ڪتاب جو نالو: مان سنڌ گهمڻ نه ويندس!
مصنف: عبدالواحد سومرو
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 02 آگسٽ 2017 ع
پڙهيو ويو: 452 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 152 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
” عبدالواحد سومري ڪهاڻي کيتر ۾ هي ڪتاب ”مان سنڌ گهمڻ نه ويندس!“ پنهنجن مشاهدن ۽ تجربن کي ڪهاڻين جي روپ ۾ آندو آهي، واحد جي ڪهاڻي ٽائيٽل اسٽوري ”مان سنڌ گهمڻ نه ويندس!“ ئي پڙهندڙن جو پهرين ڌڪ ۾ ئي ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي وٺي ٿي ته، جتي وڏيرڪي، ڀتي خوري، لٽ مار ۽ اغوائن جي بازار گرم هجي، جتي ڪوبه نفس سک جو ساهه نه کڻي سگهي، تنهن سنڌ گهمڻ لاءِ وڃي به ڇا ڪنداسين؟ معاشري ۾ رشتن جي ڀڃ ڊاهه بابت جنهن ريت عبدالواحد سومري پڙهندڙن کي احساس جا نوان گس ڏيکاريندي اگهاڙو سچ لکيو آهي، تنهن انداز کي اختيار ڪندي اسان جي اديبن جو وڏو انگ ڪن لاٽار ڪندو آهي، اسان جي هاڻوڪي ٽهيءَ جي لکارين جي اڪثريت رومانوي ۽ ذاتي تاثرن تي ٻڌل ڪهاڻيون لکي رهي آهي پر عبدالواحد سومرو نئون گس اختيار ڪندي سنڌ جي سماجڪ سياسي ۽ معاشرتي ٻرندڙ مسئلن تي قلم کنيو آهي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر جو نوٽ
  • پنهنجي پاران
  • ڪهاڻيون

  • تصوير
  • مان سنڌ گهمڻ نه ويندس....!!
  • ڪلاس فيلو
  • بلب
  • باڊي گارڊ
  • خاموش قيدي ...... !!
  • ٻڪري.....!
  • روما

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا

    ڪتاب جا حق ۽ واسطا

    ڪتاب جو نالو: مان سنڌ گهمڻ نه ويندس!
    موضوع : ڪهاڻيون
    ڪهاڻيڪار: عبدالواحد سومرو
    ڇپجڻ جي تاريخ: نومبر 2014
    پاران: نئون نياپو اڪيڊمي،
    D-1 سچل ڳوٺ گلشن اقبال ٽائون ڪراچي
    Cell # 0346-2103811

    Rs. 80/=


    ارپنا

    احسان لاهي نه سگهجي ته ڳائجي ضرور (هڪ چوڻي)
    عبدالمالڪ خالد بلوچ، راڻا محمد راشد ۽ جبار شيخ
    حسام ۽ جاويد شميم
    سردار شاهه، اسلم اعواڻ ۽ هارون رشيد
    محمد عارف صاحب... چيف انجنير، مصباءُالحق فريد،
    قطب الدين شيخ
    ذوالفقار مڱريو۽ ممتاز مڱريو

    عبدالواحد سومرو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”مان سنڌ گهمڻ نه ويندس“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار عبدالواحد سومري جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. انعام عباسي لکي ٿو:

    ” عبدالواحد سومري ڪهاڻي کيتر ۾ هي ڪتاب ”مان سنڌ گهمڻ نه ويندس!“ پنهنجن مشاهدن ۽ تجربن کي ڪهاڻين جي روپ ۾ آندو آهي، واحد جي ڪهاڻي ٽائيٽل اسٽوري ”مان سنڌ گهمڻ نه ويندس!“ ئي پڙهندڙن جو پهرين ڌڪ ۾ ئي ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي وٺي ٿي ته، جتي وڏيرڪي، ڀتي خوري، لٽ مار ۽ اغوائن جي بازار گرم هجي، جتي ڪوبه نفس سک جو ساهه نه کڻي سگهي، تنهن سنڌ گهمڻ لاءِ وڃي به ڇا ڪنداسين؟ معاشري ۾ رشتن جي ڀڃ ڊاهه بابت جنهن ريت عبدالواحد سومري پڙهندڙن کي احساس جا نوان گس ڏيکاريندي اگهاڙو سچ لکيو آهي، تنهن انداز کي اختيار ڪندي اسان جي اديبن جو وڏو انگ ڪن لاٽار ڪندو آهي، اسان جي هاڻوڪي ٽهيءَ جي لکارين جي اڪثريت رومانوي ۽ ذاتي تاثرن تي ٻڌل ڪهاڻيون لکي رهي آهي پر عبدالواحد سومرو نئون گس اختيار ڪندي سنڌ جي سماجڪ سياسي ۽ معاشرتي ٻرندڙ مسئلن تي قلم کنيو آهي.“

    هي ڪتاب 2014ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون نئون نياپو اڪيڊمي جي سرواڻ انعام عباسيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر جو نوٽ

    سنڌي ادب ۽ سماج وڏو ڀاڳوند چئبو، جو اهو سستي، ڪمرشل ۽ ڊائجسٽي ادب جي ور نه چڙهيو ۽ سنڌ واسين ڪلاسيڪي ۽ جديد ادب ڏانهن پنهنجي فن کي اظهارڻ جي وس کان وڌ ڪوشش ڪئي ۽ سنڌ جي نوجوان پيڙهيءَ لاءِ سنڌ جا پختا ليکڪ سرواڻ رهيا، ساڳيءَ واٽ تي هلندي اسان جي پياري ڪهاڻيڪار عبدالواحد سومري ڪهاڻي کيتر ۾ هي ڪتاب ”مان سنڌ گهمڻ نه ويندس!“ پنهنجن مشاهدن ۽ تجربن کي ڪهاڻين جي روپ ۾ آندو آهي، واحد جي ڪهاڻي ٽائيٽل اسٽوري ”مان سنڌ گهمڻ نه ويندس!“ ئي پڙهندڙن جو پهرين ڌڪ ۾ ئي ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي وٺي ٿي ته، جتي وڏيرڪي، ڀتي خوري، لٽ مار ۽ اغوائن جي بازار گرم هجي، جتي ڪوبه نفس سک جو ساهه نه کڻي سگهي، تنهن سنڌ گهمڻ لاءِ وڃي به ڇا ڪنداسين؟ معاشري ۾ رشتن جي ڀڃ ڊاهه بابت جنهن ريت عبدالواحد سومرو پڙهندڙن کي احساس جا نوان گس ڏيکاريندي اگهاڙو سچ لکيو آهي،تنهن انداز کي اختيار ڪندي اسان جي اديبن جو وڏو انگ ڪن لاٽار ڪندو آهي، اسان جي هاڻوڪي ٽهيءَ جي لکارين جي اڪثريت رومانوي ۽ ذاتي تاثرن تي ٻڌل ڪهاڻيون لکي رهي آهي پر عبدالواحد سومرو نئون گس اختيار ڪندي سنڌ جي سماجڪ سياسي ۽ معاشرتي ٻرندڙ مسئلن تي قلم کنيو آهي، هي ڪتاب پڌرو ڪندي اسين سرهائي محسوس ڪري رهيا آهيون ۽ اميد ٿا ڪيون ته فن جي اها لاٽ ٻرندي رهندي ۽ نڪور جذبن جي برکا وسندي رهندي... هي ڪتاب به پڙهندڙن جي من ۾ پنهنجو مان لهندو...
    ۽ پڙهندڙن کي گذارش ته اهي پنهنجي اَمُلهه راءِ کان آگاهه ڪرڻ نه وساريندا.

    سنڌي انعام
    ڪراچي، سنڌ


    پنهنجي پاران

    جنهن به ملڪ جي سيا ست ۾ استحڪام نه هوندو آهي ته ان جا مڙوئي شعبا به متاثر هوندا آهن. اهڙي بحراني ماحو ل ۾ فرد کان ادارن تائين بحراني ۽ هيجاني حالت ڇانيل هوندي آهي هر سوچيندڙ ذهن منجهه اهي ئي سوال هوندا آهن ته، ”هاڻ ڇا ٿيندو؟؟ هينئن ٿيندو ؟ الاءِ هونءَ ٿيندو؟“
    تڏهن ان سماج ۾ ڪجهه دور انديش قلمڪارئي اهڙي مونجهه ۽ ٻوسٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ مٿا ڪُٽ ڪندا آهن.
    اڄ سنڌ جو سماج به ان ئي دور مان گزري رهيو آهي. انڪري سنڌ جو سماجي ڍانچو ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار آهي، اهڙا مڙوئي لقاءَ اڄ سمورن ساڃاهوندن جي اکين اڳيان گذرن ٿا. ۽ هو اهي ڀوڳي ٿو.
    اڻانگو ۽ گهٽ ٻوسٽ وارو سياسي سماجي ماحول جمود جو شڪار ٿيل هجي ته اتي وري به قلمڪار کي پور پچار ڪرڻي پوي ٿي....
    انڪري هر اديب قلمڪار کي اوکائين کي مُنهن ڏيڻ جو ڏس، گس ۽ نڪور راهون ڏيکارڻ گهرجن. ۽ ڪم ۾ ويتر وڌيڪ نت نئين انداز سان سماجي جمود کي ٽوڙن لا ۽ لکڻين ۾ جذبو ۽ اتساهه پيدا ڪرڻ گهرجي، نڪي ان بحث ۾ لڙهي وڃجي ته ڪهاڻي مري وئي آهي!!! مري رهي آهي!!! وغيره.
    هونءَ اهو سوال به اهم آهي. ان کان انڪار به نٿو ڪري سگهجي پر تعليم، ڌارين جي يلغار، قبضاگيري، امن امان جي خراب صورتحال، ميرٽ کان ڪنلاٽار، ڪرپشن، پنهنجا نوازي ۽ پارٽي بازيءَ کان ويندي سنڌ جي نوجوانن جي کنڀجڻ، گم ڪرڻ ۽ جڏهن ۽ جتي به دل گهري ته ماري، ساڙي چچري چيري ڦاڙي ڦٽو ڪري ڇڏن.... جتي اسيمبلين ۾ چو ويٺل انبن ۽ کٽاڻ تي بحث ڪندا هجن ۽ اهي چيف سيڪريٽري يا آءِ جي پوليس به سنڌي نه رکرائي سگهن. ته پوءِ اهڙي سماج ۾ تبديلي ڪيئن ٿي اچي سگهي ؟ جتي هرڪو ڀڀ ڀرڻ واري ڪرت ۾ پورو هجن، مٿان وري اهي ئي جن کي ماڻهن پنهنجا قيمتي ووٽ ڏئي اسيمبلين ۾ رسايو سي انهن ووٽ ڏيندڙن کي ئي کنڀي ڦاهيءَ چاڙهن ۽ انهن خلاف ڪارا قانون جوڙي سنڌ ورها ئڻ لاءِ ميدان دشمن کي خالي ڪري ڏين...
    پوءِ اتي ڪهاڻيءَ جي ڀلا ڪهڙي اوسر ٿي سگهندي؟ نه ته ان لاءِ ڪي رسالا آهن ۽ نه ڪهاڻي کيتر۾ ڪي وڏيون ڪوششون ٿين ٿيون. ڪهاڻيءَ لاءِ هڪ ڪل وقتي جاکوڙ ۽ چرپر کپي نقاد کپن ۽ سٽ سٽ جي چيرڦاڙ ڪرڻ وارا عالم اڪابر کپن... هتي ته اڄڪلهه ڪاريءَ وارا ڪک رهيا آهن ڪي ٻه چار ماڻهو جيڪي ڪهاڻيءَ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري ٿي سگهيا سي به الائي ڇو ڄڻ بيزار بيزار پيا لڳن ۽ ”هيئن به سڄڻ وهه واهه ته هونءَ به سڄڻڻ واهه واهه“ واري ڪار لڳي پئي آهي.
    ڪهاڻيءَ جي سوڀ لاءِ اسان کي نوان تجربا ڪرڻا پوندا ۽ نون ڪهاڻيڪارن کي اتساهڻو پوندو ۽ پنهنجي سينارٽيءَ واري خول مان نڪرڻو پوندو تڏهن ئي ڪهاڻي پنهنجي ماڳ ڏانهن وک کڻڻ لڳندي....
    ادب جي ترقي ان ۾ ئي سمايل آهي ته تنقيد تي ڌيان ڌريون ، تنقيد به معياري ، غيرجانبدار، نه ڪي ذاتي حملاگيريءَ واري ۽ سچي تنقيد کي برداشت به ڪرڻو پوندو. ۽ اهو سڀ محنت سان پيدا ٿيندو. محنت جيڪا اسان ۾ رهي ناهي، ان لاءِ اسان کي تنقيد کي به جاءِ ڏيڻي پوندي ۽ ان جي عزت وڌائڻي پوندي...
    پنهنجي ڪهاڻي ڪتاب تي آئون ڪهڙي راءِ ڏيان ؟ بس هر ڪهاڻيڪار پنهنجي پنهنجي مزاج ۽ ماحول جو عڪس هوندي آهي، اولڙو هوندي آهي.
    ڪهاڻيءَ بابت ڪابه آخري راءِ اڃا ناهي آئي ، جڏهن ته، هڪ ڪهاڻيءَ کي نوا نوي نمونن ۾ لکي سگهجي ٿو ؟
    منهنجي ڪهاڻين جي هن ڪتاب ۾ اٺ ڪهاڻيون شامل آهن ، جن ۾ اوهان منهنجي ذات کان ويندي سياسي سماجي عڪس ملي سگهندا. پوءِ ڀل ته منهنجي ڪهاڻين سان انقلاب نه اچي پر جي بيٺل پاڻيءَ ۾ ڪا لهر اٿي ته مان پنهنجي سڦلتا سمجهندس.
    آخر ۾ پنهنجن ڪجهه دل گهرين دوستن نصير سومرو ۽، وحيد سمون جن هن ڪتاب جي پروفن ۽ ٻين مامرن تي پنهنجن سگهارن خيالن سان نوازيو.


    عبدالواحد سومرو
    ڪراچي


    ڪهاڻيون

    تصوير

    صبح جا ساڍا اٺ يا ڪي نو مس ٿيا هوندا جو ڊاڪٽر امجد ٿري پيس ۾ تيار ٿي معمول موجب اسپتال وڃڻ لاءِ ٻاهر نڪري رهيو هُيو. ڊرائنگ روم ۾ پگهاردار ماسي ڇنڊ ڦوڪ پئي ڪئي. ڀت تي فريم ۾ هڪ تصوير لڳل آهي. بي دليءَ سان ڇنڊڻي هڻندي ماسيءَ کي ٽڪي جو به احساس نه هُيو ته اهو تصوير وارو شخص ڪير آهي؟
    امجد اهو لقاءُ پئي ڏٺو ته ان صفائي ڪندڙ عورت کي تڪڙ ۾ چيائين: ”مائي ٿورو خيال سان، هڪ ته منهنجي اڳواڻ جي تصوير آ، ٻيو قيمتي فريم آ، توکي ذري جو به خيال ناهي، احترام ته ٺهيو پرتون ته جُٺ پئي ڪرينس؟“
    ”صاحب! مون کي ڇا خبر ته ڪنهنجي تصوير آهي ۽ اهو پوڙهو ڪير آهي؟“
    ”پوڙهو!“ ماسيءَ جي زبان مان نڪتل لفظ تي امجد ڇرڪ ڀريو. ”ڏسيس ته هيڏي عظيم انسان کي تون پوڙهو ٿي ڪوٺين؟“ هن دل ۾ سوچيو.
    دروازي سان ٽنگيل چاٻين جو ڇلو لاهي ڦڙتيءَ سان امجد ٻاهر نڪري ٿو. جيڏا تڪڙا قدم پئي کنيائين، تيڏا تيزيءَ سان تصوير بابت خيال ذهن ۾ ڊوڙڻ لڳس.
    تصوير....! هو سوچي ٿو. پسند ۽ وابستگي جو توڙي نفسيات جو پتو پوي ٿو. ايئن پوءِ ڪو مسجدن جون تصويرون، مزارن جون، اداڪارن فنڪارن جون ته اديبن، سڌارڪن جون ته برهان الدين، آغا پرنس کان پاڳاري جون شامل آهن ته ڀٽن جون باغن جون، گلن ڦلن جهڙن ٽڙندڙ ٻارڙن جون تصويرون. ان ۾ هڪ امجد جي پسند جي تصوير آهي! سنڌ جو سيد، سنڌ جو مفڪر! ان جي تصوير به شامل آهي.
    امجد ڪالمسٽ! پنهنجي حلقي ۾ دانشور ايئن سوچيندو سوچيندو ڪار هلائيندي اسپتال پهچي وڃي ٿو.
    امجد جو گهر! ننڍڙي ڪائنات ٽي ٻار ۽ سپنن جي راڻي سپنا پهرين دفعي ڏٺو ته اهو هن جو خواب ۽ سپنو بڻجي پيو ته سپنا کي حاصل ڪري رهبو. جيڪو سپنو تبديل ٿي. حقيقت جي شڪل ۾ ٻار ۽ زال جي صورت ۾ باتوني ۽ فضول خرچ!
    چار بجه ٿيا هوندا جو گهر امجد واپس اچي بيڊروم ۾ جوتو لاهي، پوشاڪ تبديل ڪندي زال کي چيو: ”جلدي ڪپڙا استري ڪري ڏي، تيستائين باٿ مان ٿي اچان؟“
    ”ڪپڙا استري ٿيل! هينگر ۾ جو ٽنگيل اٿئي.“ سپنا تڪڙ ۾ جواب ڏنو.
    ”اڇا.... اڇا......! مان ڌيان نه ڏنو هو.“ امجد چوندو ٽوال کڻي باٿ روم هليو ويو ۽ اندران ڳائڻ جو آواز اچي ٿو.
    سپنا ننڍڙي ٻار کي چولو مٿي ڪري، هڪ بُبي کي انگي مان ڇڪي ڪڍي، پاڻ مٿان وڏو رئو ويڙهي ٻار کي ٿڄ ڏئي پئي جو ڪال اچيس ٿي. ڀرسان موبائيل کڻي اسڪرين تي نمبر ڏسي ڪال اٽينڊ ڪري ٿي.
    هيلو...... هيلو.....!!
    ها... شبا نه!
    جي ها....!
    ٺيڪ آن .....
    ها ٺيڪ آهيان پر.... سپنا ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي ڇڏي
    ”اڙي ڇا ٿيو؟“ شبانا ٿيندي ۽ پڇيس ٿي
    ”بس! مون کي ٻه ڏينهن پهرين جمعي تي مار ڏني هئي. ان کان اڳ مهيني جي پهرين تاريخن ۾ گذريل خرچ چيڪ ڪندي سٽڪو ڪڍيو هُيو. هاڻ منهنجي گفتگو کي پسند نٿو ڪري ته مان گهر هر آئي وئي مهمان توڙي سياسي اڳواڻن کي پنهنجي مار ڪُٽ جو ذڪر ڪيان ٿي.“ سپنا ٻڌايس.
    هوڏانهن ڪال تي شبانه همدردي ڪندي سمجهائيس ٿي ته: ”مار کائين يا کڻي ڪيڏو به تنگ ڪرئي پر گهر نه ڇڏجانءِ. ڇو ته سس، نڻانن جي اها ئي خواهش آهي ته تون گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿين. اڪيلي سر بادشاهه بڻي ويٺي آهين. اڳ ۾ جيڪو نرسن کان به نه مڙي هاڻي تنهنجي نه رهڻ سان هن جو ئي فائدو آهي.“
    ”هاڻي به نئين ڊاڪٽرياڻي ڏانهن ئي ويو هوندو. ڪلنڪ جي بهاني اڌ رات جو ٿو واپس اچي. سيد جي تصوير واري جا ڪوڙا پيو قسم کڻندو رهندو ۽ چوندو ته بس اسپتال ۾ ڪليگ آهيون، وقت گڏ گذارڻو ٿو پوي؟“ سپنا ڏکارو ٿيندي چيس.
    ”ڀلا سس، سهرو ڇا ٿا چون؟“ شبانه پڇيس.
    ”اهي شروع کان پيار جي پرڻي خلاف هيا. شادي به سيد جي ڪري ٿي هئي. ٻيو ڊاڪٽرياڻي جي پگهار ۾ نظر اٿن؟“ سپنا ٻڌائيس ٿي.
    هوڏانهن ٻارڙو ڦٿڪندو ٿڃ پوري ڪري ٿو. ماءُ منهن اگهيس ٿي. چولو ٺاهي ٻار کي هيٺ فراسي وڇايل آهي، ان تي پيل ڦلڪي تي سمهاريس ٿي ۽ امجد جي لاءِ چانهن ٺاهڻ لاءِ بورچيخاني جو رخ ڪري ٿي.
    ”ڀلا پوءِ تنهنجي نڻانن جو ڇا حال آهي.“ شبانه پڇيس ٿي.
    ”ڌوڙ اٿن منهن ۾.... جتي وڃن ته منهنجي گلا ڪن. پاڻ وري ستيون جتيون ساڌ ٻيلي جون.... اڙي صاحب جي چانهه لاهي ڏيئي اچانس، سو پي پوءِ ڪلينڪ تي ويندو.“
    گهر ۾ شور وڌي وڃي ٿو. ڇو جو ٻارن جي ٽيوشن پوري ٿئي ٿي، ۽ پڙهائيندڙ استاد پڙهائي هليو ويو. اتان بورچيخاني مان رڙ ڪندي ٻار کي چوي ٿي، ”گڊو جو خيال ڪجو. جيستائين چانهه ڪمري ۾ رکانس. ايئن چانهه ڪاري رنگ جي وڏي مگ ۾ کڻي ٽيبل تي رکي ٿي. هوڏانهن امجد ڪپڙا اڇي رنگ جا پائي، پيرن ۾ ڪاري سينڊل سان اچي ويهي چانهه پيئي ٿو.
    رڪيل گفتگو جاري ڪن ٿيون ۽ ٻار کي ڪڇ ۾ کڻي رکي ٿي.
    ”اڙي ها... هي مون وارو امجو مئو ان جون پنج، گنج ڀينر اهڙيون جو زهر به اثر نه ڪندن. ڇيڪ دنيا ۾ ڪوڙيون ٻيون نه ڏٺيون ۽ نه ٻڌيون. ڳالهه ڳالهه ۾ قرآن جا قسم کڻن. ٽن جو طلاق جو مسئلو هلي رهيو آهي. جيتريون گهڻيون اوتريون چالاڪ لومڙي جهڙيون، هميشه بهاني سان هڪ رهي وڃي ته ٻئي وري اچي رهي.“ سپنا اهو تفصيل سان سهيليءَ کي ٻڌايو.
    ڊاڪٽر امجد چانهه پي ڪار تي ڪلنڪ ڏانهن نڪري ويو. درجي گهنٽي وڳي. هڪ عورت! سادن سودن ڪپڙن ۾ چهري ۾ ڪجهه گهنج، وڏيون اکيون موچارا نقش، سا اچي سپنا جي اڳيان سلام ڪري بيهي ٿي. سندس نالو حاجران اٿس، جيڪا ڀرسان واري گهر ۾ ڪم ڪندي آهي. کٽو وڌو سودو سلف سان گڏ سپنا جي سهيلي بيگم شمشاد وٽان آئي آهي.
    سپنا موبائيل تي پنهنجي ڳالهه جاري رکي آ ڪنڌ مٿي جو ڪري ڏسي ته ماسي حاجران بيٺي اٿس. ڳالهائڻ ۾ سلام جي خبر ئي نه پيس.
    ڪال تان ڌيان هٽائي ماسي حاجران کي چيو: ”ماسي چئو چئو ڇا ڳالهه آهي؟“
    ”ميڊم شمشاد چيو آ ته جيڪڏهن سڀاڻي شهر وڃين ته پوءِ ساڻ وٺي هلجو؟“ ڪم واري ماسي حاجران چئي جواب جوانتظار ڪرڻ لڳي.
    ”سڀاڻي شام جو جيڪڏهن ويس ته حاضر ميڊم شمشاد کي به ڪار تي وٺي هلبو“ سپنا جواب ڏنو. هوڏانهن ڪم واري ماسي حاجران لڏندي ٻاهر نڪري ويئي ته در بند ٿيڻ جو آواز به آيو.
    رڪيل گفتگو وڌي ٿي.
    ”ها... هاڻ مان ٻڌايانءِ ٿي.... مون واري ڊاڪٽر سان ڊاڪٽرياڻي ڄور ٿي اهڙي چنبڙي اٿس جو جان ئي نٿي ڇڏيس!“ سپنا چيس.
    ”اها مردن جي پراڻي عادت آ.... ٻاهر ڀونئرا بڻجي ڀون ڀون ڪندا آهن. ڇو ته پڪ هوندي اٿن ته گهر ۾ جوءِ ويٺي هوندي. ڀل ماريو ڪُٽيو ته به ڇا؟ اولاد ان جي مجبوري آهي. ان جو ناجائز فائدو ٿا وٺن.“ شبانه چيس.
    ”اڙي! حيرت جهڙي ڳالهه آ ته جنهن جو پوئلڳ آهي، ان انسان ته عورتن مٿان هٿ کڻڻ جي بجاءِ حقن ۽ تعليم جي ڳالهه ڪئي ۽ سيد ٿي نياڻي پڙهائي.“ اڙي پيڪيج جو وقت پورو ٿو ٿئي جو ڪال ختم ٿي وڃي ٿي.
    سپنا بيڊ تي ڪجهه گهڙيون ليٽي پوي ٿي. ڪجهه منٽ ساهي پٽي هٿ منهن ڌوئي اچي رات جو کاڌو ٺاهي بعد ۾ ڪمپوٽر تي ويهي ٿي.
    رات ٿي چڪي آهي. ٻار راند روند ڪري ڪمري ۾ وڃي آرامي ٿيا آهن. سپنا پلنگ تي ليٽي هٿ ۾ هڪ ڪتاب کڻي پڙهي رهي هئي جو خبر ئي نه رهي جو امجد اچي ڪپڙا تبديل ڪري ٽريڪ سوٽ ۽ وڏي شرٽ پائي سپنا جي کٻي پاسي کان سمهي پويس ٿو.زال ڀرسان سمهندي ڏسي چويس ٿي. ”ماني!“
    ”طلب ناهي. سنگت وارن برگر کارايو هُيو ۽ ها سڀاڻي ڪجهه ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻيون اينديون، انهن جي ماني ٿيندي؟“ مڙس چيس.
    بستري ۾ سپنا ستي ڪتاب پاسي تي رکيو جو مڙس جي واتان ايترن ماڻهن جي ماني جو ٻڌي ڇرڪ نڪري ويس ۽ پڇيو: ”ڪيترا مهمان هوندا؟“ هن سمجهيو ته متان تعداد واتان وڌيڪ نڪري ويو هجيس.
    ”ڏهه ٻارهن، جنهن ۾ ڊاڪٽرياڻيون به شامل آهن.“ امجد ٻڌايس
    ”نه بابا نه... مون کان ايترن مهمانن جوڪم نه پڄندو. ٻيو توهان ته دعوت ڪلچر جا مخالف آهيو. ٽيون بجيٽ مهيني جي پوري ساري آهي. هن مهيني ادي ڪهول سميت رهي پئي هئي ٻيو ته ايترن مهمانن جي لاءِ طعام ٺهندا ته هڪ ڌڪ ۾ مهيني جي بجيٽ خلاص.“ سپنا چيس.
    امجد زال کي چمي ڏيندي چيس: ”بجيٽ جا طعنا مهمانن جي وقت ته نه هڻ!“
    ”نه بابا نه... ايتري ڪم جو بت ۾ ست ناهي؟ ٻيو ڀلا اچن ڪيئن پيا؟“ سپنا سوال ڪيس.
    ”اڳيان ڳوٺ آهي، اتي ڊاڪٽرياڻي رهندي آ، ان جي تعزيت جي سلسلي ۾ ويندا ته پوءِ آئون انهن کي رستي ۾ ٿي آيم ته پروگرام ٻڌايائون سو ڪيئن انڪار ڪيان.“ ڊاڪٽر امجد وضاحت ڪندي چيس.
    ”توهان جو ئي گهر رستي ۾ هُين ڇا؟“ سپنا چڙمان چيس.
    ”بس تعزيت ڪندي، واپسي تي هتان ماني کائي اڳتي ويندا. آخر ڪليگ به ته آهن.“ ڊاڪٽر امجد عاجزي ڪندي چيس.
    ”ڪڏهن کان توکي ڪليگ ياد اچڻ شروع ٿيا آهن.“ زال ٽوڪيندي چيس.
    ”ننڍي ذهن جي آن. شڪ نه ڪبو آ.“ ڊاڪٽر ڳل تي چمي ڏيندي چيس.
    ”مسڪا نه هڻ... هيترن ماڻهن جي کاڌي ٺاهڻ ۾ بيک ئي نڪري ويندي. ٻيو ته صبح جو ڪم واري بيمار آهي. ٽيون دعوت ته بهانو آ پوءِ ڪلنڪ تي ڪچهري ڪبي مان سڀ سمجهان ٿي، چري ناهيان.“ زال انڪار ڪندي چيس.
    ”راشن به سڄو وٺي ايندس. ٻيو ماسي حاجران کي وٺي ايندس. ان جو ذمو مون تي آ.“ ڊاڪٽر امجد چيس.
    ”اهو ته سڀ ٺيڪ آ، پر توهان هاڻ اهي نه رهيا آهيو؟“ سپنا ڏک مان چيس.
    ”قسم تصوير واري جو، اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي.“ ڊاڪٽر آٿت ڏيندي چيس.
    ”ڪوڙا قسم نه کڻ.“ زال ٽوڪيندي چيس.
    ”توکي خبر آ ته آئون ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهيان.“ ڊاڪٽر ڀروسو ڏياريندي چيس.
    ”هون! ڪوڙا، ڪيترا دفعا قسم کڻي چڪو آهين. ٻيو تنهنجي کنيل قسمن کانپوءِ حرڪتون ساڳيون هِن ڊاڪٽرياڻي سان گهمين ڇا بلڪ شادي ڪري. ڇڏي اٿئي. هاڻ ته ڌيءَ به جوان ٿي اٿئي. ڀينرن کي ته چپاٽ به نه هڻين، مون کي وقت به وقت مارين ڪُٽين، ٻيو ته طلاق جون ڌمڪيون ٿو ڏين؟ آخر توهان مان، مون کي ڪهڙو فائدو. جڏهن تو وٽ ڪجهه به نه هُيو ته مون ساٿ ڏنو. اڄ ڊاڪٽر، سياسي گروپ ۾ دانشور ٿو ليکجين. تنگ به مون کي ٿو ڪرين، بي عمل انسان.“ زال به چئي ڏنس.
    ”پڪ ٿئي وئي آ ته تو وٽ عقل جي کوٽ آهي.“ ڊاڪٽر به ٽوڪيندي چيس.
    ”ڪم نڪتو ڊکڻ وسريو.“ زال ڦهڪو ڪري چئي ڏنس.
    ”ڇا... ڪهڙو ڪم... تون ته جيون ساٿي آهين؟“ ڊاڪٽر چيس.
    ”ڪوڙا ڪٿان جا؟ سکڻا چينلن تي چٽپٽا ڊائلاگ ۽ ياحسين سنڌ، ياحسين سنڌ جو ماتم ڪندي ٿڪندو ناهين، اهي انڌن ڪارڪنن کي ته بيوقوف ٺاهڻ لاءِ درست آهي. انٽرويو يا مناظري بعد ميسيج به پاڻ ڪندو آهين.“ زال ڪاوڙ مان چيس.
    ”چئبو ته ڳالهائڻ سکي ورتو اٿئي.“ مڙس ٽوڪيندي چيس.
    ”پهرين مان به عشق ۾ انڌي هُيس. ايندڙ ڪالون، ڀريل پرس، شراب ڪباب ۽ سرڪار جي جي حضوري مان سمجهي چڪي آهيان.
    توکي ويڙهاڪن جي ڪارڪن سان کنڀي گم ڪيائون، مهينو جيل ۾ رکڻ کان پوءِ توکي ڇڏي ڏنائون، جيڪو به مشهور معروف دانشور اڳواڻ آهي. نڪرندي تو شيطان جي آنڊي جيڏو بيان جاري ڪيو ته ڀل ۾ کنيائون ۽ ڪارڪن اڃان سوڌو ظاهر ناهي.“ زال انڪشاف ڪندي چيس.
    ”لڳي ٿو فياض مخالف اڳواڻ جون فيشن باز ڇوريون گهر آيون هونديون؟“ ڊاڪٽر شڪي ٿيندي چيو.
    ”فيشن باز ڇورين جي چوڻ جي ڳالهه ناهي؟“ زال دفاع ڪندي جواب ڏنس.
    ”پوءِ توکي ڪيئن خبر پئي؟“ مڙس لڄارو ٿيندي چيس.
    ”فيس بوڪ تي ٿيندڙ تبصرن ۾ پڙهي ورتم. هاڻ اليڪشن جي سياست جا حامي، ٻيا ڌرڻا هڻندڙ، ٽين گروپ ٻوٽا مهم جي ڳالهه ٿي ڪئي ته ڪن جا جهنڊا ئي تبديل، ”ٻيا رڪ جي راند وارا“ انهن ڌڙن کي سمجهي وئي آهيان.“ زال ڇيد ڪري ٻڌايس.
    ”اهو سڀ مخالفن جي پروپيگنڊا جي ڪري پيو ٿئي. تون سازش سمجهي نٿي سگهين؟“ امجد زال کي چمي ڏيندي چيو.
    ”جيڪو تنهن جو حال ڏسان ٿي ته ان مان تنهنجو عشق سلامت يا ايمان سلامت سمجهه ۾ اچڻ لڳو آهي.“ زال ٽوڪيندي چيس.
    ”وري سائين جو جملو (جيڪو جيل مان ڪارڪن ٻاهر ايندو هُيو ته سيد ان کي ملڻ وقت چوندو هو) طعني طور چئي ڏنئي. اهو سڀ سپنا مال اپنا سياست جو حصو آهي.“ مڙس سڌو اعتراف ڪندي چئي ڏنو.
    ”ٺيڪ آ... اهو تون وڃي پاڻ ڄاڻ... باقي دهمان مون مٿان ڇو؟“ زال چيس.
    ”سپنا جان بنگلو تولاءِ ٺهي پيو.“ ڊاڪٽرچهنڊي پائيندي چيس.
    ”تنهنجون تصويرون تحريرون تون ۽ ڪارڪن ڄاڻن. باقي طعنا، مارڻ اهو سڀ تون ان رن جي ڪري پيو ڪرين. نه مُڙين- ته پوءِ تون اڪيلو اڳواڻ ناهين. گهڻا ٻيا به آهن ته سن وارا خود باڪردار اڃان زنده آهن. هاڻ انهن کي دانهن ڏينديس.“ زال ڪاوڙ مان چئي منهن ٻئي پاسي ڪري ٿي ڇڏي.
    ”پياري سپنا. اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي...“ مڙس پاڻ ڏانهن منهن ڪندي ڀاڪر ۾ ڀريس ٿو.
    ”هون!“ ڏٽائي.... زال چيس ۽ رات جي سانت ۾ ٻه ٻکين پيل بدن ننڊ جي حوالي ٿي وڃن ٿا.
    *


    مان سنڌ گهمڻ نه ويندس....!!

    شام جا پڇاڙڪا پاڇا ڊگها ٿيندي ٿيندي الوپ ٿيڻ جي تيارين ۾ هئا. يارهن سالن جوگيانچند هوم ورڪ ۾ ايئن ٻڏل هو، ڄڻڪ هڪ ئي ڏينهن ۾ سمورو گيان تعويذ جيان پاڻي ۾ ملائي پي ويندو. هن جي وارن ۾ پيل ڪوڙي تيل جي مهڪ سڄي هال ۾ اچي رهي هئي. ڏاڏي ڪاٽن جي ساڙهي پاتل هندوري ۾ لڏندي ٽي وي جا چينل مٽائي مٽائي من ٿي وندرايو. 35 سالن جي ڪويتا بت ۾ ڀريل، مٿي ۾ ڳاڙهي سندور جي ليڪ ۽ ڪارو منگل سُتر ڳلي ۾ پيل. رات جي ڀوڄڻ لاءِ ڀاڄي ڪٽي رهي هئي. پتي اڃان آفيس کان نه موٽيو هيس. ايتري ۾ ٻاهرين درجي گهنٽي وڳي ته هندوري ۾ لڏندڙ پوڙهيءَ گيانچند کي سڏيندي چيو، ”لال وڃي در کول تنهنجو پتا هوندو؟“
    گيانچند ڪاپي ۾ پينسل رکي در تي آيو ۽ جيئن ٻاهر نهاريو ته سوٽ بوٽ ۾ هڪ اوپري شخص تي نظر پيس.
    ”جي!“ حيرت مان سندس ڪلهي ۾ لڙڪندڙ بيگ ڏسي هن چيو.
    ”رام جو گهر هي آهي؟“ اوپري نوجوان مرڪندي پڇيو.
    گيانچند پنهنجي پتا جو نالو ٻڌي جواب ۾ چيو، ”جي ها!“
    ”مون کي شانتي ڪاڪيءَ سان ملڻو آهي؟“ پنهنجي ڏاڏءَ جو نالو ٻڌي گيانچند جو تجسس وڌي ويو.
    ”اوهين ڪير؟“ گيانچند هوريان پڇيو.
    ”لال!“ اندر کان عورتاڻو آواز آيو، ”ڪير آهي؟“ گيانچند ڪنڌ ورائي اندر نهاريو ۽ چيائين، ”دادي ڪو اوپرو آيو آهي، اوهان جو پڇي رهيو آهي.“
    شانتي ديوي پنهنجي سفيد ساڙهيءَ جو پلئه ٺيڪ ڪيو، گوڏن تي ٻئي هٿ ٽيڪي اٿي دروازي تي آئي.
    ”ڪير آهين؟“ حيرت ۾ سوٽ بوٽ ۾ بيٺل شخص کي ڏسندي پڇيائين. اوپري جي منهن تي پر سڪون مُرڪ اچي وئي. ڄڻ ڪنهن ديويءَ جو درشن ٿي ويو هُجيس....! جهڪي پوڙهيءَ جا پير ڇُهي پرڻام ڪيائين. پوڙهيءَ ڏڪندڙ هٿ مٿي تي رکيس...
    ”ڪاڪي آئون“ هن ڀريل لهجي ۾ ڳالهايو. اکيون لڙڪن سان ڀرجي ويس. ”ستيه آهيان گولارام جو پٽ.“
    ”سکر جو ستيه“ پوڙهي مٿي کي هٿ رکندي چيو. ”ڪير گولارام“ ڪاڪي اوهين هاٿي در ۾ پاڙيسري هئا. آئون شڪارپور کان آيو آهيان.“
    ستيه ڪوٽ جي ٻانهن سان ڳوڙها اگهندي چيو. پوڙهي جي دل جو ڌڌڪو تيز ٿي ويو. اکيون آليون ٿي ويون هُيس. ورهين پڄاڻان ڪو سنڌ کان هنن ڏي مهمان ٿي آيو هو. ڪجهه گهڙين لاءِ ته پوڙهي بت بڻي بيٺي رهي ۽ ستيه جي سرير مان سنڌ جي پوتر مٽيءَ جي مهڪ کي سنگهڻ جا جتن پئي ڪيا.
    شانت ديوي اَشانت ٿي وئي. سار جو بيٺل گهڙيال هلڻ لڳو. ورهاڱي جا ڦٽ ساوا ٿي ويا. ماتر ڀوميءَ تان تڙجڻ واري شام اکين آڏو تري آيس. جنهن شام هن هاٿي در جي گهٽين ڏي آخري دفعو نهاريو هو. شڪارپور کان نڪرڻ مهل زمين تان مٽيءَ جو ٻُڪ ڀري پنهنجي سينڌ ۾ وڌو هئائين. هن جي اکين مان لڙڪ ڳڙي ڳلن جي گهنجن ۾ اٽڪي پيا.
    ”سنڌڙي!“ اهو نالو سندس ڏڪندڙ چپن مان هڪ آهه وانگر نڪتو . هڪ اهڙي آهه جنهن سان نه ڪي زمين ڌڏي ۽ نه آسمان ڦاٽو.
    ”ها ڪاڪي!“ ستيه اداس لهجي ۾ ٻڌايس. ”مائي سندري منهنجي ناني آهي. هن ئي توڏي اچڻ لاءِ چيو هو. سنڌ مان نڪرڻ کان ٻه ڏينهن اڳ اسان جو ڪٽنب ساڌ ٻيلي پوڄا لاءِ ويو هو ته، داديءَ تنهنجي ڪٽنب لاءِ به پرشاد ورتو هو ۽ جنهن وقت هن ديار لاءِ سنڀريو هيم ته، پرشاد ڏيندي چيو هئائين ته، ”تو تائين اهو پهچايان.“
    ”اچ...... اچ....... راڻا.....“ هن ستيه کي ڀليڪارڪندي چيو. گيانچند تپرس مان اوپري ۽ داديءَ کي ڏسندو رهيو. هن سيٽلائيٽ سنڌي چينلن تان سنڌ جو نالو ته ٻڌو هو پر هن نموني اتان آيل مهمان کي ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو. ستيه کي ڏسندي سُرٻاٽن ۾ داديءَ کي چيائين. ”دادي هي شخص ڪوڙ ٿو ڳالهائي.“ ڏاڏيءَ ڪاوڙ ڀري نظرن سان ڏٺس.
    ”هي جي سنڌ مان اچي ها ته، ضرور ڪلهي تي بندوق يا ڪهاڙي هجيس ها. وڏيون مڇيون هجنس ها ۽ رڙ ڪري چوي ها وڏيرا! مان تنهنجو رت پي ويندس جي پنهنجي ڀيڻ جو هٿ مون کي نه ڏنئي.“
    ستيه کي گيانچند جي معصوم لهجي ۾ چيل ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه آئي. پر تنهن هوندي به هو مرڪي پيو. ٽيئي هال ۾ اندر آيا. پوڙهي شانتي ۽ ستيه اتي ئي ويٺا رهيا گيانچند هوم ورڪ ڪرڻ لاءِ ڪمري ۾ هليو ويو.
    ”ڪويتا... او ڪويتا....“ پوڙهي پنهنجي نَنهن کي سڏ ڪيا هوءَ ساڙهيءَ جي پلئه سان هٿ اگهندي ٻاهر آئي.
    ”هي“ شانتي نرم لهجي ۾ ستيه ڏي هٿ سان اشارو ڪندي چيس: ”هي گولارام وارن جي ڪٽنب منجهان آهي. شڪارپور ۾ اسان جا پاڙيسري هئا. توسان سندريءَ جون ڳالهيون ڪندي آهيان نه. اڄ هن مون ڏي پرشاد موڪليو آهي.“ ڪويتا مهمان کي ڏسي مُرڪي ته ستيه ڪرسي تان اٿي هٿ جوڙي نمسڪار ڪيو. هوءَ وئي ۽ پاڻيءَ جو گلاس ڀري اچي هن اڳيان رکيو . ”ڌنيواڌ“ ستيه چيو. هوءَ وري رڌڻي ڏي وئي. ”هُن پار سڀ چڱا ڀلا ته آهن نه؟“ شانتيءَ پڇيو.
    ”ايتري ۾ ڪويتا چانهه ۽ بسڪيٽ ستيه آڏو رکي وري رڌڻي ۾ هلي وئي.
    ”هِن پار ڪيئن پير پاتو اٿئي؟“ شانتيءَ پڇيو.
    ”ڪاڪي!“ ستيه چانهه جي سُرڪي ڀريندي چيو. ”آئون مهراڻ يونيورسٽي ۾ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ جو استاد آهيان. هتي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ آيو هُيس.“
    ستيه چانهه پي پوري ڪئي. ڪي پل ويهي سنڌ جا حال ڏنا پوءِ اٿندي چيائين.
    ”ڪاڪي هاڻي اجازت ڏي. ڪانفرنس ۾ وڃڻو آهي. چانهه جو وقفو هو ته، هيڏي هليو آيس. پرڀوءَ ڪانفرنس جي بهاني مڙئي درشن جو موقعو ڏنو. پنجهٺ سالن کانپوءِ ئي سهي سرحدون کوليون اٿن. ثقافتي ميڙاڪا ٿي رهيا آهن.“
    ”نه پٽ!“ شانتي سڪ ۽ ارمان وچان چيو. ”روٽيءَ بنا نه وڃجانءِ.“
    ”نه ڪاڪي ٻاهر گاڏي بيٺي آهي.“ ستيه اٿندي. ”وڌيڪ ويهي نه سگهندس.“ شانتيءَ جو منهن هيڊو ٿي ويو. اندر ڪمري ۾ وئي. ڪجهه ساڙهيون ٿيلهيءَ ۾ وجهي کڻي آئي ۽ ستيه کي ڏيندي چيو: ”هي سندريءَ کي ڏجانءِ.“
    ”ڪاڪي!“ ستيه چپن تي ڦڪي مرڪ آڻيندي چيو. ”ان جي لوڙ ناهي.“
    ”سمجهه ته اها آخري اڇا اٿم.“ شانتيءَ ٿيلهي ڏيندي چيو .
    گيانچند حيرت مان پڇيس.”ڪاڪا! سچ پچ سنڌ مان آيو آهين؟“
    گيانچند ساڳي نموني حيرانيءَ مان پڇيو. ”سنڌ ۾ پڙهيل لکيل ماڻهو به رهندا آهن ؟“
    ”ها بلڪل!“ ستيه جواب ڏنس ته وري گيانچند ورجايو. ”سنڌي چينل ته ڌاڙيلن چورن ۽ صرف وڏيرن جون وارتائون ڏيکاريندا آهن؟“ ستيه لمحي، جي لاءِ ته خاموش ٿي ويو . ڇو جو سنڌي ميڊيا جي ان بيحسيءَ جو وٽس ڪوبه جواب نه هو. بس ڦڪي مرڪ سان گيانچند کي چيائين. ”تون سنڌ ڪڏهن گهمڻ ايندين؟“
    ”مان سنڌ گهمڻ نه ويندس!“
    اهو ٻڌي گيانچند جي مُنهن جو پنو ئي لهي ويو.
    *


    ڪلاس فيلو

    گاڏي جي پوئين سيٽ تي ويٺل مهوش هاڻي بيزار ٿيڻ لڳي هئي، جيڪو محسوس ڪرائڻ لاءِ هن اکين تان ڪارو چشمو لاٿو ۽ شيشي مان نظر ڦيرائي جلوس تي وڌي. ڳاڙها جهنڊا کنيون هڪ قومپرست پارٽي جا ڪارڪن احتجاج ڪري رهيا هئا. احتجاج جو سبب ڪجهه ڏينهن اڳ سانگهڙ باکي موري وٽ قومي ڪارڪنن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو ۽ لاش ساڙيا ويا هئا، پوليس رينجرز وارا الرٽ بيٺا هئا.
    قومپرست ڪارڪنن جي نظر جيئن ئي رياستي ادارن جي اهلڪارن تي پئي تيئن ئي سندن نعرن ۾ جوش ايندو ويو، پوليس ۽ رينجرز جا ڏنڊا به آزادي جي نعرن کي روڪي نه سگهيا.
    ڄامشورو به عجيب شهر آهي. مهوش آهه ڀري سوچيو هو ڪنهن سچ ڪٿي چيو آهي ته هتي وڻ وڻ جي ڪاٺي اچي گڏ ٿي سي ماڻهن جا مزاج الڳ ، رويا به جدا پر ڄامشورو جي هوائن ۾ ائين رڱجي وڃڻ اصل هتان جو ڪمال آهي. مهوش جو به ڄامشورو سان هڪ خاص رشتو رهيو هو ، هن پنهنجي زندگي جا چار خوبصورت سال هن پٿرن جي شهر ۾ گذاريا هئا.
    اڳئين سيٽ تي ويٺل ڊرائيور جي مُنهن جو رنگ انتظار سبب پيلو ٿي ويو هيو، نيٺ درکولي هيٺ لهندي چيو ته، ”آئون ٻاهر ڏسي ٿو اچان ته ڇا صورتحال آهي.“ مهوش هائو ڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو هو. سمجهي ته وئي هئي ته ڊرائيور کي سگريٽ جي ٻاڙ لڳي اٿس، ڊرائيور ڪار مان لهي ٿورو پرڀرو ٿي سگريٽ پيئڻ لڳو.
    مهوش ڪار جي پوئين سيٽ تي مٿو ٽيڪي اکيون بند ڪري ڇڏيون ڪنهن در تي آواز ڏنو ته اکيون کولي ڏٺو هائين ته هڪ سانوري فقيرياڻي ، ميرن ڪپڙن ۾، هنج ۾ ٻار کي کنيو بيٺل نظر آئي هيس ، فقيرياڻي آڱر آسمان ڏي اڀي ڪئي ته مهوش هٿ جي اشاري سان معاف ڪرڻ جو چيس پر فقيرياڻي بيٺي رهي ته مهوش ٻيهر اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون، ڪجهه گهڙيون بيهڻ بعد فقيرياڻي هلي وئي ، مهوش ڪجهه لمحن کانپوءِ وري اکيون کولي ٻاهر ڏٺو هو ، هن ڀيري سندس اکيون رڪشا اسٽينڊ وٽ بيٺل سادي سودي پينٽ شرٽ ۾ ڪلين شيو نوجوان تي ڄمي ويون . خبر ناهي ڇو کيس اهو نوجوان ڄاتل سڃاتل لڳو هو. ڪجهه ڌنڌليون ڌنڌليون يادگيريون سندس ذهن ۾ رقص ڪرڻ لڳيون، دل ۾ هڪ نالي جي صدا ڪنهن ويران مسجد ۾ ڏنل آذان جيان بلند ٿي هيس.
    ”رحمت......!!!“ هن پنهنجي چپن ۾ ڀڻڪيو هو ته، ”اڄ سالن بعد هي نالو سندس لبن تي تري آيو هو ، من بيچين ٿي پيو هيس نه نه اهو ڪٽر ملو جيڪو کڙين کان پاچو هيٺ ٿيڻ نه ڏيندو هو سو وري ڏاڙهي ڪوڙائي نبي جي سنت سان هٿ چراند ڪندو ڇا”‎؟
    هن پنهنجو پاڻ کي سمجهاڻي ڏيندي چيو هو سندس منهن تي آرٽس فيڪلٽي جو ورانڊو تري آيو هو جنهن ۾ گذرڻ دوران پنهنجي دوستن سان رحمت تي ٺٺولي ڪندي ويندي هئي ، هڪ دفعي ته سندس جملي تي خود رحمت به کلي ڏنو هو ان وقت هو سوشل ورڪ جي ڪلاس روم ٻاهران بيٺل هئي ته سندس ڏاڙهي تيل سبب چمڪي رهي هئي ۽ نيري سٿڻ جا پاچا کڙين کان مٿي هئا. مهوش به ٻن دوستن سميت مٿي چڙهي آئي هئي ونگ ۾ رحمت کانسواءِ ڪو به ڪونه هو . مهوش سندس پاچا ڏسي پنهنجي دوستن کي چيو هو ته، ”لڳي ٿو پاچا ٻڪري کائي وئي اٿس.“ ان تي سندس دوستن وڏو ٽهڪ ڏئي اڳيان وڌي ويون هيون. مهوش ٻئي هن مذاق تي مولوي صاحب مرڪڻ لڳو هو.هن هڪ يادگيري سبب مهوش جي گول چهري تي مرڪ وکري وئي هئي سج جي تپش هوريان هوريان وڌڻ لڳي هئي هن وري دري مان هڪ دفعو ان نوجوان ڏي ڏٺو هو جنهن جون نظرون جلوس وارن تي هيون ” نه نه “ هن ٻيهر پنهنجي دل کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته هي شخص رحمت نه هوندو پر سندس دل سمجهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ ارادو ڪيائين ته اهو ڪرڻ مناسب نه هوندو ، وري پنهنجو پاڻ کي روڪيندي چيائين ڦاٽڪ جو ماحول اهڙو ناهي جو بيهي ڪنهن اڻڄاڻ شخص اڳيان مرڪجي، ماڻهو ڇا سوچندا اجايو هرڪو ميرين نظرن سان ڏسي. ان سوچ سندس پيرن ۾زنجير وجهي ڇڏي هئي. پر هو اچانڪ غائب ڪاڏي ٿي ويو؟ هن وري پنهنجي ڪلاس فيلو رحمت بابت سوچيو... ”اف خدايا !!!“ آهه ڀري پاڻ سان ڳالهايو، ”مون سان جو پاڪ پيار جا وچن ڪيا هئائين اهو به چيو هئائين ته پاڪ پيار شريعت ۾ جائز آهي. تنهن بعد غائب ڇو ٿي ويو.؟؟؟“
    سندس دل جي بيقراري وڌي وئي هئي، نيٺ در کولي هيٺ لٿي ته ڊرائيور تڪڙيون وکون کڻندو هن ڏي آيو هو، ميڊم ،.... ڊرائيور نرم لهجي ۾ چيو هيس، ”اڃا جلوس کي ڪلاڪ کن لڳي ويندو...“
    ”ٺيڪ آهي.“ مهوش بيزاريءَ مان اظهار ڪندي چيو هيس. ”آءٌ اخبار جي اسٽال تان ڪجهه رسالا ڏسي ٿي وٺان جي توکي چانهن پيئڻي آهي ته ڀلي پي اچ...“
    ”جي ميڊم“...... ڊرائيور جواب ڏنو هيس پٺاڻ جي هوٽل تي چانهن لاءِ ويو.
    مهوش اخبار جي اسٽال تي بيهي هڪ ٻه رسالا نظر مان ڪڍيا ۽ پوءِ رڪشا اسٽينڊ تي بيٺل نوجوان کي تڪيو هيو. هن دفعي نوجوان به ڪنڌ ڦيري هيڏي هوڏي ڏٺو، ٻنهي جون نظرون مليون، پريان بيٺل نوجوان جي منهن تي پاڻمرادو مرڪ اچي وئي، ڄڻ هن کي سڄاڻي ورتو هجيس.
    مهوش جو اعتماد بحال ٿيو، دل ۾ خوشي ٿي هيس ته سندس نظر دوکو نه کاڌو آهي. اکيون کڻي اسٽال ڏي ڏٺائين وري ٻنهي جون اکيون مليون هيون. گرم ماحول ۾ حسين مرڪ ٻنهي جي چهري تي اچي وئي، هئي مهوش اسٽال تان لهي اچي پنهنجي گاڏي وٽ اچي بيٺي هئي پريان بيٺل نوجوان هوريان هوريان هلڻ لڳو هو. آس پاس هر ڪو جلسو ختم ٿيڻ جي انتظار ۾ هو ڪنهن کي به ٻئي ڪنهن ڳالهه جي پرواهه ڪونه، نوجوان گاڏي جي ويجهو آيو ۽ آهستگي سان نالو کنيو هيو.
    ” مهوش “
    ”هون“ هن ڪنڌ لوڏي مرڪي جواب ڏنو هيس ته ان نوجوان زمين کي ڏسندي چيو هو .
    توکي چاهيون ٿا، توکي چاهيون ٿا.
    بحث.... ان تي ڪرڻ اجايو آ.....
    ”ته توهان مون کي سڃاڻي ورتو؟“ مهوش پنهنجي وارن جي لٽ ۾ آڱريون ڦيريندي پچيو هيس.
    ”جنهن سان روح جو رشتو هوندو آهي. ان جي قدمن جي آواز تي دل ڌڙڪي پوندي آهي.“
    اڄ مهوش مرڪندي چيو هيس. ”ستن سالن کان کانپوءِ ملي رهيا آهيون. ...“
    ” ها “ هن پينٽ جي کيسن ۾ هٿ وجهندي جواب ڏنو هيس ”هي ڪهڙا حال ڪيا اٿئي پنهنجا؟“ مهوش کيس ڏسندي سوال ڪيس، هن هڪ دفعو اکيون کڻي ويران نظرون مهوش تي وڌيون هيون ته هن صفائي ڏيندي چيس.
    ” منهنجو مطلب آهي ته مذهبي سوچ رکندو هئين ۽ هاڻي وري ڪلين شيو...“
    هاڻي هن آهستي جواب ڏنو هيس. ”سمجهه ۾ اچي ويو آهي ته ايڪ در هزار ڳڙکيون .“ هڪ دفعو وري ٻنهي جون نظرون مليون هيون. ڪجهه گهڙين جي لاءِ ٻئي خاموش ٿي ويا هيا.
    فضا ۾ هڪ وڏو آزاديءَ جو نعرو بلند ٿيو هو
    ”اڄڪلهه ڇاڪندو آهين؟“ مهوش پڇيو هيس..
    ”آرام“ هن بنا کيس ڏٺي مختصر جواب ڏنو هو
    ”مذاق نه ڪر...“ مهوش چيس.....
    ”سچ ٿو چوان.“ نوجوان کيس ڏسندي جواب ڏنو....
    ”رحمت....!!!“ مهوش هوريان هن جو نالو کنيو هو.
    ”هي سڀ ڇا؟؟؟؟ ايتري تبديلي ڪئين..؟؟؟؟“
    ”بس...“ هلڪو ندامت جواحساس.....
    ”اهو سڀ ممڪن ته نه هيو. سو به هن جنم ۾ ، سو مون کي ته ڪو اڻ ٿيڻي ڳالهه ، ڪو خواب ٿي لڳو. هي ڪلين شيو ڏاڙهي غائب ، هن نئين حليي تي اکين کي اعتبار ئي نٿي لڳو. توهان ڏانهن وڌندي ڇڪ ۽ ٻيو وسوسو ته ڪٿي ڪنهن ٻئي ماڻهو کي ته اجايو نٿي سڏ ڪيان.“ مهوش هڪ ساهيءَ ۾ چيو.
    ”بس هي نئون روپ ۽ حالتن جي ڪري ٿيوآهي.“ رحمت جواب ڏنو.
    ”اهو هن صديءَ ۾ ته ممڪن ئي نه هيو.“ مهوش چيو.....
    ايتري ۾ بسن جو شور ۽ هڪ ٻه فقيرياڻي خيرات گهري اڳتي نڪري ويئي.....
    ”بس ڇڏ ان ڳالهه کي، ڇو نه سامهون واري هوٽل تي هلي ويهجي؟“ رحمت التجا واري انداز ۾ چيو.
    مهوش فيصلو نه ڪري سگهي هئي نيٺ ” ها “ ۾ مهوش سنهڙن چپن سان آهستي جواب ڏنو......
    رحمت مرڪي ڏنو ۽ هوٽل ڏانهن ٻئي وڌڻ لڳا. هوٽل جي آڳر تي ، توڙي اندر ڪافي ماڻهو ٽيبلن تي ٽوپين سان ڪن جي ڪلهن تي اجرڪ ۽ ڪي وري سگريٽ پيئندي نظر آيا مهوش جيڪا اڄ به پنهنجو حسن جواني سا به بلڪ پهرين ڏينهن وانگر برقرار هيس، وڏي اک سنهڙا نازڪ گلاب جي پنکڙين جهڙا رسيلا چپ، ڳٽن ۾ پوندڙ چگهه ، هڪ لٽ وارن جي اڳيان نرڙ تي پوندڙ ، ساڳئي ادا ساڳئي چال، ساڳيو اعتماد، هڪ مضبوط قد آور، ڀرپور جاذبيت نسوانيت جو هڪ شاهڪار نمونو جيئن پهرين ڏينهن کان ڪلاس ۾ رحمت ڏٺي هئي. مهوش ذرو برابر به تبديل نٿي هئي خبر ناهي، ڪهڙي چڪي جو اٽو ٿي کاڌو ، رحمت دل ۾ سوچيو.
    ائين هلندا آهستي آهستي روڊ پار ڪندي هوٽل جي فيملي پورشن ۾ وڃي در کوليو ته در چيڪٽ ڪيو ۽ هي وڃي هڪ پاسي ٿي ويٺا.
    جيئن ئي ويٺا ته رحمت سالن جو اڃايل خالي بس ڏسندو رهيو ۽ ڏسندو ئي رهيو سندس دل ئي نٿي ڍاپي ، ايتري ۾ آلو ڪپڙو ڪلهي تان لاهي بيري ٽيبل صاف ڪئي.
    رحمت جي نڙي ۾ مهوش کي سامهون ڏسندي لفظ اٽڪي پيا چانهه هلندي؟
    مهوش خمار جهڙي نهار سان رحمت کي ڏٺو ته ڄڻڪ ٿر بر برسي پيو هجي، مور جا ٽهوڪڙا هجن ، رحمت جو تن من ٺري پيو.
    ” ڪافي سفر ڪري آئي آهيان. چانهه جي طلب آهي.“ هڪ جملي ۾ هڪ وڏو درد ۽ سالن جي مسافت جو سفر شامل هجي.....!!!
    بيرو، ”جي صاحب...!!!!“ چئي هليو ويو.....
    ڪجهه پل هڪ ٻئي کي ڏسندا رهيا مهوش پهل ڪندي سنهڙا چپڙا کوليا ۽ چيو ته ”رحمت زندگي ڪيئن ٿي گذري..؟؟؟؟“
    ”بس گذري پئي.....“ هڪ مايوس ٻڻڪ صدا رحمت جي دل مان نڪتي.....
    ”ان جو مطلب ڇا آهي؟؟؟“ مهوش ڀڙڪو کائيندي پڇيو....
    ” اهو ته تون سمجهي وئين هوندينءَ منهنجي روپ مان، سمجهي وئين هوندين؟“ رحمت آهه ڀريندي چيو......
    ” مان مقصد نه سمجهي سگهي آهيان.“ مهوش چيس
    ”ڳالهه منهنجي هن نئين روپ جي آهي نه جنهن منهنجي زندگي کي لوڏي ٽڪرا ٽڪرا ڪري وڌو.“ رحمت ڏکارو ٿيندي چيو
    ”ها اڃا آخري ٽرم هيو جو تون گم ٿي ويئن، گم به ايئن ٿي وئين جو هن ڌرتي تي تنهنجو ڪو وجود ئي نه هيو.“ مهوش پڇيو ....
    ”ها بس ايئن ئي ٿيو هيو.“ رحمت ويران اکين سان ڇنڀندي چيو...
    ”پر آخر ڇا ٿيو هيو“ مهوش هڪ دفعو ٻيو تجسس مان سوال ڪيس ...
    ڪو ٻيو هجي ها ته شايد رحمت جواب نه ڏيس ها پر مهوش جي پڇڻ تي اهو بند ٽٽي پيو.
    ”دراصل آئون پهرين ۽ ٻئي سال ته مذهبي خيالن جو هيم، پر چوٿين سال تائين هڪ انتهاپسند مذهبي جماعت سان گهڻو مٿي اندر وڏن اڳواڻن تائين رسي چڪو هيو اهو اڃا آخري ٽرم جو دور هيو.“ رحمت ٻڌايو.
    ” اهو ته ٺيڪ آهي پر پوءِ گم ڪيڏانهن ٿي وئين؟“ مهوش اڻ تڻ مان وري پڇا ڪئي.
    ”انهن مذهبي اڳواڻن سان افغانستان تائين ۽ لال قلعي تي جهنڊي کوڙڻ جو خواب کڻي نعري تڪبير کان گهڻو اڳتي نڪري چڪو هيم. هڪ ٻاهرين ملڪ جو ماڻهوهتي پاڪستان ۾ غلطي سان پڪڙجڻ وقت تي منهنجو نالو کنيو. ادارن اهو سمجهيو ته آئون ڪو وڏو پارٽي جو ليڊر هجان...“ رحمت راز افشان ڪندي ٻڌايو
    ”پر اهو ايترو وقت ڪٿي رهيا؟ مهوش پڇا ڪئي.
    بيرو بسڪوٽ پاڻي جو جڳ ۽ چانهن رکي ويو.......
    ”بس جيلن ۾ ٿي رهايو، پتو نه پوندو هيو لڳ ڀڳ ڏيڍ سال دنيا جهان کان گم هيم ، گهر وارن به سمجهيو ته...“ وڌيڪ لفظ رحمت کان نڙي مان نه اڪلي سگهيا.
    ”پر آخر ڇو؟؟؟“
    ”در اصل هڪ انتها پسند جماعت سان سلهاڙيل هيم، جنهن شخص سان ملاقات ٿي هئي اهو پرل ڪيس ۾ گهربل هيو. هتان وارن ادارن جي همراهن جو اهو ٻڌو ته ڄامشورو يونيورسٽي جو شاگرد آهي. ته کڻي کنڀي گم ڪري ڇڏيائون.“ رحمت ٻڌايو......
    چانهه جي سپ سپ هلندي رهي هڪ ٻيو جوڙو به اچي اندر ويٺو پر اهو پورشن جي بلڪل پوئين ڪنڊ تي ويٺو ته گفتگو ۾ ڪا به رڪاوٽ نه آئي،
    ”مهوش..ٰٰ!!“ رحمت چيو...
    ”جي ....!!!“ مهوش چيس...
    ”سگريٽ پيئڻ جي اگر اجازت هجي ته “ رحمت نماڻي انداز ۾ چيو....
    هلڪي مسڪراهٽ سان ڏسندي مهوش چيس ”ها ...ها....“
    سگريٽ دکائي ٿو.. هڪ وڏو ڪش هڻي مهوش کي ڏسي ٿو...
    ”پوءِ ڪيئن ڇڏيائون؟...“ مهوش پڇيو....
    ”ان ملاقات ۾ ملندڙ اڳواڻ سان شڪر آجو ڪچهري ڪابه نٿي هئي جبلن مان گذرندي رستي ۾ صرف هڪ ٻئي کي هٿ ڏنو هيو، مان هڪ پاسي وڃي رهيو هيس ۽ هو ٻئي پاسي. انهن جبلن ۾ ڪئمپ هوندا هئا. اتي ان شخصيت سان هٿ ڏيندي اصلي نالو ٻڌائي غلطي ڪئي. اها خبر ئي نه هئي ته اڳتي هلي ڪو اهو اڳواڻ پاڪستان ايندو ۽ پڪڙجي پوندو. ان سبب اڙجي ويم.“ رحمت تفصيل سان ٻڌايو....
    ”جي خراب نه لڳي ته هڪ ڳالهه پڇان...“ مهوش نماڻي انداز ۾ پڇيس.....
    ”ها پڇ....!!!!“ رحمت خالي ڪپ کي ڏسي جواب ڏنو...
    ”تون ٿڪل ٿڪل پيو ڏسجين ...“ مهوش آڱر سان ٽيبل کرڙيندي چيس.......
    ”هن جيون ۾ اڪيلو جو ٿي پيو آهيان.“ رحمت همت ڪندي چئي ڏنس......
    ”ڏس تنهن جي ان جنونيت واري لاڙي مون کي مايوس ڪيو هيو.“ مهوش ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي ڇڏي.....
    رحمت هڪ ڪش هڻندي مٿي ڇت ڏانهن ڏٺو. ”ها تون ٺيڪ پئي چئين .. نعري جي اثر ۽ جنت جا خواب .....!!!“ رحمت جواب ڏنس.
    ”پر هڪ ٻئي ڳالهه ڪيان .....؟“ مهوش نماڻي انداز ۾ پڇيو.
    ” ها...“ رحمت مسڪرائيندي چيس....
    ”دراصل مون.. مون ڪجهه عرصو تنهنجي گهر ڀاتين سان رابطو رکيو هيو. منهن جو به ايئن بنا ڪنهن اتي پتي جي انتظار تي ماءُ پيءُ ڪجهه وقت ته خاموش رهيا پوءِ نيٺ..“ مهوش ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو...
    ”ڪنڌ مٿي ڪر... تنهنجو مسئلوئي ناهي، قدرت جو اٽل قانون آهي..... جيل مان واپسي تي ماءُ جڏهن لڙڪن سان ڀاڪر پائي رني هئي ته ڪي پل پنهنجي ڀاڪر ۾ چمندي رهي ته سڏڪندي روئيندي بس ايترو چئي سگهي ابا رحمت...!!هن کي معاف ڪجانءِ......!!! هن کي مون اجازت ڏني هئي ۽ منهنجي ماءُ هر هر تنهنجو نالو کڻندي پاڳل ٿي پئي هجي.... ارڙهن مهينا هڪ ماءُ کان ٻچو گم هجي ... بس ماءُ ....“ ايئن رحمت جون اکيون آليون ٿي ويون هيون.
    مهوش سمجهيو ته جيل ۽ جدائي کان وڌيڪ هن ڳالهه تڪليف پهچائي اٿس.....
    ان ڪيفيت کي سمجهندي رحمت جي هٿ مٿان پنهنجو نرم هٿ رکي ڇڏيو هيو....
    ”مهوش...! رحمت چيو...
    ” هون “ مهوش چيو...
    ”ڇڏ منهنجي ڳالهه کي پنهنجي باري ۾ ٻڌاءَ ...“ رحمت پڇيس.
    ”رحمت.!!! سچ پچ ته توسان يونيورسٽي جا گذاريل ٻه سال به يادگار جتي هيا اتي ٿورو تنهنجي جنوني لاڙي به منجهائي وڌو هو. پوءِ وري پنهنجي پيار تي ٿوري اميد جو ڪرڻو پيدا ٿي پوندو هيو ته تو ۾ منهنجو پيار تبديلي آڻيندو. پر .. پر... آخري ٽرم ۽... اهو موقعو نه مليو؟...“ مهوش اداسيءَ مان وڏو ساهه کڻندي چيو،”پوءِ تنهنجو هي نئون روپ.“ مهوش چيو.....
    ”ان ٽارچر بعد پڪ ٿي چڪي هئي ته نه ڇڏيندا، پوءِ نئين رحمت کي حالتن جنم ڏنو پر ، گهڻي دير ٿي چڪي هئي.“ رحمت چيو.......
    ”مهوش تنهنجي زندگي ڪيئن پئي گذري.“ رحمت پڇا ڪيس
    ”تنهنجي گم ٿيڻ بعد مايوس رهيم نيٺ پوءِ شادي ڪري ڇڏيم، بس عام سادي زندگي گذري پئي.“ مهوش ٻڌايس...
    ”عام سادي زندگيءَ مان ڇا مقصد آ؟“ رحمت اتاولو ٿيندي پڇا ڪئي. ...
    ”مڙس صاف سٿرو انسان آهي، پيار ڪندڙ به آهي. ٻه ٻار ٿيا آهن وڏي ڌيءَ کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو آهي. ٻيو ننڍڙو پٽ آهي ستن سالن جي زندگيءَ جدائي کانپو ءِ جي ڪهاڻي آهي. .... سٺي پگهار ۽الڳ گهر ۾ رهان پيئي، ڪو سس نڻان وارو جهنجهٽ ناهي منهنجو مڙس ڳوٺ به شادي غميءَ ۽ عيد تي ويندو آهي. رب جو شڪر آهي. جهيڙي جهڳڙي جو اڃا تائين ڪو موقعو نه آيو آهي.“ مهوش کيس ٻڌايو. ٻئي هڪ ٻئي سان اکيون ملائي نه سگهيا...
    هڪ لمحي جي خاموشيءَ کانپوءِ مهوش ڳالهايو، ”هاڻي ڇا تون مون سان رابطي ۾ رهندين.“ رحمت هڪ دفعو کيس ڏٺو هو. ۽ پوءِ ڪنڌ جهڪائيندي چيائين، “جي تنهنجي مڙس کي ڪو اعتراض نه هجي ته....!!!“
    ”منهنجو ...“ مهوش ٻئي طرف ويٺل جوڙي کي ڏسندي جواب ڏنو کليل ذهن جو انسان آهي کيس ڪو به اعتراض نه هوندو...
    ”مهوش...“ رحمت چيو....
    ”جي ...“ هن هوريان چيس.......
    ”هڪ دفعو پنهنجي ٻارن سميت منهنجي گهر ايندينءَ؟“ رحمت چيو.............
    مهوش جا چپ ڏڪڻ لڳا هئا. رحمت شيشي کان ٻاهر ڏسندي چيو هيس.... ”جي منهنجي ڪري نه ته امان جي ڪري هڪ دفعو ضرور اچجانءِ. کيس خوشي ٿيندي....“
    ”ها ضرور...“ هن ٻڏندڙ من سان جواب ڏنو هيس ٻئي اٿيا ، رحمت پيسن ڏيڻ لاءِ دخل تي ويو. ٻاهر جلسو هلڻ سان گڏ ماحول اڃا به وڌيڪ گرم ٿي ويو هو......
    *


    بلب

    سياري جي يک ٿڌي رات هئي، سوڙ سان بت ڍڪيون ستو پيو هُيس. اوچتو ڪنن تي در جو کڙڪو پيو. ٿڌ سبب دل ئي نه پئي گهريو جو اويلي وقت گرم بستري مان اٿان!
    کڻي ڏسجي ته رات جي هن اوکي پهر ڪير آيو آهي. پر سوڙ مان نه چاهيندي به اٿي جيئن تيئن ڪري چپل پاتي. ورانڊي در کولي ٻاهر ڏٺم ته نيري لوئي ۾ ويڙهيل منهنجو دوست شهزاد در تي سيءَ ۾ ڏڪي رهيو هُيو.
    هن جو منهنجو تعلق ننڍپڻ کان هُيو. اسان جي گڏ هئڻ جا چار سبب هئا، هڪ ته سندس ماسات سان تمام گهڻي اچ وڃ هئي. ٻيو اسان جي پاڙي جي ڀرسان شهزاد جو ناناڻو گهر ڇا حويلي هئي. جتي هو اڪثر ايندو ويندو هو. منهنجي لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ مشڪل هو ته کيس پوڙهي ناني جي سڪ روز پنڌ ڪرائيندي هئي. يا ماروٽ ۽ ماساتيون جيڪي ٻالڪپڻي جي پڃري مان نڪري اڙيل جواني جي پٽڙي تي هلڻ لڳيون هُيون. سندس مهڪندڙ جواني جي ڪشڪش کيس ناني جي گهر ڇڪي ايندي هئي.ٽيون راند جو ميدان جتي شهر ۽ اوڙي پاڙي جا نوجوان رانديگر خاص ڪري فٽ بال جا بهترين رانديگر ”گدا“، ”بلو“، ”ميان“ ۽ بگڙ کيڏندا هئا. شهزاد به انهن سان راند کيڏندو هو ته متاثر به هُيو. چوٿون شادي غمي ۾ به ملاقات ٿيندي هئي.
    شهزاد قد بت ۾ سنهڙو، سڪو، ڊگهو ۽ شايد اسان جي ننڍي شهر جو پهريون نوجوان رانديگر هو جيڪو ڏاڙهي، مڇن تي به ريزر گهمائيندو هو. پنهنجي دور جي ننڍي عمر وارن رانديگرن ۾ بهترين فٽ بال جو رانديگر هُيو. دير سوير. شادي غمي ۾ به، ملاقات ٿيندي هئي. باقي هن جو مشروب ساوڪ هُيو.
    ”جاني“ شهزاد ڏڪندڙ چپن سان ڳالهايو. وات مان سردي سبب ٻاڦ نڪتي هئي. ”نڪر ته ڪاڏي هلڻو آهي؟“
    ”پر اڌ رات جو هن پاڙي ۾ ڇا ياد آيو اٿئي؟“ جيڪيٽ جي کيسي مان هٿ ڪڍي اکيون مهٽيندي پڇيم.
    ”هل ته سهي“ هن پنهنجي ڳالهه تي زور ڏيندي چيو هو. ”بس ڪيڏانهن هلڻو آهي. گهر ٻڌائي اچ. باقي قصو رستي ۾ ڪيون ٿا. “
    بنا ڪجهه سوچي سمجهي گهر موٽي آيس. پوڙهي امڙ جي ڪنن تي ڳالهه وجهي ڪنن کي مفلر سان ويڙهي وري ٻاهر وريس ته شهزاد سردي کان بچڻ لاءِ در جي اوٽ ۾ لڪو بيٺو هو. بنا ڪنهن منزل جي سڌو هن جي پويان هلڻ لڳس. هلندي هلندي هوا به ڄمائي ڇڏيو هو...!!
    سمورو رستو ويران گهگهه اوندهه ۾ وڪوڙيل هو. ها باقي پڇ لوڏيندڙ لوسي ڪتا ليٽيل ته ڪي وري گهٽين ۾ بيٺل نظر آيا هئا مٿي آسمان تي چمڪندڙ تارن تي نظر وڌي، وري سيءَ جي لهر اندر کي ڏڪائي وئي. تڪڙيون وکون کڻندي اڳتي وڌي رهيا هئاسين.
    ”ڀٽائي آباد پاڙي ڏانهن هلڻو آهي.“ شهزاد نيٺ ڳالهايو. ڪنن تي مفلر ٺيڪ ڪندي پڇيم.
    ”هن تهه پاري ۾ اڌ رات جو وري ڪهڙو ڪم ياد آيو اٿئي؟“
    ”جاني“ هن چيو. ”جڏهن دل جو جهان جڙي پوندو آهي. ته پوءِ عاشق نه ڏسندو آهي سردي نه گرمي. من اندر ۾ لڳل عشق جي باهه هر احساس کي جلائڻ لڳندي آهي ۽ عاشق پروانو بڻجي شمع مٿان ڦيرا ڏئي انهن جي تپش ۾ سڙي مري خاڪ ٿي ويندو آهي.“
    مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو هو سيءَ سبب عشق وارو فلسفو فضول لڳو هو.
    ”ان سائنسدان جا لک ٿورا جنهن بلب جهڙي عظيم تخليق ايجاد ڪئي.“ شهزاد مرڪي منهنجي منهن ۾ ڏسندي چيو. حيرت مان کيس ڏٺو هُيو نڪ جي چوٽي برف جيان ٿڌي ٿي وئي هئي.
    ”ڪل ته نه ٿڙي وئي اٿئي؟“ کانئس حيرت مان پڇيم.
    ”ميان اهو بلب ئي ته ملاقات لاءِ اشارو آهي.“ هن ٻيهر مرڪندي چيو.
    ”ته آخر تون ڇا ٿو چوڻ چاهين ۽ ڇاٿو ڪرڻ چاهين.“
    ”آهي هڪ جل پري، جنهن جي ملاقات ۽ ديدار ڪشٽ ٿو ڪرائي.“ هن اک هڻندي چيو.
    ”ڇا!“ ڇرڪي کيس چيو هُيم، ”رات جو هن اويلي وقت سياري ۾ ڪنهن ڇوڪري سان ملاقات لاءِ سنڀريو آهين. ۽ آءٌ اتي ويهي تماشو ڏسندس ڇا؟“
    ”يار هو ٻڌو نه اٿئي ٻه ته ٻارهن“ هن بيحيائي منجهان مرڪندي چيو هو آءٌ پنهنجي قسمت تي من ئي من ۾ روئڻ لڳو هُيس.
    ”ڇا ته بلا جي جواني اٿس. ڇا ته حسن اٿس.“ هن چيو ته ويران نظرن سان کيس ڏٺم.
    ”هڪ ڏينهن دڪان تي . مهيني جو سيڌو ٿي ورتم جو حسن اچي ڪڙڪيو. نقاب هيٺ لٿل هُيس. جيئن سندس گول سهڻي مک تي نظر پئي ته هوش حواس ئي خطا ٿي ويا. دل ۾ چڻنگ دکي وئي. من اندر کيس حاصل ڪرڻ لاءِ آرزو جاڳي پئي. منهنجي ذهن ۾ هن بابت پهريون رايو اهو ئي هو ته هن مطلب پرست دنيا جي انسان نه پر اها پرسڪون جنت جي ڪا حور آهي. بس اهو ڏينهن اهو شينهن ڪڍ لڳي پيس. هن جي پويان.“ ٿڌ سبب تڪڙو هلڻ نٿي پڳو. ڪٿي ڪٿي ڪتن جي ڀونڪ، چڪ ۽ حملي جو ڊپ هُيو ته ڪٿي ڪتن جو رولو ٽولو، ڪتيءَ جي قيادت ۾ اوچتو ڪٿان حملو ڪري چيري ڦاڙي نه وجهي.
    ان ڳالهه کي ڪو گهڻو وقت نه گذريو آهي شهزاد جو آواز وري ڪنن تي پيو هو ته گذريل ٽن مهينن کان ڪڍ آهيانس. پوءِ اک ٽيٽ شروع ٿي. سو هڪ ڏينهن دل ٻڌي اندر جي سڄي اُساٽ ڪوري ڪاغذ تي لکي رسول بخش جي پٽ گلڻ هٿان کيس موڪليم. هڪ لمحي جي لاءِ ڳالهائڻ بس ڪيو هو ۽ پوءِ وري چيائين: ”سندس هڪ جهلڪ منهنجي مردي جسم ۾ روح ڦوڪي وئي هئي. پر جنهن پل نه ڏسان ته مڇي وانگر پاڻي کان ٻاهر ڦٿڪڻ جهڙي حالت هئي.“
    هڪ ڏينهن پيغام اماڻيو مانس ته: ”اي حسن جي ديوي مون کي پنهنجي طلسمي ڪاڪ محل جو ڪڏهن سير ڪرائيندينءَ ايئن نه ٿئي جو آئون راهن ۾ رلي ڀلجي ختم ٿي وڃان. انهي شام گلڻ هڪ پرچي ڏئي ويو، جنهن جي مٿان لپ اسٽڪ سان گلابي چپ ٺهيل ۽ پني جي وچ تي هڪ سٽ لکيل هئي ته بلب ٻري ۽ بند ٿئي ته اندر اچڻ جو اشارو سمجهي وڃجانءِ. دل باغ بهار ٿي وئي. خوشي ۾ نچي پئي. هن پرچي کي سيني سان سانڍي رکيم. وري هڪ لمحي جي مختصر ساهي جي بعد شهزاد وري ڳالهايو هو. رحمت کي پاڻ سان ڪري رات ويل هن جي ماڙي هيٺان بيٺس. ڪجهه لمحن جي انتظار کان پوءِ بلب ٻريو هو ۽ پوءِ هن جي چاندي جهڙو مک، ڪجليون اکيون، گلابي چپ ۽ مست هوا ۾ لهرائيندڙ ذلف ظاهر ٿيا هُيس. اسان جو عشق مس آني مان نڪري رهيو هو جو منهنجي ڀائرن جو ڦڏو ٿي پيو هو.
    شهزاد خاموش ٿي ويو. مان هن سان گڏ گڏ هلندو رهيس ڳالهيون ٻڌندو رهيس. اکر نٿي ڪڇيم ڄڻ نڙي ۾ برف ڄمي وئي هئي.
    ٻئي پاسي عشق جي باهه هن بنديءَ جي من ۾ ٻري رهي هئي. جيڏي منهنجي سيني ۾ . سو هفتو کن مونکي نه ڏٺائين ته رحمت ڏي نياپو موڪليو ته، ”اڄ رات جو ساڍي نائين وڳي سرڪاري اسپتال ۾ مون سان ملي وڃ.“ اسان ڀٽائي آباد پاڙي ۾ داخل ٿيڻ وارا هئاسين. سامهون وارو چوڪ پار ڪرڻو هو.
    ان اسپتال ۾ هلندي رحمت کان پڇيم. ”منهن جو ديوانو ڪٿي آهي. پاڻ وارو رحمت به آ سادو سو چيائين وڌيڪ خبر ناهي باقي ڪجهه ڏينهن کان گم آهي.“
    ”منهن جو هڪ ڪم ڪندا؟“ هُن همت ڪندي چيو.
    ”جي!“ رحمت جواب ڏنس.
    ”هو جيئن توهان سان رابطو ڪري ته مون سان ملڻ جو نياپو ڏجوس.“ اهو چئي نقاب منهن تي هڻي هلي وئي. رحمت ٻڌايو ته ڄڻ اوچتو ڌرتي تان سموري روشني چورائي ڇڏي هجي ۽ سمورو وايو منڊل اونداهو ٿي ويو هجي. اها پدمڻي عورت ڊيل جي چال هلندي پنهنجي گهر موٽي وئي. رحمت کان سيسراٽيون نڪري ويون ۽ اسپتال جي ونگ ۾ بيٺي وقت واقفڪار طارق سلام ڪيس ته هُن جي آواز تي ڇرڪ ڀريو ۽ سحر ٽٽس ته مس هوش ۾ آيو. هن هڪ ملاقات سبب رحمت تي منهنجي محبوبه جي سونهن جو جادو طاري ٿي ويو. پوءِ منهنجي پڇا ڪرڻ لاءِ منهنجي گهرجا لاڳيتا چڪر هڻڻ لڳو. صبح شام تان جو امان بيزار ٿي چيس: ”ڇورا رحمو! ٻيو ڪو ڪم به اٿئي يا نه؟“
    اسان هاڻ چوڪ پار ڪري پاڙي جي پهرين گهٽي ۾ داخل ٿيڻ وارا هئاسين. سواءِ ڪتن جي ٻيو ڪير به گهٽيءَ ۾ نه هُيو. شهزاد وري ڳالهايو.
    جيئن ئي رحمت مليو ته پهرين سٽ ۾ نياپو ڏنائين ۽ پوءِ سونهن ديوي جي تعريف جي مڌ منجهان جام پيئڻ لڳو. ۽ پوءِ هن انڪشاف ڪيو ته، ”گذريل ڏينهن ۾ هو سونهن ديوي جي جاچ ڪندو رهيو آهي ۽ سندس اطلاع موجب هوءَ شادي شده آهي. تازو ڪجهه مهينا اڳ شادي ڪئي اٿس. سترهن ورهين جي ٿيندي. هٿ لاءِ ته نشان ٿي پوندس. “
    ”پر مڙس ڪٿي اٿس؟“ مون رحمت کان پڇيو ته هن ٻڌايو: ”اهو پيسن تي رشتو وٺي شادي ڪري ڪجهه وقت رهي ملڪ کان ٻاهر هليو ويو. عمر چاليهن کان مٿي ٿيندس. پهرين زال مري چڪي اٿس. جنهن مان چار ٻار اٿس. وڏي ڌيءَ جو مون واري حسينه جي هم عمر هوندي. شادي به ٿي چڪي اٿس.“
    اسين شهزاد جي محبوبه جي گهر ٻاهران اچي بيٺاسين. هي گهر سندس مڙس وٺي ڏنو هُيس. سياري جي رات جا ساڍا ٻارهن کان مٿي جو وقت ٿيو هوندو. گهر ڀاتي ٽي وي ڏسي ٿڪي ٽٽي ننڊ جي حوالي ٿي چڪا هوندا. اسان جون اکيون ماڙيءَ جي دريءَ ۾ اٽڪيل هُيون. بلب ٻرڻ ۽ بند ٿيڻ ان ڳالهه جو اشارو هو ته ماحول صاف آهي. رڳو ٻري ته اڃان صبر ڪيو. جيئن ئي شهزاد کي بلب ٻرڻ ۽ بند ٿيڻ جو اشارو ملندو ته هو اندر ويندو. مون کي هن جي سموري قصي تي پڪ ئي نه آئي. قدرتي اسان جي مک تي مرڪ اچي وئي. منهنجو وات ڦاٽي ويو.“
    ”جاني!“ هن چيو: ”تون ڪجهه دير لاءِ ڪنڊ پاسي ۾ انتظار ڪر ته آئون پنهنجي عشق سان ملان.“ آئون وات ڦاڙي بنا ڪجهه چوڻ جي ڀرسان دڪان جي اوٽ ۾ بيهي رهيس. در هن جي لاءِ کليل هو. آهستي قدمن سان اندر ٽپي ويو.
    اڌ ڪلاڪ بعد وري در کلڻ جو آواز آيو. مون کان ڇرڪ نڪري ويو. ڀانيم ڪو گهر ڀاتي جاڳي پيو. منهنجي يار کي پڪڙي وڌو اٿن. هاڻي هن سان گڏ شهر ۾ منهنجي عزت به نيلام ٿيندي. پر اهي سڀ منهنجا وهم هئا جيڪي خوف سبب هر عزتدار جي ذهن ۾ ناجائز ٻار جيان پيدا ٿيندا آهن. در مان شهزاد ٻاهر نڪتو. پنهنجي سونهن راڻي کان آسودگي ماڻي، پگهر ۾ شل، سهڪي وڏا وڏا ساهه کڻندو اچي منهن جي پاسي کان بيٺو ۽ پوءِ ٻئي ڄڻا وري آهستي آهستي گهر ڏانهن وڌڻ لڳاسين ۽ هو فاتح بڻجي هلڻ لڳو ۽ چيائين:
    ”جاني ڪڏهن به عورت جي ڄار۾ نه ڦاسجانءِ.“
    ”ڇو ڇا ٿيو؟“ مون حيرت مان سوال ڪيو.
    ”فرمائش ڪئي اٿائين؟“ شهزاد مٿو کنهيندي ٻڌايو.
    ”چئي ٿي!“ هن ڳالهايو. جي ايندڙ ملاقات ۾ مهانگي ڪئميرا واري موبائيل هن لاءِ نه وٺي ويم ته پاڻ ڏي اچڻ نه ڇڏيندي.
    اهو ٻڌي مٿي کي چڪر اچي ويو هجي. شهزاد مون کي گهر وٽ ڇڏي هو اڳتي پنهنجي گهر ڏانهن هليو ويو.
    *


    باڊي گارڊ

    ”ها، مون ڳالهه پئي ڪئي؛ نيلم جي نرم ذلفن سان کيڏندي چيم. نيلم سان اڄ شام هڪ پارٽي ۾ ملاقات ٿي. ميڊم شمشاد جون مهربانيون آهن جو مان ڪراچيءَ جي وڏين پارٽين ۾ نظر ايندو آهيان مٿي چڙهڻ جي ڏاڪڻ ميڊم جي روپ ۾ ملي ويئي. دولت جا انبار لڳي ويا. سندس اولاد به هن کي ڇڏي ٻاهرين ملڪ هلي وئي ته مون هن جو ساٿ ڏنو. نيلم سان مخملي بستر تي ستل هئس سامهون ميڊم جي چمڪندڙ اکين ۾ ڏسندي ماضيءَ جي وير اُٿل کاڌي: ”مون هيءَ دولت ڪيئن ڪمائي؟“ پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪيم. هن اڄ تائين ٿڌو ساهه ڀريو. نيلم کي سيني ۾ سانڍي رکيو آهي.
    مون کي ننڍپڻ کان ئي وڏا وار رکڻ جو شوق هوندو هو. ان دور ۾ اڪثر هندستاني فلمن جي هيرن جا وار وڏا هوندا هئا. وار رکڻ ته سولو ڪم آهي پر انهن جي سارسنڀال ٻارن جي سار سنڀال جهڙو ئي ڏکيو ڪم آهي.
    ايئن ڳوٺ ۾ ٻوڏن اهڙي تباهي آندي جو سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو ۽ ڪمال وري اهو آهي ته قبرن جي مجاوري تي سياست ڪندڙن جي دور حڪومت ۾ اهو سڀ ڪجهه ٿيو. جيڪي شهيدن جو ذڪر ڪندي ٿڪندائي ناهن ته ٻئي پاسي سنڌ ورهائڻ جا آرڊيننس آڻڻ ۾ دير ئي نه ڪندا آهن. نيڪ ارادي، ايمان، يقين ڪامل سان ٻنهي هٿن سان بس پيسا ميڙيندا آهن. دعويٰ وري عوامي مينڊينٽ جي...!!
    اسان جي ڪيٽي ته ڪو نه هئي پر زمين ٽڪرو هُيو جيڪو ابا سنڀاليندو هُيو ۽ گهر جو گذر سفر ٿيندو هُيو مان ۽ منهن جو ڀاءُ فوٽو گرافي جو دڪان هلائيندا هُياسين. ٿورو گهر ۾ به ڏبو هُيو. باقي کيسي خرچ لاءِ هوندو هُيو.
    ”روم سڙي پيو، نيرو بانسري ٿي وڄائي.“ هتي اتر سنڌ جو وڏو حصو ان ۾ اسان جو حصو زمين جو به ٻوڏ جي وَر چڙهي ويو ۽ سنڌ جو سربراهه ساوڪ جو مشروب پيئندو رهيو.
    دربدري وارو سفر شروع ٿيو. ڪيمپن کان ذليل ٿيندي ترت ڪراچي جي هڪ ننڍڙي ڪچي آبادي ۾ گهر وٺي روزي جي تلاش ۾ ٻئي ڀائر لڳي وياسين. منهنجي ننڍي ڀاءُ کي هڪ دڪان تي بيهاريو ويو ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ مون آگره تاج ۾ ڪم شروع ڪيو. اتي وري ڪڇي ۽ گينگ وار گرو پ جي وچ ۾ ڇڪتاڻ اچي منهنجي پيٽ تي لت هڻڻ ۾ ڪم آئي. خالي هٿ مهٽيندو گهر پهتم.
    ڪجهه ڏينهن جي ڀڄ ڀڄان کانپوءِ هڪ ڪمپني ۾ سيڪيورٽي گارڊ جو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ڊفينس جي بنگلي تي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪمپني اماڻيو. اتي خير سان ڏهه ڪلاڪ گيٽ تي جديد هٿيار سان هڪ هنڌ اڀو بيٺي ته ڪڏهن وات پٽيون چؤطرف ايندڙ ويندڙ گاڏين ۾ ويٺلن کي ڏسندو ۽ ڪڏهن دل خوش ڪندو رهيس ته ڪڏهن وري من ڏکارو به ٿي ويندو هُيو.
    ايئن اتي پندرهن ڏينهن کان مٿي وقت گذريو هوندو جو گهر ڀاتين کي سُڃاڻڻ لڳس. پر ايئن هلندي هلندي ميڊم ۽ ان جي ڌيئرن جي چرپر ۽ گفتگو به سمجهڻ لڳس. ڪمال اهو هُيو ته ميڊم به شوق ڪو فرمائيندي هئي ته جام جو نوش ۽ ڌيئرن جو به بواءِ فرينڊ وارو جهان ٿي ڏٺو.
    مون مسڪين جو ڇا وڃي، سڀ الڳ الڳ شاندار پوشاڪ ۽ هر ڪم ڪار نوڪر ڪن. هر سهوليت بنگلي ۾ قدرت جي ڏنل آسائش جي صورت ۾ موجود سهڻو جيترو بنگلو هُيو ته ان کان وڌيڪ ٻارن جا نوان نوان ناز انداز ۽ نخرا نين ڊزائينن جي گهڙين، رنگين ٻانهن ۾ ڌاڳن ته ڳيچي ۾ نون لاڪيٽن سان ته ڪڏهن ڪڏهن ٽي شرٽ ۽ نوجوان ڇوڪرين جي کليل ڪارن ذلفن کي جهٽڪا ڏيئي هوا ۾ لهرائي اڳيان گذري بنگلي هليون وينديون هُيون ته بدن ۾ڪرنٽ اچي ويندو هُيو مان ڳوٺ جو گلزار جي فلم ۽ گاني وانگر ”صدي سي مين اڪيلي هون، يهان سي ڪوئي گذرا نهين.“ گاني واري حالت هئي.
    ڇا ته روز روز جي شاپنگ هوندي هئي. گاڏي نڪرڻ لاءِ حڪم آيو ته جهٽڪي ۾ در کلي ويو ته ٻاهر اٿي ڪڙڪ سليوٽ ڪري وري ڪِنو منهن ڪري ويهي اوٻاسيون ته ڪڏهن ڪڏهن مُنهن تان مکيون ۽ مڇر هڪلڻ جو ڪم ڪرڻو هوندو هُيو. اهو ڏسڻ جو کيل تماشو ۽ ڪڏهن ڪڏهن بنگلي جو ٽڪر ۽ ڪڏهن ڪو فروٽ ته ڪڏهن مٺائي کائڻ لاءِ ملندي هئي.
    هڪ ٻه دفعو گذرندي ميڊم ڏسي ورتو. ڪار جيئن ئي بيٺي ته هڪ سرڪاري فوجي وانگر اڀو ٿي اهڙو سلام ڪيو جو اصلي فوجي رهي چُڪو هجان!
    ايتري ۾ ڊوڙ پائي مون در کوليو ته بيٺي بيٺي ميڊم منهنجو جائزو ڊرائيونگ سيٽ تان ورتو. پوءِ بس هڪ نظر ڏسندي ڪار سميت اندر هلي ويئي. مون در بند ڪيو. پر ان انداز کي ڪو هُن پسند ڪيو سو به پڪ سان نٿو چئي سگهجي!
    بهرحال ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ميڊم هڪ شاهاڻي انداز ۾ بنگلي کان ٻاهر نڪرندي ڪار روڪي اشارو ڪيو. ساڳئي انداز ۾ سلام ڪري بجلي جي کنڀي وانگر سڌو ٿي بيٺم ڄڻڪ ڪو بانس جو لڪڙو هجان.
    ان نرم نرم هٿ سان، آڱرين ۾ سونين منڊين، ڪرائي ۾ سوني زنجيري سان جيڪو سڄو هٿ نه کٻو هُيس، ڇو ته سڄو هٿ دريءَ تي پيل هُيس! ان جي اشاري ملڻ جي دير هئي. اک ڇنڀ ۾ مون ڪنڌ جهڪائي هڪ هزارين سالن کان غلامي قبول ڪيل غلام وانگر سامهون بيٺس ته ان نرم نرم ۽ ٿلهن چپن سان انهن کي ٿوري تڪليف ڏني ۽ آهستي چيو: ”پويان ويهه...!“
    منهنجو وهم گمان به نه هُيو ۽ نه ڪو ڌيان ته وري ٻيهر چيو.
    ”جلدي...!“ ته پنهنجي ڪنن اهڙو آواز ڪڏهن اڳ ته ٻڌو ئي نه هُيو. سٽ ڏيئي آرنلڊ جي ڪمانڊو فلم وانگر خبر ئي نه پئي جو اندر ڪار جي پوئين سيٽ تي وڃي ويٺس..!
    ڪار زرڙاٽ ڪندي هڪ سڌي گهٽي ۾ هلي پئي. ايئن پاڻ جهڙي ٻئي ميڊم ڏانهن هلي. بنگلي جي اندر ڪار ۾ ويٺو رهيم ڪا سُڌ ئي نه رهي جو هڪ ٻئي گارڊ بوتل ۽ مٺائي هڪ پليٽ تي رکيل اچي ڏني. وقت ۾ بس اها تبديلي آئي ته سج گهر مان نڪرڻ وقت ڪونه لٿو هُيو.. پر هتي پهچندي پورچ ۾ بيٺي اوندهه ۽ من کي راحت بخشيندڙ هلڪي ٿڌي روشني وارن بلبن پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيو. بوريت سبب ڪار مان لهي چؤطرف بيٺل مالڪن جون ڇهه گاڏيون ۽ ان ۾ هڪ اسان جي ميڊم جي ڪار سان ست ٿيون. آهستي آهستي ٻاهر نڪري ٿورو بنگلي جي لان جي ساڄي کاٻي جهرمر ڪندڙ من لڀائيندڙ چهچ سائي ڇٻر سهڻي انداز سان ڪٽيل. چؤ طرف سهڻن گلن جي دل ۾ پيهي ويندڙ خوشبو سان مَن واسجي چڪو هُيم جو ميڊم جو ڳالهائڻ ڪنن تي آواز آيو ته ڇرڪ ڀريو. بنگلي جي مين لان تائين منهنجي ميڊم کي ڇڏڻ آئي ته ڇا ته ان جو حُسن هُيو. اسان واري ميڊم کان سرس، پرڪشش!
    مون پنهنجي وڃي ڪار جو پاسو ورتو. لکنو آداب سان ڪنڌ جهڪائي بيٺم. ميڊم ڪار سيٽ تي براجمان ٿي، گاڏي نڪتي، در کلي ويا ۽ اسان جي ڪار ٻاهر سهڻي هلڪي روشني ۽ ڪجهه اونده، شور شرابي کان پاڪ بنگلن جي گهٽين ۾ نت نيون ماڊل جون گاڏيون ٿي گذريون. باقي ايڪڙ ٻيڪڙ رڪشو ۽ اسڪوٽر تي به ماڻهو گذريو ٿي ويا. ايئن ميڊم لٿي ته بس ايترو چيو، ”گهر ويندين يا نه.“
    مون آهستي ڪنڌ جهڪائي چيو: ”جيڪو حڪم ميڊم ؟“
    ”اندر مون سهيليءَ سان ٽي وي تي خبرون ٻڌيون ته شهر جون حالتون خراب ٿي ويون آهن. پوئين ڪنڊ تي ڪوارٽر آهي. اتي ئي وڃي رهي. مان اندران ماني جو چئي ٿي ڇڏيان.“ ايئن چوندي ميڊم هلي ويئي.
    ايئن رات مون اتي گذاري. ورندي ڏينهن شينهن جو سفر روان دوان هُيو جو مون کي وهم گمان به نه هُيو ته ميڊم به اٿي هوندي جو ان جو حڪم آيو ته: ”جلدي تيار ٿي. ميڊم گهرايو اٿئي؟“ ڪم ڪندڙ ننڍي عمر جي بنگالي ڇوڪرو چئي هليو ويو.
    آئون وهنجي سهنجي ته اڳ ۾ ويٺو هُيم جو ناشتو پهچي ويو. ناشتي مان فارغ ٿي، هٿيار کڻي وڃي ڪار جي ڀرسان بيٺم ته ميڊم پنهنجي نائٽي ۾ سامهون آئي، ”بس ڪار تي هي ڳوٺان انبن جا ٽوڪرا آيا آهن، اهي ڪلهه جتي هليا هياسي ات وڃي ڇڏي اچ.“ چئي ميڊم اندر هلي ويئي.
    ڊرائيور اچي ڪار ۾ ويٺو. انبن جا ٽوڪرا اڳ ۾ ئي ڪو ميڊم رکرائي ڇڏيا هئا. ڪار ۾ ڊرائيور سان وڃي ٿوري تڪليف کانپوءِ بنگلو ڳولهي لڌو. هارون ڏنو ۽ مان ڪار مان لهي گيٽ تي بيٺل سيڪيورٽي گارڊن مان هڪ کي ٻڌايو ته ” انبن جا ٽوڪرا توهان جي ميڊم لاءِ آندا آهن. سي لاهي رکو ۽ اندر اطلاع اماڻي ڇڏيو“
    گارڊ اندر اطلاع موڪليو.
    واپس ايندي چيو ته ”ميڊم سڏيو اٿئي؟“ ان جي ڳالهه تي دل ۾ گهٻراهٽ ٿي ته هن کي وري ڇا ٿيس. يا ڪو ٻيو مسئلو ته ناهي. ان سوچ سان اندر داخل ٿيم ته ميڊم سامهون لان ۾ بيٺي هئي ۽ گلن ۽ وڌيل ساوڪ ۽ ڪن ڪچرو بيٺي مالهيءَ کان صفا ڪرائي رهي هئي.
    مون ڪنڌ جهڪائي سلام ڪيو.
    هن ميڊم زليخان ڪنڌ ٿورو جهڪايو.
    بس چپن مان هڪ لفظ ڪڍيو! ”مهرباني ميڊم کي وري به چئجو“ ۽ پرس مان هڪ نوٽ ڪڙڪ ڪڍي ڏنو ۽ مون به وٺي عنايت سمجهي تڪڙو کيسي ۾ وجهي ڇڏيو ۽ وري سلام ڪري واپس ڪار ۾ ويٺس.
    ان ننڍن ڪمن ۾ وٺي وڃڻ ۽ رات جو دير ٿيڻ جي ڪري رهائي ڇڏڻ شامل هُيو ۽ جڏهن جڏهن ميڊم وٺي ويئي ته ڪجهه خرچو به ڏنو ته هڪ ٻه دفعا ڪپڙن جا نوان جوڙا به وٺي ڏنا.
    هلندي چوٿون مهينو ٿيڻ وارو هُيو جو ميڊم هڪ پارٽي ۾ وٺي وڃڻ کان پهرين ئي ٻڌائي ڇڏيو هُيو ته اها سيڪيورٽي گارڊ واري ڊريس پائي نه هلجانءِ.
    اهو وقت اچي ويو جو مون هڪ مسڪين ٻوڏ جي ۽ ٻروچ ڳوٺاڻي ماحول مان هڪ هاءِ فاءِ پارٽي ۾ اچي پهتس. اکيون کليل ۽ وات هر هر پٽجي ٿي ويو ته بند ڪيم ته اي بندا ميڊم شمشاد سان گڏ آهيان.
    پهريون دفعو سڀني نسلن جون گڏ ٿيل عورتون هڪ هنڌ ڏسڻ جو موقعو مليو ۽ هڪ عاليشان بنگلي جي لان ۾ سينگاريل پارٽي ۾ شريڪ ٿيڻ سان گڏ اتي ڊرنڪ ۽ ان هار سينگار سان گڏ پٺي اگهاڙي پوشاڪن، مني اسڪرٽ سميت ڄڻڪ ڪو انڊيا جو ڪو پارٽي جو پروگرام هجي جنهن ۾ ڪترينا ڪيف شامل هجي، هتي به بلڪل اهڙو ئي ماحول هو. سنهي آواز ۾ ڌن تي جواني ڪا ساڙي ۾ ته ڪا گول جبي ۾ پيرن ۾ پوندڙ ته ڪي ڳاڙهي لپ اسٽڪ ته ڪن جي چپن تي سنهي پينسل سان لڳل ڪاري لپ اسٽڪ، سينڊلن ۾ چمڪ دمڪ کان ڳلن ۾ هارن کان ڪن جي ڪنن۾ گول وڏيون واليون ته هٿن پيرن ۾ ميندي ته ڪن جا وار موڙا ٺهيل ته کليل وار هوا ۾ گهلي ملي سڄي پروگرام مٿان پنهنجي آمد جي هجڻ جو اعلان ڪري رهيا هئا.
    رات جو حسن دوبالا هُيو. جواني هئي ته سيکڙاٽ سنهيون ڇوڪريون هُيون ته ڪي ٿلهيون متاريون، ڪن جون اکيون قراري منڇر ڍنڍ ته ڪن جون چٻيون. ڪن جا رس ڀريا چپ ته ڪن جا ڀريل اڀار ته ڪن جي ڇاتي ته ڄڻ ٻير هجن! هجن ڇا ڄڻڪ ڳولهيندي به نه لڀن. ڪن جي هپ اهڙي ٿلهي جو ذري تي يوڪو زونو ريسلر! ڪن جو پيٽ نڪتل ته ڪنهن جا ڇڊا ڏند ته ڪن جا ٻاهر نڪتل. ڀانت ڀانت جون گڏ ٿيل عورتن جو سنگم هيو.
    هڪ رنگين سهانو جهان هُيو جنهن ۾ بس زندگيءَ جو پُرڪيف هڪ سمان هُيو جنهن کي اڳيان ڏسي رهيو هيم جو اکين تي اعتبار ئي نه آيو ته هڪ ٻن نوجوان ڇوڪرين کي ڀاڪر ڀريندي ۽ هڪ ٻئي کي چمندي روبرو اهو پهريون ڀيرو هيو جو اکيون مهٽي ڏٺم ته ڪا فلم ته ناهي. اڃان اهو چمين ڏسڻ جو اثر هُيو ئي جو ميڊم به ٻه چار پيڪ ڏوگهي ورتا.
    پارٽي ڪڏهن ختم ٿي سُڌئي نه رهي لڏندڙ قدمن سان ڳاڙهيون خماريل نشيلين نيڻن سان اچي منهنجي ڪلهي تي ٻانهن رکي ته منهنجو سڄو وجود پهرين ته ڊپ ۾ شرم ٻوٽي وانگر وڪوڙجي ويو ۽ پوءِ خاموشي بهتر سمجهندي چپ ڪئي ته هڪ ٻانهن اچي ڪنڌ تي رکندي هلندي اچي ڪار ۾ ويٺي.
    ان رات خبر ناهي مون کي ڇا ٿيو، اسان سان گڏ ڊرائيور به نه هيو مون همت ڪئي هئي يا اهو شراب جو اثر هو، يا وري ميڊم جي لچڪندڙ جسم ۽ ايوريسٽ جهڙين اوچين ڇاتين جو اثر، مون هن جي ڇاتين سان ڇيڙ خاني ڪري روڪيم. ڀانيم ته ميڊم کي اهو ناگوار لڳندو ۽ نوڪري هلي ويندي. پر ميڊم جي منهن تي معنيٰ خيز مرڪ هئي. هن منهنجي ران تي هٿ هڻندي چيو:
    ”توکي خبر آهي ته گذريل ٻن سالن کان مون ڪنهن مرد جي جسم سان نه کيڏيو آهي. تنهنجو ڀرپور مرداڻو جسم ڏسي منهنجي جسم ۾ به جنسي جبلت پيدا ٿيندي محسوس ٿيندي آهي.آئون پنهنجون خواهشون پنهنجي اولاد کان لڪائيندي پئي اچان. پر ڪڏهن ذهن تي ايتري باهه چڙهي پوندي آهي جو دل چوندي آهي ان باهه ۾ سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيان.“ مون تجسس سان کيس ڏٺو ته هن مرڪي چيو. ”اڄ گهر ۾ ڪير به نه هوندو، اڄ مان پنهنجي من جي تمنا پوري ڪنديس.“ ۽ پوءِ اسان پورو رستو خاموش رهياسي. مون تي شراب جا هلڪا هلڪا خمار چڙهي رهيا هئا. گهر پهتاسين. ڪمري جو در بند ڪيو ۽ اي سي آن ڪئي ته بلب به بند ڪري زيرو جو بلب آن ٿيڻ ڪري پلنگ جي ڀرسان ڪجهه شين ۽ حصي کي ڌنڌلو ڏسي سگهجي پيو.
    هڪ بت بڻيو مان بيٺو رهيم. ته پاڻ ڏانهن اشارو ڪيائين ته پلنگ جي پاسي ۾ وڃي اڀو بيٺم ته وري اشارو ڪيائين ته ويجهو اچ ، ويجهو اچ، ويجهو ٿيس. ٻانهن کي ڇڪ ڏني ته ڀرسان وڃي پيس ته نرم نرم هٿن سان ڇاتي تي هٿ گهمائيندي چيو، ”وڃ باٿ مان فريش ٿي اچ ۽ پوشاڪ لاهه گائون هوندئي ڀوري رنگ جهڙو! تو جهڙو ڪچڙو ڪچڙو ريشم جهڙو! اهو پائي موٽ!!“
    مان هٿ منهن ڌوئڻ ويم ته باٿ روم ۾ وري ڪو نئون جهان هجي..... ٽب.... شاور، شيشو، ڪشادو اهڙو مون اڳ ڪڏهن نه ڏٺو هُيو. خوشبوءِ واري صابڻ مان هڪ سان هٿ منهن ڌوتو.. پنهنجو پاڻ کي هڪ نظر آئيني ۾ ڏٺو ته پنهنجو پاڻ کي هڪ صحتمند نوجوان سهڻي نقش وارو ٿي ڀانيم. ايئن هرگز نه آهي ته ڪو پنهنجي ساراهه جا ڍُڪ ٿو ڀريان. منهنجي ماءُ توڙي والد جو رنگ چڱيرڙو آهي پر غريبي جو رنگن سان ڇا واسطو!
    حالانڪ منهنجو قد بت به سٺو هُيو. بس ڪجهه سنهو وڌيڪ هُيس. منهنجي عمر به ته ڪا گهڻي وڏي نه هئي انڌي منڊي ڪاليج مان انٽر ڪيل هئي. پر اوچتو اوچتو اچي ٻوڏ سڀ ڪجهه ٻوڙي لوڙهي پٽ ڪري سڀني ڳوٺن کي جنهن ۾ خواهشون، آسون، امنگون، خواب اَن جا ديرا، ڪچا پڪا گهر، جهڙي تهڙي سادي زندگي کسي ٻوڏ لوڙهي وڌو ته اچي ڪراچي جا وڻ وسايا.
    ايئن سوچيندي پنهنجو پاڻ کي ترو تازو ڪندو اچي پلنگ تي ڊڄندو ڊڄندو ويٺس ته هن هڪ سگريٽ ڪڍي دکايو ۽ پيئندي رهي. هي نئون رنگ مون ميڊم جو اڳ ڪڏهن نه ڏٺو هُيو. سو پنهنجي اکين سان ڏسي رهيو هيم ته پلنگ به اهڙو نرم جو ڇا بيان ڪجي؟ ميڊم به چار ڪشن ۾ اهو سگريٽ پورو ڪري ايش ٽري ۾ وڌو ته ڪجهه خاڪ چادر تي به وڃي ڪري. منهنجي اندر هڪ طوفان خوف جو طاري هُيو جو هڪ نرم هٿ اچي منهنجي وارن ۾ ڦرڻ لڳو ۽ خوبصورت پر عمر لهندڙ بدن جي پناهن ۾ ويجهو ٿيندو ويم. ويجهو ٿيندو ويم. يا هوءَ سري سري اچي چنبڙندي هٿ گهمائيندي چهري تي ته چپن کي هڻندي منهن مون طرف ڪندي هڪ نظر وڌي ۽ ايئن چپ چميا.. منهنجي خوف جي منزل ٽٽي ويئي هڪ جذبات جي لهر من کي به وڪوڙي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو! هڪ نئين جهان ۾ داخل ٿيڻ شروع ڪيو.
    اهو سرور، اهو قرار، اهو نرم بسترو، اها مهانگي سهڻي چادر هيڏانهن عمرين جو فرق ڀانءِ اڄ مون هڪ اميرن جي جنت جو سير ڪندي ڪنهن مهل ٿڪاسي سان سُڌ نه رهي ۽ هوءَ به پنهنجو هڪ سڪون جي ننڊ ۾ وٺجي ويئي ته مون به پهريون دفعو هڪ نوجوانيءَ واري رات سان گڏ هڪ شاندر پلنگ تي ننڊ جو موقعو مليو. ستي صبح جي اندر خبر ئي نه رهي!
    ميڊم اٿي ته هڪ قاتل مرڪ مون مٿان اڇلائيندي اٿي باٿ روم ڏانهن هلي ويئي ۽ پوءِ آئون.
    پاڻ واپس جڏهن پري ٿي بيٺس ته بس ايترو چيو: ”ته ڪوارٽر هلي ويهه!“
    ۽ مان ٻرانگهون ڀريندو ڪوارٽر ڏانهن ويس. منهنجي ذهن ۾ اهو ئي هو ته مون کي ڪنهن به نه ڏٺو آهي، پر ڪجهه لمحن کان پوءِ در کوليم ته منهنجي اڳيان ميڊم جي سورنهن سالن جي ڌيءَ زارا اڇي ٽي شرٽ ۽ جين جي پينٽ ۾ بيٺي هئي. هن مون کي ڌڪو ڏنو ۽ مٿان آئي منهنجو سمورو جسم ٿڙڪڻ لڳو. هن منهنجي رانن ۾ هٿ وجهندي چيو:
    ”مون کي خبر آهي تون امي سان ڇا ڪري رهيو هُئين منهنجو مامون منسٽر اٿئي. جيڪڏهن ان کي خبر پئي ته هو توکي ۽ تنهنجي خاندان کي گم ڪرائي ڇڏيندو.“
    ”اوهان ڇا ٿيون چاهيو؟ مون ڏڪندڙ چپن سان سوال ڪيو ته زارا جي منهن تي شيطاني مرڪ اچي وئي ۽ چيائين: ”اهوئي... جيڪي امي توکان چاهيو ٿي.“
    مون هڪدم سٽ ڏئي زارا کي پنهنجي هيٺان ڪيو. اڃان سندس تازي تازي نارنگين جي رس جهڙين ڇاتين سان کيڏي رهيو هيم جو اوچتو در کليو اسان ٻنهي ڇرڪ ڀري در ڏانهن ڏٺو. چاچا ڪريم جي هٿن مان ٽري ڇڏائجي وڃي فرش تي ڪريو. اهو بنگلي جو بورچي هو. هن ميڊم سان وڃي ڳالهه ڪئي. ميڊم ڪاوڙ مان مون کي گاريون ڏئي ڪڍي ڇڏيو. ڪجهه ڏينهن ۾ زارا کي برطانيه موڪلي ڇڏيو. جڏهن هي خبر سندس ٻين ٻارن کي پئي ته اهي مون کي مارڻ جو فيصلو ڪرڻ لڳا. پر ميڊم شمشاد هنن کي روڪيو ته هو ڪاوڙ ۾ ڇڏي ٻاهرين ملڪ هليا ويا. هاڻي ميڊم شمشاد اڪيلي ٿي پئي ۽ وري مون سان رابطو ڪيائين. خبر پئي ته ڪينسر اٿس. گهڻو وقت زندهه رهي نه سگهندي.
    هڪ رات جو اسپتال جي روم ٻاهران ويهي مان اهو سوچڻ لڳس ته ڇا ميڊم جي دولت منهنجي ٿي سگهي ٿي. نيٺ اهو سازشي خيال آيو ته ڇو نه مان ميڊم سان شادي جو ناٽڪ رچايان ۽ هڪ طاقت مون ۾ اچي وئي. اندر ڪمري ڏانهن ويس. سندس ٿڌو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي چيم. ”ميڊم مان اوهان کي هن حال ۾ اڪيلو نٿو ڏسي سگهان ۽ اوهان سان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان.“
    هن جي منهن تي مرڪ اچي وئي هئي. مان سڄي رات هن جي پاسي کان ويٺو رهيس ۽ پوءِ ٻئي صبح جو اڀرندڙ روشن سج جي روشني ۾ اسان شادي ڪري ڇڏي. مرڻ کان اڳ هوءَ سڀ ڪجهه منهنجي نانءُ ڪري وئي.“ نيلم ۽ منهنجي وچ ۾ خاموشي اچي وئي، پوءِ چيم:
    ”هن ملڪ ۾ موقعي جو فائدو ڪير نٿو کڻي. مون به موقعي مهل جو فائدو کڻي دولت کي پنهنجو ڪيو آهي ۽ هاڻي اليڪشن ۾ چونڊجي حڪمراني ڪندس.“ نيلم منهنجي جسم سان نانگ جيان ويڙهجي وئي.
    *


    خاموش قيدي ...... !!

    هي ٿلهو متارو، قيدي ڪجهه وقت کان جيل ۾ رهندو آهي، ”هن کي ڪڏهن به ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نه ڏٺو آهي، اها ڳالهه پنهنجي ڪمپائونڊر رفيق ٻڌائيم.
    جڏهن پهرين دفعي جيل جي اندر قيدين جي وزٽ ڪيمم ته تنهن خاموش قيدي شفيق بابت ٻڌو. اها تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن مون اڃان نئون نئون جيل ۾ ڊاڪٽر جي ڊيوٽي سنڀالي ان کان اڳ مون کي عملي زندگيءَ ۾ قيدين بابت ڪا خاص ڄاڻ نه هئي، مان روزانو پنهنجي ڊيوٽي دوران قيدين کي کنگهه زڪام، بخار، بت جو سور، وغيره جون دوائون جيڪي اسان وٽ موجود هونديون هُيون ڏيندو هيس. ڪن کي دير سوير انجيڪشن هڻڻ جي نوبت به ايندي هئي، اڪثر ڪري قيدين کي معدي جي خرابيءَ اها شڪايت رهندي هئي. چڱو کاڌو نه ملڻ ڪري، قيدين جو منهن اٻل ۽ هيڻائيءَ وچان هيڊو نظر ايندو هو.
    اڪثر ڪري ڪمري ۾ قيدي دوا وٺڻ جي لاءِ ايندا هئا، جيڪڏهن ڪو سخت تڪليف ۾ هوندو هُيو ته پوءِ وڃي کولي ۾ ڏسي، دوا ۽ انجيڪشن هڻي واپس اچي آفيس ۾ ويهبو هُيو.
    آفيس جو ڪمرو چڱو خلاصو هيو ۽ سامهون بينچون پيل هونديون هيون جنهن تي قيدي مريض دوا درمل وٺڻ جي لاءِ ويهندا هئا، ڀت تي هڪ اداري جي طرفان ڏنل گهڙيال، ڪجهه مرضن بابت ڪمپنين طرفان مليل پمفليٽ سي ڀتين تي لڳل، ريفريجريٽر منهن جي ٽيبل، ڪجهه عدد ڪرسيون ، الماري، گول اسٽول..... جنهن تي مريض کي ويهاري چيڪ اپ ڪندو هُيم.
    اچي فارغ ٿي ڪرسي تي ويٺم ته ٿڪاوٽ سبب ٻه چار ٿڌا ساهه کنيم ۽ ڪمپائونڊر کي آواز ڏنم جيڪو سُرڪي سامهون اچي بيٺو، ساون ڪپڙن ۾، پيرن ۾ڪارو سينڊل، سنهڙو سڪو بلڪل لڪڻ جهڙو، چهري ۽ بدن تي گوشت جي بجاءِ بس خالي کل هجيس، پر چست ۽ تجربيڪا به هيو. پٽيوالو موڪل تي هُيو.
    ” جي سر !“
    بابا رفيق پاڻي جو گلاس پيئار .. !
    ”حاضر صاحب ! “ چئي هليو ويو.
    گلاس ٽيبل تي کڻي رکيو، پاڻي جو گلاس پي سگريٽ جو پاڪيٽ ڪڍي هڪڙو ان مان دکايو، ان مان ڪش هڻن لڳم، اوچتو خاموش رهندڙ قيدي شفيق بابت خيال ذهن ۾ تري آيو، مون سگريٽ جو ڪش هڻندي وري ڪمپائونڊر کي سڏ ڪيو ۽ ان خاموش رهندڙ قيدي شفيق بابت پڇا ڪئي، جنهن تي رفيق جواب ڏيندي چيو : ” صاحب ان قيدي کي مون ڪڏهن به ڪنهن سان ڳالهائيندي نه ڏٺو آهي، باقي ٻين قيدين جي بيماري جي وقت تي خدمت ڪندو آهي..“
    هوڏانهن منهنجو سگريٽ پورو ٿي ويو، ان ٿلهي قيدي بابت ڪا وڌيڪ ڳالهه ٻولهه يا وڌيڪ معلومات نه ملي سگهي، پر ان وچ ۾ هڪڙو ڀيرو هڪ قيدي اندر کولي ۾ گهڻو بيمار هيو، جيڪو ٻاهر اچڻ کان لاچار هيو، جنهن ڪارڻ وڃي اندر انجيڪشن، دوائون گوريون، ڏيڻ سان گڏ هدايتون ڏنم ته ڪيئن ۽ ڪهڙي ڪهڙي وقت تي اهي مريض کي کارايون وڃن ته جيئن طبيعت ۾ سڌارو ايندو “ .
    خاموش رهندڙ شفيق قيدي به مريض قيدي جي مٿان اڀو بيٺو هو، ۽ وڏي ڌيان سان اهي گوريون، دوا جو وزن ڏسي ۽ پڇي رهيو هيو ۽ ان بيمار قيدي جي خدمت به ڪري رهيو هيو منهنجي وڃڻ وقت به صرف منهن مٿي ڪري ڏٺو جنهن ۾ ڪا گرم جوشي نه هئي، پر مون کي هن جي خدمت ڪرڻ وارو جذبو ڀانئي ويو، اتان آهستي آهستي ونگ مان واپس ايندي وقت قيدين جو زور زور سان سلام جو نرميءَ سان جواب ڏيندي ٻاهر آفيس ٿي موٽيم ۽ منهنجو هڏائين پڃري جهڙورفيق ڪمپائونڊر به ساڻ هيو.
    آفيس ۾ اندر اچي پنهنجي ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏيئي خاموش رهندڙ قيدي بابت سوچيندو رهيم ته آخر ان قيدي سان ڪهڙي واردات ٿي هئي جو ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو اٿائين، پاڪيٽ مان گولڊ ليف جو سگريٽ دکائي ڪش هڻڻ لڳم ته ٿورو من تي بار محسوس ڪيم، شايد رات جو بجلي جي اک ٻوٽ سبب ننڊ پوري نه ٿي هجي، سو سوچيم ته چانهه جو ڪپ پي وٺجي !
    رفيق ڪمپائونڊر کي چانهه آڻڻ جو چيم، مون وري ويٺي وڏا وڏا ڪش ٿي هنيا ۽ دونهون مٿي ڇلن جي صورت ۾ هليو ٿي ويو.
    چانهه اچي ويئي ته سِپ سِپ ڀري،چانهه جي ڪپ خالي ڪرڻ سان ڪجهه سڪون محسوس ٿيو ته مريض به اندر اچي ويهڻ لڳا، تن کي مون نمبروار ڏسڻ شروع ڪيم ته اوچتو اهو خاموش قيدي به اچي ويٺو، جيترو وقت ويٺي مون مريضن کي پئي تپاسيو ته هي بلڪل مهن جو دڙو جو ڪنگ پريسٽ ٿي لڳو، جڏهن ٻيا سمورا قيدي هليا ويا ته اچي اندر ۾ پيل بيمار مريض جي طبيعت بابت ٻڌايو ۽ ڪجهه طبيعت بهتر ٿي اٿس، وري هلي اندر ڏسڻ جو چيو.
    مون هن جي دل رکڻ جي لاءِ به واقعي هن جي طبيعت ۾ بيقراري هئي، ان بهاني سان ڪجهه گهڙيون انهن سان گڏجي گذارڻ سان هن جو اعتماد به بحال ٿي سگهندو، بيگ هن وٺي پاڻ کنيو ۽ اسان ٽيئي منهن جي ڪمپائونڊر سان اندر ويندي ڪي اخبار پڙهي رهيا هئا ته ڪي ميڙ جي صورت ۾ ڪچهري ڪري رهيا هئا، ڪنکي برداشتي زور ٿي ڏنا، ڪي عشق فرمائي رهيا هئا، ڪي ريڊيو تي گانا ٻڌي رهيا هئا، ڪن کي بس پوتڙو ۽گنجي پاتل هئي، هي سورهيه بادشاهه کولي طور مشهور آهي، هن هڪ کولي کي بم ڌماڪا گروپ جي کولي ڪري سڏيو ويندو آهي، جنهن ۾ چڱو ڳاڻيٽو قومپرستن جو موجود آهي.
    نيٺ گهربل مريضن واري کولي اچي وئي، ان جي ٻاهر ونگ ۾ همراهه ويٺو هُيو، ڏينهن کان بند هيو جو اڄ هي ڪجهه گهڙيون هوا کائڻ جي لاءِ ٻاهر ويٺو هُيو، اسان مٿان وڃي بيٺاسين، اٿڻ جي ڪيائين ته مون هڪ هٿ جي اشاري سان روڪي ورتو ۽ اتي هڪ ميري رلهي مهينن کان جيڪا ڌوتل نه هئي، ڀرسان پاسي ۾ پئي هُيس.
    اسان کي ڏسي ڪجهه چهري تي خوشي ظاهر ٿيڻ لڳس، پهرين کان هاڻ ڪجهه بهتر هَيو، ڪجهه وري گورين جو انگ ۽ دوا جو وزن گهٽائي ڏيئي اتان اٿي آياسين ته اهو خاموش قيدي شفيق به واپس ڪڍڪڍ رليو آيو، آفيس اچي ويٺاسين ته سامهون پيل بينچ تي ويٺو رهيو، ڪڏهن ڇت کي ته ڪڏهن پکي کي ڏسي رهيو هُيو، بعضي گوڏو لوڏي رهيو هُيو، اهو سڀ آئون اک ٽيٽ سان ڏسندو رهيس.
    مون ڪمپائنڊر کي پنهنجي لاءِ پاڻي جو گلاس گهريو .. ” اهو جي صاحب چئي هليو ويو.
    ڪمپائونڊر پاڻي جو گلاس اچي ٽيبل تي رکيو کڻي ٻي ڳالهه مون شروع ڪرڻ جي بهاني سان هڪدم مريض بابت پڇندي چيو :
    ” اهو مريض توهان جو ڪو اڳ جو دوست آهي يا بس هتي کان ... ؟ “
    شفيق قيديءَ لبڪشائيءَ ڪندي مونڏانهن نهاريندي جواب ڏنو :
    ” نه ڊاڪٽر صاحب بس وقت گذارڻ لاءِ اهو ڪم ڪندي ڪندي هاڻي عادت سان گڏ هڪ سڪون خاطر جڏهن ڪو منهن جي خدمت ڪرڻ سان خوش ٿي ويندو آ ته هڪ سڪون ملي ٿو، دل باغ بهار ٿي پوندي آهي، بنا لالچ، لوڀ جي خدمت جو عمل ان جي ڳالهه ئي ٻئي آ...
    ” ڀلا اهو قيدي ڪهڙي سزا ۾ آيل آهي ؟ “
    هن جو اب ڏنو : ” خون جي ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ملي اٿس .. “
    ” ان ڪنهن جو خون ڪيو هُيو ؟ “
    ”ڊاڪٽر صاحب، هن شهمير جي زباني ته ڳوٺ مٿان رات جو ڌاڙيلن حملو ڪيو تنهن به جي موٽ ۾ بندوق جا منهن کوليا، هڪ ٻه ڌاڙيل زخمي ٿي پيا ۽ هڪ اتي ئي گولين جو ڌڪ نه پچائيندي ڍير ٿي پيو، ڌاڙيلن جو اهم ماڻهو هُيو، ان جي خون جي عيوضي جي پرچي اماڻي پر هن انهن کي ڪنهن کاتي ۾ نه آندو ۽ ٻيهر به حملو ڪيائون ته ٻئي پاسا جانين جونقصان ٿيو ۽ ائين پوءِ هن همراهه به پنهنجو تيار ٿي مقابلي سوچي ويٺو هيو جو هڪ ڏينهن باگڙجي کان گذرندي مٿس وري حملو ڪري وڌائونس جنهن ۾ ننڍو ڀاءُ مارجي ويس.
    ان واقعي کان پوءِ هي شهمير خان جي روپ ۾ اڳتي نڪري پيو، ان ٽولي جون ننڊون ڦٽايون ۽ ٽوتا چٻايا، نتيجي ۾ هي تڪ، تر ۾ به مڙس ماڻهو جي روپ ۾ مشهور ٿي پيو، نيٺ هڪ ڏينهن وري ذات پرستي جيڪا قبيلائي تڪرار جي صورت ۾هن علائقي ۽ ڪچي جي لوڪل ٻهراڙي جي عوام جي زندگي تباهه ڪري ڇڏي آهي، سو ان جي ڀنڀٽ ۾ ڪيسن ۾ اڙجي ويو ۽ هاڻ اڌ سزا شهميرڪاٽي چڪو آهي، باقي به ڪاٽي ويندو.“
    خاموش رهندڙ قيدي شفيق کان پڇيو ته ”هن جو نالو ۽ ڪٿا ته ٻڌائي ورتئي، باقي ڀلا پنهنجي باري ۾ نه ٻڌائيندين ؟“
    ” صاحب اسان کي ٻڌي ڇا ڪندين، پراڻي اخبار وانگي.“
    ” پوءِ به ! “
    ” مان سڳيون ڀرسان رهان ٿو “ چئي موڪلائي ويو.
    ڪجهه ڏينهن گذري ويا، هڪ ڏينهن معمول موجب ڊيوٽي تي ايندي جيئن ئي اندر ڪمري ۾ داخل ٿيم ته خاموش رهندڙ قيدي ۽ بيمار قيدي شهمير بينچن تي ويٺا انتظار ڪري رهيا هئا، اندر منهن جي داخل ٿيڻ سان ادب مان اٿي سلام ڪيائون، مون وڌيڪ سڪ مان هٿ ڏنو مان.
    شهمير قيدي منهنجو شڪريو ادا ڪيو، ڇو جو وچ ۾ مون فروٽ، اينو، گلوڪوز جا ساشا، ڪجهه بسڪوٽن جا دٻا به اماڻي چڪو هيم، شايد ان جو شڪريو ادا ڪري رهيا هجن، بهرحال آئون وڃي پنهنجي ڪرسي تي ويٺس ! اسان جي ڪرسي سياستدانن، ملٽري توڙي سول بيوروڪريسيءَ وارن جي ڪرسيءَ جيتري اهميت واري ناهي، مون ٻنهي قيدين شفيق ۽ شهمير کان خيرو عافيت ڪئي، ٻئي خوش پئي لڳا، شهمير پاڻ سان مٺائي جو دٻو آندو هُيو، ان جو سبب پڇا ڪرڻ تي ٻڌايو ته : ”سندن پٽ ميٽرڪ ۾ اي گريڊ ۾ پاس ٿيو آهي ۽ ڌيءَ به سٺي نمبرن ۾ پڙهندڙ شاگردياڻي آهي، هڪ پٽ، ان جو نالو دلبر ۽ ڌيءَ جو صحبت خاتون رکيو هيو، شايد انهن نالن جو چاليهه پتي ڪو اثر پوين ! ايئن چوندي وقت اکين مان ڳوڙها به ڳاڙهي رهيو هيو ۽ خاموش اداس ٿي رڪجي ويو، چپ جي مهر لڳي ويس.
    ” ڪو واقعو ياد اچي ويو ڇا ؟ “
    ” ڊاڪٽر صاحب ! دل ڪنڀر جي آوي آ جيڪا پئي مئي ماري دکندي ۽ وقت به وقت ساڙيندي ٿي رهي، اسانجي ڀلاري ڀٽ ڌڻي بادشاهه جي سٽ ٿي پئي آهي، ”سڙي سارو ڏينهن ٻاهر ٻاڦ نه ڪڍي،“ هاڻ دل تي ڪنهن برسات ۽ موسم جو اثر ئي نه ٿو رهي، دل مڪلي جو قبرستان بڻيل آهي، جنهن ۾ پنهنجن ۽ پراون جون ڳالهيون دفن ٿيل آهن، ڇو ته هڪ بند جهان آ، ان جي چوديواري ۾ وري هڪ کولي... ! دٻلي جي اندر دٻلي، ورهين جا ورهيه گذاريندي خواهشون پنهنجو دم ٽوڙي چڪيون آهن.“
    ” ٻن ٻارن جي ڳالهه کانپوءِ ڏکارو ڇو ٿيو آهين، اها ته هڪ خوشي جي ڳالهه آهي، توکي ته خوش ٿيڻ گهرجي“
    هڪ ٿڌي آهه ڀري : ”ڊاڪٽر صاحب اسان جي دل جو قتل ته هتي اچڻ سان ٿيو هو، پر هاڻ پل پل ٻاهر وارين ڳالهين تي هنداڻي جي ڦاڪ وانگر وڍجي، ڪٽجي ٿو اندر ۾، وڍ ٿا پون، در اصل هٻڪندي لفظ ساٿ نه پيا ڏينس، چپ ڦڙڪڻ لڳس ته ڳالهه اها آهي ته منهنجي زال رحمت خاتون، صاف سٿري هڪ عام عورت هئي، قد بت ۽ وصف جي پوري پني، پر گڻن جي ڪا کاڻ هئي، ڊاڪٽر صاحب ! حسن کي ڇا ڪبو، سگهڙائپ، سلڇڻائپ ۾ بي مثال هئي، رڌ بچاءُ، هنر ڀرت وارو ڪم ڏسي ته ٻيهر پاڻ ڪري وٺندي هئي، گهر ۾ هڪ رحمت، کلي ته راحت، سدائين ڪم ڪار ۾ مصروف پر ... پر ڊاڪٽر صاحب پڙهيل به هئي ۽ پڙهڻ جو شوق به ڏاڍو هيس، والدين انٽر کانپوءِ نه پڙهائي سگهيس، سچ پچ ته جيڪي سال گڏ رهياسين، شڪايت رهي نه ويچاري لٽي ڪپڙي جو چوندي هئي نه ڪا فرمائش ! پر هڪ دفعي اڃان به ڀانيان ٿو ته ڪتابن وٺي اچڻ جو چوندي هئي نه وٺي آيم، پر گهر ايندي سٽ ٻه چار چنبا وهائي ڪڍيا مانس.
    ڊاڪٽر هنن بدنصيب هٿن سان ماريو هُيومانس، اهڙي سيبتي منهنجي زال هيڏانهن منهن جي جيل ۾پوڻ کان پوءِ منهنجي مائٽن، ڪجهه سازشي عنصر جيڪي خاندان ۾ عادتن کان مجبور وڇون ۽ نانگ جهڙي فطرت رکندا آهن، انهن کان مجبور ٿي منهنجي زال ! رحمت طلاق تي پهتي، عورت ذات هئي، منهنجي ڀائرن به رنن جي چوڻ تي ڇو ته هن جي پڙهڻ سبب ساڙ ڪنديون هيس، تنهن جو جيئن حرام ڪري الزام هڻنديون رهيس، سال سوا برداشت ڪرڻ کانپوءِ هتي جيل ۾ملڻ آئي، روئي پٽي مون کان قانوني ڌار ٿيڻ جي اجازت ورتي، اهو ڳالهائيندي وقت ڳوڙها وهنس پيا.
    ڊاڪٽر صاحب ! ان وقت ڪاوڙ لڳم، پر بندي خاني ۾ ته اڳ ۾ ئي هيم، پوءِ موقعو مناسبت اها لڳي ته هن ڪهڙو گناهه ڪيو ۽ زهر جدائي جو ۽ ٻارن جو برداشت ڪيم، ٻيو ڪو چارو به نه هُيو، نيٺ هن وڃي هڪ اهڙي شخص سان شادي ڪئي، جنهن جي زال به مري چڪي هئي، ان شخص سان شادي کان اڳ ۾ هن کي اعتماد ۾ ورتو ته ڪٿي ڪنهن اسڪول ۾ پڙهائڻ جو موقعو مليو ته هوءَ ڪندي، ان ريت هن جي انٽر ڪيل هئي، پهرين ڪنهن پرائيويٽ اسڪول ۾ بعد ۾ سرڪاري اسڪول ۾وڃي نوڪري ڪئي اتي خوش گذاري رهي آهي، اهو سڀ ڳوٺ مان ڇڏي وڃي سکر جا وڻ وسايا.
    سال پهرين رحمت مون سان ٻارن سميت ملڻ آئي هئي، ڊاڪٽر صاحب ! اهوئي چوڏهين جو چند ! رسيلا چپ، ڇا اڄ به لڳي رهي هئي، منهن جي زندگيءَ جون ڪجهه پيار جون راتيون، سي سڀ ارمانن جو قبرستان ۽ جنهن ۾ چٻرن پنهنجو آستانو بڻايوآهي،
    ڊاڪٽر صاحب ! وڏي لاڏڪوڏ مان مون کي رحمت خاتون سان پرڻائي آيا، هوءَ سگهڙائپ جو مجسمو هئي، جنهن سان منهنجو جيون جو ڪجهه وقت تائين ساٿ جو سفر جڙيل رهيو ۽ اڳتي هلي ٻه مسافر ٿي پنهنجو ڌار ڌار رخ ورتو . پر هوءَ هاڻ به منهن جي لاءِ پهرين کان وڌيڪ حيثيت ماڻي چڪي آهي، هڪ عظيم هستي ٿي پئي آهي.
    هن پنهنجي ٻارن کي پيءُ جي کوٽ محسوس ٿيڻ نه ڏني، ڳوٺ ۾ به ٻار پڙهندا هئا،پر شهر وڃي رهندي احساس محروميءَ جي بجاءِ ٻارن ۾ منهنجي لاءِ عزت برقرار رکي، نه ته اهو سڀ ممڪن نه هُيو، اولاد جي نظرن ۾ منهنجو احترام بحال رکيو ۽ سيکاريو نه ته اڄ جي اولاد سا به وري قيديءَ جو ڪٿي احترام ڪندا، اهو سڀ هڪ وفادار شايد ڪا پدمڻي عورت جو ڪم آ، مون تي ٿورو ڪري ڇڏيو ........ !
    مريض به گڏ ٿي چڪا هئا، مٺائي جو دٻو به مون کڻي پاسي تي رکرايو ۽ هو ٻئي اٿي ويا ۽ مان مريضن کي چيڪ ڪندو رهيم ۽ اها آيل مٺائي به سڀني ويٺل مريضن ۾ ورهائڻ لڳم، مريضن مان فارغ ٿي چانهه جو ڪمپائونڊر کي چيو، ڪجهه منٽن ۾ چانهه اچي ويئي، پاڻي جو گلاس پي چانهه جون چُسڪيون ڀري پوءِ سگريٽ جا ڪش هنيا، قيديءَ جي زندگيءَ جي بند ٿيل بابن مان ڪجهه باب ٻڌڻ جو موقعو مليو، هاڻ خطرناڪ موڙ تي ڳالهه پهچي چڪي هئي، اتي وري شهمير جي اولاد وٽ والد لاءِ دل ۾ احترام پيدا ڪيو، قدرت جو جهان آهي اهو غيب ٿو ڄاڻي ! ڊيوٽيءَ جو وقت پورو ٿي چڪو هيو بيگ کڻي مان روانو ٿي ويم.
    صبح جو شهر ۾هڙتال هئي، ڪنڊ پاسن کان اچي جيل جي گيٽ وٽ پهتم، اچي آفيس جو رخ ڪيو ۽ اخبار به قدرتي گهران نڪرندي ورتي هئي سا به ڪجهه نه ڪجهه موجوده صورتحال کان آگاهي ڏيندي، اندر داخل ٿي اچي ڪرسيءَ تي ويٺم، اخبار کي به ڏسڻ لڳس، صرف عورتن جي تشدد پوءِ وري ملڪ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ گم ٿيل جسمم جي ڪارڪنن جا شهرن ۾ ڌرڻا هيا، ڪن شهرن۾ وري نام نهاد جمهوريت ۽ قبرن جي مجاورن جا ڪارڪن پيسن تي نوڪريون وڪڻيندا رهن ٿا،انهن جي خلاف شهرن ۾ احتجاج کي اخبار جي خبرن جي زينت بڻيل خبرن تي مان مايوس ۽ حقارت ڀري احساس سان اخبار کي بند ڪري اڃان سگريٽ دُکائي ڪش هيم ته هڪ ڪلاس فيلو هُيو....... طفيل .. ! جنهن سان انٽر تائين گڏ پڙهياسي، هو تعليم کاتي ۾ استاد آهي، اچي ملڻ پهتو ؟
    ” اڙي طفيل ! هتي ڪيئن اوچتو ڀلجي آيو آهين ؟ “
    ” ڇو نه اچان ها ڇا ؟ “
    ” نه .... نه.......... چوڻ جو اهو مقصد نه هيو،منهنجي بدلي کي هتي ٿورووقت ٿيو آ سو ڪيئن بنا موبائيل نمبر جي اچي پهتين ؟
    ” خير هڪ ته ڪافي عرصو توهان سان ملاقات نه ٿي هئي ۽ ٻيو وري هڪ شاگرد هيو منهنجو دلبر، ان چيو هيو ته ايئن پڇا ڪندي ڪندي، پوءِ ڪهي آيم “ .
    ” شاگرد وري ڪيرآهي ۽ ان جو هتي وري ڪهڙو ڪم ؟ “
    ”هڪ قيدي آهي ڪو شهمير خان، ان جو پٽ ۽ ڌيءَ اٿس، پر ڏاڍا ذهين شاگرد آهن “
    ” مون توهان جي ڳالهه نه سمجهي ؟ “
    ” مان پنهنجي ڳالهه ٻيهر ٿو ڪيان، هتي خون جي ڪيس ۾ شهمير قيدي آهي، ان جا ٻار آهن “
    ” پر ٻارن سان تنهنجو ڇا ؟ “
    ” انهن جو ڪم هُيو ؟ “
    ” ها . ها ڪجهه ڄڻڪ ڊاڪٽر کي ياد اچي ويو، ها هاڻ ياد آيم، هڪ قيدي شهمير آهي “
    ” توهان کي قيدي ڇا ٻڌايو هُيو ؟ “
    ” جيڪو توهان ٻڌايو ٿا “
    ” ڇا قيدي شهمير توهان کي اهو به ٻڌايو هيو ته زال ٻئي هنڌ شادي ڪري ڇڏي اٿس ؟ “
    ” ها بابا ......... ها قيدي ڏاڍي تڪليف کانپوءِ اهو ڏڪندي ڳالهه ٻڌائي هئي. “
    ” خير....... مونکي ان سان ملڻو آهي ؟“
    ” ها ان جي پٽ جو فوٽو اخبار ۾ ڇپيل آ ۽ هڪ خط به آندو آهي، جيڪو ٻارن جو آهي.“
    ” فوٽو ڏيکار ؟“ هڪ مشهور اخبار ۾ سندس پٽ دلبر جي تصوير ڇپيل هئي، جنهن ۾ ته بورڊ جي پوزيشن کنيل اٿس ...!“
    ” قيدي شهمير ته اي گريڊ جو ٻڌايو هيو.“
    ”ڊاڪٽر صاحب ! ڏاڍا ڀاءُ ڀيڻ ذهين آهن، انتهائي محنتي، هوشيار، باڪردار، جنهن پيءُ سان رهن ٿا ان جو به احترام ڪندا آهن، چڱن ڀلن ماڻهن جا ٻار ڪڍ هوندا اٿن، پر هو وري پر خلوص ! نرم مزاج جا، دلبر هن عمر ۾ به ٽيوشن پڙهائيندو آهي.“
    ”اها ته سٺي ڳالهه ٻڌايئي.“ ڊاڪٽر جو پٽيوالو ٻن مهينن کان بيمار هيو، اهو به اچي ويو هيو، ان کي چانهه بسڪٽ جو چيو ۽ پهرين شفيق ۽ شهميرکي مونڏانهن اچڻ جو ٻڌائيس ته توهان جو ڪو مهمان مون وٽ ويٺل آهي.“
    ڊاڪٽر ۽ طفيل ڪجهه حال احوال اوري ورتا، ايتري ۾ ٻئي قيدي ايندي سلام ڪري سامهون بيٺا.
    مون تعارف ڪرائيندي چيو : ” هي منهنجو ڪلاس فيلو رهيوآهي، اڄڪلهه سکر ۾ استاد آهي، اهو به وري دلبر ۽ صحبت وارن جو ... !“
    بس ٻڌڻ جي ديرهئي، شهمير قيدي هڪ ڇرڪ ڀريو هان...... ! منهنجي ٻچن جو استاد آيو آهي، سڌو استاد جي پيرن ۾ ويهي رهيو ۽ استاد جا هٿ چمڻ لڳو.
    ” اڙي بابا....... اڙي بابا هي ڇا ٿو ڪرين ؟ “ اٿ ته توسان ڀاڪر پائي ملان جو اهڙا ذهين ٻار مون به گهٽ ڏٺا آهن.“
    قيدي شهمير ٿورو پرڀرو ٿي وات پٽيل ڏسندو رهجي ويو، پنهنجي زندگيءَ ۾ڪا خواهش نه ڪا ڪشمڪش رهي هُيس، مهيني ڪو ٻئي مٽ مائٽ، ڀاءُ ملڻ آيو ته خير ٿيو، اتي پٽ جي نيڪي ٻڌي شهمير جو سينو خوشي مان ڪشادوٿي ويس.
    ”هي توهان جي پٽ جو فوٽو اخبار ۾ ڇپيوآهي.“ ڪڍي کولي اخبار ۾ فوٽو ڏسي ان کي چرين وانگر ڏسندو چمندورهيو.
    استاد طفيل ٻارن جو خط ڏنس ۽ اهوهن وٺي چميون ڏيئي کيسي ۾ رکي ڇڏيو، اهو لقاءُ ٻيا قيدي ڊاڪٽر وٽ علاج سانگي ويٺل سي به ڏسندا رهيا.
    مان مريض چيڪ ڪندو دوا ڏيندو ويم، اهي ٻئي قيدي موڪلائي ويا، مان مريضن کي ڏسندو رهيم، طفيل سان ڪجهه وڌيڪ حال احوال، چانهه بسڪوٽ جي دور بعد هو به موڪلائي ويو.
    مريضن مان فارغ ٿيم، ان ڳالهه تي مون کي به خوشي ٿي رهي هئي ته سڀ کان وڏو صدمو اولاد جو خراب ٿيڻ هوندو آهي، ساڳئي اولاد هينئن سُڌري نالوپيدا ڪري ته ڪيئن نه ماڻهو خوش ٿيندو،۽ ٻارن جي ماءُ جو اهو ڪمال سمجهيم، جنهن محنت سان هنن ٻارن ۾ گڻ پيدا ڪيا آهن ۽ ايئن بيگ کڻي ٻاهر جي لاءِ نڪتم ته ٽريفڪ ٿوري هلڻ شروع ڪيو هيو.
    ايئن وري هفتو به مشڪل سان گذريو هو جو ان طفيل استاد جو شڪريو ادا ڪري هلياويا، هاڻ خاموش رهندڙ شفيق قيديءَ بابت ٻڌڻ جو تجسس وڌي چڪو هُيو،ڪيئن ان کان پڇان، ڪير آهي ؟ ان جو قصو آخر ڇا آهي جو هو خاموشي جي مهر پنهنجي مٿان ثبت ڪري ڇڏي اٿائين.
    نيٺ مون سوچيو ته اخبارون، ڪجهه رسالا ۽ فروٽ وغيره ۽ ڪجهه ضرورت جو سامان ڏنو، پهرين ته هنن وٺڻ کان انڪار ڪيو، پر مون نابري واري ڇڏي ٻيو منهنجي رويي مان به ڪجهه مطمئن هُيا، هاڻ ٻنهي اچي ٻين ڪتابن ۽ رسالن ڏيڻ جو چيو ۽ وقت پڙهڻ سان سٺو گذري وڃي ٿو.
    منهنجي اچرج جي انتها نه رهي ته ٻنهي پڙهڻ شروع ڪيو آهي، خاص ڪري شفيق، جيڪو گهڻو خاموش رهندو آهي، مون به ڪتاب هتان هُتان ڪجهه نوان، ته ڪجهه پراڻا ڪجهه سنگت ساٿ کان وٺڻ شروع ڪيا ۽ ڪارٽون ٻڌي وڃي ڏنا، بس پوءِ ته هو سڄو ڏينهن واندا هوندا هئا، هڪ پڙهندو هيو ٻيو ٻڌندو هيو، ٽي ٽي ڪتاب به پڙهي ويندا هئا، هاڻ هنن سان گڏ ٻين قيدين تائين به پڙهاڪو قيدي طور مشهور ٿي پيا، اها ڳالهه مون کي به سمجهه ۾ نه آئي ته هنن هينئن پڙهڻ تي زور ڇو ڏنو آهي، ان پڙهڻ جي ڪري نوجوانن ۾ به مشهور ٿي پيا، ويندي هڪ کولي بم ڌماڪا طور مشهور هئي.
    ڪتابن جي دنيا ۾ داخل ٿيندي هنن مٿان ڪٽ سالن جي مٿس لهڻ شروع ڪيو،جيڪو خاموش رهندڙ قيدي شفيق هيو، تنهن وري لکڻ شروع ڪيو، تنهن شهمير کي به نئين سري سان لکڻ پڙهڻ شروع ڪرايو، هڪ لهر هنن ٻن قيدين ۾ پيدا ٿيڻ سان ٻين تي به سٺو اثر پوڻ شروع ڪيو، شفيق قيدي هاڻ وقت به وقت شاعري به ڪندو وري ڇپرائيندو رهيو ۽ تيزيءَ سان ڪالم اخبار ۾ ڇپجڻ لڳس.
    هڪ ڏينهن شهمير کان پٽ جي خط بابت پڇا ڪيم ته غمگين ٿي ويو، هاڻ هٻڪي هٻڪي خط پڙهي ٿي ويو، پر مون به اهو مناسب نه سمجهيو ته هو تڪليف مان گذري مون کين خط پڙهڻ کان روڪي ورتو ۽ هن وري خط وڌائي ڏنو، اهو خط هر وقت کيسي ۾ رکيل هوندو اٿس، ڇو ته ان ۾ هن جي پٽ جي خوشبوءَ آهي، خط وٺي مون هڪ نظر سرسري ڏسي واپس ڪيو ! .
    خط ۾پٽ لکيو هيس ته، ڏاڏا سائين ۽ چاچا سائين وارن سان ملڻ وياسين، مان ۽ ادي پر هنن احترام عزت ڪرڻ بجاءِ ٻار سمجهي خيال ڪرڻ ته ٺهيو ماءُ جا طعنا هڻي، گهٽ وڌ چئي ڌڪاري ڇڏيو...... !
    پر پوءِ خبر پئي هو اسان جي تعليم ۽ ترقيءَ مان خوش ناهن، ! بهر حال اسان پنهنجو رستو تلاش ڪري ورتو آهي.
    وڌيڪ خير - توهان جا ٻارڙا
    پٽ ۽ ڌي
    ايئن هو موڪلائي ويو،
    موسم ۾ تبديلي اچي رهي هئي، گرميون ختم پئي ٿيون جو هڪ ڏينهن شفيق صبح صبح سان پنهنجي طبيعت ڏيکارڻ آيو.
    ” اڙي شفيق توکي ڇا ٿيو آهي ؟ “ چيڪ ڪيم ته ننڊ گهٽ ڪئي اٿائين، لکڻ پڙهڻ ۽ سوچ ويچار سبب ... !!
    جنهن تي مون چيومانس بابا چنڊ سان شاعر ۽ اديب ڳالهيون ڪندا آهن سو هڪ ڀيري هڪ شاعر گل جنهن جا ناناڻا به شاعر غفار تبسم جا پاڙيسري آهن ۽ گل جيڪو خود به شاعر آهي اهو به ڪراچي ۾ شاعر تبسم جي ڀرسان ڪالا پل وٽ به گڏ رهندو اٿس.
    هڪ ڏينهن هو شاعر جا اتي ڳوٺ ۾ علائقي ۾ اڳ ۾ ئي جهيڙا فساد هئا، هي شاعر گل به ڳوٺ ۾ سج لٿي چنڊ جو ڏٺائين ته شاخ ۾ ترندڙ چنڊ جو ڇا عڪس ڏٺو ته هلندي هلندي رات جو شاخ سان ڪلاڪ سوا جو وقت ڪو پنڌ ڪندو اڳتي نڪري آيو، پويان مٽن مائٽن ۾پويان شور ٿي ويو ته وارو ڪيو، وارو ڪيو گل کي کڻي ويا، گاڏيون، اسڪوٽر هٿيار ساڻ ڪندا پڇندا پڇندا آيا ته اوندهه ٿي چڪي هئي، تارا ٽم ٽم ٿي ڪندا رهيا، رات جي چادر چوطرف وڻن تڻن، پکين کي پنهنجي آکيرن تائين آندو هيو، مٿي آسمان تي تارن جي چمڪ دمڪ من کي راحت بخشي رهي هئي هو شاعر گل پاڻي ۾ چنڊ ۽ تارن جي عڪس کي وهندڙ پاڻي ۾ ڏسندو، دنيا جهان کان بي نياز اڳتي پنهنجي ڌن ۾ ڳائيندو، گنگنائيندو، سيٽيون وڄائيندو پئي ويو جو مٿس ماما اچي پهتس ۽ اچي کڻي گاڏي ۾ ويهاريائونس.
    پويان سڄي ڳوٺ ۾ توڙي گهر ۾ ٻڙڌڪ متل هو.
    هن جي پريشاني ۾ ماني ڪنهن نه کاڌي هن کي جڏهن گهر ڀاتين سامهون ڏٺو ته سک جو ساهه کنيو ۽ پوءِ گڏجي سڀني ماني کاڌي، سو اڄڪلهه توهان مٿان شفق جي شام جا خمار چڙهي پيا آهن، هاڻ اهي توهانجي روز جي ڪرت سبب بي آرامي، اوجاڳي سبب تڪليف ٿي اٿو ؟ ٻيو ڪجهه ناهي“
    هڪ زبردست ٽهڪ ڏنو، جيڪو پهريون جيل ۾ هن جو ٽهڪ هيو.
    ” واهه ڊاڪٽر صاحب، واهه جي ڳالهه ٻڌائي اٿو ؟ “
    ” هاڻ بس ننڊ گهٽ ٿو ڪرين ؟ “
    ” ها ڊاڪٽر صاحب ... پر هڪ ..... هڪ ڳالهه ٻڌايانو ؟ “
    ” ها........ ها .. هڪ ڇو ؟ وڌيڪ ٻڌاءِ ؟ “
    ” هڪ پبلشر منهنجي شاعري جو ڪتاب ڇپرائڻ جي لاءِ تيار آهي ۽ ٻيو ادارو ڪالمن ۽ مضمونن تي مبني ڪتاب ڇپرائڻ جي حامي ڀري آهي ؟ “
    ” اها ته ڏاڍي سٺي ۽ خوشي جي ڳالهه آهي “
    مون ڪجهه گوريون دوا ڏيندي آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنومانس ته موٽ ۾ قيدي شفيق چيو : ” ڊاڪٽر صاحب هاڻ ته ذهن وري ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي، ٻيو ته گهڻو آرام ڪري چڪا آهيون، باقي آرام قبر ۾ ملندو ؟ “
    مون چيو : ” ٽيون جڏهن وري آزاد ٿي ڳوٺ ويندين ؟“
    منهنجي ڳالهه تي منهن جو رنگ ئي لهي ويس،ڄڻڪ ڇوڏا هيس جيڪي ڇڻي پيس، بهر حال جيئن تيئن ڪري سنڀاليندي چيو :
    ” ڊاڪٽر صاحب ڪٻاڙ خاني ۾ وڃي ڳالهيون رهيون آهن تن ۾ ڇا رکيو آهي “
    مون به ٺهه پهه جواب ڏنو : ” جيڪو تنهنجي شاعريءَ ۾ رکيوآهي“ !
    ” چئبو ته منهنجي شاعري کي به پڙهيو اٿو ؟ “
    ” نه ڊاڪٽر ڇا ڄاڻن شاعري مان، باقي واقعا ڏنل آهن ته اهي ته تنهنجا هوندا نه “ ؟
    ”واهه ڊاڪٽر صاحب ! ڪمال آ توهان سمجهي ويا.“
    شفيق ميان نفيس شاعر ! لکڻ وقت پهريون ذات اڳيان ايندي آهي، پوءِ غبار ختم پوءِ مطالعو، مشاهدو، شوق، نئون عزم، نئون ارادو گڏجي ڪم کي اڳتي وڌائيندو آهي، “
    ” اها ته ڳالهه ڊاڪٽر صاحب سورهن آنا درست آهي، پر مون وٽ ٻئي وکر موجودآهن.
    نئين سڏ اڃا سٺي ڳالهه آهي، ان سان تنهن جي تحريرن ۾ دوام ٿيندو ؟ “
    ”ها ڊاڪٽر صاحب ! پنهنجي ڪهاڻي بابت ڪجهه غزل شروع وارا آهن، پوءِ ميل ملاقات وارا ....... پوءِ آس پاس جا تجربا ..... تڪ تر ۽ ايئن اچي هتي سالن کان سڙي رهيو هيم جو توهان پنهنجي شفقت واري رويي ٿورو احساس پيدا ڪري ورتو .... ! “ قيدي ٻڌايو.
    وڌيڪ چيو :
    ” هي ڊاڪٽر صاحب توهان جو حسن ڪمال آ جو اڄ هينئن هي ماحول ۽ موقعو مهيا ڪري ڏنو اٿوَ، ڊاڪٽر صاحب ..... اسان به ڪچي جي علائقي سان مقصد ته هزارين سالن کان درياهه بادشاهه سان جڙيل رهيا آهيون، ميد هجن، جيڪي يونانين سان وڙهيا هئا، ملاڻا، مير بحر، ملهڻ، ملاڻو اهي سڀ اڳتي هڪ دراوڙي نسل سان جڙندا، ڇو ته اهي ذاتيون اڄ به موجود آهن ۽ اڄ به ملهڻ ٻين ۾ رشتو نه ڪندا آهن، پوءِ اهو صحيح آهي يا غلط پر ممڪن آ ته اهو خانه جنگي جي دوران بقا هنن ان ۾ڏٺي هجي.
    مريضن کي به ڏسندو رهيم ته اڄ هي بندو به پنهنجي ڌن ۾ ڄڻڪ ڪو خرش هجي. دل باغ بهار هجيس، ڪا لهر هئي جنهن هن جي خاموشيءَ کي ٽوڙي بند وانگر وهائي ڇڏيو.
    ”ڊاڪٽر صاحب آئون اسڪول ۾ ٽيچر هيس، سوهڪ ڏينهن بس ۾ اچ وڃ دوران هڪ نقاب پوش سان اک اکڙجي ويئي ۽ پوءِ ته دل ۾ بيچيني ٿي پئي، ڦٿڪندي هئي،مڇي جيئن پاڻي بنا، منهن جي ڪار به اهڙي هئي، پوءِ ته بس هوا ۾ هيم، ڌرتي تي ڪٿي هوندو هيم، ڌرتي مان مراد نه گهر جو نه گهاٽ جو ... اهو نازڪ نازنين جي ڪجلين ڪارين اکين جو متوالو ٿي جام پيئڻ لڳس، اهو جام هُيو هن جي نيڻ مان نهاريل قاتل ته ڪڏهن ٻا جهاري ادا. اهو بس کان سفر هلندي هلندي اسڪول وڃڻ جي بجاءِ جتي وڃي بيهندي هئي، لهندي هئي، چڙهندي هئي، پوءِ وڏي مٿا ڪٽ کانپوءِ هوءَ به محسوس ڪري ويئي ته ڪو آئون هن جو ديوانو آهيان.
    ڊاڪٽر صاحب هاڻ پيڇو ڪندي هن جي اسڪول تائين وڃي پهتم وڏي دل ڪندي، تڙپ مان ڦٿڪندو ڪڏهن دل وسامي ٿي ويئي ته ڪڏهن دلبر جي ديدار تي ڦوڪجي ٿي ويئي، هي چئن پنجن مهينن جي ڪشالن بعد حاصلات جو اهو ثمر هئي جو صرف، ملڻ جو شرف نصيب ٿيو، غزالا جو هڪ هڪ اداجو هڪ هڪ غزل لکندو ويس ڪجهه تصحيح بعد ڇپجڻ به لڳي ويا، ويندي ريڊيو تي هڪ ٻه ڪلام ڪنهن فنڪار ڳائي وڌا.
    ڊاڪٽر صاحب هڪ هته مان ُيس شاعر، ۽ هوءَ غزلن جو مجموعو هئي. ڪلاسڪ به ته جديد به!
    اهو ڪمال ، هڪ ئي نالو هيو غزالا... !
    پوءِ غزاله چيو : ” ڀلا غزلن جا شاعر ڪجهه خدا جي جهان ۾ پنهنجي باري ۾ به لک نه ..!“ ان جي ان نازڪ مذاق تي ڪُسجي پيم.
    اي عشق ! سڀ تون ئي تون آهين، به تون ! اها ئي رمز آهي،پر پوءِ ان جو ڪو اتو پتو، ڪا پوسٽ آفيس، باڪس نمبر ته هوندو يا بس ! اهو بس اسٽاپ تي لهندي چيو هئائين.
    پوءِ چوڻ جي دير هئي، نالو ذات، عادتون سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيم .. !
    تنهن تي هن پنهنجي نهار سان ڏسندي چيو : ” بس ايترو ڪجهه هُيو، هي ته ڪجهه به ناهي، شڪر ادا ڪيائين ۽ مسڪرائي ڏنائين، پر ان کان ڪجهه وڌيڪ ته نه هوندو ؟“
    جبل ان لفظ تي پاڻ مٿان ڪرندي محسوس ڪيم.
    موٽ ۾ سڌو ٺهه پهه چيم ” هي شفيق جي زبان آهي، انسان خطا جو گهر آهي، باقي دل جو دفتر بلڪل خالي آهي ؟
    ” نه بابا نه .. ڀل دل خالي هجي، اڳ ئي شاعري جو ديرو ڄمايون ويٺي آ “ ؟
    ان جملي به مون کي لاجواب بڻائي ڇڏيو.. !
    انهن ملاقاتن ۾ غزالا ٻڌايو ته هوءَ هاءِ اسڪول ۾ ميٽرڪ ۾ آهي، نائين ۾ به اي گريڊ هيس ۽ هاڻ به ايتروئي رزلٽ هوندو، ان ڳالهه ۾ منهن جي ڪا به دلچسپي نه هئي.
    ايئن پکين جي لاتين وانگر اسان جون پيار جون ڳالهيون هلنديون رهيون، ميٽرڪ ٿي ويئي، شادي جي آفر ڪئي مانس ته اهو چئي انڪار ڪيائين ته انٽر بعد شادي ڪندي مانءِ ۽ ٻيو اهو ٻڌائي ڇڏيان ته متان ڪو لالي پاپ سمجهندو هجين، پيار به توسان ڪيان ٿي، ايئن کير کنڊ ته ڪڏهن پيار جي ماکي واري لار اسان مٿان ته ڪڏهن ڪڪر گهاٽا اسان مٿان رهيا، ٻئي پاسي منهنجا سوٽ جيڪي ڳوٺ ۾ ۽ زمين جو آباد ٽڪرو به اٿن پر فساد جو ڪو لائيسنس مليل هجين ... !
    منهنجو ڳوٺ پڪو آهي. ان ۾ هاءِ اسڪول گرلس هاءِ اسڪول، پرائمري توڙي ڪجهه مسجدون، مڇي جا فارم، کجين جا وڻ وغيره
    منهنجي سوٽن جو راڄ ڀاڳ- جيڪي هاڻ به ڏنگا ۽ علائقي ۾ڪڪڙن جون ميلون ڪرائڻ جي حوالي سان مشهور آهن، هي چار ڀائر آهن، جنهن مان هڪ حيدرآباد وڃي سيٽل ٿي جان ڇڏائي ويو آهي، ٽي هتي رهن ٿا، ننڍڙي نام نهاد سياسي پارٽيءَ وانگر هتي هنن جي ڳوٺ ۾ زمينداري ننڍيون نوڪريون، ٻه چار پوءِ به ڇاڙتا ۽ جيپن ۾ وتندا لامارا ڏيندا، ڪارا دونهان ڪڍندا ڦرندا، ٻه سوٽيون آهن تازو چاچو وفات ڪري چڪوآهي، چاچي حيات آهي، هنن سان منهنجو به سٺو رستو آهي ۽ گڏجي فساد جوبه حال احوال ڏيئي وٺندا آهن.
    منهنجو گهر ٿورو هنن کان سڏ پنڌ تي آهي، منهنجو گهر ۽ اوطاق گڏوگڏ آهن، مون کي ٽي ڀائر آهن ۽ ٻه ڀينر آهن، ڀينرن وڃي پنهنجا گهر وسايا آهن، هڪ مون کان وڏو آهي، باقي نوڪري نه ڪئي، اهو گهر، زمين ٽڪرو آباد ڪندو آهي، آزاد سوچ جو مالڪ آهي، ڪنهن به سياسي گروپ ۾ نه نعرا هڻندو ۽ نه وري جهنڊا ....... !!
    عام سادي سودي زندگي گذاريندو آ، باقي هڪ مون کان ننڍو آهي، منهنجو والد ۽ والده حيات آهن، اهي ڇپر ڇانو اسان مٿان آهن.
    مان مريضن کي چيڪ ڪندي شفيق کي ٻڌندو رهيم، ۽ آفيس جو وقت پورو ٿيو هيو جو هي به اٿيو، پر هن کي اهو احساس ئي نه رهيو هو ته هي هيترو سارو وقت سو به پهريون دفعو ٻاڙ ڪڍي، ڪو بند ٻڌل هُيو اهو وهي پيو...
    مون ڪنهن به بيزاري جو اظهار نه ڪيو، نه منهن ۾ گهنج نه ڪا ٿڪاوٽ ..... !!
    ٻه ڏينهن به نه گذريا جو منهنجو چاچو گذاري ويو سو ٽن ڏينهن کان پوءِ آفيس جو رخ ڪيو، آفيس ۾ اچڻ جي خبر قيدين تائين پهچي چڪي هئي، اها منهنجي نه اچڻ تي ڪمپائونڊر ڪري ٻڌائي هُين، ٻيوجيئن مان اندر داخل ٿيس ته ڪجهه نوان ڪجهه پراڻا ڪتاب اڳ ۾ئي وٺي رکي ڇڏيا هئا، سي به هڪ ڪنڊ تي رکيم ته جيئن ڊيوٽيءَ تي ايندم ته ڏيندوسان ۽ مريض توڙي ٻيا قيدي اچي پهتا پوءِ مون سان همدرديءَ جي طور دعا جا قُل چاچي جي دعا مغفرت لاءِ پڙهيا،
    ڪجهه قيدي هليا ويا ۽ ڪجهه جن کي دوا درمل گهربل هئي سي ويٺا ۽ دوا وٺندا نڪرندا ويا، پر شهمير ۽ شفيق ويٺا رهيا.
    ”ها ... شاعر شفيق تنهنجي شاعري ڪيئن پئي هلي؟“ جنهن تي هن ٻڌايو ته ” ڪتاب ڪمپوز ٿي چڪو آهي بس ڇپائي جي لاءِ ويل آهي “ ٻئي قيدي ڪجهه گهڙيون ويهي هليا ويا، خير سان ٻه ٽي ڏينهن ٻيا به مس گذريا هوندا جو اچي شاعر پهتو . شاعر شفيق جنهن جي دل جا ڪجهه باب، زندگيءَ جو هڪ بند باب ۽ سنڌ جي تاريخ وانگر اهڙا بند هئا جو ويجهڙ جي تاريخدانن کان ڳالهه اوکي هئي، جيئن سڀني ذاتين کي عرب ۽ جيڪي رهيا ته اهي سڀ سيد ۽ ٻروچ، بلوچ، سنڌ جي ذاتين جو ڪو ڏس پتو ئي ناهي.
    بهر حال هڪ ڏينهن حيرت جي حد نه رهيم جو اهو ڪتاب جنهنجي ارپنا منهنجي نالي زال ۽ ٻن ٻارن جي نالي سان ٿيل هئي، پر افسوس ۽ تجسس اهو ٿيو جو انهن جي نالي سان مرحوم لکيل هُيو.
    اهو ڪتاب مون اٿي شاعر قيدي شفيق سان وري ٻيهر ڀاڪر پائي ورتو ۽ جو هن شڪريو ادا ڪيو ۽ مون کي وري پنهنجي نالي ارپنا هجڻ تي هڪ خوشيءَ جو احساس ٿيو، ايئن هو باڪس ڪتابن وارو به کڻي ويو.
    هي ڪتاب مون هڪ ٻن شاعرن کي به تحفي ۾ ڏنو، اهي به حيران هُئا ته هي جيل ۾ هوندي ايتري سٺي شاعري بنا ڪنهن ماحول جي جنهن ۾ مطالعي جي اڻ هوند هوندي سو به هڪ بند کولي ۾ ڪيئن ڪئي اٿس ... ! “
    ٻئي شاعر به مليل جليل رايو ڏنو ۽ پوءِ ان مان ٻه ڪلام وري ڪنهن ڳائڻي نئين ڪيسٽ ۾ ڳايا، جيڪو پوءِ هن اچي ٻڌايو هُيو، هاڻ هو ٽڙي پيو هجي، نکار اچي ويس، هن کي جيل ۾ به ڪافي خط آيا، جيڪي اچي مون کي ڏيکاريا ۽ پاڻ سان گڏ بين قيدين ۾ به مشهور ٿيو ۽ سڀني ۾ عزت جي نگاهه سان ٿي ڏٺو ويو.
    جيل جي اندر هڪ منجهيل، بند دنيا آهي، ڇو ته انتهائي محدود ۽ ٻئي جي رحم ڪرم تي .. ڄڻڪ ڪو خيرات تي گذاريندو هجي، منهنجي اکين کي اعتبار ئي نه ٿي آيو جو ٻئي قيدي شهمير به شوق ۾ پٽ ڏي خط لکيا، خطن سان هُو نئين جهان ۾ داخل ٿي ويو ٻن گلڙن، نازڪ ٻارن جو والد سو به هينئن جيل ۾ شاعر لکڻ پڙهڻ سيکاريس.
    هڪ ڏينهن خاموش قيدي شاعر شفيق آيو ” صاحب عرض آهي.“
    ” ها .. ڇا آهي .. ٻڌاءِ، ..... ٻڌاءِ، ...... “
    پهرين ته ڪجهه اسڪيچ ٺهيل ڏيکاريا بعد ۾ اهو چيو ته : ”صاحب هي قيدي تصويرون ٺاهي ٿو، ان جي لاءِ ڊرائنگ جو شيٽون، پينسل، رٻڙ گهرجن “
    مون پر اعتماد انداز ۾ جواب ڏنو ” جي شاعر ! سڀاڻي اچي کڻي وڃجانءِ “ ۽ اهو خوش ٿيندو واپس هليو ويو.
    ٻئي ڏينهن تي آفيس منهنجي پهچڻ جي دير هئي، سامان ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اهو وٺي اتان موڪلائي چهري تي شڪريي جا آثار کڻي ڪمري مان هليو ويو.
    اندر هنن جو نئون حلقو قائم ٿي چڪو هُيو، هڪٻئي سان رويي ۾ به فرق اچي ويو هُين، اهو سڀ پڙهڻ جو ڪمال هيو، منهنجي دوستن جو اهو شوق ڏٺو ته قيدين جي لاءِ ٿو ڪريان ته پوءِ ڪتاب، پراڻا رسالا جنهن ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزي ڪتاب به شامل هيا، پوءِ خبر پئي ته ٻه چار قيدي انگريزي به پڙهي وٺن ٿا ۽ مون ڪجهه شاعرن سان ملي جيل جي انهن همراهن جو ذڪر ڪيو ۽ اهي همٿائڻ جي لاءِ اچي پهتا، مليا ۽ ادبي ڪچهري ڪئي، جنهن ۾ بحر وزن قانيو، رديف شامل هيو.
    اهو ميلاپ به ڏاڍو اتساهيندڙ رهيو جو مشهور شاعر اچي جيل ۾ قيديءَ شاعر سان ملي ويا، هاڻ ٽيون همراهه ويٺو تصويرون ٺاهيندو هيو، ان جو نالو ناماچاري جي واهه واهه ٿيڻ لڳي، سو هيو جاويد کڏا مارڪيٽ ڪراچي جو رهندڙ هيو،
    ڪجهه ڏينهن ٻيا مس گذريا ته شفيق جو ٻيو ڪتاب ڪالمن ۽ مضمونن جو به ڇپجي ويو، اچي ان جون به ڪاپيون ڏيئي ويو.
    هڪ ڏينهن شاعر آيو ته مون ان کان بنا ڪنهن هٻڪ جي پڇي ورتو ...
    ڊاڪٽر صاحب ! هاڻ زبان ۽ دل جو مير لهي چڪو آهي، جنهن جو ڪريڊٽ توهان ڏانهن ٿو وڃي سو مون ڳالهه ڪٿي روڪي هئي منهنجا سوٽ، منهنجو گهر ۽ ايئن پنهنجي منهن سان ڀڻڪندي ياد ڪندي چيو : ” ها منهنجا سوٽ ! انهن ۾ وڏو ممتاز، دمساز ۽ سردار نالا هُين.“
    ممتاز پهرين پنهنجي ماميءَ جي ڌيءَ سان انٽر جي دوران شادي ڪئي هئي جنهن جو نالو سلميٰ هيو، اها به اٺ درجا پڙهيل ۽ سيبتي سلڇڻي سگهڙِ ڇوڪري هئي پر شادي کان وٺي هنن جي پاڻ ۾ پوت ڪا نه هُين، اها ڳالهه ته شروع شروع ۾ سمجهه ۾ نه آئي اهو راز راز رهيو، هلندي هلندي ٻه ٻار به ٿي وين، ڌماڪو تڏهن ٿيو جو شوق شڪار جي طبيعت سبب هڪ ٻئي رن سان ميل جول شروع ڪري ڏنو ۽ پوءِ تضاد وڌي ويا، هاڻ زال کي ڪٽي ڪٽي اڌ مئو ڪري ڇڏيائين ۽ اها خوبصورت ڇوڪري ٻن ٻارن جي ماءَ مان هڪ لاچار، بيوس عورت جي روپ ۾ هڏائون پڃرو ٿي پئي، اڳتي هلندي زال کي طعنا، ٽوڪ ڪندي بدچلن سڏڻ لڳو، جنهن هن جي جيئري جاڳندي زندگيءَ ۾ ڪاري قيامت ڪري ڇڏي. !
    هوڏانهن سلميٰ جو قصو سمجهه ۾ نه آيو، هيڏانهن مون به شادي ڪري ڇڏي اها سلميٰ سان آخري ملاقات هئي، نيٺ هڪ ڏينهن ٻاهر ڳوٺ کان سڏ پنڌ تي وٺي وڃي ڪارو ڪري ماري ڇڏيائيون ۽ ٻئي رن سان خوش پيو گذاري.
    ايئن ٻئي ڀاءُ به پنهنجي زال ثمينه کي ڪارو ڪري ماري ڇڏيو، پر اهو ته وري منهنجي اکين جي سامهون ٿيو جو مون کي وچتي ڳالهين ڪندي بهاني سان ٻاهر ٻني تي وٺي ان سان ڳالهائيندي ان تي سڌا ريوالور جا فائر ڪري ختم ڪري ڇڏيو ۽ سامهون ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويئي.
    پر ڊاڪٽر صاحب اهو عورتن سان به عذاب هوندو هيو، ايئن ته هيو ته عورت پيار، ۽ انجام نه ٿي ڪري، حد اها به پار ڪري ٿي، مارڻ بجاءِ طلاق ڏيئي ڇڏيو، اسلام ۾ چئن زالن جي ڳالهه ڪيل آهي ته اها مرد کي بليڪ ميل جي هر وقت تي چاٻي وٽس موجود آهي،
    بهرحال ان واردات کانپوءِ اسان جو ٻيو رشتيدارن جو ڪهول آ، انهن به پنهنجي گهر جي آڳر تي ئي ماري ڇڏيائونس، ان کي به وڃي ڏسي آيم، هاڻ سوٽن ڳوٺ ۽ تڪ ۾ به حرڪتون ڪيون، چورن کي به ايندي ويندي رهايو، ڪنهن جي به ڳالهه نه ٿي لڪي، اها به مخبري ٿيندي پوليس تائين پهتي، نيٺ رات جو رنڱي هٿن سان ڌاڙيل پڪڙيا ويا ۽ وڃي جيل پهتا، اهو سلسلو اڳتي وڌي ويو... !
    هوڏانهن مان مريض کي تپاسي چڪو هيم، آخري ويٺل شاعر ويٺو رهيو هُيو.
    ايئن مون پٽيوالي کي چانهه جو چيو ۽ جيستائين چانهن اچي رهيل ڳالهه اڳتي وڌائي ٻه سوٽ ڪال ڪوٺڙي ۾ وڃي پهتا.
    ان دوران هڪ دفعي سکر مان ڪٿان وڃي رهيو هيس جو سلميٰ جو ماءُ پيءُ مليا، گهر وٺي ويا، سلميٰ جا ٻه ٻار ڏيکاريائون، اهي انتهائي خاموش نظر آيا، ٻيو حال احوال ڪندي سلميٰ جا هڪ پيٽي مان خط ڪڍي اچي رکيا، ماءُ پيءُ ڪنڌ هيٺ جهڪائي ڇڏيو.. !
    ” هي پٽ خط گهر وڃي پڙهجانءِ ! “ اسان جي سامهون نه پڙهجانءِ جو اسان کي به شرم ٿو اچي، مون چانهه پيتي، خط کڻي گهر واپس آيم.
    بس خطن تي منهن جو رت ٽچڪڻ لڳو، انسان ايترو گندو، ڪريل ٿي سگهي ٿو، ” ان ۾ اهڙو ڇا لکيل هيو ؟ “ مون پڇا ڪئي.
    ڊاڪٽر صاحب خط ڪافي تفصيل سان لکيل هيا، پر ... پر ان ۾ اهو لکيل هيو ته رات جو انگريزي بازارو فلم کان به بدتر طريقا استعمال ڪندو هيو، نه اڳ نه پٺ، نه وري ڪو ٻيو هنڌ سلامت هيو، بس جڏهن جيئن دل گهري .. ! “
    ” نه نه ايئن نه هوندو ؟ “
    ڊاڪٽر صاهب هڪ خط نه بلڪه ٻن ٽن خطن ۾ ذڪر هيو، ڇوڪري مڙس جي والدين کي به ٻڌايو هيو، ڪنهن به ڪجهه نه ڪيو ؟ ۽ ايئن تڙپي تڙپي سلميٰ جيئندي ۽ مرندي ڳرندي ڪاري ٿي حياتي گذاري ويئي. !!
    ”ڊاڪٽر صاحب توهان به بور ٿيا هوندا ۽ وڌيڪ ٻيهر ملبو ؟“ ڳالهائي وٺبو ۽ ايئن موڪلائي ويو.
    ٻه چار ڏينهن گذري ويا ته جيل ۾ قيدين جي ڪارڪردگي رپورٽ هوم کاتي گهري هئي جن قيدين جي چال چلت ۽ سٺي روش سبب اها رپورٽ صدر ڏانهن اماڻي ويندي ان ۾ شفيق شاعر، شهمير ۽ جاويد جونالو اماڻيو ويو، اها ڳالهه جيل سپريڊينٽ ٻڌائي هئي.
    انهن ڪتابن کان پوءِ شفيق ٻڌايو ته ڊاڪٽر صاحب ” ڀاءُ ۽ هڪ ٻه ڳوٺ جا ماڻهو ملي ويا آهن، جڏهن ته هڪ ڀاءُ ايندو هيو، ان تي ڏاڍو خوش هيو.
    ڪجهه ڏينهن گذري ويا.
    هڪ ڏينهن ملندي شفيق ٻڌايو ته : ”علائقائي قبيلائي ڪوس وغيره، جهڙا تڪرار به هلندا هئا، منهن جي جان ۽ روح جيئن ديو ۽ پريءَ جو پڃري ۾ پيل پکيءَ ۾ هوندو آهي. سو منهنجو به غزاله ۾ هيو، ايئن جهيڙي جي دوران غزالا ۽ ٻارڙا به ان جو بک بڻجي ويا ته منهنجو وجود سڄو ٽڪرا ٽڪرا ٿي پيو هيو، نه صرف اهو پر ڳوٺ به ساڙي ڇڏيائيون، ڪافي مال، مينهون، ٻڪريون، رڍون، ڪڪڙيون، ان جا ديرا، پيل گندين ۾ اَن به ساڙي ويا، ڄڻڪ محمد بن قاسم جو ديبل تي حملو هيو، بس هڪ قيامت هئي، نه صرف منهنجو گهر تڙ پر سڄو ويڙهو لٽجي سڙي خاڪ ٿي ويو، ارمانن جو قبرستان.
    پوءِ ڪي ڏينهن مون کي سُڌ نه رهي، مون ڳوٺ ڇڏي وڃي ڪجهه وقت ڊيوٽي ۽ شهر ئي تبديل ڪري ڇڏيو، پر ڪو نڀاڳ جو در بند ٿيڻ بجاءِ منهنجي ڪڍ لڳل هُيو.
    انهن جهيڙن کانپوءِ اسان جي ذات وارن به وڃي حملو ڪري چار پنج ماڻهو ماري آيا، ۽ هڪ مائٽ اسڪول ۾ اچي ٻڌايو هيو ته ان ۾ هڪ سرڪاري ماڻهو به مددگار هيو، جنهن تي حيرت به ٿي هئي، پوءِ جيل ۾ خبر پئي ته پرو کان جانو آرائين ۽ 30 سيپٽمبر جو واقعو اصل ۾ ڇا آهي، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ منهنجي مٿان ايف آءِ آر ڪٽرائي ويئي ۽ هاڻ هتي ويٺو جيل جي هوا کاوان.
    ڊاڪٽر صاحب ! هر پل منهنجي پيار جي ديوي ۽ ٻه معصوم ٻارڙا اکين اڳيان ٿي سڙيا، سو منهنجي زبان ئي بند .. ! اها بندش اچي عامل جي بجاءِ توهان ٽوڙي ۽ موڪلائي ويو.
    ٻه ڏينهن به مشڪل سان گذريا هوندا جو منهنجو ٽرانسفر ٿي ويو، سڀني قيدين پاٻوهه، پيار سان ته ڪن ڀنل اکين سان موڪلايو ۽ مون اچي ٻئي هنڌ جوائنگ ڏني.
    نئين آفيس ۽ نئون ماحول اهي ويچارا قيدي ئي وسري چڪا هئا جو هڪ اتفاق هيو يا ڪو معجزو، پٽيوالي ٻڌايو ته ڪو مهمان توهان سان ملڻ آيو آهي.
    مون چيو : اندر موڪليوس، پٽيوالو جي صاحب چئي ٻاهر ويو.
    اکين تي اعتبار ئي نه ٿي آيو، ساڳيو شخص شفيق شاعر ڪي پل ته ڏسندو رهجي ويم کلي کيڪاريندي پيار مان ملياسين، منهن جي لاءِ تحفا تحائف به آندل هُيس ” اڙي هي سڀ ڇا لاءِ ؟ “
    ڊاڪٽر صاحب ! صدر صاحب ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي سزا معاف ڪرڻ سان گڏ ڊيوٽي جوائن جو حڪم جاري ڪيو، جوائننگ کانپوءِ گهر کان شهمير جي ٻارن کان ٿيندو توهان سان ملڻ بعد جيل وڃبو.
    سٺي نموني سان ڪچهري ٿي ۽ انتهائي نياز نوڙت سان ملي موڪلائي ويو ۽ منهنجي خوشيءَ جي انتها نه رهي هئي هن جي آزادي تي .. !!
    *


    ٻڪري.....!

    سج هوريان هوريان شام نديءَ ۾ ٽٻي هڻي رهيو هو. هوءَ اسان جي گهر ٺهي ٺڪي تيز نيري رنگ جو لباس پهريل، منهن تي ميڪ اپ، لبن تي لالڙي مکي آئي هئي. آئون پڌر تي پيل کٽ تي گهر آيل ڇوڪرين کي ويٺو ڏسندو هو هُيس. هن جو اسان جي گهر شام جو اچڻ روز جو معمول بڻجي ويو هو. هر دفعي هڪ نئون لباس، نت نوان فيشن ڪري ايندي هئي. قد جي پوري پني، ڀريل سانورو سلوڻو چهرو مٿي پائوڊر ڦفيل، موڪري ڇاتيءَ تي اڀريل ٽڪريون، نازن نخرن سان هلندي واجهائيندڙن کي واجهه وجهندي هئي.
    هنن سان حالانڪ اڳ ۾ رستو اچ وڃ جو هوندو هُيو. پر هي نئون گهر بلڪل ڀرسان ٺهرائي سيٽل ٿيا. اسان جي ناني ۽ هنن جي ڏاڏي پاڻ ۾ سهيليون هُيون. اچ وڃ کي سڪ وارا ڳوٺن۾ چيو ويندو هُيو ۽ احترام به هوندو هُيو. هنن جو والد مشڪل سان پيٽ گذر ڪندو هُيو. هنن جي اولاد نمبر وار حميره، ثميره، شيرين ٻه ڇوڪرا فواد ۽ جواد هوندا هُيا.
    انهن جو گهر جو ڪم ڪار هلڪو ڦلڪو، سودو سلف، مهمانن ايندي وقت رلهيون ڏيئي اچڻ، پاڻي پهچائڻ شامل هوندو هُيو. ان کي ڇڏي ڇوڪريون ۽ ماءُ سڪينه مڙس جي پچار ڪندي چوندي هئي. ته: ”بس اسان جو خيال نٿو رکي“ جو رينگٽ هوندو هُيس باقي محلي جي ٻين ڇوڪرين کان فيشني ڪپڙا پهريل هوندا هُين. شهر کان سواءِ مٽن مائٽن ڏي ايندي ويندي ۽ اونهاري ۾ گرميءَ جا ڏينهن ڪوئيٽا، خضدار وڃي رهندا هُيا.
    پر سڪينه توڙي ڌيئر پيءُ جي شڪايت جام ڪنديون هُيون. منهنجي ماءُ چوندي هُين، ”ڇوريون الله جي مارَ پوِيوَ. اها آزادي، تعليم ڀريل گهر ٻيو گهر ويهو ئي ڪونه. ڪڏهن ڪهڙي شهر ته ڪڏهن ڪٿي؟ اهي سهولتون ڪو ٻيو ٿو ڏئي وڃي ڇا؟“
    موٽ ۾ جواب هوندو هُيو ته: ”نه بس پوءِ هينئن، پوءِ هُون، ماسي توهان ڳالهه نٿيون سمجهي سگهو؟“
    اهي ڇوڪريون، جنهن ۾ ثميره جو خاص ڪري سڄي شهر جي ڇوڪرين کان وڏو حلقو موجود هوندو هُيس. ان جي خوبي اها هوندي هئي ته جيئن چنڊ جي چؤطرف تارا روشني ۾ هن کي وڌيڪ رونق بخشيندا آهن. ائين هيءَ به پنهنجي سهيلين جو چنڊ هئي.
    ثميره پنهنجي قدبت، چال گفتگو ۾ به سنجيده نظر ايندي هئي. لٽي ڪپڙي کان ميڪ اپ، ان کان پوءِ ته دنگ هوندو هُيو، سراپا سانورو سلوڻو سونهن جو سنگم. ان ۾ وار اهڙا جو هڪ دفعو ڏسڻ کان پوءِ سڄي سونهن کي ڇڏي ڪري ڪاري گهٽا جهڙا وارا ئي پيو ڏسندو رهجي. باقي کاڌ خوراڪ توڙي ٻيو ڪم ڪارنه پڄندو هُيس.
    ثميره راڻي انٽر ڪري ورتي هئي. وڏي ڪنهن يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي چڪي هئي ۽ ٻيو نمبر وار ميٽرڪ، ٽيون نائين ۾ ٿي ڀينر پڙهيون. هن جي لکڻ پڙهڻ ۾ دلچسپي نه هوندي هُيس.
    گهر ۾ ايندي امڙ کي اڪثر ابتيون سُبتيون پٽيون پڙهائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. حالانڪ اها منهنجي امڙ بنيادي ڳوٺ جي سادي سودي عورت هئي جنهن کي هي نئين نسل جون الهڙ نٽ کٽ نوجوان ناريون ڄٽ، بيوقوف سمجهي مٺو ڳالهائي نڪري پنهنجي پر ۾ خوش ٿي هليون وينديون هُيون ته ڪراڙي ماسيءَ کي ڇا خبر؟ پر منهنجي امڙ خالي هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيندي هئي. وڌيڪ ان جي ڪا به دلچسپي ٻين عورتن وانگر نه هوندي هئي. ته پوءِ جيڪي عورتون آيون خبرون چارون شروع ڪري ڏينديون هُيس ته هيءَ خالي ٻڌندي رهندي هئي.
    اهو سلسلو هلندو رهيو جو ثميره هڪ ٻئي ڇوڪري هنن سان گڏجي آئي. ائين ڳالهائيندي هُنن منهنجي ماءُ کي چيو.
    ”ماسي مان ڪچن ۾ ڪم ٿي ڪيو سو ثميره واريون توهان ڏانهن ٿي آيون.مون به سوچيو ته ماسيءَ سان ملي اچان؟“
    جنهن تي منهنجي سادي سودي ماءُ منهن تي چئي ڏنس ها بلڪل ڌيءَ تون ڪچن ۾ به ايئن اهڙن ڪپڙن ۾ ڪم ڪندي آهين؟“
    آيل ڇوڪري لڄاري ته ٿئي پئي پر ڳالهه ڪندي چيس: ”ماسي طبيعت ڪيئن آهي؟ ادا پروفيسر ڪيئن آهي؟ ادا ننڍو ڪيئن آهي؟“
    جنهن تي منهنجي ماءُ چيس، ”پروفيسر پنهنجو يونيورسٽي آ. ننڍو ٻاهر نڪري ويو آهي. جيڪڏهن آيو ته پوءِ ثميره کي تنگ ڪرڻ شروع ڪندو. ان ڳالهه کان بهتر آهي ته نه اچي؟“
    ”هي جو سڄو ڏينهن وڙهندا رهندا آهن. ته پوءِ ڪڏهن ناراض نه ٿينديون آهيو.“
    آيل ڇوڪري گهر ۾ هيڏي هوڏي لوڻا هڻي ڏسندي چيو.
    ”آئون ڇو ناراض ٿينديس. ٻالڪپڻي کان هڪٻئي سان ايئن آهي. ها اڳتي هلي ثميره جي شادي ۾ پري ٿيڻو پوندس؟“ امڙ چيس.
    منهنجي ڀيڻ چانهه بسڪوٽ ڊش تي کنيل رکي هلي وئي.
    هنن چانهه پيتي ۽ پوءِ هڪ ٻه ڪتاب ثميره کڻي نڪري ويئي ٻه ڏينهن به نه ٿيا هوندا جو ثميره اچي ٻڌايو ته: ”ماسي بابا پيسا نٿي ڏنا سو مون پنهنجي ڳوٺ ۾ آڌيري ڏنل ٻڪري کپائي هاڻي هي ڪپڙا ۽ سهڻي زنجيري ورتي آهي. جيڪا هن جي ڇاتي تي جهنڊي وانگر لهرائي مزا ماڻي رهي هئي.
    وري ڪو هفتو مس ٿيو هوندو جو بمبئي بيڪري جو ڪيڪ کڻي آئي. منهنجي ماءُ رڙ ڪندي چيو: ”ڇوري ثميره هي ڪٿان آندئي؟“
    ”ماسي! سهيليءَ جي يونيورسٽي ۾ داخلا جي سلسلي ۾ گڏجي ويئي هُيس. سو ڪيڪ اتان وٺي آئي آهيان.“ خوش ٿيندي ٻڌايو.
    پوءِ جنهن تي منهنجي ماءُ رڙ ڪندي چيس: ”ثميره هي ڪرايا ڀاڙا پيءُ ته ڪونه ڏنا هوندئي؟“
    ”ها ماسي! سچ ٿي چوين... بابا ته نه ڏنا... پوءِ بيٺل آڌيري ٻڪرين مان هڪ ٻڪري کپائي سهيليءَ جي مدد ۾ ته لازمي وڃڻو هُيو نه.... سو ڪم ڇڏائي موٽي آيم...“ وضاحت ڪندي ٻڌايو.
    مهينو کن گهر نه آئي. هڪ ڏينهن ڊيل وانگر ٽلندي ذلف وکيريندي آئي. ته: ”ماسي .... ماسي... ادا... وڏي سان ملي آيم ۽ سهيليءَ جو ڊگري سرٽيفڪيٽ به وٺي آيم. سو هي کارڪون توهان لاءِ ڏنيون اٿائين ته وڃي امڙ کي ڏجانءِ ۽ هي لفافو جنهن ۾ ڪجهه توهان جي لاءِ پيسا ڏنا اٿائين.“
    امڙ کارڪون ۽ لفافو کٽ جي سيرانديءَ کان ڪري رکيو.
    ننڍين ڀينرن سان لڏندي لمندي چادر کڻي نڪرڻ جي تياري ڪندي وقت وار، رئو ٺاهيندي وقت منهنجي ماءُ چيس: ”ته پوءِ پيسا ته ٻڪري ئي کپائي پوءِ وئي هوندين؟“
    تنهن بعد ثميره چيو: ”بابا جو دوست ڳوٺ چُکيءَ ۾ رهندو آ... ان وٽ به منهنجون ٻڪريون آهن.“
    ”ان مان هڪ کپائي پوءِ وئي هوندين؟“ امان منهنجي ڪن ته اها ٻڪري کپائڻ واري ڳالهه وجهي ڇڏي. منهنجي اندر جي ڇهين حس اشارو ڏنو ته ضرور دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي. ۽ پنهنجي تسلي لاءِ ثميره تي ڪڙي نظر رکڻ لڳس. جا ڏي نڪري سندس پيڇو شروع.
    ايئن هڪ رات جو دوستن کان موڪلائي گهر موٽي رهيو هُيس جو اوچتو نظر هن جي گهر ڏي وئي. در مٿان پردو لڳل هو. اهو پري ڪري ڪو ٻاهر نڪتو هو. ۽ هيڏي هوڏي جهاتي پائي تڪڙن وکن سان هلڻ لڳي. منهنجي شڪ کي پڪ لاءِ رستو مليو. شڪ جاڳي پيو. چادر ۾ ويڙهيل هوءَ ٻئي ڪانه پر ثميره هئي. پويان جهاتي پائيندي هو هلندي ٿي وئي. مان به نظرون بچائيندو هن جي پويان پويان هلندو رهيس. تان جو هوءَ اوطاق ۾ گهري وئي. آئون پويان ڦري ننڍي ڀت هئي سا ٽپي اچي نظارو ڏسڻ لڳس. جيئن ئي ثميره اندر داخل ٿي ته هن پٺيان سيٺ بخشل جيڪو چانورن جو واپاري هو عمر ۾ چاليهن کان مٿي جو هوندو ۽ اڪثر حڪيم صاحب کان جنسي قوت لاءِ پيو ڪشتا ٺهرائيندو هو. هو ٻن شادين جي باوجود به پيو نوس نوس ڪندو هُيو. پٺيان اچي هن ٻک وڌس ته هوءَ ٻهڪي پئي هئي. سيٺ بخشل کيسي مان سونيون واليون ڏنيون هُيس ۽ پوءِ هو پنهنجي جنت ۾ داخل ٿيڻ لڳو.
    ٻئي ڏينهن شام جو جڏهن ثميره اسان جي گهر آئي ته اهي ساڳيون ئي سونيون واليون ڪنن ۾ پاتل هُيس. ڪجهه دير گهر ويٺي رهي. وقفي وقفي سان نظرون بچائي مون کي ٿي ڏٺائين. هڪ دفعو هن سان نظرون مليون ته مرڪي اک هنئي. آئون لڄي ٿي منٽو جا سؤ افسانا ڪتاب بند ڪري کٽ تي رکي ٻاهر وڃڻ لڳس. ان وقت امان ۽ ادي اندر هُيون.
    ”وڏو ڪو بيحس آهين؟“ هن ناز ڏيکاريندي چيو. حيرت ڀري نظرن سان ڏٺو هُيم ته چيائين: ”هتي مان تنهنجي لاءِ ايندي آهيان ۽ تون آهين جو مون کي سکڻو ڏسندو به ناهين؟“
    ”مان ان قسم جو ناهيان.“ سندس هٿ ڇڏائيندي چيم.
    ”ته پوءِ ڪهڙي قسم جو آهين؟“ هن مرڪندي پڇيو هو. پوءِ به ڪو به جواب نه ڏنو هُيم.
    ”صفا ڪو ظالم آهين.“ هن وري وارن جي لٽ ڪن پويان ڪندي چيو هو.
    ”امان جي کنگهڻ جو آواز ڪنن تي پيو ته هڪدم ٻاهر وڃڻ لڳس ته هن چيو هو ”يقين ڪر منهنجي زندگي ۾ توکان سواءِ ٻيو ڪو به ناهي“. ڪنڌ جهڪائي ٻاهر هليو ويس.
    انهي رات وري کيس چادر ويڙهيل، ساڳي اوطاق ڏي ويندي ڏٺم ته وري ساڳئي هنڌ. لڪي اندر پويان ساڳئي اوطاق جي ڀڳل ڀت کان ٽپي ويو هيم. حيرت جي ڪا حد نه هئي جو هن دفعي هو سيٺ بخشل بدران ان جي ڀائٽي افضل جي ٻانهن ۾ هئي. سندس مک تي هٿ ڦيري منهن تي مڪاري جي مرڪ سجائيندي چيو هائين: ”منهنجا جاني تون شهر کان ٻاهر ڇو ويندو آهين، توکي خبر به آهي ته توکان سواءِ منهنجو ڪير آهي؟“
    ”منهنجي شهزادي ڪم ڪرڻ به ته لازم آهي نه.“ سانوري ۽ ننڍي عمر جي باوجود گنجي چيو هُيس ته پيلا ڏند ظاهر ٿيا هئا.
    ڀلا هن ڀيري شهر مان منهنجي لاءِ ڇا وٺي آيو آهين؟ ثميره سيني تي ڪنڌ رکندي چيو هُيس.
    ”دل ته..... افضل سندس وارن ۾ هٿ ڦيريندي چيس. گهريو ٿي ته پورو شهر ئي تولاءِ خريد ڪيان. پر هن وقت هي چوڙيون وٺي آيو آهيان.“ افضل سندس ٻانهن ۾ چوڙيون پارائڻ لڳو ۽ ڪيتري دير تائين ٻه جسم هڪ ٿي ويا.
    جنهن کان پوءِ مون کي خبر پئي ته هو هر ٻين ٽين ڏينهن حقيقي ٻڪري ٿي پيسن تي مرد ٻڪر سان ملي ايندي آهي. پوءِ پاڻ کي ٻڪري جي صورت ۾ ٻڪر وٽ جنسي لذت لاءِ ڪلاڪن جي قيمت جي حساب سان سودو ڪري واپسي تي دل کي خوش ڪرڻ لاءِ چوندي آهي ته ٻڪري کپائي آئي آهيان.
    ***


    روما

    جيئن ئي هن پنهنجي ٿيسز جو فائينل ڊرافٽ مڪمل ڪيو ته، سندس من ۾ هڪ عجيب و غريب خوشي جو احساس جاڳيو. هن ڀانئيو ته سالن جي محنت جو ڦل هاڻي بس ملڻ وارو ئي آهي. هڪ دفعو ٻيهر جڏهن ليپ ٽاپ تي سمورو مواد چيڪ ڪيو هئائين ته سندس مُنهن تي پرسڪون مرڪ ڇانئجي وئي هئي.
    ”هاڻي هِن ٿيسز جو انتساب ڪنهن سان ڪجي؟“ ڪرسي کي ٽيڪ ڏيئي پاڻ کان سوال ڪيائين. سندس زندگي ۾ ڪجهه ڪردار اهڙا هئا، جن جي نالي هيءُ پنهنجي پوري زندگيءَ جو هيءُ پورهيو ڪري ٿي سگهيو. پهريان سندس والدين سندس ذهن ۾ آيا، جن کيس تاتي نپائي وڏو ڪري، تعليم ڏياري هِن مقام تي پهچايو هو.
    پر هن سوچيو ته،”هر ماءُ پيءُ پنهنجي اولاد جي بهتر مستقبل جو خواهشمند هوندو آهي؟“ .....ائين سوچي هيءُ چپ ٿي ويو. کيس ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو. ڪرسيءَ تان اٿي دريءَ وٽ اچي بيٺو ۽ لنڊن جي جرڪندڙ ۽ جڳمڳ ڪندڙ وسيع شهر تي هڪ نظر وڌائين، هو هڪ طويل ۽ ڏکيو سفر طي ڪري هتي پهتو هيو. سالن جي جستجوءَ بعد هاڻي تعليم جي ميدان ۾ ماهر طور ڄاتو سڃاتو ويندو. شايد هن ڏينهن لاءِ ئي هِن پنهنجين اکين ۾ اوجاڳا ٽاڪيا هئا. ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي هئائين. دريءَ وٽ بيهي جيئن ئي شهر تي نظر وڌائين ته کيس سنڌ جو خيال آيو.
    اُن ئي لمحي سندس مَن ۾ ڪنهن جي ياد جو ڪنڊو چُڀي پيو......ڪنهن جو ڏنل واعدو…!! ڪنهن کي ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي تمنا…
    هيءُ پنهنجي يونيورسٽيءَ جي ڊپارٽمينٽ جي نظرن ۾ هڪ سٺو ۽ سنجيده شخص هو، جيڪو سنڌ ۾ تعليم جي ترقيءَ جي لاءِ جاکوڙي رهيو ۽ جيڪو هاڻي پروفيسر جو لقب ماڻڻ کان بس ڪي ٻه قدم پري هو.
    هن ٿڌو شوڪارو ڀريو..... پنهنجي ماضيءَ ۾ ٻڏي ويو. کيس روما ياد آئي. روما....سندس پهريون پيار، جنهن کي ڏسي فرشتا به شايد دعا گهرندا هوندا ته، ڪاش اسان به بشر هجون ها…!!
    روما جا ريشمي زلف نانگ جيان هن جي سوچن کي ڏنگڻ لڳا. هن پنهنجا ٻئي هٿ ٻڌي ڇڏيا. روما سان آخري ملاقات ۾ ڪيل واعدو ياد آيس. ان ڏينهن هن پاڻ کي دنيا ۾ هيکلو ڀانئيو هو. سندس من اندر ايتري طاقت نه هئي، جو هُو اکيون کڻي پنهنجي پيار کي ڏسي سگهي ها. هي ٻئي يونيورسٽيءَ جي ڪينٽين جي ڪنڊ ۾ ڪافي دير تائين خاموش ويٺا رهيا هئا.
    ”روما،“ هن سندس نالو کڻندي چيو هو. اهو سڀ ڪوڙ آهي، تون مذاق ڪري رهي آهين.“
    ”نه حبيب، اهو سچ آهي،“ روما ٿرڪندڙ چپن سان هوريان چيو هيس ته، ”منهنجي گهر وارن منهنجو رشتو طئي ڪري ڇڏيو آهي.“
    ”پر تو ته مون سان گڏ جيئڻ مرڻ جا قسم کنيا هئا،“ حبيب احتجاج ڪندي چيو هيس. روما خاموش رهي هئي.
    ”ڪجهه ڳالهاءِ روما،“ هن دفعي هن التجاڻي انداز ۾ چيو هو. ”ڪجهه ٻڌاءِ، نه ته منهنجي دماغ جون رڳون ڦاٽي پونديون،“ حبيب وري به منٿ واري انداز ۾ چيو هو.
    ”منهنجي،“ روما خالي ڪرسين ڏي اداس نظرن سان ڏسندي چيو هو، ”منهنجي بابا جو سمورو سياسي ڪيريئر منهنجي شادي تي ئي مدار رکي ٿو.“
    حبيب کيس گهوري ڏٺو هو، ته روما ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو هو.... ۽ پوءِ گهڙي کن جي خاموشيءَ کانپوءِ چيو هئائين،”جي مون اِن رشتي کان انڪار ڪيو ته، بابا تي داخل ڪيترا ئي ڪيس ٻيهر کلي پوندا، پوءِ ائين نه ته بابا جي باقي عمر جيل ۾ گذري.“ حبيب جو مَن ٻڏڻ لڳو هو. هن محسوس ڪيو ته، ’هو اڪيلائيءَ جي اونهي سمنڊ ۾ غوطا کائي رهيو آهي.‘
    ”پر تون ڪو قرباني جو ٻڪرو ته ناهين،“ حبيب ٻڏندڙ لهجي ۾کيس سمجهائڻ واري انداز ۾ چيو هو. سندس اکيون ڀرجي آيون هيون.
    ”اسان جي معاشري ۾،“ روما ڏکاري لهجي ۾ چيو هيس،”عورت جو ٻيو نالو ’قرباني‘ ئي ته آهي. اها ڪڏهن ريتن رسمن جي نالي تي قربان ڪئي وئي آ، ڪڏهن مرد جي آن ۽ شان لاءِ ڪُٺي وئي آ، ته ڪڏهن خاندان جي عزت بچائڻ لاءِ ماري وئي آ… “
    ”مان اهو سڀ نٿو مڃان،“ حبيب ناڪار ۾ڪنڌ لوڏيندي چيو هيو. روما ڪينٽين جي ڇت کي ڏسي آهه ڀريندي چيو هُيس، ”مڃڻ نه مڃڻ سان ڇا ٿيندو. ڪجهه فيصلا اسان جي وس ناهن هوندا.“
    ”جي تون،“ هن ذري گهٽ روئندي چيو هُيس، ”جيڪڏهن تون ساٿ ڏين ته مان سمورن فيصلن جو رخ موڙي سگهان ٿو.“
    ”حبيب،“ روما سندس اداس منهن ۾ ڏسندي چيو هيو،“ اهو هاڻي ممڪن ناهي رهيو. خانداني عزت تي مون پيار کي قربان ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.“ ڪجهه گهڙين لاءِ خاموشي ڇانئجي وئي هئي.
    ”ياد اٿئي،“ روما چيو هُيس،”تو هڪ هنڌ لکيو هو ته، ’ محبت منهنجو جنون آهي، ان ۾آئون احترام جو قائل آهيان ۽ وڇوڙو منهنجي محبت جو جمال آهي…“ هو هڪ لمحي لاءِ خاموش ٿي وئي هئي- ۽ پوءِ چيو هئائين،”پنهنجي محبت جي جمال جو وقت اچي ويو آهي حبيب، “ حبيب بس ڳوڙها پيتا هئا. کيس ڪجهه به چئي نه سگهيو هُيو.
    ”مون سان هڪ واعدو ڪر،“ روما اٿندي چيو هُيس. هو ٻئي ڪينٽين کان ٻاهر نڪري کليل ميدان تي هلڻ لڳا هئا. پويان روما جي پيراڊو گاڏي سندس انتظار ۾ بيٺل هئي. هن حبيب کي ڏسندي چيو هو، ”واعدو ڪر ته تون منهنجي وڃڻ کانپوءِ ڪوبه جذباتي قدم نه کڻندين ۽ اهو به واعدو ڪر ته، سنڌ جي تعليم لاءِ هڪ نه هڪ ڏينهن وڏو ڪم ڪندين. جي اهو ڪيئي ته مان سمجهنديس ته تو پنهنجي محبت جو قرض ادا ڪري ڇڏيو.“ هو خاموشيءَ سان پينٽ جي کيسي ۾ هٿ وجهي ڪنڌ هيٺ ڪيو هلندو رهيو هو.
    ”چڱو، هاڻي ٿي سگهئي ته مون کي معاف ڪجانءِ،“ روما چيو هيس. پوءِ هُوءَ پنهنجي گاڏيءَ ۾ چڙهي هلي وئي هئي.
    حبيب ڳورن قدمن سان اچي هاسٽل تي پهتو هو. مَن اندر طوفان برپا ٿيل هُيس. ڪيتري دير تائين پنهنجي بستري تي ليٽي روئندو رهيو هو. دماغ سُن ٿي ويو هيس. جنهن ڇوڪريءَ سان هن پنهنجي سموري حياتي گذارڻ جا خواب ڏٺا هيا، سا اڄ ڪنهن ٻئي جي ٿيڻ لاءِ هن کي ڇڏي هلي وئي.
    اُهو ڏينهن هِن لاءِ قيامت کان گهٽ نه هو. رات جو به دير تائين هيءُ روما سان گهاريل گهڙين کي ياد ڪندو رهيو هو. پوءِ هِن اُن ڳالهه تي سنجيدگيءَ سان سوچڻ شروع ڪيو، جيڪا روما؛ ويندي ويندي کيس چئي هئي ته،”واعدو ڪر ته تون منهنجي وڃڻ کانپوءِ ڪوبه جذباتي قدم نه کڻندين ۽ اهو به واعدو ڪر ته، سنڌ جي تعليم لاءِ هڪ نه هڪ ڏينهن وڏو ڪم ڪندين. جي اهو ڪيئي ته مان سمجهنديس ته تو پنهنجي محبت جو قرض ادا ڪري ڇڏيو.“
    هِن سوچيو،”روما مون کي جيڪا صلاح ڏيئي ويئي، اُن تي عمل ڪرڻ هاڻي منهنجي زندگيءَ جو مقصد هئڻ گهرجي. اِهو ئي منهنجي جيئري رهڻ جو سبب ٿي سگهي ٿو.“ هِن بڪ شيلف تي اڇاتري نظر وجهي، وري سوچيو،” اڳئين زماني ۾ عاشق پنهنجي محبت جي ياد ۾ محل، ماڙيون ۽ مقبرا اڏائيندا هئا، پر مون کي پنهنجي محبوب جي ياد ۾اهڙي تعليمي تحريڪ جو حصو بڻجڻ گهرجي، جيڪا روما جي والد جهڙا انسان پيدا نه ڪري، جيڪي پنهنجي شخصي مفاد جي لاءِ روما جهڙين ڌيئرن کي قربان ڪيو ڇڏين.“
    پوءِ هيءُ پنهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ پهرين پوزيشن کڻي، پهرين ليڪچرار ٿيو. بعد ۾ کيس پي ايڇ ڊي لاءِ اسڪالر شپ ملي ته، هيءُ برطانيا هليو آيو. هينئر پي ايڇ ڊي جي ٿيسز به مڪمل ڪري ورتي اٿائين.
    هو دريءَ کان هٽي پنهنجي اسٽڊي ٽيبل ڏي آيو. هڪ ڳالهه سوچي سندس مُنهن تي هڪ پرسڪون مرڪ تري آئي. هڪ نالو سندس ذهن ۾ ڪنهن تازي گل جيان ٽڙي پيو. هِن ليپ ٽاپ آن ڪري، ٿيسز وارو ڊاڪيومينٽ کولي، اُن ۾ لکيو هئائين:
    ”ارپنا، روما جي نانءِ، جيڪا منهنجي زندگيءَ مان ته هلي ويئي، پر هوءَ منهنجي زندگيءَ جي جستجو ۽ اتساهه کي جياري ويئي. مان اڄ جنهن جاءِ تي پهتو آهيان، اُهو صرف اِن جي ڪري ئي پهتو آهيان.“


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 466
    ڪتابن جو مشاهدو: 394188
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 159384
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ