ڪتاب جو نالو: عشق جي آخري سرحد
مصنف: يار محمد چانڊيو
ڇپائيندڙ: مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 18 آگسٽ 2017 ع
پڙهيو ويو: 592 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 236 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
يار محمد چانڊيي جي لکڻ جو پنهنجو هڪ خاص اسلوب آهي. هن جي لکڻ جي اها اسٽائل نه ڪنهن سينئر ڪهاڻيڪار کان متاثر ٿيل آهي ۽ نه ڪٿان اڌاري ورتل آهي. هن جي ڪهاڻين جي اسلوب ۾ اختصار پسندي(Minimalism) آهي. هو نه اجائي منظر نگاري ۽ نه بيان بازي جي ڊيگهه ۾ پئي ٿو، يار محمد جي ڪهاڻين جو بيانيه (Narrative) مختصر هوندي به مڪمل لڳي ٿو، اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندس ڪهاڻيون پڄاڻيءَ تي ڀرپور تاثر ڇڏي وڃن ٿيون. ڪردارن جي گفتگو مڪاني ماحول سان ٺهڪندڙ آهي
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپـنــا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ : ڪهاڻي جي ڪيٽلاگ تي بيٺل ليکڪ...!
  • مهاڳُ : چنڊ پنهنجي جاءِ تي ميرو ناهي !
  • ڪهاڻيون سرحدن جون محتاج ناهن!
  • پنهنجي پاران: ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي...! مان ڪهاڻي نه لکندو آهيان!
  • ڪهاڻيون

  • اربع خطا
  • ديسِ بَلوچان
  • لاڙڪاڻو _ لاهور
  • خالي مَنَ جي تانگَهه
  • جُهڳو ئي جَهڻِ
  • نئين نويلي ڪنوار
  • درد جو ڪيڏارو
  • سَوا ڪانو زمينَ
  • عشق جي آخري سرحد
  • ميري چنڊ جو غم
  • صِراط المستقيم
  • منتظر محبتون
  • مان ڪنهن جو نه ٿي سگهيس
  • Green Signal _ Red Signal
  • سهڻي
  • بدليل موسم جو ڇيههُ
  • پرڻو
  • ڏاڙهي جي پَتِ
  • امن جي نگري
  • بيٺي پيرِ
  • انام ڪهاڻي

  • حق ۽ واسطا

    * عشق جي آخري سرحد
    * (ڪهاڻيون)
    * يار محمد چانڊيو
    * اگسٽ 2016ع
    * ڪمپوزنگ: مرڪ پبليڪيشن
    * ڇپائيندڙ: مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ

    ملهه: 150 روپيه


    ڪـتـابـن ملـڻ جـا هـنـڌ:

    ڀٽائي ڪتاب گھر، حيدرآباد ،- ڪاٺيواڙ شاپ، اردو بزار ڪراچي،
    رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو، مهراڻ ڪتاب گھر، لاڙڪاڻو-
    وسيم ڪتاب گهر، شڪارپور، عزيز ڪتاب گهر سکر،
    تهذيب بڪ اسٽور، خيرپورميرس، پريتم قاضي نواب شاه،
    ڪنول ڪتاب گھر قمبر.
    مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ


    ارپـنــا

    پنهنجي دلبر جي نانءِ _
    جنهن ڪهاڻي لِکڻ جو اتساههُ بخشيو_
    ۽ پاڻ ڪهاڻي لکندي_ لکندي
    جوڀن رُت جي هڳاءُ ۾ ڇڻي ويو!


    يار محمد چانڊيو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”عشق جي آخري سرحد“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ليکڪ، ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار يار محمد چانڊيو جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. شوڪت شورو لکي ٿو:
    ”يار محمد چانڊيي جي لکڻ جو پنهنجو هڪ خاص اسلوب آهي. هن جي لکڻ جي اها اسٽائل نه ڪنهن سينئر ڪهاڻيڪار کان متاثر ٿيل آهي ۽ نه ڪٿان اڌاري ورتل آهي. هن جي ڪهاڻين جي اسلوب ۾ اختصار پسندي(Minimalism) آهي. هو نه اجائي منظر نگاري ۽ نه بيان بازي جي ڊيگهه ۾ پئي ٿو، يار محمد جي ڪهاڻين جو بيانيه (Narrative) مختصر هوندي به مڪمل لڳي ٿو، اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندس ڪهاڻيون پڄاڻيءَ تي ڀرپور تاثر ڇڏي وڃن ٿيون. ڪردارن جي گفتگو مڪاني ماحول سان ٺهڪندڙ آهي.“
    هي ڪتاب 2016ع ۾ مُرڪ پبليڪيشن، شهدادڪوٽ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري مرتضى لغاريءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي، مهربانيون يار محمد چانڊيي جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ : ڪهاڻي جي ڪيٽلاگ تي بيٺل ليکڪ...!

    ڪهاڻي جو سفر سڄي دنيا ۾ پنهنجي منفرد سڃاڻپ رکي ٿو، مگر ماضي ۾ ’سنڌي ڪهاڻي جي ختم ٿي وڃڻ واري رينگٽ‘ سان سنڌي ڪهاڻي تي آڱريون کڄڻ لڳيون آهن. سنڌي ڪهاڻي پنهنجي معيار جي حوالي سان ڪيتري مقام تي پهتل آهي، واري فيصلي جو تعين ڪرڻ لاءِ اسان جڏهن جديد سنڌي ڪهاڻي جي دنيا ۾ جهاتي پايون ٿا ته سنڌي ڪهاڻي جو مستقبل روشن نظر اچي ٿو. جديد سنڌي ڪهاڻي جي ان سفر ۾ اسان جو هي ڪهاڻيڪار ”يار محمد چانڊيو“ معيار جي فهرست ۾ نمايان ڪهاڻيڪار طور اڀري آيو آهي، جنهن جون ڪهاڻيون سنڌي ادب ۾ انفراديت جو مظهر آهن. هن جون ڪهاڻيون موضوع، اسلوب، منظر نگاري ۽ ڪردار نگاري وارين سڀني خوبين تي پورو لهن ٿيون. يار محمد جيتوڻيڪ ڪهاڻي کان ناول واري ڏکئي سفر ۾، پنهنجا پير پٿون ڪري، چڱو خاصو نانءُ ڪمايو آهي، پر هُن جون مختصر ڪهاڻيون، پنهنجي افاديت ۽ آفاقي پيغام ۾ عالمي ڪهاڻي جي گهرجن تي پورو لهن ٿيون.
    سنڌي ڪهاڻي جو تاج سنڌي ٻولي جي جن چند جديد ڪهاڻيڪارن جي سر تي رکيل آهي، تن ۾ يار محمد چانڊيي جو نانءُ به شامل آهي. جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جي سينيئر ليکڪ شوڪت حسين شوري پنهنجي لفظن ۾ هن طرح ڀيٽا ڏني آهي’ يار محمد چانڊيي جي لکڻ جو پنهنجو هڪ خاص اسلوب آهي. هن جي لکڻ جي اها اسٽائل نه ڪنهن سينئر ڪهاڻيڪار کان متاثر ٿيل آهي ۽ نه ڪٿان اڌاري ورتل آهي. هن جي ڪهاڻين جي اسلوب ۾ اختصار پسندي(Minimalism) آهي. هو نه اجائي منظر نگاري ۽ نه بيان بازي جي ڊيگهه ۾ پئي ٿو، يار محمد جي ڪهاڻين جو بيانيه (Narrative) مختصر هوندي به مڪمل لڳي ٿو، اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندس ڪهاڻيون پڄاڻيءَ تي ڀرپور تاثر ڇڏي وڃن ٿيون. ڪردارن جي گفتگو مڪاني ماحول سان ٺهڪندڙ آهي.‘
    جڏهن ته ڪهاڻيڪار يار محمد چانڊيي کي ڀيٽا ڏيندي سنڌي ڪهاڻي جي بهترين ليکڪ يوسف ’سنڌي کيس سنڌي ڪهاڻي جو وهائو تارو ڪوٺيو آهي‘ جڏهن ته سنڌي ڪهاڻي تنقيد جي حوالي سان هڪ سگهاري ۽ نامياري ليکڪ ممتاز مهر چيو آهي ته’ يار محمد جي ڪهاڻي جي ڀيٽ ۾ پنجاهه سال اڳ لکيل جمال ابڙي جون ڪهاڻيون، جيڪي توڙي جو بهترين، پُراثر ۽ فنائتيون ڪهاڻيون آهن، ويچاريون ٿيون لڳن‘
    سنڌي ادب جي هن منفرد ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻين کي اسان مرڪ پبليڪيشن پاران ڇپرائي، سنڌي ادب ۾ نه رڳو بهترين ڪهاڻين کي متعارف ڪرائي رهيا آهيون، پر جديد سنڌي ڪهاڻي جي ڪيٽلاگ تي بيٺل هن ليکڪ جي روشن خيال ۽ اجتماعيت واري پيغام کي پڻ عام ڪري خوشي محوس رهيا آهيون. جنهن سان سنڌي ڪهاڻي جو مستقبل معيار جي کيپ ۾ منفرد سڃاڻپ رکي ٿو.

    مرتضى لغاري
    03005182494


    مهاڳُ : چنڊ پنهنجي جاءِ تي ميرو ناهي !

    يار محمد چانڊيو موجوده ٽهي جو ڪهاڻيڪار آهي، جيڪو 1994ع کان لڳاتار لکندو پيو اچي، سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”جنم جنم الميو“ 2012ع ۾ شايع ٿيو، ٻن سالن کانپوءِ سندس ناول ”اجري ڌرتي ميرا ماڻهو“ ڇپيو ۽ ”عشق جي آخري سرحد“ سندس ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو آهي.
    چنڊ پنهنجي جاءِ تي ميرو ڪونهي، پر اها ميري دل ۽ ميري ذهن وارن ماڻهن جي ميري نظر سان ڌرتيءَ کان اٿاريل ڌوڙ آهي، جنهن چنڊ کي ميرو ڪري ڇڏيو آهي. يار محمد چانڊيو پنهنجين لکڻين جي وسيلي چنڊ جي ان ميراڻ کي مٽائي ٻيهر اجري ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ رڌل آهي.
    هن جي ڪهاڻين جا اڪثر ڪردار اهي ميري ذهن وارا ماڻهو آهن، جن ڌرتيءَ تي گدلاڻ پکيڙي معصوم ۽ بيگناهه عورتن توڙي مردن جو جيئڻ وِههُ ڪري ڇڏيو آهي.
    ”بيٺي پير“ ڪهاڻيءَ جو چور ڪردار پنهنجن ڪڌن ڪارنامن تي فخر ڪري ٿو. سندس زال، جنهن جا هٿ اڃا مينديءَ رتا آهن، سا پنهنجي عزت جي آهوتي ڏئي پاڻ کي ۽ چور مڙس کي پوليس جي وٺ پڪڙ کان آجو ڪرائي ٿي، پر غيرتمند مڙس ان ڳالهه تي خوش آهي ته سندس زال ٿاڻي تان بيٺي پير موٽي آهي!
    ”اربع خطا“ ڀاڄائي ۽ ڏير جي جنسي تعلق سبب پيدا ٿيل هڪ بيحد ڏکئي سماجي مسئلي واري ڌيان ڇڪائيندڙ ڪهاڻي آهي_”نئين نويلي ڪنوار“ ڪهاڻيءَ ۾ وري رتل نالي ڪردار پنهنجي چاچيءَ جي عزت ۾ ميري نظر وجهي ٿو. تڏهن هوءَ رڙ ڪري کيس منهن تي ڦهڪائي ٿي، ”وڏو غيرتي آن! تنهنجي غيرت اِتي اچي دنگ ڪيو! ماڻهو چُلِهه مُٽِڻو نه ٿي.....“ رتل کيس نه مڃڻ جي صورت ۾ ڪاري ڪري مارڻ جو دڙڪو ڏئي ٿو. اها آهي جاهِلَ ماڻهن جي اصل غيرت!
    سنڌ جي ڳوٺاڻي زرعي سماج جي زوالپڻي کي يار محمد چانڊيي پنهنجين ڪهاڻين ۾ نهايت مهارت سان چٽيو آهي، ”بيٺي پير“، ”اربع خطا“، ”نئين نويلي ڪنوار“، ”جهڳو ئي جهڻ“ ۽ ”صراط المستقيم“ ۾ سنڌ جي زوال پذير معاشري جا چٽا پٽا اولڙا آهن.
    يار محمد چانڊيي جي لکڻ جو پنهنجو هڪ خاص اسلوب آهي. هن جي لکڻ جي اها اسٽائل نه ڪنهن سينئر ڪهاڻيڪار کان متاثر ٿيل آهي ۽ نه ڪٿان اڌاري ورتل آهي. هن جي ڪهاڻين جي اسلوب ۾ اختصار پسندي(Minimalism) آهي. هو نه اجائي منظر نگاري ۽ نه بيان بازي جي ڊيگهه ۾ پئي ٿو، يار محمد جي ڪهاڻين جو بيانيه (Narrative) مختصر هوندي به مڪمل لڳي ٿو، اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندس ڪهاڻيون پڄاڻيءَ تي ڀرپور تاثر ڇڏي وڃن ٿيون. ڪردارن جي گفتگو مڪاني ماحول سان ٺهڪندڙ آهي.
    البت هن جي رومانوي ڪهاڻين ۾ جذباتيت ڪجهه وڌيڪ آهي، شايد ان ڪري جو انهن ڪهاڻين جي پس منظر ۾ يار محمد جي پنهنجي شخصي پيڙا جو اثر سمايل آهي، منهنجي خيال ۾ يار محمد چانڊيي کي ان جذباتيت واري رومانيت مان هاڻي جند ڇڏائڻ کپي. هن جي اردگرد سماجي ناسور آهن، رشتن ۽ ناتن ۾ جيڪا مفاد پرستي ۽ منافقت ”صراط المستقيم“ ڪهاڻين جي مولوي وانگر ذهنن ۾ ڀريل آهي ۽ اسان جي معاشري ۾ مقدس نياڻين جي جيڪا بيحرمتي ۽ ساڻن زيادتي ٿيندي رهي ٿي، ان سڀ کي يار محمد چانڊيو اثرائتي نموني وائکو ڪري سگهيو آهي.


    شوڪت حسين شورو
    1 سيپٽمبر 2015ع


    ڪهاڻيون سرحدن جون محتاج ناهن!

    جديد ميڊيا سڄي دنيا کي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي دنيا جون دوريون، دوريون ناهن رهيون. هاڻي هرڪو ڪم ڪمپيوٽر تي ڪلڪ ڪرڻ سان پاڻهي پيو ٿئي. ٽويٽر ۽ فيس بوڪ هيڪاري سهولت پيدا ڪري ڇڏي آهي. پنهنجا پروفائيل ، پنهنجا ويچار، پنهنجا آزمودا، پنهنجا فوٽو گهڙي پل ۾ دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ تائين اماڻي سگھجن ٿا ۽ اتان منٽن ۾ موٽ ماڻي سگھجي ٿي. زندگيءَ جو سفر سهل ۽ سهولت ڀريو ٿيندو ٿو وڃي.
    ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ شروعات ۾ جڏهن دنيا ۾ پنهنجا پير پسارڻ شروع ڪيا ته انگريزيءَ سواءِ سڀني ٻولين وارن ماڻهن کي ڊپ لڳو ته هاڻي سندن ٻوليون ڪمزور ۽ غائب ٿي وينديون، پر منهنجي خيال ۾ ائين نه ٿيو آهي، بلڪ متحرڪ ٻولين کي فائدو ٿي رهيو آهي. اڳ هند سنڌ جي اديبن لاءِ هڪ ٻئي جا ڪتاب حاصل ڪرڻ ۽ پڙهڻ تمام مشڪل هو. هاڻي ڪتاب سنڌي رسم الخط ۾ به اپ لوڊ ٿي سگھن ٿا، جن کي نه صرف هند يا سنڌ ۾ بلڪ دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ويهي پڙهي سگھجي ٿو!
    ادبي ويچارن يا ڪتابن جي ڏي وٺ لاءِ فيس بوڪ جو تمام سٺو استعمال ٿي رهيو آهي. نه ته ڪٿي ڪڇ (انڊيا) جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ رهندڙ مان ۽ ڪٿي سنڌ ۾ رهندڙ يار محمد چانڊيو! فيس بوڪ تي يار محمد سان ادبي ياري ٿي وئي ۽ پوءِ هن پنهنجو ڪمپوزڊ ڪتاب ”عشق جي آخري سرحد“ موڪليو.
    هندوستان جا سنڌي تمام اديب تقريبن شهرن ۾ رهن ٿا. ظاهر آهي ته جيڪو ماڻهو جتي رهندو آهي ان جي لکڻين ۾ به اتي جي ماحول، مسئلن جو منظر شعوري يا لاشعوري طور چٽجي وڃي ٿو. انهيءَ ڪري هندوستان ۾ ڳوٺاڻي جيوت کي وائکو ڪندڙ ڪهاڻيون نه جهڙيون ڪي لکيون ويون آهن_ جيڪي به انهن ليکڪن وٽان مليون آهن، جيڪي ورهاڱي وقت سنڌ کان لڏپلاڻ ڪري آيا_ جن جا ڳوٺڙا ڏٺل هئا. ڏينهون پوءِ اهڙن ليکڪن جي لسٽ مختصر ٿيندي پئي وڃي ۽ ڳوٺڙا هندوستان جي سنڌي ادب مان پنهنجو وجود وڃائي رهيا آهن!!
    ”عشق جي آخري سرحد“ اي ميل ۾ آيل مسودي جي پرنٽ آئوٽ ڪڍي پڙهڻ شروع ڪيم ته هوريان هوريان دماغ ۾ سنڌڙيءَ جي ڳوٺڙن جا اڻڏٺا منظر ڪونجڙين جيان ڪَرُ کنيو پاڻ پسائڻ لڳا ۽ سندن ڪرڳل دل و دماغ کي موهڻ لڳا. خاص ڪري پنهنجي پاران عنوان تحت ليکڪ جي لکيل ”ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي“ واهه جي آهي، جنهن ۾ غضب جي رَواني آهي_ جنهن جو وهڪرو قاريءَ کي ڪهاڻيءَ ڏانهن هلڻ لاءِ قدم کڻائي ٿو. جنهن مان ليکڪ جي ڪهاڻي لکڻ جو مقصد ۽ مَنشا ظاهر ٿئي ٿي!
    خيرن سان هتي هندوستان ۾ مان به اهو ڪهاڻيڪار آهيان. جنهن جون اڪثر و بيشتر ڪهاڻيون ڳوٺاڻي جيوت تي لکيل آهن، جنکي هتي هندوستان ۾ سرهايو ويو آهي ۽ مانائتي موٽ ملي آهي. منهنجي ڪهاڻين ۾ ڪڇ ضلعي جي ”ٻني“ ۽ علائقي جا ڳوٺ ليئا پائن ٿا_ جڏهن ته يار محمد جي ڪهاڻين ۾ سنڌ جي سانگيئڙن جا ڳوٺ! سنڌ جي ڳوٺڙن جو پنهنجو هڪ ماحول آهي، مسئلا آهن، ٻنيءَ جي ڳوٺن کي پنهنجي هڪ سڃاڻپ آهي_
    يار محمد جي ڪهاڻين جي سنڌ ڌرتيءَ جي ساهتڪارن ۽ ساهتِڪ ادارن پاران قدرشناسي ٿي چڪي آهي. ”ديسِ بلوچان“ جهڙي ڪهاڻيءَ کي هزار داستان جهڙي معياري مئگزين ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران انعام مليل آهن. ان کان علاوه سندس ”جنم جنم الميو“ (ڪهاڻيون) ۽ ”اجري ڌرتي ميرا ماڻهو“ (ناول) ڪتاب منظر عام تي اچي چڪا آهن. ”سج ڪڏهن اڀرندو؟“ (ناول)_ ”جياپي جي جنگ“ جهڙا ڪتاب ڇاپي هيٺ آهن ته هيءُ ”عشق جي آخري سرحد“ توهاڻ سڄاڻ سڄڻن جي هٿن ۾ آهي. هيترن سارن ڪتابن جي لکڻ کان پوءِ مونکي لڳي ٿو، يار محمد جي ڪهاڻين جو تعارف ڪرائڻ ڪا معنيٰ رکي ٿو ۽ سندن لکڻيون ئي پاڻهي پاڻ شاهدي ڏيندي چون پيون ته ”اسان ڪنهن تعارف جون محتاج ناهيون. ٿورڙو صرف اسان تان نظر گھمائي ڏسو، اسان پاڻهي توهان کي پنهنجي جادوءَ ۾ جڪڙي وٺنديونسين.“
    ٻين ڪهاڻين ۾”بيٺي پير“_”اربعا خطا“_”امن جي نگري“_ ”لاڙڪاڻوــ لاهور“_”خالي من جي تانگھه“_”جھڳو ئي جھڻ“_”نئين نويلي ڪنوار“_”درد جو ڪيڏارو“_”سوا ڪانو زمين“_”ميري چنڊ جو غم“_”صراط المستقيم“_”منتظر محبتون“_”مان ڪنهن جو نه ٿي سگھيس“_”green signal red signal“۽”سهڻي“ جهڙيون ڪهاڻيون ڪهاڻي موتين مالها جا اُهي مڻيا آهن، جن جي مواد جي چمڪ جو اهاءُ قارئين جي اندر تائين ضرور پهچندو_ اهڙي پڪ اٿم.
    شال يار محمد جي ياري ڪهاڻين لکڻ، پڙهڻ سان اڃا به وڌيڪ گَهري ۽ گھاٽي ٿئي ۽ هن جي اندر ۾ ويٺل ڪهاڻيڪار اڃا به وڌيڪ بي سکو ٿي ڪهاڻيءَ جي روپ ۾ ٻاهر نڪرڻ لاءِ هميشه آتو ۽ ماندو رهي، اهڙي دلي دعا آهي.

    ڪلاڌر متوا ـــــ ٻني ڪڇ
    (انڊيا)


    پنهنجي پاران: ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي...! مان ڪهاڻي نه لکندو آهيان!

    رات جي سانت هجي، يا کڻي ڏينهن جو شورُ، ڪيترن سالن کان سُڪون جو هڪ پَلُ نه سُتو آهيان! هر لمحو پيڙا_ هر ساعت سوچ نگر ۾ ڀٽڪيل!!
    ڪجهه لکان!
    ۽ ڪجهه لکڻ جي جستجو ۾ ڪهاڻي ڪتاب ”جنم _ جنم الميو“ کان ناول ” اجري ڌرتي_ ميرا ماڻهو“ تائين لکندي کامندو رهيو آهيان!!
    سوچيو هوم ته مٿين ڪتابن جي بي ترتيب خيالن کي ترتيب ۾ آڻي بس ڪري وڃي خاموشي جي ڪنڊ وسائيندس... پر منهنجي اُداس قلم جي نوڪ سماج جي ناسور ۾ پڄري هڪ ٻئي ناول کي سَڏُ ڪري ننڊ مان اٿاريو_ لڳاتار سٺَ ستر صفحا لکي، وڌيڪ بهتر لکڻ جي آس ۾ ڪجهه ڏينهن ماٺ ڪرڻ گهرجي، واري سسُتي جي پوئواري ڪيم ته پنجن ڏينهن جي تخليقي سفر ۾ ٽي ڪهاڻيون_ ”ميري چنڊ جو غم“ (پهرين ڏينهن جي ڪهاڻي) ”جهڳو ئي جهڻ“ (ٻئي ڏينهن جي ڪهاڻي) ” بيٺي پير“ (ٽئين ڏينهن جي ڪهاڻي) _ ”لاڙڪاڻو لاهور“ (چوٿين ڏينهن جي ڪهاڻي) ۽ ”امن جي نگري“ (پنجين ڏينهن جي ڪهاڻي) لکي ڪهاڻي ڪتاب سهيڙڻ چاهيم.
    ڪهاڻي منهنجي بي سُڪون روح جي آٿت آهي!
    ڪهاڻي منهنجي خيال جي ڊوڙ کي سمهاري ٿي!
    ڪهاڻي منهنجي مزاحمتي حَسَ/ سگهه جو نادر نمونو آهي_ ڪهاڻي هڪ پيڙا آهي ۽ مان اُن پيڙا جو پڙاڏو آهيان.
    ڪڏهن ڪڏهن ته منهنجي خالي مَن جي پينگهي ۾ الائي ڪيترا ٻار ڪهاڻين جي ڪردارن ۽ موضوعن جي روپ ۾ اچي سمهيو پون ۽ مان انهن جي شور کان بچڻ لاءِ ڪڏهن راتين ۾ پناهه وٺندو آهيان ته ڪڏهن دوستن جي هجوم ۾ ڏينهن جا ڏينهن رولاڪين ۾ گُم سم هوندو آهيان!.... ڪهاڻي زندگي جي مرڪ کان زندگي جي درد تائين پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿي... ڪهاڻي جي ان ترتيب ۾ مان خاموش رهي ڪجهه به لکڻ نه چاهيندو آهيان، پر اندر جي پيڙا هٿن ۾ زوري قلم کي پڪڙائي ڪجهه نه ڪجهه لکرايو وجهي، جهڙوڪر ڪهاڻيون مون کان پاڻ پڪڙائڻ ٿيون_ منهنجا هٿ فقط لڪيرون پائن ٿا ۽ ڪهاڻيون انهن بي عنوان ۽ بي معني لڪيرن کي نڪورتا بخشي ڪهاڻيون ٺهرائي ٿي! منهنجي ڪهاڻين ۾ پردي جي پويان بيٺل ۽ لڪل سماج جون سچيون ڪهاڻيون آهن، جن کي وائکو ڪندي کوڙ تهمتون سر تي کڻي اڳتي وڌڻ چاهيو آهي... رشتن جي تقدس کان بيخبر جوانين جي عياشين کي جيئن جو تيئن بيان نه ڪري ڏاڍو ڀوڳيو اٿم، پر پوءِ به ڪٿي نه ڪٿي_ ڪنهن نه ڪنهن ڪهاڻي جي ڪنڊ پاسي ۾ وقت جو اگهاڙو سچ وقت جي اگهاڙين ڪهاڻين کي ظاهر ڪيون بيٺو آهي!!
    منهنجون هي ڪهاڻيون پنهنجي ئي سماج جون ڪهاڻيون آهن، جتي جوانيون رات جي ڪاراڻ ۾ گهاوَ کائن ٿيون، جتي مڏن ڪاتن جي ڊپ کان دليون ڌڙڪن ٿيون ۽ مجبوري هيٺ نگاهون مٿي نه ٿيون کڄن_ واعدا اڻپورا ٿا رهجيو وڃن، حسرتن جا جنازا پنهنجي ڪُلهن تي پاڻ ئي کڻڻا پون، جتي مرڪ جي پوپٽن نفرتن جي زهريلي آلودگي ۾ ساهه منجهايو آهي، جتي لالچن جي عيوضي دوستيون ميريون ٿين ٿيون، جتي روزگار جي تلاش ۾ عزتون بي رحم حالتن جون ٺوڪرون کائي سرِ بازار نيلام ٿين ٿيون، جتي بيحسي جي ڀيڙ ۾ ڳوڙها پنهنجي معنائن کي وڃائي ويٺا آهن، جتي اڻبرابري جي درد ۾ طبقاتي معاشرا زور وٺي ماڻهپي کي لڄائي رهيا آهن، جتي جنسي بُکَ جي ڊوڙ ۾ مقدس ادارن جي ساک داغدار ٿي وئي آهي.... ها منهنجون ڪهاڻيون ان دُکي ديس جون ئي ڪهاڻيون آهن ’جتي سڀ ڪجهه جائز آهي‘ واري ماحول جي پَروانُ ٿيڻ سان امن ۽ آجپي جا لاڏا ذاتي مفادن جو ٻليدان ٿي ويا آهن ۽ جنهن جي عام ٿيڻ سان قومي تشخص تي آڱريون کڄڻ لڳيون آهن!!
    طبقاتي سماج جي ان پيڙا ارپيندڙ لمحن جون ڪهاڻيون به مون نٿي لکڻ چاهيون، جنهن جي پويان درد جو درياءَ پيڙا جون ڇوليون کائي لهنوارو وهي ٿو ۽ وڇوڙي جي ٻوڏ ۾ احساسن جا قافلا بي گهر ٿين ٿا... ها مون نه ٿي لکڻ چاهيون، وقت جي چيچ ۾ پيل اهي سڀ ڪهاڻيون، پر خبر ناهي ته ڪهڙي سَمي ڪنهن ڪهاڻي جا چٽا_ اڻ چٽا ڪردار ننڊ مان جاڳائي يا دوستن جي هجوم مان گِهِلي تنهائي جي گهيري ۾ پهچايو ڇڏين. ڪڏهن پنج اٺ جملا_ته ڪڏهن اٺ_ ڏهه صُفحا يڪساهي لکجيو وڃن. تخليق جي اُن اُڻتِ ۾ محسوس ڪندو آهيان ’ڪهاڻي مان ته نه ٿو لکان، ڪهاڻي مون کي زوري قلم پڪڙائي_ پاڻ ئي پنهنجي مڪملتا ماڻي ٿي!!
    ڪهاڻي هن سماج جي پيڙا آهي ۽ اها پيڙا ليکڪ جي قلم ۾ گهڙي اچي ٿي!
    ڪهاڻي باک جي روشني آهي، جيڪا وقت جي انڌيري کي سڏي ڊڪائي ٿي!
    ڪهاڻي آمريت شاهي کي گاريون ڏئي ٿي، جنهن جي عذاب ۾ ليکڪ گنهگار ٿئي ٿو!
    ڪهاڻي هڪ ڌرتي آهي، پر اُن جا آواز مختلف روپ وٺن ٿا- ڪهاڻي ڪالهه جي پيداوار آهي ۽ اڄ جي لوڙ...! سڀاڻي جو سِجُ ڪهاڻي جي نفيس وجود ۾ وڌيڪ گرمي ڀريندو. ڪيترا قلم پني کي ڪارو ڪندا... پر ڪهاڻي پوءِ به نه کُٽندي!
    ڪهاڻي جي اُن ڊوڙ ۾ ڊوڙي مان سَهڪي رهيو آهيان، پر ڪهاڻي اڃا به اڳتي وٺي وڃڻ گهري ٿي، جتي خبر ناهي ته ڇا آهي؟ مڃتا يا رسوائي ۽ ناراضگي_
    ڪهاڻي تنهنجي اڻڀي سينڌ ۾ تخليق جي پورنتا جا ڪيترا گل چنبڙايا اٿم، ان پَتي کان پاڻ به اڻ ڄاڻ آهيان.
    ڪهاڻي تنهنجي ڊوڙ جي مِٽي کي آدم جي پيرن اُٿاريو آهي ۽ تون اڃا تائين نه ٿي رُڪجين؟
    ڪهاڻي هاڻي توکي زندهه رهڻو آهي ته توريت ۽ زبور جيان پاڻ لِکِجُ_ اسان ڏي نه اچ، اسان تنهنجي پاڪيزگي ۾ گارين جي ڪاراڻ ٽاڪيون ٿا. ڪهاڻي هاڻي منهنجو جيئڻ حرام نه ڪر_ مون کي دوستن جي هجوم ۾ وڏن ٽهڪن ڏيڻ جي هيرَ پوڻ ڏي.
    ڪهاڻي تون لامحدود اسان کي ٿڪائي وجهندينءَ!! اسان تي رحم ڪري پنهنجو نئون روپُ وٺ_ڇو ته اسان جي مَنَ ۾ زماني هاڻي پٿر ڀري ڇڏيا آهن ۽ اسان جا ساٿي پٿر دل ٿي مفاد پرست ۽ سامراجي قوتن جي مخبري ڪرڻ جا ماهر بنجي ويا آهن، جنهن سان گڏجي ماءُ جي يار وارو گذارو سکي ورتو آهي.
    ڪهاڻي تون موٽي وڃ_تون احساس جي پيداوار آهين، هتي احساس مري ويا آهن، تون ڇو ٿي جِيئين_ڪهاڻي ڇو ٿي جيئين؟؟؟
    ڪهاڻي-
    اي ڪهاڻي!
    تون ٻڌين ڇو ڪو نه ٿي؟
    مون کي آواز ڪير ڏيندو؟؟
    منهنجا سڏ توتائين نه ٿا پهچن ڇا؟؟
    ڪهاڻي تون ايڏو مغرور ڇو آهين؟
    اسان آهيون ته تون آهين_
    اسان ئي ته توکي پنهنجي قلم سان جيئدان جي امرتا بخشي آهي.
    ڪهاڻي تون ٻڌاءِ:
    تنهنجي تاريخ ڇا آهي؟ تنهنجو جنم ڪڏهن ٿيو؟؟ تنهنجو مذهب ڪهڙو آهي؟ تون ڪيئن وجود ۾ آئينءَ؟ تنهنجي تاريخ جا پيرا ڪير به ڦلوڙي نه ٿو سگهي_تون فطري آهين يا غير فطري؟ تون پنهنجي وسعت سان هڪ ئي وقت سڄي دنيا جي چپي_چپي تي ڪيئن ٿي ڇائنجي وڃين_مان تنهنجي هر هنڌ موجود هجڻ واري خيال، جو ڇيهه نه ڪري سگهيو آهيان.!!
    ڪهاڻي تنهنجو ڪارج زندگي جي رواني ۽ فنا ٻنهي سان ڪلهو ملائي بيٺل آهي، آخر تون ڪهڙي درد کي پنهنجو درد سمجهين ٿي!؟
    ڪهاڻي تنهنجا پوئلڳ تنهنجي هر چيخ کي لفظن جو روپ ڏئي هرساعت هر روز نيون ڪهاڻيون سرجن ٿا ۽ تون آهين، ڪوئي جواب نه ٿي ڏئين...!!!
    ڪهاڻي جو آواز:
    ”مان آدم جي خطا آهيان... مان سڪندرِ ذوالقرنين جي شاهي تخت جو خواب آهيان... مان فرعون جي جسم جي اها مضبوط مٽي آهيان، جنهن کي وقت جا هزارين طوفان نه ميساري سگهيا ۽ هو اڄ به مصر جي عجائب خانن ۾ پنهنجي غرور جو مظهر آهي... مان عيسى يسوع کي ويجهو ڏٺو مان عيسى جي اڱين ڏٺي شاهد آهيان... عيسى مريم جي گود مان ڪڏهن_ڪيئن ۽ ڇو جنم ورتو، مان سڀ ڪجهه ڄاڻان ٿي.
    مان بيروت، لبنان، غزا، اسرائيل، عراق، ايران، افغانستان، ڪشمير، بلوچستان ۽ سنڌ ڌرتي تي انسانيت جي وهندڙ خون جي اکين ڏٺي شاهد آهيان.
    مان زندگي آهيان، مون کي ڪو به موتُ ڪونهي_ ابد تا ابد زندهه رهڻي آهيان.
    مان ڪهاڻي آهيان_
    قديم پراڻي ڪهاڻي
    ٿوري پراڻي_
    ۽ نئين ڪهاڻي
    اهي سڀ منهنجا روپ آهن!!!
    (ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي جي پڄاڻي)



    يار محمد چانڊيو
    03453830271
    yaarchandio@gmail.com


    ڪهاڻيون

    اربع خطا

    جهارِ کي هڪل ڪندي هن کانڀاڻي کي زور سان اُڇل ڏني. ڦوڙهه لڳندي جهرڪين جي ڪٽڪ ۾ ٽاهُه پئجي ويو ۽ اهي ڀڙڪو ڏئي قطار ڪري اڏامنديون وڃي ٽاپ جي پَرڀرو هڪ سائي ٻروٽي تي ويٺيون.
    ڪاڪو صابو صبح کان منجهند تائين جهار کي هڪلون ڏيندي بيساهو ٿي پيو آهي. پڪل پوک کي جهارِ کان بچائيندي هن کي ڏيڊ هفتو گذريو آهي. جهارِ جي ڀيل واري خوف سبب هو گهر جا سڀ ڪم ڪار ڇڏي سج اڀري کان سِج لٿي تائين چئن ايڪڙن جي حوالي آهي. اڄوڪي ڏينهن جهارِ کي هڪلون ڏيندي هن جو آواز ويجهي ويو آهي ۽ جهارِ هن جي بي اثر آواز سبب ڦِري ڦِري سندس ئي پچندڙ فصل جي ڀيل ڪري رهي آهي.
    ”هَه.. هه.. هه.. ها...“
    صابو جهارِ جا ڪٽڪ واپس فصل طرف ايندي ڏسي وڏي آواز ۾ رڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن جو آواز چئن_پنجن قدمن جي مفاصلي تائين به نه پهتو.
    ”تَڙِ.. تڙِ.. تڙ.. تڙ..“
    صابو پنهنجي پوڙهن هٿن سان تاڙيون وڄائي جهار کي فصل کان ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي. فصل جي مٿان اڏامندڙ جهرڪين لامارا ڏيڻ شروع ڪيا ته هن تاڙين کان بس ڪري هيٺ نِوڙي پيرن ۾ پيل کانڀاڻي سنڀالي لڳاتار ٽي_چار مِٽي جا گُليل جهرڪين جي ڪٽڪ طرف اڇلايا. جهارِ اوڀارا ۽ لهوار لمڪا ڏيندي واپس ٽاپ جي سائي ٻروٽي تي وڃي ويٺي.
    ”شاهن...او...شاهن جهارِ کي هڪل ڏيندو اچجان... جهارِ اصل رَتُ ڪيو آ... رَتُ!“
    صابو پنهنجي ڀائٽي شاهن کي ٽاپ سان ايندي ڏسي کيس هڪل ڪئي. هن جو آواز سندس ڀائيٽي تائين ته نه پهتو هو، پر سندس ڀائيٽو هن جي هٿ جي اشارن، کي سمجهي، زوردار آواز ۾ جهار کي هڪليندو ۽ ڳائيندو چاچي جي مٿان اچي بيٺو.
    ”چاچا اچو ماني کائو!“
    چانورن جي ماني، لَسي جو لوٽو ۽ ان ۾ مکڻ جو چاڻو ڏسندي صابو جي اڌَ ساهي جسم ۾ ڄڻ ساهه پئجي ويو.
    ڪاڪي صابو اڃا چند گرهَه ماني جا مسَ کاڌا ته شاهن چاچي جي ڀرسان وڌيڪ ويجهو سُري آيو:
    ”چاچا“
    ”هون!“
    ”هڪ ڳالهه چوان؟“
    ”ڪهڙي ڳالهه؟؟“
    ”اسان جي گهر مهمان ڇو آيا آهن؟“
    ”ڪهڙا مهمان؟؟“
    ”ڪاڪي وليد وارا.“
    ”آيا آهن؟“
    ”ها!“
    ”پٽ! اصل ۾ ڳالهه هيءَ آهي!!“ صابوءَ ماني جا گرهَه چٻاڙيندي ڳالهه جار رکي_ ”جنهن گهر ۾ نياڻيون جوان ٿينديون آهن، اتي مهمان ايندا رهندا آهن!“
    ”چاچا پنهنجي گهر ۾ جاءِ هوندي، ٻاهر نه وڃبو آهي... گهر جي ڳالهه گهر ۾ هجي!“
    ”پٽ تون اڄ جهارِ هڪلجان... مان مهمانن سان وڃي ويهندس!“ سندس چاچي ڳالهه جو رخ مٽائڻ چاهيو.
    ”نه چاچا! اڄ نه مهمان گهر ۾ ويهندا ۽ نه تون!“
    ”ڇو؟“
    ”چاچا مون ۾ ڪهڙو عيب آهي؟“
    ”ڪو به نه!“
    ”مان ڪاڻو آهيان؟“
    ”نه!“
    ”لولو_لنگڙو؟“
    ”نه!“
    ”ڪمائڻ جا ڪُساڏو؟“
    ”نه!“
    ”چاچا پوءِ مون کان ايڏي نفرت ڇو؟“
    ”نفرت مون کي ناهي، تنهنجي چاچي کي آ.“
    ”چاچيءَ ڏي ڏوهه نه ڏي چاچا!... چاچي پنهنجي نياڻي نيلم جي خوشي ۾ خوش آ ۽ نيلم منهنجي خوشي ۾!“
    ”پٽ اصل ڳالهه ٻي به آهي!“
    ”ڪهڙي چاچا؟“
    ”هڪ غربت ٻيو مٿان قرض گهڻو_ ٻه چار ٽَڪا ملندا ته قرض به لهندو ۽ نياڻي جو لايو سجايو به ٿيندو!“
    ”چاچا مان ڀريندس تنهنجو سڀ قرض، پنهنجون مينهون کپائي! اڃا به قرض نه لٿو ته زمين جو ٽڪرو گروي رکندس، پر چاچا نيلم کي گهر کان ٻاهر نه اڇل.“
    ”مان تو کي پنهنجي ڌيءَ جو سڱ نه ڏيندس_ ڇا به ٿي پوي!“
    ”ڇو چاچا؟“
    ”هاڻي بس به ڪر!“
    ”پر مان بس نه ڪندس! مون کي ٻڌاءِ چاچا. مون کان ڪا اربعا خطا ٿي آ؟؟“
    ”اربعا خطا تو کان نه_مون کي ٿي آ.“
    ”تو کان؟“
    ”ها!“
    ”چاچا خاموش نه رهَه_ جواب ڏي... تو ڪهڙي اربع خطا ڪئي آ_ مون کي پالڻ جي؟؟“
    ”نه!“
    ”چاچا تو کي پٽاڻي اولاد ناهي. ڀائٽيا پٽ هوندا آهن... منهنجو آباد گهر تنهنجو گهر ليکبو چاچا... ڇڏ ضد کي... تنهنجو سڀ قرض لاهيندس... مان به ته تنهنجي مرحوم ڀاءُ جي آخري نشاني آهيان...“
    ”شاهو.“
    ”جي چاچا.“
    ”مٽيءَ جو ٻُڪ ڀَر.“
    ”ڇو چاچا؟“
    ”منهنجي پٽڪي ۾ وجهه!“
    ”نه چاچا... مالڪ نظر ڏني آ... مون وٽ تنهنجي پيءُ برابر عزت آ!!“
    ”شاهو لَهُه ضد تان_ ڇڏي نيلم جي پچر!!“
    ”پر ڇو چاچا!“
    ”شاهُو نيلم تو کان نفرت ڪندي آ!“
    ”نه چاچا! نيلم ته ساهُه گهور ڪندي آ... هن جي پنهنجائپ کي نفرت جو نالو نه ڏي... هوءَ منهنجي اکين ۾ پنهنجي حياتي قربان ڪرڻ جو وچن ورجائيندي آهي!!“
    ”شاهو تون نيلم کي نه سڃاڻين. هوءَ توکان هميشه پري ڀڄڻ چاهيندي آ... هوءَ تنهنجي پاڇي کي به منحوس ٿي سمجهي. تون به هن کان پري رهُه... تو لاءِ کوڙ ڇوڪريون منهنجا پٽ!!!“
    ”چڱو چاچا مان هليس، تو ن ڄاڻ، تنهنجو گهر ڄاڻي ۽ تنهنجو ڳوٺ!“
    ”پر ويندين ڪاڏي؟“
    ”ڳوٺ ڇڏي گهڻو پري ويندس... رت جا رشتا کوٽا نڪتا!!“
    جوان شاهوءَ جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ۽ هو نا اميد قدمن سان پنڌ ڪندو وڃي ٽاپَ تائين پهتو.
    ”شاهو ٿورو بيهه، هڪ ڳالهه ٻڌ!“ صابو جا پوڙها قدم شاهوءَ جي پويان پويان هئا!
    ”شاهو پوئتي موٽ. اڄ تو کي سڀ سچ ٿو ٻڌايان!“ شاهو لڙڪ هاڻين اکين کي پوتڙي جي پانڌ سان اگهندو واپس موٽيو.
    ”ٻڌاءِ چاچا!“
    ”شاهو تون به پنهنجي پيءُ جهڙو ضدي آهين. هو ڦاهي تي چڙهيو ته به هارَ نه مڃيائين.“
    ”چاچا مون کان سڄي حياتي اهو درد نه وسرندو... اوهان پنهنجن کي پري ۽ ڌارين کي ويجهو رکڻ جو سوچي مون کي وڏو گهاءُ ڏنو آهي!“
    ”شاهو گهر جا سڀ پاتي تو کي ڀانئن نه ڀانئن پر منهنجو تو ۾ ساهُه آهي ساهُه!“
    ”نه چاچا! اهو سڀ فريب آهي.. ڪوڙ آهي.. مان اڄ به تنهنجي نظر ۾ ڌاريءَ جي اولاد آهيان!“
    ”هرگز نه!“
    ”ڀلا ڪاريءَ جو پٽ آهيان، تڏهن ته نفرت ڪرين؟“
    ”هر گز نه!“
    ”شاهو مون تو کي ننڍپڻ کان پنهنجي اولاد جيان پاليو آهي... منهنجي پيار تي شڪ نه ڪر!“
    صابو جي اکين مان لڙڪن جو سيلاب پرٽجي پيو.
    ”چاچا اهو دنيا جو دستور آهي!“
    ”ڪهڙو دستور؟“
    ”ڪاري ماءُ جو اَڇو پٽ_اهو ممڪن ئي ناهي!“
    ”شاهو! پراڻي وقت کي نه دهراءِ!!“
    ”چاچا! سڄي ماجرا کولي ٻڌاءِ، آخر اها ڪهڙا ڳالهه آهي، جنهن جي بنيادن تي مون کان نفرت ٿي ڪئي وڃي!!“
    شاهو پنهنجي چاچي جي پيرن تي ويهي رهيو.
    ”شاهو اڄ مان تو کي سڀ ڪجهه سچ ٻڌائيندس... نيلم تنهنجي ڀيڻ آ ۽ تون هن جو ڀاءُ!... تنهنجي ماءُ منهنجي سنگيڻي هئي... تون منهنجي خطا جو ٻوٽو آهين!!“
    ”چاچا.“
    شاهو جا ڇهَه ڇڄي پيا!
    ”چاچا مان وقت جي اها بي ڀاڙي وَلِ آهيان ، جنهن کي ...“
    ”شاهو مان خطا وار ضرور آهيان، پر ان ۾ تنهنجي ڪاري ماءُ جي بيماني هئي... هوءَ هميشه منهنجي پويان پيل هوندي هئي... اڳتي هلي مان به جواني ۾ انڌو ٿي پيس... پنهنجي وڏي ڀاءُ جي عزت جو خيال نه رهيو... پوءِ هڪ غلطي وڌيڪ غلطين ۾ شمار ٿيڻ لڳي هئي... جڏهن به تنهنجو پيءُ چوان يا چاچو، گهر ۾ نه هوندو هو ته... هن جا وارا نيارا ٿي پوندا هئا... گهر جو چور ڏاڍو ڏکيو ۽ دير سان پڪڙبو آهي!!“
    ”پوءِ منهنجي ماءُ کي ماريو به تون؟“
    ”ها!“
    ”۽ ڦاهي تي بابو چڙهي ويو!“
    ”ها!“
    ”ڇو؟“
    ”تنهنجي پيءُ کي، تنهنجي ماءُ جي ڪردار تي شڪ پيو هو...ان شڪ کي دور ڪرڻ لاءِ مان تنهنجي ماءُ کي، ڪنهن ٻئين سان سنجوڳ هجڻ جو الزام هڻي قتل ڪيو هئم...!“
    ”منهنجي ماءُ جو يار به تون دشمن ۽ قاتل به تون...!“
    ”ها“
    ”پوءِ بابو جيل ڇو ويو؟“
    ”هن مون کي ننڍو ڀاءُ سمجهي، سڀ الزام پنهنجي سر تي کنيا.“
    ماحول تي ڪي گهڙيون خاموشي قائم رهي. پريان جهارِ جو ولر فصل جي مٿان ماڪڙ جيان ڪڙڪي پيو.
    ”شاهو مان تنهنجو ڏوهاري آهيان... مٽيءَ جا ٻڪ ڀري منهنجي مٿي ۾ وجهه... يا ڪهاڙي کڻي منهنجي ڪنڌ لاهي ڇڏ... مان هر سزا لاءِ تيار آهيان...!!“
    شاهو جا تارا ڦوٽارجي ويا ۽ هو هيٺ مٽي تي ويهي رهيو.
    جهٽ رکي شاهو سامت ۾ آيو.
    ”هڪ غلطي مون کان به ٿي آ چاچا.“
    ”ڪهڙي غلطي؟“ صابو جي چهري ۾ گهنج پوڻ لڳا.
    ”چاچا نيلم پيٽ سان آهي... تنهنجي ڪني خون جي بدبوءِ الائي ڪٿي دنگ ڪندي!!!“
    **


    ديسِ بَلوچان

    جَنڊَ جي پُڙ ۾ چانورن جو آخري مُٺيو وجهندي وڏي نُنهَن صنوبر کي چيائين،”صابي...! او امان سج لهڻ وارو آهي، روزائتن لاءِ ٻه ٽي مانيون گهڙي وٺ!!“
    ”جي آئي! ٻٽِن منٽن ۾ واندي ٿيڻ واري آهيان، بس ڀوري مينهن جا آخري گوها ڪڍڻ ڏي!“ صنوبر جا هٿ ڀوري مينهن جي ٿڻن کي ڇڪي، کير جا سنها گوها ڪڍڻ ۾ مصروف هئا، ڪراڙي سسُ ڏانهن لونڻو ماريندي چيائين: ”پُٽهن زمين تان موٽي ايندو ته پيو وڙهسان وڙهسان ڪندو، چوندو گهر ۾ وانديون ويٺيون آهن، مينهون به وقت تي نه ٿيون ميڙن!“
    ”او ننڍي تون ڪٿي آهين، باهه مچائي وَٺُ، جنڊ مان واندي ٿي آهيان مان ٿي ٻه ٽي مانيون گهڙي وٺان.“
    ڪراڙيءَ جي آواز تي سندس ننڍي ننهن سوڍي، بورچي خاني ڏانهن وڌي آئي ۽ ايندي ئي ڪکن جو موئو ٺاهي ۽ مٿس ڪاٺيون رکي، جيستائين باهه ٻاري وڌي، تيستائين سندس ڏيرياڻي صنوبر به ڀوري مينهن جي ڏُهائي ڪري اچي رڌڻي ۾ داخل ٿي.
    ”سوڍي تون هيئن (پري) ٿي، مان ٿي ماني پچايان_ ڀلي ڪيترو به ڪم هجي، آئي (سَسُ) کي ماني پچائڻ ٿورئي ڏينديس“
    سِج لهڻ _ ٻُڏڻ وارو ٿيو ته سَسُڻسِ جنڊ مان اٽي جو ٿالهه ميڙي صنوبر جي آڏو رکيو ته هن تپيل تئي تي ماني پچائڻ ۾ دير ئي نه ڪئي!!
    اڃان آذان ئي نه مليو ته هن چانورن جون پوريون چار مانيون پچائي اچي کٽ تي رکيون، جتي سندس ڏيرياڻي سوڍي روزائتن جي لاءِ گهاگهر لسيءَ جي ۽ هڪ جڳ دلي جي ٿڌي پاڻيءَ جو ڀري رکيو.
    ڪاڪو وسند، انگوشي جو پٽڪو ويڙهي آذان ملڻ جي انتظار ۾ ويٺل هو. ڪاڪي وسند جو ڪکائون گهر جعفر آباد کان اڳتي ٻن اڍائن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي، جتي لڳ ڀڳ پنجاهه سالن کان هو سنڌ مان لڏي آيل هو!
    ”اڃان آذان نه مليو آهي“ ڪاڪي وسند جي نڙي خشڪ ٿي وئي، ڳيت ڏيندي چيائين ” اڄ ملان کي ننڊ وٺي وئي آهي ڇا؟مٿان انڌيرو پيو ٿئي، پر هن آذان ناهي ڏنو“
    ”ابا ! اڄ آسمان تي جهڙ آهي، تڏهن ٿي دير لڳي“ سندس وڏور ننهن صنوبر آواز ڏنو” ملان مسيت ۾ بُک تي ننڊ ٿورئي ڪندو!“
    ”صابي ڌيءَ!“ ڪاڪي وسند جو آواز گونجيو.
    ”جي ابا“ صنوبر مٿان اچي بيٺس.
    ”صابي پُٽ تون هن گهر جي ڌياڻي آهين، ڌيءَ جيستائين خيرن سان سوڍي جو ويم ٿئي، تيسيتائين کانئس باهه جو ڪم نه ڪراءِ، هوءَ هميشه ناچاڪ ٿي رهي، ڊاڪٽرن کيس باهه جي ڀرسان اچڻ کان پرهيز جو چيو آهي... تون وڏي آهين، هن سان ڪڏهن به ريس نه ڪجانءِ!!!“
    ڪنڌيءَ ٻاهران واري ڪچي مسجد مان ملان الله اڪبر جي شروعات ڪئي ته ڪاڪي وسند کي ڄڻ بيساهي جسم ۾ ساهه پيو. هڪ وٽو ۽ پوءِ لسيءَ جو ٻيو وٽو به ڏوڪي وتائين.
    ”ٻڌ ته!“ ڪراڙي ڪاڪي وسند جي ڀرسان اچي بيٺي، کيس ڌيرج لهجي ۾ چيائين، ” دلي جانِ دير ڪئي آ ؟“
    ”دمساز جي ماءُ، دل نه لاهه! هيڏانهن_نه ته هوڏانهن دلي جانِ اچڻ وارو هوندو!! “ڪا ڪي وسند کي به ڄڻ اونٽار ورائي ويو. حقي کي پاسي تي رکي، ڪمزور جسم کي سنڀالي اٿي بيٺو، چيائين: ”دمساز جي ماءُ تنهنجي دل مان اهو خوف ڪڏهن ختم ٿيندو؟ جوان جماڻ هئينءَ ته منهنجي لاءِ فڪر مند هوندي هئين، ۽ هاڻي پوڙهي ٿي آهين ته جوان پُٽن جو الڪي ۾!!... چري مائي_ وڏيري وٽان جيئن ئي ڀاڻ مليس ته دلي جان گڏهه گاڏي تي اچي پهچندو!!!“
    ”روزو هيس، تڏهن پريشان آهيان ، الائي کوليئين به الاءِ نه!“
    ”اڙي دمساز جي ماءُ! جوان پُٽ آهي، ڪنهن کان ٽُڪُرُ گهري وٺندو.“
    ڪاڪو وسند پنهنجي ڪراڙي زال کي دلجاءِ ڏيندو، پنهنجي منهه کان ٻاهر نڪري آيو_ڪانن جي ڪنڌي ٻاهران دمساز زمين جي پاڻي تان سنڀال ڪري واپس نظر ايندي آيس.
    ”پُٽ! ڀاڻين اڃان نه آيو آهي؟“
    ” نه آيو آ؟“ سندس پُٽ دمساز ڪوڏر کي پٽَ تي ڦٽو ڪندي وراڻيو ۽ پوءِ ان جون نظرون ڳوٺ جي چارن ڏانهن متوجه ٿيڻ لڳيون.
    ”بابا لڳي ٿو سامهون وڏيري جي گاڏي آهي“
    ”وڏيري جي!“ ڪاڪو وسند الجهڻ لڳو ”چيائين هن مهل ڪاڏي ٿي وڃي؟“
    ”وڃي نه ٿي بابا_اچي ٿي.“
    ”ڪاڏي ٿي اچي؟“
    ” هيڏي بابا!“
    ”هن مهل؟“ ڪاڪو وسند پنهنجي پوڙهين اکين کي مهٽيندي زور سان سامهون ايندڙ گاڏيءَ کي جوعَ پائي ڏسڻ لڳو”پُٽ پڪ وڏيري جي گاڏي آهي؟؟؟“
    ”ها بابا“
    گاڏي مٽي اٿاريندي دمساز ۽ ڪاڪي وسند جي قريب اچي بيٺي، جنهن مان ڪمدار ۽ ٻه ٽوها هيٺ لهي آيا.
    ”ڪمدار خير ته آهي؟“ دمساز جي حيرانگي وڌڻ لڳي”ڪُمهلو نڪتا آهيو؟؟؟“
    ”خير نه آهي ڪاڪا_ اوهان جا سنڌ جا دشمن حملو ڪري اواهان جي نوجوان کي ماري ويا!... اسان جا ماڻهو هٿيار کڻي پهتا ته هو فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا... اسان ڪنڌ کڻڻ جهڙا نه رهيا آهيون!“ وڏيري جي ڪمدار پنهنجو سربستو احوال ڏنو ته دمساز دهلجي ويو ۽ سندس پوڙهو پيءُ ڪاڪووسند هيٺ ڌرتي تي ويهي رهيو_ اها ماجرا ٻڌندي، ڪنڌيءَ جي اندر مَنَههَ ۾ رانڀاٽ پئجي ويا.!!
    ”پاڻ سنڀاليو... روئو نه !... دشمن کلندو !!!“
    ڪاڪو وسند خود بيحال هو، پر پنهنجي همٿ کي گڏ ڪري چيائين” دلي جانِ پنهنجي ڏاڏي ڀورا خان جو قرض لاٿو آهي... ڪو به نه روئي، بلوچستان جا ماڻهو سنڌين کي ڪانئر سمجهندا...!پاڻ تي خلق نه کلايو!!“
    ”بابا هڪ ڳالهه سوچڻ جهڙي ضرور آهي، پنجاهه سالن کان پوءِ اسان جي ڪونڌر جي مارجڻ ۾ ،ڪنهن جي غداري ضرور شامل هوندي آهي.“ دمساز پنهنجي پوڙهي پيءَ کي سوچن جي واٽ تان وٺي آيو، چيائين ”سنڌ ننگ هئي بابا !!... سنڌي سامَ تي سِرِ قربان ڪندا آهن، بلوچن پاڻ لڄايو آهي!!“
    ڪاڪي وسند ٻاڙو نه ٻوليو!!!
    سڄي گهر ۾ روڄ ۽ ڪهرام جو سمون هو، سوڍي ته خبر ٻڌندي ئي بيهوش ٿي وئي.
    ”منهنجو روزائت پُٽ!“
    ”منهنجو پهلوان ڀاءُ!!“
    ”خدا دشمن جو گهر به خالي ڪندو“
    ”ڪو به نه روئي... مان اڃان جيئرو آهيان ... دشمن سان پلاند پراڻو نه آهي“ ڪا ڪي وسند جو آواز تيز ٿيڻ لڳو، چيائين ”دمساز_ جوان ڀائرن کي جوان ڀائر ئي ڪلهو ڏيندا آهن...بهادر ٿي...دشمن کي روئي نه ڏيکاريو !!!“
    سڄي گهر ۾ خوف جو عالم ڇانئجي ويو_ ڀرسان ڪلي سان ٻڌل ڀوري مينهن زنجير ڇنائي ڊوڙي وئي.
    رات جو حصو گذريو، ان سمي صنوبر قرآن پاڪ ڪڇ ۾ کڻي، دلي جان جي لاش جي مٿان اچي بيٺي، چيائين ”ابا! هن قرآن جي واسطي هاڻي پنهنجي جوان اولاد تي رحم کائو... نه پاليو دشمنيون... ڇڏيون ويڙهاند جي پچر...دلي جان جي خون جي صدقي پنهنجو پاڻ تي رحم کائو!!“
    ”منهنجو ڪونڌر ڪاڏي ويو...؟منهنجي پيءُ جي سزا مون کي ڏي هان، منهنجي جوان پُٽ کي ڇو؟“
    اچانڪ بيهوش ٿي ويل سوڍيءَ جون دانهون گونجيون، صنوبر پنهنجي ڏيرياڻي ڏانهن پوئتي مڙي ڏٺو ۽ پوءِ منَههَ جي پَرئين ڪنڍ طرف سوڍيءَ کي سنڀالڻ ۾ مصروف ٿي وئي. جڏهن ٿوري وقت ۾ واپس موٽي ته هن پنهنجي ڳالهه کي ٻيهر جاري رکيو.
    ”ابا! سوڍيءَ کي پُٽ ڄائو آهي، ان جي صدقي پنهنجي سَتَ نسلي دشمني جو خاتمو آڻيو، دشمني ڪک جي به چڱي ناهي!!!“
    ڪاڪي وسند صنوبر جي طرف وڌي کانئس هٿ ۾ جهليل قُرآن کي وٺي چمي ڏني ۽ چيو ”منهنجي ڌڻ جو ڌنار موٽي آيو آ...!!!“
    **


    لاڙڪاڻو _ لاهور

    زندگي جا سڄا سارا ڇهه سال ڪيئن تنهاين جي تپش ۾ گذريا اٿم، اهو درد ته ڪوئي مون کان پڇي!_ ڇهن سالن جي اڪيلائي ۾ الائي ته ڪيئن پاڻ سنڀالي زندهه رهيو آهيان، هر گهڙي هڪ نئين اميد جيئڻ جو نئون روح ڦوڪي اڳتي وڌڻ تي اتساهيو آهي ”شايد هوءَ موٽي اچي... پر ... پر هوءَ نه اچڻي هئي_ نه آئي!“
    _هُن جي جدائي کي ڇهه سال گذري ويا، تڏهن به مان انتظار جي دامن کي نه ڇڏي سگهيو هوس_
    _ هڪ ڏينهن_
    _ ٻارڙن جي پڙهائي کانپوءِ اسڪول مان موڪل ڪري گهر هليو آيس، هن کي پنهنجي گهر ۾ ڏسي حيران ٿي ويس_ وصال جي درد ۾ کامندڙ اکين سان هُن کي گهور پائي ڏسندي ئي رهجي ويس، هيڪر دل ۾ خيال آيو ته کيس چوان ”سورٺ! تون ڪٿي هئين ايترو وقت؟ پنهنجي پريم جي سفر ۾ وڇوڙي جي ڪائي واٽ ته ڪونه هئي!... پوءِ تو ۾ اچانڪ تبديلي ڪيئن آئي؟... تون هڪ غير سنڌي جي فريب ۾ لاڙڪاڻو ڇڏي لاهور وسايو... منهنجي محبت توکان وسري وئي_ مان وسري ويس ۽ تون وئينءَ ته موٽڻ جو نالو ئي نه!... اهو به نه سوچيئي ته ڪنهن تنهنجي انتظار ۾ حياتي جا ڇهه سال راهون تڪيون هونديون...!!“
    منهنجي سوچ آزاد هئي، پر زبان بند_ مگر اهو اندازو ضرور ٿي ويو هومِ ته هن جي اکين منهنجي اکين جي شڪايتن کي محسوس ضرور ڪيو هو_
    _ ان لمحي_
    منهنجي گهر واري روشني اندران ڪمري مان ٻاهر هلي آئي، مان اکيون هيٺ ڪري ڇڏيون ته هُن جو آواز گونجيو_
    ”علي بابا جا پيءُ اچي وئين؟“
    ”ها“
    ”ڪڏهن؟“
    ”هاڻي_ اجهو پهتو هان_“
    ”بجلي ڪونهي، هلي ويهه ته توکي وِنڃِڻو هڻان، گرمي ۾ ايندي پگهر ۾ شَل ٿي ويو آن!!“
    ”اڙي بي رحم ٻه_ ٽي منٽ ته اندر ڪمري ۾ هجين هان، مان اکين جي اشاري سان ئي سَهي ڪجهه ته سورٺ سان ڳالهايان هان_“ دل ۾ سوچيندي ئي چپن مان آواز نڪتو ”روشني! فرج مان ٿڌي پاڻي جو گلاس ڀري اچ، ڏاڍي پياس لڳي آ!!“
    روشني پاڻي کڻڻ لاءِ ڪمري جي اندر واپس هلي وئي ته مون کي ڄڻ وارو ملي ويو، چيم ”سورٺ! ڪيئن آهين؟“
    _ سورٺ چپ هئي، هن جي اکين ۾ پاڻي جرڪڻ لڳو_
    ”سورٺ مان توسان آهيان_ ڪيئن آهين دل جي پٿر!؟“
    ” تنهنجي گهر واري ٿي ٻڌايو ته تون پنهنجي ڌيءُ جو نالو سورٺ رکيو آهي“
    ”ها!“
    ”ڇو؟“
    ”تنهنجي نالي جي ڪَمي جو پورائو ڪرڻ لاءِ!“
    ”مان مري وئي هيس ڇا؟“
    ”تون جيئري هئين به ته پنهنجي لاءِ_ تون منهنجي لاڙڪاڻي جي مٽي کي ڇڏي وڃي لاهور وسايو ته لاهورڻِ ٿي وئينءَ!... مون کي سنڌ ۾ وفادار سورٺ جي سخت ضرورت پئي!!“
    سورٺ ٻه ٽي جملا ڳالهايا ته وري چُپ ٿي وئي، جهٽ رکي روشني به اچي وئي، هُن جي هڪ هٿ ۾ پاڻي جو گلاس هو ۽ ٻئي هٿ ۾ ننڍڙي سورٺ جو هٿ!
    ”سورٺ! منهنجي زندگي_ تو لاءِ رانديڪا آندا اٿم، هان وٺ جاني!!“
    معصوم سورٺ ماءُ جو هٿ ڇڏائي، مون تائين پهتي، مون اسڪول کان واپسي تي ورتل رانديڪا هُن جي هٿ ۾ ڏئي روشني کان پاڻي جو گلاس وٺڻ لاءِ وڌيس_
    ”علي بابا! جا پيءُ هن کي سڃاڻين؟ هيءَ منهنجي ننڍپڻ جي سهيلي رهي آهي_ هُن شادي ڪئي ته دوريون اچي ويون... وري به سورٺ کي شابس آ، اڄ پاڻ ئي هلي آئي آ!!“
    مان يڪ ٽڪ نظرن سان سورٺ ڏانهن پئي ڏٺو، هوءَ اکيون جهڪايون بيٺل هئي، ان لمحي هڪ نظر سان روشني ڏانهن ڏٺو ۽ سوچيم: ”تون ڪهڙو ٿي تعارف ڪرائين، جڏهن تون منهنجي ڏٺل به نه هئين_ تڏهن کان مان کيس سڃاڻان_ هوءَ ڪي ورهيه منهنجي هئي ۽ مان هُن جو هوس... پوءِ الائي ته ڪهڙو واءُ گهُليو ۽ هوءَ لاهور جي هڪ نوجوان سان شادي لاءِ رضامند ٿي وئي ته وري نه موٽي_ پنهنجي اباڻي وطن جي واهيري کي هُن ڏسڻ به گوارا نه ڪيو!!“
    خاموشي ڪجهه لمحن لاءِ اسان تي واسو ڪري وئي، جهٽ رکي روشني جو آواز گونجيو_
    ”سورٺ کي رڪشا تائين ڇڏي اچو!“
    ”حاضر!“
    مان سورٺ جي اڳيان هلڻ لڳس ۽ هوءَ پٺيان اچڻ لڳي_ اسان هڪ گهٽي کان ٻئي گهٽي ۾ داخل ٿيڻ تائين ڪجهه به نه ڳالهايو_ اسان جي خاموشي تڏهن ٽٽي، جڏهن هُن اڳلي گهٽي مان ظاهر ٿيندڙ رڪشا ڏانهن ڏسندي وري مون ڏانهن ڏٺو_ هن جي اکين ۾ حسرت ڀريل هئي_
    ”ڇا ٿي ڏسين؟ جيڪو چوڻو اٿئي چئه!“
    ”مون کي طلاق ملي وئي آهي!“
    ”ڇا؟“ منهنجو مٿو چڪرائجڻ لڳو، هن جي جدا ٿيڻ تي ايترو گهرو گهاءُ نه پاتو هو، جيترو هُن جي طلاق ٿي وڃڻ تي صدمو رسيو هو_
    ”توکي طلاق ڇو ملي؟“
    ”اولاد نه ٿيڻ کي سبب بڻائي هُن ٻي شادي ڪري ڇڏي...!!“
    ”پوءِ؟“
    ”ٻي شادي بعد هو تشدد پسند ٿي پيو هو، ننڍي وڏي ڳالهه کي اِشو بڻائيندي هو اڪثر طلاق ڏيڻ جون ڌمڪيون ڏيندو هو، هڪ ڏينهن هُن اهو ڪارنامو به ڪري ڏيکاريو_مون کي طلاق ٿي وئي!!“
    ”جيڪو ٿيو سٺو نه ٿيو!!“ منهنجي آواز ۾ ارمان هو ”هاڻي ڇا ٿي ڪرين؟“
    ”نوڪري!“
    ”ڪهڙي!؟“
    ”اردو سبجيڪٽ ۾ ليڪچرار ٿي آهيان!“
    ”ڏاڍو سُٺو_“ چيم ”ماڻهو کي جيئڻ لاءِ ڪونه ڪو مقصد گهرجي، سو توکي ملي ويو_“
    ”عمران!“ هن اکيون مٿي ڪري مون کي سڏيو_
    ”چئه!“
    ”مون کي پڇتاءُ آهي!“
    ”ڇا جو؟“
    ”دولت جي لالچ ۾ وڃي ڌاريا وسايم_ ڪاش تنهنجي ٿيان هان!“
    ” سو ته نه ٿي هئينءَ_ هاڻي پڇتاءُ ڪهڙي ڪم جو؟“
    ”مون سان هاڻي شادي ڪندين؟“
    ”ڪڏهن به نه!“
    ”ڇو؟“
    ”جڏهن منهنجي دل جي دنيا تو لاءِ ڦارون پئي پاتيون... جڏهن منهنجي اکين ۾ تو سواءِ ٻئي ڪنهن جو عڪس به نه هو... جڏهن مان تنهنجي تلاش ۾ لاڙڪاڻي کان لاهور تائين رُليس پئي... جڏهن مان تنهنجو غم کڻي وقت جي بي رحم لمحن حوالي ٿي مئخانن ۽ مئڪدن ۾ ٺيهان پئي کاڌيون، تڏهن تون ڪٿي هئين؟... ان وقت روشني منهنجي زندگي جي انڌيري ۾ اجالو بڻجي آئي_ هن پنهنجي پيءُ جي خوشحال گهر کي الوداع چئي، منهنجي غربت کي قبول ڪندي منهنجي اکين ۾ پنهنجي حصي جون خوشيون ٽاڪيون_ ڳوڙها اگهيا ۽ پنهنجي زندگي جي خوشين ۾ شامل ڪيو... ٻڌاءِ مان ڇا ڪيان؟ جنهن منهنجي پريم ۾ پيڙا جو پنڌ ڪري مون کي سنڀاليو_ مان ان جي حصي جي محبت توکي ڏئي ڪهڙو انصاف ڪري سگهندس؟؟... مان نه چاهيندس ته توکي پنهنجو بڻائي پنهنجي محبت حصن ۾ ورهائي ڇڏيان... تون وڃ پنهنجي زندگي ٻيهر آباد ڪر_ وساري ڇڏ مون کي ... تون اڃان جوان آهين... تنهنجي اکين جي مدهوشي ۾ اڃان ڪيتريون ئي دليون بيقرار ٿي سگهن ٿيون_ تون پهرين پيار جي پيڙا ۽ پڇتاو مان ٻاهر نڪري اچ...!!“
    اوچتو هُن جي اشاري سان رڪشه سندس پيرن ۾ اچي بيٺو ۽ هوءَ ڳوڙها هاريندي اکين کان دور ٿي وئي...!!


    خالي مَنَ جي تانگَهه

    ڇوڪريون هن کي ڏاڍيون وڻنديون آهن_
    ڏينهن رات اُن ئي سوچ جي ولوڙ ۾ هن نظرن جا ڪيترائي ڇڙواڳ ڪبوتر اڏايا آهن. جاڳ کان خوابن تائين جي اڏام ۾ هُن وڏا ۽ اذيت ڀريا چلا ڪاٽيا آهن، ڇوڪرين جي پويان_
    ڇوڪريون:
    قد جون پوريون پنيون –
    وچولي قد واريون_
    هلڪي قد واريون_
    ۽ ڊگهي قد واريون_ سڀ جو سڀ هن جي دل موهي وجهنديون آهن_
    کوهه تان پاڻي جو دلو ڀرڻ لاءِ آيل قَد جي ڊگهي_ اڙٻنگ جواني جي انداز سان نخرا ڪري ايندڙ ڀوري ۽ خوبرو ڇوڪري کي ڏسندي هُن جو وات پاڻي_ پاڻي ٿيڻ/ ڪرڻ لڳو آهي.
    هُن ڳڙندڙ گِڦ سان گهوري، نهاريندي هُن جي جوان اُڀارن کي ڏٺو ۽ وڏي دير تائين سندس جهانورين اکين ۾ هڪ ڊگهي/گهري جهاتي پاتي_
    ڳوٺ کان ٻاهر گهڻو پري کوهه تي پاڻي ڀرڻ لاءِ آيل جوان جَماڻ عورت هُن جي جذبن کي ڀڙڪائي وئي!
    قد جي ڊگهي_ ڀوري شخص چئوطرف نهاريو _کوهه جي اوسي پاسي ڪو به موجود نه ڏسي هو پياسي من جي تڙپ کڻي _جهانورين اکين واري خوبرو ڏيکاءُ جي مالڪ عورت جي سامهون اچي بيٺو _
    ”ڇا ٿو ڏسين؟“
    ”توکي!“
    ”ڇو!“
    ”ڏسان ٿو پاڻي ڪيئن ٿي ڀرين؟“
    ”ڪڏهن پاڻي نه ڀريو اٿئي ڇا؟“
    ”ڀريو آ _ الائي ڪيترا دفعا!“
    ”پوءِ اڄ ڪهڙي نئين خاص ڳالهه آ_“
    ”بس دل چيو ته توسان گڏ ٿي بيهان_“
    ”اچ بيهه!“
    ”اچان!“
    ”اچ!“
    هو مَنُ تَنُ وڏو ڪري وڌي آيو_ هُن جي قريب ايندي هن جو اَڇو کير جهڙو هٿ پنهنجي هٿ ۾ پڪڙيو_
    ”ڇا ٿو ڪرين؟“
    ”گهڙو مون کي ڏي؟“
    ”ڇو؟“
    ”مان ٿو ڀري ڏيانءِ!“
    ”تون ڇو؟“
    ”تون نوڙين ٿي ته...“
    ”نوڙان ٿي_ڇا مطلب؟“
    ”تنهنجو جوڀن ٿو ڇُلڪي“
    ” اهو ته هميشه ڇُلڪندو آ_ اڄ جي ڳالهه ٿورئي آ!؟“
    ”منهنجي سامهون تنهنجي ڇاتي جي ڇولِ ڪڏهن ايئن نه ٿي آ_ تون کوهه تي ايندي آن_ ويندي آن_ پوئتي ڪنڌ ڦيري ڏسندي به ناهين_ اڄ ته ڏٺو اٿم، تنهنجي انگورن جهڙي جواني کي! ڇا ته جواني ٿي قيامت جهڙي!!“
    ”قيامت جهڙي؟“
    ”طوفان جهڙي به !“
    ”طوفان؟_ قيامت؟؟ اهي ته خطرناڪ آهن!“
    ”خطرن سان کيڏڻ ۾ مزو ئي پنهنجو آ... اورتي آءُ...گهڙي کي پاسي تي رَکُ !... ڊڀَنِ جي اوٽ ٿي... ڪو اچي نه وڃي!!“
    ”اڄ نه! ڪنهن ٻئي ڀيري!!“
    ”اڄ!... ڦاٽان ٿو_“
    ”مون کي ڇا ملندو؟“
    ”مان تنهنجو!“
    ”ٻيو ڪجهه؟“
    ”اهڙو پيار ڪندس، تون وساري ئي نه سگهندينءَ... وڏا، ويڪرا ۽ سوڙها ڀاڪر ڀريندس توکي، تون اُن جي جادو ۾ واسجي ويندينءَ!!“
    ”هه... ها... هُووووو... هاههَ...!“
    ”تڪڙ ڪر، ڦتڪ نه _ جانِ ڇڏاءِ، ڳوٺ جون ٻيون عورتون نه پهچي وڃن!!“
    ”اچن ته اچڻ ڏينِ_ ڀلي ساڙ ۾ سڙن!“
    هُن پاسو ورايو_ اکيون کوليون:
    ”خواب!... خالي مَنَ جي تانگهه!!... پيڙا جي قريب بيٺل !!... پوتڙو آلو!!“
    **


    جُهڳو ئي جَهڻِ

    سڄي ڳوٺ ۾ هُلُ پئجي ويو _
    ”مڙس ته ڪو ڪنڌار هو، اچانڪ غيرت ڇو ٻُڏي ويس“
    ”ڪير ٿو چئي ڪنڌار ۽ مڙس ماڻهو هو_ اصل کان اهڙو هو پانڊي...! ننڍي هوندي راڄ پاليئين_ وڏي هوندي ٽوپ نراڙ تي...!!
    ”اها الاءِ ڪيئن ٿوم آئي هُئس، جو زال کي ڪاري جو الزام ڏئي، ڪهاڙين سان ڳڀا ڳڀا ڪيو هئائين“
    ” پوليس ۾ نه ويو_ دل مَن تڏهن وڌي ويس_ “
    ”زال جي ڪارنهن جا اڳئين ڌر کان نوَ لک ورتائين_ ٻه لک پوليس کي، لَکُ مائي جي پيڪن کي- لاش راتو رات رلهي ۾ ويڙهي درياءَ ۾ لوڙهي آيو. ڄڻ موئل جانور اڇلي آيو_ ڪو احساس جو ذرو ئي نه...!“
    ”زال جو يار ماري ها، پوءِ هر ڪو مڙس ماڻهو چويس ها!“
    ”اهو ته ڀڄي ويس نه !“
    ”ڀڄي وري ڌوڙ ويو_ دنيا سڄو تماشو ڏٺو!... پاڻ ڍِلَ ڏنائينس“
    ”چون ٿا مڙد سان الاءِ ڪيتري ليٽ پيٽ ٿيو هو، هو وَجههُ وٺي دير سان ڀڳو هو!!“
    ”بس مڙدن جي سماج ۾ عورت ڏوهي“
    ”مطلب عورت عشق نه ڪري_ جي ڪري ته مري!“
    ”مرد بگهڙ آهي جتي ڪٿي گورُ“
    ”ها ايئن ئي بلڪل!... مرد ڪاسائي ۽ عورت ٻڪري!!“
    ”انهيءَ ڳالهه کي ڇڏيو_ ڪا نئين ڳالهه ڪيو!“
    ”بس هن جي غيرت ٻڏي وئي“
    ”دنيا جي لعنت کان ته ڊڄي ها“
    ”ڇا جي عزت؟ ڇا جي غيرت؟ اهڙا ماڻهو واپاري_ هوندا آهن... ڪاري رن جو مُلهه نَوَ لک_
    وٺي، ٽن لکن ۾ پوليس ۽ ساهرن کي نڪ ڌوئڻ جو داستان ٻڌائي خاموش ڪيائين... ڇهه لک بچيس نه !!... غيرت اچڻي وڃڻي آهي، پئسا پُختا هجن!!!“
    ”ڇهن لکن مان اڍائي لکن ۾ نئين زال وٺي آيو رَن به ٿي لک به بچيا!!“
    ”ڪهڙي رَن وٺي آيو؟ جهڙيون ٽي ويهان_ تهڙي سٺ... هڪ ڪاري ڪڍيائين ٻي ڪاري وٺي آيو!!“
    ” اهو ڪوڙ آ يا سچ؟“
    ”سچ آ!... ساهرن ڏوهي ڪري ڪڍي پيڪن اماڻي هئي“
    ”وڏو ڪو بيغيرت آ!!!“
    اُن سمي_
    اوچتو ڀرسان واري ڳوٺ مان دونالي بندوق جي ٻن فائرن جو آواز گونجيو_
    سڄي ڳوٺ ۾ هُل پئجي ويو_
    ”وري ڪنهن جي عزت تي ڪارو چٽو لڳو؟“
    ”وري ڪنهن جي حياتي کُٽي!؟“
    ”وري ڪنهن جو جهُڳو جهڻ ٿيو؟؟؟“
    **


    نئين نويلي ڪنوار

    نئين نويلي ڪنوار پنهنجي دل جي جارَسان گهر جي سموري ڪم کي مٿو ڏئي بيٺي هئي، صبح جو مينهن جي ڏُهائي، منجهند جو رڌپچاءُ- شام جو واندڪائي ملندي رلهين سبڻ ۾ محو- مطلب ته گهر جي هر ڪم ۾ ڏاڍي سيبتي ۽ سياڻي هئي!
    _ ٽيپهري کان ٿورو پوءِ _
    هوءَ چانورن سوئڻ ۾ لڳي وئي، هن جي ميندي رتي هٿن چانورن جي ٿالهه مان اَوَڻن کي چونڊي بس ئي مس ڪئي ته لوڙهي جي ٻاهران ڪانون وارو ڪانگيرو ٿي ويو، هوءَ حيران ٿي وئي، ٻارن جي معمولي گارگند ۽ ٿڦا ٿڦي تي هنباءُ جهيڙو ٿي ويو، هن جو مڙس ريحان جيتوڻيڪ مينهِن کي ڇوڙي ٻاهر ويل هو، پر تنهن هوندي به نئين ڪنوار همت نه هاري ۽ هن ڏانداري سنڀالي ٻاهر ڊوڙ پاتي- پنج- ڇهه مُڙسالو هن جي ڏيروٽَ رتل کي هيسائي بيٺل هئا-
    گاريون گند ۽ الرن جي ماحول ۾ پهچندي هن ٻن- ٽن مڙسالن کي ڏانداري سان رنڊائي وڌو ته تيستائين پاڙي وارا وچ ۾ پهچي ويا، جهيڙي جي ڳالهه ٽري وڃي ٿاڻي تائين پهتي-
    پوليس کاڌي خاطر ٻنهي ڌرين جو هڪ هڪ ماڻهو گرفتار ڪيو-
    نئين نويلي ڪنوار مڙس جي ٿاڻي ويندي خاموش ٿي وڃي گهر جي پَرين ڪنڊ وسائي، نه ماني کاڌائين ۽ نه ئي بدن جا ميرا لٽا تبديل ڪيائين-
    سومهڻي جو سندس ڏيروٽَ رَتل هن جي ڀرسان آيو، چيائين ”چاچي! صفا چپ لڳي پئي آن، مهلون مڙسن تي اينديون آهن- چاچا اڄ نه ته سڀاڻي آزاد ٿي ايندو!“
    نئين ڪنوار ڪجهه نه ڪڇي ته رتل واپس ٿي پنهنجي کٽ جو ڀاڱو سنڀاليو-
    گُذار سومهڻي رتل دشمنن جي خوف ۾ گهر جي آڳر تي مورچوکوٽي هوشيار ٿي ويهي رهيو، جتي بار بار ٽارچ ڦيرائي هن سڄي ڳوٺ وارن کي پنهنجي سجاڳ هجڻ جي پڪ ٿي ڏني_
    اڌ رات وهامي ته هو مورچي مان ٻاهر آيو، جتي هن پنهنجي سڄي گهر جي ڪنڊ پاسي جو جائزو ورتو- هن جي ڪراڙي ڏاڏي دالي جي ٻاهران ستي ننڊ جا مزا ماڻي رهي هئي ۽ پريان نئين ڪنوار بيچين ڪيفيتن جي ور چڙهي اڃان به جاڳي رهي هئي، جنهن جي ننڊ ريحان جي غم ۾ پَر ڪري اڏامي وئي هئي-
    رتل ٽارچ ٻاريندو نئين ڪنوار جي کٽ مٿان اچي بيٺو-
    ”اڃان ننڊ نه پئي آن چاچي؟“
    ”نه!“
    ”ڇو؟“
    ”ننڊ نه ٿي اچي!!“
    رتل جي ٻرندڙ ٽارچ وسامي ته ڪي پل گهري اوندهه ڇائنجي وئي-
    ”چاچي- ڏاڏي ضعيف آهي، تون بي فڪري ٿي دلجاءِ ڪر!“
    ”ڇا جو فڪر نه ڪيان؟“
    ”سُرُ پَرتي- توسان گڏ ...!!“
    ”ڇا؟“ نئين ڪنوار کان ذري گهٽ رڙ نڪتي، چيائين ”وڏو غيرتي آن!؟- تنهنجي غيرت اتي اچي دنگ ڪيو!- ماڻهو چلهه مُٽِڻو نه ٿي...!“
    ”انڪار ڪيئي ته سڌي بندوق وات ۾ هڻندوسانءِ- پاڻ کي ڇا ٿي سمجهين؟.... سڀ کيل تنهنجا آهن.... تنهنجا رات جا يار- مان نه سڃاڻان؟..... ڪيانءِ ڪارو- کڻانيانءِ ڦَتيلُ....!!“
    ”وڏو مڙس ماڻهو آهين- چاچيءَ جي عزت ۾ نظرون وِڌئي بيديدا-“
    ”صفا چپ!“ هن بندوق کي سٽي ڪاوڙ ۾ آهستي سُس پُس ڪئي ”هاڻي سڌي ٿيندينءَ يا دٻايان گهوڙي کي!!“
    نئين ڪنوار جي جسم ۾ خوف جي رڦڻي وٺي وئي ۽ هوءَ کٽ جي هڪ پاسي سُري سُتي-
    ”کٽ تي نه – مورچي ۾ هلُ- ڏاڏي نه اُٿي پوي!“
    ”اُٿي ته-؟“
    ”کوڙ بهانا!“ هن جي اکين ۾ حَوس جي بک ظاهر ٿي، چيائين ”پهريان ته هوءَ ننڊ مان اٿندي ئي نه، پر جي اُٿي به ته پيشاب تي وڃڻ جو بهانو ڪجان.... اٿ هاڻي!!... اچ ڪَڍ!!!“
    نئين ڪنوار مورچي تائين پهچندي وڏو ٽائيم لڳايو هن کي رشتن جي سَکڻي سڃاڻپ تي ڏاڍو ارمانُ ٿيو-
    نئين ڪنوار مورچي تائين پهتي ته وحشي ڏيروٽَ جي ڀاڪرن ۾ ڀيڪوڙجي وئي-
    ”تڪڙ نه ڪر“
    ”ڇو؟“
    ”ڪراڙي جاڳي آ، ٻاهر چڪر ڏئي اچ“
    ”تون اِتي ئي هُج، مان اجهو آيس-“
    رتل جهٽ رکي واپس مورچي ڏانهن آيو ته نئين ڪنوار سندس وساري ويل بندوق سنڀالي بيٺل هئي- ٻه فائر ٿيا ۽ پوءِ هُن جو آواز رات جي سانت ۾ گونجي اُٿيو: ”وارو ڪيو!... دشمن مڙسالو ماريون ٿا وڃن...!!“
    ڪنوار جي پوڙهي سَسُ هِڏڪين ۾ اچي وئي، سڄو ڳوٺ رتل جي لاش کي کٽولي تي کڻڻ تائين ڍڪرن ۾ هو- مگر دنيا ڏٺو ته نئين ڪنوار جي اک ۾ هڪ به ڳوڙهو نه هو!!!
    **


    درد جو ڪيڏارو

    ”تون پاڻ فيصلو ڪر!!!“
    ”...“
    ”مان مجبور هوسِ_“
    ”...“
    ”ڀلي پار وڃڻ کان اڳ ۾ به توکي اعتماد ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي هيم“
    ”...“
    ”تون ڳالهائين ڇو نه ٿي؟_ رڳو چُپ!“
    ”ڏسين ڇا ٿي؟ مان ڪوڙ ٿو ڳالهايان؟ مون تي ڀروسو نه ٿي؟؟ تون پاڻ ٻڌاءِ!... پوڙهي امڙ سان عمري تي ، مون کان سواءِ ٻيو ڪير وڃي ها؟؟؟“
    ”...“
    ”خاموشي جي به حد ٿيندي آهي؟“
    ”...“
    هوءَ مونسان نه ٿي ڳالهائڻ چاهي، يا انتهائي حساس هجڻ جي ناتي تمام گهڻو ڏکاري ٿي وئي هئي... سمجهه ۾ نه ٿو اچي... هوءَ ايتري اداس ڇو آهي؟ وکريل وار ۽ ڏرا ڏئي ويل اکين واري شبنم منهنجي اڳيان الجهيل_الجهيل بيٺي آهي... ڪيڏي تبديل ٿي وئي هئي هوءَ!!
    هوءَ منهنجي اڍائي هفتن جي دوري برداشت نه ڪري سگهي ، وڏو پيار ٿي ڪري مون سان،مون کان به وڌيڪ!مون کي هن کان پري وڃڻ، نه گهربو هو... هن اڍائي هفتن جا ويهه ڏينهن/ويهه راتيون تنهائين سان وڙهندي گذاريون هونديون، مون کي هن سان ايئن نه ڪرڻ کپندو هو... پر... پر مان مجبور هوس، ماءَ جي اڳيان... ماءَ جي پيرن هيٺان جنت آهي!!
    سوچ جي ڪُن مان ٻاهر آيس_ پر هوءَ اڃان به سو چ ۾ گُم هئي... اکيون ڏرا ڏنل/ پٿرايل!!
    ”شبنم“
    ”...“
    ”ڪجهه ته ڳالهاءِ_“
    ”...“
    ”مان تنهنجو ڏوهي نه هوندي به ڏوهي“
    ”...“
    ”مان تنهنجي خاموشي کي ڪهڙو نانءُ ڏيان شبنم!؟“
    ”ڇا منهنجو توسان پيار نه آهي؟... شبنم! مون کي خود غرض نه سمجهه... تون منهنجي من جي مراد آهين... تنهنجي حاصلات لاءِ مان خانه ڪعبه ۾ رنو آهيان... دعائون گهريون آهن...! تون منهنجي ضرور ٿيندينءَ؟؟... مان پنهنجي امان کي تنهنجي رشتي لاءِ راضي ڪري ورتو آهي ۽ اسان جلد ئي تنهنجي گهر جا مهمان ٿيڻ وارا آهيون... شبنم... تون ڇا جي سزا ٿي ڏئين؟؟؟“
    ”...“
    ”شبنم_تون قيامت برپا نه ڪر، تنهنجي خاموشي درد جي دلدل ۾ ...“
    ”ڇا ڳالها... يان؟!“ هن جا لفظ وچڙڻ لڳا.
    ”جيڪو وڻئي!... پر ڳالهاءِ ضرور شبنم... خاموشيون ايندڙ طوفان جو آغاز هونديون آهن!“
    ”ڇا بچيو آهي مون وٽ؟“
    ”ڇا مطلب؟... تون صرف اهو ٻڌاءِ ته ٿيو ڇا آهي_ توکي...؟“
    ”...“
    هوءَ وري خاموش رهي_
    ”اڙي مان پنهنجا ڪن پڪڙيا... توبهه ڪئي... هاڻي معافي ملندي؟؟؟“
    ”مان ڇا ڳالهايان، منهنجي زبان وڍجي وئي آهي!!“
    شبنم اوڇگارون ڏئي رُني!
    هن جا گهٽيل سڏڪا دل کي اذيت پهچائڻ لڳا.اهڙا سڏڪا هن هفتو کن اڳ ۾ به ڀريا هئا، جڏهن مان مڪي جي مقدس سرزمين عرفات تي شيطان کي پٿريون هڻي رهيو هوس،هن جي فون آئي هئي، چيائين ”ڪٿي آهين؟“
    ”عرفات تي!“
    ”ڇا ٿو ڪرين؟“
    ”امان سان گڏجي شيطان کي پٿريون هڻي عمري جا رڪن پيو ادا ڪيان!“
    ”انسان شيطان کان وڌيڪ خطرناڪ آهي_“ چيائين:”يا پنهنجي مرحيات پيءُ جي ڪيل گناهن جو ڪفارو ٿو ادا ڪرين؟“
    ”نه سمجهيم“ منهنجو آواز گهٻراهٽ جو شڪار ٿيڻ لڳو هو”شبنم! تون مون سان هميشه ڀل ته مذاقون ڪندي ڪر... پر منهنجي بزرگ صفت بابا جو نانءُ نه کڻندي ڪر... هو خدا جو اهو نيڪ بندو هو، جنهن پنهنجي جواني ۾ ڪڏهن تهجد به قضا نه ڪيو هو!!“
    ”بيشڪ !“ ايترو چئي هن ڪال ڪٽي ڇڏي هئي، ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي هئي، پورو هفتو هن جو نمبر بند رهيو هو...
    ۽ اڄ عمري کان واپسي ڪندي ئي، مان هن تائين پهتو آهيان_
    شبنم اداس_ خاموش ۽ حيران آهي... سمجهه ۾ ڪجهه نه ٿو اچي_ هن کي ڇا ٿيو آهي ۽ هوءَ چوڻ ڇا ٿي چاهي؟
    ”شبنم ڪجهه ڳالهاءِ _ڪجهه ٻڌاءِ؟“
    ”...“
    ”شبنم منهنجو دماغ ٿو ڦاٽي... ڪجهه ڪُڇُ!... پنهنجي اندر جي درد کان آگاهي ڏي!“
    ”ذيشان! مون کي زندگي رولي ڇڏيو آهي“
    شبنم روئي پئي.
    ”ڇا ماجرا آهي؟“
    منهنجو من پيڙاءَ جي سمنڊ ۾ ٻُڏڻ لڳو.
    ”...“
    ”تون روئين ڇو ٿي“
    ”مون سان ظلم ٿيو آهي“ شبنم جي من ۾ مانڌاڻ متل هئي، چيائين ”وقت جي واءُ، توکي_مون کان کسي ورتو آهي... تون منهنجو نه رهيو آهين ذيشان_تون منهنجو نه رهيو آهين!!“
    ”ڇا مطلب؟“ منهنجون اکيون پٿرائجڻ لڳيون.
    ”وقت مون کي ان موڙ تي آڻي بيهاريو آهي، جتي نه تون منهنجو ۽ نه مان تنهنجي ٿي سگهنديس.“
    هن جا نيڻ ساگر جيان ڇلڪي پيا .
    ” ڪهڙي ماجرا آهي شبنم“ منهنجو تجسس وڌڻ لڳو .
    ”وقت مون کي مارئي ۽ توکي عمر بڻجڻ طرف ڌڪي رهيو آهي“ شبنم جو آواز درد جو ڪيڏارو بڻجي ويو .
    ”مان عمر ۽ تون مارئي!؟ آخر ڇا ٿي چوڻ چاهين؟؟؟“
    ”ذيشان!... تون چوندو هئين نه ته، منهنجي شڪل شبيهه ۽ منهنجا مهانڊا تنهنجي ڀيڻ شائسته جهڙا آهن.“
    ”ها چوندو هوس... پر ان ڳالهه سان تنهنجي پريشاني جو ڪهڙو تعلق؟“
    ”امان ٿي چوي ته ٻن همشڪل عورتن کي نڻان ۽ ڀاڄائي نه ٿيڻ گهرجي.!“
    ”شبنم تون پڙهي لکي آهين، هي ڪهڙي وهمن ۽ وسوسن جو شڪار ٿي رهي آهين؟... پاڻ ٽئي جڏهن ننڍڙي هوندي هڪ ڳوٺ ۾ رهندا هئاسين ته تڏهن به ته تنهنجا مهانڊا شائسته جهڙا هوندا هئا“
    ”پوءِ بس مان هاڻي توکان پري رهڻ ٿي چاهيان، ڪڏهن به هڪ ٻئي جي نه ٿيڻ واري آخري سرحدن جي ويجهو ، گهڻو پري!“
    ”پر ڇو؟... تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ اڳ ته ايڏي وڇوٽي جو تصور به نه هو.“
    ”...“
    ”ڇا منهنجي وفا تان اعتبار کڄي ويو اٿئي؟... شبنم! منهنجي من جو ٿر تو بنا صحرا آهي، رڻُ آهي... مون کي آٿت ڏي... مون کي پنهنجو بناءِ...!“
    ”مان تنهنجي لائق نه آهيان“
    ”...“
    ”تنهنجي خاموشيءَ جو ڇيهه ٿيڻ گهرجي شبنم!“
    ”پيار جي سڦلتا جيون جي گهري گهاءَ طرف آڻي بيهاريو آهي... تون... تون...“
    ”ڇا تون؟... پنهنجو جملو پورو ڪر شبنم!“
    ”تون پاپي جو پُٽ آهين“ هن جي آواز ۾ سختي اچڻ لڳي. چيائين ”ڪير ٿو چئي تنهنجو پيءُ تهجد گذار هو!... هان ٻڌاءِ؟؟“
    ”شبنم تون آخر ايترو جلدي تبديل ڇو ٿي وئي آهين_تون منهنجي مرحيات پيءُ کي بار بار ڇو ٿي ڳالهائين؟“
    ”مان به تنهنجي انهي پاپي پيءُ جي ڌيءُ آهيان“
    شبنم ريهون ڪري روئڻ لڳي، چيائين ”مان تنهنجي ڀيڻ آهيان ذيشان!“
    مان پٿر جي مورتي جيان خاموش ٿي ويس ۽ منهنجي خاموشي مون کي حيرانگي طرف وٺي آئي.
    ”توسان شادي ڪرڻ جي ذڪر تي امان سڀ سچ ٻڌايو آهي... مان تنهنجي پيءُ جي غلطين جي سزا ۾ توکي وڃايو آهي ذيشان!“
    منهنجون هيٺيون هيٺ_ مٿيون مٿي ٿي ويون، چيم”شبنم! هي توسان ڪهڙا رشتن_ وڌ رشتا هئا، جنهن جي حاصلات مون کي لاشعور ۾ لوڙهي مدينه منور ۾ سڏڪا ڀري روئاريو هو...!!!“
    شبنم مون کي غور سان تڪيندي رهي... هن منهنجي روپ ۾ پيار جي ڪائنات کي وڃايو هو!!!
    ***


    سَوا ڪانو زمينَ

    ٿاڻي ۾ سنتري جي ڊيوٽي ڏيندي سال وهامي ويا آهن. هتي ڪيترن ئي قيدين کي بندي خاني ۾ قيد ۽ آزاد ڪندي زندگي جي بيشمار ڪهاڻين کي پنهنجي اکين جي ويجهڙائي کان گذرندي ڏٺو اٿم!... هر گهاوَ جي مرهم ڪندڙ ڪهاڻين جي چٽين يادگيرين جو اکين ڏٺو گواهه رهيو آهيان... قبيلائي رتوڇاڻ ۾ بيگناهه ڪُسندڙ جانين ۽ ڪارو ڪاري جي گندي رسمن جي بُک ۾ مرندڙ اڙٻنگ ۽ جوان زندگين جي سينڌ ۾ ڪهاڙين جي نيشانن کي ڏسي دنگ رهجي ويندو آهيان_ هر واقعو جهالت جي جنون ۾ ئي ٿيندي ڏٺو اٿم_
    _ نئين ڏينهن جي وارتا_
    وڏيري جي فون ايندي نئون صوبيدار ٿاڻي جي نفري سان موبائل ڀري نڪري ويو_ موبائل واپس آئي ته ٻه خوبرو ۽ پڙهيا لکيا نوجوان موبائل ۾ هيٺ ويٺل هئا، ٻئي نوجوان موبائل مان هيٺ لٿا ئي مس ته صوبيدار جي هڪل اُٿي_
    ”ڇو اڙي! تَهان جي ماءُ کي!... ڏينهن_ رات ڏوهه... سڄو تَرُ تپائي ڇڏيو اٿو!!...“
    صوبيدار جي هڪلن ۽ داٻن ٻنهي نوجوانن جي مُنهن ۾ عجيب ريکائون اُڀاريون_
    ”صوبيدار اسان ڏوهاري ناهيون!...مان ڊاڪٽري جي آخري سال ۾ ڄامشوري پڙهندو آهيان ۽ هي منهنجو وڏو ڀاءُ پرائمري استاد آهي!!...“
    ”ته پوءِ پنهنجي جهوني پيءُ کي سمجهايو_ وڏيري سان اُچاٽ نه ڪري_“
    ”اچاٽ_ ڪهڙي اُچاٽ! اسان ته وڏيري جي کَٽراڳ مان پاڻ نه ٿا بچائي سگهون_“
    ”ڪورٽ ۾ ڪير فريادي آ؟“
    ”بابو!“
    ”ڇو؟“
    ”وڏيري جي واٺنِ اسان جي زمينن تي قبضو ڪيو آ!“
    ”عزت سان وڏيري کي زمين لکي ڏيو_ ٻي صورت ۾ سينٽرل جيل پڄائيندو سانوَ_ پاڻ کي ڇا ٿا سمجهو_ سڌري وڃو“
    ”صوبيدار تون پاڻ انصاف ڪر!...اسان علائقائي خوشحالي چاهيون ٿا ۽ وڏيرو بدحالي!... اسان علم جي سوجهري سان هر گهر ۾ علم جا چراغ عام ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ وڏيرو جهالت!!... اسان برابري چاهيون ٿا ۽ وڏيرو!!...“
    ”بس _ بس گهڻي تقرير نه ڪيو_“
    _ مون کي حڪم ٿيو_ مان ٻنهي نوجوانن کي خالي لاڪپ ۾ واڙي ته ڇڏيم، پر سوچيم ”منهنجي سَٻَر هٿن کي اڃان ڪيترا مظلوم قيد ڪرڻا پوندا... مان آخر هيءَ نوڪري ڇو نه ٿو ڇڏيان... آخر وڏيرن جون بيگرون وهندي قانون ڇو پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو آهي!؟؟؟“
    وڏيري جي ٻيهر فون ايندي، نئين صوبيدار پنهنجي داٻي کي برقرار رکندي ٻنهي نوجوانن کي ائين ڪٽيو، جيئن اٺ پتڻ تي ڪٽبو آ_ ٻنهي نوجوانن جا خوبصورت چهرا تشدد سبب سُڄي رتو رت ٿي ويا_ پر ڪُڇيا ٻڙڪ به نه !!... هُنن جي بهادري صوبيدار لاءِ چئلينج ۽ هار ثابت ٿي!!!
    _ ڪلاڪ ڏيڍ جي وٿي کانپوءِ _
    _ صوبيدار موبائل ۾ نوجوانن جي پيرسن پيءُ کي کنڀي کڻي آيو_
    ”منشي هن ڪراڙي تي به ڊيوٽي اٽڪاءَ جو ڪيس داخل ڪر!... دير نه ڪر_ وڃي ڏسن جيل جو مُنهن_ اُچائن وڏيري سان_ پَوين خبر!!“
    ٻئي نوجوان تڙپي اٿيا_ هُنن جو مُنهن پيءُ جي چهري تي ٿيل تشدد کي ڏسي ٽامِڻي هڻي ويو_
    ”صوبيدار تون وڏيري جي ونگار ۾ اسان جي پوڙهي پيءُ کي ٿاڻي تي آڻي سُٺو نه ڪيو آ!“
    ”ڇا سٺو ڪيو آ_ ڇا نه ڪيو آ، هتي منهنجي حڪم تي عمل ٿيندو!“ صوبيدار جي چهري تي ڪاوڙ جا ڇوها چڙهي ويا، چيائين ”هِن ڪُراڙي کي پٽن جي آڏو اَنانُ اگهاڙو ڪري...“
    ”بس صوبيدار بس_گهڻو ٿيو... تڪڙ نه ڪر...اسان وڏيري کي زمين لِکي ڏينداسين!!
    ”اتي اَچو نه!!“ صوبيدار جي چهري تي مرڪ تري آئي، چيائين ”پَرَ انهي جي ضمانت ڪير ڏيندو؟“
    ”اسان پاڻ ڏوهاري_ پاڻ ئي ضامن آهيون!!“ ننڍي ڀاءُ جي چهري تي غصي جي لهر اڀري، فيصلا ڪن انداز سان چيائين ”صوبيدار تو وٽ هاڻي وڏيري جي ڪابه فرياد نه ايندي!!“
    _ اهو ڏينهن خيرن سان گذري ويو_
    _ ٻئي ڏينهن ٻنهي ڀائرن مان ننڍو ڀاءُ ٿاڻي تي موٽي آيو، هُن جا ڪپڙا رتُ ۾ رڱيل هئا_
    چيومانس: ”ڇا ڪري آيو آن؟ پاڻ کي رتُ ۾ ڇو وهنجاريو اٿئي؟؟“
    پراعتماد لهجي ۾ جواب ڏنائين ”وڏيري کي پنهنجي زمين لکي ڏئي آيس“
    ”ڪيتري زمين؟“
    _” جيتري وڏيري کي گهُربل هئي _ سوا ڪانو!“
    _ نوجوان جي اکين ۾ ڪوبه خوف نه هو ۽ هو ٿاڻي جي سيخن پويان وڃڻ لاءِ منتظر هو!!

    **


    عشق جي آخري سرحد

    مرداڻي سماج ۾ عورت جي اهميت نهايت محدود آهي ۽ مرد جي لامحدود! هو چاهي ته دنيا کي جنت جو باغ بنائي ۽ چاهي ته دوزخ جو هڪ آڙاههُ!... عورت هر دور ۾ مرد جي طبقاتي ورڇَ جي وَرِ چڙهي آهي، جنهن صليب تي حياتي جي جيئندان لاءِ سرگردان رهي، هوءَ زندگي جو هر پل خيرات ۾ وٺڻ لاءِ مرد جي محتاج رهي آهي!... تاريخ جي هر دور عورت جي مقدس چهري تي ظلم جا اڻ مٽ نشان ڇڏيا آهن... بيبي مريم کان بيبي حاجران تائين، مرد پنهنجي حصي جون تنهايون ۽ رسوايون عورت جي نازڪ وجود مٿان اُڇلي پنهنجو دامن آجو رکيو آهي... مردن جو صديون پراڻو اهو سماج اڄ به جيئن جو تيئن آهي، مرد چاهي ته عورت شهزادي ٿي دنيا تي راڄ ڪري ۽ جي مرد چاهي ته عورت ڳاڙهي بازار ۾ پنهنجي جسم جو سودو ڪري طوائف بنجي زندگي گذاري _
    مان به هڪ عورت آهيان، سنڌي سماج جي مُهذب پڻي جي گواهه عورت، جنهن کي وقت جي هڪ طوفان زندگي جو يادگار سبق سيکاريو آهي ۽ مان زندگي جا ميڙيل درد جهول ۾ کڻي تنها جيون جي ميرانجهڙي ڇانوري ۾ زندگي جا باقي ڏينهن گذاري رهي آهيان... مرد ۽ ان جي مردانگي جي ڪارنامن مون سميت هر دور جي عورتن کي پنهنجي انائن جو شڪار بڻائي تنهاين جي رڻ ۾ ڀٽڪايو آهي...!
    منهنجي فرياد:
    مون کي ياد آهي، جڏهن نيئن نئين جواني جي سانڀر هجي_ فلاسافي جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي آئي هُيس، تڏهن فلاسافي جي ڄاڻو ليڪچرار سَرِ دانش جي جادوگري ۾ اچي ڦاٿي هيس... هُن کي ڏسي، سندس لفظن جي سحر ۾ گم ڇا ٿي هيس، ڄڻ پنهنجي ئي دل جي ڌڙڪن ۾ هن جي آواز جي پڙاڏي کي گونجندي ڏٺو هئم... پر خاموش رهي هُيس... منهنجي حرڪتن ۽ چلولاين جو ڇيههُ تڏهن آيو هو، جڏهن هن ليڪچر ڏيندي هڪ ڏينهن منهنجي گُهور جي گهرائي تائين پهچي چيو هو:
    ”مس رخسار ڪٿي آهيو...؟ خيال ختم ڪري ڪلاس ۾ واپس اچو...!!“
    ان ڏينهن بعد روز پڙهائيندي ڪونه ڪو بهانو ٺاهي سر دانش مون تائين پهچي ويندو هو، هن جي ويجهو ايندي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويندي هئي، هُو ويجهو اچي ڪڏهن چورُ ته ڪڏهن سڌين نظرن سان منهنجي جسم جو طواف ڪري هليو ويندو هو...!
    دانش جي اهڙي حالت ۾ طلسم سمايل نظر ايندو هو ۽ پوءِ هو بورڊ جي ڀرسان اچي ٿڌو ڇوڪارو ڀري چوندو هو ”جواني ديواني آهي!“ سر دانش جي ڊائلاگ ۾ جيتوڻيڪ منهنجي دل جي درد جي عڪاسي هوندي هئي، پر سڄي ڪلاس جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون پنهنجي اندر جي چور کي پڪڙجڻ جو خدشو سمجهي ڪومائجي ويندا هئا / هيون... فلسفي جي تشريحي رقص ۾ ڪڏهن ڪڏهن مان سر دانش جي عمر کي نظر ۾ رکي کائنس نفرت به ڪرڻ لڳندي هيس... محبت ۽ نفرت جي درميان ڇڪتاڻ ٿيندي هڪ ئي فيصلي تي اچي پهچندي هيس ته ”مون کي پنهنجي مستقبل جي بهتري لاءِ فقط پڙهڻ گهرجي، عشق جي چڪر ۾ اچي پنهنجو اجايو وقت نه وڃائڻ گهرجي!“
    ”زندگي جي ڊوڙ ۾ ڪاميابين جو شاهراهه ڇا کي ٿو چئجي؟“
    ڪلاس جي هڪ شاگرد جي سوال تي سر دانش جو انگيج پيرڊ بحث جي ور چڙهي ويو هو،
    ”زندگي وقت جو آئينو آهي!“ سر دانش جواب ڏيندي وراڻيو هو ”زندگي جي جاکوڙ ۾ جڏهن ماڻهو ٿڪجي پوي، تڏهن به ڪامرانين جي آس ۾ اڳتي وڌڻ جي آس هجي، تڏهن اوهان پڪ سمجهو اوهان ڪاميابين جي شاهراهه تي آهيو ۽ منزل توهان جي ويجهو آهي!“
    ”پريم ڇا آهي؟“ ڪلاس ميٽ مُجيب جي سوال تي سر دانش چند منٽ خاموش ٿي ويو هو، جهٽ بعد هڪ ڊگهي نگاهه سان مون طرف نهاري پوءِ نظر ڦيري وراڻيو هئائين: ”زندگي جي جستجو ۾ پريم جو پنڌ اڻ کٽ هجي ٿو_ جنهن جي حاصلات لاءِ حياتيون وهامي وڃن ٿيون! اظهار کي لفظن جي ترتيب ۾ سال وهامي وڃن ٿا ۽ بيقراريءَ جي وڏي اضطراب مان گذرڻو پوي ٿو!!“
    ”اوهان پنهنجي فلسفي کي پريم جي روشني ۾ نه ڄاڻ ته ڪٿي ٿا وٺي وڃو، حقيقت ۾ پريم سڀ ڪجهه ناهي“ مِسِ نوشين اٿي اعتراض واريو هو،
    ”پريم سڀ ڪجهه آهي به_ ناهي به!“ سر دانش مِسِ نوشين کان نظرون ڦيريندو ڳالهائڻ لڳو هو ”دل جي هر ڌڙڪن ۾ پريم پروان ٿئي ٿو! اکين جي چلولاين کان، چپن جي مرڪ تائين پريم جي رفتار جو ڪمال آهي... انتظار جي سوليءَ تي پهچڻ کان موڪلائڻ مهل ڳوڙهن سان ڀنل نيڻ جي آلاڻ ۾ پريم جو ئي اثر آهي... پريم جي پوترتا زندگي ۾ حُسن ڀري ٿي!!“
    ”اوهان جي ان موضوع تي ليڪچر ڏيڻ جو ڇا مطلب آهي سر!“
    مُجيب جي چپن تي ڪابه مرڪ نه هئي، هُن جي اکين ۾ جهڙوڪر ساڙ ۽ بغض اوتيل هو_
    ”منهنجي ليڪچر ڏيڻ جو مقصد اوهان جي دلين جي ترجماني ڪرڻ آهي!“
    ”اسان جي دلين جي يا پنهنجي دل جي!“
    مس تارا جي سوال تي سڄي ڪلاس ۾ ٽهڪڙو مچي ويو هو
    ”اوهان ڪيترو به پنهنجي دلين جي درد کي اظهار کان پاسي تي رکو، پر ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن دل جي درياهه ۾ اوهان جي پيار جو پنڇي ضرور ٻُڏندو _ ترندو۽ اوهان مجبور ٿي پريم جي دستڪ تي سجاڳ ٿي پوندا!!“
    ”اسان کي پريم جو فلسفو نه گهرجي سر دانش اسان کي زندگي جو فلسفو گهرجي... اسان کي زندگي جو فلسفو اهڙو ته سولو ڪري ڏيو، جو اسان جا ساٿي ڊگري مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وڃي روزگار سان لڳن... بيروزگاري ۾ سڀ فلسفا بي معنيٰ لڳندا آهن!! هيءَ سنڌ آهي_ يورپ نه، هتي پريم جي پرچار اجائي آهي، هتي جوانيون اميدن جي آس ۾ گهائجن ٿيون_ جوانين جي گهاون کي ڀَرڻ جي فلسفي کي منظر عام تي آڻيو... روزگار... عزت... ۽ سلڇڻائپ جي فلسفي جي عام ٿيڻ تي اسان ۽ اسان جي ايندڙ نسل جي درست ترجماني ٿي سگهندي...!!“
    مجيب جي فلسفي ۾ وزن ڏسي، سڀني شاگردن ۽ شاگردياڻين سندس جملن جي تائيد ڪئي هئي ۽ پوءِ انگيج پيرڊ جي ختم ٿيندي مجيب مون طرف وڌي آيو هو، چيو هئائين ”رخسار متان سمجهين ته ليڪچر ڏيڻ سر دانش کان پوءِ حد آهي_ اسان به ڏئي ڄاڻون!“
    ”هائو_ هائو خبر آهي؟“ وراڻيو هئم
    ”ڇا جي؟“
    ”تنهنجو مستقبل روشن آهي!“
    ”ٽوڪ ڪيئي رخسار؟“
    ” نه_ سچ چيم مجيب! ٽوڪ ۽ طنز ڪرڻ مان نه ڄاڻان!!“
    _ ٻه ٽي ڏينهن گذري ويا هئا، سر دانش اچانڪ يونيورسٽي ۾ اچڻ کان غير حاضر رهڻ لڳو هو، جنهن جي غيرموجودگي ۾ مجيب منهنجي زندگي ۾ ڪافي سارو اڳتي وڌي آيو هو... بحث مباحثي کان هڪ ٻئي جي رهنمائي ڪرڻ تائين، اسان جي وچ ۾ عجب رشتو جڙي ويو هو... مان حيران هيس... هڪ طرف منهنجي دل ۾ سر دانش جا خيال رونما ٿيڻ لڳا هئا ته ٻئي طرف مجيب جو معصوم چهرو منهنجي ساٿ جو منتظر هو_ مان عجيب امتحان ۾ ڦاٿي هُيس!
    اربع جي ڏينهن سر دانش پنهنجي فلاسافي جو پيرڊ وٺڻ لاءِ ڪلاس ۾ آيو، هُو چپ چاپ هو، منهنجي نظرن هن جي خاموشي تائين پهچڻ ٿي گهريو، چيو هئم ”سر اوهان ايترا ڏينهن ڪٿي هئا؟“
    ”گهر واري جي ڊليوري هئي؟“
    ”خيرن سان ٿي وئي!“ مجيب ڳالهائڻ کان رهي نه سگهيو هو_
    ”هوءَ ڊليوري ڪيس جي حل ٿيڻ کان اڳ فوت ٿي وئي_!“
    ”افسوس_ سد افسوس سَر... اسان کي ڏاڍو ڏک ٿيو. اسان اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون!!“
    سڄو ڪلاس ان سمي سوڳواريت جي لپيٽ ۾ اچي ويو هو ۽ مان سر دانش جي چهري ۾ ڏسندي سوچن جي صحرا ۾ گم ٿي وئي هيس ”حياتي ايڏي مختصر ڇو آهي؟... ماڻهو جي مَن جو گلشن بهار ٿيڻ جي انتظار ۾ ڇو ٿو ڪومائجي وڃي! حياتي واءُ جي تيز جهوٽي جيان ڇو آهي، جنهن جي اثر ۾ خوشين جا سڀ گل ڇڻيو وڃن؟“
    جهٽ رکي مون ڪنڌ مٿي ڪري سر دانش جي چهري ۾ چور نگاهن سان چتائي ڏٺو هو، هو منهنجي نظرن اڳيان گذريل پهريون مرد هو، جنهن جي چهري تي جيون ساٿياڻيءَ جي وڇوڙي سان ڪي نشان نه ٺهيا هئا ۽ نه ئي آواز ۾ تبديلي آئي هئس...!!
    (مرد شايد ازل کان عورت سان وفا جو ناٽڪ رچائي، کيس دربدر ڪرڻ ۾ مهارت رکندڙ آهي ۽ عورت مرد جي وڇوڙي تي پنهنجي باقي حياتي جا سڀ پل ويراڳ ۾ گذاري ٿي، عورت ۽ مرد جو فلسفو هاڻي نئين معنيٰ جو ڳولهائو آهي)
    هڪ ڏينهن:
    مان لائبريري مان ”جديد فلسفي جا ٻه چار ڪتاب ڦلهوڙي واپس وري هيس، سامهون سر دانش ٽڪرايو هو_
    ”رخسار!“
    ”جي سَر!“
    ”ناراض آهين؟“
    ”نه سر“
    ”رخسار مان توکي پنهنجي زندگي جي سفر ۾ وٺي هلڻ گهران ٿو“
    ان سمي مان ڳيتون ڏيڻ شروع ڪيون هيون، چپن مان ڪو آواز نه ٿي اُڪليو، صرف ايترو چيو هئم ”سر عمر جي فرق کي ڇو نه ٿا ڏسو!؟“
    ”رخسار منهنجي ايتري وڏي عمر نه آهي، جيتري تون سمجهين ٿي_ مان اٺٽيهه سالن جو آهيان_ منهنجي پهرين شادي کي به صرف ٻه سال گذريا هئا“
    ”سوري سَر“
    مان ڊوڙپائي ڪلاس ۾ آئي هيس، جتي وڏا ۽ بي ترتيب ساهه کڻندي ڏسي وينا آهستي چيو هو”ڇو ڇوري ايڏو ٿي سهڪين_ ڪوئي ڪڍ پيو اٿئي ڇا؟“
    وينا جي آواز تي ڏاڍي لڄي ٿي هيس، جهڙوڪر چوري پڪڙي هجائين!
    (واقعي مرد عورت جي لاءِ هڪ خونخوار جانور جي حيثيت رکي ٿو_ اڳيان هجي ته سفر ۾ رڪاوٽ ۽ جي پويان هجي ته حياتي ۾ جوکو!)
    شام جو گهر ايندي سڀ ڳالهيون امان آڏو رکيون هيم_ سر دانش ۽ مجيب جي باري ۾ کيس سڀ ڪجهه ٻڌائڻو پيو هو ”مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ سر دانش جو ساٿ ڏيان يا مجيب جي هم عمر جوانيءَ کي پنهنجي قسمت ۾ سمايان؟“
    سڀ فيصلا امان جي حوالي ڪيا هئم، صبح تائين گهڻي ويچار کانپوءِ امان جو فيصلو سر دانش جي حق ۾ آيو هو، ۽ پوءِ مان به سر دانش جي نماڻن جملن جي پوئواريت ڪرڻ لڳي هيس:
    ”رخسار! مان تنها آهيان، مون کي تنهنجو ساٿ گهرجي مان تنهنجي آسري آهيان، منهنجي اڌوري زندگي ۾ گهرو انڌيرو آهي، تون ئي منهنجي زندگي ۾ پيار جا رنگ ڀري، مون کي سهارو ڏئي سگهين ٿي!!“
    سر دانش جي التجا ۾ موجود درد کي ڏسي مان عمر جا سڀ فرق وساري هُن جي زندگي ۾ آئي هيس_ مون کان سر دانش سان شادي رچائڻ جي معاملن ۾ سڀ ڪجهه وسري ويو هو_ مجيب به ته_ مجيب جي اڻ اظهاريل محبت به !
    پوءِ اهو ڏينهن به آيو، جڏهن مان هُن جي زال بنجي هن جي گهر هلي وئي هيس... هاڻي هو منهنجو سَرِ نه پر منهنجي زندگي جو مالڪ مرد بنجي ويو هو، جنهن سان حياءَ جا سڀ پردا هٽي ويا هئا ۽ مان ڏيڍ سال اندر ئي نياڻي روماسا جي ماءُ بنجي وئي هيس... اسان جي گهر ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ هو، پر مان جيڪا اميد رکي سر دانش سان شادي ڪئي هئي، سا ڄڻ مڪمل طور پوري نه ٿي سگهي هئي_ مان محبت جي هڪ اهڙي گَهرائي چاهي هئي، جنهن ۾ اڪيلائپ جو خاتمو ضروري هو ۽ مان زماني جي ڏکن کي دانش جي ساٿ سان للڪاري حياتي گذاري سگهان هان!...
    دانش جسم جو پوڄاري مرد هو، وقت ايندي هو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏڻ جي وڦلڻ ۾ مست هوندو هو ۽ پوءِ وري چپ_ جڏهن ڪم پوي، تڏهن ميڻ!... مون کي هُن جي عجيب روش تي حيرانگي ٿيندي هئي ۽ پوءِ مان وڇوٽين جي ان راز کي ڳولهي لهڻ گهريو هو، جنهن ڪري هن جي وجود ۾ اوپرائپ سمايل نظر ايندي هئي، هُن جي وجود ۾ غير ذميوار روين جو انت آڻڻ لاءِ مون جاڏي ڪاڏي واجهائڻ شروع ڪيو هو_ ”هن جي پگهار جو اڌ کان وڌيڪ خرچ دوستن جي مٿان ٿو ٿئي، هفتي جي هر ٻئين ڏينهن هُن جا ڪي نه ڪي دوست سندس مهمان ٿي ڇو ٿا اچن؟ ايتري فضول خرچي جي پويان هُن آخر ڇا ڏٺو آهي؟“
    پوءِ هڪ ڏينهن هُن جي اعلى گڻ مهمانن کي ڏسڻ جو شوق جاڳيو، جن جي خدمت ۾ نه رڳو دانش کُٿو پورو نه پوندو هو، پر مون کي به هميشه سندن ڀاڄي تيار ڪرڻ، ماني پچائڻ ۽ ڌوڌُ پتي چانهن ٺاهڻ تائين تڪليف مان گذرڻو پوندو هو_ ننڍڙي روماسا روئي پنهنجا حال هيڻا ڪري ڇڏيندي هئي، پر مون کي ڪڏهن مڇيءَ جي ڀاڄي ته ڪڏهن ٻاڪري گوشت جي رڌ پچاءَ کان فرصت نه ملندي هئي_
    هڪ رات:
    عيد جي رات هئي، هُن جو الائي ڪهڙو مهمان اچڻو هو، جنهن جي آڌرڀاءُ لاءِ هو ڏاڍو منتظر هو ۽ مان هن جي مهمان اچڻ کان اڳ ۾ پنهنجي موبائل کي سائلينٽ ۾ رکي وڊيو آن ڪري مهمان خاني جي هڪ پوشيده جڳهه تي رکي آئي هيس_ اها رات دانش مهمان خاني ۾ اُن مهمان سان گڏ گذاري هئي_
    عيد جي رات مان اڪيلي هيس_ هو هُجي ها ته منهنجي هٿن تي ميندي جا گل ضرور ڪڍي ها، پر هوُ هڪ لمحو به مون ڏانهن مُڙي نه آيو هو، سڄي رات مون تنها ٿي گذاري هئي، عورت شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ کان اڳ ۾ وڏا خواب ڏسندي آهي، جنهن مطابق هن جو مڙس هن جي پل پل جو خيال رکڻ وارو هجڻ گهرجي، پر هي ڪهڙو مرد هو، جنهن کي پنهنجي جوان زال جي احساسن جو زرو به خيال نه هو! ”مهمان کي اڪيلي ڪمري ۾ سمهڻ کان خوف ٿيندو آهي ڇا؟ هي ڪهڙو مرداڻو خوف هو، جنهن مون کان عيد جون خوشيون ڇني ورتيون هيون!؟“
    صبح ٿيندي دانش جڏهن مهمان کي چانهن پيارڻ بهاني کيس هوٽل تي وٺي ويو هو، تڏهن مان ڊوڙ پائي ڪمري ۾ رکي آيل موبائل کڻي آئي هيس... هڪ مُڇن جي ساول رکندڙ خوبرو نوجوان سان هُن وڏا وڏا ٽهڪ ٿي ڏنا... هنن جو آواز جيتوڻيڪ چٽي طرح ٻڌڻ ۾ نه ٿي آيو، پر پوءِ به سڀ ڪجهه ڏسي پئي سگهيس... وڊيو آن ڪندي_ پوءِ _ گهڻو پوءِ اوچتو حيران ۽ دنگ رهجي وئي هيس... اکيون لرزشي ويون هيون... هي ڪهڙا مرد هئا؟ ٻنهي جا ڪپڙا لهي بدن کان پري ٿي ويا هئا ۽ مُڇن جي ساول وارو نوجوان دانش جي مٿان هو!... “
    ”هان!“ مون کان دانهن نڪري وئي هئي ۽ مان خوف کان ڪنبدي ڊوڙندي ٻاهريون دروازو بند ڪري شروع کان ٻيهر وڊيو ڏسڻ شروع ڪيو هئم... منهنجو اعتبار ڇيهون ڇيهون ٿي ويو هو... هڪ ڌاريي مرد کي دانش جي مٿان اعتراض جوڳي حالت ۾ ڏسي وائڙي ٿي وئي هيس...!!
    مرد ايڏو حٻشي ڇو آهي؟ پاڻ ئي پنهنجا ڪپڙا لاهي پنهنجي مردانگي جو انت آڻي ٿو؟
    (شايد عورت ڌرتي جي گولي تي غلطي مان موڪليل عجوبو آهي، جنهن جا احساس ڪا به معنيٰ نه رکندا آهن، هيءَ دنيا مردن جي دنيا آهي، جي مرد چاهي ته عورت کي قبول ڪري ۽ چاهي ته عورت کان انتها درجي جي حقارت ڪري)
    ”ڪُتو_ ڪُتي جو پُٽ ان پرڪارن ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه لُٽائي ويٺو آهي_“
    مان اندر ئي اندر ۾ ڪڙهندي رهي هيس، جو دروازو کڙڪائي هُن پنهنجي واپس اچڻ جو سگنل ڏنو هو. منهنجي چهري تي ڪروڌ نمايان هو، جنهن کي شايد هُن پرکي ورتو هيو، ايندي ئي چيو هئائين ”اوهان جي ٻوٿ تي ٻارنهن ڇو ٿا وڄن؟“
    ”تنهنجا پرڪار ڏسي!“ وراڻيو هيم_
    ”منهنجا پرڪار! ڇا ڪيو آ مان؟“
    ”دنيا فتح ڪئي آهي تون سڄي رات!“
    ”ڇا مطلب؟“
    ”مون کان ٿو پڇين؟... پاڻ کان پڇ؟... رات جي ساروڻين ۾ جهاتي پائي ڏس، جتي ڪيئن نه هڪ مرد جي هيٺان سمهي تون خوش خوش نظر پيو اچين؟“
    ”مان نه سمجهيو؟“ دانش سڀ ڪجهه سمجهندي به اڻ ڄاڻ بنجڻ جي ڪوشش ڪري چيو هو ”مون کي کولي ٻڌاءِ“
    ”دنيا جي نظرن ۾ پڙهيو لکيو... ڦُوشِريلُ... ڪاٽن جا ڪپڙا پائي، پاڻ کي سڀني کان معتبر سمجهندڙ، جڏهن غيرت کان خالي_ کوٽو ۽ بدافعالو نڪري ته قيامت اچڻ ۾ باقي ڇا ٿو رهي...!
    ”آخر ڇا ڪيو اٿم، ٻڌاءِ به کڻي نه_ ٽين شادي ته نه ڪئي اٿم“
    ”ٽين شادي مرد ڪندا آهن مسٽر دانش، جن کي چوٿين شادي به ٺهي... تو جهڙا ته هڪ جي لائق به نه هوندا آهن... تو جهڙا پاڻ ٻين مردن جا موٿوُ هوندا آهن...!
    ”مان گهڻو برداشت ڪيو اٿم، هاڻي هڪ لفظ به زبان تي نه آڻجانءِ ... منهنجي مردانگي تي هٿ کڻي تون ڇا ٿي ثابت ڪرڻ چاهين؟“
    ”مردانگي_ ڪهڙي مردانگي؟ ڇا کي ٿو چوين مردانگي؟!... هڪ مرد ٻئي مرد جي هيٺيان اگهاڙو، اونڌو ۽ انڌو ٿي سمهي پوي... اهڙي مردانگي کان ته ماڻهو ٻڏي مري وڃي!!“
    منهنجو نشانو ٺيڪ جاءِ تي لڳو هو، جنهن جي ردعمل ۾ دانش پنهنجي بوٽ جو هڪ پادر مون طرف اڇلائي وچڙندڙ جملي ۾ غصو ڏيکاري وراڻيو هو ”مون تي الزام ٿي هڻين رنڊي رَن...! مان نه ڇڏيندس توکي؟“
    ”ڇا ڪندين؟“
    ”تنهنجو خون!“
    ”دانش عيد جو اهو ڏينهن گهر نه رهيو هو، گذار سومهڻي دروازي جي ٺڪ ٺڪ ٿي دروازو کولي پوئتي مڙي هيس... مون کي خيال ۾ به نه هو، هُن جي ان ئي ساڳي مُڇن جي ساول واري لونڊي منهنجي عزت ۾ هٿ وڌا هئا_
    (واهه ڙي مرد ڇا تنهنجي غيرت ايتري ٻڏي وئي، جو تون پنهنجي حصي جي رُسوائي پنهنجي ئي جيون ساٿياڻي عورت جي مُنهن تي ٿڦڻُ گهرين ٿو... تون فطري طور غيرت جي بنياد کي ڪمزور ڪندڙ مرد آهين، دنيا جو ڀڙوو مرد)
    ”عادت کان مجبور ۽ ڀڙوي مڙس کان کٽ خالي ڀلي“ تي ويچاري ڪورٽ جو دروازو کڙڪايو هئم... مون کي جيڪو سڪون پنهنجي اباڻي گهر ۾ امان سان گڏ رهندي آيو هو، تيترو دانش کان بيزار به ٿي هئس... غيرت کان خالي مڙس جو پاڇو، حياتيءَ جو وڏو داغ ٿئي ٿو، جنهن کي پنهنجي نراڙ تي محسوس ڪندي طلاق کي بهتر سمجهي ڪورٽ تائين دانش سان بيهي مقابلو ڪيو هئم، غيرت کان خالي مرد جي گهر ۽ اُن جي سکڻي ڇانوري ۾ رهڻ جو ڪوئي جواز به ته نه بچيو هو...
    هڪ ڏينهن جج جي سامهون سمجهوتي جو خواب کڻي، هو مون تائين وڌي آيو هو، چيو هئائين ”مون هارايو تو کٽيو! تون جيئن چوندينءَ، مان تيئن ڪندس. مون ڏي واپس اچ_ رخسار! تنهنجي منهنجي شادي پيار جي شادي هئي... پوءِ ايڏي نفرت ۽ وڇوٽي ڇو؟“
    ”مان ڪافي اڳتي نِڪري آئي آهيان، جنهن جو حَلُ صرف طلاق آهي!“
    ”مان طلاق نه ڏيان ته...“
    ”مان وٺي رهنديس“
    ”تنهنجي ڌيءُ آهي، اها مان توکان ڇني وٺندس، ڇا تون روماسا جي جدائي برداشت ڪري سگهندينءَ؟!“
    ”دنيا جي ڪابه طاقت مون کان منهنجي ڌيءُ نه ٿي کسي سگهي، ماءُ ئي ڌيءُ جي وارث آهي، هوءَ پنهنجي خون جي بدولت ئي کيس جنمي ۽ پالي ٿي“
    جهٽ رکي منهنجي دانش جي زندگي ۾ واپس نه وڃڻ واري انڪار بعد جج مون کي آزاد هئڻ جو فيصلو ٻڌايو هو... پر...ٽن سالن بعد روماسا کي پيءُ جي حوالي ڪرڻ واري نئين فيصلي مون مٿان قيامت کڙي ڪئي هئي... دل چاهيو هو، زور سان رڙيون ڪري منصف جي اهڙي فيصلي کان نابري واريان... هڪ معصوم نينگري کي پيءُ جي روپ ۾ هڪ دلال جي حوالي ٿيڻ خلاف ڪيهاٽ ڪيا هئم، پر ڪنهن کي رحم نه آيو هو، دنيا جا سڀ ماڻهو مرداڻي سماج جي پيداوار آهن، عورت ڪٺ پتلي آهي_ هر هنڌ هر جڳهه!... ۽ مرد عورت جو ٻيو خدا بڻجي کيس پنهنجي مرضي جي ماتحت رکي سندس عزت ۽ اَنا کي ميري ڪرڻ جا وڏا وڏا هوڪا ڏيڻ وارو!!
    (حياتي جا اهي ٽي سال ڏاڍي پيڙا سان گذاريا هئم)
    هڪ شام دانش ڪورٽ جي وڪيل معرفت روماسا کي منهنجي گود کان ڇني وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، روماسا منهنجي خوُشين جو چنڊ هئي، منهنجي اڱڻ تان منهنجي خوشين جو چنڊ روشني کڻي گم ٿي ويو...!
    اڄ مان غمن جي انڌيري ۾ سڀ ڪجهه وڃائي خالي هٿين پنهنجي ماءُ جي ڇانو ۾ ويٺي آهيان ۽ منهنجي معصوم ڌيءُ پنهنجي ماءُ جي ڇانوري کان گهڻو پري آهي_ ايترو پري جتان هُن جو آواز منهنجي ڪنن تائين نه ٿو پهچي... مون کي پڪ آهي، هوءَ رانديڪن سان نه کيڏندي هوندي ۽ نه ئي چنڊ کي پڪڙي آڻڻ جا شرط رکي پيءُ کي تنگ ڪندي هوندي، رڳو ڍنڍڪرون ڏئي روئندي ۽ سسڪيون ڀري چوندي هوندي ”منهنجي ماءُ ڪٿي آهي؟ مون کي امان ڏي وٺي هلو!!...“
    روماسا جون يادگيرون ساهه کي سوڙهو ڪرڻ لڳيون آهن، سوچيان ٿي ايتري اٿاهه ممتا جي ڀاونا عورت جي ورثي ۾ ڇو آئي آهي؟ عورت جو نفيس وجود ڳري پيڙا جي پهاڙن آڏو ڪهڙي اهميت رکي ٿو، عورت شيشي جيان آهي، جيڪا پيڙا جي پهاڙ سان ٽڪرائجي ريزا ريزا ٿي وڃي ٿي!!... مان ڪاڏي وڃان، روماسا سواءِ منهنجو هيانءُ ٿو ڦاٽي! سوچيان ٿي دنيا جي باقي هجڻ جو جواز نه رهيو آهي، بس قيامت اچي ۽ مان روماسا سان وڃي ملان...!“
    روماسا جي جدائي جي ٽن مهينن منهنجي چهري تي گُهنج اُڀاري ڇڏيا آهن ۽ مان شام ٿيندي دانش جي زندگي ۾ واپس وڃڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، منهنجو اندر ٻه اڌ هو... مان اها ”مان“ نه رهي هيس، جنهن جي جوڀن تي پوپٽ گل ڇڏي ڊوڙندا ايندا هئا، مان ممتا جي پهاڙ سان مٿو ٽڪرائي زخمي ٿي پاڻ هاري ويٺي هيس ۽ روماسا جي مالڪي ڪرڻ لاءِ سڀ رُسوايون سِر تي کڻڻ لاءِ تيار ٿي هيس، پر... پر سڀ کان وڏي رڪاوٽ منهنجي ماءُ ٿي بيٺي هئي، چيائين ”طلاق کانپوءِ ڪابه عورت پنهنجي اڳلي مڙس ڏي نه ٿي وڃي سگهي... تو کي اڳ ۾ سوچڻ گهرجي ها“
    ”مون کي ڪو به حل ڪڍي ڏي امان! مان ... مان... روماسا کان سواءِ پل پل مري رهي آهيان“
    ”هڪ حل آهي رخسار“
    ”ڪهڙو؟ مون ۾ ڄڻ ساهه پئجي ويو هو، وراڻيو هيم ”جلدي ٻڌاءِ امان_ جلدي! مان هڪ پل جي جدائي به نه ٿي برداشت ڪري سگهان، منهنجي روماسا الائي ڪهڙي حالن ۾ هوندي!“
    ”ايڏي اٻهري نه ٿي رخسار_ ٿڌي دماغ سان فيصلا ڪري، تون پوءِ ئي روماسا جي وڇوٽين کي دُور ڪري سگهين ٿي“
    ”مون کي ڇا ڪرڻو پوندو؟“
    ”ٻي شادي“
    ”ڇا؟“ مون کان دانهن نڪري وئي، چيم ”مان جڏهن ٻي شادي ڪنديس ته پوءِ دانش تائين ڪيئن پهچنديس؟ روماسا ڪيئن منهنجي ٿيندي؟“
    ”شادي_ ان کانپوءِ طلاق ۽ پوءِ دانش سان ٻيهر نڪاح...!“
    منهنجي اکين آڏو اونداهه اچي وئي... سڀ ڪجهه سمجهه کان ٻاهر ۽ ڏکيو هو، پر روماسا جي ڪري مون کي سڀ تڪليفون سِرَ تي کڻڻيون هيون_
    ان ئي شام مان ٻي ڪا واهه نه ڏسي مجيب جو پڇائيندي هن تائين پهتي هيس، هن ڏاڍو سٺو آڌرڀاءُ ڪيو، منهنجي حالت ڏسي ڏاڍو پريشان ٿي ويو هو، هن منهنجي حالت ڏسي ڪجهه پڇڻ چاهيو ته مان کيس ڳالهائڻ ئي نه ڏنو، چيم ”مون سان شادي ڪندين؟“
    هو حيران ٿي منهنجي چهري ۾ چتائي ڏسڻ لڳو هو، شايد ”ڪجهه“ ڳولهيندو هجي_ پوءِ مليو به هئس ڪجهه الائي نه!
    ”پر ايڏي تڪڙي شادي ڇو؟“
    ”مون کي تڪڙ آهي مجيب“
    ”مون کي قبول آهي“
    (مجيب ڄڻ ٻهڪي اُٿيو هو)
    ”پر هيءَ شادي صرف هڪ رات جي هوندي!“
    ”هڪ رات جي...! مان نه سمجهيو رخسار؟!“
    مون کان بي خوديءَ ۾ سڏڪا آلاپجي پيا هئا ۽ مان ڪيترا پل سڏڪندي هن جي ڀاڪر ۾ هلي وئي هيس، ۽ کيس سڀ ڪجهه ٻڌائڻ شروع ڪيو هو...!
    ان رات مجيب هڪ مولوي کي وٺي آيو، جنهن اسان جي وچ ۾ نڪاح جي رسمن کي بخوبي نڀايو، سڄي رات هن منهنجي قدمن کان ويهي گذاري... مون سان گڏ منهنجي درد جو درمان ڳوليندو رهيو... اهو سچ هو/ آهي ته جيڪڏهن مون کي روماسا جو خيال نه هجي ها ته مان دانش جي طرف ڀُلجي به نه نهاريان ها... پهريون دفعو هڪ مرد جي لاءِ منهنجا خيال بدليا هئا_
    (مرد وڏو مهانُ به آهي، جنهن جي مهانتا هن جي ڪردار کي ٺاهي خوبصورت ته بنائي ٿي، پر هن جو ڪردار سماج جي نفرتن کي محبتن ۾ تبديل به ڪري ٿو_ انسانيت جو ڪمال اڃان نه مُئو آهي_ هيءَ ڌرتي تڏهن قيامت کي سَڏُ نه ٿي ڪري، جڏهن مجيب جهڙا باڪردار ڌرتي تي اڃان به موجود آهن)
    سڄي رات هُن مون کي ڇُهيو ڪونه!... اکين جا بار بار ڳوڙها اگهي تسلي ڏيندو رهيو_
    صبح ٿيندي_
    مجيب هڪ ٽيڪسي ۾ چاڙهي الوداع ڪيو ۽ مان دانش جي گهر آيس، جتي پاڙي ۾ ڏاڍي تبديلي آيل هئي... نوان گهر، نيون بلڊنگون ۽ نوان رستا ٺهيل هئا، پر مون کي انهن سان ڪابه دلچسپي نه هئي!...
    دروازو کڙڪائيندي جڏهن دانش ٻاهر نڪري آيو هو، تڏهن اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هئم_
    ”جي!“
    ”مان موٽي آئي آهيان دانش، تنهنجي گهر، پنهنجي روماسا ڏي“
    ”تون واپس وڃ رخسار! تنهنجي جڳهه هاڻي هن گهر ۾ نه رهي آهي“
    ”ڇو دانش؟ تون ناراض آهين ته مان معافي به وٺنديس“
    دانش ۽ منهنجي آواز تي اندران هڪ ٻي ڳاڙهو ويس اوڍيل عورت نڪري آئي هئي_
    ”هي ڪير آهي دانش، منهنجو ساهه مُنجهڻ لڳو هو، چيم ”مان تنهنجي گهر ۾ هميشه رهڻ آئي آهيان“
    ”سوري رخسار! مان شادي ڪري ڇڏي آهي، اها ڳاڙهي ڪپڙن ۾ ڪنوار جو ڏيک ڏيندڙ عورت منهنجي زال آهي!“
    ان سمي مون پاڻ کي زندگي جي آخري سرحدن تي بيٺل محسوس ڪيو هو ۽ درد جي هڪ وڏي قافلي کي پاڻ طرف ڊوڙندي ايندي ڏٺو هئم... ڀانيو هئم تڙپي تڙپي زنده لاش ٿي وينديس، پر ائين نه ٿيو... روماسا جي دروازي طرف وڌي ايندڙ مٺڙن ٻولن کي ٻڌي جسم ۾ ساهه موٽي آيو هو، لفظن کان سهارو وٺندي چيو هئم ”توهان کي شادي مبارڪ!... خدا جي واسطي مون کي منهنجي روماسا ڏيو... مان روماسا کان سواءِ هڪ پل به نه ٿي جِي سگهان!!“
    ان پل روماسا روئيندي منهنجي ڇاتيءَ سان اچي لڳي ۽ هن جا معصوم هٿ منهنجي ڳوڙهن کي صاف ڪرڻ ۾ لڳي ويا !!
    **


    ميري چنڊ جو غم

    سڄي ڳوٺ ۾ هن جي سونهن جو چرچو هو:
    ”هوءَ حسُن پري آهي يا سونهن پري_“
    ”ايڏي خوبصورت ڇوڪري_ اسان ڏٺي نه ٻُڌي... بس ماءُ پيءُ ڏسيس_ ٻيو نه !!“
    ” ٻيو ڇو نه ؟“
    ” ٻين جي نظر وڍي ويندس_“
    ”واقعي مالڪ ويهي ٺاهيو اٿس!“
    سڀني همعصر نوجوانن هُن جي تعريف جا ڍُڪ پئي ڀريا، جن کي ڏسي ۽ ٻڌي رهي مان به نه سگهيس، چيم : ”آخر هن ڳوٺ ۾ اهو چنڊ اڀريو ڪنهن جي اڱڻ ۾ آهي، ڪجهه اسان کي به ته خبرپوي!!“
    ”ڇو تو ڏانئڻ کي ٻڌايون؟“
    ”چنڊ کي هر ڪو ڏسي!“
    ”هي چنڊ ناهي، جنهن کي سڀڪو ڏسي_“
    ”باقي؟“
    ”چنڊ جهڙي روشني آ_“
    ”اها چانڊوڪي آخر ڪهڙي جاءِ تان ڦٽي نروار ٿي آهي...؟ ساڙ سڙيئو ڪجهه اسان کي به ٻڌايو“
    ”خانه بدوشن جي جهوپڙيءَ ۾“
    ”ڇا؟“
    ”اڙي ڳالهه ته ٻڌو ! توهان کي شرم اچڻ گهرجي... خانه بدوش ڌرتيءَ جي انهن فردن ۾ شمار ٿين ٿا، جيڪي ازل کان پنهنجي امن پسند مَنشا جو مظاهرو ڪندي ڪڏهن به هڪ جڳهه تي مستقل بنيادن تي ٺڪاڻو نه ڪندا آهن... هو سڄي ڌرتي کي پنهنجو گهر سمجهن ٿا. جتي پڪي اتي کاڌي...اهڙن مسافرن جي گهرن ۾ نظرون نه وجهو... هُنن کي اها بونءِ پوندي ته اهي مسافر درد پرائي اڏامي هليا ويندا... ڪُجهه مڙو... اوهان جنهن ڏينهن پنهنجي اکين کي گليل جو روپ ڏنو، اهو ڏينهن هُنن جو هِن ڳوٺ ۾ آخري ڏينهن هوندو... سمجُهوَ ڳالهه کي؟“
    ”پوءِ ڇا ڪجي؟ ڪبوتري ڪيئن ڦاسائجي؟“
    ”ڪبوتري کي آزاد ڇڏيو _ پَرَ ساهي _ اڏامي!“
    ”ڇا مطلب ؟“
    ”اوهان پنهنجي ميرين اکين جي جوعَ ۾ شرم جي پاڪيزگي رکو ... جيڪي ماڻهو ڌرتي جي خون وهائڻ جي خوف کان پنهنجون حياتيون دربدر ۽ خانه بدوش ٿي گذارن، اوهان انهن جي جهوپڙن ۾ طوفاني نظرون نه وجهو !... ڪجهه لڄ ڪيو...!! ماڻهپو ڌاريو!!“
    پنهنجا سڀئي همعصر ۽ هم خيال دوست ماٺِ ٿي ويا، چيائون: ”خانه بدوشن جو ايڏو فڪر_ يا پنهنجو پيٽ ۾ سور اٿئي؟“
    شام ٿي_
    سڀئي دوست هڪُ_ هڪُ ٿي پنهنجي پنهنجي گهر هليا ويا، پر منهنجي مَن کي ساڳين کٽڪن اڃا تائين پنهنجي گهيري ۾ رکيو:
    ”هوءَ ايڏي حسينُ!... ڪنهن بازَ جي نه وَر چڙهي وڃي...! مون کي هُن جي حسن جو جلوو ضرور پسڻُ گهرجي!!“
    سج لٿي کان ٿورو اڳ ۾ ڳوٺ جي ٻاهران کليل ميدان ۾ جهوپڙا اڏي ويٺل خانه بدوشن جي ويڙهي هليو آيس، جتي ٻن شِڪاري ڪُتن اچي سوڙهو ڪيو، جن کان پاڻ بچائيندي ڪڏهن زمين تان ڀتر کڻي ٿي اڇلايو ته ڪڏهن مٽي جو ٻُڪ...! ٻئي ڪُتا جسم تي اوڍيل ڪپڙن کي چهڪي جسم کي به چيري ڦاڙي وجهن ها، جيڪڏهن خانه بدوشن جون ٻه عورتون مون کي بچائڻ لاءِ ڊوڙينديون نه پُڄن ها.
    ڊپ ۾ وڏا ساهه ٿي کنيم_ وڏا ساهه کڻندي، اچانڪ چنڊ جي چانڊوڪي تي نظر پئجي وئي!
    ”واهه واهه !!“ سامهون نهاريندي ئي رهجي ويس _”واهه ڌڻي! تنهنجي سونهن جا رنگ... ڇوڪري آ يا باههِ جو شَمُ!!“
    ڪي ساعتون گذريون_ هوءَ اکيون ملائڻ جو تابُ نه سهي واپس پنهنجي جهوپڙن ڏانهن وڌڻ لڳي ته مون کان بي ساخته دانهن نڪري وئي... هوءَ هڪ ڄنگهه کان معذور هئي_ ميري چنڊ جي ان غم ۾ منهنجون اکيون آليون ٿي ويون ۽ مان حسرت مان هُن طرف ڏسندي ئي رهجي ويس!!
    **


    صِراط المستقيم

    گهر جي دادلي! جاڏي ويندي مور جي ٽور جيان لڏندي، لمندي جهمريون پائيندي ويندي!! ماءُ جي اڳيان ضد ڪري ويهي ته مڃائڻ ۾ دير نه ڪري ۽ جي پورهيت پيءُ سان رسامو ڪري ته منهن ۾ گهنڊ اهڙو وجهي، ڄڻ هن سان ڳالهائيندي ئي ڪو نه، پر جڏهن پنجن روپين جو سڪو تريءَ تي رکندس ته خوشيءَ ۾ نه ماپندي ۽ جهومندي، آزاد ڪبوتر جيان پرڙا پکيڙي ’هو جمالو‘ ڳائيندي وتندي!!مطلب ته جهڙي نالي جي مقدس هئي، بلڪل هئي به اهڙي طرح معصوم پويترتا جي پيڪر!!
    ”مقدس“
    ”جي امان“
    ماءُ جي سڏ تي هوءَ ڏانهنس وڌي آئي،
    ”ڌيءُ قرآن جي سبق تي نه وئي آن؟“
    ”امان! مٿي ۾ سور آهي“
    ”ڌيءَ ڪالهه به نه وئي هئين، اڄ وڃ، پنجين پاري ۾ نئين ويٺي آهين، وري سبق نه وسري وڃئي!“
    ”امان ! مان ٻيهر قرآن جو سبق وٺڻ نه وينديس“
    ”ڇو؟“
    ”بس“ مقدس جو معصوم آواز ماءُ تائين پهچندي جهيڻو ٿيڻ لڳو ”امان! سائين هرو ڀرو ’تنهنجو سبق ڪچو آهي‘ چئي لڪڻ وهائي ٿو ڪڍي... ٻيو ڏينهن به نرگس کي اڪيلو ڪمري ۾ واڙي مار ڏنائين...“
    ”پوءِ...؟“ مقدس جي ماءُ پريشان ٿيڻ لڳي.
    ”پوءِ نرگس جي رڙين تي اسان سڀ ٻار مدرسي مان ٻاهر ڀڄي آياسين.“
    ”ڌيءَ اوهان کي اسٽار پلس جي ڊرامن جا ڊائيلاگ ته ياد اچي ٿا وڃن، پر قرآن جو سبق اوهان کي ياد نه ٿو رهي... الائي ته ڇا ٿيو آهي اڄ جي ٻارن کي...؟“
    ”امان“ مقدس جي معصوميت اڃان برقرار هئي ”مون کي مٿي ۾ گهڻو سور آهي.“
    ”ڌيءَ قرآن جي سبق نه وٺڻ گهڻو گناهه هوندو آهي.“
    ”امان گناهه ڇو ٿيندو آهي؟“
    ”خدا جي نافرماني ڪبي آهي ته گناهه ٿيندو آهي!“
    ”نا فرماني ڇا ٿيندي آهي امان؟“
    ”خدا جي ڪلام نه پڙهڻ کي نافرماني چئبو آهي، جنهن جي بدلي خدا ناراض ٿي دوزخ موڪلي ڇڏيندو آهي.“
    ”امان“ مقدس جي ماءُ جي ڳالهين ۾ دلچسپي وڌي رهي هئي ”امان دوزخ ڇا آهي؟“
    ”دوزخ هڪ باهه جي آڙاهه جيان هوندو آهي!“
    ”ڪيڏي باهه هوندي آهي؟“
    ”صفا وڏي!“
    ”جيڏي وڏي باهه چاچي سليمان جي گهر کي لڳي هئي_ ايڏي وڏي باهه؟“
    ”ان کان به وڏي_ آسمان جيڏي!“
    ”پوءِ اها باهه وسائيندو ڪير؟“
    ”مقدس“ ماڻهنس کيس دڙڪو ڏنو ”خدا جي ڳجهه ۾ هٿ نه وجهبو آهي“
    مقدس ماءُ جي دڙڪي تي چُپ ٿي وئي_ صفا چُپ!
    ”مقدس“
    ”جي امان“ مقدس ڇرڪي پئي.
    ”وڃ هاڻ سبق تي سڀ ٻار پهتا هوندا“
    ماءُ جي ڇڙٻ تي مقدس سسي سوڙهي ٿي وئي ۽ پوءِ ’جي امان‘ چئي پاڻ کان وڏي ڇهين درجي ۾ پڙهندڙ ڀاءُ جي ڊگهي چپل پائي مدرسي ڏانهن هلي وئي.
    ....
    “ڇو ڇوري دير سان آئي آن.؟“
    ”سائين مٿي ۾ سور هو“
    ”چڱو اچ سبق ٻڌاءِ؟“
    ”ها سائين“ چئي هوءَ مولوي ڏانهن وڌي وئي، ”اڄ سبق ڪچو آهي سائين “
    کبڙ جو آلو چهبڪ مقدس جي نفيس وجود کي اکٻوٽ ۾ گهائل ڪري ويو.
    ”پڙهه!“ ملان بخيل ٿيڻ لڳو، پنهنجي خوف ناڪ آواز کي بلند ڪندي چيائين”اهد نصراط المستقيم...“
    مقدس سڏڪن جي ڪري اڳتي هڪ اکر به نه اڪلائي سگهي هئي.
    ”چڱو ٻارو! تهان کي موڪل آهي“
    ملان جي آواز تي ٻارن ۾ ڀاڄ پئجي وئي!
    مقدس ڳوڙها اگهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي.
    ”مان ... وڃان؟“
    ”نه!... تون ڪاڏي؟“
    مقدس جو معصوم آواز ملان جي آواز ۾ دٻجي ويو.
    ”توکي سبق ٿو پڪو ڪرايان“
    ٻارن جي ويندي ملان ڪمري جو دروازو بند ڪري مقدس طرف مڙي آيو ”شاباس! سياڻي ڇوڪري!... هاڻي جلدي ۾ پنهنجو سبق پڪو ڪر... پڙهه!... ”اهد نصراط المستقيم“
    بند ڪمري جي انڌيري ۾ مقدس جو ساهه گهٽجڻ لڳو.
    ”اهد نصراط المستقيم“ پڙهندي مولوي جا لفظ رڪجي ويا ۽ پوءِ مولوي جا هٿ شيطاني ارادن ۾ مشغول ٿي ويا... مقدس جي جسم تي هڪ آدم خور جا رانڀوٽا اچڻ لڳا... مقدس جي پاڪ دامني’ مون کي مٿي ۾ سور آهي‘ واري احتجاج/دانهن تي نه ڌرتي ڌڏي _نه آسمان بارش وسائي...! هڪ ڪم ظرف وحشي ۽ درندي صفت ملان انسانيت جا ليڪا لتاڙي مقدس ۽ مدرسي جي عظمت جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا...
    شام ٿي سج لهڻ لڳو ۽ مقدس گهر نه موٽي سندس ماءُ جي دل ويسورن جي ور چڙهي وئي.
    ”مقدس اڃان گهر نه آئي آهي؟... مٿي ۾ سور سبب ڪٿي ڪري ته نه پئي؟؟“
    جهٽ رکي سندس پُٽ موٽي آيو، چيائين”مولوي ٿو چوي مقدس اڄ مدرسي ڪو نه آئي هئي“
    مقدس جي ماءُ جي من ۾ هورا کورا وڌڻ لڳا... هن کي ڪا به ڳالهه سمجهه ۾ ڪو نه آئي!
    مزدوري کان دير سان موٽندي مقدس جو پيءُ به حيران ٿي ويو، چيائين ”مان هيڪل وسورو وڃان ته ڪاڏي؟“
    ”مزدوري ڪيان يا گهر ۽ ٻارن جي ڪيان؟“
    هو منهن مٿو پٽيندو گهر کان ٻاهر آيو، ته دروازي تي پوليس ۽ پاڙي وارا ڏسي دهلجي ويو.
    ”ملن جو منهن ڪارو ٿيو آهي“
    ”معصومڙي ڪهڙو ڏوهه ڪيو هن؟“
    ”بس قيامت ڄاڻ آئي“
    ”ڪمينا مدرسن ۾ به ٿا منهن ڪارو ڪن!“
    ”بيغيرت ماڻهو! نبي جي سنت کي لڄائن ٿا!“
    ”ماڻهن جا روپ ته ڏسو!... ٻاهر ۾ ملان اندر ۾ ابليس!!“
    ”پنهنجي توبهه! اڄ جو زمانو زور ٿي ويو آ... نه اکين ۾ شناس... نه خدا جو خوف!“
    ”زبان تي ڪلام _درود ۽ اندر ۾ بي دين بگهڙ“
    ”انهن جو ته دين ايمان ئي ناهي... شيطان جا پُٽ ... حوسي... لالچي!!!“
    ماڻهن جا عجيب گُفتا مقدس جو پيءُ نه سمجهي سگهيو.
    ”ڪاڪو بهارو تون آهين؟“
    ”جي ها!“
    پوليس وارن جي آواز تي مقدس جو پيءُ ڇرڪي پيو.
    ”اوهان جي ڌيءُ جو لاش مليو آهي... هن سان مدرسي جي ملان...اسان ملان کي حراست ۾ ورتو آهي...!!“
    مزدوري تان نما شام موٽي آيل ڪاڪي بهاري جا ست ملائڪ مري ويا ۽ اندران مقدس جي ماءُ ’منهنجي مقدس مري وئي‘ چئي بيهوش ٿي وئي.!ٰ!
    ***


    منتظر محبتون

    يونيورسٽي ۾ داخلا جي پهرين ڏينهن ئي منهنجي پهرين نظر جيئن ئي هن جي خوبصورت چهري تي پئي ته چند، ساعتن لاءِ حيران رهجي ويس... ڇا ته هن جي حسين چهري جي معصوميت هئي!! ان گهڙي مونکي ايئن لڳو، ڄڻ زندگي جي ڪنهن موڙ تي مون هن کي ڪٿي ڏٺو هجي!!!... ڊگها پُر ڪشش زُلف... ويڪرو ۽ خوبصورت چهرو... لال گلابي ڳل ۽ جواني جي خوشبوءَ سان ڀريل وجود ڏسي ڀانيم، هوءَ منهنجي زندگي جي ساڀيان ته نه آهي...!
    مطلب ته هوءَ سراپا حسن جو سنگم هئي، جنهن کي ڏسندي ئي مان پنهنجي جواني جي شڪست قبول ڪري ويٺو هيس...!!!
    ”ڇا ٿيو اٿئي نوجوان؟... دنيا ۾ ڇوڪريون نه ڏٺيون اٿئي ڇا؟“
    ”جي!“ هن اچانڪ قريب اچي مخاطب ٿيڻ سان ڇرڪي چيو هئم:
    ” ڇوڪريون ته روز ڏسندو آهيان، پر جنت جي حورَ ڌرتيءَ تي پهريون ڀيرو ڏٺي اٿم_تڏهن حيران آهيان!!“
    ”اوهه نوجوان تون ته وڏو رومئنٽڪ مزاج ۽ فلسفي ٿو ڏسجين!“ ان خوبصورت چهري واري دوشيزه وراڻيو.
    ”پر هڪڙي ڳالهه پڇان؟“
    ”ها پڇو!“
    ”توهان جي چهري جا نقش ٻڌائن ٿا ته مان اوهان کي ڪٿي ضرور ڏٺو آهي، ڪنهن سفر يا فنڪشن وغيره ۾، تڏهن حيران آهيان!!!“
    ” ٿي سگهي ٿو _اڳين جنم ۾ مليا هجون!!“
    ”اڳلي جنم ۾؟“ منهنجي سوچ اڃان به ڊوڙي رهي هئي.
    ” ها ٿي سگهي ٿو.“
    خوبصورت ڇوڪري جي آواز ۾ طنز هئي.
    ۽ پوءِ اها خوبصورت چهري واري ڇوڪري مرڪون ورهائيندي، منهنجي نظرن کا اوجهل ٿيندي پنهنجين سهيلين سان گڏجي هلي وئي ۽ مان سوچن جي سمنڊ ۾ ٻڏندو ۽ ترندو رهيس.
    پوءِ يونيورسٽي جي گيٽ کان اندر ڪلاسن ۾ پڙهڻ لاءِ اچڻ ۽ مجهند ڌاران هاسٽل طرف وڃڻ وقت مان هن کي غور سان ڏسڻ جو معمول بڻائي ويٺو هوس ۽ هوءَ به چور نظرن سان ڪڏهن ڪڏهن مون طرف ڏسندي شرمائي ڪنڌ هيٺ ڪري هلي ويندي هئي.هن کي ڪيترائي دفعا ڏسڻ جي باوجود اهو ٿانيڪي ذهن سان فيصلو نه ڪري سگهيو هوس ته ”آخر هن سان منهنجو ڪهڙو تعلق هو.؟... جي هوءَ مون سان ملي هئي ته ڪٿي؟؟... هن جي زندگي ۾ هن جي لاءِ ڪهڙي بنياد تي دلچسپي وڌي رهي آهي. آخر منهنجي تصورن جي دنيا تي هوءَ اجنبي ڇوڪري ڇو قابض ٿي رهي آهي؟؟“
    پنهنجي سڀني سوالن جو جواب پاڻ وٽ به ڪو نه هو.
    ڪيترائي دفعا هن کي روبرو ڏسندي، کانئس پنهنجي سوالن جي جوابن ۾ مدد وٺڻ چاهيندو هوس، پر اندر جي اڄاتل خوف جي باعث دل جي وڌندڙ ڌڙڪن کي محسوس ڪندي ، ماٺ رهڻ کي ترجيح ڏني هيم، پر راتين جون راتيون سوچن جي سفر ۾ ڀٽڪندي گذرڻ لڳيون هيون.
    هڪ برساتي شام جو، مان پنهنجي دوستن سان المنظر تي، ٿڌڙي هوا سان کيڏي رهيو هوس ته هن کي پنهنجي ڀرسان گذرندي ڏٺو هئم، هوءَ مسڪرائي ڀرسان اچي بيٺي هئي.
    ”تبسم نالو آهي منهنجو!“ چيائين ”سکر سان تعلق رکان ٿي ۽ ماسِ ڪميونيڪيشن جي شاگردياڻي آهيان !!“
    ”اوهه مس تبسم“ وراڻيو هيم... مان به ته چوان ڪا ته ڳالهه آهي، جنهن باعث تون ڏٺل پئي لڳين... مان به روهڙي جو آهيان.“
    ”اڙي پاڳل ايئن چئو نه“تبسم وراڻيو”پوءِ واقعي مليا هونداسين، پاڻ ڪٿي نه ڪٿي... شهر ۾ شاپنگ ڪندي يا ڪوئي سفر ڪندي... پر توهان پنهنجو نالو ته ٻڌايو...؟“
    ”ساحل نالو آهي“ چيو هيم ”پر مان انهي سوچ تي، هاڻي به قائم آهيان ته توسان زندگي جي ڪنهن موڙ تي ڪا ملاقات ڪا گُفتگو ضرور ٿيل آهي!!“
    ” پر ڪڏهن ڪي ڪي اڻڏٺل چهرا به صديون اڳ ڏٺل وائيٺل محسوس ٿيندا آهن ساحل!“
    ”پر تبسم! منهنجون اکيون ڪڏهن به دوکو کائي نه ٿيون سگهن“
    ”منهنجي دل جي ڌڙڪن ۾ تنهنجي سڃاڻپ جو احساس، پيڙاءَ جي پنڌ جو مسافر بڻائي ٿو... تون زندگي جي تنها سفر ۾ مون سان ضرور ملي آهين!!“
    ”اوهه رليڪس ساحل“ تبسم وراڻيو هو”اڳلي جنم ۾ مليا هونداسين، بس ڪر هاڻي.“
    ”تبسم!“ ٿڌو ساهه کڄي ويو هو، چيو هئم ”پر مان ان گمنام سڃاڻپ جي تهه تائين ضرور پهچندس!!“
    ”اوڪي اوڪي ساحل!... مون کي به تنهنجي ان تعلق جي تفصيل جو انتظار رهندو“ تبسم ايترو چوندي پنهنجي سهيليءَ سان اڳتي المنظر جي پاسي وڌڻ لڳي هئي ۽ مان ’هوءَ ڪٿي ملي هئي‘ واري سوال جي جواب ۾ گُم ٿي ويو هوس.
    پوءِ آهستي آهستي تبسم ۽ پنهنجي هم آهنگي کي وڌندي، گهري ٿيندي، هڪ ٻئي جي پسند نا پسند کان ويندي، پنهنجائپ جي شدت تائين پهچندي ڏٺو هو، پر ان جي باوجود من اندر جي دنيا ۾ ’هوءَ ڪٿي ملي هئي‘ وارن تصورن سڪون سان سمهڻ نه ڏنو هو.
    هڪ صبح جو عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان يونيورسٽي پاران پروگرام رٿيو ويو هو، جنهن ۾ هن کي دنيا جي سمورين عورتن بابت ويچار ونڊيندي ٻڌو هيم”دنيا جون سڀئي عورتون، وقت به وقت پنهنجي ديس ۽ گهر جي مردن جو تشدد ۽ جبر جو شڪار رهيون آهن ، پوءِ اها مظلوم عورت هندستان جي ارونڌ تي راءِ هجي، آفريڪا جي مڌر ٽريسيا هجي، پنجاب جي امرتا پريتم هجي يا وزيرستان جي معصوم ملاله تي ٿيندڙ، ذهني ۽ جسماني تشدد جو پيرو صرف ۽ صرف مردن جي جارحيت جي پتَ وائکي ڪري ٿو!!“
    يونيورسٽي جو سڄو هال تاڙين ۾ گونجي اٿيو هو!!!
    پر... منهنجي سوچن جي محور ۾ ’هو ڪٿي ملي هئي‘ وارا خيال آيا ۽ ويا ٿي.اسٽيج تان لهندي، هن مون طرف ڏسندي هلڪي مرڪ وکيري ڏٺو هو، ڄڻ چوندي هجي ”ساحل !منهنجي شعور جي ڊوڙ سڄي دنيا جي عورتن جي پرک تائين پهتي آهي ۽ تون بيوقوفي طور ’تون ڪٿي ملي هئين‘ واري الجهن مان ٻاهر نه نڪتو آهين.!!!“
    مان هن جي اکين سان اکيون نه ملائي سگهيو هوس ۽ هوءَ کوڙ سارا سوال اکين ۾ سانڍي، پروگرام جي پڄاڻي ٿيندي ئي مون طرف وڌي آئي هئي.
    ”ڏي خبر ساحل!“ هوءَ مخاطب ٿي هئي ” منهنجي تقرير ڪيئن لڳي؟“
    ”زبردست!“
    ”دنيا جي هر عورت جي ظلم پويان مرد جو ئي هٿ هوندو آهي نه _جنهن کي بيان ڪري مون غلط ته نه ڪيو نه!؟“
    ”زبردست“ مون لاشعوري طور ٻيهر وراڻيو
    ”ڇا زبردست؟“ تبسم ڄڻ چڙي پئي هئي. چيائين ”تنهنجا خيال هميشه ڪٿي نه ڪٿي گُم هوندا آهن... ڇا سوچيندو آهين؟“
    تبسم جو چهرو غصي ۾ ڳاڙهو ۽ زرد ٿي ويو هو ۽ مان حيران ٿي ڏانهس ڏسندي ئي رهجي ويو هوس... ڄڻ تبسم جو غصي گاڏڙ آواز مون کي اڄاتل ماضي طرف وٺي وڃڻ لاءِ منتظر نظر آيو هو، پر... هوءَ ڪٿي ملي هئي ۽ هن اهڙا غصي گاڏڙ دڙڪا زندگي جي ڪهڙي موڙ تي ڏنا هئا؟“
    منهنجي خيالن جي ڊوڙ هڪ ڀيرو ٻيهر حقيقت جي لڪل تهه تائين نه پهچي سگهي هئي ۽ مان سوچ جي سواري ۾ بيساهو ٿي ويهي رهيو هوس.
    لڳاتار چار ڏينهن تبسم جي روين مون کي اداس ڪيفيت ۾ رکيو ۽ مان ’سڀ ٺيڪ ٿي ويندو‘ واري اميد جي دامن کي پڪڙي، وقت جي رفتار سان گڏ گڏ هلندو رهيس... هفتي جي آخري رات چنڊ جي چوڏهين تاريخ هئي ۽ مان هاسٽل جي ويران اڱڻ تي سوچن جي انڌيري ۾ گم ٿي منزل تي پهچڻ جون هٿوراڙيون هڻي رهيو هوس ته عين ان گهڙيءَ هڪ سوچ جي طوفان مون کي روهڙي کان اروڙ جبل تائين پهچائڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏنو...
    ”اوهه!“ اندر ۾ ماضي جو شهر رقص ڪرڻ لڳو ”اروڙ ئي منهنجي خالن جو کنڊر آهي... اروڙ جي چوٽي تي ئي هڪ اجنبي ڇوڪريءَ جو ڦوٽو...۽...!“
    پنهنجي منتشر خيالن جي ڊوڙ ختم ڪري تبسم ڏانهن ميسج ڪيم ”جاڳين ٿي؟“
    تبسم شايد ننڊ ۾ هئي، جنهن سبب ڏانهس ٻيو ميسج موڪليم.
    ”منهنجي تبسم... اڄ پنهنجي گُم ٿيل ماضي جي ويجهو پهتو آهيان... اروڙ جي تاريخي پڌر تي تنهنجي کنيل وکن ۽ ’تون ڪير آهين‘ وارن سوالن جي جواب کي حاصل ڪرڻ وارو آهيان .“
    سڄي رات تڙپندي گذاريم، باک ڦٽندي تبسم جي ڪال آئي، چيائين ”سڄي رات جاڳيو آهين ؟“
    ”ها!“
    ”ڇو؟“
    ”سڄي رات راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جي اروڙ واري ويڙهه جي تاريخ پڙهندي اچانڪ گُم ٿيل ماضي کي ڳولي ورتو آهي...“
    ”ڇا مطلب؟“
    ”مون وٽ هڪ خوبصورت ڇوڪري جي تصوير آهي!“ وراڻيم ”تون سڃاڻپ ۾ مدد ڪري مون کي ماضي جي ڪن مان ٻاهر ڪڍي سگهين ٿي.“
    ”سو ڪيئن؟“
    ”صبح سان روبرو ٻڌائيندس_“
    ”چڱو ٺيڪ آهي“چيائين”پر ٻڌ...! ٿورو آرام ضرور ڪجانءِ.“
    صبح ٿيندي تبسم جي ڪال اچڻ سان اک کلي، ڪال رسيوَ ڪيم چيائين: ”مون کي خبر هئي تون سڄي رات جاڳڻ سبب ننڊ هوندين، تنهنجي روم جي ٻاهران بيٺي آهيان!!“
    دروازو کوليم_تبسم منهنجي زندگي جي خوبصورت صبح طور منهنجي اڳيان هئي، جنهن کي ڏسندي منهنجي دل ۾ بي انتها ڊوڙي آيل گمنام محبت ۽ گمنام پيڙا جو راز کلندي نظر آيو، چيم ”تبسم ڪڏهن اروڙ تي وئي آهين؟... تبسم ان بيوقوف نوجوان کي سڃاڻي سگهندينءَ، جنهن پنهنجي ڪئميرا سان تنهنجو ڦوٽو ڪڍي، تنهنجا دڙڪا کاڌا هئا!“
    ”ياد ناهي ساحل“ چيائين”سال گذري ويا آهن!!“
    ”اهو بيوقوف مان آهيان تبسم، جيڪو تنهنجي انگ انگ ۾ سمايل حسن ۽ جواني کي ڏسي تنهنجو ڦوٽو ڪڍڻ تي مجبور ٿيو هو.“
    تبسم حيران ٿي مون ڏي ڏسندي مرڪي ويٺي... هن جيان منهنجي ذهن ۾ اروڙ جي وسعتن ۾ گُم ٿيل ماضي جي حقيت کلي پئي چڪي هئي!!!
    ***


    مان ڪنهن جو نه ٿي سگهيس

    يونيورسٽي جي کلمک ماحول ۾اداسي ۾ ڊوڙندي منهنجي وجود سان واسجي ويندي، اها ڄاڻ هجيم ها ته شايد ڄامشوري جي سرد هوائن سان لئنون نه لايان هان!... هڪڙو پرفيسر جَهڳ جَهڳان ڪري ويو ته ٻيو آيو... مون کي ڪابه ڳالهه دماغ ۾ نه آئڙي!... مان زندگي ۾ ڊوڙي آيل انهي بيچيني جي باهه ۾ پڄري خاڪ ٿي وڃان هان، جيڪڏهن هن جي پريم جو ڇانورو پنهنجي نٽهڻ اُس ۾ جلندڙ جواني جي درد جو درمان نه ڪري ها!!... پريت منهنجي محبت جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي اکين سامهون ڏٺو- ڏاڍو ارمان ڪيو ۽ درد جي وچ درياهه ۾ غوطا کائيندڙ حسرتن جي پنڇي کي ٻاهر واپس ڪناري تي آندو...!!
    پروفيسر طاهر جي آواز تي خيالن جي سير ۾ ٻڏندڙ ٻيڙي واپس حقيقت جي ڪناري تي اچي رَسي-
    ”اوهان يونيورسٽي جي ماحول ۾ نوان آيا آهيو، توهان کان اڳ به ڪيترا آيا ۽ ويا!... سڀاڻي توهان هليا ويندا... اوهان بس ايترو ڪيو، ڪنهن جي دل نه ٽوڙيو... دل ٽٽي جا ارمان حياتي اُجاڙن ٿا...اوهان اندر جي اجاڙ کي به جوڙ_سمجهي اڳتي وڌو!... پيار ڪيو، پيار وٺو... پيار جي ورهاست ۾ ڪنهن جي جذبن کي ٺيس نه پهچايو... ڪنهن جي محبت جي گل کي نه مروڙيو... اوهان ۽ اوهان جي چلولاين جي خوشبوءِ ڪڏهن به ميري نه ٿيندي...!!!“
    پروفيسر طاهر جي پرسوز ادا ۽ لهجي تي منهنجو مَنُ ڀرجي آيو ته ڳوڙهن کي لڪائي اُگهندوٻاهر هليو آيس، جهٽ رکي هوءَ به سهڪندي اچي پهتي-
    ”ڇا ٿيو؟“
    ”درد!“ لڙڪ منهنجي اکين ۾ لهي آيا-
    ”درد جي گهرائي ۾ نه وڃ فراز!... پاڻ سنڀال!!... وساري ڇڏ فريال، فريال جي محبت ۽ فريال جي دوکي کي... منهنجو سوچ!...“ مان تنهنجي قدردان آهيان... تنهنجي هر ڪهاڻي جي منظرن ۾ مان پَسي ورتو آهي، تون نازڪ مَنَ ۾ سڀاويڪ تخيل جو سادو سرجڻهار آهين!!...“
    ”مان ڇا ڪيان؟“
    ”پاڻ کي روڪ!“
    ”ڇا کان؟“
    ”هُنَ کي ياد نه ڪر- هوءَ دوکي جي ٻيڙي ۾ سفر ڪندي پاڻ ٻُڏي وئي... تون تار پائي درياهه جي ڪناري اچي پهتين- توکي ڪنارو به مليو ته محبت به... تون سوچن جي پراڻي ٻيڙي ۾ سوار ٿي پاڻ کي نه ٻوڙِ!“
    ”پيار جي ڀڳل ٻيڙي ۾ سفر ڪرڻ جو مزو ئي پنهنجو آ“
    ”ڪهڙو مزو آ؟“
    ” پيڙا جي پاتال جو سيرُ!... درد جي شهر ۾ تنها سفر جي هيڪلائي... ۽ يادن جي شور ۾ دُکي جيون گذارڻ جو مزو منفرد هوندو آ...!!“
    ”اکين ۾ ڳوڙهن جي برسات به ته هوندي آهي، ان کي ڪهڙو نانءُ ڏيندين؟“
    ” ڳالهه ڳوڙهن جي ناهي پريت!- ماڻهو، جنهن کي به چاهي ته اٿاهه گهراين سان چاهي ۽ بي مطلبو ٿي پائي!... مطلبن جي فريب کي فنا آهي، مان پيار کي دائميت بخشي دنيا کي ڏيکارڻ گهران ٿو، ته ماڻهو، جنهن سان محبت ڪري ته ڪميٽيڊ ٿي ڪري ...!!“
    ”واهه ديوانا!“_ پريت جي اکين ۾ اٿاهه پنهنجائپ هئي، چيائين ”هن کي تنهنجي بددعائن ته روليو آهي... هن توکي ڇڏيو- ته هن کي به ڪنهن ڇڏيو... هن نه رڳو دوکو کاڌو، پر پنهنجي عصمت کي به تاراج ڪرايو!“
    ”ڪميني!... واحيات پڻي تي لهي آئين!... توکي ڪيترو روڪيو اٿم، ته ڪنهن جا عيب نه اگهاڙجن!!“ هڪ زوردار چماٽ وهائي ڪڍي مانس، پڪ سان اکين آڏو انڌيرو اچي ويس، جو ڀنواٽي کائي هيٺ ويهي رهي-
    ”تون سٺو نه ڪيو-“ جهٽ رکي هن پاڻ سنڀاليو ته چيائين ”مان تنهنجي ڪري، تنهنجي ڪهاڻين سان پيار ڪيو... تنهنجي ويجهو آيس، تون هڪ وئشيا عورت جي لاءِ، مون کي ڌڪاريو... هوءَ هڪ شاگردياڻي جي روپ ۾ توکي ويجهو آڻي- ڌار ڪري وئي- تون ان جي ياد ۾ پل پل اذيتون ڀوڳي نيون نيون ڪهاڻيون ٿو لِکي... لفظن جي سحر ۾ هوءَ تنهنجي هر ڪهاڻي ۾ اڳيان اڳيان آهي... تون سمجهين ڇو نه ٿو- هوءَ اها نه رهي آهي، جنهن جي اکين تي ڪهاڻيون لکجن، جنهن جي ڪنواريتي بدن جي خوشبوءِ تي شاعري ڪجي، جنهن جي پيران پِير وکن کي جادو چئجي!!... هوءَ اميرن جي محفلن ۾ سجائي ويندڙ فريبي مرڪ آهي...“
    ”هوءَ... هوءَ- هوءَ ... منهنجو مٿو نه کاءُ... تون ڇا ٿي چوڻ چاهين؟“
    ”هوءَ وئيشا آهي، چڪلي جي رنڊي آهي...!!“
    ” چڪلي جي رنڊي، عورت نه هوندي آ ڇا؟ ان کي دل نه هوندي آ ڇا؟؟ ان جي دل ۾ درد نه هوندو آ ڇا؟؟- ان جي درد ۾ حياتي نه ٿي گذاري سگهجي ڇا؟؟
    ”تون نه سڌرندين؟“
    ”ها مان نه سڌرندس“
    ”خبر اٿئي، دنيا ڇا ٿي چوي؟“
    ” ڇا ٿي چوي؟“
    ”هو ڏسو رنڊيءَ جو عاشق- ان جي عشق ۾ ليکڪ بنيو آ!“
    ”ها مان هڪ رنڊي سان عشق ڪندو آهيان، مان دل جي هٿان مجبور آهيان ... هوءَ ڌن ۽ دولت سان عشق رکي ٿي ۽ مان هُن سان!!...“
    ”بيوقوف ڇو ٿيو آن؟“
    ”مان بيوقوف نه- عاشق آهيان!!“
    ”عاشق زهرپياڪ، وههُ ڏسي وهسن گهڻو-“
    ”مان نه وههُ جي ويجهو ويو آهيان ۽ نه وهسيو آهيان، مان هُن جي عشق ۾ هُن کي وڃائي به هُن کي پاتو آهي!!...“
    پريت جو ساڄو هٿ پنهنجي چهري تي رکيل هو- درد جي شدت ۾ هن جو ڳِٽو ڳاڙهو ۽ لال گلابي ٿيو هو، مون هڪ گهري نگاهه سان هُن ڏانهن ڏٺو ۽ هُن مون ڏانهن- نه هُن مون کي سمجهيو ۽ نه مان هُن کي!!
    **
    رات جو جڏهن دنيا خمارن جي پردي پويان، حقيقت کان ڪٽجي وئي، مان فريال ڏانهن آيس- هن جا وار وکريل هئا ۽ اکين ۾ اوجاڳي جي ڳاڙهاڻ هئس:
    ”ڇو آيو آن؟“
    ”ڪجهه يادگيريون واپس ڪرڻ ۽ ڪجهه وٺڻ-“
    ”ڇا وٺڻ آيو آن؟ ....کُلي ڳالهاءِ!...“
    ”ڪجهه گهڙين جو ساٿُ“
    ”ڇا ڏيندين!“
    ”سڀ ڪجهه _سوني منڊي- سونو لاڪيٽ- سونيون چوڙيون ۽ ٻيو جيڪو ڪجهه تون گهرندينءَ!!“
    ٻئين ڏينهن هوءَ هڪ ٽيڪسي تي حيدرآباد جي سوڙهي گهٽي مان پنهنجي گهر کان ٻاهر- سنڌ يونيورسٽي هلي آئي- هُن جا وار کليل هوا ۽ اکين تي چشمو- هن جي ڇاتين جي اُڀار تي رَئي جو پاندُ هو ۽ هوءَ ٽي وي جي ڪنهن خوبصورت اداڪاره جئين پُرڪشش نگاهن جي گهور ۾ مون کي وڌيڪ مائل ڪري وئي... هُن مختلف اندازن سان منفرد پوز هڻي الائي ته ڪيتريون رومانٽڪ يادگيريون ارپيون... هٿ- هٿ ۾ ملائي دنيا کي ڇرڪائي هُن الائي ته ڇا ڇا چوڻ ٿي چاهيو، پر نه چئي سگهي، صرف ايترو چيائين ”فراز هڪ رنڊيءَ جي ڌيءُ- رنڊي ئي ٿيندي آهي، نه ڪي ڊاڪٽرياڻي!... مان تنهنجي سچي محبت کي ويجهڙائي کان ڏٺو آهي، مان تنهنجي حصي ۾ اچڻ جا خواب به ڏٺا، پر ڄاڻي واڻي تنهنجي ويجهو نه آيس- ڇو ته مرُجهايل مُکڙي کي تنهنجي زندگي جي گلدان ۾ سَجائي، توکي دوکو ڏيڻ نه ٿي چاهيم... مان تنهنجي لائق نه هئس!!...“
    ٻئين ڏينهن هوءَ وري موٽي آئي، هن جي اکين ۾ جواني جو الائي ته ڪهڙو تابُ هو، جنهن جي تابش ۾ پنهنجي محبت جي شڪست کي اکين جي سامهون ايندي ڏٺم، چيائين ”بک ماڻهو کان جسم جا ڪپڙا لهرائي ٿي“
    ”ڇا ٿي چوڻ چاهين؟“
    ”اڄ مان تنهنجي ٿيڻ آئي آهيان!... پنهنجي محبت کي حاصل ڪر!!“
    مون کان کِلَ نڪري وئي، پر اکين ۾ ڳوڙها ٽنگجي ويا، چيم ”فريال اها محبت ئي ڪهڙي، جنهن ۾ حاصلات هجي!... اڻ مَئي ۽ اکٽ- محبت لاحاصل آرزوئن جي پيداوار آهي- تون مون کي گهڻو وقت اڳ ڇڏيو هو، هاڻي به ڇڏي وڃ!!...“
    هوءَ ڪالهه منهنجي نه ٿي هئي. اڄ مان هُن جو نه ٿيو هئس- نه رڳو اهو، پر مون ڏي پريت به نه موٽي- ڇو ته مان هڪ رنڊي جي عشق ۾ بدنام ٿي چڪو هئس!!
    **


    Green Signal _ Red Signal

    سنجها ٽري ته معصوم آڪاش جي ڀيانڪ چيخ تي زال مڙس ڇرڪ ڀري جاڳي پيا_
    ”ڇا ٿيو منهنجي جگر کي_“ معصوم جي ماءُ تڙپي اُٿي_
    ٻار جا ٻرڙوٽ زورن تي هئا_
    ”ڇو ٿو روئين؟_ پيٽ ۾ درد اٿئي؟“
    _ ٻار ماءُ جي منٿ ۽ عاجزي کان بيخبر!
    ”پاڻي گهرجئي؟“
    ”...“
    ”بوتل؟“
    ”...“
    ”جوُس پيئندين _ جُوس“
    معصوم جا ٻرڙاٽ ويا ٿي وڌندا
    ”بس به ڪرائينس_“
    مڙس جي کَهري آواز تي هوءَ وري آڪاش کي ريجهائڻ ۾ لڳي وئي، پر درد جي شدت ۾ تڙپندڙ آڪاش کي ماٺ بنهه نه هئي_
    ”صدورا“
    ”هان!“
    ”ڪيترو چيومانءِ_ پٽ جو سٺي ڊاڪٽر کان علاج ڪراءِ!... معصوم ڪيڏو تَيسعو ڪاٽيو آ!!... سرڪاري اسپتال جي ٽِڪي ڦوٽي مان ڪو فائدو نه ٿو پوي_ معصوم سان حالت پاڻ ڏسين ٿو...!!“
    ”ڀاڳل مان ڇا ڪيان؟... ٽن _ چئن ڏينهن کان مزدوري به نه ٿي لڳي، خالي واپس ٿو موٽي اچان...!!“
    ممتا جا نيڻ ڇُلڪي پيا_
    سڪيلڌي پٽ جي پيڙاکي پرکي هوءَ خود پيڙاجي پاتال تائين پهتي ”خدا ڪنهن کي مجبور نه ڪري... مجبوري ئي مجبوري، هيءَ به زندگي آ... اولاد پيءُ ماءُ جي اڳيان تڙپندي رهي ۽ هو سندن علاج نه ڪرائي سگهن ...!!!“
    ”ڇا ٿي سوچين؟“
    ”ڪجهه به نه صدورا!!... سوچيان ٿي مالڪ جو ڏنو ايترو هجي جو ڪنهن جو محتاج نه ٿجي!“
    ”سچ ٿي چوين!“
    ”هن ڀيري ڪنهن مِٽَ يا دوست کي آزمائي ڏسُ؟“
    ”ڪنهن کي ڏسان؟_ڪلهه دوڪان واري اَٽي جا ٻه ٽي ڪلو اُڌار تي نه ڏنا!!“
    ”سڀاڻي ڪٿان ٻه ٽي سئو هٿ ڪر_پٽ جو ايڪسري ڪرايون!“
    ”ڪيڏانهن اچن پئسا؟“
    _؟؟؟_
    سڄي رات معصوم آڪاش کي آرام نه آيو. صدورو پنهنجي مُفلسي تي ڏاڍو فڪرمند ٿيو_
    ...
    باک مهل صدورو، ڀاڳُل کي ڪنهن دوست کان اوڌر وٺي اچڻ جي آٿت ڏئي گهر کان ٻاهر نڪري ويو ته دير تائين نه موٽيو_ ڀاڳل کان معصوم جي تڙپ ڏٺي برداشت نه ٿي، هوءَ پاڙي مان پنجاهه روپيا اوڌارا پَٽي سرڪاري اسپتال هلي وئي_
    اسپتال پهچندي ماڻهن جي هجوم کي ڏسي هُن رستي ويندڙن کان پڇي ورتو:
    ”اَبا ڇا ٿيو آ؟“
    ”پوليس هڪ ڦورو ماريو آ!“
    ”ڪڏهن ابا؟“
    ”صبح سويري!“
    ”ڪاٿي ماريائون؟“
    ”شهر ۾! ... ڏينهن ڏٺي جو ڦُرِ ٿي ڪيائين!!...“
    ”آهي ڪير؟“
    ”سڃاڻپ نه ٿي اٿس... چون ٿا هن ئي شهر جو آهي!!“
    ”ماڻهو آدم خور ٿي ويا آهن!“
    ”ڏينهن جو مزوري_ رات جو ڦرون ۽ ڌاڙا!!“
    ڀاڳل جي دل زور سان ڌڙڪڻ لڳي!... هوءَ تڪڙا قدم کڻي لاش جي مٿان اچي بيٺي:
    ”منهنجو صدورو!“
    ڀاڳل کان دانهن نڪري وئي_
    هوءَ ننڍڙي آڪاش کي پَٽَ تي ويهاري صدوري جي لاش کي چنبڙي وئي_
    سڀني هجوم ڪري بيٺل ماڻهن جون نظرون اچانڪ ڦورو ڄاڻائي ماريل نوجوان تان هٽي سامهون گرين ۽ ريڊ سنگل ٽوڙي ايمرجنسي سائرن وڄائيندي ايندڙ پَنجَ اَٺ پوليس موبائلن طرف کڄي ويون، گاڏين جي بيهندي هڪ اعلي پوليس آفيسر وڌي اچي لاش جي مٿان بيٺو_
    ”سَرِ هن ڦورو جا وارث ظاهر ٿيا آهن، هن عورت جي بياني مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن عورت کي وڌيڪ ڦورن جي خبر آهي_
    ”ها مائي هاڻي ٻڌاءِ، ڦورو تنهنجو ڇا لڳندو هو؟“
    ” منهنجو مڙس هو_ پر ڦورو نه هو_ پُٽ جي علاج لاءِ دوستن ڏي پئسن جي اوڌر لاءِ ويل هو...“
    ”ڪهڙن دوستن ڏي ويو هو؟“
    ”مون کي خبر ناهي؟“ (سڏڪندڙ آواز جي گونج ۾!_)
    ”پڪڙيو رَن کي ڦوروءَ جي زال آ_ سڀ سچي ڪندي_“
    پوليس آفيسر جي حڪم تي ڀاڳل کي موبائل ۾ اڇليو ويو_ سڀ گاڏيون هڪ ڀيرو وري گرين ۽ ريڊ سنگل جي فرق کان بي خبر سائرن ڏينديون گم ٿي ويون_
    _پوئتي معصوم آڪاش جون ريهون اسپتال جي ديوارن سان ٽڪرائجي خاموش ٿي ويون!!
    ***


    سهڻي

    سهڻي سائي گاهه جا چار ڪانبا ڏاڍي مشڪل سان لُڻي پورا ڪيا_ گهاٽين ۽ قد آور سارين مان هوءَ بوُبَڪَ، ڳَنڍيرُ، ڪَلُ ۽ سانئون چونڊي ٿڪاوٽ ۾ چوُرِ ٿي پئي ۽ ڄنگهون ڏڪيس پئي_
    _جهٽ بعد_
    هُن گاهه جي ڀري لُڻي پوري ڪئي ته سُڪل ٻني تي بوڇڻ وڇائي گاهه سَٿِڻُ شروع ڪيو_ گاهه جي ڀري سَٿيندي هن پهريان پنهنجي چهري تي پکڙيل پگهر کي ساڄي هٿ جي هڪ آڱر سان صافُ ڪيو ۽ پوءِ سڌي ٿي بيهي ڊگهي نهار سان پنهنجي ڪراڙي سهري ساوند ڏني کي ڏٺو، جيڪو اَٺاس جي مٿئين پاسي زمين جي آوهاندن کي ٺاهڻ ۾ مشغول هو.
    سُهڻي سَهري کي آواز پڄڻ کان پَرڀرو ڏٺو ته هٿ ۾ ڏاٽو اُڀو ڪري کيس اچڻ جا لاڳيتا اشارا ڏنا _
    سهڻي جي سهري واپسي ۾ دير ڪئي ته هوءَ پلٿي ماري هيٺ ٻَني تي ويهي رهي، جتي هن جا خيال ڏاٽي جي ڳَن ۾ سمائجي ويا.
    _ ميهارُ مينهن جو ڌنار ته اڳ ۾ ئي هو، پر جڏهن کان سهڻي جو وَرُ بنيو، تڏهن کان پڪو ميهار بنجي ويو_
    ”ميهار“
    ”چئهُ“
    ”ڪُنڊڙي مينهن يَمَ تي آئي آ، هن ڀيري ته منهنجو چوڻ مڃجان نه!“
    ”ڪهڙو چوڻ؟“
    ”هڪ باکڙي مينهن وٺي، باقي پئسن مان والا ٺهرائي ڏجانءِ“
    ”وقت اچي ته ڏسنداسين“
    _ ڪالهه واپاري هُنن جي ڪُنڊڙي پورو هڪ لک روپيه روڪ ڏئي ڪاهي ويا_ اڄ سوير ميهار ڪجهه پئسا کڻي شهر ويل هو، جنهن جي حصي جو گاههُ پَٺو ۽ ٻيو ڪم ڪار سهڻي جي پُکي ۾ آيو هو_
    _ سهڻي سَهري جي پهچندي اُٿي بيٺي_
    گاهه جي ڀَري کَڻائيندي هُن جي سَهري کان دانهن نِڪتي ”سهڻي! ايڏي وڏي ڀَري نه کڻندي ڪَرِ_ ڪٿي سَنهن ٻَنَنِ سان گهمندي تِرڪي نه پئين!!“
    ”اَبا ڍورن جا ڪُلُ آهن ته ڏهاڪو بُونبا_ گهر جا سڀُ بار انهن تي آهن، جن جي خدمت ميهار نه ڪندو ته مون کي ئي ڪرڻي پوندي_ مان نه ڪنديس ته مال متاع جي ٻيو ڪير ڪندو!“
    سهڻي وزنائتي ڀَري کڻي پاڻ سنڀاليندي اچي گهر پهتي_ ٻه چار پل ساهه پٽي هوءَ وري ڪم ڪار حوالي ٿي وئي_ هٿَ مشين تي ڪُترِ هڻي ٻاهران بُهَه جي کوڙي مان بُههَ جي ڀري کڻي آئي ۽ پوءِ نلڪو گيڙي هوءَ واري واري سان سڀني ننڍن وڏن ڍورن کي پاڻي پياري واندي ٿي ويٺي_
    جنهن بعد _
    سُهڻي آئيني جي اڳيان سينگارجي اچي بيٺي_ نراڙ تي تِلِڪَ جو نشان ٺاهيندي هُن پنهنجو پاڻ کي غور سان ڏٺو_
    وڏا واسينگ وار_
    نَڪَ ۾ ڦُلي_
    ٻانهن ۾ شيشي جون جرڪندڙ چوڙيون_
    چپن تي مُرڪ_ مرڪ جو ورلاپُ:
    ”سهڻي تنهنجي سونهن بد نظر کان بچي_ ڇا ته جواني ٿي ۽ ڇا ته مرڪ؟!“
    هوءَ آئيني جي وڌيڪ ويجهو وئي_ اڇا موتين داڻا ڏند_ ڳل جو چُگههُ ۽ ڊگهي ڳچي جي نِکار جوڀن رت جي ٻورَ جي خوشبوءِ سمان_! سهڻي خيالن جي وهڪري حوالي_
    اچانڪ سهڻي جي اکين تي هَٿَ اچي ويا_
    ”ڪير؟“
    سهڻي جي دل جو ڌڙڪو تيز ٿي ويو_
    اوچتو آيل وجود سوڙهو_ سفا سوڙهو ٿي، سهڻي جي اکين کي هٿن جي تِريُنِ سان اڃان تائين بند ڪري بيٺل هو_
    _اکين ۾ ترورا_ اوندهه_
    سهڻي جا هٿ بند هٿن جي ڇهاءَ کي پَرکڻَ لاءِ آتا:
    ”اکين تان هٿ کَڻُ ميهار_ سهڻي پنهنجي ميهار کي نه سڃاڻندي ڇا؟؟“
    _ ٽهڪڙا_
    ”اورتي اچ سهڻي_“
    ”ڇو؟“
    ”توکي پنهنجن هٿن سان والا پارائيندس_“
    ”مان تنهنجي حوالي ميهار!“
    ”اڃان ويجهو اچ سهڻي“
    ”والا پارائڻ ٿو چاهين يا ڀاڪر؟“
    ”والا به _ ڀاڪر به!“
    ”تون پنهنجي حصي جو ڀاڪر پاءِ _ والا مان شام پاڻ پائيندس“
    ”شام جو ڇو؟ هاڻي _ هاڻي!!“ ميهار جي موڊ ۾ ماڻا پئي جَهلڪيا_
    ”ڪَننِ ۾ ڪِرِڙَ جون ڪاٺيون پيل آهن، شام جو ڪڍي ڪَن صاف ڪري پائينديس“
    ميهار سهڻي مان هٿ ڍرا ڪري مينهن جي واڙي ۾ آيو_
    ڀوري وڇير ۽ گوشي مينهن هن کي ڏسي ڪِڻڪون ڪيون_
    _ هُن سُڪي پلال جو ڀاڪر ڀري سڀني ڍورن کي ورهائي ڏنو_
    ميهار واڙي مان ٻاهر نڪتو ته ڪُراڙي پيءُ ساوند ڏني جي اڳيان اچي بيٺو_
    ”ميهار پُٽ_“
    ” جي اَبا!“
    ”ٻنيءَ ۾ پاڻي نه هو_ سُڪي پَئي_“
    _ ميهار ڪوڏر ڪلهي تي ۽ هٿ ۾ لٺ سنڀالي، زمين جو پاڻي ورائڻ لاءِ اَٺاسَ جا ٻَنا لتاڙيندو واٽر جي مُنڊي تي اچي پهتو، جتي ڪوڏر سان کوٽائي ڪندي هن کان دانهن نڪري وئي. هو يڪدم ڪوڏر کي پاڻي ۾ ڦٽو ڪري ٻاهر نڪري آيو_
    _ هن جي پير جي کُڙي ۾ ڪنهن بَلا جو چَڪُ پاتل هو_
    _ميهار جي دل خوف ۾ زور سان ڌڙڪڻ لڳي_
    _ هن پاڻي ۾ واپس وڃي ڪوڏر کي سنڀالڻ گهريو، پر دل جي خوف ورائڻ تي دل نه جَهلي هو آخري نگاهه سان وهندڙ پاڻي کي ڏسي گهوڙي تالَ گهر موٽيو_
    ”سهڻي!... او سهڻي الائي ڪهڙي بَلا ڏنگيو آ“_
    _ سهڻي کان دانهن نڪري وئي ۽ هوءَ پنهنجي ميهار جي مٿان اچي ڪِري_
    ميهار جون اکيون ٻوٽبيون ٿي ويون_
    ”ميهار_ او_ ميهار پنهنجي سهڻي کي آواز ڏي... تنهنجي سهڻي توتان صدقي!!“
    سهڻي جي ڪيهاٽن تي سڄو ڳوٺ اچي ڪَڙڪِيو_
    ”ميهار جي رنگ کي ڏسو_ ڪاراٽيل_“
    ”نانگ جي ڏنگ ۾ اهڙي حالت ٿيندي آ_ جلدي ڪيو ڄنگهه کي ڇِڪي ٻَڌوس_ زهر مٿي نه وڃي“
    ”منهنجي ميهار کي بچايو“ ميهار جي پوڙهي پيءُ ساوند ڏني جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا ”ميهار! منهنجو اڪيلو سهارو ۽ اکين جو تارو آ!!“
    _ سڀني جي اسرار تي ميهار کي اسپتال نيو ويو_
    ڳوٺاڻا موٽي آيا ته چُپ هئا_
    ”منهنجو ميهار؟“ سهڻي تڙپي اٿي
    ”اچي ٿو!“
    ”پنڌِ؟“
    ”نه!“ ڪنهن هڪ ڳوٺاڻي جو آواز آيو ”ايمبولينس تي!!“
    سهڻي جي مٿان وڄُ ڪڙڪي پئي ۽ هن جون سڀ خوشيون شيشي جي چوڙين جيان ٽٽي ڀورا ڀورا ٿي ويون_
    **


    بدليل موسم جو ڇيههُ

    هُنن جي دوستي جو ڪو ڇيههُ ئي نه هو _ کائڻ _ پيئڻ ۽ چوڙِڻَ تائين هڪ جَهڙائي ڏسي دنيا مٿنِ رشڪ ڪندي هئي، صبح کان رات ٿيڻ تائين سارو ڏينهن گڏ هوندي کين وقت گذرڻ جو فڪر ئي نه هو_
    ”دوستي هجي ته اهڙي، جنهن ۾ ڪو غرضُ ۽ انا نه هجي“
    ”دوست آهن يا هڪ پيءُ جا پُٽ“
    ”صبح ٿئي ته ٽهڪڙا ڏيندي اچي گڏجن _ وڃي سج لهڻ تائين ڇڄي ڌار نه ٿين!“
    ”هڪ ڀيري موٽرسائيڪل هلائيندي، ايڪسيڊنٽ ٿيا_ هڪُ معجزاڻي طور زخمي ٿيڻ کان بچي ويو ۽ ٻيو سخت زخمي ٿي پيو!...“
    ”پوءِ؟“
    ”حادثي کان معجزاڻي طور بچي ويل دوست، ٻئي زخمي ٿيل دوست کي ڀاڪرن ۾ کڻي اسپتال پهچايو، جتي هُن پنهنجي خون جي قرباني به ڏني!“
    ”مطلب ته ٻنهي جو رت گروپ به ساڳيو آهي“
    ”ها بلڪل“
    ”اهڙي دوستي قدرت جو تحفو هوندي آهي!“
    _ سج اڀرندي _
    ٻئي دوست هڪ ٻئي سان ڀاڪرين ملي حالي حوالي ٿيا_
    ”ڪاشف ڳالهه ته ٻُڌُ!“
    ”ٻڌاءِ عدنان؟“
    ”هڪ ڇوڪري تنگ ٿي ڪري“
    ”نالو ڇا ٿَسِ“
    ”نه ٿي ٻڌائي!“
    ”ڀلا چوي ڇا ٿي؟“
    ”پيار جا ناٽڪ ٿي رچائي ... رات جو يارهين وڳي کان پوءِ فون جي مٿان فون اٿس...“
    ”مان به چوان تنهنجي ٺاڪِ ڦوڪَ ۾ روز ڇو ٿي تبديلي اچي، هاڻي خبر پئي ته سڀ پَريءَ جي پاڇي جو ڪمالُ آهي“
    ”ڪاشف! پليز ٿورو سنجيدو به ٿي، مان الجهن ۾ ڦاٿو آهيان“
    ”ڪهڙي اُلجهنِ ۾؟“
    ”اڄ هن ملڻ جو انجام ڪيو آ_“
    ”ڪٿي_ ڪهڙي جڳهه تي!“
    ”شاپنگ بهاني ريشم گلي ملڻ ايندي!“
    ”ڪهڙي پَڪَ آ ته ايندي!“
    ”ضرور ايندي!“
    ”تون ڪيئن سمجهيو؟“
    ”ملڻ جو ٽائيم اُن پاڻ ڏنو آ_“
    ”پوءِ پڪ سان ايندي!“
    ”پوءِ ڇا ڪجي؟“
    ”پيرُ پوئتي نه ڪبو_ هلبو!“
    ”وچ شهر ۾ ڪو ڏسي وٺي ته...؟؟“
    ”ڪنهن کي ڪهڙي خبر ڪنهن جي ڇوڪري آ_ اسان سان هوندي ته لوڪ اسان جي سمجهندو!!“
    ”پوءِ به احتياط ضروري آهي_“
    ”پوءِ تون هيئن ڪر، جهٽ ترس ته مان پنهنجي بچاءِ طور گهران ريوالور کڻي اچان_“
    ”تڪڙو وڃي موٽي اچ_“
    ڪاشف گهر ويو ته جلدي موٽي آيو_
    _ منجهند ٽاڻي_
    عدنان ڪاشف کي وٺي ريشم گلي پهتو_ عدنان پنهنجي موٽرسائيڪل کي سائيڊ تي بيهاري موبائل تي گهربل نمبر ملائي آهستي ڳالهايو:
    ”ڇا ٿيو! ڪٿي پهتئينءَ؟!“
    ”ريشم گلي ۾ تنهنجو انتظار آهي!“
    ”مان ته سامهون بيٺو آهيان!“
    ”سامهون به ڪٿي؟“
    ”سونارڪي دوڪان اڳيان_“
    ”اوڪي مان پُهتيس!“
    _ عدنان هُن جي ويجهو وڌي آيو_ لال گلابي وڳي ۾ ڍَڪيل ڇوڪري هُن کي ڏسي مسڪرايو_ اکين جي ميڇنِ جو ٽڪراءُ...!!
    اُن ساعت ئي _اوچتو سندس دوست جي هڪل گونجي_
    ”نه ويندين...؟“ منهنجي ڀيڻ سان...!!“
    _ ٻنهي دوستن جي دوستي داءُ تي لڳي وئي_
    _ ٻه فائر ٿيا_
    ريشم گلي ۾ موجود ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي!
    **


    پرڻو

    صنوبر کي ڪنهن جي عزت جو ذرو به خيال نه آيو_ هن عشق جو ٽپو ڏئي سڀني رشتن تي ليڪا ڦيري ڇڏيا!!... خلق خدائي ۾ ٿيل رسوائي سندس پيءُ ماءُ ۽ ڀينرن کي وڏو صدمو رسايو_ هو جڳ ۾ ڪنڌ کڻي هلڻ جهڙا نه رهيا!!
    وڏور ۽ هنرمند ڌيءُ جي معزز پيءُ گهران نڪرڻ ڇڏي ڏنو_ باقي نوجوان ڀاءُ جي اک سڄي جهان ڪڪڙي ڏٺي، چيائون ”ڀاڄوڪڙ ۽ اُن جي بي پرواهه يار کي اهڙي سزا ملندي جو دنيا مثال ڏيندي!!
    اڳلي مهيني _
    پسند جي پرڻي جو ڪيس کڻي، ڀيڻ ڀاءُ جي خوف کان ڪورٽ هلي وئي_ سندس ڀاءُ کي سڏ ٿيو _ ڪورٽ جي وڪيل گهڻي قانوني پٽاڙ ڪئي، نوجوان ڪٽهڙي ۾ ايندي پراعتماد نوع ۾ ڳالهايو:
    ”جج صاحب! ڳالهه اها ڪونهي ته مان ڀيڻ جو دشمن آهيان_“
    ”باقي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“
    ”ڳالهه اها آهي ته پسند جي پرڻي جو حَقُ ڪنهن _ ڪنهن کي آهي؟“
    ”سڀني کي آهي!“
    ”بنا ڪنهن رڪاوٽ جي“
    ”ها“
    ”جج جي ڌيءُ کي به!؟“
    _ سڄي عدالت ۾ خاموشي ڇائنجي وئي_ پويان ڪاري چادر ويڙهي نقا ب ۾ آيل جج جي نوجوان ڌيءُ، مُنهن تان چادر هٽائي وڌي اچي ساڳئي ڪٽهڙي ۾ بيٺل نوجوان جي حق ۾ پرڻي جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو!!
    ***


    ڏاڙهي جي پَتِ

    سج لٿي کي ٻه اڍائي پهر گذريا ته ڏنو وڙهسان_ وڙهسان ڪندو گهر موٽيو_
    ”ماني ڏي؟“ کٽ تي آهلندي ئي هن پنهنجي گهر واري شهزادي تي حڪم هلايو_
    ”ڪونهي!“
    ”ڇا ٿي چوين؟“
    ”ناهي پچائي!“
    ”ڇو؟“
    ”اٽو نه هو پاڙي جي گهرن مان اڌارو پٽي تنگ ٿي آهيان_ هاڻي ڪوبه نه ٿو ڏي _“
    ”پاڙي مان ئي ڪو پڪل ٽُڪُرُ ڳَڀو وٺي اچ، بُک ستايو آ_ “
    ”ڪنهن کان وٺان_ سڀ پوءِ ڊاوا ٿي ويا آهن_ ماني ڳڀو ڏئي سَهائي ساهُه ٿا ڪڍن!“
    ”ٻارهوئي انڪار_ ڪٿان سکي آهين؟“
    ”اهو ٿُڪَ لعنت جو ٽڪر وڃي پاڻ وٺ، تنهنجي پرڪارن فقيرن جيان هٿ ٽنگڻ تي مجبور ڪيو آهي_ هاڻي بُک ڪاٽبي، پر ڪنهن جي اڳيان مجبور نه ٿبو!“
    ”تنهنجي ته ماءُ کي!... ڀيڻ کي...“
    ”منهنجي مئل ماءُ کي گار نه ڏي_ پنهنجي ماءُ ڪيڏي پياري اٿئي؟!“
    ”هڪ گار ڇا ڏهه گاريون ڏيندس_ تون ڇا_ ڪندين؟“
    ٿورو اکين ۾ حياءُ ڌار، سڄي زندگي اُن توکي پٽن جيان ڏٺو!“
    ”بيهودي رَنَ_ مون سان هُدريون ٿي ڏين!“
    ”هُدريون ناهن، سچ ٿي چوانءِ_ ماڻهو اکين هوندي انڌو نه ٿي_“
    ”مان انڌو هان؟... هان؟؟...“
    _ ڏني کي زال جي خودي تي ڏاڍو غصو آيو، هُن ڊڪي وڃي لَٺِ ۾ هٿ وِڌا_
    _ زال مڙس جي تڪرار وچ ۾ گهر ڀاتين ڏني جي ڪاوڙ جي ڊپ ۾ ڪا ها هَڙِ هُوهَڙِ به نه ڪئي، گهر جا سڀ ڀاتي ڄڻ جاڳندي به اگهور ننڊ ۾ هئا_ جوئا جي اڏي کان ناڪام ٿي هارائي، موٽي آيل ڏني جي لٺ پنهنجي سهڻي سيبتي زال شهزادي جي مٿان اُڀي هئي_
    ”پهريان منهنجو ڏوهه ٻڌاءِ، پوءِ ڀلي وڙهه!“
    _ هڪ لٺ!... ٻين ... ٽين... وسڪارو_
    ”او جوئاري مار ڪا پوئي ماڻهو آهيان، جانور سمجهي نه وڙههُ...!
    _ زال مڙس جي جيهڙي ۾ هڪ لٺ ننڊ ۾ ستل معصومِ کي لڳي_ شهزادي کان پنهنجي ڌڪَنِ جو فڪر ڇڏائجي ويو ۽ هوءَ معصوم نياڻي جي مٿان وڃي ڪري_
    _ ڏني جي ڪاوڙ اوج تي هئي... ستين... اٺين... نائين... ۽ ڏهين لٺ لڳندي شهزادي آهلجي پئي، چيائين! ”جوئاري خدا پُڄندئي_ مٿو ڦاڙي وِڌئي!!“
    شهزادي جي مٿي ۾ ڦاڙُ ٿي پيو_ خون سندس اڻڀن وارن کي آلو ڪري ڌرتي تي پکڙجي ويو. شهزادي جي دانهن خاموشي جي وَرِ چڙهي وئي!
    سڄي گهر جي ڀاتين جڏهن جوئاريءَ کي گهر مان نڪري ويندي ڏٺو ته مِڙي اچي شهزادي جي مٿان بيٺا_
    ”پيءُ ماءُ جو نافرمان_ خدا ڪندو لوڙيندو ۽ لهندو!... يارن جون ڪسران ٻارن مان ٿو ڪڍي... هن بيگناههِ ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟“ شهزادي جي سَهري جا پوڙها هٿ به ڏڪيا پئي، چيائين ”هن عورت کي شابس آ، جنهن ويچاري جَاليو اٿس، ٻي ڪا هُجي ها، اڳيان باهه ۽ پويان ڀت ڏسي بَرِمُنهُن ڪري ها!“
    بيهوش شهزاديءَ جي مٿان ڪُراڙي گهاگهري پاڻي جي هاري، پر هُن کي ڪابه سامت نه آئي_
    ”ڏنا_ بيپيرا_ قهر ڪري ڇڏيئي!“ ڪُراڙي پيءُ جي دانهن تي ڏنو پويان پير ڪري موٽي آيو ۽ هُن ڊوڙي وڃي شهزادي جي نبض کي پڪڙيو_ خوف جا ڪيئي تِرورا هُن جي ورن ورن ٿيندڙ چهري کي ظاهر ڪري بيٺا... قانون جون ڪال ڪوٺڙيون... سزا... عمر قيد!... ڦاسي...!!! ... خوف جي اُن عالم هُن جي زرد سوچن ۾ هِدُو ڊوڙي آيو_
    **
    _ جوئا جي پاٿاري تي_
    _ ڪيترائي دفعا ڏني ”جي ڀاڳ الائي ته ڪيترن بدبختن کي راتاها ڏنا هئا_ هڪڙو هِدوُ ئي هو، جنهن جي ڀاڳ اڳيان هن جي قسمت اڀاڳي هئي!... پنجن هزارن کان ڏهن هزارن جي داءَ تائين لڙائي ڪندي هُن پنهنجي رُٺل قسمت کي پرچائڻ جا هيلا هلايا هئا_
    ”راڻي ٻاهر!“ ڏني ته مسلسل شڪست حاوي هئي،”باشو راڻي کي سرچائيندو!...گولي جو غلام آهيان!!... ڇڪي سان ڀاڳُ آزمائبو!!... دُڪي ٻاهر!!... “
    ”واهه ڙي ڏنا تنهنجو نڀاڳ... توکان تاش جا پتا به بِرُ!“ قطار ڪري بيٺل جوئارين جي ٺٺول تي ڏني جي اکين جا تيوَرَ مٽجي ويا، چيائين ”هِدوُ منهنجون اکيون مُنڊيون آهن_ هُن جي رهيل اوڌر ڇُٽي!“
    ”ڇو ڇُٽِا؟ پئسا تنهنجو پيءُ به ڏيندو_“
    هِدوُ جي هَڪل تي ڏنو بُشڪا ڇنڊي اُٿيو_ ماڻهن جي هڪل تي هدُو ته کڻي ماٺ ڪئي، پر ڏني آسمان مٿي تي کڻي راند جو ميلو ڦٽائي، دنئوسَ کڻي گهر موٽيو هو.
    شهزادي جي خاموش وجود کي ڏسي ڏني جي اکين ۾ هدُو کان پلاند وٺڻ جي سوچ اُڀري، رات جي سانت ۾ آواز بلندي ڪري چيائين ” مان جوئاري ضرور آهيان، پر ڀڙوو نه!... هدُو ڪارو ڀڄي ويو_ ڪاري رَن جون ٻوٽيون کاڌيون اٿم!!“
    _ سڄي گهر ڀاتين جو پِٽڻو بند ٿي سُس پُسِ ۾ تبديل ٿي ويو، چيائون ”مڙس جي نافرمان رَنَ پنهنجي پيءُ جي ڏاڙهي جي به پَتِ نه رکي!!!“

    ***


    امن جي نگري

    ڪنهن نه ڄاتو هو ته سٺ سالن جو پوڙهو پروفيسر ڪهڙي اميد کڻي ڳوٺن جي ٻهراڙي اچي وسائي هئي؟ شاگردي جي دور کان پرائمري استاد ٿيڻ تائين هُن ڳوٺن جي ڳلين ۾ زندگيءَ جا بيشمار ڏينهن گهاريا هئا ۽ پوءِ اڇن وارن پوندي پنهنجي ذهانت تي جڏهن هُن پي _ ايڇ_ ڊي ڪري پروفيسر ٿي، شهر وسايو هو ته وري واپس نه موٽيو هو_ هُن جو خيال هو ته ”ماڻهو جتي به ۽ جهڙي به عُهدي تي هجي، اتي ئي پنهنجي ذميوارين کي خوب نڀائي!“
    پروفيسر اڄ کان ڪافي سال اڳ جڏهن پرائمري استاد هو، تڏهن به هُن سوين شاگردن کي پڙهائي، انهن جي بنيادي تعليم کي اهڙو ته مضبوط ڪيو هو، جو پڙهائي سان بي انداز محبت ڪندڙ شاگردن جي دلين ۾ اڄ به هُن جو نانءُ سندن دل ۾ منفرد اظهار طور سمايل هو، جنهن بعد ”امن جو استحڪام ۽ دنيا جي بدلجندڙ صورتحال؟“ واري موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪندي هو پروفيسر بنجندي به پنهنجي تعليم کي فروغ ڏيڻ واري خواب سان سلهاڙيل رهيو...اجتماعي ۽ انفرادي سوچ جو مالڪ... کلڻو ملڻو... منفرد اسٽائيل ۾ ڪلين شيو، وڏا سفيد وار رکڻ ۽ نيلسن منڊيلا، مهاتما گانڌي ۽ مارٿل لوٿر ڪنگ جي شخصيت کي پسند ڪندڙ پروفيسر جي پنهنجي نمايان سڃاڻپ هئي، دنيا جي تاريخ کي درست انداز ۾ سمجهڻ ۽ پاڙهڻ تي عبور رکندڙ پروفيسر جي نظرين جي نرالپ سڄي ديس جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ مشهور هئي.
    دنيا جي وجود ۾ اچڻ جو ڪهڙو ڪارج هو؟... دنيا جي دوزخ کي جنت ڪيئن ٿو بڻائي سگهجي؟... پهرين عالمي جنگ کان ٻي عالمي جنگ جي ڇڙڻ ۾ ڪنهن ڪنهن جي غلطين کي تاريخ جي بياني ۾ آندو ويو ۽ ڪنهن جون غلطيون تاريخ جي ورجاءَ کان ٻاهر رکيون ويون؟ يا پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ جي جنونيت ۾ مذهبن جي پوڄارين، انسانيت جو ڪيترو سستو خون وهايو؟؟
    بيشمار خوبين جي ڌڻي پروفيسر وٽ جن شاگردن ۽ شاگردياڻين تعليم پرائي سي اڄ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تاريخ ۽ امن جا ڄاڻو بنجي پروفيسر جي نظريي کي عام ڪري رهيا هئا... انهن ڪيترن ئي سگهاري سوچ رکندڙ، ادارن جي سربراهن جي حيثيت ۽ عهدا ماڻيندڙن جو استاد پروفيسر يونيورسٽي مان رٽائر ٿيندي ئي پنهنجي ڳوٺ جو رُخ رکيو هو...!!
    ”ويچاري پروفيسر آخر ٻهراڙيءَ ۾ ڇا ڏٺو، جنهن ڪري هُن شهر جي سهولتن ۽ سڪون کي ٺُڪرائي ٻهراڙيءَ جي ماحول ۾ واپسي کي يقيني بنايو!!“
    ٻهراڙيءَ جي هر ماڻهو وٽ پروفيسر لاءِ بيحد عزت ۽ احترام هوندي به کوڙ سارا سوال هئا، جنهن جي جواب ٻڌڻ لاءِ هو پروفيسر جي چوءَگرد قطار ڪري ويٺل ۽ بيٺل هئا.
    هي پروفيسر ديس جو واحد نمايان پروفيسر هو، جنهن جي اڳيان انسان جي اَنا ڪابه اهميت رکندڙ نه هئي_
    ”پروفيسر صاحب هن دنيا تي انسان ڇو موڪليو ويو؟“ پروفيسر جي اڳيان اوطاق ۾ ويٺل عام ڳوٺاڻي جو سوال سامهون آيو ته هُن جي چپن تي مرڪ نمايان ظاهر ٿي پئي، چيائين ”انسان ماڻهپي جو امين به آهي ته بيحد خطرناڪ به...! انسان کان اڳ ۾ بد صورت ڌرتي ايجاد هئي، جنهن کي خوبصورتي جو ويس ڍڪائڻ لاءِ خلقڻهار کي انسان جي پيدا ڪرڻ جي ضرورت پئي ۽ پوءِ هُن کوڙ اسباب ٺاهي انسان جي ڍانچي کي پيدا ڪيو... انسان ئي پنهنجي خدمتن ۽ محنتن سان هن ڌرتي کي رنگينن جو ويس اوڍايو...!!“
    ”انسان اصل ۾ آهي ڇا؟“ هڪ ٻئي ڳوٺاڻي جي سوال تي پروفيسر ماٺ ٿي ڏانهنس ڏسڻ لڳو، جهٽ رکي چيائين ”انسان فطري طور تي جانور آهي، هن جي هر حَسَ ۾ جانور واريون عادتون سمايل آهن، پر... پر علم جي دانائي انسان جي لاشعور کي شعور جي ڏانءُ ۾ تبديل ڪيو، علم ئي انسان کي ميٺ، محبت ۽ امن سان رهڻ سيکاريو_ ڪي انسان ڪُتي جي پُڇَ جهڙا سخت دل ۽ سخت مزاج به هوندا آهن!!“
    ”ڪُتي جي اُن پُڇَ جهڙا جنهن کي ٻَارنهن مهينا نَڙَ ۾ وڌو ويو، تڏهن به اوڙهي جو اوڙهو...!“ هڪ ٽئين ڳوٺاڻي جي مثال تي ماڻهن سان ڀريل اوطاق ۾ ٽهڪڙو مچي ويو_
    ”ها ها اهو جهونو درست ٿو چوي!“ پروفيسر ان جهوني ڳوٺاڻي جي جملي جي تائيد ڪئي، جهٽ رکي چيائين ”هن دنيا ۾ ڪُتي جهڙي نفس جي پوئواريت ڪندڙ ماڻهن ئي انسانيت جي جنت کي دوزخ بڻايو آهي... توهان کي خبر آهي ته دنيا ۾ روز نوان ملڪ ڇو ٿا وجود ۾ ايندا وڃن؟ هتي ننڍڙين ڳالهين تي جنگيون ڇو ٿيون ڇڙن؟ سڀ انائن ۽ هٺ ڌرمين جو انجام آهي!... برابري ۽ بالاتري جي تضاد سبب اهو سڀ ڪجهه ٿئي ٿو... تون ڪير_ مان ڪيرُ_ واري جهالت ڪُتي جي پُڇَ جهڙي ئي آهي!!“
    سڄي اوطاق جي ماڻهن کان هڪ ٻيو وڏو ٽهڪ نڪري ويو_
    ”پروفيسر صاحب، اسان چاهيون ٿا، اوهان هاڻي هن ڳوٺ ۾ ئي حياتي جا باقي ڏينهن گذاريو_ ڇو ته اوهان حياتي جا شروعاتي سال هتي ئي گذاريا آهن، هي ڳوٺ اوهان جو پنهنجو ڳوٺ آهي_“
    ”اوهان مون کان تنگ ٿي ويندوءَ، منهنجون ڳالهيون اوهان کي بيزار ڪري وجهنديون!“
    ”هرگز بيزار نه ڪنديون پروفيسر صاحب!“
    ”پوءِ اوهان کي منهنجي هر جائز ڳالهه کي هر حال مڃڻو پوندو؟“
    ”مڃينداسين پروفيسر صاحب_“
    ”مڙساڻو واعدو؟“
    ”ها مڙساڻو واعدو“
    ”ته پوءِ مان اوهان جي هن زرخيز نگري کي امن جو گهوارو ضرور بڻائيندس... هِتي ڪنهن به ڳوٺاڻي جي هٿ ۾ ڪوبه هٿيار نه هوندو... نئين نسل جي تربيت کي بهتر ڪرڻو پوندو... سهپ سمجهوتي ۽ برابري جي ماحول کي هٿي ڏئي هڪ ٻئي جو احترام سکڻو پوندو... ڏک ۽ سُک ۾ هڪ ٻئي سان حياتي ڀر نڀائڻو پوندو...!!“
    ”سڀ قبول آهي پروفيسر _ سڀ!“
    ”۽ اوهان جي هٿن ۾ ڪا گُليل به نه هوندي، جنهن سان جهرڪين ۽ ڳيرن جا آکيرا غير محفوظ بنجي وڃن ٿا... هي پکي پرندا به امن جا ڳولائو آهن... اهي امن ۾ هوندا ته اوهان به امن سان رهڻ جا خواب ماڻي سهگندوءَ، انهن جا آکيرا محفوظ رهندا ته اوهان جا گهر به سلامت هوندا اهو فطري قائدو آهي_ اوهان ٻين جو خير گهرو ٻيا توهان جو خير گهرندا!“
    پروفيسر ننڍپڻ کان جواني ۽ جواني کان پوڙهائپ تائين امن جا سنديس ڏيندو رهيو... ”پرائو خير ته پنهنجو خير“ واري آدرشن جي سڦلتا ۾ هُن ڏاڍو لوڙيو هو، هر گهڙي غير يقيني واري صورتحال کي تبديل ڪرڻ جو خواب کڻي هُن بيحس معاشري جي اندر احساسن جي رنگت کي منظر عام تي آڻڻ ٿي گهريو، ان ئي مِشِنِ جي تڪميل جا خواب سجائي هو علائقي جي چئن پنجن ڳوٺن تي مشتمل هڪ ننڍڙي نگري ڏانهن واپسي ڪري ڳوٺاڻن جي وچ ۾ ويٺل هو_
    پروفيسر ڳوٺ ۾ رهندي هڪ دفعو وري ڳوٺاڻو ٿي ويو هو، صبح جو اسڪول ۽ شام جو جهولي اناج جي ڀَري خالي ۽ آزاد ميدانن ۾ وڃي پکين جي ٽنڊوالي ۾ مصروف رهڻ لڳو هو، ڪيترائي پکي، ڪَٻريون، ڪانگ، چيها، بُربلا، ڪبوتر، جهرڪيون ۽ ڳيرا هجومن جي صورت ۾ هن جي اوسي پاسي ۽ مٿان اڏامندي سندس پڪي دوستي ۾ شامل ٿي ويا هئا، روز بروز پکين جي ولرن ۾ اضافو ڏسي هن کي ننڍڙي ئي سهي پر هڪ پُرامن نگري جي وجود ۾ اچڻ جو ويساهه پختو ٿي ويو هو، ڄڻ هن جي ٿڪل اکين امن جي شروعات جا آثار پسي ورتا هئا... امن ۽ برابري بحال ٿيندي خليل ڪنڀار جا چٽَسالا ٿانوَ... رحم علي رازي جي محنت سان ٺهيل جايون... ڊاڪٽر علي گل جي شفاياب نسخن... ۽ ٻين ڳوٺاڻن جي پنهنجي مدد پاڻ تحت امن جي نگري پيار، پنهنجائپ ۽ رواداري طور منظر عام تي آئي!!
    صبح جو ٻارڙن ۽ نوجوانن جي تربيت ۽ شام جو پکين جي زندگي ۾ امن ۽ خوشحالي جي ماحول کي هٿي وٺرائيندي هُن پنهنجي سڪون ۽ اوجاڳن کي قربان ڪري ڇڏيو هو_
    بهار جي هڪ شام سڀ ڳوٺاڻا، تڏهن حيراني ۽ دنگ رهجي ويا، جڏهن پروفيسر پنهنجي پينشن جي ڪُلُ رقم غريب ۽ مسڪين ڳوٺاڻن ۾ ضرورت جي آڌار ونڊي ورهائي ڇڏي.
    رات ٿيندي سڀني ڳوٺن جي ماڻهن هڪ وڏي اوطاق ۾ گڏ ٿي ڪچهريون ڪندي پروفيسر جي پنهنجائپ تي حيرانگي جو اظهار ڪيو، تڏهن اوطاق جي وچين کٽ تي ويٺل پروفيسر هڪ هلڪڙو ٽهڪ ڏئي وراڻيو ”انسان جي ڌرتي تي اچڻ جو بنيادي ڪارج هڪ ٻئي جي ڪم اچڻ آهي_ هڪ سُکيو انسان، جڏهن ٻئي ڏکن ۾ گهيريل انسان جي مدد ڪري ته اهو سمجهڻ گهرجي ته هيءَ ڌرتي بيحد خوبصورت آهي ۽ ان جو امن انمول!... يا دوکو! لالچ، نفرت ۽ بدامني جي پروان ٿيڻ سان نه رڳو ڌرتي پر پوري انسانيت جو وجود خطري ۾ اچي وڃي ٿو!“
    آچر جي صبح جو، موڪل جو ڏينهن هوندي پروفيسر پنهنجي شاگردن کي ساڻُ ڪري زمينن ۾ هارپو ڪندڙ ڳوٺاڻن سان فصلن جي پوکائي ۾ هٿ ونڊرايو_ ”منهنجا شاگردو_ منهنجا ساٿيو! غور سان ٻُڌو!...هن ڌرتي کي جنت بڻائڻ جا خواب ڏسڻ اوهان ۽ اسان جي منزل جو حصو تڏهن بڻبا، جڏهن اسان جا پنهنجا هٿ به خوبصورت گلن ۽ فصلن جي آبياري ڪرڻ ۾ شامل هوندا!“
    پنهنجي شاگردن سان گڏ گڏ گهمندي پروفيسر اڳيان ۽ پويان، زمين جي سطح کان ٿورو مٿي پکين جو هڪ ولر اڏامندو ڏسي ڏاڍو خوش هو_ ڪيترائي ڪبوتر هن جي ساڄي ۽ کاٻي ڪُلهي تي چند پل ويهي وري اڏامي ٿي ويا، پر پروفيسر جون نظرون پاڻ کان گهڻو دور رهندڙ ڳيرن ۽ جهرڪين طرف هيون، جن جي ويجهڙائي سان پروفيسر جي امن جو گهرو رشتو هو!
    ”منهنجا شاگردو توهان کي ڳيري پکي بابت ڪيتري ڄاڻ آهي؟“
    ”ٿوري گهڻي!“
    ”پوءِ به ڪيتري؟
    ”ڳيرو تمام سهڻو پکي آهي!“
    ”بس!“ شاگردن جي ماٺ ٿيندي پروفيسر جو آواز بلند ٿيو، شاگردن سان مخاطب ٿيندي چيائين ”ڳيرو سونهن ۾ بظاهر ٻين پکين کان نرالو ته آهي ئي، پر هُن جو مَنُ ڏاڍو ڪمزور هجي ٿو، حياتي وڃائجڻ جي ڊپ ۾ هُن جي سڄي حياتي خوف ۾ گذري ٿي، هن جي ننڍڙين اکين جو پاڻي، سمنڊ جي ڇولين کان وڌيڪ دل کي وڻندڙ هجي ٿو، امن جي نگري کي پنهنجي پسند جو مُستقل ٺڪاڻو بڻائيندڙ ڳيري کي اڄ سڄي دنيا ۾ ناياب سمجهيو وڃي ٿو“
    ”مطلب ته ڳيرو امن جي علامت آهي ۽ ان جو خاتمو ٿيڻ، امن جي پُڄاڻيءَ جو پيغام هوندو!“ هڪ شاگرد پڇيو_
    ”ها بلڪل!“ پروفيسر شاگردن سان گڏ پراعتماد هو _
    امن جي نگريءَ واري قيام ۾ پروفيسر جي ڪاميابي ڏيهان ڏيهه مشهور ٿي_ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪَهي ايندڙ مختلف سماجن جي ذميوار ۽ باشعور ماڻهن پروفيسر جي ننڍڙي امن ڀري نگري کي هر سهولت جو عطيو ڏيڻ کي پنهنجو فرض سمجهي ڪردار ادا ڪيو_ پڪا ڳوٺ، پڪا رستا، نوان اسڪول ۽ صحت گهر جي بلڊنگ جي وجود ۾ ايندي پروفيسر ڳوٺاڻن سان گڏجي ٻهڪي پيو_
    هڪ رات پروفيسر امن نگري ۾ امن جي خواهان دوستن، واسطيدارن ۽ ملڪ جي اعلي آفيسرن جي دعوت ڪئي، امن جي سڄي نگري امن جي روشني ۾ تبديل هئي، سڄي ننگري ۾ امن جا گيت ڳائي امن جي پرچار ڪئي وئي، ان رات پروفيسر پنهنجي ساٿين سان گڏ ڏاڍي سڪون جي ننڊ ڪئي_
    صبح جو پروفيسر جڏهن اکيون مهٽي ننڊ مان اٿيو ئي مَسَ ته امن جي نگري جو هڪ نوجوان ڊوڙندو پروفيسر جي اڳيان اچي بيٺو، هن جي هَٿ ۾ مئل ڳيرو ڏسي پروفيسر جون اکيون چند ساعتن لاءِ لرزي ويون، چيائين ”جڏهن دنيا جي وڏن شيطانن هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ايٽم بم جي بمباري ڪري انسانيت کي رت ۾ رڱي ڌرتي تي قيامت برپا ڪئي هئي، تڏهن به امن جي اميد هئي... جڏهن دنيا جي وڏن ملڪن جي سربراهن ۽ دانشورن خطرناڪ هٿيارن جي ڊوڙ ۾ سڀ کان اڳڀرو بڻجن ٿي چاهيو، تڏهن به امن جي اميد جيئري هئي... پر اڄ جڏهن ڌرتي تي هڪ بي آواز گولي جي نشاني سان امن جي پکي جو موت ٿيو آهي، تڏهن دنيا جو وجود خطري ۾ گهيريل ڏسي مان نااميد ٿي پيو آهيان... ايئن ٿو لڳي ته تمام جلد امن جو سڀ نگريون بدامني جي باهه ۾ سڙي ڀسم ٿي وينديون... سڄي دنيا خطري ۾ آهي... دنيا نه بَچندي!! ... نه... ب... چ... ن... د... ي...!!!“
    ان ڏينهن امن جي اُن نگري ۾ پروفيسر ۽ ڳيري جي سرد وجود کي سندس شاگردن آلين اکين سان هڪ ئي قبر ۾ دفنائي ڳوڙها ڳاڙي ويٺا.
    ***


    بيٺي پيرِ

    اونداهيون شروع ٿيون ته هن سنگت ساٿ سان گڏجي چوري ڪرڻ جي شروعات ڪئي_
    پهرين رات خالي موٽي آيو_
    ٻين رات هڪ رڍ ۽ ٻه ٻڪريون ڪاهي آيو_
    ٽين رات ڪاري ڪنڊي مينهن ۽ چوٿين رات وهڙي سان گڏ هڪ ڳئون ڪاهي ڏاڍو خوش ٿيو_
    خالي گهر چوري جي مال سان ڀري مست ٿي پيو، چيائين ”ايترو وقت اجايو وڃايم... اڳ ۾ جاڳان هان ته سڄي گهر جون وٽيون به سونيون هجن ها_ سونيون!!“
    ”اڙي ٻڌ ته رات جو اونده ۾ ايندي ويندي توکي ڊپ نه ٿيندو آ؟“ چور جي زال مڙس جي ڪارنامن کي ڏسي وائڙي ٿي وئي، چيائين ”صبح سوير تو وارو دوست آيو هو“
    ”ڪهڙو دوست؟“
    ”اهو ربو!“
    ”ڇو آيو هو؟“
    ”تو ۾ ڪوئي ڪم هيس“
    ” ٻيو ڇا چيائين؟“
    ”چيائين چور ته اسان به آهيون، پر تنهنجي مڙس جا ڀاڳ نرالا!“
    چور کان ٽهڪ نڪري ويو، زال کي چيائين ”تون نه مڃيندي آن... سنگت ساٿ پٺيون ٿي ٺپي!!“
    ”اهڙو ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏيندو آن؟“
    ”بندوق کڻي نڪرندو هان ته جن به هَترندا آهن_ڀاڳين کي ڪهڙي مجال جو اڳ وٺن“
    اڳلي مهيني جي اونداهين ۾ چور پنهنجي ساٿين سان وري ساڳي ڪرت ۾ لڳي ويو_ڪا رات خالي نه!... ڍور آڻڻ ۽ ڀونگي تي موٽائڻ جو ماهر ٿي ويو_
    هڪ رات _
    بندوق سڌي ڪري ڀاڳين جي گهر ۾ گهڙيو_ڪتن جي ڀونڪن تي ڀاڳيا جاڳي پيا ته وٺ پڪڙ ٿي وئي_
    ”چور_چور!... پڪڙيونِ... چورن جو گَهٽن تي بيهي اڳ جلهيو!!!“
    ٿوري وقفي بعد_
    چور ۽ ڀاڳيا آمهون سامهون_فائرنگ جي ڏي وٺ_پهريان هوائي فائر_ پوءِ سڌا!
    ”ايلي ڙي مري ويس_!“
    ”ڇو ڇا ٿيو؟“
    ”چورن جي بندوق لڳي وئي!“
    چور ڀاڳين جو گهيراءُ ٽوڙي فرار ٿي ويا_
    رات کُٽي_
    سڀ ڀاڳيا پوليس ۽ پاڳي جي مدد سان جلدي پيرو کڻي هن جي در تائين آيا_
    چور ڀڄي ويو_چور جي زال سوگهي ٿي ٿاڻي تائين گهلي_ چڱا مَٺا وچ ۾ آيا، پر صوبيدار ڪنهن جي نه ٻُڌي_
    ٽاڪ منجهند_
    صوبيدار چور جي زال کي پنهنجي ڪوارٽر تي گُهرايو_
    ”چور جي زال آن يا ڪنهن ڪاموري جي_هٿن پيرن تي ميندي _ اَهَريل پَهَريل...!!“
    ”صوبيدار نئين شادي ٿي آ_“
    ”چور جي نئين نويلي ڪنوار!... شوقين ٿي ڏسجي!!...اسان به گهاٽَ گهاٽَ جو پاڻي پيتو آ... سڀ سمجهون ٿا!!!“
    صوبيدار جي ڀُڻ ڀُڻ چور جي زال تائين پهتي_
    ”ڇا ٿو چوين صوبيدار_ ٿورو ڏاڍيان ڳالهاءِ؟“
    ”پنهنجي مڙس کي سمجهاءِ مائي!...اسان جي حد مان ڏوهه نه ڪري_“
    ”ماريو چَکي چريو ٿيو آ_نه ٿو مُڙي، وڏا حيلا هلايا اٿم!!“
    ”پوءِ؟“
    ”جيڪا تنهنجي مرضي صوبيدار_تيڪا منهنجي!“
    ”اسان جي مرضي توکي تڪليف ڏيڻ آهي_“
    ”تڪليف؟ ڪهڙي !؟“
    ”صوبيدار جي مراد پوري ٿي_“
    ”پوءِ؟“
    ”تون آزاد!“
    ”ڦري نه وڃين؟“
    ”نه ڦرندس!“
    ”قرآن تي هٿ رکُ!“
    ”چورُ ٿورئي آهيان، جو قرآن کڻي ڦري وڃان!... مان حد جو آفيسر آهيان، منهنجي زبان ساک برابر سمجههُ!... نه تو کئون پيسو پائي وٺندس ۽ نه ئي توکي مڙس جي عيوضي چالان ڪندس... اسان ڄاڻئون_چور ڄاڻين_هر شيءِ آجا پاجا!!!“
    ”پَڪَ؟“
    ”خاطري ڪر_مڙس جي زبان هڪ هوندي آ_“
    ”اچُ!... دير نه ڪر...ڳوٺ جي آخري لاري نڪري نه وڃي!!“
    ”فڪر نه ڪر، اڃا هيڏو سارو ڏينهن پَيو آ_“
    **
    شام جو چور جي زال گهر موٽي ته کوٽي من سان رانڀاٽ ڪري رُني!
    ” ڇو ٿي روئين_بيٺي پيرِ ته موٽي آن!... صوبيدار کي شابس آ، جنهن هڪ سَرِڪَرِدي دوست جي چوڻ تي توکي آزاد ڪيو_نه ته سڀاڻي تائين تنهنجي ڪري مون کي پيشِ ٿيڻو پوي ها“
    چور جي زال جي اکين ۾ پاڻي تري آيو_هوءَ گهڻو ڪجهه چوڻ چاهيندي به ڪجهه نه ڪڇي سگهي_
    **


    انام ڪهاڻي

    شهزاد علي سڄي حياتي پاڻ ڀرو نه ٿي سگهيو_
    سٺي نوڪري هوندي نه رڳو سُٺي گهر جو مالڪ ٿي نه سگهيو، پر وڌندڙ مهانگائي سبب گهر جي ضرورتن پورين ڪرڻ ۾ ڏکيائي هوندي هئس_
    ”ٻڌ ته؟“
    ”ٻڌاءِ!“
    ”نسرين جي مٿي ۾ اڇا پوڻ شروع ٿيا آهن، رشتي جي انتظار ۾ وقت وهامي ويو آ_“
    ”سچ ٿي چوين عابده بيگم_ ماڻهن ۾ ماڻهپو ڪو نهي_ بهتر اخلاق ۽ سليقي واريون ڇوڪرين جي چونڊ جو دؤر پڄاڻي تي پهتو_ هرپاسي ماڊرن دؤر جي ڇوڪرين جي چونڊ ٿيڻ لڳي آهي!“
    ”تون به سڄي حياتي ايمانداري ۾ گذاري ڇڏي، ماڻهو راتو رات ڪروڙ پتي ۽ ارب پتي ٿي ويا، تون اتي جو اُتي، نه گهر پنهنجو ۽ نه ئي ڪا گاڏي نئين، فقط وڏي نوڪري_ وڏو نانءُ...!!“
    ”عابده بيگم مان ڇا ڪيان؟ مون کان ڪنهن جي رت چوسڻ نه ٿي پڄي’هر ڪو پنهنجي حصي جي خوشين جو مالڪ ٿئي‘ مان انهيءَ فڪر جو قائل آهيان!“
    ”پوءِ ته جوان نياڻي جي عمر ويٺي گذري ويندي_ “
    اڳلي ڏهاڙي_
    شهزاد علي پنهنجي حصي جي پراڻي گاڏي وڪڻي قسطن تي نئين گاڏي خريدي پنهنجي جوان نياڻي نسرين جي حوالي ڪري ڇڏي_
    _ جوان نسرين جي زندگي ۾ تبديلي اچي وئي_ گاڏيءَ تي شهر ايندي ۽ ويندي نسرين ماڊرن دؤر جي ڇوڪري ۾ تبديل ٿي وئي_
    اڃان هفتو مس گذريو_
    ڪيترائي نوجوان نسرين سان شادي ڪرڻ جا خواب سجائي پنهنجي پنهنجي گهراڻن کي وٺي شهزاد علي جي گهر آيا_
    آچر جي رات_
    شهزاد علي وڏن گهراڻن جي آيل سمورن رشتن کي ٺڪرائي، پنهنجي زال عابده بيگم ۽ ڌيءَ نسرين جي رضامندي سان نسرين جو رشتو ڪاليج جي هڪڙي ننڍڙي ملازم جي جوان پُٽ سان پڪو ڪري ڇڏيو!!
    **


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 468310
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 187792
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ