ڪتاب جو نالو: ڪوهه طور جو سفر
مصنف: مولانا حافظ پير ذوالفقار احمد نقشبندي مجددي / مولانا صلاح الدين سيفي
ڇپائيندڙ: شريعت پبليڪيشن، سکر
ڪيٽيگري: سفرنامه
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 03 سيپٽمبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 451 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 186 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
حضرت مولانا حافظ پير ذوالفقار احمد نقشبندي مجددي دامت برڪاته دين جي تبليغ ۽ ماڻهن جو دليون عشق الاهي سان ڀرڻ لاءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جو سفر ڪرڻ فرمايو آهي. حضرت سائين جن ڪوه طور جو سفر ڪرڻ فرمايو ۽ افريڪي ملڪ زيمبيا جي هڪ مجلس ۾ انجو احوال بيان ڪيائون جنهن کي هندستان جي عالم مولانا صلاح الدين سيفي (گجرات) قلم بند ڪيو ۽ مڪتبة الفقير آڪٽوبر 2009ع ۾ میں کہاں کہاں نہ پہنچا تری دید کی طلب میں (سفر کوہ طور) جي نالي سان شايع ڪيو.
سنڌ جي مشهور، علمي ۽ اصلاحي رسالي ماهوار “شريعت” ۾ ٻن قسطن (ڊسمبر 2015ع ۽ جنوري 2016ع) ۾ شايع ٿيو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • سنڌ سلامت پاران
  • ڇپائيندڙ جا حق ۽ واسطا محفوظ
  • ناشر طرفان
  • ڪوهه طور جي سفر بابت
  • ڪوهه طور جو سفر

  • عشق الاهي سان ڀرپور هڪ الله واري جي روئداد سفر
  • محبت جو ڪرشمو
  • هڪ عجيب شعر
  • ناڪامي
  • سفر جي عجيب تياري
  • سفر جي شروعات
  • قاهره ۾ قيام
  • جتي شرم به شرمائي وڃي
  • طور سينا جي طرف
  • وادي مقدس
  • جبل طور جي طرف روانگي
  • تجربي جي ڳالهه
  • سينٽ ڪيٿرائڻ
  • الله پاڪ جي مهرباني
  • موسيٰ عليه السلام جو کوهه
  • تجليءَ واري وڻ جي پاڇي ۾
  • هڪ قديم مسجد
  • هڪ تاريخ
  • گفتگو (ڪچهري) جي جڳهه
  • جبل دڪا
  • زندگيءَ جي عجيب دعا
  • ٻيون زيارتون
  • نالي وارن جا نشان ڪيئن مٽجي ويا

  • ڪتاب بابت

    ڪوهه طور جو سفر

    افادات
    حضرت مولانا حافظ پير
    ذوالفقار احمد نقشبندي مجددي مدظله

    مرتب
    مولانا صلاح الدين سيفي گجرات


    شريعت پبليڪيشن، سکر

    سنڌ سلامت ڊجيٽل ايڊيشن


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڪوهه طور جو سفر“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ڪتاب جو ليکڪ حضرت مولانا حافظ پير ذوالفقار احمد نقشبندي مجددي مدظله آهي جنهن کي مرتب مولانا صلاح الدين سيفي گجرات ڪيوآهي. هي ڪتاب شريعت پبليڪيشن سکر، اپريل 2016ع ۾ شايع ڪيو آهي.
    هي ڪتاب الشريعه ڪمپوزرس روهڙي ڪمپوز ڪيو آهي. اسان ٿورائتا آهيون مولانا عبد الواحد چاچڙ صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ڇپائيندڙ جا حق ۽ واسطا محفوظ

    ڪتاب جو نالو: ڪوهه طور جو سفر
    مرتب: مولانا صلاح الدين سيفي (گجرات، انڊيا)
    ڇاپو: پهريون اپريل 2016ع
    ڪمپوزنگ: شرعيه ڪمپوزرس سکر
    اِي ڪمپوزنگ: الشيخ ڪمپوزرس سانگي
    ڇپائيندڙ: شريعت پبليڪيشن سکر
    ملڻ جا هنڌ: سنڌ جا سڀ ڪتاب گهر


    ناشر طرفان

    مجدد العصر حضرت مولانا حافظ پير ذوالفقار احمد نقشبندي مجددي دامت برڪاته دين جي تبليغ ۽ ماڻهن جو دليون عشق الاهي سان ڀرڻ لاءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جو سفر ڪرڻ فرمايو آهي.
    ڪجهه سفرنامه شايع ٿيا آهن جن سان پڙهندڙن کي علمي، روحاني ۽ دلچسپ معلومات ملي ٿي. 4 سفرنامه شايع ٿيا آهن:
    آزاد ریاستوں کے چشم دید حالات، لاہور سے تا خاک بخاری و سمر قند، دلو کے فاتح ( سفرنامہ ترکی) سفر نامہ طور
    حضرت سائين جن ڪوه طور جو سفر ڪرڻ فرمايو ۽ افريڪي ملڪ زيمبيا جي هڪ مجلس ۾ انجو احوال بيان ڪيائون جنهن کي هندستان جي عالم مولانا صلاح الدين سيفي (گجرات) قلم بند ڪيو ۽ مڪتبة الفقير آڪٽوبر 2009ع ۾ میں کہاں کہاں نہ پہنچا تری دید کی طلب میں (سفر کوہ طور) جي نالي سان شايع ڪيو.
    سنڌ جي مشهور، علمي ۽ اصلاحي رسالي ماهوار “شريعت” ۾ ٻن قسطن (ڊسمبر 2015ع ۽ جنوري 2016ع) ۾ شايع ٿيو. پڙهندڙ جي شوق کي سامهون رکندي ان کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪريرهيا آهيون.
    الله تعاليٰ کان دعا آهي ته ان کي قبوليت عطا فرمائي ۽ پڙهندڙن لاءِ مفيد بڻائي!

    عبدالواحد چاچڙ
    خادم شريعت پبليڪشن سکر


    ڪوهه طور جي سفر بابت

    بسم الله الرحمان الرحيم
    نحمده العظيم و نصلي عليٰ رسولہ الڪريم
    اما بعد:
    سيدنا موسيٰ عليه السلام جي حالات ۽ سيدنا محمد مصطفيٰ ﷺ جي واقعات جي پاڻ ۾ نهايت هڪ جهڙائي آهي. ان ڪري قرآن مجيد ۾ موسيٰ عليه السلام جي واقعن جو تفصيلي ۽ گهڻو ذڪر ٿيل آهي. هجرت کان اڳي ۽ بعد الهجرة جي احڪام ۾ نمايان فرق آهي. جيئن موسيٰ عليه السلام جي خروج ۽ قبل از خروج ۾ نمايان فرق هو. هجرت کان اڳي جهاد جو حڪم نه هو ۽ هجرت کان پوءِ جهاد شروع ٿيو ته رسول الله ﷺ پاڻ جن غزوات جي قيادت ڪرڻ فرمائي اهي ستاويهه هئا ۽ سريا انهن کان علاوه هئا. حضرت موسيٰ عليه السلام تي خروج کان اڳي قتال لاڳو نه هو پر خروج سان ئي قتال جا حڪم اچي ويا ۽ پنهنجي علائقي کي آزاد ڪرائڻ ۽ جابرن کي نيست و نابود ڪرڻ جا احڪام اچي ويا مطلب ته موسيٰ عليه السلام جي زندگي ۽ محمد مصطفيٰ ﷺ جي حيات طيبه جي پاڻ ۾ گهري مناسبت آهي. ﴝ؀ﶌ ﴝ؀ﲉڹﴒﭐﺫ ﴝﳀإ ﰦﭑﺫ ﴝﮎ؀ ؀ﶾ ؀ﱕﻹﭒﺫ
    ۾ الله تعاليٰ ٽن نبين جي بنيادي مرڪزن جو ذڪر ڪندي اهو فرمايو. جيئن بائبل جي سفر شريعت جي باب 32 آيت 2 ۾ اهڙو اشارو ٿيل آهي. ان ۾ آهي ته،“ خداوند سينا مان آيو ۽ شعير بيت المقدس مان انهن تي ظاهر ٿيو ۽ هو فاران جبل مان چمڪيو.” شعير، بيت المقدس جي وادي جبل جو هڪ نالو آهي. فاران ان جبل جو نالو آهي جنهن تي مڪو شهر ٻڌل آهي. طور تي موسيٰ عليه السلام جي شريعت نازل ٿي. طور سينا جي جبل کي يهودين ۽ عيسائين وٽ اها ئي حيثيت حاصل آهي جيڪا اسان مسلمانن لاءِ مڪي شريف جي آهي. اڃان مصر ۽ شام جي فتح نه ٿي هئي ته جبل طور جا پادري حضرت رسول الله ﷺ جي خدمت ۾ آيا ۽ جبل طوربابت امان نامو وٺي آيا جيڪو امان نامو اڄ به ڪوه طور جي ميوزم ۾ موجود آهي ۽ حضرت عمرو بن العاص رضه فاتح مصر ڪوه طورتي مسجد تعمير ڪرائي جيڪا اڃا تائين محفوظ آهي، جنهن ۾ وڏي عرصي کان پوءِ نماز پڙهڻ جي سعادت سائين جن کي حاصل ٿي. گهڻن مسلمانن کي اها معلومات ڪونه هئي اسان جي مرشد سائين اهو سفر ڪري اهڙي عجيب معلومات ڏني آهي. ڄڻ تہ پڙهندڙ پاڻ انهيءَ سفر ۾ شريڪ آهي. اهو سفر به عجيب آهي ته ان بيان جي دلنشيني به واهه جو آهي. اسان چاهيو ته ان بيان جي عجيب بيان کي عام پڙهندڙن تائين پهچايو.

    مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ
    چيف ايڊيٽر ماهوار شريعت سکر
    18 اپريل 2016ع مطابق 10 رجب المرجب 1437هه


    ڪوهه طور جو سفر

    عشق الاهي سان ڀرپور هڪ الله واري جي روئداد سفر

    الحمد لله و کفيٰ وسلام علي عباده الذين اصطفي اما بعد:
    فاعوذ بالله من الشيطان الرجيم بسم الله الرحمان الرحيم
    حسبنا اللهُ و نعم الوکيل
    سبحان ربک رب العزة عما يصفون و سلام علي المرسلين والحمد لله رب العالمين
    اللهم صل عليٰ سيدنا محمد و عليٰ آل سيدنا محمد وبارک وسلم


    محبت جو ڪرشمو

    محبت اهڙي شيءِ آهي. جيڪا محب کي محبوب سان ڳالهائڻ تي مجبور ڪندي آهي، جهڙي طرح الله پاڪ حضرت موسيٰ عليه السلام کي پنهنجي ڪلام واري شرف سان نوازيو ۽ اها هم ڪلامي اڃان هڪ قدم اڳتي وڌائيندي آهي جو ٻانهي جي محب کي ڏسڻ لاءِ ڪندي آهي. جيتوڻيڪ حضرت موسيٰ عليه السلام کان علاوه هڪ لک چوويهه هزار نبين مان ڪنهن نبيءَ ائين ناهي چيو ته اي منهنجا الله ! مان توکي هن دنيا ۾ ڏسڻ گهران ٿو ڇو جو حضرت موسيٰ عليه السلام ڪليم الله هئا، ڳالهائيندا هئا ۽ ڳالهائڻ سان ويتر ڳالهه وڌي ويندي آهي، پوءِ ڏسڻ لاءِ دل چوندي آهي، تنهنڪري نوجوان ٻارن کي روڪيندا آهيون ته فون تي غير محرم سان نه ڳالهائيندا ڪريو، جيڪو ائين چوي ته مان صرف ڳالهائيندو آهيان اهو پڪو ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، انهيءَ ڪري جو صرف ڪچهريءَ تائين ڳالهه ناهي رهندي ڳالهه هميشه اڳتي وڌندي آهي، اهو قرآني فيصلو آهي، جيئن حضرت موسيٰ عليه السلام چيو ته “ رب ارني انظر اليڪ” ( اي منهنجا الله! مان توکي ڏسڻ چاهيان ٿو) بهرحال محب ۽ محبوب جي ملاقات جتي هجي اها جڳهه به ٻنهي کي سٺي لڳندي آهي. انهيءَ ڪري ڏٺو ويو آهي ته ڪنوار جنهن گهر ۾ پهرين ڏينهن رخصت ٿي ايندي آهي. کڻي جو سال گذري وڃن. پر پوءِ به ان کي اهو گهر وڻندو آهي پوءِ کڻي جو اها محل ۾ رهڻ شروع ڪري، جڏهن به ان گهر جي ويجهو گذرندي ان جون يادون تازيون ٿي وينديون، ته محب ۽ محبوب کي ملاقات واري جڳهه به پياري هوندي آهي، انهيءَ ڪري الله پاڪ قرآن پاڪ ۾ طور جو قسم کنيو (والطور) قسم آهي طور جبل جو.
    قسم کڻڻ ۾ مفسرن اهوئي لکيو آهي ته اها ملاقات جي جڳهه هئي ان جڳهه تي هم ڪلامي ٿي هئي ۽ زيارت لاءِ درخواست ڪئي وئي هئي، ته الله پاڪ کي پنهنجي چاهيندڙن سان ايتري محبت آهي جو ان جڳهه جو قسم کنيو.
    ٻيو دليل: الله پاڪ کي نبي ڪريم ﷺ سان محبت آهي.نبي ڪريم ﷺ الله پاڪ جا محبوب آهن نبي ڪريم ﷺ جنهن شهر ۾ رهندا هئا. الله پاڪ ان شهر جو قسم کنيو “لا اقسم بهذا البلد و انت حل بهذا البلد” (البلد 12) مان قسم کڻان ٿو هن شهر جو ۽ توهان ان شهر ۾ موجود آهيو)


    هڪ عجيب شعر

    ڪافي زمانو ٿيو آهي جو هڪ شعر پڙهيو هو عجيب لڳو پر ذهن ۾ رهجي ويو:
    لازم تو نہیں کہ سب کو ملے ایک سا جواب
    آو نا ہم بھی سیر کریں کوہ طور کی
    حضرت موسيٰ عليه السلام کي ته جواب ملي ويو هو ته تون مونکي ڏسين نه ٿو سگهين پر لازم ناهي جو سڀني کي هڪ ئي جواب ملي تنهنڪري هلو ته اسان به طور سينا جو سير ڪري اچون ٿا شروع کان دل ۾ هڪ شوق هئو ته جيڪڏهن الله پاڪ زندگي ۾ ڪو موقعو ڏنو ته طور سينا کي ڏسنداسين، صرف هن وجهه جي ڪري ته اي الله پاڪ! تنهنجي هڪ چاهيندڙ هتي قدم رکيا هئا.


    ناڪامي

    ڪافي سال پهريان هڪ دفعو مصر وڃڻ ٿيو ڪوشش ڪئي ته اتي وڃڻ ٿئي پر ٻڌايو ويو ته اتي عيسائين ۽ يهودين جو هولڊ آهي ۽ اهي ان علائقي ۾ مسلمانن جو وڃڻ پسند ناهي ڪندا پر جيڪڏهن هڪ اڌ وڃي به سهي ته اهي انکي گم ڪري ڇڏيندا آهن خبر ئي ناهي پوندي ته ڪاڏي ويو؟ ڇو جو اهو انهن وٽ ائين معظم آهي جهڙي طرح اسان وٽ بيت الله معظم آهي. جيئن اسان بيت الله جو حج ڪندا آهيون اهڙي طرح يهودي ان جڳهه جو حج ڪندا آهن. جتي حضرت موسيٰ عليه السلام ڪلام فرمائيندا هئا، اتي انهن کي وڏو فخر آهي ته انساني تاريخ ۾ الله پاڪ پنهنجي ٻانهي سان ڪلام فرمايو جيئن اسان معراج کي وڏي زور شور سان بيان ڪندا آهيون ته يهودي ماڻهو طور سينا تي موسيٰ عليه السلام جي وڃڻ ۽ هم ڪلامي کي وڏي تفصيل سان بيان ڪندا آهن. تنهن ڪري اهي هر سال ان جڳهه جو حج ڪندا آهن ۽ جڳهه به انهن وٽ مقدس آهي. تنهنڪري اهي ناهن چاهيندا ته اتي ڪوئي ٻيو وڃي. جيتوڻيڪ ان وقت ته ڪو حساب نه ٺهي سگهيو پوءِ خيال ايندو رهيو ته ڪڏهن وينداسين.


    سفر جي عجيب تياري

    پوءِ هن سال دل ۾ خيال آيو ته چڱو سپريم ڪورٽ هلون ٿا ۽ اتي وڃي درخواست جمع ڪرايون ٿا تنهنڪري اسان بيت الله حاضر ٿياسين اتي الله پاڪ جي درگاه ۾ فرياد ڪئي درخواست ڪئي هڪ عمرو ڪيو ۽ ان عمري ۾ صر هڪ دعا گهري عمري جي سڄي طواف جي اندر، زمزم وٽ، سعي ۾ هر جڳهه هڪ ئي دعا گهري ته يا الله! اتي وڃڻ آسان فرماءِ! پنهنجي شوق ۾ مست ماڻهو ائين ئي هوندو آهي. ان کان پوءِ ويزا جي ڪوشش ڪئي. اڄ ڪالهه جي حالات جي پيش نظر مصر جو ويزو وٺڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. جنهن جي چهري تي سنت سجايل هجي پهريان ته ويزا ڏيندا ناهن ۽ ڏيندا آهن ته ايئرپورٽ کان واپس موٽائي ڇڏيندا آهن. ٽي ٽي ڏينهن ايئرپورٽ تي رکندا آهن ۽ اتان ئي واپس ڪندا آهن.
    خير مصر جي ايمبيسي ۾ ويزا لاءِ وياسين الله پاڪ مهرباني فرمائي جو اميد جي ابتڙ اسان اهوسمجهون پيا ته اهي ٻه سوال ، ڏهه سوال، ويهه سوال مطلب ته جيڪي پڇندا ته اسان ٻڌائينداسين. الله پاڪ جو اهو شان ٿيو جو جيڪو شخص ويٺو هئو. ان هڪ به سوال نه پڇيو، درخواست وٺي چوڻ لڳو ته توهان ڏهن منٽن کان پوءِ اچي ويزا وٺي وڃجو. اسان ڏهه منٽ اتي انتظار ڪيو جيسيتائين ويزا نه لڳي ان وقت پريشان رهياسين هن ڪري جو هو جنهن ويزا جي لئه هائو ڪئي اهو ته استقباليه تي ويٺو آهي ڪٿي ان کي ڪو وڏو آفيسر روڪي نه ڇڏي ڇو ته اسان جي تصوير چهري تي سنت واري هئي پر جڏهن ان اشارو ڪيو ته توهان جي ويزا لڳي وئي آهي توهان پاسپورٽ حاصل ڪيو تڏهن اسان وياسين ۽ ويزا ورتيسون.


    سفر جي شروعات

    هن سفر ۾ اسانجي دبئي جا ٻه دوست هئا انهن به چيو ته اسان به سفر ۾ هلنداسين. تنهنڪري اهي دبئي کان پهتا ۽ هي عاجز سعودي عرب کان مصر هليو ويو هاڻي انهن مصري ايئرپورٽ تي ٿلهن اکرن ۾ لکي ڇڏيو آهي “ ادخلوا مصر انشاءَ الله آمنين” (مصر ۾ داخل ٿيو جيڪڏهن الله پاڪ گهريو ته امن سان رهندو) پر اهي ماڻهو هن چهري کان گهڻو ڊڄن ٿا تنهنڪري جڏهن اسان پاسپورٽ ڪائونٽر تي وياسين ته “ وجعلنا من بين ايديهم سدا ومن خلفهم سدا فاغشيناهم فهم لا يبصرون” سوره يٰس جي آيت 9 پڙهيسون. الله پاڪ مهرباني فرمائي جو ان ڏسندي ئي اسٽيمپ لڳائي ڇڏي پوءِ ان پاڻ سان گڏ ويهندڙ شخص جي باري ۾ چيو ته جي هي اوڪي ڪندو؟ اهو شخص اصل ۾ انهن جي فوج جو ماڻهو هو ۽ ان وٽ هڪ الڳ ڪمپيوٽر رکيو هو ان ڪمپيوٽر ۾ انهن جا جيڪي مطلوب ( گهربل) ماڻهو هوندا آهن يا انهن جي آقائن جا مطلوب ماڻهو هوندا آهن انهن سڀني جي ان ۾ ڊيٽا (معلومات) هوندي آهي. اسان کي خبر هن طرح پئي جو ڪمپيوٽر ته اسان ڄاڻون پيا. هو اميد نه پيو نه ڪري ته هي ملا مولوي ڏسڻ ۾ ايندڙ شخصن کي به ڪا ڪمپيوٽر جي ڪاڄاڻ هوندي. تنهنڪري اهو وڏو رليڪس ويٺو هو، اسڪرين هن طرح هئي جو اسان وٽس بيهي ڏسي سگهون پيا ان پاسپورٽ اسڪرين تي رکيو ٿوري ٿوري گهڙي کانپوءِ ٿلهن اکرن ۾ لکجي آيو غير مطلوب پوءِ ان چيو توهان وڃو اسان اڳتي هليا وياسين.


    قاهره ۾ قيام

    هڪ ٻه ڏينهن ته اسان قاهره ۾ ئي رهياسين، قاهره ۾ تمام گهڻا بزرگ دفن ٿيل آهن انهن ۾ هڪ حضرت حسين رضه آهن جن جو جسم مبارڪ ڪربلا کان آڻي هتي دفن ڪيو ويو هو. امامن ۾ امام شافعي رحه ئي هئا مڪي پاڪ جا پر هجرت ڪري هتي آيا هئا. ان کان پهريان مصر جا سڀئي ماڻهو حنفي هئا پر انهن جي اچڻ کان پوءِ ملڪ مصر جا اڪثر ماڻهو شافعي بڻجي ويا. شيخ الاسلام عبدالله بن مبارڪ رحه به اتي ئي دفن ٿيل آهن ۽ تابعين مان تعبير الرويا ڪتابچو لکندڙ محمد بن سيرين رحه به اتي ئي دفن ٿيل آهن. سيد العارفين ابن الفارض رحه هي عجيب الله جا عاشق هئا انهن جي باري ۾ حضرت شيخ الحديث رحه آهي ته جڏهن انهن کي موت جي وقت جنت ڏيکاري وئي ته انهن منهن موڙي فرمايو هو “ ان کان منزلتي في الحب عندکم ما قد رايت فقد ضيعت ايامي” ( اي الله!) جيڪڏهن منهنجي سڄي زندگيءَ جو بدلو اهي باغ بهار آهن ته پوءِ مان ڇا لڌو مان ته سڄي زندگي تباهه ڪئي مونکي ته تنهنجي ڳولا آهي) اهي به اتي ئي قاهره ۾ دفن آهن سيده زينب رحه، سيده سڪينه رحه ۽ سيده نفيسه رحه اهي به اتي ئي دفن ٿيل آهن مطلب ته ايترا بزرگ هتي دفن ٿيل آهن جيڪي توهان سيڪڙن( سَوَن) ۾ ڳڻي سگهو ٿا. هڪ ٻه ڏينهن اسان انهن مقامن کي ڏسندا رهياسين اسان جو ڀاڳ ڀلو هئو جو هڪ نوجوان ملي ويو جيڪويونيورسٽي ۾ پڙهي رهيو هو ۽ اهو ٻه سالن کان تحقيق ڪري رهيو هو ته ڪهڙي جڳهه تي ڪير آهي ان سان گڏ ڊرائنگ ٺهيل هئي ۽ پورو پتو لکيل هو اهو گاڏي تي وٺي سڀ ڏيکاريندو ويو اسان جي لاءِ ته پڪل پڪايل کيرڻي هئي پوءِ اسان اڳتي وڃڻ جو ارادو ڪيو.


    جتي شرم به شرمائي وڃي

    اسرائيل جو جيڪو مصر جي ويجهو بارڊر لڳي ٿو ان جي ويجهو سينا آهي ۽ ان وقت حالات هي هئا جو سرحد تي بمباري ٿي رهي هئي. تنهنڪري انهن ڏينهن ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ هئي. ان طرف وڃڻ کان پهريان ئي بڪنگ ڪرائي هئي. ان طرف وڃڻ کان پهريان سمنڊ جي ڪناري هڪ شهر اچي ٿو جنهن جو نالو شرم الشيخ اهو شهر ٺاهيو ئي شراب ۽ شباب لاءِ ويو آهي. ان کي ايترو صاف رکيو ويو آهي جو يقين نه ٿو اچي ته هيءَ دنيا آهي. ايئرپورٽ ڏسو جيئن شيشي جو ٺهيل هجي اسٽيل ۽ شيشي جو ڪم ٿيل آهي. ماڻهو ڏسي حيران ٿئي ٿو. هن شهر ۾ آهي ڪنهن ڏاڙهي واري ماڻهو کي وڃڻ ئي ناهي ڏيندا اسان جي وڃڻ کان ٽي ڏينهن پهريان سعودي عرب جا پنج ڊاڪٽر هڪ ميٽنگ ۾ حاضري جي پهتا انهن ۾ ٽي ڏاڙهي ڪوڙيل ۽ ٻه ڏاڙهي وارا هئا ته انهن قاهره ۾ ئي انهن ٻن سعودي عرب جي ڊاڪٽرن کي جن کي ڏاڙهي هئي روڪي ڇڏيو ۽ باقي ٽن کي ڇڏيائون ايتري سختي ڪندا آهن انجو سبب هي آهي ته هو يورپ جي ٽورسٽ کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪندا آهن ۽ اهي ماڻهو اتي موڪلون ملهائڻ ايندا آهن ۽ اهي ائين هوندا آهن جو انهن کي ڪجهه انچن جو لباس به بار محسوس ٿيندو آهي تنهنڪري اهي اتي ڏاڙهي وارن کي وڃڻ ئي ناهن ڏيندا. توهان ائين سمجهو ڄڻ وڏي پيماني تي برائين جو مرڪز (جوا جو اڏو، جتي شراب و شباب جو انتظام هوندو آهي) هجي اهو اهڙي قسم جو شهر آهي.
    اسان جڏهن پنهنجي هڪ ٻن ويجهن دوستن کي ٻڌايو ته اسان شرم الشيخ وينداسين ته اسان کي ته سمجهه ۾ ئي نه پيو اچي پر اهي اسان جي منهن کي ڏسي مسڪرائين پيا. اهي مون کان ته خاص طور تي پڇن پيا توهان شرم الشيخ ويندو مان چوان پيو ته هائو مان ويندس اسان کي ڪهڙي خبر ته اتي ڇا آهي؟ خير الله جو شان جو جڏهن اسان اتي وڃڻ لڳاسين ته قدرت سبب ٺاهيندڙ آهي ته ڪائونٽر تي جيڪو ماڻهو ويٺو هيو اهو ڪو چڱو ماڻهو هو جنهن اسان جا پاسپورٽ به چيڪ نه ڪيا اهو هڪڙو ئي ماڻهو ٽيئي پاسپورٽ وٺي هليو ويو ۽ بورڊنگ وٺي کڻي آيو. اسان اندر وڃي هڪ مسجد ٺهيل هئي ان ۾ ويهي رهياسين. جڏهن فلائٽ جي ٽائيم ٻاهر نڪتاسين ته ٻاهر تماشو! ته سڄي مخلوق يورپ جي ۽ اسان انهن ۾ هلندڙ ڦرندڙ آثار قديمه نظر اچون پيا. خير اسان کي پنهنجي ڪم سان مقصد هو اسان پنهنجي سيٽن تي ويهي رهياسين. ٻيا ساٿي ايترو چئي رهيا هئا ته هر سواري اسان جي طرف ڏسي پئي ته ماڻهو به انهيءَ جهاز ۾ شرم الشيخ وڃن پيا. خير الله پاڪ مهرباني ڪئي اسان هلياسين. جڏهن اتي لٿاسين ته رات جا 9 تي چڪا هئا.


    طور سينا جي طرف

    قاهره ۾ هڪ ڊرائيور هئو جيڪو اسان کي ٻه ٽي ڏينهن گهمائيندو رهيو. پوءِ ته ان سان دوستي ٿي ويئي اسان ان کي چئي ڇڏيو هيو ته شرم الشيخ ۾ اسان کي هڪ ڊرائيور گهرجي جيڪو توهان جي واسطي سان هجي، انهيءَ ڪري جو جيڪڏهن ڪو نئون ماڻهو هوندو ته خبر ناهي ته الائي ڪٿي وٺي وڃي؟ ان پنهنجي دوست کي فون ڪيو جيڪو تقريبا ٻه سو ڪلوميٽر پري شهر ۾ رهندو هو. اهو اتان هلي ڪري اسان کي وٺڻ لاءِ آيو. خير رات جو نائين بجي اسان سفر شروع ڪيو. شروع جو سفر بلڪل سمنڊ جي ڪناري آهي. ان علائقي ۾ رات جو سفر اهو علائقو جيڪو اڳين ملڪ اسرائيل جي ويجهو آهي ۽ ان ملڪ جي اندر بمباري به ٿي رهي آهي هي هڪ ڏکيو ڪم هيو اسان جي رستي ۾ تقريبا ٻارنهن چيڪ پوسٽون آيون ۽ هر چيڪ پوسٽ تي فوجي هئا گاڏي روڪيندي ئي پهريان ته ڊرائيور کان پڇن پيا ته توهان سان گڏ ڪير آهن؟ جيڪڏهن هو چوي پيو پاڪستاني! ته اهي نالو ٻڌندئي ڦڪا ٿي پيا وڃن ۽ پوءِ جڏهن ليئو پائي ڏسن پيا ته ٽئي ڏاڙهي وارا ته پوءِ نور عليٰ نور، خير الله جو شان اسان انهن چيڪ پوسٽن کان آهستي آهستي گذرندا رهياسين دل۾ اهو ئي هيو ته مالڪ! جيڪڏهن تنهنجي طرفان رحمت جو معاملو آهي ته رستو ڪوئي نٿو روڪي سگهي. خير هلندي هلندي آخري چيڪ پوسٽ هئي ان جو جيڪو انچارج هيو اهو ڏاڍي ڪاوڙ ۾ هيو ڇو ته ان کان اڳي وارو جيڪو علائقو هيو اهو عيسائين ۽ يهودين جو هيو. ان مان صاف ظاهر آهي ته هو اڳتي ته ڪنهن اهڙي ماڻهو کي برداشت ئي نه ڪندا ته اهو اچي ۽ ان جڏهن ڏٺو ته پڇيائين ته پاڪستاني؟ اسان چيو ته هائو اسان جا پاسپورٽ ورتا ۽ اندر وٺي هليو ويو ۽ تقريبا ويهه پنجويهه منٽ اندر ئي رهيو مان پنهنجي ساٿين کي ته ان جي نيت اسان جي اڳتي موڪلڻ جي انهي ۽ واقعي ان جي نيت نه هئي. هن پوئتي قاهره فون ڪري رهيو هو ته هي ٽي شخص آهن ۽ اهي اهڙي صورت ۾ آهن ۽ ان طرف وڃڻ گهرن ٿا ان جي ڪوشش اها هئي ته ڪهڙي به طرح ان کي اسان جي ڪابه ننڍي خامي ملي ته مان انهن کي چوان ته مان انهن کي چوان ته توهان هتان هليا وڃو پر الله پاڪ مهرباني فرمائي پوءِ پاڻ اچي چوي ٿو ته پنهنجي بيگ چيڪ ڪرايو پويان بيگ پيال هئا مان پنهنجي ساٿين کي چيو ته ادا بيگ چيڪ ڪرايو ان ۾ ڪهڙو ڏوهه آهي؟ تقريبا ڏهه منٽ ٿي ويا اڃا بيگون چيڪ ٿي رهيون هيون مونکي حيرت ٿي ته ايتري دير ڇا لاءِ لڳي رهي آهي؟ پوءِ مان ٻاهر نڪتس ٻاهر ڪافي ٿڌ هئي.
    هونئن به ڪوهه طور سمنڊ جي سطح کان ٻه هزار ڪلوميٽر مٿي آهي تنهنڪري جڏهن مان ٻاهر ته مان ڏٺو ته ان منهنجي بيگ کولي ان ۾ هڪ مشين هئي. رت جي دوري (بلڊ پريشر) چيڪ ڪرڻ واري اهو ان کي مصيبت بڻائي بيٺو آهي ته توهان هي ڇا کڻي وڃي رهيا آهيو؟ ساٿي ان کي سمجهائي رهيا هئا ته هي جو اسان سان گڏ آهي هي پوڙهو ماڻهو آهي هن کي ميڊيسن استعمال ڪرڻ بعد بلڊ پريشر چيڪ ڪرڻو هوندو آهي. هو مڃي ئي نه پيو. اصل ۾ اهو مڃڻ ئي نه پيو گهري. مان جڏهن ان جي منهن ۾ گهنڊ ڏٺا ته ساٿين کي چيو ته ٻيهر مان مان ٿو ان کي سمجهيان مان ان کي چيو ڏس ڀائو هيءَ بلڊ پريشر چيڪ ڪرڻ جي مشين آهي. کڻي آءٌ مان توهان جو بلڊ پريشر چيڪ ڪري ٻڌايان ٿو. جيئن ئي مان ميٽر پڪڙيو ۽ ان جو هٿ پڪڙيو ته هو منهنجي طرف ڏسي پيو سوچيندو هوندو ته ڪٿان هي ڊاڪٽر اچي نڪتو خير ان کان پوءِ ان چيو ته ٺيڪ آهي توهان ڀلي وڃو. الحمدلله پوءِ اسان گاڏيءَ ۾ ويهي اتان هلياسين.


    وادي مقدس

    خير اڳتي جتي اسان پهتاسين ان جڳهه جو نالو “ وادي مقدس” آهي. اها تقريبا اٺن نون ڪلوميٽرن جي پهاڙي آهي. وچ ۾ هڪ وادي آهي. ڪوهه طور پهاڙ جي مٿان ساوڪ ناهي جيئن ڪشمير ۽ مريءَ جا جبل سرسبز(چهچ ساوا) هوندا آهن. هي ائين ناهي بلڪ احد، جبل نور ۽ جبل ثور وانگر ئي هڪ جبل آهي ۽ ڳاڙهي گرينئٽ جو ٺهيل آهي، هارڊ پٿر آهي. جيڪي بيت الله ويا آهن اتي جيڪي بيت الخلاء جي اندر سرخ گرينئٽ استعمال ٿيل آهي. هي ان طرح جو گرينئٽ آهي. ان ايڏي وڏيءَ وادي ۾ ڪٿي ڪٿي ڪو گاهه ڦٽل نظر اچي پيو هتي ته انهن هڪ هوٽل ٺاهيو آهي. جيڪا فائيو اسٽار هوٽل آهي. جيڪو تمام خوبصورت ٺاهيو ويو آهي اها ته اسان کي پوءِ خبرپئي ته ملڪن جا سربراهه جيڪي هتي ايندا آهن اهي هن هوٽل ۾ رهندا آهن. اهڙي طرح فرانس جو صدر هتي رهيو، اٽليءَ جو صدر هتي رهيو ۽ مصر جو صدر رمضان جا آخري ڏهه ڏينهن ان ۾گذاريندو آهي ته جتي ملڪن جا پريزيڊنٽ رهندا هجن ته اها ڏاڍي ئي اهم جڳهه هوندي آهي. ان هوٽل ۾ گهڻي سيڪورٽي هئي. اسان جو هڪ ساٿي اندر ويو ۽ استقباليه ۾ وڃي ڳالهه ڪئي ته انهن چيو ته توهان هتي ڪيئن؟ ان چيو ته اسان هتي رات رهڻ آيا آهيون. اسان جي بڪنگ نٿي ٿي سگهي هاڻي. الله جو شان ڏسو ائين ٿيو جو جنهن نوجوان ان ۾ بڪنگ ڪرائي هئي انجي سڄي پڙهائي امريڪا جي هئي ۽ اهو نوجوان ان ٻولي ۾ ڳالهائندو هيو. ان دبئي مان فون تي بڪنگ ڪرائي هئي. انهيءَ هوٽل ۾ جيڪا عورت استقباليه تي بڪنگ ويٺي رهي هئي. هوءَ سمجهي رهي هئي ته شايد ڪو امريڪي ڳالهائي رهيو آهي. انهيءَ ان جي ڪريڊٽ ڪارڊ مان رقم به ورتي. بهرحال هوٽل ۾ بڪنگ ڪندڙ هي تصور ڪيو هو ته ڪو امريڪي اچڻ وارو آهي. جڏهن اسان حاضر ٿياسين ته اهي اسانکي ڏسي حيران ٿيا هاڻي اهي شڪلون ڏسي چوڻ لڳا ته توهان هتي نٿا رهي سگهو ۽ جڏهن بڪنگ ڪوڊ نمبر ڏسندا آهن بڪنگ موجود هئي. انهيءَ سوچ ويچار ۾ تقريبا پنجيتاليهه منٽ گذري ويا. خير انهن رهڻ لاءِ اسان کي هڪ ڪمرو ڏنو. اسان پنهنجي دوستن کي چيو ته دوستو الله تعاليٰ حضرت موسيٰ عليه السلام کي فرمايو هو “ انک بالواد المقدس طويٰ(طہ12) ( توهان هڪ مقدس وادي طويٰ ۾ آهيو) هيءَ اها وادي آهي ۽ اسان قسمت سان تهجد ۽ مراقبه ۾ اها رات گذاري. جڏهن صبح ٿي ته اسان ناشتو ڪيو پوءِ اسان جبل طور جي طرف روانا ٿياسين.


    جبل طور جي طرف روانگي

    منهنجي دل ۾ قدرتي هڪ ڳالهه آئي ته هوٽل وارن اسان کي رات قبول ڪيو آهي. هاڻي اسان هوٽل جي هڪ رات جا رهائشي به ٿياسين. انهن کي چئون ته اسان کي هڪ رهبر ڏيو جيڪو اسانکي صحيح جڳهن تي وٺي وڃي ۽ اسان کي انهن جي متعلق ٻڌائي. اسان ان جي فيس ادا ڪنداسين.


    تجربي جي ڳالهه

    مان پنهنجي زندگي ۾ ڪوشش ڪئي آهي ته اهڙين (نين) جڳهن ۾ انسان رهنمائي وٺي سفر ڪري، جيڪو غيرمقلد بڻجندو آهي ته اهو گهڻين ڳالهين کان محروم ٿي ويندو آهي. بهرحال ساٿي ويا ۽ هوٽل واري کي چيائون اسان کي رهبر گهرجي. انهن فيس وٺي. رهبر ڏنو الله پاڪ جو شان جو اهو رهبر سٺو نوجوان هئو ان کي ڏاڙهي ته ڪانه هئي. پر جڏهن اچي ويٺو ته اسان جون صورتون ۽ شڪلون ڏسندو رهيو ڪجهه ديربعد چوڻ لڳوته مونکي توهان جي مسڪين شڪل ڏاڍي سٺي ٿي لڳي اسان چيو الحمد لله انجو فائدو اسان کي ٿيندو جو توهان چڱي طرح وزٽ ڪرائيندو.
    رات جو هن پوري علائقي ۾ نه ماڻهو هئو نه ماڻهو جي ذات پر جڏهن صبح جو وياسين ته ڪافي جڳهن تي فوج بيٺي هئي ۽ زائرين جون قطارن جون قطارون لڳل هيون. اسان جي اندازي مطابق تقريبا ٻه هزار وزٽ ڪرڻ وارا هئا. پوءِ خبر پئي ته اهي سڀئي وزٽ وارا جيڪي شرم الشيخ ۾ موڪلون گذارڻ ايندا آهن ته اهي موڪلون گذارڻ بعد هتي حج ڪري واپس ويندا آهن. اهي شرم الشيخ مان هلندا آهن ۽ ٽن يا چئن ڪلاڪن ۾ هتي پهچي ويندا آهن ۽ منجهند جو کاڌو ان هوٽل ۾ کائيندا آهن جنهن ۾ اسان رات گذاري هئي ان هوٽل ۾ رات جو ايترا ماڻهو ناهن هوندا اهو هلندو ئي منجهند جي ماني تي آهي. ڀلا جنهن هوٽل ۾ روزانه ٻه هزار ماڻهو کائڻ لاءِ ايندا هجن ته هوٽل وارن جا مزا هوندا.


    سينٽ ڪيٿرائڻ

    هتي جيڪي ماڻهو هئا انهن جا ڪپڙا براءِ نام هئا ۽ سڀئي هڪ منزل جي طرف روان دوان هئا. اسان گاڏي ۾ هئاسين. هڪ جاءِ تي بيريئر هئي. ان بيريئر کان تقريبا ٻه ڪلوميٽر اڳتي گرجا گهر هيو. ان جو نالو آهي سينٽ ڪيٿرائڻ هي سينٽ ڪيٿرائڻ هڪ پادرياڻي جي هئي. ان پنهنجي زندگي زندگي اتي عبادت ۾ گذاري عيسائين وٽ ان عابده جو مقام ائين آهي جيئن اسان وٽ رابعه بصري رحه جو مقام آهي ان ڪري انهيءَ جي نالي سان اتي چرچ ٺاهيو ۽ اهو اڃا تائين ٺهيل آهي. ان ۾ انهن جا ويهه يا پنجويهه منڪ ( يعني وڏا پادري رهندا آهن. چرچ ڪافي وڏو آهي. ماڻهو گهمي ٿڪجي پئي ايڏو وڏو آهي. ان لاءِ ٻه ڪلوميٽر پنڌ ڪرڻو پوندو آهي. اهي ٻه هزار ماڻهو رستي تي ائين پکڙيل هئا ڄڻ ڪو ميلو آهي.


    الله پاڪ جي مهرباني

    الله جو شان! جڏهن اسان ٻه ڪلوميٽر پهريان جتان ماڻهن کي پنڌ وڃڻو هوندو آهي اتي پهتاسين ته ان گائيڊ (رهبر) چيو ته هتي هڪ منهنجو ڪرنل دوست آهي. جيڪو سيڪيورٽي ۾ ڊيوٽي ڪندو آهي. مان ڏسان ٿو ته اهو آهي يا نه آهي. ان رهبر گاڏيءَ مان فون ڪيو الله پاڪ جو شان ان ڏينهن جيڪا شفٽ هئي اهو ڪرنل ان جو هيڊ هيو اسان جي گائيڊ ڪرنل کي چيو سائين هي منهنجا مهمان آهن ۽ اهي اڇين ڏاڙهين وارا پوڙها آهن. جيڪڏهن توهان مون تي ڀروسو ڪيو ته مان انهن کي سينٽ ڪيٿرائڻ جي دروازي وٽ ڇڏي اچان اهو ڪرنل ان جو دوست هيو تنهنڪري انهيءَ کي اجازت ڏنائين چيائين هي توهان جو نمبر آهي جيڪي ڊيوٽي تي بيٺا آهن توهان انهن کي نمبر ٻڌايو ۽ اندر هليا وڃو اسان جي گاڏي هڪ دروازي کان اڳتي وڌي اتي گيٽ ٺهيل هئا. اسان کي اتي روڪيائون اسان جي رهبر نمبر ٻڌايو پوءِ انهن ان جي تصديق ڪرڻ کان پوءِ دروازو کوليو ته اتي سڄي مخلوق پنڌ هلي پئي ۽ اسان ڏاڙهين ۽ پٽڪن وارا ڪار ۾ ويهي سفر ڪري رهيا هئاسين. ته سڀ حيران ٿي ڏسي رهيا هئا. ته هيءَ مخلوق هتي ڪيئن اچي وئي؟ اسان پنڌ هلون ٿا هي ڪيئن گاڏين تي وڃي رهيا آهن. خير الله پاڪ مهرباني ڪئي ۽ اسان کي دروازي تي پهچائي اسان کي چيائين ته مان واپس چيڪ پوسٽ تي وڃان ٿو جڏهن توهان واندا ٿيو ته مونکي فون ڪجو مان توهان کي وٺي ويندس.


    موسيٰ عليه السلام جو کوهه

    ان چرچ جي اندر هڪ کوهه آهي ان کوهه جي باري ۾ عيسيائين جو هي خيال آهي ته حضرت موسيٰ عليه السلام جي لٺ سان اهو پاڻي وهي پيو. هو جيئن ٻارنهن چشما ظاهر ٿيا هئا تنهنڪري عيسائين جو چوڻ آهي ته هي به حضرت موسيٰ عليه السلام جي لٺ سان ظاهر ٿيو آهي ان پاڻيءَ جو ائين احترام ڪندا آهن جيئن اسان آب زم زم جو احترام ڪندا آهيون. ۽ ماڻهو پيئن پيا. خير اسان چرچ جو معائنو ڪيو انهن ان کي هڪ ڪوٽ جي شڪل جهڙو ٺاهي چمڪايو آهي ۽ سون ۽ چاندي اهڙي چاڙهيو اٿن جو انسان دنگ رهجي وڃي.


    تجليءَ واري وڻ جي پاڇي ۾

    ان کان پوءِ اسان هڪ جڳهه تي وياسين ان جو نالو رکيو اٿائون برننگ بش (شجر تجلي) حضرت موسيٰ عليه السلام پنهنجي گهرواري اميد سان هئي ۽ ٿڌ به ڏاڍي هئي. جڏهن اهي هڪ جڳهه تي پهتا ته حضرت موسيٰ عليه السلام پنهنجي گهرواريءَ کي چيو ته تون انتظار ڪر مون کي پري کان باهه نظر اچي رهي آهي. “ آتيکم منها بقبس او اجد علي النار هديٰ” (طہ 14) يعني مان توهان جي لاءِ ان مان ٿوري باهه کڻي اچان ٿو يا جيڪڏهن باهه نه به ملي ته اتي ڪنهن کان ڏس ملي ويندو.حضرت موسيٰ عليه السلام باهه کڻڻ آيو هو پر اهو هڪ وڻ هئو ۽ ان تي الله جي تجلي (چمڪ) ٿي رهي هئي. ۽ ان تجلي جو نور باهه وانگرنظر اچي رهيو هو. حضرت موسيٰ عليه السلام جڏهن ان جي ويجهو آيا ته آواز آيو “ فاخلع نعليک انک بالواد القدس طوي” ( توهان جتين کي لاهيو ڇو ته توهان پاڪ وادي طويٰ ۾ آهيو) ۽ “ انني انا الله لا الہ الا انا فاعبدني واقم الصلواة لذکري” ته اهو برننگ بش( شجر تجلي) آهي ان باري ۾ اهو نه ٿو چئي سگهجي ته اڃا تائين اهو ئي موجود آهي. پر انهن ماڻهن جو چوڻ آهي ته جڏهن اهو پراڻو ٿيندو آهي ته ڪومائجي ويندو آهي. ان کي ڪٽيندا آهن ۽ ان جي اندران نئون ڦٽندو آهي بس اهو آهي جو انهيءَ جڳهه تي ان نسل جو اهو وڻ ڦٽندو رهيو آهي ان جا پن ساوا هوندا آهن ۽ ڪرندا به نه آهن انهن ماڻهن ان وڻ کي هٿ پهچڻ جيترو مٿي ڪٽي ڇڏيو آهي ان وڻ کي ماڻهو ڏسڻ ويندا آهن۽ انهن جي نظر۾ ان وڻ کي ڏسڻ ائين آهي جيئن حج جو هڪ رڪن ادا ڪرڻ خير اسان کي ٻڌايائون ته اهو سامهون برننگ بش (شجر تجلي) آهي مان پنهنجي دوستن کي چيو ته اسان قرآن مجيد جي هڪ آيت تي عمل ڪريون؟ چوڻ لڳا سائين ڪهڙي؟ مان چيو “ فاخلع نعليک” جتيون لاهيو. الله تعاليٰ هن جڳهه تي موسيٰ عليه السلام کي اهو حڪم فرمايو هيو. اڄ اسان به قرآن پاڪ جي ان آيت تي عمل ڪريون، اهڙي طرح اسان جتا لاٿا ۽ اڳتي جيڪي چند قدم هئا پيرين اگهاڙو هلياسين اتي وڃي ان وڻ ۾ ٻيو ته ڪجهه ڏسڻو ڪونه هو. ان ڪري ان جي ويجهو پٿر جي بينچ تيوڃي ويٺاسين اتي اسان چيو ته ڏسو ادا هي اها جڳهه آهي جتي الله پاڪ جي تجلي لٿي هئي. اها ڳالهه قرآن پاڪ مان ثابت آهي ته الله پاڪ ان کي مقدس جڳهه چيو آهي ته اهي تجليون ختم ته ڪونه ٿيون هونديون. اڃا تائين موجود هونديون. تنهنڪري ويهو توبه، ذڪر ۽ مراقبو ڪريون خبر نه آهي اسان کي ڪيترو وقت لڳو ڏهه منٽ يا اڌ ڪلاڪ البت اسان خوب مراقبو ڪيو جڏهن اٿياسين ڇا ڏسون ته فوج جو ڪرنل سامهون بيٺو آهي. اهو سينٽ ڪيٿرائڻ جي سيڪيورٽي اسٽاف جو هيڊ هو. جڏهن ان ڏٺو ته اسان گيٽ ۾ داخل ٿياسين. ڊگها ڪپڙا پٽڪا ۽ ڏاڙهيون ته اهو اچرج ۾ پئجي ويو هيو ۽ اسان کي وڊيو ڪيمرا جي ذريعي چيڪ ڪري رهيو هو ته اسان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون ۽ ڇا ڪري رهيا آهيون؟ جڏهن اسان اتي ڪنڌ جهڪائي دير تائين ويٺا رهياسين ته اهو ويجهو ٿي ڏسڻ آيو ان ڪري جو اها انهن لاءِ نئين شيءِ هئي ته هي ماڻهو آيا ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيا آهن. جڏهن اٿياسين ته اهو سامهون بيٺو هو ۽ ڏاڍو ناراضگي ۾ هو مان ان کي هيلو هاءِ ڪئي جيئن ان موقعي تي ڪبي آهي ۽ مان مسڪرائي ان جي طرف ڏٺو پر ان بلڪل نه مسڪرايو هو ناراضگي ۾ رهيو ۽ پڇيائين توهان ڪٿان آيا آهيو؟ اسان چيو پاڪستان کان ان جو پهريون سوال هو ته توهان هتي ڇو آيو؟ توهان سعودي عرب وڃو. پوءِ اسان ان کي سمجهايو ته ڀائو موسيٰ عليه السلام اسان جو به پيغمبر آهي. بس مونکي اندازو ٿيو ته هي ناراض لڳي رهيو آهي. پوءِ الله پاڪ مهرباني ڪئي ته خاموش ڪم (توجهه)اهو ڪم اچي ويو. ڪجهه وقت ان سان ڳالهه ٻولهه ٿي ته هو ڪجهه اسان سان مانوس ٿي ويو ۽ ان کي اسان جي مسڪين شڪل پسند اچي وئي پوءِ مونکي چيائين ته توهان کي اها جڳهه ٻڌايان جيڪا توهان جي ڏسڻ جي آهي؟ اسان چو ڇو نه؟


    هڪ قديم مسجد

    چوڻ لڳو ته هڪ صحابي حضرت عمرو بن العاص رضه هتي آيو هيو (جنهن مصر کي فتح ڪيو) ان چرج جي اندر هڪ مسجد ٺاهي هئي. اها مسجد اڃا تائين آهي پر پادرين حڪومت کان چارج وٺي رکي آهي ۽ انهن ان کي بند ڪري رکيو آهي. ڪو ماڻهو اتي وڃي نٿو سگهي مسجد ته پنهنجي جاءِ تي آهي پر تالو لڳل آهي ان جي اندر وڃڻ ۽ نماز پڙهڻ منع آهي ان جو اهو دروازو بند رکن ٿا. جڏهن ان ڪرنل اسان کي ٻڌايو ته اسان جي دل ۾ ان مسجد جي اندر وڃڻ جو شوق ٿيو ته ان کي هڪ صحابي ٺاهيو آهي خبر ناهي ته اسان جا ڪيئي وڏڙا هتي آيا هوندا چوڻ لڳو ته توهان ڀاڳن وارا آهيو جو ان مسجد جي ويجهو مرمت ۽ تعمير جو ٿي رهيو آهي ۽ مزدور سيمنٽ ۽ سرون کڻڻ لاءِ اچن وڃن ٿا. توهان وڃو جيڪڏهن ڪوئي پڇي توهان هتي ڪيئن آيا آهيو؟ ته چئجو دروازو کليل ڏسي اسان اندر آياسين سبحان الله جيڪو اتان جو پهريدار آهي اهو ئي اسان کي واٽ ڏسي رهيو آهي اهو اتي ئي بيهي رهيو اسان آرام سان دروازو کوليو ۽ ٽيئي اندر وياسين۽ اهو گائيڊ به ڏاڍو خوش هيو ته مونکي اندر وڃڻ جو اڄ موقعو ملي ويو. مسجد ايتي وڏي نه هئي ان جي دروازي کي تالو لڳل هيو پر شيشن مان اندريون حصو ڏسڻ اچي رهيو هو. مان ساٿين کي چيو ته چاشت نماز جو وقت آهي ۽ وضو به آهي دل گهري ٿي ٻه رڪعتون پڙهون. ان رهبر چيو ته انهن جا پادري ڦري رهيا آهن. جيڪڏهن ڪنهن ڏسي ورتو ته اسان اندر اچي ۽ نماز به پڙهي آهيون ته اها خطرناڪ ڳالهه آهي. مان چيو ته اسان ته نمازپڙهنداسون ان چيو ڪيئن پڙهندو؟ مون چيو ته ان جو طريقو مان ٻڌايان ٿو ٽيئي منهن ٻئي طرف ڪيو ۽ پاڻ ۾ ڪچهري شروع ڪريو مان توهان جي پٺيءَ جي اوٽ ۾ بيهي ٻه رڪعتون پڙهي وٺان ٿو. انهن ائين ڪيو الله پاڪ جو شان مان اڃا هڪ رڪعت مس پڙهي هئي ته اتي هڪ وڏو پادري اچي ويو لڳي پيو ته اهو وڊيو جي ذريعي نگراني ڪري رهيا هئا. انهن اسان کي مسجد جي دروازي وٽ ڏسي ورتو هو اهو آيو ۽ مونکي ڏسندو رهيو جيئ ڪو ناراضگي ۾ هوندو آهي. اسان جا ساٿي گهٻرائجي ويا ته هي هاڻي اسان کي پڪڙيندا ۽ چوندا ته هتان نڪري وڃو اڃا اسان کي ٻيون زيارتون به ڪرڻيون هيون. خير اسان دعائون گهريون ۽ ٻاهر نڪري آياسين ٻاهر اسان ڏٺو ته جيڪو ڪرنل هيو اهو اڃا تائين انهيءَ جڳهه تي بيٺو هو اسان ان کي ٻڌايو ته ادا! اسان ڏسي به آياسين ۽ نماز به پڙهي آياسين. تنهن تي هو کلي پيو. الله پاڪ جو شان ڏسو جو الله جل جلاله دلين ۾ محبت وجهندڙ آهي. هو مونکي چوڻ لڳو ته ڇا توهان شجر تجليءَ جا پن وٺڻ پسند ڪندو؟ مان چيو ڇو نه؟ چيائين ته توهان کي خبر ناهي ان تي ته پابندي آهي؟ پوءِ چوڻ لڳو چڱو مان توهان کي اهي پن ڏيندس پر توهان انهيءَ بينچ تي جتي پهريان ويٺا هيو اتي وڃي پهريان وانگر (مراقبي ۾) ويهو ته پوءِ مان توهان کي پن پٽي ڏيان. ان جو سبب هي آهي اصل ائين ٿيو جو اسان ته هليا وياسين برننگ بش (شجر تجلي) وٽ وڃي ويهي رهياسين ۽ مراقبو شروع ڪيوسين. جڏهن اسن مراقبو ڪري رهيا هئاسين ته جيڪي زائرين هجوم ڦري رهيو هو اهي ان شجر تجلي جون ٻه ٽي تصويرون ڪڍي باقي اسان جون تصويرون ڪڍي رهيا هئا اسان جي چوڌاري رش کي ان ڪرنل ڪيمرا جي ذريعي ڏٺو ته هيءَ سڄي قوم ڪنهن شيءِ جي پٺيان بيٺل آهي جو شجر تجلي هيڏانهن آهي ۽ انهن جون ڪيمرائون هيڏي هلي رهيون آهن ته ان اهو منظر ڪيمرا جي ذريعي ڏٺو اسان کي خبر نه هئي اسان ته مراقبي ۾ ويٺا هئاسين مراقبي ختم ڪرڻ تي محسوس ٿيو ته اسان وٽ هڪ مائي بيٺي آهي ۽ ان جو مڙس فوٽو ڪڍي رهيو آهي. ٻئي طرف ڏٺو ته هوڏانهن ٻيو ماڻهو بيٺو آهي ۽ ان جي زال ان جو فوٽو ڪڍي رهي آهي. امهم جي زندگي ته ائين هوندي آهي اسان ان ڪرنل کان پڇيو ته ڀلا توهان اسان کي ويهڻ لاءِ ڇو چيو؟ ان ٻڌايو ته ان وڻ وٽ تقريبا پنج سو ماڻهو هر وقت هوندا آهن ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ان جا پن پٽيندو آهي ته ان کي سزا ملندي آهي. تنهنڪري مان ماڻهن جي سامهون پن نه پيو ٽوڙيسگهان. جڏهن ماڻهو توهان جا فوٽو ٺاهڻ ۾ مصرو ٿي ويا ته وڻ جي سائيڊ خالي هئي ان دوران مان ڪجهه پن ٽوڙيا خير انجا پنج يا ڇهه پن اسان کي ڏنائين انهيءَ شجر تجلي وٽ ويهي اسان دعا گهري ۽ مان پنهنجي ساٿين کي چيو ته انهيءَ جڳهه تي الله پاڪ کي اهو عرض ڪرڻ گهرجي ته الله! ان جڳهه تي هڪ ڪانڊيري هئي انهيءَ تي توهان جون تجليون پيون هيون. اسان ميريون دليون کڻي آيا آهيون انهن تي پنهنجون تجليون ڪرڻ فرماءِ! بهرحال اها نور سان ڀريل ۽ پُر سڪون جاءِ هئي.


    هڪ تاريخ

    اسان کي خبر پئي ته جڏهن نبي ڪريم ﷺ جو زمانو هئو. ان وقت جيڪي هتان پادري هئا اهي مدينه شريف ويا هئا ۽ انهن وڃي ڪري نبي ڪريم ﷺ جي خدمت ۾ هيءَ ڳالهه عرض ڪئي هئي ته سائين! اسان جي اها (شجر تجلي واري) جڳهه آهي جيڪڏهن توهان جو دين ڦهلجي هتي پهچي وڃي ته اها جاءِ اسان وٽ ئي رهڻ جي مهرباني ڪجو. اسان کي امن نامو لکي ڏيو؟ نبي ڪريم ﷺ اهل ڪتاب جو احترام ڪندا هئا انهن سان مهرباني ڪندي نبي ڪريم ﷺ انهن کي امن نامو لکي ڏنو. انهن هاڻي جيڪو ميوزيم ٺاهيو آهي اهو امن نامو ان ۾ لڳل آهي ان تي حضرت عمر رضه ۽ حضرت علي رضه جو صحيحون به هيون اها ڳالهه اسان کي رهبر ٻڌائي ته انهن ميوزيم مٿي ٺاهيو آهي ۽ اها انهنجي خاص جڳهه آهي. تنهنڪري عام وڃڻ ناهن ڏيندا ۽ جيڪي وڃي رهيا هئا تن کان هر هڪ ماڻهو جا پنجاهه ڊالر وٺي رهيا هئا. ۽ اهي ماڻهو حج ڪرڻ آيا هيا تنهنڪري هيءُ ذهن بڻائي آيا هئا ته کوهه جو پاڻي پيو، شجر تجلي جون تصويرون ڪڍو ۽ ميوزم ڏسو پوءِ واپس هليا وڃو تنهنڪري انهن لاءِ پنجاهه ڊالر ادا ڪرڻ ڪو ڏکيو نه آهي.
    فرض ڪيو جيڪڏهن ٻه سو ماڻهو هجن ۽ هر هڪ کان پنجاهه ڊالر ورتا وڃن ته اهي ڏهه هزار ڊالر ٿين ٿا ۽ اسان کي خبر پئي ته ان چرچ جو پورو خرچ ان ميوزيم جي آمدني مان هلائن ٿا انهن جو عملو انهن جون گاڏيون ۽ انهن جي زندگي شاهي هئي. الله تعاليٰ جو شان اسان به وياسين اتي ڊگهي قطار هئي. اسان به لائين ۾ لڳي وياسين جڏهن اسان دروازي وٽ پهتاسين ته دروازي جي اندر پادري ويٺو هو ان شايد ڪيمرا لڳائي رکي هئيان مان ڏسي پيو ۽ ٻڌائي پيو ته فلاڻي کي اندر موڪليو جڏهن اسان جو نمبر آيو اسان ٽنهي کي هڪ طرف ڪري ڇڏيائين ۽ اسان جي پويان انگريزن کي سڏڻ شروع ڪيائين جيڪو ماڻهو دروازي وٽ ويٺو هو اهو مصر جو هو، اسان ان کان پڇيو ته ڀلا! اسان کي اندر ڇو نه ٿا وڃڻ ڏين؟ ان چيو ته اڃان اجازت ناهي ملي توهان انتظار ڪيو اسان کي پنڌرهن ويهه منٽ انتظار ڪرڻو پيو اسانجي ساٿين مونکي ٻه دفعا چيو ته سائين هلون ٿا هي اسان کي اندر وڃڻ ڪونه ڏيندا. مان چيو ٿورو وقت بيهو! پنڌرنهن ويهن منٽن کان پوءِ ان پادري اسان کي اندر گهرايو. ان اسان کان پڇيو توهان ڪير آهيو؟ اسان چيو پاڪستان کان آيا آهيون. پڇڻ لڳو ڇو آيا آهيو؟ اسان چيو اسان هي جڳهه ڏسڻ آيا آهيون. ان اسان کان ٻه چار سوال ڪيا پر هر هر مون کي چئي رهيو هو توهان ڪير آهيو؟ مان بار بار ان کي چوان پيو ته مان اليڪٽريڪل انجنيئر آهيان، خير ان اسان کي ٽڪيٽون ته ڏنيون پر اهو سوچيندو رهيو، جڏهن اسان کي اجازت ملي ته اسان اندر وياسين اسان اها سڄي جڳهه ڏٺي ۽ اتي کوڙ ناياب شيون گڏ ڪيل آهن اهي سڀ ڏسي اسان جڏهن واپس آياسين ته ان پادري اسان جي هڪ ساٿي کي گهرايو ۽ چوڻ لڳو هي ماڻهو ڪير آهي؟ ان چيس هي منهنجو استاد آهي، پادري چيس هي ته پنهنجو پاڻ کي انجنيئر چوي ٿو، ساٿي چيس هي اسان جو استاد آهي ۽ انجنيئر به آهي.ان چيو چڱو مان توهان جي فيس واپس ڪيان ٿو ساٿي آيو خوش ٿي ڪري ته سائين! ان منڪ( پادري) اسان کي فيس واپس ڪئي. مان چيو ته اصل سبب هي آهي جو هي اهو پادري آهي جنهن مونکي نماز پڙهندي ڏٺو ۽ ڇو ته اڄ ڪافي زماني کانپوءِان مسجد ۾ نماز پڙهي وئي هن انهيءَ منظر کي ڏٺو ته ان جي دل محسوس ڪيو هوندو ته هن جڳهه جو وارث هتي آيو آهي ۽ ان ڪري مان انهن کان فيس نه وٺان ۽ بنا فيس جي انهن کي سڀ ڪجهه ڏيکاريان خير اسان ٻاهر آياسين ۽ ڪرنل صاحب اسان کي ان کوهه جي پاڻي جون بوتلون ڀري ڏنيون جنهن جو نالو بير موسيٰ آهي.


    گفتگو (ڪچهري) جي جڳهه

    ڪوهه طورڪافي مٿي آهي ۽ ان جون هيٺ مٿي کوڙ چوٽيون آهن. انهن مان هڪ چوٽي آهي جنهن جو نالو “ حجر موسيٰ” يعني موسيٰ عليه السلام جي ڇپ. حضرت موسيٰ عليه اسلسلام اتي ويندا هيا ۽ انهن جو الله تعاليٰ سان ڪلام ٿيندو هو. اتي بيهي هڪ دفعو کي چيو هيائين “ رب ارني انظر اليک” يعني اي الله پاڪ! مان توکي ڏسڻ گهران ٿو. الله تعاليٰ جواب ۾ فرمايو “ قال لن تراني ولٰکن انظر الي الجبل” تون جبل جي طرف ڏس ان جبل مان مراد اها چوٽي آهي جيڪا ان چوٽي جنهن تياسان بيٺا هئاسيون انکان به مٿي چوٽي ۽ جبل آهي. پهاڙي سلسلو ساڳيو آهي پر ان آيت مان مراد اها بلند چوٽي آهي. جڏهن موسيٰ عليه السلام ان چوٽي جي طرف ڏٺو. “ فلما تجليٰ ربہ للجبل جعلہ دکاء” جڏهن الله پاڪ جي تجلي ان تي پئي ته اهو سڄو پهاڙواريءَ جي ذرن وانگر ويهجي ويو. ان دڙي جي سائيز ايتري آهي جو لوساڪا جهڙا پنج شهر ان جي اندر اچي وڃن، ايترو وڏو جبل آهي. رهبر ٻڌايو ته اها چوٽي حجر موسيٰ کان بلند هئي پر اها ويهجي وئي ۽ ڪاري ٿي وئي ان جو نالو جبل دڪا آهي ۽ ان کي جبل طور بهچئبو آهي ۽ خاص جنهن جڳهه هتي تجلي پئي هئي ان جو نالو جبل دڪا آهي.


    جبل دڪا

    اسان کي ان جبل دڪا تي چڙهڻ جو شوق هو. مون جهڙو ڪمزور ماڻهو جنهن لاءِ ڏهه قدم هلڻ مشڪل. اهو جبل دڪا تي ڪيئن چڙهي؟ منهنجي دل هڪ ڳالهه آئي مان پنهنجن دوستن کي چيو ته توهان وڃو مان هتي انتظار ڪيان ٿو پوءِ خيال آيو ته وڃڻ گهرجي. مان پنهنجي ساٿين کي چيو ته هلون ۽ ٻي سڄي مخلوق سينٽ ڪيٿرائڻ کي ڏسي اڳتي ۽ مٿي وڃي رهي هئي اڌ واٽ تائين، ان اڌ رستي کان مٿي جيڪي ماڻهو پهاڙن تي چڙهڻ ڄاڻندا هئا اهي ئي وڃن پيا. الله تعاليٰ جو شان ڏسو اسان ٿورو اڳتي هلياسين جبل جي اوٽ مان ٻه اٺ ڪاهڻ وارا نوجوان هئا مان پنهنجي رهبر کي چيو يا ان سان ڳالهاءِ! اسان توهان کي ڪرايو ڏينداسون. توهان اسان کي جبل تي کڻي هلو اهي تيار ٿيا، هڪ اٺ تي مان سوار ٿيم۽ ٻئي اٺ تي ٻيو ساٿي ويٺو ٽئين ساٿي چيو مان پنڌ ڪري ويندس. اٺ تي اسان جو سفر شروع ٿيو. هاڻي اها مخلوق ڏسي رهي هئي ته هي ماڻهو پهريان گاڏين۾ اچي رهيا هئا ۽وري هاڻي اٺن تي وڃي رهيا آهن. مان ان اٺ واري کان پڇيو، “ اخي ما اسمک الڪريم” چيائين موسيٰ سبحان الله موسيٰ اسان کي طور تي وٺي وڃي رهيو آهي اٺ جي سواري زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ڪيم. تقريبا هڪ ڪلاڪ هلندا رهياسين. ان اسان کي جبل دڪا جي کليل جڳهه تي پهچايو مان پنهنجي ساٿين کي چيو ته بس انهيءَ جڳهه تائين چڙهياسين ڪافي آهي، هاڻي اسان هڪ آيت تي عمل ڪيون. ڪهڙي آيت؟ الله تعاليٰ جو فرمان آهي“ اقم الصلواة للذکري” هاڻي ظهر جو وقت ٿيو آهي، وضو به آهي هتي نماز پڙهون ٿا اسان هڪ وڏي پٿر تي نماز پڙهي، نماز کان پوءِ ويهي دعا گهرندا رهياسين.


    زندگيءَ جي عجيب دعا

    اها اسان جي زندگي جي عجيب دعا هئي ڇا گهريوسين؟ اسان کي گهڻو ياد نه آهي بس ايترو ياد آهي ته دعا گهرندي مان هي لفظ چيا،
    “میں کہاں کہاں نہ پہنچا تیری دید کی طلب میں”
    ساٿي روئڻ لڳا اهڙو عجيب ۽ پرنور وقت هو ٿڌ به هئي ان ۾ خبر نه آهي ته ڇا ڇا گهريوسين، البته هڪ دعا هيءَ گهريسين اي الله! ان پهاڙ تي موسيٰ عليه السلام چيو هو مان توکي دنيا ۾ ڏسڻ گهران ٿو، اسان گنهگار آهيون پر ان پهاڙ تي اچي بس ايترو عرض ڪيون ٿا ته توکي جنت ۾ ڏسڻ گهرون ٿا. ايالله! جنت ۾ توهان ديدار کان منع نه فرمائجو!
    لازم نہیں کہ ملے سب کو ایک سا جواب
    آو نہ ہم بھی سیر کریں کوہ طور کی
    يا الله! دنيا جي ڳالهه نٿا ڪريون آخرت جي ڳالهه ڪيون ٿا ۽ انهيءَ جڳهه تي عرض ڪري رهيا آهيون جتي توهان جي پيغمبر موسيٰ عليه السلام دعا گهري هئي اسان لاءِ جنت ۾ پنهنجي ديدار کي آسان فرماءِ! دعا گهري اتان واپس آياسين ته پٽ سيف الله جو فون آيو پڇي پيو بابا منهنجي لاءِ هڪ پٿر کڻي اچجو مان ڏسندس. سيف الله کي ڏيکارڻ جيلاءِ مان اتان ڳاڙهو ۽ هڪ ڪارو پٿر کنيو ان کي ڏيکارڻ لاءِ.


    ٻيون زيارتون

    اسان جڏهن هيٺ لٿاسين ته اتي هڪ جڳهه آهي جنهن جو نالو بن بني هارون آهي. هيءَ اها جڳهه آهي جتي حضرت هارون عليه السلام پنهنجي قوم سان گڏ رهيا هئا، ۽ هڪ وڏي پٿر تي ماڻهن هڪ وڏي ڳئون ٺاهي آهي. هي اها جڳهه آهي. جتي بني اسرائيلين گابي جي پوڄا ڪئي هئي. هنن سڀني جاين جي زيارت اسان هڪ ئي ڏينهن عصر کان پهريان پهريان ڪري ڇڏي ۽ اتان واپس ٿياسين البت واپسي تي انهن اسان کي گهڻو بيزار ڪيو جنهن کي خبر ٿئي پئي ته اسان سينٽ ڪيٿرائڻ کان آيا آهيون ته اهي ڪتا آڻن پيا ۽ اسان جون بيگون سنگهائن پيا خير اسان اتان شرم الشيخ اچي ۽ جهاز تي چڙهي واپس قاهره آياسين صبح جو جڏهن اسان اٿياسين ته اسان دوستن کي چيو اڄ هڪ ٻي آيت تي عمل ڪرڻو آهي اهي چوڻ لڳا ڪهڙي آيت تي؟ مان چيو ته جڏهن موسيٰ عليه السلام سان الله پاڪ هم ڪلامي فرمائي هئي ته هم ڪلامي جو خلاصو هيءُ هو،“ اذهب اليٰ فرعون انہ طغيٰ” (نازعات17) تنهنڪري اسان عجائب گهروينداسين جتي فرعون جو لاش پيل آهي پوءِ الحمد لله صبح جو اسان فرعون جي لاش تي وياسين ۽ ان کي حق جون ڳالهيون ٻڌايوسين. دل ۾ سوچيوسين ان جو روح ٻڌندو هوندو. اها وڏي عبرت جي نشاني آهي. فرعون پنجهٺ سال بادشاهي ڪئي، ويهن سالن جي عمر ۾ ان کي بادشاهي ملي هئي ۽منهنجي سمجهه ۾ هيءَ ڳالهه اچي ٿي ته خدا هجڻ جي دعويٰ جو هڪ سبب اهو به ٿيو جو ننڍي عمر ۾ ان کي ايڏي وڏي بادشاهي ملي هئي تنهنڪري ان جو دماغ خراب ٿي ويو هو ۽ چوڻ لڳو ته “ انا ربکم الاعليٰ”
    مان فرعون جي لاش کي ڏاڍي عبرت جي نظر سان ڏٺو الله اڪبر ڪبيرا.


    نالي وارن جا نشان ڪيئن مٽجي ويا

    واپسي تي هڪ ٻن جڳهن تي وياسين، سيد احمد بدوي رحه مصر ۾ نقشبندي سلسلي جا بزرگ ٿي گذريا آهن، ڊگهو مراقبو ڪندا هئا. مراقبي مان صرف نماز لاءِ اٿندا هئا. ڪڏهن ته ڏهه ڏهه ڏينهن مراقبو ڪندا هئا ان جي ڪري انهن جي چهري تي گهڻو نور هوندو هو جو چهري کي ڍڪي رکندا هئا. هڪ دفعي سندس خادم چيو ته سائين! توهان جي خدمت ڪندي ڪافي وقت ٿيو آهي پر توهان جو چهرو نه ڏٺو آهي عرض آهي ته مونکي پنهنجو چهرو ڏيکاريو! انهن ڪپڙو هٽايو ته خادم چهرو ڏسندي ئي بيهوش ٿي ڪري پيو ۽ اتي ئي فوت ٿي ويو. مان ڪتابن پڙهيو آهي ته جنهن جڳه تي رهندا هئا ان جو طنطنه آهي، اتان جي ماڻهن به ان جي تصديق ڪئي. بدوي رحه کي سيد لاعاشقين چوندا هئا. ان کان ٿورو اڳتي هڪڪ جڳهه اليڪزينڊريا آهي. اسان اتي به وياسين اتي حضرت دانيل عليه السلام ۽ حضرت لقمان عليه السلام مدفون آهن. حضرت ابو الدرداء به اتي آرام فرمائي رهيا آهن. هڪ ٻي زيارت ابو بصيري رحه جي قبر جي ڪئي سون. جنهن قصيده برده شريف لکيو آهي حضرت شيخ الحديث رحه فضائل درود شريف ۾ ان جو ڪجهه حصو آندو آهي.
    يا رب صل وسلم دائماابدا عليٰ حبيبک خير الخلق کلهم
    ابو بصيري رحه کي سيد المداحين جو لقب مليل آهي. اها جڳهه به وڏي عجيب آهي. بلڪل سمنڊ جي ڪناري آهي پوءِ اسين واپس سعودي عرب ئي آياسين ۽ عمرو ڪيو ۽ ان عمري ۾ شروع کان آخر تائين صرف شڪر ئي ادا ڪيو.

    و آخر دعوانا ان الحمد لله رب العالمين


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566219
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215640
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ