ڪتاب جو نالو: قرباني: پس منظر ۽ احڪام
مصنف: قريشي نعيم الله ”صابر“
ڇپائيندڙ: گوشهءِ تحقيقات اسلامي
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 28 آگسٽ 2017 ع
پڙهيو ويو: 445 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 108 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
عيد الاضحى جي مناسبت سان سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”قرباني : پسمنظر ۽ احڪام“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هن ڪتاب جا ليکڪ قريشي نعيم الله ”صابر“ جن آهن.
جيئن ته الله پاڪ انسانن کي پنهنجي حڪمن مڃڻ خاطر پيدا ڪيو آهي، رب جا جيڪي به حڪم مومن کي ملن ٿا هو ان تي سندس منشا آڌار مڪمل عمل ڪرڻ ۾ رڌجي وڃن ٿا. اهڙن ئي حڪمن مان هڪ حڪم رب لاءِ قرباني ڪرڻ به آهي، جنهن جا تفصيل ڄاڻڻ هونءَ ته هر مسلمان لاءِ لازم آهي پر جنهن تي قرباني واجب هجي ان لاءِ اهي حڪم وڌيڪ اهميت رکن ٿا، ڇو ته سندس ٿورڙي به لاپرواهي ۽ اڻ ڄاڻائيءَ جي ڪري سندس عمل وڃائجڻ جو خطرو ٿي پوي ٿو.
ان ڳالهه کي سامهون رکندي هي مختصر ۽ جامع ڪتاب اوهان جي آڏو پيش ڪجي ٿو، جنهن ۾ قربانيءَ جا اهم مسئلا سولي ۽ سهڻي نموني سان اوهان آڏو رکيا ويا آهن، ته جيئن ربّ ڪريم اڳيان جيڪو ڪجهه به قرباني طور پيش ڪريون، ته اهو سهڻي نموني پيش ڪيون.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • ٻه اکر
  • قربانيءَ جو پس منظر
  • قربانيءَ جو فلسفو
  • قربانيءَ جا مسئلا
  • قربانيءَ لاءِ جائز جانور
  • قربانيءَ لاءِ ناجائز جانور
  • گوشت جي ورهاست
  • جانور پالي متارو ڪيو
  • ذبح وقت موجود رهو
  • ڪاسائيءَ جي مزدوري جانور مان نه ڏيو
  • سنت ابراهيمي
  • قربانيءَ جو وقت
  • پاڻ سڳورن جو عمل
  • مقرر ڏينهن ۾ قرباني نه ڪرڻ جو مسئلو
  • سچي دل سان قرباني ڪيو
  • ذبح ڪرڻ جو طريقو ۽ دعا
  • عيد نماز ۽ تڪبير تشريق جا مسئلا
  • تڪبير تشريق جا پنج ڏينهن
  • عيد نماز بابت اهم مسئلا
  • عيد نماز جو طريقو

  • حق ۽ واسطا محفوظ

    قرباني: پس منظر ۽ احڪام
    قريشي نعيم الله ”صابر“

    ڇاپو پهريون: 2017ع
    ڪمپوزنگ: نصرالله
    ڇپائيندڙ: گوشهءِ تحقيقات اسلامي
    03313051325

    QURBANI: PAS MANZAR AIN AHKAM

    By: QURESHI NAEEMULLAH “SABIR”
    First Edition: 2017
    Composing & Design: NASRULLAH
    Published by: GOSHA-E-TAHQIQAT-E-ISLAMI
    Pakistan

    براءِ ايصال ثواب: خليفو يار محمدقريشي، خليفو اصغر علي قريشي، خليفو عبد العلي قريشي، خليفو عبدالولي قريشي، خليفو عبدالقيوم قريشي،
    خليفو افضال احمد قريشي، خليفو عبدالماجد قريشي
    ۽ تمام فوت شده مٽ مائٽ ۽ امت مسلمه


    سنڌ سلامت پاران

    عيد الاضحى جي مناسبت سان سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”قرباني : پسمنظر ۽ احڪام“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هن ڪتاب جا ليکڪ قريشي نعيم الله ”صابر“ جن آهن.
    جيئن ته الله پاڪ انسانن کي پنهنجي حڪمن مڃڻ خاطر پيدا ڪيو آهي، رب جا جيڪي به حڪم مومن کي ملن ٿا هو ان تي سندس منشا آڌار مڪمل عمل ڪرڻ ۾ رڌجي وڃن ٿا. اهڙن ئي حڪمن مان هڪ حڪم رب لاءِ قرباني ڪرڻ به آهي، جنهن جا تفصيل ڄاڻڻ هونءَ ته هر مسلمان لاءِ لازم آهي پر جنهن تي قرباني واجب هجي ان لاءِ اهي حڪم وڌيڪ اهميت رکن ٿا، ڇو ته سندس ٿورڙي به لاپرواهي ۽ اڻ ڄاڻائيءَ جي ڪري سندس عمل وڃائجڻ جو خطرو ٿي پوي ٿو.
    ان ڳالهه کي سامهون رکندي هي مختصر ۽ جامع ڪتاب اوهان جي آڏو پيش ڪجي ٿو، جنهن ۾ قربانيءَ جا اهم مسئلا سولي ۽ سهڻي نموني سان اوهان آڏو رکيا ويا آهن، ته جيئن ربّ ڪريم اڳيان جيڪو ڪجهه به قرباني طور پيش ڪريون، ته اهو سهڻي نموني پيش ڪيون.
    هي ڪتاب گوشهءِ تحقيقات اسلامي پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون سائين نصرالله قريشي صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ٻه اکر

    اسلام هڪ مڪمل دين آهي جيڪو مؤمنن لاءِ زندگيءَ جي هر موڙ تي تربيت ڪندڙ ۽ هدايتون ڏيندڙ استاد جي حيثيت رکي ٿو. اسلام جون هدايتون قرآن پاڪ، نبي سڳوريﷺ جي سنت، سندس صحابه ۽ اهل بيت سڳورن جي مثالي ڪردارن ۽ امت جي نامور عالمن جي ذريعي اسان کي ملنديون رهنديون آهن. جن تي عمل ڪري انسان پنهنجي رهڻي ڪرڻيءَ کي وقت سر بهتر کان بهتر ڪندو رهيو آهي. نتيجي ۾ کيس ٻن قسمن جا فائدا حاصل ٿين ٿا؛ هڪ رب جي رضا ۽ ٻيو هي ته مومن پنهنجي دلين کي سڪون ۽ اطمينان جي دولت سان مالا مال ڪندا رهن ٿا.
    جيئن ته الله پاڪ انسانن کي پنهنجي حڪمن مڃڻ خاطر پيدا ڪيو آهي، رب جا جيڪي به حڪم مومن کي ملن ٿا هو ان تي سندس منشا آڌار مڪمل عمل ڪرڻ ۾ رڌجي وڃن ٿا. اهڙن ئي حڪمن مان هڪ حڪم رب لاءِ قرباني ڪرڻ به آهي، جنهن جا تفصيل ڄاڻڻ هونءَ ته هر مسلمان لاءِ لازم آهي پر جنهن تي قرباني واجب هجي ان لاءِ اهي حڪم وڌيڪ اهميت رکن ٿا، ڇو ته سندس ٿورڙي به لاپرواهي ۽ اڻ ڄاڻائيءَ جي ڪري سندس عمل وڃائجڻ جو خطرو ٿي پوي ٿو.
    ان ڳالهه کي سامهون رکندي هي مختصر ۽ جامع ڪتاب اوهان جي آڏو پيش ڪجي ٿو، جنهن ۾ قربانيءَ جا اهم مسئلا سولي ۽ سهڻي نموني سان اوهان آڏو رکيا ويا آهن، ته جيئن ربّ ڪريم اڳيان جيڪو ڪجهه به قرباني طور پيش ڪريون، ته اهو سهڻي نموني پيش ڪيون.

    ڊائريڪٽر
    گوشهءِ تحقيقات اسلامي - پاڪستان
    اسلام آباد
    23، آگسٽ، 2017ع


    قربانيءَ جو پس منظر

    الله تبارڪ وتعالى حضرت اسماعيل عليه السلام جي ذبح جو سمورو بيان قرآن شريف جي ٽيويهين پاري جي سورة الصافات ۾ واضح لفظن ۾ ڄاڻايو آهي. جنهن مطابق حضرت ابراهيم عليه السلام کي خواب ۾ ٽي راتيون مسلسل اهو الهام ٿيو ته اي ابراهيم! اٿ، اٿي پنهنجي پياري ۾ پياري شيءِ قربان ڪر. تڏهن حضرت ابراهيم عليه السلام کي خيال آيو ته دنيا ۾ ٻه شيون پياري ۾ پياريون ٿينديون آهن. هڪ مال- دولت ۽ ٻيو آل- اولاد هن پهريان ٻه ڏينهن ته روزُ هڪ هڪ سؤ ڀلا اٺ قربان ڪيا، پر ٽئين رات کيس وري حڪم ٿيو ته: اي ابراهيم اُٿ، ۽ اٿي پنهنجي پياري ۾ پياري شيءِ قربان ڪر. سو هِن سوچيو ته مال جي ته قرباني مون ڪئي آهي، اُها شايد قبول نه پئي آهي. باقي هاڻي رهي اولاد، پوءِ پنهنجي پياري سڪيلڌي پٽ تيرهن ورهين جي نوجوان اسماعيل کي سڏي چيو:
    يٰبُنَيَّ اِنِّىْٓ اَرٰى فِي الْمَنَامِ اَنِّىْٓ اَذْبَحُكَ فَانْظُرْ مَاذَا تَرٰى ۭ
    او منهنجا پٽڙا! مون رات خواب ۾ ڏٺو آهي ته مان توکي ذبح ڪري رهيو آهيان ان بابت تنهنجي ڇا راءِ آهي؟
    قَالَ يٰٓاَبَتِ افْعَلْ مَا تُــؤْمَرُ ۡ سَتَجِدُنِيْٓ اِنْ شَاۗءَ اللّٰهُ مِنَ الصّٰبِرِيْنَ ١٠٢؁
    منهنجا بابا! جنهن ڳالهه جو توهان کي ربِّ ڪريم وٽان حڪم ڪيو ويو آهي سا ڳالهه جلد پوري ڪيو ان ۾ دير ڪونه ڪيو، ۽ جيڪڏهن الله تعالى چاهيو ته اوهان مونکي صبر ڪندڙن مان لهندؤ.
    هتي صاحبزادي کان مشوري وٺڻ ۾ اها حڪمت رکيل هئي ته پهريون ان جي عزم وهمت ۽ اطاعت ربِّي جي جذبي جو امتحان ٿي وڃي، ڇاڪاڻ ته ثواب جو دارو مدار قصد ۽ نيّت تي آهي. ٻيو اگر هو اطاعت اختيار ڪري ته ثواب جو مستحق ٿي وڃي. ٽيون ذبح ڪرڻ وقت جو بتقاضاءِ بَشريّت ۽ شفقتِ پدري طبعي اضطراب ۽ لغزش جو خطرو هو. ان کان به ڪنهن حَرج ۾ اطمينان ٿي پئي. تنهن کان پوءِ حضرت اسماعيل عليه السلام کي گهران خوب سنواري سينگاريو ويو ۽ ٻَئي ڄڻا پيءُ ۽ پٽ مَذبَح جي طرف هليا. الله تعالى جي عبادت ۽ طاعت جو هي عظيم الشان مظاهرو شيطان لعين کان ڏٺو ۽ سٺو نه ٿيو، ۽ واٽ ويندي شيطان منى ۾ ٽن هنڌن تي حضرت ابراهيم عليه السلام کي خوب راڻيو، مگر کيس کُتو جواب مليو ته هي خالص الله تعالى جو حڪم آهي جيڪو مونکي دل وجان سان تلسيم آهي، ۽ تنهنجو ڪو به حيلو نه هلندو، تڏهن شيطان لعين کي ”الله اڪبر“ چئي هر هنڌ ست ست پهڻيون چُٽِيون ته شيطان مردود مايوس، ذليل ۽ خوار ٿي موٽيو. جڏهن ٻئي ڄڻا هاڻي اچي مذبح واري جاءِ تي پهتا ته حضرت اسماعيل عليه السلام پنهنجي والد ماجد کي ٽي وصيتون ڪيون؛ پهرين اِها ته منهنجي امڙ سانئڻ کي منهنجا سلام چئجو ۽ رت ڀريا ڪپڙا کيس ڏجو، جيئن ان کي تسلي ٿئي ته سندس لختِ جگر رب جي راهه ۾ برابر قربان ٿيو، ٻيو ته مونکي زمين تي منهن ڀر ليٽائجو، پنهنجا هٿ پير ۽ اکيون ٻڌجو، متان لُڇڻ سبب اوهان کي رت جا قطرا نه لڳي پون. ٽيون عرض ته اوهان به پنهنجون اکيون ٻڌندا، اهو ان ڪري جو متان ذبح ڪرڻ مهل اوهان جي دل ۾ شفقت پِدريءَ جو جذبو نه جاڳي پئي.
    حضرت ابراهيم عليه السلام وصيت موجب پُٽ کي پَٽَ تي ليٽائي ذبح ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پوري قوت سان ڇري وهائي ۽ الله جل شانہٗ حضرت اسماعيل عليه السلام جي نڙيءَ تي هڪ پتل جهڙي چيز رکي ڇڏي ته ڪاتيءَ ڪهڻ کان جواب ڏنو، ان وقت رب جليل حضرت ابراهيم خليل الله کي پڪاري فرمايو!
    وَنَادَيْنٰهُ اَنْ يّـٰٓاِبْرٰهِيْمُ ١٠٤؀ قَدْ صَدَّقْتَ الرُّءْيَا ۚ
    اي ابراهيم بيشڪ تو پنهنجو خواب سچو ڪري ڏيکاريو.
    بعد ۾ حضرت جبرئيل عليه السلام کي حڪم ڪيو ويو ته هڪ اُهو دنبو آڻ جيڪو بهشت جي باغن ۾ ويهن سالن کان چَرندو ٿو رهي، ان کي وٺي وڃي اسماعيل کي سوري ان جي جاءِ تي ليٽاءِ ته جيئن ابراهيم خليل الله ان دنبي کي ذبح ڪري ڇڏي ۽ ائين ئي ٿيو جيئن الله جل جلالہٗ چاهيو. جڏهن حضرت ابراهيم عليه السلام ذبح ڪري پنهنجي اکين جي پَٽي لاٿي، اکيون پَٽي ڏٺائين ته سندس اڳيان دنبو ذبح ٿيو پيو آهي ۽ اسماعيل ته پري صحيح سلامت بيٺو آهي، تڏهن مقدس پيءُ ۽ پُٽ جي شڪر گذاريءَ، خوشيءَ ۽ مسرت جي حد نه رهي. اها هڪ کليل آزمائش هئي، اهڙيءَ طرح حضرت اسماعيل عليه السلام کي ذبح کان منشاءِ ايزديءَ موجب بچايو ويو، فرمانِ فرقان ٿيو:
    اِنَّا كَذٰلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنِيْنَ ١٠٥؁
    بيشڪ اسان اهڙي طرح نيڪوڪارن کي چڱو بدلو ڏيندا آهيون.


    قربانيءَ جو فلسفو

    حضرت ابراهيم عليه السلام جي اهڙي فداڪارانه ڪارنامي مسلمانن جي اهڙي جشن ۽ ذبيح الله جي سالگره کي ان حقيقت جو يادگار بنايو ته اسان به تقوى اختيار ڪيون ۽ هن دنيا ۽ آخرت لاءِ نيڪ عملن جو ذخيرو جمع ڪيون، ۽ الله تعالى کي راضي ڪريون، ڇاڪاڻ ته برتريءَ لاءِ تقوى شرط آهي، نه گوري کي ڪاري تي ڪا فضيلت حاصل آهي نه ڪاري کي گوري تي، نه عربيءَ کي عجميءَ تي ۽ نه عجميءَ کي عربيءَ تي (ڪا فضيلت آهي) ان ذبح عظيم ۾ به راز سمايل هو، ڇاڪاڻ ته نبيءَ آخر الزمان حضرت محمد مصطفىﷺ جن سندن پُشت مان پيدا ٿيڻا هئا، ان طرف شاهه عبداللطيف رحمة الله عليه ڪهڙو نه سهڻو اشارو ڪيو آهي؛

    دوست ڪُهائي دادلا، محب مارائي،
    خاصن خليلن کي سختيون سهائي،
    الله الصَّمد بي نياز، سا ڪري جا چاهي،
    انهيءَ منجهه آهي، ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي،

    اڄوڪو ڏينهن اسان مسلمانن واسطي هن عهد جي تجديد لاِ به آهي ته:
    قُلْ اِنَّ صَلَاتِيْ وَنُسُكِيْ وَمَحْيَايَ وَمَمَاتِيْ لِلّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ ١٦٢؀(الانعام)
    (تون) چئه ته منهنجي نماز، ۽ منهنجي قرباني، ۽ منهنجو جيئڻ ۽ مرڻ صرف الله لاءِ آهي.
    قرباني هڪ اهم ۽ قديم ترين رسم آهي، جو دنيا جي سڀني مذهبن ۾ عمَلا تعليم ڪئي وئي آهي، مسلمانن لاءِ قرباني رضائي الاهيءَ جو عالمگير مظاهرو آهي، جنهن جو مطلب صرف اطاعت ربِّي کان سواءِ ڪجهه به نه آهي. تنهن ڪري پنهنجي حلال ڪمائيءَ مان ان جو اهتمام ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته الله تعالى پاڻ به پاڪ آهي ۽ پاڪ شيون پسند فرمائي ٿو، ۽ پاڻ حسين آهي ۽ حسين شيون پسند فرمائي ٿو.


    قربانيءَ جا مسئلا

    قربانيءَ جو حڪم سن ٻه هجريءَ ۾ ٿيو، قرباني هر صاحب نصاب مسلمان، مقيم، مرد ۽ عورت، عاقل ۽ بالغ تي واجب آهي، جنهن وٽ ساڍا ست تولا سون يا ساڍا ٻاونجاهه تولا چاندي يا ان جي مقابل رقم، ان جي گهُرج کان زائد موجود هجي، اهڙي ملڪيت تي قرباني جي معاملي ۾ سال جو گذرڻ به شرط نه آهي، جيئن زڪاة ۾ هوندو آهي.


    قربانيءَ لاءِ جائز جانور

    1. دنبو: گهٽ ۾ گهٽ ڇهن مهينن جو مگر ٿلهو متارو هجي جو ڏسڻ ۾ سال جو لڳي.
    2. رڍ ٻڪري: گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال جي.
    3. ڳئون ۽ مينهن: گهٽ ۾ گهٽ ٻن سالن جي.
    4. اُٺ، گهٽ ۾ گهٽ پنجن سالن جي عمر جو هجي.
    دنبو، رڍ ۽ ٻڪري صرف هڪ ماڻهو خريد ڪري، قرباني ڪري سگهي ٿو، ان ۾ ٻيو ڀائيوار نٿو ٿي سگهي، باقي ڳئون، مينهن ۽ اُٺ ۾ ست ڄڻا حصيدار ٿي سگهن ٿا ۽ هڪ ڄڻو به ڪري سگهي ٿو.


    قربانيءَ لاءِ ناجائز جانور

    عيب وارو، بيمار، ڏٻرو، انڌو، ڪاڻو، بغير ڏندن جي، يا جيڪو جانور پيدائشي ننڍن ڪنن وارو ۽ نڪ ڪپيل هجي، ته اهڙو جانور قربانيءَ لاءِ جائز نه آهي.
    جيڪو شخص شرعي قاعدن موجب صاحب نصاب جو ناهي، پر ان قربانيءَ جي نيت سان ڪو جانور خريد ڪيو ته ان تي قرباني واجب ٿي وئي.


    گوشت جي ورهاست

    قربانيءَ جو گوشت جنهن ۾ ڀائيوار هجن ته اٽڪل تي ورهاست نه ڪن، بلڪ وزن ڪري پورو پورو حصو توري وٺن.
    قربانيءَ جي گوشت جا ٽي ڀاڱا ڪرڻ گهرجن؛ هڪ الله جي راهه ۾ ڏجي، ٻيو پنهنجي عزيزن ۽ احبابن ۾ ورهائجي، ۽ ٽيون حصو پنهنجي استعمال لاءِ رکجي. سڀئي الله جي راهه ۾ ڏجي ته به جائز آهي، سمورو پنهنجي عيال جي استعمال ۾ آڻي ته به درست آهي.


    جانور پالي متارو ڪيو

    حضور اڪرمﷺ جن جو فرمان عاليشان آهي ته:
    سَمِّنُوا ضُحَايَاكُمۡ فَاِنَّهَا عَلى الصِّرَاطِ مَطَايَاكُمۡ.
    مطلب ته پنهنجي قربانيءَ جي جانورن کي چاري ٿلهو متارو ڪيو ڇو ته اهي پل صراط تي اوهان جي سواريءَ جا وَهَٽَ ٿيندا.
    هي به ياد رکڻ گهرجي ته الله پاڪ قربانيءَ جي جانورن جي هر هڪ وار جي بدلي نيڪيءَ سان نوازيندو آهي.


    ذبح وقت موجود رهو

    قرباني ڪرڻ وارو بهتر آهي ته پاڻ جانور ذبح ڪري، نه ته قربانيءَ جي جانور وٽ بوقت ذبح موجود هجي.


    ڪاسائيءَ جي مزدوري جانور مان نه ڏيو

    قربانيءَ جي کَل يا گوشت وغيره مان ڪاسائيءَ کي اجرت ادا نه ڪري، ڪاسائيءَ کي مزدوري کيسي مان ڏجي ۽ قربانيءَ جي کل خيرات ڪري ڇڏجي.


    سنت ابراهيمي

    اصحابن سڳورن، نبي پاڪﷺ جن کان سوال ڪيو ته سائين! اَضحى ڇا آهي؟ پاڻ سڳورنﷺ جن فرمايو ته اضحى توهان جي جَدِ امجد حضرت ابراهيم عليه السلام جي سنت آهي.


    قربانيءَ جو وقت

    عيد جي ڏينهن يعني ڏهين ذوالحج تي شهر وارا قرباني عيد جي نماز کان پوءِ شروع ڪن. قربانيءَ لاءِ پهريون ڏينهن افضل آهي، باقي ڏينهن 11 ۽ 12 ذوالحج صبح صادق کان پوءِ سج لٿي کان اڳ ۾ قرباني ڪجي. اگر ڪنهن عذر يعني زوردار برسات يا بد امنيءَ جي ڪري عيد نماز پهرين ڏينهن تي ادا نه ٿي سگهي ته عيد نماز جو وقت گذري وڃڻ کان پوءِ قرباني ڪرڻ درست آهي.


    پاڻ سڳورن جو عمل

    نبي ڪريمﷺ جن هر عيد الاضحى تي ٻه قربانيون ڪندا هئا، هڪ پنهنجي طرفان ۽ ٻي پنهنجي گنهگار امت پاران، پاڻ سڳوراﷺ جن هجرت کان پوءِ ڏهه سال مدينه طيبه ۾ رهيا ۽ هر سال برابر قرباني ڪندا رهيا.


    مقرر ڏينهن ۾ قرباني نه ڪرڻ جو مسئلو

    اگر قربانيءَ جا مخصوص ڏينهن، ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين ذوالحج گذري ويا ۽ ڪو غفلت يا ناواقفيت يا ٻئي ڪنهن عذر کان قرباني نه ڪري سگهيو، ته ان تي قربانيءَ جي رقم فقيرن ۽ مسڪينن ۾ صدقو ڪرڻ واجب آهي. ليڪن قربانيءَ جي ٽن ڏينهن ۾ جانور جي قيمت صدقه ڪرڻ سان اهو واجب ادا نه ٿيندو، هميشه گناهه رهندو، ڇاڪاڻ ته قرباني هڪ مستقل عبادت آهي، جيئن نماز پڙهڻ سان روزو ۽ روزي رکڻ سان نماز ادا نٿي ٿي سگهي، اهڙي طرح صدقه ۽ خيرات ڪرڻ سان قرباني به ادا نه ٿي ٿئي.


    سچي دل سان قرباني ڪيو

    الله تعالى جي ڪرم نوازي ڏسو، جو قربانيءَ جي پهرين قطري خون جي ڪرڻ سان ئي قرباني کي قبول فرمائي ٿو. ڇاڪاڻ ته رب تعالى کي قربانيءَ جي خون جي قطري جي ڪِرڻ کان سواءِ اڄ ٻي ڪا به چيز محبوب ناهي، ان ڪري جو الله سبحانہٗ وتعالى وٽ نه انهن اضحى جي جانورن جو گوشت ٿو پهچي ۽ نه رت، پر ان وٽ رڳو اوهان جي تقوى، يعني خالص نيت ۽ دل جي سچائي ٿي پهچي.


    ذبح ڪرڻ جو طريقو ۽ دعا

    قربانيءَ جي جانور کي ذبح ڪرڻ کان اڳ ڪجهه کارائجي پيئارجي، کيس بک اڃ تي ذبح نه ڪرڻ گهرجي، جانور جي اڳيان ڇريءَ کي تِکو نه ڪجي ۽ ٻين جانورن جي وٽ ذبح نه ڪرڻ گهرجي. جانور کي ذبح ڪرڻ وقت قبله ڏانهن سندس سڄي پاسي تي ليٽائجي، ليٽائڻ وقت هي دعا پڙهجي:

    اَللّٰهُمَّ إِنِّي وَجَّهْتُ وَجْهِيَ لِلَّذِي فَطَرَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ حَنِيفًا وَمَا أَنَا مِنَ الْمُشْرِكِينَ۔ إِنَّ صَلَاتِي وَنُسُكِي وَمَحْيَايَ وَمَمَاتِي لِلَّهِ رَبِّ الْعَالَمِينَ لَا شَرِيكَ لَهُ وَبِذَلِكَ أُمِرْتُ وَأَنَا أَوَّلُ الْمُسْلِمِينَ ۔ اللّٰهُمَّ لَكَ وَمِنكَ بِسمِ اللهِ اللهُ اَكبَرُ.

    اي منهنجا رب! بيشڪ آئون پنهنجي چهري کي عبادت لاءِ الله ڏانهن متوجه ڪريان ٿو، اهو الله جنهن پيدا فرمايو آسمانن ۽ زمينن کي آئون حق جو تابعدار آهيان ۽ آئون مشرڪن مان نه آهيان. بيشڪ منهنجي نماز ۽ منهنجي قرباني ۽ منهنجي زندگي ۽ موت سڀ الله لاءِ آهي، جيڪو رب آهي جهانن جو، جنھن جو ڪو شريڪ ڪونهي مون کي ان لاءِ حُڪم ٿيل آھي ۽ آءٌ پھريون مسلمان آھيان. الله جي نالي سان ، جيڪو الله مٿانهون آهي.
    سِير چئن رڳن کي ڏجي، نه ته ٽي رڳون لازمي طور ذبح ڪرڻ گهرجن.
    جيڪڏهن قرباني پنهنجي طرفان آهي ته ذبح ڪرڻ کان پوءِ هي دعا گهرجي:

    اللّٰهُمَّ تَقَبَّلۡ مِنِّي كَمَا تَقَبَّلۡتَ مِنۡ خَلِيۡلِكَ اِبۡرَاهِيۡم عَلَيۡهِ السَّلَام وَحَبِيۡبِكَ مُحَمَّدﷺ
    اي منهنجا رب! تون منهنجي هيءَ قرباني قبول فرماءِ، جيئن تون پنهنجي خليل ابراهيم عليه السلام ۽ پنهنجي محبوب محمدﷺ جون قربانيون قبول فرمايون. آمين
    جيڪڏهن ڪو ٻئي جي طرفان قرباني ڪري ٿو ته مٿين دعا ۾ ” اللّٰهُمَّ تَقَبَّلۡ مِنِّي“ جي جڳهه تي ” اللّٰهُمَّ تَقَبَّلۡ مِنۡ ....“ کان پوءِ ان شخص جو نالو وٺي ۽ باقي دعا ساڳئي نموني پڙهي.
    قربانيءَ جا تفصيلي مسئلا معلوم ڪرڻ لاءِ پنهنجي شهر جي عالمن سڳورن کان معلومات وٺجي يا فقه جي ڪتابن کي پڙهڻ گهرجي. 


    عيد نماز ۽ تڪبير تشريق جا مسئلا

    پاڻ ڪريمﷺ جن ڏاڍي مينهن پوڻ جي ڪري صرف هڪ دفعو عيد جي نماز مسجد نبويءَ ۾ ادا ڪئي، باقي عمر شهر کان ٻاهر کلي ميدان ۾ عيد نماز ادا ڪندا هئا، تنهن ڪري اسان کي به پنهنجي محبوب پيغمبرﷺ جي سنت موجب عيد گاهه ۾ وڏي اجتماع سان عيد نماز ادا ڪرڻ گهرجي، جيئن اخوت، اتحاد قائم رهي. عيد ڏينهن پاڻ سڳوراﷺ عيد گاهه هڪ رستي کان ايندا هئا ته واپسيءَ ۾ رستو مٽائيندا هئا ۽ رستي ۾ تڪبير تشريق چوندا هئا. اها تڪبير عيد الفطر جي موقعي تي آهسته آهسته ۽ عيد الاضحى ۾ بلند آواز سان پڙهندا ويندا هئا.


    تڪبير تشريق جا پنج ڏينهن

    ذوالحج جي نائين تاريخ نماز فجر کان تيرهين تاريخ ٽيپهريءَ جي نماز تائين هر باجماعت فرض نماز ادا ڪرڻ بعد هڪ دفعو بلند آواز سان تڪبير تشريق پڙهڻ واجب آهي. تڪبير هن طرح آهي:
    اَللهُ اَكۡبَرُ اَللهُ اَكۡبَرُ لاَ الٰہَ اِلَّا اللهُ وَ اَللهُ اَكۡبَرُ اَللهُ اَكۡبَرُ وَلِلّٰهِ الۡحَمۡدُ
    جهڙي طرح نماز عيد الاضحى واجب آهي ته خطبو ٻڌڻ به واجب آهي، ان ڪري نماز کانپوءِ آرام سان ويهي خاموش ٿي خطبو ٻڌي، دعا گهري پوءِ هڪ ٻئي سان خوشيءَ جو اظهار ڪري ۽ مسڪرائيندي عيد مبارڪ ڏجي.


    عيد نماز بابت اهم مسئلا

    عيد نماز کان اول يا بعد ۾ ڪا به نماز مسنون نه آهي.
    جيڪو شخص نماز عيد ۾ شريڪ نه ٿي سگهي ته اهو چار رڪعتون نفل نماز پڙهي.
    جيڪو امام سان گڏ نماز ۾ شامل ٿي وڃي چاهي تشهد ۾ ئي هجي ته اهو امام جي سلام ڦيرڻ کان پوءِ اٿي، ۽ ٻه رڪعتون نماز پڙهي وٺي.


    عيد نماز جو طريقو

    نيت: نيت ٿو ڪريان پڙهان ٿو نماز عيدالفطر ٻه رڪعتون واجب، ساڻ ڇهن تڪبيرن زائد جي، واسطي الله تعالى جي منهن طرف ڪعبة الله شريف (مقتدي چوندا) پٺيان هن امام، تڪبير تحريمه، الله اڪبر چئي ٻَئِي هٿ ڪَنن تي آڻي دن هيٺيان ٻڌي آهسته سان ثنا پڙهبي: سُبۡحَانَکَ اللّٰهُمَّ وَبِحَمۡدِکَ وَتَبَارَکَ اسۡمُکَ وَتَعَالى جَدُّکَ ولَا اِلٰہَ غَيۡرُکَ
    هاڻي امام ٽي تڪبيرون زائد هڻندو.
    پهرين تڪبير الله اڪبر چوندي ٻئي هٿ ڪنن تي آڻي هيٺ کولي ڇڏبا.
    ٻي تڪبير الله اڪبر چوندي ٻئي هٿ ڪنن تي آڻي هيٺ کولي ڇڏبا.
    ٽئين تڪبير الله اڪبر چوندي ٻئي هٿ ڪنن تي آڻي، پهرين وانگر دن هيٺيان ٻڌي خاموش رهبو، هاڻي امام قرات ڪندو، رڪوع ۽ سجود کان پوءِ ٻي رڪعت ٿيندي جنهن ۾ امام پهرين قرات ڪندو الحمد شريف ۽ ڪا ٻي سورة پڙهندو ۽ پوءِ تڪبيرون هڻندو.
    پهرين تڪبير الله اڪبر چوندي ٻئي هٿ ڪنن تي آڻي هيٺ کولي ڇڏبا.
    ٻي تڪبير الله اڪبر چوندي ٻئي هٿ ڪنن تي آڻي هيٺ کولي ڇڏبا.
    ٽئين تڪبير الله اڪبر چوندي ٻئي هٿ ڪنن تي آڻي، هيٺ کولي ڇڏبا.
    چوٿين تڪبير رڪوع جي هوندي الله اڪبر چوندي ئي سڌو هٿ گوڏن تي رکي رڪوع ۾ وڃبو ۽ باقي نماز ساڳي طريقي سان پڙهي مڪمل ڪبي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 468308
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 187792
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ