ڪتاب جو نالو: باغي آ عشق منھنجو
مصنف: حافظ نظاماڻي
ڇپائيندڙ: نظاماڻي پبليڪيشن، ماتلي
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 26 جولائي 2017 ع
پڙهيو ويو: 2810 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 1281 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
علي پور جي مدرسي ۾ محمد قرآن مجيد حفظ ڪيو، ۽ حافظ محمد جي نالي سان سڏجڻ لڳو. ان کان پوءِ واپس ڳوٺ ويو جتي مجازي عشق جي وَرَ چڙھي ويو ۽ شاعريءَ جو آغاز ڪيائين. اچانڪ سندس طبيعت خراب ٿي پيئي، گھڻي علاج ۽ دُعائن کان پوءِ سندس طبيعت ۾ سڌارو آيو. مجازي عشق کان ٿڙي معرفت جي منزل ڏانھن راغب ٿيو، جنھن رڱي ريٽو ڪيس ۽ حقيقيءَ جي منزل ماڻيائين. سندس قلب تان ڪٽ لھي صاف ٿيو. حافظ صاحب، غاصبن، غدارن، بي ضميرن، جابرن، ظالمن، بخيلن، بزدلن، منافقن، لوڀين ۽ لالچين تي پنھنجي شاعريءَ ۾ لعنت ۽ ملامت ڪئي آھي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • ڪمپوزر پاران
  • سنڌ سلامت پاران
  • مھاڳ: محمد عالم نظاماڻي
  • لاڙ جو لعل : مولوي حافظ محمد رمضان مھيري
  • ڪجھه آئون به چوان : عبدالرزاق مھيري
  • حافظ نظاماڻي لاڙ جو سچل : عزادار حُسين خواجه
  • جاکوڙي جوان : منصور منظور نظاماڻي
  • ڏات نه پُڇي ذات : پروفيسر خادم حسين کوسو
  • سرس سوايو : ايم. ايم اشھدالله جڳسي
  • مُرتب پاران (دفعو پھريون) : عبدالجبار ”قاسم“ نظاماڻي
  • مرتب پاران (ٻيو دفعون) : عبدالجبار ”قاسم“ نظاماڻي
  • مناجات

  • جي مالڪ کي سُڃاتو ٿَئي، ته پوءِ محتاجي ڇَا جِي آ
  • سڀئي وَسَ سائين جي آھي سدا
  • اي يار مون تي قياس ڪر
  • ڪجھه نه ڪجھه، مون تي، وري تو، قياس ڪر
  • تُون پنھنجو ننگ سُڃاڻ پرين
  • نعت

  • جڏھن آيو نبي مُنھنجو، تڏھن ٻيا نَنگ بَدلجي ويا
  • بخشيم توکي ڀلا، بھشتي ڌَڻِي، اوري ته اَچ
  • ساري حُسن جو تون سردار آھين
  • محمد جي صدقي ميٽي ڇَڏ مَدايُون
  • سِدرت المنتھى تي جو ھَلي، تَنھن کي نه ٿو سَمجھين
  • اونداھي ۾ ڏِس تون، انڌو ڪونه ڏِسي ٿو يار ڏيئو
  • خدا لڳ ۽ خدا ڪارڻ، مدد ڪَج مصطفى منھنجي
  • حافظ جي حُج

  • رضوان مون کي روڪيو، دوزخ جي در مٿي آ
  • منھنجي نظر جي سامھون واھ جا نظارا نڪتا
  • منھنجي حال مٿي حيوان رُنا
  • آھين حرم تون پاڻ حبيب
  • برھ باڳ منھنجا اَچي ڪِيئا ڀَلا
  • خلق سڄي آ خوديءَ ۾ ڦاٿل، بي خود ھِڪڙو آئون بَنيس
  • منھنجي جسم جي ڏِس جَھلڪ
  • مٿي آ عشق جي منزل
  • جتي انصاف پورو آ، اتي ايمان آندو اٿم
  • خالي ھٿن سان آئون، ھَٿيار تُنھنجي ھٿ ۾
  • تون خدا تُنھنجي خدائي، آئون خلقيل خاڪ مان
  • آھيان آڪاش جو مالڪ ڌِڪا ڌرتي تي پيو کايان،
  • عجب تُنھنجي دَرَ جي، عنايت ڏِٺي مُون
  • نينھن ڪَيَس ناچاڪ اَديون
  • برھُ جي زرھ پائي، ھر وار کي سَٺوسين
  • پاڻ جنھن شَيءِ جا ھِتي گھورا آھيون
  • ڪنھن کي ڏَمرُ ڏيکارين، ڪنھن کي سَبَقُ سيکارين
  • اسين پنھنجي بيھڪ تي ڏِسُ، آھِيون بيٺا اڃان تائين
  • جِتي رات آھي اتي ڏينھن بَه ايندو
  • اسين عشق وار عقل ڪونه ڄاڻو
  • نَڪو مَلڪ آھيان، نڪو آھيان ماڻھو
  • خبر نه آھي ته ھيڏي خلق ۾، منھنجو خدا ڪھڙو
  • اٿم ذات ظاھر، مگر آھيان مخفي
  • ڀُنگ وٺڻ لئه ڪَئِي تو بازي
  • خاڪ جي چَپٽي کڻي، پَنھنجي خدائي تو ڪَئي
  • خُون جو ھڪ خاص قطرو، ٿِئي ڪِريو جڏھن خاڪ تي
  • رُوئاڙي ھٿن سان، ڪرين رُعب مون تي
  • سچ پچ ته ھن سنسار ۾، مُنھنجي صدا ٻُڌجي نه ٿي
  • جنت جي تقاضا آھي مگر، دوزخ جي شڪايت ڪير ڪري
  • صوفي ازم

  • اڃان بِسمل جي ڀر ۾ ڪو ڏٺم، بي داد بيٺو آ
  • دوزخ بھشت جي دام کان، ڀڄبو مُلن جي مام کان
  • ڪيو عشق اِھو احسان سَڄڻ
  • مٿي عرش کان آ محبت جي منزل
  • ھر مذھب ۾ تُنھنجو ھُل
  • الفت جو آھي آدم، سينگار ٿيو صدين کان
  • باغي آ عشق منھنجو، تنھنجي ئي باب کان
  • تنھنجي قدم ھيٺان شل روز ڪُسون
  • مُنھنجي وجود ۾ روز وَسين
  • مُنھنجي نينھن ڪَئي ننڊ آھي حَرام
  • منظور تُنھنجو نُور، ھو آدم جي آڙ ۾
  • مُنھنجي زرھ پرين، توکان زور آھي
  • شايد شراب خاني ۾، اڄ ڪو امام آھي
  • اڳي جنت کسي ھاڻي جيئڻ جو حق به ٿو کَسجي
  • بوتل شرابُ جي، ھيءَ مون لاءِ بُري ته ڪانھي
  • مُنھنجو شرابُ نئون آ، تُنھنجي شرع پراڻِي
  • ڪو آ رحمان جي پاسي، ڪو آ ڀڳوان جي پاسي
  • سماج / معاشرو

  • زندگي پاڻي به آ ۽ زندگي ٻيڙي به آ
  •   صداقت کي سرو کائي ويو آ
  •   مردار تقاضا کي مڃڻ مون نه سِکيو آ
  •   پراڻي جاءِ کان پري نئين حرم کي سجدو آ
  • اسان کي کپي ٿو ادب ۽ حيا
  •   وقت جي ويڙھاند کي سمجھي سَگھون ٿا
  •   ڪمزور بدن کي آ سھاري جي ضرورت
  •   ادب ۽ حَيا جو نالو جِتي ھُوندو اتي ھُوندس
  • وَاھ جمھوريت تُنھنجا جُڃَ
  • مُنھنجي جاکوڙ کي جو ٿو سمجھي جَبرُ
  • جنھن نه سُڃاتو قد بُت منھنجو سو ڇا سمجھي منھنجو قول
  •   نه ڪو خاص آھيان نڪو عام آھيان
  • آئون بچپن کان بي چَين آھيان
  • پرائي جُتي ۾ اسين پير پايون اھڙا ڪونه آھيون
  • ڦِريا به ناھيون ڦُريا به ناھيون
  •   اسان کي راھ ۾ جيڏيون رُڪاوٽون آھن
  •   تون بي ضمير آھين تڏھن امير آھين
  •   نتيجو ڇا به نڪري پر اسين انسان ٿينداسون
  • ايڏو به سستو ناھيان، جو تون وٺي سگھين
  •   نڪو شھر وارن سان ھوندي شڪايت، نڪو ڳوٺ وارن سان ڳالھيون ڪبيون
  •   اچو گَپ منجھان نڪري سنئون سُبتو ڪو گس ڳوليون
  • غريبن جا غمخوار جيڪي سڏائين
  • ھُجن نانگ ڪارا ته مرليون کڻون، ڪي، ھتي رڳو ڳوھون پيون ڦوڪون ڏين
  •   اسين به جي حرام کي حلال چئون وَڻِي پئون
  •   ڪُتي ٻلي جو زخمي ناھيان
  • ڪٿي باٿ رومن کي برقعو پيل آ، ڪٿي ڇو اگھاڙو بدن آھي ڪنوارو
  • جنت جو آھيان شھزادو
  • نه ڪو پنھنجي مرضي سان پيدا ٿياسين، نه ڪو پنھنجي مرضيءَ سان ئي يار مربو
  • ھتي ڏينھن سارو جي سجدا ڏيان ٿو ته مانيءَ جو مُلھه ڏَسُ مون کي ڪير ڏيندو
  • وڏو جِتي ڪو واڪ لڳي ٿو
  •   اسين نه ڪنھن جي اچر پچر ۾ ازل کان آھيون اڌورا ماڻھو
  • سوچ جي ڪنھن سفر ۾ مون کي ساٿ ڏيو
  • ڦٽڻ تي لوڻ ٻُرڪڻ جي فضيلت پيا سکن ماڻھو
  •   جتي اسان لئه جھان سارو حجاب وانگي ھجي ته پوءِ
  •   وڏيري جي در تي وڃڻ آ گناھ
  •   وڪوڙي پيٽ جو واڳون، وٺي ويو وير ۾ آھي
  • شھيد ٿي ويو سڳورو سرمد، اڃان به ساڳيون سماج آھي
  • سَاڳي لاٽون سَاڳي ڏور، ساڳيو ڦِيرَڻ وارو آھي
  • اسين ھن دنيا جي حقيقت ڏسي
  • اڃان ڪنھن ڪنھن راتين ۾ روزي کُلي ٿي
  • ويئو نانگ آھي نِڪري، لِيڪو پيو يار ڪُٽجي
  •   رُسڻ واري کي جھل ڪانھي ملڻ واري کي جھل ڪانھي
  •   نه اِيندن جي آڏو نه وِيندن جي پويان
  • ڪنھينَ وٽ گوڏ ڪانھي ڪا، ڪِنھين لئه روز نَئين گاڏي
  • آھيان ڏينھن جو آئون ڏاڍو سڀن کان، آھي رات مون لاءِ ٿي رُڪ جھڙي
  • ڪير زماني کي ٿو جَھلي
  • واقعاتي

  • ڀٽائيءَ جا ڀاتي ھتي بُک ماري، ھي ڀوتار خوني بھاري گھُرن پيا
  • اھو ٻار پئجي ويو پيٽ ۾
  • ھاڻي ٿي ويا پوڙھا آھيون
  • ڪاٺ جي پورھئي تي ھي ڪنواريون گھر بنا گذران پيون ڪن
  • مُنھنجي دل ۾ درد آ، ان کي نه تو جي دُور ڪِئو
  • پڪ اٿم ڪنھن پاپ جي خاطر تو ته وڏيرا وات پَٽيو
  • جِتي علم ادب جي کوٽ آھي
  • سنڌ / سنڌو درياءُ بابت

  • رات جي پيٽ جي اوٽ آئون رکان ڪونه ٿيندو ائين
  •   اَچ ته اَڄ ايمان کي توري ڇڏيون
  • خَبيث جھڙو خراب چَھرو مليو ته ڪھڙو قرار ھوندو
  •   آدم کان وٺي آذر تائين منھنجو سينو صاف نه ٿيو
  •   ھي پاڻي آبِ حيات جو اٿئي، ھن سنڌوءَ ۾ منھنجو ساءُ آھي
  •   جو دادلو درياءَ سَڏبو ھو، اڄ تنھن جو ناھي ڇو ڪو ڌَڻي
  • پريس جو رڳو پورائو ٿئي پيو، عمل جو نالو ڪٿي به ڪونھي
  • آئون آيو آھيان ساز کڻي ڪو اندر جو آواز کڻي
  • داستان

  • عمر مِنٿَ تُنھنجي مَڃڻ کان مٿي آ
  • ظالم تُنھنجا زوراور ھي ٽوڙيندس زنجير عمر
  • سانگيئڙن ۽ جھانگيئڙن سان، ديس وسي دلدارن جو
  • سُڻي سومرا ڇڏ نه ھي سَڱ ٿيڻ جو
  • سنگھارن جي صفت مُون وٽ سڄو ڏينھن سومرا ھوندي
  • طالبو مُلان

  • مون زندگيءَ جي موڙ جو ھر ذائقو چکيو آ
  • مھند به مسلمان ھُيس ۽ اڄ به مسلمان آھيان
  • وڏا وات ڦاڙيو مون سان وڙھڻ اَچِين
  • اوھان جو طريقو آھي طالباني
  • مجازي عشق

  • محبت منھنجي ماني آ محبت منھنجو پاڻي آ
  •   روش اوھان جي صفا رُکي آ
  •   تنھنجي منھن ڏسڻ جو گھڻو معاوضو آ
  •   اسانجي پھچ کان پيارا اوھانجو پيار اڳتي آ
  • نقاب ۾ به سرنگون اسين نه ٿا سھي سَگھوُن
  • شخصيت

  • ھڪ آديسي ھت يار ھُيو
  • عورت

  • شرميلي ادا جو به شرف تو کي مليو آ
  • ھو لُڙڪ ته ڏس لاھياريءَ جا
  • نبي ۽ ولي جنھن جا نيپاج آھن
  • انسان

  • ھتي شمع پتنگ جو شان آھيان
  • التجا

  • نه مون لئه دوائون نه مون لئه دعائون
  • آئون استغفرالله جي عادت تي آھيان

  • ڪتاب بابت

    باغي آ عشق منھنجو

    (شاعري)

    حافظ محمد نظاماڻي


    مُرتب
    عبدالجبار ”قاسم“ نظاماڻي


    نظاماڻي پبليڪيشن – ماتلي ضلعو بدين

    ڪمپوزنگ : شاهنواز ٽالپر

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2017ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ڪمپوزر پاران

    ”انسان غلطين جو گھر آھي، ويسر سندس فطرت ۾ شامل آھي. اُن ڪري انسان جي لکت غلطين کان پاڪ ۽ صاف نه ٿيندي. وس آھر ڪوشش ڪبي آھي ته بھتر کان بھتر ڪيو وڃي. ڪٿ ڪا به غلطي ھجي ته ڪمپوزر پاران سمجهو ۽ نشاندھي ڪجو.

    شاھنواز ٽالپر
    ڪمپوزر
    سنڌ سلامت ڪتاب گھر
    sntalpur@gmail.com


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”باغي آ عشق منهنجو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سنڌ جي باغي شاعر حافظ محمد نظاماڻي صاحب جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو مرتب عبدالجبار ”قاسم“ نظاماڻي صاحب آهي.
    علي پور جي مدرسي ۾ محمد قرآن مجيد حفظ ڪيو، ۽ حافظ محمد جي نالي سان سڏجڻ لڳو. ان کان پوءِ واپس ڳوٺ ويو جتي مجازي عشق جي وَرَ چڙھي ويو ۽ شاعريءَ جو آغاز ڪيائين. اچانڪ سندس طبيعت خراب ٿي پيئي، گھڻي علاج ۽ دُعائن کان پوءِ سندس طبيعت ۾ سڌارو آيو. مجازي عشق کان ٿڙي معرفت جي منزل ڏانھن راغب ٿيو، جنھن رڱي ريٽو ڪيس ۽ حقيقيءَ جي منزل ماڻيائين. سندس قلب تان ڪٽ لھي صاف ٿيو. حافظ صاحب، غاصبن، غدارن، بي ضميرن، جابرن، ظالمن، بخيلن، بزدلن، منافقن، لوڀين ۽ لالچين تي پنھنجي شاعريءَ ۾ لعنت ۽ ملامت ڪئي آھي.
    هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2006ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 2015ع ۾ نظاماڻي پبليڪيشن، ماتلي پاران ڇپايو وي. سنڌ سلامت ڪتاب گهر کي هن ڪتاب لاءِ ڪيتريون ئي فرمائشيون ٿيون جنهن ڪري هي ڪتاب ڪمپوز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    مھاڳ: محمد عالم نظاماڻي

    داتا جي ھن جُڙيل ڌرتيءَ جي پُٺيءَ تي پکڙيل اربين انسانن ۾ ڪو ڪو ماڻھوءَ موتي داڻو ھوندو آھي، پوءِ اھو ڀلي دنيا جي ڪھڙي به ڪاري ڪُنڊ يا غار ۾ جنم وٺي. شھر ھجن يا ٻھراڙيون، بلند پھارن جي چٽانن واريون چوٽيون ھجن يا سمنڊ جا ٻيٽ، گجگاھ ٻيلا ھجن يا گھاٽا جنگل، رش ۽ پيھو پيھه وارن شھرن ۾ اُڀ ٽڪرائيندڙ عمارتون ھجن، يا برپٽ بيابان، يا ريگستاني رُڃ ھجي. اھو امَلھه ماڻڪ جھڙو ماڻھو جتي به ڄمندو ۽ وڌي وڏو ٿي، ھڪ ”درِ يتيم“ موتيءَ وانگر پنھنجو پاڻ مڃائيندو. اھڙو ماڻھو پنھنجي مُدبرانه، ھوشمندانه، اڪابرانه، اعلى عظمت، صلاحيت، قابليت ۽ البيلي انداز سان ڪنھن به قسم جي بگڙيل، بکريل، بيڪار ۽ بدمزاج معاشري کان بي پرواھ، مُنھن موڙي بيزار ٿي، ڄڻ اونداھين آسمان وچان چوڏھينءَ جي چنڊ جيان، آب ۽ تاب سان نکري، نروار ٿي بيھندو آھي، پوءِ سچائيءَ واري اڻ مٽ روشنيءَ جي جِيوَت واري جوت جلائي، جھان وارن کي جوڀن ۽ جوھَر ڏيکاري، ھن سنسار ۾ امن ۽ سونھن جي سرسي ڪندو آھي. بنگلا بازارون، باغ بستان، محل ماڙيون، ڌن دولت، عيش عشرتون، ڏک سک ۽ قربانيون ھن جي راھ ۾ رڪاوٽون نه بنبا آھن، جيئن شاھ صاحب چوي ٿو ته:
    ڀلا نه ڀيلين، گھمن باغ ۾،
    موڙي مڃر ٽاريون، تسيا ڏين تن،
    اھڙا ئي آھين، جي بازي کڻن ٿا باغ ۾.
    (شاھ)
    اھڙو عظيم انسان پنھنجي خداداد صلاحيتن جي بنياد تي ڏيھه جي ڏُليل، ڏُتريل، ڏڪاريل، ۽ ڏکايل انسانن لاءِ باعث رحمت، ھر حال ۾ ساٿ ڏيندڙ ساٿي، ڀرجھلو، آسرو، غمخوار ۽ مددگار بنجي بيھندو آھي. منحوسن، حاسدن، بخيلن، بي رغبتن، منافقن، موقعي پرستن ۽ موذين کي مات ڏيڻ سندن مقصد ھوندو آھي. اھي ماڻھو پنھنجي پيغام ۽ عمل سان ديس جي دُکي انسانن کي خوشين جي خزانن سان مالامال ۽ منور ڪري ڇڏيندا آھن. جيئن شاعر ڪشنچند بيوس چوي ٿو:
    جلي جي ٻين کي سھائو ڏين ٿا
    لکين گھور تن تان پتنگا ٿين ٿا.
    الله پاڪ طرفان موڪليل سڀ نبي، ولي، صالح، پرھيزگار، صديق، غوث، قطب، ابدال، شھيد، مذھبي رھنماءَ، سخي، سچا صوفي، حق گؤ شاعر، انصاف ڪندڙ بادشاھ، اڳواڻ، سردار، اديب، سُگھڙ، علم کي عام ڪندڙ عالم، استاد ۽ ڪائنات جي پيدائش بقا، ۽ فنا بابت سوچيندڙ سڀ انسان ھن ڳالھه جو ثبوت آھن، جي سندن نالا لکجن ته ڪيئي ڪتاب ڀرجي وڃن. تاريخ گواھ آھي ته ذڪر ڪيل وصفن وارا ماڻھو پنھنجي قول ۽ فعل ۾ سچي سون وانگر صفا صاف ۽شفاف ھوندا آھن، سندن صلاحيتن واري چِٽي ساک جو ڪوبه علم ۽ عقل وارو ماڻھو انڪاري نه ٿيندو. ھي سڀ سڀاڳا سرواڻ قومن جو سرمايو ۽ ورثو ھوندا آھن. قومون اھڙن فردن تي ناز ۽ فخر ڪنديون آھن. اھڙن املھه ماڻڪ موتين مان حافظ محمد نظاماڻي به ھڪ آھي.
    حافظ محمد ولد فقير آدم خان نظاماڻي جو جنم، 1954ع ۾ ڪڙئي گھنور شھر کان ٽي ڪلوميٽر جي فاصلي تي، ڳوٺ سھراب خان نظاماڻي۾ ٿيو. انھن جو پاڙو زرداراڻي نظاماڻي سڏجي ٿو. شروع کان ئي حافظ محمد نظاماڻيءَ کي ڪنھن اسڪول ۾ پڙھڻ لاءِ نه ويھاريو ويو ھو. اٺن سالن جو ٿيو ته سندس پيءُ کيس ڳوٺان وٺي ماتلي شھر ۾ آيو، ۽ نظاماڻين جي پاڙي واري مدني مسجد ۾ مرحوم حافظ احمد ورياھ جي مدرسي ۾ داخل ڪرايو، جتي حفظ واري تختي پڙھيو. ان وقت ھيءَ ننڍڙو محمد، جڏھن پڙھائيءَ کان واندو ٿيندو ھو ته مسجد ٻاھران پاڙي جي ٻارن، جوانن ۽ پوڙھن سان بنا حجاب جي رلِي ملي ڪچھريون لايو ويٺو ھوندو ھئو.
    ھيءَ سنه 1965ع جي ڳالھه آھي، جو ان وقت نظاماڻين جي پاڙي ۾ منھنجو ڪُتر جو ڪارخانو ھوندو ھو. ھيءُ (محمد) واندڪائي ۾ مون وٽ به اچي وھندو ھو، ۽ عجيب انداز سان فصيح ۽ بليغ زبان سان گوناگون گفتا ڳالھائيندو ھو. منھنجي ڪچھري به کيس گھڻو مزو ڏيندي ھئي ۽ مون وٽ به ڪافي وقت وھندو ھو. آئون ان وقت ئي کيس چوندو ھئس ته محمد! تون ھڪ ڏينھن ھنرمند، عالم، شاعر يا اڪابر ماڻھن جي قطار ۾ بيھندين. ھيءُ چوندو ھو ته ماما! مون کي مائٽن ڪجھه به نه پڙھايو آھي، رُڳي قرآن مجيد پيو پڙھان، مون کي سنڌي ۾ پنھنجو نالومس لکڻ اچي ٿو. ھن وقت به حافظ صاحب پنھنجو نالو ۽ ڪجھه وڌيڪ لکي سگھي ٿو. ان کان پوءِ حافظ احمد ورياھ ماتليءَ مان مدرسو کڻي سندس ڳوٺ ڀرسان علي پور ويو، ۽ ھن ننڍڙي کُٿابي کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو. علي پور جي مدرسي ۾ محمد قرآن مجيد حفظ ڪيو، ۽ حافظ محمد جي نالي سان سڏجڻ لڳو. ان کان پوءِ واپس ڳوٺ ويو جتي مجازي عشق جي وَرَ چڙھي ويو ۽ شاعريءَجو آغاز ڪيائين. اچانڪ سندس طبيعت خراب ٿي پيئي، گھڻي علاج ۽ دُعائن کان پوءِ سندس طبيعت ۾ سڌارو آيو. ھڪ دفعي ٻن ماڻھن سھاري گھٽي مان آيو پئي، ته اوچتو مجازي محبوب لانگھائو ٿيو، شھر ٻَڌائين، مجازي عشق جو پھريون شعر ڏجي ٿو؛
    نڪو ديدن ۾ دم ھوندو، نڪو دلبر جو ڌڪ لڳندو،
    نڪي ھاڻي نھاريندس، نڪي شاھد کي شڪ لڳندو.

    مجازي عشق کان ٿڙي معرفت جي منزل ڏانھن راغب ٿيو، جنھن رڱي ريٽو ڪيس ۽ حقيقيءَ جي منزل ماڻيائين. سندس قلب تان ڪٽ لھي صاف ٿيو. حقيقي منزل بابت چيل شعر ھيٺ ڏجن ٿا.
    تون پنھنجو ننگ سڃاڻ پرين
    مون کي معاف ڪري ڇڏ ھاڻ پرين

    عجب تنھنجي در جي عنايت ڏٺي مون
    روئڻ راتو ڏينھن جي روايت ڏٺي مون

    منھنجي نينھن ڪئي ننڊ آھي حرام
    ڏنم سجدو سڄڻ کي ڪري عشق امام

    حافظ صاحب جنھن ڳوٺ ۾ جنم ورتو، اھو ڳوٺ علم و ادب کان پري، انساني اخلاقن وارين وصفن کان بنھه وانجھيل، جاھليت ۽ جھنگل جي تھذيب وارو ڳوٺڙو آھي، سندس ڳوٺ متعلق حافظ خود شاعريءَ ۾ چوي ٿو ته:
    جتي علم ادب جي کوٽ آھي
    اھو منھنجو پنھنجو ڳوٺ آھي
    حافظ صاحب پاڻ شاعريءَ جي حوالي سان شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ، سچل سرمست ۽ مولوي احمد ملاح جو مداح آھي، صوفيانه ڪلام ۾ حافظ صاحب خود پاڻ به نرالي ۽ جداگانه حيثيث رکي ٿو. سندس صوفيانه شعر ھيٺ ڏجي ٿو:
    ھر مذھب ۾ تنھنجو ھُل
    توئي خلقيا عشق عقل

    منھنجي وجود ۾ روز وسين
    اَل انسان جو اھنج ڏسين

    خالي ھٿن سان آئون، ھٿيار تنھنجي ھٿ ۾
    دانھن سان مون به دنگ ڪيو، ديدار تنھنجي ھٿ ۾

    حافظ صاحب لاڙ جو ھڪ يگانو شاعر آھي، جنھن پنھنجي شاعري ۾ نه صرف لاڙ پر پوري قوم کي جنجھوڙي، اگھور ننڊ مان اٿاريو آھي. سنڌ ڌرتي ۽ قوم سان جيڪو ويڌن وھي پيو، ان جو کُلي عام ذڪر ڪيو اٿس، جيئن چوي ٿو ته؛

    نڪو شھر وارن سان ھوندي شڪايت، نڪو ڳوٺ وارن سان ڳالھيون ڪبيون،
    اسين فرض پنھنجو نڀاھي وينداسين، مٺي قوم کي ڇا ميارون ڏبيون!


    جو دادلو درياءُ سڏبو ھو، اڄ تنھن جو ناھي ڇو ڪو ڌڻي
    ڇا وارث تنھن جا وڪامي ويا، يا ڪا تن کي واءُ کڻي


    ڀٽائيءَ جا ڀاتي ھتي بک ماري، ھي ڀوتار خوني بھاري گھرن پيا
    ٻُڌي ڇڏ تون ھاڻي انھن کي ڏبي ٻنڌ، جيڪي سنڌ ڏانھن مرض موذي سُرن پيا

    حافظ صاحب ڪن شعرن م ڏاڍن ۽ ھيڻن جا احوال بي باڪي ۽ بھادري سان بيان ڪيا آھن، مختيار ۽ مجبور انسانن جون عادتون، مجبوريون، فضيلتون۽ فرق ٻڌايا اٿس. جيئن چوي ٿو ته:
    ھو لڙڪ ته ڏس لاھياريءَ جا
    ٻڌل ٻار آھن ٻانھياريءَ جا


    ڪاٺ جي پورھئي تي ھي ڪنواريون گھر بنا گذران پيون ڪن
    ھٿ ۾ ھٿڙو حال اھو ھر ڪنھن کي ڏس حيران پيون ڪن

    حافظ صاحب، غاصبن، غدارن، بي ضميرن، جابرن، ظالمن، بخيلن، بزدلن، منافقن، لوڀين ۽ لالچين تي پڻ پنھنجي شاعريءَ ۾ لعنت ۽ ملامت ڪئي آھي. جيئن چوي ٿوته :

    تون بي ضمير آھين، تڏھن امير آھين
    پئسي جو پٽ سڏئي ڪنو خمير آھين.

    حافظ پنھنجي شاعري ۾ عورتن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ به بيان ڪيو آھي ۽ انھن سان گڏوگڏ سندن حقيقي ترجماني به ڪئي اٿس، جيئن چوي ٿو ته؛

    نبي ۽ ولي جنھن جو نيپاج آھن
    تنين کي ڏنا سُور سماج آھن

    حافظ صاحب مذھبي حوالي سان حمد،نعت، قصيدا ۽ مناجاتون پڻ چيون آھن. جيئن ته حافظ صاحب قرآن مجيد جو حافظ آھي، تنھن ڪري پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪنھن به موڙ تي مذھبي، اخلاقي، ادبي ۽ سچائيءَ جي پھلوءَ کي نه ڇڏيو اٿس، الله پاڪ جي وحدانيت ۽ پاڻ سڳورن جي سنت جو سچائيءَ سان ساٿ نڀايو اچي. حافظ صاحب انسانيت جي ناطي بابت چوٽ جي شاعري ڪئي آھي. جيئن چوي ٿو؛
    ڪنھين وٽ گوڏ ڪانھي ڪا، ڪنھين لئه روز نئين گاڏي
    ٻنھي جو ساڳيو آ ڏاڏو، ٻنھي جي ساڳي آ ڏاڏاي.
    حافظ صاحب کي شاعريءَ ۾ الله پاڪ اھڙي ته سمجھه، بصيرت ۽ فرواني عطا ڪئي آھي، جو لفظن جو ھڪ طرف موتين مثل بحر بي ڪنار ڄڻ سمنڊ اُڇلي ڇڏي ٿو، ته ٻئي طرف جملن جو سانوڻ جي مينھن مثل وسڪارو لايو ڇڏي. ھڪ ئي نشست ۾ سؤ ٻه سؤ شعر چئي وڃي ٿو.
    حافظ پنھنجي شاعري ۾ لاڙ جي لھجي سان سنڌي ٻوليءَ جا خالص، نج، شانائتا، پُرڪشش، پُرلطف ۽ اھڙا ثرائتا لفظ استعمال ڪيا آھن، جو ٻڌندر دنگ رھجي وڃن ٿا ۽ اھي بيشڪ تمام گھڻو داد لھن.
    مون حافظ صاحب جون ڪيتريون ئي محفلون ٻڌيون آھن، پوءِ ڪي رات جو ته ڪي ڏينھن جو. جڏھن به حافظ صاحب محفل پوري ڪري اجازت گھرندو آھي، ته ماڻھن طرفان بار بار يَڪ آواز ھي ئي الفاظ ايندا آھن، ته سائين اڃا ڪُجھه ٻڌايو. اھي صدائون ۽ آواز بيشڪ سندس لاءِ احترام، اعزار ۽داد آھن.
    حافظ صاحب جون ڪيتريون ئي مڃيل شاعرن ۽ سگھڙن سان محفلون، مشاعره پڻ ٿيل آھن. جن ۾ کيس داد جوڳا، ايوارڊ ۽ انعام پڻ مليل آھن. مشھور شاعر مرحوم ابراھيم ”منشي“ حافظ صاحب جي گھڻي عزت ڪندو ھو، ۽ کيس پاڻ کان مٿانھون ڪري مڃيندو ھو. مرحوم ابراھيم ”منشي“ سان ھڪ دفعي مُنھنجي ملاقات، جڏھن رئيس علي محمد خان نظاماڻيءَ ماتلي واري، جي اوطاق ٿي، ته ھڪدم چيائين، ته حافظ صاحب قدرتي ۽ فطرتي شاعر آھي، الله پاڪ شاعري ۾ کيس وڏي عالي ۽ نرالي نعمت سان نوازيو آھي، جيڪا ھر شاعر جي وس جي ڳالھه ناھي.
    حافظ صاحب جي ڳوٺ کان ٿورو ئي پنڌ تي رئيس الھڏني خان نظاماڻي جو ڳوٺ آھي، جتي رئيس الھڏنو خان نظاماڻي ھر ھفتي شاعرن ۽ سگھڙن جون محفلون مچائيندو ھو. الھڏنو خان نظاماڻي پاڻ به وڏو سگھڙ ھو، ۽ استاد غلام حيدر نظاماڻي پڻ مڃيل شاعر ۽ سگھڙ ھو. انھن محفلن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب بدستور ايندو ويندو ھو. حافظ صاحب به انھن محفلن ۾ شاعري جي طبع آزمائي ڪندو ھو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب پنھنجي ڪتاب ”رھاڻ ھيرن کاڻ“ جُلد پھريون ۾ حافظ صاحب جو پڻ ذڪر ڪيو آھي. انھي کان سواءِ کوڙ سارن سنڌي ٻوليءَ جي رسالن ۾، حافظ صاحب جي شاعري جا بي بھا موتي ڇپجي چڪا آھن، ڪيترن رسالن جي تبصره نگارن کيس لاڙ جو سچل سڏيو آھي.
    دل ٿي چاھي ته سوين صفحا ھن نوراني چھري، جمالياتي جسم واري سادي، سودي، سٻاجھڙي، حق گو شاعر، باسُنت بندي جي اسم، جسم، علم، عقل۽ زندگيءَ تي لکي ڇڏيان، جيئن ايندڙ نسلن کي خبر پوي ته سنڌ وقتن به وقتن ڪھڙا اعلى ۽ عظيم انسان پيدا ڪيا آھن.
    جس لھڻي مسٽر عبدالجبار ”قاسم“ نظاماڻي جنھن سمنڊ جي تري ۾ ٽٻي ھڻي، ڳوٺ سھراب خان نظاماڻي جي سُتل سپ جي پيٽ مان ھي موتي ڳولي ڦولي ڪڍي ميدان تي آندو. حافظ صاحب جي شاعري گڏ ڪري لکيل نه ھئي، ڪي ماڻھو ھن کان رسالن يا ڪتابن ۾ ڇپائيءَ لاءِ شعر وٺندا ھئا، ۽ انھن کي زباني ٻڌائيندو ھو، جيڪي پاڻ لکي ويندا ھئا. ھن وٽ ڪو به شعر به لکت ۾ محفوظ نه ھو. مسٽر عبدالجبار ”قاسم“ نظاماڻي حافظ صاحب جي حافظي کي داد ڏي ٿو، ۽ چوي ٿو، ته ھر شعر زباني ياد ڪريو ويٺو آھي. وڌيڪ ٻڌايائين ته پھريائين حافظ صاحب راضي نه ٿئي، پوءِ مس راضي ٿيو. کيس ھن مجموعي لکڻ ۾ ڪافي محنت ڪرڻي پئي. مسٽر عبدالجبار ”قاسم“ نظاماڻي، جيڪو پڻ ھڪ ھڪ بھترين ليکڪ، اديب، عالم ۽ علم دوست ماڻھو آھي، جيڪو خاص ڪري لاڙ پٽ ۾ جيڪي به اھڙا ماڻڪ موتين جھڙا ماڻھو، سندن علمي ۽ ادبي خزانو گمنام، لِڪيو، وِڃايو يا ٽڙيو پکڙيو پيو آھي، انھي کي ميڙي چونڊي گڏ ڪري، موتين جي مالھا وانگر ھڪ سڳي ۾ سبي نِکار ڏيئي، نروار ڪري وڃايل ورثا واپس ورائي ڏي ٿو. جيئن قوم کي خبر پوي ته سندن ئي لوڪ جا قيمتي ۽ ڪلادار مرجان ۽ موتين کان مھانگا ماڻھو ڪٿي لِڪا پيا آھن. مسٽر عبدالجبار ”قاسم“ نظاماڻي ھن کان اڳ ۾ ”لڳي جيءَ ۾ جھوري“ ڪتاب ڇپائي چڪو آھي.
    ھڪ شاعر يا اديب جومواد حاصل ڪري، ھُو به ھُو سندس مرضيءَ ۽ منشا مطابق ان کي ترتيب ۽ طريقي مطابق تيار ڪري، پريس مان ڇپائڻ ڪا ٻارن واري راند نه آھي، ھيءُ تمام ڏکيو ڪم آھي اھا انھن کي خبر ھوندي جيڪي انھي ڪم سان واسطو رکندا ھوندا.
    شابس ھجي عبدالجبار ”قاسم“ نظاماڻي کي، جنھن ھن ڪم ۾ ھٿ وڌو. الله پاڪ کيس اجر ڏيندو، ڇاڪاڻ ته حافظ جي شاعريءَ ۾ ظالمن خلاف جھاد جو اعلان آھي، مظلومن جي داد رسيءَ لاءِ دعا آھي ۽ ڀٽڪيلن لاءِ روشني ۽ نِجات آھي.

    محمد عالم نظاماڻي


    لاڙ جو لعل : مولوي حافظ محمد رمضان مھيري

    حضرت پير سائين سيد محمد راشد روضي ڌڻي رحه جي فيض مان جن حظ حاصل ڪيو ۽ رچي ريٽو ٿيا، انھن مان حضرت پير سائينءَ جي تعليمات جو جامع ۽ شارح مقبول بارگاه رب الودود، حضرت خليفه محمود فقير رح نظاماڻي به ھڪ آھي. اھڙن بزرگن جي باري ۾ حضرت ڀٽ ڌڻي فرمايو آھي ته ؛

    رچي جي ريٽو ٿيا، ڪين اٻاٽجن نه اوءِ،
    کُنڀ نه کاري تن کي، جي ھالاري ھوءِ،
    توڙي ڌوٻي ڌوءِ، ته به لالي تھين نه لھي.
    (شاھ)
    حضرت خليفه محمود فقير رح، نظاماڻي برادريءَ مان سھراب خان جي نالي سان سُھراباڻي پاڙو ٺھيو. انھن سُھراباڻين جي پاڙي ۾ ٻيو پاڙو زردار اڻين جو آھي، جيڪي پڻ خليفه صاحب سان برادريءَ ۾ واڳيل آھن. انھن زرداراڻين مان فقير آدم خان جي گھر ۾ ھڪ ٻار جنم ورتو، جنھن ٻار جو نالو نبي سائين صه وارو مِٺو نالو رکيو ويو. ڪنھن کي خبر ھئي ته اھو ٻار اڳتي ھلي سچل سائين ۽ ڀٽائيءَ وارو دڳ وٺندو. رئيس آدم فقير جي گھر ۾ جنم وٺندڙ ٻار، ڀٽائيءَ وارو گس ڇو نه وٺي، جڏھن ڀٽائي رح جي پيرا گھمايل سرزمين ”ڳٽي درياءُ“ ۽ ”پٽھيل درياءُ“ جو پاڻي پيتو اٿس. حضرت شاھ عبدالطيف شاھ ڀٽائي رح جڏھن پٽھيل تي آيو ھو، تڏھن پٽھيل سُڪي ويل ھو، جو فرمايائون ته:

    پٽھيل تو ۾ پُور، اڳيون آھِ نه آب جو،
    سُڪين ڪھڙي سُور، پيئي واري وچَ ۾.
    (شاھ)
    ٻئي طرف حضرت پير سائين روضي ڌڻي رح جي روحاني فيض ۾ مريد ھجڻ جي ڪري، سندس مزاج ۾ ظلم سان بغاوت ۽ ظالم سان مھاڏو اٽڪائڻ، مظلومن جي حمايت ۽ مدد، وطن تان سر گھورڻ ماروئڙن سان محبت واريون ڳالھيون حافظ صاحب جي شاعريءَ ۾ توھان کي جاءِ بجاءِ نظر اينديون. اھو سڄو ڪرشمو ان روحاني اثر جو آھي، جنھن سان حافظ صاحب وابسته رھيو آھي. حضرت گرھوڙي سائين رح پنھنجي شعر ۾ چيو آھي ته :

    متان کائين کِچڻي، حاڪماڻي ھنڌان،
    رڌي ھوندائون رت ۾، ماري مسڪينا

    حافظ صاحب ان شعر تي عمل جي ڪوشش ۾ رُڌل نظر ايندو آھي. معاشري ۾ ٿيندڙ برايون، ناانصافيون ۽ معاشي ناھمواريون ۽ ان سان گڏوگڏ حُسن ۽ عشق جا داستان، سياسي تنظيمن ۽ تحريڪن جا اثر معاشري تي سڌي ريت پون ٿا. حساس شاعر معاشري جو فرد آھي. جنھن تي انھن ڳالھين جو وڌيڪ اثر پوندو آھي. پوءِ حساس دل وارو شاعر پنھنجي شاعريءَ ۾ اھي سڀئي رنگ چٽيندو آھي.
    حافظ صاحب جي شاعريءَ ۾ ھيءُ شعر ان ڳالھه جو شاھد آھي ته ڳالھه ھن طرح ھئي، ته سرور پير رح جي ميلي ۾ ھڪ حسينا پوپري ڳائي رھي ھئي، ھن علائقي جو بااثر وڏيرو باز وانگر ان ڪبوتريءَ کي جھٽي وٺي وڃي ٿو. حافظ صاحب اھو منظر ھنئين چٽيو آھي.

    پُوپري پورھيو پي ڪيو، پرمار تيسين اُت پُڳو،
    ڳالھه ڳائڻ جي ھلي پي، مون ٻڌو روئڻ رڳو،
    اُن ستم تي ڇو ڀلا، نه ٿي سيڪ سرور کي لڳو،
    ڪنھن شڪاري ڏِس، جتي ڪيڏو آھي ڪلُور ڪيو.

    ڪڏھن ڪڏھن حافظ صاحب پاڻ متعلق به شاعري ڪري ويھي رھندو آھي. ھونئن به شاعري جيڪا مشاھدي کان پوءِ دل مان اڌما ڏيئي نڪرندي آھي، ان جي اھميت مٿانھين ھوندي آھي. ھڪڙي دفعي حافظ صاحب رات جي وقت ميرپور بٺوري کان سندس ڳوٺ ڏانھن اچي رھيو ھو. اسڪوٽر جھمپن ۾ حافظ صاحب کي ڪرائي وڌو، وڏي نقصان کان سائين بچي ويو، پر سندس ھٿ ڦٽجي پيو. جنھن تي في البديه شعر ٺاھيائين، جنھن جا ابتدائي بند ڪجھه ھن طرح آھن.

    متان ڀُلجي بٺوري مان، سڄڻ ڪو سج لٿي نڪري،
    قضا سان جي ڪري پيو، پوءِ ورھن تائين نه ڌَڪ وسري.
    ائين ئي اوچتو آئون به نڪري پيس نومبر ۾،
    اھا تاريخ ارڙھين ھئي وڃي ڪِريس وڏي وَرَ ۾،
    چڱي ٿي کورواھ چوڪ وٽ کائي لڳس خر ۾،
    الله ڪري نه اسڪوٽر گڏ گاڏي سان ڪو ٽڪڙي.

    فارسي زبان جي وڏي شاعر مولانا جلال الدين رومي رحه پنھنجي شاعريءَ ۾ ”مثنوي شريف“ خود جمع ڪونه ڪئي ھئي. بزرگ وجد جي حالت ۾ شعر چوندو ويندو ھو، سندس معتقد اھي لکي ويندا ھئا. اھڙيءَ طرح سرتاج الشعراءَ حضرت ڀٽائي رح به پنھنجا بيت خود ڪونه لکيا، پر خليفن ۽ فقيرن، ”گنج شريف“ جي نالي سان اھي شعر رسالي ۾ گڏ ڪيا.
    اسان جي ممدوح حافظ سائينءَ جي شاعري به ائين آھي. سائين پاڻ ڪونه لکي آھي، سائينءَ جي شاعري پھريان سائين عبدالرزاق مھيري گڏ ڪرڻ ۽ لکڻ شروع ڪئي، ان کان پوءِ عبدالجبار ”قاسم“ نظاماڻي ماتليءَ واري وڏي ھمت ڪري توھان جي ھٿن تائين پھچائي آھي.
    حافظ صاحب في البديع شاعر آھي، جنھن کي سوچڻ ۽ لفظن جي بندش جي ضرورت ڏانھن ڌيان ڪرڻ جي ضرورت نه آھي. لفظ خود سائينءَ جي دل تي تري اٿن ٿا. سائين رڳو انھن کي نظم جي روپ ۾ ظاھر ڪري ٿو. حافظ صاحب جي شاعريءَ ۾فطرت جي منظرنگاري، ويڪائو وڏيري جي مذمت، علماءِ سُوءِ، بي عمل مُرشدن کي تنبيھه، بدمعاش، ٺڳ واپاري سان گڏوگڏ حڪومتي ڪارندن کي پڻ ھدايت ڪيل آھي.
    سائينءَ جي شاعريءَ ۾ غزل، مولود، مدح، وائي بيت، ڪافيون شامل آھن، مطلب ته سائين شاعريءَ جي ھر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آھي. آخر ۾ آئون انھن دوستن جو ٿورائتو آھيان، جن ھڙان وڙان ڪري سائينءَ جي شاعريءَ کي منظر عام تي آندو، ھن ڪتاب جي شايع ٿيڻ سان سنڌي شاعري ۾ قيمتي مواد جو پڻ اضافو ٿيندو.

    مولوي حافظ محمد رمضان مھيري
    بجاري شريف، کورواھ، ضلعو بدين.


    ڪجھه آئون به چوان : عبدالرزاق مھيري

    اڄ کان اندازن 33 سال اڳ جي ڳالھه آھي، جڏھن آئون عبدالرزاق مھيري، حافظ محمد نظاماڻي، ماتلي جي نظاماڻي محلي واري مدرسي ۾ گڏ پڙھندا ھئاسون، ۽ آئون فارسي ڪلاس ۾ پڙھندو ھئس ۽ حافظ صاحب شعبه حفظ ۾ داخل ھو. زماني جي حالتن کان بي خبر ھئاسون. گڏجي فقر وٺندا ھئاسون، ڪڏھن ٿالھه فقر وارو منھنجي مٿي تي ۽ کير وارو لوٽو حافظ جي ھٿ ۾، ته ڪڏھن ٿالھه فقر وارو حافظ صاحب هي مٿي تي ۽ کير وارو لوٽو منھنجي ھٿ ۾. حافظ صاحب جو والد مرحوم آدم فقير نظاماڻي ڪڏھن ڪڏھن ايندو ھو ان سان به ڪچھري ٿيندي ھئي.
    ڪجھه عرصي کان پوءِ اسان جي استاد مرحوم سائين حافظ احمد ورياھ صاحب، ماتليءَ واري مدرسي کي خيرآباد چئي ”علي پُور“ ۾ مدرسو کوليو. حافظ محمد صاحب ۽ آئون سائينءَ سان گڏ علي پُور وياسون. علي پُور ماتلي کان پنج ڪلوميٽر پري آھي. علي پُور کان پوءِ سائين حافظ احمد ورياھ صاحب ڊگھڙيءَ ۾، مير محله ۾ ”مدرسه مطلع العلوم“ ۾ پڙھائڻ شروع ڪيو. آئون سائينءَ سان گڏ ويس ۽ حافظ صاحب مون کان جدا ٿي ويو. فارسي جو شعر آھي ته:

    ماه مجنون ھم سبق بوديم در ايوان عشق
    او بسحرا رفت و مادر کو چمه رسوا شديم

    ترجمه: آئون ۽ مجنون ھڪڙي عشق جي اسڪول ۾ گڏ پڙھندا ھئاسون ۽ پوءِ ھن وڃي جھنگ وسايو ۽ اسين ھتي گھٽين ۾ دربدر پيا ڦرون.

    حافظ صاحب شاعري وارو گس ورتو، اڄ حافظ صاحب اھا ڳالھه ڪري ٿو، جيڪا لطيف سائين ۽ سچل سرمست ڪئي آھي. ائين سمجھو ته حافظ صاحب انھن جو ترجمان آھي. جيئن حافظ صاحب چيو آھي.

    نينھن ، جيڪي نيش
    ڪنڌ ڏنا تن پنھنجا ڪيش
    وري چوي ٿو:
    برھ ڀاڳ منھنجا اچي ڪيا ڀلا
    ادا عشق کان اڳ ھيا ھٿ ٺلھا

    ٻئي ھنڌ چوي ٿو:
    خالي ھٿن سان آئون ھٿيار تنھنجي ھٿ ۾
    دانھن سان مون دنگ ڪيو ديدار تنھنجي ھٿ ۾

    محبوب لاءِ چوي ٿو:
    تنھنجي قدم ھيٺان شل روز ڪُسون
    تون موت ڏسين اسين منھن ته ڏسون.

    سڄڻ صدمن سھڻ جي سھپ مون ۾ ھاڻ ڪانھي ڪا
    تنھنجي مرضي جي ائين آھي ته پوءِ ڇڪتاڻ ڪانھي ڪا

    حافظ محمد صاحب سان منھنجو رشتو اڄ به ان مدرسي جي زماني وارو پيو اچي، جتي به ملندا آھيون ته ائين ڀانئيندا آھيون ته ھينئر به گڏ پيا پڙھون. جتي به حافظ کي ڪو سڏ ڪندو آھي، ته مون کان سواءِ ھو ڪونه ويندو آھي. ھن جو مون سان جيڪو ناتو آھي ان جي ڪھڙي ڳالھه ڪريان! الله ڪري اھا محبت ۽ پيار ھميشه رھجي اچي. (آمين)
    جس لھڻي مسٽر عبدالجبار ”قاسم“ نظاماڻي جنھن پنھنجو قيمتي ٽائيم ڪڍي ھن خير جي ڪم ۾ ھٿ وڌو آھي، الله سائين ھن کي سگھه ڏيندو، ھن ڪتاب کي ڇپائي عوام آڏو پيش ڪندو. سندس جدوجھد کي سلام آھي.

    عبدالرزاق مھيري
    ڳوٺ مولوي حاجي علي محمد مھيري
    ڪڙيو گھنور، بدين
    03012845027


    حافظ نظاماڻي لاڙ جو سچل : عزادار حُسين خواجه

    جسامت ۽ شڪل ۾ مولوي، جنھن کي مُلان ڏسي فخر ڪن. ڪردار ۾ فقير مزاج، الستي، باشريعت ۽ قلندري. جنھن جي انگ انگ مان سچ ۽ حق جي خوشبو اچي، جنھن کي سچ ۽ حق جو پرچاڪ پنھنجو تاج بڻائين، جيڪو ڪنھن به پليٽ فارم شھيدِ انقلاب فاضل راھو جي ورسيءَ جو ھجي، ڪو ادبي ميڙاڪو ھجي، ڪا موالين جي محفل ھجي يا سوالين جو تڏو ھجي، يا وري سھڻي ڪردار جي عڪاسي ڪندڙ صادق فقير جي چاليھي جي تقريب ھجي. حافظ نظاماڻي ڇاتي ڇڪي پنھنجي منفرد انداز ۾ سماج جي ھر بُرائيءَ کي نِدي، ۽ سماج جي گڻن کي ھمت بخشي، ھر جڳھه تي محبت جو پايو نظر ايندو ۽ ڀوتارن جي لڇڻن جون کلون لاھيو ڇڏي. رب العزت انھي عظيم شخص کي شاعريءَ جو فن عطا ڪري، مظلومن جي رھنمائي ڪرڻ لاءِ ھڪ اھم مقصد سونپيو آھي. جنھن سان سچائي ڪندي حافظ کي ڏٺوسين. ھيءَ نه ڪنھن کان ڊڄي، نه گھٻرائي. ارڏو شخص ھميشه ڪنھن جي پرواھ نه ڪندي قلم کي رواني ۾ آڻيو، ڪڏُھن ”ڪارل مارڪس“ جون سِڪون پيو لاھي ته:

    ڪنھين وٽ گوڏ ڪانھي ڪا، ڪنھين وٽ روز نئين گاڏي،
    ٻنھين جو ساڳيو آ ڏاڏو، ٻنھين جي ساڳي آ ڏاڏي.

    ڪڏھن ته ”ڀڳت ڪبير“ جا نياپا پيو ڏي، جنھن مان انسانيت جي خوشبوءَ پئي اچي ۽ اسلامي ھم آھنگي نظر ٿي اچي.

    ڪو آ رحمان جي پاسي، ڪو آ ڀڳوان جي پاسي،
    آئون سجدو اُنھي کي ڏيان، جيڪو انسان جي پاسي.
    (حافظ)

    ڪڏھن ته وري ڪٽر پڻي جي منھن تي چماٽ ھڻي چوي:
    مون کي نه روڪ واعظ منھنجي شراب کان،
    باغي آ عشق منھنجو تنھنجي ئي باب کان.
    (حافظ)
    وري ڪڏھن ته شمشيرالحيدري جي پاسي ۾ بيٺي نظر اچي ٿو:
    اوھين جي مُڙس ماڻھو ٿيو، ته دشمن کان درياه واريون،
    (حافظ)

    بھرحال حافظ نظاماڻيءَ کي جڏھن به ڏسان ٿو ته شمشيرالحيدريءَ جا الفاظ ذھن جي ڪُنڊن ۾ ٽڪرائجن ٿا ته دُنيا جو وڏوماڻھو اھو آھي، جنھن جو قول ۽ فعل ۾ فرق نه ھجي، سو حافظ به زمان ۽ مڪان کان پاڪ آھي، سُھڻي سنڌ لاءِ عظيم نعمت آھي، جنھن کي پنھنجي ڌرتيءَ سان حد کان وڌيڪ پيار آھي، جيڪو چوڻ کان نه ٿو ڪيٻائي:

    مڪي ۽ مديني جو ڪو مَٽ ڪونھي،
    مگر سنڌ به منھنجي ڪنھن کان گھٽ ڪونھي
    (حافظ)
    آخر ۾ ايترو ضرور چوندس ته ايڏي وڏي ۽ قد آور شخصيت تي لکڻ ڪو سولو ڪم ناھي،
    آئون جس پيش ڪريان ٿو پياري دوست ھم منصب ليڪچرار عبدالجبار ”قاسم“ نظاماڻيءَ کي جيڪو، ھر وقت حافظ نظاماڻيءَ جي خيالن ۽ افعالن کي پني تان لاھڻ (ڪتاب جي صورت۾) لکڻ ۾ مشغول آھي. بقول حافظ جي ته ٻين نظاماڻين ۾ ھيءُ موتي آھي.
    حافظ محمد نظاماڻيءَ سچ ۽ حق چوڻ کان نٿو ڪيٻائي، ھر جڳھه تي پنھنجي ھستي وجود کي اڳيان آڻيو، وقت جي فرعونن جي لڇڻن کي عيان ٿو ڪري، ھيءَ شخص ذات پات کان پاڪ، لاڙ جي تر ۾ ”سچل“ جي ڪردار جي عڪاسي آھي.

    عزادار حسين خواجه
    ايم اي سي ۽ ايم فل
    قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد
    ليڪچرار
    گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي


    جاکوڙي جوان : منصور منظور نظاماڻي

    اسان جو اباڻو ڪِرت زمينداري پيشو آھي، بابي سان گڏ ننڍي وھي ۾ ديھه ڪانھيڪي واري ٻني تي ويندو ھئس. اتي بابي جو واسطو ڪيترن ئي ماڻھن سان ھو، جنھن مان حافظ محمد نظاماڻي اول نمبر تي ھو. حافظ صاحب سان ملاقات جو موقعو ملندو ھو.
    حافظ صاحب سان حُب ننڍي وھي کان ئي سيني ۾ رکندو پيو اچان ۽ حافظ صاحب جي ڪردار جي حقيقت آئون ننڍي وھي کان ئي ڏسندو پيو اچان، ھينئر آئون جواني واري وھي کان مٿڀرو ٿي چڪو آھيان.
    جڏھن سائين عبدالجبار ”قاسم“ نظاماڻي پھرئين دفع ڪتاب ”باغي آ عشق منھنجو“ ڇپائڻ جي ڪوشش ڪئي ھُئي ته اسان جي ڳوٺ ٽنڊو قيصر نظاماڻي ۾ اچي بابي کي لکيل مواد ڏيکاريو ۽ راءِ ورتي ھُئس، بابي اِھو ئي چيو ته حافظ زيرو ھو ۽ ھاڻ ڪتاب اچڻ کان پوءِ ھِڪ ۾ ليکبو.
    جڏھن سائين عبدالجبار ”قاسم“ نظاماڻي ڪتاب ”باغي آ عشق منھنجو“ ٻئي دفعي ڇپائڻ جو ارادو ڪيو ته سائين عبدالجبار ”قاسم“ نظاماڻي مون سان رابطو رکيو، منھنجو جڏھن ٻني تي وڃڻ ٿيندو ھو، سائين کي ماتلي مان پنھنجي گاڏي تي کڻي حافظ نظاماڻي جي ڳوٺ سُھراب خان نظاماڻي ويندو ھئس. اتي اوطاق تي ويھي سائين ۽ حافظ ۽ عبدالرزاق مھيري مواد پروف ڪندا ھئا. ڪڏھن ڪڏھن پنھنجي ڪانھيڪي واري ٻني واري اوطاق تي ويھي مواد ڏسندا ھئاسون، ڪڏھن ڪڏھن ته رات جو ترسندا به ھئاسون. اھو سلسلو ڪافي قدر ھليو. آخرڪار اھو ڪتاب تيار ٿي ويو، جيڪو ڇپجي اوھان جي ھٿن ۾ اچي چُڪو آھي. اميد ته سڀني پڙھندڙن کي پسند ايندو.

    منصور منظور نظاماڻي
    ٽنڊو قيصر


    ڏات نه پُڇي ذات : پروفيسر خادم حسين کوسو

    ڀَلُڪِيا ڀُوڻنِِ، ڌَڙ کي گڏيو ڌُوڙِ ۾،
    ڳالھيون ڳَھليِ لوڪَ سين، پَڌرِ پَئِي نه ڪَنِ،
    ڪا مُلِ آھي تَنِ، مون پريان جي ڳالھڙي.
    (شاھ صاحب)

    ڪي ڪي انسان ڏسڻ ۾ تمام سادا سودا ۽ اڻ پڙھيل نظر ايندا آھن، انھن انسانن جي باري ۾ ھر ڪو چوي ٿو، اھي ڪجھه نه ٿا ڄاڻن، پر ان جي برعڪس سندن سينو صاف، ٻين انسانن جي ڀلائي لاءِ سوچڻ، ھر وقت نصيحت آميز گفتا چوڻ، جھڙا گُڻ موجود ھوندا آھن.
    اھڙن املھه انسانن مان حافظ محمد نظاماڻي به ھڪ آھي، مون پھرئين نظر ۾ به اھو ئي سمجھيو ھو ته ھي ھڪ عام ماڻھو آھي، پر جڏھن ڪچھري ڪيائين ته مُنھنجا تاڪ لڳي ويا، ڇو ته سندس سيني ۾ اٿاھ علم، ڄاڻ، ساڃاھ ۽ مروت سمايل ھئي. جو ھو ڳالھائيندو رھيو ۽ آئون چپ ڪري ٻڌندو رھيس. سندس ڄاڻ ھر موضوع تي تمام وسيع ھئي. پاڻ ھڪ بي باڪ، عقلمند، ۽ اڏول انسان آغي. خاص طور تي مذھبي ڪٽر پرستي جي خلاف پنھنجي شاعري ۾ واضع طور نمايان ڪئي اٿن.
    حافظ صاحب فطرتي شاعر آھي. اھا کيس قدرت طرفان ڏات مليل آھي ڪڏھن به ويھي سوچي شاعري نه ڪندو آھي. بلڪه پاڻھي پاڻھي اندر مان آواز نڪرندو اٿس ڪچھري جو ڪوڏيو آھي، جو ويھي ته راٽ کُٽي، بات نه کٽي. قدرت ڪامله اھڙو ته ذھن ميسر ڪيو اٿس جو ڪچھري جي ھڪ ئي نشت ۾ ڪيترا ئي نوان نوان شعر ٻڌائي ويندو آھي. سندس شاعري جا ٻه مجموعه ”باغي آ عشق منھنجو“ ۽ ”تاريخ آھي شاھد“ نظاماڻي پبلڪيشن طرفان شايع ٿي چُڪا آھن.

    پروفيسر خادم حُسين کوسو
    پرنسپل
    گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي


    سرس سوايو : ايم. ايم اشھدالله جڳسي

    سون جو مقام ته پنھنجي جاءِ تي، ليڪن پارس کان سرس سوايو نه ھوندو. ھر شاعر جي شاعري جي خوشبوءَ ۽ سرھاڻ پنھنجي جاءِ تي، ليڪن لاڙ جي لعل ”حافظ محمد نظاماڻي“ جي شاعري پوري سنڌ ۾ سوايو مقام ماڻيو بيٺي آھي.
    اھڙي عوامي شاعر جي شاعري کي مرتب ڪرڻ وارو به ڪم انمول موتي ٿي سگھي ٿو. اھو ئي موتي آھي محترم عبدالجبار ”قاسم“ نظاماڻي.
    عبدالجبار ”قاسم“ نظاماڻي کي جيءَ ۾ اِھا ئي لوري لڳل آھي ته سنڌي ادب بابت مواد شايع ٿئي. چاھي اھو ادب جي ڪھڙي به صنف سان تعلق رکندو ھجي. عبدالجبار ”قاسم“ نظاماڻي ڄاڻ جي کاڻ آھي. ڪچھري ۾ ويٺو ته کانس کوڙ سارو نئون مواد معلوم ٿيندو.
    ھن ڪتاب جو ٻيو ايڊيشن به نظاماڻي پبلڪيشن ماتلي ضلعو بدين طرفان شايع ڪيو وڃي پيو، جيڪو اميد ته شاعري واري صنف ۾ عوام ۾ مقبوليت ماڻيندو.


    ايم.ايم اشھدالله جڳسي
    ڳوٺ الھرکيو جڳسي


    مُرتب پاران (دفعو پھريون) : عبدالجبار ”قاسم“ نظاماڻي

    ھڪ دفعي جيئن آئون اسڪول مان نڪري ڦُليلي جي ڪَپ تي آيس، ته منھنجو دوست محمد عالم نظاماڻي نظر آيو، ويجھو وڃي ڪچھري مچائيسين، بس اڃان ڪچھريءَ ۾ محو ھئاسين، ته سامھون گس تان ھڪ سفيد پوش ريش، سفيد ڪپڙن ۽ اجرڪ جي پٽڪي وارو ماڻھو لانگھائو ٿيو. محمد عالم ڌيان ڇڪائيندي چيو ته اھو مشھور شاعر حافظ محمد نظاماڻي سھراباڻي اٿئي. وقت گذرندو رھيو تقريبن ٻن سالن کان پوءِ سائين محمد اسماعيل ميمڻ ٽنڊي باگي واري تنھن ٽنڊي باگي ۾ مولوي احمد ملاح جي ياد ۾ ڏينھن ملھايو. تنھن جي مونکي، دعوت ڏياري موڪليائين. آئون عبدالجبار ”قاسم“ نظاماڻي، مسٽر عزيز ”پارس“ ۽ سائين معظم علي خاصخيلي انھي مانائتي ادبي محفل ۾ شريڪ ٿياسيون. اھا محفل لارينس مدرسه، يعني گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ٽنڊي باگي جي ھڪ ھال ۾ منقعد ڪئي ويئي ھئي. انھيءَ محفل ۾ ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“، تاج جويو ۽ حافظ محمد ۽ پڻ ٻين ڪترن ماڻھن شرڪت ڪئي ھئي. تقريرن جو سلسلو ختم ٿيو ته شعر واري نشست ھلي حافظ محمد نظاماڻي جو نالعبدالجبار ”قاسم“ نظاماڻيو آيو، جنھن پھريون غزل ھيءُ پڙھيو:

    ڪنھين وٽ گوڏ ڪانھي ڪا، ڪنھين لاءِ روز نئين گاڏي،
    ٻنھيءَ جو ساڳيو آ ڏاڏو، ٻنھيءَ جي ساڳي آ ڏاڏي.

    ته محفل ۾ واھ واھ ٿي ويئي. جيئن حافظ صاحب غزل ٻڌائيندو ويو تيئن تيئن محفل مچندي ويئي. حافظ صاحب غزل ٻڌائيندي پاڻيءَ جي طلب ڪئي تاج جويو صاحب خود پاڻي جو گلاس ڀري حاضر ڪيو. ان کان پوءِ ظھر نماز جو ٽائيم ٿي ويو. حافظ صاحب مسجد طرف ھليو ويو ته آئون به نماز لاءِ اٿيس. رستي ۾ اسان ٻنھي جي ملاقات ٿي، ھڪ ٻئي سان حال احوال ڪندا مسجد ۾ داخل ٿياسون اھا اسان جي پھرئين ملاقات ھئي. ان کان پوءِ ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿيو. مون ساڻس شاعريءَ کي لکڻ بابت حال اوريو، ته پھريائين ماٺ ۾ ٻڏي ويو. آخر آئون نه ڇڏ ٿي پيس. چوندا آھن ته لوھ کي لوھ ڪٽي سو مڃي وڌائين. ان کان پوءِ ماتليءَ ۾ نظاماڻي محلي جي اسڪول ۾ حافظ صاحب سان شام ملھائي ويئي. جنھن ۾ محلي جي ماڻھن ۽ شھر جي سڀني اديبن شرڪت ڪئي ھئي. ان کان بعد ڊاڪٽر ربنواز نظاماڻي محله ۾ صافظ صاحب سان رھاڻ ملھائي، جنھن ۾ ڪميونٽي جي اڪثر ماڻھن شرڪت ڪئي. اھا محفل رات جو ھڪ وڳي تائين ھلي جنھن ۾ سوالن جوابن جي نشست به ھلي.
    آخرڪار ھر آچر تي حافظ صاحب جي ڳوٺ وڃڻ شروع ڪيو جتي حافظ سان ملاقات ڪري شعر لکڻ شروع ڪيم. انھي منزل ۾ مون کي ڪيترائي ڏک ڏاکڙا، سفر جون تڪليفون سھڻيون پيون چوندا آھن ته جان، مال ۽ وقت ٽيئي جنھن به شئي تي لڳندا ته ان جو وجود پيدا ٿيندو. سو الحمدالله، حافظ صاحب جي شاعريءَ جو پھريون مجموعو تيار ٿي چڪو آھي جيڪو اوھان جي ھٿن ۾ آھي.
    ڪيترائي تنقيد نگار صاحب اھا تنقيد ڪندا ته ڪتاب ۾ ڪافين، غزلن، گيتن، وائين، مناجاتن، نعتن ۽ مدحن کي الڳ الڳ ڇو نه لکيو ويو آھي، جيئن ته حافظ صاحب جي شاعري ايتري ته حق پرستي واري آھي، جو گھٽ علم وارو ۽ گھٽ سمجھه وارو مولوي ته کيس ڪفر جي فتوى ھڻندي دير نه ڪندو، ڪن شخصيتن تي ته اھڙي تنقيد ڪئي اٿس، جو کيس مارائيندي به دير نه ڪن. قومي درد ۾ ته قوم پرستن کي به مات ڏيئي ويو آھي. ڪامورن تي اھڙا ڇوھ ڇنڊيا اٿس جو متان خطري جي گھنٽي نه وڄي وڃي. ويڙھي رومال ۾ ھڻڻ جي مصداق تحت، عنوان جي بغير سندس شاعري ڪتاب ۾ پيش ڪئي ويئي آھي. انشاءَالله، جي حياتي ساٿ ڏنو ۽ ماحول سازگار رھيو ته سندس شعرن جي شرح جو ڪتاب تيار ڪيو ويندو.
    ڪتاب جي تياريءَ ۾ جن ساٿ سلامت نڀايو، تن جو ذڪر ڪندو ھلان، اول نمبر تي عبدالرزاق مھيري آھي، منھنجي ڪميونٽيءَ ۾ محمد عالم نظاماڻي، محمد رحيم عرف ڪِڪا نظاماڻي، ڊاڪٽر ربنواز نظاماڻي، سائين ولي نظاماڻي، منظور ۽ منصور نظاماڻي (ٽنڊو قيصر) ، مسٽر نورالامين نظاماڻي، شوڪت نظاماڻي، عزيز ”پارس“ ۽ محمد بخش نظاماڻي جا نالا سرفھرست آھن. منھنجن پيارن دوستن مان مسٽر محمد ايوب سنڌي پٺاڻ به تعاون ڪيو. منھنجي شام جي ڪچھريءَ جو مور ماڻھو مرحوم غلام محمد لغاريءَ جو ذڪر به لازمي آھي، منھنجي اسڪول جي عملي ۾ مسٽر شاھد راجپوت، مسٽر غلام فاروق راجپوت به سرفھرست آھن. قابل عزت محترم مولانا نعمت الله الاھي، محمد يوسف مھندو ۽ عبدالرزاق صاحبان به ذڪر جي لائق آھن.
    الرزاق ڪمپيوٽر وارن جو ته ڪھڙو ذڪر ڪريان سي ته منھنجي مٿي جا موڙ آھن انھن جي مڪمل تعاون کان سواءِ ھھڙي انمول ڪتاب جو مارڪيٽ ۾ منظر عام تي اچڻ محال ھو.
    اميد ته ھيءَ ڪتاب عوام ۽ خواص کي پسند ايندو، ۽ سنڌي علم و ادب جي نظم واري حصي ۾ اھم جاءِ والاريندو.

    دعائن جو طالب

    عبدالجبار ”قاسم نظاماڻي
    نظاماڻي پاڙو ماتلي، ضلعو بدين.


    مرتب پاران (ٻيو دفعون) : عبدالجبار ”قاسم“ نظاماڻي

    ڪنھن به ڪتاب جي ٿوروئي عرصي اندر، مارڪيٽ مان ماڻھن جو خريد ڪرڻ ۽ ڪتاب جو اڻلڀ ٿي وڃڻ، اھا ان ليکڪ، شاعر، مرتب ڪندڙ ۽ پبليڪشن جي وڌي مڃتا سمجھبي ۽ چئبي.
    اھڙي نموني سان شاعر حافظ محمد نظاماڻيءَ جو پھريون ڪتاب ”باغي آ عشق منھنجو“ ھٿو ھٿ وڪامجي ويو ۽ مارڪيٽ مان به ختم ٿي ويو. اھو شاعر حافظ محمد نظاماڻي مرتب ڪندڙ عبدالجبار ”قاسم“ نظاماڻي ۽ نظاماڻي پبليڪشن لاءِ وڏو اعزاز آھي.
    سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، ڳوٺن، وسندين ۽ شھرن جي دوستن، عالمن اديبن شاعرن ۽ ليکڪن طرفان اھائي سدا يا گذارش پئي آئي ته حافظ نظاماڻي جو پھريون ڪتاب ”باغي آ عشق منھنجو“ ٻئي دفعا شايع ڪيو وڃي. ماڻھن جي حافظ سان حُب ۽ پڙھندڙ جي چاھت جي اميد تي پھريون ڪتاب جو ٻيو ڇاپو سڌاري ۽ واڌاري سان وري به نظاماڻي پبلڪيشن ماتلي ضلعو بدين جي طرفان شايع ڪيو پيو وڃي.
    ٻئي ڇاپي ۾ شاعري کي ترتيب سان موضوع وار فقري، مناجات، نعت، حافظ جي حُج، صوفي ازم، سماج معاشرو، واقعاتي، سنڌ، سنڌو درياءَ بابت، سنڌ جا لوڪ داستان طالبو مُلان، شخصيت، عورت ۽ التجا ۾ ورھايو ويو آھي، جيئن پڙھندڙن کي آساني ٿئي، ڪٿي ڪٿي نظمن جي ھيٺان فوٽ نوٽ به لکيا ويا آھن، ھن ڪتاب ۾ ڪيترو ئي نئون مواد به شامل ڪيو ويو آھي.
    ھن ڪتاب جي تياري ۾ جن ساٿ ڏنو، انھن ۾ اول نمبر تي منصور، منظور نظاماڻي ٽنڊو قيصر وارا آھن، عبدالرزاق مھيري شروعاتي پروف ريڊنگ ۾ مدد ڪئي، آسي زميني وري به سڄي ڪمپوز ٿيل ڪتاب جي پروف ريڊنگ ڪئي.
    منھنجي ڪاليج جي عملي مان جن جي مشاورت شامل رھي، انھن ۾ پروفيسر مير حسن عرف سليم ڀرڳڙي پروفيسر اعجاز حسين نوتڪاڻي، پروفيسر محمد حسن کوسو، پروفيسر اشھدالله جڳسي ۽ پروفيسر عبدالجبار جمالي جا نالا قابل ذڪر آھن، ڊاڪٽر آزاد قاضي ۽ پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمد لاکو جا ڏنل مفيد مشورا به شامل حال رھيا.
    مزمل صديقي ھن مواد کي ڪمپوز ڪيو الرزاق پرنٽرز جو مالڪ منظور احمد جوڻيجو ۽ سندس ڀاءَ محمد خان عرف ”مور ساگر“ سڄي ڇپائي واري ڪم جا نگران رھيا.
    اميد ته ھي ڪتاب پڙھندڙن کي پسند ايندو.

    عبدالجبار ”قاسم“ نظاماڻي
    ليڪچرار، گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي
    03026225351


    مناجات

    جي مالڪ کي سُڃاتو ٿَئي، ته پوءِ محتاجي ڇَا جِي آ

    جي مالڪ کي سُڃاتو ٿَئي، ته پوءِ محتاجي ڇَا جِي آ
    رَکيو ان سان جي ناتو ٿَئيِ، ته پوءِ محتاجي ڇا جي آ

    عجب مون کي ٿيندو آھي اوھان جي يَر عبادت تي
    ھِنيئين ۾ حقَ ڄاتو ٿَئيِ، ته پوءِ محتاجي ڇا جي آ

    مُلون آھين ته محشر ۾، به پاڻھين خوار پيو ٿِيندئين
    پرينءَ سان پيچ پاتو ٿَئيِ، ته پوءِ محتاجي ڇا جي آ

    قضا جي اڳڪٿين ڪرڻ جو، توکي ڪم ڪھڙو؟
    جي صورت کي سُڃاتو ٿَئيِ، ته پوءِ محتاجي ڇاجي آ

    جي ”حافظ“ جھڙي ھمت ٿَئيِ، ته پنھنجو حال ڳولي وٺ
    قرب جو بند ڪاراتو ٿِئي، ته پوءِ محتاجي ڇا جي !


    ***


    سڀئي وَسَ سائين جي آھي سدا

    سڀئي وَسَ سائين جي آھي سدا
    اسين ڪھڙي اُڻتڻ ڪَريون پوءِ ادا

    نوازش ته ھُن جي نِماڻن تي آھي
    سڄو بار ڏاھن سِياڻن تي آھي
    ڀلائي اٻوجھن اَياڻن تي آھي
    اجايو عقل ڏي نه تون وِک وڌا

    انھن جي آ مرضي کپي سو ڪَري
    ڪندو جيڪو آھي اھو ٿو ڀري
    ڪنھن جي دل ڏکوئڻ کان ٿج تون پَري
    متان ان جي دل مان نا نِڪري ندا

    متان روح ڪنھن جو رَنجھائي وِجھين
    ڪنھن مسڪين کي ھِت مُنجھائي وِجھين
    پنھنجي چُلھه ٻَرندڙ اجھائي وجھين
    خدا جي نظر کان نه ڪو آ جدا

    نيت پنھنجي ھر دم نگاھ ۾ رَکج
    فضيلت وارو ڪو سبق سنئون سکج
    اھا ڳالھه ”حافظ“ جي ھانوءَ تي لکج
    ھنئين ساڻ مُنھنجي نصحيت ھنڊا

    ***


    اي يار مون تي قياس ڪر

    اي يار مون تي قياس ڪر
    اڳيان سخت آھي سفر

    مُون کي گناھن جو تون گس
    اي نفس منھجا ڪِيمَ ڏَس
    تُنھنجي اڳيان مُنھنجي آ بس
    مُنھنجي نه ڪَج ڪاري قبر

    مُنھنجو پرين ٿِج پاتڻي
    اڳي ئي مون سان ٿي آ گھڻي
    شيطان جو گس ڇڏ کڻي
    ڪر نيڪ مون تي ڪا نظر

    تنھنجي ئي تابع ٿي ويس
    تڏھن ته ٻي سڀ کان ويس
    تُنھنجي پٺيان لڳي جِيئس
    ھن عمر جو ڪو ڪو قدر

    تون روح ۾ آھين رَکيل
    آھين سبق سڀئي سِکيل
    تُنھنجي ئي ليکي ۾ لِکيل
    ”حافظ“ جو ڪج سولو حشر

    ***


    ڪجھه نه ڪجھه، مون تي، وري تو، قياس ڪر

    ڪجھه نه ڪجھه، مون تي، وري تو، قياس ڪر
    ھي پرين، پوري تون منھنجي آس ڪر

    ڪي نه ھڙ ۾ آ، ھٿين خالي آھيان
    بي پھچ کي پاڻ تون ئي، پاس ڪر

    مغفرت جي مھرباني ٿو گھُران
    مُحب مون تي ھي عنايت خاص ڪر

    واسطو تُنھنجي وڏائيءَ جو توکي
    موت کان اڳي ئي، مون کي تون معاف ڪر

    ٻيو سڄو جڳ ويو ڇڏي، پر تون نه ڇڏ
    مصطفى صه ، صدقي رضائون راس ڪر

    خال ”حافظ“ جو ھميشه تو اڳيان
    تون نه ڪنھن آدم اڳيان اداس ڪر

    ***


    تُون پنھنجو ننگ سُڃاڻ پرين

    تُون پنھنجو ننگ سُڃاڻ پرين
    مون کي معاف ڪري ڇڏ، ھاڻ پرين

    آئون ڪارو ڪوجھو آھيان ڪنو
    تُنھنجو رحم ته ھر ھڪ تي آ پُنو
    نا اھل کان جنھن ناھي ناتو ڇنو
    اِھو تنھنجو آ، اھڃاڻ پرين

    نَڪو آئون حساب ڪتاب گُھران
    شل تُنھنجي فضل سان، تار تَران
    تُنھنجي معافي نامي سَاڻ مَران
    مون کي ڪونه، کپي ٻيو ماڻ پرين

    مُنھنجي ٻيڙي تي ڪو ٻاجھه ڪَجو
    مون کي ھٿ سان ھلائي ھوت ڏجو
    اوھين”حافظ“ جا شل حامي ھُجو
    پوءِ ڪنھن جي ڪڍان ڇو، ڪاڻ پرين

    ***


    نعت

    جڏھن آيو نبي مُنھنجو، تڏھن ٻيا نَنگ بَدلجي ويا

    جڏھن آيو نبي مُنھنجو، تڏھن ٻيا نَنگ بَدلجي ويا
    آڏي اِسلام جي مَاڙي، بُتن جا سنگ بَدلجي ويا

    اڌورو عشق ھو اڳ ۾، سڄو ٿيو يار سيد تي
    نڪو آدم نَڪي عيسى، سمورو بار سيد تي
    ولھا ٻي واٽ ۾، وَرَ وسيلو، وار سيد تي
    اَحَمد ڄام جي آئي، اڳوڻان اَنگ بَدلجي ويا

    نظارو نور جو آھي، بشر جي بات ڪانھي ڪا
    رَھائش جت آ رانجھن جي، اتي ڏينھن رات ڪانھي ڪَا
    ذڪر ھر ڪنھن زبان تي آ، ته اھڙي ذات ڪانھي ڪَا
    ٿِيو ديدار جو دؤرو، دنيا جا دَنگ بَدلجي ويا

    ھَٽي ويا سڀ حُسن وارا، جڏھن نِرمل نھاريو ھو
    مٿي جبرئيل جي جُوءَ، کان برھ تجلو بيھاريو ھو
    خدا کي روبرو راڻي محمد صه، مُنھن ڏيکاريو ھو
    مليو بخشش جو بُل مون کي، رھاڻيون رنگ بَدلجي ويا

    اھو ”حافظ“ جو حامي آ، ھِتي ۽ ھُتي مُنھنجو ھادي
    مِلي جَنھن جي مُحابي آ، اسان اڀرن کي آزادي
    دنيا ۾ دلربا کان اڳ، وَھندي ھُئي وَيل جي وادي
    جڏھن لالڻ لِيئو پاتو، لَڪيون ۽ لَنگھه بَدلَجي ويا.

    ***


    بخشيم توکي ڀلا، بھشتي ڌَڻِي، اوري ته اَچ

    بخشيم توکي ڀلا، بھشتي ڌَڻِي، اوري ته اَچ
    اُمتي پَنھنجا سڀئي، عربي کڻي، اوري ته اَچ

    لوڪ سڀ تنھنجو، لَقب لولاڪ وارا اَچ لَڙِي
    ھِت جُتي تُنھنجي لَئي جَانِب مون جڳھه آھي جَڙي
    تُون نه موسى جي مثل، جو طور تي آئون ڏيان تَڙِي
    ٻيا نه مون کي اِئين وڻن، جِيئن تُون وَڻِي اوري ته اَچ

    جَڳ سڄو تولئه جيئو، نه ته اِئين نه، جانب آئون جِيئان
    نِينھن آدم ۽ حوا جو ڪِيئن ته داڻي تي نِيئان
    خواه مخواه اِيڏي خُوشامد بھشت ۾ ڀيڙو ٿِيئان
    ڪالھه پاڻي ڪنوار ڪِيئن آدم ڄَڻِي اوري ته اَچ

    قُرب جا ڪَاغذ ٺَھيا، معراج واري رات ۾
    مو جِيھن جو، ھو مسئلو محب ملاقات ۾
    بخش واپس پوءِ وڃان، وائي نه ٻي ھُئي وات ۾
    عيب وارا ڍَڪَ اِتي ڏِيئي اَڻيِن اوري ته اَچ

    ننگ ڀريا ڪج نظر، نادان آھيان آئون نَبي
    دادلا تو در سواءِ، ٻئي ھَنڌ نه اھڙي دَانھن ڏِبي
    ڀروسي تُنھنجي تي بيشڪ ھي بندياڻي بخشبي
    ڏِج پيارا پاند ۾، ڪا پنج ڪَڻِي ، اوري ته اَچ

    واسطو توکي وجھان ٿو، ڪربلا جي قھر جو
    مون ٻُڌو آھي ذِڪر، زھرا جي پُٽ جي زھر جو
    حال ”حافظ“ چَئِي ڏِسو، نورالھدى جي نھر جو
    ڪِئين اڃايل جي اڳيان، رَت پي ڇَڻي، اوري ته اَچ

    ________
    بزم خليفه عبدالله نظاماڻي طرفان ڪڙيو گھنور شھر ۾ مشاعرو ٿيو، جنھن ۾ طرحي مصرع ”اوري ته اچ“ رکي ويئي جنھن تي شاعرن پنھنجي شاعري پيش ڪئي ان طرحي مصرعي تي حافظ محمد نظاماڻي سڄي نعت جوڙي ٻڌائي.

    ***


    ساري حُسن جو تون سردار آھين

    ساري حُسن جو تون سردار آھين
    تون ته ارض و سما جو اسرار آھين

    تُنھنجي اکين کي ايڏو آب مليو
    نه ٿي طور سينا جَنھن جو تاب جھليو
    تنھن مُحب جو توسان ميلاپ ٿيو
    تون شان ڪھڙي ۾ شمار آھين

    جَنھن آگي کي نه آھي ڪابه اَڙِي؟
    نه ٿي توکان سواءِ تَنھن جِي گذري گھَڙِي
    جَنھن جي سُونھن ڏسي ويو طُور سَڙِي
    تَنھن جي ديدن جو ديدار آھين

    تُنھنجا روپ سوين ھتي رَنگ ڏِٺَم
    ڪَئيِن نگي وڏا توتي ننگ ڏِٺَم
    توتي دلبر حُسن جو دنگ ڏِٺَم
    سڀ لوڪ جو تون سينگار آھين

    مُنھنجو عرض سُڻي احسان ڪَريو
    پَنھنجي دَر جو کتي دربان ڪَريو
    ڪِيئن نه ”حافظ“ کي حيران ڪريو
    تون حامي جنھن جو ھربار آھين

    ***


    محمد جي صدقي ميٽي ڇَڏ مَدايُون

    محمد جي صدقي ميٽي ڇَڏ مَدايُون
    اسان جو ھُو آھي اَسين ھُن جا آھِيون

    گناھن ۾ ھِتي ئي گرفتار آھيان
    مڃان ٿو اي مالِڪ گنگھار آھيان
    چيو تونه غم ڪر آئون غفار آھيان
    ڳَڻن کان مٿي ڳڻ تنھنجا ڪھڙا ڳايون

    ھرو ڀرو حرامين ھَلان مون تي ڪئي آ
    مُنھنجي دانھه دربار ۾ تُنھنجي ۾ وَئي آ
    قبوليت ۾ ڇو ڪونه ڇاڪاڻ پئي آ
    ھميشه تون ھِيڻن جُون آنھون اگھايُون

    سي برباد ڪر تون جنين مون سان جھيڙو
    ھلن منھنجي سامھون جيڪي ڪنڌ ٽيڙيو
    ھميشه ھيٺيلن جو تو ٻيڙو ٻوڙيو
    سيد جي ئي صدقي ٿا تو کي ستايون

    سواءِ تنھنجي سائين ٻيو سڻڻ وارو ڪونھي
    ٻڌايان ٻئي کي ٻُڌڻ وارو ڪونھي
    مدد منھنجي ٻيو ڪو ڪرڻ وارو ڪونھي
    ڏيندو تون آھين سوالين کي سوايو

    مون کي حق منھنجو تون مالڪ ڏيارج
    ڏکئي وقت ۾ تو چيو مون کي پُڪارج
    پنھنجي نيڪ ٻانھن جي صدقي سنڀارج
    جيڪي تنھنجي دَر تي ڪن پيا لاءِ لايون
    ***


    سِدرت المنتھى تي جو ھَلي، تَنھن کي نه ٿو سَمجھين

    سِدرت المنتھى تي جو ھَلي، تَنھن کي نه ٿو سَمجھين
    جسم جَبرئيل جو جَنھن ھنڌ جَلي، تنھن کي نه ٿو سَمجھين

    علي المرتضى آيو نبيءَ جو نام وَرَ نَاٺِي
    نه جَنھن جو ڌڪ جَھليو، خيبر قَلعي، تَنھن کي نه ٿو سمجھين

    اچي ويا قُلف قيامت کي، ھَلو سڀ حوض ڪوثر ڏي
    پيو جنت جو، ھو ڏس در کُلي، تنھن کي نه ٿو سمجھين

    جَليو موسى جبل تي ڪِيئن، اھا ڪا جانچ تو آ ڪَئِي
    مٿي معراج مُرسل کي مِلي، تنھن کي نه ٿو سمجھين

    خُدا جو سُونھن آھيان خاطي، مگر اکڙيون ”محمد“ ڏي
    آھيان جَنھن جي پيو آئون پَلي، تنھن کي نه ٿو سمجھين

    ھلايو حُب جتي حَبشي، ھلن پيا ڪيئن اتي ”حافظ“
    ”بلاول“ بھشت ۾ پيو ڀَر جَھلي، تنھن کي نه ٿو سمجھين

    ***


    اونداھي ۾ ڏِس تون، انڌو ڪونه ڏِسي ٿو يار ڏيئو

    اونداھي ۾ ڏِس تون، انڌو ڪونه ڏِسي ٿو يار ڏيئو
    عربي تُنھنجي اکين جي اڳيان، عرش لنگھي ڪِيئن اَڳتي ويو

    جَاني جي جمال جو جَھٽڪو، ڪونه جبل ڀي يار جَھليو
    ماڳ آيو سڀ ”محمد“ ماڻي، ھوش عقل سان ھوت ھَليو
    رب چوان ته به رنج نه ٿيندو، روح الا تُنھنجو ڪيڏانھن رُليو
    مُحبت وارن مام پروڙِي، ٻئي کي پَتو آ ڪونه پِيو

    عشق وارن جو ڇاھي علم ۾، قاضي پنھنجا رک ڪتاب
    شرڪ ڪفر سان شامل آھيون، ڪونه سُڃاڻون ڏوھ ثواب
    پاڻھي مِٽيءَ مان پيدا ڪيس ڪيئن، جوڙڻ لئه مون چيو جناب
    ھاڻي تُنھنجي ھڪ نه ٻڌندس، نِينھن اَلاجي ڪِيڏانھن نِيو

    حرف ھزارين منھنجي حُسن جا، تونه پروڙيا ڪي به پليت
    گرجا مندر ڪِي نه گذاريئي مِڻ مِڻ ڪرين تون رڳو مسيت
    ”حافظ“ چئي تون ڏس حقيقت، رانجھن آيو ڪھڙي ريت
    ڪافر مسلم سڀ ڪَٺا ٿيا، جڳ سڄو پوءِ ڪنھن لئه جيئو

    ***


    خدا لڳ ۽ خدا ڪارڻ، مدد ڪَج مصطفى منھنجي

    خدا لڳ ۽ خدا ڪارڻ، مدد ڪَج مصطفى منھنجي
    آيو ھِت آھين ھيئان ٺارڻ، مدد ڪَج مصطفى منھنجي

    ڪِناري تائين قابو ڪج، ٻُڏڻ جي مھل ڏج ٻَانھون
    تُنھنجو ڪم آ جڏا جيئارڻ، مدد ڪَج مصطفى مُنھنجي

    ڪِني ڪم ذات ڪمتر تي، ڪَجو ڪا ڪَھل ڪوھيارا
    پري کان ٻُڏي پُڪارڻ، مدد ڪج مصطفى مُنھنجي

    سواءِ تُنھنجي سچا سيد، نه ٻيو سڃ ۾ سجھي ساٿي
    نماڻيءَ کي اَچجُ نِھارڻ، مدد ڪَج مصطفى منھنجي

    وَسيلا ٻيا ٿيا واپس، فقط تُنھنجو وسيلو آ
    ڪَجو سڀ ڏينھن سانڀارڻ، مدد ڪَج مصطفى مُنھنجي

    حشر جي ڏينھن ”حافظ“ کي، پرين پَنھنجي ويجھو ويھارج
    آھيان بدڪار بيڪارڻ، مدد ڪَج مصطفى مُنھنجي

    ***


    حافظ جي حُج

    رضوان مون کي روڪيو، دوزخ جي در مٿي آ

    رضوان مون کي روڪيو، دوزخ جي در مٿي آ
    جنت جھنم کان چَيئين، تُنھنجو ته گھر مٿي آ

    پَريان نه پير رک تون، اوري اچو ادب سان
    اڄ ڏيھه سارو ڏِسندو رھاڻ تُنھنجي رب سان
    قيامت ۾ قرب ڏِس تون، سيد ھلي پيو سڀ سان
    ان جي ئي عشق ۾ ٿيو، منھنجو اثر مٿي آ

    افسوس مون کي آھي، آيو ھتي ڪِيئن آھيان
    پھراڻ پيار جا ڏِس، پاڻھي سبيو ٿو پايان
    عبرت انھي ۾ آئون، لڙڪن جا پَر ٿو لاھيان
    ظاھر زمين تي ٿِي، مُنھنجي قبر مٿي آ

    ”محمد“ مرادون مون کي، مرشد سان سڀئي مليون
    روزا نمازون راھي، دلبر ٿو پَرکي دِليون
    ٻئي ھنڌ نه ڪجھه ٻُڌايون، آسڻ تي سُور سَليون
    زم زم کان ان جي ھٿ جو، مون کي زھر مٿي آ

    ***


    منھنجي نظر جي سامھون واھ جا نظارا نڪتا

    منھنجي نظر جي سامھون واھ جا نظارا نڪتا
    ورھ جا مُنھن ويڙھيل اڄ سي ويچارا نڪتا

    تقدير جو ترانو گھوڙا ٻُڌو مون گس ۾
    واپس وران ڪيئن آئون منھنجي نه واٽ وس ۾
    مخلوق ٿي مٽي مان ڪامل آ نه ٿيا سون ڪس ۾
    محبت جا ڏس تون مون مان ڪيڏا منارا نڪتا

    آدم جي ھت اچڻ جو مون کي تون اڄ ٻڌائي
    جنت مان ڪيئن ھي جوڙي جاني ويئي جند ڇڏائي
    ٻاھر جڏھن ٻئي ٿيا ورھ جي وک وڌائي
    پرڻيل ھئا پرين يا ڪامل ڪنوار نڪتا

    ڳالھيون ڳجھيون نه آھن پڌريون پرين پيون پسجن
    ڌيئن جا ڏس ڌنڌا تون ديدار ۾ ٻيون دسجن
    ڏس ڏاج جي ڏينھن ۾ مون تي پيا ڏوھ ڏسجن
    آڻيون بھانو بنجي بيشڪ ڀلارا نڪتا

    ”حافظ“ ادا ھمت ڪر ٻئي جي نه ھاڻ ٻڌ تون
    پردا رکي پريان سڀ صورت کي ساڻ ٻڌ تون
    ٻئي جا اکر ٻڌي پوءِ پنھنجا ئي پاڻ ٻڌ تون
    ڪنھن جي ئي ڪُن چوڻ سان ھي سڀ ڪنارا نڪتا
    ***


    منھنجي حال مٿي حيوان رُنا

    منھنجي حال مٿي حيوان رُنا
    ڪَئين جن و ملڪ انسان رُنا

    تو تير ھنيا مون کي يار تِکا
    مون ڪانه وڌي ته به توسان لَکا
    سِر سُوري ڏيڻ ھُئي منھنجي سُکا
    منھنجو قرب ڏسي تنھنجا ڪانءُ رُنا

    تنھنجي نينھن نيھوڙيا نيش ڏٺم
    ڪَئين پير فقير نه پيش ڏٺم
    تنھنجي دَر تي ڪَئين درويش ڏٺم
    سونھن ڏسي سلطان رُنا

    جڏھن لوڪ ڏٺو منھنجي لاشي کي
    ھن تبريزي ته تماشي کي
    چيائون خوامخواھ مارئي ھن کاشي کي
    مُنھنجو خون ڏسي ڪَئين خان رُنا

    تنھنجي اَمر کي اچي ھِت عام ڪيم
    ٿي عاشق ھت اسلام ڪيم
    سِر تُنھنجي اڳيان نيلام ڪيم
    منھنجو عشق ڏسي آسمان رُنا

    تنھنجي عشق ”حافظ“ کي ھيڻو ڪِئو
    پر يار ٻين کان ٻيڻو ڪِئو
    تڏھن لوڪ مون کي لاکيڻو ڪِئو
    جڏھن کان ئي ارمان رُنا
    ***


    آھين حرم تون پاڻ حبيب

    آھين حرم تون پاڻ حبيب
    حَجَ وڃڻ جا ڇڏ تون حيلا

    سوز وارن جو ساٿي سَڏائِين
    سُرُ ڏيڻ کان سُر ٿو وڃِائين
    عاشق آھين تون ته عَجيب
    ڏوھ ڪرين پيو ڏِس ڏِسلا

    دوست ھميشه تو در آھي
    محبت وارو مرد ملائي
    نينھن وارن جو نيڪ نصَيب
    ورھ ٿئي ٿو سڀئي وَسيلا

    يار سڄڻ کي جِنين سُڃاتو
    پير پڙَ ۾ تِنين آ پاتو
    قرب وارن جو ڪُسڻ ڪَسِيب
    نِينھن وارن جا ڪَنڌ ئي نِيلا

    ”حافظ“ پنھنجي ڪر ڪا حفاظت
    عشق وارن جي ڏِسُ تون عبادت
    قرب وارن کي آ يار قريب
    نانگا ٿيا، نِروار نَچِيلا

    ***


    برھ باڳ منھنجا اَچي ڪِيئا ڀَلا

    برھ باڳ منھنجا اَچي ڪِيئا ڀَلا
    اَدا عشق کان اڳ ھُيا ھٿ ٺلھا

    آئي سوز سِيَ تي وڏي سوڀ ٿي
    يا صوفي يا سرمد ڀلا ڪوبه ٿِي
    لطف جي ھٿن جو وڃي لوبَ ٿِي
    مٿان گھور جِي تون لاھي ڇڏ گِلا

    اِنھيءَ تَڙ مَٿي ڪَئين تونگر به آيا
    وڏا پير ڪامل پيغمبر به آيا
    جنھن کي عشق آتش، سي اَندر به آيا
    وَڃي سسي پَنھنجي سويرو سَلا

    اَچِي نينھن جو يارو نظارو ڏسو
    اَنَ الحق جو عاشق اشارو ڏسو
    بھادر بلاول ڀلارو ڏِسو
    وڌاءُ وِک ورھ ڏي تون ڪجھه وِيسلا

    ڇڏي ھوش ”حافظ“ وڃي ڏِسُ حُسن
    پرين سي ئي پَسنديون پِيون جي پُڇن
    اِنھيءَ قُرب ۾ ڪونه ڪانئر ڪُسن
    کِلي پنھنجي کَلڙي وڃين تون کَلا

    ***


    خلق سڄي آ خوديءَ ۾ ڦاٿل، بي خود ھِڪڙو آئون بَنيس

    خلق سڄي آ خوديءَ ۾ ڦاٿل، بي خود ھِڪڙو آئون بَنيس
    راڄ سڄو آ روئڻ ۾ پورو، رَشڪ ۾ ھِڪڙُ آئون رَھيس

    محبت جو ملھه مون سڃاتو، پيچ پرينءَ سان تڏھن پاتو
    مرشد مون کي ڪيو اچي ڄاتو، قالُو بلى ڪنھن ته چَيس

    ھُيس آئون ڀوري ڀاڳ برھ ڪيو، مُلڪ فَلَڪَ ھي ماڳ برھ ڪيو
    داڻي جو کڻي داڳ برھ ڪيو، عشق آدم کان اڳيئي ھُيس

    حُسن سندو ھت حال ڏِٺوسين، عشق سندو احوال ڏٺوسين
    موسى جبل مثال ڏٺوسين، ڏِيکائي ڪا تِر جي ڏِنس

    ”حافظ محمد“ يار مُلاقي، عرش مٿي ٿيو پاڻ اوطاقي
    ڪٿي خدا ۽ ڪٿي ٿيو خاڪي، آدم جو رُڳو عيب ڏنس

    ***


    منھنجي جسم جي ڏِس جَھلڪ

    منھنجي جسم جي ڏِس جَھلڪ
    آئون نه پر ڦاٽا مَلڪ

    ڪعبي اڏڻ تي ڪير ھو
    شاھي محل جو شير ھو
    مون سان وِڌو جن وير ھو
    تنکي لڳا ڪھڙا تِلڪ

    نمرود جو ڏِسُ تون نشو
    ھَنيِئن تير پئي ڪنھن کي ڪَشيو
    يڪدم وڃي رب کي رَسيو
    پُھتو مٿي ھڪڙي پَلَڪَ

    شيطان جي ڏِس تون سنگت
    قائم ڪَئي جَنھن ھُئي ڪُپت
    لعنت ۾ ھُيس اڳئي لِکت
    آيو بھانو ھو بَلڪ

    آزي ڪري آئون رُوئان
    ديدن سان پَنھنجي دل ڌُوئان
    آئون چور ٻئي کي ڇو چَوان
    آھي خدا جي سڀ خَلق

    ”حافظ“ ادا ڪجھه ھوش ڪر
    نوڙت ۾ رَک پَنھنجي نظر
    ڳولھي لھج دلبر جو در
    فرقان ۽ پڙھ تون فلق

    ***


    مٿي آ عشق جي منزل

    مٿي آ عشق جي منزل
    پُڄي ڏس پوءِ پَونئي ڪَلَ

    برھ برباد ڪِئا جيڪي
    آھن آباد سي ڪي ڪي
    ڇڏيا آھن سوز جي سي ڪي
    سوين تِن کي اندر ۾ سَلَ

    عمر ساري ڪرين آزي
    ٿئي نه رب اِئين راضي
    برھ جي يار ھي بازي
    کٽڻ کان اڳ نه ڪنھن تان کِلَ

    ڪُڏي پؤ عشق ۾ ڪاھي
    لاڳاپا لوڪ جا لاھي
    برھ جي ٻَار ڪا باھي
    جيئڻ کان اڳئي تنھن ۾ جَلَ

    چوي ”حافظ“ ڇڏي ھَستي
    ڏِسو محبت سندي مَستِي
    آھي ھي عشق الستي
    رکي داور آ جنھن سان دِلَ

    ***


    جتي انصاف پورو آ، اتي ايمان آندو اٿم

    جتي انصاف پورو آ، اتي ايمان آندو اٿم
    رکان ھڪ اک تي ٿو الله، ٻي تي قرآن آندو اٿم

    اوھين سوچيو ڀلي سوچو، اسان جي سوچ ھِڪڙي آ
    خلافت لئه خدا ڪنھن کي چيو، انسان آندو اٿم

    عنايت ان جي، مُنھنجي عيب جي، پاڻھي خبر پوندي
    پڙھي لاتقنطو چوندس، ته تُنھنجو شان آندو اٿم

    فضيلت ۾ ته پنھنجو فيصلو، اڳ ۾ ئي ٿي ويو آ
    رکي جنھن شرط ھُئي مون سان سو ڪٿ شيطان آندو ٿم

    مَٽائي نفس جو مذھب، ٿيس ٻي دين ۾ داخل
    تڏھن ”حافظ“ سَڏائي، حق جو اعلان آندو ٿم

    ***


    خالي ھٿن سان آئون، ھَٿيار تُنھنجي ھٿ ۾

    خالي ھٿن سان آئون، ھَٿيار تُنھنجي ھٿ ۾
    دانھَن سان مُون به دنگ ڪِئو، ديدار تُنھنجي ھٿ۾

    پوري نه توسان پوندس، مون کان پَري رَھين تون
    ٺاھي مٽيءَ مان مُون کي، پوءِ ڇونه ٿو ٺھين تون
    کڻيو قلم قضا جو ڏِس، ڪير پيو ڪُھِين تون
    آدم ته ڪيو اَنگل، پر اِسرار تُنھنجي ھٿ ۾

    آئِي قَضا ڪُلھن تي، قَابو ڪَريو قلم کي
    تُون عرش تي آرامي، مُنھنجي ته ڏِس آلَمَ کي
    فراق جو وَڌيو ڦٽ، ھاڻي نه مک مَلم کي
    آنھوُن اسان جي وَسُ ۽ اختيار تُنھنجي ھٿ ۾

    ھيڏو نه ٻيو ڪو سجدو، ھيڏي نه ٻي سخاوت
    رَت ساڻ راند کيَڏيئي، ايڏي رَکي عداوت
    تون سِرُ وَڍڻ لئه سنڀرين، سُھڻي جي ڏِس صداقت
    قاتل جو ڏوھ ڪھڙو، تلوار تُنھنجي ھٿ ۾

    ”حافظ“ ھِتي نه ھُوندئين، ڪَرَڪا ھُتي ھَلڻ جي
    ھڪ منٽ جي به مھلت، نه ناھي ھِتي ملڻ جي
    رَوئج پيو رات ڏينھن، ڪانھي دنيا کِلَڻ جي
    مُون پَاند پَئي پُسايا، پيار تنھنجي ھٿ ۾

    ***


    تون خدا تُنھنجي خدائي، آئون خلقيل خاڪ مان

    تون خدا تُنھنجي خدائي، آئون خلقيل خاڪ مان
    عيب مُنھنجا اُت ڏسي، آدم ڪَڍيِئي اوطاق مان

    بھشت جي بنگلي اندر، تو دام ۽ داڻو رَکيو
    مون ليکي آھي لطف، پر تو اڳيئي مون کي لَکيو
    ٿي چَريو ڪنھن جي چوڻ تي، مون اھو چسڪو چَکيو
    ھو درياءُ ديدن اڳيان، پر مون پيتو ڪنھن ماڪ مان

    ڪالھه ٿيا منھنجا قدم، ھڪ تون آھين قادر قديم
    ٻي نه ٻولي آئون ٻُڌان، شل ٻول اھڙي ۾ ٻَڌِيم
    واٽ ناھي يار ويجھي، مِن وِلھي ڏي تون وَڌيِم
    راز تو اھڙو رَکيو، ٿي ويئي خطا خوراڪ مان

    آئون نه سنڀريس ٿي سڄڻ، ڪنھن سانگ صورت جو ڪِئو
    ھُئس مٽيءَ جي مُٺ آئون، تو مِان مُورت جو ڪِئو
    پَڊ ھي ڪيڏو پکيڙي، پاڻ پُورت جو ڪِئو
    تون ڦِرين فرحت اندر، آئون ڦِران فراق مان

    ***


    آھيان آڪاش جو مالڪ ڌِڪا ڌرتي تي پيو کايان،

    آھيان آڪاش جو مالڪ ڌِڪا ڌرتي تي پيو کايان،
    ٻُڌايو مؤمنو مون کي ھِتي ڪنھن جا آئون ڳُڻ ڳايان

    جڏھن کان مون کي جوڙيو ويو تڏھن جاگيرداري ھئي،
    اوھان آدم ۽ حوا جي ٽوڙي جنت ۾ ياري ھئي،
    اھا ئي دوستي دلبر نه نوري ھئي نه ناري ھئي،
    مگر اڄ جي نياڻين تي وڏو الزام مان آھيان.

    اڳي حوا کي حق مليو ھو ھڪدم ھُن حڪومت ۾،
    ھينئر حوا جي حالت ڏِس جُھڪي ويس قد ڪشومت ۾،
    نه پيري تائين آ پَرڻي سڙي ويئي سونھن صورت ۾،
    آئون آدم پنھنجي عضون لئه پيو چوٿين زال چاھيان.

    شرح ۽ ھُن شريعت ۾ نه شامل ھي شرابي آ،
    خدا جي خاص ٻانھن وٽ خودي ۾ ئي خرابي آ،
    ڀلي بدنام چئو مون کي مگر ھي بوترابي آ،
    مِلي جي بُل مونکي ميان جي ته تنھنجي دين تي دانھيان.

    ڏسان ٿو روح ڪو روئيندي ته منھنجو روح روئي ٿو،
    تڏھن سوريءَ تي پَر پنھنجا، ھي ”حافظ“ پاڻ سوئي ٿو،
    وڏي سڏ وقت جا جابر توکي ھي جوان چوئي ٿو،
    ملي جي موت منصوري ته پوءِ ڪھڙا ڪفن پايان.

    ***


    عجب تُنھنجي دَرَ جي، عنايت ڏِٺي مُون

    عجب تُنھنجي دَرَ جي، عنايت ڏِٺي مُون
    رُوئڻ راتو ڏينھن جي، رِوايت ڏِٺي مون

    لکين مير تو در، مُحب ماندا
    ڪُٺئي قرب ۾ سي، جيڪي عشق آندا
    ورھ جا ويراڳي، وَڍَيا تو ھيڪاندا
    ڪُھڻ ۾ نه تو وٽ، ڪفايت ڏِٺي مون

    اَنَ الحق چئي آيا، اوھان جي اڱڻ تي
    نه ڪُرڪيا ڪِنجھا، قرب وارا ڪُسڻ تي
    ڏِٺو ڪَنھن لئه جَھاتي، جَبل ڪَنھن جَلايو
    ڪيڏي زور واري، ضيافت ڏِٺي مون

    ھَلي يار ”حافظ“، ھتي پاڻ آيو
    لاتقنطو جو آ اھڃاڻ آيو
    ڏِسي ڏوھ مُنھنجا سيد ساڻ آيو
    ھِيڻن جي جنھن وٽ، حمايت ڏٺي مون

    ***


    نينھن ڪَيَس ناچاڪ اَديون

    نينھن ڪَيَس ناچاڪ اَديون
    اوکِي عشق جي آ اِملاڪ اَديون

    ڀوري ھُئس ته به آھيان ڀَلاري
    عشق کان ناھيان آئون انڪاري
    دردن مونکي ڏِني دلداري
    ھُيس خطا جي خاڪ اَديون

    ريءَ قريبن ڪونه سُڃاڻان
    سَوز سوا نه سونءُ سُڃاڻان
    عشق وارن جي اونَ سڃاڻان
    حُسن ڪيا جي ھلاڪ اَديون

    مير ”محمد صه“ مُنھنجو حامي
    ٿيندو حشر ۾ ھم ڪلامي
    آگي ڏِني آھيس سَڀ انعامي
    لقب مليس لولاڪ اَديون

    محبت جو آئون آھيان ماڻھو
    گھر ورھ جي آھيان وِڪاڻو
    ”حافظ“ پنھنجو حال ٿا ڄاڻو
    ٻُڌي حشر جي ھاڪ اَديون

    ***


    برھُ جي زرھ پائي، ھر وار کي سَٺوسين

    برھُ جي زرھ پائي، ھر وار کي سَٺوسين
    جَنھن ياد ڪِئو نه مون کي، تَنھن يار کي سَٺوسِين

    مخمور ٿي بيٺس آئون، محبوب تُنھنجي مَھندا،
    اھڙا نه ڌڪ سڄو ڏينھن، مون کان سواءِ ڪي سَھندا
    ھر روز، روز مون وٽ رند ڪي نه رَھندا
    اڳ گُل گلي ۾ پاتم، اڄ خار کي سَٺوسِين

    ماکي مکڻ جو مونکي ، ڏََسُ ڪينَ ڏي تون ڏاھا
    رانجھن کي نت رُسڻ جي، آھي اڳئي راھا
    سڪُ جو سلو نه سُڪندو، صد بار تون پيو ساھا
    نِڪَري جنت مان تولئه، ھن نار کي سَٺوسِين

    منھنجون مخالفون ڪَئين، شايد ڪندا ڪي شائق
    لالڻ اِنھي لطف جو، آھيان اڳيئي لائق
    نوابزادو ناھيان، آئون ته آھيان نائڪ
    آدم سڏائي اڳ ۾، آزار کي سَٺوسِين

    پرواھ نه پَائي جي ٿم، آئون پاڪ پورھيو آھيان
    گُل بڻجي ھت گُلابي، گھايل ٿي گھوريو آھيان
    ڳُجھه جي آھيان ڳُجھارت، ڇا ڳالھه ڳوريو آھيان
    بخشش جي لئه بَديَن جي، ھيڏي بار کي سَٺوسين

    ***


    پاڻ جنھن شَيءِ جا ھِتي گھورا آھيون

    پاڻ جنھن شَيءِ جا ھِتي گھورا آھيون
    تنھن جا ڳولائو ھِتي ٿورا آھيون

    پاڻ پنھنجي ويس ۾ پڌرا آھيون
    ڪونه ڪنھن جي ھَٿَ جا ڏورا آھيون

    سمجھه وارن لئه سِٽون ٿو آئون لکان
    ھونئن ته ھر احمق اڳيان ڀورا آھيون

    جي عمل ٿئي ته پوءِ آھين چڱو
    نه ته ڏسين پيو گند جا ٻورا آھيون

    وقت جاڳائي ڇَڏيون قومون ڪَئين
    تون ۽ آئون ننڊ جا کورا آھيون

    جي آھين ”حافظ“ تون پنھنجي قوم جو
    سمجھه پوءِ سونُ جا تورا آھيون

    ***


    ڪنھن کي ڏَمرُ ڏيکارين، ڪنھن کي سَبَقُ سيکارين

    ڪنھن کي ڏَمرُ ڏيکارين، ڪنھن کي سَبَقُ سيکارين
    ھڻيو تِير پنھنجي ھٿ سان، محبت ڀريا ٿو مَارِيَن

    بازار عشق جي ۾، ڪنھن کي آئين ڀُلائي
    رايو رکيو تو پنھنجو، رَب راڄ کي رُلائي
    منصور کي سُوريءَ تي، محبت ڇڏيو ملائي
    گھاڻي اندر ڪي گھڙيون، ڪَنھن ساڻ يار گَھارين

    ھن لوڪ ۾ اَي لالڻ، تو پاڻ کي لڪايو
    ڏيئي حُسن جو ھوڪو، توئي حُڪم ھلايو
    آدم کان اڳ ۾ آگا، ٻئي ڪنھن نه سر سَلايو
    صورت پَنھنجي کي سھڻا، ڏيو سوز پيو سنوارين

    جادو ڀريو اي جاني، تُنھنجو ڪمال آھي
    آيا ڪُڏي ڪُسڻ لئه، ڪيڏو ڪمال آھي
    ٻي واٽ سڀ وڃائج، ورھ وصال آھي
    ھٿڙو کڻي حُجت تان، ھر دم ھَنجون پيو ھَارين

    ”حافظ“ جي ناھي توسان، ڪائِي حُجت اي حَاڪَم
    مُون ڪَئين گھڻا ھتي، ڪِئا آھن گناھ جا ڪم
    ھوندين تون ئي ھميشه، آئون ته خاطي خاڪم
    ڪا مھر مون ڏي مولا، وارث جي صدقي وارين

    ***


    اسين پنھنجي بيھڪ تي ڏِسُ، آھِيون بيٺا اڃان تائين

    اسين پنھنجي بيھڪ تي ڏِسُ، آھِيون بيٺا اڃان تائين
    اسان جي ڳالھه تي تون وِسھه، آھيون بيٺا اڃان تائين

    گھڻيون ھِيريون ۽ ڦيريون ٿِيون، اسين پَر ڪونه ڦِرياسين
    اسان کي ڪجھه ته ڏي تون حس، آھِيون بيٺا اڃان تائين

    ھُجي ھا يار جي ڪو ٻيو، ته پنھنجو پاڻ وَڪڻي ھا
    اسان تي ناھي ڪنھن جو وَس، آھِيون بيٺا اڃان تائين

    پرھي تاريخ مون آھي ته ھِر سِٽ ۾ لکيل ھو ھي
    لَڳِي سَچُ کي نه آھي ڪس آھِيون بيٺا اڃان تائين

    ڀَلي تون رمز ٻي ۾ رَھ اسين سنڌ جا ھجون ”حافظ“
    اھا ئي ڳالھه ھڪڙي بس آھيون بيٺا اڃان تائين

    ***


    جِتي رات آھي اتي ڏينھن بَه ايندو

    جِتي رات آھي اتي ڏينھن بَه ايندو
    اڙي بي قَدر پوءِ قدر توکي ٿيندو

    اڳي بھشت دوزخ جا ٿِيا ٿِئي بھانا
    پَري ٿِي وِيا سي پُراڻا زَمانا
    ھِينئر سڀ ٻُڌون ٿا اناالحق جا ڳانا
    ٻُڌا ڪيترا سِر پوءِ قاضي ڪَٽِيندو

    آئون تُنھنجي جَنت کي ڄَاڻان سُڃاڻا
    آھيون تُنھنجي دوزخ جا پيري پُراڻا
    ٻنھي جي گراھڪن جا مَذھب مُلاڻا
    ٻنھيءَ جي عَقل تي آھيان مَٿو پِٽيندو

    اسان پنھنجي پَٽڪي کي پُختو رَکيو آ
    اسان پنھنجي اَجرڪ جو نُقطو رَکيو آ
    اسان غير سان ڪونه گُفتو رکيو آ
    فقط ھڪ الله کي آھيان آئون سڏيندو

    جِنھن ٻَاڙيءَ ٻَاريءَ تي سَجدو ڏِنو آ
    ڏِسي منھنجي عظمت ھو مونکان ڊنو آ
    مَتان سَمجھي ”حافظ“ ڪو ڪوجھو ڪِنو آ
    محمد مٺي کي آھيان آئون مَڃِيندو

    ***


    اسين عشق وار عقل ڪونه ڄاڻو

    اسين عشق وار عقل ڪونه ڄاڻو
    سدائين صبح کي صبح سان سڃاڻو

    وِرھ ريءَ اسان جي نه ٻي واھ آھي
    سُڻائڻ کان اڳ تو وڌو وڏو ساھ آھي
    مِٽيءَ مان تو مالڪ ڪيو ماھ آھي
    ڏِيئو جو ڏيکاريئي اِجھو سو اجھاڻو

    نڪو دُور دلبر نه ڪو گڏ گذارين
    ڪُڇان ڪِيئن توسان وڏا ڏَنگ ڏيکارين
    ھڻيو تير ھٿ ساڻ آ منصور مارين
    اَن الحق جو توئي ، ڏَسيو ھو اولاڻو

    پرين مُنھنجي پورت اوھان جو پيارو
    ھُيم ڪانه ڪا سُڌ، سِڪڻ سڀ سيکاريو
    متان ھن ويچاريءَ کي وارث وساريو
    پرين اَڄ پَسي وڃ ٿيم پَڊ پراڻو

    ھَڪل ھاڻ ”حافظ“ حياتيءَ جي ٻيڙي
    ھينئر حرص ۾ آ، اڳي بھشت ڀَيڙي
    لکيو لوح قلم ھو، لقب ڪَيس ليڙي
    سزا ڏيئي پوءِ، سَڏين ٿو سِياڻو

    ***


    نَڪو مَلڪ آھيان، نڪو آھيان ماڻھو

    نَڪو مَلڪ آھيان، نڪو آھيان ماڻھو
    سچي جڳ ۾ آھيان سڀن جو سُڃاڻو

    رعايت انھي ڇو، مون تي رئيس ڪئي آ
    ھِجر ۾ حياتي، تڏھن ھيءَ ته پئي آ
    اٿي جاڳ جندڙا، وھامي نه وَئِي آ
    وڏي ڏوھ ۾ ڏس، وصل آ وڪاڻو

    قيامت جي مون وٽ ڪُنجي قيد آھي
    ايندا برھ وارا ڀڄي ويندي باھي
    نفعي ۽ ڇيھي ۾ منھنجو نُرخ ڇاھي
    اٿم ياد دل ۾، اِھو اگھه پراڻو

    پرايو نه پنھنجو، آئون آھيان پرين جو
    لکن جو لُطف ڪيئن نه لاھيان، پرين جو
    وڃو گيت ڳوليو ٿو ڳايان پرين جو
    انھيءَ پَار مون کان، پري ٿيو پُڇاڻو

    اِھو حال ”حافظ“ ھميشه نه ھوندو
    پُڇاڻي جو مون کي پَتو نيٺ پوندو
    اچي ڏڍ ڏُکي جا ڌڻي پاڻ ڌُوئندو
    اٿم روز ضامن، نه ٻيو زور ڄاڻو

    ***


    خبر نه آھي ته ھيڏي خلق ۾، منھنجو خدا ڪھڙو

    خبر نه آھي ته ھيڏي خلق ۾، منھنجو خدا ڪھڙو
    ٻئي ھڪ جوڙ جملي ۾، ڪريان جاني جُدا ڪھڙو

    ڏيان سجدو سڄڻ کي يا، ڪريان صاحب ڏانھن مُنھن سامھون
    انھي ڳڻتي ۾ آھيان آئون، الا ٿيندو ادا ڪھڙو

    نمازن کان ويس نڪري، نه روزن تي رَھان راضي
    ڏيئي سر مُون ڪيو سودو، ٻنھي ۾ وَڌ ٻُڌاءَ ڪھڙو

    ڪَلامُ الله تي قائم، ڪَليمُ الله تي ڪاوڙ
    ويو ڇو طور تي تڪڙو، وڻائڻ لئه وڌاءُ ڪھڙو

    ميان ڏس حال ”حافظ“ جو، نه ھِن پاسي نه ھُن پاسي
    مريض عشق مَنجي تي، اِن وڌ ٻيو ادا ڪھڙو

    ***


    اٿم ذات ظاھر، مگر آھيان مخفي

    اٿم ذات ظاھر، مگر آھيان مخفي
    پرين کي پِرھ سان، پَلو پايان مخفي

    گداگر جو گُھرجون ڪندو پاڻ پُوريون
    اوھان کي سُڻائي سگھان نه سموريون
    رَکيم لوڻ لپ ۾ کڻان ڪيئن کٿوڙيون
    اِنھيءَ راز کي پيو اڃان راھيان مخفي

    نڪو پاءُ پاڻي نڪو ڪجھه پَچايم
    برھ ريءَ نه ٻيو ڪجھه ذرو ھِت بَچايم
    اِنھيءَ نينھن اڳ کان گھڻو اڄ نَچايم
    وڃو دَرُ سندن تي، سدا دانھيان مخفي

    سدائين سڄڻ جو سلامي سُڄا پيو
    بنا حُج جي شل ھم ڪلامي سُڄا پيو
    نه ٻيو غرض نڪري غلامي سُڄا پيو
    سندن ڳڻ جون ڳالھيون ويٺو ڳايان مخفي

    حڪم ساڻ ”حافظ“ اسين ھِت ھلون پيا
    ڪٿي مرد مومن مِٺا ٿيو مِلون پيا
    ڪڏھن رات رويو سڄو ڏينھن کِلون پيا
    اِئين نِيڻ پنھنجا، ويٺو نايان مخفي

    ***


    ڀُنگ وٺڻ لئه ڪَئِي تو بازي

    ڀُنگ وٺڻ لئه ڪَئِي تو بازي
    مون کي روئاڙي ٿِئين تون راضي

    شرڪ ڪفر جو پڙھيم ڪلمون
    دين دنيا تان کنئي آ دل مون
    اَوڳو آھيان سڀني علمون
    ڪاوڙجين تون ڪنھن تي قاضي

    پار پتا آھن مُنھنجا پورا
    مون کي سڃاڻن يار سمورا
    طہ مزمل، شامل شورى
    توبہ جي ڏي يار ترازي

    حاجت ناھي ڪنھن جي ھاڻي
    ڄاڻڻ وارو سڀ ٿو ڄاڻي
    موج بيٺو ھِت ”محمد“ ماڻي
    عشق سيکاريس اھڙي آزي

    ***


    خاڪ جي چَپٽي کڻي، پَنھنجي خدائي تو ڪَئي

    خاڪ جي چَپٽي کڻي، پَنھنجي خدائي تو ڪَئي
    عيب آدم کي ڏيِئي، واحد وَڏائي تو ڪَئِي

    شان واري شڪل جوڙي، تو جڏھن شروعات ڪئي
    مَلڪ مُقرب سڀ سڏي، مَالڪ ويھي مَملات ڪَئِي
    ويس آدم جو ويڙھي، ظاھر تو پنھنجي ذات ڪَئِي
    راز اھڙي ۾ رَھِي، رانجھن راجائي تو ڪَئِي

    بُت منجھانرا بُت ٺاھي، تو برھ جي بَازي ڪَئِي
    ري سبب جيڪو رُٺو، تَنھن رئيس کي راِضي ڪَئِي
    طلب جو ڏيئي تَاب تنھن کي، تو دنيا تازي ڪَئِي
    گڏ رَھائي ڪي گھڙيون، جانب جُدائي تو ڪَئِي

    دنگ داڻي جو ڏيئي، دلبر سندو ديدار ڪَئِي
    بخشيو تو يار بيشڪ، پر پَھرئين بَدڪار ڪَئِي
    مُلڪ ساري جي مٿان، مُرسل مِٺو مھندار ڪَئِي
    عرش تي ”احمد“ لاءِ، رب ھُئي ، رَسائِي تو ڪَئِي

    ھَانُ ”حافظ“ تي وري، دلبر ھيڏا دَڙڪا ھَلَن
    مُحب تُنھنجي مُلڪ ۾ مُحبت وارا ڪِٿ ڪِٿ مِلَنَ
    تُون سڀن جو آھين خالق، ته به سڀئي مُون تان کلن
    ھُئس مِٽيءَ جي مُٺ آئون، ڪِيڏي ڪمائي تو ڪَئِي

    ***


    خُون جو ھڪ خاص قطرو، ٿِئي ڪِريو جڏھن خاڪ تي

    خُون جو ھڪ خاص قطرو، ٿِئي ڪِريو جڏھن خاڪ تي
    دَانھه مان ڌرتي چَيو، آگا ڪِرا افلاڪ تي

    ھُت حڪم تُنھنجو ھَٽيو، ھِت يار ڪاتي سان ڪُٺئي
    تنھنجي ڪاوڙ يا قرب، پر خان کي کِلندي ڏِٺَئي
    مُحب مون مسڪين لئه، سِر تي سبب سڀ ڪجھه سَٺئِي
    مرحبا مَلڪن ڪَئِي، عاشق تُنھنجي اخلاق جا

    تو جِھان جيڪي جوڙيا، تن ۾ نه جاني جوڙ ڪنھن
    ھٿ ٻڌي تُنھنجي حڪم تي، مُحب ڇوڙيو موڙ ڪنھن
    تو ڪَئِي توکي ڦٻي، توسان نه ڪيو ھينئن توڙ ڪنھن
    ھت ڪُٺَئي ڪافر ھٿان، لالڻ ھُتي لولاڪ تي

    حوض ڪوثر جنھن جي ھٿ ۾، سو نه پاڻيءَ کي پُڄي
    جو سُڀان سڀني کي ڏي، سو اڄ سيد اڃون سُڄي
    ھي حڪم تُنھنجا ڏِسي، ڍولڻ توکان ھر ڪو ڊِڄي
    بي قصورن کي ڪُھي، آندئي قيامت ڪاڪ تي

    بخشيا تِن جي مُحابي، سڀ بندا مُنھنجون بَديون
    سرُ ڏني کان اڳ ھُيون جن سيج تي لائون لَڌيون
    ھُت نه پاڻي ھو پيئڻ لئه، ھِت وَھِيون نرمل نديون
    حال ھي ”حافظ“ ڏٺو، تُنھنجي حڪم جي ھاڪ تي

    ***


    رُوئاڙي ھٿن سان، ڪرين رُعب مون تي

    رُوئاڙي ھٿن سان، ڪرين رُعب مون تي
    ڏَسي ڪم ڏکيا پو، ھَڻِين ڏوھ به مون تي

    تڏھن کان ھي توبه اٿم، يار تاڻي
    منھنجو حال ھِيڻو، تون ئي ڄام ڄاڻي
    سڄي رات روئندي ڪيم پاند پاڻي
    قلم ھي قضا جو، پرين پو به مون تي

    مِٽيءَ مان تو مون کي بنايو مثالي
    وجھي ديد جي، تو ڇڏي آ دوالي
    عجب تنھنجي قدرت، ڪَئِي ڪم ڪمالي
    حوا ساڻ حيلو، ھليو ھو به مون تي

    اچي تُنھنجي در تي ڪندس روز دانھون
    سڏڻ جون ڏنيون تو سدائين صلاحون
    ڏِسج نانءُ پنھنجو نه مُنھنجون خطائون
    گھمان پيو گناھ سان نه ڪم ڪوبه مون تي

    ***


    سچ پچ ته ھن سنسار ۾، مُنھنجي صدا ٻُڌجي نه ٿي

    سچ پچ ته ھن سنسار ۾، مُنھنجي صدا ٻُڌجي نه ٿي
    لک ادائون ٻيا ڏين، منھنجي ادا ٻُڌجي نه ٿي

    مير مرسل مصطى، جنھن مھل ويو معراج تي
    ڇو جسم جي حد، اتي جاني جدا ٻڌجي نه ٿي

    منٿ موسى جي ٻُڌي، مَلڪن چيو تون ماٺ ڪر
    ھت محمد صه مير ري، ٻئي جي مدح ٻُڌجي نه ٿي

    عرض مون ڪيو ادب سان، مون کي پرين مُنھڙو ڏيکار
    لَن تراني سان چيو، لالڻ نِدا ٻُڌجي نه ٿي

    سوال تُنھنجو ڪونه سڻبو، وڃ ھليو ”حافظ“ ھتان
    ٻئي سڄي جڳ جي ٻُڌي، منھنجي خدا ٻُڌجي نه ٿي

    ***


    جنت جي تقاضا آھي مگر، دوزخ جي شڪايت ڪير ڪري

    جنت جي تقاضا آھي مگر، دوزخ جي شڪايت ڪير ڪري
    ٻئي ھڪڙي ڌڻي جا گھر آھن، ٻنھي ۾ تفاوت ڪير ڪري

    ابليس به جسم آدم تي، اعتراض جي ڳالھه اٿاري ھئي
    ڇا ھُن جي پوءِ حالت ٿي، اھڙي ٻيو حالت ڪير ڪري

    دانا به ھيو ۽ دلير به ھو، توحيد به ھُن جي اندر ھُئي
    شيطان جو پوءِ ڏوھ ڪھڙو، مُلين کي ھدايت ڪير ڪري

    انسان جو جنھن احترام نه ڪِئو ڇا ان جو پوءِ انجام ٿيو
    ڦٽڪار جو طوق ڳچي ۾ پيس، ان سان پوءِ رفاقت ڪير ڪري

    تون موحد ھج يا مُلون ھُج منھنجو ته مُحمد ”حافظ“ آ
    مون جھڙي ڪوجھي ڪِني تي، ان ري شفاعت ڪير ڪري

    ***


    صوفي ازم

    اڃان بِسمل جي ڀر ۾ ڪو ڏٺم، بي داد بيٺو آ

    اڃان بِسمل جي ڀر ۾ ڪو ڏٺم، بي داد بيٺو آ
    سزا ڪھڙي به صادر ٿئي، مگر فرياد بيٺو آ

    وڃان مقتل جي در تي ۽ بچان ڪيئن موت کان آئون
    مسيحا خود جِتي مون لئه، بنيو جلاد بيٺو آ

    گھڙي کن مون گُھري مھلت چيم قاتل کي ٻيو ڪو ڪُھه
    چيائين وقت ۽ وارو، مون کي سڀ ياد بيٺو آ

    ڏٺو ھن موت منھنجي جو، مٺا منظر گھڻن ماڻھن
    قبر تي پو لکئون ڪَتبَو ته اڄ آزاد بيٺو آ

    گھڻا ورھيه اڳي ھڪ مئي ڪده مان ڍُڪ ڀريو ھو مون
    انھيءَ سُرڪيءَ جو اُو ساڳيون اڃان سواد بيٺو آ

    حياتيءَ جي حفاظت ڪيئن ڪري ”حافظ“ انھي ھنڌ تي
    جِتي سُقراط، سرمد تي سڄو بغداد بيٺو آ
    سڀ علم لئه منھنجا ادا، ھڪ عشق جو پڙھ تون اکر
    موسى مُنجھو پئي مام ۾، ھوشيار ھو حضرت خِضر


    دوزخ بھشت جي دام کان، ڀڄبو مُلن جي مام کان

    دوزخ بھشت جي دام کان، ڀڄبو مُلن جي مام کان
    لنگھبو ڪفر اسلام کان، سوريءَ مٿي رکبو ھي سر

    سُڻ تون نصيحت نيڪ نام، ڏس عشق ڪيو ڪيڏو انعام
    ڪعبو ڪٿي ۽ ڪٿ قيام، سجدو اتي ئي ٿيو ثمر

    اچ عشق جي آڙاھ ۾، پئو تون برھ جي باھ ۾
    وَنَحَنُ رکج ويساھ ۾، آ گھوٽ تنھنجي ئي ته گھر

    ”حافظ“ حُب جا ھَٽ ڇڏي، محبت سدا ڪي مَٽ ڇڏي
    سِڪ جو سڳو ۽ سُٽ ڇڏي، دنيا منجھان ڪج درگذر

    ***


    ڪيو عشق اِھو احسان سَڄڻ

    ڪيو عشق اِھو احسان سَڄڻ
    مِليو آھي مِٽيءَ کي مانُ سَڄڻ

    جَڏھن بھشت اندر ٿي بُوتو ٺَھيو
    تڏھن قادر مُون کي ڪعبو ڪَيو
    اَچِي رُوح ۾ رانجھن پاڻ رَھيو
    جوڙي آدم جو ايوان سَڄڻ

    نَڪو ڪُن فيڪون جو ڪوٽ ھُيو
    ھي چاھ تڏھن ئي چوٽ ھُيو
    نالو نينھن جو اَڳيئي نوٽ ھُيو
    ھُئي صورت سَڀُ سبحان سَڄڻ

    اِھو راز رندِي تون روڪ ھِتي
    ھي ”حافظ“ حال نه ھوڪَ ھِتي
    ٿي لاھوتي ڇڏ لوڪ ھِتي
    ڏِس برھ وارو بي بانُ سَڄَڻ

    ***


    مٿي عرش کان آ محبت جي منزل

    مٿي عرش کان آ محبت جي منزل
    نه موسى وانگي تون جبل تي وڃي جَلُ

    اٿاري عقل کي اکين جي اڳيان ڇَڏُ
    سِگھو ڪر تون سعيو سڄڻ جا سُڻي سَڏُ
    ميان موت کان اڳ اٿي لوڪ مان لَڏ
    ڪري يار ڪانڌي قبر کي نه ڏي ڪَل

    اجايو دنيا کي ڪرين ڇو ديوانو
    بنائِڻ لئه ڳولي پيو ھو بھانو
    ادا ڏس تون آدم ڪَيئين روئاڙي ٿو
    ھُونئن بھشت ۾، چئي حوا ساڻ گڏ ھَل

    آھي ھاڻ ”حافظ“ اوھان جي حوالي
    پيو بھشت دوزخ ڪنا دُور جالي
    اوھان جي حڪم سان ھتي پيت پالي
    ھُتي يار داڻي ڌُتاري ڇڏي دل

    ***


    ھر مذھب ۾ تُنھنجو ھُل


    ھر مذھب ۾ تُنھنجو ھُل
    توئي خلقيا عشق عقل

    عاشق ۽ معشوق سَڏائِين
    مندر مسجد پاڻ اڏائين
    گھاڻي ۾ ڪئين گھوٽ گڏائين
    محبت جو ڪِيئي ڪھڙو مل

    ديد جي داڻي يار ڌُڻايو
    آدم کي ھت عشق اڻايو
    باب برھ جو توئي بڻايو
    وَٺي بھاني جو ھيءُ بُلُ

    نُور اصل کان تُنھنجو نالو
    وحدت جو مون پاتو والو
    روءِ زمين جو ٿي رَکوالو
    مون ئي امانت کنئي اصل

    ”حافظ“ تُنھنجي حڪم سان حاضر
    ابراھيم ڏٺوسون آذر
    عيب وندن جو آھي آڌر
    مِير مديني جو مُرسل

    ***


    الفت جو آھي آدم، سينگار ٿيو صدين کان

    الفت جو آھي آدم، سينگار ٿيو صدين کان
    داڻي جو خالي دڙڪو ھو، ڌار ٿيو صدين کان

    جنت جي جاءِ مان، گڏ آدم ۽ عشق آيا
    ھوندا حُسن جي اڳيان، حورن به دل ھارايا
    ڪھڙي سبب لئه پوءِ، سجدا ڏيئي ساراھيا
    ان وقت کان وٺي ھي، ويچار ٿيو صدين کان

    اِبليس جي عقل کي، اَعلى ڪَيو تو اَڳ ۾
    ھاڻي جيئڻ ڏکيو آ جاني، مون کي جڳ ۾
    ڪيئن دُرو ٿيا، تنھن کان، ديرو بَنائين دڳ ۾
    اِنھيءَ بھاني، آھيان بدڪار ٿيو صدين کان

    موسى ۽ طُور سينا، صاحب کي ساڙڻا ھئا
    نيزن تي سرَ نبين جا، چيري به چَاڙھڻا ھُئا
    اَھڙا به پُٽ عليءَ جا ، پرور کي پاڙھڻا ھُئا
    جن تي امت جو بيشڪ، ھي بار ٿيو صدين کان

    ”حافظ“ جي حال ھِيڻو، تو وٽ حشر ۾ ايندو
    اَھڙي ڏُکي به ڏينھن ۾، ڏَڍُ ڪو ڏُکيءَ کي ڏيندو
    الله ڪندو اتهءِ، مُرسَل سان ميلو ٿِيندو
    اڙين سان جنھن آھي، اقرار ٿيو صدين کان

    ***


    باغي آ عشق منھنجو، تنھنجي ئي باب کان

    باغي آ عشق منھنجو، تنھنجي ئي باب کان
    مون کي نه روڪ واعظ، منھنجي شراب کان

    مصلو به تُنھنجي ملڪيت، تسبيح به تون پيو تاڻجِ
    مَئي خانو آھي مُنھنجو، ان ڏي نه وک تون آڻج
    قيامت قبر جا قصا، ڄمار تون پيون ڄاڻج
    آئون نه ٿو ڊڄان، ڪنھن اڻڄاتل عذاب کان

    مون وٽ نه ويھه ميَانجي، وسري وظيفا ويندئي
    مھمان سمجھي منھنجو، مُرڳو شراب ڏيندئي
    پيئندي ته پوءِ پڪ سان، عابد اکر نه ايندئي
    ڏيندي جواب پوءِ، تون ڏوھ ۽ ثواب کان

    منھنجو ته روز آھي، روزانو مَئي پيئان ٿو
    جيڪو پُڇي پيئڻ جو، تنھن کي به ڏََسُ ڏيان ٿو
    اي شيخ جي! تون شڪ ڇڏ، آئون جام پي جيئان ٿو
    ڪافر اِنھي ڪري ٿيس، تُنھنجي ڪتاب کان

    ”حافظ“ ھزار ڀيرا، پنھنجو گلاس گھُرندو
    تُنھنجي چوڻ تي چريا، منھنجي نه چپ تان چُرندو
    جنھن وٽ ترازو آھي، تنھن وٽ ئي ڏوھ تُرندو
    ناحق ڊڄان ڇو آئون، ٻي ڪنھن نواب کان

    ***


    تنھنجي قدم ھيٺان شل روز ڪُسون

    تنھنجي قدم ھيٺان شل روز ڪُسون
    تون موت ڏسين اسين مُنھڙو ڏِسون

    ڇو تو ترس ڪرين مون تي تاب ڪريو
    پنھنجي نينھن ۾ ھي ناياب ڪريو
    منھنجي خون کان اڳ ڪو خِطاب ڪريو
    اھڙو ٻولج جو، رُوئڻ ٻار پَسون

    تون خان اسين خاڪ آھيون خاڪ مٺا
    تنھنجي چھڪن سان ٿيون چاڪ مِٺا
    لاھي ترس وارا ڇڏيو تاڪ مِٺا
    ڀلي رَت پنھنجي ۾ روز پُسون

    اي بادل ڪر برسات کي بَسُ
    ڪھڙو ڏوھ ڪيو مون تنھنجو ڏَسُ
    وڃي ٻي ڪنھن ولايت ۾ تون وَسُ
    اچيو اتي وَسين، جتي اسين وَسون

    سڄو ”حافظ“ جو ھي حال ٻُڌئي
    بنا محبت جي ٻيو ڪو مال ٻُڌئي
    اڃان سُورن جو نه سوال ٻُڌئي
    روئي تنھنجي اڱڻ، من ڪڏھن رَسُون

    ***


    مُنھنجي وجود ۾ روز وَسين

    مُنھنجي وجود ۾ روز وَسين
    اَلِ اِنسان جو اھڃ ڏََسين

    صورت اھڙي سھڻي بَنائي
    لوڪ ۾ آئين پاڻ لِڪائي
    سوريءَ تي منصور ملائي
    پنھنجو تماشو پاڻ پَسين

    بھشت بنايئي ڪنھن لئه باري
    حضرت آدم بازي ھَاري
    تُنھنجي در تي توبھه زاري
    ڏِيو ھٿن سان ھوت کَسين

    ”حافظ“ جو توسان حال ھميشه
    محبت جو ڏج مال ھميشه
    بخشش جو ڪَجَ ڀال ھميشه
    راڻا تون شل ڪِيمَ رُسِين

    ***


    مُنھنجي نينھن ڪَئي ننڊ آھي حَرام

    مُنھنجي نينھن ڪَئي ننڊ آھي حَرام
    ڏنم سجدو سڄڻ کي ڪري عشق امامُ

    جڏھن برھ جي مون تي بين وَڳي
    تڏھن لنؤ پرينءَ سان مُنھنجي لَڳي
    ھاڻ حد حجاب جي مون تان ڀَڳي
    لاھي دوست ڇڏيو مون دُوئي جو لَغَام

    ويا مون کان سڀئي ھاڻ ورقُ سڄڻ
    ڏاڍو عشق جو پي اھو عَرقُ سڄڻ
    ڪھڙو غور ڪريان آھيان غرقُ سڄڻ
    ڏنو جاني مون کي آھي اھڙو جَامُ

    ھُوئين قاضي مون تي ڪارٺ ھَئِين
    آھيان سڄڻن ساڻ سدائين سَنئين
    جيسين برھ وارن تي نه ٿو بَھِين
    تِيسين اچئي نه ٿو ڪو انڌا آرَامُ

    تڏھن سجدو منھنجو ثاب ٿيو
    جڏھن عشق جو مون تي عذاب ٿيو
    آ ”محمد“ سان ميلاپ ٿيو
    لَھي دوزخ جو ويو مون تان دَامُ

    ***


    منظور تُنھنجو نُور، ھو آدم جي آڙ ۾

    منظور تُنھنجو نُور، ھو آدم جي آڙ ۾
    داڻي کان بھشت دُور، ھو آدم جي آڙ ۾

    اھڙي ڪڏھن ڪا جنس، ھُئي آئِي جھان ۾
    ڪَنَ کول تون قصو ٻُڌ، جَنھن جو قُرآن ۾
    موجود مَلڪ ڪونه ھئا، ڪي لامڪان ۾
    پَھرين حُسن جو پُور، ھو آدم جي آڙ ۾

    مخلوق جي مِٽيءَ جو، شيطان مُل چُڪايو
    اِبليس کي عقل ڪِيئن، آدم کان اڳ ۾ آيو
    ڀانيان ٿو ڀاڳ منھنجو، ويري آھي وَڌايو
    ظاھر ته ضد ضرُور، آھو آدم جي آڙ ۾

    ماريو آ ڳالھه مخفي، ظاھر ڪَريان ڪيئن زوري
    گھورو آ عشق جنھن جو، آئون به تَنھن جي گھوري
    موسى به مُنھن ڏيکاري، اندر جي سِڪ ٿي اوري
    تڏھن تباھ ٿيو طُور، ھو آدم جي آڙ ۾

    ”محمد“ جو پير پڙ ۾، ميدان ۾ مٿو ھو
    ساکائتي سڄڻ جو سجدي ۾ سِرُ لٿو ھو
    مولا عليءَ جي پٽ جو، ھڪڙو نه گز گُٿو ھو
    ڪنھن جو پوءِ قُصور، ھو آدم جي آڙ ۾

    ***


    مُنھنجي زرھ پرين، توکان زور آھي

    مُنھنجي زرھ پرين، توکان زور آھي
    اِھو ڪَارنُ تُنھنجو ڪمزور آھي

    تُنھنجي ديدن ۾ ايڏا دَامَ آھن
    جِيڏا مُون سين ٿيا ماتامَ آھن
    سڀ عشق جا ھي انجامَ آھن
    توتان ھَر گھڙِي سِرُ گھورَ آھي

    تُنھنجا نَازَ چوَان يا نُور چَوان
    ڪيئن موسى کي مجبور چَوان
    ٻيا دلبر سَڀئي دُور چوان
    تو مَھندا ويٺو ھڪ مور آھي

    ھڪ داڻي تان تو يار ڌِڪيو
    جو لوح قلم ۾ اڳ ھو لِکيو
    جنھن ڏوھ ڪيو آ مون کي ڏکيو
    ڏَسُ تِنھن جي ڀلا گھڻي تور آھي

    ڪُجھه ”حافظ“ جي تون حال تي ھَلَ
    تنھنجي ڪرم جي مون کي ڪانھي ڪَلَ
    ھُئا ڪھڙا عليءَ جي پُٽ جا عَمَلَ
    جنھن سان ھيڏو شِمر ڪِئو شور آھي

    ***


    شايد شراب خاني ۾، اڄ ڪو امام آھي

    شايد شراب خاني ۾، اڄ ڪو امام آھي
    ان کي چئو اٿي وڃ، ھي مَئي جو مَقام آھي

    رندن جي راند آ، ھِت زاھد نه زور لائج
    مخفي آ جام منھنجو، ٻي کي نه تون ٻُڌائج
    منھنجو آ ڪُوڙ سان ڪم، تون ڀل پيو سچ سڻائج
    ھن عشق جو ازل کان ابتو انجام آھي

    ڪلمي پڙھڻ جي قاصد، مون کي خبر ٻُڌائي
    پڙھندي شراب پيتم، وسري ويم ٻي وائي
    سيوا ڪريان پيو سولي، سُرڪي پيو سوائي
    صورت منھنجيءَ کي تڏھن سجدو سلام آھي

    ***


    اڳي جنت کسي ھاڻي جيئڻ جو حق به ٿو کَسجي

    اڳي جنت کسي ھاڻي جيئڻ جو حق به ٿو کَسجي
    ھُتي ته شيطان ۾ شڪ ھو، ھِتي ڪو ڪونه ٿو ڏَسجي

    وڏي جاکوڙ جُنبش سان، جھان ۾ جلوه گر ٿيئڙس
    ڏسي ڌرتيءَ جا داروغا، اچي آزار ۾ پيئڙس
    ڏمر جنھن جو ڏکيو ڪيئڙو، وري ان وڻ تي آئون ويئڙس
    ٿيو جو پھچ سان پڌرو، اھو بي پھچ ٿو پَسجي

    ٻڌون پيا مانءُ محشر کي به، منھنجي مُئي سان ملندو
    خليفي جي خوشامد لئه، پھرئين دوزخ جو در کُلندو
    چون ٿا پوءِ رِي پردي، اتي پيو حُور سان ھَلندو
    ويندو سماج ات سُڌري، نه ڪائي ڌُر اتي ڪسجي

    ڀڳل ڪنھن ٿانَو جيان، منھنجو جسم شايد جُڙيل آھي
    ڪريان پيو جُستجو جنھن جي، سا منزل ڇو مُڙيل آھي
    فقط ڪاغذ جو گل آھيان، جو خالي جا کُڙيل آھي
    نه جنھن مان راھ ويندن کي، ڪڏھن ڪو راز ٿو رَسجي

    ***


    بوتل شرابُ جي، ھيءَ مون لاءِ بُري ته ڪانھي

    بوتل شرابُ جي، ھيءَ مون لاءِ بُري ته ڪانھي
    توکان ته بھشت جي مون، چاٻي گھُري ته ڪانھي

    ڪامل ڪتاب تُنھنجو، مُنھنجي نه ڪم جو آھي
    ھي ڪيف قيمتي آ، ڪينئريءَ گُري ته ڪانھي

    مَئي خاني ۾ اچي تون، مون سان مناظرو ڇڏ
    مُصلي جي ڪُنڊ مون کان ھِت ڪا ڀُري ته ڪانھي

    واعظ وڦل ھتي ڇڏ، ھي مئي ڪده آ منھنجو
    مسجد ۾ جاءِ توکان، مون ڪا ڦُري ته ڪانھي

    شايد شرع جا سائين توکي شراب وَڻندو
    ھي آ پيئڻ جي شيءِ، ڪا ڇنندڙ ڇُڙي ته ڪانھي

    ”محمد“ شرابَ منھنجو، ملڪيت نه ڪنھن جي آھي
    دل کي آ چوريو دلبر، ٻئي کان چُري ته ڪانھي

    ***


    مُنھنجو شرابُ نئون آ، تُنھنجي شرع پراڻِي

    مُنھنجو شرابُ نئون آ، تُنھنجي شرع پراڻِي
    تو وٽ ڪتاب مُصلو، مون وٽ آ دل نِماڻي

    ڪنڌار ڪيف پيئندس، قاضي صاحب جي ڪولھيان
    رندن جي سامھون ان جا سڀ ٿو ڪتاب روليان
    واعظ جي وقت کان اڳ، آئون ٿو کيل کوليان
    آھيان موالي اڳھين، مسجد نه آ مون ماڻِي

    زاھد، آ تقوى تو وٽ، مُون وٽ ذَرو نه آھي
    توکي ٻَرو پيئڻ کان، مون کي ٻَرو نه آھي
    تو وانگي ٻيو ڪو مون وٽ، ڪورو ڪرو نه آھي
    مُنھنجو وضو به مَئي سان، پايان نه ٻيو ڪو پاڻي

    اندازو مون ڪيو آ، انسان ڪير آھي
    او دين جا ڌڻي! اڃان تو ۾ ته دير آھي
    تُنھنجو اڃان به ساڳيون، بدليو نه گير آھي
    ھيڏا ھُنر ڏِسي ته به، پَنھنجي اَٿئِي پَلاڻِي

    ڪھڙو پڙھان پوءِ ڪلمو، ڏَسُ ڪو ڪتاب ڳولي
    دوزخ ۽ بھشت جا، رڳو دروازا ڇڏ نه کولي
    يا ماٺ ڪر ته ميانجي، “محمد” ڪو ٻول ٻولي
    تنھنجي ھِتي ته فتوى، مون کي آھي ڦِٽاڻِي

    ***


    ڪو آ رحمان جي پاسي، ڪو آ ڀڳوان جي پاسي

    ڪو آ رحمان جي پاسي، ڪو آ ڀڳوان جي پاسي
    آئون سجدو انھي کي ڏيان، جيڪو انسان جي پاسي

    خطيبن کي ٻُڌائي ڇڏ، ته مون کي خوف ڪونھي ڪو
    منھنجي حالت نه حورن سان، نڪو غلمان جي پاسي

    اوھان جو عادتون ڏسندي، اسان جو روح روئي ٿو
    اِھو تنھنجو جي مذھب آ، آئون شيطان جي پاسي

    رقيبن کي به رنجش آ، رفيقن کي به ڪاوڙ آ
    ٻُڌا ھاڻي وڃان آئون، ڪھڙي جھان جي پاسي

    اسان جي دين ۽ ايمان جو دستور پنھنجو آ
    نه ھوندو ھي ڪڏھن ”حافظ“ بُري بي ايمان جي پاسي

    ***


    سماج / معاشرو

    زندگي پاڻي به آ ۽ زندگي ٻيڙي به آ

    زندگي پاڻي به آ ۽ زندگي ٻيڙي به آ
    زندگي ڪافر ٿِئي ۽ مومنن جھڙي به آ

    زندگي حاڪم زادي ھئي زندگي زيب النساءَ
    زندگي مقصد جي لاءِ وقت کان ويڙھي به آ

    زندگي جي دؤر ۾ سڀڪو نه ٿو سُقراط ٿئي
    زندگي ڏاڍي به آ ۽ زندگي ليڙي به آ

    زندگي جي آسري تي جنھن سڄڻ سُستي ڪئي
    تنھن ملامت کان سواءِ ٻي ڪا مڏي ميڙي به آ


      صداقت کي سرو کائي ويو آ

    صداقت کي سرو کائي ويو آ
    چڱي کي ھت برو کائي ويو آ

    ڀلائي کي ڀڃي ڀورا ڪري ڀائو
    ھتي بيگرو کائي ويو آ

    ڪلسيا جي وڃان ڪنڊ تي يا مندر ۾ وڃان آئون
    حقيقت ۾ ھتي حرمين کي ڀي ھوڪرو کائي ويو آ

    اسان جي ڏيھه ۾ اونڌر رواج آھي
    ڪٿي گھوڙي کي ڏسندي توبرو کائي ويو آ

    ڏيھاڻي ڏيھه سڄي کي آ ڏٺو ”حافظ“
    گِلم جو ٽوڪرو کائي ويو آ


      مردار تقاضا کي مڃڻ مون نه سِکيو آ

    مردار تقاضا کي مڃڻ مون نه سِکيو آ
    ۽ عشق جي رسمن کي ڀڃڻ مون نه سکيو آ

    جنھن دار جي تختي کي آ تحفي ۾ قبوليو
    ان رند مجاھد کان رُسڻ مون نه سکيو آ

    اعلان ڪري عشق جي تسبيح کي پڙھان ٿو
    ڏاڍن جي اڳيان يار ڏڪڻ مون نه سکيو آ

    ممبر تي بيھه ڪو به ڀلي مون کي سڏي پيو
    انڌو ٿي اڳيان ان جي اچڻ مون نه سکيو آ

    منزل تي پڄڻ لاءِ مون جا واٽ آ وَرتي
    ”حافظ“ ٿي پوءِ ان تان ھٽڻ مون نه سکيو آ


      پراڻي جاءِ کان پري نئين حرم کي سجدو آ

    پراڻي جاءِ کان پري نئين حرم کي سجدو آ
    ڌِڪيو جنھن اوچ نيچ کي انھي ڌرم کي سجدو آ

    ڪَنبي نه جيڪا ڪوٽ کان، ٻُڌا سا ڪنھن خبيث جي ڪُنوار ھُئي
    چون ٿا کيت جي سا مڱ خبيث لئه خار ھُئي
    وڙھي ٿي پنھنجي وَر لئه اڃان ته ننڍڙي ٻار ھئي
    انھي ڀلاري ڀيڻ جي حيا شرم کي سجدو آ

    نه دھَلي جا درياءَ کان انھيءَ جو سڱ ڏسو سَھي
    وچين سا پئي ٿي وير ۾ ويچاريءَ جي ته ڏِسُ وَھي
    نه ڏم جو ڏاج ڪو ڏٺئين نه رات ھڪڙي گڏ رھي
    جُھڪائي جڳ سڄو ڇَڏيئين سندس جُرم کي سجدو آ

    ملي جي گھاءُ کي گِھٽي ته آئون ٿو اٿي بيھان
    وَڌي جي ڪان جو قدم ته سينو ڏيئي سَمھون ٿيان
    ملي جي ماڳ موت سان ته پنھنجي سرَ جو مُلھه ڏيان
    ڪُسي ويس جي قوم تان ته پوءِ ڪرم کي سجدو آ

    اڃان به منھنجي عشق جو عجيب ھي نمونو آ
    ڏيان ٿو سرُ سڏي توکي صَلِيب ھي نمونو آ
    نه رت ڏسي تون رنج ٿجئين رقيب ھي نمونو آ
    مُئي کان پوءِ مکيو جي ڪنھن ته ان مرھم کي سجدو آ


    اسان کي کپي ٿو ادب ۽ حيا

    اسان کي کپي ٿو ادب ۽ حيا
    دنيا مان ته دلبر لڏي ٻئي ويا

    پُڇايان پيو آئون ٻنھيءَ جو پَتو
    ڪيڏانھن وياسي نڪري ڏسي ڪو نه ٿو
    جتي ھئا اتي ڪجھه به ڪونھي بتو
    اجھامي ويا ھن سي اصلي ڏيئا

    مدرسي ۽ مسجد کان ويا موڪلائي
    اتي به ھاڻ ھر ڪو ھُڏي سان ڳالھائي
    نه شاگرد آ نه ڪو استاد آھي
    ٻَئي ٻنھين خوبين کان خالي ٿيا

    شريفن مان ھاڻي شھر ٿي ويا خالي
    جھڙو اڄ جو مُلون تھڙو آ موالي
    آھي رب جي دَرَ تي ھي ”حافظ“ سوالي
    ڪجئين رحم پنھنجو نه ڪج ٻيو نيا


      وقت جي ويڙھاند کي سمجھي سَگھون ٿا

    وقت جي ويڙھاند کي سمجھي سَگھون ٿا
    ٻارڙن جي راند کي سمجھي سَگھون ٿا

    ڪُوڙ ۽ سچ جي ڪسوٽي ڪونه ڄاتم
    باقي پنھنجي پانڌ کي سمجھي سگھون ٿا

    لوڪ ليلان کي سڃاڻي، جي سَگھي ٿو
    پاڻ ان جي ڪانڌ کي سمجھي سگھون ٿا

    حال ”حافظ“ جو زبان سان تون نه پُڇ
    ھاڻ تُنھنجي شاند کي سمجھي سَگھُون ٿا


      ڪمزور بدن کي آ سھاري جي ضرورت

    ڪمزور بدن کي آ سھاري جي ضرورت
    لاچار کي ٿيندي آ اڌاري جي ضرورت

    ھن وحشت جي وڏي دؤر مان گذرڻ به ڏکيو آ
    ڪُن ۾ ئي ڪريل کي آ ڪناري جي ضرورت

    گونگي ۽ ٻوڙي جي اڳيان ھٿ کڻ مٿي
    ان کي ته رڳو آ اشاري جي ضرورت

    انڌي جي اڳيان آرسي رکي به ڪندئين ڇا
    نظرن کي ھوندي آھي نظاري جي ضرورت

    اوندھ جي عذاب کان آئون نه ڊڄان ٿو
    ”حافظ“ کي آ چمڪندڙ ستاري جي ضرورت


      ادب ۽ حَيا جو نالو جِتي ھُوندو اتي ھُوندس

    ادب ۽ حَيا جو نالو جِتي ھُوندو اتي ھُوندس
    لڳل جِتي ڪُوڙ کي تالو جِتي ھُوندو اتي ھُوندس

    اسان جي عشق جي سامھون تُنھنجو ايمان ڪوڙو آ
    بي ايمانن کي لڳل ڀَالو جِتي ھُوندو اتي ھُوندس

    انڌي لئي رات ۽ ڏينھن ۾ نه ڪوئي فرق ڪونھي ڪو
    کپي مون کي ٿو اجالو جِتي ھُوندو اتي ھُوندس

    چوان ٿو ڪُوڙ واري کي مُنھنجو ڪن کولي نعرو ٻُڌ
    آھيان سچ جو آئون رَکوالو جِتي ھُوندو اتي ھُوندس

    آئون ”حافظ“ آھيان ان ھنڌ جو جِتي انسانيت آھي
    نڪو مُلون نه موالو جِتي ھُوندو اتي ھُوندس


    وَاھ جمھوريت تُنھنجا جُڃَ

    وَاھ جمھوريت تُنھنجا جُڃَ
    مُلڪ سَمورو ٿي ويو سُڃَ

    اٽو کنڊ ٻَئِي الله وَٺِي ويو
    گيھه ۽ گاسليٽ مَٿي کپي ويو
    بصر بٽاٽو پَاڻ کان ٽَپي ويو
    مِسڪِين مَري ٿِيو مُڃَ

    وَاھ جو جَمھوريت واعدو پَاريو
    ننڍي وڏي کي پنڻ سيکاريو
    مِسڪين جِتي ھُجي مَاريو
    رونق کسي ڏنوءِ رُڃَ

    انڌي گھوڙي ابتو سُوار
    اھي جمھوريت جا اٿئي پار
    زرداريءَ مان بَنيو زَردار
    اڃان نه لَٿِي اٿس اڃَ

    ايم ڪيو ايم سان اڌ ڀائيواري
    ھي ته جمھوريت بَني جوئاري
    مِرزا مان ٿي بَنيو مَداري
    جنھن جا چمچا ويٺو چُڃَ

    ”حافظ“ محمد حق آ چوندو
    پيرئين وَڏيرن کي ڪونه پَوندو
    ھِيڻن جو ھي خامي ھوندو
    پَاپِين کي رَبُ وجھندو پِڃَ


    مُنھنجي جاکوڙ کي جو ٿو سمجھي جَبرُ

    مُنھنجي جاکوڙ کي جو ٿو سمجھي جَبرُ
    ان کي چئو توکي سُورن جي ڪھڙي خَبرُ

    مون ته پنھنجي حياتيءَ جي ھر ھڪ پسا ۾
    ڪٽيو وقت آھي حيا ۽ وفا ۾
    جنھن نه مون کي ڏٺو آ ھھڙي صفا ۾
    ان جي اکين ۾ شايد ڪو آھي ڪَٽرُ

    رات ڪاري کُٽي ڏينھن لئه ٿو رُئان
    روشني ٿي کپي ٻيو نه ڪجھه ٿو چُئان
    ظلمتن کي ڌِڪي نُور آڻيو نوان
    سوجھري کان سواءِ سُور مسجد مندر

    پھچ کان ڀي مٿي آئون پتوڙيان پيو
    کير آھي کريل ته به ولوڙيان پيو
    ڪنھن اڀاڳي ته ننڊ کي اکوڙيان پيو
    نِينھن آھي چيو مون سان جاڳي نِبرُ

    زندگيءَ کان مٿي ٻي نه سڪرات آ
    ڏينھن سنڀران نه ٿو رات ئي رات آ
    ھي حياتيءَ جي جيوَن جو جذبات آ
    ڪنھن جي سُڏڪن ۾ ڀي ڪو لڪل آ صَبرُ


    جنھن نه سُڃاتو قد بُت منھنجو سو ڇا سمجھي منھنجو قول

    جنھن نه سُڃاتو قد بُت منھنجو سو ڇا سمجھي منھنجو قول
    مون جي گيت غزل آھن لکيا سي ته ھينئن جا آھن حول

    باھ ۽ پاڻي ٺھڻا ناھن گڏجي ھڪ ھنڌ رھڻا ناھن
    عاشق ڪنھن کان ٽھڻا ناھن آھن ڪا البيلي اَول

    سڀڪو پاڻي پاڪ نه سمجھو ھرڪو ماڻھو چاڪ نه سمجھو
    مسجد کي اوطاق نه سمجھو گھاٽي رش ۾ روح نه رول

    ماءُ پيءُ کان پيار آ سکبو واڻي کان واپار آ سکبو
    پينو کان ڪو پار آ سکبو جھڻڪ ڏينس ته به جھليندو جھول

    ماکي پِنِدي مُور نه ملبي ڳولي ڳولي جھنگ مان جَھلبي
    ”حافظ“ تنھنجي ڳالھه پئي ھلبي ٻولي سَچِي ويٺو ٻَول


      نه ڪو خاص آھيان نڪو عام آھيان

    نه ڪو خاص آھيان نڪو عام آھيان
    ڪنھن پيڙھيل حياتي جو ھڪ نام آھيان

    جلادن جي وچ ۾ الائي ڪِيئن جيئان ٿو
    آئون پاڻي جي ھوندي زھر ڏِسُ پيئان ٿو
    آھيان ڪات پر آئون ٻڪرو ٿَيان ٿو
    اِئين صُبح گُذري اِئين شام آھيان

    جواني به ڪا ھت جنازي مثل آ
    سھاڳڻ جي نالي ۾ ڪيڏو قتل آ
    چنبو موت جو جنھن لئه مھندي رتل آ
    انھي محترم ڌيءَ جو ماتام آھيان

    بھشت جي ئي نالي ۾ بغداد مون تي
    ڪري چور منھنجو پيو فرياد مون تي
    اھا آ انھن کان ٿي امداد مون تي
    آئون پيڙھين کان جن لئه پڪل طعام آھيان

    مٿي آ فرشتن کان جن جي فضيلت
    سي منھنجي ڪھڻ جي وٺن ڪيڏي قيمت
    آئون ”حافظ“ بنجي چوان ٿو حقيقت
    باقي آئون نه رستم نه بِھرام آھيان


    آئون بچپن کان بي چَين آھيان

    آئون بچپن کان بي چَين آھيان
    جيڪا ڪنھن نه ٻُڌي اھا سَين آھيان

    مون سڀ ڪنھن جا ھت سڏ سُئا
    پر لالڻ منھنجا لُڙڪ مُئا
    منھنجو ڪنھن جي ڪَن تي پيو ڪونه رُئا
    ڪَئيِن ھمدم مون سان گڏ ھُئا
    ھر ماڻھو سان مان بَين آھيان

    مون کان پنھنجا پروا سڀ پَري
    ته به مُنھنجو روح پيو رقص ڪَري
    ڪيئن “حافظ” جو پيو ھانوَ ٺري
    تو اھو ڏٺو ڪڏھن ڌيان ڌري
    ڪيئن ڌرتي تي دَارَين آھيان

    مون سُر ۾ ڪيڏا سُور رُنا
    ڪيئن دانھه ڪندو ڪو درد بنا
    او ملان ٻانڀڻ ٻُڌ وِشَنا
    منھنجي سوز کان سڀئي ساز ڊِنا
    ڪنھن تند جو تان سَين آھيان

    تو ڪالھه به مون سان ڪُوڙ ڪيا
    ۽ اڄ به ساڳيان لفظ چيا
    پر ”حافظ“ جو ڏس يار حيا
    توسان ڪونه نبيريائين ڪوبه نيا
    نڪي درد نڪي دَرمين آھيان


    پرائي جُتي ۾ اسين پير پايون اھڙا ڪونه آھيون

    پرائي جُتي ۾ اسين پير پايون اھڙا ڪونه آھيون
    حرامي ڪنھن کي حلالي ھُلايون اھڙا ڪونه آھيون

    غريبي ۾ ٻيا ڀي گھڻا عيب آھن
    ڪميڻن جي پويان لڳي ڪُر لڄايون اھڙا ڪونه آھيون

    سُتي ماءُ سانڍڻ مھل جا ڏني ھُئي
    وڏا ٿي امان جا اھي وَڙ وڃايون اھڙا ڪونه آھيون

    مون قرآن پڙھي آ رب کي سُڃاتو
    سڳي ۽ ڦيڻي سان ڪنھن جو سر وڃايون اھڙا ڪونه آھيون

    آ ”حافظ“ جي ٻولي پري کان ئي پَڌري
    گِلم جو پکي ٿي ٻي ٻولي ٻُڌايون اھڙا ڪونه آھيون


    ڦِريا به ناھيون ڦُريا به ناھيون

    ڦِريا به ناھيون ڦُريا به ناھيون
    اَڃان ڪنھن اگھه ۾ گھُريا به ناھيون

    ڪڏھن نه وڪجڻ وڏي آ قيمت
    انھيءَ کان مُلھه ٻيو مٿي ئِي ڪونھي
    گھڻا ويا وڪِجي گھڻا ويا لِکجي
    اسين اڃان تائين تُريا به ناھيون

    اسان جو ماضي اوھان جي اڳيان
    اسان جو حال به اوھان جي سامھون
    جتي اوھان آ بيھاري ڇڏيو
    چَڪاسي ڏس اتان چُريا به ناھيون

    اسان جو پورھيو اوھان تان گھوريو
    اوھان جو گھُورڻ اسان لاءِ گنج آ
    مگر اوھان جي ھينئين تي ”حافظ“
    الاءِ اَڃان ڇو ھُريا به ناھيون


      اسان کي راھ ۾ جيڏيون رُڪاوٽون آھن

    اسان کي راھ ۾ جيڏيون رُڪاوٽون آھن
    اسان کي ڪونه ٿيون ايڏيون ٿڪاوٽون آھن

    اسان کي پنھنجي ڀَلي جو ڀَرم ملي نه ملي
    اِھي ئي صوفي ازم جون ثقافتون آھن

    انھي ئي جام جو لائق نه تون ھُئين واعظ
    مگر ھي ساقيءَ جي ھٿ جون سخاوتون آھن

    وجود پنھنجي کي آئون اڃان نه پھتو آھيان
    ۽ تو ثواب وٺڻ لئه ڏَسيون ولايتون آھن

    اسين ڪي روح ڏکوئڻ کي ڏوھ سمجھون ٿا
    اوھان ته انسانيت سان رکيون عداوتون آھن

    ھُلائي پاڻ کي ”حافظ“ ھڻن جي دين کي ڌاڙو
    انھن جي ذھنن کي پوءِ به ڪَئِين ضمانتون آھن


      تون بي ضمير آھين تڏھن امير آھين

    تون بي ضمير آھين تڏھن امير آھين
    پئسي جو پُٽ سڏائي ڪِنو خمير آھين

    آئون به اھڙو ماڻھو ۽ تون به اھڙو ماڻھو
    ھر مُوڙ تي ڏِسي وٺ ناھيان اڃان وڪاڻو
    مون کي به گھُرجون آھن پر عزم آ اباڻو
    پيءُ ماءُ کي پٺي ڏيئي تون ٿيو وزير آھين

    تنھنجو پليتيءَ مان آ اڃان نه پيٽ ڀريو
    پئسي جي پويان وڃنئي اندر وارو ئي مريو
    جيئن تُون کَرين خوشيءَ مان ائين نه ٻيو ڪو کريو
    رڳو سنڌ جي حقن تي وجھندو تون سير آھين

    چيري جي لوڻ لائين ته به لُڙڪ ڪونه لڙندا
    اڳ پوءِ اسان جھڙا آھيون سُوريءَ تي يار چَڙھندا
    ايندا ڪي جوان اھڙا منھنجو نظم پيا پڙھندا
    چوندا ته واقع ”حافظ“ حق جو فقير آھين


      نتيجو ڇا به نڪري پر اسين انسان ٿينداسون

    نتيجو ڇا به نڪري پر اسين انسان ٿينداسون
    ٻُڌائي موت کي ڇڏ تون تُنھنجا مھمان ٿينداسون

    سدائين ھِت سبيلن جا گھڻا ڏينھن سُور سھنداسين
    حويليءَ جي ڌڻيءَ سان ھاڻ ھرگز ھت نه ٺھنداسين
    جنين نالائقي ڪئي آ، ٿي لائق تن تي لھنداسين
    نشانبر ٿي آھيون نڪتا، ته پوءِ نِشان ٿينداسون

    قضا جي ڪوڙڪيءَ مان ھاڻي يارو ڪنڌ ڪڍڻو آ
    ھتي سقراط، يا سرمد عنايت ٿي به اچڻو آ
    بھادر لاش جو ڀاڱو اڃان مون لاءِ بچڻو آ
    چنيسر کي وڃين چئو تون ته دودا خان ٿينداسون

    اسان جي پيرويءَ ۾ پير، اڄ تائين نه ڪنھن پاتو
    چوان ڇا ٿو لکان ڇا ٿو اکر ڪنھن ڪونه آ ڄاتو
    نه ڏبو يار ڏک ۾ ڀي، ڪڏھن پنھنجن کي پاراتو
    اجاري جو اندر ڪنھن جو اھو اعلان ٿينداسون

    حقيقت کان ته مُنھن ”حافظ“ نه موڙيو آ نه موڙيندو
    تڏھن ھر ڪو ڏسي مون کي چريو ڀورو آ چئي ويندو
    منھنجو ضد ڪنھن سان ڪونھي ڪو ڏکن ۾ ڪو ته ڏڍ ڏيندو
    جيڪي تاريخ ۾ لکجن اھي ارمان ٿينداسون


    ايڏو به سستو ناھيان، جو تون وٺي سگھين

    ايڏو به سستو ناھيان، جو تون وٺي سگھين
    گُلڙن جو دَستو ناھيان، جو تون وٺي سگھين

    مون کي پُڄڻ کان اڳ ۾، تون پاڻ کي پُڄي ڏس
    ٻيو ڪوبه رستو ناھيان، جو تون وٺي سگھين

    ڪاغذ جي گل تي، ڪڏھن اعتبار مون نه ڪيو آ
    ڪو بت پرستو ناھيان، جو تون وٺي سگھين

    ”حافظ“ جي دل ۾ خانو، انسانيت جو آھي
    مُلين جو ڪِشتو ناھيان، جو تون وٺي سگھين


      نڪو شھر وارن سان ھوندي شڪايت، نڪو ڳوٺ وارن سان ڳالھيون ڪبيون

    نڪو شھر وارن سان ھوندي شڪايت، نڪو ڳوٺ وارن سان ڳالھيون ڪبيون
    اسين فرض پنھنجو نڀاھي وينداسين، ھِن مِٺي قوم کي ڇا ميارون ڏبيون

    اسين ڏات پنھنجي کي ڏوراپو ڏيون ٿا، يا انھن جي افعالن کي ويٺا ڏِسون
    ٿي عادت کان مجبور يارو پيا آھيون، تڏھن ڪنھن جي تقدير لئه ٿا لِکون
    جي سچل، ڀٽائيءَ کان سمجھي نه سگھيا، انھن ۾ ٻي اميد ڪھڙي رکون
    انھن ئي افعالن تي ڌرتي پئي کسجي، اندر ۾ اچن ٿا ڪئين ڄٻرا ڄڀيون

    ھينئر ڊيم جي حد نه ڊاھي سگھياسين، ته جيئنداسين ڇا تي ۽ مرنداسين ڇا تي
    ھي غيرن جون گاريون سُڻي تون نه سنڀرئين، ته پوءِ ويڙھ لئه ٻيو ورنداسين ڇا تي
    ھي تنھنجو ۽ منھنجو جي سنڌو سُڪي ويو، ته تون ئي ٻڌائي پوءِ ترنداسين ڇا تي
    حرامين کان حق آھن وڙھي يار وٺبا، انھن جي اڳيان ڪو نه نياڻيون نِبيون

    نڪو آڻ مڃبي نڪو ڪاڻ ڪڍبي، اچو پنھنجي پيرن تي پاڻي بيھون
    ھڪل ساڻ ڌرتيءَ جا ”حافظ“ ٿجو، پوءِ کٽي ڀاڳ پنھنجو مرون يا جيئون
    جيسين ساھ جي رڳ ھجي يار سائي، تيسين ڪيئن ڪنھن ڌارئين کي ڪو دڳ ڏيون
    سچائيءَ جي سٽ کي پڙھيو مون آ پيارا، ڪڏھن ڦوڳ کي ڪونھي مارويون ڦٻيون


      اچو گَپ منجھان نڪري سنئون سُبتو ڪو گس ڳوليون

    اچو گَپ منجھان نڪري سنئون سُبتو ڪو گس ڳوليون
    رُڳو نعرن جي نگرين ۾ حياتين جا نه پنڌ روليون

    نڪو ئي پيپلا پنھنجا، نڪو ئي ليگلا آھن
    اھي واڳون وارو ڳوڙھا ويٺا ھر وقت تي واھين
    اليڪشن جي کٽڻ کان پوءِ کلن سُوڌو ٿا سڀ کائين
    ويو سچ آھ سُڪي سنڌ ۾، ھڻي رڳو ڪوڙ پيو ڇوليون

    ڀٽائي جو قسم ڏيان ٿو ته بي ايمانن ڪِنا بچجو
    سچل جي سوچ تي آھيو ته ان جي ساک پت رکجو
    ٻنھي جو ننگ رکڻو ٿئو ته نائون مل نه ٿي اچجو
    کڻو تنين پير پنھنجن جا چنيسري پاتيون ڇوليون

    خدايا سنڌ ڌرتي تي ڪو سچ جو تون سُڪار آڻج
    ڪُھن انصاف کي جيڪي انھن جو ھت ڏڪار آڻج
    ڪري پنھنجن جا پنھنجو اھڙي مون لئي پڪار آڻج
    ڀڃي مون سڀ ڇڏيون آھن ڏنيون پاپين جيڪي پروليون

    ڌڻي مون کي دين پنھنجي تي رکج قائم سدائين تون
    وڃان جي واٽ کان نڪري وري مون کي واٽ لاھين تون
    ٻين جا ٻيا به ڪئين ھوندا مگر ”حافظ“ جو آھين تون
    ڏسي رحمت تنھنجي جا رنگ جھليو بيٺو آھيان جھوليون


    غريبن جا غمخوار جيڪي سڏائين

    غريبن جا غمخوار جيڪي سڏائين
    اھي ئي اسان کي ٿا قاتل ڪُھائين

    ڏسان ٿو ادا جو اسان تي ٿئي پيو
    وڏي پيٽ وارو ڪنھن جو رت پئي پيو
    جيئاري ٻين کي نه پر سو جيئي پيو
    ائين قيد ۾ ھِت پيا ڪُڙمي ڪمائين

    مُٺا ھِت ته مسڪين مانجھي اسان جا
    صبح کان وٺي سُور سانجھي اسان جا
    ويھن ولھه ھيٺان وير وانجھي اسان جا
    ھو بنگلن ۾ بيٺا ته بغليون وڄائين

    شرابي ڪبابي ھتي ڪار آھن
    بکئي پيٽ وار ته بيڪار آھن
    ويندا لُڙ لھي ڏينھن ٽي چار آھن
    اِجھو ڏس تون آنھون وڃو عرش ڊاھين

    چوان سچ جي ٿو ته مون تي سزائون
    وڏو شر پسند پوءِ سڏجان ٿو آئون
    ٿيندو گھر کي گھيرو ڪندي فوج ڪاھون
    اھي ھت ته قانون اسلامي آھن

    لڳايوس ڦٽڪا سرعام سھڻا
    اھو آ اسان وٽ ھت اسلام سھڻا
    نڪي رب ھتي آ نڪي رام سھڻا
    ائين ھت ٻيا ڦورو اسان کي ڦٻائين


    ھُجن نانگ ڪارا ته مرليون کڻون، ڪي، ھتي رڳو ڳوھون پيون ڦوڪون ڏين

    ھُجن نانگ ڪارا ته مرليون کڻون، ڪي، ھتي رڳو ڳوھون پيون ڦوڪون ڏين
    جنين جي ھٿن ۾ ھئا مڻ مري ويا، ڏِسيو تِن جو ليڪو پيا جوڳي جيئن

    ڪڏھن ڪنھن به سُر تي نه ڳوھ آھي ريڌي، سڄو ڏينھن ڀَلي تون پيو سورٺ وڄاءِ
    ٺلھيون ڏِيندي ڦوڪون ھو ڦڻ ڪانه ڪڍندي، ميان منگتا تون نه مُرلي لَڄاءَ
    جيڪي سُر کي سمجھي کڻي سرَ ھئا اِيندا، اھي نانگ ھاڻي نه ٿو ڪو نپاءَ
    مري سڀ ويا آھن مڃان ٿو مٺا، پر متارا اڃان ٻيو نه ٿا مَٽ پيئن

    ڪُنن ۾ گھڙن جو نه ڪاپو ڪري ٿو، ائين ويٺو مانگر جھلي مورڙيو
    نه ڪو رائين رڇ ۾ وجھي وقت تي ٿو، نه ڪو ڪوبه سڳڙو اٿس سورڙيو
    سو گھاتو سڏائي گنگھار ٿئي پيو، گھاروڙي نه آھي، آھي گھورڙيو
    جنين پنھنجي ٻيڙيءَ کي ھٿ ساڻ ٻوڙيو، اھي ئي ناخدا ٿيو پيا مون کي نِيَن

    قذاقن جي پويان نه ڪھاڙيون کڻين ٿو، ۽ پنھنجن تي ويٺو الارين ادا
    اَمر سڀ عُمُر جا رکين پيو اکين تي، پوءِ مارن جي ڪھڙي ڪرين ٿو مدا
    سڃاڻان ٿو توکي اي پنھنجن جا پاپي، اٿئِي ويل ۾ سڀئي وَانگِي وڌا
    اِنھي حال تنھنجي تي ”حافظ“ اداڙي، نه پنھنجا به تُنھنجا ٿا پنھنجا ٿين


      اسين به جي حرام کي حلال چئون وَڻِي پئون

    اسين به جي حرام کي حلال چئون وَڻِي پئون
    اکيون پوري گڏھ کي چوان جي ڳئون وَڻِي پئون

    ڀَڄي به ڪِينَ ٿا سگھون، پُڄي به ڪِينَ ٿا سگھون
    نه ڪي ڪنھن ڪاڻ ۾ وري کڄي به ڪِينَ ٿا سگھون
    جھڪي پوان ته جند ڇُٽي، ٿيان نه سنئون وڻي پئون

    ڍڪيم ٿي ڪُوڙ جو ڪُنو، ضمير مان ذرو پُنو
    ڏِسي مون کي ڏُکارو ٿيو رڙيون ڪري اَچِي رُنو
    ڦِرون نه ڦيڻ کي پَسِي ويھي رَھون وڻي پئون

    ڀلي پيو پنڌ ۾ پُسان ويھان نه آئون ڪِٿ وَسان
    مون کان ته رات پئي رُسي آئون ڏينھن کي ڪٿي ڏِسان
    اڃان به جي اونڌاھ کان وڃان نه وَئُون وڻي پئون


      ڪُتي ٻلي جو زخمي ناھيان

    ڪُتي ٻلي جو زخمي ناھيان
    انسانن جو کاڌل آھيان

    ھِن جي گِگ ۾ زھرُ وڏو آ
    مُون کي ھن جو چَڪ لڳو آ
    دوا گوري تي نه سُورُ ڀَڳو آ
    درد ڪَٿا ھي ڪَنھن کي ٻُڌايان

    ھِن کان ڏاڍو آئون ڊڄان ٿو
    ھِن جي پاڇولي کان ڀَڄان ٿو
    ھن بي پتي کي نه پُڄان ٿو
    ھِن کان ڪِيئن آئون پاڻ بَچايان

    ڇتو ڪُتو ته به ڌڻي سُڃاڻي
    مُحابي مان ھي مُور نه ڄَاڻي
    دوست برادر سڀ کان تَاڻي
    ڪھڙو ھِن تي حِيلو ھَلايان

    ھمدرديءَ ۾ ھِيرا ڦيرِي
    واھُر سڏائي بَنجي ويرِي
    ”حافظ“ ھِن جي دل آ ميري
    مُوذي ھِن کي ڪيئن مَڃايان


    ڪٿي باٿ رومن کي برقعو پيل آ، ڪٿي ڇو اگھاڙو بدن آھي ڪنوارو

    ڪٿي باٿ رومن کي برقعو پيل آ، ڪٿي ڇو اگھاڙو بدن آھي ڪنوارو
    زماني جا مُفتي تون مون کي ٻڌاءِ، کنيو آھي روزي جو ڏَسُ ڪنھن اِزارو

    ڪنھن ناريءَ جو نالو رکي ماءُ نُوري، ته ان کي ٿي ڪِيئن اک تماچي تَڪي
    ھي پنھنجي حوس جو ڪري ٿو پورائو، ھُتي ھو سھاڳڻ ڪنھن ٻي لئه سڪي
    ڪنھين کي ته اگھه جي به ڪا اون ناھي، ڪِنھين بُت وِڪيو پنھنجو آني ٽَڪي
    ھي اعزاز ڪنھن کان مليو يار آھي، گناھ تي به ڪنھن جو ٿِئي پيو گذارو

    اڃان تائين سچ جو صحيفو نه سمجھيئي، ته قيامت جي ڏينھن پوءِ ڪھڙي ڪم ۾ اِيندين
    ھينئر روح آدم حوا جو روئي پيو، اڃان ھن کان پوءِ تون اک پَٽيِندين
    جي ابليس ناھين ته پوءِ ٻڌا تو، ھتي ڪنھن جسم جو تقدس تڪيندين
    سچي ڳالھه انا جي ٺلھي ڪيس تي، جنھن معصوم دل جون ٿا مُرڪون وڃايون
    انھي جي عزت جو قسم مون کي آھي، ته ناحق جو آھي ڪيڏو نظارو

    جنھن جو روح ڪافر ۽ مذھب مسلمان، اھو تون ٻڌاءِ ڪھڙي تعليم ڏيندو
    مئي کان ته پوءِ الائي ڇا ملي، ھي ته جيئري ئي ڪنھن کي جھنم ۾ نيندو
    جي ”حافظ“ آھين پوءِ ته اوري ھليا تون، اھو رت پيئندڙ رٿون ڪھڙيون ڏيندو
    جو قرآن پڙھندي به پئي ڪوڙ ۾ پيو، انھيءَ کان ڪفر جو ڇا وٺبو ڪفارو


    جنت جو آھيان شھزادو

    جنت جو آھيان شھزادو
    ھُئم داڻي تان ڌِڪ کاڌو

    ڪَئين لا وارث اڄ لاش ڏٺم
    پوءِ ڌرتي ۽ آڪاش ڏٺم
    ڪنھن ڀيڻ اڳيان بدمعاش ڏٺم
    اھڙي شوق تي اڄ شاباش ڏٺم
    ته به سَڏجان صاحبزادو

    ڪا ڏينھن ڏٺي جو ڏُک ڏِسي
    ڪا رات جو ھت ٿي رَاڻِي ڪُسي
    ڪنھن ويچاريءَ کان وَرُ رُسي
    پوءِ پنھنجي اکين سان پاڻ پُسي
    ڏِسُ آدم شاھ جو اِرادو

    آئون اشرف مخلوقات آھيان
    يا ائٽمي ڪو آلات آھيان
    ڪٿُ ڏينھن آھيان ڪٿُ رات آھيان
    کڻَي ظاھر سچ جي ذات آھيان
    ته به مارڻ جو ٿس مادو

    ڪھڙي ڳالھه تي ڏِسُ آئون ڳھن ڪريان
    ھو پاپي تَڪي ويٺو مون کي پَريان
    آئون پنھنجو ڪيئن ڏَسُ پيٽ ڀَريان
    ويٺو ڌرتيءَ تي اھو ڌيان ڌريان
    ڪٿ راجا آھيان ڪِٿ راڌو


    نه ڪو پنھنجي مرضي سان پيدا ٿياسين، نه ڪو پنھنجي مرضيءَ سان ئي يار مربو

    نه ڪو پنھنجي مرضي سان پيدا ٿياسين، نه ڪو پنھنجي مرضيءَ سان ئي يار مربو
    اچڻ ۽ وڃڻ جو جي وھنوار وَرتِئين، ته دوزخ بھشت مان ڪھڙو پاسو ڀربو

    ڪو رشوت ڏئي ٿو، ڪو رشوت وٺي ٿو، ٻئي پاسا دوزخ جو ٻارڻ چون ٿا
    ڪنھن بي ڏوھ مظلوم نياڻيءَ کي ماري پوءِ ڪارو ۽ ڪاريءَ جو ڪارڻ چون ٿا
    نمازن ۽ روزن تي آ ويڙھ جن جي، اھي ڪھڙو ڪلمون اچارڻ چون ٿا
    حقيقت الائجي ته جي ڪيڏانھن ھلي وئي، حرامين جي ھٿ ۾ رڳو آھِ حربو

    ھينئر معاملو سڀڪو پنھنجو مچايو، ويٺو واقفيت پنھنجي وڌائي
    ڏين ٻانگ ھڪڙي وڙھن واعظن تي، سنئين واٽ سڀڪو پيو پنھنجي ٻُڌائي
    اڃان تائين راحت جو رستو نه ملين، ڪو مندر جي پويان ڪو مسجد اڏائي
    اسان جو ته رستو ٻنھيءَ کان الڳ آ، اِنھن جي ئي گس تان نه ڪڏھن گذربو

    ھي مغرور ماڻھو ڪو مسڪين ماري، مفادن جي خاطر پوءِ معافي وٺن ٿا
    جھان ۾ ته حق آ سڀن کي جيئڻ جو، ھي جابر ڪھڙي جاگرافي وٺن ٿا
    خدا کي آ معلوم سڀڪو مھانڊو، اھا ڪھڙي چارج اضافي وٺن ٿا
    ڏسي ظلم اھڙا ضعيفن تي ذر ذر، اسان جي ذھن ۾ زھر آھي ڀربو

    عمل کان ھتي يار آھي آڱوٺو، رُڳو ڳالھه سڀڪو سڻائي سُٺي
    نيت ۾ جنين جي رھن نانگ ڪارا، انھن جي پچر ۾ ڇڏيسين پُٺي
    حيا وارو جيڪو ھتي ھوندو ”حافظ“ انھن جي ته مرڳو حياتي مُٺي
    تڏھن شعر ٺاھي ڪو ٻارڻ ٿو ٻاريان، ٻُڌي جنھن کي پاپي آھي ڏس پگھريو


    ھتي ڏينھن سارو جي سجدا ڏيان ٿو ته مانيءَ جو مُلھه ڏَسُ مون کي ڪير ڏيندو

    ھتي ڏينھن سارو جي سجدا ڏيان ٿو ته مانيءَ جو مُلھه ڏَسُ مون کي ڪير ڏيندو
    ھي آدم جو پُٽ آ ملائڪ ته ناھي جڏھن پيٽ ڀربس تڏھن اک پٽيندو

    اي جنت جا وارث دوزخ جا مالڪ، اي مصلي جي ڪولھيان مون کي ڪُھڻ وارا
    ھي ھر روز مسڪين ھيڏا مرن پيا، ھنن لئه تو وٽ نه آيت اشارا
    آ امت به ساڳي مھانڊو به ساڳيون نه اسين يھودي نه اوھين نصارا
    نبي جي نشاني ٻنھي وٽ ٻُڌان پيو، ٻُڌا پيٽ تي ڪير پٿر ٻڌيندو

    ويھي لال ڪُرسي تي ڪلمان لکو پيا، ڇا ايمان جو اگھه اوھان وٽ اِھو آ
    گناھن جي نالي ۾ سچ کي پيا گھاڻيو، اوھان جي ڳچيءَ ۾ وڏو ڳٽ اھو آ
    ڀلي ڪنھن جي نياڻيءَ پئي نيلام ٿئي، پر اوھان ديندارن جو دوڌٽ اِھو آ
    اجھي مون وانگي جي ٿا منصور جاڳن، ٻُڌاءَ ڪيترا سِرُ پوءِ قاضي ڪٽيندو

    اوھان وٽ ته ايمان آھي اڌورو، اوھان جي عبادت تي اعتبار ڪھڙو
    ھي ستر فرقن جو سينھو مٿي تي سڻايو اوھان ۾ صحيح يار ڪھڙو
    خدا جو خليفو ته آئون به آھيان، ھي سنت نفل تي پوءِ تڪرار ڪھڙو
    تھجد ۽ تقوى جو تورو آ تو وٽ، سُئي ساھمي پاڻ صاحب تَڪيندو

    وڏي سَڏ ھي واعظ وَڏِي ٻانگ وَرَ تي وڻائڻ لئه تو وٽ وڏو وات آھي
    پڙھي پاڪ ڪلمون ۽ ماري مسلمان ڦُري ڪنھن جي ڏھٽن کان فرات آھي
    بُکئي پيٽ وارو جي بنجي ٿو باغي ته ”حافظ“ اوھان جي پوءِ ھيھات آھي
    مگر ياد رک او يتيمن جا ماري، ھتان ڪوبه خوني نه ھاڻي کٽيندو


    وڏو جِتي ڪو واڪ لڳي ٿو

    وڏو جِتي ڪو واڪ لڳي ٿو
    اتي ئي سچ کي کاٽُ لڳي ٿو

    بيان بازي لٻاڙ لاڦون
    ڇَڏِيَنَ ليکو صفا ٿيون لاھي
    ڪَلھي ذھن کي ڪات لڳي ٿو
    اتي ئي سچ کي کاٽ لڳي ٿو

    جيئڻ جو رُتبو اسان نه ڄاتو
    مُلين جو خطبو ٻُڌيو مَرون ٿا
    وڏو شڪل جو شاٽ لڳي ٿو
    اتي ئي سچ کي کاٽ لڳي ٿو

    ھلائوڪن جا ھُجوم آھن
    اسان جي حد جو خدا آ ”حافظ“
    سُڪون کي سوساٽ لڳي ٿو
    اتي ئي سچ کي کاٽ لڳي ٿو


      اسين نه ڪنھن جي اچر پچر ۾ ازل کان آھيون اڌورا ماڻھو

    اسين نه ڪنھن جي اچر پچر ۾ ازل کان آھيون اڌورا ماڻھو
    اسان جون جھوليون جبر سان ڀريل اسان کي ڏسندي ڪنول ڪوماڻو

    پَري ھي منھنجا پساھ ويندا اتي به مون کان پڇا جي ٿيندي
    انھن کي چوندس اتان اچان پيو جتي ته سچ تي گھمي ٿو گھاڻو

    سليان نه ڪنھن سان ڳالھه سچي آئون ھتي به مون کي گمان آھي
    متان اتان جو اَچِي نه پھچي جتان آ منھنجو ھي روح اڏاڻو

    جياپي وارو جھان آ يا ھِتي به ڪنھن جي غلامي ھوندي
    ھُتان جو باغي ھِتي آ پھتو ھِتي ته ناھي ڪو جيل ٿاڻو

    حياتي پوري حياءُ ۾ گذري، مگر حرامين تڏھن به ھيسيو
    اھا ته حالت سَٺي پئي ”حافظ“ تڏھن ھُتان ٿس ڪو ھالاڻو


    سوچ جي ڪنھن سفر ۾ مون کي ساٿ ڏيو

    سوچ جي ڪنھن سفر ۾ مون کي ساٿ ڏيو
    آھيان اونھي ڏھر ۾ مون کي ساٿ ڏيو

    ڏينھن جو سُور آئون ويندس سھي
    پر رات جي ڪنھن پھر ۾ مون کي ساٿ ڏيو

    ڪير غازي ٿي موٽيو آھي ڪربلا مان
    شھيدن جي شھر ۾ مون کي ساٿ ڏيو

    ڪونه ڪنھن کان پڇيم ڪھڙو مذھب اٿو
    انسانيت جي اکر ۾ مون کي ساٿ ڏيو

    سڀاڻي ملي جيسين آب حيات
    تيسين اڄ جي زھر ۾ مون کي ساٿ ڏيو

    اڃان وقت منھنجي وَصل جو پري آ
    ھينئر جي، ھجر ۾ مون کي ساٿ ڏيو

    مون نه پوشاڪ پاتي ته ڇا ٿي پيو
    رڳو ماني ٽُڪر ۾ مون کي ساٿ ڏيو

    زندگي جي ضمانت نه ڪنھن آ ڏني
    جيسين آھي امر ۾ مون کي ساٿ ڏيو

    حشر ھُن ۾ ”حافظ“ پاڻھين حق وٺندو
    رڳو ھن حشر ۾ مون کي ساٿ ڏيو


    ڦٽڻ تي لوڻ ٻُرڪڻ جي فضيلت پيا سکن ماڻھو

    ڦٽڻ تي لوڻ ٻُرڪڻ جي فضيلت پيا سکن ماڻھو
    حراميءَ کي حلاليءَ جو لقب ڏئي پيا لِکن ماڻھو

    کڻي ڪيڏا به ڪاريگر ٿي، ڪارو مُنھن ھو ڪن پنھنجو
    تڏھن ڀي رنگ پڌرو آ پري کان پيا بکن ماڻھو

    اسين گوشه نشيني ۾ به ڪنھن سان يار گڏ آھيون
    انڌي کي ڪيئن خبر پوندي ته آڏو آ اکين ماڻھو

    دُعا ۽ خير سڀني لاءِ گھرنداسين پيا گھر ويٺي
    اسان ڏي روح جو رايو کڻي ڪھڙو به رکن ماڻھو

    جيئڻ جو حوصلو ”حافظ“ کي سيکاري ويئي جيجل ماءُ
    تڏھن سو جام پيئون ٿا نه جيڪو ٿا چکن ماڻھو


      جتي اسان لئه جھان سارو حجاب وانگي ھجي ته پوءِ

    جتي اسان لئه جھان سارو حجاب وانگي ھجي ته پوءِ
    اتي ڪو نيت خراب مون لئه ڪتاب وانگي ھجي ته پوءِ

    ڪڏھن به سچ جي چوڻ ۾ يارو چڱائي ڪانھي اسين به چئون ٿا
    وڏھ ھي ڏوھ به ڏسڻ ۾ جيڪر ثواب وانگي ھجي ته پوءِ

    اڳيان ھو عابد پٺيان ھو زاھد اچي چيائون اچو اسان سان
    اسان جو نعرو ٻنھي لئه يارو شراب وانگي ھجي ته پوءِ

    اچي ڪو قاتل چوي اسان کي اوھان جو آئون مسيحا آھيان
    اھا به ان جي رحم جي دعوى عذاب وانگي ھجي ته پوءِ

    مون کي ھي ڪھڙي مجال آ جو انھن جي حد ۾ ھلي ھي ”حافظ“
    باقي ڪو سکڻو سوال تنين جو جواب وانگر ھُجي ته پوءِ


      وڏيري جي در تي وڃڻ آ گناھ

    وڏيري جي در تي وڃڻ آ گناھ
    مُلئين کي به يارو مڃڻُ آ گناھ

    اسان جي طبيعت ٻنھيءَ کان ڪَئِي توبھه
    ٻَڌي ھٿ ٻنھيءَ کي ملڻُ آ گناھ

    تڪبر جي ھٿ ۾ کڻيو لٺ ھَلنَ ٻَئي
    حقيقت ۾ اِئين ھَلڻُ آ گناھ

    ٻنھيءَ جي نه ٻولي اسان کي وَڻِي ٿِي
    ٻِنھيءَ جِي ئِي ٻولي ٻُڌڻَ آ گناھ

    ٻنھي کان نه وڌ ڪو شيطان ھوندو
    ٻِنھيءَ سانُ رشتو رَکڻُ آ گناھ

    ٻنھيءَ کي ته ھِڪَڙي آ ”حافظ“ سڃاتو
    ٻنھيءَ کي پري کان ڏسڻُ آ گناھ


      وڪوڙي پيٽ جو واڳون، وٺي ويو وير ۾ آھي

    وڪوڙي پيٽ جو واڳون، وٺي ويو وير ۾ آھي
    ٻُڏڻ کان پيو ھڻان ٻانھون، سُڃُو سرَ سير ۾ آھي

    نڪَي تُنبي نڪو ترھو، نڪي سيڻاھ اٿم سَاڻِي
    پيو پاتار ۾ آھيان نڪي ڄاڻي نڪي واڻي
    پُڄان ڪنھن پيچري تي آئون پتوڙيان پيو تيسين پاڻي
    ڏسي لُڙ ڪِينَ لڱ لُڏندا ترڻ تقدير ۾ آھي

    ڀلي ڪُن منھنجي ڪولھيان ھوءِ مگر آئون به ڪم ناھيان
    انھي دھشت ۽ دڌڪي کان وڃان دٻجي سو دم ناھيان
    اڃان ھڏ ھٿن تي آھي صفا چوھڙو آئون چم ناھيان
    گھڻو جي آب ارڏو ٿيو سھپ سرير ۾ آھي


    شھيد ٿي ويو سڳورو سرمد، اڃان به ساڳيون سماج آھي

    شھيد ٿي ويو سڳورو سرمد، اڃان به ساڳيون سماج آھي
    ويھه ئي صديون ويون ٻري وسامي، ھيئنر به روشن ھلاج آھي

    ڪميڻو ڪھڙا ڀري ٿو ڪلما، اکين جي آڏو عجيب لڳندو
    اسان جون نظرون اتي ئي نڪتيون، نبار جو جِت نپاج آھي

    اوھان جي پويان پڙھي ھي تسبيحون، وجود مرڳو گھران به ڪنھن کان
    ٿيان جي ٻيجل کڻان جي سُرندو، ڀَلا ھِتي ڪو ڏياچ آھي

    کايان به گھر جو، گلا به مُنھنجي، انھيءَ کان وڌ ٻيو گناھ ھوندو
    ھتي سڄو آ انڌي جي پويان تڏھن ته سنڌ ٿي اپھاچ آھي

    پليت وانگي پٺيان لڳي جو، اھو ئي سڀ کان پيارو آھي
    اسين نه ڪنھن جي پٺيان لڳاسين، تڏھن دنيا ٿي پھاڄ آھي

    وڏي وبا ڪا وڪوڙي ويئي آ، وجود ڪيڏا وڪامي ويا ھن
    تڏھن ته ”حافظ“ اڃان آ ھيڻو ٿيو نه ڪوئي علاج آھي


    سَاڳي لاٽون سَاڳي ڏور، ساڳيو ڦِيرَڻ وارو آھي

    سَاڳي لاٽون سَاڳي ڏور، ساڳيو ڦِيرَڻ وارو آھي
    سياست جو رنگ ڪَارو آھي
    ڪڏھن ”ق“ ۾ ڪڏھن ”ن“ ۾ ڪيڏو ٺَڳُ ھوشيار آھي
    سياست جو رنگ ڪَارو آھي

    قوم ويچاري اَنڌِي ٻوڙِي
    ڪونه سَڃاڻي نانگ ۽ نوڙِي
    تَاڙين جي آ تَال تي ڊوڙِي
    نَعري تي بَس نَعرو آھي

    ھي ته وڏيرا روز وِڪامن
    ڏاڏن، نانن، وانگي مامن
    سَکڻي ڪُني وانگي اڀامن
    ڪَھڙو مُنجھن موچارو آھي

    تو لاءِ مون لاءِ شينھن جي ھي مَٽ
    ڌارين اڳيان گِدڙ کان گھٽ
    متان ڊِڄين ڏسي مُڇين جا وَٽ
    ڪوڙو بي ڪردارو آھي

    پيپلو ليگلو پراپرٽي آ،
    کائڻ جِي ٻِنھي ٺاھِي گھٽِي آ،
    توتي مون تي ٻيڻي چَٽِي آ،
    شريف ھِت ويچارو آھي

    ايم ڪيو ايم جا جوتا جوڙِين
    نائن زيرو تي نِراڙ کوڙِين
    کيرِ ڇَڏي پيا پاڻي وِلوڙين،
    کوٽن تي کانگھارو آھي

    رات ھُجي يا ڏِينھن ھُجي ،
    گوڙ ھُجي يا مِينھن ھُجي،
    سنڌ سان پَنھنجو نِينھن ھُجي،
    ”حافظ“ جو اِھو نعرو آھي.


    اسين ھن دنيا جي حقيقت ڏسي

    اسين ھن دنيا جي حقيقت ڏسي
    ويا تُنھنجي واعظ کان آھيون رُسي

    ڪِٿي حال ھاريءَ جو ھيبت ڀريو
    ڪٿي ڪنھن ڪنواريءَ تي ٻارڻ ٻريو
    وڏو وات ڦاڙي وڏيرو وريو
    ويچاري ونيءَ وَر کان اڳ ويئي ڪُسي

    تنھنجو دين خاموش ته به ھو دلير
    ٽُٽي ڪنھن نياڻيءَ جي ناحق پئي ڇير
    ارھ رب ڏنو پر ھي قابو آ ڪير
    مِٺي ماءُ ڪولھيان دَرندي دَسِي

    اڃان ڪونج جھڙي ڳچي ڳٽَ ۾ آ
    لڌي ڪنھن نه لالڻ آھي سُڌ سما
    تڏھن حق بخشيو مُومل جو ماءُ
    نه پوتي پيس، ۽ نه پينگھو پَسي

    سڻايان ڪھڙو سڪ ڀريو داستان
    نه ڪو تير آيو نه خوش ٿي ڪمان
    وھيا رت جا دريا ۽ نڪتا نشان
    اڀاڳي اَدِيءَ جي عمر ٿي اَسي


    اڃان ڪنھن ڪنھن راتين ۾ روزي کُلي ٿي

    اڃان ڪنھن ڪنھن راتين ۾ روزي کُلي ٿي
    ٻُڌون پيا تڏھن مون کي ماني ملي ٿي

    ھي بارود ھيڏو ملي ري بھاني
    ڪيو مون کي محتاج آ ٽَڪي آني
    چون ٿا ٿي جِيئري جھنم جي خاني
    ڪُڇان ٿو ته پوءِ قبر ئي رُلي ٿي

    ڪڏھن دين دنيا جو ڪَن ھي ڌماڪو
    ڪڏھن زَھد تقوى جو چاڙھين تاڪو
    ڪڏھن خون ڪَريو پوءِ ٺاھين خاڪو
    تڏھن ته مون تي فتوى جي مُرلي ھُلي ٿي

    ھي جيئري ئي ويٺا ٿي جنت جا وارث
    نه ڪي ھي ٿڪن ٿا نه موڙين آرس
    ھي مرحب جا مائٽ ھي ھر وقت حارث
    ھنن وٽ ته حُورن جي حُرمت جُھلي ٿي

    ھنن وٽ ته، قرآن گيتا به آھن
    ۽ پيارڻ لئه ”حافظ“ پليتا به آھن
    ھي ڪيھر، ٻيلائي ۽ چيتا به آھن
    ھِنن کي نه ڀيڻي ڀَلي ڪا ڀُلي ٿي


    ويئو نانگ آھي نِڪري، لِيڪو پيو يار ڪُٽجي

    ويئو نانگ آھي نِڪري، لِيڪو پيو يار ڪُٽجي
    منھنجو ٿو ساھ گھُٽجي

    ڪو احترام ڪونھي ڪو انتظام ڪونھي
    تنھنجي ۽ منھنجي وچ ۾ اڳيون امام ڪونھي
    پئسي کي ھر گھٽي آ غربت جي لڄ پئي لُٽجي
    منھنجو ساھ ٿو گھُٽجي

    قانون ڪھڙو آھي مسڪين ڀيڙو آھي
    ڏاڍي جي لٺ کي ڏھ مٿا انصاف اھڙو آھي
    ڀاڳي کي ڪَن ٿا قابو ٿاڻي مان چور ڇُٽجي
    منھنجو ساھ ٿو گھُٽجي


      رُسڻ واري کي جھل ڪانھي ملڻ واري کي جھل ڪانھي

    رُسڻ واري کي جھل ڪانھي ملڻ واري کي جھل ڪانھي
    اسان جي حال تي جَانِي کِلڻ واري کي جھل ڪانھي

    ھميشه ھڪ جھڙي ھَلندي ڪڏھن ڪنھن جي رَھي ڪانھي
    بيھاري مون کي برپٽ ۾ ڀڄڻ واري کي جھل ڪانھي

    ڪَمائِي ڪُوڙ جي آ ھت سچائي سُور کائي ٿي
    ڏُکي ان راھ رُڪ جي تي اچڻ واري کي جھل ڪانھي

    اسان کي آسرو الله ۾ سڀ کان وڏو آھي
    صبح ۽ شام جو جنھن کي سڏڻ واري کي جھل ڪانھي

    فقط ھڪ سال ۾ ابليس کي ٽي ڏينھن لڳن پٿريون
    باقي آدم کي روزانو ھڻن واري کي جھل ڪانھي

    انھن ماڻھن مان آئون ناھيان جنين جو حال جوٺو آ
    آئون ”حافظ“ ٿي ھتي رھندس ھٽڻ واري کي جھل ڪانھي


      نه اِيندن جي آڏو نه وِيندن جي پويان

    نه اِيندن جي آڏو نه وِيندن جي پويان
    جِتي مُنھن آ ميرو اتي پير ڌوئيان

    نه سَجدي جي جاءِ جي سَاڃاھ جِن کي
    نه سُقراط سرمد تي ويساھ جِن کي
    نه سمجھائي سَگھيو آھي شاھ جِن کي
    انھن جي عقل تي آئون ڪھڙو روئيان

    جَتي پَارسائيءَ جي پَڳ آ پليتي
    اتي پنھنجو مذھب نه مندر مسيتي
    ٻنھيءَ کان الڳ ٿي اسان نيت نيتي
    وَڻَائِڻ لاءِ آئون نٿو ڍُونڍ ڍويان

    جِتي روح جي ڪَانه رَاحت سُڃاپي
    جِتي ويٺو بي اِيمان اِيمان مَاپي
    جِتي بي ڏوھيءَ کي پِيو ڏوھي ڏوراپي
    اتي آئون ڪھڙا وِيھي موتي پوئِيان

    ڪِنين آ صليبن جو وَرتو سَھارو
    ڪِنين ٻِئي جي حَق کي ڏِنو آ ٻُھارو
    اِھو حال ”حافظ“ ڏسِي ٿيو ڏُکارو
    تڏھن چھڪ پَنھنجا پُراڻا پِيو چويان


    ڪنھينَ وٽ گوڏ ڪانھي ڪا، ڪِنھين لئه روز نَئين گاڏي

    ڪنھينَ وٽ گوڏ ڪانھي ڪا، ڪِنھين لئه روز نَئين گاڏي
    ٻَنھيءَ جو ساڳيو آ ڏاڏو، ٻنھيءَ جِي ساڳِئي آ ڏاڏاي

    اگھاڙين پيرين ٻئي آيا، ھتي ڌرتيءَ جي دامن ۾
    وڏي بي واجبي ٿي آ، ورھاست ۽ ورھاڱن ۾
    ھلي پيرئين اگھاڙو ڪو، اَچي ڪو پيو اڏامن ۾
    ٿئي ڪو پنج دفعا لاڏو نه ٿي ڪا ھڪ دفعو لاڏي

    جمھوريت جون به ڪيئن جنسون ھتي جوڙين پيا جابر
    نوان ٻج آڻي نسلن جا، ٻيڙو ٻوڙين پيا جابر
    بنيادي حق وارن کان ته مُنھن موڙين پيا جابر
    اسان جي ليڊرن جي اک، ڪڏھن ڪاڻِي ڪڏھن ٻاڏِي

    اوھين جي مڙس ماڻھو ٿيو، ته دشمن کان درياءِ واريون
    ائين معذور ٿي ويھندا ته ڪِين ٿا پوءِ ٻچا پاريون
    انھيءَ جو آسرو ئي ڪھڙو، ڌُريان ئي جو آھي ڌاريون
    اوھين ”حافظ“ جي ھِڪ ٿي پئو، ته ڪانھي ڪا به شئي آڏِي


    آھيان ڏينھن جو آئون ڏاڍو سڀن کان، آھي رات مون لاءِ ٿي رُڪ جھڙي

    آھيان ڏينھن جو آئون ڏاڍو سڀن کان، آھي رات مون لاءِ ٿي رُڪ جھڙي
    مون ڀانيو ته مون کان پَري کن ملندي، مگر ٻاجھه مون کي ملي ٻُڪ جھڙي

    نه ڪو جان جلاد کان جلد نڪري، نڪو ساھ منھنجو سنوت ۾ اچي ٿو
    ايئن ئي آھيان بسمل پيو بُل کايان، اڃان ڀاڳ ۾ پيو ڏسان ڇا بچي ٿو
    ھي منھنجي نصيبن جي ھي نشاني، ڪو نادان مون کي ڏسي ڪيئن نچي ٿو
    ڪئي ڪانه منھنجي پرين پؤاري، چَئِي حال پنھنجو ڪيم چُڪ جھڙي

    مسيحا به مون لاءِ ته ماري ٿي آيو، ٻڌايو مَڃان آئون ڪنھن جي مھرباني
    چڙھيس جنھن جي ٻيڙي ۾ سوئي ٿو ٻوڙي، ڏيکاري پيو ھر ڪو مون ڏاڍو جواني
    ورھاست جو وارث خدا کي ڪيو جن، انھن ئي ته مون کان کسي منھنجي ماني
    سھپ ۾ سکيو يار سڀ ڪجھه ته آھيان، مگر ماٺ مون کي لڳي مُڪ جھڙي

    اجايو ته ايمان مون وٽ به ڪونھي، جو اڇلي ڏيان ڪنھن بي ايمان کي
    پَڙھي پاڪ ڪلمون ڪري ڪم ڪفر جا، مڃايان تنھن نقلي مسلمان کي
    جي مومن آھين پوءِ ته مون وانگي ٿي اچ، نھاري ڏسون ھن نگھبان کي
    حياتي کان بيزار ”حافظ“ ناھي، پر مِلي ڄڻ ته مون کي زھر ڍُڪ جھڙي


    ڪير زماني کي ٿو جَھلي

    ڪير زماني کي ٿو جَھلي
    ھُو جِيئن وَڻِي تِيئن پيو ھَلي
    اسان پارو ھِت پاڻ ٿو پَلي
    ھُو جِيئن وَڻِي تِيئن پيو ھَلي

    ڪنھن جو زور ته زَرداري ٿيان
    ڪنھن جو زور ته ڪمداري ٿيان
    ڪُوڙو ڪپتيو ڪُڏڪاري ٿيان
    جِتي بِيھان اتي ھُجي بَلي

    ڪوڙ جو ھر ڏينھن اگھه چُري پيو
    سچ جو مُرڳو مُور ئي مَري پيو
    ھي به ڦُري پيو ھو ڦُري پيو
    سُور ويچارو ڪنھن سان سلي

    ھن جا رنگ نِرالا آھن
    سچ کي لڳا تالا آھن
    ڪُوڙ جا ڪِيئي نالا آھن
    مُلون به ويٺو وياج کي مَلي

    ”حافظ“ پنھنجو ھانوءَ سنڀاريان
    سَچُ کي پوئتي آئون نه نھاريان
    اتي پيو پنھنجو اندر نِھاريان
    جِتي انڌو پيو سڄي کي کَلي


    واقعاتي

    ڀٽائيءَ جا ڀاتي ھتي بُک ماري، ھي ڀوتار خوني بھاري گھُرن پيا

    ڀٽائيءَ جا ڀاتي ھتي بُک ماري، ھي ڀوتار خوني بھاري گھُرن پيا
    ٻُڌي ڇڏ ته ھاڻي انھن کي ڏبي ٻنڌ، جيڪي سنڌ ڏانھن مرضَ موذي سُرن پيا

    جنين ڪالھه شيطان جي شال اوڍي، ڪُٺا ڪئين ھئا انسان اجل کان به اڳ ۾
    اڃان ڀي انھن کي ڏيو جابرو ٿا جيئڻ لاءِ مون کان کَسي جاءِ جڳ ۾
    اي والي اعظم آئون تيسين پيو وڙھندس، رھيو خون جيسين آ منھنجي ته رڳ ۾
    انھي ويڙھ ۽ ويل لاءِ فاضل ۽ ھوشو ھِيئين ۾ ھُرن پيا

    اي چنگيزي چمچا چڙائي اسان کي ٻڌايو اوھين ڪھڙي چوٽي تي چَرندا
    اوھان کان سڀئي وير ساري پو وٺندا پائي ويس فاضل جو ويڙھيچا وَرندا
    لُٽيرن کي لوڌي ڪَڍي لوڪ مان ڇڏ، نه معصوم ڪنھن جا پوءِ ٻار مرندا
    آھيان چاليھه سالن کان آئون چٻاڙيل وري مون کي کائڻ لئه ٻيا ڏند چُرن پيا

    ھي منھنجي نسل جي بقا جي آ ڀيڻي، ھنن جي نمائش لئه ٻي جاءِ نھاريو
    ھي پاڙي جا پاپي اسان کان پري ٿين، وڃي ڪعبي قبلي کي ويجھا نھاريو
    اڳي به ڪلمي ڀائي کنيا ھئم ڪُلھي تي، تنين به رت منھنجو گھڻو اڄ آ ھاريو
    انھي ڏوھ جا اڄ عمل ھن اڱڻ تي، تُراڙي ۾ ڪھڙي طرف ڏس تُرن پيا


    ________
    سنڌ قومي اتحاد جو جلسو ٿيو، جنھن ۾ بھارين جي خلاف حافظ صاحب مٿيون نظم پڙھيو ھو


    اھو ٻار پئجي ويو پيٽ ۾

    اھو ٻار پئجي ويو پيٽ ۾
    اسين ڪيئن ڪنداسين ڪَتي چيٽ ۾

    انھي بي نڪاحي کي ايڏو ٿا ڀانيو
    صبح شام ان جا ويٺا ڳيت ڳايو
    انھيءَ جي اچڻ لئه ڇنا ويٺا ڇانيو
    وڪاڻان آھيو ڪنھن وڏي ريٽ ۾

    اڃان يار پيدا اھڙا ٻار ٿيندا
    ته چشمه ۽ پنج ند جھڙا پار ٿيندا
    اسان جي ٻچن تي وڏا وار ٿيندا
    ٻُڌا ڪير ويندو کري کيٽ ۾

    اچو اھڙي ماءُ جو مٿو ڇو نه ڦاڙيون
    حرامي ڄڻڻ لئه ھڻي ويٺي ڄاڙيون
    سَتين جي اڳيان اڄ اگھامن اگھاڙيون
    نه ورندو نه سرندو مِٺي مِيٺ ۾

    ڄمڻ ڇو ڏيو ھي ته ھينئر ئي ڪرايو
    سو پنھنجو تون چوندين جو ھوندو پرايو
    متان سچ چوڻ تي اوھين مون کي مارايو
    بيھاري ھن ”حافظ“ کي ڪنھن ٻي ڀيٽ ۾

    __________
    سيد علي مير شاھ جڏھن پاڻي ۽ بجلي جو صوبائي وزير ھو تڏھن اخبارن ۾ ڪالا باغ ڊيم بابت بيان ڏنائين ته اِھو ٻار اڃان پيٽ ۾ آھي ئي ڪونه. ان بابت اجايا خيال ۽ ويچار نه ونڊيو. ان متعلق حافظ صاحب اھو مٿيون نظم چئي ٻڌايو


    ھاڻي ٿي ويا پوڙھا آھيون

    ھاڻي ٿي ويا پوڙھا آھيون
    سچَ ٻُڌڻ کان ٻوڙا آھيون

    جوانيءَ ۾ ڪَئين جوانيون ماريم
    ماءُ ۽ ڌيءُ ڏَي ڪونه نھاريم
    ٻنھيءَ تي پنھنجو ٻيڙو تَاريم
    ٻُڌندا نه ھاءِ گھوڙا آھيون

    نيراني ۽ ناشتو پوءِ
    پھرئين جانچون ٻئي جي جوءِ
    کنڀي کڻبس ڪير به ھوءَ
    ڪندا ڪوسا ڪَوڙا آھيون

    آخر سنڌ اَمير ھُئاسين
    ظالم بي ضمير ھئاسين
    پنھنجي ليکي پير ھئاسين
    ڏانَ به وٺندا ڏوڙا آھيون

    رات جي پيٽ ۾ راڄ لڏايم
    ڀاڳيا ٻَڌائي چور ڇڏايم
    ”حافظ“ صاحب پاڻ پڏايم
    ڇِڪي لاھيندا ڇوڙا آھيون

    ______
    حافظ صاحب جو مٿيو نظم سنڌ جي وڏيري جي مجموعي ڪردار متعلق آھي


    ڪاٺ جي پورھئي تي ھي ڪنواريون گھر بنا گذران پيون ڪن

    ڪاٺ جي پورھئي تي ھي ڪنواريون گھر بنا گذران پيون ڪن
    ھٿ ۾ ھٿوڙو حال اِھو ھر ڪنھن کي ڏِسُ حيران پيون ڪَن

    رات جو پھرو پاڻ تي ڏين ڏينھن جو ھيڏا ڏُک ڏِسن
    ويچارين جو وات به بند، ھو ڪنھن کان پنھنجو وير وَٺن
    ارڙھن سالن جون ٿيون آھن، ڪا ته اندر ۾ آس اٿن
    پَٽُ اکيون تون پاپي ڏِسُ، ھو ڪھڙو بُت بَيران پيون ڪن

    پيٽ جي خاطر پَٽَ تي ويٺيون ڏينھن تتي ته به ڏاڪ ڪُٽِين
    سج لٿي جو سانجھڻ کان پوءِ ساڻيون ٿي ٿيون سَاھُ پَٽِين
    مھيني کان پوءِ ماٺ ماٺ ۾ پنھنجي مُنھن ٿيون ميٽ مَکين
    ايندن ويندن جي ٿيون اک ۾ موھيو ڪَئِين مستان پيون ڪَن

    روڊ جي پاسي ۾ ھي راڻيون مون کي روئاڙي پاڻ رُنيون
    لعل وَھيءَ تي لڙڪ وھي پيا، وَرَ بنا ھي ڏسندي وَنيون
    ڪي ته وڏيون ٿي ويٺيون آھن ڪن اڃان ڪڍيون مس ڪَنيون
    اڄ سڀاڻي سڀ اٿڻ جو تنھنجي اڳيان اعلان پيون ڪَن


    ____________
    متاري ھوٽل جي ڀَرسان ڪاٺ جو دِڪو ھو، اتي نوجوان ڇوڪرين ڪاٺ جي دِڪي تي مزدوري پي ڪئي، حافظ محمد نظاماڻيءَ ۽ ٻئي ھڪ نوجوان جو گذر ٿيو، ان متعلق حافظ صاحب مٿيون نظم جوڙي ٻڌايو


    مُنھنجي دل ۾ درد آ، ان کي نه تو جي دُور ڪِئو

    مُنھنجي دل ۾ درد آ، ان کي نه تو جي دُور ڪِئو
    پوءِ ٻُڌا توکي خدا ڇا لاءِ مون مشھور ڪِئو

    ڪالھه رڙھندي تي ڪو راھ جو راڻو ڏِٺم
    ھو صفا بي حال پر مُنھن ۾ جھڙو ماڻھو ڏِٺم
    توکي ان جي حال کان الله اڻڄاڻو ڏٺم
    ته به تُنھنجي مڃتا کي ھُن آ مُرڪندي منظور ڪِئو

    پوپري پورھيو پئي ڪيو، پرمار تيسين اُت پُڳو
    ڳالھه ڳائڻ جي ھَلي پئي مون ٻُڌو روئڻ رُڳو
    ان ستم تي ڇو ڀلا نه ٿي سيڪ سرور کي لڳو
    ڪنھن شڪاري ڏَسُ جتي ڪَيڏو آھي ڪلور ڪِئو

    پاڪ نياڻي پيٽ خاطر ڪيئن پنيو پئي مون ڏٺو
    تنھنجي اک آڏو نه آئي يا خزانو ٿَئي کُٽو
    لوڪ جا طعنا مليا ۽ ٻيو به سڀ ڪجھه ھُن سَٺو
    اي ڌڻي دنيا جا ڏِسُ تو ھي ڪھڙو دستور ڪِئو

    ھوڏ ”حافظ“ جي نه آ توکان حقيقت ٿو پُڇي
    نانءُ ھڪڙو ٿو ٻُڌان ان جي ڪري ھي ڪِيئن ڪُڇي
    تو لِکيو سڀ جو لِکيو، تَنھن جي ڪري ٿي لنؤن لُڇي
    ته به مَلڪَ منھنجي مٿان مالڪ تو آ معمور ڪِئو


    پڪ اٿم ڪنھن پاپ جي خاطر تو ته وڏيرا وات پَٽيو

    پڪ اٿم ڪنھن پاپ جي خاطر تو ته وڏيرا وات پَٽيو
    مون نه ڏٺو پر ٻين ٻڌايو، رئيس ويٺي ڪو لاش لٽيو

    صورت ڪنھن نه سڃاتي ھئي، پر سمجھه ۾ آيو ھو ڪو صغير
    سھڻي مُنھن ۽ سوني رنگ جو ڳالھه نه پُڇ ھو ڳل ڳڀير
    مومل ماءُ کي مُنھن نه ڏيکاريائون کٽ چڙھي ڏي ڪنھن کي کير
    ھٿ ٻڌئين ۽ پيرين پئي ته به ھو ته حرامي ڪونه ھَٽَيو

    ماءٌ ويچاري ماٺ ڪريو ٿي پنھنجي مُنھن ماتام ڪري
    چَپَ چُريا ڪنھن کي چئي ڇو منھنجو ڄائو مون کان پري
    ھڪڙي ساعت ھيڏانھن ڪَريو ھٿ لايان ڪجھه ھانوءُ ٺري
    گھوڙاڙي ھِن گھُرڻيءَ سان گڏ ڪيئن ٿي نماڻي نير گھُٽيو

    پاڙي ۾ جي پوڙھو مئو ته به راڄ سڄي ۾ ھوندو رُئاءُ
    ھن ته ويچاري راڻي پٽ لاءِ روئي ھڪڙي رَاڻِي ماءُ
    ڳوٺ ڌڻين کي ڳھن نه ايندو ڳالھه ڀلي پيو ”حافظ“ ڳاءُ
    نيٺ ته پوندي تن کي نوڙي ڪالھه جنين ھو ڪيس کٽيو


    جِتي علم ادب جي کوٽ آھي

    جِتي علم ادب جي کوٽ آھي
    اھو منھنجو پنھنجو ڳوٺ آھي

    جتي ڪُڪڙ ڪُتي جي ڳالھه وَڻِي
    جتي ھيڻي کي لٺ ھر ڪو ھَڻي
    جت ڪوڙ جي سڀڪو ڳالھه سُڻي
    ۽ سچ کي سدائين ٽوٽ آھي

    گوڏ گنجي ۽ پير اگھاڙا
    سُوئر پُٺيان وَڃن سِرَھاڙا
    اَٺان اَٺين ڏينھن ھِتي آکاڙا
    مڙس منڊو اڻ موٽ آھي

    جت ماءُ کان مُرشد مٿي مَڃن
    ڪنھن ويجھي مائٽ ڏانھن نه وَڃن
    آ ڏاڙھيءَ تان کِل مُڇون مَڃن
    رڳو ڏيکاءُ لئه ڦڙ ڦوٽ آھي

    ڪو ٿو مَنو جِيئن مُرلي کڻي
    ڪو حاجي خان جي حام ھڻي
    ڪو ”حافظ“ ويٺو ووٽ ڳڻي
    پوءِ روز نَئِين ته رپورٽ آھي


    سنڌ / سنڌو درياءُ بابت

    رات جي پيٽ جي اوٽ آئون رکان ڪونه ٿيندو ائين

    رات جي پيٽ جي اوٽ آئون رکان ڪونه ٿيندو ائين
    سنڌ جي نانءُ ٿي کوٽ آئون رکان ڪونه ٿيندو ائين

    پاڻ چاھي ھُجون نه ھُجون ھرج ڪونھي اِھو
    پنھنجي تاريخ ۾ ٽوٽ آئون رکان ڪونه ٿيندو اِئين

    ماڳ تي جي نه پھتس مڙئي خير آ
    ساٿ اڌ ۾ ڇڏي موٽ آئون رکان ڪونه ٿيندو ائين

    بزدليءَ کي ته ڪَئين ٿا بھانا ملن
    بي ضميرن اڳيان ووٽ آئون رکان ڪونه ٿيندو اِئين

    ڳالھه ”حافظ“ جي ھوندي حقيقت ڀري
    سوچ پنھنجي ڇڏي نوٽ آئون رکان ڪونه ٿيندو اِئين


      اَچ ته اَڄ ايمان کي توري ڇڏيون

    اَچ ته اَڄ ايمان کي توري ڇڏيون
    سنڌ ڌرتيءَ تان ھيءُ سِر گھوري ڇَڏيون

    جنھن جي مٽيءَ کان مٿي ٻيو ڪجھه نه سمجھه
    دينداريءَ جو ڌرم اوري ڇڏيون

    جنھن جي سيني تي بيھه سجدو خدا کي مون ڪِئو
    ان تان ڪُوڙي بَت کي ڪوري ڇَڏيون

    غيرتون گھوٽن جُون ڪِئين مَرنديون ميان
    بي حيائن جا ته سِرَ ڀوري ڇڏيون

    صرف ”حافظ“ تي نه پئي تاريخ ۾
    مون ته ان لاءِ سڀ ڏِسون ڏوري ڇڏيون


    خَبيث جھڙو خراب چَھرو مليو ته ڪھڙو قرار ھوندو

    خَبيث جھڙو خراب چَھرو مليو ته ڪھڙو قرار ھوندو
    حُجَاج جي پڳ مٿي تي پاتئين سکيو ته ڇاجو سُڪار ھوندو

    نڪو ئي ٻانگون نڪو نمازون، اسان کي نيتون نڪور گھُرجن
    پرايو کائي پڙھي جو تسبيحون انھيءَ جو پڪ سان پگھار ھوندو

    جِنين جي ڪُنيت سدائين ڪُرسي، تنين کي ڪھڙو قياس پوندو
    جَتان پيو ايندو اتان پيو ويندو، انڌي گھوڙي تي سوار ھوندو

    چوان ٿو آئون چنيسرن کي ڀلي علاؤالدين اسان تي آڻيو
    اوھان جو پنھنجو معيار آھي اسان جو پنھنجو معيار ھوندو

    يزيدي فوجون ھتي ڦرن پيون تڏھن ٿيو پاڻي اسان جو بند آ
    امام وانگي اڃارو جنھن ڪيو خدا ڪندو سو خوار ھوندو

    اِھا ئي ڌرتي اِھوئي ”حافظ“ ھميشه ھوندا حبيب وانگي
    انھن سان جيڪو ڦٽائي مرندو ٻڌاءِ سو ڪھڙي قطار ھوندو


      آدم کان وٺي آذر تائين منھنجو سينو صاف نه ٿيو

    آدم کان وٺي آذر تائين منھنجو سينو صاف نه ٿيو
    بھشت منجھان مُنھنجي بدلي ٿي، تڏھن دوزخ جو ٿا دڙڪو ڏيو

    ڪالھه به مون ھئا ڪلمان سکيا، لَک سوا جي ليکي تي
    ھيڏو ڏاڏي مُلڪ وڃايو ھڪڙي حوا جي ليکي تي
    ھَٿ ٻڌي مون کان ھَڙ ڦري ويا، بيپرواھ جي ليکي تي
    ڪنھن تي ڏس پوءِ ڪاوڙجان، جي ڪالاباغ به ڪنڌ ۾ پيو

    سنڌو کي جنھن ناھي سڃاتو، تَنھن سان ڪھڙو سنڱ ۽ سياءَ
    مَرڻي پَرڻي منھنجو ناھي، ڀلي کڻي ھُجي منھنجو ڀاءَ
    ماٺ ڪري جي ھاڻي ويٺس، معاف نه ڪندي ڌرتي ماءُ
    دين ۽ ڪلمون پنھنجو ھَڪڙو، پوءِ به درياءَ کي در پيا ڏيو

    پاڙي وارن جي سائين، پارت ڪيئي آھي رب رسول
    پنھنجي بَڀ ڀَرڻ جي لاءِ تون پيو جوڙين انڌا اصول
    رزق حلالي تنھنجو ناھي، ”حافظ“ ٿيندئي ڇا ته حصول
    پنھنجي پتي وڪڻي، پوءِ منھنجو ڇو ٿا پاڻي پيئو


      ھي پاڻي آبِ حيات جو اٿئي، ھن سنڌوءَ ۾ منھنجو ساءُ آھي

    ھي پاڻي آبِ حيات جو اٿئي، ھن سنڌوءَ ۾ منھنجو ساءُ آھي
    جو ھن جو ويري آھي وڏو ، سو بُرو مُنھنجو نه ڀاءَ آھي

    ھي ساھ جي رَڳ کان مون کي مٺو، ھِن تان نه ڪڏھن آئون ھٿ کڻان
    تون سمجھي ڇڏ او دشمن سنڌ، آئون سؤ دفعا ڀل سُوري چڙھان
    آئون واڪ وڏي سڏ ڏيندو آھيان، توکي ته وڻان يا نه به وڻان
    ھن ڌرتيءَ سان منھنجي دل آھي ھي ڌرتي منھنجي ماءُ آھي

    ھن قوم جي قيادت ڪانھي ڪا، نه ته تون ڪيئن درياءَ ڌار ڪَرين
    ايڏي طاقت تو ۾ آئي ڪٿان، جو ايڏو وڏو وار ڪَرين
    تون ماضيءَ مُنھن ورَائي ڏِسُ، متان پوءِ مون تي ميار ڪَرين
    تون سَيرَ پنھنجو سمجھين ٿو تُنھنجي پتي ھڪڙو پاءُ آھي

    جو سنڌ امڙ جا پير کڻي، آئون ان جي پويان آھيان پيو
    جو ميري اک سان مُنھن لڳو، ان لئه ”عنايت“ ٿيندس پيو
    جي ٿڃ جو حق ادا ٿا ڪريو ته پوءِ ھوشو، ھيمون ”حافظ“ ٿيو
    تون ڌيان ته ڪر او ديس ڌڻي، توتي دَانھِين خود درياءُ آھي

    _________
    حافظ صاحب جو مٿيون نظم ڪالاباغ ڊيم جي خلاف جوڙيل آھي.


      جو دادلو درياءَ سَڏبو ھو، اڄ تنھن جو ناھي ڇو ڪو ڌَڻي

    جو دادلو درياءَ سَڏبو ھو، اڄ تنھن جو ناھي ڇو ڪو ڌَڻي
    ڇا وارث تنھن جا وڪامي ويا، يا وَئِي ڪا تِن کي واءُ کَڻِي

    جنھن سير ۾ سُھڻي ترندي ھُئي، سا سير اسان کان ڇو وَئِي سُڪي
    جنھن درياءَ کي ڪپ ڪونه جھليو، تنھن جي لھر ڪيڏانھن وئي يار لڪي
    جا جبلن کان ڪنڌ ھيٺ ڪري ايندي سنڌ جي جھوليءُ ۾ ھُئي جُھڪي
    سا رھزن گس ۾ روڪي ڇڏي جا ايندي ھِت ھُئي ھام ھَڻي

    جا آزادي ٿا مون لئه چئو سا آھ غلاميءَ کان به ڪِني
    جنھن جو پاڻي بند ٿي ويندو آ تنھن جي ته حياتي ڄڻ پُني
    سي ڪيئن ڀلا آئون ڀاءُ چوان ڪَئي ھھڙي جُٺ آ مون سان جِني
    ڇو ماٺ ڪري بي موت مَران وڃي سنڌ جي ڀَل ڪو لَڄ لَڻي

    جو انڌو منڊو ٿيندو آ ان کي به ميارون ڪونه ڏبيون
    جو پيءُ تي ڪونه ويندو آ ان کي به ميارون ڪونه ڏبيون
    جو پنھنجن جو رت پيئندو آ ان کي به ميارون ڪونه ڏبيون
    آئون دودي دولھه کان ٿو پُڇان ڇو سنڌ مري پئي ھڪڙي ڄَڻي

    اڌ رات کان آئون جاڳان پيو، من پرھ ڦٽي ته ڪا پَھر ڏسان
    ھن رات جي وات مان جان ڇُٽي ڪو ڳوٺ ڏسان ڪو شھر ڏسان
    ”حافظ“ جي ھٿن ۾ سڀ ھُجن ڪنھن سان نه ھتي ڪو قھر ڏسان
    جنھن ڳالھه کي ويٺو آئون ڳڻيان اھا ڳالھه اڃان سڀ ڪنھن نه ڳَڻِي

    _______
    حافظ صاحب جو مٿيون نظم ڪالاباغ ڊيم جي خلاف رسول بخش پليجي واري جلسي ۾ پڙھيو ويو


    پريس جو رڳو پورائو ٿئي پيو، عمل جو نالو ڪٿي به ڪونھي

    پريس جو رڳو پورائو ٿئي پيو، عمل جو نالو ڪٿي به ڪونھي
    اچن وڃن پيون رڳو اونداھيون، اڇو اجالو ڪٿي به ڪونھي

    گھڻئي ڏٺوسين، گھڻئي سَٺوسين، اسان ۾ ھاڻي سھپ ڪٿي آ
    اسان کي جيڪو سُرور بخشي، اھو پيالو ڪٿي به ڪونھي

    ظلم ستم جو سُڪار آھي، سڄو ڏينھن سچ کي ڪُٺو وڃي پيو
    ھِتي رڳو پيو ڪيڏارو ٻُڌجي، ھو جمالو ڪٿي به ڪونھي

    وري به سنڌ کي ورھائجڻ جون، ٻُڌان پيو ڳالھيون ٻين جي واتان
    صدين ڪنان ھِن سڳوري سنڌ تان، لٿو ڪشالو ڪٿي به ڪونھي

    ھجيئن ھا ”حافظ“ سچي به سنڌ جو، اوھان جي سامھون ايئن ڪونه چئي ھا
    اسان کي جيڪو ڪري، اڌو اڌ ٺھيو سو ڀالو ڪٿي به ڪونھي


    آئون آيو آھيان ساز کڻي ڪو اندر جو آواز کڻي

    آئون آيو آھيان ساز کڻي ڪو اندر جو آواز کڻي
    ھو ڪرسين تي جيڪي ويٺا آھن سي منھنجي ٻولي سگھندا سُڻي

    مون رند ڏٺا ۽ چند ڏٺا مون سوڍا پٽ ڪئين سِنڌ ڏٺا
    ھي منھنجي سامھون ڪير آھن سڀ ڌرتي ماءُ جو وير آھن
    ھِنن ڪيڏا ڪيا انڌير آھن ھي پوءِ به ھلن پيا ٻانھن ھڻي

    ھي زور رکن ٿا ڄاڙي تي مون ڪالھه به روپا ماڙي تي
    ڪو ھٿ رکيو ھِن ڏاڙھي تي آئون سنڌ نه ڏيندس سودي ۾
    جيسين ساھ ھوندو ھِن دودي ۾، مون کي شڪ آھي ھر شودي م
    اٿم ڌرتي خاطر ويڙھ وڻي

    ھو ڌارين جو دلال آھي وِڪبو سارو سال آھي
    ھو ڄڻ ته پڙي جو مال آھي آئون واپاري بھي ڪونه آھيان
    آئون ڏھڪاري به ڪونه آھيان ۽ ان جي ٻاري به ڪونه آھيان
    آئون ”حافظ“ آھيان ڌرتي ڌڻي


    داستان

    عمر مِنٿَ تُنھنجي مَڃڻ کان مٿي آ

    عمر مِنٿَ تُنھنجي مَڃڻ کان مٿي آ
    تُنھنجي سيج منھنجي سمھڻ کان مٿي آ

    صُلح جو نه توسان سبق ماءُ سيکاريو
    قضا مون کي تُنھنجو قلعو ھيءُ ڏيکاريو
    ھتي آءُ نه وھَندس ھُوئِين تو ويھاريو
    ڀَلِي پَر اَباڻَي ڀَڃڻَ کان مٿي آ

    قبر ڪوٽ تُنھنجو ادا جنھن لئه آھي
    ڪڍي ڇڏ اِھا وَڃي مال ڪاھي
    نه ڪو وير وَرَندئي نڪو راتيون راھي
    ٻُڌي ڇڏ ته ھيءَ ٻانھن ٻُڌڻ کان مٿي آ

    سنگھارن جي صُورت صبح شام سَاريان
    حويلين ۾ ويٺي ھيڏا نير ھاريان
    ڇڏي گھوٽ پنھنجو توسان گڏجي گھاريان
    اِھو لقب مون کي لَڳڻ کان مٿي آ

    حياتي ۾ ”حافظ“ حڪم ڪونه ھَلندئي
    مُئي کان به پوءِ مارئي ھي نه ملندئي
    ڪندو رب مُنھنجو سڄو راڄ کلندئي
    مگر کيت جي مڱ کِلڻ کان مٿي آ


    ظالم تُنھنجا زوراور ھي ٽوڙيندس زنجير عمر

    ظالم تُنھنجا زوراور ھي ٽوڙيندس زنجير عمر
    حق جي خاطر ڏاڍا ھڻندس طاقت سان توکي تِير عمر

    ڪولھيان تُنھنجي ڪيئن ويھان مون سانگيئڙن جا سَڏ سُئا
    جنس ۾ عورت آھيان توکي ماريندس ٿي مرد مُئا
    جڳ سڄي ۾ سومرا سڄندو تنھنجي راڻين جو ته رُئا
    سڀ سَتيون ڏينديون سجدا مون کي، ماريندئس مھمير عمر

    پاڻي خاطر پاپ ڪيو تو پيار تُنھنجي کي ڪِينَ پُڇون
    ڪنڌ ڀڳل آھن ڪنواريون ليڪن ڪوٽ تُنھنجي ۾ ڇو نه ڪُڇون
    ويڙھ ڦٽي ڪر ڇَڏ وڃي ھُن ويئر تان آئون پياريان وَڇُون
    ضد ٻَڌئي ڇو زائيفان سان توکي ناھي ذرو ڪو ضمير عمر

    ڪَن ڏيئي ٻُڌ ڪوٽ ڌڻي ھن ڪوٽ ۾ ھوندي ڪُوڪ نه ڪاءُ
    محل ۾ ڪيئن آئون موجون ماڻيان ھتُ مَنھه ۾ مُنھنجي ماءُ
    تون ڀلي پيو ڀؤنڪ مگر ھي ڀاڳياڻي توکي سمجھي ڀاءُ
    ٻَن وجھي تنھنجا ٻوڙ پلاءُ آئون کيت سان پيئندس کير عمر

    گھوڙا منھنجو گھوٽ ھُتي آئون توسان گڏجي ڪيئن گھُمان
    پٽ تي پاسا کوڙڻ واري سَتُ رَنگيءَ تي ڪيئن سُمھان
    ماندي ٿي آھيان منٿ ڪري ڇڏ، چؤنري تِن جا پير چُمان
    ھوش وڃائي ھُوئين ويٺيئن آئون ته ٿِيئين ھمشير عمر

    ڌيان ڏنئي ڪو رب ڌڻي کڻ ڌنارڻ جون تون نه ڌيِئون
    ڪِينَ وَڻنَ ھي طھري تُنھنجا روزاني اسين رَٻَ پيئون
    سوالين کي او سومرا صاحب ڏوھيو ھٿن سان کير ڏيون
    تَرس ته ڪر تُنھنجي طعني لئه ڪٿان تاڻيون تقدير عمر

    پڊ ٻڌي ڇو تنھنجي پاران ويڙھيچاڻو وَرَ ڀَڃان
    سونا زيور تَنھنجي سامھون، پائي ڇو آئون پَر ڀَڃان
    محل ڏسي آئون ماٺ ڪري ڇو گھوٽ جو اَڀرو گھر ڀَڃان
    ”حافظ“ چئي آئون حق پنھنجي ڏانھن واپس ويندس وير عمر


    سانگيئڙن ۽ جھانگيئڙن سان، ديس وسي دلدارن جو

    سانگيئڙن ۽ جھانگيئڙن سان، ديس وسي دلدارن جو
    جن سان عمر ڪَئي اراڏي، مُون کي سُور تنين آ سنگھارن جو

    کُوھر تي جي کير پيارين، کاڻان تن سان خَار رَکين
    ننگ ڀريون آھن نياڻيون، جن جون، ناحَق سي نَادار رکين
    اشرافن جي عزت تي تُون ڪيئن ٿو عمر اختيار رَکين
    ڪِيئن مڃان آئون توکي، موڳا موت ٿِئين تُون مارُن جو

    ماروئڙا ھُن مُلڪ مُنھنجي جا محبت وارو مال وٺن
    ڪِينَ ظُلم سان زوري تو جيئن، ظالم ڪنھن جي زال وٺن
    ڏڌُ مٿي ھو ڏينھن گذاري سائل جي سنڀال وٺن
    ديس ڌڻي ڪجھه ڌيان ته ڪر ڇو ڌڻ لُٽين ڌنارن جو

    روزمره لئه نَيون رَاڻيون، راجا پنھنجو رب سُڃاڻ
    پنھنجي گھر مان ڪا ته ڪنواري، عمر ٻي ڏي تون ته اُماڻ
    سُڌ پوئي پوءِ سومرا صاحب، سَتي ڪنھن جي لڄ سُڃاڻ
    ڪِيئن پيئان آئون پاڻي توسان، پَاپُ ڪِيئي پڳدارن جو

    تنھنجون ماڙيون ماھ راڻيون، مون لئه کيت جي سھڻي کَٽ
    سرتيون ھو سڀ سارينم پيون ٿانَو رکيو ھُن ٿوھر وَٽ
    ڇڏ پُڄان آئون پاڙيچِن کي، پوريل اکيون پَنھنجيون پَٽ
    ڪڍ نيئر تون ناحق جا ھتُ حال ته ڏِسُ حُبدارن جو

    موت کان موڪل مَھند ڏِجئين، اي مير عمر مُنھنجي منٿ مَڃين
    قادر مون تي ڪرم ڪري ھي ڪوٽ جا ڇڏ تون قُلف ڀَڃين
    کير پيئان آئون کٽ تي ويھي، وَرَ پنھنجي سان شال وڃين
    ٿَڪ ھَڻِين تُنھنجي ٿانَون کي، شل ٿانوَ ڏسان ٿر وارن جو


    سُڻي سومرا ڇڏ نه ھي سَڱ ٿيڻ جو

    سُڻي سومرا ڇڏ نه ھي سَڱ ٿيڻ جو
    اسان وٽ رواج آ نه ٻئي کي ڏيڻ جو

    تنھنجي محل ماڙين تي مارو مَٽيان جو
    پنھنجي گھوٽ جو شان ھٿ سين گھٽيان ڇو
    اباڻن جي عزت لکن تي لَٽيان ڇو
    اسان کي به حق آ اي جابر جيئڻ جو

    توکان طعام طلبي نه ڏانٺن تي ڏيندس
    جھڙي آئي آھيان تھڙي موٽي ويندس
    متان خوش ٿيئن ڪو تنھنجو کاڄ کيندس
    عمرڪوٽ ۾ ڪو امر نه کيئڻ جو

    منھنجو پنھنجي ماروءَ سان مڱڻو ٿيل آ
    تنھنجي مَت موڳا الائي ڇو ويل آ
    اھا ئي پاڪ پوتي مَٿي تي پيل آ
    نه ”حافظ“ اٿئي حق نياڻيون نيڻ جو


    سنگھارن جي صفت مُون وٽ سڄو ڏينھن سومرا ھوندي

    سنگھارن جي صفت مُون وٽ سڄو ڏينھن سومرا ھوندي
    پري ڪر مشڪ ھي پنھنجو، ڌنارڻ ھِت نه مُنھن ڌوئيندي

    جبر جا ڏينھن ھِت جالي، ويندس آزاد ٿي اوڏانھن
    مُنھنجو ٿَئي ماروي نالو، نه ميري اک تون کَڻ مُون ڏانھن
    ھتي ڪَر سومريون ھٿ ۾ مُنھنجو حق ٿَئي ويٺو ھوڏانھن
    پَرائِي مڱ جيڪا پاڳل، سا تُنھنجي پَيش ڪِيئن پوندي

    اسين پينگھن پلنگن تي نه پاليل آھيون پنھواريون
    سونھي پَٽ تي جا پنھنجن سان ڌڻي سا ڪيئن ڪندي ڌاريون
    ويھان بنگلن ۾ آئون، بنجي ڪري ٿر ڄايون سڀ ڪاريون
    ڪَريان ڪِيئن سڱ ھِتي سَڀرو ھُتي سڀڪا سَتي رُوندي

    وڃان ٿي وَرَ پنھنجي ڏانھن، وڳا ھي ويس پنھنجا کَڻ
    اِھي سينگار سُرھاڻيون سدا وَڃي سومرين کي ھَڻ
    آئون پنھنجي پرائي جي ڪريان ھن قيد ۾ پئي ڳڻ
    ڪَنديِ ”حافظ“ سان حق حاصل، جيڪا سَچُ سيج تي چوندِي


    طالبو مُلان

    مون زندگيءَ جي موڙ جو ھر ذائقو چکيو آ

    مون زندگيءَ جي موڙ جو ھر ذائقو چکيو آ
    آھيان ڪُوڙ کان آئون قاصر مون سچ چوڻ سکيو آ

    ڪو ڪامريڊ چئي ۽ ڪو ديندار دھريو
    مُلون ته لٺ کڻي آ مذھب جي پويان پَھرو
    انڌو ڪيئن حق ڏسي ھو ڳڙ کائي آھي ڳَھريو
    ڏاڙھيءَ کي رات ڏينھن جنھن ماڻھوءَ جو رت مکيو آ

    ويساھ واري وَائِي مون کي وارڻي آ
    پنھنجو ھُجي پرايو ته به ڳالھه پارڻي آ
    ھمت سان ھاڻي ھن ھنڌ حياتي گھارڻ آ
    دوزخ جي باھ کان وڌ منھنجو بدن بُکيو آ

    مُلون ۽ شيخ مرشد مون لئه ٽئي ٽانڊو
    ان جا ڪيئن پيٽ ڀريان منھنجو ٿو وڍجي آنڊو
    اولاد، ۽ زال آھي ويٺو نه آھيان وانڍو
    روزي ته رب ڏيندن ليکو پيو لِکيو آ


    مھند به مسلمان ھُيس ۽ اڄ به مسلمان آھيان

    مھند به مسلمان ھُيس ۽ اڄ به مسلمان آھيان
    مُلان تنھنجي جُڙتو مُنھن لئه ڪنڊو ۽ ڪو ڪَانءُ آھيان

    ارادو ئي منھنجو ناھي تُنھنجي آڏو آڻ مڃان
    جنھن کان سارو ڏيھه ڏڪي آئون تنھن کي ويجھو ڪِيئن وڃان
    توبه زاري زرھ مُنھنجي تُنھنجو ضد تي زور اڃان
    ڪن ڏئي ڇڏ ٻُڌ ڪافر ناھيان ٻوليندو ٻَليدان آھيان

    اڄ جي آدم اَن لئه آتو، تون پيو بھشت جُون بَاسون بَاسين
    ايڏي اوکي مون لئه ناھي آخر اتي اڳ به ھُئاسين
    سُک ٻُڌيو پيو سِڪ رَکين نه ته اھڙا سولا ٻيا نه سُئاسَين
    ھڪ خطا تي کسجيو وڃي، آخر ته آئون اِنسان آھيان

    مون کي پنھنجي مُنھن ڇڏي ڏي، موڪل تون ڀل پنھنجا مريد
    تنھنجو منھنجو ھڪڙو خالق ته به ڪرين منھنجو خون خريد
    منھنجي ھِينئين ۾ ھڪڙي آيت حل ٿي ويئي حَبل الوريد
    جيڪو تنھنجي دل ۾ ناھي آئون سو ايمان آھيان

    ڀاڳيلو ٿيس تُنھنجي ڀَر، کان باقي سڀ کي ڀاءُ ڪيم
    تنھنجي دين کان ڏور رھي، ڏِسُ دين جو ڪيڏو دفاع ڪيم
    جيڪو ڏسڻ ۾ توکي نه آيو ساجھر اُت سماءٌ ڪيم
    ھُوئي حسد ڪير ”حافظ“ سان باقي پڙھندو ته آئون قرآن آھيان


    وڏا وات ڦاڙيو مون سان وڙھڻ اَچِين

    وڏا وات ڦاڙيو مون سان وڙھڻ اَچِين
    کايو مُوئن جون مانيون مُلان تون ٿو مَچِين

    نَڪو عشق جو تو ڪو عذاب ڏِٺو
    نَڪو سُوريءَ جو تو ثواب ڏِٺو
    نَڪو نينھن وارن جو نواب ڏِٺو
    رڳو پاڻ مرادو پيو پَر ۾ پَڇِين

    من برھُ سندي ڪا بُوند لَڳئِي
    ھن عشق منجھان آخوند لڳئي
    ذَري حُسن منجھان ڪُجھه ھُوند لڳئي
    ته پوءِ نينھن وارن اڳيان ڪِئين ٿو نَچِين

    ٻيا ورق سڀئي تون وساري ڇَڏ
    اکر عشق وارو تون اتاري ڇَڏ
    وفي انفوسيڪُم مَن ماري ڇَڏ
    ڏِس رمز رنديءَ ۾ ڪيئن ٿو رَچِين

    ڇڏ ”حافظ“ سان تون ھوڏ ھينئر
    اَچِي عشق وارن جو ڏِسُ تون اندر
    ويھو مسجد ۾ ڪرين ڪيڏا مَڪر
    پوءِ ڀَت کي وڃو ٿو ڪِئين ڀِڃِين


    اوھان جو طريقو آھي طالباني

    اوھان جو طريقو آھي طالباني
    اسان جو طريقو آھي مسلماني

    اسان وٽ مُحبت محمد جي آھي
    اوھان جي محبت ڪنھن ٻئي جو ٻُڌائي
    اوھان وٽ ته مسجد به محفوظ ناھي
    اسان وٽ ته مندر جي آ نِگھباني

    اوھان ۾ ته شدت پسندي آھي شامل
    اسان ۾ ته محبت بندي آھي شامل
    اوھان ۾ ته سياست گندي آھي شامل
    اسان ۾ نه اھڙي آھي پھلواني

    اوھان ڪوڙ کي آ پَٽڪو ٻَڌايو
    اسان سچ جو آھي سندرو ڇِڪايو
    اوھين حق کان مُنھن ٿا ”حافظ“ لِڪايو
    اسان ان جي ڪِيئي مدد مالي جانِي


    مجازي عشق

    محبت منھنجي ماني آ محبت منھنجو پاڻي آ

    محبت منھنجي ماني آ محبت منھنجو پاڻي آ
    اھو آ ڏس پتو منھنجو اھا منھنجي ڪھاڻي آ

    محبت ذات آ منھنجي محبت منھنجو نالو آ
    محبت ۾ جا دل ڦاٿي نه ڪڏھن سا وڪاڻي آ

    محبت کان سواءِ انسان شيطاني ڪمن جو آ
    محبت آ ملي جنھن کي انھيءَ جي اک نِماڻي آ

    محبت صالحن جي وصف ۾ شامل آھي سائين
    محبت جي ڪري ايمان واري ٿي مھاڻي آ

    محبت ڪٿ ڪِئو معراج دنيا جي اکين آڏو
    اھو ئي آخري دنگ آ اِتي “حافظ” پُڄاڻي آ


      روش اوھان جي صفا رُکي آ

    روش اوھان جي صفا رُکي آ
    اسان جي دلڙي بنھه ڏکي آ

    نٿا نھاريو اوھان جي نيت
    اوھان جي اک شت اڳي ئي سُکي آ

    خدا ڪري ڪا نظر نه لڳنئي
    لڳي ھي ڳڻتي مون کي ڏکي آ

    اسان جي بيھڪ اوھان برابر
    اھا نه عرضي اسان لکي آ

    اوھان ڏي ”حافظ“ نھاريو جنھن ڀي
    ڇوي ٿو ھي مُنھن ئي بس مُکي آ


      تنھنجي منھن ڏسڻ جو گھڻو معاوضو آ

    تنھنجي منھن ڏسڻ جو گھڻو معاوضو آ
    توکي ھٿ ڏيڻ جو گھڻو معاوضو آ

    ادا تُنھنجي ڏسندي اسين پياسين ڏنگجي
    تنھنجي ان ڏنگڻ جو گھڻو معاوضو آ

    اڃان ويجھو تنھنجي ته ڇا مُلھه وٺندي
    پري کان پسڻ جو گھڻو معاوضو آ

    جدا ٿي رھين ته به تنھنجي مرضي جاني
    باقي گڏ رھڻ جو گھڻو معاوضو آ

    توتي شعر لکندس ته ڇا لاڳ ڏيندين
    خبر ٿئي لکڻ جو گھڻو معاوضو آ

    تون”حافظ“ جي اڳيان به جنھن دم ھلين ٿو
    انھي دم ھلڻ جو گھڻو معاوضو آ


      اسانجي پھچ کان پيارا اوھانجو پيار اڳتي آ

    اسانجي پھچ کان پيارا اوھانجو پيار اڳتي آ
    سپاھي جي ته قد بت کان سپھه سالار اڳتي آ

    تنھنجي درشن جو مون دلبر اکين کي آسرو آڇيو
    مگر ھن ديد منھنجي کان تنھنجو ديدار اڳتي آ

    نھوڙي نيڻ ٻئي ڇڏئي نشو اھڙو ڏنئي نرمل
    منھنجي نھار تو ۾ آ، تنھنجي نھار اڳتي آ

    ادب جا ھٿ ٻڌي آءُ اچان تنھنجي اڳيان جاني
    منھنجي اقرار ان کان ئي تنھنجو انڪار اڳتي آ

    بچين شل تون ڀلي پيو وس جتي چاھين انھي جوءَ ۾
    ڇڏي ”حافظ“ کي ھڪ ھنڌ تنھنجي ھاڪار اڳتي آ


    نقاب ۾ به سرنگون اسين نه ٿا سھي سَگھوُن

    نقاب ۾ به سرنگون اسين نه ٿا سھي سَگھوُن
    اکين جو ٿِئي ٿو الميو، تڏھن ته شعر ٿا لِکُونَ

    آھين تون اَمن جو پکي، تنھنجي سونھن تي سَکي
    ٿڪي پيس لِکي لِکي، توتي ته ڪھڙو نانءُ رکون

    مون کي ته ننڊ جاڳ ۾، وَڻيِن حياءُ جي واڳ ۾
    ڳائين ٿو ھر ڪنھن راڳ ۾، الا ڪري ته شل اگھون

    مِلين ته حج ٿِئي اَڪبري، کِلين ته به ٿئي برتري
    ھَجئين تون شل ھري ڀَري، پئي ”حافظن“ جون سَھِين ھُجُون


    شخصيت

    ھڪ آديسي ھت يار ھُيو

    ھڪ آديسي ھت يار ھُيو
    مون ڪالھه ڏٺو اڄ ڪيڏانھن ويو

    ھر ماڻھو سان ٿي مير مليو
    ٻيو روئيندو ڏسي ھو ڪونه کليو
    ھو مورڙيو ھو ھُن مَڇَ جھليو
    ٻيا ڀُلجي ويا ھو ڪونه ڀُليو
    جنھن جو نظريو جيئو ۽ جيئڻ ڏيو

    جو ڦُورن تي فريادي ھو
    مھراڻ جي پُوري وادي ھو
    انسان ٿيڻ تي عادي ھو
    ۽ اڀرن جي آزادي ھو
    ٻيا پاڻ جيئا ھي ٻين لئه جيئو

    ھو ڌرتي جو جرنيل چوان
    يا رڻ ۾ ڪو رابيل چوان
    ھو قيدي چوان يا جيل چوان
    ھو ويل ڪندڙن لئه ويل چوان
    ھر وڍيل جو ھو ويڄ ھو

    ھو گنگا جمنا جھڙو ھو
    ۽ منھنجي تمنا جھڙو ھو
    ۽ منھنجي ادنى لئه ھڪ جھڙو ھو
    ھو مڙس ته معنى جھڙو ھو
    پر ”حافظ“ کان کسي وقت ويو


    عورت

    شرميلي ادا جو به شرف تو کي مليو آ

    شرميلي ادا جو به شرف تو کي مليو آ
    مخلوق خدا جي مان ظرف توکي مليو آ
    ھت حسن آخري جو حرف تو کي مليو آ
    پوءِ به زمانو تو کي پٿر پيو کڻائي
    بدماش مڇون وٽيو پيو پاڻ وڻائي

    تنھنجي ئي نھارڻ تي ڪئين شھباز جُھڪن ٿا
    تنھنجي ئي اشاري تي ڪئين ارڏا به ڪُسن ٿا
    تون جنھن کان رُسين تنھن کان ملائڪ به رُسن ٿا
    الله جي تون اھڙي ڏنل آھين امانت
    دنيا ۾ منھنجي اچڻ جي تون آھين ضمانت

    پينگھي کان وٺي قبر تائين پيار تو ڏنو
    مون جيڪي گھريو سو آھي وھنوار تو ڏنو
    سيني مان ڪڍي کير ٿي صد بار تو ڏنو
    آڌي جو اٿي تو ٿي ڪئي منھنجي عبادت
    تنھنجي ته محبت ۾ نه ھئي ڪا به ملاوت

    منھنجي ته روئڻ تي تو پنھنجي ننڊ ڦٽائي
    منھنجو ته کلڻ ڄڻ ھو تنھنجي ڪُل خدائي
    ان ڳالھه جي ملڪن به ڏني آھي گواھي
    ”حافظ“ جي رنو ٿي ته ڦٽي تنھنجي ٿي راحت
    واھ منھنجي امان منھنجي امان تنھنجي محبت


    ھو لُڙڪ ته ڏس لاھياريءَ جا

    ھو لُڙڪ ته ڏس لاھياريءَ جا
    ٻَڌل ٻار آھن ٻانھياريءَ جا

    ھي رئيس وڏي کي روزي ڏي
    ھي ماءُ ۽ پيءُ کي پيرئين پئي
    ھي ڪنڌ جھڪيل ڪنھن کي ڪجھه نه چئي
    تون ڪم ته ڏِسُ ڪنڌاريءَ جا

    ھي مون کي ھٿ ۾ ماني ڏي
    ڄَڻِين جوڌا پٽ ھي جاني ڏي
    مون کي نانو ڏاڏو ناني ڏي
    مون تي ننگ ته ڏس ھُن ناريءَ جا

    ھي سانئڻ ڪھڙي سُر ۾ لِکان
    ھر گيت غزل جي گُر ۾ لکان
    جا دوکو نه ڏي تنھن ڌر ۾ لکان
    ڪھڙا ٻاجھه لِکان ٻَلھاڙيءَ جا

    ھي ڀُون ٿي ھر ھڪ شيءَ کان ڀَلِي
    ھي ماءُ جي روپ ۾ مون کي مِلي
    جيئن ”حافظ“ چئي ھي تئين ھَلِي
    تون وڙ ته ڏس ويچاريءَ جا


    نبي ۽ ولي جنھن جا نيپاج آھن

    نبي ۽ ولي جنھن جا نيپاج آھن
    تِنين کي ڏنا سُور سماج آھن

    ھي حوا جي پوٽي ھو آدم جو پوٽو
    ٻنھي ۾ ٻُڌا ڪنھن جي خانو آ کوٽو
    فڪر ۾ آ ڦاپي فضيلت ۾ ڦوٽو
    اھڙا راڄ وارن جا رواج آھن

    جا جنت مان جورو ڍڪي آئي ڍولڻ
    انھي جي ته عصمت تي بازار کولڻ
    اھڙي پاڪ پردي کي رستي ۾ رولڻ
    ملائڪ به جنھن وٽ ٿيا محتاج آھن

    ھي عورت نه چئو پر عبارت ڪا آھي
    ھي اونچي شھر جي عمارت ڪا آھي
    ھي ڪافي غزل يَا ڳجھارت ڪا آھي
    ھي جنھن کي ملي تنھن لئه معراج آھي

    انھي جي ئي ڪُک مان ڪئين ڪامل به نڪتا
    عنايت، ڀٽائي ۽ فاضل به نڪتا
    گھڻا قوم جا ھن مان قاتل به نڪتا
    ڄڻي ھن ڏنا راءِ ڏياچ آھن

    جي مون کان پڇو ھن جي پوڄا آ جائز
    ھي ئي آھي مصلو ھي ئي آھي واعظ
    ھي فرقان جي ھر عھدي تي آھي فائز
    ھي ”حافظ“ جي آنھن جو علاج آھن


    انسان

    ھتي شمع پتنگ جو شان آھيان

    ھتي شمع پتنگ جو شان آھيان
    پر آيو ٿي انسان آھيان

    ڪڏھن مُلھه مھانگو مير آھيان
    ڪڏھن تاڙيندڙ جو تير آھيان
    ڪڏھن ورنه پاڻ وزير آھيان
    ڪڏھن خاڪ مٽي جو خمير آھيان
    ڪڏھن ڪشتي ۽ طوفان آھيان

    ڇا تو کي چوان مون ڇا ڏٺو
    ھر جاءِ منھنجو ماڳ مُٺو
    جي پاڪ آھيان ته به پيٽ ڪُٺو
    اڄ مون تي وري ٻيو واءُ وٺو
    اڳ کاڌي منھنجي بھشت کُٽو
    آئون اھڙو آدم خان آھيان

    ڪھڙي جاءِ ٻڌاءُ آئون ڪُوڪ ڪريان
    ڪٿان بار بغاوت جو آئون ڀريان
    مون کي پنھنجن پيڙھيو اوريان پريان
    ڇو ڏينھن ٿئي تيسين ڏک ڏريان
    آئون اونده ۾ ٿو ڌيان ڌريان
    مون کي تاڻ ته تير ڪمان آھيان

    جي ٻانھون ٻڌان جي ٻانگ ڏيان
    ته پوءِ روزانو ڪنھن جو رت پيئان
    تون ويڙھ ڦٽي ڪر مون سان ميان
    ڪھڙي پڳ ٻَڌي آئون پاڪ ٿيان
    جيڪي جام پيئن آئون تن سان جيئان
    اھڙو ڀاڳ وارو ڀڳوان آھيان

    اڳ ريبي ٻي ٿي راند کَٽِي
    مون ھاڻي آھي اک پٽي
    ڇو ويھي رھان آئون اڳ وٺي
    مون چُھڙا تنھنجي چال ڏٺي
    پڪ ھاڻي تنھنجي راند ھَٽي
    اڄ نُصرت جو نشان آھيان

    منھنجي نالي وارو نيڪ اَٿئي
    جنھن کي سھڻا سڀ جو سيڪ اَٿئي
    ٻُڌ مون کي ان جي ٽيڪ اَٿئي
    جو لاکون ۾ ٿيو اِيڪ اَٿئي
    اِھو ”حافظ محمد“ ھيڪ اَٿئي
    جنھن جو محشر ۾ مھمان آھيان


    التجا

    نه مون لئه دوائون نه مون لئه دعائون

    نه مون لئه دوائون نه مون لئه دعائون
    دنيا جا ڌڻي ڏس ڪٿي ويھان آئون

    ھِي ڌرتي ته ڪنھن لاءِ دوزخ ڇڏيل آ
    ۽ ڪنھن لاءِ جنت جھڙو گھر اڏيل آ
    اِھو تنھنجو انصاف ڪھڙو گڏيل آ
    نه مرندي ڏسين ٿو اسان جون امائون

    کلي عام مون کي چون ٿا ھو چريو
    تڏھن رت منھنجيءَ ۾ ٻارڻ آھي ٻريو
    ڏھ دنيا ۽ ستر تو آخر نه ڀريو
    اِھو سچ آھي يا آھين ڏند ڪٿائون

    ھتي ڪنھن به سرجن کي ڪو سُور ناھي
    ڪيو لوح محفوظ منظور ناھي
    ڪِئين دولت وندي لاءِ ھي دستور ناھي
    اسان تي ته تنھنجون ڪڏن پيون قضائون


    آئون استغفرالله جي عادت تي آھيان

    آئون استغفرالله جي عادت تي آھيان
    نه مون وٽ ثمر آ نڪو سينو ساھيان

    ڪريمه به بخشاءِ برحال مان
    ڪريان رات ڏينھن پيو اھو سوال مان
    نه ٻي ڪا ڪريان ٿو ڪڏھن ڳالھه مان
    اھو عرض ڪريان نه ٻي حُج ھلايان

    وسيلو منھنجو آ محمد جو نالو
    جنھن جي صدقي لاٿئي ڪِنن تان ڪشالو
    آندو نُور جنھن جي آ جڳ ۾ اجالو
    جنھن جو واسطو ڏئي پلو ويٺو پايان

    اجايا ٿم عيب ڍڪجئين تون ڍولڻ
    ڪريو رحم مون تي جھلي ٿم ھي جھولڻ
    ٻُڌان توکان معافي جو ڪو ٻول ٻولڻ
    پڙھي زمر، زحرف نه ٿو آس لاھيان

    ڪجئين تون ئي ”حافظ“ جي سولي ڪا سائين
    مڙئي مشڪلون منھنجون مالڪ تون لاھين
    ھميشه تون ھوندئين ھميشه تون آھين
    تون خالق آھين آئون مخلوق آھيان


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 534
    ڪتابن جو مشاهدو: 553165
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 213182
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ