ڪتاب جو نالو: لاپته محبت
مصنف: نثار کوکر
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 22 آگسٽ 2017 ع
پڙهيو ويو: 1778 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 476 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
نثار جون هي لکڻيون صحافتي آهن، الائي ادبي پر اڪثر ماڻهو هنن لکڻين کي نثار جي نثري شاعري سڏين ٿا، حسن مجتبى لکي ٿو:
”ڏوڪريءَ جو ھي پيارو نثار کوکر رڳو رليو ڪونھي، پر ھن سنڌ کي نه فقط ولوڙي جھاڳي راڳي ڏٺو آھي جيڪي ڏٺو سو لکيو پر ھن ڦريل سنڌ جي ووڙ به ڪيئي آھي ڦريل سنڌ جي اھا ووڙ ئي آھي انکي واپس موٽرائي آڻڻ جي جيڪا ھن کي سمھڻ نه ٿي ڏي، جيڪا ھن جي روح کي سدا سيلاني رکي ٿي. ملڪ ۽ سنڌ ۾ اھا صحافت ناھي رھي، جنھن کي تحقيقاتي صحافت چيو ويندو ھو، پر نثار جھڙا ڪي ڳاڻ ڳڻيا صحافي اڃان رڃ ۾ مورن راڙ آھن، جيڪي ھن اينڪري ڪلجڳ ۾ نه موھيا نه منڊيا ويا آھن.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪمپوزر پاران
  • سنڌ سلامت پاران
  • مسافر ليکڪ جي لاپته محبت
  • تابوت ۾ تاريخ آ
  • بشير قريشي ڪيس ۽ سنجيدگي جو سوال
  • ھنج سدائين ڏٻرا
  • ٻه ڊاڪٽر ۽ ٽيون وڏيرو
  • لاپته محبت
  • ڪي رند ڪڙو کڙڪائين ٿا!
  • سنڌ جو لوڻ ۽ ننڌڻڪا ڀومي پترا
  • مُياس ته معاف ٿئي!
  • ڪا جا روح رھاڻ!
  • پروفيسر ريٽائر ناھن ٿيندا؟
  • رني ڪوٽ جو رڻ ۽ پريشان پريون!
  • گوريلن جي موت جي موسم
  • ٻوليون پنھنجي موت پاڻ ناھن مرنديون
  • بي وسي جي ميدان ۾ ھارايل جنگيون!
  • ايمانداري جي ندامت!
  • اوپرا اديب!
  • لاھي سگھڻ جھڙا ٿورا
  • ڪارنھن جو ڪاروبار ۽ جرڳائي جج
  • ريجھو مل لاھوري . . . منھنجو ليجنڊ
  • ڳڻيون به ڇا ڳوڙھا! . .
  • بي موت مرندڙ عاشق
  • اسان جا درد صوفي ھن! . . .
  • ھيڪلي عورت ۽ دوزخ جھڙي دنيا
  • ڀوتار بمقابله ڀوتار! . . .
  • وطن ۾ بي وطن ھجڻ جو احساس ۽ بيحسي
  • ڀوتارن جي ”شڪاري“ ھجڻ جي شاھدي ڏيندڙ ديوارون
  • سوتليءَ ۾ ٻڌل ڪجھه ڪتاب!
  • بلوچن جا پنڌ ۽ ننڌڻڪا ڀڳت!
  • آواز عورتن جا
  • لقاءُ
  • جن ساھ ڏئي ويساھ ڏنو!
  • طبقو تبديل ڪرڻ وارو خفت!
  • من ڀوتار
  • بناز ۽ ممنوع محبت واري وڏيري
  • وٿي ۽ برف
  • جوڳين کان چڙھيل نانگ!
  • قبر جنھان دي جيوي ھو!! . . .
  • ٿينڪ يو جسٽس . . . !
  • درويش جي دنيا!
  • مي رقصم وارو من!
  • بادل کي سمجھاءِ ! ! . . . .
  • اڍائي ڪلاڪ ارباب سان!

  • ڪمپوزر پاران

    ”انسان غلطين جو گهر آھي، ويسر سندس فطرت ۾ شامل آھي. اُن ڪري انسان جي لکت غلطين کان پاڪ ۽ صاف نه ٿيندي. وس آھر ڪوشش ڪبي آھي ته بھتر کان بھتر ڪيو وڃي. ڪٿي ڪا به غلطي ھجي ته ڪمپوزر پاران سمجهجو ۽ نشاندھي ڪجو.

    شاھنواز ٽالپر
    ڪمپوزر
    سنڌ سلامت ڪتاب گھر
    sntalpur@gmail.com


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”مسافر محبتون“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ صحافي نثار کوکر جي صحافتي لکڻين، ڪالمن ۽ مقالن جون مجموعو آهي.
    نثار جون هي لکڻيون صحافتي آهن، الائي ادبي پر اڪثر ماڻهو هنن لکڻين کي نثار جي نثري شاعري سڏين ٿا، حسن مجتبى لکي ٿو:
    ”ڏوڪريءَ جو ھي پيارو نثار کوکر رڳو رليو ڪونھي، پر ھن سنڌ کي نه فقط ولوڙي جھاڳي راڳي ڏٺو آھي جيڪي ڏٺو سو لکيو پر ھن ڦريل سنڌ جي ووڙ به ڪيئي آھي ڦريل سنڌ جي اھا ووڙ ئي آھي انکي واپس موٽرائي آڻڻ جي جيڪا ھن کي سمھڻ نه ٿي ڏي، جيڪا ھن جي روح کي سدا سيلاني رکي ٿي. ملڪ ۽ سنڌ ۾ اھا صحافت ناھي رھي، جنھن کي تحقيقاتي صحافت چيو ويندو ھو، پر نثار جھڙا ڪي ڳاڻ ڳڻيا صحافي اڃان رڃ ۾ مورن راڙ آھن، جيڪي ھن اينڪري ڪلجڳ ۾ نه موھيا نه منڊيا ويا آھن.“
    هي ڪتاب روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو. مهربانيون پياري نثار کوکر جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مسافر ليکڪ جي لاپته محبت

    نثار کوکر سنڌ جي ته ڇڏيو پر ملڪ (سنڌ به ھڪ ملڪ ئي آھي) پاڪستان جي انھن ٿورن صحافين منجھان ھڪ آھي جن کي مسافر ليکڪ سڏيو وڃي ٿو.
    سنڌ ۽ ملڪ کان ٻاھرين ملڪن ۾ اچي کاھوڙين جيان پرڏيھي ليکڪن ته نوچيو ۽ ولوڙيو ھو (خير سان جڏھن اڃان ٺڪائي ملان، پيارا، ڌاڙيل، ۽ خودڪش بمبار نه پھتا ھئا) ته صدين سالن کان پرديسي ليکڪن، مھم جو مردن توڻي عورتن ھن ديس يا دنيا جي ھن حصي کي چڱو موچارو ڳولھي لڌو ھو. اھڙيون خبرون لکيون ھيون جو پڙھندڙ وات ڪٽلي ڪري ويھن. ھن وات ڪٽلي قوم، جنھن کي سنڌي چون، مان منھنجي مراد گھڻو ڪري سنڌي مسلمانن مان آھي، ڇو ته سنڌورڪي واڻيا ته پاڪستان کان به صديون پھرين پرديسن ۾ پڌاري پنھنجو نانءُ ۽ ناڻو پيدا ڪري چڪا ھئا، اھي جن کي ڀٽائي وڻجارا ڪوٺيو ھو.
    اھڙن کوجنا تي ليکڪن مان ھڪڙو جيڪو مون به وڏو ٿي بنجڻ چاھيو ھو اھو سر رچرڊ ايف برٽن ھو، جنھن ڪراچي ۾ ڇوڪرن جو چڪلو ڳولھي لڌو ھو، جنھن اھو به ڳولھي لڌو ھو ته ڪھڙين ذاتين ۽ قبيلن جا بالغ ماڻھو، ڇا زن ڇا مرد دن کان ھيٺ وارا وار لاھيندا آھن يا نه. پيرن فقيرن ۾ ويساھ وسوڙيل قوم سنڌ جا ميلا ملاکڙا، وڏيرا، موالي، چور، چورن جون نانيون ڇا ھن، سڄي سنڌ صفا ڇا لڳي پيئي آھي، بس بابا ھليا اچو. ھن رڳو سنڌ نه پر پنھنجي دور ۾ اوڻھين صدي جي پوياڙي وارن ڏھاڪن ۾ سڄي دنيا جو خفتي ايڏو ته خفتي ليکڪ ھوجو چمڙا پوش ڪري عبدالله شيخ نالو رکي مڪي مديني وڃي حاجي جي روپ ۾ حج جا مشاھدا به ماڻي آيو، ھو پاڻ وڏو لقاءَ ھو.
    ڪنھن آفريقي اترادي عرب کي سونھون بنائي ساڻ کڻي مصر جي نيل شاھ درياھ جي مھم تي نڪتو جيئن پاڻ وٽ انور پيرزادو، بدر ابڙو، اشتياق انصاري وارا نڪتا ھئا يا اھي جاپاني سياح جن کي ڪمانڊو شيخ ڌاڙيل ۽ سندس ٽولي اغوا ڪيو ھو خير اھو وري ڪنھن ٻي بادشاھي جو قصو ٿيندو. مطلب ته سر رچرڊ برٽن وڏي فلم ھو. ھن سنڌ کي ولوڙي ڏنو ھو. ولوڙي ڏسڻ ياد رکجو ھتي، ڪيئين سالن تائين ھن جو ڪتاب سنڌ ريوزيٽيڊ جي سنڌي ترجمي مان ھن جي ڪراچي ۾ انگريز فوجن ۾ ھم جنس پرستي جي حوالي سان ڳولي لڌل ڇوڪرن يا مردن جي چڪلي وارا حصا سنڌ ثقافت کاتي يا سنڌي ادبي بورڊ وارن سندي بالغ ٿيڻ تائين ڇپرائڻ کان لڪائي رکيا ھئا. ھاڻ خبر ڪونه اٿم ته ھوبالغ ٿيا يا اڃان ناھن ٿيا! پوءِ رچرڊ برٽن کي سندس ساڙ سڙئي باس ۽ سنڌ جي قبضي جي گنھگار چارلس نيپيئر کي سندس پٺيان وڏي ڀنڊي ٻاري ڏني ھئي. اياز جنھن ھن نيپيئر کي ڪتي جو وياءَ سڏيو ھو تنھن جو مجسمو لنڊن ۾ نثار ضرور ڏٺو ھوندو. ھاڻ مان کيس چوندس ته ھو ٻئي ڀيري جڏھن ولايت وڃي ته سر رچرڊ ايف برٽن جي آخري آرامگاھ تي حاضري ضرور ڏي.
    سنڌ کي پنھنجي اکين کان گھڻو پيرن سان ڏسندڙ رچرڊ برٽن ھڪڙي ھنڌ لکيو ته سنڌي ماڻھو کي جيڪا شيءِ وڻندي آھي اھو ان کي رڳو اک سان نه پر ھٿ لائي به ڏسندو آھي. سنڌ کي ھڪڙي اک سان سر جان جيڪب به ڏٺو ھو ۽ سنڌين کيس پنھنجين اکين ۾ جايون ڏيئي ڇڏيون ھيون. ”سنڌ ھڪ عجيب ملڪ آھي“ مونکي نوي واري ڏھائي ۾ پوٺوھار جا لوڻياٺا پٽ پر ڏاڍو سھڻو ڏيھه ڏوريندي ڪتاس جي پراڻي مندر وٽ ھڪ پٺاڻ ملنگ چيو ھو. مان، منھنجا يار فرجاد نبي ۽ مظھر زيدي ڀي مون ساڻ ھئا.
    پر يار ھي سنڌ آھي جتي نه ھر اگھاڙو شخص سرمد آھي نه ٺٺي جو ھر نينگر اڀييچند آھي، پر مان سوچيان ٿو جي ڇا ٿي پئي ھا ته ھي عرياني جي جامي ۾ ڦرندڙ سرمد دارا جي تقدير جو حصو بڻجڻ دھلي وڃڻ بجاءِ ۽ سنڌ۾ رھي پئي ھا ته پوءِ، ڇا سڄي حياتي ۽ ان کان پوءِ به اڀيچند سان گذارڻ لاءِ ڇا سنڌ گھڻي نه ھئي، پر دارا جي تقدير نه سوچي، پوءِ ھو اسان کي حسن درس ڪيئن ٻڌائي ھا ته ”ساري سنڌ پرين جو پاڇو“ ھاڻ لڳي ٿو ته ھو رڳو رولاڪ شاعر نه پر مسافر ليکڪ به ھو.
    جي ھا، ھاڻ اچون ٿا موٽي مسافر ليکڪن تي، مسافر ليکڪ سنڌ ۾ گھڻا آھن؟ ملڪ سڄي ۾ به ڪي ڳاڻ ڳڻيا، سلمان رشيد جيڪو ڄائو ئي ڪنھن ريلوي لائين واري گھر ۾ اسٽيشن ماسٽر جي گھر ريل جي ڇڪ ڇڪ ۽ سيٽي ھن جي ڄڻ ستي ۾ وڌل، جيڪو لندي ڪوتل کان وٺي راجا جي ريل تي چڙھي ٿر مٺي تائين وڃي نڪتو، منھنجي دوست گھڻ گھري مسافر ليکڪ گھڻ گھري مسافر ليکڪا عيني علي خان آھي جيڪا ھنگلاج کان وٺي پشاور تائين ۽ نيويارڪ تائين رلي وڏا وڏا ليک لکي چڪي آھي جيڪا لياري جي گھٽين ۾ گھمندي آھي ۽ سڀني مسافر ليکڪن جو گرو ۽ فقط ۽ ھڪڙو خورشيد قائمخاني ھو.
    اسانجو دوست سيد منير شاھ جيترو رليو آھي جي باقاعده اھي رولاڪيون لکي ھا ته وڏو مسافر ليکڪ يا ٽريول رائيٽر ھجي ھا ھاڻ به آھي، اھڙي ريت لاڏائو قبيلي وارو روح رکندڙ منھنجي دوست امر سنڌو، منھنجو پيارو اسحاق مڱريو صفا ڳالھه ڇڏي ڏيو.
    پر ڏوڪري جو ھي پيارو نثار کوکر رڳو رليو ڪونھي، پر ھن سنڌ کي نه فقط ولوڙي جھاڳي راڳي ڏٺو آھي جيڪي ڏٺو سو لکيو پر ھن ڦريل سنڌ جي ووڙ به ڪيئي آھي ڦريل سنڌ جي اھا ووڙ ئي آھي انکي واپس موٽرائي آڻڻ جي جيڪا ھن کي سمھڻ نه ٿي ڏي، جيڪا ھن جي روح کي سدا سيلاني رکي ٿي.
    يعني ته ڇا تو ڪڏھن سوچيو آھي ڪنھن سان تنھنجي ياري آھي. ھن نه فقط پاڻ کي سنڌي صحافت ۾ مڃرايو آھي پر ارڏو صحافت ۾ به مون ڪڏھن سوچيو به نه ھو ته نثار کوکر ۽ مان ھڪڙي ڏينھن نيويارڪ ۾ ملنداسين ۽ ان جي رستن تي رلي رھيا ھونداسين. اھو نثار ئي ھو جنھن مون کي آمريڪا ۾ ئي سنڌ ۾ اسان ٻنھي کان وڌيڪ سڃاڻپندڙ آمريڪڻ سنڌياڻي پياري ايملي ھائوز سان پھريون ڀيرو ملرايو ھو.
    مسافر ليکڪن مان رضا علي عابدي جو ڪو به ميچي ڪونھي، نه ئي مون واري مرشد وسعت الله خان جو.
    نثار کوکر کي اھا سدا جو سيلاني روح ھن کي صحافت ۾ کڻي آيو ھوندو ۽ ھن اھا صحافت ڪيئي آھي جيڪا ھاڻ پياري غائبستان مان غائب ٿيندي پيئي وڃي ڇو ته ان ۾ ڪيئي جان جا جوکا آھن ۽ ھن مسافر ليکڪ نثار کوکر اھي کنيا به آھن. ھتي انھن جوکن جو ذڪر ضروري ناھي، نه ته وري جان جوکي ۾ اچي سگھيس ٿي.
    اھا صحافت جنھن ۾ ايوارڊ گھٽ ۽ خطرا وڌيڪ ھوندا آھن، نثار اھا وڏي واڪ ڪري ٿو. انھي ڪري ئي ھن جي ڪتاب جو (سرو) عنوان ئي لاپتا محبت آھي. ھن ھڪڙي تحقيقي ڪھاڻي انھن ماڻھن جي به لکي آھي جن بابت اڄوڪي پاڪستاني ۽ سنڌي ميڊيا ۾ ورلي ئي ڪونه لکندو آھي. پاڪستاني رياست يا ايجنسين ھٿان کنڀي کڄي ويل ماڻھو، نوجوان ۽ سياسي ڪارڪن نثار ھنن جي به ووڙ ڪيئي آھي. . . سنڌ جي غائب ڪيل جواني جي، چچريل لاشن جي ۽ انھن لاءِ اتاولين مائرن جي جيڪي ھاڻ زندھ نڪي مردھ آھن.
    اھڙيون ڪيئين ڪھاڻيون آھن، انھن کي آڻڻ لاءِ ۽ ھو ڪي مضمون غائب مان نه ٿو کڻي اچي پر اھو ھن سنڌ ۽ ملڪ جو زمان حاضر آھي جنھن ۾ ھو ان جي ڪھاڻي ٻڌائيندڙ به آھي، گم ٿي ويل محبتن جو جاڳيو ڀاڳيو به آھي ته عاشق به، وڌيڪ پاڻ ھن ڪتاب ۾ ڏسو سنڌي ويا ڪرڻ ڀاڱو پھريون وٺو ڪم اکين کان، ڇو ته اھو سچ جي ڪو ٻڌائڻ وارو ٻڌائي ھا ته ان کي ڏسڻ لاءِ اوشوچواڻي اکين جي به گھرج ھوندي آھي.
    اچو ته ھن عاشق جي اک سان ڏسون پنھنجي پنھنجي عينڪ ھڪ پاسي رکي. ھي جوگيڙو رتو روح آھي. انھي فرقي جو فرد جنھن کي چون ساري سنڌ پرين جو پاڇو.
    ملڪ ۽ سنڌ ۾ اھا صحافت ناھي رھي، جنھن کي تحقيقاتي صحافت چيو ويندو ھو، پر نثار جھڙا ڪي ڳاڻ ڳڻيا صحافي اڃان رڃ ۾ مورن راڙ آھن، جيڪي ھن اينڪري ڪلجڳ ۾ نه موھيا نه منڊيا ويا آھن.

    گھڻو لکيو ٿورو سمجھندا.

    حسن مجتبى
    نيويارڪ
    مئي اٺاويھين 2016
    ڇنڇر


    تابوت ۾ تاريخ آ

    چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽ ٽيچنگ اسپتال جي وڏن ونگن واري مک دروازي تي ماڻھن جي اھڙي پيھه ھئي، جو گذرڻ محال ھو. ھونئن ته لاڙڪاڻي جي وي آءِ پي روڊ سان لڳندڙ ھر چوڪ تي ڪارڪنن جي رش ھئي، پر چانڊڪا اسپتال ۾ جيئن ته پوسٽ مارٽم ٿيڻو ھو، تنھن ڪري سوڳوار ڪارڪنن جي رش تمام گھڻي ھئي. بشير خان جي منھن جي جھلڪ ڏسڻ لئه جڏھن قطارون ٺھڻ لڳيون ته سوڳوار ماحول سڏڪا سڏڪا ٿي ويو. اسين جڏھن کاٻي پاسي واري فوٽ پاٿ تي چڙھي منھن ڏسڻ جي تياري ڪرڻ لڳاسين ته اسپتال ۾ مريضن جي تيماداري لاءِ آيل عورتن اسان کي مشورو ڏنو ته رستي جي ٻنھي پاسي جڙندڙ قطارن مان ساڄي پاسي ٿي بيھو ته منھن ڏسي سگھندئو. بشير خان جي جيئري توڙي مئي سندس چھري ۾ عوامي جھلڪ ۽ عوامي دلچسپي وڌيڪ ھئي.
    سندس مڙھ واري ايمبولينس جيئن ئي مک دروازي ۾ داخل ٿي ته ماڻھن جي رش تمام گھڻي وڌي ويئي ۽ مون کي مشھور صحافڻ ۽ ناول نگار اوريانا فلاسي جي ناول (اَ مين) جا منظر ياد اچڻ لڳا، جنھن ۾ ھوءَ مرندڙ سياستدان ھيرو کي مخاطب ٿي لکي ٿي ته، تنھنجي تابوت سان گڏ ماڻھن جون ڇوليون ھڻندڙ سمنڊ گڏ ھو. ماڻھن جون اھي ڇوليون ڪڏھن مونکي تنھنجي تابوت ڀرسان پيون ڪن ته ڪڏھن ان کان گھڻو پري مرڪزي دائري لاءِ ٻاھر وڃي ڦٽو پيون ڪن، پر آئون تنھنجي ان آخري سفر ۾ توسان گڏ پئي ھليس. ائين ئي بشير خان جي آخري سفر ۾ آئون ڪارڪنن جي سمنڊ ۾ گھيريل ھئس. ڪڏھن ويجھو ته ڪڏھن پري ٿيندو رھيس، پر گڏ ھئس.سڪرنڊ جي ايمبولينس جڏھن ويجھو پھتي ته گلن جي چادرن ۽ اجرڪن ۾ ويڙھيل ان شخص جو چھرو اڀري اڳيان آيو، جيڪو مشڪوڪ حالتن ۾ ماني کائڻ کان پوءِ مري ويو آھي. سندس چھرو لُڪن جي لوساٽيل ۽ ڊگھي سفر کان پوءِ به نه ٿڪجندڙ شخص وارو چھرو ھو.
    فرد واحد جو جنازو ڪين آ دوستو!
    تابوت ۾ تاريخ آ
    ھزارين ڪارڪنن ۽ ھمدردن جي گھيري ۾ آيل ايمبولينس ڪِوِل جيان رڙھندي مردي خاني طرف وڃي رھي ھئي. ڪنھن به اسپتال جي ان جڳھه کان الائي ڇو مونکي نفرت رھي آھي، ان طرف ويندي ڪنھن کي به نه ڏسي سگھندو آھيان، ھي ته بشير خان جو مڙھ ھو چانڊڪا ڪاليج ۾ اسپتال جي آڳنڌ ۾ سوڳوار ماحول سبب اداس ڪندڙ خاموشي ڇانيل ھئي، شھر جا دڪان به بند ھئا، بازارون ويران لاڙڪاڻي جي ھوائن ۾ اپريل جي اداسي ڪا نئين ته ناھي. اڃان اھو سوچي رھيو ھئس ته ھڪڙي ظالم ميسيج ڪيو ته،
    سنڌ! تنھنجي ھوائن ۾ ھُرندا سدا
    ھاءِ پھريان ڏينھن ھي اپريل جا
    بشير خان پنجاھ سالن کان مٿي وارو سفر طئه ڪري ھاڻي جڏھن رتيديري جي موٽڻ پور محلي طرف موٽيو آھي ته ائين لڳي ٿو ته ھي شخص ڄائو ئي آزادي ۽ انقلاب جا جھنڊا بلند ڪرڻ لاءِ ھو. سندس سياسي سفر تي نظر وجھبي ته ھو شاگرد سياست کان اھڙو ته متحرڪ نظر اچي ٿو، جو سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ جساف جو ميمبر ٿيڻ جي ڪجھه ئي سالن اندر ھو عھدي تي اچي وڃي ٿو ۽ چند ئي سالن ۾ مرڪزي عھدن تي به اچي ٿو وڃي.
    ڪراچيءَ ۾ 23 مارچ جي موقعي تي لکين ماڻھو گڏ ڪرڻ کان پوءِ سندس سياسي قد تمام گھڻو مٿي ٿي ويو ۽ ڪنھن فقير مونکي چيو ته توھان ”ڄامائين“ نيٺ ھڻي وڃي ھنڌ ڪيو. بشير خان قريشي، آصف بالادي ۽ ٻين سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ پڙھڻ ڪري سندن ويجھي سرڪل ۾ کين ”ڄامائي“ سڏيو ويندو آھي. سنڌ جي قوم پرست سياست ۽ خاص ڪري جيئي سنڌ جي نعري ۽ جھنڊي ھيٺ ھلندڙ جماعتن ۽ اڳواڻن بشير خان اھو پھريون اڳواڻ آھي، جنھن قوم پرست سياست کي عوامي انداز ڏنو. سندس تقرير ۽ ڳالھائڻ جو انداز اڃان تائين نج ڳوٺاڻو رھيو، سندس اٿڻي ويھڻي جا رويا ۽ طور طريقا به عوامي ھئا. ڪراچي واري فريڊم مارچ کان ڪجھه ڏينھن اڳ حيدرآباد جي سول سوسائٽي سان ڊائلاگ پروگرام ۾ شريڪ ٿيو. ھن سمورن پڙھيل لکيل دانشور ٽائيپ ماڻھن کي سڌن اکرن ۾ ٻڌايو ته ”ابا ھن ملڪ کي جاڏھون تاڏھون ھمراھ تاڙيون ويٺا اَٿو، ته ڪٿان نه ڪٿان ڌڪ ھڻي ڪڍونس. اجايو جو ڪو ٻيو ھڻي تنھن کان اسان ڇو نه پنھنجو وارو وڄايون.“ ھن جا لفظ ۽ انداز بلڪل سادو، پر پيغام سخت سن واري سيد جي پيغام کان جيئن سندس ھم ذات ۽ ھم طبقي وارا وڏيرا، پير، مير ، سردار ڀڄي ويا، تيئن ئي بشير خان کان ڪيترائي ماڻھو ڇرڪيل رھيا. پر ھو مستقل ۽ مسلسل ھلندو رھيو، اھڙي وات تي جنھن جي راھ اڻانگي ۽ سفر مشڪل.
    جن کي عشق اندر ۾، تن کي اڃ نه بک
    وحدت منجھه وصال جي ٿا سدا ماڻن سک.
    بشير خان قريشي قوم پرست سياست جي مقبوليت واري ان درجي کي وڃي پھتو، جتي شايد پھچڻ جي ھر ڪنھن کي تمنا ھجي. ھن جيئي سنڌ ۽ آزاديءَ جي نعرن ۽ اجتماعن کي نشترپارڪ ۽ سن جي گھٽين مان ڪڍي تبت سينٽر ۽ ريگل چوڪ جھڙن عوامي جڳھن تي آندو، جتي ھو ڪڏھن لکين ماڻھن سان بيٺل ھو ته ڪڏھن سائين جي ايم سيد جي پوٽي زين شاھ سان گڏجي پوليس جون لٺيون ۽ ڳوڙھا آڻيندڙ گيس جا شيل پيو کائي. پوليس تشدد بعد سندس ليڙون ليڙون ٿيل قميص ڏسي ڪنھن چيو ته، سنڌي وڏيرن کي ڇڏيو، سنڌي غريب ماڻھو ڪراچي جي چوڪن تي ائين ئي ڪٽجي رھيو آھي. ريگل چوڪ تي ان اڪيلي ڪٽجندڙ بشير خان ڪجھه ئي سالن ۾ ماڻھن جو اھڙو ته نيٽ ورڪ جوڙي ورتو، جو شاھراھ فيصل تي کيس قتل ڪرڻ وارا پھتل مشڪوڪ ماڻھو جوابي حملي ۾ پاڻ قتل ٿي ويا. سندس ڪارڪن مشتاق خاصخيلي شھيد ٿي ويو. ان واقعي کان پوءِ ڪراچي ۾ ڪم ڪندڙ مختلف سياسي مافيائن کيس تمام گھڻو سنجيدگي سان ورتو، جيئن سنڌ جي سياست ۾ ڪنھن زماني ۾ گل محمد جکراڻيءَ جي موڏي مقبوليت ھوندي ھئي، کيس شاگرد ڪارڪن ايترو ته پروٽوڪول ڏيندا ھئا جو بشير قريشي پاڻ بندوق کڻي سندس پھرا ڏيندو ھو. بشير خان جي منزل پارليامينٽ ھائوس نه ھئي۽ ھن پنھنجي راھ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش به نه ڪئي ۽ حالتن کيس اھڙي مقام تي پھچايو، جتي پھچڻ جي اڪثر ايم اين ايز ۽ سينٽيرز خواھش ڪندا آھن. آئون بشير خان جا اھي فوٽو ڏسان ٿو جن ۾ ھو لاڪپ ۾ اقبال عرف درياءَخان تنيو سان گڏ ويٺل آھي. گرمين سبب سندن قميصون لٿل آھن. ھڪ ٻي تصوير ۾ ستار موريو، گل محمد جکراڻي ۽ ٻيا بيٺل آھن. فوٽو ڏسي اھو ئي چئجي ٿو ته وقت سدائين ھڪ جھڙو نه ٿو رھي. ڪو به ڪردار سدائين ھڪ جھڙا نٿا بيھن ۽ بشير خان جو ڪردار مستقل مزاجي ۽ مسلسل جدوجھد سبب نمايان ٿي بيٺو آھي.
    جيئڻان اڳي جي جيئا، جڳ جڳ سي جيئن،
    اَوءِ موٽي ڪين مرن، مرڻا اڳي جي مئا!
    بشير خان قومپرست سياست کي عوامي رنگ ڏيڻ سان گڏ سنڌ جي مٽي ۽ خمير ۾ ڳوھيل صوفياڻي رنگ کي اپنايو. ھن جي ھٿ جوڙ، نياز نوڙت سڀني سان رھي ۽ ھن پنھنجي انا کي در در جھڪايو، پر مقصد تان ڪنڌ نه جھڪايو. ھن جي برداشت ۾ عوامي انداز ھو. ڪجھه سال اڳ ڪي ٽي اين نيوز لاءِ مون سندس انٽرويو ڪيو، جنھن ۾ اھڙا ته چڀندڙ سوال ۽ مٿس لڳندڙ متضاد الزام شامل ھئا، پر ھن ڪا به ڪاوڙ نه ڪئي. حالانڪه مونکي ذاتي طور خبر آھي ته کيس تمام گھڻي جاين تي گھڻن ئي سوالن جا جواب ڏيڻا پيا ھئا. ان برداشت ۽ ساٿ کي گڏ کڻي ھلڻ واري لاڙي ئي کيس سمورن تضادن جي باوجود ڪارڪنن جو حقيقي ”وڏو“ بڻائي ڇڏيو. سندس ڪارڪن قرب ۽ پيار مان سندس نالو وٺڻ بدران کيس ”وڏو“ چوندا ھئا.
    اپريل جي اھا رات چوڏھينءَ جي چنڊ جي رات ھئي، ان رات دير سان آئون خيرپور ناٿن شاھ جي پوليس ڪانواءِ ٽوڙيندو لاڙڪاڻي پھچڻ جي ڪوشش ۾ ھئس، نصير آباد کان پوءِ شروع ٿيندڙ سنسان روڊ تي پوندڙ ڀرئي چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ آئون اھو ئي سوچي رھيو ھئس ته سنڌ جي روڊن تي ڪيڏيون نه سنڌ جون جوانيون ختم ٿيون آھن، سرمد سنڌيءَ کان حسن درس ۽ بشير قريشي تائين ھي سڀ مسافر اويلا ڇو ھوندا آھن ، جيڪي چانڊوڪي راتين ۾ وڇڙي وڃن ٿا.
    نڪا مند مرڻ جي، نڪو جيئڻ جام،
    ويندو مثل واءُ جي، ھي طلسم ترت تمام،
    حياتي حرام، بنا يادگيري يار جي!


    بشير قريشي ڪيس ۽ سنجيدگي جو سوال

    توڻي جو اھا چانڊوڪي واري رات ھئي، پر رتيديري ۾ اھا رات کير جھڙي اڇاڻ واري روشني ڪرڻ بدران ڌنڌ ۾ وڪوڙيل ھئي. ڪارڪنن جي اکين ۾ آيل ڳوڙھا ته نظر پئي آيا، پر انھن اکين ۾ پري پري تائين بشير قريشي جي قاتلن جو نه ته خاڪو ھو، نه ئي اھا ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جيڪا ڏھاڪن کان ان سياسي فڪر سان وابسته ڪارڪنن جي اکين ۾ موجود رھي آھي. جنھن ڪري مٿن دوستن ۽ دشمنن ، تعريفون ۽ طنز ڪندڙ ٻنھي حلقن نالو ئي ديشي رکي ڇڏيو آھي، ڇو ته ڪارڪنن مٿان واضع نه ھو ته اھو موت طبعي آھي يا قتل جي سازش جو نتيجو آھي.
    رتيديري باءِ پاس لڳ ان رات اسان قطار ۾ ٿي بيٺاسين ته جيئن سنڌ جي ھڪ ارڏي عاشق کي لحد ۾ لھندي ڏسي سگھون. اھا قطار توڻي جو تمام ڊگھي ھئي، پر ان قطار جي نمايان نالن ۾ پيپلز پارٽي نوشھروفيروز مان چونڊيل ايم اين اي سيد ظفر علي شاھ به موجود ھو. سنڌي قومپرستي سان به جي ايم سيد جي نظريي واري قومپرستي به عجيب لاھن چاڙھن منجھان گذري آھي. جتي وفاقي سياست ۾ يقين رکندڙ پارٽيون ۽ اڳواڻ ڪڏھن کانئس ڪوھين ڏور ته ڪڏھن مرڻي پرڻي گڏ رھيا آھن. ان رات ڪارا ڪپڙا پاتل ڏاڏو اطھر سومرو روئي به رھيو ھو ۽ ماڻھن جون قطارون به ٺھرائي رھيو ھو. قبر جي چوڌاري گڏ ٿيل ڪارڪنن جي اڪثريت جيئي سنڌ وارا روايتي نعرا ھڻي رھي ھئي، ڇو ته کين اھا واضع خبر نه پئجي سگھي ھئي ته بشير خان جھڙي ھارڊ ٽارگيٽ کي سافٽ ڪري ڪيئن ماريو ويو آھي ۽ قاتل ڪير آھي؟ سازش ڪٿي جڙي ان کي عملي جامو ڪنھن پارايو، ڪھڙا پراوا ۽ پنھنجا ان جو حصو بڻيا؟
    بشير قريشي سونو چمچو وات ۾ کڻي ڪنھن به سياسي وراثت واري رئيس، مير، پير جي گھر ۾ پيدا ڪونه ٿيو ھو. ھيٺيئن وچولي طبقي جا ڏنگا ٻار جيئن پلبا آھن، تيئن ئي ھي ضيائي مارشلا جو تڙڪو لڳڻ ڪري وڌيڪ سخت ٿي پيو. ھن جي ڪا برادري ۽ ڪو قبيلو نه ھو، سواءِ سنڌ ۽ سنڌ واسين جي. اھو ته ھن ارڏي عاشق ۽ درويشاڻي دل واري صوفيءَ جي نياز نوڙت جو رستو ھو، جو سندس تڏو ڪنھن ھڪ پارٽيءَ جو نه پر سنڌ جو تڏو بڻجي ويو. جتي نه پھچندڙ پنھنجو پاڻ کي مياري سمجھي پيو. اھا بشير قريشي جي غير متنازعه سياسي شخصيت ھئي، جنھن جو اعتراف صوبائي گھرو وزير منظور وساڻ به ائين ٿو ڪري ته سنڌ لاءِ بشير قريشي جون خدمتون مون کان وڌيڪ آھن. شاباش آھي انھن چونڊيل اسيمبلي ميمبرن کي، جن رتيديري ۾ تڏي تي پھچي بشير قريشي سان محبت جو اظھار ڪيو. اھو تڏو به عجيب تڏو ليکيو ويندو، جتي ايم پي اي نعيم کرل کان وٺي اسپيڪر نثار احمد کھڙي تائين سياستدان پھتا. جتي قبيلائي فيصلا ڪندڙ وڏيري عابد جتوئي کان وٺي سردار منظور پنھور تائين قبيلائي سردار پھتا. رتيديري ۾ گڏ ٿيل انھن ڀانت ڀانت جي ماڻھن ۾ مون کي عمرڪوٽ مان ڪھي آيل ۽ ڌرتي جا گيت بنا لالچ جي ڏھاڪن کان ڳائيندڙ جمن دربدر به نظر آيو. سڄي سنڌ اچي اھا ئي دانھن ڪئي ته ڪونڌر ڪسجي ويو آھي. رتيديري ۾ ان رات سنڌ جي جواني لحد ۾ پئي لٿي ۽ ڪارا ڪپڙا پاتل ڪارڪن ماتم ڪندي روئيندي حليم باغيءَ جون اھي سٽون بڻيل ھئا ته؛
    اي زمانا! اسان جو قبيلو ڪُٺئي،
    خونِ عاشق ۾ پوءِ ڀي حرارت نه آ.
    رتيديري ۾ تڏي تي ويٺي مون بشير قريشيءَ جي سدوري ۽ وفادار ڀاءَ مقصود قريشيءَ کي پاڻي پيئندي ڏٺو ته مون کي پڪ ٿي ويئي ته بشير قريشي ڏنل زھر جو آسانيءَ سان شڪار ٿيو آھي. مقصود به پنھنجي ڀاءُ وانگر گلاس ۾ لاھي پاڻي پيئڻ بدران بوتل چپن تي رکي پاڻي پيئي ٿو ۽ ان رات بشير به سفر دوران ائين ئي پاڻي پيتو ھو. پاڻي ته ھنن سڄي واٽ پيتو پر ڪھڙي جڳھه تي کيس اھا مخصوص بوتل ملي، ڪنھن کي پتو ناھي. بشير قريشي ھونئن به معمولي سياسي اڳواڻ نه ھو، پر 23 مارچ واري فريڊم مارچ سندس سياسي قد ڪاٺ ۾ ايترو ته وڏو اضافو ڪري چڏيو، جو ھڪ سرڪاري بريفينگ دوران ھڪ پٿريلي چھري واري بظاھر سويلين بيوروڪريٽ سندس تصوير تي ڳاڙھي فليش پوائنٽ ھڻندي چيو، ”اس قسم کي لوگون کو مارنا پڙتا ھي مجبوري ھي.“ اھڙي ڏڪاريل ڏيھه ۾، جتي سياست زمانن کان اميرن جي در جي ڪنيز بڻيل ھجي ۽ ريموٽ ڪنٽرول ليڊرشپ سڄو ڏينھن ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ اچي وات ھڻڻ واري محنت ڪندي ھجي، اھڙي دور ۾ بشير قريشي جھڙو سڌو سادو ماڻھو اچي پنھنجي ڳاڙھي جھنڊي واري جماعت کي سنڌ جي ٽيون نمبر وڏي مقبول پارٽي بڻائي ڇڏي ۽ ڪراچي ۾ سنڌين کي ”اسٽيڪ ھولڊر“ بڻائي ڇڏي، سا ڪا معمولي يا ھضم ڪرڻ جھڙي ڳالھه ته نه آھي. سنڌ جي مٽيءَ کي چمندڙ ھن سياسي ملنگ پنھنجي پنڌ سان سياست جي روايتي اھل منصب، اھل تقوى ۽ مسند نشين کي ڇڙڪائي وڌو. سياسي روايتن تحت ھڪ تڪ جي اسيمبلي سيٽ کٽڻ خاطر به توھان کي الاءِ ڪيترين رياستي ۽ غير رياستي درگاھن آڏو جھڪڻو پوي ٿو. پر ھن ملنگ جي نظر ڪنھن اسيمبلي ميمبري يا سينيٽريءَ ۾ نه رھي. تڏھن ئي ھن پنھنجي ڪارڪنن لاءِ سياسي دستور بڻائي ڇڏيو ھو ته؛
    ڪنھن فرعون جي ڇا لئه پوڄا ڪريون
    ھڪ خدا جي نرڙ تي نشاني ھجي
    (حليم باغي)
    سنڌ سرڪار پاران بشير قريشي ڪيس ۾ جنھن طرح جي غير ذميواريءَ جو مظاھرو ڪيو ويو آھي تنھن مان سڀني کي اندازو ٿي چڪو ھوندو ته بشير قريشي جي جيسم مان ورتل اصل جزا ڪيئن نه غائب ٿيا ھوندا. جيئن سنڌ سرڪار جي تشڪيل ڏنل ٽيم جا ڊاڪٽر ۽ پوليس عملدار پنھنجي پنھنجي دائرن اندر بشير قريشيءَ جي موت جي ڪارڻن جي جاچ ڪري رھيا آھن، تيئن ئي ھڪ جاچ بشير قريشي سان پيار ڪندڙ ڪجھه سلجھيل ماڻھن پاران جاري آھي، جيڪا ڪٿي به رپورٽ درج نه ڪرائيندا، پر اھا رپورٽ ائين سينه به سينه نسل در نسل ھلندي رھندي، جيئن دودي سومري جي موت جي رپورٽ باقاعدي جاري نه ٿي ھئي. پر اھا رپورت سينه به سينه اسان ۽ اسان جي ايندڙ نسلن تائين پھتي آھي. اھا رپورٽ مرتب ڪندڙ قبيلي جي حالت اھا آھي، جيڪا شيخ اياز پنھنجي سٽن ۾ بيان ڪئي آھي. ته
    اساٽ ئي اساٽ آ. . . .
    ٻه چار پيرڙا کڻان ته پن پن ٿي ڇڻان،
    ان قبيلي جا ماڻھو جڏھن سڪرنڊ پھتا ته کين خبر پئي ته بشير قريشي چڪن تڪا ۽ چڪن ڪڙھائي واري ماني کائي اڪيلو وڃي ڪمري ۾ ستو. سندس ڊرائيور، ڀاڻج ۽ ٻين کي بعد ۾ خبر پئي ته ھو ڪمري ۾ کنگھي رھيو آھي ۽ طبيعت خراب اٿس. بشير قريشي جنھن ڳوٺ ۾ ترسيل ھو، سو آھي دڙي مگسي، جيڪو سڪرنڊ کان اٺ ڏھ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي مس آھي. بشير خان جي طبيعت خراب ٿيڻ شرط ڳوٺ جي ھڪ ڊسپينسر کي سڏايو ويو، جنھن سندس بلڊ پريشر زيرو طرف وڃڻ جي دانھن ڪندي چيو، ھمراھ کي کڻو ڊاڪٽر ڏانھن. اھو ته ھر ايم بي بي ايس ڊاڪٽر به آسانيءَ سان ٻڌائي سگھي ٿو ته ماني کائڻ کان پوءِ بلڊ پريشر گھٽ نه ٿيندو آھي. ڀلي شگر جو مريض ھجي. ڳوٺ مان نڪرڻ مھل بشير قريشي کي کڻي گاڏي ۾ ڪونه رکيو ويو، پر ھو پاڻ ھلي اچي گاڏي ۾ ويٺو. ڳوٺ کان سڪرنڊ تائين سندس ڊرائيور کي مشڪل سان 3 منٽ لڳا ھوندا، پر سڪرنڊ پھچڻ شرط ڊاڪٽر گاڏي ۾ ئي ويٺل بشير قريشي جي طبيعت ڏسي ڪارڪنن کي چيو، ”ابا سنڌي اڄ يتيم ٿي ويا“ بشير قريشيءَ جي گاڏيءَ سان ميزبانن جون به گاڏيون ھيون. اھي سندس شاگردي واري زماني کان دوست ٻڌايا وڃن ٿا. جڏھن ته سندس ڊرائيور به وفادار، ڪراچي واري حملي ۾ به ان مڙسي ڪري گاڏي ٽرن ڪئي، ٻيو سندس ڀاڻج ته پوءِ شڪ ڪنھن تي ڪجي؟
    ڪالھه شام بشير خان قريشيءَ جي ڀاءُ مقصود قريشي سان ڳالھه ٻولھه ٿي ته ھن ٻڌايو ته ”اسان کي اھڙا اطلاع مليا ھئا ته ادا کي ماني يا ڪپڙن ۾ اسپري ذريعي زھر ڏنو ويندو.“ ھي پھاڙ جھڙوسياسي نظريو رکندڙ غريب اٻوجھه ڪارڪنن جو سادو ۽ سختيون کائيندڙ اڳواڻ ھو، جنھن شايد ان ڳالھه کي ڪنھن خاطر ۾ نه آندو ھجي. ھو ابن ڏاڏن کان ڪرپشن ڪري اقتداري سياست ۾ اِن رھندڙ ڪردارن جيترو امير نه ھو جو بلٽ پروف گاڏين ۽ پرھيز جھڙن کاڌن طرف ھليو وڃي ھا. ھو ته اھڙو عوامي اڳواڻ ھو، جنھن کي راھ ويندي، ڳوٺ شھر مان گذرندي جيڪو مليو، سو پي ڇڏيائين، استاد بخاري چواڻي ته؛
    الاءِ ته ڇا پنھنجن ڏنو بخاري،
    لڳو زھر ٿي پر ڏوڪي ڇڏيو مون!
    قومپرست سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ھاڻي اک پٽڻ گھرجي ڇو ته ھر ڀيري نئين حربي ۽ نئين ھٿيار سان مٿن حملا ٿيندا رھن ٿا.


    ھنج سدائين ڏٻرا

    ان ڏينھن جيئن ئي ٽنڊوالھيار کان موٽي آيس، شدت سان اھو احساس ٿيو ته ”محبت ھيڪلي آھي . . .“ ۽ ان ظالم جادوگر جون اھي سٽون به ذھن تي سوار رھيون ته ”محبت سانڍپي آھي. . ڪتا پالبا آھن، حياتي جو حساب تيسين تن سان رھي ٿو، جيسين جند آجي نٿي ٿئي. ڪتا پاليندڙ ماڻھن جي ھجوم اندر ڪو اھڙو ملي وڃي، جيڪو محبت سانڍڻ جون ڳالھيون نه ڪري، پر عمل ڪري، ته آھي نه چريو! اھڙي ئي ھڪ اٺھتر سالن جي چرئي سان عوامي ھوٽل تي لنچ ڪري جڏھن واپس پئي آيس ته ان جي بيماري جو ذڪر منھنجي زبان تان ھٽي نه سگھيو. ھو فوج منجھان ميجر جي عھدي تان اھڙي دور ۾ جبري رٽائر ٿيو، جڏھن بنگلاديش ٺھڻ طرف وڃي رھيو ھئو. ان جبري رٽائرمينٽ يا استعيفى سبب کيس انھن رعايتن ۽ آسائشن کان سڄي عمر محروم رکيو ويو، جيڪي ھڪ فوجي آفيسر يا ميجر جي رٽائرمينيٽ جي شان وٽان ھونديون آھن. ”ھوت وسي ھر ھنڌ، پر ھنن ڳوليو ھنگلاج ۾“ وارين سٽن جيان ھن پنھنجي ابن ڏاڏن جي زمين سنڀالڻ کان پوءِ اچي خانه بدوشن تي تحقيق ڪئي. ان خفت يا شوق ۽ ذوق ۾ ھمراھ وڃي ڪوچڙن،ڪولھين، جوڳين ۽ جنڊا واڙن سان مٿو مٿي تي رکي، انھن وٽان راتين جون راتيون، ڏينھن جا ڏينھن ترسڻ کان پوءِ جڏھن واپس پنھنجي لکڻ واري ٽيبل تي موٽيو ته ھڪ نه، پر پنج اٺ ڪتاب رھڙي رکيائين. ھو پرجوش زندگي گذاريندڙ ھمراھ ھميشه چاق و چوبند، پنھنجي ڳوٺ ۾ به انھن اقليتن جي ويڙھي جي وچ ۾ رھي جتي چڱن ڀلن جا وضو ٽُٽيو پون، پر نام نھاد لبرلز جا به ٽشو نڪ تي اچيو وڃن.
    سندس ڪجھه ايڪڙن واري زرعي زمين تي مينگھواڙن جو ڳوٺ ٻڌل آھي، انھن گھرن جي وچ ۾ ٺاھيل سندس باذوق، پر جديد اوتاري تي آئون ڪجھه سال پھرين ترسي آيو ھئس، جتي ھن . . .سبزي، شامي ڪبابن ۽ بريڊ کي گڏائي فراءِ پان ۾ ڪجھه اھڙي طرح تريو ھو، جو ان ڊش جو نالو به اسان خانه بدوش رکي پئي مزا ورتا. ان ڊش ۾ چس وڌيڪ ان ڪري به ھو، جو خورشيد جي ڳالھين جي چاشني به ان ۾ شامل ھئي. ھن انھن خانه بدوشن منجھان ئي ھڪ ھمراھ کي ڪمدار ڪري رکيو. ھن بنا ٽريننگ فيس وٺڻ جي سندس اھڙي ڪيپسٽي بلڊ ڪئي، جو ھمراھ ڪمدار مان ٺيڪيدار ۽ ٺيڪيدار مان باغن جو مالڪ بڻجي پيو. زماني جي گردش گھمائي ڦيڙائي وري جڏھن ٽنڊو الھيار جي ڪنھن مختصر معاشقي جھڙين سوڙھين ۽ پرڪشش گھٽين ۾ پھچائي ڇڏيو، تڏھن ھي شخص دنيا جھان کان لاتعلق بڻيو ”وڏو الم“ پاڙي ۾ پنھنجي گھر ڀرسان اھڙي دڪاندار جي دڪيءَ تي ڪرسي رکي ويٺل نظر آيو. جيڪو سندس نظرياتي مخالف بڻيل آھي. ھي ڪلين شيو سچل جي پيغام جو پيروڪار ته ”مذھبن ملڪ ۾ ماڻھو منجھايا“ ۽ ھو پنج وقته پاپند. قدرت به ڇا ته جوڙ ۽ بي جوڙ خلقيا آھن. سندس جوان ۽ اولادي پٽ کيس مشورو ڏين ٿا ته ھو ھر آچر تي ان زرعي زمين واري خانه بدوشن جي آباد ڪيل ڳوٺ وڃي، پر ھو چوي ٿو ته ان ڳوٺ جو منھن تڏھن کان نٿو ڏسان، جڏھن کان اھو ڪمدار گذاري ويو آھي. آمريڪا ۽ ڪئناڊا مان کيس مائٽن عزيزن ۽ دوستن جا سڏ اچن ٿا ته ٽڪيٽون پيون اٿئي، رڳو سنڀري ڪپڙن جا ٻه جوڙا کڻي تون اتان نڪر، پر ھو خاموش، ان خاموشيءَ ۾ پاڻ کي وڌيڪ سزا ڏيڻ ۽ اڻڄاڻائيءَ ۾ موت جي ويجھو ڪرڻ خاطر پڙھن لکڻ بند ڪري ڇڏيو اٿائين. خاموشي کان پوءِ آھستي آھستي بخيل ۽ بيزار ڪندڙ پوڙھائپ طرف پيو وڃي، پر ڇو. . . .؟ اھو سوال کانئس پڇڻ جي ھمت نه ڪري سگھيس.
    پنھنجي شھر جي شاھي بازار منجھان گھمندي ڪنھن دوست کيس ھٿ جو سھارو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس ڪاوڙ لڳي، حالانڪه منجھند ٿي چڪي ھئي، پر ھن پنھنجي پسنديده مٺائي واري دڪان تان حلوه پوري ورتا. اسان صفائي کان محروم شور شرابي واري ھوٽل تي ويھي منجھند جي ماني کاڌي، ھن ڪولڊ ڊرنڪس جو آرڊر ڏنو، مون نه کيس نه چاھيندي به ڪجھه واڪ ڪرڻ ۽ ٻاھر نڪري سوشل ٿيڻ، ٽي وي ڏسڻ ۽ ڪتاب پڙھڻ جو مفت مشورو ڏنو. ھن طنزيه مسڪراھٽ سان چپ بند ڪيا ۽ اکين سان اھو چيائين ته ڪيڏو نه ”اياڻو آھين، ڇا اھا خبر مون کي ناھي.“ ”خورشيد کي ڪا بيماري به ناھي ته ائين پاڻ کي ڊپريشن ۾ ڇو پيو آڻي؟“ ٽنڊوالھيار کان واپسي تي مون کي خورشيد جي پراڻي ۽ گھاٽي دوست ٻڌايو ته ھن جي محبوب دوست ھن جي اکين جي اڳيان گذاري وئي آھي، ان ڪري ھو گرمين ۾ اسڪردو ۽ ٻين اترين علائقن ڏانھن ھليو ويندو ھو. اھا ته خبر ھئي، پر ھو ويندو لاھور مان پنھنجي ان سھڻيءَ جھڙي محبوب سان ھو، جنھن لاءِ چيل آھي ته ”ساھڙ ڌاران سھڻي نسورو ئي ناپاڪ.“ ھو ٻئي ڄڻا اسڪردو ۾ ھڪ اين جي او جو پروجيڪٽ به ھلائيندا ھئا، پر ويندا جڳ جھان کان پري ٿيڻ ھئا. ھو آڌيءَ رات اڏامڻ وارا پکي ھئا.
    پکي سڀ مچن، ھنج سدائين ڏٻرا
    لوڪ ستو ننڊون ڪري ھو آڌيءَ رات اٿن
    پکيئڙن ڪڏھن سمھي سک نه ماڻيون
    اھا رات ۽ اھو منظر ھو ته ڪنھن کي ٻڌائڻ لاءِ تيار به ناھي، پر سندس دوست چواڻي ھڪ رات، اوچتو سندس دوست ھٿ ڇڏائي ڪنھن کاھيءَ ۾ ڪري پيئي. صبح ٿيڻ تائين ھو سندس لاحاصل تيماداري ڪندو آيو، صبح جو سندس اپيلن تي ھڪ آرمي ھيليڪاپٽر آيو، ڇو ته ھوءَ به ڪنھن مرحوم ڪرنل جي زال ھئي، جڏھن ھيلڪاپٽر ۾ کيس رکيائون ته ھن جو دم پرواز ڪري چڪو ھئو.
    اکين ڪين ڪمايو جو رت نه رنائون
    پلاڻيندي پرينءَ کي بيٺي ڏٺائون
    تن اکين کي آئون ڪجل ڪھڙو پايان
    ھو ڀٽائي ايترو نه ڄاڻيندو آھي، پر سندس چھري، اکين ۾ بند ٿي ويل زبان مان اھا ئي جھونگار ھئي.
    ڪجھه نفيس ماڻھن جي زندگي گذارڻ جا سپنا به عجيب ٿين ٿا ۽ ڪجھه پيار ڪندڙ ماڻھن جي وڇوڙي جا خواب به حسرتن ڀريا ھجن ٿا. ان رات سمنڊ جي سرد ھوائن کي جڏھن ڪافيءَ جا ڍڪ به مات نه ڏئي سگھيا ته ھو پنھنجي جسمن ۾ سامونڊي لوڻياٺ واري نمي کڻي نڪتا. سندس رخ ته ڪنھن جديد شاپنگ مال طرف ھو، پر رستي ۾ اچانڪ عبدالله شاھ غازي جي مزار وٽ ھن جديد دور جي صوفياڻيءَ کيس گاڏي روڪڻ ۽ مزار اندر ھلڻ لاءِ چيو. ھن مزار جي ڏاڪڻن وٽان قبرستان طرف وڃي کيس ان زال مڙس جي ڪلھو ڪلھي ۾ ملايل قبرون ڏيکاريندي ٻڌايو ته ھي وصيعت ڪري ويا ھئا ته کين ھڪ ئي قبرستان ۾ گڏ دفن ڪجو. ”پاڻ به ائين ڪنداسين، جھونا ٿي ٻارن کي اھڙي وصيعت ڪري وينداسين.“ اھي جذباتي جملا ٻڌي ھمراھ جي ھٿن مان گل ڪري پيا. ھن صوفياڻيءَ کي اھا بدشگوني لڳي واپس موٽيا، پر سڄي رات سندن تعلق خوشگوار نه رھيا. صبح جو ھو ستو ئي پيو ھو ته فقيرياڻي ٻيھر اچي عبدالله شاھ غازيءَ جي مزار تي پھتي، پر کيس اھا يونيڪ جوڙي واري قبر نظر نه آئي، جنھن جي سيرانديءَ کان ڪي لاجواب ڪلمات لکيل ھئا، شام جو واپس اچي ھوءَ سامان کڻي پنھنجي مائٽن جي گھر ھلي ويئي، ھن کي صرف فيس بڪ تي اھو ميسيج موڪليائين ته:
    پکي سڀ مچن، ھنج سدائين ڏٻرا
    پنھنجو خيال رکجانءَ، فقير اڃان ڪنھن ٻئي رڻ جا راھي آھن.


    ٻه ڊاڪٽر ۽ ٽيون وڏيرو

    اھو ڪو گھڻو پراڻو يا صفا انگريزن واري دور جو قصو ته ڪونھي پر پوءِ به چڱو خاصو قصو پراڻو ضرور آھي، سمجھڻ لاءِ کڻي ائين سمجھو ته اھو صدر ايوب جي سخت انتظامي ڍانچي وارو دور آھي، جڏھن اتر سنڌ جي ھڪ گڙنگ وڏيري، جنھن بعد ۾ ٻين وڏيرن جي ديکا ديکي پاڻ کي سردار ۽ بعد ۾ چيف سردار سڏائڻ شروع ڪيو، ان جي اوطاق تي سندس راڄ جو ھڪ ھمراھ پنھنجي انٽر پاس نوجوان پٽ کي نوڪريءَ لاءِ وٽس وٺي آيو، اھو پنھنجي پٽ کي وٺي ايندڙ ھمراھ اڻپڙھيل وڏيري جي برادريءَ جو نه ھو، جنھن کي ھو قوم سڏيندو ھو. اھو وڏيرو پنھنجي پٽڪي کي وڏا ور ڏيئي طرو ٻڌي اڇين ڪارين مڇن کي تيل ھڻي اچي اوطاق جي اڱڻ ۾ رکيل اڪيلي ڪاٺ واري واڻيل ڪرسي تي ويھندو ھو، وڏيري ويھڻ شرط ان ھمراھ کان حال احوال ورتا، جنھن کيس ٻڌايو ته سندس پٽ سٺين مارڪن سان انٽر پاس ڪئي آھي، ھاڻي کيس ڪٿي ڪلارڪي يا ماستري واري نوڪري ڏياريو ته گھر جو چلھو سٺو ٻري.
    وڏيري اھا ڳالھه ٻڌي ته ڏاڍي مرڪندڙ چھري سان، پر سندس اندر صفا سڙي رک ٿي ويو ۽ ھن ڪو بھانو بنائڻ بدران کيس کتو جواب ڏنو ته، ”اھا سرڪار ڏاڍي سخت آئي آھي. نوڪريءَ جو ڪو آسرو ناھي، ھا باقي تو وارو ڇوڙو اھڙو ھوشيار آھي ته مان وٽ ويھاري وڃينس، ٻني ٻاري جو پيو حساب ڪتاب ڪندو.“ وڏيري جي اھڙي بي رخيءَ واري ورندي ملڻ کان پوءِ اھو ھمراھ اڃا خاموش ٿي ٻيھر ڀوتار کي عرض ڪرڻ جي ھمت اندر ۾ پيدا ڪري رھيو ھئو ته نوجوان پٽ جي باغي ھٿ کيس ٻانھن مان پڪڙي پٽ تان اٿڻ تي مجبور ڪيو ھو، ٻئي پي پٽ غصي مان ٻرانگھون ڀريندا اڃان اوطاق جو وڏو در به نه ٽپيا ھوندا ته پٺيان ڀوتار جو ڀڻڪو سندس ڪنن تي پيو . . ان وڏيري سندن ذات کي ڪمتر ڄاڻائيندي پنھنجي منشيءَ کي پئي چيو. . ”ڄٽ پڙھيو جڳ اڙيو، ھاڻي ھي . . . وارا به اچي ماستر ڪلارڪ ٿيندا ته پوءِ اسان جي اوطاق جو حاضريون ڪير ڀريندو.“ وڏيري جي انھن نفرت ڀريل جملن پيءُ جي ڪنن تي ڪو اثر نه ڇڏيو، پر ان نوجوان پٽ اتي ئي پڪو پھه ڪيو ته ھو پنھنجي ذھانت ۽ علم سان سٺي نوڪري حاصل ڪري وٺندو. وقت جو چرخو وڏيري جي اوطاق ۽ غريب ٻار جي جھوپڙيءَ ۾ ساڳئي رفتار سان ڦرندو رھيو، نيٺ ان ڇوڪري ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي. باغي ذھنن سان مليو ۽ ھن وڃي ڪميشن جو امتحان ڏنو ۽ ھو باقاعده ڊاڪٽر ٿيڻ کان اڳ اسسٽنٽ ڪمشنر بڻجي ويو. ھو نوڪريون ۽ بدليون ڀوڳيندي ڀوڳيندي جڏھن سينئير سطح تي پھتو ته ھن سرڪاري خزاني جا فنڊ صرف پنھنجي برادريءَ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيا، جنھن علائقي ۾ ھن جي بدلي ٿي. ھن پنھنجي ڇڙوڇڙ برادريءَ کي منظم ڪيو. انھن کي جائز توڙي ناجائز طريقن سان نوڪرين ۾ اڳتي آندو ۽ سرڪاري فنڊ سندن حوالي ڪيا. ھو جڏھن ريٽائرمينٽ کي اچي ويجھو پھتو ته ھن پنھنجي ڳوٺ ۾ ان چيف سردار کان به وڏو بنگلو تعمير ڪرايو ۽ جڏھن ھو موڪلن ۾ ڳوٺ وڃي ان ان بنگلي ۾ ڪرسي رکي ويھندو ھو ته کيس ڏاڍي راحت ملندي ھئي. اھڙي راحت کيس سرڪاري آفيسريءَ وارين ڪرسين تي ويھڻ سان به ڪڏھن نه ملي. ھو پاڻ کي علائقي جو متبادل چيف سردار سمجھڻ لڳو ۽ ھن پنھنجي برادري کي مسلح ڪري ٻين برادرين سان ويڙھائڻ شروع ڪيو. بعد ۾ ان قبيلائي جھيڙن ۾ ھو جڏھن پنھنجي برادريءَ جي نمائندگي ڪندي ويھندو ھو ته سندس اڄايل روح کي وڏي راحت ۽ تازگي ملي ويندي ھئي ته ھو ملڪ کي اصل معنائن ۾ ھلائيندڙ سرداري ۽ جاگيردارانه مافيا جو حصو بڻجي پيو آھي. سندس علم، دانش، سندس سول بيوروڪريسيءَ جو تجربو اچي دنگ ٿيو ھڪ وڏيري جي ڪاپي ڪرڻ تي . . . .!
    اھڙو ئي قصو ھڪ ٻئي ڊاڪٽر جو آھي، جنھن ڪميشن ته پاس نه ڪئي ، پر پنھنجي ڊاڪٽري پيشي جي انتھائي اھم شعبي دل جي مرضن جي ماھر واري ايف سي پي ايس ڊگري ورتي. ھن اھا ڊگري ته ھڪ ٻاھرئين شھر مان ورتي، پر ڊاڪٽري اچي پنھنجي اباڻي شھر ۾ ڪيائين، جتي سندس مد مقابل ٻيو ڪو به ڊاڪٽر نه ھو. ڪروڙين روپيا فيس ۽ آپريشن جي مد ۾ ڪمائي سالن تان پريڪٽس جاري رکيائين، پر جڏھن ھڪ وزير سندس نالو ٽاپ تي ھوندي به نئين جڙندڙ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وي سي شپ لاءِ سندس نالو رد ڪري پنھنجي ذات برادري جي ھڪ نااھل ۽ بدعنوان يا بدنام زمانه ڊاڪٽر کي وي سي مقرر ڪيو ته اھو ڊاڪٽر صفا تپي باھ ٿي ويو. ھن پنھنجا مريض ۽ پنھنجا آپريشن ھڪ پاسي رکي صرف ھڪ ڪم کي ورتو ته ڪھڙي طرح پنھنجي ذات برادريءَ کي مضبوط ڪريان. ھو جيڪو شينھن ۽ بازن سان پنھنجا فوٽو ڪڍرائڻ جو جنون جي حد تائين شوقين ھو، تنھن ان وي سي خلاف يونيورسٽي پروفيسرن ۽ ملازمن بجاءِ پنھنجي برادريءَ کان جلوس ڪڍرايا، ھو برادريءَ جي ڪمن ۾ ايترو الجھي ويو، جو کانئس پنھنجي علم ۽ پيشوراڻي بلندي وسري ويئي. ھن اھڙين ننڍين ننڍين حرڪتن لاءِ پئسا ڏيڻ شروع ڪيا، جيڪي حرڪتون ڳوٺن جا اڻ پڙھيل وڏيرا ڪندا آھن. اھڙين سرگرمين بعد سندس برادريءَ جي گھٽ آمدنيءَ وارن ماڻھن برادريءَ جي سردار واري پڳ پارائي باقاعده کيس روبرو توڙي پرپٺ وڏو ۽ سردار ڪوٺڻ شروع ڪيو. ھاڻي ھو پنھنجي سرڪاري آفيس توڙي ڪلينڪ تي پھرين پنھنجي برادريءَ جي ماڻھن کي ڏسندو آھي، بعد ۾ ٻين مريضن جو وارو ايندو آھي.
    انھن ٻنھي نامي گرامي ڊاڪٽرن جي ماجرا ڏسي پھرين ته مونکي حيرت ٿي، بعد ۾ افسوس. ڇو ته سنڌ جي شعوري ترقي جي ساراھ ته ھر ڪو ڪندو ھو، پر اھا شعوري تنزلي آھي، جيڪا پنھنجي اکين سان پاڻ پيو ڏسان، جنھن جي معنى عام پڙھندڙ به اھا ئي وٺندو ته اسان جي معاشري تان جاگيردارانه گرفت ڍري ناھي ٿي ۽ اھا اڃان به ايتري ئي مضبوط آھي جو سنڌ جي انتھائي اعلى تعليم يافته ماڻھن يعني سي ايس ايس ۽ ايف سي پي ايس مان ڪاميابيون حاصل ڪندڙ ماڻھن جون اصل رول ماڊل ڳوٺ جو اھو وڏيرو آھي، جيڪو ننڍپڻ ۾ سندن شعوري ترقي ۾ رڪاوٽ ھو، پر جڏھن علم ۽ دولت اچڻ کان پوءِ کين پنھنجي زندگي گذارڻ جي چوائس ملي ته ھنن به پنھنجي برادري جو ڀوتار بڻجڻ جي ڀرڀور ڪوشش ڪئي پوءِ اھا ڪوشش ڪامياب رھي يا ناڪام. . .. اھو ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو.


    لاپته محبت

    سنڌ اندر اھا عجيب موسم ھئي، جڏھن ھو ڪوٽڙي وارو روڊ ڪراس ڪندي سونڊا واري قبرستان طرف وڃي رھيا ھئا. چوڻ لاءِ ته اھي سردي وارا ڏينھن ھئا، پر ھن جي اندر جون جا جھولا پئي لڳا. ھن پنھنجي ان سڪيلڌي ڀاءَ جي فرمائش تي گھر کان ٻاھر قدم رکڻ تي راضپو ڏيکاريو ھو، جيڪو لنڊن جي پڪڊلي سرڪس جا مزا ڇڏي وٽس موٽي آيو ھو، اتي ھن کي اسڪائيپ تي خبر پئي ته سنجھا جي طبيعت خراب آھي، ھن جو واپس اچڻ ضروري ٿي پيو ھو.
    سندس گاڏي جيئن ئي باراڻ نئين واري پل ڪراس ڪئي ته ھن جو ھيانءُ يادن جي پٿريلي جبل تان نئين جي پاڻي جيان تيزرفتاري سان لڙھي ويو. ان سنھي وجود سان گھڻو ڪجھه گڏ ته ڪونه ھو، پر يادن جي لوڙھي ۾ ڳالھين جو ڪو ڳوٺ ٻڌل ضرور ھو، جيڪو وقت جي وھڪري ۾ ڪئين لڙھيو، تنھنجي انت بحر جي کيس ڪا خبر نه پئي. سندس وجود ته بظاھر ڀاءَ سان گڏ سونڊا طرف ھمسفر ھو، پر اصل سنجھا ته اتي ئي ٽڪي پئي، جتي اھا پل ھئي. . .ان ئي پل تي . . . ھا ان ئي پل تي. . .ھڪ ڏينھن اوچتو اچي ھن کيس بيھاريو ھو. . .انگريز دور جي پراڻين ڳاڙھين سرن جي پلرن تي بيھاريل پل جي ھڪ ٺل واري دڪي تي بيھي ھن کيس پنھنجي کٽارا اسٽائيل وليز جيپ مان لاٿو. . . ھو ھٻڪي پئي، سرعام سڙڪ تي ھو کيس ٻانھن کان وٺي ان پل جي وچ واري ٿنڀي تي بيھي رھيو. . .سج لھڻ ۾ اڃا دير ھئي، پر ٺٺي جون ايڪڙ ٻيڪڙ سواريون تڏھن به آيون ويون پئي. ھن جوس جو ٽن پري اڇليو ۽ کيس ڇڪي پنھنجي اڌ کليل شرٽ واري سيني سان لائي ڇڏيو . . . ھن تڪڙ ۾ پاڻ ڇڏائيندي چيو، ”اھو ڪو طريقو آھي . . .ماڻھو ڏسي ڇا چوندا؟“
    ھوءَ شرم ۽ ڪاوڙ ۾ صفا ڳاڙھي ٿي ويئي، واپس وڃي پنھنجي سيٽ تي ويٺي. . ھن پنھنجو اڌ ڇڪيل ڊنھل سگريٽ پل جي اونھائي ۾ اڇليو ۽ کيس ٻانھن کان وٺي اچي ان ئي پل وٽ بيھاريو ۽ سر عام وڏي آواز ۾ ڳائڻ لڳو. . .
    ”تنھنجو منھنجو رشتو ناتو شايد موت ڇني. . .
    ھي ياري ڪا ٻي ياري آ. . لا. . ھي ياري ڪا ٻي ياري آ. .
    ناھي ماڻھن واري.“
    ان وليز جيپ ۽ ڊنھل واري سفر کي ڪي پورا ٽي ورھيه گذري چڪا ھئا ۽ ھو پورو اچي اٺاويھن سالن جو جوان ٿيو ھو، جو سندس لاش ان ئي باراڻ نئين وٽان وارثن کي مليو. . ھو لاش جي ويجھو نه وئي، نه ئي اسپتال مان سندس لاش وصول ڪيو ھئائين، ڇو ته ھن سندس وارث ٿيڻ کان پاڻ ٽي سال اڳ ئي انڪار ڪيو ھو. ھو ڪير ھو، ڪٿان آيو ھو. . . کيس ڪا خبر نه ھئي، بس صرف ايتري خبر ھئس ته پوري فيڪلٽي ۾ ھن جو آواز ڏاڍو سريلو آھي ۽ ڳائي به مختلف ٿو. ھن سندس سڪل منھن تي سھيلين ۾ ڪيتريون ئي ٺٺوليون ٺاھي سندس پرپٺ مشھور ڪري ڇڏيون ھيون،پر ھن کي نه ٻڌايون ھئائين. . نيٺ ھڪ ڏينھن دل ۾ ٽھڪ ۽ اکين ۾ شرارت روڪي ھن کائنس پڇيو ھو ته ”ماني نه ملندي اٿئي ڇا، ايترو سنھو ٿي ويو آھين. . . صفا ڏٻرو. . ؟“ ھن جي شرارت ڀريل اکين کان بي نياز ٿي ھن کيس وراڻيو ھو، ”تون سنڌي لٽريچر جي شاگردياڻي آھين، ڀٽائي نه پڙھيو اٿئي ڇا؟ جنھن اسان جھڙن کاھوڙين لاءِ ئي ته چيو آھي ته . . .
    سڪا منھن سندن، پيرين پراڻا کيٿڙا. .
    سا جوءِ ڏوري آئيا، سونھان جت منجھن،
    ڳجھا ڳجھيون ڪن، تھان پراھين پنڌ جون. . .!
    سو مرشد اسان ته اھا جوءِ ڏوري آيا آھيون، جتي سنڌ جون سوڪالڊ سڄاڻ ڌريون به پير پسائي آيون آھن، پر پنھنجا پاند آجا اٿئي. . . .“
    ھن کي سندس سيريس جواب نه وڻيو ۽ اڌ سمجھه ۾ آيس . . پر جڏھن بعد ۾ کيس خبر پئي ته ھو پنھنجي سياسي نظرين جي بنياد تي ڪجھه مھينا لاپته بڻايو ويو ھو ۽ وري واپس آيو آھي ته کيس ڀٽائي جي سر کاھوڙي وارو اھو بيت پوري مفھوم ۽ معني سميت سمجھه ۾ اچي ويو. . ھن کي سمجھه ۾ اچي ويو ته ھو فلسطيني رومال سدائين ڳچي ۾ ڳانو ڪري ڇو پائيندو ھو، ڇو سندس ھٿ ۾ سدائين ڪتاب ھوندو ھو ۽ ڇو اڪثر بنا ڪنھن اطلاع جي ڏينھن جا ڏينھن غائب ٿي ويندو ھو.
    ھنن ڪڏھن به باقاعده ”آئي لو يو“ چئي پنھنجي پيار جي شروعات نه ڪئي ھئي، پر ھڪ ڀيري ھو جڏھن کٽارا وليز جيپ تي ڪراچي وٺي ھلڻ جو چئي رھيو ھو، تڏھن اوچتو ھن يو ٽرن ورتو ۽ ڀٽائي جي در تي اچي کيس زيارت ڪرايائين. . . اھو جمعي سندو ڏينھن ھو. جمن فقير ۽ سندس ساٿي ڀٽائي جي اڱڻ ۾ ويراڳ ڪري ڪارا ڌاڳا وٽي دنبوري سان گسائي زيارتين ۾ ورھائي رھيا ھئا. . ھن به اڳتي وڌي اھي ڌاڳا ورتا ۽ ڪجھه رقم فقيرن جي نذراني ۾ رکي. . پر کيس عجب لڳو ته اھو دنبوري جو گسائي فقيرن جو وٽيل ڪارو ڌاڳو ھن پائڻ کان نابري واري ۽ کيس اھو چئي موٽائي ڏنو ته “ منھنجو پنھنجي ماءُ سان ڪو وچن ٿيل آھي. اھو اجازت نٿو ڏئي ته ٻئي ڪنھن رسي ۾ پاڻ کي سوگھو ڪريان. . .“ سڄي واٽ ھوءَ منھن سڄائي خاموش ويٺي رھي، پر لھڻ مھل پڇيائينس ته ”تنھنجي امڙ جو نالو ڇا آھي؟“ اھڙي سوال تي ھو ششدر نه ٿيو، پر کيس مذاق ڪندي چيائينس، ”ڇو دعائون وجھرائيندينئس ڇا؟“ ”نه نه . . پوءِ به خبر ته پئي، اھڙي خوشنصيب ماءُ جي نالي جي، جنھن جو پٽ جواني ۾ به ايترو فرمانبدار آھي. . .“ ھن جيپ کي ٿورو اڳتي ڪندي وراڻيس. . ”سنڌ منھنجي امان. . . “
    اھو جواب ٻڌي ھوءَ حيران ٿي وئي، ته اھڙا ڪي مٿي ڦريا به ٿيندا آھن ڇا . . ھوءَ پيار ۾ کيس مسلسل نظرانداز ڪندي رھي ۽ آخري سال ته ھوءَ صفا ھن کان پري وڃڻ پئي چاھي، پر سندس شاعري، آواز ۽ سندس جسم ۾ ڦھليل ڊنھل ۽ سگار جي خوشبو کيس بار بار ھن ڏانھن ڇڪي موٽائي پئي آئي. . . اھو کيس اندازو ئي نه ھو ھن جو گلوڪار ٿيڻ جو خواب، شاعري ڪرڻ، سياست ڪرڻ، برساتن ۾ ڇڙواڳن جيان روڊن تي رلي ڳائڻ، سڀ ايترو جلد ختم ٿي ويندو... ۽ ھو ڀاراڻ نئين جي تري ۾ ڪنھن ڪٺل ھرڻي جيان ڪيرايو ويندو . . .
    سندس ڀاءُ سونڊا ته ڪڏھوڪو ٽپي آيو، پر ھن کي مسلسل خاموش ڏسي ھن کي ھٿ سان ڌونڌاڙيندي چوڻ لڳو.. ھي بييبي.. ڪٿي گم آھين بابا...... پھريان مڪلي ھلون يا ڪينجھر.....؟
    ھن کي بارڻ نئين ۾ ٽي سال اڳ ڪريل لاش اوچتو ياد اچي ويو.... ”مڪلي ٿا ھلون جاني ڀاءُ....“
    ”چلو جيڪا توھان جي مرضي، پر ڪينجھر کان پھرين مڪلي ڇو....؟ سندس ڀاءُ ائين ئي لائيٽ موڊ ۾ پڇيس...
    ”اڄ آئون انھن فاتحن جو قبرون ٿي ڏسڻ چاھيان، جيڪي دور ديسن کان پنھنجا بکيا لشڪر کڻي سنڌ فتح ڪرڻ نڪتا، پر اڄ مڪلي ۾ بنا ڪتبي مدفون آھن... سندن پونيئر به سنڌي ٿي ويا آھن. ڇو ته ٽي سال اڳ سِسي ڌڙ کان ڌار ڪري ماريل فقير چئي ويو ھو ته ..... ڪير اسان ڌرتي ڌڻين جي ڪيتري به نسل ڪشي ڪري... تون مان رھون نه رھون .. فاتح سڀ سمھي پوندا.. پر سنڌ سدائين رھڻي آ....“
    سندس ڀاءُ ڊپريشن جو شڪار ٿيل ڀيڻ جون ھمت واريون ڳالھيون ٻڌي وڌيڪ جذباتي ٿي ويو ۽ کانئس پڇيائين... ”اھو فقير ڪٿي آھي..منھنجو مطلب آھي.. ان جي قبر ڪٿي آھي....؟
    ھن ويران ٿيل اکيون مٿي کڻي ڀاءُ کي ڏٺو، سندس آواز ڄڻ ته بارڻ نئين جي پل ھيٺان پئي آيو.. چوڻ لڳي ..”ادا اھي فقير سنڌ ۾ لاپته ٿي مرندا رھندا آھن، پر سندن قبرن جا نشان نه لڀندا آھن.....!“


    ڪي رند ڪڙو کڙڪائين ٿا!

    ان ڏينھن بھاولپور کان رحيم يار خان ۽ صادق آباد واري رستي واپس سنڌ ايندي اھو احساس شايد ٿيو ته سنڌ جو خوشحال ترين ۽ صنعتي ضلعو گھوٽڪي به صادق آباد جي ڀيٽ ۾ پوئتي پيل آھي. گھوٽڪي ۾ ڀاڻ جون فيڪٽريون، گئس۽ تيل خا ذخيرا ھوندي به گھوٽڪي وٽان گذرندڙ قومي شاھراھ ٽٽل ڦٽل ھئي، جڏھن ته ساڳي ئي قومي شاھراھ ڪوٽ سبزل کان پوءِ ھڪ سڌريل معاشري واري گل و گلزار شاھراھ ٿي پئي وئي. احمدپور شوقيه جھڙي سرائيڪي پٽيءَ جي ننڍڙي علائقي ۾ جيڪو خوبصورت ٽول پلازه تعمير ٿيل آھي، اھو سکر، حيدرآباد ته ڇڏيو ڪراچي ۾ به اھڙو ٽول پلازه تعمير ٿيل ناھي ، وڏي صوبي ۽ ننڍن صوبن وچ ۾ اھو فرق ڇو آھي؟ ان فرق ڪري رنجشون ۽ ناراضگيون جنم وٺن ٿيون، مان ۽ منھنجي آسٽريلوي مھمان ڪيٽ ان موضوع تي ڳالھائيندا پئي آياسين ته گھوٽڪي شھر ويجھو اچي ويو.
    گھوٽڪيءَ جي ٽٽل پٽل روڊن ڀرسان گھاٽا نم جا وڻ اڃا به پنھنجي خوبصورتي سبب پاڻ ڏانھن ڇڪين ٿا. انھن وڻن کان پريان روڊ جي ڀرسان ئي پنجاب طرف ھڪ ٽرين تيز رفتاريءَ سان وڃي رھي ھئي. ان ٽرين کي ڏسي اسان جي ڳالھين جو رخ سنڌ جي ريلوي پٽڙين تي ٿيندڙ بم ڌماڪن طرف ھليو ويو. اچرج جي ڳالھه آھي ته ريلوي پٽڙين تي ٿيندڙ انھن بم ڌماڪن واري جاءِ تان اڃان به ساڳيو ”سنڌ لبريشن آرمي“ وارو فوٽو اسٽيٽ ٿيل پمفليٽ ملي ٿو، جيڪو پنج سال اڳ نوابشاھ ڀرسان مليو ھو، جنھن پمفليٽ موجب انھن بم ڌماڪن جي ذميواري سنڌ لبريشن آرمي جي ڪمانڊر غلام حسين چانڊيو قبول ڪئي ھئي. ان شخص جو ۽ ان جي آرمي جو سنڌ اندر وجود به آھي يا نه؟ اھو پتو ته پاڪستان جون ڳجھيون ايجنسيون لڳائي رھيون آھن، پرانھن بم ڌماڪن جي باھ جيئي سنڌ جي نعري ھيٺ ڪم ڪندڙ لڳ بڳ سڀني تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آھي. اھي بم ڌماڪا ايتري وڏي نوعيت جا به ناھن ۽ نه ئي ان آرميءَ کي سنڌ اندر ڪا ايتري عوامي حمايت حاصل آھي. جو ان جي ڀيٽ انگريزن خلاف ھليل گوريلا جنگ يا حر تحريڪ سان ڪجي، پر الاءِ ڇو اھو پمفليٽي ڪامريڊ غلام حسين چانڊيو ائين نقلي نالو لڳي ٿو، جيئن انگريز ڪاموري ايڇ ٽي لئمبرڪ جي ڪتاب ”وار“ موجن غلام چٻرو يا سائين رکيو ولد واليڏنو بھڻ جا نالا ان زماني ۾ نقلي عرفيت سان پنن ۽ محفلن ذريعي جيل اندر توڙي ٻاھر گردش ۾ ھئا. سنڌ جو تعارف ھونئن ته صوفين ۽ ولين جي سنڌڙي سونھاري وارو ڏنو وڃي ٿو، پر ان اداس واديءَ جي لڳ ڀڳ ھر نسل ۾ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي سھي، پر اھڙا باغي روح ضرور پيدا ٿيندا ۽ گردش ڪندا رھيا آھن، جن جا حوالا ٻڌي اياز جون اھي سٽون ياد اچي وڃن ٿيون:
    ٿي ماڪ وسي مئخاني تي،
    ڪي رند ڪڙو کڙڪائين ٿا!
    ان ڏينھن ھڪ اھڙي شخص سان سالن کان پوءِ ملاقات ٿئي، جيڪو قومپرست سياست ۾ پاڻ کي گوريلا ڪمانڊر سڏائيندي فخر محسوس ڪري ٿو. وچولي قد وارن اھڙن سنڌين کي فوج ۾ قد جي ڪمي سبب ڀرتي نه ڪيو ويندو آھي، پر ھن پاڻ ئي ھٿيارن جي تربيت حاصل ڪئي. ھو لڳ ڀڳ ٻارھن سال اڳ جڏھن مون سان مليو ھو، تڏھن به روپوش ھو ۽ اڃان به روپوش آھي. ھو سرڪار کي تڏھن به سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ گھربل ھو ۽ ھاڻي ته مٿس انعام اڪرام به رکيا ويا آھن. بارھن سال اڳ ان جي روپوش ھوندي به اسان شايد سواري نه ملڻ جي ڪري حيدرآباد کان ڄامشوري تائين پيرين پنڌ آيا ھئاسين ۽ واٽ تي وسندڙ برسات اسان کي سڄو پسائي ڇڏيو ھو. ڄامشوري پھڇڻ کان پوءِ ھو پنھنجي ٺڪاڻي طرف ھليو ويو ۽ آئون پنھنجي ھاسٽل جي دوستن طرف. پر ھاڻي جڏھن ھو مليو ته ھو بدليل بدليل ھو. ھن جي پروٽوڪول ۾ ھن جا ڪارڪن حاضر حاضر ھئا. ھن انٽرويو لاءِ پنھنجو فوٽو ڪڍائڻ کان اڳ ڪمري ۾ موجود پنھنجي ساٿين سان تڪڙي اجلاس ۾ صلاح ڪري ورتي ته کيس ڏاڙھي سان فوٽو ڪڍائڻ گھرجي يا شيو ڪرڻ کپي. فيصلو شيو ڪرڻ جي حق ۾ آيو ته تڪڙا ريزر اچي ويا ۽ ھن منٽن ۾ شيو ڪري فوٽو ڪڍرايا.
    ”ھي جيڪو سنڌ لبريشن آرمي وارو ڪمانڊر غلام حسين چانڊيو آھي، سي اصل ۾ توھان پاڻ ته ناھيو؟“ منھنجي ان سوال جي جواب ۾ ھن مرڪي صرف ايترو چيو ته سنڌ سان ڏاڍاين جي خلاف جيڪو به جنھن طريقي سان مزاحمت ڪري ٿو، اسان ان کي بھتر سمجھون ٿا. ان ۾ ڌماڪن جي حمايت ھئي نه مخالفت. سنڌ اندر ريلوي پٽڙين ۽ بجليءَ جي ٿنڀن ۾ جڏھن ھلڪي نوعيت جا بم ڌماڪا ٿيڻ شروع ٿيا ته سنڌ جي صحافتي لڏي ان کي ائين مذاق ڪري سمجھيو، جيئن ڏھ ٻارنھه سال اڳ ڪوئيٽا جا صحافي انھن راڪيٽ حملن تي لطيفا ٺاھي کلندا ھئا، جيڪي بلوچ لبريشن آرمي وارا ڪندا ۽ ذميواري قبوليندا ھئا. ”بلوچن جي اھا لبريشن آرمي ۽ ان جا گوريلا ايترو ته ھٿ جا سڌا آھن جو انھن جو ھڪ به راڪيٽ ڪڏھن به پنھنجي نشاني تي نه لڳو آھي ۽ نه ئي ڪو نقصان ٿيو آھي.“ ڪوئيٽا جي ھڪ پٺاڻ صحافي ان زماني ۾ کلندي ٻڌايو ھو ۽ ھاڻي اھو ساڳيو صحافي انھن گوريلا اڳواڻن جا انٽرويو ۽ انھن جي تربيت واري ويڊيو ٺاھي ٿو اچي. پر سندس ادارو عالمي ۽ غيرجانبدار ھوندي به سندس اھي وڊيوز نشر نٿو ڪري سگھي. سنڌ لبريشن آرمي حقيقت آھي يا افسانو؟ ان سوال جو جواب ڳوليندي ڳوليندي ڳجھين ايجنسين ڪيترائي نوجوان گم ڪري ڇڏيا آھن. اھي نوجوان سياسي ڪارڪن ھئا، پر ڳجھين ايجنسين جي رپورٽن آڌار پوليس عملدارن انھن کي غير ملڪي ايجنٽ قرار ڏنو ۽ ڪيس مڙھيا، جيڪي سالن جي عدالتي جنگ کان پوءِ ھو ڪيس کٽي ۽ سرڪاري بھتان غلط ثابت ڪري ٻاھر نڪتا. سنڌ جي قومپرست سياست ايتري ته محدود ۽ ھڪٻئي سان سلھاڙيل آھي، جو ان جي ننڍڙي ۾ ننڍڙي راز جي خبر به پل کن ۾ پکڙجي وڃي ٿي اھو آرمي جو راز ڳجھو ڪيئن ٿو رھي سگھي. اھا ڳالھه به قومپرست ڪارڪنن جي موبائيل فونن تي ايس ايم ايس ذريعي ھلي، جنھن ۾ ٻڌايو ويو ھو ته لبريشن آرمي جي آڙ ھڪ قومپرست تنظيم جي قيادت کي قتل ڪرڻ ۽ ڪچلڻ واري آپريشن جي مک ڪردار سنڌي پوليس عملدار تازو ھڪ ٻي قومپرست جماعت جي اڳواڻ جي گھر وڃي نه رڳو ماني کاڌي، پر ان کي مشورو ڏنو ته جيئي سنڌ جي سڀني ڌڙن کي گڏائي صرف مسلح جدوجھد کي پرچار ڪندڙ ھڪ ڌر کي ڌار ڪري اڪيلو ڪري بيھاريو. سياست جي ان پرخار رستن ۾ ڪھڙو سچ ۽ ڪھڙو ڪوڙ، اھا ته خبر ئي نٿي پوي.
    ڪجھه قومپرست ڪارڪنن ۾ بلوچ قومپرست برزگ اڳواڻ نواب خير بخش مريءَ جي اھا گفتگو زير بحث ھلي ٿي، جنھن ۾ ھن جنرل مشرف جي دور ۾ ڪجھه سنڌي قومپرست اڳواڻن کي گھرائي مزاحمت بابت راءِ پڇي ھئي ته ” اسان بلوچ ته خودڪشي ڪرڻ وڃي رھيا آھيون، توھان سنڌي به ھلندا ڇا؟“ پوءِ ڪجھه وقت جي وٿيءَ کان پوءِ مريءَ پاڻ انڪار ڪندي چيو ھو”ٽين ڌر توھان سنڌين تي اعتبار نٿي ڪري“ ته سوچڻ جي ڳالھه اھا به آھي سنڌي قومپرستن تي عالمي برادريءَ ايترو به اعتبار ڇو نٿي ڪري، جيترو ھنن جو بلوچن تي آھي؟ شايد سنڌي قومپرست ڇڙوڇڙ ۽ غير منظم رھيا آھن، تڏھن ”اسان جڏھن ٽوڙھي ڦاٽڪ خلاف ھلچل ھلائي ته اھا مزاحمت تمام سگھاري ھئي، جنھن ڪري پاريسڙي ملڪ جي ھڪ وزيراعظم اسان سان رابطو ڪيو.“ سالن تائين جيلن ۽ روپوشيءَ وارا ڏکيا ڏينھن گذاريندڙ ھڪ انقلابي اڳواڻ ٻڌايو. ”اسان ڏکيا سکيا پنڌ ڪري پنھنجي ايجندا تيار ڪري ان سان ملڻ وياسين، پر ايئرپورٽ تي خبر پئي ته ان وزيراعظم کي ان جي محافظن گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو آھي، جنھن ڪري اسان جي اھا ملاقات نه ٿي سگھي.“
    پراڻي سکر جي ريلوي ڪراسنگ ڀرسان جڏھن به گذرندو آھيان، مونکي اھو ننڍي عمر وارو باغي ھيمون ڪالاڻي ياد اچي ويندو آھي، جيڪو ننڍي عمر ۾ ئي ڦاھي چڙھي ويو، پر پنھنجي ڌرتيءَ تان ڌارين کي تڙي ڪڍڻ واري موقف تان پوئتي نه ھٽيو. سنڌي سماج ھڪ ماٺار ۽ جاگيرداري قدرن ۽ ريتن رسمن جي سنگھرن ۾ جڪڙيل ماڻھن جو سماج آھي، جنھن انگريزن لاءِ به ايڏو وڏو مسئلو پيدا نه ڪيو ھو، پر بغاوت تي لھي آيا ته پنھنجي مرشد سورھيه بادشاھ خاطر ئي اھڙو رڻ ٻاريائون جو حر تحريڪ ڪچلڻ لاءِ مقرر ڪيل انگريز عملدار ايڇ ٽي ليمبرڪ کي حرن جي بھادريءَ ۽ سچائي تي مڃتا ڏيئي پئي. ائين ئي سنڌي ماٺار ۾ ته رھيا، پر ضيائي مارشل لا جون ھنن ڌڄيون اڏائي ڇڏيون. سو ٿڌڙين راتين ۾ لوڪ سمھي مزي جون ننڊون ڪندو آھي، تڏھن باغي روح جاڳن ٿا ۽ اھي رند وڃي ڪنھن نه ڪنھن مئخاني جو دڙ کڙڪائين ٿا.


    سنڌ جو لوڻ ۽ ننڌڻڪا ڀومي پترا

    اھو ھڪ عجيب اتفاق ھيو ته جن ڏينھن ۾ آئون ملائيشا جي ڌرتي ڄاولن يا ڀومي پترن کي مليل آئيني حقن بابت پڙھي رھيو ھئس، انھن ئي ڏينھن ۾ منھنجي ٻن اھڙن عجيب ڪردارن سان ملاقات ٿي، جن کي سنڌ امڙ نسلن کان پنھنجي گود ۾ تاتي پالي وڏو ڪيو پر پوءِ به ھو پنھنجو پاڻ کي سنڌي سڏائڻ ۾ عيب محسوس ڪري رھيا ھئا. ملائيشا جي ڀومي پترا پاليسي بابت اسانجا وڏيرا ۽ امير ڪبير ماڻھو ته ھاڻي خوب ڄاڻيندا ھوندا، ڇو ته ھاڻي ڪيترن ئي سنڌي ڀوتارن پنھنجي ٻارن جي تعليم۽ ڪاروبار ڪرڻ لاءِ ملائيشا جھڙي ملڪ کي چونڊيو آھي، جتي ڪاروبار، آزادي ۽ اسلام گڏ گڏ ھلن ٿا. ملائيشا جي ڀومي پترن ڏانھن پوءِ ٿا ھلون، پر اچو ته پھريان توھان کي پنھنجي ٻن ڪردارن سان ملايان، جنھن منجھان ھڪ حيدرآباد جو حجام آھي.
    ان ڏينھن سندس سيلون تي وڃي وار ٺھرائڻ لاءِ ويٺس ته ھن سلام دعا جي شروعات ڪئي. بعد ۾ مون به کانئس پڇي ورتو ته پاڻ ڪير آھيو؟ ھن وڏي نفرت سان پھرين اھو ٻڌايو ته ھي حجامڪو ڌنڌو سندن اباڻو پيشو ناھي پر مجبوري ۾ اھو روزگار ڪري رھيا آھن. ھو اصل ۾ منگول کان آيل مغل آھن ، جيڪي ايراني نسل جا آھن. سنڌ ۾ سندن ستين پيڙھي آھي. ھومنگول ۾ جنگين کان ڀڄي اچي سنڌ ۾ پھتا ۽ پناھ ورتائون. ھو منگول آھن. مونکي ڏاڍي حيرانگي ٿي ته سنڌ ايتري ترقي ڪري وئي آھي، جو ان ۾ ھي سانورا حجام به ھاڻي منگول کان پيا اچن. پر ان ئي لمحي پڪ ڪرڻ خاطر کانئس پڇيم، ادا توھان ڪڏھن ويا آھيو منگول...؟ ھن وراڻيو ته ، نه ھو ته ڪڏھن نه ويو آھي پر سندس ڏاڏو ويندو رھندو ھو ۽ اھوئي کين اھڙيون ڳالھيون ٻڌائيندو رھندو ھو ته ھو اصل منگول آھن، جيڪو ايران جو علائقو آھي. مونکي خبر ناھي ته ايران سان ڪھڙو منگول علائقو منسلڪ آھي پر ھي واحد منگول ھو، جنھن پنھنجي اصليت جو نه ملڪ ڏٺو، نه اھا زبان ٿو سمجھي پر ھو سنڌي بدران پنھنجو پاڻ کي منگول سڏائڻ ۾ فخر محسوس ٿو ڪري!! اھو انفراريٽي ڪمپليڪس ھيو يا ڪجھه ٻيو، پر ان منگول حجام جون ڳالھيون ٻڌي مونکي پر سال واشنگٽن ۾ مليل اھا برف جھڙي اڇي ٽوئرسٽ گائيڊ ياد اچي وئي، جنھن ٻڌايو ته ھو منگوليا جي منگول آھي پر ھاڻي فخريه آمريڪن آھي، ڇو ته ھن ھڪ آمريڪي سان شادي ڪري وڏن سورن سان شھريت ورتي آھي. توڻي جو سندس پيءُ ماءُ ھاڻي به منگوليا ۾ رھن ٿا، پر ھو آمريڪن آھي. . .حيدرآباد ۾ حجام جي قئنچي ڪنن ڀرسان ھلندي مون اھيوئي سوچيو ته، سنڌ جي لوڻ ۾ الائي جي ڇا آھي . . . جنھن کي ٿا کارايون، سو ڀٽائي جي ان سٽ جي عملي روپ وانگر ٿيو وڃي، ته مٽ مئي جا نه ٿيا . . . ھيءُ ته ھڪ اڌ پڙھيل حجام ھو، جيڪو منگول ٿيڻ جو شوقين ھو پر ھلو ته ھڪ ٻئي ڪردار سان ملون، جيڪو مونکي سٽي ريلوي اسٽيشن ڪراچي جي اسٽوري ريڪارڊ ڪرڻ دوران ويران پليٽ فارم تي مليو.
    جيڪو پڙھيو لکيو به اھڙو، جو ڳالھه ڳالھه ۾ لينن ۽ مارڪس جا حوالا پيو ڏئي . . . جنھن سڄي عمر مزدورن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪئي ھن کلي دل سان ٻڌايو ته ھو جڏُھن يو پي مان لڏي آيا ته وٽن رھڻ لاءِ اجھو به نه ھيو پر سنڌ ۾ رھي کين عزت، روزگار ۽ ھڪ جيون ساٿياڻي به ملي، جيڪا حيدرآباد جي طاھراڻي فيملي جي ڇوڪري ھئي. ان مزدور اڳواڻ پنھنجي جدوجھد جي باري ۾ ڏاڍيون گھڻيون ۽ دلچسپ ڳالھيون به ٻڌايون، پر جڏھن پنھنجي زال جي باري ۾ ٻڌايائين ته اھا حيدرآباد جي سنڌياڻي آھي ته مون وڏي چاھت مان مرڪي کانئس پڇيو ته پوءِ توھان جي گھر ۾ سنڌي ٻولي رواني سان ڳالھائي ويندي ھوندي، ڇو ته مادري زبان جي نسبت سان توھان جا ٻار به گھر ۾ سنڌي ٻڌي ۽ سکي وڏا ٿيا ھوندا. . . پر ان پوڙھي دانشور نما مزدور اڳواڻ تمام سنجيده ٿي سپاٽ چھري سان وراڻيو ته، نه اسانجا ٻار سنڌي ناھن ڳالھائيندا. اسانجي گھر ۾ سنڌي صرف تڏھن ڳالھائي ويندي آھي جڏھن منھنجي زال جا مائٽ گھر ايندا آھن. . . ائين ڇو آھي رضي صاحب؟ سنڌياڻي گھر مالڪياڻي، پر سنڌي کي گھر نيڪالي؟ . . .ته ھن ٽھڪ ڏئي چيو، ائين سڀ ڪن ٿا ۽ سالن کان ڪندا پيا اچن. (سنڌين کان نفرت) . . . ! ان سلسلي ۾ ھن ھڪ مثال ٻڌايو ته ريلوي جي عروج واري زماني ۾ سٺ ستر جي ڏھاڪن ۾ ھو ريلوي ملازم ھئڻ ناتي تڪڙو تڪڙو حيدرآباد ريل رستي ويندو رھندو ھو. ان سفر دوران ھو ڏسندو رھندو ھو ته ڪراچي يا ملير مان جيڪي سنڌي ماڻھو ٺٺي يا ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد وڃڻ لاءِ ٽرين ۾ چڙھندا ھئا، انھن کي پنجاب يا پشاور ڏانھن ويندڙ مسافر سيٽون خالي ھوندي به ڄاڻي واڻي ويھڻ لاءِ سٽون نه ڏيندا ھئا. ھن ڪڏھن غور نه ڪيو ته ائين ھو ڇو ٿا ڪن، پر ھو ائين ڪندا ضرور ھئا.
    سنڌي جيڪي ھن ڌرتي جا ڀومي پترا آھن، انھن کي اوھان ٻوڏن ۾ لڙھندي، بندن تي ويھي خيرات ۾ مليل پلاءُ ڀت ٿانون بدران ڪوڏرن ۾ کائيندي يا پيٽ جي باھ اجھائيندي ڏٺو ھوندو. ٻاھرين ماڻھن کي اوھان ايئرڪنڊيشنڊ گاڏين۽ بنگلن ۾ ڏٺو ھوندو پوءِ به ھو چون ٿا اسان سنڌين سان گڏ نٿا رھي سگھون، ڏکيا آھيون. . .اسان ھر حال ۾ الڳ صوبو وٺي رھنداسين. ان جي ابتڙ جيڪڏھن اسان ھڪ نظر ايشيا ۾ ئي ھڪ ملڪ تي وجھون ته خبر پوندي ته ملائيشا لڳ ڀڳ ٽي ڪروڙ آبادي وارو اھڙو ملڪ آھي، جنھن کي آزادي اتفاق سان آگسٽ مھيني ۾ ئي سھي پر اسان کان پورا ڏھ سال پوءِ ملي، يعني ھو 1957ع ۾ آزاد ٿيا پر ھن مھل اسان وانگر دنيا جھان ۾ دھشتگردي ڦھلائڻ سبب بدنام ڪونھن ۽ نه ئي ناڪام رياستن جي لسٽ ۾ سندن ملڪ جو نالو اچي ٿو. انھن ڳالھين جي ابتڙ ھنن وٽ ايشيا جي وڌنڌڙ ايڪانومي جو بھترين ريڪارڊ موجود آھي. سندن جي ڊي پي گذريل پنجاھ سالن کان سٺي شرح تي وڌي رھي آھي. سندن ملڪ جي ناماچاري ھر ھنڌ مشھور آھي، تڏھن ئي ته منھنجو ھڪ مسڪين ڳوٺائي به لکن ۾ ويزا وٺي ملائيشا مزدوري ڪرڻ ويو آھي. پاڪستاني اختياريون به سندن گڻ ڳائيندي ڪونه ٿڪبيون آھن پر اسانکي ملائيشيا جي ڀومي پترا پاليسي کان ڪڏھن واقف نه ڪيو اٿائون. . . ته ڪيئن نه ڪيئن اتان جي اصل رھاڪن يعني ملائي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ رياست ڪيتريون ئي آئيني ضمانتون ڏنيون آھن. ملائيشا جي تيرنھن رياستن ۾ ڪيترن ئي نسلن جا ماڻھو رھن ٿا، جنھن ڪري اصل ڌرتي ڌڻي يا ملائي پنجاھ سيڪڙو بچيا آھن. ٽيويھه سيڪڙو چائينز آھن ۽ ست سيڪڙو انڊين به آھن، پر اتان جي رياست وائڙي ڪونه ٿي آھي، جو ٻاھران لڏي ايندڙن کي اصل ڌرتي ڌڻين جي مٿان فوقيت يا اوليت ڏئي. اھڙن قدمن سبب ملائيشن حڪومت مٿان تنقيد به ٿي رھي آھي پر انھن تنقيدن کي پاسو رکي ھو اڳتي وڌندا رھيا. ڪوالامپور جي اسٽاڪ ايڪسچينچ ۾ ڪا به ملڪي توڙي غير ملڪي ڪمپني رجسٽرڊ ئي تڏھن ٿيندي، جڏھن ان ڪمپني جي ٽيھه سيڪڙو مالڪي ڪنھن ڀومي پترن وٽ ھوندي، اسان جي ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينچ ۾ ڪيترا ڀومي پترا آھن، ڪيترن کي اچڻ ٿو ڏنو وڃي، حساب پاڻ لڳايو.
    ملائيشا جي ڪنھن به علائقي ۾ نئين ھائوسنگ ڪمپني لاءِ ضروري آھي ته اھا ست سيڪڙو رعايت ڀومي پترن کي ڏئي. . . ڪراچي ۽ ٻين شھرن ۾ ڪھڙي بحريه ٽائون يا ٻي ڪمپني ڀومي پترن کي رعايت پئي ڏئي؟ ڀومي پترن لاءِ يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ داخلائن جون مخصوص سيٽون رکيل آھن، پر ھتي گنگا ائين پئي ابتي وھي، جو اسان پنھنجي شھر ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ اجنبي آھيون .. . ملائيشا ۾ سٺ سيڪڙو کان وڌيڪ مسلمان آبادي رھي ٿي پر انھن ڪڏھن به اڻويه سيڪڙو ٻڌن کي ائين ڪٽي تاراج نه ڪيو آھي، جيئن اسان ھندن، عيسائين ۽ ٻين مذھبي اقليتن کي ڪيو آھي. ملائيشا گھڻن حوالن سان ترقي ڪندڙ ملڪن ۽ قومن لاءِ مثال آھي، تڏھن ئي ته ورلڊ بئنڪ پنھنجي پيسن تي تازو ئي تعليم واري وزير نثار کھڙي کي ايم پي ايز حسنين مرزا ۽ تيمور ٽالپر سميت ھڪ وڏي وفد کي ملائيشا موڪليو ته سنڌ جي تعليم بھتر بڻائڻ لاءِ ملائيشا مان ڪجھه سکي اچو، جتي تعليمي شرح اسان کان گھڻي بھتر ۽ مٿي آھي. انھن ملائيشا وڃي خبر ناھي رڳو بيچيز گھميون يا ڪو ڀومي پترا جو سبق به ياد ڪري آيا، جيڪو اسان سنڌ جي ان اسيمبليءَ مان پاس ڪرائي سگھون ته جيئن آئنده ڪنھن ٻاھران آيل لاڏائو ٽولي کي اھا ھمت نه ٿئي ته سنڌ جي ورھاڱي لاءِ سوچي به سگھي يا نام نھاد انتظامي يونٽ ۽ صوبن جون ڳالھيون ڪري ڌرتي ڌڻين ۾ انتشار ڦھلائي سگھي.


    مُياس ته معاف ٿئي!

    مائي الھوڌائي، تنھنجو ھاڻي الله واھي، ڪراچي جي اسپتال مان جڏھن تُنھنجي اڌ سڙيل وجود جو لاش اباڻي شھر ڏھرڪي لاءِ نڪتو ھوندو ته اھو نه پڇجان ته اھو لاش ڳوٺ پھچائڻ لاءِ تنھنجي پونئيرن کي ڪيترا ڪشالا ڪرڻا پيا ھوندا، ڇاڪاڻ ته رستي ويندي لاش خاموش رھندا آھن، پر تنھنجو لاش عورتن لاءِ جھنم بڻايل ھن ڀوتارڪيءَ ڀونءِ مان گذرندي ڪيترائي سوال ڪندو پيو وڃي. اھو سوال ته حڪمرانن ٻُڌو اڻ ٻُڌو ڪري ڇڏيو ته تنھنجي قاتلن ۽ زانين(ريپسٽ) جو ڇا ٿيو، انھن جي گرفتاري ٿي يا انھن کي سزا ملي يا نه؟ گھوٽڪي پوليس ته تنھنجو ڪيس وٺڻ لاءِ تيار نه ھئي ته ڪو ان جي حدن ۾ ريپ جو واقعو به ٿيو آھي. اھا پوليس ته ان واقعي کي جنھن ۾ تنھنجي ڏھن سالن جي نياڻي زوري زنا کان پوءِ ساڙي ماري وئي ۽ توکي به ساڳئي جھنم جھڙي عذاب مان گذاريو ويو، پر گھوٽڪي پوليس ان کي تنھنجو رچايل ڊرامو پئي سمجھي، تڏھن ته ھنن پھريان ايف آءِ آر نه ورتي ۽ جڏھن تنھنجا وارث سيشن جج وٽ دانھين ٿا، تڏھن وڃي ھنن ايف آءِ آر درج ڪئي.
    سنڌ ۾ واقعي دور مٽجن ٿا، پر ذھن ڪٿي ٿا مٽجن؟ گھوٽڪي پوليس جو ذھن به اڳوڻي آمر جنرل پرويز مشرف جي ذھن سان ملي ٿو، جنھن ريپ جو شڪار ٿيندڙ عورتن مٿان طنز ڪندي چيو ھو ته ”اھي عورتون ڄاڻي واڻي ريپ ٿو ڪرائين، ته جيئن کين آمريڪا ۽ ڪئنڊا جي ويزا ملي وڃي.“ مشرف ته اقتدار مان ھليو ويو، پر اھا ذھنيت حڪومتي ادارن ۽ مردن جي اڪثريت ۾ڇڏي ويو ته ريپ جي واقعن ۾ عورتن جا ڪي مفاد لڪيل ھوندا آھن، تنھن ڪري جنرل ضياءَ وازي زماني ۾ ريپ ٿيل عورتن کي چار گواھ پيش ڪرڻا پوندا ھئا، جن عورت کي ريپ ٿيندي ڏٺو ھجي، تيئن ئي ھاڻوڪي دور ۾ اھو مائي الھودائي جھڙين عورتن کي واضع ڪرڻو پوندو ته ھنن ڪئينيڊا يا آمريڪا جي ويزا يا ڪنھن ٻئي مفاد لاءِ ته ريپ نه ڪرايو آھي! مائي الھوڌائي رلِيون وڪڻي گذر ڪندڙ اھڙي اڌڙوٽ عمر واري عورت ھئي، جنھن کي کينجھو واري علائقي ۾ برسات ۽ طوفان سبب رات ترسائي، سندس 10 سالن جي نياڻي شرما سميت اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو ۽ بعد ۾ جيئري باھ ڏئي ساڙيو ويو. ھوءَ اھڙي پورھيت عورت ھئي، جنھن جا ھٿ ھنر سان سونا ھئا، جنھن کي اسپتال جي ٻين عورتن پاران جيڪو مٿن کان وھاڻو ڏنو ويو ھو، سو ھٿ جي ھنر آر جو ڀرت جو شاھڪار نمونو ھو.
    ائين به ناھي ته حڪومتي ادارن مائي الھوڌائيءَ کي ڪو صفا وساري ڇڏيو ھو، ڇاڪاڻ ته سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ جڏھن اجتماعي دعائون ٿي رھيون ھيون، تڏھن ڊپٽي اسپيڪر شھلا رضا ھڪ اين جي او جي پرچي پڙھندي، مائي الھوڌائي جي ڪفن جي ڪنھن ڪُنڊ تي ڪنھن اداري جو مونوگرام نه لڳل ھجي. مائي الھوڌائي جو اڌ سڙيل لاش ڏسي نصيحتون ڪندڙ منجھان ڪنھن چيو، ”ان مائي جا گناھ به ته ايترا ھوندا، جو کيس جيئري جلي مرڻ جي سزا ملي“ مون کيس ٻڌايو ته، ”ھا واقعي مائي الھوڌائي جو ڏوھ آھي ۽ وڏي ۾ وڏو ڏوھ اھو اٿس ته ھوءَ بدبودار سماج م پيدا ٿي ۽ پورھيت ٿي پيدا ٿي“ ڇا ان کان وڌيڪ ڪو ڏوھ اڄوڪي سنڌ ۾ آھي ته غربت پورھيت ٿي پيدا ٿجي، جنھن جي لڄالٽ واقعي کي به ماڻھو مشڪوڪ نظرن سان ڏسندا. اھي ان وينا حيات کي مشڪوڪ نظرن سان نه ڏسندا، پر غريب پورھيت نياڻيءَ جي لڄالٽ کي سؤ ڀيرا چيڪ ۽ ري چيڪ ڪرڻو ٿو پوي. مون کي ھڪ اين جي او واري امير زاديءَ ٻڌايو ته، ”توھان ليکارين جو غريبن لاءِ الاءِ اڇو ٿو ھانءُ ڦاٽي، باقي جيترا ڊرامي باز اھي غريب اٿئي، ٻيو ڪوبه نه ھوندو.“ مون کيس عرض ڪيو، ”جيڪو به ٿئي، پر ھڪ عورت ۽ ھڪ انسان ناتي اوھان پنھنجي اداري جي فنڊن مان سندس علاج ڪرايو ته بھتر نه ٿيندو“ ھن ڪُلھن کي انگريزن وارو جھٽڪو ڏيندي چيو، ”يار سچي ڳالھه اھا آھي ته اھا مائي جيڪڏھن ڪاري ٿي مري ھا ته اسان فُل سپورٽ ڪريونس ھا، ڇو ته اڄڪلھه پراجيڪٽ ڪارو ڪاري تي پيو ھلي، باقي ريپ جو اڃا پروپوزل موڪليو آھي، جيڪو پراجيڪٽ منظور ناھي ٿيو، سو في الحال ته ڪا پوزيشن ناھي.“
    ھي استنبول ۽ انڊيا وچ ۾ساھ کڻندڙ اھڙي معاشري جا ادارا ۽ فرد آھن، جن کي جيئڙي ساڙي ماريل عورت جيڪا به ھڪ انسان آھي، ان جو قدر ناھي. اھڙي بيحس معاشري ۾ استنبول جي انھن بھادر عورتن جو ڪھڙو ذڪر ڪجي، جن ھڪ نوجوان ڇوڪريءِ سان بس ڊرائيور پاران ڪيل ريپ کان پوءِ اھڙي ته شاندار تحريڪ ھلائي، جو ترڪي جي سياستدان به ڏڪي ويا. استنبول جي عورتن اھا سموري تحريڪ ٽوئيٽر تي ھلائي ۽ انھن مردن کي طنز جو نشانو بڻايو، جن جي نمائندگي ڪندي،ترڪيءَ جي ھڪ سياسي اڳواڻ چيو ھو ته، ”استنبول جون عورتون لباس اھڙو مختصر ٿيون پائين، جو پاڻ ريپ جي دعوت ڏين ٿيون“ سندس اھڙي بيان کان پوءِ استنبول ته ڇا سڄي دنيا جي عورتن ٽوئيٽر تي پنھنجون تصويرون ۽ پنھنجيون ڪھاڻيون شيئر ڪيون ته انھن سان حياتيءَ ۾ ڪڏھن ڪڏھن ڪيترا دفعا ۽ ڪھڙن ڪھڙن مردن ريپ ڪيو يا ريپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جيتوڻيڪ استنبول جي عورتن جي آن لائين جدوجھد متاثر پئي ڪيو، پر مرد به گھٽين مان نڪري چوراھن تي آيا ۽ ھنن چيو، ”جيڪڏھن عورتن جو لباس انھن لاءِ ريپ جو سبب ٿو بڻجي ته اسان مرد به مني اسڪرٽس پايون ٿا ۽ عورتن سان يڪجھتي ٿا ڪريون“ استنبول جي عورتن جي تحريڪ کان اڳ انڊيا ۾ ھڪ سگھاري تحريڪ تڏھن ھلي، جڏھن ھڪ شاگردياڻي کي ھلندي بس ۾ ريپ ڪيو ويو. انڊيا جا انتھاپسند، عورتون توڙي مرد ان ريپ خلاف اھڙو ته اٿيا، جو سرڪار کي قانون بدلائڻا پيا ۽ سزائون بدلائڻيون پيون، پر ھيءِ سنڌ آھي، جتي جڏھن مائي الھوڌائي پنھنجي ڏھن سالن جي نياڻيءَ سميت ريپ کان پوءِ سڙي ٿي ته حڪومتي ادارا سندس چال چلت تي شڪ ڪن ٿا ۽ سول سوسائٽي خاموش ٿي رھزنن کي رستو ڏئي ٿي. اھڙي سينواريل سماج ۾ جتي ادار ا موجود ھجن، پر اھي عورتن خلاف تعصب واري ذھنيت سان ڀريل ھجن. اھڙي معاشري ۾ چوڻ لاءِ ته ڀلي نياڻيون ست قرآن ھجن، پر انھن جو حشر ھو اھڙو ته بري انجام جھڙو ڪن ٿا، جو متاثر عورتون دانھن ڪرڻ جي به قابل نٿيون رھن. تڏھن ته ڍول فقير ڳائيندو رھي ٿو ته،
    ”سور مڪائون سوکڙي ڪري،
    ڳالھه انھيءَ آ ڳاري، ھو جي ويا ھليا “


    ڪا جا روح رھاڻ!

    ھاڻي جڏھن شڪارپور جي امام بارگاه تي خودڪش حملي بابت اھا خبر پڙھيم ته حملي ڪندڙ جو تعلق ازبڪ نسل سان ھو ته مون کي الائي ڇو اھو افغاني پٺاڻ ياد اچي ويو، جيڪو مسڪرائيندڙ سنڌي مولوي سان گڏ مون کي ڀٽ شاھ ڀرسان لاھوتي ھوٽل تي مليو ھو. اھو مسڪرائيندڙ مولوي منھنجو پراڻو دوست ھو، جنھن وٽ قومي شاھراھ تي سفر ڪندي ڪڏھن ڪڏھن چانھه پيئڻ لاءِ ترسي پوندو ھئس. اھا ڪجھه سال اڳ جي ڳالھه آھي ته جڏھن مون مسڪرائيندڙ مولوي کي فون ڪري ٻُڌايو ته سندس ڳوٺ جي ڀرسان پھچڻ وارو آھيان ته ھن ھڪدم چيو، ”باءِ پاس وٽان لاھوتي جون نئون ھوٽل کُليو آھي اتي ويٺا آھيون ھليو اچ“ ھوٽل تي پھچڻ سان خبر پئي ته وٽس افغانستان کان مھمان آيل آھن، جن منجھان ھڪ بزرگ، پر وڏي ڏاڙھي ۽ پٽڪي واري کي کي ھو پاڻ سان گڏ وٺي آيو ھو.
    اسان جي تعارف دوران جڏھن مسڪرائيندڙ مولوي کيس اسان جي حُجتي ھجڻ بابت ٻُڌايو ته ھن پڻ باقي ڪچھريءَ ۾ ڪو حجاب نه ڪيو، انھن ڏينھن ۾ ھرات ۽ قنڌار مان عورتن کي ڪارنھن جي الزام ھيٺ جيئرو قبر ۾ پورڻ ۽ سرعام گوليون ھڻڻ جھڙيون تڪراري خبرون آيل ھيون ۽ مون ساڻس ان موضوع تي پئي ڳالھايو. ھو ماني کائي ويٺا ھئا، صرف منھنجي لاءِ چانھه جو آرڊر ڏنو ھئائون. مون چانھه جو ڪوپ ھٿ ۾ کڻي، افغاني پٺاڻ کان نرميءَ سان پُڇي ورتو، ” توھان جا افغاني ايتريون بيرحم ڪاروايون ڪيئن ٿا ڪن؟ ۽ ايڏا پٿر دل ڇو آھن؟“ منھنجي سوال ڪرڻ مھل ھو وڏن شھپرن جي وچ مان رستو ٺاھي، ماچيس جي تيليءَ سان ڏند کوٽي رھيو ھو. ھن پنھنجو ھٿ چپن جي وچ ۾ رکي، عجيب طرح جو ٽھڪ ڏنو ۽ مون کان پُڇيائين، ”تو ڪڏھن ازبڪ ڏٺا آھن“ مون صرف ڪنڌ سان ”نه“ ڪئي ته ھن ٻيھر ٽھڪ ڏيندي چيو، ”تڏھن ته توکي افغاني بيرحم ٿا لڳن؟“ ازبڪ ته اسان افغاني توکان وسري وڃون. ائين سمجھه ازبڪن جو اسان ڪندي، ماٺ ڪرائي ته، ”ھي اخباري ماڻھو اٿئي، لکندو به آھي، تنھن ڪري وڌيڪ نه ڳالھاءِ.“ سنڌي مولوي جي ان دوستاڻي تنبيھه کان پوءِ اھو افغاني باقي ڪچھريءَ ۾ بلڪل لاتعلق بڻجي ويھي رھيو.
    مسڪرائيندڙ مولويءَ سان منھنجي ملاقات 1990ع واري ڏھاڪي جي آخري سالن ۾ سکر ۾ ٿي ھئي، انھن ڏينھن ۾ ھو سکر جي نشاط سئنيما ڀرسان تير چوڪ تي پنھنجي جماعت جا اھي جلسا اٽينڊ ڪرڻ ايندو ھو، جيڪي ھو اسامه بن لادن جي تعريف ۾ ”اسامه زنده آباد ڪانفرنسون ڪندا ھئا، انھن ڪانفرنسن ۾ خيرپور ميرس مان اھو مولودائي به ايندو ھو، جيڪو پنھنجي سُريلي آواز ۾ انڊين گانن جي ڌُنن تي اسامه بن لادن لاءِ تعريف جا گل کڻي ايندو ھو. انھن ڪانفرنسن ۾ جيڪو سندس مُک مقرر ھوندو ھو، سو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جو گريجوئيٽ ھو، جنھن کي شاگرديءَ واري زماني ۾ قومپرست ڪارڪنن ڏاڍو تنگ ڪيو ھو ۽ انھن جو اثر مٿس اھڙو حاوي رھيو، جو مقررن ۾ خطيب ٿي ويو، پر قومپرست جو قومپرست رھيو. تنھن زماني ۾ اسامه بن لادن جو نالو وٺڻ يا اسامه زنده آباد ڪانفرنسون ڪرائڻ تي به پاپندي مڙھيل ڪونه ھوندي ھئي، تنھن ڪري جلسن ۾ شريڪ سمورا سنڌي اسامه اسامه ڪندا وتندا ھئا. انھن سالن ۾ آئون ڪاوش اخبار لاءِ سکر ۾ رپورٽر طور ڪم ڪندو ھئس ۽ پنھنجي ايڊيٽر سان صلاح مشورو ڪرڻ کان پوءِ اسان ھڪ انويسٽيگيٽو اسٽوري انھن سنڌين بابت ڪئي ھئي، جيڪي افغانستان تائين وڙھڻ ويا ۽ طالبان جي ڪابل ۾ حڪومت قائم ڪرائڻ ۾ مدد ڪري آيا ھئا.
    سکر جي بچل شاھ مياڻي وارو اھو مولوي اڃان جيئرو آھي، الائي نه، جنھن سان منھنجون تير چوڪ تي تمام گھڻيون ڪچھريون ٿينديون ھيون، انھن ڏينھن ۾ ھو پنھنجي ڏاڙھيءَ کي ميندي ھڻندو ھو ۽ پنھنجي پاڙي واري مسجد جو پيش امام به ھوندو ھو. دستار بدران گھوٽڪي جي ڪچي مان سنڌي ٽوپي ٺھرائي پائيندو ھو. ان مينديءَ واري ڏاڙھي واري ھمراھ ٻُڌايو ته، ”ھو خيرپور، جيڪب آباد ۽ شڪارپور جي خانپور وارن علائقن مان بسون ڀري افغانستان ويا ھئا، انھن جي بئچ کي ڪوئيٽا جي ٻاھران ھڪ مدرسي ۾ ترسائڻ بعد ھڪ رات اوچتو افغانستان روانو ڪيو ويو ۽ ٻئي ڏينھن ھو قنڌار جي گورنر ھائوس ۾ ناشتو ڪري رھيا ھئا. ھو طالبان کي ڪابل فتح ڪرائڻ ۾ مدد ڪرڻ کان پوءِ خير سگالي جي دوري تي ويا ھئا. اڳوڻن ويڙھاڪن ۽ ھاڻوڪن حڪمرانن کان ھنن اھا شڪايت نه ڪئي ھئي ته کين کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجھه نه ڏنو ويو ھو، ڇو ته ھو پنھنجي بسن تي خيرپور جي کارڪن جو ٻوريون ۽ ڀُڳڙا وڏي تعداد ۾ کڻي ويا ھئا. ان مولويءَ جو اھو تفصيلي انٽرويو ان وقت ڪاوش ايڊيشن ۾ سندس فوٽو سميت شايع ٿيو ھو، جنھن ۾ ھن اسامه بن لادن سان رات جي ماني گڏجي کائڻ جو به ذڪر ڪيو ھو. ان ذڪر دوران ھن وڏي فخر سان ٻُڌايو ھو ته اسامه بن لادن جي ذاتي محامظن ۾ سنڌي ڇوڪرا تمام گھڻا ھئا، ڇو ته ھو کين پسند ڪندو ھو. اسامه جو اولاد به مھمان نواز به اھڙو جو اسان کي پئي ھٿ ڌورايائون. افغانستان ۾ وڙھي واپس آيل سمورن ماڻھن کي سکر جي گھنٽا گھر تي ھڪ آجياڻو ڏنو ويو ھو، جنھن ۾ سکر جي ھڪ مذھبي اڳواڻ خطاب ڪندي چيو ته، ”اسان پاڙيسري ملڪ ۾ پنھنجي طرز جو نظام آڻڻ ۾ مدد ڪري آيا آھيون، حڪومت کي ڪو اعتراض ھجي ته ٻُڌائي“ پر ان وقت جي حڪومت کين ڪجھه نه نه چيو ۽ ھو آزاد گھُمندا رھيا.
    پاڪستاني فوج جي ترجمان ميجر جنرل عاصم باجوه جي ٻن ڏينھن پھرين واري بريفينگ ٻڌي، مون کي اھي 1990ع واري ڏھاڪي جا سمورا مولوي ياد اچي ويا. جنرل عاصم باجوه پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ڪندڙن جا تفصيل ٻڌايا ته”ھو ڪيئن ۽ ڪھڙي رستي سان آيا ۽ ڪھڙي مسجد جي پيش امام جي گھر ترسيل ھئا ۽ ڪھڙي طرح حملو ڪيائون.“ وقت ڪيڏو نه ظالماڻي انداز سان ھاڻ بدلجي ويو آھي، ڇاڪاڻ ته ھاڻي پيش امام فخر سان اھو چئي نٿو سگھي ته انھن حملي آورن جي ھنن مدد ڪئي ھئي. آرمي پبلڪ اسڪول پشاورو وارو حملو ته ڇڏيو، مون کي ته ايبٽ آباد آپريشن وقت به سکر جي بچل شاھ مياڻي وارو اھو مولوي ڏاڍو ياد آيو ھو، جنھن چاھيندي به پنھنجي محسن ۽ آئيڊيل اسامه بن لادن جو تڏو نه وڇايو ۽ نه ئي سرعام ان غم جو ائين ملھائي سگھيو، جيئن ھو سندس تعريف ۾ اسامه زنده باد ڪانفرنسون ڪرائيندا ھئا. شڪارپور حملي کان پوءِ جڏھن ھر طرف دانھون ٿيڻ لڳيون ته مون کي ايئن محسوس ٿيو ته سنڌ جي نمائندگيءَ جي دعوى ڪندڙ حراسجي ويا آھن. ھو اھا جنگ جيڪا اڃا شروع مس ٿي آھي، سا ھارائڻ جي خوف ۾ دانھون ڪري رھيا آھن پر مون کي الائي ڇو اھا ڪا نئين ڳالھه ڪونه ٿي لڳي، شايد ان ڪري جو ڏھاڪن کان اتر سنڌ ۾ ڦھلجندڙ يا ھٿ وٺي ڦھلائي ويندڙ انتھاپسنديءَ جو اکين ڏٺو گواھ آھيان. شڪارپور ۾ ائين ٿيڻو ھو، ڇو ته اتر سنڌ ۾ رڳو افغاني ۽ ازبڪ اچي ڪونه ٿا ترسن، پر اتر سنڌ جا ڪجھه ماڻھو افغانستان ياترا ڪري اچن ٿا، اھو سلسلو سالن کان ھلندڙ آھي ته ان جا ڪجھه ته اثر ڪٿي نه ڪٿي ۽ ڪڏھن نه ڪڏھن ته ظاھر ٿيندا. شڪارپور ۾ 1990ع واري ڏھاڪي ۾ ئي آئون ته خانپور جي انھن آرائين برادريءَ جي ماڻھن سان به ملي آيس، جن جا ٻچا افغانستان وڙھڻ لاءِ موڪليا ويا ۽ ھو وري ڪڏھن واپس نه ٿيا.
    شڪارپور حملي کان پوءِ خوفزده ٿي ويل ھڪ دوست، جڏھن روئڻھارڪو ٿي پُڇيو ته، ھاڻي اسان جي سنڌ جو ڇا ٿيندو، ته کيس ٻڌايم ته ”ھي سالن ڏھاڪن کان انتھاپسنديءَ جي انويسٽمينٽ ڪندا پيا اچن، ان جا آثار ڪڏھن ته ظاھر ضرور ٿيندا، پر اڪثريتي ۽ اصلي سنڌي ان طرف ھرگز ڪونه ويندا، ڇو ته اھي استاد منظور علي خان جي آواز ۾ سچل سرمست جو ڪلام ٻُڌي وڏا ٿيا آھن ته ”عشق شرع ڪيا، لڳي او قاضيا، ڪھڙي مسئلي ڏسندين“ جنھن ۾ ھو دوزخ جي دڙڪن واري ھمراھ کي واضع ٿو ٻُڌائي ته ”برڪت يا نظر نه آوي اسان بن باھيون سڙ مودي“ سو سنڌيت جو روح موھن جو دڙو جي جنھن مٽيءَ مان ڳوھيل آھي، ان تي ڏھاڪن جي انتھاپسنداڻيءَ انويسٽمينٽ کان پوءِ به کين ڪو ھت سنڌي خودڪش بمبار نه ملي سگھيو، جيڪو پنھنجي ئي شيعا ڀائرن خلاف بم ڦاڙي ھا، انھن ازلي وحشي ازبڪن کي آندو. شايد اھڙن ئي ماڻھن لاءِ اسان جي قومي شاعر اھا سٽ چئي ھئي ته،
    ڀاڙي ماڻھو ڀاڙي تي،
    جلاد گھرايو بيٺا آھن.
    شڪارپور حملي کانپوءِ سمورا سنڌي پوءِ اھي سني ھجن يا شيعا، ھندو ھجن يا مسلمان سوڳ ۾ گڏ ٿي ويا، ھڪ ٿي ويا ۽ انتھاپسندي خلاف ھڪ ٿي بيھڻ جو عزم ڪيائون. حقيقت ۾ شڪارپور حملي کان وڌيڪ ان پيغام کي ڏسڻ جي ضرورت آھي، جيڪو سني توڙي شيعا، ھندو توڙي مسلمانن سنڌين شڪارپور جي لکي در چوڪ تي پھچي ڏنو ته، ”ھي غم اسان سڀني جو غم آھي ۽ اسان سڀ سوڳوار آھيون.“
    ڌماڪي يا ڪنھن بُري خبر جو آواز ۽ پڙاڏو گھڻو گونجندو آھي، تنھن ڪري سڀ ڪنھن چوڻ شروع ڪيو ته، ”جو لوگ سنڌ ڪو صوفيانه مزاج ڪي سر زمين سمجھه تي ھين وھ احمقون ڪي جنت مين رھتي ھين“ اھڙيون ڳالھيون ڪندڙن جو ڏوھ ناھي، ڇو ته انھن کي شڪارپور جو صرف خودڪش حملو نظر ٿو اچي، اھو نظر نه ٿو اچي ته انھن سوڳوارن جي ڪفن دفن ۾ ڪنھن سني پاڙيسري به مدد ڪئي ھئي. انھن موقعي پرستن کي سنڌ ۾ رڳو ڀورو ڀيل ٿو ياد اچي، جنھن کي زمين جي تڪرار تان مذھبي رنگ ڏنو ويو ۽ سنڌ جي سھپ ۽ رواداري تي حرف آندو ويو، پر کين کپري روڊ سان تازو دفن ڪيل اسان جو بزرگ حاجي ڪاڪا نظر ئي نه ٿو اچي، جنھن کي ميگھواڙن ۽ مسلمانن جي گڏيل قبرستان ۾ سرحدي دنگ تي دفن ڪيو ويو ۽ ان جي قبر تي سندس پُٽن ممتاز ڪاڪا، اعجاز ڪاڪا ۽ ٻين نالي وارو ڪتبو ئي حافظ نظاماڻي جي ان شعر سان لڳرايو ته،
    ”ڪو آ رحمان جي پاسي، ڪو آ ڀڳوان جي پاسي،
    منھنجو سجدو انھيءَ کي آ، جيڪو انسان جي پاسي.“
    سنڌ ۾ انتھاپسندي جي انويسٽمينٽ سالن ڏھاڪن کان جاري آھي، اج جا ڪجھه نظار اوھان کي پنھنجن پنجنھن شھرن جي باءِ پاسن تي نظر ايندا رھندا ۽ اھي نظارا پنھنجو اثر اوھان جي شھرن ي ڇڏڻ چاھيندا، پر مون کي پڪ آھي ته حالتون جھڙيون ھجن، سنڌي واشنگٽن جي ان صوفي وانگر پنھنجي دل جي دنيا آباد رکيو ايندا، جيڪو واشنگٽن جي اوول ريسٽورنٽ مان نڪري، جڏھن گاڏيءَ ۾ ويٺو ته ڪو انگلش ميوزڪ نه لڳايائين، پر ڍول فقير جو سدا حيات آواز کوليائين، جنھن ۾ ھو انوکي انداز واري ھڪل ڪري چوي ٿو،
    ڪا جا روح رھاڻ او جيڏيون ڙي،
    ڪيئي مون پرين سان ويھي ويھي الا.


    پروفيسر ريٽائر ناھن ٿيندا؟

    اسان جي ملاقات اوچتو بلاول ھائوس جي ڀرسان سمنڊ ڪناري ٺاھيل ھڪ اپارٽمينٽ جي لفٽ ۾ٿي ويئي، منھنجي وھم گمان ۾ به نه ھو ته ھڪ اھڙي شخصيت سان ائين راھ ويندي ملاقات ٿي ويندي، جنھن سنڌ جا اعلى تعليمي ادارا نشاني تي رکيا. ھن سوڙھي لفٽ جو اڌ کلندڙ دروازو پاڻ کوليو. ھميشه جيان ڪي فائيل سندس بغل ۾ ھئا، ھڪ صحتمند پر پڪي عمر واري رعبدار خاتون کي ھن پھريان اندر اچڻ جو چيو، بعد ۾ پاڻ لفٽ اندر داخل ٿيو. سندس ھٿ ۾ کنيل فائيل ڪنھن وڏي اسپتال جا ھئا، جيڪي ھن رعبدار خاتون کي ڏيکاريندي ٻيھر ڊاڪٽر طرف ھلڻ جي ڳالھه ڪئي، بعد ۾ ھو ان رعبدار خاتون اڳيان ائين خاموش ٿي ويو، جيئن ڪنھن دور ۾ سندس اڳيان يونيورسٽي جا تمام ذھين اسڪالر به خاموش ٿي ويندا ھئا.
    ھو خاموش ھو پر سندس اکيون ھيڏانھن ھوڏانھن لفٽ جي لوھي ديوارن ۽ انھن ۾ لڳل وڏن شيشن کي گھورينديون رھيون. ان لمحي مون کي الاءِ ڇو ڄامشوري جو اھو آچر ڏينھن ياد اچي ويو، جنھن ڏينھن آفيسن وارو علائقو ويران ھوندو آھي. ان مخصوص آچر تي سندس آفيس ۾ ھڪ مخصوص قسم جي ھلچل ھئي. سندس اسٽاف کي حڪم ھو ته جيئن ئي وي آئي پي اچن، کين ٻاھر انتظار ڪرائن بدران سڌو سندس آفيس ۾ وٺي اچن. انتظار جي ان ڪيفيت ۾ ھن صبح ھوندي به سائيد ٽيبل تي پيل نمڪو ائين پئي بار بار وات ۾ وڌو، جيئن راتين جا پياڪ پنھنجي پيگ جي ڪڙاڻ مارڻ لاءِ نمڪي جو سھارو وٺندا آھن. سندس بيچيني وارو انتظار تڏھن ختم ٿيو جڏھن ھڪ ريٽائر اھلڪار سادن ڪپڙن ۾ سندس آفيس ۾ گھڙيو. ھن کيس ٻک وڌو ۽ اردو توڙي چست انگريزي ۾ کيس ٻڌائڻ لڳو ته ھن سندس وڏي تعريف ٻڌي آھي، ان ڪري ئي ھن چاھيو ته کيس پنھنجي ڪيمپس ۾ نئو عھدو تيار ڪري چيف سيڪورٽي آفيسر ڪري رکي ته جيئن ڪيمپس ۾ امن امان بحال ڪرائي ڏئي.
    اسان جي لفٽ اڃان ٻئين فلور تي پھتي ھئي، جتي ڪجھه مسافر لٿا ته لفٽ ڄڻ خالي خالي ٿي پيئي. منھنجي ذھن ۾ اھا ڳالھه به آئي ته ھن جي مقرري ڪيترن پيسن عيوض ٿي ھئي، ان جا چوٻول ته ڪيمپس ۾ ھئا، پر پڪ پڪاڻي ڪنھن کي ڪا به نه ھئي، سندس خلاف تحريڪون به ھليون پر جڏھن سندس مخالفن ڏٺو ته ھو ڪنھن طريقي سان ڪيڏانھن به وڃڻ وارو ڪونھي ته سندس ڪٽر مخالفن به جنرل ضياءَ جي مجلس شورا جيان سندس حسن ڪارگردگي جي تعريف ڪرڻ شروع ڪري ڏني. وٽس اھي خواتين به شام جو وي سي ھائوس جي لان تي چانھن پيئڻ پھتيون، جن پريس ڪلبن اڳين ڪيترن ھفتن تائين سندس پتلا ساڙيا. اھا سندس بھتر منظم جي نشاني ھئي يا گورنر ھائوس ۾ ويٺل سندس لابي جي ٺپڪي، پر ھن پنھنجي مخالف شاگردن کي به پنھنجومداح بڻائي ڇڏيو. ھن ته وڏن نالن وارن اڳواڻن کي به ائين ٽريٽ ڪيو، جيئن ڪيمپس جي ڪنھن لوڪل شاگرد اڳواڻ کي تيل جي پرچي ڏئي راضي ڪرائي وٺندو ھو. سندس آفيس ۾ ايندڙ نام نھاد شاگرد اڳواڻن کي نون ڪپڙن ۽ نون بوٽن نه پائڻ جوپھريان احساس ڏياري پوءِ کين روڪڙا نوٽ ڪڍي ڏيندو ھو ته ابا اختلاف پنھنجي جاءِ تي، پر پھريان وڃي ھنن پيسن مان ڪپڙ ا وٺو ۽ نوان موبائيل فون وٺو ته جيئن شاگرد ليڊر ته لڳو نه . .. . . !
    فليٽن جي لفٽ اوچتو چوٿين فلور تي بيھي رڪجي وئي، جڏھن ڪير به نه لٿو ۽ نه چڙھيو ته ھن مون ڏانھن اشارو ڪندي اشاري ۾ ئي پڇيو ته توھان لھندا ڇا؟ پر مون کيس پنھنجي اشھد آڱر سان مٿي وڃڻ جو اشارو ڏنو ۽ ھن ٻيھر ستين فلور جو بٽڻ دٻائي ڇڏيو. ھن ھڪ نظر پنھنجي رعبدار خاتون تي وڌي ۽ بي ساھي مرڪ چپن تي آندي. ھن جي ان مئل مرڪ تان مون کي سندس اھا سالياني ڊنر ياد اچي وئي ، جنھن ۾ ھن پنھنجي ريٽائرمينٽ بابت اٿندڙ سوالن تي به ساڳي مئل مرڪ ۽ دونھيدار تنقيد سان جواب ڏنو ھو. اھا ڊنر انگريز دور جي تعمير ٿيل ھڪ خوبصورت عمارت جي احاطر ۾ ان طرح سان ٿي ھئي. جھڙيون اسان انگريزن جي فلمن ۾ ڊنرز ڏسندا آھيون. ھن کي استادن جي نئين باڊي جو حلف کڻائڻ لاءِ ان تقريب ۾ ورھاڱي کان اڳ واري وائسراءِ جي شان شوڪت سان سڏايو ويو. ھن پنھنجي اقتداري دور ۾ ملازمن لاءِ ڪيل سھولتن جو ذڪر ڪيو ۽ بعد ۾ سڌو اچي، ھن پنھنجي ريٽائرمينٽ بابت ڳالھايو. ھن پنھنجي آواز ۾ وڏو رعب ڀريندي پھريان حاضرين جي تعريف ڪئي ته اوھان مان ڪيترائي اسڪالر ويٺا آھن، اھي منھنجي ڳالھه سمجھندا ھوندا ته ٻاھرين دنيا ۾ ھڪ پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر جي ڪيتري اھميت آھي. پروفيسرن جي ڪيتري عزت آھي. ھتي عجيب ڳالھيون پيون ٿين، جنھن کي ڏسو منھنجي عمر جي پويان لڳل آھي. جيڪو ٿو اچي، سو پڇي ٿو سائين ريٽائر ڪڏھن ٿا ٿيو؟ اڙي بابا ڄٽڪي ڳالھ نه ڪريو. سڌريل دنيا ۾ وڃي جانچي ڏسو پروفيسر ريٽائر ناھن ٿيندا، قوم جا دماغ ھوندا آھن. اھي ڪڏھن ريٽائر ناھن ٿيندا؟ سندس ريٽائرمينٽ واريون ڳالھيون ٻڌي مون کي ذھن ۾ آيو ته کيس ٻڌايان ته اصل حياتي پروفيسر اسٽفن ھاڪنگ ۽ نوم چوسڪي جھڙن پروفيسرن جي ھوندي آھي. پنھنجي لکڻين ۽ عمل سان حڪمرانن جا ڇرڪ ٿا ڇڏائين، جڏھن اسرائيلي ملڪي سربراھ جي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ دعوت پروفيسر اسٽيفن ھاڪنگ اھو چئي واپس ڪئي ته اوھانجي رياست فلسطينن سان ظلم پئي ڪري، ان ڪري مان شرڪت نه ڪندس ته سڄي دنيا حيران ٿي ويئي. اسٽيفن ھاڪنگ جي اھڙي انڪار اسرائيل جھڙي نڪ جي پڪي ملڪ کي به پريشان ڪري ڇڏيو ۽ ھنن ڪڙيون ملائيندي آمريڪي پروفيسر نوم چوسڪي تائين رستو ڪڍيو ته اسٽيفن ھاڪنگ جي انڪار پويان چومسڪي جو ھٿ آھي. پروفيسر اھي ريٽائر ناھن ٿيندا، جيڪي مظلومن جي پاسي ھجن.
    سنڌ جي اعلى تعليمي ادارن ۾ اھي پروفيسر اڃان اچڻا آھن، جن جون عمريون سداحيات ھونديون..... ستون فلور اچي ويو ۽ ۽ ھي پروفيسر جيڪو ڇھه مھينا اڳ تائين رڙيون ڪري چئي رھيو ھو ته پروفيسر ريٽائر ناھن ٿيندا، سو نوڪري مان ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ ھاڻي لفٽ مان ريٽائر ٿي رھيو ھو. ھن لفٽ مان لھڻ مھل کيڪاريندي پڇيو توھان کي ڪٿي ڏٺو آھي . . .ياد نٿو پوي ته ڪٿي؟ مون سندس بيگم جي ھٿ ۾ کنيل شاپر اخلاقن کانئس وٺي لفٽ ٻاھران رکندي چيو، ھا ڪٿي ڏٺو ھوندو پروفيسر صاحب . . .ڇو ته منھنجو تعلق سنڌ جي ان رولاڪ نسل آھي ، جيڪو ھر سال ڳوٺن مان خواب کڻي ڪراچي نه، پر پنھنجي ڄامشوري تائين مس ايندو آھي ته اوھان جھڙو ڪونه ڪو پروفيسر کيس عمر ڀر جو عذاب عطا ڪندو آھي.


    رني ڪوٽ جو رڻ ۽ پريشان پريون!

    اھا ڊسمبر جي ھڪ عام ڪچڙي منجھند ھئي، جڏھن اسان رني ڪوٽ جي سن گيٽ اڳيان وڃي گاڏي بيھاري، ڪاري جبل جي ڇانوَ ۾ سمنڊ جي سطح کان 2 ھزار فوٽ بلنديءَ تي بيٺل قلعي جي ڪجھه ديوارن ۾ ايتري ته ڪشش رکيل آھي، جو انھن تائين پھچڻ لاءِ دل بي تاب ٿي پوي ٿي. صديون پراڻو سنڌ جو ھي تاريخو قلعو توڻي جو 1993ع کان اقوام متحده جي يونيسڪو جي عالمي ھيريٽيج سائيٽس واري فھرست ۾ شامل آھي، پر سنڌ سرڪار ان قلعي بابت ايتري ته خاموش ۽ لاتعلق ٿيل آھي، جو ان نه ڀليڪار جو ڪو بورڊ ھنيو آھي، نه ئي قلعي جي ڄاڻ وٺڻ بابت ڪو گائيڊ موجود آھي. رني ڪوٽ ۾ ان وقت ويراني ڇانيل ھئي، پر مختلف پھاڙن تي لڳ ڀڳ 20 ميل يا 35 ڪلوميٽرن تائين ڦھليل ان جي ديوارن ۾ اھڙي ته ڪا ڪشش ھئي، جو اسان جابلو رستن لاءِ مخصوص ڪيل بوٽن يا جاگرن کان سواءِ ئي ديوارن جو سفر ڪرڻ لاءِ چڙھي پياسين.
    رني ڪوٽ جي ھن وسيع تاريخي، پر ويران قلعي ۾ ان وقت صرف اسان به سياح موجود ھئاسين، جيڪي به اوچتو انڊس ھاءِ وي تان لھي ڪاري جبل طرف ڪاھي پيا ھئاسين. حقيقت اھا ھئي ته ان ڏينھن رني ڪوٽ اچڻ جو ڪو ارادو ڪونه ھو. حيدرآباد جي رسالا روڊ واري مشھور برياني اسان جي ھٿ ۾ ھئي، اھا برياني کائڻ لاءِ ڪا خوبصورت ھوادار جڳھه ڳوليندي ڳوليندي اسان حيدرآباد کان 90 ڪلوميٽر پري ھن قلعي ۾ ائين پھچي ويا ھئاسين، جيئن ڪجھه وقت اڳ گھاري جي مڇي کائڻ لاءِ اسان شاھراھ فيصل تان نڪري اچي ٺٺي جي بازارن ۾ پھتا ھئاسين ۽ مڪليءَ جي ڪنھن بي نام پر چوطرف کليل ۽ ھوادار مقبري ھيٺان ويھي اسان ٺٺي جي مڇي چانورن جي ماني سان کاڌي ھئي. پر برياني اڃان اسان جي ھٿ ۾ ھئي ۽ اسان رني ڪوٽ جي ڪنھن به ھڪ چوٽيءَ تائين پھچڻ جي جستجو ۾ ھئاسين. اوچين جابلو چوٽين تي اڏيل ھن فوجي اھميت واري ڪوٽ جون ديوارون ڪٿي ڪشاديون ته ڪٿي سوڙھيون ٿينديون پئي ويون، پر اسان پنھنجو سفر جاري رکيو. ان سفر ۾ سھڪي ته آئون به پيو ھئس، پرمنھنجي ھمسفر دوست ته پنھنجو شولڊر بيگ رکي جوتا به کڻي ورتا ھئا، پر سفر پوءِ به جاري ھئو. ھي قلعو نه صرف دنيا جي سياحن جي وڏي اڪثريت جي اکين کان اوجھل آھي پر صديون گذرڻ جي باوجود اڃان تائين ڪيترن حوالن سان ھڪ معمو بڻيل آھي. آرڪيالاجسٽ ۽ مورخ اڃان تائين متفق نه ٿي سگھيا آھن ته جنگي حڪمت عملي جي لحاظ کان ھي بھترين قلعو ڪھڙي دور ۾ ۽ ڪنھن تعمير ڪرايو. ڪجھه محققن جو خيال آھي ته سنڌ تي عربن جي حڪمراني دوران ھي قلعو تڏھن تعمير ڪيو ويو، جڏھن عمر بن موسى برميڪي ھتي گورنر ھو.
    ٻه ھزار ڏھ واري ڊسمبر ۾ رني ڪوٽ جي اترئين ديوار تي ھزارين فوٽ اوچي برج تي ويھي اسان اھو بحث ڪري رھيا ھئاسين ته آخر درياھي پاسي کان ڪھڙيون فوجون حملا آور ٿينديون ھونديون، جو ھي شاندار قلعو انھن حملن کان بچاءَ لاءِ تعمير ٿيو ۽ اسان اھو به سوچيو پئي ته اھو ڪھڙو پھريون فوجي جرنيل ھوندو، جنھن ھن قلعي جي برجن تي ڀالا ۽ تير کڻي بيٺل برجستن سپاھين کان سلامي ورتي ھوندي، ڇا اھي سپاھي ۽ جرنيل سنڌي ڳالھائيندا ھئا، ڪا خبر ناھي؟
    رني ڪوٽ تي مفصل تحقيق ڪندڙ ۽ ٽي دفعا پيرين پنڌ ھن قلعي جي ماپ وٺندڙ سائين بدر ابڙي جو خيال آھي ته رني ڪوٽ وارو ھي قلعو اھو ئي نيرون ڪوٽ آھي، جنھن جو چچنامي ۾ ذڪر ٿيل آھي. ھن جو خيال آھي ته تحفته الڪرام ۾ حيدرآباد جو پراڻو نالو نيرون ڪوٽ غلطيءَ وچان لکيل آھي. رني ڪوٽ جي سھڻي سفر تان واپس ٿي جڏھن بدر صاحب کي فون ڪيم ته ھن اھو ئي ٻڌايو ته چچنامي ۾ جنھن نيرون ڪوٽ جو ذڪر آھي، سو رني ڪوٽ آھي. ان جي جاگرافي، جبل، چشما ۽ چراگاھ ان جا گواھ آھن. بدر ابڙي موجب سنڌ جي ٻئي ڪنھن قلعي ۾ چشمو آھي يا چراگاھ ھجي ته ٻڌايو. ھن ٻڌايو ته قلعي جي مختلف تاريخي دورن ۾ مرمت ٿيندي رھي آھي. اليگزينڊر برنس به 1830ع ۾ اھو لکيو آھي ته، ٽالپر حڪمرانن ھن قلعي جي مرمت ڪرائي. رني ڪوٽ جي مرمت ۽ تعمير واري ان تاريخي بحث منجھان نڪرندي مون اھو پئي سوچيو ته جنھن بادشاھ يا جرنيل اھو قلعو تعمير ڪرايو، يا جن بعد ۾ ان جي مرمت ڪرائي، سي ٿوري زحمت ڪري پٿر جي ڪنھن ٽڪري تي جيڪڏھن پنھنجو نالو ۽ تاريخ لکي وڃن ھا ته رني ڪوٽ بابت وڏو معمو حل ٿيل ھجي ھا.
    بدر ابڙي جو رني ڪوٽ بابت مفصل ڪتاب به لکيل آھي، پر ھن مون کي ٻڌايو ته ھن اٺ اٺ ڏينھن رني ڪوٽ ۾ گذاري مختلف وقتن تي ٽي دفعا ان قلعي جي ماپ ورتي آھي. بدر ابڙي صاحب جي اھڙي ڳالھه ٻڌي منھنجو کانئس اھو سوال ھو ته ”سائين توھان ڪيئن ڪوٽ جون ديوارون چڙھيون، اسان ته ھڪ سفر ۾ ئي سھڪي پيا ھئاسين.“ بدر ھلڪو کلي وراڻيو ته ”سائين عمر جي تقاضا به آھي.“ اھا ڳالھه ان وقت محسوس ٿي، جڏھن اسان قلعي جي اترئين ديوار جي اڌ تي ٺھيل برج تي وڃي دنگ ڪيو ۽ سھڪي بيھي رھياسين. رني ڪوٽ جي ھنن ديوارن کي ڏسي لڳي ٿو ته قلعي جي تعمير ۾ ان وقت جي ڪنھن ماھر فوجي جرنيل جي دلچسپي شامل ھئي. ديوار تي ڪجھه فوٽن جي مفاصلي سان اسان ان وقت جي تير انداز سپاھين لاءِ اھڙا ته مورچا ٺھيل آھن، جتان ھو ھيٺاھين طرف حملا آور فوج مٿان آساني سان تير اڇلائي سگھن ٿا. رني ڪوٽ جي اوچي برج تي ويٺي جڏھن ٿڌي ھوا اسان جا پگھر سڪائي رھي ھئي، تڏھن آئون اھو ئي سوچي رھيو ھئس ته ھن قلعي اندر سوين سال اڳ ڪھڙا سپاھي جرنيل رھندا ھوندا. اھي سنڌ ڄاوا ڌرتيءَ جا محافظ ھئا يا ڌاريا ڦورو لٽيرا ۽ غاضب ھئا، ڪا خبر ناھي. اھو خيال سگريٽ جي دونھين سان گڏ اڏامي وڃي ٿو. سنڌ جي غلامين، آزادين، شڪستن ۽ فتحن جي داستانن جيان رني ڪوٽ جي تاريخ تي به اھڙي ڪا دز پيل آھي، جو ھٽيو نٿي ھٽجي.
    سنڌ سرڪار جيڪڏھن سياحن لاءِ ماحول موافق بڻائي ته ھن قلعي جي اوچن برجن تان بيھي ڪاري جبل ۾ لھندڙ سج جو نظارو، ڪرڻ لاءِ دنيا جا سياح گڏ ٿي ويندا، پر ھتي ته رني ڪوٽ ۾ سھولتن جي اڻاٺ جو رڻ متل آھي. پاڻي ڪونه ٿو ملي ته سياح ڪٿان ايندا. ائين به ناھي رني ڪوٽ رڳو تيرن، ڀالن، سپاھين، پٿرن ۽ اسلحي خانن جي قصن سان ڀريل آھي، پر ھن قلعي جي ڀرڀاسي ۾ رھندڙ گبولن وٽ اھي قصا به مشھور آھن ته ھن قلعي ۾ ڪي پريون، حسن جو پريون اينديون رھيون. رني ڪوٽ کي ٻه وڏا دروازا موھني گيٽ ۽ سن گيٽ آھن، پر ٻه ننڍا دروازا آمري گيٽ ۽ شاھ پير گيٽ به اٿس. موھني گيٽ ڀرسان قدرتي پاڻي واري چشمي کي ”پرين جو تڙ“ چيو وڃي ٿو، جتي ڪنھن زماني ۾ چوڏھينءَ جي رات ڪوھ ڪاف جون پريون اچي تڙ ڪنديون ھيون. چوڏھين جو چنڊ ھاڻي به رني ڪوٽ مٿان پنھنجي کير جھڙي روشني ھاري ٿو، پر ان طرف پرين ھاڻ اچڻ ڇڏي ڏنو آھي. ھن قلعي طرف اچڻ ته انھن جوشيلن جوانن به ڇڏي ڏنو آھي، جيڪي اسي واري ڏھاڪي ۾ پاڻ کي سوڍا پٽ سنڌ جا سمجھندا ھئا. ٽوڙھي ڦاٽڪ واقعي کان پوءِ روپوش ٿيل انھن جديد گوريلن کي جڏھن ھن ڪوٽ جي اوٽ ۾ سن جي جھوني ترسايو ھو ھنن کيس ايلازن وارا نياپا اماڻيا ھئا ته ”سائين ھتي مڇرن کائي ناس ڪيو آھي ۽ قلعي جي ويراني ته رات جو کائڻ ٿي اچي، اسان کي ڪٿي ٻئي ھنڌ موڪليو.“ رني ڪوٽ اندر ان زماني ۾ روپوشيءَ جا ڪجھه ھفتا گذاريندڙ ھڪ اڳوڻي شاگرد اڳواڻ ٻڌايو.
    ڊسمبر جو ڏينھن مختصر سج نه چاھيندي به ڪاري جبل ۾ ٽٻي ھڻي موڪلائي رھيو ھو. اسان ڏاکڻين ڀت جي برج تان لھي واپس ٿياسين، ته مون کان ھڪ جديد پريءَ پڇيو، ”ھتي ته ڪا سھوليت ڪانھي، ريسٽورنٽ نه واش روم، نه ڪو گائيڊ، نه چوڪيدار، ھتي پريون ڪيئن اينديون ھونديون.“ مون مرڪي کيس وراڻيو تون فڪر نه ڪر رني ڪوٽ جي ھن رڻ ۾ ھاڻي نه پريون اچن ٿيون، نه سپاھي جرنيل يا گوريلا، ڇو ته اسان پنھنجي ورثي کان لاتعلق بڻيل قوم آھيون، جانورن جي ڌڻ جيان اڳتي وڌندا پيا وڃون، پر خبر ناھي ته ڪير آھيون، ڪٿان آيا آھيون؟ واپسيءَ تي خاموشي ٿڪاوٽ واري به ھئي پر ان خاموشيءَ ۾ ھڪ خدشي جھڙي مايوسي اھا به شامل ھئي ته ڪٿي اڳتي ھلي سکر جي بکر ۽ عمر ڪوٽ قلعن جيان سڀاڻي رني ڪوٽ به ”ڏاڍن“ جي قبضي ۾ نه اچي وڃي ۽ اسان عام ماڻھو ان ۾ داخل به نه ٿي سگھون.


    گوريلن جي موت جي موسم

    ان ڏينھن ھڪ صحافي جيسن ميڪلين جا اھي لفظ پڙھي چپ ٿي ويس ”جيڪڏھن توھان باغين جي اڳواڻي ڪرڻ جو فيصلو ڪريو ٿا ته پوءِ صرف ٻن نتيجن تي ڪھاڻي ختم ٿي سگھي ٿي، يا ته توھان صدارتي محل ۾ پيا سلاميون وٺندا يا وري اڪيلائي ۾ موت توھان جو مقدر بڻجندو.“ اھڙو ئي منظر ان وقت انڊيا جي تلگو ٽي وي تي چئنلز تي ڏسڻ ۾ آيو، جڏھن 56 سالا گوريلا ليڊر مالو جولا ڪوٽيشور رائو يا عرف عام ۾ ڪشن جي رائو کي ھڪ پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو.
    انڊيا ۾ سيڪورٽي اھلڪارن لاءِ ٽن ڏھاڪن کان مٿي عرصي تائين ڏھڪاءُ جي علامت بڻيل ”ڪشن جي“ جنھن وقت پوليس جي گولين جو کاڄ بڻيو، ان وقت ھو جھارکنڊ ۽ ڏکڻ بنگال جي ھڪ سرحدي ڳوٺ ۾ ھڪ شاگرد جي ڪمري ۾ لڪيل ھو. پوليس جي کڙڪ پوڻ تي ھو پنھنجو ليپ ٽاپ ۽ موبائيل وغيره ڇڏي رائيفل کڻي جھنگ ۾ ڀڄي ويو. جنھن وقت پوليس سندس لاش ڏيکاريو، ان وقت ڪشن جي اونڌي منھن پيل ھو، سندس ڪنن واري مشين ۽ چورايل سرڪاري رائيفل سندس لاش ڀرسان پيل ھيون، ڪشن جي 20 ھزار اھڙن گوريلن جو ڪمانڊر ھو جنھن کي ”پيپلز وار گروپ“ سڏيو وڃي ٿو ۽ اھي گوريلا انڊيا لاءِ ڪنھن جھادي اڳواڻ کان به وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيا آھن. ڏھ ھزار ماڻھو ھنن گذريل ڏھاڪي ۾ قتل ڪيا ۽ انڊين سيڪورٽي اھلڪارن کي ڪشن جي ھميشه چئلينج ڪندو ھو ته ”پڪڙيو، جي پڪڙي سگھو ته“ ھن جي سياسي تنظيم ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا (مائوسٽ) آھي. جنھن تحت ھو انڊيا ۾ چيني ڪميونسٽ اڳواڻ مائوزي تنگ جيان انقلاب آڻڻ چاھين ٿا. ڪشن جي پنھنجي پيءُ کي آزادي جو سپاھي چوندو ھو. جنھن برطانوي راڄ جي خاتمي لاءِ جدوجھد ڪئي، ھن جي زال به سندس سياسي ۽ ھٿياربند جدوجھد ۾ ساڻس گڏ ھئي.
    ڪشن جي، باقي مائو نواز باغين جي پاليسن جي ابتڙ، ميڊيا وارن کي ائين جھنگلن ۾ پنھنجي پناھگاھن تي سڏائيندو ھو، جيئن ڪنھن وقت پاڪستان ۾ ڏھڪاءُ جي علامت بڻيل جھادي اڳواڻ بيت الله محسود پشاور ۽ اسلام آباد جي صحافين کي پنھنجي جانل پناھگاھن ۾ سڏائيندو ھو. ڪشن جي اھڙن خيالن جو اظھار بار بار ڪندو ھوته انڊيا جي آزادي کي 63 سال گذري چڪا آھن، پر عام ماڻھو يا قبائلي پٺتي پيل علائقن جي ماڻھن کي بنيادي حق نه ملي سگھيا آھن. آزادي جا ثمرات صرف دھلي، ممبئي ۽گجرات وغيره تائين محدود رھجي ويا آھن.
    ڪشن جي ڏکڻ بنگال ۾ زرعي زمين جي حقداريءَ لاءِ ھارين جي حقن واري تحريڪ ھلائي. بعد ۾ ھنن شايد 2004ع ڌاڙي سمورن ڌرن کي ملائي ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا (مائوسٽ) جو بنياد وڌو. ڪشن جي ھٿين خالي قبائلين کي اھو چوندو ھو ته ٿاڻن تي حملا ڪري ھٿيار ڦري وٺو ۽ کاڻين جي کوٽائي ڪندڙ ٺيڪدارن وٽان ڌماڪيدار مادو ڦري پنھنجون ڪاروايون ڪريو. ھن جو پختو يقين ھو ته ڇتيس ڳڙھ ۽ جھار کنڊ وارن علائقن ۾ معدني وسيلن جي کاڻين جي کوٽائي اڃان ڪي ڏھاڪا ھلندي، ڇو ته ھڪ ٽريلين جا زير زمين خزانا ھٿ ڪرڻ لاءِ ٺيڪيدارن حڪومتن سان ملي ڳوٺن جا ڳوٺ ڊاھي پٽ ڪيا ھئا ۽ سمورا متاثر ڪشن جي واٽ وٺي پنھنجا حق وٺڻ لاءِ ائين وڙھي رھيا ھئا، جيئن ان ڏينھن مھتاب اڪبر راشديءَ ڪنھن شاعر جو اھو شعر ٻڌايو، جنھن جو مفھوم اھو ھو ته جي پنھنجي ئي ڌرتيءَ تان ڌڪجي وڃان، ان کان اڳ ڪاش مان وڙھندي مران، وڙھندي مران. ڪش جي صحافين ۽ ڪئميرائين کان لنوائيندو ڪونه ھو، پر ھن ھميشه پنھنجو چھرو لڪايو ۽ سندس سمورا انٽرويو پٺيرا ھئا. ھڪ لک انڊين اھلڪار سندس تلاش تي مقرر ٿيل ھئا، جنھن 100 ماڻھو پنھنجي ھٿن سان مارڻ جو اعتراف ڪيو.
    ڪشن جي مون کي ان ڪري به ياد آيو، جو سنڌ ۾ به وقفي وقفي سان نوجوانن جا ڪجھه جٿا ھٿيار بند جدوجھد کان متاثر ٿي ڪڏھن چي گويرا سڏائين ٿا ته ڪڏھن ابوجھاد عورتون ڪڏھن ليلى خالد سڏائين ٿيون ۽ ڪڏھن ايراني انقلابي ڇوڪري چورائين ٿيون ۽ اھي شيخ اياز جي انھن سٽن کي به ٻين دليلن سان گڏ جھونگارين ٿا ته:
    تون ھونئن به مرندين ڪاڇي ۾
    آءُ پھاڙي پاڇي ۾
    ھنن سرد راتين ۾ آءُ باھ تي ھٿ سيڪيندي اھو ئي سوچيان ٿو ته انھن ٻاٻرن ٽانڊن جو ٻرڻ اجھامڻ وارو ايڊوينچر آخر ڪيستائين؟


    ٻوليون پنھنجي موت پاڻ ناھن مرنديون

    ان ڏينھن صبح جو سوير اٿي چانھن جو ڪوپ تيار ڪري اچي ٽي وي کوليم ته سامھون ڃاتل سڃاتل چھرا ويٺا ھئا. ڪي ٽي اين جي گذ مارننگ شو ۾ ان ڏينھن مھمان ھڪ پوليس ڊي آءِ جي ھجي، جنھن کان سجاد سندس ڪيريئر جا ڏکيا ڏينھن ڀڇي رھيو ھو. ھونئن ته گفتگو ڪافي دلچسپ ۽ معلوماتي ھئي پر جڏھن اھو ڊي آءِ جي شڪارپور واقعي بابت ڳالھائي رھيو ھو ته منھنجي ھٿ مان چانھن جو ڪوپ ذري گھٽ ڪري پيو ھو. جڏھن ميزبان کانئس پڇيو ته ڀلا اوھان شڪارپور ۾ رھيا ته اھي ڏينھن اوھان جي جواني جا ۽ ڏوھارين خلاف ويڙھ جا ھئا ته ھن پنھنجا سکڻا ھٿ مھٽيندي چيو، ڏسو نه اھي اسان جا شروعاتي ڏينھن ھئا ۽ انھن ڏينھن ۾ اسان انقلاب پيا لايون. . . مھمان جا اھي لفظ ٻڌي مونکي حيرت ٿي ته ھاڻوڪو نسل ته سنڌي درست نٿو ڳالھائي، پر اسان وانگي ساڳ پلي ۽ چانورن جي ماني کائي ڳوٺن ۾ پلجي جوان ٿيل نسل وارا ماڻھو به پنھنجي سنڌي ايتري زرد ڪري ويٺا آھن جو ھو انقلاب آڻڻ بدران انقلاب لائين پيا . . .حالانڪه اسان جي سنڌي ٻولي ۾ رنگ يا ميندي لائيندا آھن.
    مونکي حيرت ٿي ته اسان ڪھڙي نه قحط واري دور ۾ اچي ويا آھيون جتي سنڌي ٻولي سمورن وسيلن ھوندي به وڌي ويجھي ته نه پئي پر پنھنجي موت پاڻ پئي مري ۽ اھا ڪا پري ڪنھن ڏورانھين ڏيھه ۾ ڪونه پئي مري. اسان جي اکين جي ئي اڳيان آسپاس بلڪه آسپاس ڇا اسان جي ئي گھرن ۽ اسان جي محفلن ۽ ماڊرن ٿيڻ واري ڪلچر ۾ پئي مري. سنڌي ٻولي جا رشتن وارا لفظ ته اسان جي گھرن ۾ تڏھن کان اچارڻ بدليا آھن، جڏھن ماءٌ جي سڳي ڀيڻ کي ماسي چوڻ بند ڪيو ويو آھي ۽ گھرن ۾ ڪم ڪندڙ عورتون نوڪرياڻيون ماسيون ٿي ويون آھن. انھن رشتن ۾ ڳاڻي اسان جي ڪا ڀاڄائي ناھي، سڀ ڀاڀيون ٿي ويون آھن، وڏي ڀيڻ يا ادي وڏي ناھي، سڀ آپيون ٿي ويون آھن ۽ ماسيون ته ڪم واريون ٿيون تنھنڪري اصلي رشتن واريون ماسيون ۽ پڦيون خالائون ٿي ويون آھن. اھڙي ماحول مان پروش وٺي تيار ٿيل نسل کي ته ڀت تي ريڙھيون پائيندڙ ڪرڙي چپڪلي ئي لڳندي نه . .. انھن جو پير ترڪي پوي ته دانھن ڪنديون ته الائي ڇو اڄ فرش تان پير ڦسلي پيو!
    اسان سنڌي فطري طور مظلوم ۽ دانھن ڪندڙ قوم آھيون ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته اجتماعي طور اسان جي قوم سان وڏيون زيادتيون ٿيون آھن پر ھاڻي خدارا گھرن ۾ ڳالھائي ويندڙ اسان جي اردو زده سنڌي لاءِ اھو عذر ڪير پيش نه ڪري ته اھا به سامراجي سازش آھي. اسان کي پنھنجي ٻولي ايتري ته پياري آھي جو اسان پنھنجي نئين نسل کي اھا سيکاريون ئي نٿا ۽ کين اھڙن اسڪولن ۾ ڳريون فيون ڏئي داخل ڪرايون ٿا، جتي سنڌي نه پڙھائي ويندي ھجي. اسان دلي طور اھو قسم کڻي پنھنجي اولاد کي انگلش ميڊيم يا اردو ميڊيم اسڪولن ۾ داخل ڪرايون ٿا ته جيئن ھو وقت جي حاڪمن سان گڏ ھلي سگھن، ڇو ته وقت ضرور بدليو آھي ۽ ٻوليون به بدليون آھن پر ان چوڻي جو روح اڃان ڪونه بدليو آھي، جنھن ۾ چيو ويو ھيو ته ”فارسي گھوڙي چاڙھي سي . . .“ ھاڻي اسان پنھنجي ٻارن کي اھڙو ماحول پيا ڏيون، جتي کين پنھنجن پاڙن جي خبر ناھي ته اسان جي ٻولي ڪيتري نه امير ۽ خوشحال آھي. جنھنکي ھٿ وٺي ڪنگال ڪندا پيا وڃون. انھن ٻارڙن لاءِ ڳوٺن ۾ ٻڌل مينھون ھاڻي ڀينسون ٿي ويون آھن. انھن جي دل انھن جو دل ٿي ويو آھي. اھڙا ھٿرادو طريقا وٺي اسان پنھنجي ٻولي کي پاڻ پيا اردو يا انگريزي زده بڻايون، جنھن جو منھن نه سر وڃي بچندو. ھڪڙا ته فطري يا ٽيڪينڪل لفظ آھن جيڪي جديد ٻولين متعارف ڪرايا ۽ اھي اسان جون قديمي ٻوليون خوشيءَ سان قبول ڪري اپنائين ٿيون. جيئن گلاس، ٽيبل، ڪمپوٽر، ليپ ٽاپ، موبائيل، فرج يا ٽيلفيون، انھن لفظن اچڻ سان ٻولي اڃان وڌيڪ خوبصورت ٿي. ان ۾ ايتريقدر انتھا پسنديءَ انتھاپسند سنڌي نه ٿيڻ گھرجي. جيئن اسان جو محترم سائين نجم عباسي صاحب ھوندو ھو، جو ھو پنھنجي ڪلينڪ جي پيڊ تي ٽيليفون نمبر بدران پريان ڳالھائڻو انگ لکندو ھو. سالن تائين ھو لکندو ۽ چوندو رھيو، پر اھو لفظ ٽيليفون نمبر جو سنڌي متبادل نه بڻجي سگھيو نه ئي عوامي سطح تي ڳالھايو ويو. اھي ٽيڪنيڪل لفظ ڇڏي بقايا جيڪو اسان تفريح پروگرام ڪري رھيا آھيون، جو ھڪ ڊي آءَ جي جي ليول جو ماڻھو ٽي وي تي ويھي چوي اسان انقلاب پيا لايون . . . گھٽ ۾ گھٽ اھو تماشو پنھنجي ٻولي سان پاڻ نه ڪريو. ڀلي ڪيترا به امير بڻجي وڃو، پر گھر ۾ بارن سان سنڌي ڳالھايو. اھا تمام ٿوڙن ماڻھن کي خبر ھوندي ته ڪافي سنڌي ڪامورا پنھنجي اولاد جي پروش لاءِ گھرن ۾ ائين فلپائيني ماسيون يا ٽيوٽر پيا رکن، جيئن بينظير ڀٽو پنھنجي ٻاڙن لاءِ رکيون ھيون. ھاڻي زرداري کي ڪاپي ڪرڻ جي روش ھلي پئي آھي ته ان لحاظ کان به ان ايليٽ ڪلاس کي سوچڻ گھرجي ته خود زرداري پنھنجي اڪيلي پٽ بلاول کي ھاڻ سنڌي سيکارڻ لاءِ ٽيوٽر رکي ڏنو آھي. جيڪو کيس سنڌي ۽ پنجابي ٻوليون پيون سکياري. تنھنڪري ٻولين جي ۽ خاص ڪري مادري ٻولين جي اھميت سڄي دنيا ۾ ھاڻ به آھي. ائين نه ھجي ھا ته سڄي دنيا اڄ انگريزي ٻولي ڳالھائي ھا يا وري عربي يا فرينچ، پر صدين کان جنگين ۾ رھندڙ انھن ٻوليون ڳالھائيندڙن جي زوردار حملن جي باوجود مادري ٻوليون زنده آھن. لشڪري ٻولين جو وجود صرف رابطي جي زبانن تائين آھي، ان کان وڌيڪ انھن کي اھميت ئي ناھي. پر اسان سنڌي پنھنجي عجيب ڪلچرل ڪمپليڪس ۾ اچي جلدي پنھنجي ٻولي کي وساري ويھندا آھيون. ان طرح جا ڪيترائي مثال اوھان کي روزانو سامھون ملندا. حيدرآباد جي بازارن ۾ خريدارن جي سموري يا اڪثر رش سنڌي ڳالھائيندڙن جي ھوندي، پيسو به سندن ھوندو پر ھو پينٽ پاتل سنڌي ڇوڪري کان به پڇندا بائي يه ڪتني ڪا دوگي . . . .!!
    اھڙي روش عام جام آھي پر جڏھن ڪو ماڻھو ان غلط العام روش خلاف ويندو آھي ته مونکي سندس ڳالھه ڏاڍي وڻندي آھي. ائين جيئن پيارو ستار زنگيجو جيڪو ڀلي ته ڪراچي جي مارڪيٽ ۾ ھجي يا سکر، حيدرآباد دڪاندار کان اگھه سنڌي ۾ پڇندو ۽ چانھن واري يا ماني واري کي سدائين آرڊر سنڌي ۾ ڏيندو. مونکي شروع ۾ سندس اھا روش عجيب ۽ ٻاراڻي لڳي ته ڪراچي ۾ ھڪ ٽائر پنڪچر واري کي ھو سنڌي ۾ سمجھائي رھيو ھو. ستار مون کي ان جي وضاحت ڪجھه ھن طرح ڏني ته، پيارا ھي سنڌ ۾ رھن ٿا، ڪاروبار ڪن ٿا، سندن گراھڪ اسان سنڌي آھيون تنھنڪري ھو سنڌي جلدي سکندا. بلي ته پھريون ڀيرو منھنجو آرڊر نه سمجھن پر جڏھن پنجاھ ٻيا گراھڪ ايندس ته ھي ته ڇا پٺاڻ ھوٽل وارو به پاڻھي سمجھي ويندو. ان تجربي آڌار ستار جيستائين ڊيفينس گارڊن ۾ ھيو، ھن سمورن ھوٽل جي بيرن سان سنڌي ڳالھائي ۽ ھاڻ اوھان به سلطان مسجد جي ڀرسان وڃي ڪڏھن ويھو ۽ پٺاڻ بيري کي سنڌي ۾ آرڊر ڏيو ته پنج چانھيون کڻي اچ ته ڏسو ھو ڪيئن ٿو کڻي اچي. پر ائين ڪري ڪير. . . ؟ اسان ته پنھنجي نسل کي پنھنجي اباڻي ٻولي کان پري ڪندا پيا وڃون، پنھنجي خوشحالي جي ضمانت سمجھي. ڪٿي ائين نه ٿئي ته اسان مالي طور سنڌ جي وڏيرن ۽ ڪامورن وانگي خوشحال ٿي وڃون، پر اسان جي ٻولي ڪنگال ئي رھجي وڃي ۽ جڏھن علڻ فقير جو ڪو آلاپ گھر ۾ ھلايون ته ”ٻولي منھنجي ٻانڀيياڻياڻي الا . . . نا ھيان خان کٽياڻي . . “ ته اوھان جا نوان امير ٿيل ٻار کلي کلي خيرا ٿين ۽ اوھان کان پڇن ته ابا يه ڪيا ھي، يار يه بھي ڪوئي گانا ھي . . . يه لگائو اسان تي جاڻان بلو دي گھر . . . ڪني ڪني جاڻان بلو دي گھر . . . بس پوءِ ان مھل پنھنجي تازن امير ٿيل پٽن پوٽن جي محفل انجواءِ ڪجو ۽ ٿورو رقص ڪجو، پر پوءِ به جيڪڏھن ضمير جاڳي پوي ۽ چھنڊڙي ھڻي ته پنھنجي بيڊ روم جي ڪنھن ڪنڊ ۾ وڃي چور جي ماءٌ وارا گونگا ڳوڙھا ڳاڙجو ۽ اجرڪ جي پلئه سان اگھي ان اجرڪ کان ئي معافي وٺي چڏجو ته تنھنجو منھنجو ناتو رشتو شايد موت ڇني . . . .!


    بي وسي جي ميدان ۾ ھارايل جنگيون!

    مون کي ان بيگم جو فوٽو ڏسڻ جي ڏاڍي تمنا ھئي، جنھن عدالت ۾ اچي ڪنڌ ڌوڻي الائي زباني انڪار ڪيو ته سندس پنج ساله معصوم نياڻي سنڌو جي ريپ ۽ قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪيل جوابدار اصلي ناھن. اھو فوٽو ڏسڻ جي ان ڪري به خواھش ھئي، جو لڳ ڀڳ ڇھه مھينا اڳ مون سندس ھڪ ٻيو فوٽو ڪاوش اخبار ۾ ڏسي ڪيئي پل پنبڻيون پُسايون ھيون. مون کيس بھادر عورتن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ھو ته واڳن جي وات جھڙي سنڌي مرداڻي سماج ۾ ھڪ عورت اھڙي به آھي، جيڪا پنھنجي ڌي جو لاش پنھنجي ھٿن تي کڻي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ ۽ انصاف ٻاڏائڻ لاءِ پھتي آھي. منجھس ايترو دل گردو باقي بچيل ھو، جو ھوءَ پنھنجي رت جا ڳوڙھا پيئندي به نياڻيءَ جو لاش کڻي اسپتال جي مرده خاني پھتي ھئي. سندس جرئت کي ھڪ ڀرڀور سلام ڪيو ھو مون وري تڏھن به جڏھن عدالتن پاران نوٽيس وٺڻ کان پوءِ سندس نياڻيءَ جو قتل ڪيس داخل ٿيو ۽ سندس گھر جي ٻاھران پوليس پڪٽ قائم ٿي.
    بيگم جي بھادريءَ جو اڃان وڌيڪ اعتراف تڏھن ڪرڻو پيم، جڏھن بيگم خون بخش ڪرائڻ لاءِ وٽس پھتل پھرين ميڙ، پاڪ ڪتاب ۽ ۽ سيدن جي ميڙ کي اھو چئي موٽايو ھو ته ھاڻي جيڪو فيصلو ڪندي عدالت ڪندي، ڇو ته سندس نياڻي جو قتل ڪيس 201،34،302 ۽ 376 جي پي پي سي قلمن لڳڻ کانپوءِ خاص عدالت ۾ پھتو ھو. کيس انصاف ملڻ وارو ھو، پر ڇھن مھينن اندر پنھنجي ان پنجن سالن جي معصوم نياڻيءَ جي خون جو بار ھوءَ نه کڻي سگھي، جنھن کي ٻارنھن مھينا پيٽ ۾ پاليندي رھي ۽ ھوءَ پنھنجي جرئت واري جنگ متبادل عدالتي نظام يعني راڄوڻي نظام ھٿان ھارائي وئي.
    مون کي ساڻس ڪا به شڪايت ڪانھي، نه ئي مون کي مناسب ٿو لڳي ته مٿس اجائي تھمت ھڻي بنا ڪنھن پڪي ثابتيءَ جي اھو لکي ڇڏيان ته ھن جوابدار ڌر کان پئسا وٺي ٺاھ ڪيو آھي، ڇو ته مرد ھجي يا پيءُ ھجي اھو ته اھڙي منافقت ڪري ويندو، پر عورت سان به ماءُ اھا ڪڏھن به بخش نه ڪندي، ان قاتل کي، جنھن سندس نياڻي جي عزت ۽ زندگي کسي ھجي.
    مائي بيگم سومرو لاڙڪاڻي جي ڪچي آباديءَ ۾ رھندڙ اھڙي بيوه عورت آھي، جنھن جي پنجن سالن جي معصوم نياڻي سنڌو سومرو کي صبح جو چانھه لاءِ بسڪوٽ وٺڻ مھل اغوا ڪري ساڻس ريپ ڪيو ويو ۽ شاھديون مٽائڻ خاطر کيس سروٽا ھڻي قتل ڪري پاڙي جي ويران جڳھه ۾ تڙ تڪڙ ۾ دفن ڪيو ويو. نياڻيءَ سان زنا ۽ قتل ڪندڙ وحشي سندس جسم ته دفن ڪري ويا، پر سندس ڪيس جلد ئي عدالتن ۽ پوليس تائين پھتو، گرفتاريون عمل ۾ آيون ۽ قانوني ڪاروايون ھلي رھيون ھيون ته بيگم سومرو اچي، پنھنجي نياڻيءَ جو ڪيس عدالتن جي ايوانن ۾ پاڻ دفن ڪيو، جيڪو يقينن سندس لاءِ ڪو سولو ڪم نه ھو، ڇو ته اھڙا ميڙ منٿ وارا قافلا ھن اڳ ۾ ٻه ٽي دفعا واپس ڪيا ھئا. سخت قبائلي ۽ ذات برادريءَ ۾ يقين رکندڙ سنڌي سماج ۾ ھڪ اڻ پڙھيل عورت صدين کان رائج سسٽم سان ايترو ئي وڙھي سگھي ٿي. وڌيڪ ويڙھ لاءِ کيس سگھه گھرجي، آڪسيجن گھرجي، جيڪا ھر سماج جي سول سوسائٽي فراھم ڪندي آھي، پر بيگم کي اھا نه ملي سگھي. عدالت ۾ جوابدارن جي شنازختي پريڊ ۾ ڪوڙا بيان ڏيڻ کان پوءِ ھن پنھنجي گھر اچي، جيڪي پار ڪڍيا ھوندا، سي ڪنھن نه ٻُڌا ھوندا، ڇو ته اھڙي باضمير عورت کان سندس ماريل معصوم سنڌو اھو ضرور پُڇيو ھوندو ته، ”امان آخر ڪھڙي حساب ۾ تو منھنجو خون بخشيو!؟“ پوءَ پنھنجي ماءُ جي مجبوري ڏسي ۽ سمجھي فرمانبدار نياڻين وانگر ھن به ڀريل اکيون کڻي بنا شڪايت جي چيو ھوندس ”امان جي مياس معاف ٿئي. . . “
    ھي ته ھڪ اڻ پڙھيل ۽ عام عورت ھئي، پر ڪنڌڪوٽ جي اھا عورت ته پڙھيل ھئي، کيس قانون به ايندو ھو، تڏھن به ھوءَ پنھنجي نياڻي ۽ ڏوھٽي جي ٻٽي قتل کي عدالتن ۾ ھلائي نه سگھي. فريادي ڌر وٽس قسمين قسمين سردار وٺي اچي پھتي، جو ھوءَ لاجواب ٿي وئي، ڇو ته فريادي ڌر پنھنجي قاتل ھمراھ کي بچائڻ لاءِ گدوبندر واري چرين جي اسپتال مان ڪوڙو ميڊيڪل سرٽيفيڪٽ به وٺي آئي ھئي ته ھمراھ چريائپ ۾ اھي خون ڪيا آھن. اھي خون اصل ۾ غيرت جي نالي ۾ ھڪ ٽاڪ منجھند جو اڪيلي گھر ۾ ڪيا ويا، جنھن بعد قاتل گھر واري گھٽيءَ مان فائر ڪندي نڪتو ۽ ڪنھن به کيس ڪونه روڪيو، پوءِ ٿيو ائين جيئن سنڌي سماج ۾ صدين کان ٿيندو پيو اچي يعني راڄوڻي منٿ ميڙ قافلن جا ڪٽڪ. قبائلي رسمن جي وچ سير مان لُڙھندڙ حياتي گذارڻ جي باوجود ھن پنھنجي اندر تعليم سان اجرو رکيو ھو. ان عورت کي پنھنجي مڙس سان بي انتھا محبت ھئي، جنھن کيس ايترو بھادر بڻايو ھو، جو ھن پنھنجي وڏي نياڻيءَ جو رشتو ريتن رسمن جي ابتڙ نياڻيءَ جي پسند سان ھڪ پڙھيل لکيل خاندان ۾ ڪيو ھو ۽ ھو فخر سان پنھنجي نياڻيءَ جو تعارف ڪرائيندي چوندي ھئي ته سندس نياڻي جو سھرو پروفيسر آھي. اھا ته کيس خبر بعد ۾ پئي ته جنھن بدبودار سنڌي مرداڻي سماج ۾ ھو رھي ٿي، ان ۾ پٽيوالو ھجي يا پروفيسر عورتن جي ڪارنھن واري قتل بابت سڀني جي سوچ بالاخر ھڪ ئي نتيجي تي پھچي ٿي ته ”بري عورت“ جو قتل مڙس ماڻھوءَ کي بخش آھي.
    اھا پڙھيل لکيل عورت ڪنڌڪوٽ مان روزانو لاڙڪاڻو عدالتن جا چڪر لڳائيندي رھي ته من ڪو سندس ڌيءُ ۽ ان جي نياڻيءَ جو تدارڪ ٿي سگھي، پر عدالتي ڪارواين مان سندس ارواح تڏھن کڄي ويو، جڏھن ھڪ ڏينھن ھن پنھنجي مقتول نياڻيءَ جي مڙس کي سندس پروفيسر پيءُ سميت عدالتي احاطي ۾ وڪيلن جي جھرمٽ ۾ ڏٺو. ان ڏينھن کان پوءِ ھن عدالتن ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو ۽ اھو ڪارو رئو پائڻ شروع ڪيو جيڪو ھن پنھنجي ٻن نياڻين جي قتل خلاف ڄڻ ته احتجاج طور پاتو ھجي. عدالتن ۾ سرگرمي گھٽ ڪرڻ کان پوءِ وٽس ٻيھر اھو نام نھاد نيڪ مرد آيو، جنھن کيس ميڙ وٺي اچڻ جو اطلاع ھڪ ڌمڪي سميت ڏنو ته پروفيسر وارا ڪالھه نواب صاحب جي بنگلي تي ويا ھئا، نواب صاحب حڪم ڏنو آھي ته اوھان ڪو ٽائيم ڏيو، جڏھن ميڙ منٿ وٺي اچجي. بٽي قتل واري مقتول ڌر جي وارث اڪيلي عورت ڪمزور ٿيندي آھي، سو ان عورت کي احساس ان ڏينھن ٿيو. ھن سگھاري عورت پنھنجي ڳوڙھن کي ضبط ڪندي، کيس بي اثر آواز ۾ چيو، ”ڀلي حاجي صاحب، نواب صاحب جو حڪم اکين تي، جڏھن چاھيو اچي وڃو.“ اھا خوشخبري ٻُڌي حاجي ته ٽپو ڏئي اٿيو، سڌو نواب صاحب جي بنگلي تي، پر اھا خبر اڪيلي گھر جي اداس درن ديوارن کي ھئي ته ان رات اھا ڪاري چادر پائيندڙ عورت ڪيترو رُني ھئي. پنھنجي نياڻي جي تصوير پلنگ تي رکي پاڻ ھيٺ فرش تي ويھي کيس ٻاڏائيندي رھي ته، ”اي منھنجي بي قصور بااخلاق سدا ملوڪ نياڻيءَ ٿي سگھئي ته ڏينھن قيامت جي مون کي معاف ڪجانءِ، مون تنھنجو خون معاف نه پئي ڪيو، پر تنھنجي قتل کان پوءِ ھي مرد ايترا گڏ ٿي ويا آھن، جيترا ڪنھن جھنگ ۾ بگھڙ به گڏ ڪونه ٿيندا ھوندا. انھن جون اڇيون، ڪاريون، ڳاڙھيون ڏاڙھيون ۽ انھن جا نوابي سرداري لقب مون کي نه ٿا وڻن، نه ئي مون کي پسند ھئا، پر ھڪ خوف آھي ته مان به تو وانگر نه ماري وڃان . . . مون کي به ھِن سماج جي مردن سان گڏ رھڻو آھي، تنھن ڪري ٿي سگھئي ته معاف ڪجان.“
    ھن کي ان پروفيسر تي به ان مھل ڪا ڪاوڙ ڪانه ھئي، جنھن فيصلي ۾ گدوبندر مان آندل اھو ڪوڙو سرٽيفيڪٽ ڏيکاريو ته سندس پُٽ چريو آھي ۽چريائپ جي دوري سبب ھن اھڙو انتھائي قدم کنيو، پر اھا حقيقت صرف اھا عورت يعني مقتولا جي ماءُ ڄاڻندي ھئي ته ھو پنھنجي زال جي حسن کان خائف ۽ ڪڏھن ڪڏھن نامرديءَ جو شڪار شھپري مرد ھو، جنھن کي اھو خوف کائيندو رھيو ته ايتري خوبصورت عورت صرف سندس يعني پنھنجي مڙس تائين محدود ڪيئن ھوندي، ان خوف ۽ ان خود جي پيداور شڪ ۾ اھا معصوم نياڻي به اچي وئي، جنھن لاءِ ھو اڪثر مذاق ۾ به خاندان وارن کان پُڇندو ھو، ”ھي ڇوري منھنجي مھانڊي ناھي، اھا ڪنھن تي ويئي آھي.“ اھي جملا سندس ايندڙ انتھائي قدم جي اڳڪٿي ھئا، سا ته ڪنھن کي خبر نه پئي، پر حيرت سڀني کي ان پروفيسر تي ٿي، جنھن وري به پنھنجي خوني پُٽ کي ميڙ منٿ قافلي ۽ نوابي راڄوڻي فيصلي معرفت بچائي ورتو.
    معصوم ٻارڙن سان ريپ ۽ قتل خلاف قانون ۽ سزائون موجود آھن. عدالتي ڪاروايون ۽ ڪجھه عدالتي فيصلا به موجود آھن، پر سنڌ جي مٿي ۾ صدين کان لڳل ناسور راڄوڻي نظام، انھن سمورن قانونن تي عملي طرح منڌيئڙو ڦيري ويٺل آھي، جنھن سماج م اصل حڪمراني ڪنھن لکيل قانون جي نه، پر اڻ لکيل راڄوڻي نظام جي ھجي، ان سماج ۾ بيگم سومرو جھڙي اڪيلي عورت معصوم سنڌو جي قتل جو بار پنھنجي ڪلھن تي آخر ڪيستائين کڻي ھلندي.


    ايمانداري جي ندامت!

    ھن سان منھنجي ڪا گھڻي ويجھڙائپ ته نه رھي آھي، پر پنھنجي پنھنجي حصي جا ڏک سُور تڏھن ھڪٻئي سان ونڊ ڪندا آھيون، جڏھن به ملڻ جو ڪو موقعو ملي ويندو آھي. اسان پاڻ ۾ ملڻ جا ھروڀرو بھانو ڪونه ڳوليندا آھيون، نه ئي فون ڪري ھڪٻئي سان ملون. پر ڪٿي به ڪڏھن به ملي وياسين ته بس حوالن ۾ اھڙا ڇٽاسين ڄڻ ته روز ملندا ھجون. پر ان ڏينھن مونکي حيرانگي اھا ٿي جو ھن بار بار فون ڪري پڇيو ته ڪراچي ڪڏھن ايندين، ڪجھه ڳالھيون ڪرڻيون ۽ صلاح وٺڻي اٿم. سندس اھڙي حجت تي پنھنجو ڪو پروگرام نه ھوندي به مون کيس ايندڙ آچر جو چئي ھفتي لاءِ پاڻ تان بار لاھي ڇڏيو، پر ان دوران ھن جي جڏھن ٻه دفعا فون آئي ته سمجھي ويس ته ڪو مسئلو ضرور ٿيو ھوندو. تنھن ڪري ساڻس ڪچھري جو ذھن ٺاھي سيڙجي صرف ان جھونيءَ جوڳيءَ سان ڪچھري ڪرڻ ويس، جنھن جي دل ٻارن جي مرڪ جھڙي پاڪيزه آھي. ڪيترا دفعا پڇيو اٿم پر ظالم اھڙو، جو ڪڏھن ان جو راز نه ٻڌايو اٿائين ته ھن خزان جھڙي جھان ۾ رڳرا کائيندي رھندي ھن پنھنجي مرڪ ڪيئن بچائي رکي؟
    ڪراچي ويندي رستي ۾ اھو سوچيندو ويس ته ھو ڪھڙي ڪچھري ڪري سگھي ٿو. ھڪ تازو ريٽائر ٿيل ماڻھو جنھن جي خاندان جا اڪثر ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پڙھڻ ۽ نوڪريون ڪرڻ خاطر ملڪ کان ئي ٻاھر رھندا ھجن، جيڪو پاڻ به اھڙو مست ملنگ ھجي، جو وڏن وڏن سرڪاري عھدن تي رھندي به رشوت ۽ سفارش ڪلچر کان کان پري ھجي، يعني سولي سنڌي ۾ ”ڪنھن ڪم جو نه ھجي.“ ته اھڙي ماڻھوءَ کي ڪھڙو مسئلو درپيش اچي سگھي ٿو، جيڪو ڪنھن ڪنگلي ڪالم نگار سان ونڊ ڪري، سندس سادي زندگي ۾ ڪي عيش عشرت يا اھڙا ڪي ٻيا معاملا ته آھن ئي ڪونه، جيڪي اسان جي ڀوتارن ۽ ڪامورن جي نجي زندگين سان وابسته آھن. ھو شام جو ڪافي ۽ سگار تي گذارو ڪرڻ وارو، جنھن کي سنڌي طريقي سان پيئڻ پيئارڻ وارن ڪچھرين کان الرجي ھجي، سو ڀلا ڪھڙي رنگين زندگي گذاريندو ھوندو، جو ھن سان ڪو مسئلو ٿي پوي، ڪڏھن ڪڏھن ڪچھرين ۾ ھو سنڌ جي موچارن مھانڊن جا نالا کڻي ٻڌائيندو آھي ته ڪيئن نه اھي سندس پوسٽنگ دوران پنھنجن بنگلن تي اھڙيون دعوتون ڪندا ھئا، جن ۾ ڪي جڳاڙي لاھور کان گھرايل رقاصائن کي دبئي مان گھرايل رقاصا ڪري پيش ڪندا ھئا ۽ کيس آڇ ڪندا ھئا ته اھا ساڻس گڏ ھلي، پر ھو خاموشيءَ سان ماني جا ٻه گرھ کائي سرڪاري بنگلي تي واپس اچي ويندو ھو. جنھن ڪري سنڌي ڀوتارن جو ھڪڙو ٽولو کيس ٽوڪ مان ”گورو صاحب“ چوندو ھو. معاشري جا اھي طنز ۽ ٽوڪون پنھنجي سر تي کڻي به ھو پنھنجو ڪم ايمانداري سان ڪندو رھيو. کيس سرڪاري فرض نڀائڻ ۾ ڏکيائون به پيش آيون ته ڀوتارن جون ڪچيون گاريون به کيس کائڻيون پيون، پر ڪم اھو ڪندو رھيو، جنھن جي قانون ۾ اجازت ھئي.
    مون کي سندس ڪراچي واري گھر تائين پھچندي پھچندي شام ٿي ويئي ۽ ھن رات جي ماني صلاح ڪئي. جيڪا مون يڪدم ان ڪري قبول ڪئي، جو ھو سدائين چوندو ھيو ته ادا شھرن ۾ مھمانن کي ھڪ دفعو صلاح ڪبي آھي، اگر نخرو ڏيکاريئي ته بک پاڻ مرندين.ماني کان پوءِ سفيد پردن واري پنھنجي ڪمري ۾ سبز چانھه جو آرڊر ڏئي ھو جيئن ويٺو، تيئن ٿڌو ساھ کڻي پڇيائين ته، ادا ايمانداري ڪو گناھ آھي ڇا؟ مون کي سندس اچانڪ چيل جملو پوري مفھوم سان گڏ سمجھه ۾ نه آيو، ته وري پڇيومانس ته سو ڪيئن سائين؟ ھن حسب معمول پنھنجي ادا واري تڪيه ڪلام سان ڳالھه شروع ڪئي ۽ ڇوڻ لڳو، ادا اوھان جا حڪمران قانون ته مٽائي سگھن ٿا پوءِ اھو قانون ڇو نٿا مٽائين ته ايمانداري گناھ آھي، جيڪو سرڪاري ملازم ايمانداري ڏيکاريندو ان کي سزا ڏني ويندي. ھن معاشري ۾ شريف ماڻھوءَ کي جيئڻ جو ڪو حق ناھي، اگر ڪو شرافت سان جيئڻ چاھيندو ته کيس سرِ بازار سنگسار ڪيو ويندو. سنڌ ۾ اھڙو قانون ڇو نٿو لاڳو ٿئي ادا؟ مون خاموشيءَ سان کيس ٻڌو ۽ صرف ايترو چيم ته، سائين خير ته آھي، ڪو مسئلو ٿيو آھي ڇا؟ ھن پوڙھپڻ وارو غصو ڏيکاريندي تلخ لھجي ۾ وراڻيو، ادا مسئلو مون سان نه توھان جي سماج سان ٿي پيو آھي. جتي ڏسندي ڏسندي ناڪاري روين وارا ماڻھو مک ۽ بااختيار جڳھين تي اچي ويا آھن ۽ انھن اچڻ سان سماجي رويا ۽ انھن جا مفھوم بدلائي ڇڏيا آھن. جنھن سماج ۾ڪرپٽ ڪامورو تڪڙي ترقي ۽ بااختيار ڪرسي تي ويٺل ھجي، جنھن معاشري ۾ بشني ڀوتار اسيمبلين ۾ ڪلھا گسائيندي وزير ٿي وڃن، جنھن معاشري جي ريت رسم ڪميشن ۽ رشوت جو پيسو ٿي وڃي، ان معاشري ۾ تو يا مون غريب جي ڪير ٻڌندو.
    مون خاموشيءَ سان گرين ٽي جي سُرڪ ڀري سندس سالن جو تجربو رکندڙ اکين ڏانھن نھاريو، جن ۾ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ڀريل ھئي. مون به ان ڪاوڙ ۾ پنھنجي ڪروڌ جو حصو ڀريندي چيو ته، سائين معاف ڪجو، پر ان معاشري جوڙڻ ۾ توھان جھڙن ڪامورن جو به حصو پتي ضرور آھي، جن کي پوسٽنگ ھر حال ۾ کپي، پوءِ ڀلي ان لاءِ ڪجھه به ڪرڻو پوي. اوھان جي ڪلاس کي ايمانداري صرف تڏھن ياد ايندي آھي، جڏھن اوھان ريٽائر ٿيندا يا ريٽائرمينٽ کي ويجھو ھوندا آھيو. منھنجي جملن ڄڻ ته کيس تپائي باھ ڪري ڇڏيو ۽ ھن مون کي گھوريندي چيوته، مون سڄي عمر پنھنجي ٻارن کي شرافت ۽ ايمانداري جا درس ڏنا ۽ پنھنجو دامن بچائي ھليس، تڏھن به تو جھڙو ماڻھو مونکي انھن جملن سان پيو نوازي . . . مون وضاحت ڪندي کيس چيو، سائين ڳالھه اوھان جي ڪاموري ڪلاس جي اجتماعي ذھنيت جي آھي، ان کي ذاتي حيثيث ۾ نه نه وٺو . . . تڏھن به ھو تپي باھ ٿي ويو، ادا ذاتي حيثيث ۾ ڪيئن نه وٺان يار، مونکي منھنجو پٽ اچي چوي ٿو پپا اوھان اسان جي صحيح تربيت نه ڪئي. سڄي عمر شرافت ۽ ايمانداري جا درس ڏنا ۽ سرڪاري منصب کي قوم جي امانت سمجھي ايمانداري سان ھلائڻ جي نصيحت ڪئي پر اسان جي آفيسن ۾ ته روزانو ان جي ابتڙ تماشا پيا ٿين. ھن پنھنجي ان پٽ جو ذڪر ڪيو، جنھن تازو ڪميشن جو امتحان ڏئي اچي سنڌ ۾ سول سروس جوائن ڪئي آھي. ڳالھه ڪندي ڪندي ھن پنھنجي ان نياڻي جي به ڳالھه ڪئي، جنھن کي ھڪ جھوني سنڌي سيڪريٽري ماني لاءِ شام واري دعوت ڏئي گھرايو ۽ کيس ٻڌايو ته ايمانداري ۽ شرافت سان ھاڻوڪي ڪاموري ڪلاس ۾ ترقي ڪانه ٿيندي. جيڪڏھن کيس ايڊيشنل ڇارج وٺڻي آھي ته سندس آفر تي غور ڪري.
    ھن پنھنجو چشمو صاف ڪندي ڳوڙھن کي لڪائيندي چيو، ادا سڄي عمر ايمانداري سان سرڪاري ملازمت قوم جي امانت سمجھي ھلايم ۽ ھاڻي ھي نتيجو . . . مونکي پنھنجي اولاد جي اڳيان شرمندو ٿيڻو پوي ٿو جڏھن ھو فخر سان ٻڌائين ٿا ته، فلاڻي سيڪريٽريءَ جو نيب ۾ ارب روپين وارو اسڪيندل پيو ھلي يا فلاڻي سيڪريٽريءَ ھيترا ڪروڙ واپس ڪري نيب مان جند آجي ڪرائي آھي . . . سندس اھڙي لاچار واري گفتگو ٻڌي مون کانئس سوال ڪيو ته، ڪرپشن ھنن ڪئي، نيب ۾ ڪيس ھنن جا پيا ھلن، پر توھان شرمسار ڇو پيا ٿيو . . . .؟ ھن کلي وراڻيو ته يار صفا ڪو زور آور آھين . . . ادا منھنجا ٻار به ته ڪميشن پاس آھن اھي آفيسريون پيا ھلائين . . . تو وانگر سدائين صحافي ته نه رھيا آھن . سندس اھي خبرون چارون مان نٿو سمجھان ڇا ته ٻين سيڪريٽرين ھيترا ارب ڪروڙ ڪمايا، يعني تو اسان لاءِ ڇا ڪيو؟ تو ڪرپشن ڇو نه ڪئي . . . ؟ منھنجو ننڍو پٽ ته صفا چڙي پوندو آھي ۽ انگريزي ۾ مخاطب ٿي انگريزن وانگر چوندو آھي ته پپا اگر سنڌ ۾ سرڪاري ملازمت جا اصل معيار بي ايماني، رشوت خوري، اڻپڙھيل وڏيرن جي چمچاگيري ھئي ته اوھان اسان سان ڪوڙ ڇو ڳالھايو؟ اسان کي مس گائيڊ ڇو ڪيو ته سچائي ۽ ايمانداري سان ھلڻ سان ڪاميابي اوھان جا قدم چمندي. اسان کي ته وڏي ذھني عذاب ۾وجھي ڇڏيو آھي تنھنجي تربيت . .. . ائين چئي ھو جھونو مڙس پنھنجي آرام ڪرسي تي آھلجي پيو. چشمو لاھي ھڪ ھٿ ۾ ڪيائين ۽ ٻئي ھٿ سان پنھنجي اکين کي پوري ڇڏيائين. ڄڻ ته پنھنجي ايمانداري تي ندامت کي پوريندو ھجي. . . سندس سفيد پردن کي ڪراچي سمنڊ واري ھوا چيريندي اندر آئي پر ان به ڪو نئون نياپو اھڙو ڪونه آندو ته سنڌ مان اقربا پروري ۽ ڀوتارن جو راڄ ھاڻي ختم ٿيندو.


    اوپرا اديب!

    آگسٽ جو مھينو ايندي ئي مون کي الائي جي ڇو پُراڻي حيدرآباد جي اھا صدر واري گھٽي ياد اچي ويندي آھي، جيڪا ويھارو سال اڳ تائين ڏاڍي پرامن ۽ ڪنھن شخص جي ڪري ڪشش ڏياريندڙ ھوندي ھئي. ڊاڪٽرز جي بازار اڃا ايترو ان گھٽي کي ويجھو ڪونه پھتي ھئي، نه ئي شاپنگ پلازا ۽ گھڻ ماڙ عمارتن انھن چند بنگلن کي گھيري ورتو ھو، جن ۾پراڻا حيدرآبادي رھندا ھئا، جن مان اڪثر سنڌي ھوندا ھئا، پر انھن جي سنڌي اردو گاڏڙ اھڙي ھوندي ھئي، جو اھي اگر ڪنھن کي ڌمڪي به ڏيندا ھئا ته صرف ايترو چئي وٺندا ھئا، ”اڙي ھل ھل تون ڪون سا مڙس ماڻھو ھئي.“ عاط طور شريف ۽ ھاڻوڪي قاسم آبادي ڪلچر کان پاڪ ان آباديءَ جي ھڪ ننڍڙي بنگلي جي در واري دڪيءَ تي ھو اڪثر شام جو اچي بيھندو ھئو ۽ پنھنجي پسند جو سگريٽ پي دونھون ھوا ۾ اڏائي چوندو ھو، ”يار مرد ڪيڏو به مڙس ماڻھو ھجي، پر شادي کان پوءِ ڪوئي جھڙو يا گھٽ ۾ گھٽ مون جھڙو ٿي ويندو آھي.“
    پنھنجو پاڻ کي چرچو ھڻي، ھو ٻارن وانگر کلندو ھو. سندس ڪا ادبي تنظيم نه ھئي، نه ئي ھو پنھنجي اديب يا دانشور ھجڻ کي برادري يا لڏي طور ھلائيندو ھو، تنھن ڪري ھو عمر ڀر سدائين اڪيلو رھيو. ڪيئن چئجي ته کيس خبر ڪونه ھئي ته سنڌي سماج اڃا ايندڙ تمام گھڻن سالن تائين ذات پات ۽ برادريءَ جي گھاٽي ڇانو ۾ ايترو ته آرامي ھوندو، جو کيس مئي پُڄاڻان ياد ڪرڻ وارو ڪير به نه ھوندو. پنھنجي ماڻھن ۽ پنھنجي سنڌي ٻولي جي بقا خاطر راتين جون راتيون جاڳي لکندڙ اھو اديب حليم بروھي ھو، جنھن کي عام پڙھندڙ صرف مزاح نگار طور سُڃاڻين ٿا، پر ھي جديد دور جي موبائيل ۽ سوشل ميڊيا تي جيڪو اسان توھان رومن سنڌي ۾ نياپا لکون ٿا، ان جو خالق پڻ ٻيو ڪير نه، پر اھو ساڳيو حليم بروھي ھو، جنھن جو ”آڙاھ“ ناول ھاڻي ادبي مارڪيٽ ۾ ڳولئي ڪونه ٿو لڀي. آگسٽ جي شروعات واري ھفتي ۾ يعني پجنين آگسٽ تي سندس سالگرھ ھئي، جيڪا نه تو ملھائي، نه مون ملھائي، ڇو ته ھو مروج سنڌي ادڀي ميڙاڪن ۽ گڏجاڻين جي طور طريقن جو نقاد ھو، جيڪو ڪتاب جي مھورت تي گلن جا ھار پائيندڙ اديبن مان چرچا ٺاھي، کين چوندو ھو ، ”يار انھن جو مڱڻو ٿيو آھي يا نڪاح، جو ھي گلن جا ھا پيا پائين.“ ھو چڱن ڀلن لٺ سردار اديبن ۽ دانشورن سان جواني ۾ ئي ائين چئي ٽڪر کائي ويٺو ته، ”انھن ترجمن کان سواءِ ٻيو ڪھڙو تخليقي ادبي ڪم ڪيو آھي، جو جتي ڏس، جنھن اسٽيج تي ڏس، اھي صدارتي ڪرسين کي چنبڙيا پيا آھن. انھن جا خطبا سرڪاري اسٽيجن تي ھڪڙا ته قومپرستن جي اسٽيجن تي ٻيا ھوندا آھن، پر ھي جيڪو ڪجھه ڪن پيا، سو ڪنھن به سماج ۾ اديب ۽ دانشور وارو ڪم ناھي.“
    سندس اھڙي تکي ۽ تلخ تنقيد سبب ھو پنھنجي حياتي ۾ ئي اڪيلو ٿي پيو ھئو ۽ کيس ادبي برادري جھڙوڪر عاق ڪري چڏيو ھو. سندس اھا سزا ھاڻي سندس موت کان پوءِ به شايد ختم نه ٿي آھي، ڇو ته اسان سنڌي ڌارين سان پُڄي سگھون الائي نه، پر پنھنجن سان پلاند پراڻا ناھيون ڪندا، تنھنڪري حليم بروھي کي ڇھين آگسٽ واري سالگرھ جي ڏينھن ائين ڪنھن به ياد نه ڪيو، جيئن جولاءِ ۾ سندس ورسي واري ڏينھن ڪنھن به کيس ياد ڪرڻ جي تڪليف نه ڪئي. ٻيو ته ڇڏيو، انھن نون نوابن به پنھنجي ان دور جي انگريزي ٻولي جي استاد حليم بروھي کي ياد نه ڪيو، جن سُڃائي جي شاگرديءَ واري دور ۾ حليم بروھي جي گھر کي آستانو بڻائي ڇڏيو ھو ۽ سندس ڪٽليءَ مان چانھه جو چُسڪيون وٺندا ھئا. ھاڻي اھي ڪميشنون کائي توڙي جو ڪروڙ پتي ٿي ويا آھن، سندس شامن ۽ راتين جا ڪوڙا بل ئي لکن ۾ نڪرن ٿا، پر حليم کي ڪير ياد ڪري ته آخر ڇو؟ حليم بروھيءَ جا ڪيترا ڪتاب آھن، ڪھڙن موضوعن تي ۽ انھن مان ڪھڙا شايع ٿيڻ جھڙا آھن، سي موضوع اسان جي ادبي چڱن مڙسن جي مٿي جو سور ناھن، ڇو ته حليم پاڻ انتھائي شرارتي، غير سنجيده ۽ ادبي ادارن جو انڪاري ھو. ڀلي ته ھو سنڌي سماج ۾ ڄمڻ جي سزا اڃا پيو ڀوڳي. اھا سزا حليم بروھي ته مرتئي کان پوءِ به ڀوڳي رھيو آھي، پر ڪوٽڙي جي پُل ڀرسان حياتي جا غذاب جھڙا پل گذاريندڙ علي بابا جي اھا سزا سندس حياتيءَ ۾ ئي جاري آھي.
    ڏسو اسان ڪيڏي نه ڊجيٽلائيز دور ۾ اچي ويا آھيون، جيڪا معلومات کپي، سا ھڪ ڪلڪ ۾ گوگل ڪري، اسڪرين تي سامھون آڻي ٿا سگھون، پر ھي بدنصيب ڌرتيءَ جا اھڙا لکاري آھن، جن کي ڪو گوگل به نه ٿو ڪري سگھي. علي بابا جي ڪھڙي سالگرھ ۽ ڪڏھن ھئي، تنھن سان اسان جو ڪھڙو واسطو؟ ڪوٽِڙيءَ جو علي محمد رند بلوچ، جيڪو شروع ۾ علي سنڌي ۽ يا علي دراوڙ جي نالي سان ڪھاڻيون لکڻ پيو چاھي، پر جنرل ايوب جي ون يونٽ سبب سندس آخري نالو يعني سنڌي ادبي ميگزين جي ڪنھن ايڊيٽر کيس علي بابا ڪري ڇڏيو ۽ نالي جي اثر سبب ھو باقي حياتيءَ ۾ ان سنڌيءَ کي ڳوليندو رھيو، جنھن مٿان پاڪ سرزمين تي پاپندي پيل ھئي، جيڪو علي کان ڄامشوري ۾ اھڙو وڇڙيو، جو وري کيس نه ملي سگھيو. علي بابا کي حليم بروھي وانگر اھا شڪايت ڪڏھن نه رھي ته ادبي اسٽيجن تي نج تخليقي ڪم ڪندڙ اديبن بدران مترجمن ۽ مرتبن يعني ڪتاب سھڙيندڙن جي ايتري آئو ڀڳت ڇو ٿي ڪئي وڃي، پر ھن کي اھا خبر نه پئجي سگھي ته سنڌيءَ ۾ ادب لکڻ جو معاوضو ڇو نٿو ملي. ھن آصف فرخي کي ھڪ ڀيري پاڙي جي گھر واري فون تان ٻُڌايو ته، ”ھاري زمين چند ڪلاڪ کيڙي ٿو، پر ھارپو سندس حق آھي، ائين ئي مزدور مل ۾ ڪجھه ڪلاڪ ڊيوٽي ڪري ته اجورو کيس ملي ٿو، پر اسان اديب چوويھه ڪلاڪ ڪم ڪريون، تڏھن به ڪو معاوضو نه ٿو ملي ، آخر ڇو؟“ علي بابا ھاڻي عمر جي ان حصي کي پھتو آھي، جتي ھو ٻيھر موھن جي دڙي جھڙو شاھڪار ناول نه ٿو لکي سگھي. ھاڻي ھو ته پنھنجن ڪھاڻين جي موضوعن جھڙو ٿيندو پيو وڃي. ڪڏھن پڃري جو پکي ته ڪڏھن گدوبندر جو چريو ته وري ڪڏھن ڪاوڙيل ماڻھو، پر وري به علي بابا کي اھا خبر ڏاڍي دير سان پوندي ته سنڌي سماج ۾ ڪاوڙيل ماڻھو کي عوامي پذيرائي ته ملي سگھي ٿي، پر کيس ادبي ڪرسي ڪونه ملندي، ڇو ته اھا ڪرسي سر سر چوندڙن کي ئي ملندي رھي آھي. وقتي خوشامد علي بابا جي رت ۾ شامل ناھي، تنھن ڪري ھو سن جي اسٽيجن تي اوھان کي نظر ايندو، پر اقتداري ڀوتارن، وزيرن ۽ مشيرن جي گلدستن ۽ جھرمٽ کان پري ھوندو. سندس ھڪ ديواني عاشق ھڪ ڏينھن تر جي ڀوتار جي بنگلي تي علي بابا کي وٺي وڃي ڀوتار جي ڀرسان ويھاريو، جنھن کيس سُڃاڻڻ کان انڪار ڪندي، ٻين سان ڳالھائڻ شروع ڪيو ته علي بابا پنھنجي دوست کي سڏي، پنھنجي نماڻي آواز ۾ ڀرڀور قوت سان کيس چيو، ”يار مون کي ھتي ھن جھنگلي جانور جي ڀرسان ڇو ويھاريو ٿئي.“ علي بابا کي خبر ئي نٿي پوي ته سنڌي سماج ھاڻ آدرشي ماڻھن جو آشرم بڻجڻ کان انڪاري آھي ۽ ھر فيلڊ ۾ ڀوتار اھڙي ته بُري طريقي سان ڪاھي پيا آھن، جو ڪتابن جون مھورتون به اڻ پڙھيل وزيرن کان وظيفن جي آسري ۾ ڪرايون پيون وڃن. اھري ماحول ۾ اسان علي بابا کي ياد ڪيون، سندس سالگرھ ملھايون ته آخر ڪيئن؟ علي بابا نه ڪنھن پراجيڪٽ ۾ ٿو فٽ اچي، نه وري ڪنھن پيڪيج ۾، سو ڀلو آھي ته علي بابا ادبي پروگرامن کان پري ھجي. اجايو ڀوتارن جي چاپلوسي ۽ جھرمٽ ۾ ڪا ڳڙٻڙ نه پيدا ڪري وجھي.
    آگسٽ جو مھينو ايندئي مون کي لڱ ساڙيندر سکر جون اھي شامون به ياد اينديون آھن، جڏھن اسان سج لھڻ شرط گھنٽا گھر جو رُخ ڪندا ھئاسين. سکر جي گھنٽا گھر جو پراڻو ماحول ھالي ووڊ جي ڪنھن قديم فلم جھڙو ھوندو ھو، جتي ھڪ طرف ڪَنن مان گند صاف ڪرڻ وارا ھمراھ ويٺل ھوندا ھئا ته ٻيا ڏندن جا نقلي ڊاڪٽر، پر انھن جي ڀرسان ئي روڊ تي (ڇو ته فوٽ پاٿ سکر جي ان روڊ تي ھوندو ئي ناھي) ان ڪري روڊ ڪناري چاٽ رکي ويٺل ھمراھ ھوندو ھو، پر اسان کي اھو يگانو جھونو مڙس پٿر جون مُنڍيون کپائيندڙ فوٽ پاٿي مُنڊي گرن وٽ ملندو ھو. جتي ھو ايترو سنجيده موڊ ۾ ھوندو ھو، ڄڻ ته ڪا نئين راڳ جي ڌُن پيو ترتيب ڏئي. انھن مُنڊين جي سليڪشن واري مرحلي مان واندو ٿي، جڏھن اٿندو ھو ته ڪنھن يار دوست کي سُڃاڻڻ جھڙو ٿيندو ھو. سندس ڳچيءَ ۾ فقيراڻا ڳانا ۽ مٿي ۾ سدائين تيل پيل ھوندو ھو. سکر جي ان گھنٽا گھر تي ئي ھڪ پراڻو ھوٽل ڪيفي الفريد جي نالي سان ھوندو ھو، جنھن کي ھو پنھنجي شام جي چانھه ۽ ڪچھري جو عارضي آستانو ٺاھي ويھندو ھو. ان ئي ڪيفي تي اگر اسان جھڙو ڪو اوپرو عاشق کيس فرمائش ڪري ويھندو ھو ته ھو ڌيمي سُر ۾ بنا سازن جي جھونگاري وٺندو ھو، ”ڪڏھن تُنھنجي وارن سندي رات ٿيندي“ يا وري ”دامن لڳيان مولا مين ته تيڏي ھان . . .“ خُماريل آواز واري ان سُريلي گائڪ سينگار علي سليم جي ورسي به آگسٽ ۾ ھوندي آھي، پر اسان ملھائي نه سگھندا آھيون. سينگار علي سليم جي ذاتي زندگي ته ڇڏيو، فني سفر تي ئي ھڪ الڳ ڪتاب لکي سگھجي ٿو، پر ھو ڪنھن ثقافتي ڪاموري جو ڪرو کڻندڙ نه ٿي سگھيو، نه ئي کيس پنھنجي محنت جا مليل چيڪ ٻين بُکين عملدارن کي ڏيڻ جي عادت ھئي ۽ کيس گائڪي جي گھمنڊ ۾ ان وقت خبر نه پئي ته کيس اھي ڪوتاھ قد اھڙو ڪاپاري ڌڪ ھڻندا ، جو سندس ڌنون ٻين گلوڪارن ۽ گلوڪارن کي ڏيئي ڇڏيندا. سينگار علي سليم سنڌ جو ھڪ يگانو آواز ھو، جنھن جي حليم بروھي يا علي بابا وانگر ثقافتي حلقن ۾ ڪا گروب بندي نه ھئي، نه ئي سندن پي آر چڱي ھئي، تنھن ڪري سينگار علي سليم جھڙو راڳي چند ڌُنن کان وڌيڪ ڪي ڪلام ڏئي نه سگھيو ۽ پٿر جي شھر ۾ بي موت مري ويو. ھر سال سينگار جي ورسي ملھائڻ تي منھنجي دل چوندي آھي ۽ ڪجھه مخير حضرات سان رابطو به ڪندو آھيان، پر چڱن موچارن ماڻھن لاءِ به سينگار ڄڻ اوپرو راڳي آھي ۽ اوپرن ماڻھن کي ياد ڪرڻ لاءِ چند ھزار پنھنجي کيسي مان ڏيڻ ڏاڍا ڏکيا آھن. سينگار علي سليم جي ورسي ان ڪري به ملھائڻ ڏاڍي ڏکي آھي، جو ھو چوڏھين آگسٽ تي وفات ڪري ويو ھو، ان ڪري اسان جا اڪثر سرڪاري اديب ان ڏينھن قومي پرچم جي سائي تلي ھڪ ھوندا آھن ۽ حليم بروھي، سينگار علي سليم ۽ علي بابا يا علي دراوڙ جھڙا ڪردار انھن اسٽيجن کان پري ۽ اوپرا بيٺل ھوندا آھن.


    لاھي سگھڻ جھڙا ٿورا

    ھاڻي جڏھن ڪو نوجوان سرڪاري عملدار پنھنجي ننڍپڻ جي پڙھائيءَ وارين محنتن ۽ سندس مقابلي واري امتحان ۾ ڪنھن پبلڪ لائبريري جي بي مثال ڪردار جي واکاڻ ڪندو آھي ته مون کي تعجب بلڪل نه لڳندو آھي. مون کي ايئن لڳندو آھي، ڄڻ ته اھا ڳالھه منھنجي اڳ ۾ ٻُڌل ھجي. اھا ڪھاڻي پھريون ڀيرو مون کي سکر جي ايس ايس پي ھائوس ۾ تڏھوڪي پوليس عملدار ٻُڌائي ھئي، جنھن کي خفت ھوندو ھو ته ”ڪاوش“ ۾ روازنو سندس نالو ڇپجي ۽ انھن ڏينھن ۾ آئون ڪاوش سکر ۾ ڪم ڪندو ھئس، تڏھن ھو ڪنھن نه ڪنھن بھاني مون کي پنھنجي آفيس يا ھائوس تي لڳ ڀڳ روزانو گھُرائي چانھه پياريندو ھو. چانھه جي انھن ڪوپن جي کڙڪڻ سان گڏ گڏ سندس ٽھڪ به کڙڪندا ھئا،جيڪي سندس ماضيءَ جي غربت واري احساس کي گھٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا ھئا.
    انھن ئي ڪچھرين واري ھڪ شام ھن پڪوڙن جو آرڊر ڏيندي چيو، ”يار پڪوڙن واري ڳالھه تان ياد اچي وئي ته بس توکي ٻُڌائي ٿو ڇڏايان ته ادا اسان غريب جا ٻار ڪٿان سي ايس ايس ڪري سگھون ھا، اگر منھنجي شھر ۾ اھا شاھنواز لائبريري نه ھجي ھا، جتي ڳوٺان صبح جو ماني کڻي ايندو ھئس ۽ شام يا منجھند ڌاري پڪوڙن سان کائيندو ھئس. منھنجو بابو ڪو ايترو امير ڪونه ھو، ادا منھنجي ابي کي ته منھنجي ايس پي ٿيڻ جي خبر ئي تڏھن پئي، جڏھن سندس ڊوزر خراب ٿي پيو ۽ ھو پاڙي جي مستريءَ وٽان مشينري کڻڻ آيو ھو، ڇو ته ھو ڊوزر جو ڊرائيور ھوندو ھو. ايتري شديد غربت ڏسڻ کان پوءِ منھنجي دل نه چوندي ھئي ته ڪو شام جو ڳوٺ به موٽي وڃان ۽ وڃي ابي امان جو غربت سبب بيحال ڪندڙ جھيڙو ٻُڌان. امان به تنگدستيءَ مان تنگ ٿي پئي ھئي. گھر ۾ ڪو اھڙو ماحول ڪونه ھوندو ھو، جو سي ايس ايس جھڙي امتحان جي تياري ڪري سگھان ھا. ٻين ھمراھن کي ته پنھنجا بيوروڪريٽ بابو اسلام آباد ۽ لاھور کڻي امتحان ڏياريندا ھئا، پر مون کي ته ان ئي شھر جي لائبريري ۾ پڙھڻو ھو، جتي شام جو ھڪ ٽيوشن ڏئي، جيب خرچي ڪڍندو ھئس.“
    سندس ڳالھين ئي ڳالھين دوران کيس تڪ جي ان ايم پي اي جي فون اچي وئي، جيڪو سدائين منسٽر رھڻ جو عادي ھوندو ھو، تنھن سان وڏي حُجت ۾ ايئن ڳالھايائين، جھڙوڪر پاڻ ننڍپڻ جا دوست ھجن. کيس گذريل رات جو ڪو لطيفو دُھرائيندي چيو ھئائين، ”سائين توھان جي ان مشوري کان پوءِ مون ته صبح شام چڪن تڪه کائڻ شروع ڪيا آھن ته ڪٿي اھا ڪمزوري مون کي به نه ٿي پوي، نيٺ مون کي به شادي ڪرڻي آھي.“ سندس فون تي ڳالھيون ھلندي اردلي سندس چَپل کڻي آيو ۽ ھن بوٽ کي اردليءَ جي ھٿن ۾ لاھينديءَ اھا چپل پاتي ۽ اشارن ۾ پڪوڙا آڻڻ جو چيائينس، جڏھن پڪوڙا اچي ويا ته ھن به فون بند ڪري رکي ۽ مون سان مخاطب ٿيندي چيائين، ”سو ادا اھڙي غربت ڏسڻ کان پوءِ مون ته پھرين فرصت ۾ امڙ کي پاڻ سان گڏ رھائڻ شروع ڪيو ته جيئن ھو وڌيڪ ڏُک نه ڏسي. ھاڻي پنھنجي ڀاءَ کي پيٽرول پمپ به ھڻائي ڏيان ٿو ته جيئن ھو به ڪنھن ڪاروبار سان لڳي وڃي.“ ان ملاقات ۽ ان پوليس آفيسر سان ڪچھريءَ کي ڪي ورھيه گذري ويا آھن. انھن ٻنھي ڀائرن ڪاروبار به جام ڪيا ۽ ترقيون به ماڻيون. ھاڻي شايد ڊي آءِ جي سطح تي وڃي پھتو ھجي ۽ آخري ڀيرو ته ٻُڌايائين ته مينھن جو واڙو به کوليو اٿس، پر ھن کي پنھنجي پوري ڪيريئر ۾ اھا فرصت ڪڏھن به نه ملي ته ھو واپس ان شاھنواز لائبريري کي وڃي ڏسي ته ڪٿي ڪنھن شئي جي ڪمي ته ناھي، ڪٿي ان لائبريري کي سندس مدد يا سھڪار جي ضرورت ته ناھي. اھو پوليس آفيسر ۽ اھا لائبريري مون کي تڏھن ياد پيا، جڏھن تازو ڊاڪٽر ضمير آمريڪا مان واپس آيو ۽ ھن اتان جي ھڪ پبلڪ پارڪ جو فوٽو ڏيکاريو ته ، ”ڏس ان ملڪ جا ماڻھو پبلڪ پارڪ ۾ ھڪ بينچ جو به عطيو ڏين ٿا.“ ھن اھا بئنچ ھڪ ڍنڍ ڪناري باغ ۾ پيل ڏٺي ھئي، جتي ان عطيو ڪندڙ جو نالو به لکيل ھئس. ڊاڪٽر جي فوٽو تان مون کي ياد آيو ته جڏھن ٻه سال اڳ آئون برطانيا جي شھر برائيٽن ويو ھئس، تڏھن به پبلڪ پارڪ ۽ سمنڊ ڪناري رکيل بينچن کي ڏسي مون کي ساڳي حيرانگي ٿي ھئي ته انھن بينچن تي ماڻھن جا نالا ڇو لکيل آھن؟ انھن عوامي جڳھن تي پيل بينچن تي لکيل نالا نوٽ ڪري، مون فوٽو البم به ٺاھيو ھو، جنھن ۾ سمنڊ ڪناري ھڪ پُرفضا مقام تي رکيل ان ڪاٺ واري بينچ تان ڪارن اکرن ۾ لکيل ھو ته، ”ھي بينچ منھنجي پياري دوست ڊيوڊ جي نالي، جيڪو پنھنجي حياتيءَ ۾ سدائين واڪ ڪرڻ کان پوءِ ھن جڳھه تي اچي ساھي پٽيندو ھو. سندس پسنديده جڳھه تي ھي بينچ آئون عطيو ڏيان ٿو ته جيئن ڪير به ھن بينچ تي ويھي کيس ياد ڪري ته ڊيوڊ اسان توکي ھڪ پل به نه وساريو آھي.“ اھڙيون بينچون نه صرف برائيٽن بيچ تي لڳل ھيون ۽ شھر جي پبلڪ پارڪ ۾ پر مٿي جبلن تي قائم شھر ھوو ۾ به ساڳيون بينچون لڳل ھيون. انھن ڏينھن ۾ ئي مونکي خيال آيو ھو ته اسان جي سماج جي اڪثريت ته اڻپڙھيل ٿي، پر جيڪي اسان جا پڙھيل لکيل ۽ سمجھدار ماڻھو آھن، ڇا انھن ڪڏھن سوچيو آھي ته زندگي ۾ ڪاميابين کان پوءِ پنھنجي ادارن کي پي بيڪ ڪريون، پنھنجي ادارن ۽ پنھنجي انھن ماڻھن جا ٿورا مڃون، جن ڪيريئر جي شروعات ۾ سندن مدد ڪئي ۽ کين اڳتي وڌڻ لاءِ اتساھيو.
    مون کي ٻين جي خبر ناھي، پر انھن چند سي ايس ايس آفيسرن جو پتو ضرور آھي جن کي مقابلي وارن امتحانن ۾ ڪامياب ڪرڻ ۾ انھن شاھنواز لائبريرين ۽ علامه دائود پوٽو لائبريرين جو وڏو ھٿ ھو، پر بعد ۾ انھن اعلى عملدارن انھن لائبريرين سان اھڙو حشر ڪيو، جو ڪم نڪتو، ڪاڳر ڦاٽو . . . ڪڏھن واپس مُڙي نه نھاريائون ته انھن لائبريرين ۾ پنھنجي ياد ۾ ئي ڪي ڪاٺ واريون بينچون جوڙائي رکون، ڪي واٽر ڪولر لڳرايون ۽ يا ڪي ڪتابن جا شيلف ۽ ڪارنر قائم ڪرايون ته جيئن ايندڙ نسل کي اتساھ ۽ سھولتون ملن. ڪنھن ھڪڙي ڪاٺ واري بينچ يا واٽر ڪولر تي آخر خرچ به ڪيترو ايندو . . . يقين ڪريو ايترو خرچ ھرگز نه ايندو، جيترو ھاڻي انھن آفيسرن جي رات جي دعوت جو خرچ آھي. ايترو خرچ بلڪل به نه ايندو، جيترو خرچ ھو پنھنجي پنھنجي برادريءَ جي سردارن جي ٽھل ٽڪور ۾ ادا ڪن ٿا. اھي سردار جن کين اڳتي وڌڻ ۽ تعليم وٺڻ کان روڪيو، پر ھو مصلحتن يا طبقي جي ھڪجھڙائيءَ سبب ھاڻي انھن سردارن جي به ٽھل ٽڪور ڪن ٿا ۽ سندن ٿورا مڃين ٿا ته، ڇا ھڪ پبلڪ لائبريري، جنھن توھان جي زندگي ئي بدلائي ڇڏي، ان کي پي بيڪ ڪرڻ يا ان جا ٿورا ڳائڻ ۽ لاھڻ جيترا پيسا توھان ويھين گريڊ جي آفيسرن وٽ نه ھوندا . . . يقينن ھوندا، پر ڇاھي ته اسان وٽ اھو ڪلچر ناھي، تڏھن ته اوھان عقيدي جي بنياد تي کيسو خالي ڪريو ٿا، پر لائبريري ۾ ڪولر يا بينچ رکڻ کي عيب ٿا سمجھو.


    ڪارنھن جو ڪاروبار ۽ جرڳائي جج

    ان رات کپري روڊ واري ميرپور جي ماڙي تي ويٺي، اسان سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي ان جج جي ڏاڍي ساراھ ڪئي، جنھن سرڪاري عملدارن ۽ ادارن مان اسان جي کڄي ويل ويساھ کي ڪجھه يا اڌ بحال ڪرڻ ۾ پنھنجي فيصلن ذريعي وڏو ڪردار ادا ڪيو آھي. ان محفل ۾ سندس تعريف ڪندڙ ھڪ درويش دوست مون کي چيو، ”يار ان جج صاحب جي فيصلن جي واکاڻ ڪرڻ تي دل منھنجي به چوي ٿي، پر اسان ماضيءَ جي انھن ايماندار پوليس وارن جا ڏنگيل آھيون، جن کي نوي واري ڏھاڪي ۾ اسان جي اخبار ايتري پازيٽو ڪوريج ڏني، جو سندن مخالف توڙي عام ماڻھو کين ڪاوشي ايس پي چوڻ لڳا ھئا، پر انھن به ساڳي سنڌي نفسيات واري ڳالھه ڪئي ھئي، جنھن جي نشاندھي ڪندي ھڪ ڀيري رسول بخش پليجي چيو ھو ته : ”اسان سنڌين کي ٽپھريءَ تي روضو کولڻ جي پِٽ پيل آھي“، جو انھن پنھنجي عروج واري زماني ۾ انھن ڀوتارن جي بنگلن تي وڃي، معافيون وٺڻ شروع ڪيون، جيڪي سندن مقرريءَ سبب پنھنجن اباڻن گھرن ڏي نه اچي سگھندا ھئا، انھن پوليس وارن کان خوف کائيندا ھئا، پر انھن معافين واري عمل سبب ھو ھيڻا ۽ ڀوتار ٻيڻا طاقتور تي اڀريا. سو ان خوف کان دل چوندي به کلي ڪري ڪنھن جي تعريف ڪرڻ کان گريز ڪريون ٿا.“ پر ھاڻي جڏھن لاڙڪاڻي ھاءِ ڪورٽ مان جسٽس صلاح الدين پنھور جا فيصلا ھر ھفتي ڳالھائڻ ۽ وڏي واڪ ڳالھائڻ لڳا آھن ته مون کي ان عدالتي عمارت جون ڪيئي ڪھاڻيون ياد اچي ويون آھن، انھن جو ذڪر وري ڪنھن ٻي ساعت، پر اچو ته اتر سنڌ جي ان وڏي عدالت ھلون، جنھن جي دائري ۾ جيڪب آباد ۽ ڪنڌڪوٽ جا اھي علائقا به اچن ٿا، جيڪي پنھنجو پاڻ کي سرداري سسٽم جو ڳڙھ سمجھن ٿا جتي قانون جي رٽ رن زال جي ايلازن جيان ڪنھن جي ڪَن تي ڪونه ٿي پوي. ھي اھي علائقا آھن، جتي ڊيره بگٽي واري رسم چرڀيلي يعني باھ تي ھلي ساک ڏيڻ واري رسم به جيئن جو تيئن زنده آھي. اھا چرڀيلي واري رسم چند سال پھريان جڏھن مون ڪي ٽي اين لاءِ ريڪارڊ ڪرڻ چاھي ته ڏسڻا وائسڻا سردار واعدن تان ڦري ويا، پر وري به شابش آھي، ھاڻوڪي ٽرانسپوٽ واري صوبائي وزير ممتاز جکراڻيءَ کي، جيڪو ان وقت تعلقي ناظمي کان پوءِ آرام واري وقفي ۾ ھو، جنھن ھڪ فيصلي ۾ چرڀيلي ڪرائي، سمورين ڌرين جا موقف ريڪارڊ ڪرايا ھئا. ان چرڀيلي واري رسم جو مشير ديره بگٽيءَ مان خصوصي طور گھرايل ھڪ بگٽي ھو، جنھن الزام ھيٺ آيل ھمراھ جا پير چيڪ ڪري ٻُڌايو ته، ”ھن چوري ناھي ڪئي، ڇو جو باھ جي مچ وارن ٽانڊن تان گذرڻ کان پوءِ به سندس پير ۾ ڦلوڪڻا ناھن نڪتا.“ اھو قانون جي ڪھڙي ڪتاب ۾ لکيل آھي ته چور خلاف ٻي ڪا شاھدي پيش ڪرڻ جي ضرورت ناھي، پر کيس ٻرندڙ ٽانڊن تان گذاريو ته سندس پير بيگناھي ثابت ڪندا؟
    مون کي حيرت ٿيندي آھي، جڏھن نام ناد پڙھيل لکيل سردار پڻ ان رسم کي دُرست قرار ڏيندي، ان وقت باھ جا پوڄاري ٿي چوندا آھن ”بيشڪ سائين باھ کي وڏي طاقت آھي.“ پر ھي جسٽس ڪير آھي، جنھن اچي انھن باھ جي پوڄارين ۾ ڀاڄ وڌي آھي. جنھن علائقي جي اڻ لکيل سرداري نظام تحت متاثر ڌر کي پنھنجي مظلوميت يا بيڏوھي ھجڻ واري ڳالھه ثابت ڪرڻ لاءِ باھ جي ٽانڊن تان گذرڻو پوي ۽ نماڻيون اکيون جرڳائي سردار جي ججمينٽ جو انتظار ڪن. اھڙي علائقي ۽ اھڙي ماحول ۾ ماضي جو سُجاڳ ٻار ۽ ھاڻوڪو سُلڇڻو جج جيڪڏھن ٺل يا تنگواڻيءَ جي نياڻين جي وڪري جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ته اھو سماج ۾ نه رڳو چڱائي وارو عمل آھي ، پر ان جا ايندڙ دور تي پڻ مثبت اثر پوڻا آھن. جسٽس صلاح الدين پنھور ھونئن ته ڪافي فيصلا ڪيا ھوندا، جيڪي عدالتي ريڪارڊ جو حصو آھن، پر مون کي سندس پھريون اھو فيصلو تفصيلي پڙھڻ جو موقعو مليو، جيڪو ھن ھڪ پورھيت پاران جرڳائي سردار جي فيصلي واري چٽي لاھڻ لاءِ نياڻيون بازار ۾ وٺي، سرعام وڪرو ڪرڻ جا ھوڪا ڏنا ھئا ۽ سندس مظلوميت جا ھوڪا ڪاوش ۾ به ڇپيا ھئا.
    ڪنھن قبيلائي سماج ۾ اونده جو وجود ته عام ڳالھه آھي، پر جڏھن ان گُگھه اونداه مان ڪو روشني جو ڪرڻو اڀري ٿو ته اسان جھڙن مايوس ماڻھن کي به زندگيءَ جو مقصد سڦل ٿيندي نظر اچي ٿو. اندازو ڪريو ته روز اخبارن ۾ انھن علائقن مان اھي خبرون اينديون ھيون ته اڄ فلاڻي سردار ٻن برادرين ۾ وچ ھلندڙ تڪرار جو فيصلو ڪري ڇڏيو. ڪارنھن جي تڪرار تان جھيڙي جو جرڳو پنج ڪروڙ ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ . . . اھڙين خبرن سان گڏ وڏن شھپري سرداري يا جرڳائي ججن جا فوٽا ڇپجندا ھئا، جيڪي پنھنجون فتوائون پڙھي ٻُڌائيندا ھئا. انھن جا پنھنجا مشير پنھنجا شاھد ۽ پنھنجيون فتوائون ھونديون ھيون. انھن جرڳن کي سھوليت ڏيڻ لاءِ پوليس جا ايس ايس پي ايز ۽ ڊي آئي جي به سرڪٽ ھائوسز جا دروازا کولرائي ڇڏيندا ھئا. خير ھاڻي ته سرونگ ڊي آئي جي به سنڌ ۾ سردار پيا سڏرائين. جتي ڀوتار زندگيءَ جي ھر پھلو تي حاوي ھجي، جتي علم، ادب، آرٽ، موسقيق ۽ رقص سان گڏ وڏيرا به ڪلاسيڪل ھجن ته ان سماج جي ذھني اوسر تي ڪھڙو ماتم ڪجي، پرھاڻي انھن جرڳائي سردارن جي فيصلن تي لاڙڪاڻي ھاءِ ڪورٽ جي فيصلن کان پوءِ ڄڻ ته ٿڌو پاڻي ھارجي ويو آھي ته بابا اھو ڪارنھن جو ڪاروبار بند ڪريو، جرڳا غيرقانوني آھن. فيصلا ڪرڻ صرف عدالتن جو اختيار آھي. اڻپڙھيل ڀوتارن جي اوطاقن کي متبادل عدالتون نه بڻايو، اھڙي سخت ۽ واضع احڪامن کان پوءِ جرڳائي جج پنھنجي راڄ ڀاڳ کي به في الحال اھي ورنديون پيا ڏين، جيڪي ھنن ڪجھه سال اڳ سکر ھاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس رحمت حسين جعفري واري تاريخي فيصلي کان پوءِ ڏنيو ھيون ته بابا ھاڻي فيصلا عدالتن ۾ ٿيندا. عدالتن ۾ وڃو يا في الحال جج بدلي ٿيڻ تائين انتظار ڪريو! سو اتر سنڌ جا ڪيترائي جرڳائي سردار ۽ ڀوتار لاڙڪاڻي ھاءَ ڪورٽ جو اھو جج بدلي ٿيڻ جو انتظار پيا ڪن، جنھن سندن متبادل جرڳائي جھان کي وقتي طور تالوھڻائي ڇڏيو آھي.
    جنھن دُکي ديس ۾ اسان اک کولي آھي، ان جي رياست جي ھر ناريءَ تي ڪونه ڪو الو ٽنگيو پيو ھوندو آھي، پر ڪڏھن ڪڏھن انھن ٿنڀن مان ڪي اھڙا ڪردار به اڀري نروار ٿيندا آھن، جيڪي لوڪ کان لھوارو ھلڻ جو ھُنر سکي ايندا آھن. جسٽس صلاح الدين جيڪڏھن پنھنجي ذاتي سُک آرام لاءِ فڪرمند ھجي ھا ته ھو ھن وقت پنھنجي والد سان گڏ لنڊن ۾ سيٽل ھجي ھا يا وري اھي نوڪريون ڪري گذارو ڪري ھا، جيڪي ھن پنھنجي ڪيريئر جي شروعات ۾ ئي ڇڏي ڏنيون ھيون، سو ان جسٽس جو ڏس پتو ته جيڪب آباد جو اھو چيف سردار به پُڇائيندو پيو وتي، جنھن کي گھمنڊ آھي ته سندس اوطاق جرڳن سان آباد آھي ۽ آباد رھندي، پر ھاڻي ھو اھو به چوڻ لڳو آھي ته جيڪڏھن جرڳا عدالت پاران غير قانوني قرار ڏنا ويا آھن ته اسان قانون جا پاپند آھيون.
    جسٽس صلاح الدين جي فيصلن جو پڙاڏو ھاڻي سنڌ ۾ ايئن ٿيندو، جيئن سپريم ڪورٽ جي جسٽس کوسا جي انھن ريمارڪس جو سڄي ملڪ ۾ چرچو ھو، جيڪي ھن سلمان تاثير جي قتل ڪيس ۾ ڏنا ته ھڪ فرد کي سزا جو اختيار ڪيئن ٿو ڏئي سگھجي، سو ھاڻي تيستائين ته مظلوم عورتن جي ڪا واھر ٿيندي رھندي. اسان اھڙي دُکي ديس ۾ رھون ٿا، جتي قانون به عمل جو محتاج آھي ۽ اھو عمل به سرڪاري منصب سنڀاليندڙ ھر عملدار جي ذاتي پسند ناپسند تحت ٿيندو آھي، ڇو ته اسان جي ملڪ جون اسيمبليون روزانو قانون ٺاھينديون رھن ٿيون، پر انھن مان ڪيترن تي عمل ٿئي ٿو، سا پاڻ سڀني کي خبر آھي. وڏا جرم ۽ وڏا قانون ته ڇڏيو صرف گاڏين تي فينسي نمبر پليٽون ۽ ڪارا شيشا ھڻڻ کان منع ڪندڙ قانون تي ڏسو ڪير ٿو عمل ڪري. صرف ٽريفڪ جا ئي الائي ڪيترا قانون رائج آھن، پر مون ھر خطرناڪ پل تان ٽريفڪ سپاھين کي وڏي لوڊ واريون گاڏيون پئسا وٺي، ڪراس ڪرائيندي ڏٺو آھي. ٻيو ته ڇڏيو جنھن لاڙڪاڻي ھاءِ ڪورٽ ۾ پاڻ جسٽس صلاح الدين صاحب عدالتون ھلائي جرڳا غيرقانوني قرار ڏيئي رھيو آھي. ان ئي عدالت جي ڀرسان پوليس جا اھي عملدار رھن ٿا، جيڪي صبح شام جرڳا جرڳا ڪندا وتن ٿا، سو قانون ته موجود آھي، پر ان تي عمل درآمد کي جيڪڏھن يقيني بڻايو وڃي ته سمورو گند نه سھي، ڪجھه نه ڪجھه ماحول بھتر ٿي سگھي ٿو ۽ منھنجو ته اھو پُختو يقين آھي ته جيڪڏھن ڪا چڱائي ٿيڻي آھي ته ايندڙ نوجوان نسل منجھان ٿيندي، جن جا ارادا پُختا ۽ نيتون شفاف ھونديون، باقي پاڻ واري نسل ته سالن کان رات جو راڻي واريون راڳڻيون ڳائي ڳائي پاڻي ولوڙي ولوڙي مَٿا اڇا ڪري ڇڏيا، پر وري ضد اھو ته مکڻ ان پاڻيءَ مان ئي نڪرندو.


    ريجھو مل لاھوري . . . منھنجو ليجنڊ

    سنڌ جي ھن يگاني ڪردار جي ياد ھونئن ته اڪثر ايندي رھندي آھي پر جڏھن سنڌ جي ميونسپل ادارن جو ابتر بڻايل حالتون ۽ لاڳاپيل اختيارين جي آفريڪي آمرن جھڙي بيحسي ڏسندو آھيان ته مونکي اھو ماڻھو شدت سان ياد ايندو آھي، جنھن جي ڪردار کان اسان جو ھاڻوڪو نسل شايد واقف نه ھجي، ڇو ته اسان کي ڪنھن به نصابي ڪتاب ۾ يا خود لاڙڪاڻي جي ڪنھن چوڪ يا چوراھي تي انسانيت جي ان خدمتگار جو نالو نشان ئي نظر نٿو اچي. ريجھومل لاھوريءَ کي توھان ڪيترو سڃاڻو . . . ؟
    ريجھو مل لاھوريءَ جي ڪردار بابت لاڙڪاڻي جي ھاڻوڪي جوان ٿيل نسل کي به شايد خبر نه ھُجي، ڇو ته اھڙا ڪردار ۽ انھن جي بايو ڊيٽا گُوگل تي سرچ ڪرڻ سان نه ٿي ملي. اھڙن ڪردارن جون جھڪيون جھڪيون يادگيريون ھاڻي پوڙھپڻ طرف ويندڙ نسل جي ذھنن ۾ ئي سانڍيل آھن. جيئن لاڙڪاڻي جو سينئر وڪيل ۽ اڳوڻو ايم اين اي اقبال ميمڻ آھي. گذريل اليڪشن جي سرگرمي دوران اقبال ميمڻ سان سندس بنگلي جي ھڪ ڪمري ۾ ملاقات ٿي ته اسان گھڻو تڻو اليڪشن جي باري ۾ ڳالھايو پر جڏھن شھر جي سُونھن سينگار جي ڳالھه نڪتي ته ھن ھڪ مجسمي جو ذڪر ڪيو، جيڪو سندن وچ شھر واري بنگلي جي گيٽ اڳيان چوراھي تي لڳل ھوندو ھو.ڪاري رنگ جي پلاسٽر آف پيرس سان لڳل اھو مجسمو کين صبح شام يادگيري ڏياريندو ھو ته، ھن شھر ۾ انسانيت جو ھڪ خادم ريجھومل به ٿي گذريو آھي. جنھن جي خدمتن عيوض سندس مجسمو چوراھي تي لڳايو ويو ھو. ريجھو مل جو اھو مجسمو ڪيڏانھن ويو، ان تلاش ڪرڻ کان اڳ اوھان ڀلي سعادت حسن منٽو جي ڪھاڻي (جوتي) پڙھو جنھن ۾ سر گنگا رام اسپتال جي بانيءَ جي مجسمي مٿان ڪُجھه جنونين ڪيئن نه حملو ڪري کيس جُوتن جو ھار پئي پارايو ۽ جڏھن انھن حملي آورن مان ھڪ پوليس جي گولين لڳڻ سبب زخمي ٿئي ٿو، ته کيس علاج لاءِ سر گنگارام خيراتي اسپتال آندو وڃي ٿو.
    مون کي ان ريجھومل جو ڪردار ئي ذھن ۾ ھو، جڏھن ھڪ رات مون پنھنجي فيسبُڪ فرينڊز کان معلوم ڪيو ھو ته، ليجنڊ لفظ جي سنڌي معنى ڪھڙي ٿيندي، گھڻن ئي دوستن عظيم، شاندار ڪردار وارو ۽ ٻيا ڪي لفظ ٻُڌايا پر مون اھو سوچيو ته، چاپلوسيءَ جي جنھن دورِ حاضر مان اسان جو نسل گذري رھيو آھي، ان ۾ عظمتن جا عجيب معيار مقرر ٿي پيا آھن. تنھنڪري بھتر اھوئي رھندو ته ھن فقير منش ماڻھوءَ کي ليجنڊ ئي قرار ڏجي. اھو انگريزي لفظ ليجنڊ مونکي تڏھن ذھن ۾ آيو، جڏھن ٻه سال اڳ ھڪ آمريڪي جھاز جي ڊگھي سفر دوران بوريت ختم ڪرڻ لاءِ مون ھالي ووڊ جي ھڪ فلم ”آئي ايم ليجنڊ“ جي نالي سان ڏٺي. اھا فلم جنھن وقت ختم ٿي رھي ھئي، رات جي ان پھر اسان نيويارڪ شھر جي خوبصورت روشنين واري ڪھڪشان مٿان لامارا ڏيئي ايئرپورٽ تي لھڻ وارا ھئاسين. اھا فلم به جنھن ناول تان کنئي ويئي آھي، ان جو مرڪزي شھر نيويارڪ ئي آھي. اھا ان ناول تي ھالي ووڊ جي ٽين فلم آھي، جيڪو رچرڊ مٿيسن لکيو آھي، ان جو موضوع سائنس فڪشن ۽ ھارر آھي، جنھن ۾ ڪينسر جي ھڪ وئڪسين تيار ڪرڻ دوران ھڪ وائرس شھر ۾ پکڙجي وڃي ٿو، جنھن جا متاثر ماڻھو ڀوائتو روپ وٺي يا آدم خور بڻجي باقي بچيل انسانن کي کائين ٿا، انھيءَ وبا ڦھليل شھر ۾ ھڪ ليفٽينٽ ڪرنل رابرٽ نيل بچي ٿو، جيڪو پنھنجي اپارٽمينٽ ۾ وئڪسين ۽ کاڌ خوراڪ بچائي رکي ٿو، جيڪو شھر ۾ ريڊيو تي اعلان ڪري ٿو ته، وائرس سبب متاثر ماڻھو ساڻس ڪنھن گھٽيءَ، ڪنھن موڙ تي ملن، وٽس کاڌو ۽ علاج آھي پر وائرس سبب ڀوائتا بڻيل ماڻھو خود ان ليفٽينٽ ڪرنل جي گھر تي حملو ڪن ٿا، ته جيئن ھن کي به چريو ڪري وجھن. انھن ڏانئڻن جو علاج ته ٻيو آھي، پر ھو سج جي روشني ۽ شيشي جي عڪس کان لڪي ڀڄي وڃن ٿا، ھنن جو ڪردار اونداھين جي پوڄارين جھڙو آھي. جيڪي صرف اونده ۾ ئي پلجي جوان ٿين ٿا. اھڙي وبا کان بچائڻ لاءِ ھو پنھنجي زال ۽ ڌِيءُ کي ٻين ماڻھن سان گڏ شھر کان ٻاھر موڪلي ٿو ڇڏي. ان فلم سبب ان ناول جا ڪردار نيويارڪ شھر کان شفٽ ڪري ٻاھر آندا وڃن ٿا، جتي ھالي ووڊ جو مھانگو ترين سِين بروڪلن برج تي فلمايو ٿو وڃي، جنھن ۾ شھر جي وبائي وائرس کان بچيل ماڻھن کي نيويارڪ کان ٻئي شھر ٻيڙين تي منتقل ڪيو ٿو وڃي. فلم جو صرف اھو ھڪ سِين پنج ملين آمريڪي ڊالرن جي خرچ سان فلمايو ٿو وڃي.
    اھا فلم ڏسڻ کان پوءِ منھنجي ذھن ۾ 1942ع وارو اھو لاڙڪاڻو شھر اڀري آيو، جتي ڪالرا وبائي صورت اختيار ڪري ويئي ھئي، جتي ھڪ ھڪ ڏينھن ۾ درجنين ماڻھن جا جنازا ائين پئي کنيا ويا، جو ھڪڙن کي قبرستان حوالي ڪرڻ کان پوءِ ٻين جون ارٿيون کڄڻ جي انتظار ۾ ھيون. ان وقت حالتون ايتريون سنگين ھيون، جو لاشن کي ڪلھو ڏيڻ ۽ سندس جنازي نماز پڙھن وارا ڪونه ھئا، جنھنڪري اجتماعي جنازا پڙھي لاشن کي ڏاند گاڏين تي کڻي قبرستان پھچايو پئي ويو، اھڙي وبائي بيماريءَ جي حالتن ۾ ان وقت جي لاڙڪاڻي ميونسپل ھنگامي حالتن ۾ ڪم ڪرڻ لڳي. جنھن جو چيف اھو ريجھو مل لاھوري ھو، جنھن لاءِ ڪٿي ڪٿي ائين به چيو وڃي ٿو ته، ھُو ڊاڪٽر ھو ۽ وبائي بيمارين جي ور چڙھيل مريضن جو علاج ڪندي پاڻ به ان بيماري جو شڪار ٿي ويو پر ليبر ھال لاڙڪاڻي جي در تي ويٺي تاريخي ورق کوليندي استاد خالد ٻُڌايو ته، ريجھومل ان وقت جي ميونسپل جو چيف ھو، جيڪو پگھاردار نه پر رضاڪاراڻي نموني ڪم ڪندو ھو، جڏھن بيماري وبائي صورت اختيار ڪري وئي ته، ته سندس ويجھن رشتيدارن کيس ائين لڏڻ جي صلاح ڏني، جيئن ھاڻي بدامنيءَ جي ور چڙھيل شھرن مان ھندو پنھنجي رشتيدارن کي لڏڻ جون صلاحون ڏيئي رھيا آھن پر ھُو ريجھومل ھو، جيڪو ڪامريڊ سوڀي جي آدرشن جيان اٽل بيھي رھيو ته، ڪجھه به ٿي پوي، مونکي پنھنجي جنم ڀومي ڇڏڻي ڪونھي. لاڙڪاڻي شھر ۾ ان وقت جي لحاظ سان ريجھو مل پنھنجون خدمتون تيستائين جاري رکيون، جيستائين ان وبائي بيماريءَ کيس به نھوڙي بستري ڀيڙو نه ڪيو. سندس موت ان ئي سال ان وبائي بيماري جي سَٽ نه سھڻ ڪري ٿيو. سندس لاڏاڻي تي ان وقت رڳو لاڙڪاڻو اداس نه ھو پر بمبئي کان لنڊن ۽ گلاسڪو تائين مختلف اخبارن ۾ سندس لاڏاڻي جون خبرون ڇپيون ۽ ڪيترن ئي شاعرن سندس موت کي انسانيت جو نقصان قرار ڏنو.
    ائين به ناھي لاڙڪاڻي پنھنجي ان محسن کي صفا ڪو وساري ڇڏيو آھي، لاڙڪاڻي ۾ سندس ڪيل خدمتن عيوض مقامي ميونسپل ھڪ چوڪ سندس نالي ڪيو ۽ ان جاءِ تي سندس ياد ۾ مجسمو به تيار ڪري لڳرايو، ته جيئن اتان گذرندڙ ھر ماڻھوءَ کي خبر پوي ته لاڙڪاڻي جو ھڪ نيڪ مرد ھِي ريجھومل لاھوري به ھو. جيڪو لاھوري محلي ۾ رھڻ سبب پاڻ کي لاھوري سڏرائيندو ھو. ريجھومل جو اھو مجسمو تيستائين ان چوڪ تي سينگاريل ھو، جيستائين ھندستاني فسادن کان متاثر ٿي، اسان جا ھندستاني ڀائر مھاجر بڻجي لڏي اچي سنڌ جي شھرن ۾ نه پھتا ھئا. جڏھن اھي سنڌ جي ننڍي وڏي شھرن ۾ پھتا، ته انھن مقامي شھرن جا مزاج بدلائي ڇڏيا، جن منجھان لاڙڪاڻو به ھڪ آھي. ھندستاني مھاجرن ڀائرن جي لڏي اچڻ کان پوءِ ڪجھه سال پوءِ لاڙڪاڻي شھر ۾ جڏھن ھڪ مشتعل جلوس نڪتو، ته انھن مھاجر ڀائرن ان جلوس ۾ تلوارون کڻي شرڪت ڪئي ۽ سندن تلوارن جو نشانو اھو ريجھومل جو مجسمو بڻيو، جنھن بنا ڪنھن ھندو مسلم فرق جي ڪالرا جھڙي وبا کي شھرين کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. ريجھومل جي مجسمي جو ھيٺيون ڌڙ ته ھنگامي ۾ مڪمل طور تباھ ٿي ويو پر سندس مُنڍي ميونسپل وارا بچائي پنھنجي آفيس ۾ کڻي آيا. جيڪا ميونسپل جي ڪنھن ڪٻاڙخاني ۾ اڃان به آھي الاءِ نه، ڇو ته ميونسپل آفيس لاڙڪاڻي ڪيترائي دفعا وڃڻ ٿيو آھي پر ريجھومل جي مجسمي جو ڪو نالونشان نظر نٿو اچي.
    آئي ايم ليجنڊ واري فلم مان ائين لڳي ٿو ته، دُنيا پنھنجي افسانوي ڪردارن کي به ڪيترو پنجھائپ ۽ پيار سان اپنائيندي رھي ٿي ۽ ان جي تشھير ڪري ٿي پر اسان بيمار معاشري جي بيمار ذھنيت جو مظاھرو ڪندي ريجھومل کان لاتعلقيءَ جو اظھار ڪري ويٺا آھيون. لاڙڪاڻو ميونسپل ڀلي ته انسانيت جي ان خدمتگار جي روپ کان منھن موڙي پر گھٽ ۾ گھٽ ھندو پنچائت لاڙڪاڻي جا اڳواڻ ته ائين نه ڪن. ريجھومل جي مجسمي کي ڳولي ٻيو ڪو ھنڌ نه ملي، تڏھن به ڌرمشالا جي اندر ڪنھن ڪُنڊ ۾ ھن فقير منش ريجھومل کي ياد ڪن، ته جيئن اسان پنھنجي شاندار ماضيءَ کان ڪٽجي نه سگھون. اسين ريجھومل جي ياد سان جُڙيل رھون، ته جيئن اسان ۾ انساني قدرت جي گردش جيان روان دوان رھن.


    ڳڻيون به ڇا ڳوڙھا! . .

    ان ڏينھن اي ميلز جانچيندي، ھڪ اھڙي اي ميل تي نظر پئي جنھن جون عنوان ھو ”ڊپريشن منھنجو ڀاءُ کسي ورتو“ عام طور اسان جي سماج ۾ ماڻھو اھو ضرور ٻڌائيندا آھن ته سندن عزيز يا رشتيدار دل جي مرضن، ڪينسر يا ڪنھن ٻي موتمار بيماري سبب فوت ٿي ويو، پر ھتي آمريڪا ۾ رھندڙ ڊاڪٽر ٻڌائي رھيو ھو ته ڊپريشن جي بيماري سندس ڀاءُ جي حياتي کسي ورتي آھي. ڊاڪٽر علي نواز ميمڻ اھو به لکيو آھي ته اسان ڊپريشن جي موتمار بيماريءَ کي لڪائيندا آھيون ۽ اھو ٻڌائيندي شرم محسوس ڪندا آھيون ته ڪو مائٽ عزيز ڊپريشن جو شڪار آھي، پر ھن پاڻ لکيو ته سندس ننڍي ڀاءُ ڊاڪٽر جمال ناصر ميمڻ جي حياتي ڊپريشن جي مرض کسي ورتي آھي. ڊاڪٽر جمال ناصر ميمڻ نومبر جي ٽين چوٿين تاريخ تائين سماجي تعلقاتن جي ويب سائيٽ ”فيس بُڪ“ به استعمال ڪيو آھي. ڊاڪٽر جمال ناصر ميمڻ بابت سندس وڏي ڀاءُ ٻڌايو ته مرحوم ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جي ذھين شاگردن منھان ھڪ رھيو آھي. ھن انگليڊ وڃي ڊرمٽالوجي ۾ ڊپلوما ڪئي ۽ واپس اچي سرڪاري نوڪري ۾ لڳو. ھن اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي ۾ نوڪريون ڪيون. ھو سينٽرل جيل ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي جو ميڊيڪل آفيسر به رھيو پر جيل جون اندروني حالتون ڏسي استعيفى ڏئي ھليو آيو. ڊاڪٽر جمال ناصر خودڪشي ڪئي يا سندس موت ڪنھن ٻئي طريقي سان واقع ٿيو،ان بابت سندس ڀاءُ تفصيل ڏيڻ کان معذرت ڪئي آھي. جڏھن ته ڊاڪٽر جمال ناصر پنھنجي بيماري يعني ڊپريشن بابت ڪجھه ليک لکيا آھن جيڪي انھن اي ميلز گروپس تي رکيا ويا آھن.
    ڊاڪٽر جمال ناصر ميمڻ جي موت جي خبر پڙھڻ سان منھنجي ذھن جي اسڪرين تي ڪيترائي ڄاتل سڃاتل چھرا ۽ انھن جا ڳوڙھا ظاھر ٿي پيا. زندگيءَ جي گردش ۾ مختلف شھرن ۾ حياتيءَ جي ڪاٽيل ڪيترن ئي سالن ۾ اھڙا چھرا به شناسائي لاءِ مليا، جن بابت اھو تصور ڪندي ئي ماڻھو روئي پئي ته ”ھي صورتون به ھڪ ڏينھن خاڪ ٿينديون.“ لاڙڪاڻي ۾ اھا سينگاريل سگريٽن جي ڪيبن جيتري سھڻي آھي، ايترو ئي ان ڪيبن تي لکيل نامعلوم ماڻھو جو اچاريل جملو ته ”ڪيڏو به ڪر سينگار، پوءِ به مھمان مٽيءَ جو ! “ مون کي خبر ناھي ته اھو شخص مٽيءَ جو مھمان ٿي چڪو آھي يا نه، جنھن سان نوي جي ڏھاڪي ۾ ڄاڻ سڃاڻ نه ھوندي به ھڪ دوست معرفت آئون ”روم پارٽنر“ ٿيو ھئس.
    ھڪ ڪمري تي مشتمل جاءِ ھوندي ھئي، جنھن ۾ سڄي عمر جيان اسان فرشي نشست ڪري سمھندا ھئاسين. ھو رات جو ٻين وڳي اٿي ڳاڙھي روشني وارو اکين کي اصل کائيندڙ بلب ٻاري ڏھ باءِ ٻارنھن جي ڪمري ۾ ”واڪ“ ڪندو ھو. واڪ دوران ھو پنھنجي منھن چپن ۾ ڪجھه چئي وجھندو ھو. ننڍڙي ڪمري ۾ ھو ايتري ته سخت واڪ ڪندو ھو جو اڌ ڪلاڪ کان پوءِ سردي ھوندي به ھن کي پگھر اچي ويندا ھئا. ان وقت ھن جي عمر ٽيويھه سال به مڪمل نه ھئي سھڻو خوبصورت نوجوان ھو، پر ڪجھه مھينن کان شيو نه ڪرڻ سبب ھن جي ڏاڙھي گھاٽو جھنگ بڻجي پئي ھئي. اڌ ڪلاڪ جي واڪ ۽ پگھر نڪرڻ کان پوءِ ھو ڪجھه گھڙيون ڪمري ۾ پنھنجي بستري واري پاسي مٿي کي ھٿ ڏئي ويھي رھندو ھو. ڪجھه ئي منٽن ۾ ھن جي روئڻ جو آواز ايندو ھو ۽ سڏڪن جي وچ ۾ چيل سندس ڪجھه جملن منجھان صرف ھڪ جملو سمجھه ۾ ايندو ھو ته ”ڇو . . . آخر ڇو ڀلا . . .“ آئون ٻن ھفتن کان وڌيڪ ان دوست سان نه رھي سگھيس. مون کي سندس واقفڪار دوست ٻڌايو ته ھو ڀرسان واري فور اسٽار ھوٽل جو مئنيجر ھو ۽ ھن جو ڪو خواب ھو، جيڪو چڪنا چور ٿيڻ کان پوءِ ھن جي ننڊ اڏامي ويئي ھئي ۽ ھو رات جو، پنھنجي ڪمري ۾ واڪ ڪندو ھو. ھن جون حالتون حبيب ساجد جي ان شعر سان ملندڙ جلندڙ ھيون ته:
    پنبڻين جا پھرا رکيم
    پوءِ ير! ڪٿان
    ھڪ خواب اڏامي ويو!
    شاعر جي مرضي آھي، خوابن تي ڪيترا به کڻي پنبڻين جا پھرا رکي، پر اصل پھرا ته اسان جي سماج ۾ پيار تي لڳل آھن. وڏا ڪوٽ، چوڪيدارن جي فوج، وڏيون رڪاوٽون، پل پل جا پھرا پر دل آواره . . . سرداري محل مان اڇل کائي وڃي نوڪري پيشه ماڻھوءِ جي دل سان ٽڪرائي، اھو ڇوڪري رھندي ته ڪاسموپوليٽن ڪراچيءَ ۾ ھئي پر سندس سردار پيءُ جي حويلي تي ايترا ته پھرا لڳل ھئا، جو ھن کي پاڻ يقين نه پئي آيو ته حياتيءَ ۾ پيار به ڪنھن حرفتي چور جيان اچي سندس دل ۾ کاٽ ھڻندو ۽ پنھنجي جاءِ پيدا ڪندو. ھوءِ پنھنجي محبوب جي سدائين روئڻ واري عادت کان ايترو ته بيزار ٿي پيئي جو انڊين گاني ”ھاءِ رام مجھه بڊھا مل گيا“ جي طرز تي ھن گانو ٺاھيو ته ”ھاءِ رام مون کي روئڻو راڻو ملي ويو.“ ۽ اھو گانو ھو فون تي سر ۾ ڳائي کيس ٻڌاييندي ھئي ۽ کلائيندي ھئي. سندس اھو محبوب ته اڃا جيئرو آھي ۽ ان بھادر ڇوڪريءَ جو سيو ڪري رکيل ميسيج پڙھي به روئيندو رھي ٿو، جنھن ۾ ھن کيس رومن سنڌيءَ ۾ ميسيج لکي التجا ڪئي آھي ته ”منھنجي جان! ايترو نه روئيندا ڪريو، توھان جا اھي ڳوڙھا مون کي ٻوڙين ٿا.“
    سرداري گھراڻي پاران ھڪ لوئر مڊل ڪلاسي ڇوڪري سان شاديءَ جي اجازت نه ملڻ تا ھن حويلي جون اوچيون ديوارون ٽپڻ جي ڪوشش ڪئي. پر سردارن جي وفادارن پھريدارن کيس پڪڙي کنڀي اچي پيءُ جي پيرن ۾ اڇليو. ان واقعي کان پوءِ ھوءَ ڊپريشن جي مريضه ٿي پئي ۽ پنھنجي ڪمري جو در بند ڪري پنھنجي محبوب کان به وڌيڪ روئڻ لڳي. صرف ڇھن مھينن جي عرصي ۾ ھن روئي روئي پنھنجيون پنبڻيون ڳاري ڇڏيون ۽ پوءِ اچانڪ سردار جي حويليءَ مان سندس لاش ٻاھر نڪتو. خبر اھا پئي ته ”وڏي سانئڻ جو ساھ منجھي پيو، پر ان جي ڀيڻ ان ”روئڻي راڻي“ کي ملامتي ميسيج موڪليو ته ”ڪمينا ٽڪي جا ماڻھو! تنھنجي ڪري منھنجي مٺڙي ڀيڻ پاڻ ماريو آھي، توکي مان ڪڏھن به نه بخشينديس ياد رکي ڇڏ“ ھاڻي ته ھن جي اڇي ڏاڙھي ٿي چڪي آھي ۽ ھر خميس جي شام ھن ڀٽ شاھ تي وڃڻ کي پنھنجو معمول بڻائي ڇڏيو آھي، پر جڏھن به ھو شاعريءَ جون اھي سٽون پڙھندو آھي ته:
    روئڻ سان جي ريجھين ھا،
    ته مان نيڻن نير نه روڪيان ھا!
    اھي سٽون پڙھي ھو اوڇنگارون ڏيئي ويھندو آھي، درگاھن جا فقير کيس دلاسو ڏيندا آھن. جڏھن ته پنھنجا ئي ٻار مٿس چٿرون ڪندا آھن، ھن جي سامھون توڙي پرپٺ به . . .
    چٿرون ته سالن تائين ان عورت به برداشت ڪيون، جنھن منافقتن جي تھن ۾ ويڙھيل ۽ ڳنڍيل سنڌي سماج ۾ پنھنجو نصيب پاڻ ٺاھڻ چاھيو. ھن کي ابتدا ۾ پنھنجي مائٽن جي چٿرن کي منھن ڏيڻو پيو، جن سندس شاديءَ لاءِ پسند ڪيل ڇوڪري کي جاھل چئي رد ڪيو، پر ھن پنھنجي پيءُ کي اعتماد ۾ وٺي ان ئي ڇوڪري سان مڱڻو ڪري ڇڏيو، پنھنجي جوانيءَ ۾ انتھائي خوبصورت، پر اعتماد، ذھين ۽ آزاد خيال رھندڙ ان عورت جو ان جاھل اعتماد ٽوڙيو ۽ ڪنھن معمولي ڳالھه تان مڱڻو ٽوڙي ڳوٺ ھليو ويو. اٺن ڏينھن ۾ اھو صرف مڱڻو نه ٽوڙيو ويو ھو، پر ان سدا ٻھڪندڙ ڇوڪريءَ جي ھڪ آباد دنيا ٽٽي پئي ھئي. ھن کي پنھنجي پيءُ مڱڻي ٽٽن جي ھڪ ھفتي کان پوءِ اھڙين ته ڏکارين اکين سان ڏٺو، جو ھن جي دل جا ٽوئن ٽاورز ھميشه لاءِ ڪري پيا، ھن کي لکڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جو وڏو شوق رھيو ھو، پر مڱڻي ٽٽڻ کان پوءِ تحقيق جا ڪتاب ھن جي ھٿن مان ھميشه لاءِ اڏامي ويا. ھن جنون ۽ ڪاوڙ ۾ اچي پنھنجي ڊائريءَ جي پنجاھ صفحن تي ڀٽائي سرڪار جو صرف ھڪ بيت لکي ڇڏيو ته:
    ڪارا ڪنديس ڪپڙا، نه کلان نه ٽلان
    لڪن منجھه لطيف چئي، آئون جانب لئه جلان
    ڪنھن سان سور سليان، منھنجوجيئري جيءُ جلي ويو
    حالانڪه ھوءَ گھر ۾ سڀني ڀائرن ڀينرن کان وڏي ھئي. پرھن پنھنجي پيءُ ماءُ کي ڪڏھن به شادي نه ڪرڻ وارو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. سندس ننڍين ڀينرن ۽ ڀائرن جون شاديون ۽ ٻار ٿيا. ھوءَ سڀني جي خوشين ۾ خوش رھي پر جڏھن ننڍي گھر جي آدمشماري وڌي وئي ۽ سندس خيال رکندڙ ماءُ پيءُ به گذاري ويا ته ھن لاءَ گھر اوپرو بڻجي ويو. ھن کي واضع انداز ۾ محسوس ڪرايو ويو ته نوڪري به ڪرين ٿي ته پنھنجو الڳ فليٽ وٺ. ھوءِ ڪنھن کي ڪجھه نه چوندي ھئي. صرف پنھنجي ڪمري ۾ روئيندي رھندي ھئي، روئندي ھن کي سال ٿي چڪا ۽ اڪيلائي اڏوھي جيان سندس اندر کائي ڇڏيو، دنيا جي ڪنھن ڪم ڪار ۾ سندس دلچسپي نه رھي. ھوءَ پر اعتماد ۽ آزاد خيال رھي، ان ڪري ھن ڪڏھن به نشي کي پنھنجي ويجھو اچڻ نه ڏنو. اڪيلائي جڏھن وڻ ويڙھيءَ جيان سندس وجود کي وڪوڙي وئي تڏھن آخر ڪجھه ڏينھن ھن پنج وقت نماز به شروع ڪئي.
    ان ڏينھن آچر ھو سڀ گھر ڀاتي دير تائين پنھنجي ٿڌن ڪمرن ۾ ستل ھئا. ھن نماز پڙھي پنھنجي لاءِ ڪافي ٺاھي. ڪجھه وقت ڀٽائيءَ جو رسالو پڙھيو، ڪجھه ڳوڙھا اچي پنن تي ڪريا ته ھن اٿي پنھنجي ڪار جو در کوليو ۽ صبح جو سوير سمنڊ تي نڪري آئي، فليٽ جي سوڙھي ڪمري منجھان نڪري کليل سمنڊ تي پھچڻ جي باوجود ھن جي اندر جي گھٽ ٻوسٽ ۾ ڪا گھٽتائي نه آئي. ھن سروس ڪارڊ، شناختي ڪارڊ، بينڪ جا ڪاغذ ۽ ٻيون ضروري شيون پرس ۾ وجھي ڇڏيون ھيون. پرس کڻي گاڏي ڪناري تي ڇڏي ھوءَ سمنڊ کي پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀرڻ لاءِ اھڙو اڳتي وڌي جو وري واپس نه اچي سگھي.
    ڪيترائي ڪردار اسان جي آس پاس ھلندا گھمندا رھن ٿا، جيڪي اصل ۾ ڊپريشن جا مريض آھن پر اھي ھن ٻھروپئي سماج ۾ پنھنجي شناخت لڪائي گھمن ٿا ته ڪٿي طعنن جا تير سندن حياتيءَ جا سال وقت کان اڳ نه کٽائي ڇڏين. . . ھو ڪم ڪار کان واندا ٿي جڏھن پنھنجو پاڻ سان ويھن ٿا ته سندن ڳالھيون ڳوڙھن ۾ ائين گڏجي وڃن ٿيون، جيئن ڪچي جي سگھڙ مائي ڪڻڪ جو اٽو ڳوھي ڇڏي، ھو روئيندا بي حساب آھن. اھي ڳوڙھا مون ڀٽائي سرڪار جي بند پيل دروازي جي ڪڙي ۾ عصر ويل پوتي ٻڌي ويٺل ھڪ امڙ جي اکين ۾ به ڏٺا آھن ته ڪارا ڪپڙا ڪري ڪارا ڳانا پائيندڙ ناريءَ جي اکين ۾ ڇلڪندي ڏٺا آھن، ڳوڙھا ڳاڙيندڙ اکيون ھر طرف آھن پر ڳوڙھا اگھندڙ ڪٿي آھن. سعيد ميمڻ چواڻي ته:
    اسان جا نيڻ سخي ھن،
    ڳڻيون به ڇا ڳوڙھا!


    بي موت مرندڙ عاشق

    اِھو منطق اڃان تائين سمجھه ۾ نه اچي سگھيو آھي ته جڏھن ھن دکي ديس ۾ عاشقن ۽ انقلابين جو قدر ناھي. سندن جيئڻ جي گھٽي تمام سوڙھي ۽ حياتي تمام مختصر آھي، ته پوءِ ھو جُمن دربدر جي سٽن جيان وٺي ھر ھر جنم ڇو پيا وَرن. سماجي بيحسي کين بار بار ڌڪاري اھو پيغام پئي ڏئي ته ھِي سندن خوابن خيالن جو ديس ناھي رھيو. ھِي ته منافقتن کي درسي نصاب سمجھي لڪير جي فقيرن جو آستانو بڻجي پيو آھي. تڏھن به حق جو ھوڪو ڏيڻ خاطر پوپٽن جيان آخر ڇو ته اچن پيا. جيڪي محبتن جي مامرن ۾ حياتيون سفيد ڪرڻ کان پوءِ اھي گيت وڏي وندر مان ٿا ٻڌن ته . . . ڪبھي ھم بھي خوبصورت تھي . . . سنڌ ۾ اھڙن خوبصورت ماڻھن جو تعداد اڳ ئي محدود ھو، ته ھو وري ھِي عاشق به رُسي ان ڏيھه ھليو ويو جتان ڪتابن ۾ سانڍي رکڻ جھڙي ڪابه خوشبو واپس ڪونه وري آھي.
    اھو به عجيب اتفاق آھي ته ھاڻي جڏھن سنڌ جي سُريلي شاعر حسن درس جي شاعريءَ مٿان ڪجھه انتھاپسند ماڻھو اگھاڙپ جا الزام ھڻي رھيا آھن، ته سندس دفاع لاءِ اھو عاشق باقي ناھي رھيو، جيڪو سندن لاجواب شاعري برزبان ٻڌائي ھر ڪنھن کي حيران ڪري ھا. اصل ۾ ھن جو نالو عاشق ھو پر ھو ته ڪو محبوب۽ محبتن جو قدر ڪرڻ وارو ماڻھو ھو. تنھنڪري ئي ته، ڪڍڻ جھڙي لاڙ جي ننڍڙي شھر مان نڪري ھو جڏھن ھوائن ۾ ھڳاءَ جيان ھليو، ته سندس خوشبوءَ چوڦير ڦلجندي وئي ۽ حسن درس جي معرفت مون تائين به پھتي. ھِي ان عاشق انصاري جو ذڪر آھي، جنھنجو ذڪر آئون پنھنجي ويجھن دوستن سان وڏي چاھ مان ڪندو ھئس ته يار! عاشق جھڙو ڪو محبوب ماڻھو ڪونھي، تڏھن ئي ته ھن پنھنجي شادي محبتن جي عالمي ڏينھن ويلنٽائن ڊي تي رکي ھئي، انھن ڏينھن ۾ آئون ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي وچ ۾ سفر جام ڪندو ھئس. کيس شادي تي نه پھچڻ جو چيم، ته ھن ھڪ نه پر ڪيئي فونون ڪري شاعري ٻڌائي مونکي ڄڻ ته قائل ڪري وڌو ته آئون سندس ان شاديءَ ۾ ضرور شريڪ ٿيان، جيڪا ٻن حوالن سان ضرور ياد رکي ويندي. ھڪ ته ويلنٽائين ڊي تي رٿيل شادي ۽ ٻي سندس ڪمھلي موت سبب تمام مختصر ڄمار واري شادي.
    ڏسو عاشقن جا ڪم جو ھن جنھن مھيني فيبروري جي شادي لاءِ چونڊ ڪئي، ان ئي مھيني ۾ سندس دل کيس دوکو ڏنو ۽ ھن جي حياتيءَ جو جام باقي نه رھيو. حياتيءَ ۾ ڪي ڪي فيصلا تمام يادگار ۽ ڪجھه ماڻھن لاءِ تمام عذابناڪ ثابت ٿين ٿا. ھن جو ويلنٽائين ڊي تي شادي وارو فيصلو به ائين ئي محبتن لاءِ يادگار ھو، جيئن ھڪ دوست موھن جي دڙي ڀرسان شادي ڪئي، ته ھن پنھنجي نئين ڪنوار کي گلن ۾ توري پوءِ پنھنجي گھر آندو. عاشق 29 سالن جي مختصر حياتيءَ ۾ دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو. سندس موت تي آئون کيس روايتي رودالين جيان ڪا ميار ته نٿو ڏيڻ چاھيان ته ھو نه پيئي ھا ته شايد ايترو جلد جوانيءَ واري عمر ۾ نه مري وڃي ھا. ھن جي حياتي جيتري ھئي، ھن ڀرڀور پيار ۽ پنجھائپ سان گذاري، عاشقيءَ ۾ گذاري، محبتن ۾ گذاري. ھاڻي اھو ته نٿو چئي سگھجي ته، حسن درس ھن عاشق کي ڏسي اِھي سٽون لکيون ھيون ته.
    ”لڳي وئي لاڙ سان آ لنئون،
    اوھانکي ٻيو ڀلا ڇا چئون.؟
    پر حقيقت ۾ ھن کي ڏسي ھن جي معصوم روين کي ڏسي مون کي ائين لڳندو ھو ته، ھِي ھن گدلي ماحول ۾ گھڻو وقت جيئرو نه رھي سگھندو ۽ حسن جي انھن سِٽن جي پسمنظر ۾ ڪٿي نه ڪٿي ھو ضرور موجود آھي. عاشق انصاري جي سڃاڻپ پيشي يا نوڪريءَ کان ھٽي ڪري ليکڪ ۽ ادب دوست واري ھئي پر مون کيس ھميشه حسن جو عاشق ڏٺو ۽ حسن جو حافظ سمجھيو. ھن جي شاعري ٻڌائڻ واري خوبي ان رات به اسان سڀني دوستن کي ڏاڍي پسند آئي، جڏھن نئين سال جي خوشيءَ ۾ جان محمد لاڙڪاڻي ۾ مچ مچايو، جتي احسان سومرو ۽ يامين بلوچ جھڙا قدردان اچي ميدان تي لٿا پر مون جڏھن عاشق کي فون ڪئي ته ھن بدين مان ويھي اسان جي لاڙڪاڻي واري محفل کي فون تي ئي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
    عاشق اسلام آباد مان اينٿروپالاجيءَ ۾ ماسٽرس ڪئي، نوڪري پيشه ماڻھو ھو پنھنجي دوستن ۾ ھو سدائين کلڻو ملڻو ۽ پيروڊيز جو ماھر ھو. عاشق سنڌ جي انھي نسل سان تعلق رکندو ھو، جيڪو اسي واري ڏھاڪي ۾ اڀري جوان ٿيل سياسي تحريڪ کي ڊھندي مايوسين جي ڪُن ۾ ڪرندي ڏسي رھيو ھو. ھن جون ڪيتريون راتيون انھن انقلابي اڳواڻن جون پيروڊيز ڪندي گذريون، جن نئين نسل کي انقلاب جا ڏس ڏنا پر کين منزل تائين نه پھچائي سگھيا ۽ ڀريل ٻيڙو وچ درياھ ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا. عاشق اھڙن انقلابين جو وڏو نقاد ھو ۽ ھن انھن تي وڏيون چِٿرون پيروڊيز جي صورت ۾ ٺاھيون.
    بدين جي شھر ڪڍڻ جي ڪنھن محلي ۾ اڄ جڏھن ڊاڪٽر علم الدين انصاريءَ جي ڪلينڪ جي آسپاس ھن عاشق کي سندس ورسيءَ جي مناسبت سان ياد ڪيو ويندو، ته پوءِ حسن درس کي به ضرور ياد ڪيو ويندو. جيڪو ھن جو واقعي ڪو عاشق ھو. جيڪو حسن درس تي حجتون به ھلائيندو ھو. عاشق پنھنجيون سموريون تخليقي صلاحيتون نثر ۾ لکڻ سان گڏ نظم ۾ حسن جي شاعريءَ ياد ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيون ھيون. ھن جون حسن سان وڏيون حجتون به ھيون. ڪنھن محفل ۾ ھو کيس بدين سڏائي ۽ حسن نه اچي. ائين ڀلا ڪو ٿي سگھي ٿو. ڪنھن ڀيري ھڪ محفل ۾ حسن جي اوچتو اچي وڃڻ تي سنگت کيس ڏسي حيران ٿي، ته ھن عاشق ڏانھن اشاروڪندي چيو، يار! عاشق سَڏين ۽ محبوب نه اچن ائين به ڪوٿي سگھي ٿو. حسن درس سان ھن جي محبت ايتري شديد ھئي جو ھن حسن درس جي موت کي دل سان ڪونه قبوليو. گھر ۾ به ھر وقت يو ٽيوب تي حسن جي شاعري ٻڌندو ۽ روئندو رھندو ھو. ان ئي ڪيفيت ۾ کيس جڏھن پٽ ڄائو، ته ھن ان جو نالو حسن رکيو ۽ سڀني دوستن کي مبارڪون ڏيندي چوڻ لڳو، حسن موٽي آيو آھي. عاشق کي اھا خبر ڪونه ھئي، اھو حسن، جڏھن مھيني ڏيڊ جو مس ھوندو ته سندس عاشق پيءُ به گذاري ويندو.
    عاشق جي موت تي آئون صدمي ۾ انڪري ھئس، ته ھي عجيب نِڌڻڪو ديس آھي، جتي مارين ۽ شڪارين جي حياتي وڏي پر عاشقن ۽ محبتن جي حياتي تمام مختصر ري ٿي. ھن عاشق جي حياتي مونکي ھميشه لاڙ جي ڪنھن مختصر محبت جي ڪھاڻي جيئان ياد اچي اداس ڪري ويندي آھي ته آئون حسن جي شاعريءَ پڙھندو آھيان جنھن ۾ ھو چوي ٿو:
    محبت ھيڪلي آھي.


    اسان جا درد صوفي ھن! . . .

    اھا حيدرآباد جي عام رواجي گرمين ۾ شام ھئي، جڏھن موبائيل تي ڪال آئي، ”ھا ڪامريڊ ڪٿي؟“ ڄاتل سڃاتل چھڪندڙ آواز ۾ ھن پڇيو. مون کيس سادي ورندي ڏٺي، ”فليٽ تي تون ڪٿي؟“ چڱو لھي اچ، آئون ھيٺ بيٺو آھيان. اھو حسن جو اوچتو سرپرائيز ڏيڻ وارو دلبرانه انداز ھو. گاڏي جي ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺو ھو موبائيل تي به ڳالھائي رھيو ھو ۽ ٻئي ھٿ سان پنھنجي وارن کي به سيٽ ڪري رھيو ھو. موبائيل تي ڳالھه ختم ڪرڻ کان پوءِ ھن گاڏي کي اڳتي ڪاھيو ۽ پڇيو ”ڪر خبر ڪيڏانھن ھلون“ مون بنا سوچڻ جي چيو ”ھل ته ڪٿي ھلي چانھه ٿا پيئون“ ھن کلندي چيو ”ھي به ڪو ٽائيم آھي چانھن پيئڻ جو، ھونئن به توھان سنڌين جيڪا چانھه سان ويڌن ڪئي آھي، سا ڪنھن ٻئي نه ڪئي ھوندي ڇڏ چانھه کي اڄ ھلون ٿا ائين ئي ھوا خوريءَ لاءِ“ گاڏي جي ڊرائيونگ سيٽ به وٽس ھئي ۽ ارادا به ان جا فالو ڪرڻ ۾ خاموشي سان ھائوڪار کان سواءِ ڪو چارو نه ھو.
    ان گفتگو جو تفصيل ۽ تت اھڙو ھو، جو ان بحث جي پڄاڻي ھن شاندار لفظن سان ڪئي ته ”منھنجي دل آھي شاعر واري“ حسن درس لاءِ ڪير ڪيئن به چوي ۽ ڇا به سوچي. پر ان حقيقت کان ڪير انڪار نٿو ڪري سگھي ته ھو ھڪ حساس ۽ حسناڪ دل رکندڙ شاعر ھو، جنھن ۾ شھري ماڻھن جا انداز به شامل ھئا ته ٻھڙاري جا ويليوز به منھنجي ئي اصرار تي صدر ۾ مسٽر واري جي چاٽ کائڻ وياسون ته ھن سامھون واري گاڏي ۾ ويٺل حسينائن جي ٽولي کي ڏسي ”حُسن به حياتي وڌائي ٿو ۽ دل کي ٽيڪ ڏيئي ٿو.“ حسن عام زندگي عام انداز ۾ ئي گذاريندو ھو. ھو شاعرن واري اجائي آڪڙ، وڏائي، حد کان وڌيڪ مصنوعي قسم واري نياز نوڙت کان آجو رھندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن ته اھڙن نون دوستن سان ڪچھري ڪندو ھو، جيڪي کيس شاعر طور نه سڃاڻندا ھئا. انھن کي پنھنجي ادائن سان ڪڏھن راضي ته ڪڏھن ناراض ڪندو ھو، پر بعد ۾ جڏھن انھن کي ماڻھن کي خبر پوندي ھئي ته ھو حيران ٿي ويندا ھئا ته اھو شخص ”شاعر“ به آھي.
    جڏھن سفر ۾ حسن سان گڏ ھوندا ھئاسين ته پاڻ کي ڪاليج ۾ نوان پھتل ڇوڪرا محسوس ڪندا ھئاسين. ائين اسان ڇوڪراڻيون حرڪندا ڪندا وڃي ھڪڙي شام ڪوٽڙيءَ جي ڪرسچن ڪالوني پھتاسين. پراسرار ۽ گمنام گھٽيون لتاڙي وڃي ھڪ قبرستان آڏو بيٺاسين، ھن فون ڪري وڌيڪ رستي بابت پڇيو، منھنجي بيزاري باوجود ھو سوڙھين ۽ اونداھين گھٽين مان ٿيندو ھڪ لوھي در اڳيان اچي بيٺو، حسن جو اھڙي گھر ۾ پھچڻ ڄڻ ڪنھن مرشد جو اچي وڃڻ ھو. ٿوري دير ۾ چانھه، بسڪيٽ اچي ويا، ھارمونيم اچي ويو، ۽ راڳ شروع ٿي ويو. ان محفل مان زبردستي واندا ٿي اٿياسين ته ڪوٽڙي ڄامشورو روڊ تي ھڪ وڏيري جي اوطاق ۾ موسيقيءَ جي محفل متل ھئي. سمورا سازندا، گلوڪار حسن جا ڄڻ ته مريد. ھارمونيم جي ڌن کان وٺي طلبي وڄڻ جي انداز تائين ھر آئيٽم ٻڌو ته صبح جا چار ٿي ويا. حسن جڳھه سوڙھي به ھوندي سمورن سازندن ۽ فنڪارن کي گاڏي ۾ کنيو، انھن سان انھن جي ئي مسئلن تي اڻ کٽ ڳالھين جو سلسلو جاري رکيو. ان رات آئون ته گلستان سجاد وٽان لھي ويس، پر ھو فنڪارن ۽ سازندن کي فنڪار ڪالوني ڇڏڻ لاءِ روانو ٿي ويو.
    حسن جي محبت ۽ سڪ جو سڳو ڪڏھن به ڪچي تند نه رھيو. ھو پنھنجي پيار ۽ سڪ جي رشتي کي اھڙي ته ڳنڍي ڏيئي ٻڌي رکندو ھو، جو وقت جي وٿي ان ۾ وڇوٽي وارو وار جيترو به فرق نه وجھي سگھندي ھئي. ھو جڏھن انگريزيءَ جي ناول نگار محمد حنيف سان ملڻ ھليو ته مون کي اندازو نه ھو ھو ڏھن سالن کان پوءِ ملي رھيا آھن. محمد حنيف جي ڪلفٽن واري بنگلي جي لان تي اسان رات کي اڏاري ڏينھن ڪيو، پر ھنن جا قصا نه پئي کُٽا، جنھن ۾ کلڻ جو ايترو سامان ھو، جو کلي کلي کيرا ٿي پئي وياسين. پر ان محفل کي شاعري طرف حنيف موٽايو. حسن درس سنڌيءَ ۾ پنھنجي شاعري ٻڌائي رھيو ھو ۽ حنيف اردو ۾ ان جي تعريف ڪري رھيو ھو. محمد حنيف حسن جي شاعريءَ جو ايتري ته مداح آھي، جو ھاڻي سندس شاعري انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري رھيو آھي. حسن جي اھا عجيب ۽ خوبصورت طبيعت واري ادا ھئي، جو ھن ڪڏھن به ڪنھن کي پنھنجي شاعريءَ يا شخصيت تي لکڻ لاءِ سڌو يا اشاري ۾ اھو نه چيو ته منھنجي تعريف ڪريو. ھو پنھنجي تعريف کان پري ڀڄندو رھيو ۽ تعريف سندس ڪڍ پئي گھمندي رھي.
    اسان کي نه ڪوئي درزي مليو،
    نه ڪي ماپ من جي، نه ڪا ڪور ٿي
    حسن جيڪو يارن جو يار، دوستن جو دوست رھيو، تنھن جي زندگيءَ ۾ ڪي لمحا ڄڻ ته بيھجي ويل ھئا. ھونئن ته ڪا خبر نه پوندي ھئي پر جڏھن اسان اک ڪڪڙي ڪري اچي ڊفينس واري مرچي تي بيھندا ھئاسين ته ھو مينو ٻڌڻ کان اڳ ئي ئي چوندو ھو، ”منھنجي لاءِ بھاري ٻوٽي چئوس“ ان بھاري ٻوٽي کائڻ سان ھو حياتيءَ جي انھن ھرک جھڙن لمحن ۾ واپس ھليو ويندو ھو، جيڪي بقول حسن جي ته ھن ڪراچي ڊفينس واري کڏا مارڪيٽ ۾ گذاريا ھئا. ائين ئي جڏھن فليٽ تي اڪيلا ويٺا يو ٽيوب تان سانگس ٻڌندا ھئاسين ته ھو نصرت فتح علي خان جو ھڪ مخصوص ڪلام ھلائڻ لاءِ چوندو ھو. اھو ڪلام ٻڌڻ سان ھو ذھني طرح ڪراچي جي ان فليٽ ۾ ھليو ويندو ھو، جتي ھن ھڪ ھفتو پنھنجي ان وقت جي عشق سان گڏ گذاريو ھو.
    ننگا ٻڌا سڻاسين آواز عورتن جا
    دلڪش بدن، سمندر انداز عورتن جا
    مرد کي مصيبت آھي ڇھڻ جي عادت
    ۽ ڇوڪرين ڇتين کي آھي ڪھڻ جي عادت
    انھن ئي ڇھڻ ۽ ڪھڻ جي عادتن واري ذڪر ۾ ھڪ ڏينھن جڏھن آئون اداس ويٺو ھئس ته حسن مامري کي ڀانڀي ويو ۽ ھن ٻڌائڻ شروع ڪيو ته، ”ائين ٿيندو آھي چاليھه سالن ۾، عشق نه ڪنھن کي ٻڌائڻ جھڙو، نه ڪنھن کان لڪائڻ جھڙو.“ حسن جي ڳالھه ڪرڻ وارو انداز اھڙو ته دلڪش ۽ من موھيندڙ ھوندو ھو، جو گھٽ ۾ گھٽ مون کان ته کل روڪيو نه رڪندي ھئي. سنڌين تي، سنڌي اديبن دانشورن تي سنڌي ڇوڪرين تي، راڳين تي اھڙا اھڙا ته لطيفن جھڙا گفتا پيو ٻڌائيندو ھو، جو کلي کلي کيرو ٿي پوندو ھئس. حسن جو سارون ساريندي سندس ئي سٽن طرف ڌيان وڃي ٿو ته
    وس ۾ ناھين جو وساري ڇڏين
    رات ناھين جو گذاري ڇڏيان
    درد آھن ته دل ڏکائين ٿا
    پکي ھجن ته اڏاري ڇڏيان
    حسن جي سدا ملوڪ جوان جماڻ شخصيت ۽ سندس ايندڙ نسلن تائين زنده رھندڙ شاعري کان گھڻا ماڻھو متاثر، ته ڪجھه ماڻھو ساڙ به کائيندا ھئا/آھن. سڀ اديب سريلي ۽ سيبتي نصير مرزا جھڙا حقيقت پسند ناھن، جيڪي کلي دل سان اعترافي بيان لکن ته ”ٿي نه سگھيس شاعر.“ ڪجھه ماڻھن آخري سالن ۽ مھينن ۾حسن جي دل ڏاڍي ڏکائي. کيس اجايو پريشان ڪرڻ، تڪليفن ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو، پر ھن ڪڏھن به ڪا شڪايت نه ڪئي، صرف ايترو چيو ته،
    ”اسان جا درد صوفي ھن،
    اوھان جا قھر ڪوفي ھن!


    ھيڪلي عورت ۽ دوزخ جھڙي دنيا

    عورت پنھنجي وجود ۾ ڪيتريون ئي وفائون ۽ پنجھائپ جا پاڇا رکندي ھجي، پر جڏھن وحشتن جي گھڙي اچي ٿي ته عورت دوزخ جھڙي دنيا ۾ ھيڪلي رھجي وڃي ٿي، ھجوم جي نگاھن ۾ لڪل خنجر ھٿن تائين پھچي وڃن ٿا ۽ پوءِ ھن جي سڄي ڪائنات لٽجي وڃي ٿي.
    دھليءَ ۾ تازو ائين ئي ٿيو، ميڊيڪل ڪاليج جي ھڪ 23 ساله شاگردياڻي، پنھنجي دوست سان گڏ فلم جو شو ڏسي واپس ٿي، ته کين پنھنجي منزل طرف رڪشا نه مليو. ھنن ھڪ ھڪ بس يا ڪوچ کي ھٿ ڏنو جنھن جي درين تي پردا لڳل ھئا بس اندر ڊرائيور سميت 6 ماڻھو ويٺل ھئا. انھن عورت کي اڪيلو سمجھي مٿس بگھڙن جيان جنسي حملو ڪري ڏنو. عورت جي مرد دوست کي لوھي سيخون ھڻي زخمي ڪيائون، عورت کي جنسي تشدد جو نشانو بڻائڻ کان پوءِ ٻنھي کي زخمي حالت ۾ ھلندڙ بس مان روڊ تي اڇلي ڇڏيو.
    سورنھن ڊسمبر تي دھلي جھڙي ان شھر ۾ اھو واقعو پيش آيو، جتي سرڪاري انگن اکرن موجب ھر 14 ڪلاڪن کان پوءِ ھڪ عورت سان ريپ ٿئي ٿو. اھا عورت اسپتال ۾ پنھنجي حياتيءَ جي جنگ وڙھندي رھي، جتي ھن اشارن سان پنھنجي ڀاءَ کي ٻڌايو ته ھاڻي ھوءَ ٻي دنيا طرف وڃي پئي. سندس علاج دھليءَ کان پوءِ سينگارپور ۾ سرڪاري خرچ تي ڪرايو ويو پر ھوءَ حياتيءَ جي جنگ ھارائي ويٺي. ھڪ انڊين اخبار ڏاڍي سٺن لفظن واري سرخي ھنئي ته:
    Girl goes to sleep-Nation wakes up.
    ٻين لفظن ۾ نياڻي ابدي ننڊ سمھي رھي، پر قوم جاڳي پئي.
    انڊيا ۾ دنيا جي ٻين سڌريل معاشرن جي قانون جيان، ريپ جو شڪار ٿيندڙ عورت جو نالو ۽ فوٽو سرعام ظاھر نه ڪيو ويندو آھي، تنھنڪري اڃان تائين ان ميڊيڪل شاگردياڻيءَ جي سڃاڻپ ھڪ 23 سالا عورت بڻيل آھي. ان جي نالي ۽ فوٽو کي قانون جي احترام ۾ عام نه ڪيو ويو آھي. دھلي ريپ ڪيس جو اھو ته ھڪ پاسو آھي ،بلڪل ائين جيئن اسان سنڌ ۾ پڙھندا رھندا آھيون ته فلاڻي ڇوڪري سان ميرپورخاص ۾ لڄالٽ ٿي، يا دادو ۾ عورت سان اجتماعي لڄالٽ جو واقعوپيش آيو. عورتن مٿان ٿيندڙ تشدد واريون اھي خبرون توھان ۽ اسان روزانه معمول جي اخباري خبرن جيان پڙھندا آھيون ۽ وري ساڳيو دنيا داري جي جھنجھٽن ۾ قابو ٿي پوندا آھيون. جن ڏينھن ۾ دھلي ريپ ڪيس جون خبرون ھلي رھيون ھيون، انھن ئي ڏينھن ۾ دادو ضلعي جي ڪنھن ڳوٺ مان ھڪ عورت جو ھٿ پير ٻڏل لاش ھٿ آيو ھو، ان لاش جي ان ئي حالت ۾ تصوير ڏسي، منھنجي ته دل دھلجي وئي ھئي. اھا تصوير ائين دل ڏڪائيندڙ ھئي جو ان حقيقي تصوير کي سنڌي معاشري ۾ مرد جي درندگي ۽ عورت جي بيوسيءَ کان سواءِ ڪھڙو عنوان ڏجي. اھا تصوير ڏسي انفرادي طور ڀلي ته ڪجھه اھل دل ماڻھن جي دل دھلجي ويئي، پر عملي طور اسان ائين ئي خاموش ھئاسين، جيئن ٽنڊو محمد خان جي ھڪ ٻارنھن سالا بارڙيءَ جي تذليل جي آيل وڊيو تي خاموش آھيون يا جيئن اسان ڪجھه وقت اڳ ھڪ وڏيريءَ جي ھٿ ۾ کنيل ڪارنھن جيڪا ھن پيرسن ھاريءَ جي منھن تي ملي ھئي، ان واقعي تي به اسين قبرستان جھڙي خاموشيءَ ۾ بت بڻيل ھئاسين. پر منھنجا سائين! ھر ھنڌ اھڙي خاموشي ناھي. ھر ھنڌ رات انڌاري ضرور آھي، پر ان کي ”چئلينج“ ڪرڻ واري جنريشن جڏھن جوان ٿي پوي، ته پوءِ ڪھڙي رات آھي، جيڪا پاڙي ۾ سدائين ترسي پئي ھجي.
    انڊيا ۾ ھن ڀيري عجب اھو ٿيو، جو دھلي ريپ واقعي کان پوءِ اھا جنريشن جاڳي پئي، جنھن جي ھٿ ۾ انصاف لاءِ بينرز کنيل ھئا، جنھن جي چھري تي ان واقعي خلاف ”ڪاوڙ ۽ ڪروڌ“ ڀريل ھو. اھي ماڻھو پاڻمرادو سوشل نيٽ ورڪنگ يا انٽرنيٽ ۽ ايس ايم ايس جي سڏ تي گھرن مان نڪري آيا. انڊيا جي ۽ صوبي دھليءَ جي ھاڻوڪي پيڙھي جيئن ته انگريزيءَ وافر مقدار ۾ پئي ڳالھائي، تنھنڪري ھنن جو نعرو اھو ھو ته ريپ لاءِ گنجائش ناھي. ھاڻي دنگ ٿيو.
    Enough is enough.
    ماڻھو ھئا، جو ھزارن جي تعداد ۾ ھڪ گمنام ڇوڪريءَ سان ٿيل اجتماعي لڄالٽ تي گڏ ٿيندا ويا. ھوءَ 23 ساله ميڊيڪل شاگردياڻي ضرور ھئي، پر مظاھرين مان ڪنھن جي رت جي رشتي يا قبيلي برادريءَ جي نه ھئي. ڊسمبر جي ٿڌين راتن ۾ ميڻ بتيون کڻي نڪتل ھزارين ماڻھو ڏسي، ائين ئي لڳي ٿو ته جڏھن سماج جاڳي پون، جڏھن جاڳرتا عوامي سطح تائين اچي وڃي ته پوءِ ھڪ واقعو ئي پوري ملڪ کي ڌوڏي ڇڏڻ لاءِ ڪافي ھوندو آھي. ماڻھو بنا ڪنھ ذات پات، مذھب، رنگ ۽ نسل جي احتجاج ۾ گڏ ٿيندا ويا. انڊيا جي آزادي جي نشان ”راج گھاٽ“ کان وٺي جنتر منتر چوڪ تائين رڳو مظاھرين جا ميڙ ھئا. مظاھرين مان ڪجھه وڌيڪ سرگرم ماڻھو ته گھرن ۾ ئي ڪونه ويا ۽ چوڪن تي سمھي رھيا. عورتن سان انياءُ ۽ امتيازي سلوڪ تي اھڙي عوامي اٿل پٿل ڏسي، حڪمران جماعت ڪانگريس پارٽيءَ جي سربراھ سونيا گانڌيءَ به مظاھرين جي نمائندن سان ملاقات ڪري کين چانھه پياري ۽ ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو. سونيا گانڌي کين ٻڌايو ته واقعي ۾ ملوث سمورا 6 ملزم گرفتار ٿي چُڪا آھن. ھاڻي عدالتن جو ڪم آھي ڪنھن کي ڦاھي ڏيڻ منھنجي مينڊيٽ ۾ ناھي، پر ماڻھو ھئا ته مُڙن ئي ڪونه مطالبو اھو ته دھليءَ کي عورتن لاءِ محفوظ بڻايو.
    اھو مظاھرين جو دٻاءُ ئي ھو، جو جڏھن سينگارپور مان ان ڇوڪريءَ جو لاش دھلي پھتو ته ملڪ جو وزيراعظم غمزده ٿي ايئرپورٽ تي سونيا سان گڏ بيٺل ھو، انڊيا سوڳ ۾ ھليو ويو ته انڊين آرمي به نئين سال جي جشن واريون پريڊون ملتوي ڪري ڇڏيون، انڊيا ۾ نئين سال جي جشن بدران سوڳ ئي سوڳ ملھايو ويو.
    جڏھن احتجاج ۽ ماڻھن جا آواز ايترا اوچا ٿي وڃن ته پوءِ بالي ووڊ جا اسٽار ڪٿي ٿا پاڻ تي ضبط ڪري سگھن. اميتاڀ بچن جھڙي ليجنڊ اداڪار دھلي ريپ جي نه صرف مذمت ڪئي پر ان جو شڪار عورت لاءِ ھڪ نظم پنھنجي آواز ۾ اپ لوڊ ڪيو. ائين شاھ رخ خان جو ٽوئيٽر تي پيغام عام ٿيو ان واقعي کان پوءِ مونکي مرد سڏائڻ تي شرم اچي ٿو، آئون عورتن جي عزت ڪرڻ ڄاڻان ٿو ته جيئن منھنجي ڌيئرن جي به معاشرو عزت ڪري.
    انڊيا ۾ عورتن جي جنسي تشدد جي روڪٿام لاءِ موجود قانون ۾ ترميم ڪري، انھن کي اڃان وڌيڪ سخت بڻايو پيو وڃي ۽ تجويز آھي ته اھو قانون ان دھلي ريپ ڪيس ۾ حياتيءَ جي جنگ ھارائيندڙ بھادر نياڻيءَ جي نالي پٺيان ھوندو. انڊيا ۾ ان ڪيس کان پوءِ عوامي جاڳرتا جي اٿل ڏسي، مونکي ”رنگ دي بسنتي“ فلم ياد اچي وئي. اوم پرڪاش مھرا جنھن جو ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر ھو، سا فلم 2006 ۾ رليز ٿي ھئي. ان فلم ۾ ھڪ پائليٽ دوست جي حادثي تي دفاعي وزارت ۾ ڪرپشن خلاف ڪجھه ماڻھو آواز اٿارين ٿا ۽ پوءِ اھو عوامي احتجاج ٿي وڃي ٿو.
    دھلي وارو واقعو انڊيا جي تاريخ ۾ ملڪي قانون کي ڌوڏي ڇڏيندڙ واقعو آھي، جديد انڊيا جي ان معاشري ۾ جتي ڪرپشن گھر ڪري وئي آھي، جتي حڪمران اشرافيه جا ميمبر عورتن سان ريپ ۾ ملوث ھجن، جتي خود صدر پرناب مکرجي وارو پٽ اڀيجيٽ مکرجي اسان واري اڳوڻي آمر ڪمانڊو جنرل مشرف جيان چوندو وتي ته عورتن سان ريپ تي احتجاج ڪرڻ به فيشن بڻجي پيو آھي، جتي عورتون ڊينٽنگ پينٽنگ (فيشن) ڪرائي پھچن ٿيون. اھڙي ڪرپٽ ۽ مريض ذھنيت وارن حڪمرانن کي عوامي طاقت سان چئلينج ڪرڻ اڄوڪي جديد دنيا جو وڏو ڪارنامو آھي
    دھلي ريپ ڪيس جي مسلسل اسٽڊي ڪرڻ کان پوءِ آئون اھو ئي سوچيندو رھيس ته سنڌي سماج کي آخر ڇا ٿي ويو آھي، ڇا سانت جي سراب ۾ اسان جي ھيءَ پيڙھي به پاڻ ڳاري گذاري ويندي؟ عوامي احتجاج، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي ڪا ٺوس شڪل وٺڻ ۾ اڃا ڪي ورھيه لڳندا.


    ڀوتار بمقابله ڀوتار! . . .

    ان ڏينھن ڪراچي جي ھڪ پوش علائقي ۾ سنڌ جي ھڪ ڀوتار جي بنگلي تي ڀوتارن جو وڏو ميڙ متل ھو. ان ميڙ ۾ سنڌ جا لڳ ڀڳ ھر عمر جا ۽ ھر علائقي جا ڀوتار گڏ ٿيل ھئا. اھي ميزبان ڀوتار جي نوجوان پٽ جي خون جي ڪيس مان آجو ٿيڻ جي خوشي ملھائي رھيا ھئا. ان نوجوان ڀوتار کي ڪنھن عدالت نه پر پوليس پنھنجي رپورٽ ۾ آجو قرار ڏئي عدالت ۾ پيش ڪيو ھو ۽ ھو شھر جي ارب پتي واپاري جي قتل ڪيس مان آجو ٿي ويو ھو. ھر طبقي جي خوشي ۽ غم جا پنھنجا الڳ طريقا ٿين ٿا، غريب ماڻھو جھمريون پائي، نچي ڪُڏي خوشي ملھائين ٿا، پر اڪثر ڀوتار گلاس کڙڪائي، بوتلون نچائي، بار بي ڪيو کائي خوش ٿين ٿا. ان محفل ۾ پيپلز پارٽيءَ سان لاڳاپيل ھڪ وزير کان اڳوڻي آمر جنرل پرويز مشرف جي حڪومت ۾ حصيدار رھڻ واري ھڪ ڀوتار جھومندي پڇيو، ”ڀلا اسان کي ڪڏھن ٿا اقتدار جو وارو ڏيو؟“ پ پ سان لاڳاپيل ڀوتار وزير کيس ڪلھي تي پيار مان ٿڦڪي ھڻندي چيو، ”برداشت ڪر يا ڪراس ڪر.“
    سنڌ جي اقتدار ۽ سياست جو المناڪ پھلو رھيو آھي ته ملڪ ۾ جمھوريت ھجي يا آمريت، پر اقتدار جا مزا سدائين موقعي پرست ڀوتار يا وڏيرڪي طبقي ورتا آھن. اقتدار جو ثمر ڀلي ته اھا نام نھاد جمھوريت ڇو نه ھجي، ان ۾ به اقتدار جو حقيقي ثمر عوام تائين پھچي نه سگھيو آھي. جنھنڪري ماڻھو ڪجھه سالن جي جمھوري ساھي يا دور کان پوءِ ان مان به بيزار ٿي چوڻ شروع ڪن ٿا ته ”ادي مئي ، ادو ڄائو اسان ايتري جا ايترا!“ سنڌ جي ٻوڏ ستايل ماڻھن جي غلاميءَ جھڙين زندگين ۾ ذلتن جو اضافو اڄ به ٿي رھيو آھي، پر اھي بيوسي واري خاموشيءَ ۾ ھليا وڃن ٿا. جڏھن ته باغي ڪارڪن اڄ به پنھنجي اندر ۾ موجوده حڪومت بابت ڪيترائي سوال کڻي گھمندو رھي ٿو. پر کيس اقتداري سياست جي حوالي سان ڪو متبادل به نظر نٿو اچي ۽ ھو خاموش ٿيو وڃي. ”پيپلز پارٽي جي قيادت ان خوش فھمي يا غلط فھميءَ ۾ رھي ٿي ته سنڌ اسان جي ھٿن مان ڪيڏانھن به نه ويندي، پر ھر دور ۾ ايئن نه ٿيندو، ايندڙ دور ھنن لاءِ ڏکيو ھوندو.“ پيپلز پارٽيءَ جي ھڪ باغي ڪارڪن ان ڏينھن سياسي بحث دوران چيو.
    سنڌ اندر پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪنن ۾ پاڪستاني اردو پريس جي اھا خبر اڄڪلھه عام جام بحث ھيٺ آھي، جنھن ۾ لکيل آھي ته ايوان صدر جا معاملا طارق عزيز ھلائي رھيو آھي. طارق عزيز اڳوڻي آمر پرويز مشرف جو ڪلاس فيلو ۽ خاص مددگار رھيو آھي. مشرف جي دور ۾ ھن اچي ايوان صدر اندر ديرو ڄمايو، جيڪو اخباري اطلاعن مطابق اڃا به قائم آھي. طارق عزيز ايون صدر ۾ موجود آھي يا نه، جيڪڏھن آھي ته ھڪ آمر جي باقيات جو جمھوري صدر جي دور ۾ ايوان صدر اندر ڪھڙو ڪردار آھي، ان بابت ايوان صدر پاران اڃان تائين ڪا به وضاحت جاري نه ڪئي ويئي آھي. ڪجھه تجزئي نگارن جو خيال آھي ته مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاھي سان ھلي وڃي ڀاڪر پائي جو ڪريڊٽ اڪيلي سر سينيٽر بابر اعواڻ کي نٿو وڃي، ڇو ته چوڌري پرويز الاھي ان کان اڳ طارق عزيز معرفت ايوان صدر ۾ وڃي ”اصل تي وڊي مالڪ“ سان باڪر پائي ملاقاتون ڪري چڪو آھي. اھا ته اسلام آباد جي اقتداري ايوانن جي حڪمت عملي ھوندي، پر سنڌ اندر رھندڙ پيپلز پارٽيءَ جا ڪارڪن ھڪٻئي کان پڇي رھيا آھن ته اھا ”قاتل ليگ ڪڏھن کان اسان جي ڀاڪر ليگ ٿي ويئي آھي!؟“ پيپلز پارٽيءَ جي نظرياتي ڪارڪنن جي ان ويڳاڻپ ۽ مايوسيءَ بابت ھڪ بحث دوران مون ھڪ سينئير اڳواڻ کان پڇيو ته ”اھي منجھائيندڙ سوال ۽ ڳالھيون توھان پنھنجي پارٽي ايوانن اندر ڪرڻ بدران ٻاھر گھٽين ۽ ھوٽلن ۾ ڇو ٿا ڪريو؟“ جواب ۾ ھن صرف ايترو چيو ته ”ايوانن ۾ اھڙي حالت ٿيندي ھجي، جھڙي يوسف ٽالپر ۽ ظفر شاھ سان ٿي ته پوءِ اسان ڇا ڪريون.“
    ان ڳالھه جو پسمنظر سمجھائڻ لاءِ ھن پيپلزپارٽيءَ سنڌ ڪائونسل جي مھينو اڳ ٿيل اجلاس جو تفصيلي احوال ڏنو، جنھن جو ھو پاڻ به ميمبر آھي. ان سينيئر پ پ اڳواڻ بقول، ظفر شاھ ۽ يوسف ٽالپر جڏھن پارٽي وزيرن تي تنقيد ۽ ڪم نه ٿيڻ جي شڪايت ڪئي ته ٻنھي کي تقرير بند ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ويو. پيپلز پارٽيءَ ھڪ جمھوري پارٽي سمجھي وڃي ٿي، پر ان جي ايوان ۾ جڏھن سينيئر اڳواڻن کي ڪارڪنن ھٿان ھوٽنگ ڪرائي خاموش ڪرايو وڃي ته پوءِ ٻيا سينيئر اڳواڻ خاموش رھڻ ۾ ئي عافيت سمجھندا. سنڌ ڪائونسل جي ان ايوان جي ھڪ ٻي اھم تقرير ان وزير جي ھئي، جنھن بينظير ڀٽو جي ٻن ساٿين ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ ناھيد خان کي گھٽ وڌ ڳالھائي، کين بينظير ڀٽو جي قتل جو ذميوار قرار ڏنو. پيپلز پارٽي پنھنجي ايوانن اندر جڏھن بينظير ڀٽو صاحبه جي قتل جا ذميوار مقتول اڳواڻ جا اھي پراڻا ساٿي قرار ڏنا وڃن. جن جو ذڪر ھن پنھنجي ڪتاب ڊاٽر آف دي ايسٽ ۾ به ڪيو آھي ته پوءِ جنرل پرويز مشرف، چوڌري پرويز الاھي الزام کان ڪيئن نه آجا ٿيندا.
    انھن مايوس ۽ غريب ماڻھن کي ڪير سمجھائي ته ھي نظرياتي سياست کي دفن ڪرڻ ۽ اقتداري سياست کي عروج تي پھچائڻ جو دور آھي. اھڙي اقتداري سياست جنھن ۾ ڪوبه اصول، ڪو به نظريو نه ھجي، پر نظر صرف اقتدار جي ڪرسي تي ھجي. سنڌ اندر جمھوريت جي نالي ۾ اڄڪلھه اھي ڀوتار اقتدار جا مزا ماڻي رھيا آھن ۽ سڀاڻي جي اقتدار ۾ اچڻ جي تياري به اھي ڀوتار ڪري رھيا آھن، جن ويچارن تي ھروڀرو ”اسٽيبلشمنٽ جا ماڻھو“ ھجڻ جو ٺپو لڳو پيو آھي. حالانڪه وڏي نظر ڪري ڏسجي ته اقتداري سياست ۾ ”داخلا جا حق ۽ واسطا“ وڏن ڀائرن وٽ محفوظ آھن، جنھن کي چاھين داخل ٿيڻ ڏين ۽ جنھن کي چاھين ٻاھر بيھاري ڇڏين. اسٽيبلشمنٽ جا ڀوتار ھجن يا نام نھاد جمھوريت جا ڀوتار ھڪ ئي ڳئون جا چور آھن. جنھن کي ھو واري واري سان ڪُھي يا ڏُھي رفو چڪر ٿيو وڃن ٿا. ان اقتداري راند ۾ ڪو به سٺو يا بھتر وارو آپشن رکيل ئي ناھي، ته عوام ويچارو ڇا ڪري؟ سياسي اڪيلائي ۽ ويڳاڻپ واري ھن دور ۾ سنڌ جي ماڻھن کي ھر طرف ڦھليل ھر قسم جي ڀوتارن ۽ پيرن کان سواءِ ڪو عوامي ھڏ ڏوکي ماڻھو نظر نٿو اچي ته ڇا ڪري؟ سنڌ جي ترقي ۽ روشن خياليءَ جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ اھي ڀوتار ھجي يا اسٽيبلشمنٽ جو ڀوتار، جيئن لاڙ جي دلت ھارين جون حياتيون نجي جيل ھلائيندڙ ڀوتارن وٽ گروي پيل آھن. سنڌ جي خدمت ڪرڻ بھاني ڌرتي ڌڻين جو رت ست چوسيندڙ ان ڀوتار طبقي ڪڏھن ڪنھن عوامي پارٽيءَ جي جھنڊي ھيٺ پناھ ورتي آھي ته ڪڏھن آمر سان گڏ بيٺو آھي پر ھن ڪوشش ڪري غريب کي غريب ۽ امير کي امير رکيو آھي. اھو ڀوتار ھر دور ۾ پنھنجي وفاداري اسٽيبلشمنٽ کان ”ڪليئر“ ڪرائيندو رھي ٿو. ان وٽ سالن کان ڦريل لٽيل عوامي دولت ايتري آھي جو ھو ٻيو ڪم به ڪم نٿو ڪري. سواءِ اقتدار ۾ رھڻ يا ٻيھر اقتدار ۾ اچڻ جي تياري ڪرڻ جي.
    ڪنھن دوست ان ڏينھن پنھنجي راءِ ڏني ته ايندڙ چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جو متبادل سنڌ جا قومپرست ھوندا، ڇو ته نواز شريف يا ”ق“ ليگ (ھاڻي ان کي قاتل نٿا چئون، ڇو ته مالڪ پاڻ ئي ان ٽرم کان ھٿ کڻي ويا آھن) جو سنڌ ۾ ڪو بنياد ڪونھي، ان اميد پرست سياسي ڪارڪن ۽ آفيسر مون سان شرط رکيو ته سنڌي قومپرست ھن ڀيري ڏھن کان ويھه سيٽون کڻي ايندا.مون کيس گذارش ڪئي ته قومپرست ڪجھه سيٽون ضرور کٽيندا ، پر ايتري وڏي انگ ۾ شايد نه ڇو ته سنڌ جي اقتداري سياست تي ڀوتار نانگ جيان ڦڻ ڪڍيو، اڄ به ويٺو آھي. پر اھو ڀوتار، ڀوتار آ! ان جو سنڌ ۾ في الحال ڪو متبادل ناھي. سنڌي ماڻھو جڏھن اک پٽين ۽ ھي زرعي سماج ڊھي ڪو نئون سماج جڙي ڇو ته شيخ اياز به ان تبديليءَ واري اميد سان ڀوتارن جي محڪوم بڻايل خلق کي آواز ڏنو ھو ته:
    انڌير نه ڪوئي رھڻو آ
    اڄ ظلم نھوڙي اينداسين
    ھي جھنڊو کوڙي اينداسين
    ان جي ڳاڙھي مستيءَ ۾
    ۽ ھن پنھنجي پوري وستيءَ ۾
    ڪو سورج ٻاري اينداسين
    ڪو ڏينھن اڀاري اينداسين
    پر اھو سمورو سورج جيستائين اڀري تيستائين ڀوتارن جو راڄ رھڻو آھي.


    وطن ۾ بي وطن ھجڻ جو احساس ۽ بيحسي

    سنڌ جي نگران ڪابينا ۾ سنڌي ڳالھائيندڙ ميمبرن جو اٽي ۾ لوڻ برابر تعداد ڏسي، مون کي ايئن جھٽڪو لڳو ڄڻ پيرن ھيٺان ڌرتي کسڪي وئي ھجي، اھا شاباش ته ڪاوش وارن کي ھجي، جن اھا خبر تفصيل سان پنھنجي فرنٽ پيج تي اھميت سان لڳائي، ڇو ته اسين اھو ته ڪو نه ٿا لکي سگھون ته ”اردو ڪا جنازه ھي، ذرا دھوم سي نڪلي.“ اسين ڏاڍا روايتن جا پاسدار ۽ امين ماڻھو آھيون. ڀلي ته حالتون اسان اڪثريتي ڌرتي ڌڻين جو جنازو ڪڍي ڇڏين، پر اسان جا سياسي اڪابرين پنھنجي پُر مغز خطابن ۾ فرمائين ٿا ته ”قومپرستي“ حرام آھي. اسان جي ڌرتيءَ مٿان ماضيءَ جي اھڙن حڪمرانن جا اقتدار جي رات ڇانيل آھي ۽ انھن جي اقتدار کان پوءَ اسان جي ”جمھوري“ حڪمرانن وري ٻيڻي ڪسر اڳا ڪڍي جو ويندي ويندي ڪراچي جا سامونڊي ٻيٽ به وڪڻي ويا. سو اسان وري به اھڙن ڀوتارن کي چونڊڻ طرف وڃون پيا، جن جاتڪ، پارٽيون ۽ جھنڊا مختلف ضرور آھن، پر سندن اليڪشن منشور ھڪ ئي آھي، ته ڪنھن به طريقي سان اقتدار ۾ اچيجي. اقتدار ڪا بري شئي ناھي پر جيڪڏھن اھو منصب سنڌ جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ استعمال ڪجي.
    اليڪشني سرگرمين ۾ ڏينھن رات مصروف بڻجي ويل ڀوتارن مان ڇا ڪنھن جي ايجندا تي سنڌ ۽ سنڌي به آھن يا صرف اقتدار؟ نگران ڪابينا ۾ سنڌي ڳالھائيندڙن وزيرن جي انگ ۽ سندن وزارتن جي قلمدانن کي ڏسي مون کي اسلام آباد جي اھا بيورو ڪريسيءَ ياد اچي ٿي،جنھن جي سوچ ۾ سنڌي نڪما، نا اھل ۽ پاڪستان جي اقتداري سيٽ اپ ۾ “مس فٽ“ ماڻھو آھن. ”يار ڪسي پنڊي ڪي بندي ڪو بھيجنا، پشاور اور لاھور ڪا بھي چل جائيگا، مگر پليز ڪسي ”سائين“ ڪو مت بھيجنا، معاملات خراب ھوجائينگي.“ ڪراچيءَ ۾ ھڪ وڏي سرڪار اداري جي چيف جا اھي لفظ مون کان ڪڏُھن به وسري نه سگھندا. جيڪي ھن پنھنجي اداري جي ھڪ سنڌي ڊائريڪٽر جي بدلي روڪرائڻ لاءِ اسلام آباد ۾ پنھنجي آفيس وارن کي چيا ھئا، اھا سوچ ئي آھي، جنھن صديون پراڻي ھن قوم کي اھڙو ته ديوار سان لڳائي ڇڏيو آھي، جو ملڪ جي اعلى ادارن جي اھم پوسٽن تي رھندڙ ڪمانڊو پرويز مشرف به ڪي ٽي اين نيوز تي انٽرويو ڏئي ديده دليريءَ سان للڪاري رھيو ھو ته ”آھي ڪو توھان ۾ اھڙو اھل ماڻھو، جنھن کي آءِ جي يا چيف سيڪريٽري لڳائجي؟“ جنھن وقت جنر مشرف اھا ڳالھه ڪري رھيو ھو، تڏھن ھو اھو وساري ويٺو ھو، ته ملڪ جي واحد وسيع اداري، جنھن جو ھوچيف ھو، ان ۾ به سنڌين کي سپاھي طور داخل ٿيڻ جي پنج انچ قد واري گھربل رعايت تڏھن ملي ھئي جڏھن ايم آر ڊي جھڙي خوني تحريڪ کان پوءِ جنرل اسلم بيگ اچي بينظير صاحبه سان اقتدار جي ڊيل ڪئي ھئي.
    جڏھن اھم ادارن جي فيصله ڪن ماڻھن جي دماغ ۾ اھا سوچ گھر ڪري ويٺل ھجي ته پوءِ سٺ سالن ۾ سنڌي ڇوڪرو ڪيترا به ذھانت ۽ چٽا ڀيٽيءَ وارا امتحان پاس ڪري، اھو ڪرنل يا وڌ کان وڌ برگيڊيئر ٿيندو. فور اسٽار جنرل پرويز مشرف يا چيف آرمي اسٽاف جي عھدي تائين رسڻ ته سنڌين لاءِ ”دھلي دور است“ واري ڳالھه آھي. اھڙي مائينڊ سيٽ واري بيوروڪريسيءَ جي راڄ ۾ سنڌي نگران وزير کي ملندي به ته جھنگلي جيوت ۽ ماھيگيريءَ جي منسٽري ۽ شھري بابو کي ملندي صحت جي اھا وزارت، جيڪا سندس ”ڊيڊي“ مرڻ مھل ڇڏي ويو ھو. خبر ناھي اڃا ڪيئن واضع ڪري سنڌين کي حڪمران ٻڌائين ته توھان گھٽ ذات وارا شھري آھيو ۽ اسين اوچي ذات وارا. اھو فرق اڃان وڌندو ۽ سنڌي اقتداري ڀوتار اھا ھش ۾ خوش ٿي فيڊرل لاجز جي ڪمرن مان اڌ رات جو نيم بيھوشيءَ واري حالت ڳوٺ فون ڪري راڄن کي مڀارڪون ڏيندو ته ”ابا مبارڪون! نيٺ پاڻ به وزير ٿي وياسين! ھاڻي تو واري تڙ تي جھنگلي جيوت جو خير ناھي، اچي ٿا سنگت کي شڪار ڪرايون.“
    سنڌي پنھنجي ئي ڌرتيءَ جنھن ۾ سياسي ۽ نسلي جبر ھيٺ حياتيون گذارين پيا، ان گھٽ ۽ ٻوسٽ جي دور ۾ ڪو نيلسن منڊيلا يا ڪو گانڌي ته پيدا ٿي ڪونه ٿو سگھي، جنھن کي وڪالت جو ڪوٽ ۽ اعلى تعليم جي ڊگري ھوندي به گورن انگريزن ريل جي فرسٽ ڪلاس دٻي مان ٽڪيٽ ھجڻ باوجود اھو چئي لاھي ڇڏيو ھو ته ”انڊين ٿرد ڪلاس ۾ سفر ڪن، ھو فرسٽ ڪلاس ۾ نٿا چڙھي سگھن.“ ان ريلوي اسٽيشن تي اھا سرد رات ۽ اھا قومي تذليل گانڌيءَ جي حياتيءَ جو مقصد ھميشه بدلائڻ لئه ڪافي ھئي. ھن اھا ٽڪيٽ ۽ اھو پاسپورٽ اتي ئي دکندڙ سگريءَ ۾ ساڙي ڇڏيو ۽ پنھنجو پاڻ سان واعدو ڪيو ته ھو اھا نسل پرستي ختم ٿيڻ تائين، ڪڏھن به ريل جي فرسٽ ڪلاس دٻي ۾ نه چڙھندو.
    پر ھيءَ ته سنڌ آھي، جتي صلاحڪاري ۽ وزارت جي آسري گورنر ھائوس ۽ وزيراعلى ھائوس جون ڏاڪڻيون، ڀوتار ۽ باغي فرد گڏ گڏ چڙھن ٿا. مون کي خبر ناھي ته ان ڳوٺ جي اھا سڙڪ اڃا تعمير ٿي آھي الائي نه؟ جنھن تي ان دور جي باغياڻي ۽ قيدياڻي ھڪ طويل آزاد نظم لکيو ھو ته، ”اسان جو اقتداري ڀوتار 5 سال پورا ڪري وري اليڪشن ۾ بيٺو آھي، پر اسان جي ڳوٺ جي سڙڪ اڃا به ڪچي آھي.“ وزارتون صلاحڪاريون ۽ عھدا ماڻڻ ھر فرد جي پنھنجي ترجيح ۽ پسند آھي، پر ڪنھن باغيءَ کي وزارت جو قسم کڻندو ڏسي اھو نسل ڪھڙي ڪنڊ ۾ پنھنجو منھن مٿو پٽي، جيڪو ”جلاوطن“ ۽ ”ڪربلا“ جھڙا ڪتاب پڙھي وڏو ٿيو ۽ ان جو ڪروڌ ”سروم دکم دکم“ سان ڀريل ھجي. جڏھن ھو ڌرتيءَ کي پنھنجي پيرن ھيٺان کسڪندو ڏسي، جڏھن ھو ساحلي اجگر شھر ۾ رھي ته سھي، پر ڪڏھن پاڻ کي ڪرد سمجھي ته ڪڏھن غزا جي پٽيءَ ۾ ڦاٿل فلسطيني نسل سمجھي ۽ ڪڏھن ريڊ انڊين سمجھي رڙيون ڪري ۽ محبوبائن کي ميسيج ڪري ته ”وطن ۾ بي وطن معشوق ۽ عاشق جو ملڻ ڪھڙو؟“ ھي ان نسل جو الميو آھي جنھن پنھنجي محبتن جو محور دنيا جي نظرن ۾ محدود، پر پنھنجي دل ۾ ڪشادو سمجھي سنڌ ۽ سنڌيت کي رکيو آھي، جيڪو ھوچي منھه جا ترجما ڪيل اھي ڪتاب پڙھي وڏو ٿيو ھجي، جن ۾ لکيل ھو ته ”تنھنجو علم تنھنجي قوم جي امانت آھي.“ ھو پنھنجي پيرن ھيٺان کسڪندڙ زمين ۽ سنڌيت جي وجود جو سوال ڪري ٿو ته کيس مافيائن جو ڊپ ڏيئي، ڪبوتر جيان خطري مھل اکيون ٻوٽي ڇڏڻ جي ھدايت ڪئي وڃي ٿي.
    گذريل آڪٽوبر ۾ لنڊن ۾ ڀارت سنڌيءَ سان ٿيل ملاقات مون کان شايد ڪڏھن به نه وسري، مناما کان ھيٿرو ايئرپورٽ تائين ٿڪائيندڙ فلائيٽ ۽ ايئرپورٽ تي سيڪورٽي پڇاڳاڇا کان پوءِ، جڏھن آئون اچي ڪمري ۾ ڪريس ته دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي ٿڪل آواز ۾ پڇيم، ”ڪير . . .؟“ ته پريان سنڌيءَ ۾ ھمراھ ڳالھايو، ”سائين ھتي ڪو سنڌ کان ڀائي مھمان ٿي آيو آھي ڇا؟“ لنڊن ۾ اوچتو اوپري ماڻھوءَ واتان سنڌي ٻڌي، ٽپ ڏئي اٿيس. دروازو کولي کيس ويھاريم، ڀارت سنڌيءَ ٻڌايو ته سندس والد ڪراچيءَ جو وڏو تاجر ھو. ورھاڱي کان اڳ سندن نجي پارو ھائوس شھر کي بجلي سپلاءِ ڪندو ھو. ورھاڱي وارن فسادن کان پوءِ سندس والد خاندان سميت آفريڪي ملڪ گھانا ھليو ويو، ڪاروبار ڪيائين، پر جڏھن آفريڪي ماڻھن ايشيائي ماڻھن خلاف واپار تي قبضي جي الزام ھيٺ تحريڪ ھلائي، ته ھو اتان ڀڄي اچي لنڊن پھتا، جتي ھو ننڍا وڏا ڪاروبار ڪن ٿا. 45سالن جي ڀارت سنڌيءڀڳل ٽٽل پر سٺي سنڌيءَ پئي ڳالھائي، ھن ڪڏھن سنڌ نه ڏٺي آھي، سنڌي اسڪول ۾ نه پڙھيو آھي، پر پنھنجي ماءُ جي واتان سنڌي ٻڌي سکيو آھي، کيس تڙپ ڏاڍي آھي، پنھنجي وطن جا وڻ ڏسڻ جي، پر ھو اچي نٿو سگھي ڇو ته ھڪ نسل کان پوءِ سندس پاڙون ڪٽيل آھن.
    خدا نه ڪري، جو اسان جي ايندڙ نسل جي گھڻائيءَ جو مستقبل ڀارت سنڌيءَ جھڙو بڻجي، پر اھا ھڪ حقيقت آھي ته سنڌ اندر ئي سنڌيت جو وجود خطري ۾ آھي. 25 لک پناھگيرن جي ڪراچيءَ ۾ موجودگي ته سرڪار پاڻ مڃي ٿي، سو سنڌين جيڪڏھن اک نه پٽي ۽ ڪبوتر واري ڪار جاري رکي ته اسان سنڌين جون به وڏن شھرن ۾ اقليتي برادريءَ واريون ايئن بسون ھلنديون، جيئن پارسين، ڪڇي ميمڻن ۽ خواجه جماعت جون گاڏيون ھلنديون رھن ٿيون.


    ڀوتارن جي ”شڪاري“ ھجڻ جي شاھدي ڏيندڙ ديوارون

    ان رات اسان محبتن جي نالي منسوب سنڌ جي سھڻي شھر ٽنڊي باگي ۾ سنڌ جي سخي ڏاتارن ۽ محبت ڪندڙن تي پئي ڳالھايو. ٽنڊي باگي ۾ ان رات اھڙيون ته مست ھوائون لڳيون ، جن ويجھن وڻن جون ٽاريون مستيءَ ۾ ٽلجندڙ محبوبن جي زلفن جيان، ڪڏھن ھڪ پاسي پئي ڪريون ته ڪڏھن ٻئي پاسي. اھا محفل توڙي جو محبت جي ذڪر سان سرشار ھئي، جنھن ۾ عثمان، نصرالله ۽ ٻين دوستن پنھنجي پنھنجي مطالعي ۽ مشاھدي جي آڌار تي پئي ڳالھايو ۽ ان ذڪر ۾ وڌيڪ مٺاڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، پر الائي ڇو منھنجي اداس من اندر ۾ اھڙي ته ڪڙاڻ لھندي پئي وئي، جھڙي ڪنھن سينگاريل سينڌ ۾ ڪھاڙي لھندي ھجي، مون ڪنھن دوست سان ذڪر ته نه ڪيو، پر منھنجو من اداس ھو. اھا رات به ڪاري ھئي ۽ گذري به وئي.
    اسان جو سفر ٽنڊي کان اڃا اڳتي لاءِ جاري ٿيو، اسان ڏيپلي کان ٿر ۾ داخل ٿيڻا ھئاسين، پر رستو جھڏي باءِ پاس وارو ورتوسين، جڏھن جھڏي باءِ پاس تي پھتاسين ته گندي پاڻي جو نالو ٽپي، جيڪو شايد پراڻ درياھ جو پراڻو وھڪرو ھو، اڃا اڳتي ٿياسين ته ھڪ ويران ۽ سنسان رستو ديوين سان ڍڪيل نظر آيو. اھو رستو ڏسندي ئي مونکي سکر ايئرپورٽ جي آسپاس وارا علائقا ياد اچي ويا، جتان آيل ھڪ خبر مونکي ڪيترين ئي راتين جا اوجاڳا ڏنا آھن، ڀوتارن کي ووٽن جون پيتيون ڀري ڏيندڙ خلق لاءِ ته اھا عام خبر آھي پر مون جھڙي ڪمزور ماڻھوءَ لاءِ اھا ڪا ھڪ خبر نه، پر اھو سنڌي سماج جي جاگيردانه اخلاقيات جو ھلندڙ تسلسل آھي، جيڪو اڃا تائين ھن دور ۾ به جاري آھي. اھا ڪيڏي نه اجرچ جي ڳالھه آھي، ته جڏھن باقي دنيا جا انسان مريخ تي زندگي تلاش ڪرڻ جي جستجو ۾ مصروف آھن، تڏھن گھر جون عورتون قتل ڪري ويران واھن ۽ جھنگ جي گھاٽن ٻوڙن ۾ اڇلائي جاگيردانه غيرت کي تسڪين ڏئي فرار ٿيون ٿا.
    ھاڻي ان ڳالھه جو مون کي ڪو اونو ناھي ته اھا ڪلثوم بي بي ھئي، شمشاد يا صغرى، پر اھا خوشي ھر برادريءَ کي آھي، ته اھا ضدي ۽ پيار جي ھوڏ تي قائم رھڻ واري ھئي، ڪنھن ”مڙس ماڻھوءَ“ کيس قتل ڪري قبيلي جي باقي عورتن لاءِ مثال قائم ڪري ڇڏيو ۽ ھاڻي ان قبيلي جون عورتون محبت کان وانجھيل زندگي گذارڻ کي ترجيح ڏينديون. ٿورو تصور ڪريو ته اسان ڪھڙي نه پٿر واري وحشي دور ۾ پيا گذاريون، جتي ان عورت کي گوليون ھڻي قتل ڪرڻ کان پوءِ ”غيرت جي رسم“ پوري ڪرڻ خاطر سندس نڪ، ڪن ۽ چوٽيون چاقون سان ڪٽيون ويون. سکر جا اخباري فوٽو گرافر ۽ سول اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ڪندڙ عملو اھو ٻڌائيندي ھراسجي وڃي ٿو، ته ان اڌڙوٽ اڻ سڃاتل عورت جي لاش تي پيل چولو لاھڻ کان پوءِ سندس وجود تي سگريٽن جا ڏنل ڏنڀ واضع ھئا. اھي ته ڪنھن اھڙي شخص ڏنا ھوندا، جيڪو انھن چاھتن جو چاره گر ھوندو.
    عجب رسم ھئي، چاره گرون ڪي محفل مين،
    لگا ڪي زخم، نمڪ سي مساج ڪرتي ھين!
    سفر منھنجو لاڙ کان ٿر طرف ھو، پر الڪو اتر کان لڳل ھو، اھا اڌڙوت عورت، جنھن جي شناخت لاءِ ٻن ڌرين جا ماڻھو پھتا، ته اسان جي ڌيءُ آھي، پر آئون سمجھان ٿو ته اھا نه گھمرن جي نياڻي ھئي، نه ڀٽين جي ھئي. اھا سنڌين جي به نه ھئي، پر اھو چچريل لاش تاريخ جي جاگيردانه جبر وارن ڏينھن ۾ ڄمندڙ ھر ان سنڌي عورت جو آھي، جنھن پنھنجي آزادي، پنھنجو وجود اتم ۽ عظيم رکيو آھي. ڪردن، عربن ۽ ترڪن جي ته مونکي خبر ناھي، پر منھنجو من سنڌو بئراج جي ٽياس تي ٽنگيل آھي، ڇو ته ان ۾ به اھا ڀوتارڪين رسمن جيان خون کائي وڃڻ جي عادت آھي. ورنه گڊو ۽ سکر کان ايتريون ته ڪاريون ان درياھ ۾ ڪرن ٿيون، جو ان جوپاڻي اسان کي ڪوٽڙي وٽ ڳاڙھو ملڻ کپي.
    ان ڏينھن ڏيپلي کان پوءِ جڏھن اسان مٺي پھتاسين ۽ مٺي به لتاڙي سانجھيءَ ٽاڻي جڏھن نئوڪوٽ جي ڀرسان عليم سومري جي ڳوٺ پھتاسين، تڏھن به اھو چچريل لاش منھنجي سوچن جو پيڇو ڪندو رھيو ۽ آئون بيوقوف جيان خالد ڪنڀار کان وٺي ادي پٺاڻيءَ تائين ھر ڪنھن ٿريءَ کان اھو پڇندو رھيس ته ھتي ڀلا ڪارو ڪاريءَ يا غيرت جي نالي تي ڪيتريون عورتون قتل ٿين ٿيون؟ ٿري ۽ لاڙي محبتي ماڻھو، سي ان ڳالھه تي ضرور حيران ٿيا، پر ميٺ محبت سان ٻڌايائون ته اھڙي ڪا بلا ھن پاسي اڃان پلجي جوان ڪونه ٿي آھي، جيڪا ازدھا بنجي عورتن جي ڳچي پڪڙي، ان جو رت چوسي کين ساڻو ڪري ڦٽو ڪري. اھو سفر جاري ھو ته منھنجي ھڪ پراڻي دوست جا بار بار فون آيا، اتفاق اھو ٿيو جو ٽنڊي باگي ٻاھران بلوچ قبيلي جي مالوند پر لاڏائو ماڻھن جو پڙاءُ ڏسي، آئون لھي پيس ۽ ڪئميرا مين منور ڀُٽي کي ان شام جي لھندڙ سج جي روشنيءَ ۾ سانجھيءَ ٽاڻي قبيلي کي رات ٽڪائڻ جي تيارين جي قلمبندي ڪرڻ لاءِ چيم. ان وقت مونکي اھو ننڍو زميندار دوست ياد آيو، جنھن جي ڪجھه سال اڳ اھڙي لاڏائو قبيلي جي ڇوڪري سان اک اڙجي ويئي ھئي، ھن کانئن سنڱ گھريو، موٽ ۾ ھنن پيسن جي جڏھن گھر ڪئي ، ته ھو اھو چئي ھٿ کڻي ويو، ته محبت پيسن تي خريد نه ڪبي آھي. ان ڳالھه کي زمانا گذري ويا، اھي لاڏائو لڏي ويا، پر اسان جي يار شادي وري سڄي عمر ڀر نه ڪئي.
    ان ڏينھن ٽنڊي باگي ڀرسان انھن لاڏائو قبيلن جي فلمبنديءَ دوران سندس ڪال آئي ۽ ھن ٻڌايو ته سندس ان پراڻي محبوبا کي قتل ڪيو ويو آھي، سندس خون لوڙھڻ کان بچائڻ ۾ سندس مدد ڪريان. ھن ٻڌايو ته ڇوڪريءَ جي ويڳي پيءُ ٽن ٻارن جي ماءُ کي باڊھ ڀرسان زمينن ۾ پڙاءَ دوران زھر ڏيڻ کان پوءِ گھٽا ڏيئي کيس قتل ڪري ڇڏيو آھي. ان مقتول ڇوڪريءَ جي ماءُ اسان جي دوست کي ٻڌايو ته ھو پاڻي ڀرائڻ بھاني کيس وٺي ويو. جھوپڙن کان پريان واھ ۾ ٽي ٻيا مرد لڪل ويٺا ھئا، جنکي ڏسي ھو سندن ارادا سمجھي وئي، جڏھن کيس گُھٽا ڏيڻ ۽ تشدد ڪرڻ لڳا ته ڇوڪريءَ ھمت ڪري کين چيو . . ”اجايو ايذاءَ نه ڏيو، ھڪڙي ڄڻي آھيان بندوق ھڻي جان ڇڏايو.“
    ڪنھن چيو ڪارو ڪاريءَ خلاف سنڌ اسيمبليءَ ۾ قانون سازي اڳواٽ ئي ٿيل آھي، پر وڌيڪ ضرورت پوي ته ھاڻي ڪافي سنجيده پڙھيل لکيل عورتون اسيمبلي فلور تي اچي ويون آھن. مون مرڪي چيو ته بيشڪ آيون آھن. سٺي ڳالھه به آھي، پر انھن کي اھي ئي اقتداري ڀوتار چونڊرائي آيا آھن، جنجي اڪثريت ذھنن ۾ انھن مقتول عورتن جا حسين چھرا ائين ٽنگيل آھن، جيئن سندن بنگلن ۾ شڪار ٿيل ھرڻين جون منڍيون ٽنگيل ھونديون آھن ۽ اھي ديوارون سندن وڏي شڪاري ھجڻ جون ھر وقت شاھدي ڏينديون رھنديون آھن. ائين ئي اقتداري وڏيرن جي ذھنن ۾ سندن گھرن ۾ ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ٿيل سمورين سئوٽن ۽ ماساتن جون منڍيون ٽنگيل آھن. قانون سازي ڪيتري به ٿي وڃي، پر اصل ڳالھه ته ان عمل جي آھي ته انھن تي عمل ڪيترو ٿئي ٿو. ڪارو ڪاريءَ خلاف قانونسازي ۽ عملي قانوني حرڪت ۾ جيڪڏھن وڏي وٿي نه ھجي ھا، ته روزانو سنڌ ۾ ٽن کان چار عورتون ان الزام ھيٺ قتل ٿين ھا ڇا؟ پر جيئن ته اسان ھڪ مھذب معاشري بدران ڀوتارڪي ۽ جاگيردانه سوچ جي متعارف ڪرايل اخلاقيات ھيٺ زندگيون پيا گذاريون، جتي اسان مردن کي ته ڇوٽ ڏنل آھي، پر عورت جي وھي ائين ويندي رھي ٿي.


    سوتليءَ ۾ ٻڌل ڪجھه ڪتاب!

    ان ڏينھن اڃان صبح واري چانھه مس ختم ڪئي ھئي، جو ھڪ اڻ سڃاتل نمبر تان ڪال آئي، ”سائين اسان نسيم نگر وٽ بيٺا آھيون، اوھان کي ڪتاب ڏيڻو آھي، ڪٿي اچون؟“ اھڙي حجت ۽ پنجھائپ سان آيل ڪال تي مون کي ڪا به بخيلي نه ٿي، بلڪه ڪنھن ڪتاب جي اچڻ جو ٻڌي اھڙي راحت ٿي، جھڙي ڪنھن دل گھرئي دوست جي دل اندر اچڻ وقت ٿيندي آھي. ھمراھ ٻڌايل ايڊريس تي اچي پھتا، پر ھمراھ ھڪ نه پر ھمراھن جو ٽولو ھو، خوش خير عافيت کان پوءِ ھنن جيڪوڪتاب منھنجي حوالي ڪيو ھاڻي ته اھوئي ياد رھجي ويو آھي. ھي سھڻي انداز ۾ ڇپايل ھڪ ڳوٺاڻي شاعر جو پھريون ڪتاب آھي، ڀلوڙ شاعر اشرف پلي جي ڪتاب جو عنوان آھي ”جوڀن پھريان ڏينھن“ اشرف پلي سان منھنجي ڪا روبرو ملاقات ته ناھي، پر سندس ڪتاب اندر پکڙيل شاعري پنھنجو تعارف پاڻ ڪرائي ٿي.
    ھڪ ھنڌ ھن لکيو آھي ته،
    يادگيريون ڇڏي چنگ چڙن جي پٺيان
    نيڻ ڇو ٿا وڃو، بي وڙن جي پٺيان
    جام جي شام ھئي، نانءُ ڪنھن ڀلا
    ڪير پياسا ستا مئڪدن جي پٺيان
    ھن ڪتاب ۾ اشرف پلي پنھنجو تعارف پاڻ ڪرائيندي ھيئن لکيو آھي ته، ”آئون بنيادي طور ڳوٺاڻو آھيان، ان ڪري ڳوٺاڻي فطرت منھنجي مزاجن تي پوري ريت ڇانيل رھي آھي. ڳوٺ جن ۾ ٽالھين جي وڏن وڻن تان پکي، ”لڪڙي جل بني ڪوئل“ جھڙيون سوڳ ڀريون لاتيون ٿا لنوَن. انھن ڳوٺن جي خاموش سانجھين ۾ مون پنھنجي شاعريءَ جا ڪردار ڳولي لڌا آھن.“ اشرف پليءَ جي ھڪڙي سٺي ڳالھه پڙھڻ لاءِ اھا ملي ته ھو شاعريءَ کي به عشق جيان اظھاري ٿو. جيئن عاشقن لاءِ عشق جي ڪا جسٽيفڪيشن ناھي ھوندي، ائين ئي اشرف چوي ٿو ته، ”مون وٽ شاعري لاءِ ڪا واضع جسٽيفڪيشن ناھي، آئون بس لکندو رھيو آھيان، بنا ساڳي جي ۽ بنا فُل اسٽاپ جي. ھڪ سؤ چوئيتاليھه صفحن تي مشتمل ڪتاب جو مھاڳ نامياري نقاد اڪبر لغاري لکيو آھي. اڪبر جو خيال آھي ته ”غزل جي شاعري ۾ داخليت کي وڏي اھميت آھي، جيڪا اشرف ڏاڍي خوبصورتيءَ سان نڀائي آھي. سندس شاعري پڙھندي ڪٿي به ائين نٿو لڳي ته ھن شاعري ڪرڻ جي ”ڪوشش“ ڪئي آھي. شاعري سندس اندر مان ائين اڇل کائي نڪتي آھي، جيئن برسات کان پوءِ صحرا ۾ حسن ڦٽي نڪرندو آھي.
    بي وڙي او ھوا! ھن کي چئجان وڃي
    حال ھيڻا اٿئي، تنھنجي رولاڪ جا
    اشرف پلي اڄوڪي بدلجندڙ قدرن واري سنڌ، جتي ڳوٺاڻو ھجڻ پنجابين جي پينڊو جھڙو طعنو بڻجندو پيو وڃي. ان دور ۾ ھن فخر سان پنھنجي ڪتاب لاءِ لکيو آھي ته ”ارپيم . . .سنڌ ۽ سنڌ جي ڳوٺن کي . . . “
    پاڻ گدري مثل، وقت ڪاتيءَجيان
    درد دل ۾ رھيو، گھر جي ڀاتيءَ جيان
    اشرف پلي اڄوڪي سنڌ ۾ پلجندڙ ان ٽھيءَ جو شاعر آھي، جنھن جي ڳوٺ مان ٽالھيون ۽ نمون ختم ٿينديون پيون وڃن ۽ جنھن کي شھري مزاج اپنائڻ ۾ اڃان وقت لڳندو. ھو ڪنڪريٽ جي ڍير ۾ بدلجي ويل شھرن کان دور پنھنجي روحل واءِ ۾ وسن ٿا ۽ محبتن کي ماڳ ڀني مئخاني جيان ياد ڪن ٿا.
    اسان جي اسان کي آ دعا اھا
    پرين تو پڄاڻان پٿر ٿي وڃون
    اشرف کي اڃان اڳتي سفر ڪرڻو آھي، ان ڪري کيس اھا ئي دعا تي شل ھو ”آدو ملاح“ ”ائڊريس“ ، ”تحرير“ ۽ ”حويلي“ جھڙا شاھڪار نظم سرجندو رھي ۽ ٻين شاعرن لاءِ اھا به دعا ته شل سڀني کي اڪبر پلي جھڙا ڀائر ملن. جنھن پنھنجي ڀاءُ اشرف پلي جو ڪتاب ڇپائي وڏي ڪاڄ جھڙي خوشي ملھائي. اڃان شاعري جي ھڳاءُ حاوي ھو ته ھڪ ئي ڪتاب ۾ سمايل ٻه ناوليٽ اچي پھتا. ھي ناوليٽ ڀيڻ شبانه سنڌيءَ لکيا آھن، جيڪي پڙھن وٽان آھن. ادي شبانه سنڌي ڪافي وقت کان ڪھاڻيون ۽ ناول لکندي پئي اچي، پر شايد پنھنجي گھريلو مصروفيات سبب ھوءَ ڪجھه سالن لاءِ ادبي دنيا مان غائب ٿي وئي ھئي. ھاڻي جڏھن سندس واپسي ٿي آھي ته ھوءَ اھي ئي موضوع کڻي موٽي آھي، جيڪي سندس آس پاس رھن ٿا. عورتن جي احساسن ۽ جذباتي رشتن کي ڀيڻ شبانه سنڌي سھڻي نموني چٽيو آھي. خاص ڪري ھن ڪتاب ۾ شامل سندس پھريون ناوليٽ پڙھڻ وٽان آھي، جنھن جي آخر ۾ ھوءَ لکي ٿي ته، ”ڪوملي جڏھن ڄائي ھئي ته ھن ماءُ جي اکين مان ڳوڙھا وھندي ڏٺا ھئا. نميءَ کي ماءُ جا چيل اھي لفظ ياد اچي ويا، نمي اھي ڳوڙھا تنھنجي ڄمڻ تي به وھيا ھئا، اھي ڳوڙھا منھنجي ڄمڻ تي منھنجي ماءُ جي اکين مان به وھيا ھوندا. اھي ڳوڙھا ڌيءَ ڄمڻ تي ھر ماءُ جي اکين مان وھندا آھن.
    ھڪ سؤ اٺاويھه صفحن تي مشتمل ھي ٻه ناوليٽ شبانه سنڌي پنھنجي چئن امڙين ھڪ پڦي ۽ ھڪ خالا سميت دنيا جي مڙني دکن عورتن جي نانءُ ڪيا آھن. ھي ڪتاب جيئن ايندا پئي ويا، سي مون ٽيبل تي ڦھليل ان سوتليءَ ۾ پئي رکيا، جنھن سوتليءَ ۾ سريلي شاعر امر اقبال پنھنجا ٻه ڪتاب ٻڌي ڪوريئر ڪيا ھئا. ھن پنھنجي شعري مجموعي جو نالو ئي پنھنجي نفي سان ڏنو آھي ته ”ڇا رکيو آھي امر اقبال ۾ . . .“ امر اقبال نظم، وائي، بيت ۽ ھائيڪا لکيا آھن پر ھن جا جذبا عزل ۾ وڌيڪ نکري اظھارجي اچن ٿا. امر ھر شاعر جيان مختلف ڪيفتن ۽ خيالن کي ڪيچ ڪيو آھي.
    اوچتو ننڊ مان جاڳي پيو ھان
    لڳي ٿو ڳوٺ جون کجيون ٿيون سڏن
    فليٽن جي وچ ۾ ڦاسي پيو ھان
    سويل اشرف پليءَ جي شاعري واري ذڪر وقت جيڪا ڳوٺاڻي ۽ شھري ڪيفيت ذڪر ھيٺ آئي، سا ڪيفت امر اقبال مٿين سٽن ۾ ڪجھه واضع ڪئي آھي. امر پيار جي احساس ۽ جديد رومانس جو شاعر آھي، جيڪو پنھنجي ٽھيءَ جا احساس ايمانداريءَ سان چٽيندي چوي ٿو،
    ڀري محفل ۾ وائڙو ڪري ڇڏيو مون کي
    ھن ڏٺو، اڻ ڏٺو ڪري ڇڏيو مون کي
    لوڪ سارو ڇو لاتعلق ٿيو آھي ؟
    ھڪڙي پياريءَ جو پنھنجو ڪري ڇڏيو مون کي
    امر اقبال جو چوڻ آھي ته، ”ھي ڪتاب لڳ ڀڳ ٻن ڏھاڪن تي ڦھلي منھنجي شاعراڻن احساسن ۽ ڪيفيتن جو مجموعو آھي، جيڪي اڳ ۾ شايع ٿيل شعري ڪتابن ”سمنڊ اڪيلو آھي“ ۽ ”اکين مان ٽميل نظم“ ۾ شامل نه ٿي سگھيا آھن. امر کجين جي ديس ۾ سچل جو پاڙيسري آھي، پنھنجي آس پاس ڦھليل ڪوڙ ڪُميت جي بازار کي ڏسي ھن سچل کي ئي سڏ ڪيو آھي ته:
    سچل! تنھنجو سچ ڪٿي آ؟
    ھاڻ ته ھر ڪنھن گام گھٽيءَ ۾
    ڪوڙ ٿو چمڪي ڪنھن سڪي جيان
    ھي درازن جي ڌرتي ۽
    گيڙو سج جا پويان پاڇا
    وحدت وارو ساز ٿو سڏڪي . . .
    امر کي سچ اھا سگھه ڏيندو ته ھو پنھنجي ھنن ۽ ٻين سمورين سٽن تي قائم رھندو، ڇو ته شاعري ھڪ مخصوص خيالي وھڪري ۾ سرجي ته وڃي ٿي، پر دنياداري ۽ تعلق داري جڏھن سامھون اچي ٿي ته پوءِ ڪجھه ماڻھن کي پنھنجي سٽن تان ھٿ کڻڻو پوي ٿو. جيئن ماضي ۾ انقلابي شاعريءَ سان ماحول کي گرمائيندڙ ۽ مڪارن کي شرمائيندڙ شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ھن شعر بابت مون ٻڌو آھي ته ھو ان کان لاتعلق بڻجي ويو آھي ۽ ڪٿي چيو اٿس ته مون اھڙي شاعري نه ڪئي آھي، جھڙي مير حسن آريسر انقلابي شاعريءَ جي چونڊ مجموعي ”ٿي تند وڙھي تلوارن سان“ ۾ ڏني آھي. ميرحسن پاران سسھيڙيل ان ڪتاب جي صفحي نمبر ھڪ سؤ پنج تي ڊاڪٽر آڪاش جو جيڪو نظم ڏنل آھي، تنھن جو عنوان آھي ”فاضل بنا راھوڪي“
    پروٽوڪول جي گاڏين ھوندي
    بلبلن ھوندي، ماڻھن ھوندي
    ٽھڪن ۽ جھونگارن ھوندي
    پوءِ به ڪيڏي سڃ لڳي ٿي
    راھوڪيءَ ۾ رُڃ لڳي ٿي
    مان روز ٿو ھڪڙو خواب ڏسان
    او فاضل! يار عذاب ڏسان
    ڄڻ ڪنھن تنھنجي ڪک مان نڪتل
    ماڻھوءَ توکي ماريو آھي
    شاعري جو ذڪر نڪتو آھي ته سنڌ جي سانوري، پر سريلي شاعر سعيد ميمڻ کي ڇو وسارجي، جيڪو اڄڪلھه بيمار ھوندي به شاعري سرجيندو رھي ٿو. سندس تازو ڪتاب دل دنبورو به منھنجي ٽيبل تي ڦھليل ڪتابن واري ان سوتليءَ اندر آھي. مون کي خبر آھي ته سعيد ايترو سمنڊ جي ويجھو نه رھيو آھي، پر ھن ڏاڍيون خوبصورت سٽون چيون آھن ته؛
    سعيد چمڪي ٿو سمنڊ جو سينو
    چنڊ ھن کي چمي رھيو آھي
    سعيد درياھي ماڻھو ۽ ڪھول ۾ رھندڙ تنھا شخص آھي، تڏھن ئي ته ھن جي شاعريءَ ۾ داخليت جو اثر وڌيڪ آھي
    زخم سارا سبي رھيو آھيان
    تون نه آھين به جي رھيو آھيان
    گھر جي پارت ھجئه او تنھائي
    مان سفر تي وڃي رھيو آھيان


    بلوچن جا پنڌ ۽ ننڌڻڪا ڀڳت!

    ان ڏينھن ھڪ ٽي وي ٽاڪ شو ۾ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير اختر مينگل لاھور اسٽوڊيو ۾ ويٺل ھڪ آمر جي حميايتيءَ کي فون تي چيو ته ”اھو پاڪستان توھان کي ۽ توھان جي جنرل پرويز مشرف کي مبارڪ ھجي، منھنجو ان ملڪ سان ڪو به تعلق ناھي، جنھن جي شھرن ۾ منھنجيون نياڻيون قتل ٿين ۽ نوجوانن جا لاش، جھنگلن جبلن اندر لاوارث حالت ۾ اڇليا وڃن.“ اختر مينگل پنھنجي ٽھيءَ جي انھن سياستدانن منجھان ھڪ آھي، جيڪو شائسته زبان ۾ پنھنجو موقف جرئتمنداڻي انداز ۾ رکندو آھي. ان ٽي وي ٽاڪ شو ۾ جنرل پرويز مشرف جي پارٽيءَ جو اڳواڻ بئريسٽر سيف موجود ھو. بئريسٽر ان جماعت جي نمائندگي ڪري رھيو ھو، جنھن جي سربراھ بلوچستان کي انگريزي محاوري ”پوائنٽ آف نو ريٽرن“ تي اچي پھچايو آھي. جنرل (ر) پرويز مشرف جيڪو فوجي سربراھ سان گڏ جڏھن صدر بڻجي ويٺو ته ھن کي اقتدار جو اھڙو نشو چڙھيو، جنھن ۾ ھن اصل ڌرتي ڌڻين جي ريتن رسمن ۽ اخلاقيات کي لتاڙيندڙ اھو اعلان ڪيو ھو ته، ”بلوچ سردار اڃان تائين شايد ستر واري ڏھاڪي ۾ پيا رھن، پر کين ياد رکڻ کپي ته انھن کي ائين مارينداسين، جو کين پتو ئي نه پوندو ته ڌڪ ڪٿان اچي لڳو.“
    اڳوڻي آمر جيڪو فوجي ورديءَ کي پنھنجي کل چوندو ھو، تنھن جي اھا کل ته چيف جسٽس جي بحاليءَ لاءِ ھليل تحريڪ دوران ڪارن ڪوٽن وارن وڪيلن لھرائي ڇڏي، پر بلوچستان ۾ ڪيل سندس ارھ زورائيءَ جو ڪيتو اڃان تائين سڀ ڌريون لوڙين پيون. اختر مينگل تمام گھڻي اعتماد ۽ حوش حواس ۾ ڳالھائي رھيو ھو، سندس ڳالھه تان مون کي ھاڻوڪي صوبائي وزير پير مظھر جي اھا وڊيو ڪلپ ياد اچي وئي، جيڪا اڇان به يوٽيوب تي موجود آھي ۽ ڪنھن اردو ٽي وي چئنل ترجمي سميت نشر به ڪئي ھئي، محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت کان پوءِ غم کان بي قابو ٿي وڊيو ڪلپ ۾ پير مظھر روئي رھيو آھي ۽ روئيندي روئيندي چوي ٿو ته ھو آزاد سنڌ جو شھري آھي. سندس اھڙي پاڪستان سان ڪوبه تعلق ناھي، جنھن اندر وفاق جي زنجير سمجھي ويندڙ اسان جي قائد کي شھيد ڪيو وڃي.
    پير مظھر جي اقتدار کان ٻاھر ھجڻ وارن ڏينھن ۾ ڪنھن سنڌي ٽي وي چئنل جي نمائندي کي ڏنل انٽرويو جي ھاڻي ڪا به حيثيث ناھي، ڇو ته پير مظھر ۽ سندس پارٽي اقتدار جي حصول خاطر وفاق جي ان ٽٽل زنجير جي جڪڙ ۾ ٻيھر اچي ويا آھن، جنھن فارمولي تحت لنڊن جي ھڪ بلوچ اڳواڻ اتان جي سنڌي چيٽرنگ ڪلاس کي طعنو ڏنو ھو ته، ”توھان سنڌي روئڻ مھل بلوچن سان ۽ کائڻ مھل پنجابين سان گڏ ھوندا آھيو.“ پير مظھر جي ان غمزده انٽرويو کان ته ھاڻي پاڻ انٽرويو ڏيندڙ به لاتعلقي جو اظھار ڪندو، پر اھا انھن سنڌي دوستن لاءِ مثالي گذارش آھي، جيڪي بلوچن جي جدوجھد کي سنڌ ۽ سنڌين جي حالتن سان اڪثر ڀيٽڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. اھو الميو به ايندڙ تاريخدانن کي لکڻو پوندو ته اقتدار جي ڏينھن ۾ ھڪ ٿي لائيٽر مان سگريٽ دکائيندڙ ذوالفقار علي ڀٽيءَ ۽ نواب اڪبر بگٽيءَ کي ڪيئن نه پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ غير فطري موت ڏنو. ھاڻي جڏھن آمريڪي ڪانگريس ۽ ريپلڪن پارٽي جي نمائندي ڊينا روبارڪر بلوچستان جي حق خود اراديت ۽ آزادي بابت قرار داد جمع ڪرائي آھي ته ھر طرف ھڪ قسم جي ھلچل مچي وئي آھي. ان قرار داد جمع ڪرائڻ کان صرف ھڪ ھفتو اڳ ساڳئي نمائندي روبارڪر بلوچستان تي ھڪ ٻڌڻي به سڏائي، جنھن تي پڻ پاڪستان طرفان ڳڻتيءَ جو اظھار ڪيو ويو ھو.
    جنھن وقت آمريڪي ڪانگريس ۾ اھا قرار داد جمع ٿي رھي ھئي، ان وقت ڪراچيءَ ۾ بي ايس او آزاد جي اڳوڻي وائس چيئرمين ثنا سنگت بلوچ جي ڀيڻ بک ھڙتال ڪيمپ تي نعرا ھڻي رھي ھئي ته لاپته بلوچ نوجوانن کي ظاھر ڪيو ۽ عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي. ثنا سنگت بلوچ ٻه ھزار اٺ ۾ مستونگ ضلعي جي ڪولپور واري علائقي مان لاپته بڻيو ۽ فيبروري ٻه ھزار ٻارنھن ۾ سندس تشدد ٿيل لاش مليو. ثنا سنگت جي ڀيڻ زرينه بلوچ چوي ٿي ته ھن جي جسم تي اٺاويھه گوليون لڳل ھيون، بلوچستان ۾ ھن وقت بااختيار صرف ۽ صرف اھي آھن، جن وٽ بندوق آھي ۽ انھن منجھان به اھي بندوقباز وڌيڪ بااختيار آھن، جن وٽ سرڪاري وردي به آھي، پر ھاڻي حالتون اڄ ايتريون ته خراب ٿي چڪيون آھن، جو بلوچستان جا اصل ڌڻي بڻيل آءِ جي ايف سي بلوچستان به چوي ٿو ته اسان وزيراعلى رئيساڻي جي صلاح مشوري سان ھلندا آھيون. بلوچستان ۾ بظاھر ته فوج موجود ناھي. پر پاڪستاني فوج جو ميجر جنرل عبيدالله، ايف سي جو آءِ جي بڻيل آھي. ھن جو چوڻ آھي ته کيس پنجاھ ھزار وارو لشڪر مليل آڳي ۽ بلوچ مزاحمت ڪندڙ ڪي وڌ ۾ وڌ ٻه ھزار ٿيندا ھن. نالا کڻي ٽي وي انٽرويو ۾ چيو ته برھمداغ بگٽي، حربيار مري ۽ ڊاڪٽر الھه نذر بلوچ انھن مسلح گروپن جي اڳواڻي ڪن ٿا، جن وٽ پرڏيھي ھٿيار ۽ پئسا به آھن. ھاڻي سوئيزرلينڊ ۾ سياسي پناھ وٺي رھندڙ برھمداغ بگٽيءَ ۽ حربيار مريءَ ھڪ ملاقات ڪري آزاديءَ جو چارٽر به تيار ڪيو آھي، پر گرائونڊ تي الھه نذر جو ڪردار سرڪار به مڃي ٿي. برھمداغ ڀلي ته سوئيزرلينڊ رھي، افغانستان يا ڪئناڊا ۾ پر ھن ڊيرا بگٽي ۽ سوئي وارن علائقن ۾ ھن جي رٽ اڃان به ھلي ٿي. ڪجھه وقت اڳ جڏھن آئون ڊيرا بگٽي نوابن جو گولين ۽ مارٽر گولن سان تباھ ٿيل گھر ڏسڻ ويو ھئس ته مون کي ھر طرف برھمداغ جا ماڻھو متحرڪ نظر آيا. بگٽي نوابن جي بنگلن جي قطارن اندر ڪنڊ ۾ برھمداغ جو زير زمين ڪمرو به ٺھيل ھو، جتي اسان سان گڏ ھليل سپاھين بيھي تصويرون ڪڍيون. بلوچستان جي اھڙي ئي ھڪ دوري تان واپس ايندي اچي ڏھرڪي ۾ دم پٽيو ھو. تڏھن سينئر ۽ کاھوڙي ڪامريڊ مانڌل شر کي فون ڪري ڪچھري ڪئي مانڌل شر پنھنجي علائقي مان گيس جي ذخيرن جي استعمال کان اڳ مقامي آباديءَ جي ترقي ۽ تعليم لاءِڪي شرط رکيا، جنھن تان کيس وڏي جدوجھد ڪرڻي پئي، کانئس پڇيم ته تر جي وڏيرن ۽ سردارن کي به گڏائين ھا ته شايد اڃان وڌيڪ ڪامياب ٿين ھا. ڪامريڊ کلندي ھڪ سردار جو قصو ٻڌايو ته ڪيئن نه ان کيس ڳالھين جي ميز تي آندو ۽ کيس دوستاڻي تنبيھه ۾ چيو ته، ”ڇو ٿو ھروڀرو اسان کي اڪبر بگٽي بنائڻ جي ڪوشش ڪرين، تون ڀلي ڪوشش ڪر، اسان ڪڏھن به نه ٿينداسين.“ سنڌي وڏيرن ۽ سردارن لاءِ نسلن کان اھا ڳالھه مشھور آھي ته ھو اقتدار خاطر پنھنجي قومي مفادن تان تمام آسانيءَ سان ھٿ کڻي وڃن ٿا. بلوچن ۽ بلوچستان جي تازو اڀري آيل معاملن تي بحثا بحثي وارن ڏينھن ۾ ھڪ اڻ ڄاتل نمبر تان ڪال آئي ۽ ھمراھ ھڪ ميار ڏئي فون بند ڪري ڇڏي ته ”ادا ٻيلي اسان ننڌڻڪا ڀڳت سنگھه آھيون، مڙئي پارت ھجئي.“
    آئون سنڌ جي اھڙن ڪارڪنن کي سواءِ ان جي ڇا چوان ته جيڪڏھن واقعي ڀڳت آھيو ته پوءِ پنھنجي ئي ماڻھن اندر ننڌڻڪا ڇو آھيو؟ پنھنجي روين، عملن ۽ طريقيڪار تي ٻيھر غور ڪريو، شايد ڪا شيءِ ڪٿان مسنگ ھجي. اسان جو نوجوان نسل ته فيس بڪ، ٽوئيٽر ۽ سوشل ميڊيا جي ٻين ٽولز کي ذاتي خوشين جي حصول لاءِ استعمال ڪري ٿو، پر ان ئي سوشل ميڊيا کي بلوچ نوجوانن جيترو پنھنجي قومي مفاد ۾ استعمال ڪيو آھي، سو ڏسڻ وٽان آھي. عام طور پٺتي پيل سمجھيا ويندڙ اھي بلوچ ھاڻي انٽرنيت جي دنيا جا اھي ماھر بڻيل آھن، جن آمريڪي پرڏيھي کاتي کان ٽوئيٽر تان بلوچستان بابت ڳڻتيءَ جا پيغام ھلرايا. آمريڪي ڪانگريس ۾ بلوچستان بابت قرار داد جمع ٿيڻ جو ھرگز اھو مطلب ناھي ته ڪو ھاڻي بلوچستان آزاد پيو ٿئي. پر اھا پاڪستان لاءِ ڳڻتي ۽ چڙ ڏيارڻ جھڙي ڳالھه ضرور آھي، ان قسم جي قرار دادن ۽ عالمي سماعتن کان پوءِ به جيڪڏھن اسٽيبلشمينٽ حواسن کان ڪم نه ورتو ۽ بلوچن جي چچريل لاشن ڏيڻ جو سلسلو بند نه ڪيو ته پوءِ لڳي ائين ٿو ته دنيا جو اڪيلو چڱو مڙس آمريڪا ھاڻي بلوچن جي مامري تي خاموش ڪونه ويھندو ۽ اھا ٽڪ ٽڪ پئي ھلندي.


    آواز عورتن جا

    دنيا جي انھن پنجويھه تمام طاقتور عورتن جي لسٽ ھڪ اھم عالمي رسالي تازو شايع ڪئي آھي، جنھن ۾ سنڌ سطح تي ڏاڍو ڳوليو پر شازيه مري کان وٺي سسئي پليجو تائين ڪنھن جو به نالو شامل نه ھو. دنيا جي طاقتور عورتن جي ان فھرست ۾ زندگيءَ جي مختلف شعبن ۽ مختلف کنڊن ۽ ملڪن منجھان اھڙين عورتن جي چونڊ ڪئي وئي آھي، جيڪي پنھنجي پنھنجي ڪردار سبب لاڳاپيل سماجن توڙي عالمي سطح تي اثرانداز ٿين ٿيون. ان فھرست سان ڪجھه ماڻھو اختلاف رکن ٿا ۽ ڪجھه ان کي مغربي پروپيگندا جو حصو سمجھن ٿا پر اھڙي فھرست جيئن ته پھريون ڀيرو مرتب ٿي آھي، سو ان ۾ ماڻھن جي دلچسپي به وڌندي پئي وڃي.
    دنيا جي 25 طاقتور ترين عورتن واري ان فھرست ۾ چين جي 66 سالن جي سياستدان ليويا ندونگ به شامل آھي، جيڪا چين جي حڪومت ڪندڙ ڪميونسٽ پارٽي جي 25 ميمبرن واري پولٽ بيورو جي اڪيلي عورت ميمبر آھي. کيس يونيورسٽي آف نيويارڪ مان اعزازي پي ايڇ ڊي ڊگري مليل آھي ۽ سندس سڃاڻپ ھو جنتائو جي ويجھو ھئڻ واري به آھي.
    طاقتور ترين عورتن جي ان فھرست ۾ مختلف شعبن مان اھڙيون عورتون شامل ڪيون ويون آھن، جن جا ڪردار ته اھميت جوڳا آھن پر انھن کي روزمره جي زندگيءَ ۾ عوامي سطح تي گھٽ سڃاتو وڃي ٿو. ان فھرست ۾ نيوزيلينڊ جي اڳوڻي وزيراعظم، 62 سالن جي ھيلن ڪلارڪ به شامل آھي، جيڪا ھاڻي اقوام متحده جي اداري يو اين ڊي پي جي سربراھ آھي. سندس ھٿ ۾ 5 بلين ڊالرز جي بجيٽ آھي، جيڪا ھو 177 ملڪن ۾ ڦھليل پنھنجي اٺ ھزار ملازمن جي مدد سان غربت جي خاتمي ۽ ماحوليات وغيره تي خرچ ڪري ٿي. ان فھرست ۾ نائيجيريا جي ناڻي واري وزير نگوزي اوڪونجو اويلا به شامل آھي. ھارورڊ جي تعليم يافته 57 سالن جي نگوزي کي تازو ڏکڻ آفريڪا لاءِ نائيجيريا ورلڊ بئنڪ جي سربراھيءَ لاءِ نامزد ڪيو ويو آھي.
    ڄاڻايل فھرست ۾ آفريڪي ملڪ گيمبيا جي اھا قانوندان فاطوبه شامل آھي، جيڪا انٽرنيشنل ڪرمنل ڪورٽ ۾ تازو ئي چيف پراسيڪوٽر مقرر ٿي آھي. اھا 51 سالن جي قانوندان فاطو نائيجيريا ۾ پڙھي آھي ۽ ھاڻي کيس نئين ذميواري ملي آھي. انصاف جي عالمي عدالت ۾ تازو جيڪي ڪيس ھلي رھيا آھن، انھن ملزمن جو تعلق به فاطه جي آفريڪي کنڊ سان آھي، جن ۾ سوڍان جو عمر حسن البشير، ”خدا جي مزاحمتي فوج“ نالي لشڪر جو سربراھ جوزف ڪوني، ۽ آئيوري ڪوسٽ واري لارينٽ جباجو جا ڪيس شامل آھن.
    عورتن واري ان فھرست مصر جي ڪنھن انقلابي اڳواڻي ڪندڙ عورت کي ته شامل نه ڪيو ويو آھي پر 61 سالن جي فائزه ابوالناغه جو نالو ضرور شامل ڪيو ويو آھي. فائزه اڳوڻي آمر حسني مبارڪ جي زال سان ويجھڙائپ سبب پرڏيھي مامرن ۾ اھم جاءِ والاري ويئي ۽ مصري سفارتڪاريءَ ۾ سندس وڏو نالو آھي. چون ٿا ته آمريڪا ۽ مصر وچ ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ ۾ فائزه جو وڏو ھٿ آھي، جنھن ”بلين دالرز ۾ ملندڙ آمريڪي امداد ڪيئن خرچ ڪجي؟“ واري مامري تي سختي ڏيکاري. مصر ۾ انقلاب جي ھڪ سال کان پوءَ جڏھن حسني مبارڪ به ھاڻي منظر تي ناھي، تڏھن به فائزه ھاڻوڪي فوجي حڪمران جي سفارتڪاريءَ ۾ اصل طاقت بڻيل آھي. قاھره جي مظاھرن ۾ حصو وٺندڙ سوين اين جي اوز ڪارڪنن جا ڪيس اڃا به سندس ھٿ ۾ آھن، جن ۾ گرفتار ٿيل 19 آمريڪي اين جي اوز ورڪر به شامل آھن. آمريڪين کي خدشو آھي ته فائزه جي سخت ڪردار سبب مصر کي ملندڙ 1.5 بلين ڊالرز واري آمريڪي امدا به رولڙي جو شڪار ٿي سگھي ٿي.
    ڄاڻايل فھرست ۾ اترڪوريا جي حڪمران گھراڻي جي 65 سالن جي عورت ڪم ڪيانگ به شامل آھي، جيڪا حڪمران جماعت جي پولٽ بيورو جي ميمبر آھي. اھا خاتون اترڪوريا جي باني ڪم ال سنگ جي ڌيءَ ۽ اڳوڻي حڪمران ڪمجونگ جي ڀيڻ ۽ موجوده حڪمران ڪم جونگ اين جي پڦي آھي. سندس ڪردار اترڪوريا ۾ ان ڪري به اھم آھي جو ھوءَ 40 سالن کان حڪمراني ڪندڙ سرڪل جو حصو رھي آھي.
    ڄاڻايل فھرست ۾ برطانيا جي ھوم سيڪريٽري ٿيريسامي جو به نالو شامل آھي، جنھن پنھنجي پارٽيءَ جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ھو ته، سندن ھارائڻ جا سبب اھي آھن جو ماڻھو سندن جماعت کي ”نيسٽي پارٽي“ سمجھن ٿا. ٿيريسامي 55 سالن جي اھڙي طاقتور خاتون آھي، جيڪا برطانيا جي چئن اھم آفيسن مان ھڪ جي مالڪ آھي. وزيراعظم، ماليات جي چانسلر، ۽ پرڏيھي سيڪريٽري سان گڏ برطانيا ۾ سندس آفيس اھم سمجھي وڃي ٿي. ائين ته ان فھرست ۾ فلسطيني جماعت پي ايل او جي سفارتڪار حنان اشراوي جو ۽ ڪوسوو جي صدر ايٽي فني جھجاجا جا نالا به شامل آھن پر فھرست مرتب ڪندڙن جي اک جو ڪمال ڏسو، جو ھنن ھو جنتائو کان پوءِ چين جي خاتون پينگ ليوان پاڻ به پيپلز ليبريشن آرمي ۾ ميجر جنرل جي عھدي تي آھي. سندس آواز تمام سريلو آھي. ھن چين جي فوج لاءِ ڪيترائي نغما ڳايا آھن، جن مان ھڪ ”اسان جو مستقبل اميدن جي ميدان ۾ آھي.“ چين جي فوج ۾ مقبول آھي. پينگ ليوان سماجي ڪمن ۾ حصي وٺڻ سبب پنھنجي سياستدان مڙس کان به وڌيڪ مقبول آھي. جنھنڪري صحت جي عالمي اداري ٽي بي ۽ ايڊز جھڙن مرضن بابت کيس خير سگالي سفير مقرر ڪيو آھي.
    اھي ته ٿيون دنيا جون طاقتور ترين عورتون – پاڻ پنھنجي سنڌ ۾ جيڪڏھن اھڙي ڪا فھرست ٺاھيون ته ڪير ڪير ان شامل ٿي سگھي ٿو؟ ماڻھو ته تازو مقرر ٿيل ۽ تڪرار جي ور چڙھيل شھناز پير مظھر ۽ وحيده شاه جا نالا وٺن ٿا پر حقيقي انداز ۾ ڏسجي ته فنڪشنل ليگ جي ماروي راشدي، پيپلز پارٽي جي سسئي پليجو ۽ سوٽا جي ڊاڪٽر عرفانه ملاح جا نالا ته آسانيءَ سان ان فھرست ۾ شامل ڪري سگھجن ٿا، جن مرداڻي سماج ۾ مرداڻي ماٺ اڳيان مزاحمت ڪئي ۽ پنھنجو ڪردار جوڙيو. ھاڻي موڪل تي ويل وي سي نذير مغل جھڙن ماڻھن کي عام نظرن ۾ بدعنوان سمجھيو وڃي ٿو، پر ماروي ۽ عرفانه کي اھڙي ھٺ ڌرمي وارن مردن کي چئلينج ڪندڙ ۽ کين ھارائيندڙ بھادر عورتون سمجھيو وڃي ٿو.


    لقاءُ

    تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ حياتيءَ جي ھيلوڪن لقائن کي ڇڏي ٿورو مڙي پٺتي نھاريان ٿو ته اڃايل مورن جھڙي رڙ نڪريو وڃي. ڇا ته سادي ۽ سڀاويڪ زندگي ھئي! جنھن ۾ ڪي جيب ڪترا ماڻھو دستانا پاتل دوستن جي روپ ۾ اڃا سامھون ڪونه آيا ھئا. جڏھن اسان گڏجي ويھي پيزا کائيندي به پٺ ۾ ڇري ھڻڻ واري زماني ساز ريتن کان اڻ واقف ھئاسين. جڏھن پنجين رپين جا پڪوڙا ۽ چانورن جي ماني کائي به اسان گلزار جي گيتن ۾ مست مگن رھندا ھئاسين.
    ان حَسين زماني کان حياتيءَ ھاڻي ته گھڻو پري ڪري ڇڏيو آھي، پر سنڌوڪناريءَ زيتونن جي باغن ۾ ويڙھيل عاقل جو اھو ڳوٺ اڃا به سڏي ٿو، جتي سنڌ جي ھڪ اڳوڻي پريميءَ جي قبر اڄ به اداسيءَ جو اھڃاڻ بڻيل آھي. ان ئي ڳوٺ جي ھڪ ڪچي گھر جي آڳر ۾ نمن ھيٺان رکيل کٽن تي ويھي اسان سياسي ۽ ادبي ڪچھريون ڪندا ھئاسين. ان ڪچي گھر جي ٻاھران تختيءَ تي نمايان اکرن ۾ ”فقير منزل“ لکيل ھوندو ھو. تنھنڪري ئي اسان پنھنجي پياري دوست قاسم ڪيھر کي فقير قاسم ڪري سڏيندا ھئاسين. قاسم ڪيھر جي ان زماني کان ادب ۽ آرٽ سان دلچسپي اعلى درجي واري رھي آھي. انھن ڏينھن جون يادگيريون ھڪ الڳ داستان جو حصو آھن، جنھن ۾ تمام بھترين ۽ ايوارڊ يافته انگريزي فلمون ڏسڻ به شامل آھي، جن جي چونڊ قاسم ڪيھر ۽ قدير شيخ ڪندا ھئا. انھن ئي ڏينھن ۾ قاسم جڏھن کان مون ھن ئي اخبار ڪاوش جي صفحن تي ناز نوتڪاڻيءَ جي ماءٌ جو فوٽو ڏٺو آھي، مونکي اھا فلم بار بار ياد اچي رھي آھي. ھالي ووڊ جي ان ناياب فلم جو نالو پڇان ھا ته ھڪ پل ۾ قاسم ڪيھر کي ايس ايم ايس ڪري پڇي به سگھان پيو پر دل چيو ان کي به لاپته رھڻ ڏجي. ان سا ڪو مطلب؟
    فلم ھڪ اھڙي انقلابي شاعر ۽ ڪارڪن جي باري ۾ آھي، جيڪو جيل ۾ آھي. جيل اندر سياسي قيدين واريون سھولتون حاصل ڪرڻ لاءِ ھو ساٿيءَ سان گڏجي بک ھڙتال ڪري ٿو. سا به مرڻ گھڙيءَ تائين. سندس ملاقات لاءِ ڪنھن به اڳواڻ يا ڪارڪن کي اجازت ناھي. خبر به ٻاھر دير سان ٿي وڃي پر ھن جي امڙ لاڳيتو نه رڳو سندس ملاقات تي ايندي رھي ٿي پر کيس يقين به ڏياريندي رھي ٿي ته ھوءَ ساڻس گڏ آھي. ان بک ھڙتالي قيديءَ جي پنھنجي ماءُ سان شايد سندس اھا آخري ملاقات ھجي ٿي. جڏھن ھو جيل جي سيخن اندران آڱريون ٽپائي ماءُ جي آڱرين کي ڇھي چوي ٿو: ”زندگيءَ جو ڪو پتو ناھي پر آئون تنھنجو ٿورو مڃڻ چاھيان ٿو، ڇو ته منھنجي سياسي نظرين سان متفق نه ھوندي به تون مون سان ھن ڏکي گھڙيءَ ۾ گڏ بيٺي رھينءَ. ٿينڪ يو موم . . “
    خبر ناھي گولاڙجيءَ مان گم ٿي ويل استاد اسماعيل عرف ناز نوتڪاڻي کي اھا مھلت ملي به سگھندي الاءِ نه، ته ھو پنھنجي ان ماءُ جا ٿورا مڃي، جيڪا سندس سياسي نظرين سان الاءِ متفق ھوندي الاءِ نه ھوندي. ساڻس گڏ بيٺل آھي. ڪاوش ۾ ناز نوتڪاڻيءَ جي ماءُ ج ڇپيل فوٽو ڏسي، مونکي لڳو پٽن کي تڪليفن ۾ ڏسي مائرون لڇي ڦٿڪي پون ٿيون. اھي ساڻن گڏ آھن پر اسين مڊل ڪلاسي دانشور اھڙين مائرن ۽ پٽن کان لاتعلق بڻجي لقاءُ ڏسي رھيا آھيون. اھڙو لقاءُ، اھڙو ڪينواس جيڪو آھستي آھستي سڄي سنڌ جي شھرن کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻيندو پيو وڃي. مصيبت اھا آھي ته سنڌ ۾ ته ڪا عاصما جھانگير جھڙي عورت ۽ آءِ اي رحمان جھڙو ڪو جھونو به ناھي، جنھن کي زندگيءَ سان ايترو پيار ھجي، جو سياسي نظرين جي بنياد تي باھ ۾ سڙندڙ پراون پٽن جو سيڪ انھن کي اچي ۽ اھي لڇي ڦٿڪي دانھن ڪن ته ڇا به ھجي کين قانوني مدد ته فراھم ڪريو. قانوني مدد جو حق ته کانئن نه کسيو. سنڌ جي نام نھاد پڙھيل لکيل ۽ مڊل ڪلاسي دانش جي زمين تي اڄڪلھه خوشامد ۽ چاپلوسي جو فصل پچي ايترو ته تيار ٿي چڪو آھي جو ذات خي خول کان ٻاھر نھارڻ ممنوع بڻجي ويو آھي.
    اھا ڳالھه به ڪا گھڻو پراڻي ناھي، جڏھن سنڌ جا ٻه ترقي پسند ۽ نوجوان دانشور ھڪ سرڪاري اداري جي سيٽ حاصل ڪرڻ تان ھڪ ٻئي سان ضد پيل ھئا، انھن مان ھڪ گھڻ پاڙھو دانشور ٻئي تي دھمان ڪندي چيو، ”اڙي ڄٽ جا پٽ! توکي خبر ئي ناھي ته فلاڻي ايجنسيءَ جو ميجر منھنجو دوست آھي، ائين کنڀجي ويندين، خبر ئي نه پوندئي.“ تڏھن اڳيون ھمراھ به ڪٿان مڙڻ وارو ھو. کيس وراڻيائين، ”گھورڙئي جا پٽ! تون به پنھنجو خيال ڪجانءِ، فلاڻو ڪرنل منھنجو دوست ئي نه، مائٽ به اٿئي.“
    سنڌ ۾ عجيب ماجرا آھي ته ھاڻي مسنگ يا لاپته ٿيڻ به ھڪ مھڻو ۽ ڌمڪي بڻجي پيو آھي. ان ڏينھن ھڪ سرگرم عورت کي ڪاڪي وزير فون ڪري ست سُريون ٻڌايون ۽ آخر ۾ اھا ڌمڪي ڏنائين ته، ”مائي ڏاڍو ٿي اڄڪلھه وات ھڻين. ڀلا مسنگ ٿيڻ جو شوق اٿئي ڇا؟“
    سنڌ جي آلوده بڻجي پيل دانش گھرن ۾ ڪنھن کي ڳڻتي ھجي يا نه پر سپريم ڪورٽ پاران لاپته ماڻھن بابت جوڙيل عدالتي ڪميشن کي ضرور آھي. جنھن جي سربراھ جسٽس (ر) جاويد اقبال پنھنجي رپورٽ ذريعي اسان جھڙن پاڻمرادو بڻجي ويل انڌن ٻوڙن ۽ گونگن کي آگاه ڪيو ته پاڪستان مان لاپته ماڻھن جو گھڻو تعداد بلوچستان نه پر سنڌ وارن جو آھي، جن کي ڪٿي ۽ ڪيئن رکيو ويو آھي، سو ھاڻي ڪو راز ناھي رھيو. جسٽس (ر) جاويد اقبال جي ان رپورٽ کان پوءِ ھڪ ماستر دانشور چيو: ادا ڇورا ڪم جو اھڙا ڪندا ته پوءِ ائين ته ٿيندن. ھن ڳالھه کي مذاق ۾ ٽاريندي چيو، ”ابا اھي پاڻ ئي ته فارسيءَ جو اھو شعر ٻڌائيندا آھن ته، اي سنڌ! تنھنجي عشق جي ڏوھ ۾ ڏس ھي مونکي ڪھن ٿا . ڪھڙو نه سھڻو لقاءُ آھي، تون به ڪوٺي تي چڙھي اچي ڏس!! . . . سو ابا اسان به پنھنجي ڇت تي چڙھي لقاءُ ڏسون پيا. سنڌ جي ھڪ پوري نسل تي اڄ امتحان جي آزمائشي گھڙي آيل آھي ۽ اسين وظيفي خور درٻارين جيان ان نسل جو سياسي نظرياتي اختلافن جي بنياد تي ذڪر ڪرڻ کان به ڪراھت محسوس ڪريون ٿا. اسان جي آسپاس روزانو ٿيندڙ ان لقاءُ کان اسان ايترو ته اکيون پوري ويٺل آھيون جو گھوٽڪي جي اھا خبر به اسان کي الجزيره وارا ٻڌائين ٿا ته ذاڪر بوزدار کي امتحاني سينٽر تان پرچو ڏيندي پڪڙي ويا.
    اھي ڇوڪرا جن جي جسمن تي سگريٽ اجھايا پيا وڃن سي جيئن تيئن ڪري پنھنجو وارو ته وڄائي ويندا پر اسين ھڪ خوشامدي طبقو ٿي رھجي وينداسين. اسين وظيفي خور ۽ تعريفن جون پُلون اڏيندڙ ھڪ وزير جي معاملي تي ھڪ سؤ نالن جي لسٽ سان وقت جي بادشاھ کي عرض ته لکي موڪليون ٿا پر سنڌ اندر جاري انساني حقن جي لتاڙ خلاف اسان نام ڪٺين مردن جي ديس ۾ اڪيلي مرد عاصما جھانگير جو انتظار ٿا ڪريون ته ھوءَ بيان جاري ڪري. اسين واقعي ھڪ رحم جوڳي حالت ۾ آھيون. صرف تماشو ۽ لقاءُ ڏسڻ جا عادي گوڏن نڪتل ملھه.
    جسٽس (ر) جاويد اقبال جي ڪميشن رپورٽ کان پوءِ ھڪ پرڏيھي صحافيءَ اسلام آباد ۾ مونکان پڇيو ته اھي ڪير آھن، جيڪي سنڌ مان لاپته ٿيندا ۽ مرندا رھن ٿا.
    مون ان انگريز صحافيءَ جي شفاف نيرين اکين ۾ نھاري ٿڌو ساھ ڀريو ۽ وراڻيو، ”اھو ھڪ بدنصيب واديءَ جو ننڌڻڪو نسل آھي، جيڪو پنھنجي عشق ھٿان ائين مجبور آھي، جيئن چنڊ لاءِ چڪور ۽ شمع لاءِ پروانا. جن جو سندن معاشرو به وارث ڪونه ٿو ٿئي پر ھو آھن، جو ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون پسو پرڏيھين جون ڪندا پيا وڃن.


    جن ساھ ڏئي ويساھ ڏنو!

    تُنھنجي خون ناحق کي ھاڻي پورا پنجٽيھه سال ٿي ويندا. مون ھڪ نسل جي عمر جيتري عرصي کان پوءِ به تنھنجي خون سان ڪو انصاف ٿيندي نظر ڪونه ٿو اچي. اھو انصاف ذاتي حوالي سان ڪونه ٿيندو آھي، ڇو ته نج سياسي ڪارڪنن جي خون جون قربانيون ڪنھن ذاتي جھيڙي واريون نه ھونديون آھن، جو قبائلي سردارن جو ڪو جرڳو ويھي خون بھا جا پئسا ڳڻي ڏئي. ان عرصي دوران پنھنجي ملڪ ۾ ھڪ نه، ٻه به نه، پر پوريون ٽي جمھوريتون بحال ٿيون، سي به پنھنجي سنڌي اڳواڻيءَ واريون جمھوريتون ۽ ھاڻي به جمھوري راڄ چئجي ٿو، پر اھو ٻلو تنھنجي خون جي الزام کان عدالتي ڪٽھڙي مان آجو بيٺل آھي، جنھن تو جھڙي ڪمزور کي گرفتار ڪري پڪڙڻ مھل ھلندڙ بس مان تنھنجي پويان ٽپو ڏنو ھو. تنھنجي خون کي پورا پنجٽيھه ورھيه گذريا، پر جنھن مقصد لاءِ تون جان ڏني، سا منزل يعني انقلاب ته ھن سينواريل سماج ۾ نه اچي سگھيو آھي، پر ھاڻوڪي نئين نسل ۾ ان جو تصور به ڌُنڌلو ٿيندو پيو وڃي.
    ھاڻي ڪي کاھوڙي تو جيان سائيڪلو اسٽائل پمفليٽ ڇپرائي ڪونه ٿا ورھائين، نه ئي ڪو نقلي پروفيسر دونھيدار ليڪچر پيو ڏئي، پر ھاڻي اھڙا ڪيئي کاھوڙي دانشور گڏ ٿي پنھنجي پنھنجي سول سوسائٽي جوڙي ويٺا آھن، جيڪي جمھوري سرڪار کان پنھنجي انقلابي ھئڻ ناتي رعايتون وٺندڙن جي قطار ۾ آھن ۽ وقت اچڻ مھل تنھنجي تصوير ائين اسٽيج تي رکن ٿا، جيئن شھر جا فيشني ڇوڪرا ڪامريڊ چي گويرا جي تصوير پنھنجي نئين ماڊل واري گاڏيءَ تي ھڻائي ھلن ٿا ۽ کين ان جي ڪارنامن جي ته ڇڏيو، نالي جي به خبر ناھي ھوندي ته چي گويرا آخر ڪير ھو ۽ ڪٿان جو ھو.
    انھن سالن دوران انقلاب جي نالي ۾ ڪھڙا تماشا ٿيا ۽ تنھنجي ساٿين مان ڪيترا داڻا ڪٿي، ڪيئن ۽ ڪيتري دام ۾ ڪريا، سا ڪھاڻي ٻئي ڀيري سھي، پر تنھنجي تصوير ھاڻي به ائين ميارون پئي موڪلي، جيئن انور پيرزاديءَ پنھنجي شاعري ۾ ڀٽائي کي ميارون موڪليون ھيون ته ”اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان . . . جنھن رات ۾ تو ٿي گيت لکيا، سا رات اڃا به جاري آ . . . “ سو ڪامريڊ سنڌ مٿان اھا رات اڃا به جاري آھي، جنھن رات جي اونداھيءَ ۾ تنھنجو لاش ڪراڇيءَ جي اسپتال ۾ لاوارث حالت ۾ پيل ھو، ائين ئي سنڌ اڃا تازو ئي پنھنجي لاپته بڻايل راجا ڏاھر جو لاش وصول ڪيو آھي . تنھنجي لاش کان ويندي ڏاھر جي لاش تائين سنڌ گھڻو ئي ڀوڳيو آھي، پر سنڌ کي اھا صُبح نصيب نه ٿي سگھي، جنھن لاءِ اسان جي نسلن اوجاڳا ڪٽيا ۽ رت ڏنائون. ڪنھن طعنو ڏنو ته زرعي سماجن ۾ انقلاب ايترو آساني سان نه ايندا آھن، اھو طعنو ٻُڌي مون کي تنھنجو چھرو ياد اچي ويو، جيڪو اسان جي نسل لاءِ انقلاب جي علامت بڻيل ھو، پر اھا به حقيقت آھي ته سنڌ جي اجتماعي بيحسي انھن ننڌڻڪن سياسي ورڪرن جي خون تي اڃا به ساڳي آھي، جيڪا پنجٽيھه ورھيه اڳ تنھنجي خون تي ھئي. ائين نه ھجي ھا ته سنڌ جو عاشق صادق عبدالواحد آريسر تنھنجي خون تي ” ھي لاش ڪنھن جو آھي“ جھڙيون رات ڏاڙيندڙ سٽون نه لکي ھا ۽ نه ئي ان جي آخر ۾ سنڌ جي عام ماڻھن کي ميار ڏئي ھا ته اوھان کي ڪراچيءَ جي اسپتال جي سردخاني ۾ پيل لاش وڏي واڪي ٻُڌائي رھيو آھي، اھو لاش، سنڌ جي ھڪ ڪميونيسٽ حريت پسند جو آھي، جنھن جو نالو نذير عباسي آھي. شايد! توھان سڃاڻندا نه ھجو ، ڇو ته توھان يا مير علي مراد کي سڃاڻندا آھيو يا ڇارلس نيپيئر کي. سنڌ جي اھا ئي ويجھي واري نظر ھاڻي به خراب آھي ، ھو پري کان پري ئي وڏي صاحب کي سڃاڻن ٿا ۽ وري وڏي رئيس کي. سنڌ جي اھڙي رويي کان تنگ ٿي، شيخ اياز ته چيو ھو ته، ”پنھنجا ڦٽ پراڻا ھئا يا ھي ويڄ اياڻا ھئا.“
    تنھنجي ورسيءَ جي مناسبت سان اھو آسانيءَ سان لکي پئي سگھيس ته تو ٽنڊوالھيار جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ ھڪ غريب پورھيت جان محمد عباسي جي گھر ۾ جنم ورتو ۽ پنھنجي شاگرديءَ واري خرچ ڀرڻ لاءِ ملز ۾ مزدوريون ڪيون ۽ مزدور ھاريءَ جي حڪمرانيءَ واري حق لاءِ جدوجھد ڪندي، پنھنجي جان ڏني . . . پر اھو سفر ايترو آسان ناھي، ڇو ته تنھنجي انقلابي شخصيت جي چاپ ھر انقلابيءَ جي من تي اڃا به ايتري تازي اڪريل آھي، جيتري ڪنھن محبوبا جي چپن تي پيار جي پھرين چُمي اڪريل ھوندي آھي.1980ع واري ڏھاڪي جي آخر ۾ 1990ع واري ڏھاڪي جا اھي شروعاتي سال جڏھن تنھنجي تصوير ھاسٽل جي سُلجھيل سياسي ڪارڪنن جي ديوارن تي نمايان ھوندي ھئي، تڏھن تنھنجو معصوم چھرو پاڻ ئي پاڻ انصاف، آزادي ۽ انقلاب جي گھُر ڪندو ھو. انھن ڏينھن ۾ يا ته نظير عباسي جي تصوير ھوندي ھئي يا وري چي گويرا جي، جيڪا ھاسٽل جي ديوارن تي لڳل ھوندي ھئي.
    منھنجي توسان ڪا روبرو ملاقات ٿيل ڪونه ھئي، نه ئي ڪو توھان جي پارٽيءَ جو ڪو پيڊ يا پڪو ورڪر ھئس، پر مون کي تنھنجي ذاتي ۽ سياسي شخصيت پرزن پرزن ۾ سالن سالن ۾ ملندي رھي ۽ آئون ان سنڌي ڪميونسٽ پارٽي جي تصوير ذرا ذرا ڪري ڳنڍيندو ۽ تصورن ۾ جوڙيندو رھيس، جنھن ھٿين خالي رات جي بگھڙن کي للڪاري وڌو ھو. جيڪو ڪنھن رئيس يا نواب جي اولاد ڪونه ھو، پر ھڪ عام سنڌي پورھيت جو پُٽ ھو، جنھن پنھنجي جوانيءَ جي جوش ۾ ڪميونسٽ نظريو اختيار ڪيو، ورنه سندس ساٿ ۾ اھي به يو پي سي پي جا انقلابي ھئا، جن پنھنجي انقلابي ھجڻ واري ڪوٽا تي پنھنجون اھي ڌيئرون ۽ پُٽ به ماسڪو تعليم لاءِ موڪليا، جن واپسيءَ تي ملڻ لاءِ ايندڙ ڪامريڊن کي پھرين وضاحت اھا پئي ڏني ته، ”ديکھيئي پھلي بات يه ڪه مين الحمدالله ماسڪو مين رھ ڪر ڀي مسلمان ھون اور پانج وقتي ھون . . . اڀي آگي بات ڪرين . . . “
    مون کي ته ھاڻي تائين خبر ناھي ته تنھنجي نياڻي ڪٿي پڙھي ۽ ڪيئن وڏي ٿي، پر ان جي شادي جي دعوت ۾ آئون ضرور ويو ھئس. جيڪا تنھنجي عاشق ڪامريڊ غلام رسول سھتي سندس مان ۾ رچائي ھئي، مون کي تنھنجيون ڳالھيون ان ڪامريڊ شبير شر به جام ٻُڌايون، جيڪو شايد ان ڏينھن توسان گڏ ڪراچيءَ ۾ سائيڪلو اسٽائل پمفليٽ پيو تيار ڪري، جنھن ڏينھن رھزن ٽولو توکي کنڀڻ آيو ھو . . . اسان جي نسل تنھنجي يادکي ائين سانڍيو جيئن اياز چيو ته،
    ”مون ويندي تن جا پير ڏٺا مون ڇا ڇا مڙس مٿير ڏٺا . . .
    اھو به ھڪ دور ھيو، جنھن ۾
    ڇا نعرا ھئا، ڇا نينھن ھئا،
    ھو مڙس ھئا يا شينھن ھئا،
    ڪي ڏونگر ڏيل ڏڪائي ويا
    گجگوڙ ڪري گرمائي ويا . . . “
    تنھنجي ساٿين کي متان اھا مٺيان لڳي ته آئون بار بار توکي سنڌي پيو لکان، ڇو ته ان وقت جي مروج سياسي ريتن موجب اوھان جي راھ ”ميرا ڪوئي ديس نھين ميرا ديس جھان . . .“ پر يار مون ملتان کان مانسره ۽ مانجھند کان مانچسٽر لنڊن تائين گھڻو جھان سفر ۾ گذاريو آھي. مون کي نذير عباسي جيڪڏھن دنيا جي ڪنھن ڪنڊ ۾ نظر آيو آھي ته اھا ڪنڊ ڪنھن نه ڪنھن سنڌيءَ جي دل واري ڪنڊ آھي. تنھنجا آدرش تنھنجا نظريا ڀلي ته ڪھڙا به ھجن، پر اھي بدبودار سينواريل سماج کي بدلائڻ جا خواب ھئا. ھن اسٽيٽسڪوکي جيئن جو تيئن رکڻ وارا جتن ڪونه ھئا. تنھنجي راھ اڃا تائين ڌُنڌلي ڪونه ٿي آھي، جيئن شيخ اياز جو ”وڄون وسڻ آيون“ وارو ڪتاب سنڌ جي جوانيءَ ۾ ممنوع يا فرسوده ڪونه ٿيو آھي.
    ھاڻي ته سنڌ ۾ اھو ماحول ناھي رھيو، جڏھن بيدل مسرور جو ميوزڪ بينڊ ھر ھنڌ ڳائيندو ھو ته ”ڳاءِ انقلاب ڳاءِ“ پر ھاڻي خود بيدل مسرور انقلاب کان وڌيڪ انھن جنن ڀوتن جي پويان ڊوڙندي ملي ٿو، جيڪي سندس سچل واري گھر مان وقت بوقت غائب ٿيندا رھن ٿا. اھڙي ماحول ۾ سنڌ جو ڀوتارڪو نظام اڃا وڌيڪ مضبوط ٿيو آھي. ھاري ۽ مزدور ھاڻي انقلابي ھر اول دستو نه، پر ڀوتار جا ڪمدار بڻيل آھن. اھڙي گگھه اونداھ ۾ وري به تو جھڙا ڪي چريا سنڌ پيدا ڪندي رھي ٿي. جيڪي ديس ۾ ڦھليل دھشت ۽ منافقت کان پري گذاريندي ڪويلين کي وطن واسين لاءِ سنديس ڏين ٿا ته
    ”وڃو ڪويليو وڃو
    وڃي پرين کي چئو
    اڃان پيو جيئان . . .
    ڪڏھن اڦٽ مران ته پوءِ ٻه چار لڙڪ ھارجو . . .
    ڪڏھن ڪڏھن ته سارجو ته ڪير ماڳ ۾ مُئو . . .“


    طبقو تبديل ڪرڻ وارو خفت!

    اھا نئين سال جي آجيان واري ھڪ عجيب رات ھئي، جڏھن اسان لاڙڪاڻي جي ھڪ لوئر مڊل ڪلاس محلي جي زير تعمير گھر جي ھڪ ڪمري ۾ گڏ ٿيا ھئاسين. مختلف شعبن سان اسان لاڳاپيل ڇھه دوست اھڙي ڪمري ۾ گڏ ٿيا ھئاسين، جتي بجلي به ڪونه ھئي ۽ ٻھراڙي جي اوطاق جيان اسان شھري ڪمري جي وچ ۾ باھ جو مچ ٻاري ھٿ سيڪڻ لڳاسين. ان محفل ۾ اڪثريت اھڙن دوستن جي ھئي جيڪي پنھنجي پنھنجي زندگين ۾ ناولن جا نه رڳو ڪردار ھئا، پر مڪمل ناول ھئا.
    جڏھن باھ جي دونھينءَ ۽ سيءَ کان آجا ٿياسين ته سڀني پنھنجا پنھنجا گلاس سنڀاليا. اسان جي ھڪ پراڻي ليکڪ دوست سگريٽ ٺاھڻ شروع ڪيا ته بحث ادب ۽ سياست کان نڪري وڃي گاڏين جي ماڊلن، گھرن جي تعمير ۽ ڏاڏي پوٽن زالن مان بيزار ٿيڻ وارن موضوعن تي پھتو. ”الله جو شڪر آھي . . .گھر ۾ ھر گنج پيو آھي پر مون واري مائي ڦري ڦري تريل بٽاٽا ۽ چانورن جي ماني پچايو بيٺي آھي، ڪجي ته ڇا ڪجي!“ ان صحافي دوست چيو جيڪو شروع ۾ ڪنھن ننڍڙي شھر ۾ درزڪو ڪم سکندو ھو. بعد ۾ ھنن مڱ ڦريون ۽ ڪيڪ پيسٽريون به ھڪ گھورڙيو ٿي وڪڻيون، پر ھاڻي ھن پنھنجو حلقو تبديل ڪري ورتو آھي. لاڙڪاڻي شھر ۾ گھر نما بنگلي جي تعمير ۽ ننڍڙي گاڏيءَ کي ھو پنھنجي زندگيءَ جي وڏي حاصلات سمجھي ٿو. ان رات ھن وڏي بيزارگيءَ مان سڀني دوستن کان صلاح پڇي ته ھن کي ٻي شادي ڪرڻ کپي يا نه؟ ان صلاح سان گڏ ھن ھڪ رومانٽڪ منظر پيش ڪندي چيو ته، ”مون کي ھاڻي ھونئن ته ڪنھن شيءِ جي ڪمي ناھي پر قرب جي ڪمي ضرور آھي.“ سگريٽ جو وڏو ڪش ھڻڻ کان پوءِ دونھون، پنھنجي نڪ ذريعي چپن تي بيٺل گھاٽن شھپرن ۾ ڇڏيندي ھن ڪجھه تفصيل ٻڌايا، ”منھنجي دل ھميشه چوندي آھي ته رات جو، يا ڏينھن جو جڏھن به مان گھر ۾ داخل ٿيان ته منھنجي گھر واري منھنجي لاءِ دروازو کولي، ھٿ ۾ گل ھجيس يا مان کيس ڏيان ته اڃان ڀلو پر اسان جي زالن ۾ اھڙو افعال ڪونھي.“ ھن آخر ۾ ڳالھه گڏائي پنھنجو نج ذاتي مسئلو اسان سڀني جو اجتماعي مسئلو ڪري پيش ڪيو.
    ان محفل ۾ ھڪ کرو ۽ بيباڪ ليکڪ به ويٺل ھو، جنھن جي لکيل ناولن ۽ ڊرامن جي ھاڪ سڄي سنڌ ۾ ڦھليل ھئي، جو جيئن لکڻ ۾ تيز ھو، تيئن ھو ڳالھائڻ ۾ تکو ھو. ان پنھنجي ڪاميابيءَ جو راز گھڻو ڪم ڪرڻ ٻڌايو ھو. باھ جي شعلن تي ان اونداھي رات ۾ ٻرندڙ سندس وڏيون اکيون مون کي اڄ به ياد آھن. ھن پنھنجي ڪھاڻي ائين ٻڌائي ته ”ھن ئي شھر ۾ اسان کي لنچ ڪرڻ ته ڇڏيو، گڏجي چانھه پيئڻ جيترا پئسا به ڪونه ھوندا ھئا، اڄ الله مالڪ آھي گاڏي آھي، پنھنجي ڊبل اسٽوري جڳھه آھي، اڃان جستجو جاري آھي.“ ان دوست پنھنجو طبقو تبديل ٿيڻ جي ڪھاڻي سان گڏ اھو به ٻڌايو ته ڪيئن نه ھن سرڪاري ملازمت سان گڏ گاڏين ۽ جڳھين جي خريد و فروخت جو ڪم به شروع ڪيو آھي. بچيل وقت ۾ ھو لائيف انشورنس ڪمپني جون پاليسيون وڪڻي به پئسا ڪمائي ٿو.
    طبقو تبديل ڪرڻ واري ڪھاڻيءَ ۾ صرف اھي ٻه ڪردار ئي ڪافي ناھن، ان ڪھاڻيءَ ۾ ڪامريڊ کي ڪيئن وسارجي، جنھن جي ڪل لاڳت جلوس ڪڍڻ، تقريرون ڪرڻ ۽ آفيسن جا گھيراءُ ڪرڻ آھي. ٻارنھن سالن جي مختصر عرصي ۾ ھن ٻڌايو ته ھن جا پير پٽ کان پلنگ تي، پيادل کان ايڪس ايل آئي گاڏيءَ ۾ اچي ويا آھن.
    گاڏي ته ھاڻي ان ”ميڊيم“ جي به لگزري ٿي ويئي آھي، جنھن کي نوڪري ڪرڻ ۽ بيوٽي پارلر کولڻ کان پھرين مڙس مار ڪڍي طلاق ڏئي ڇڏي ھئي، جنھن شخص سان ھن ٻي شادي ڪئي، ان کي ھو لائيف پارٽنر کان وڌيڪ بزنس پارٽنر سڏيندي آئي آھي. لاڙڪاڻي جھڙي ننڍڙي شھر ۾ ھن جو بيوٽي پارلر ائين ھلي رھيو آھي،جيئن سيزن ۾ سنڌڙي انب ھلي پون. پر طبقو تبديل ٿيڻ کان پوءِ ھن کي ھڪ تبديلي پنھنجي ذھن ۾ به محسوس ٿي آھي. ھوءَ فيس بُڪ ته اڃان استعمال نٿي ڪري، پر پنھنجي ھڪ پراڻي فون فرينڊ کي ٻڌايائين ته”يار خدا جو ڏنو سڀ ڪجھه آھي پر ان جي باوجود ھڪ رات به سڪون جي ننڊ نه آئي آھي. دل چوي ٿي ته ٻه ٽي ڏينھن لاڳيتي ننڊ ڪريان.“ اھا اٺ سال اڳ جي ڪيل ڪچھري ھئي ۽ ھاڻي جڏھن ان ميڊيم جي ان فون فرينڊ کان حال احوال ورتو ته ھن افسوس سان چيو ته، ”يار ھوءَ ته گذاري وئي.“
    ”سو ڪيئن؟“ منھنجي فطري سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته روزانو ننڊ جون گوريون ته ھوءَ وٺندي ھئي، پر ان رات گورين کان پوءِ به جڏھن کيس ننڊ نه آئي ته ھن حد کان وڌيڪ ٻڪ گوريون ورتيون ۽ گذاري ويئي. ان خاتون جي موت جو افسوس مون کي ان ڪري ٿيو، جو طبقو تبديل ڪرڻ واري ھڻ وٺ ۾ اھو ليکڪ دوست به ھارائي ويٺو ھو، جنھن جو ڀاڪر ڪميونسٽن جھڙو ۽ مرڪڻ سنڌي قومپرستن جھڙو ھوندو ھو.
    ان ليکڪ دوست جي تڏي تي ويٺي ٻيا ته سندس اولاد سان تعزيت لاءِ ھٿ کڻي رھيا ھئا، پر آئون اھو سوچي رھيو ھئس ته اسان جي سنڌي سماج ۾ ماڻھو ايمانداري سان ڪيڏي به محنت ڪري پر ان جو گھر سچل ڳوٺ کان ڪلفٽن يا ڊفينس ۾ شفٽ نٿو ٿئي سگھي. اسان موٽر سائيڪل تان لھي مھراڻ ۽ الٽو گاڏي ۾ ڀلي اچي وڃون، پر وڏيون گاڏيون، وڏا بنگلا ۽ وڏيون محفلون اسان اڄ به افورڊ نٿا ڪري سگھون. پوءِ ڪھڙي تڪڙ آھي پنھنجي حياتي جا پل بلڊپريشر ، ٽينشن، يا وري ھاءِ بلڊ پريشر جي ور چاڙھڻ جي؟ ان دوست کي ٽي راتيون مسلسل جاڳڻ، ٽي ڏينھن لاڳيتون گاڏين جي خريد وفروخت ڪرڻ وارن خفن سبب يا گھڻا سگريٽ پيئڻ سبب اوچتو ساھ جي تڪليف ٿي. اڌ رات جو سندس سچل ڳوٺ جھڙي محلي ۾ ڪا به اسپتال کليل نه ھئي. ھن کي اسپتال نيو پئي ويو ته ھن دم ڌڻي حوالي ڪيو. اسان جھڙن بند ۽ غلام سماجن ۾ پڙھيل لکيل محنتي ماڻھن جا صرف ڏکين کان سکيا ڏينھن تبديل ٿي سگھن ٿا، پر طبقا شايد ڪڏھن به نه، ڇو ته طبقو تبديل صرف ڀوتارن ۽ انھن جي واٺن جو ئي عوامي پئسن تي ھنيل راتاھن کان پوءِ ٿيندو.


    من ڀوتار

    ان ڏينھن اسان ڪراچي جي سدا مصروف شاھراھ فيصل کي اڌ ۾ ڇڏي گلستان جوھر ڏانھن لڙي پياسين، جتي اسان کي ھڪ دوست سان ملي واپس ٿيڻو ھو. ڪراچيءَ جي اھا شام ھلڪي جھڙ ڦڙ واري ھئي پر ڪراچيءَ جي ھوا پوءِ به خماريندڙ ھئي. جوھر جي ان روڊ ڪناري، جتي ھاڻي دادو، ميھڙ، ڪنڌڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي جا ڇوڪرا چنگجيون به ھلائين ٿا، ان ئي روڊ جي پاسي ۾ ھڪ باربي ڪيو ٽائپ ھوٽل جي ڀرسان وڃي بيٺاسين. آرڊر ۾ ھميشه جيان ھن ڌاڳا ڪباب چئي منھنجي منھن تي مرڪ آڻي ڇڏي، ڇو ته آئون کيس ھميشه چيڙائيندو رھندو آھيان ته اھي ڌاڳا ڪباب به سندس حسن ۽ زندگيءَ جيان منجھائيندڙ آھن. باربي ڪيو آرڊر ڪرڻ کان پوءِ اسان ٽنھي ڄڻن جڏھن گفتگو شروع ڪئي ته اھو ڄڻ ته ادب، سياست ۽ صحافت جو سلاد ٺھي پيو، ڇو ته جنھن دوست سان ملڻ وياسين. ان جو تعلق ادب سان، خاتون جو تعلق سياست ۽ منھنجو صحافت سان ھو.
    ڳالھه ڦرندي گھرندي جڏھن سنڌ ۾ ادارن جي اڻاٺ تي اچي پھتي ته مون کين ٻڌايو ته سنڌي سماج ۾ ڳوٺ، ڳوٺ جو وڏيرو يا ڀوتار وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ اسان چاھيون يا نه چاھيون پر پوءِ به ڳوٺ وارو ڀوتار اسان جو ھميشه رول ماڊل رھي ٿو. اسين پڙھي لکي شھرن ۾ شفٽ ٿي پنھنجا ٻار ڀلي انگلش ميڊيم اسڪولن ۾ پڙھايون پر اسان جي ھٿ ۾ جڏھن به ڪي اختيار اچن ٿا ته اسان جي اندر ۾ ويٺل ڀوتار جاڳي پوي ٿو ۽ اسان ادارن ٺاھڻ بدران پنھنجا نوازي، شخصيت پسندي کي فروغ ڏيون ٿا. ان ڳالھه ٻولھه دوران باربي ڪيو اچي ويو ۽ ھن ڌاڳا ڪباب جا ڌاڳا الڳ ڪندي گرم نانءَ جي ٽڪري ۾ ڪجھه ڪباب ويڙھي چٽڻيءَ ۾ ٻوڙي ماءُ جيان گرھ مون ڏانھن وڌايو، ڇو ته منھنجا ھٿ به ڪولڊ ڊرنڪس ۾ قابو ھئا. ھن کلندي پوئين سيٽ تي ويٺل منھنجي اديب دوست کي چيو، ”ڀوتار جا اصل متاثرين ته اسان آھيون، پارٽيءَ ۾ اڳتي ڪونه پيا وڌڻ ڏين ۽ اڌ ڀوتار ته ھي صحافي به ٿي پيا آھن، جيڪي بليڪ ميلنگ کان سواءِ اسان جي ڪا خبر ڪونه ٿا ھلائين.“
    گلستان جوھر ۾ ان وقت ھڪ لساني تنظيم جو وڏو جلوس روايتي نعرن ۽ شور شرابي سان گذريو، جنھن ۾ منھنجي لاءِ نئين ڳالھه اھي جديد ھٿيار ھئا، جيڪي سندن گاڏين ۾ اڳواڻي ڪندڙ ھمراھ نمائشي طور ھٿن ۾ کڻي بيٺل ھئا.
    ”ھنن ته سڀ حدون ڪراس ڪري ڇڏيون آھن.“ ان سياستدان خاتون چيو، جنھن جي موٽ ۾ سٺو بحث به ڇڙي پيو پر مون ان ۾ صرف ايترو واڌارو ڪيو ته، ڇا به ھجي، سوين ھزارين اختلافن جي باوجود ھنن ھڪ نظام پنھنجي پارٽي اندر رائج ڪيو ۽ نوان ادارا جوڙيا آھن. مون کي خبر نه ھئي ته ٻه سال اڳ ڪراچيءَ ۾ روڊ ڪناري بيٺل گاڏيءَ ۾ باربي ڪيو دوران ڪيل اھو بحث ھاڻي حيدرآباد ۾ عملي طور منھنجي سامھون ايندو.
    ان ڏينھن قاسم آباد ۾ ھڪ قومپرست ڪارڪن جي مرتئي تي وياسين، جنازي نماز کان پوءِ جڏھن ميت کي قبرستان ڏانھن کڻي وڃڻ جو مامرو آيو ته ان ئي لساني تنظيم جي سماجي خدمت واري شعبيءَ جي ميت بس کي گھرائڻو پيو، حالانڪه پنھنجي جيئريءَ حياتيءَ ۾ اسان جو اھو سياسي ڪارڪن دوست ان لساني تنظيم کي سنڌ دشمن ۽ ڌرتي دشمن سمجھندو ھو پر ادارن جي اڻاٺ ۽ شھري ڪلچر نه اپنائڻ سبب ان ڪارڪن جي ميت کي ان ئي ميت بس ۾ کنيو ويو، جيڪا لطيف آباد کان آيل ھئي.
    قاسم آباد سڄي سنڌ ۾ سنڌين جو ھڪ شھري علائقو تصور ڪيو وڃي ٿو، جتي بلڊر توھان کي سنڌ جي دبئي جا آسرا ڏيئي پئسا سيڙپ ڪرڻ لاءِ روز روز چوندا. جتي گھڻ ماڙ عمارتون ڏسي لڳندو ته سنڌي مڊل ڪلاس اڀري اچي ڪراچي ۽ لاھور جي مڊل ڪلاس سان ڪلھو ملايو آھي پر ان ڀري قاسم آباد ۾ ڪنھن سنڌيءَ جو لاش کڻڻ لاءِ اسان جي پنھنجي ڪا ھڪڙي ميت بس سروس به ناھي، ڇو ته اسان انھن ڪمن جي اھميت کي سمجھڻ لاءِ تيار ناھيون، ڇو ته اسان سڀ پنھنجي پنھنجي اندر ۾ ھڪ ننڍڙو ڀوتار وسايو ويٺا آھيون ۽ ڀوتارن جي ترجيح ادارا ٺاھڻ نه پر تباھ ڪرڻ ھوندو آھي. ادارا شھري ڪلچر وارا ماڻھو ٺاھيندا آھن، ڀوتار ته اوطاقون، بيٺڪون ۽ فقيرن لاءِ اوتارا ٺھرائيندا آھن، اھي ادارا ڪيئن ٺاھيندا؟ ان قسم جو خيال مون کي تڏھن به آيو ھو، جڏھن سنڌ جي ارڏي پٽ بشير خان قريشي جي ميت کي مون ھڪ مذھبي ۽ سياسي تنظيم جي ايمبولينس ۾ پيل ڏٺو ھو. انھن تنظيمن ۽ فردن سان اسانکي نظرياتي ۽ سياسي ھڪ ھزار اختلاف ھجن پر ڇا اسان پنھنجي سماج ۾ اھڙو سسٽم، اھڙا ڪي ادارا ٺاھي سگھيا آھيون؟ ڇا ھڪ ميت بس سروس ۽ ھڪ ايمبولينس سروس ھلائڻ اسان سڀني مڊل ڪلاسي سنڌين جي وس کان ٻاھر آھي؟ مڊل ڪلاسي سنڌي ان ڪري ٿو لکان، جو اھي شيون، اھي ادارا ۽ اھي سروسز انھن جي ئي ڪم جون آھن، ڀوتارن جا ته لاش به ھيليڪاپٽرن ۽ جھازن ۾ ايندا آھن ته پوءِ اھي ڀوتار اسان جي مرڻي پرڻي جي ضرورتن جو خيال ڇو ڪندا؟ مون کي اھا خبر ڪالھه پئي ته حيدرآباد ۾ ھندو ڪميونٽي لاءِ ھڪ ميت بس سروس آھي. توڻي جو اھي سڀ ھندو سنڌي آھن، پوءِ به پاڪستان ھندو ڪائونسل جي ميت بس ۾ مسلمان جو جنازو ڪيئن وڃي !!. . . اھو توڻي جو ساٺيڪو سال کن اڳ وارو جھيڙو آھي پر ڇا ڪجي، سنڌي سماج لاٽونءَ واري ٽِڪَ ٻڌي اتي جو اتي بيٺل آھي، جتي ريلوي اسٽيشن تي به ھندو پاڻي ۽ مسلم پاڻي ھوندا ھئا.
    ڪجھه پڙھيل لکيل ماڻھن جي اھا تنقيد آئون اڪثر ٻڌندو رھندو آھيان ته سنڌي ماڻھن کي شھري ٿيڻ ۾ اڃا ھڪ صدي ٻي به لڳندي، ھو ان جو دليل اھو ٻڌائيندا آھن ته سنڌي ماڻھو شھرن ۽ ميگا شھرن ۾ به جڏھن پاڙي، مُحلي ۽ ٽائون جا نالا ”ڳوٺ“ رکن ته پوءِ ڪلچر به ته ڳوٺ وارو ئي ھوندو نه، ۽ ڳوٺ ۾، جيئن ته ھڪ ڀوتار ضروري آھي. تيئن انھن شھري ڳوٺن ۾ به رٽائرڊ ڪامورا ڀوتار بڻجي ويھڻ چاھين ٿا پر اھي ادارا قائم ڪرڻ ۽ شھري ڪلچر اپنائڻ کان قاصر آھن.
    ھونئن ته ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي کي آئون ھڪ انسان دوست ڊاڪٽر سمجھان ٿو، جيڪو نسل، رنگ مذھب کان مٿانھون ئي ڪم ڪري ٿو پر ڇا ڪو سنڌي ڊاڪٽر ان جھوني ۽ اتساھيندڙ مسيحا جھڙو ڊاڪٽر بڻجي اھڙو ادارو قائم نٿو ڪري سگھي؟ ڇا اسان جا سڀ ڊاڪٽر ڪروڙ پتي ٿيڻ جي ڊوڙ ۽ شوق ۾ جھونا ٿي لوڙي لوڙي مري ويندا پر ڌرتيءَ وارن کي ڪو ادارو جوڙي نه ڏيندا؟ ڇا سنڌين ۾ ڪو ايڌي، ڪو ڇيپيا، ڪو سيلاني بڻجي نٿو سگھي، يا ڪا عاصمه جھانگير بڻجي نٿي اڀري سگھي؟ في الحال ته منھنجو جواب آھي ھڪ وڏي نه . . .ڇو ته اصل مفھوم مڊل ڪلاس سنڌ ۾ اڃان اسريو ئي ناھي، ھي لوئر ڪلاسي اھي پڙھيل لکيل ماڻھو آھن، جن علم حاصل ڪيو رشوتي نوڪري وٺڻ لاءِ. جڏھن پئسو جام گڏ ٿي ويو ته ڳوٺ ۾ ڀوتار جي بنگلي جھڙو بنگلو جوڙائي ھنن به ھڪ نئين ڀوتار گھراڻي کي اڀاري آندو.
    سوچ، سمجھه، شعور جي اڻاٺ ۽ ڏيکاءُ پسندي جي حد ته ڏسو جو سنڌ ۾ مک شاھراھن تي اھي بورڊ لڳي ويا آھن ته فلاڻي اڳوڻي چيف سيڪريٽري جو ڳوٺ ھن پاسي آھي ۽ فلاڻي رٽائرڊ جج صاحب جي رھائش گاھ ھن پاسي آھي. ڪجھه خدا جو خوف ڪريو! ڇا ڪراچي جي ڪلفٽن ۽ ڊفينس ته ڇڏيو، گلشن اقبال ۽ نرسريءَ، ناظم آباد جي ھر ٻي گھٽيءَ ۾ اھڙا رٽائرڊ ۽ حاضر سروس ڪامورا گھٽ آھن؟! اھي ته پاڙي جي سبزي واري کان ڀينڊيون، بصر وٺندي ملندا پر اسان ڀوتار ۽ ٻيا وري انھن جا واٺا ۽ نوڪر چاڪر. ھاڻي اھڙي به ڪا خوشفھمي مون کي ناھي ته، ٻيو نه ته قاسم آباد ۽ ڪراچي جا سنڌيءَ مڊل ڪلاسي پڙھيل لکيل سنڌي پاڻ ۾ گڏجي چندو ڪري ھڪ ميت بس سروس ترت شروع ڪندا، ته جيئن سڀاڻي ”ڌارين“ جي طعنن کان بچي سگھن، باقي ايمبوليسن سروس ته اسان جي ڪلھن کان ڳرو بار ھوندي. اسين اھي ادارا ۽ سروس ان ڪري نٿا شروع ڪري سگھون جو اسان مان ھر ھڪ جي من ۾ ھڪ ڀوتار وسي ٿو، جيڪو معاشري تي چڱائي ۽ اجتماعي ڀلائي واري ڪم کان ڪوھين دور ھجي ٿو، ڇو ته ڀوتارن جون ترجيحات ھن ڳالھه مان واضع آھن ته سانگھڙ جو ھڪ شھپري ۽ نوشھروفيروز جو ھڪ سادي طبيعت سياستدان جھاز ۾ سفر ڪري رھيا ھئا. سڄي واٽ وارو وقت ٻنھي ڀوتارن ايم اين اي ھاسٽل اسلام آباد ۾ ڇيرين جا ڇمڪا ڪندڙ ھڪ ماھ جبين جي حسن جي تعريف ۾ ڪٽي ڇڏيو. سندن سيٽ جي پويان ھڪ سفيد پوش سنڌي نوڪري پيشه شخص پنھنجي گھر واريءَ سميت ويٺل ھو، ھن رستي ۾ کين ته نه ٽوڪيو، باقي ڪراچي ايئرپورٽ تي لھڻ شرط ھنن ٻنھي سان تعارف ڪرائي عزت سان ھٿ ڏئي کين اھا ميار ڏني ته سائين توھان جي سڄي رستي گفتگو ڪو به ماڻھو پنھنجي فيملي سان گڏ ٻڌڻ افورڊ نه پيو ڪري سگھي. منھنجي گھر واري توھان ٻنھي اعلى سياسي شخصيتن کان ڏاڍو متاثر ھئي ۽ ھن ٻڌڻ پئي چاھيو ته توھان پنھنجي تڪ ۽ عام سنڌي ماڻھن جا ڪي مسئلا ڊسڪس ڪندا. پر ھاڻيءَ ھو سامھون سامان پئي کڻي ۽ توھان جھڙن ڀوتارن کي سلام ڪرڻ به پنھنجي توھين ٿي سمجھي. سو ڀوتار جي ترجيح جديد مجرن تان ھٽي ته ميت بس ۽ ايمبولينس سروس جھڙان ادارن ۽ سماجي شھري ڪمن طرف وڃي.
    انقلابي شاعر حبيب جالب چواڻي،
    نه ڊرتي ھين نه نادم ھين
    ھان ڪھني ڪو بس خادم ھين
    يھان الٽي گنگا بھتي ھي
    يه ديس ھي انڌي لوگون ڪا
    اي چاند يھان نه نڪلا ڪر


    بناز ۽ ممنوع محبت واري وڏيري

    ھاڻي جڏھن عراقي ڪرد ڇوڪري جي قتل تي ٺھيل اھا فلم رينڊينس فلم فيسٽيول ۾ پيش ڪئي پئي وڃي، تڏھن ان ڊاڪيومينٽري فلم کي ڏسندي الاءِ ڇو اھا اداس وڏيري ياد اچي وئي، جيڪا باٿ آئي لينڊ جي ڊگھن وڻن سان ڍڪيل روڊن تي روئيندي ڊرائيونگ ڪندي ملي ھئي. ھن جو تڪيو ڪلام ھو ”باھ لڳيس . . . “. بناز ان اوڻيھه سالن جي عراقي ڪرد ڇوڪري جو نالو آھي، جنھن کي 2006ع ۾ سندس پيءَ چاچي ۽ ڳوٺان گھرايل ٻن ڪرائي جي قاتلن ڏکڻ لنڊن ۾ قتل ڪري ڇڏيو ھو. بناز جو پيءُ محمود اڳوڻو عراقي فوجي ھو، جنھن صدام حسين جي ڏينھن ۾ برطانيه ڀڄي وڃي زال ۽ پنجن ڌيئرن سميت سياسي پناھ ورتي ھئي. عراقي ڪرد محمود پنھنجا ماڻھو ۽ پنھنجو ملڪ ته ڇڏي آيو پر پنھنجي اباڻي ميراث ”غيرت“ ذھن جي ڪنھن ڪنڊ ۾ ڳنڍ ٻڌيو کنيو آيو، بلڪل ائين جيئن سنڌي وڏيريءَ جي ڀائرن ھنن کي پڙھايو ۽ رھايو ته ڪلفٽن ۽ ڊفينس جي پوش علائقن ۾، پر وقت تي ”ڪارنھن“ واري اباڻي ڪھاڙي ڪڍڻ ۾ دير نه ڪيائون.
    سنڌي وڏيري، جيڪا اڪثر اداس شامن جي ڊپريشن وارا پھر ٽارڻ لاءِ ڪنھن سپر اسٽور جي رش ۾ گم ٿي ويندي ھئي، تنھن ڪجھه وقت کان پوءِ بوريت جا اھي پھر ھڪ ريسٽورنٽ جي ڌيمي روشني ۽ ھلڪي پر لائيو ميوزڪ ۾ گذارڻ شروع ڪيا. ڪراچيءَ جي اھڙي ئي ھڪ حسين شام دوران ھن پنھنجي اشھد آڱر ۾ پاتل ٻڙي واري منڊيءَ سان ڪافيءَ جي خالي مگ کي کڙڪائيندي مون کان پڇيو، ”ساڃاھ وند . . . ھڪڙي ڳالھه ته سمجھاءِ!“ . . . سنڌ جي پڙھيل لکيل مڊل ڪلاسي دانشورن جي وقتي قلابازين سبب ھوءَ طنز مان مونکي ”مسٽر ساڃاھ وند“ ڪوٺيندي ھئي . . . ”ڳالھه اھا سمجھاءِ ته توھان ڪارو ڪاري الزام ھيٺ قتل ٿيل عورتن کي ڪارنھن جو الزام ھيٺ قتل ڇو لکندا آھيو؟ انھن کي ته محبت جي الزام ۾ قتل ٿيل لکو نه . . .“ ھن پنھنجي تازو ڊائي ڪرايل وارن جي چڳ کي جھٽڪي سان اکين تان ھٽائيندي پڇيو.
    وڏيريءَ جي ڪچھريءَ ۾ پوءِ موٽي ٿا اچون. في الحال ھلون ٿا ڏکڻ لنڊن، جتي اوڻيھه سالن جي بناز ان ئي محبت جي الزام ھيٺ قتل ٿي، برطانيه جيئن ته عراقي ڪردستان يا سنڌ ناھي، جنھن جنھن کي وڻي،جيئن وڻي ۽ جنھن مھل وڻي قتل ڪري ڇڏجي، تنھن ڪري پھريان ٽي مھينا ھو لاپته رھي. پوليس کي بناز جي ڳڻتي ان ڪري ھئي، جو ھن حياتيءَ ۾ 3 دفعا پوليس وٽ اچي بيان رڪارڊ ڪرايو ھوته ھو ماڻھو منھنجو پيڇو پيا ڪن، مونکي ڪنھن به وقت ڪجھه به ٿيو ته ان جا ذميوار اھي شخص ھوندا. پوليس لاءِ بناز جو اھو بيان ئي ڪافي ھو. تنھنڪري پوليس بناز جي تلاش شروع ڪري ڏني. ڪجھه ئي ڏينھن ۾ بناز ھڪ ريپ ٿيل ۽ گھٽا ڏئي ماريل عورت جي لاش جي صورت ۾ ملي. پوليس سندس پيءُ ۽ چاچي کي گرفتار ڪيو ھو ۽ ھو حيران ھئا ته خاندان جي ڇوڪريءَ جي لاپته ٿيڻ توڙي قتل بابت سندس خاندان کي ڪا ڳڻتي ڪانه ھئي. لنڊن پوليس سالن جي محنت کان پوءِ بناز جي قتل جي الزام ھيٺ سندس پيءَ ۽ چاچي کي ته عمر قيد جي سزا ڏياري پر قتل کان پوءِ عراق ڀڄي ويل سندن ٻن ساٿين کي به واپس لنڊن آڻي جيل اماڻي ڇڏيو. اھا ڊاڪيومينٽري فلم ھڪ ناروري ڄائي پنجابي پختون مائٽن جي نياڻي پروڊيوسر ”ديا“ ٺاھي آھي.
    لنڊن پوليس جو چوڻ آھي ته بناز جي خاندان مان سندس صرف ھڪ ڀيڻ پوليس سان سھڪار ڪيو، جيڪا بناز سان پيار ڪندي ھئي. بناز جي مائيٽاڻي شادي مان طلاق ٿي چڪي ھئي ۽ ھوءَلنڊن ۾ محبت جي اسير ٿي چڪي ھئي. بناز پنھنجي اڳوڻي مڙس بابت پوليس کي جيڪو بيان ڏنو ھو، سو سنڌي سماج ۾ مرداڻي سوچ پاران عورت لاءِ جوڙيل چوڻيءَ سان ڪيڏو نه ٺھڪي اچي ٿو! بناز پنھنجي مڙس بابت چيو ته مونکي ائين لڳندو ڄڻ ته آئون سندس پيرن جي ڪا جتي ھجان، جنھنکي ھو جڏھن چاھي استعمال ڪري ۽ جڏھن چاھي ڦٽو ڪري ڇڏي. ائين ئي سنڌي وڏيريءَ جي شخصي طور يا اعتماد يا آزاد خيال ننڍي ڀيڻ پنھنجي پوڙھي سياستدان مڙس لاءِ چونڊي ھئي. جيڪو ڪنھن زماني ۾ خانداني مجبوريءَ سبب ھڪ دفعو ايم پي اي ٿي ويو پر ريٽائرمينٽ جي عمر ۾ به مھمانن سان ھٿ ملائيندي يا وزيٽنگ ڪارڊ پيش ڪندي مستقل ٿي ويل کنگھه روڪيندي چوندو ھو، ”ايڪس ايم پي اي“.
    ان اڌڙوٽ عمر جي وئي کاھي چڙھيل وڏيريءَ سان پھرين اچانڪ سان ملاقات ته ”آغاز“ تي ٿي، جتي اسان حقو پاڻي وٺڻ ھر ھفتي ويندا ھئاسين. ان اسٽور ۾ پرفيومز واري پاسي کان گذرندي الٽرا ماڊرن بيھڪ واري عورت تي نظر پئي، جيڪا مختلف برانڊ وارا پرفيوم چيڪ ڪري رھي ھئي، ھن اوچتو ھڪ بيڪار پرفيوم پنھنجي نڪ جي ويجھو آندو ھونئن ته سيلز بواءِ سان ھن ڳالھايو انگريزي ۾ پئي، پر جڏھن پرفيوم جي تيز بوءِ کيس تنگ ڪيو ته ھن کان سنڌي ۾ بي اختيار سندس تڪيو ڪلام نڪري ويو ”باھ لڳيس!“ سندس تڪيه ڪلام منھنجي چھري تي فطري مرڪ آڻي ڇڏي. جنھن کي ڏسي ھن پڇيو ”آر يو سنڌي؟“ مون ھائوڪار ڪئي پر اھو به ٻڌايومانس ته، ” وڏيرڪا بيٽا ٽائيپ ناھيان“ جنھن تي ھوءَ کلي پئي.
    ان ملاقات کي اڃا ڪجھه ئي ڏينھن ٿيا ھئا ته آئون باٿ آئي لينڊ ۾ ڪنھن ڪم سانگي نڪري ويس. شام جو ھلڪي ھلڪي برسات پئجي رھي ھئي ۽ منھنجو پنڌ به ڪونه پئي کٽو، اوچتو سامھون ايندڙ گاڏي ذري گھٽ مون پيادل ماڻھوءَ جو سر کڻڻ واري ھئي. اھا گاڏي ائين ٿيڙ کائي ھلي رھي ھئي ڄڻ ته نشي ۾ ھجي. گاڏي رڪي، ڊرائيور سائيڊ جو شيشو کليو ته ساڳي وڏيري ويٺل ھئي. گاڏي اندر ڪلام پئي ھليو، ”روئندي عمر گذاري، يار دي خبر نه ڪائي.“ ان ڪلام سبب الاءِ ڪنھن ڪنھن تڪليف سبب ڳوڙھا وڏيريءَ جي ڳلن تان ائين تيز ڳڙي رھيا ھئا، جيئن جبل تان برساتي پاڻي. ھن پھريان معذرت ڪئي، بعد ۾ ڄاڻ سڃاڻ کان پوءِ اتي ڊراپ ڪيو، جتي مونکي وڃڻو ھو. ان ڄاڻ سڃاڻ جي سالن دوران ھن پنھنجي بناز جھڙي ڀيڻ جي ڪھاڻي ٻڌائي، ڀائرن جنھن جي پوڙھي ”ايڪس ايم پي اي“ سان شادي ڪرائي ڇڏي. سال کان پوءِ ھن طلاق وٺڻ چاھي ته ڀائرن نه مڃيو ٻيو سال ھوءَ ڳوٺان نڪري ڪراچيءَ ۾ مڙس کان ڌار اچي ويھي رھي، ڀائرن کيس سمجھايو ته ان ”ايڪس ايم پي اي“ جي عمر جي ھاڻ ڪا گارنٽي ناھي، تڪڙ نه ڪر، سندس سڀ ملڪيت ھٿ ڪريون ۽ پوڙھو مري ته جان ڇٽي پر ھن ائين نه ڪيو. ”ساڃاھ وند! توکي خبر آھي ته محبت ۾ ڪيڏو گھمنڊ ۽ غرور ھوندو آھي. ھن جي پرواز ستين آسمان تي ھوندي آھي، منھنجي ڀيڻ به ائين ڪيو، پنھنجي ھڪ پراڻي ڪلاس فيلو سان ٿيل محبت جي خاڪ ۾ ھن ٻيھر چڻنگ ٻاري، پوءِ ته محبتن جا مچ ٻري پيا.“
    وڏيريءَ سانيتڪيءَ ڊرائنگ روم جي ھر فرنيچر تي اداس نظر اڇليندي چيو، ”ھوءَ حياتي جي آخري ٻن سالن ۾ ڏاڍي خوش خوش رھندي ۽ ڳالھه ڳالھه تي ٽھڪ ڏيندي ھئي، ھن خانداني رسمون، بندشون، عزتون، ملڪيتون، جائيدادون سڀ اسان کي ڏنيون ۽ پاڻ صرف ھڪ محبت کنيائين، اھا به کيس راس نه آئي.“ وڏيريءَ قسطن ۾ ڳالھه ڪندي ٻڌايو ته سندس ڀائر ڳوٺ واري بنگلي تي فيملي جي ”مينگو پارٽي“ جو چئي ھن کي دوکي سان وٺي ويا. ڳوٺ واري بنگلي تي وڃڻ کان اڳ ھن پنھنجي وڏي ڀيڻ کي ٻڌايو ته ھوءَ ايندڙ ھفتي ھميشه ھميشه لاءِ نيويارڪ پئي وڃي، جتي سندس اھو محبتي ڪلاس فيلو رھندو ھو. ھو ٻئي گڏ رھندا، ٻئي نوڪري ڪندا، گھر ٺاھيندا پر ھن ڪارنھن جي جھنم مان ته نڪرندا. وڏيري ٻڌايو ته سندس ڀيڻ ڳوٺ وڃڻ کان اڳ ڪار پورچ مان موٽي آئي. ”منھنجي اجرڪ پائي، مٿو ڍڪي ڊريسنگ ٽيبل جي آرسيءَ ۾ ڏسي چيائين: ”آپي! پنھنجي ثقافت به لش اٿئي.“ اجرڪ، ڳوٺ جي گرمي ۽ مينگو پارٽي . . . .ھو ڪلھا لوڏيءَ وڃي ڊبل ڪيبن ۾ ڀائرن سان ويٺي، پر وڏيري کي خبر نه ھئي ته ھوءَ سندس اھا آخري ادا ڏسي رھي ھئي. ھن ٻڌايو ته ڀائرن ڳوٺ واري بنگلي کان ڪجھه ئي ڪلوميٽرن تي وھندڙ درياھ ڪناري گاڏي بيھاري ڇڏي، وڏيري ھوٽل جي ٽيبل تي ٻئي ٻانھون کوڙي ڪنڌ جھڪائي چيو، ”خبر اٿئي! ڪراچي مان نڪري عام طور اسان ستين وڳي شام تائين ڳوٺ پھچي ويندا آھيون. ان شام ستين وڳي منھنجي اجرڪ ۾ ويڙھيل ڀيڻ مينگو پارٽي اٽينڊ نه ڪري سگھي ان کي رستي ۾ لاھي درياھ ڪناري گوليون ھڻي لاش درياھ ۾ لوڙھيو ويو.“ وڏيريءَ ٻڌايو ته ڀيڻ جي قتل کان پوءِ مون کي شام جو ستين وڳي واري ٽائيم، ”مينگوز ”انبن“ ۽ گرميءَ جي ڏينھن کان سخت چڙ آھي. اھي شيون مونکي ڊپريشن ڪري ڇڏينديون آھن. باقي اجرڪ مان شوق سان پائيندي آھيان، ڇو ته اھا محبت ۽ شھادت جي نشاني آھي، قبر تائين گڏ ھلي ٿي.
    ڳوڙھا ته ھن جا سڪي چڪا ھئا پر ھن قھري طنز مان چيو، ”بندوق گارڊن نه ھلائي ھئي، منھنجي ڀائرن ھلائي، آخر غيرت وارا ھئا . . . پرائي مرد ھٿان ڪيئن مارائين ھا پنھنجي سڪيلڌي ڀيڻ کي.“ . . . .مونکي خبر ناھي ته پڃري ۾ بند آسٽريلوي طوطن ۽ ايڪوريم جي ننڍين مڇين سان اڪثر پنھنجي اڪيلائي شيئر ڪندڙ اھا وڏيري اڃان به جيئري آھي يا نه، پر اھا حقيقت آھي ته عراق ھجي يا انگلينڊ يا سونھاري سنڌ . . . پر ان ۾ بناز ۽ اداس وڏيريءَ جھڙين عورتن لاءِ محبت ممنوع بڻيل آھي.


    وٿي ۽ برف

    سنڌ جي سياسي ڪارڪنن لاءِ پنھنجي ڌرتي ئي۽ پنھنجي سماج اندر اھڙيون حالتون پيدا ٿي پيون آھن. جيڪي ترڪيءَ جي نوبل انعام حاصل ڪندڙ ليکڪ ارھان پامڪ جي ڪتابن ۾ ترڪيءَ جي باغي نسل بابت سانڍيل آھن. ھاڻوڪي ترڪي پامڪ جي ناولن ۾ ھلندڙ ڪھاڻين کان گھڻو ڪجھه مختلف ۽ بھتر ٿي آھي پر ان کي اڃان به پامڪ جي نظر سان ڏسڻ جي ضرورت آھي.
    اڃان گذريل ڏينھن ئي ترڪيءَ جي ھڪ ڪورٽ 330 حاضر سروس ۽ ريٽائرڊ اھڙن فوجين کي ارڙنھن کان ويھن سالن جون سزائون ڏيئي جيل موڪليو آھي، جن مٿان ترڪيءَ جي سويلين حڪمران طيب اردگان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جا منصوبا جوڙڻ وارا الزام ھئا، جيئن اسان وٽ آڌي رات جي گدڙن واري سازش ظاھر ٿي ھئي، پر ڪنھن کي به سزا ڪانه ملي ھئي، تيئن ئي ترڪيءَ ۾ ۾ زورائتو ھٿوڙو ھڻڻ واري سازش بي نقاب ٿي آھي، جنھن موجب استنبول جي ھڪ مسجد ۾ بم ڌماڪو ڪري يونان سان ڦڏو ڪرائي فوجي مداخلت لاءِ رستو کوليو وڃي ھا پر سازش وقت کان اڳ پڌري ٿي پئي، ترڪيءَ ۾ اھا ڪا نئين ڳالھه نه ھجي ھا، ڇو ته 1960ع کان 1980ع تائين جي وچ واري عرصي ۾ ترڪي ۾ ٽي فوجون بغاوتون ٿي چڪيون آھن، جن جي نتيجي ۾ 1977ع ۾ پھريون ڀيرو اسلامي حڪومت قائم ٿي، پر ھاڻي ھڪ ڏھاڪي کان طيب اردگان ويٺل آھي ۽ پنھنجي جنرلن کي جيل ڀيڙو ڪيو اٿس.
    اھا ڳالھه ارھان پامڪ به پنھنجي استنبول واري اپارٽمينٽ ۾ ويٺي مڃي ٿو ته ترڪيءَ ۾ گھڻو ڪجھه بدليو آھي . . . پر جي نه بدليو آھي ته سنڌ ۾ ڪجھه نه بدليو آھي. سنڌ اڃان به ارھان پامڪ جي ناول ”سِنو“ جي ڪردارن واري دور ۾ رھي ٿي ۽ اھا ئي ٻولي ڳالھائي ٿي. ناول ”سِنو“ جو ھيرو ۽ جلاوطن شاعر ”ڪا“ جڏھن وطن واپس اچي ٿو ته ترڪي شدت پسنديءَ جي ور چڙھيل آھي. ھو سياست ڪندو ھو پر وطن واپس اچڻ کان پوءِ ھن جي آڏو سياست جي معنى ئي بدلجي وڃي ٿي. ھو صحافت شروع ڪري ٿو ۽ اخبار کيس ”ڪرس“ جھڙي ڏورانھين برفاني علائقي ۾ انھن نوجوان ڇوڪرين جي خودڪشيءَ جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ موڪلي ٿي، جتي کيس ٻڌايو وڃي ٿو ته ڇوڪريون اسڪارف پائڻ ۽ نه پائڻ جھڙي مونجھاري سبب خودڪشي ڪن ٿيون. ھو لکي ٿو ته خودڪشي ڪندڙ ڇوڪرين کي ايتري به نويڪلائي نٿي ملي، جو ھو زھريلي دوا کائڻ کان پوءِ آرام سان اڪيلون سمھي موت طرف ھليون وڃن پر اھڙي ڪيفيت ۾ به ڪجھه ماڻھو سندس آسپاس رھن ٿا. پامڪ جي ناول ”سِنو“ جو ھيرو، ”ڪرس“ شھر جي بئڪري ۾ ٿيل قتل کان پوءِ ائين ڦاسي پوي ٿو، جيئن گذريل ڏينھن پريس ڪلبن ۾ صحافي گھيراءَ سبب ڦاسي پيا.
    سنڌ ۾ ڀلي ته جلاوطن باغي (اھڙا ڪي روح اڃا به آھن ڇا؟) موٽي اچن، پر انھن کي اھا اسي واري سنڌ نه ملندي، جنھن ۾ سڄي سڄي رات ڪائنات، وجوديت ۽ ٻين انيڪ سياسي فلسفن تي بحثا بحثي ٿيندي ھئي، جنھن ۾ ”تنھنجو دين توسان، منھنجو دين مونسان“ جا عملي مظاھرا ھوندا ھئا ۽ اعلى سياسي آدرش اتم ھوندا ھئا سامراج ۽ مِني سامراج تي رات کٽندي ھئي. ھاڻي دور ڇا بدليو آھي، سنڌ جي سياسي ڪارڪن جي سوچ جو رخ ئي بدلجي ويو آھي. ”سِنو“ ناول جي ھيرو ”ڪا“ جي محبوبا جھڙا ڊائلاگ اسان کي سنڌ جي نوجوانن جي ڪچھرين ۾ ملن ٿا، جن ۾ ھوءَ چوي ٿي ته ”اسان جھڙي ظالم سماج / ملڪ ۾، جتي انساني زندگي اڳ ۾ ئي سستي ھجي، اتي پنھنجو پاڻ کي پنھنجن نظرين ۽ اعلى آدرشن لاءِ ختم يا تباھ ڪري ڇڏڻ وڏي بيوقوفي آھي.“ مون کي ته اھو معلوم ناھي ته سنڌ جي ڪيترن سياسي ڪارڪنن اھو ناول پڙھيو ھوندو پر اھو ڊائلاگ ڀلي ته ترڪي4 جو ھجي، ان جو پڙاڏو عملي شڪل ۾ مون کي اڄ جي سنڌ اندر ملي ٿو. منھنجي ڪالمن کي سالن کان پڙھندڙ ڪجھه مھربانن جو خيال آھي ته اھڙن ڪردارن جا نالا لکڻ کپن، جن جا آئون صرف حوالا ڏيندو آھيان پر منھنجي نظر ۾ اسان جو سماجي تاڃي پيٽو اڃا بلوغت ۽ برداشت جي ان سطح تي نه پھتو آھي، تنھن ڪري پردي رکڻ جي روايت برقرار رکندي ٻه مثال توھان کي ٻڌائي قصو ڪوتاھ ٿا ڪريون.
    منھنجي سنڌ جي ھڪ سھڻي شھر ۾ اسان جو ھڪ روشن خيال، ترقي پسند لڏي جو اھم ڪردار رھندو ھو. ان کي وقت ۽ حالتن آڌار جيل، تڪليفون، روپوشيون ڏسڻيون پيون. آمريت ختم ٿي، جمھوريت آئي ته ڪامريڊ وڃي اسيمبليءَ پھتو پر ھن پنھنجي سوچ ۽ فڪري ڌارا جي ڦھلاءُ نه ته ڪو مظبوط يا ڪمزور بنياد رکيو، نه ئي ان سلسلي کي ڪنھن اداري جھڙو روپ ڏيئي سگھيو. پر شخصي ۽ ذاتي حيثيث ۾ ھن مختلف حڪومتن کان رعايتون وٺڻ کان نه ڪيٻايو. انھن ذاتي رعايتن جا تفصيل نٿا لکون، جو ڳالھه پڌري ٿي پوندي، نتيجي ۾ ھو عمر سان گڏ پنھنجي گھر جي ڪمري ۾ قيد ٿي پيو. پٽ، پوٽا، ڏوھٽا، ڏوھٽيون جيڪي ھاڻي يو ٽيوب ۽ فيس بُڪ جي دنيا ۾ اچي ويا، تن کيس گھر جو پراڻو فرنيچر سمجھي ڪنڊ ۾ ئي رکي ڇڏيو ۽ ھو اعلى آدرش، دانش، فھم، ادارڪ ۽ وسيلا ھوندي به روشن خيال دڳ لاءِ ڪو ادارو ٺاھڻ بنا لاڏاڻو ڪري ويو. ڪجھه وقت کان پوءِ ائين لڳو ڄڻ ڄائو ئي ڪونه ھو.
    سونھاري سنڌ جي ھڪ ٻئي موچاري ضلعي جي ھڪ ڳوٺ ۾ سنڌ جي اڳوڻي وزيراعلى عيد جي موقعي تي تاريخن بابت ٿيل تڪرار کان پوءِ پنھنجي ڳوٺ ۾ مولويءَ کي سڏايو، کيس ”سڀاڻي“ تي عيد نماز پڙھڻ لاءِ چيائين. مولويءَ کيس ٻڌايو ته سڀاڻي سرڪاري عيد آھي، ان کان ٻئي ڏينھن عالمن جي اصل عيد آھي، سا ضرور پڙھائبي. وڏيرو معنى ڳوٺ جو مالڪ، مٿان وزيراعلى، تنھن کيس ڇنڊ پٽيندي چيو ته، ”ڪجھه خيال ڪر، رھين منھنجي ڳوٺ ۾ ٿو پر چوڻ منھنجو نٿو وٺين. نڪري وڃ سڀاڻي کان منھنجي ڳوٺ مان.“ مولوي کيس وراڻيو: ”وڏيرا الله وڏو آھي، چوويھه ڪلاڪ وڏو ٽائيم آھي نڪري ويندس.“ ان ڳوٺ مان نڪري مولوي ھڪ وڏي شھر جي ٻاھران اچي گھر، مسجد ۽ مدرسو اڏيو. وقت گذرندو رھيو، شھر جي آبادي وڌندي رھي، چندا ۽ زڪواتون به اينديون رھيون، سياسي ۽ سماجي حالتون به بدلجنديون رھيون . سڀني فيڪٽرز گڏجي سڏجي ان ڳوٺاڻي مولوي صاحب جي مدرسي کي ھڪ وڏي عاليشان اداري ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، جيڪو ھاڻي وچ شھر ۾ اچي ويو آھي. ھاڻي ان مولوي صاحب جي پٽ جو ھڪ پنڌ قطر، ٻيو سعودي، ته ٽيون مصر آھي.
    ڳالھه کي جي موٽايون ترڪيءَ واري ناول نگار ارھان پامڪ جي ”سِنو“ ناول طرف، ته سائين منھنجا، نتيجو اھو ئي نڪري ٿو ته وٿي ملندي ته سماج اندر برف ته ڄمندي.


    جوڳين کان چڙھيل نانگ!

    ڊسمبر جا ڏينھن جڏھن به وڃڻ وارا ٿيندا آھن ته ھو پنھنجو ھٿ ڪنھن نه ڪنھن اھڙي حرڪت ۾ ڏيئي ڇڏيندو آھي، جتان کيس ڪونه ڪو نقصان پھچي. دنيا ۾ ھر ماڻھو پنھنجو فائدو ڳوليندو آھي، پر ھن جھڙا ڪجھه چريا مڙس ڏسي وائسي ڄاڻي واڻي يارنھن ھزار وولٽيج واري تار ۾ ھٿ وجھندا آھن. ھن پنھنجي زندگي ۾ اھا حرڪت ڪجھه سال اڳ مليل خاتون کان الڳ ٿيڻ کان پوءِ شروع ڪئي آھي، ھنن جي رمز ڀري زندگي ڪڏھن شروع ٿي ۽ ڪھڙي عروج تي پھتي، اھو وري ڪڏھن ٻئي ڀيري جو ذڪر آھي، پر في الحال ان ڊسمبر رات طرف موٽون ٿا، جيڪا اتفاق سان ان سال چانڊوڪي رات ھئي، ان شام ھو گھران نڪتا ته ڪا سٺي فلم ڏسڻ لاءِ ھئا، پر ھميشه جيان اچانڪ روٽ بدلائي اچي ڪلفٽن “سي ويو“ پھتا. ھو سمنڊ ڪناري ڪجھه دير سان پھتا ھئا، ڇو ته ھنن کي ڪنھن بار بي ڪيو ڊنر جو خيال ٿي پيو ۽ ھو ھلڪي بک مارڻ لاءِ ريشمي ۽ ڌاڳا ڪباب کائڻ ويھي رھيا. ھوءَ جنھن جون اکيون ڊنر دوران ھميشه لذيد، کاڌن تي مرڪوز ھونديون ھيون، تنھن ھن جي پيار ڀري مرڪ ڏسڻ کانسواءِ چئي ڇڏيو ”منھنجي زندگي به ھھڙن ڌاڳن ۾ الجھيل اٿئي.“ ھو کيس پيار مان تڪي رھيو ھو ۽ ھوءَ مسلسل ڪبابن مان ڌاڳا الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھي ھئي.
    ڊسمبر جي سرد رات جو ڳپل حصو ٻئي ڄڻا سمنڊ ڪناري لوئيءَ ۾ ويڙھجي ويھڻ کان پوءِ ھن کيس چيو، ”ماڻھو چون ٿا مان ڪافر ٿي ويو آھيان، بت پرست ٿي پيو آھيان، پر ھنن ته ڪڏھن تو جھڙو بت ڏٺوئي ناھي.“ ھوءَ روايتي عورتن جيان پنھنجي تعريف تي ٻھڪي نه پوندي ھئي، ان ڪري ھن کيس ڀرڀور چنڊ ڏي اشارو ڪندي چيو ”ھلو مون کي گھر ڊراپ ڪر، ھاڻي گھڻي دير ٿي چڪي آھي.“ ھن ھميشه جيان پنھنجي جذبن تي ضبط ڪيو ۽ ھن جو حڪم مڃيو.
    گاڏي جڏھن شاھراھ فيصل تي ڊوڙڻ لڳي ته ھن ميوزڪ جو آواز ھلڪو ڪندي کانئس پڇيو، ”ھڪ ڳالھه ته ٻڌايو، توھان شاديءَ کان اڳ ۾ ڪھڙي ملڪيت منھنجي نالي ڪندئو، ڇو ته مون کي حاصل ڪرڻ ايترو آسان ڪونھي.“ خوبصورت بت جڏھن ڳالھايو ته بت پرستن کان ڇرڪ نڪري ويو، ڃڻ اوچتو ڪو اسپيڊ بريڪر سندس سامھون اچي ويو، ڄڻ اچانڪ کيس نانگ ڏنگي وڌو. ھو مني ڪلاڪ جي بقايا ڊرائيو دوران خاموش رھيو ۽ ميوزڪ جو آواز ڪنن جا پردا ڦاڙڻ جي حد تائين وڌائي ڇڏيائين. ھو کيس آخري دفعو ڊراپ ڪري آيو، وري ڪڏھن به پڪ نه ڪرڻ لاءِ – گاڏي جو دروازو کولي ھوءَ اڃان لھڻ واري ھئي ته ھن کيس ٻانھن کان پڪڙي ويھاريو. گاڏيءَ جو دروازو اڌ کليل ھو، پر ھن گھٽيءَ مان گذرندڙ ماڻھن جي پرواھ ڪرڻ کان سواءِ کيس استاد بخاريءَ جي شاعري ٻڌائي ته؛
    نه گناھ آھيون نه ثواب آھيون
    اسين ڏينھن ڏٺي جا خواب آھيون
    جي نه پڙھين ته آھيون ڪورا ڪاغذ
    جي پڙھين ته ڪيئي ڪتاب آھيون!
    ھو اڃان تائين ڊسمبر جي ان رات ۽ ان بت کي پنھنجي زندگيءَ ۾ گھڙي آيل خوبصورت نانگ سمجھندو آھي. انسانن جي روپ ۾ چرندڙ پرندڙ اھڙا ڪيئي نانگ اسان مان اڪثر ماڻھن جي زندگين ۾ مختلف اسٽيجن ي ايندا رھن ٿا ۽ اسان لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪندا رھن ٿا. اھڙو ئي ھڪ لنڊي بلا جھڙو نانگ تازو ھڪ معصوم شاگرد کي ڏنگي ويو آھي. ھن تازو ماس ڪميونيڪيشن مان ماسٽرس ڪئي، پر رزلٽ اچڻ تي کيس خبر پئي ته ان ئي استاد کيس ڏنگي ڪيرائي وڌو آھي، جنھن جي ماضيءَ جي صحافت ۽ ترقي پسندي کان متاثر ٿي ھو سندس بيحد عزت ڪندو ھو. جديد جوڳي چون ٿا ته اھڙي لنڊي بلا ڪوتاھ قد ھوندي به وسان ڪونه ٿي گھٽائي ۽ موقعو ملڻ تي ٿر جي ٿوھر جھڙو معصوم زندگين ۾ پيوست ڪريو ڇڏي ٿي. ”پر مان ته ھن جي وڌ ۾ وڌ عزت ڪندو ھئس، ان جي ڏنل ھر اسائينمينٽ پوري ڪندو ھئس ۽ فيڪلٽي جي اخبار به مان اڪيلي سر ڪڍندو ھئس، صرف ھڪ ڏينھن ھن کي ذاتي ڪم کان جواب ڏنم ته سائين ھاڻي منھنجا امتحان مٿا آھن، شام جو پارٽ ٽائيم جاب به ڪريان ٿو، ڪجھه وقت ترسو.“ ھن فيڪلٽيءَ ۾ روئڻھارڪو ٿي تڏھن پنھنجي دوستن کي ٻڌايو. جڏھن رزلٽ آئي ۽ ھن لُنڊي بلا جھڙي ماستر پن جي ٻيڙي جھڙي سگريٽ مان ڦوڪيل دونھن ڪڍندي کيس مڪار واري مسڪراھٽ سان چيو ھو، ”اسان سان ھوندين ته اھڙا مزا ھوندءِ، اسان به آمريت واري ويڙھ ائين ته ڪونه وڙھي ھوندي نه، ڪا ته اٽڪل سٽڪل ڪري ھڻي وڃي ھنڌ ڪيو ھوندوسين.“
    اھڙا ڪيئي ڪوتاھ قد ۽ ڪوتاھ سوچ وارا اسان جي آس پاس پيا ڦرن، جيڪي پنھنجو وارو نٿا ڇڏين ۽ ڌڪ ھڻندي دير نٿا ڪن. بلڪل اھڙي اٽڪلي پروفيسر ۽ اين جي او سٿ جيان جنھن جو ڳوٺ ته تازو مھا ٻوڏ ۾ ٻڏي ويو، پر سندس سالن کان مڙيئي چرندڙ ڪاروبار چمڪي پيو. ھاڻي ھو عمر جي ان حصي کي وڃي پھتو آھي، جتي مرد پنھنجي جنسي حوس صرف حسرتن ۾ ئي پوري ڪري سگھندو آھي، پر ھو اڃان به عادت کان مجبور اھڙو اسپيد بريڪر ٿي بيٺو آھي ، جتي ڪيترين ئي محنتي ۽ پر عزم ڇوڪرين جا ڪيريئر يا ته جھڪا ٿين ٿا يا موروڳي تباھ ٿي وڃن ٿا. تازو ئي ٻوڏ پراجيڪٽ ۾ ھن جنھن خوبصورت، پر ذھين ڇوڪريءَ سان فلرٽ شروع ڪيو، تنھن بيزار ٿي پنھنجي ھڪ سھيلي کي ٻڌايو ته ”يار ھن پوڙھي پراجيڪٽ مان ته اصل اڙجي ويئي آھيان، وڏو ڏجو آھي ھنن ماڻھن سان ڪم ڪرڻ ھڪ ته ھنن جي اين جي او به سنڀاليو ۽ ٻيو وري ساڻن عشق به فرمايون.“ ڪجھه ئي وقت کان پوءِ ھن پوڙھي پروفيسر جي اين جي او ڇڏي وڃي ھڪ ساک واري اين جي او جوائن ڪئي ۽ سک جو ساھ کينو. رڳو اين جي او ئي نه، پر سياست جي ريگستان ۾ به اھڙا خطرناڪ ماڻھو آھن، جيڪي چورن سان به گڏ ته ساڌن سان به سنمک رھن ٿا.
    اھڙي ئي ھڪ ازدھا بلا ھڪ اڀرندڙ اڳواڻ کي اھو چئي ڌڪ ھنيو ھو ته ھاڻي ملڪ جون ڳجھيون طاقتون توکي ختم ڪرڻ پويان آھن، اھڙ ي ڪچھريءَ کان فوري بعد ان سياسي اڳواڻ ھڪ نامعلوم نمبر واري ڪال اٽينڊ ڪئي. اھڙا نامعلوم نمبر ڳجھا ادارا ئي استعمال ڪندا آھن. ڪال ڪندڙ کيس ٻڌايو ته يا ته اسان سان ملي ڪم ڪري يا خراب حشر لاءِ تيار ٿي وڃ.“ اھڙي ڪال اٽينڊ ڪرڻ کان پوءِ ھن ساڳي ئي خطرناڪ ماڻھوءَ سان مشورو ڪيو، جنھن کيس ھٿ ملائڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته ”ابا ھنن جي آڏو ڀٽي جو پٽ به ڪجھه ناھي، ان کي به رستي ويندي گھر اڳيان قتل ٿا ڪري ڇڏين . تون اسان ته ھنن لاءِ ڪوليون ماڪوڙا ٿياسين.“
    ٻه طرفي عذاب ۽ ذھني دٻاءُ کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ان رات ھن تمام گھڻو نشو ڪيو، پر نشي به جڏھن اثر نه ڏيکاريو ته ھن ڪمري ۾ دوستن جي موجودگيءَ جي پرواھ ڪرڻ کانسواءِ تمام گھڻيون رڙيون ڪيون، رنو ۽ ڀتين کي ٽڪر ھنيا. ڪجھه نانگن جو زھر واقعي به ڏاڍو درد ۽ عذاب ڏئي ٿو، پر ڇا ڪجي اسين اھڙي ته دور ۾ زنده رھڻ لاءِ ڇو بچيا آھيون، جتي نانگن روپ بدلائي ڇڏيا آھن ۽ جوڳي اصلي نانگن کان واندا ٿي ھاڻي پنڻ تي مجبور ٿيا آھن. ماضيءَ جي ھڪ ڪن ڦاڙ جوڳي سان رستي ويندي ملاقات ٿي، پڇيومانس ”ڪر خبر ڪي نانگ بلائون ھٿ ڪرين ٿو يا ڪونه؟“ اکين ۾ چپيون پيل ان جوڳيءَ پنھنجي لپ جيڏين لپڙ مڇن تي ھٿ ڦيريندي چيو، ”نانگ آھن ته گھڻا، پر اھي پنھنجي کل مٽائي چڪا آھن، پڙھيل لکيل بوٽ سوٽ وارن نانگن تي اسان جي پير مرشد گوگي چھواڻ جو ڍارو اثر ئي نٿو ڪري، ڇو ته اھي انساني روپ ڌارڻ کان پوءِ به پنھنجي اصلي عادت نٿا ڇڏين. اھي ته وجھه ملڻ تي ٻيو ته ڇڏيو پنھنجا ٻچا به کائي چٽ ڪريو ٿيون ڇڏين.


    قبر جنھان دي جيوي ھو!! . . .

    ڪيئن چئجي ته صوفين جي سوز ساز ۾ ڪھڙا عجب اسرار سمايل آھن، ڇو ته جڏھن انھن جو سڏ ٿئي ٿو ته ھر طبقي ۽ ھر عمر جا ماڻھو اچي ميدان تي پھچن ٿا. آچر جي رات اھو سڏ انٽرنيشنل صوفي فائونڊيشن ڏنو ۽ حيدرآباد ۾ اچي ھنن ميڙو مچايو. لاڙڪاڻي کان ڪھي آيل ھي صوفي رات جو پڙھيل لکيل صوفي ذھنن کي روحاني راحت ڏئي ڳائي وڄائي. نچي ڪڏي صبح سان شھر مان ائين نڪري ويا، جيئن جوڳي نه ڪنھن جا مِٽ! سنڌين جي رواداري ته ڏسو، جو ھنن وقت جي مقبول قومپرستاڻي لھر جي باوجود سورنھن سؤ ايڪانوي ۾ گذاري ويل پنجابي صوفي شاعر سخي سلطان باھو جي نالي منسوب ڪيل ڪانفرنس کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ باھو جي شاعريءَ تي تاڙيون وڄائي ”حق حق“ جا نعرا ھڻي داد ڏنو. جيئن سلطان باھو پاڻ چيو آھي ته
    چڙھ چنان تي ڪرن روشنائي، ذڪر ڪريندي تاري ھو
    گليان دي وچ ڦرن نماڻي لعلان دي ونجھاري ھو،
    شالا مسافر ڪوئي نه ٿيوي ڪک جنھان ٿو ڀاري ھو،
    تاڙي مار اڏارنه باھو، اسان آپي اڏن ھاري ھو !!
    جڏھن لاھور کان آيل پنجابي شاعره عائشه اسلم پنھنجي مقالي ۾ سلطان باھو جو اھو شعر پڙھيو ته ٻڌندڙ سنڌين ڀرڀور تاڙيون وڄائي کيس داد ڏنو. ائين پئي لڳو، ڄڻ ته ڪک کان ھلڪي مسافر واري تشبيھه يا پاڻ ئي اڏري وڃڻ واري تشبيھه ھنن جي ھن رياست اندر اجتماعي اڪيلائيءَ جو اظھار ھجي ٿي. نشستون حاضرين لاءِ آزمائش جون گھڙيون ھونديون آھن، ڇو ته اسان جا محقق دوست تمام محنت سان ڊگھا ڊگھا مقالا لکي ايندا آھن، جيڪي وقت جي ڪمي سبب کين مختصر ڪرڻا پئجي ويندا آھن. حيدرآباد واري صوفي ڪانفرنس ۾ جيڪڏھن چئجي ته لاھور کان آيل پنجابي شاعره جي تقرير لڳي ته غلط نه ٿيندو، ڇو ته ھن اچڻ سان ڏاڍي نماڻائيءَ ۽ نفاست سان سنڌين جي حساس رڳ شاھ ڀٽائيءَ تي ھٿ رکيو. ھن ڀٽائيءَ کي مخاطب ڪيل پنھنجو اھو نظم ٻڌايو، جنھن ۾ ٻيو ته گھڻو ڪجھه لکيل آھي، پر اھو به چيل آھي ته،
    ”اي منھنجا شاھ ڀٽائي،
    ھڪ پنجابڻ پيرين اگھاڙي
    ميلن جو طويل سفر ڪري تنھنجي آڳنڌ ۾ آئي“
    ھاڻي سائين سنڌي اڳي ئي ”تخت لاھور“ جا ستايل، انھن کي تخت لاھور جي پنجابي حڪمرانن کان سالن جون شڪايتون پنھنجي جاءِ تي، پر جڏھن ھڪ پنجاپڻ پيرين اگھاڙي ھنن جي مرشد وٽ اچي وڃي ته پوءِ سنڌي داد نه ڏين ته آخر ڇا ڪن. مقالن جي طويل نشست ۾ ڊاڪٽر تھمينه پنھنجو ئي لکيل مقالو پڙھڻ مھل بار بار خبر ناھي ڇو منجھندي رھي، جڏھن ته ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي به چڱيون ڳالھيون ڪيون، ائين جيئن صدارتي خطاب ڪندڙ ڊاڪٽر سلطان الطاف علي ڪجھه چڱيون ڳالھيون ڪيون. ھن اردوءَ ۾ خطاب ڪيو، پر ان ڪانفرنس جي عجب اسرار واري ڳالھه اھا به ھئي ته ڪنھن اردوءَ ۾ خطاب ته ڪنھن سنڌي ۽ پنجابيءَ ۾، پر اگھاميا اھي، جن ڳالھه عشق جي سليقي سان ڪئي.
    جس منزل نون عشق پھنجا پوي
    ايمان ڪنون خبر نه ھو!
    حيدرآباد ۾ ھي ميڙاڪو انھن ڏينھن ۾ ٿي رھيو آھي، جڏھن راولپنڊيءَ ۾ انتھاپسندي عروج تي آھي، جتي وڪيلن جي ضلعي بار گڏجي ھڪ قتل جو اعتراف ڪندڙ کي گلن جا ھار پارائي ٿي ۽ گھٽين ۾ غازين جا سرٽيفيڪٽ ورھايا وڃن ٿا، پر سنڌين جي حيدرآباد ۾ حق جا نعرا لڳن ٿا ۽ پنجابي شاعر کي مئي پڄاڻان به ساراھيو وڃي ٿو، جنھن انتھاپسنديءَ کي للڪاريو، جنھن جي پيغام سبب سندس قبر اڃان به چئي پئي ته
    تي نام فقير دان باھو قبر،
    جنھان دي جيوي ھو!
    انتھاپسنديءَ جي خوف مان نڪري تاج جويي پنھنجي تقرير ۾ پنجاب جي مقتول گورنر سلمان تاثير جي قتل جي مذمت ڪئي. ان قتل کي سھپ ۽ روداريءَ تي ائين ھڪ وار قرار ڏنو ويو، جيئن ڪجھه ڏينھن اڳ حيدرآباد جي سول سوسائٽي سلمان تاثير جي تصوير آڏو ميڻ بتيون ٻاري کيس خراج تحسين پيش ڪيو ھو. صوفي دانشورن جي ڊگھن مقالن جڏھن حاضرين کي بور ڪرڻ شروع ڪيو ته تڪڙ ۾ صوفي ايوارڊ ورھائي ان مانجھي فقير کي اسٽيج تي ڳائڻ لاءِ سڏيو ويو، جنھن جي ھاڪ ته اسان اڳ ٻڌي ھئي پر فقير جا درشن آچر رات ٿيا. مانجھي فقير جي آواز ۾ جيڪا اپيل آھي، تنھن اچڻ سان ھڪل ڪئي ته،
    عجب اھو اسرار ته ماڻھو مارڻ ثواب،
    نفعي ڪارڻ نفس جي ٿو جوٺا ڪرين جھاد.
    مانجھي فقير رات جو يارھين وڳي جيئن اسٽيج تي پھتو ته سندس اٺ کن سازندا ۽ ساٿي اڳ ۾ ئي ويٺل ھئا. مانجھي فقير، پنھنجي مختصر محفل ۾ جي شروعات نماڻائي سان ڪئي ته” مجھي ھر ڪلي شجر ۾، تيرا نور نظر آيا“. صوفي ڪانفرنس ۾ جيستائين فقير ڳائڻ شروع ڪيو، تيستائين ميزبانن ريفريشمينٽ جي نالي حاضرين کي پيٽ ڀرڻ جيترو لنگر ڪرائي ڇڏيو. ڀري محفل ۾ مانجھي فقير جڏھن سچل جو سرور ڀريو ڪلام:
    جنھن دل پيتا عشق دا جام
    سا دل مست و مست مدام،
    حق موجود سدا موجود!
    سر مستيءَ ۾ ڳائڻ شروع ڪيو ته حاضرين پنھنجن سيٽن تي اٿي جھومڻ ۽ نچڻ تي مجبور ٿي پيا. مانجھي فقير دنياداريءَ ۾چرندڙ پرندڙ ماڻھن کان ايترو ته لڪو گھمي لوڪ ۾، جو ڪيترن ماڻھن پڇيو اھو مانجھي فقير آھي، ڪير ۽ ڪٿان جو؟ مانجھي فقير روايتي صوفين جيان نه گيڙو ڪپڙا، نه الفيون پائي ٿو، نه ئي ڪو سُنگ جي نالي ۾ سورنھن ماڻھو گڏ کڻي گھمائيندو وتي ٿو. چار درجا سنڌي پڙھيل، باقي صفا ٺپ اڻ پڙھيل ھي الستي فقير مقالن واري نشست ۾ به منھنجي سيٽ کان ٻه سيٽون پويان سنگت سان ويٺو رھيو. اھو به مون کي ھالار ٻڌايو، جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پي ايڇ ڊي جو شاگرد آھي. پر بقول ان جي ته ھو مانجھي فقير جي جتي کڻڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿو. مانجھي فقير اصل ۾ شاھپورچاڪر لڳ ھڪ ڳوٺ لوداڻي ۾ ويٺل آھي، جنھن پنھنجي حياتي صوفياڻي راڳ ويراڳ کي ارپي ڇڏي آھي. ھو پنھنجي راڳ ۾ اکيون پوري ايترو ته مست رھي ٿو، جو کيس ڪا پرواھ نٿي رھي ته سندس آواز جي جادوءَ تي ڪو سيد ٿو نچي يا امتي. ھو ڄڻ ته منظر تان غائب ٿي پنھنجي محبوب يا پنھنجي مالڪ سان مخاطب رھي ٿو. آچر رات ھو اڇا ڪپڙا پائي، ڪاري ڪپڙي جو ڳارو ڳچيءَ ۾ وجھي سنڌي ٽوپي پايون مقالن واري نشست ۾ ويٺل رھيو ته اسان مان اڪثريت کي خبر ڪونه ھئي ته اھو مانجھي فقير آھي، جنھن جي اندر ۾ اھا آگ ۽ زبان ۾ اھا جرئت آھي، جيڪو زماني جي بڇڙائپ ۽ منافقت کي چئلينج ڪري ٿو. مانجھي فقير سلطان باھو ۽ سچل جي ڪجھه دوھيڙن ۽ ڪلامن کان سواءِ باقي شاعري اھا ڳائي، جيڪا بظاھر ھن اڻ پڙھيل صوفي راڳي جي پنھنجي ميراث آھي. ھڪ ھنڌ ھن شاعريءَ ۾ پٿرن جون اھڙيون اھڙيون تشبيھون ڏنيون، جو چڱن ڀلن جي عقل تي پٿر اچي وڃي، ھو چوي ٿو ته ”خود ھي ھون ظلمات مين، خود ھي روشن راھ ھون.“
    انتھاپسنديءَ جي وڌندر خوف ۾ ھاڻي جڏھن نام نھاد قومي پريس جا اھي ڪالم نگار به ڊڄي رھيا آھن، جن انھن جھادي ۽ انتھاپسند جي نرسرين جي سالن کان پئي آبياري ڪئي، اھڙي گھٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ صوفين ۾ الڳ ٿلڳ آواز مانجھي فقير جو اڀري ٿو، جيڪو ڪنھن به روايتي گاديءَ جي تابع ناھي، جيڪو آزاد طبيعت ۽ فقير آھي. ۽ چوي ٿو ته:
    لايون نڀايو، اھا ريت اسان جي،
    ڪڏي ڪنڌ ڪپايون، اھا ريت اسان جي!
    مانجھي فقير جي ويجھن دوستن ٻڌايو ته فقير جي طبيعت ناساز آھي. ڪجھه مھينا اڳ فالج حملي کان پوءِ ھو ٿورو لڏي لمي ھلي ٿو ۽ صوفي ڪانفرنس مھل به کيس بخار ھو. پر جڏھن راڳي ۽ ٻڌنڌرن جو روحاني رشتو جڙي ٿو وڃي ته پوءِ اھي دنياوي درد ثانوي حيثيث اختيار ڪري وڃن ٿا. ائين ئي مانجھي فقير به ٻه دفعا اسٽيج تان اٿي ھليو وڃڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو ۽ ماڻھن کيس ڪنھن پاپ سنگر جيان ”ونس مور“ جون رڙيون ڪري روڪيو. مانجھيءَ پنھنجي محفل جي آخر ۾ پنھنجو ئي ڪلام ٻڌايو ته:
    اوھان جا عاشق ھزارين آھن
    اسان جي ياري قبول پوي شل
    حيدرآباد ۾ ھي صوفي ڪانفرنس انتھاپسندي خلاف وڙھندڙ حڪومت جي ڪنھن به قسم جي سھڪار کان سواءِ ڪاميابي سان ٿي. صوفي فائونڊيشن جي دوستن ڊاڪٽر صابر ابڙو ۽ خالد چانڊيو ٻڌايو ته ھنن اھا ڪانفرنس پنجاب جي گورنر سلمان تاثير جي قتل کان پوءِ خصوصي طور نه سڏائي آھي، اھو سندن ساليانو اجتماع آھي، جيڪو ھو گذريل ستن اٺن سالن کان لاڙڪاڻي ۾ ڪندا پئي آيا. ھن ڀيري ھنن حيدرآباد جو رخ ڪيو ۽ ايندڙ سالن ۾ سندن اڏام پنجاب ڏانھن آھي، جتي ھاڻي صوفين جي آواز کي انتھاپسند جي لھر ائين دٻائي ويٺا آھن، جيئن ڪو ظالم باز معصوم ڪبوتر کي ھيسائي ڇڏيندو آھي.


    ٿينڪ يو جسٽس . . . !

    معاشرو ڪيترو به خراب ھجي ۽ آسپاس جون حالتون ڪيتريون به ناخوشگوار ھجن، پر ڪنھن به اھم عھدي تي ھڪ ھمدرد ۽ نيڪ دل ماڻھو جي موجودگي سماج مٿان ڪيترو نه مثبت اثر وجھي سگھي ٿي، ان جو نظارو ته ڇڏيو، ان جو اندازو به اسان جھڙن سماجن ۾ گھٽ نظر اچي ٿو، پر سنڌ جي ھاڻوڪي چيف جسٽس سجاد علي شاھ جي سربراھيءَ ۾ قائم سليڪشن ڪميٽي ھڪ اھڙو تاريخي ڪم ڪيو آھي، جو غريبن جي اولاد جو جج ٿيڻ وارو خواب پورو ٿي چڪو آھي. سنڌ جي مختلف ضلعن سان واسطو رکندڙ ھڪ سؤ اڻونجھاھ نوجوانن کي سول ججن ۽ جڊيشل مئجسٽريٽن جي حيثيت ۾ ارڙھين گريڊ ۾ بنا ڪنھن سفارش ۽ بنا ڪنھن رشوت جي ڀرتي ڪرڻ ھاڻوڪي دجالي دور ۾ ڪنھن معجزي کان گھٽ ناھي. انھن نوجوانن کي ذاتي طور ته آئون نه سڃاڻان، نه ئي انھن ڪامياب اميدوارن ۾ منھنجو ڪو مائٽ شامل آھي، پر انھن جي اڪثريت غريبن جا ٻار آھن ته اھي منھنجا پنھنجا ٿيا نه مون کان اوپرا ڪيئن ٿيا.
    انھن سڀني نوجوانن کي جڏھن فيس بُڪ تي مبارڪون ملڻ شروع ٿيون ته منھنجي خوشيءَ جي انتھا نه رھي. انھن نوجوانن ۾ ڪجھه اھڙا به اميدوار ھئا، جن کان بار جي ڪجھه عھديدارن ۽ ڪجھه وزيرن مشيرن جي ماڻھن ويھه ويھه لک رپين واري ڊيل ڪئي ، پر سندن ڀاڳ ڀلا جو ان سليڪشن ڪاميٽيءَ جو سربراھ ڪو ڪرپٽ ڀوتار مافيا جو نمائندو نه ھو ۽ ھو ميرٽ تي ڪامياب ٿي ويا. انھن ڪامياب اميدوارن منجھان ڪجھه اميدوارن جا تفصيل ته اوھان ڪاوش ۾ پڙھي چڪا ھوندا ته ڪيئن نه لاڙڪاڻي جي ڪورٽ ٻاھران چانھه وڪرو ڪندڙ چاچي جو پُٽ سول جج ٿي ويو آھي ۽ ھو اکين مان لُڙڪ نه سگھيو آھي. چيف صاحب کي اندازو آھي، الائي ڪونه ته سنڌ جي غريبن وٽ ڪنھن محبتيءَ ماڻھو جي آجيان لاءِ اھي ئي ٻه ٽي لڙڪ ۽ ٻه ٽي گيت وڃي بچيا آھن، ”باقي ته مال کائين“ سڀ وڏيرا وارا ڪم لڳو پيو آھي.
    سنڌ جي تاريخ ۾ چيف جسٽس سجاد علي شاھ جو دور سونھري اکرن ۾ لکيو ويندو ته جنھن دور ۾ سنڌ جا ڀوتار ھڪ پٽيوالي ۽ سپاھي جي نوڪري ٽن چئن لکن ۾ وڪرو ڪري رھيا ھئا، ان دور ۾ پورن ھڪ سؤ اڻونجاھ نوجوانن کي ميرٽ تي مفت ۾ ارڙھين گريڊ جون نوڪريون مليون. ھڪ باعزت روزگار سان گڏ کين اھو موقعو به مليو ته ھو عدل ۽ انصاف واري سنڌ قائم ڪرڻ ۾ مددگار ٿين. ھاڻي اھو انھن ڪامياب نوجوانن مٿان فرض آھي ته ھو سنڌ جي غريب ۽ لاچار ماڻھن جون تڪڙيون شنوائيون ڪن ۽ تڪڙا فيصلا ڏين ته جيئن عدالتن مٿان عوام جو اعتماد وڌيڪ بحال ٿئي. عدالتي ڪيس تڪڙا اڪلائڻ سان گڏ ڇا اھي نوجوان اھو به عزم ڪندا ته ھو پنھنجي ڪيريئر تي توجھه ڏيندا ۽ ننڍين عدالتن ۾ ھلندڙ رشوت جي بازان ۾ پنھنجي ميرٽ يا پنھنجي نالي کي ميرو نه ڪندا؟ اھا ڳالھه ڪنھن پڪ سان ته نٿي چئي سگھجي، ڇو ته اھو ھر ڪنھن انسان جو يا ھر جج جو پنھنجي اندر جو ضمير يا ايمان جو فيصلو ھوندو آھي، پر مون کي اميد آھي ته انھن نوجوانن جي اڪثريت سنڌ جي ايماندار ججن جي ھڪ ڊگھي قطار جوڙيندي، جيڪا سنڌ جي عدالتي نظام بابت جُڙيل پراڻي تاثر کي يقينن تبديل ڪندي.
    مون کي خبر ناھي ته چيف جسٽس صاحب ڪاوش اخبار پڙھندو آھي الائي نه، مون کي اھا خوشي آھي ته ھن ڪراچيءَ جو ھزارھ اسپيڪنگ جج ھوندي به اسان سنڌين سان اھڙي ڀلائي ڪئي آھي، جيڪا ڪنھن ڪاموريءَ يا سنڌي ڀوتار به نه ڪئي ھوندي. ھونئن ھاءِ ڪورٽ ته ڇڏيو سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو جج جسٽس جواد ايس ايڇ خواجه به سنڌي نه ھوندي به ڪاوش اخبار پڙھندو ھو ۽ ھن ته ھڪ دفعي ڀري عدالت ۾ سنڌ جي اٽارني جنرل کي سنڌي ۾ چئي ڏنو ھو ته، ”غلط بياني نه ڪر، مون صبح سان ڪاوش پڙھي آھي.“ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس صاحب سنڌي ڄاڻي نه يا نه مونکي سندس ھي عملي ڪم ايترو ته پسند آيو آھي، جو منھنجي وس ۾ھجي ۽ سندس پروٽوڪول کيس اجازت ڏئي ته آئون ھڪ ڀرڀور عوامي ميڙ ۾ کيس سونو تاج نه سھي، پر سنڌي پڳ ضرور پارائيندس، ڇو ته سنڌ جي ڪرپٽ مافيائن واري دور ۾ ھن ھڪ نئين تاريخ لکي آھي. ھن ھڪ ڌڪ ۾ ايترا جج کنيا ۽ انھن ۾ اقليتن ۽ عورتن کي به شامل ڪيو اٿائين. سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي ويب سايئٽ تي جڏھن انھن ڪامياب اميدوارن جي فھرست تي نظر پيم ته ان لسٽ ۾ ٽئين نمبر تي ھڪ ھندو نوجوان پوپٽ راءِ ولد ڀاوچند اگراڻي جو نالو لکيل ھو، جيڪو شايد مٺي جو آھي. ان طرح سان لسٽ ۾ اسي نمبر تي مس نسرين، تھمينه پٺاڻ ۽ ثناءَ عباس دشتي جا نالا به شامل آھن، جن کي سول جج واري نوڪري ملي آھي. سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاھ کي ٿينڪ يو چوڻ سان گڏ سليڪشن ڪاميٽي ۾ شامل جسٽس احمد علي شيخ ۽ ٻين ميمبرن جي به مھرباني جن حڪومتي وزيرن مشيرن جي ڏنل لسٽ کي نظرانداز ڪندي ميرٽ جو ھڪ انوکو مثال قائم ڪيو. مونکي سندس ميرٽ تي اعتبار شايد ڪڏھن به نه اچي ھا، اگر لاڙڪاڻي واري عدالت ٻاھران چانھه وڪرو ڪندڙ جي پُٽ واري خبر نه پوي ھا ۽ حيدرآباد ۾ واڌو واھ تي چانھه جي ھوٽل تي ھڪ اھڙي نئين ڀرتي ٿيل سول جج سان ملاقات نه ٿئي ھا، جيڪو ملنگ ماڻھو آھي، جنھن پنھنجيون سموريون توانايون ان امتحان ۾ ڪاميابي ماڻڻ لاءِ وقف ڪيون ھيون. ان ئي ڪامياب اميدوار ٻڌايو ته سول جج وارو آخري انٽرويو ڏيڻ لاءِ ھڪ اھڙو ھندو نوجوان به آيل ھو، جنھن کي وڪيلن وارو ڪو موچارو ڪوٽ به پنھنجو ڪونه ھو ۽ انٽرويو مھل کيس اسان اڌارو ڪوٽ ڏنو. چيف جسٽس سجاد علي شاھ کي ٿينڪ يو چوڻ جو ھڪ سبب اھو به آھي ته سندس ھن قدم سان منھنجي سنڌ جي محنتي ۽ پڙھيل لکيل نوجوانن جو ادارن تي اعتماد بحال ٿيو ته ڪو ھڪ ادارو اھڙو به موجود آھي، جتان ميرٽ جي اميد آھي، ورنه ھو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ٿيل تازو تماشو ڏسي ويٺا آھن. ھو انھن يونيورسٽين مان ڊگريون وٺي آيا آھن، جن ادارن جا سربراھ پوليس آفيسرن جيان ڪروڙن جون رشوتون ڏيئي پوسٽنگون وٺي آيا ھئا. ھو انھن گھٽين مان نڪري وڏا ٿيا آھن، جتي پٽيواليءَ ۽ ماستريءَ جي نوڪرين جا واڪ لڳندا ھئا. ھو ستن سالن دوران پنھنجي شھرن جي انھن گندين گھٽين مان گذريا آھن، جتي نوڪرين جا آرڊر ڀوتارن جي بنگلي تي وڪرو ٿيندا ھئا، اھڙي جنگل جي قانون واري دور ۾ ھڪ غير سنڌي جج جڏھن ميرٽ جي بنياد تي ھڪ سؤ کان مٿي سول جج کڻي ٿو ته يقين خوشي ٿئي ٿي ۽ دل چوي ٿي ته کيس ٿينڪ يو چيف صاحب چئجي.
    پر ڇا اھو ممڪن آھي ته اھڙي ميرٽ جو مثال ڪڏھن سنڌ پوليس جي سپاھين ۽ آفيسرن جي ڀرتين دوران نظر اچي؟ ڇا سنڌ جي نوجوانن کي ھاڻوڪو آءِ جي اي ڊي خواجه اھو يقين ڏياري سگھي ٿو ته سنڌ پوليس جي ڀرتين ۾ شفافيت ٿيندي، ڇو ته سنڌ نوڪرين ۽ ميرٽ جي لتاڙ ۾ تمام گھڻو ڀوڳيو آھي. ھاڻي اھو سلسلو صرف عدالتي نوڪرين ۾ نه، پر ھر جڳھه تي ھلڻ گھرجي ته جيئن عام ماڻھن جو ادارن مان کڄي ويل اعتماد بحال ٿئي. اھڙن شفاف ۽ عوامي ڪمن جو اثر ايندڙ ڏھاڪن تائين ماڻھن مٿان قائم رھي ٿو، ڇو ته غريب دوست ۽ ايماندار ٿيڻ لاءِ ضروري ناھي ته اوھان آڪسفورڊ جي ڊگري وٺي اچو يا ڪيمبرج مان پڙھي اچو ته پوءِ اوھان کي ميرٽ جي اھميت جي خبر پوندي. ايئن ته ھي چيف جسٽس به اسلاميه ڪاليج ۽ ايس ايم لا ڪاليج ڪراچي جو پڙھيل آھي، پر سندس فيصلن سان ميرٽ کي ترجيح بڻائڻ سان گھڻن غريبن جا مسئلا حل ٿين ٿا. اھي سپاھي جيڪي فتح علي خواجه پوليس ۾ ڀرتي ڪيا، سي کيس ھاڻي به دل سان دعا ڏيندا آھن ڇو ته انھن کان نوڪرين عيوض ھن ھڪ رپيو به رشوت نه ورتي ھئي. اھڙن عملن جي گونج سالن تائين سماج ۾ ھڪ بھتر مثال طور قائم رھي ٿي. باقي بدبودار ڪردار ته اسان جي سماج ۾ ايترا آھن، جو ھڪ کان مُنھن موڙيو ته ٻيو مُنھن ۾ ضرور لڳندو.
    سنڌ جي چيف جسٽس سجاد علي شاھ جي ان قدم جا اثر سنڌ جي عدالتي نظام مٿان گھرا رھندا ۽ ايندڙ وقت تائين سندس حوالو ھلندو رھندو، ڇو ته انھن انٽرويوز دوران ٽن ھاڻوڪن ايم پي ايز جا ويجھا مائٽ فيل ٿي چڪا آھن ۽ خود وڏي وزير جا ويجھا عزيز پڻ اسڪريننگ مان آئوٽ ٿي ويا ھئا. انھن ٻيھر اپيل به ڪئي پر انھن جون مارڪون سامھون آڻي ڳالھه صاف ڪئي وئي ته ھاڻي ججن جي مقرري سفارشن سان نه ٿيندي، اھو ته چيف صاحب جو تمام بھتر قدم آھي. پر ڇا اھڙي ميرٽ سنڌ جي ٻين ادارن ۾ لاڳو نه ٿي ڪري سگھجي؟


    درويش جي دنيا!

    ڪلاچيءَ جي سمنڊ ڪناري مٿان اربع جو سج اڃان مڪمل ڪونه لٿو ھو ته اسان ان درويش جي تلاش ۾ نظرون ڊوڙائيندا سي ويو واري بيچ تي پھتاسين، جيڪو سنڌ ۾ ڪجھه حڪمرانن جو موسٽ فيورت رھيو آھي. ھو ڪنھن دور ۾ ڪپڙن کان آجي حالت ۾ گھمندو ھو، پر ھاڻي شلوار قميص پائي ٿو. جيئن جيئن اسان سي ويو جي ويجھو پھتاسين، تيئن تيئن اسان اھو سوچيندا رھياسين ته اڄ فقير موجود ھوندو الائي نه، ڇو ته اسان ھڪ ڏينھن اڳ ۾ ئي سندس تلاش ڪئي، پر اسان کي پھچندي شايد دير ٿي وئي ھئي، جو ھو گڏ آيل پنھنجي ھمراھ سميت واپس ھليو ويو.
    اسان جيئن ئي ان جاءِ تي ويجھو پھتاسين ته مون سان گڏ ويٺل سندس معتقدن ٻُڌايو ته ”اھو سامھون سائين ويٺو آھي.“ سمنڊ ڪناري ماڻھن جي شور کان پري ھو ھڪ نويڪلائيءَ واري جڳھه تي سمنڊ کي ڏنل ديوار مٿان اوڪڙو ويٺل ھو. سندس ڀرسان سندس ھڪ دوست الائي معتقد پڻ ويٺل ھو، جيڪو پنھنجي گاڏيءَ ۾ روزانو درويش کي سمنڊ ڪناري ھڪ مخصوص ٽائيم تي وٺي اچي سير ڪرائيندو آھي ۽ وري واپس وٺي ويندو آھي. مون کي يقين نه پئي آيو ته ته سادي ڪاٽن جي ھلڪي بوسڪي ڪلر جي شلواز قميص پائي، ڳلي جا فُل بٽڻ کولي، مٿي ۽ بدن کي اجرڪ ويڙھي ويٺل ھي شخص اھوئي ماڻھو آھي، جنھن وٽ پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ آڪسفورڊ جي پڙھيل محترمه بينظير ڀٽو سيڙجي پھتي ھئي ۽ کيس پنھنجي ھيليڪاپٽر ۾ کڻي گُھمايو ھو. مون کي واقعي يقين نه پئي آيو ته ھن درويش وٽ سنڌ جو اڳوڻو وزيراعلى سيد عبدالله شاھ پنھنجي ھيليڪاپٽر ۾ ايترا دفعا آيو، جو ھن سرائيڪيءَ ۾ سندس نالو ”ڦيريان والا شاھ“ رکي ڇڏيو ته جڏھن به ڦيري ڏئي ٿو ھيليڪاپٽر ۾ مون وٽ ضررو ٿو اچي. مون کي ته اھو ٻُڌي به عجب ٿيو ته سنڌ جو ھڪ ٻيو وزيراعلى ۽ تبليغي جماعت وارو سرگرم رُڪن ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم به وٽس حاضري ڀرڻ ايندو آھي. ”اھو ته ھاڻي به مھينو کن اڳ وٽس ڳوٺ آيو ھو.“ مون کي سندس معتقدن ٻڌايو.
    ڪراچيءَ جي سمنڊ ڪناري منھنجي سامھون اجرڪ ۾ معصوماڻي انداز سان اوڪڙو ويھي ”الله خير، الله خير.“ جو ورد ڪندڙ درويش ۽ اھو ساڳيون جھڏي وارو لالڻ لاشاري آھي، جنھن کي پنھنجي ڳوٺ ۽ آسپاس وارا درويش مڃيندا ھئا پر کيس سنڌ سطح يا ملڪي سطح جي شھرت تڏھن ملي، جڏھن آڪسفورڊ جي پڙھيل پاڪستان جي پھرين عورت وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو سندس ڳوٺ جو دورو ڪيو. سندس معتقدن ٻڌايو ته، ”محترمه اھو دورو سيد عبدالله شاھ جي مشوري تي ڪيو ھو، جنھن کيس لالڻ لاشاري جي درويشيءَ جا ڪجھه اھڙا قصا ٻڌايا، جو ھوءَ متاثر ٿي اچي جھڏي پھتي.“ ان وقت مشھور ٿيو ھو ته لالڻ لاشاري کان جڏھن محترمه پُڇيو ته ”اوھان کي جيڪو گھرجي ٻُڌايو.“ ته ان وقت لالڻ ھيليڪاپٽر ۾ گھُمڻ جي فرمائش ڪئي ھئي. مون اھا پڪ ڪرڻ خاطر خود لالڻ کان پُڇيو، پر ھن وضاحت ڪئي ته ، ”اھڙي فرمائش مي ڪونه ڪيتي ھيمانس، مائي آپ آکيا ھا . . .“
    لالڻ ھونئن ته سنڌي به سُٺي ڳالھائيندو آھي، پر اسان جي گروپ سان ھن سرائيڪيءَ ۾ ڪچھري ڪئي. لالڻ لاشاري سال جا ڪجھه ڏينھن ڪراچي اچي سمنڊ ڪناري پنھنجي معتقدن سان گڏ گھُمي ٿو. شايد سمنڊ ۾ ڪا اھڙي ڪشش ضرور آھي، جو عاشقن ۽ اوشاقن کي پاڻ ڏانھن سڏيندو ٿو رھي. پر عجيب ڳالھه اھا به ھئي ته ھي درويش سمنڊ ڪناري بلڪل ان جاءِ تي ويٺل ھو، جتان ڪجھه سال اڳ اسان جو ھڪ دوست خودڪشي ڪرڻ جي ارادي سان آيو ھو، ڇو ته جنھن محبوبه ساڻس چانڊوڪي رات ۾ سمنڊ جي لھرن ڳڻيندي واعدو ڪيو ھو ته ھو ھميشه ساڻس گڏ رھندي، سا کانئس جدا ٿي ويئي ھئي. ھن پنھنجي پيار جو اظھار به انھن لھرن جو مثال ڏيندي ساڻس ڪيو ھو ته ”جيئن سمنڊ جو لھرون نه ٿيون ڳڻجي سگھجن، تيئن ئي منھنجو پيار تون نه ٿو ڳڻي سگھين.“ ان نوجوان چانڊوڪي رات ۾ ئي ان سمنڊ ڪناري ان ئي بيچ تي ڪيئن اچي خودڪشي ڪئي ھئي، سو قصو ڪنھن ٻئي ڀيري، پر منھنجي سامھون اھو لالڻ ويٺل ھو، جيڪو سنڌ جي ھاڻوڪي ”حڪمران عورت“ کان سخت بيزار ھو. ان مٿان سخت تبصرا ڪندي چوڻ لڳو، ”اينھن مائي ملڪ تباھ ڪر ڇوڙيا ھي، ڦٽيان دا فصل ڏيکو ڪنھن ڪون رقم ونھي ملي، سڀ کا ڇوڙيا ھئس.“
    لالڻ لاشاريءَ سان ملاقات کان اڳ آئون کيس ھڪ اھڙو مجذوب ماڻھو سمجھندو ھُئس، جنھن کي دنيا جھان جي ڪا خبر شايد نه ھوندي ۽ پنھنجي ڌُن ۾ رھڻ وارو ھوندو، پر ھي لالڻ لاشاري نه رڳو ھاڻوڪي سياسي صورتحال ۾ دلچسپي رکندڙ ھو، پر ان کان بخوبي واقف به ھو. ھو حڪمرانن جي رُتبي سان گڏ پنھنجي رُتبي جو به گھڻو خيال رکندڙ نظر آيو، جنھن کي جڏھن فقير سائين ڪري مخاطب ٿيس ته ھن ان لفظ کي نامناسب قرار ڏيندي چيو، ”فقير لفظ جي اڳ اھميت ۽ عزت ھوندي ھئي، پر ھاڻي پنڻ وارن فقيرن اھا وڃائي ڇڏي آھي، تنھن ڪري مونکي درويش چئو الله جو درويش، جيئن ٻيا غوث قطب بزرگ آھن.“ ھن جي پنڻ وارن فقيرن سان ايتري ته نفرت ھئي، جو ڪجھه جوڳي جڏھن سندن نظرن اڳيان گُزريا ته ھن مُنھن موڙي سمنڊ طرف ڪري ڇڏيو، جيستائين اھي گذري نه ويا، ھن پنھنجو مُنھن اسان ڏانھن نه ڪيو، پر ھن عورتاڻي ڊريس ۾ خيرات لاءِ آيل کدڙي فقير سان ڏاڍي شفقت سان ڳالھايو ۽ کيس ٻُڌايو ته، ”مان الله جو درويش آھيان، دعا ڪندوسانءِ.“ ته ھن فقير کيس وراڻيو ته، ”ڪجھه پئسا ڏيو باقي دعا ته مان پاڻ جام ڪندو آھيان.“ لالڻ لاشاري اقتداري سياست ۾ ايترو ته اپ ڊيٽ ھو، جو کيس خبر ھئي ته زرداري گرفتاريءَ جي ڊپ کان ٻاھر ويل آھي ۽ جنرل راحيل شريف ڪراچي ۾ امن ڪرايو آھي. ھن جنرل جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو، ”اھو جيڪو فوجي ھي نه اھو ماڻھو بلا ھي . . . ڪم ڀلي پيا ڪريندا ھي . . . ڪراچي مين ڏيکو اسان سُک نال ٻيٺي ھون، اھو فوج دا ڪم ھي . . . “ جڏھن مون کيس ٻُڌايو ته اھو جنرل ھاڻي چند مھينن ۾ ريٽائر ٿيڻ وارو آھي ته ھو ايئن خاموش ٿي ويو، جھڙوڪر کيس اھا ڳالھه نه وڻي ھجي . . .
    ڪراچيءَ ۾ لالڻ وٽ ٿي سگھي ٿو ڪنھن وقت خاص ماڻھن جي ڪا رش ٿيندي ھجي، پر جنھن مھل اسان پھتاسين، ان مھل ھو صرف پنھنجي ھڪ ساٿيءَ سان گڏ ڪچھري ۾ مصروف ھو. ڳالھيون ھلندي مون کيس ھڪ پٺاڻ جو قصو ٻُڌايو، جيڪو به پاڻ کي درويش سڏائيندو آھي. سوات کان ڪراچي اچي ٿو ۽ اويس مظفر جو مرشد سمجھيو وڃي ٿو، جيڪو ڊفينس ۾ پنھنجي مقبوليت ايتري ماڻي چڪو آھي، جو سڀ وٽس پنھنجون پنھنجون شرٽون کڻي ويٺل ھوندا آھن. ھو سوالين جي آندل شرٽ کي ڇنڊڪو ڏيئي ان مان سندن سامھون تعويذ ۽ تالا ڪيرائي ڏيکاريندو آھي ته ” ڏس تو مٿان ڪيتري بندش آھي.“ ھڪ پٺاڻ معتقد کي ته ھن تالن ۽ تعويذن بدران ان شرٽ مان گوليون ڪيرائي ڏيکاريون ته ڏس ڪيترا دشمن تنھنجي جان جي پويان لڳل آھن، پر لالڻ جو خيال ھو ته، اويس مظفر وارو مرشد ڪرتب باز آھي. لالڻ کي ته اھا به خبر ھئي ته اويس، زرداريءَ جو ڪھڙي قسم جو ڀاءِ آھي، جنھن مان اندازو لڳو ته ھو اقتداري ڪلاس جي ماڻھن کان ڪيترو نه ويجھڙائيءَ کان واقف آھي.
    لالڻ لاشاريءَ سان گپ شپ ھلي رھي ھئي ته پنھنجي فيس بڪ لاءِ سندس فوٽو ڪڍڻ جي فرمائش ڪيم، پر ھن ۽ ھُن جي معتقدن منع ڪيو ته، ”سائين فوٽو نه ڪڍرائيندو آھي.“ وري به اصرار ڪيم ته ھن چيو، ”تون ٽي وي وارو آھين، نه . . . پوءِ اھو ٽي ويءَ وارو فوٽو ڪڍ، باقي ھي صحيح ناھي . . .اھي فوٽو اخبارن ۾ اچن ٿا اخبارون رديءَ ۾ وڃن ٿيون ۽ ماڻھن جي پيرن ۾ لتاڙجن ٿيون ته الله جي درويشن جي بيحرمتي ٿئي ٿي، تنھن ڪري تون جھڏي اچ ته توکي بيان ڏيندس.“ ھن فريال ٽالپر جو طنز مان ھڪ مخصوص نالو رکي ڇڏيو آھي ۽ مون کان پڪ ورتائين ته ”اگر ان خلاف بيان ڏيان ته ھلائيندين.“ منھنجي ھا ڪرڻ تي پنھنجي ھڪ معتقد کي تاڪيد ڪئي ته، ”ھن کي جھڏي ضرور وٺي اچجان ته جيئن ريڪارڊنگ ڪري سگھي.“ ھن پنھنجي مختصر ڪچھريءَ ۾ ڪي وڏا راز، ڪي اصرار ته اسان سان شيئر نه ڪيا. پر وٽس ايندڙ سياسي اڳواڻن ۽ عام ماڻھن جا حال احوال ضرور بيان ڪيا، جنھن مان عبدالله شاھ لاءِ نه، ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ته ھن دعوى ڪئي ته، ھو سندس دعا سان وزيراعلى ٿيو ھو. لالڻ جي ڳالھه ٻُڌي مون مسڪرايو، ڇو ته ارباب پاڻ ان نوڪريءَ لاءِ ڪنھن درويش جو نه، پر ھڪ جنرل جو نالو وٺندو رھيو آھي، پر ٿي سگھي ٿو درويش جي دُعا ۽ جنرل جي سفارش ڪٿي ڪنھن موڙ تي گڏجي پيا ھجن ۽ سنڌ ۾ اھڙو ڪو معجزو ٿي پيو ھجي، جو ھڪ سيٽ وارو ارباب وزيراعلى بڻيو ھجي، ڇو ته سنڌ ھونئن ئي معجزن واري سرزمين آھي، جتي ڪنھن به وقت ڪوبه معجزو برپا ٿي سگھي ٿو.


    مي رقصم وارو من!

    سندس طبيعت ته گھڻي وقت کان خراب ھئي، پر ھاڻي جڏھن سندس طبيعت جي ٻيھر خرابيءَ ۽ دوائون نه کائڻ جي خبر پڙھيم ته پھريان دل سٽ کاڌي ته ھڪ ڀيرو وري کيس روبرو ڏسي اچان، پر پوءِ ائين رسمي عيادت کان پري ٿي بيھي رھيس، جنھن ۾ نه ڪا ڳالھه ٻولھه ھجي نه ئي ڪو سياري جي ڪافي جھڙو ٽھڪ ۽ لالي جي اکين جي شرارت جھڙو تاڙو شامل ھجي. ڇو ته ھو ڪو رسمي ماڻھو ته ناھي پر سنڌي ادب ۾ سالن کان اوچي ڳاٽ بيٺل اھڙو ليکڪ آھي، جنھن جي دل ھاڻي به پنھنجي ڌرتي لاءِ ڌڙڪي ٿي. ھو جيڪو سموري حياتي روايتي سنڌي ادبي تڪرارن کان پري ٿي بيٺو ۽ پنھنجي حصي جو ڪم ڪندو رھيو، تنھن پختي ارادي واري ماڻھو کي ھاڻي حياتي جي آخري ڏينھن واري ھيڻي حال ۾ ڪيئن ڏسي سگھان. ھو جنھن جي فطري ساھ کڻڻ واري ڪوٽا ھاڻي ختم ٿي چڪي آھي ۽ ھو ھٿردو مشينن تي جيڪا گھڙي ساھ کڻي ٿو تنھن ۾ به چئي ٿو ”من منھنجو ڪم اڌ ۾ رھجي ويو اٿئي، اڃان ڪجھه لکڻو ھيو .. . “ اھا ڪنھن ليکڪ لاءِ ڪيتري نه ڏکائيندڙ ڳالھه ھوندي سا ڪنھن ليکڪ کي ئي خبر ھوندي ته ھو ڪجھه لکڻ چاھيندو ھجي پر وٽس وقت باقي نه بچيو ھجي. . . ان ڏينھن روبرو ڪچھري دوران به ھن پنھنجو نھايت ئي نفيس منھنجي ھٿن ۾ ڏيندي چيو ھو ته ”جڏھن ڊاڪٽر وٽ وٺي ويا ته ان کي به اھو چيم ته مونکي ٻيو نه تڏھن به ايتري مھلت ملي جو جيڪي ٻه ڪتاب لکڻا آھن، سي لکي وٺان . . . “ پر ڪيئن چئجي ته ھاڻي آغا کي اھا مھلت ملندي به الائي نه . . !
    منھنجي ھڪڙي خراب يا سٺي چئو، پر عادت اھا آھي ته جنھن کان آئون وڌيڪ متاثر ھوندو آھيان يا جيڪو مونکي وڌيڪ پسند ھوندو آھي ان سان ڄاڻي واڻي ملڻ کان لنوائيندو آھيان. موقعا ۽ وقت وسيلا ھوندي به ان شخص کان پيو لنوائيندس. اگر ڪٿي ڪنھن محفل ۾ملي به ويو، تڏھن به کيس اھيو ڪونه ٻڌائيندس ته آئون ڪيترو نه ساڻس پيار ڪريان ٿو . . . پر دل ئي دل ۾ کيس محبت جي اوچي خاني ۾ رکندو ايندس. ”ھمه اوست“ ۽ ”اونداھي ڌرتي روشن ھٿ“ جھڙا ڪتاب پڙھڻ کانپوءِ آغا سليم کي بنا ٻڌائڻ جي دل واري ان خاني ۾ رکي ڇڏيم. باقي سالن ۾ ھن سان ڪي مختصر ملاقاتون ٿيون پر ڪڏھن به ساڻس تفصيلي ڪچھري ڪونه ٿي. پر جڏھن سندس بيماري جي خبر پڙھيم ته پوءِ خاموش ڪيئن رھان ، کيس ڪراچي واري شھر ۾ ائين ڳولي لڌوسين جيئن علي بابا کي ڳولي ھٿ ڪيو ھئوسين.
    ڪراچي ڊيفينس واري سندس گھر جي ائڊريس ڳولڻ ۾ ڪراچي جي ائڊريسن کي برزبان ياد ڪندڙ پياري نديم وڳڻ کي ساڻ ڪري جڏھن اسان شام ڌاري سندس دروازي تي پھتاسين ته ان وقت سندس فزيوٿراپسٽ ڊاڪٽر به آيل ھيو، پر آغا جي مھرباني جنھن ڪمري اندر اچڻ جي اجازت ڏني. جيڪا سندس فيملي جي مرضي خلاف ھئي، ڇو ته ڊاڪٽرن کيس مڪمل آرام جو مشورو ڏنو ھيو، جنھن ۾ گھٽ ڳالھائڻ به شامل ھوندو آھي. پر مون سان ملندي ئي چوڻ لڳو ته تنھنجا ڪالم ڪافي دفعا پڙھيا اٿم نثار . . . پر مليو اڄ آھين ته توکي ڪيئن ٻڌايان ته تون ڪيترو سٺو لکندو آھين . . . لکڻ ۾ مزو اٿئي يار لکندو ڪر . . .آغا سليم جي ڏاڙھون جھڙي ڳاڙھي حسين چھري ۽ نفيس طبيعت جا تفصيلي تعارف ته پياري نصير مرزا جي لکڻين ۾ پڙھي چڪا ھئاسين، پر مون جڏھن اک کڻي کيس گھوري ڏٺو ته ھو اسي سالن ۾ به ڏاڍي پرڪشش پرسنلٽي لڳو پيو ھو. ھن پنھنجي ان ٻانھن کي قميص جي بٽڻ سان بند ڪري رکيو ھو، جن مٿان ڊاڪٽري انجيڪشن جا نشان ڪارا داغ ڇڏي چڪا ھئا. ھو سنگل بيڊ پلنگ تي وھاڻن جي ٽيڪ سان آھليو پيو ھو. ٻئي پاسي کان سندس دوائون ۽ مشينون لڳل ھيون. ڪمري ۾ پيل ٻئي سنگل بيڊ پلنگ تي سندس فزيوٿراپسٽ ڊاڪٽر ويٺل ھو. اسان آغا سان ھڪ مختصر ڪچھري ڪري واپس ٿيڻ جو ارادو ڪري آيا ھئاسين پر ھن جڏھن جھوڪ جي شاھ شھيد عنايت جي پراسرار انقلابي واٽ جا ورق کوليا ۽ ڪلھوڙا دور جي تاريخ ۾ لڪل حڪمران ميان غلام شاھ ڪلھوڙي جا قصا ڪڍيا ته آغا جي محفل مان ھاڻي ڪير ڪافر اٿي . . . ؟ توڻي جو سندس تيماداري لاءِ مقرر ملازم بار بار ڪمري اندر اچي اسان کي باور ڪرائي رھيا ھئا ته ھاڻي ملاقات جو وقت ختم ، پر انھن جي اشارن کان وڌيڪ عزيز اسان کي آغا جي اھا فلاسافي لڳي رھي ھئي، جيڪا بيان ڪندي ھو وجد ۾ چئي رھيو ھو ”سر بازار ۾ رقصم . . . سردار مي رقصم. . . “ ھو اسان کي سمجھائي رھيو ھو ته تاريخ ته بيشمار ظالم، بزدل ۽ بيڪار حڪمرانن جي تعريفن سان ڀري پئي آھي، جنھن ۾ چمچاگيري به شامل آھي پر تاريخ جي دز ڪجھه حقيقي ڪردارن کي اھڙو لڪائي رکيو آھي، جو شاھ عنايت شھيد به اسان کي صدين کان پوءِ ٿو سمجھه ۾ اچي. ائين ئي ميان غلام شاھ ڪلھوڙو اٿئي نثاڙ . . . . ان شام واري ڪچھري ۾ آغا سليم بار بار ميان غلام شاھ ڪلھوڙي ۽ شاھ عنايت شھيد جو ذڪر ڪندي نيٺ چئي ڏنو ته سنڌ جي تاريخ ۾ انھن ٻنھي ڪردارن مٿان ڪو گھربل تحقيق يا ڪم نه ٿيو آھي. سو جنھن لکڻ جي تمنا ڪريان ٿو يا جيڪي ڪتاب مون کان لکڻ ۾ رھجي ويا آھن، اھي انھن ٻنھي ڪردارن بابت آھن. ھاڻي اگر صحتمند ٿيندس ته پھريون ڪم اھو ڪندس.
    ان شام آغا سان مختصر ملاقات ۾ اسان سالن جو سفر طئه ڪيو، ھن ريڊيو سان پنھنجي طويل سفر جو دور ٻڌايو ته ڪيئن نه گلگت ۽ اسڪردو جي ھڏ ٺاريندڙ سردين ۾ به ھو ڊيوٽي ڪري آيو، جتي رات جو اک ان وقت پاڻھي کلي پوندي ھئي، جڏھن ھيٽر بند ٿيندو ھو. زندگي جي ان رنگ يعني نوڪري واري سفر جي پڄاڻي ته ھن جي بقول ھن شڪر ادا ڪيو، جو سندس ڳچي مان اھو طوق لٿو ۽ ھن لکڻ پڙھڻ کي ڀرڀور وقت ڏنو. سندس اکين ۾ ان ڏينھن عجيب چمڪ ھئي جنھن ۾ ڪا پريشاني، پڇتاءُ يا ڳڻتي نه ھئي. نه ته اسي سالن جو ڪو پوڙھو خطرناڪ بيماري جي بستري تي ھجي ۽ ٿڌ ساھ نه ڀري، سو ڪيئن ممڪن آھي پر ھي سردار مي رقصم وارو من ھيو، جنھن جي اکين ۾ ان اميد نئين ڄاول ٻار جيان اکيون کولي رھي ھئي. ھو سنڌ جي ايندڙ نسل مان مطمئن ھيو. سندس موڪلاڻي جو انداز به عجيب ھو. پنھنجي ويجھو ڪري ٻنھي ھٿن سان منھنجي چھري کي ڇھي چوڻ لڳو ”تون اسان جو ٻچو آھين اسان جي روايت ۾ وڏا ائين پار ڪندا آھن. مايوس ناھيون اھا پڪ سمجھه ڇو ته سنڌ جيئندي ۽ شاھ عنايت شھيد واري فلاسافي به سمجھندي. اھيو اسان نه ڪيو ته ايندڙ نسل ضرور ڪندو تنھنڪري ڪا مايوسي ڪا پريشاني ناھي .“


    بادل کي سمجھاءِ ! ! . . . .

    ان ڏينھن عرفانه ملاح جي فيس بڪ وال تي ھي خبر پڙھي حيران رھجي ويس جنھن ۾ لکيل ھو ته جھڏو ڀرسان ايل بي او ڊي لڳ ڍورو پراڻ مان 50 عورتن ۽ ٻارڙن جا لاش مليا آھن، جيڪي بکن وگھي پاھ ٿي برساتي پاڻيءَ اندر مري ويا. مئل ٻارڙا مائرن جي ڀاڪر ۾ ھئا جن کي شايد ان جو داڻو به نه مليو ۽ مائرن کي اھڙي ڪا خشڪ جاءِ نه ملي جتي کين دفنائن. اھا ھڪ اھڙي دکدائڪ خبر ھئي جنھن کي مون پنھنجي وال تي به تڪڙ ۾ جيئن جو تيئن شيئر ڪيو. جڏھن ڪمينٽس اچڻ شروع ٿيا ته لڳ ڀڳ سڀني دوستن ان جي تصديق ڪرڻ لاءِ خبر جو ذريعو پڇڻ شروع ڪيو. لڳ ڀڳ سڀني دوستن جو اھو اصرار ھو ته جيڪڏھن اھا خبر جيئن جو تيئن درست آھي ته پوءِ اھا خبر اڃان تائين مک ميڊيا ۾ ڇو نه آئي آھي. مون عرفانه کي ميسيج ڪيو ته سندس ان خبر جو ذريعو ڪھڙو آھي ته جيئن باقي دوستن کي ٻڌائي سگھجي. عرفانه جواب ۾ پروفيسر محمد اسمياعيل ڪنڀر جو نالو ورتو جيڪو بقول سندس آرمي ريسڪيو ٽيم سان گڏ انھن علائقن ۾ وڃي ڪم ڪري چڪو آھي. اھڙو ئي ذڪر اسماعيل ڪنڀر صاحب آچر 11 سيپٽمبر واري ڪاوش اخبار ۾ لکيل پنھنجي خط ۾ ڪيو آھي.
    برساتي تباھي ۾ بکن ۾ پاھ ٿيندڙ سنڌ ھڪ عجيب تماشي لاءِ تيار ڪيل اسٽيج بڻائي وئي آھي ، جتي ”برساتي ۽ امدادي سياست“ زورن تي آھي، ماڻھو آھن، جن کي پاڻيءَ نھوڙيءَ وڌو آھي ۽ کين اھڙو ڪو خشڪ ٽڪرو نٿو ملي جتي ھو سنڌي چوڻي موجب ”سوين پيرن کان پني ورتل“ پنھنجن پيارن کي دفنائن ۽ اسان جا اختيار ڌڻي آھن جيڪي احساسن کان ايترا ته عاري ٿي چڪا آھن جو ملڪ ۾ ته پاڻي حد کان وڌيڪ آھي پر انھن جي اکين جو پاڻي لڳي ٿو سڪي ويو آھي، جيڪي اھڙي آفت ۾ عياشي وارا بيان ”ڏيئي چون ٿا ته ڪئمپن ۾ جاءِ ناھي ته برسات متاثرن کي ترسائڻ لاءِ ھوٽلن جا ڪمرا بڪ ڪرايو. انھن ئي جا اھي بيان به عوام کي ياد آھن جن ڪڻڪ جي اٽي جي بحران وقت چيو ته ، ”اٽو ناھي ته ماڻھو چانور کائين.“ اھڙن بيانن منجھان ٻيو ڪجھه ظاھر ٿئي يا نه حڪمرانن جي سنگين مسئلن ڏانھن سنجيدگي بلڪل واضع آھي ته ھو عوام جي اھنجن کي ڪيترو نه سنجيدگي سان وٺن ٿا. بدين جيڪو تازين برساتن ۾ تباھ ٿي ويو اتان جي چونڊيل نمائندن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ڊاڪٽر فھميده مرزا کي ماڻھو دبئي ۾ شاپنگ ڪندي ۽ شوٽنگ مقابلن ۾ حصو وٺندي ڏسي حيران ٿي ويا ته ھي اسان جي انھن علائقن جا چونڊيل نمائندا آھن، جن جو عوام پاڻيءَ ۾ ٻڏي رھيو آھي. بلڪل ائين جيئن تازو وزيراعظم کي ايران ۽ قازقستان جي دورن تي ويندو ڏسي ماڻھو حيران ٿي ويا. صدر زرداري اڳ ۾ ئي نوابشاھ ۾ ”پائنچا پسائڻ کان پوءِ صدارتي جھاز ۾ لنڊن پھچي چڪو آھي ۽ علاج سان گڏ الطاف حسين سان به رازو نياز جون ڳالھيون پيو ڪري، اھو ته شڪر ٿيو جو ميڊيا جي تنقيد کان پوءِ وزيراعظم گيلاني پنھنجو آمريڪي دورو ملتوي ڪيو آھي، جنھن ۾ ھو وڃي ته صرف اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪري ھا، پر وفد اسي ماڻھن جو ويو پئي. ان وفد کي ته ڇڏيو صرف وزيراعظم جو روزانو 40 کان 50 ھزار ڊالر خرچ جو ڪاٿو لڳايو ويو ھو.
    جنھن ملڪ جا سربراھ پنھنجي عوام جي ان تباھي تي ايترا ”ڳڻتيءَ“ ۾ ورتل ھجن ته پوءِ باقي دنيا ۽ امدادي ادارا آفت سٽيل علائقن جي ڳڻتي ڇوڪن، ھي ڪو جاپان ناھي جتان جا حڪمران زلزلي ۽ سونامي کي ڇھه مھينا گذرڻ جي باوجود سڪتي ۾ ورتل آھن. يارھين سيپٽمبر تي ھو نئين وزيراعظم سميت ڪنڌ جھڪائي چند منٽن جي خاموشي ۾ بيٺل ھئا. قدرتي آفتون رڳو سنڌ ۾ نٿيو اچن سڄي دنيا ۾ اچن ٿيون پر فرق صرف ايترو آھي ته باقي دنيا وارا انھن آفتن کي منھن ڏيڻ ۽ آئينده ان کان محفوظ رھڻ لاءِ ڏينھن رات محنت ڪن ٿا. برساتن جي تباھي سنڌ ۾ نئين شاعري کي به جنم ڏنو آھي. ڪنھن دوست ايس ايم ايس ڪيو ته:
    ”مالڪ ھر انسان ٻڏي ويو
    بابي گڏ جو ڏاج ڪيو ھو
    سارو سو سامان ٻڏي ويو
    رات مليو خيرات ۾ جيڪو
    پيٽ بکين جو نان ٻڏي ويو
    مالڪ سڏڪا دانھو سڻ تون
    جيجل جو پٽ جواڻ ٻڏي ويو
    مال لئه تيلو گاھ جو ڪونھي
    بک تي ھر حيوان مري ويو
    ٻڏڻ وارو ڪو ناھي
    سارو ڄڻ ته جھان ٻڏي ويو
    حڪمران جڏھن عوام جي اھنجن کي سنجيدگي سان نٿا وٺن ته عوام به اھڙن حڪمرانن کي ڪنھن خاص سنيجدگيءَ سان نٿو وٺي. علي قاضي ھروڀرو نٿو چئي ته ”بابا ھي اندازِ حڪمراني ھي طرز عمل گھڻو وقت نه ھلي سگھندو.“ ڇا ھنن حڪمرانن ڪڏھن اھو غور ڪيو آھي ته ھيلوڪيون برساتون ”موسمياتي تبديليءَ جون تباھيون آھن. سنڌ موسمياتيءَ تبديليءَ جو شڪار ٿي آھي. ان کي عام رواجي ڳالھه نه سمجھو، ان کي چند ووٽن ۽ چند امدادي ٽرڪن جي ڳالھه نه سمجھو. جيڪڏھن پنجاب ۾ ڊينگي وائرس جي ايمرجنسي آھي ته ھنن سريلنڪا مان ماھر ڊاڪٽر گھرائي ورتا، شھباز شريف ته ھڪ طنز به تقرير ۾ ڪري ويو ته جيڪڏھن ڊينگي مڇر اسپري سان نٿو مري ته اسان جنرل ڪياني کي چونداسين ته ٽينڪون موڪلي ته مڇر ماريون. سوال اھو آھي ته توھان ۾ موسمياتيءَ تبديلي جي آيل آفت کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪھڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي آھي؟ اختيار ڌڻين جي غير سنجيدگيءَ ۽ گذريل ٻوڏ دوران ڪيل رڪارڊ بدعنواين کي ڏسي عالمي ملڪ ۽ عالمي امدادي ادارا ھاڻي پوئتي ھٽي ويا آھن. اسان پنھنجي ساک ايتري وڃائي چڪا آھيون، جو ريڊ ڪراس جھڙا عالمي ادارا توبھه ڪري ڀڄي ويا، جيڪي جاپان ۾ ڇھه مھينا گذرڻ جي باوجود ڪمن ۾ مک ڪردارا ادا ڪري رھيا آھن. ريڊ ڪراس سان سنڌ ۾ اھا حالت ٿي جو ان جو گڏ ڪيل امدادي سامان جيالن پنھنجن گودامن ۾ بند ڪري ڇڏيو.
    سرڪاري ادارن ۾ عدم شفافيت ڪري 13 لک متاثرين اڃا به امداد کان محروم ٻڻيل آھن. اھا ھڪ عالمي اداري جي سروي آھي جيڪي عدم شفافيت سبب آفت ھوندي به امدادي ڪمن ۾ حصو نٿا وٺن. انھن جو چوڻ آھي ته سرڪار ته سرڪار، مقامي اين جي اوز به عالمي امدادي ادارن سان ٻه ھٿ ڪرڻ جي چڪر ۾ آھن. گذريل ٻوڏ دوران سنڌ جي ھڪ اين جي اوز ان متاثرن کي ڇھه ھزار ٽينٽ ڏئي عالمي اداري کان 75 ھزار ٽينٽن جو بل ورتو. جاپان ۾ زلزلي ۽ سونامي ۾ 20 ھزار ماڻھو مري ويا ۽ 80 ھزار بي گھر ٿيا ھئا. اسان مالديپ جي چاليھه ساله صدر محمد نشيد کان وڃي ٽيوشن وٺڻ گھرجي، مالديپ لڳ ڀڳ ٻارنھن سؤ جزيزن تي مشتمل ملڪ آھي، سمنڊ جي سطح وڌي وڃڻ ڪري مالديپ جا کوڙ جزيزا پاڻي ھيٺ اچڻ جو خطرو آھي. نوجوان صدر جيڪو مامون عبدالقيوم جي 30 ساله آپيشاھي کان پوءِ پھريون چونڊيل ۽ جمھوري صدر آھي. تنھن ھاڻي کان پئي انڊيا ۽ سريلنڪا سان زمين حاصل ڪرڻ لاءِ ڳالھيون شروع ڪيون آھن ته جيئن سامونڊي پاڻي اچي وڃڻ ڪري ھو پنھنجا ماڻھو منتقل ڪري سگھي. مالديپ جي ان صدر کي 2009ع ۾ ٽائيم ميگزين ”ماحولياتي ھيرو“ قرار ڏنو ھو. 2010ع ۾ اقوام متحده کيس ڌرتيءَ جو ڇيمپئن قرار ڏنو. 2010ع ۾ ئي نيوز ويڪ جھڙي معتبر رسالي دنيا جي 10 بھترين اڳواڻن واري فھرست ۾ سندس نالو ڏنو. ھالي ووڊ سندس ڪردار تي ”آءِ لينڊ پرزيڊنٽ“ جي نالي سان فلم ٺاھي. سبب آخر ڪھڙو سبب آھي سندس پذيرائي ڇو؟ ڇو ته ھو پنھنجي ماڻھن کي ٻڏندو ڇڏي لنڊن يا آمريڪا جي دورن تي نه ھليو ويو ھو، پر لنڊن مان خود ساخته جلاوطني ختم ڪري اچي پنھنجي ماڻھن سان بيٺو.


    اڍائي ڪلاڪ ارباب سان!

    ھاڻي جڏھن سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت خلاف گرينڊ الائنس ٺھڻ جو اعلان ٿي ويو آھي ته مون کي ان جي سربراھن ۾ ٿر جو اھو ارباب به نظر اچي رھيو ھو، جنھن جي حڪومت سنڌ ۾ ھڪ اصطلاح مشھور آھي ۽ ارباب دور جو اھو اصطلاح سنڌ حڪومت جي مشير مولا بخش چانڊئي به پنھنجي تازي بيان ۾ استعمال ڪيو آھي ته سنڌ ۾ ڇا ارباب دور واپس آڻڻ چاھين ٿا. ارباب رحيم پيپلز پارٽي ۽ ان جي حامين لاءِ ھڪ اھڙي ڪوڙي گوري ھو، جنھن جي حڪومت دوران سندس خلاف ڪيترائي ڀوڳ ۽ چرچا ايئن مشھور ٿيا، جيئن جنرل ضياءَ جي دور ۾ اھڙا چرچا مشھور ٿيا ھئا. ارباب دور جو اھو خوف ۽ جبر ان ڪري به ھو، جو سندس پٺيان اڳوڻو آمر جنرل مشرف بيٺل ھو.
    سنڌ ۾ اھڙي خوف وارو ھڪڙو ڄام صادق جو به ھو، جنھن جي نالي ٻُڌڻ سان ڪيترائي پ پ اسيمبلي ميمبر ايئن ڇرڪجي ويندا ھئا، جيئن اڄڪلھه ڪرپٽ ڪامورا رينجرز اچڻ جو نالو ٻُڌي ڏڪي ٿا وڃن. اھڙن ڪڙڪ حڪمرانن سان پنھنجي مڙئي گھٽ پوندي آھي ۽ ھونئن به اقتدار انسان کي وقتي طور سپر مين بڻائي ڇڏيندو آھي، تنھن ڪري پاڻ سپر مينن کان پاسو ڪري ”لڪا گھُمن لوڪ ۾“ جيان گھمندا آھيون، پر ھاڻي پ پ مخالف اتحاد واري وڏيرن جي جھرمٽ ۾ جڏھن منھنجي نظر ارباب رحيم تي پئي ته مون کي ساڻس گڏ ڪيل اسلام آباد وارو اھو سفر ياد اچي ويو، جنھن ۾ ھن عام ماڻھو جيان پنھنجي طبيعت موجب کلي ڳالھايو ھو. ان وقت ھو مون کي عام مسافر لڳو، جنھن جي ھٿ ۾ ھڪ سادو فون ھو، جنھن جي ھيڊ فون کي ھن ڪنن ۾ وجھي، باقي سيٽ ھٿ ۾ رکي پئي ڳالھايو. ھن ويھڻ وقت آخري فون بدين مان ڪنھن ھمراھ جي اٽينڊ ڪئي، جنھن کيس مرزا ۽ پوليس جي جھيڙي واري تازي خبر ٻُڌائي. ويھڻ شرط مون ساڻس ھٿ ملائيندي، پنھنجو تعارف ڪرايو، جنھن جي جواب ۾ ھن رُکي لھجي ۾ پُڇيو، ”ڪٿان جو کوکر آھين.“ کيس مڪمل تعارف ڪرائيندي ٻُڌايم ته ”ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي مدرسي ۾ تڏھن ملاقات ٿي ھئي، جڏھن اسان جي شھيد ڪئميرامين منير سانگي جي تعزيت ۽ ڪيس جي سلسلي ۾ آيا ھئا.“ ھن ڪنڌ ڌوڻيو، پر مون کي پڪ ھئي ته کيس اھا ملاقات ياد نه ھوندي، اسان ٻنھي جي سيٽن جي وچ واري سيٽ تي صحت وارو صوبائي سيڪريٽري ڊاڪٽر سعيد احمد مڱڻيجو ويٺل ھو، جنھن کي به ھن بعد ۾ سُڃاتو.
    ڳالھين مان ڳالھيون نڪرنديون ويون ۽ جيئن جيئن ھو ڳالھائيندو رھيو، تيئن تيئن منھنجي صحافتي اک کيس جانچيندي رھي ۽ سوال به اھڙا ڪرڻ لڳس. سنڌ ۾ بھتر حڪمرانيءَ جو تاثر ڇو نه ٿو ملي ۽ سنڌ جا وزيراعلى رھندڙ ماڻھو ان وقت آخر ڪھڙين مصروفيتن کي سڀ کان وڌيڪ ٽائيم ڏيندا آھن. منھنجي اھڙن سوالن تي ھن ھاڻوڪي وزيراعلى مٿان طنزيه جملو اڇليو ته ان کي ته نئين ديري ھائوس، نوابشاھ ۽ ڪراچي جي سفرن ئي ٿڪائي وڌو آھي ته عوام کي ڪھڙو ٽائيم ڏيندو، پر منھنجو وڌ ۾ وڌ وقت اھي شاديون ۽ فنڪشن وڃائيندا ھئا، جن ۾ وڃڻو به ضرور پوندو ھو. مون کيس ٻُڌايو ته، ”اسان ڪجھه مھينا اڳ وزيراعلى پنجاب جي دوري تي لاھور ويا ھُئاسين، جنھن ۾ ان جي سيڪريٽري معين الدين واني، جيڪو سکر ۾ ايس ڊي ايم به رھي چڪو ھو، تنھن ٻُڌايو ته شھباز شريف صبح جو ڇھين وڳي اٿندو آھي، ستين وڳي تائين اخبارون پڙھي ساڍي ستين يا اٺين وڳي کان مختلف آفيسرن کي آفيسن جي نمبرن تي فونون ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو آھي.“ ايئن سندن صوبي جي ڪامورن جي مشينري مٿان کان ھيٺين سطح تائين صبح جو ستين اٺين وڳي جاڳي پوندي آھي. ارباب کلي چيو، ”سنڌ ۾ ته ايئن مشڪل آھي، پر مان سوير اٿندو ھئس. نماز مھل نماز پڙھي ناشتو ڪري وري سُمھي پوندو ھئس، پوءِ يارھين وڳي کان شام تائين ڪم ڪار ھلندو رھندو ھو.“ ھن جڏھن نماز جي ڳالھه ڪئي ته مون کانئس پڇي ورتو ته، ”اوھان تبليغن تي به ويندا ھئا ۽ ان دور ۾ ٻُڌو ھيوسين ته ڪو مئخانو يا بار، جيڪو وزيراعلي ھائوس ۾ ان کي به ڊھرائي توھان ان جڳھه تي ئي مسجد تعمير ڪرائي ھئي.“ اھا توڙي جو سندس لاءِ ڪريڊٽ جي ڳالھه ھئي، پر ھن انڪار ڪندي چيو ته، ”نه وزيراعلى ھائوس ۾ اھا مسجد مون نه، پر سائين غوث علي شاھ تعمير ڪرائي ھئي، جنھن کي فنڪشنل مون ڪيو، جو ان ۾ وڃي نماز پڙھندو ھئس.“ ھي کِلي چيو، ”ھاڻي ته ٻُڌون ٿا ويران پئي آھي.“ ارباب جي ڪچھريءَ ۾ اھو به ذڪر نڪتو ته ”رئيس وڏي“ ڪراچيءَ ۾ گاڏين کي بلٽ پروف ۽ بم پروف بڻائڻ جي فيڪٽري به ھنئي آھي، پر اھا خبر ڪنھن کي به نه ھئي ته سنڌ جي وزيراعلى جي گاڏي به اتان بلٽ پروف ٿي آئي آھي يا نه، ڇو ته تازو ئي سندس ھڪ گاڏيءَ جو شيشو گولي نه، پر پٿر لڳڻ سان ٽُٽي پيو آھي.“
    سنڌ ۾ بدانتظامي ۽ بدعنواني جي وڌي ويل وبا بابت ھن سيڪريٽري صحت ڏانھن اشارو ڪندي چيو، ”ھن کان پُڇو منھنجي دور ۾ ڪڏھن بدلي جي عيوض يا پوسٽنگ تي ھنن پئسا ڀريا . . . ڪلام پاڪ ڏئي پُڇوس ته نه چوندو، ڇو ته ذاتي طور اھي معاملا مون ھڪ ايماندار ۽ بظاھر ڏاڙھيءَ واري ايوب شيخ تي ڇڏي ڏنا ھئا. ان اگر ڪنھن کان پوسٽنگ جا پئسا ورتا ھجن تي خدا کي خبر. سنڌ ۾ مون چونڊي چونڊي ايماندار ماڻھو لڳرايا ھئا، پر اھا به حقيقت آھي ته اھو ايماندار به ڪنھن ڪم جو ناھي، جيڪو صرف ايماندار ھجي ۽ پنھنجو ڪم ئي نه ڪري، ڪجھه عملدار اھڙا آھن، جيڪي ھاڻِ به چوندا آھن، اھو ڪم نه ٿيندو، اسان ايماندار آھيون. اڙي بابا ماڻھن جا ڪم نه ٿا ڪريو ته پوءِ توھان جي ايمانداري ڪھڙي ڪم جي .“ مون سندس اھڙي گُفتگو ٻڌي کيس چيو، ”ان جو مطلب ته ڪجھه ڪم ايماندار ھجن ۽ ڪجھه پئسا ڪمائين.يعني سٺ ۽ چاليھه سيڪڙو واري روش تي ڪم ھلي ويندو.“ جنھن جي جواب ۾ ھن سنجيدگيءَ سان چيو ، ”اسان جو سماج اھڙو ٿي ويو آھي، جو توھان ڀلي رشوت کائو، پر ماڻھن جا ڪم ڪريو ته بھتر آھيو، پر اگر ڪم ئي نه ڪريو ۽ چئو ته ايماندار آھيون ته اھڙي ايمانداري ڪھڙي ڪم جي.“ ارباب رحيم سان ڪچھري ھلندي رھي، جنھن دوران پي آئي اي جي فلائيٽ وارن سينڊوچ ڏنا، جيڪي اسان اتي ئي کائي ختم ڪيا. سندس مذھبي لاڙي سبب کُلي ڪري کانئس پُڇيم ته،”توھان وٽ ته ايتريون سيٽون ئي نه ھيون، پوءِ ڪنھن جي دعا سان وزيراعلى ٿيا؟“ ھن کِلي چيو، ”مون کي ته اميد ئي ڪونه ھئي ته ڪو وزيراعلى ٿيندس، پر اسان جو به اوچتو ڀاڳ کُلي ويو.“ مون سندس مخالف اميدوار بابت سندس جملي تي اعتراض ۽ حيرانگي ڪئي ته ھن پُڇيو، ”ڇو توکي ناھي خبر . . . “ مون چيو، ”نه سائين مون کي ناھي خبر.“ ته ھن بي رخيءَ مان چيو ته، ”پوءِ تون ڪھڙو صحافي آھين، جو سياستدانن جي راتين جي خبر نٿي پوي.“
    ڊاڪٽر ارباب رحيم کي سيڪريٽري صحت ياد ڏياريو ته ، ھو سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ۾ سندس سينئر ھو، جنھن جي جواب ۾ ھن چيو، ”ھا مون فرسٽ ايئر ۾ ئي ميديڪل پڙھائي ڇڏي ڏني ھئي، جو ميرپورخاص ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين چونڊجي ويو ھئس.“ ھن سان ڪچھري ھلندي ھلندي جھاز جڏھن اسلام آباد پھتو ته سيڪريٽري صحت ھٿ ڇڌائي وڃي، بس ۾ چڙھيو. اسان ٻئي ڪوسٽر ۾ اچي اسٽيٽ لائونچ لٿاسين، جتان ھن منھنجو لگيج به پنھنجي لگيج سان گڏ گھرايو. سندس گاڏي منھنجي ھوٽل واري گاڏيءَ کان اڳ اچي وئي، پر مون کي چيائين، ”پھريان پڪ ڪري وٺ، اھي ھوٽلن وارا وڏا نڀاڳا ھوندا اٿئي، ڪڏھن گاڏي موڪليندا، ڪڏھن نه . . . “ مون کيس چيو، ”توھان ڀلي ھلو سائين آئون ٽيڪسي ڪري ھليو ويندس.“ پر ھن ايئن نه ڪيو ۽ منھنجي ھوٽل تائين مون کي ڇڏڻ آيو، جيڪو سندس روٽ کان گھڻو پري ھو . . . موڪلائڻ مھل کيس صرف ايترو چيم، ”ڪاش سنڌ جا سمورا وزيراعلى پنھنجي ذاتي ايجندا سان گڏ سنڌ جي ڪنھن ايجندا تي به سچا ٿي ھلن. نيڪ نمازي پرھيزگار ھجن يا گناھگار، پر پنھنجي ڪم ڪار جي صبح ستين اٺين وڳي ڪن ته جيئن سنڌ جي ھر ننڍي وڏي آفيس جو ڪاروھنوار صبح سوير شروع ٿئي، پوءِ اھو ايمانداريءَ سان ٿئي يا کڻي چاليھن سٺ واري سيڪڙي جي نسبت سان ٿئي، پر سنڌ جي عام ماڻھن لاءِ آفيسن جا در صُبح سوير کُلن . . .
    ارباب رحيم شروع کان پ پ مخالف سياست ڪئي آھي ۽ ھاڻي به ڪري ٿو، پر کيس پڪ آھي ته جيستائين پ پ مخالف ڪا وڏي جماعت نه ٿي جُڙي، تيستائين ھو مخالف ڪندا رھندا، جيڪي ايترا اثرانداز نه ٿيندا، جيتري ڪا ھڪ مڪمل سياسي پارٽي اثرانداز ٿيندي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566195
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215636
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ