارا سائين.

    ٽوپي اجرڪ پاتل ٽولي،
    چُني چنڊ ستارا سائين.

    سنڌ ثقافت ساڻ سلامت،
    گهرجن ٻيا نه اشارا سائين.

    اتر، لاڙ، وچولي، ٿر جا،
    ’ارڏا‘ محب مچار سائين.


    پوءِ کِلنداسين

    پوءِ کِلنداسين

    جنهن ڏينهن اسان جي دردن جو درمان ٿيندو، پوءِ کلنداسين،
    جنهن ڏينهن سڀن جي سورن جو سامان ٿيندو، پوءِ کلنداسين.

    اڄ ڏيهه جا ڏوٿي سڀ ڏکيا، ڪو داد ٿئي، فرياد سندو،
    جنهن ڏينهن سچو هن رياست جو سلطان ٿيندو، پوءِ کلنداسين...

    هر دفتر جو دربان چوي، ڪا ڳالهه ڪيو ڪنهن مطلب جي،
    پگهار ته پوري ڪانهي ڪا، ڪو دان ٿيندو، پوءِ کلنداسين...

    هر ٿاڻي ۾ هڪ گهاڻو آ ۽ ڪامورو ڪاسائي آ،
    هن قوم جو ظالم ڪامورو، چالان ٿيندو، پوءِ کلنداسين...

    جت پاڻي پيئڻ لاءِ ناهي، جن گاهه ختم هر ساهه ختم،
    اُن يار ٿرين لاءِ وسڪارو، مهمان ٿيندو، پوءِ کلنداسين...

    هر فرد هتي آزاد هجي ۽ شاد سدا آباد هجي،
    همدرد سڄي هن دنيا جو انسان ٿيندو، پوءِ کلنداسين...

    ها امن هجي هن ڌرتيءَ تي ۽ ’ارڏن‘ سان گڏ عرش کلي،
    ان ڏينهن آزاديءَ جو يارو، اعلان ٿيندو، پوءِ کلنداسين...


    درياهه بند

    درياهه بند

    بازار بند ۽ راهه بند،
    واهه بند درياهه بند.

    هو جي ڪن ٿا احتجاج،
    سي سڀئي همراهه بند.

    هر ستم تي دانهن ڪندڙ،
    وات بند ۽ ساهه بند...

    ڌارين جي لوڌ هتڙي،
    ڇو نه ٿئي ٿي ڪاهه بند...

    ڇا ڇو ڀلا سرڪار جا،
    سي ڪن بند نگاهه بند...

    هي غلامي ڪيستائين،
    ’ارڏا‘ سورهيه شاهه بند...


    ارڏا اُٿي لِکو

    ارڏا اُٿي لِکو

    سرتيءَ تي لکڻ سوکو،
    ڌرتيءَ تي لکڻ اوکو.

    حقيقي حسن فطرت،
    سونهن پسي سڀڪو...

    سنسار بنا سچ جي،
    بيڪار آهي لوڪو...

    قومن جي حقن خاطر،
    سچ صاف لکي ڪوڪو...

    مظلوم ماڻهن خاطر،
    ڀل جيءُ رسي جوکو...

    مبهم ٿا لکن جيڪي،
    شهرت جو سندن الڪو...

    ڌرتي کي وڪامي جو،
    ليڊر ته آهي ٿڪو...

    اَرڏا ٿي لِکو هردم،
    حق لاءِ ڏيو هوڪو...


    ٻُڌو هي ڪهاڻي

    ٻُڌو هي ڪهاڻي

    ٻُڌو هي ڪهاڻي ڊگهي وقت جي،
    موهن دڙي واري آ تخت جي.

    خدا جي خدائي پئي هلندي رهي،
    نصيحت دنيا کي پئي ملندي رهي.

    واپار ان سان مصر پئي ڪيو،
    درياءَ تي شهر موهن دڙو.

    سرسبز شاداب هي ملڪ هو،
    دنيا ۾ نالو هي مشهور ٿيو.

    هتان جي ماڻهن ۾ امن پيار هو،
    نه جهيڙو نه جهڳڙو نه تڪرار هو.

    مگر پوک ۾ هيءُ مشهور هئا،
    سکيا ستابا هي مسرور هئا.

    رکي مير من ۾ ڪي ايندا رهيا،
    قبضي جي خاطر اچي خون ڪيا.

    هر وقت سنڌي بهادر وڙهيا،
    مشرق ۽ مغرب جا ماڻهو تڙيا.

    ورائي ڏٺم ورق تاريخ جا،
    ننگن ۽ دنگن تي قربان ٿيا.

    سدا سامراجن جي سازش رهي،
    گهاڻا ۽ ٿاڻا ۽ ڦاهي ٺهي.

    اچي هتڙي انگريز حڪومت ڪئي،
    گڏي سنڌ ۽ هند رياست ٺهي.

    وڏيرن کي وڏا لقب ٿي مليا،
    وٺي ڪرسي جاگير خوش ٿي کليا.

    هنن ملڪ مذهب تي ورتو جڏهن،
    يهودين، فلسطيني تڙيا تڏهن.

    قصو مختصر هو وڙهائي ويا،
    وڏا هند ۽ سنڌ ۾ خون ٿيا.


    ڪڏهن چوڌري ۽ وڏيرن جو وارو،
    ڪڏهن فوج ڪرسي مٿان ڏي لامارو.

    اليڪشن ۾ آيا ڀٽو ۽ مجيب ،
    وري خون ٿيا قوم ٿي بدنصيب.

    بنگالين تي گولين جا ڪڙڪا هئا،
    ليڊر کي ڦاهي جا دڙڪا هئا.

    حقن لاءِ اُٿيا ڪي سنڌي بلوچ،
    دٻائي ۽ ڪُچلي وئي ساري سوچ.

    جناح کان پوءِ آيو سنڌي ڀٽو،
    جيئي ڀٽو نعرو ۽ جوڙو ڇٽو.

    ڀُٽي سوچيو ملڪ خاطر گهڻو،
    وڏيرا ڀڄي ويا رهيو هڪ ڄڻو.

    وري سامراجن نوان چال ڪيا،
    ڀُٽي جي مارڻ ۾ هو هم خيال ٿيا.

    وري ضياءُ آيو شروع ٿيو زوال،
    ساڳيا وڏيرا ۽ ڪرسي بحال.

    انهيءَ ڳالهه کي ڪجهه کٽائيندا هيا،
    وڏا چوڌري ۽ وڏيرا مليا.

    لياقت باغ ۾ بيبي تقرير ڪئي،
    ماريائون لياقت تيئن هي مُئي.

    کڻي لاش زردار سڀ پوريا،
    وڪرو ٿي ڀُٽن جا سڀ لاش ويا.

    هليو ڪو نه هلندو وري ڪيس تن جو،
    انهن اقتداري شهيدن ڀُٽن جو.

    سنڌين ڪو نه سمجهيو اڃان معاملو،
    ڪري حوصلو ۽ ڪندا ڪو بلو.

    ڪرسي ته اچڻي ۽ وڃڻي آ يارو،
    سدا ياد هوشو ۽ هيمون جو نعرو.


    ڪيون بند هاڻي اهو باب ٿا،
    پڙهون سنڌ ساڃاهه جو ڪتاب ٿا.

    ڀٽائي کي ليکڪ ملائي لکي ٿو،
    سنڌوءَ جي ڪپ تي هي پيغام ڏي ٿو.

    امن پيار واري آ ڌرتي اسان جي،
    جا آزاد ڌرتي آ سرتي اسان جي.

    رسالو ڀٽائي جو الهام آهي،
    اهو ئي امن پيار پيغام آهي.

    اها ڳالهه جيئنم ڪئي سنڌ ۾،
    انهيءَ جي ڪري هو رهيو بند ۾.

    سڃاتو اديبن سنڌي شاعرن،
    اها ڳالهه سڀني مڃي ماهرن.

    بنا ويس سياست ۾ صوفي هُيو،
    سچل ۽ سامي جو قائل رهيو.


    مگر ڪونه سمجهيا وزير ۽ امير،
    ڪرسي جا طالب ملان مير پير.

    ڪن سمجهيو صوفي وڏو انقلابي،
    ڪن پنهنجي خطري ۾ سمجهي نوابي.

    سقراط، منصور، جي. ايم هيو،
    هو هڪ ڏينهن هي روز ماريو ويو.

    مرڪز جي مڇريو ڀُٽو ڪاوڙيو،
    انهن جي اشاري جي. ايم بند ٿيو.

    رکيا قيد ۾ ويا مدبر مقرر،
    رڳو سنڌ ۾ ٻه جي. ايم، آريسر.

    حيدر جتوئي ’گدائي‘ ’نياز‘،
    لکيا شعر سنڌ تي هئا ’شيخ اياز‘

    سڀئي سن آيا سڻي انقلاب،
    ’راشد مورائي‘، آريسر، وهاب.

    الهه بخش شهيد ٿيو سنڌ تي،
    فڪر آهي ڪرڻو عقلمند کي.

    وري ٿي شهادت قيوم جي،
    شڪارپور پنهنجو پاڻ ويو بند ٿي.

    فاضل بشير خان ماريا ويا،
    وڏا لاش سنڌ کي ڏياريا ويا.

    احسان ميمڻ ۽ محمد نواز ،
    ٽوڙي جي ڦاٽڪ مئا بي جواز.

    هي قربان ۽ روپلو، نورالله،
    ساٿين سان گڏ ساڙيا سي ويا.

    ڪراچي- ريليءَ ۾ ٿي غزالا شهيد،
    هر بار ٿيا ڪيئي زخمي شديد.

    شهادت ڪرناڻي لاءِ شاهد سماج،
    نوشهري ۾ ماريائون ڪندڙ احتجاج.

    پريل شاهه، ضامن، ٿيا شهيد ٻئي،
    اميد علي چاچڙ بڊاڻي جا ٽيئي.

    وڙهن جيڪي مظلوم محڪوم خاطر،
    شهادت دنيا ۾ اها ڪارگر.

    هليو ڪيس ماريل شهيدن جو ڇو نه،
    پڇيو هيءُ سرڪار کان ڪنهن به ڪونه.

    عاصمه جهانگير ظاهر نه ٿي،
    سنڌين جي لاشن جي واهر نه ٿي.

    سدا سنڌي ماڻهو پُڇن ٿا پيا،
    حقن لاءِ ’ارڏا‘ اُٿن ڇو نه ٿا.



    تاريخ جا پيرا آهن

    تاريخ جا پيرا آهن

    شهيد جيئرا آهن، تاريخ جا پيرا آهن،
    سنڌڙيءَ ۾ اُنهن جا ديرا آهن.

    ڪڏهن ننگ تي ۽ ڪڏهن دنگ تي،
    سر ساهه سان ٿيا نبيرا آهن...

    پيئي شهادت جو جام، ڪري هليا اُڏام،
    تن جا آڪاش تي اڄ بصيرا آهن...

    آيا سڏڙا سُڻي، وڙهيا ڌرتيءَ ڌڻي،
    ٿيا واقعا هتي، ڪيئي ڀيرا آهن...

    لِک ’ارڏا‘ ڪلام، ڪر شهيدن جي نام،
    سي وڙهيا مرد مانجهي سويرا آهن...


    گُهر حق هتي انسانن لاءِ...

    گُهر حق هتي انسانن لاءِ...

    هت روز سڏي پئي سنڌ امڙ،
    جڳ آزادي آ جوانن لاءِ.

    ڇو روز ڏسين پيو بربادي،
    گُهر سنڌ امڙ جي آزادي.
    گُهر حق هتي انسانن لاءِ...

    ميدان ملهائج جوان اچي،
    اي بشير مرد مهان اچي.
    سر ڪو نه لڪائج طعنن لاءِ...

    اچ ريليءَ ۾ بشير چيو،
    سڀ ماءُ مٺيءَ لاءِ گڏ ٿيو.
    هي وقت نه آهي بهانن لاءِ...

    هُو جام شهادت پيئي پيو،
    هُو سنڌ امڙ لاءِ جيئي پيو.
    هت ميندي رتڙن ڳانن لاءِ...


    هُو وڙهيو سنڌ ستابي لاءِ،
    صنعان چيو هيئن بابي لاءِ.
    هي پيغام آهه پروانن لاءِ...

    اي ’ارڏا‘ نينهن نڀايون سڀ،
    ٿي سنڌي ٿڃ ملهايون سڀ.
    آهي مقتل مرد مهانن لاءِ...


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 468548
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 187990
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ