ڪتاب جو نالو: لاکو ڦلاڻي (سنڌ جو سورهيه سردار)
مصنف: قاضي مقصود احمد
ڇپائيندڙ: لاکو ڦلاڻي پبليڪيشن، نواب شاهه / لاکا آباد
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2009
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 11 سيپٽمبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 459 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 101 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب سنڌ جي سورهيه ڪردار لاکي فلاڻي تي تحقيق تي مشتمل آهي جنهن جو مرتب قاضي مقصود احمد آهي.
سنڌي لوڪ ادب ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جو ڪردار سورهيه سردار ۽ ڄام ڏاتار جي ٻٽي شناخت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس ڪردار جي انهن اتساهيندڙ پهلوئن کي اسانجن تاريخدانن، شاعرن ۽ محققن سنڌي سماج جي مثبت اڏاوت لاءِ پئي استعمال ڪيو آهي. سنڌي لوڪ داستانن جي لحاظ کان لاکي ڦلاڻيءَ جو قصو، وڌ ۾ وڌ بيان ڪيل قصو ليکي سگهجي ٿو. هن ڪردار تي 1928ع ۾ فلم به ٺهي چڪي آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • نوٽ
  • ديباچو : غلام محمد لاکو
  • پيش لفظ : قاضي مقصود احمد
  • منظوم تذڪرو

  • لاکا لک سـُـڄن : شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح
  • لاکا لک ڄمار : غلام محمد خانزئي
  • تحقيق ۽ تنقيد

  • لاکو ڦلاڻي ۽ طـِـلا پرس : مير طاهر محمد نسياني
  • مهر راڻي ۽ لاکو ڦلاڻي : رائچند هريجن
  • سنڌ جو سورهيه سردار لاکو ڦلاڻي : ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
  • کرا ويڻ کنگهار کي : محمد حسين ڪاشف
  • لاکو ڦلاڻي : حافظ ارشد انڍڙ
  • لاکو ڦلاڻي : معمور يوسفاڻي
  • لاکو ڦلاڻي : بدر ابڙو
  • ڦلاڻيءَ ڦير ٻيو! : سليم ڀٽو لطيفي
  • لاکو ڦلاڻي ۽ مهر راڻي : سليم ڀٽو لطيفي
  • لاکو ڦلاڻي : محمد سومار شيخ
  • لاکو ڦلاڻي ۽ سندس خاندان : قاضي مقصود احمد
  • سنڌ ۽ ڪڇ جي حڪمران سمن جو بنيادي شجرو : جيمس برگس
  • ضميمو 1

  • ريٻاري (سنڌ ۽ ڪڇ جي ھڪ مالوند برادري) : قاضي مقصود احمد

  • حق ۽ واسطا محفوظ

    حق ۽ واسطا محفوظ

    ڪتاب جو نالو: لاکو ڦلاڻي
    ڇاپو پهريون: 2009ع
    مرتب: قاضي مقصود احمد
    ڇپائيندڙ: لاکو ڦلاڻي پبليڪيشن، نواب شاهه / لاکا آباد
    ڇاپيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي. فون: 2737290
    ملهه: 100/-



    ملڻ جا هنڌ
    ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور، اردو بازار ڪراچي
    سنڌيڪا بوڪ شاپ 23 ٽريڊ سينٽر گاڏي کاتو حيدرآباد
    سنڌيڪا بوڪ شاهه 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر
    رابيل ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ لاڙڪاڻو


    Lakho Phulani
    (Biography, History, Sindh)
    Compiled by Qazi Maqsood Ahmed
    1sT Edition:2009
    Printed by: Sindhica Academy, Karachi Phone:021-2737290
    Published by: Lakho Phulani Publication, Nawabshah / Lakha Abad
    Price: Rs.100/00


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”لاکو ڦلاڻي“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سنڌ جي سورهيه ڪردار لاکي فلاڻي تي تحقيق تي مشتمل آهي جنهن جو مرتب قاضي مقصود احمد آهي.
    سنڌي لوڪ ادب ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جو ڪردار سورهيه سردار ۽ ڄام ڏاتار جي ٻٽي شناخت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس ڪردار جي انهن اتساهيندڙ پهلوئن کي اسانجن تاريخدانن، شاعرن ۽ محققن سنڌي سماج جي مثبت اڏاوت لاءِ پئي استعمال ڪيو آهي. سنڌي لوڪ داستانن جي لحاظ کان لاکي ڦلاڻيءَ جو قصو، وڌ ۾ وڌ بيان ڪيل قصو ليکي سگهجي ٿو. هن ڪردار تي 1928ع ۾ فلم به ٺهي چڪي آهي.
    هي ڪتاب لاکو ڦلاڻي پبليڪيشن، نواب شاهه / لاکا آباد پاران 2009ع ۾سنڌيڪا اڪيڊمي وٽان ڇپايو ويو. لک ٿورا سائين قاضي مقصود احمد جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    نوٽ

    نوٽ:

    هيءُ ڪتاب 2009ع ۾ ڇپيل آهي. جيئن ته هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾ ريٻارين جو نالو هر هر اچي رهيو آهي، ان ڪري انٽرنيٽ جي سنڌي ويب سائٽ سنڌ سلامت تي رکڻ مهل ضميمي طور ريٻارين تي لکيل هڪ مضمون هن ڪتاب ۾ خصوصي طور تي شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن پڙهندڙن کي ريٻارين جي باري ۾ وڌيڪ معلومات ملي سگهي.

    قاضي مقصود احمد


    ديباچو : غلام محمد لاکو

    سنڌ جي تحريري تاريخ "چچ نامه" (613هه) کان شروع ٿي "لب تاريخ سنڌ" 1318هه تي ختم ٿئي ٿي. هڪ ته سڀني لکندڙن سنڌ بابت پنهنجا ڪتاب فارسي زبان ۾ لکيا، ٻيو ته هڪ ٻن لکندڙن کي ڇڏي، سڀ تاريخ نويس، ايران ۽ مغربي ايشيا مان لڏي، سنڌ وطن ۾ اچي آباد ٿيا هئا. ان ڪري انهن کي مقامي سنڌي سماج، سورهيائي، سخاوت، دليري، حب الوطني ۽ هتي جي رسمن رواجن، قبيلن ۽ مقامي راڄن متعلق مناسب ۽ گهربل ڄاڻ نه هئي. ان ڪري اهي لکندڙ سنڌ جي تاريخ ته پنهنجي حساب سان لکي ويا، پر خاص طرح سان اسان جي پنهنجي نج سنڌي سماج جي تاريخ تي دَزُ چڙهي وئي!
    سنڌي سماج جي پنهنجي اتهاس، سورهين ۽ ڏاتارن بابت، ڪلاسيڪي شاعرن، لوڪ داستانن، مقامي روايتن ۽ پوءِ جي دور جي سگهڙن ذريعي، اسان تائين معلومات پهتي آهي. سنڌ جا ست سورهيه ڏهه ڏاتار، يعني جملي سترهن ڪردار معلوم ٿيا آهن، جن جي پنهنجي سنڌي سماج ۾ هڪ خاص اهميت آهي. هي سڀ ڪردار اٽڪل روءِ، سنڌ جي پنهنجي تاريخ جي سومرن ۽ سمن واري دور (1010ع - 1520ع) ۾ ٿي گذريا آهن. جس آهي معمور يوسفاڻي مرحوم کي، جنهن شايد پهريون ڀيرو عنوان تي ڪم ڪيو. سندس ڪتاب "ست سورهيه ڏهه ڏاتار" جي نالي سان ڊاڪٽر اسد جمال پلي صاحب جي سعيي سان، سال 1999ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ليڪن ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته عنوان تي وڌيڪ گهرائي ۽ جامع انداز سان ڪم ڪيو وڃي.
    سنڌي سماج کي سمن سلطانن جي بادشاهي ختم ٿيڻ کان پوءِ حقيقي معنيٰ ۾ صدمو رسيو. تاريخ، تهذيب، ٻولي ۽ اقتصاديات کان علاوه اسان جي سڃاڻپ جا ذريعا به گم ٿيندا ويا. اهل سنڌ جي حسب نسب جا ڄاڻو شجرا، پريون ۽ پيڙهيون رکندڙ، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات، راجسٿان ۽ ڪي ته اڃا به وچ هندستان ۽ پوءِ حجاز مقدس ڏي هليا ويا. ائين سنڌي قبيلا پنهنجي درست ڄاڻ سڃاڻ کان محروم رهجي ويا.
    قيام پاڪستان کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ تاريخ تي جيڪو ڪم ڪيو، ان ذريعي سنڌ جي سياسي تاريخ تان ڪي قدر دَزَ لٿي. ادبي بورڊ لاءِ جن عالمن ڪم ڪيو، انهن بلاشڪ وڏو تاريخي ڪم ڪيو. ليڪن هيءَ به حقيقت آهي ته مقامي ماڻهن جي حسب نسب ۽ اصليت بابت، شايد ڪم ڪرڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي وئي.
    هن وقت سنڌ ۾ آباديءَ جو هڪ وڏو سيلاب آيو آهي. برمي، بنگالي، افغاني ۽ الائي ڪهڙيون ڪهڙيون قومون سنڌ جي مالڪ هجڻ جون دعويدار آهن. وقت جا حڪمران سنڌ اسيمبليءَ ۾ خود هن حقيقت جو اقرار ڪن ٿا. ليڪن اهي عملي طرح سان ڪجهه ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه آهن. ان پس منظر ۾ سنڌ جي فرزندن (Sons of Soil) جو گذر سفر ته تنگ ئي رهيو آهي، پر انهن جي وجود ۽ بقاءَ جو سوال پڻ ڪَــر کڻي اڀريو آهي. اسان جي نوجوان جو ڳڀي جي ڳولا سان گڏ، هي به هڪ سوال آهي ته اسان ڪير آهيون، ابو ڏاڏو، اصليت، وطنيت ۽ حسب نسب! موجوده دور ۾ ڊاڪٽر لعل بخش نائچ ۽ ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ، هن سوال تي ڪم ڪندي هن نتيجي تي پهتا آهن ته، سنڌ جي فرزندن جو سلسلو حضرت نوح جي پوٽي حضرت سنڌ سان ملي ٿو. هن نقطهءِ نظر تحت ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ جو ڪتاب "حضرت سنڌ" جي نالي سان ڇپجي چڪو آهي. هي ڪتاب 2006ع ۾ سنڌيءَ ۾ ڇپيو، ۽ 2008ع ۾ ان جو اردو ايڊيشن شايع ٿيو. هن ڏس ۾ گذارش هيءَ آهي ته هن نظرئي متعلق وڌيڪ سنجيدگيءَ سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
    اصل ۾ اهي ئي سوال آهن، جن جي پس منظر ۾، سنڌ جي "سورهين ۽ ڏاتارن" جي باري ۾ کوجنا ۽ تحقيق جي راه هموار ٿي رهي آهي. فارسي زبان ۾ سنڌ جي تاريخ کان علاوه هتي جي داستانن ۽ قصن کي نثر توڙي نظم ۾ پڻ قلمبند ڪيو ويو. ان کان سواءِ سنڌي قبيلن ۽ راڄن بابت فارسي زبان ۾ پڻ لکيو ويو، ۽ ڪجهه ڪتاب يا نسب نامه تيار ڪيا ويا. ليڪن ان نوعيت جو مواد ڇپجي نه سگهيو آهي. ان هوندي به سنڌ جي راڄن ڀاڳن ۽ مختلف قبيلن جي چڱن مڙسن وٽ سنڌ جا نسب نامه موجود آهن. ڪاش اهي اهل علم جي هٿن تائين پهچن ۽ مطالعي هيٺ اچن. ان ريت سنڌي سماج جي غير مبهم تاريخ ڪي قدر نروار ٿي سگهندي!
    سنڌ جي مشهور سورهين ۽ ڏاتارن جو تعلق هيٺين سنڌ (لاڙ ۽ ٿر) ۽ ڪڇ سان هو. ان دور ۾ سرحدي حدبندين جو نه هجڻ، يا وري بين الاقوامي طور تي سرحدن جي مقرر نه هئڻ ڪري، ڪڇ ۽ سنڌ طرف ماڻهن جي اچ وڃ جاري هئي. ٻي ڳالهه ته ٻنهي طرف سمن (سماٽ) جا راڄ ڀاڳ آباد هئا. ان پس منظر ۾ ڪڇ علائقي سان اسان جو هڪ قسم جو جذباتي لڳاءُ رهندو اچي. 1965ع جي جنگ کان پوءِ پاڪستان ۽ هندستان ۾ ڪڇ جي سرحدي حدبندي لاءِ هڪ بين الاقوامي ڪميشن مقرر ٿي. نتيجي ۾ جيڪا حدبندي ٿي، ان ۾ سومرن جو تختگاهه "وڳهه ڪوٽ" سنڌ بجاءِ ڪڇ کي مليو. هن ڏس ۾ خانصاحب عبدالله چنا "رڻ ڪڇ جو ڪيس" مضمون لکي ايندڙ نسلن جي رهبريءَ لاءِ مواد ڇڏيو آهي (مهراڻ، نمبر 3، 1968ع). باوجود ان ٺاهه (حدبندي) جي، اڄ به ڪڇ سان سر ڪريڪ (اصل ۾ سِـير آهي) جو مسئلو هلندڙ آهي. نامور اسڪالر ايم. ايڇ پنهور چوندو هو ته، هونئن ته ون يونٽ جي عرصي ۾ سنڌ سان ڪيئي ناانصافيون ٿيون، البت اسان کي ان دور ۾ ٻه وڏا نقصان ٿيا. هڪ درياهي پاڻيءَ تي ڌاڙو ۽ ٻيو ڪڇ ۾ سرحدي حدبنديءَ ۾ ناانصافي. ڪڇ سان اسان جي انتهائي قريبي لاڳاپن جي پس منظر ۾، خود پنهور صاحب "سنڌ ۽ ڪڇ جا لاڳاپا" جي عنوان سان هڪ شاندار مقالو لکيو (مطالعو سنڌ جو، حصو ٻيو، 2004ع). پنهور صاحب پنهنجن ڪتابن ۾ به رڻ ڪڇ کي خاص اهميت ڏني آهي. محمد سومار شيخ جو ته ڪڇ سان ازلي عشق هو. هن عنوان تي پاڻ "ڪڇين جا قول" ۽ "ڪڇ جو رڻ" نالي سان ڪتاب تيار ڪيائين. سنڌ ۽ ڪڇ جي گڏيل مفادن جي حوالي سان انگريزن گهڻي دلچسپي ورتي. هن ڏس ۾ جيمس برنس ۽ جيمس برگس خاص طرح قلم کنيو. موجوده دور ۾ ڪڇ ۽ گجرات ۾، سنڌ ۽ ڪڇ تعلقات توڙي ٻنهي علائقن جي گڏيل ثقافتي ورثي بابت، ٿيندڙ ڪم جي في الوقت مون کي معلومات ڪانهي.
    منهنجي ڄاڻ موجب سنڌ جي سورهين ۽ ڏاتارن ۾ سڀ کان وڌيڪ "لاکو ڦلاڻي" تحقيق، تحرير ۽ مطالعي هيٺ آيو آهي. سنڌ ۾ پيدا ٿيل سخين ۽ بهادرن ۾ "لاکو ڦلاڻي" هڪ منفرد ڪردار آهي. سچائي، سورهيائي، بهادري ۽ دليريءَ ۾ جهڙس ڪو ٻيو ڪردار ڪونهي. هڪ شاعر چواڻي:
    جهونـي تـون پـــراڻ، جـڳ ڇــٽــيـهــه ســنــبــرين،
    تـــو ڪـــي ڏٺــا هـــاڻ، لاکــي جــيــهــا پــهــيــڙا.
    منهنجا عزيز جناب بخش علي لاکو، استاد مير حسن لاکو ۽ فقير محمد لاکو، ورهين کان منهنجو ڌيان "لاکو ڦلاڻي" طرف ڇڪائيندا رهيا. ليڪن ڪجهه ٻين علمي ڪمن ۽ سنڌ جي حسبن نسبن جي گهٽ ڄاڻ سبب، آءٌ هن ڪم کي پاسيرو رکندو پي آيس. جڏهن مطالبو شدت اختيار ڪري ويو، تڏهن لاکي ڦلاڻيءَ بابت ڪتاب جي تياريءَ جو ڪم، مون پنهنجي فاضل دوست قاضي مقصود احمد جي حوالي ڪيو. قاضي صاحب سنڌ جي تاريخ جو ٺيڪ ٺاڪ ادراڪ ۽ شعور رکي ٿو. هن نوجوان کي سنڌ جي مقامي قبيلن جي شجرن بابت سٺي ڄاڻ آهي. منهنجي گذارش کي مان ڏنائين ۽ هي ڪم ڪندي لاڳيتو صلاح مصلحت ۾ به رهيو. هن تاريخي ڪم جي تڪميل تي آءٌ کيس مبارڪ باد پيش ڪيان ٿو.

    غلام محمد لاکو
    5 مارچ 2009ع
    سنڌ يونيورسٽي
    ڄامشورو


    پيش لفظ : قاضي مقصود احمد

    سنڌي لوڪ ادب ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جو ڪردار سورهيه سردار ۽ ڄام ڏاتار جي ٻٽي شناخت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس ڪردار جي انهن اتساهيندڙ پهلوئن کي اسانجن تاريخدانن، شاعرن ۽ محققن سنڌي سماج جي مثبت اڏاوت لاءِ پئي استعمال ڪيو آهي. سنڌي لوڪ داستانن جي لحاظ کان لاکي ڦلاڻيءَ جو قصو، وڌ ۾ وڌ بيان ڪيل قصو ليکي سگهجي ٿو. هن ڪردار تي 1928ع ۾ فلم به ٺهي چڪي آهي، جنهن جو ڊائريڪٽر ڌنيش جي. جهاوري هو. هن فلم جا مک اداڪار زيبو ۽ يوسف هئا ۽ اها فلم رايل آرٽ اسٽوڊيو ۽ لوڪمانيا فلم ڪمپني پاران ٺاهي وئي هئي. لاکي ڦلاڻيءَ تي شمس الدين عرساڻيءَ ٻارن لاءِ هڪ ناول پڻ لکيو آهي، جيڪو ڪرائون سائز جو 108 صفحن تي مشتمل آهي ۽ 1982ع ۾ ڪتابي دنيا حيدرآباد سنڌ پاران شايع ٿي چڪو آهي. ان کان علاوه به انيڪ تحريرن ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جي ڪردار تي قلم کنيو ويو آهي. حالتن جي ستم ظريفي اها آهي جو هڪ طويل عرصو گذرڻ جي ڪري لاکي ڦلاڻيءَ جي شخصيت مٿان افسانويت جا ڪيترائي پڙدا چڙهي ويا آهن. لاکو ڦلاڻي ڪير هو؟ سندس خاندان ڪهڙو آهي؟ سندس اصل دور ڪهڙو هو؟ ڪهڙا واقعا ساڻس منسوب سمجهڻ گهرجن؟ سندس موت ڪڏهن ۽ ڪهڙين حالتن ۾ ٿيو؟ اهي پنج بنيادي سوال آهن، جن جا جواب هن ڪردار سان دلچسپي رکندڙ اڄ جو پڙهندڙ ڳولهڻ چاهي ٿو، پر ان سلسلي ۾ ايتريون ته متضاد روايتون موجود آهن، جن مان سؤ سيڪڙو صحيح روايت جي چونڊ ڪرڻ لڳ ڀڳ ناممڪن ٿي پيو آهي. انهن ڳالهين کي ڏسندي مون لاکي ڦلاڻيءَ تي هڪ تحقيقي مضمون لکيو، جنهن جي اشاعت کان پهرين منهنجي مهربان دوست سائين غلام محمد لاکي، لاکي ڦلاڻيءَ تي لکيل مضمونن کي هٿ ڪري ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائڻ جي صلاح ڏني ته جيئن سنڌ جا سڄاڻ ماڻهو پنهنجي هن سورمي جي حقيقت کي ڄاڻي سگهن.
    لاکي ڦلاڻيءَ جي باري ۾ ملندڙ مواد جي سلسلي ۾ متضاد روايتن کي ڏسندي مون کي به اهو بهتر سمجهه ۾ آيو ته اسانجي جن دانائن، سندس شخصيت سان منسوب واقعن جي پرک ڪندي قلم ۽ قرطاس جو سهارو وٺندي اسانکي لاکي ڦلاڻيءَ جي شخصيت کان واقف ڪرايو آهي، انهن جو قدر لائق ڪم جيتري قدر ٿي سگهي، هڪ هنڌ سهيڙي پڙهندڙ آڏو پيش ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏ پنهنجو نقطهءِ نظر به پيش ڪيو وڃي. اهو سوچي لاکي ڦلاڻيءَ بابت اهڙو مواد گڏ ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪئي وئي، جيڪو الڳ مضمون جي صورت ۾ ڇپجڻ جي لائق هو.
    لاکي ڦلاڻيءَ جي حوالي سان شاعري ته ٻين به ڪئي آهي، پر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه ۽ غلام محمد خانزئي جي رسالن ۾ ملندڙ بيتن کي هن ڪتاب ۾ الڳ عنوان سان شامل ڪرڻ مناسب سمجهيو ويو. اهو سوچي هن مجموعي جا ٻه حصا ڪيا ويا آهن. پهرئين حصي ۾ منظوم تذڪري طور لطيف سائين ۽ غلام محمد خانزئي جا لاکي ڦلاڻيءَ سان سڌيءَ ۽ اڻ سڌيءَ طرح منسوب ڪيل بيت ڏنا ويا آهن، جڏهن ته ٻئي حصي ۾ تاريخ طاهري کان وٺي اڄ جي دور تائين جن به ماخذن ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جو الڳ سان ذڪر ڪيو ويو آهي، اهو بيان هن مجموعي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هتي اهو مناسب ٿيندو ته مختصر طور تي انهن مضمونن جا ڪجهه خاص نقطا بيان ڪبا هلجن.

    تاريخ طاهري جو بيان:
    تاريخ طاهري، مغلن جي دور ۾ لکيل ماخذ آهي، جيڪو 1621ع ۾ لکيو ويو. هن ماخذ ۾ لاکي ڦلاڻيءَ بابت جيڪي ڳالهيون ٻڌايون ويون آهن، اهي هن ريت آهن ته لاکو ڦلاڻي، ساموئيءَ جي سمن مان هڪ سورمو هو. ان کان علاوه ساموئي جي سمن پاران هندن جي هٿ جو کائڻ ۽ جوڳين جي عزت ۽ تڪريم ڪرڻ جو ذڪر ڪندي اڻ سڌيءَ طرح ٻڌايو ويو آهي ته لاکو ڦلاڻي مسلمان هو. ان بعد طلا پرس واري روايت ڏني وئي آهي. روايت سچي هجي يا ڪوڙي، هتي ان تي بحث ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. باقي هيءَ روايت سڌيءَ طرح لاکي ڦلاڻيءَ جي سخاوت جو داستان ٻڌائي رهي آهي.

    رائچند هريجن جو بيان:
    رائچند هريجن پنهنجي تاريخ "تاريخ ريگستان" جي نالي سان لکي، جيڪا پهريون ڀيرو 1956ع ۾ شايع ٿي. هن ڪتاب ۾ لاکي ڦلاڻي ۽ مهر راڻيءَ جو قصو مختصر طور تي ڏنو ويو آهي. هن قصي جي حوالي سان جيڪا ڳالهه خاص طور تي قابل ذڪر آهي، سا اها آهي ته مصنف، مهر راڻيءَ جو تعلق سڌيءَ طرح هندو مذهب سان ڏيکاريو آهي، جنهن کي مرڻ بعد چکيا تي چاڙهيو ويو. هن سلسلي ۾ ٻين روايتن کي هن اهو چئي رد ڪري ڇڏيو آهي ته "مڪاني ماڻهو، مهر راڻي ۽ راءِ لاکي جي آکاڻي اور نموني ۾ بيان ڪندا آهن، جا مون به ٻڌي آهي. مگر اها اهڙي آهي، جنهن تي اعتبار ڪري نه ٿو سگهجي، جنهنڪري اهڙي ڏندڪٿا هتي لکڻ واجب نه سمجهي وئي آهي." هن ڪتاب "تاريخ ريگستان" جو ٻيو ڀاڱو 1975ع ۾ ڇپيو.

    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق:
    ڊاڪٽر صاحب جو مختصر ڪتاب "لاکو ڦلاڻي (سنڌ جو سورهيه سردار)" ٻه ڀيرا ڇپيل آهي. هڪڙو ڀيرو 1958ع ۾، ۽ ٻيو ڀيرو 1963ع ۾ وڌيڪ روايتن سان. هن ڪتاب ۾ لاکي ڦلاڻيءَ سان منسوب روايتن کي سهيڙڻ سان گڏ پهريون ڀيرو انهن روايتن تي ڀرپور بحث ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ لاکي جي ڄمڻ واري دور، ساڻس منسوب ميڻ جي زبان ٺاهي ڪٽرائڻ واري روايت، جسمان اوڏڻ، مهر راڻي وارين روايتن، ڌاڙا هڻڻ واري روايت ۽ سندس موت بابت روايتن کي بحث هيٺ آندو ويو آهي ۽ شاهه جي بيتن مان پڻ لاکي ڦلاڻيءَ جي سوانح مرتب ڪرڻ جي سلسلي ۾ مدد ورتي وئي آهي.

    محمد حسين ڪاشف جو بيان:
    محمد حسين ڪاشف جو مضمون 1989ع ۾ شاهه لطيف جي 344 هين عرس جي موقعي تي ثقافت کاتي پاران ڇپرايل ڪتاب "سر ڏهر" ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ هو شاهه جي ڪن ٻين ڪردارن جو مختصر ذڪر ڪرڻ بعد لاکي ڦلاڻيءَ جو ذڪر ڪري ٿو. سندس بيان ۾ مختصر انداز ۾ لاکي جي لوڙائو هئڻ واري روايت تي ڳالهائيندي ان لاءِ جواز پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن سڄي بيان جو بنياد پڻ شاهه جي بيتن تي آهي.

    حافظ ارشد انڍڙ جو مضمون:
    حافظ ارشد انڍڙ جو مضمون پڻ 1989ع ۾ شاهه لطيف جي 344 هين عرس جي موقعي تي ثقافت کاتي پاران ڇپرايل ڪتاب "سر ڏهر" ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ هن سر ڏهر جي ڪردارن مان لاکي ڦلاڻيءَ تي الڳ مضمون لکيو. سندس مضمون ۾ لطيف سائينءَ جي شاعريءَ جي حوالي سان سڄي قصي کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن مضمون ۾ خاص ڳالهيون هي آهن ته هن لاکي ڦلاڻيءَ کي راءِ همير جي پٽ راءِ کنگهار جو ڀاڻيجو ۽ ساڻس ٽڪراءَ ۾ آيل ڄاڻايو آهي. ان کان سواءِ هن لاکي بدران لاکن (يعني بطور ذات) جي لشڪر کي لوڙيون هڻندي ڏيکاريو آهي. ان کان علاوه ڪافي مبهم انداز ۾ لطيف سائينءَ جي ڪڇ ۾ وڃڻ جو ذڪر ڪيو اٿس. ڄڻ ته پاڻ، لاکي ڦلاڻيءَ جي دور ۾ لطيف سائينءَ کي ڪڇ ۾ وڃي لاکي ڦلاڻيءَ سان عوام کي وڙهڻ لاءِ تيار ڪرڻ جي تبليغ ڪندي ٻڌائي رهيو آهي.

    معمور يوسفاڻي جي تحرير:
    معمور يوسفاڻيءَ جي ڪتاب "ست سورهيه ڏهه ڏاتار" ۾ لاکي ڦلاڻيءَ بابت مواد ڏنل آهي. هن پنهنجي مضمون ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جي لوڙائو هئڻ واري روايت مفصل انداز ۾ شاهه جي بيتن جي روشنيءَ ۾ ڏني آهي. طلا پرس واري روايت نهايت مختصر انداز ۾ ڏني اٿس، جيڪا اصل روايت کان ٿوري هٽيل آهي. مهر راڻيءَ جو قصو به تفصيل سان شاهه جي بيتن جي روشنيءَ ۾ ڏنو اٿس ۽ لاکي پاران مهر کي قبر ۾ پوري روايتي انداز ۾ سندس مسلمان هئڻ جي نشاندهي ڪئي اٿس. ان کان علاوه لاکي ۽ اوڏڻ وارو قصو به شاهه جي بيتن جي روشنيءَ ۾ سمجهايو اٿس. البته لاکي جي موت بابت هن جيمس ٽاڊ جي تحقيق تي آڌاريو آهي.

    بدر ابڙي جو بيان:
    بدر ابڙي، لاکي ڦلاڻيءَ جو ذڪر پنهنجي ڪتاب "سنڌ جو شاهه" ۾ ڪيو آهي. هن لاکي واري روايتي قصي بابت بنيادي سوال اٿاريا آهن. هو چوي ٿو ته لاکو هڪ نه پر وڌيڪ هئا. کيس هڪ ئي وقت لاکي جي لوڙائو ڪردار ۽ اوتاري صفت تي يقين ڪونهي. هو لاکي جي ڄم ۽ موت بابت جديد تحقيق جي دائري ۾ آيل روايتون به بيان ڪري ٿو ۽ پوءِ نهايت ڀلي ڳالهه ڪري ٿو ته "تاريخ جا ڪتاب راءِ کنگهار ۽ لاکي ڦلاڻيءَ جي دور ۾ تمام وڏا تضاد ٻڌائين ٿا، ان ڪري اسان ائين چوڻ تي مجبور ٿيون ٿا ته تاريخ ۽ لوڪ ڪٿا، ٻنهي مان ڪا هڪ شيءِ بنهه غلط آهي يا وري تاريخ ۾ ڏنل تفصيل قصه گو شاعرن جي مبالغي جو شڪار ٿي ويا آهن يا ٻين واقعن سان گڏوچڙ ٿي ويا آهن." ان بعد بدر ابڙي به شعرن جي مدد سان لاکي جي سوانح مرتب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

    سليم ڀٽي جا مضمون:
    هن مجموعي ۾ سليم ڀٽي جي ٻن ڪتابن مان ٻه مختلف مضمون شامل ڪيا ويا آهن، جن جو بنياد لطيف سائينءَ جي رسالي جو سر ڏهر آهي، جنهن ۾ لاکي ڦلاڻيءَ سان منسوب بيت شامل آهن. پهرئين مضمون ۾ هو ٻڌائي ٿو ته لطيف سر ڏهر ۾ صرف لاکي ڦلاڻيءَ جو ذڪر ڪيو آهي، اهو ڪو ٻيو لاکو نه آهي ۽ هو هڪ ڳالهه محمد حسين ڪاشف واري دهرائي ٿو ته لطيف سائينءَ ڪنهن به غير ۽ غاصب، لٽيري ۽ ڦوروءَ کي ڪڏهن به مڃتا نه ڏني آهي، انڪري لاکي ڦلاڻيءَ جو ڪردار مثبت آهي. ان سلسلي ۾ هو ڪجهه بيت به ڏئي ٿو ۽ ڪن بيتن جي پڙهڻيءَ کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. جيئن عام طور تي پڙهجندڙ بيت آهي ته:

    ڇنيل ڇڄ هٿـن ۾، ڪلهن ڪوڏارا،
    پورهئي ڪارڻ پيٽ جـي، اٿين سوارا،
    اوڏ بــــه ويــچارا، لاکـا وڃــن لـــڏئـو.

    هن بيت جي پڙهڻي پاڻ هن ريت ڏئي ٿو ته:

    ڇنيل ڇڄ هٿـن ۾، ڪلهن ڪوڏارا،
    پورهئي ڪارڻ پيٽ جي، اٿين سـوارا،
    اوڏ بــــه ويــچارا، لاکـا اچـــن لـــڏئـو.

    سومار شيخ جو بيان:
    سومار شيخ پنهنجي ڪتاب "ڪڇ جو رڻ" ۾ لاکي ڦلاڻيءَ بابت ڪجهه روايتون نهايت اختصار سان نقل ڪيون آهن، جن ۾ هڪ لاکي ڦلاڻيءَ جي لوڙائو هئڻ واري روايت آهي، ٻي روايت پيءُ جي مرڻ جي خبر ٻڌائڻ واري جي زبان ڪٽڻ واري آهي، ٽين روايت مهر راڻيءَ سان شاديءَ واري آهي، جيڪا هن اڌ روايت ڏني آهي ۽ لاکي جي ڇڏڻ بعد مهر راڻيءَ جو احوال نه ڏنو اٿس، ۽ چوٿين روايت طلا پرس واري آهي، جيڪا هن تاريخ طاهريءَ تان کنئي آهي.

    لاکي ڦلاڻيءَ بابت منهنجو موقف:
    هن مجموعي جي آخر ۾ منهنجو مضمون ڏنل آهي، جنهن ۾ تاريخي ماخذن جي روشنيءَ ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جي ڪردار کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. لاکي ڦلاڻيءَ جي ڄم، سندس خاندان، ساڻس منسوب واقعن جي ڇنڊڇاڻ ۽ سندس موت جي معاملن کي چٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. هن مضمون ۾ اها وضاحت به ڪئي وئي آهي ته ڄام لاکي ڦلاڻيءَ جي دور ۾ جاڙيجن جو قبيلو موجود ئي نه هو. اهو قبيلو ته سندس ڀائٽئي ڄام پونئري کان پوءِ ڪڇ جو حڪمران ٿيو. شاعريءَ ۾ لاکي سان جوڙيل ڀڄ شهر جو لاکي ڦلاڻيءَ جي دور ۾ هئڻ مشڪوڪ آهي، جڏهن ته هيءُ شهر ڄام راول جي پيءُ ڄام لاکي جي دور ۾ به ننڍڙي ڳوٺ کان وڌيڪ حيثيت رکندڙ نه هو. ڀڄ جو شهر 1548ع ۾ راءِ کنگهار جي حڪمران ٿيڻ بعد گاديءَ جو هنڌ بنيو ۽ ترقي ڪيائين. ياد رهي ته جاڙيجن مان پهريون راءِ کنگهار اهو ئي هو، جيڪو 1548ع ۾ ڪڇ جو حاڪم ٿيو ۽ لاکي هالي جاڙيجي جو ٽڪراءُ ساڻس نه پر سندس پيءُ ڄام همير سان ٿيو هو. ان سلسلي ۾ منهنجي ٻئي مضمون "ڪڇ جا جاڙيجا سمان" ۾ به تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي، جيڪو مهراڻ نمبر 2، سال 2008ع ۾ شايع ٿيو.
    هن مجموعي ۾ لاکي ڦلاڻيءَ بابت پيش ڪيل سموري مواد ۾ پڙهندڙن کي هيٺيون ڳالهيون ڌيان ۾ رکڻ گهرجن:
    1. تاريخ طاهريءَ ۾ موجود حقيقت جي قريب ترين مواد کان وٺي اڄ تائين لکيل مواد ۾ ٿيل وڌاءُ ۽ ڦيرڦار، جنهن سان اصل واقعو متاثر ٿيو آهي. تاريخ طاهري ۾ ڏنل طلا پرس وارو واقعو اڄ جي محققن وٽ جزوي اختلاف جو شڪار ٿيل آهي. جيئن محمد سومار جي ڏنل روايت تاريخ طاهري تان کنيل هئڻ جي باوجود ان ۾ ڪجهه قدر ڦير ڦار ٿيل آهي. يعني تاريخ طاهري وارو ٻڌائي ٿو ته ڌنار پاڻ وڃي لاکي کي طلا پرس جي خبر ڏني. پر شيخ صاحب، ڌنار بدران ڪنهن اڻ ڄاڻ ماڻهوءَ جو ذڪر ڪري ٿو ۽ سوا لک بدران هڪ لک روپيا خيرات ڪرڻ جو ذڪر ڪري ٿو. مٿان وري اصل روايت کان بلڪل مختلف انداز ۾ جهرڪ ۽ جهرڪيءَ نالي چشمي ۾ طلا پرس کي لڪائڻ کي طلسم بدران لاکي ڦلاڻيءَ جي ڪرامت ڪري ٿو ڏيکاري.
    مهر راڻيءَ وارو واقعو به ڪافي قدر تبديل ٿي چڪو آهي. رائچند هريجن جي بيان ۾ هيءَ شيءِ وضاحت طلب آهي ته هن علائقي ۾ هندن جي آباديءَ جي گهڻائي هئي، ان صورت ۾ مهر جي ڏاگهه چڙهڻ واري جاءِ قبر جي صورت ڪيئن اختيار ڪري وئي؟ ڪٿي ائين ته نه آهي جو رائچند هريجن جو مذهبي رجحان هن روايت کي ترجيح ڏيڻ جو ڪارڻ بنيو هجي؟ ٻئي پاسي معمور يوسفاڻيءَ جي مهر راڻيءَ واري روايت ۾ لاکي پاران مهر راڻيءَ کي قبر ۾ پوري اڻ سڌيءَ طرح لاکي جي مسلمان هئڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. ٻنهي روايتن مان هڪ روايت ضرور غلط آهي. هتي انهن مان صحيح يا غلط روايت تي بحث ڪرڻ بدران آئون لاکي ڦلاڻيءَ جي قصي ۾ ٿيل ڦير ڦار جي نشاندهيءَ کي ڪافي سمجهان ٿو. انهن روايتن تي بحث ڪرڻ جي ضرورت ان ڪري ڪانهي جو مٽجي ويل ڪافي روايتون درگذر ڪرڻ جهڙيون آهن، پر لاکي جي لوڙائو هئڻ واري روايت سڌيءَ طرح ڌارين روايت آهي. تاريخ طاهريءَ ۾ لاکي بابت لوڙائو هئڻ واري ڪابه روايت نه ڏني وئي آهي. ان جو سبب اهو آهي ته جيڪو لاکو لوڙائو هو، اهو تاريخ طاهري جي تمام ويجهي دور ۾ ٿي گذريو آهي ۽ اٽڪل 35-1534ع ڌاري ماريو ويو هو. تاريخ طاهري جي تصنيف تائين سندس ڪردار، لاکي ڦلاڻيءَ جي ڪردار سان گڏوچڙ نه ٿيو هو، پر تاريخ طاهري کان پوءِ ان روايت لاکي ڦلاڻيءَ جي قصي کي پوريءَ طرح آلوده ڪري ڇڏيو آهي.
    2. وڌاءَ يا ڦيرڦار جو ڪارڻ راوين يا محققن جو ذهني رجحان، ذاتي خواهشون، غير محققاڻي انداز سان روايتن جي چونڊ ڪرڻ يا اڌوري تحقيق پيش ڪرڻ آهي. مهر راڻيءَ واري واقعي جو تفصيل رائچند هريجن مختلف انداز ۾ ڏنو آهي ۽ پاڻ به اعتراف ڪري ٿو ته مقامي ماڻهن وٽ اهو واقعو ٻيءَ طرح مشهور آهي. انهن مقامي روايتن کي هن مشڪوڪ سمجهي رد ڪري ڇڏيو آهي. طلا پرس واري واقعي جي سلسلي ۾ محمد سومار شيخ پڻ ساڳيءَ طرح روايت ۾ وڌاءُ ڪندي محسوس ٿئي ٿو. لطيف سائينءَ جا لاکي ڦلاڻيءَ بابت چيل بيت سر ڏهر ۾ شامل آهن. سليم ڀٽو نشاندهي ٿو ڪري ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، لاکي سان منسوب ڪجهه بيت سر رپ ۾ شامل ڪري ڇڏيا آهن. وقت گذرڻ سان هن واقعي جي جزئيات ۾ تبديليءَ جو عمل جاري آهي. اهڙي عمل جي سلسلي ۾ حافظ ارشد انڍڙ جي تحقيق جون ڪي ڇلانگون خاص طور تي نوٽ ڪرڻ جهڙيون آهن. هڪ ته هن راءِ کنگهار جي نالي جي ڪري پيدا ٿيل مغالطي کان اڻ واقف هئڻ جي صورت ۾ لاکي ڦلاڻيءَ کي 1548ع ۾ ڪڇ جو راءِ رهندڙ راءِ کنگهار جو ڀاڻيجو ۽ ساڻس ٽڪراءَ ۾ آيل ڏيکاريو آهي(راءِ کنگهار جي باري ۾ پيدا ٿيل مونجهاري جي باري ۾ مهراڻ 2008ع جي شماري 2 ۾ ڇپيل منهنجو مضمون "ڪڇ جا جاڙيجا سمان" ڏسڻ گهرجي)، ٻيو ته لاکي جي ٽولي کي پهريون ڀيرو لاکن جو لشڪر ڪوٺي هڪ نئين مغالطي جو بنياد وڌو اٿس، ٽيون ته پنهنجي پاران حالتن کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪندي مبهم انداز ۾ لطيف سائينءَ کي به لاکي ڦلاڻيءَ جي دور ۾ کڻي ويندي نظر اچي رهيو آهي.
    اهي سڀ ڳالهيون ثابت ٿيون ڪن ته لاکي ڦلاڻيءَ جي قصي ۾ ڦيرڦار جو عمل اڃا تائين جاري آهي.
    3. شاعري ڪيتري به موزون ۽ معتبر ڇو نه هجي، پر اها تحقيق لاءِ ڪڏهن به اولين ماخذ (Primary Source) نه ٿي بنجي سگهجي. لاکي ڦلاڻيءَ جو قصو سوين سال گذرڻ بعد لطيف سائينءَ تائين تبديل ٿيل حالت ۾ پهتو، ان تي مستند ماخذن جي روشنيءَ ۾ تحقيق ڪرڻ بدران سر ڏهر کي ئي حتمي تاريخ سمجهندي، سڄي قصي جي تحقيق لطيف جي بيتن جي روشنيءَ ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
    هن سهيڙيل مواد جي سلسلي ۾ هڪ ڳالهه طئه آهي ته جيڪي ڪجهه به لکيو ويو آهي، اهو سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي جذبي سان لکيو ويو آهي. جيستائين انهن شعرن ۽ روايتن مان داستان گوئيءَ جو ڪم وٺڻ جو سوال آهي ته ان لحاظ کان اهي سڀ ڳالهيون سهپ جوڳيون آهن. جس آهي انهن لکندڙن کي، جن سنڌي ماڻهن کي پنهنجن سورمن بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ جتن ڪيو، خلوص سان سوال اٿاريا ۽ محبت سان انهن جا جواب ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي. آئون کين پنهنجو پيش رو يا قابلِ احترام همعصر سمجهندي سندن تحقيقي ڪم تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو،

    تاريخي تحقيق ۾ منفي رجحان:
    ويجهڙ ۾ تحقيق جي دنيا ۾ هڪ نئون رجحان آيل ڏسجي پيو. يعني مسخ ٿيل روايتن جي بنيادن تي اڄ جي تاريخ کي آلوده ڪري سنڌ جي تاريخ کي قبيلائي تاريخ جو رخ ڏيڻ وارو رجحان، جنهن ۾ ذاتي پسند ۽ ناپسند يا ٻئي ڪنهن پسمنظر تحت ماضيءَ جي ڪردارن کي مسخ ڪرڻ سان گڏ حال ۽ مستقبل لاءِ سنڌ ۾ نفرتن جو ٻج ڇٽڻ جي ڪوشش ڪرڻ. في الوقت منهنجو اشارو غلام رسول اڪرم سومري جي ڪتاب "سومرن جو اصل نسل" ڏانهن آهي، جيڪو 2008ع ۾ شايع ٿيو.
    اڪرم سومري صاحب هن کان پهرين شهيد مخدوم بلاول جي شهادت کان انڪار تي مبني موقف پيش ڪيو هو. ان جي موٽ ڏيندي ڪن ٻين محققن جو اهو نقطهءِ نظر سامهون آيو ته سومري صاحب، قاضي قادن تي پي. ايڇ. ڊي. ڪرڻ پئي چاهي، جنهن ۾ هن قاضي قادن کي هيرو ڪري پيش ڪيو، جنهن تي مٿس اعتراض اٿيا ته هن پي. ايڇ. ڊي. اڌ ۾ ڇڏي ۽ ضد ۾ اچي مخدوم بلاول جي شهادت کان انڪار ڪرڻ ۽ ارغونن سان پاڻ وڙهڻ بدران سازشي انداز ۾ ٻين کي (جهڙوڪ دريا خان جي پٽن کي) ان ڪم لاءِ ڀڙڪائڻ جهڙا الزام هنيا.
    2008ع ۾ ڇپيل سندس ڪتاب "سومرن جو اصل نسل" مان پتو پوي ٿو ته مخدوم بلاول بابت اهڙا رايا ڏيڻ جو ڪارڻ اهو نه هو، بلڪه پاڻ سمن کي سومرن کان حڪومت ڦرڻ جو ذميدار سمجهي ٿو ۽ ماضي پرستيءَ جو اهو رجحان نه رڳو مخدوم بلاول جي قربانيءَ کي لوڙڻ جو ڪارڻ بڻيو آهي، بلڪه سندس ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ لاکي ڦلاڻيءَ لاءِ "بي ديد، ڪم ظرف، طوطا چشم، وحشي ۽ درنده صفت" جهڙا لفظ استعمال ڪرڻ جو سبب پڻ سندس اهڙو ئي جذباتي ۽ هڪ طرفو موقف آهي. ڇو ته هو لاکي ڦلاڻيءَ کي نسلي طور تي سمون ۽ سومرن جي حمايتي ريٻارن جو دشمن سمجهي رهيو آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ اهو موقف اختيار ڪيو اٿس ته لطيف سائينءَ، لاکي ڦلاڻيءَ کي صرف ۽ صرف لوڙائو ڄاڻايو آهي. سندس بقول لاکو ڦلاڻي سومرن جو راڄ رهندڙ ريٻارن کي ڦريندو لٽيندو هو. هي سڀ ڪجهه لکندي سندس ڌيان ان طرف نه ويو آهي ته لاکو ڦلاڻي ته ريٻاري قبيلي جو ڏهٽاڻو هو.
    تحقيق ۾ تنقيد به ٿيندي رهندي آهي، اها ڪا وڏي ڳالهه ته ڪانهي، پر افسانوي قصن کي ٽوڙي مروڙي ٺاهيل داستانن جي بنياد تي قائم ڪيل اها راءِ سراسر اڻ سوهندڙ ۽ غير حقيقت پسنداڻي آهي، جيڪا مئلن جي گلا ڪري جيئرن کي رنجائڻ جي دائري ۾ اچي ٿي. مهدي شاهه ڳڙهي ياسين واري جي ڪتاب "ابڙو وڏ وڙو" کان پوءِ، غلام رسول اڪرم سومري جو ڪتاب، ٻيون ڪتاب آهي، جنهن مون کي سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان لکيل غير ذميواراڻي ۽ جانبدار تجزئي جي ڪري، انتهائي درجي جو صدمو رسايو. هڪ لحاظ کان چئي سگهجي ٿو ته لاکي ڦلاڻيءَ تي لکيل منهنجي مضمون ۾ اڻ سڌيءَ طرح اڪرم سومري جي موقف جي ڇنڊڇاڻ پڻ ٿي رهي آهي، البته سمن ۽ سومرن جي تعلق جي باري ۾ سندس ذهن ۾ پيدا ٿيل غلط فهميءَ جو ازالو ڪرڻ لاءِ ڪنهن الڳ تحرير جي ضرورت آهي، جنهن جي هتي گنجائش ڪانهي.
    هن مجموعي جي آخر ۾ جيمس برگس جي ڪتاب Antiquities of Kutch & Kathiawar ۾ ڏنل سمن جي شجري کي سنڌ ۽ ڪڇ جي سمن جي نسلي تعلق کي چٽو ڪندڙ بنيادي شجرو سمجهندي هتي شامل ڪيو ويو آهي. منهنجي خيال ۾ هن شجري کي بنياد بنائي سمن جي شجري تي ڪم ڪرڻ سان سمن جو نسلي سلسلو نهايت چٽائيءَ سان سامهون اچي سگهي ٿو، جيڪو سمن جي عروج ۽ زوال ۽ انهن جي ڦهلجڻ جي تاريخ لکڻ جي سلسلي ۾ ۾ معاون ثابت ٿي سگهي ٿو.

    طالب العلم
    قاضي مقصود احمد
    مٽياري
    01 فيبروري 2009ع


    منظوم تذڪرو

    لاکا لک سـُـڄن : شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح

    راءِ سـيـن رٺـا جـي، تــن جـاڙيجن جاڙ ڪئي،
    ڪيئن ماڻيندا سي، چوڏهن چارو ڪڇڙو.

    جاڳو جاڙيجا، سمان سک مَ سمهــو،
    پسيو آن پارا، لاکو ٿو لوڙيون ڪري.

    ڀڄئان ڀلي پيـــر، وڌو راءَ رڪــاب ۾،
    ڪڇ رهندو ڪير، لاکو لوڙائن سين.

    ڀڄئان ڀلي نڱيو، ڏيئـي پاڳوڙي پيـر،
    جسي ۽ جسراج جو، مٿي وانڍين وير،
    ڪڇ رهندو ڪير، لاکـو لوڙائو ٿيو.

    ٽــــاٽـــو ڪـــيـــن پـــلاڻ، ســـدا هــڻـن کرکرا،
    لاکـي لـــــوڙائــن جـــا، اهــــڙا ئـــي اهــــڃــــاڻ،
    ڏيئي تنگن تاڻ، ڪوڪ ڪاريندا ڪڇڙي.

    لاکــو لــوڙائــن سـيــن، چـوڏس ٿـو چڙهـي،
    وڙهــيـــو وريـــامــن جــا، ڌڻيو ڌڻ هــڻـــي،
    پـيـس جـو پـري، سـو واهـر ڪنهـن نه واريــو.
    اڏيــو جــو اوڏن، سـو ڍنـگـهـر ڍلــو مَ ٿـــئــي،
    جنهن ڀر ويهي ڪن، ليکو لاکي ڄام سيـــن.

    لاکـــي لــــڄ کنئــي، اســان اوڏڙيــن جــي،
    ڪندو ڪانه ٻئي، اڳ وسوڙل آهيون.

    لاکا لـڄ سنديـاءَ، اوڏ اگـلـي آهــيــان،
    پکا سي پرتاءَ، جي اجهي تنهنجي اڏيا.

    اڏيندي اوڏن، لڏڻ جي ڪانه ڪئي،
    لاکـو مـٿــان تــن، اوچــتــو ئــي آئـيــو.

    لـکـي ۽ لاکـو، ٻـــئـي مـئـا ٻـاجــهـه ٿــي،
    قادر لاٿو ڪڇ تــان، اديــــون اولاڪو،
    وانـڍيــن ۾ واڪــو، ريــٻــاري رهي ويا.

    ڇنل ڇڄ هٿن ۾، ڪلهن ڪوڏارا،
    پـورهـي خـاطـر پـانـهنجي، اٺين سوارا،
    اوڏ بـــه ويـچـــارا، لاکــا! وڃــــن لـڏيو.

    نـيئي نهاريم نار، تان پــرت پــراڻـــي نــه ٿــئـي،
    ويـچـارا سنگهار، ڪنهن سائي جي سانگ ويا.
    ڪيڏانهن ويا سنگهار، جي هئا هنين ڀيڻئين،
    ڏور ته ڏوريون يار، ٻيلي ٻـنهيـن ڪـــنــڌئين.

    رڙي ريــٻــارڻ روءِ، واڙي پـــايــو وڇـڙا،
    کرا ويڻ کنگهار کـي، چنچل اڀي چوءِ،
    واڙي وڇ نه ڪوءِ، لاکو لوڙائن سين.

    ريـــــٻــــارڻ روئـــي، واڙي وڌا وڇـــڙا،
    سمورا سوئي، هڻي هتان ساٿ ويو.

    ريـٻـارڻ ريـجـهــاءِ، لاکــو لـولاٽين سين،
    سائو مان سندياءِ، ٺٺ مٽائي ٺاڪرو.

    لاکــا لــک سـڄــن، پــر ڦــلاڻيءَ ڦيــر ٻيو،
    جنهن ڀر راڻا راڄيا، ڪوٽن ڌڻي ڪنبن،
    جنهن جو جاڙيجن، ستي سنڪو نه لهي.

    جتن جـاڙيجــن ســان، صـلــح ڪــر سـنـگــهــار،
    تون وڳ ڇڏين ٿو ويسرا، هوءِ چمڪيا چوڌار،
    تـــو جـيـــڏا تــو يــار، لاکــي ڪـئـيــن لــڏائـيـا.

    ونهين سنگهارن جي، سونهاري سانڄاڻ،
    پوءِ ٿـا پين پـاڻ، پـهـــرين پيارين پيــڙا.
    اڏي اڏي اوڏ، ڇــــڏي ويــا ڀيڻيون،
    ٽـڪـاڻـا ۽ ٽـول، پـيــا آهـيــن پـٽ ۾.

    ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهن مڙهه مقام ۾،
    سـنــدو واريءَ ڪــوٽ، اڏيــو اڏبـــو ڪيــتــرو.

    (رسالو شاهه عبداللطيف جو، علامه امداد علي امام علي قاضي،
    سنڌي ادبي بورڊ 1986ع)


    لاکا لک ڄمار : غلام محمد خانزئي

    (1)
    لاکا لَـَـکِـــي ڄــام، عالــم تنهنجي آسري،
    عاصي عِــصيانــن جــا ســاري آيــا ســام،
    ڪامل ڏينهن قيام، پـار لـنـگهائج پـَـکڙا،

    (2)
    لاکا لک ڄمار، ڪر ڪـو غــور غريب جو،
    سـونـهـن ڀـرئـا ســردار، عـالـم تنهنجي آسري،

    (3)
    لاکـــا لـــکــي لال، ڪــر ڪـو غـور غـريب جو،
    انــگ اگـهـــاڙي آهـيـــان، اوڏ اگـــلــي حـــال،
    ڪامـل قرب ڪمال، ڪِج ڪي ڪوڏارِن تـي.

    (4)
    لاکا لکـيءَ لــوڏ، ڪر ڪو غور غريب جو،
    پـکــا پـاڙي تــنــهــنــجــي اَڏي ويــٺــــا اوڏ،
    ڪوڏارِن جا ڪوڏ، صاحب تنهنجي آسري.
    (5)
    اوڏ اگـــلي آهـيــان، ڪوجــهي ڪـاري روءِ،
    مــون ۾ مـٽــيءَ بوءِ ڏوري ڏاڏاڻـــن جــي.

    (6)
    اوڏ اڏوهــي آهـيــان، مـٽــيءَ ڀرئــي منهن،
    ســـوڳــنــڌُ آهــي ســنــهن، لائق لاڏاڻن جي.

    (7)
    لاکـــــا تـــوتــي لـــڄ، هـن اگـــلي اوڏ جـــي،
    منهنجو عيبــن ڪڄ، تون سر آهين سڌرو.

    (8)
    لاکا تنهنجي لڳ، ڪڙيون ڪوڏارن جـون،
    اوڏ اگـــلا اڳ، تــوکـي پــرتـا پــڳ ڌڻـــي.

    (9)
    لاکــا لـــڄ رکــيــج، انــگ اگــهـاڙي آهيان،
    پــــارس پانــــد پــنــاه جــو اوڏڻ اوڏو ڏيــج،
    مــيــرا مـلــهــائــيـج، ڍڪـي ڍول ڍلائـيون.

    (10)
    نه مون حال نه قـال، نه مون صورت سڦري،
    نه مون عمل مال، نه مون نـيـت نِـــمُـــرِي،

    (11)
    لاکا تــو وٽ لک، صاحــب حــسن واريون،
    ڏســـي ســي ڏاتـاريــون، لـڄــي لـڳــي اک،
    ٿينديون تان نه سرڳ، راڻين روءِ رڪاليـون.

    (12)
    اوڏڻ اوڏي ويهـه، ڇــڏي مــٽــيءَ مــامــرو،
    لاکــي جــي لاکـاٽ ۾، پــٽــون پائي پيهه،
    اتي تنهنجي ڏيهـه، هـت نه جـوڙج نجهرو.

    (13)
    اوڏڻ اوڏي وڃ، ڇـــڏي پکـا پـَــٿـِـــيـــــون،
    محبت پائـي مـــن ۾ مـيـري مـنــت مـــڃ،
    ڀـــول سـڀــئــي ڀـــڃ، لاکي جي لاکاٽ ۾.

    (14)
    اوڏڻ اوڏي آءُ، ڇَــڏي پـکــا پَــٿـِـــيـــــون،
    لاکو تنهنجي لاءِ، جايون جوڙي جيءُ ۾.

    (15)
    اوڏڻ اوڏي اچ، ڇَـڏي پــکــا پــٿــيـــون،
    مــن ۾ ٻــاري مـــچ، ٿي سهاڳڻ سک جي.

    (16)
    پکـا پــاڙان پــٽ، جــي تــــو اڏيـــا ڏور ٿــــي،
    ڏورا ڏوراهــيــنءَ جــا ڏيــئــي لــتــون لــــٽ،
    ڌوئي ڇـڏ وجــود مــان، مـٽـي مــلـي ڇــٽ،
    منجهان محبـت مـَــٽ، عـادت اَٻــالپ جي.

    (17)
    گـــڏهَ گــڏي ڇــڏ، ڀــيــري ڀــڃ ڪـَـــجــاوڙا،
    رکـــي لاکــو مــن ۾، مـــور مَ مــٽــي لــــڏ،
    تــه تــنـهـنجو ٿئي هڏ، صاحب سخاوت جو.

    (18)
    مٽي جن جي من ۾، سي لاکو ڪين پڇن،
    راتــو ڏينهن لڇن، ڪوجهو ڪجاون سين.

    (19)
    ڪـــنـي مـَــٽـي مــن ۾، ڪــنـي لاکـو ڄام،
    ڪني راحت روح ۾، ڪــني ڪـاڻ قـيـام،
    ڪــني نـانـگـو نام، ڪــني ستر سونهن جو.

    (20)
    مـٽــي مــــور مَ مــل، رکــي لاکــو مـــن ۾،
    ٿي سهاڳڻ سک جي، ڏيـئي جيءَ کي حـّل،
    هـتـان هاڻــي هــل، ڇـــڏي پــکــا پٿيـــون.

    (21)
    اوڏا وِهـــو اوڏ، اَڏي پــنــهــنــجــا پـــکــــڙا،
    پائي پٽولا پٽ جـا، لاهــي ڇـــڏيــو گـــوڏ،
    لـــڏو لاکــي لـــوڏ، رَمــي راجــائـــن ســيــن.

    (22)
    اوڏا اوڏ وِهــــــو، اڏي پــنــهــنــجــا پـــکـــڙا،
    اهڙو سنگ سِـهو، ڪونه ڏسندئو ڪـو ٻيو.

    (رسالو غلام محمد خانزئي جو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،
    شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 1985ع)


    تحقيق ۽ تنقيد

    لاکو ڦلاڻي ۽ طـِـلا پرس : مير طاهر محمد نسياني

    سنڌ جي انهن سڄاڻ ماڻهن کان، جيڪي پنهنجي سياڻپ ۽ سبيتائيءَ جي ڪري پنهنجي ٻوليءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن، ائين ٻڌو ويو آهي ته ساموئي نگر جي سمن مان لاکي ڦلاڻيءَ نالي هڪ سورمو ٿي گذريو آهي. اهي سمان پنهنجيءَ پر موجب هندو توڙي مسلمانن جي هٿن جو پڪل کاڌو کائڻ ۾ ڪوبه عار نه ڪندا هئا. جوڳين جي پوڄا ۽ مٿن حد کان وڌيڪ ويساهه رکڻ به سندن اصلوڪي ريت هئي.
    هيءَ تڏهن جي ڳالهه آهي، جڏهن حڪومت جي نوبت انهيءَ قبيلي جي حاڪمن مان ڦرندي ڦل جي پٽ لاکي سمي تائين اچي پهتي هئي. قضا سان انهيءَ زماني ۾ ڪو اهڙو جوڳي پيدا ٿيو، جنهن کي جهنگ جي جڙين ٻوٽين جي خاصيتن جي پوري ڄاڻ هئي. هڪ دفعي هن کي جهنگ ۾ ڦرندي ڪو ڌنار مليو، جنهن اتي ٻڪريون پئي چاريون. ڪڇ جي انهيءَ جهنگ ۾ جڙيون ٻوٽيون جام ٿينديون هيون. ڌنار سان ڳالهائيندي جوڳيءَ کي هڪ ٻڪري ڏسڻ ۾ آئي، جنهن جي ٻوٿ تي ڪنهن ٻوٽيءَ جي ڳاڙهاڻ لڳل هئي. هن اک وٺي ان ٻڪريءَ جي تاڙ ڪئي. کيس پتو پيو ته اها ٻڪري هڪ اهڙي ٻوٽيءَ تي هريل آهي، جنهن جي کائڻ سان هن جو سڄو وات ڳاڙهو ٿي پوي ٿو. ان کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به ٻوٽيءَ جي ويجهو نٿي وڃي. هن اٽڪل سان اها ٻوٽي پاڙؤن پٽي ڪڍي پاڻ وٽ رکي. انهيءَ ٻوٽيءَ ۾ اها خاصيت هئي ته جيڪڏهن ان کي ڪنهن ماڻهوءَ سان گڏ باهه ۾ ڦٽو ڪيو ٿي ويو ته اهو ماڻهو سڄو سونو ٿي پئي ويو. انهيءَ سوني ماڻهوءَ جو ڪوبه عضوو وڍي الڳ ڪرڻ تي ٻئي ڏينهن اهو وري اڳ وانگي سڄو ٿي ويندو هو. اهو راز رڳو ان جوڳيءَ کي ئي معلوم هو. ٻوٽيءَ مان ڪم وٺڻ لاءِ هن کي ساڳيو ڌنار مناسب نظر آيو ۽ سڌو وڃي ان جو پاسو ورتائين. اها نيت ڪري ته جيئن کيس ريهي ريبي ٻوٽيءَ سان گڏ باهه ۾ اڇلائي، سولي نموني پنهنجو مطلب پورو ڪري سگهي. آخر ڌنار کي وڪڙ ۾ آڻي کيس چيائين ته آئون باهه جو مچ ٻاري پوڄا ڪرڻ ٿو چاهيان، جيڪڏهن تون به مون سان گڏجي پوڄا ڪندين ته تنهنجا پاپ به پُـڃ ٿي پوندا.
    ڌنار به اتان جي ننڍي وڏي وانگي جوڳين ۾ ويساهه رکندڙ هو، انڪري جوڳيءَ جي چوڻ تي ان سان شامل ٿيڻ جي هام ڀريائين. جڏهن مچ تيار ٿي ويو ته جوڳيءَ، ڌنار کي چيو: اچ ته هاڻ ٻئي گڏجي مچ جي چوڌاري ڦيرا پايون. ڌنار کي پنهنجي نيڪ نيتيءَ جي ڪري اڻ ڄاڻ هوندي به عقل اچي ويو ته جوڳيءَ پنهنجي اندر ۾ متان ڪا سٽ نه سٽي هجي! ان ڪري چڱو ائين آهي ته هي ڀلي اڳ ۾ هلي، آئون سندس پويان پيو ڦيرا پائيندس. جوڳي پاڻ اڳيان ٿيو ته ڌنار هڪ ٻن ڦيرن کان پوءِ پنهنجي جان جي خوف کان ان کي ڌڪو ڏئي اڳتي وڌي ويو ۽ هو جڙي ٻوٽيءَ سميت وڃي مچ ۾ پيو.
    ڌنار پوئتي نهاري پڪ ڪئي ته جوڳيءَ جو ورڻ مشڪل آهي، پوءِ اهڙو ته کڙين تي وٺي زور رکيائين جو ڄڻ انهيءَ جوءِ ۾ آيو ئي ڪونه هو. وري ڪيترن ڏينهن تائين انهيءَ پاسي مال چارڻ ويو ئي ڪين.
    نيٺ هڪ دفعي دل ٻڌي جهنگ جو گس ورتائين، جڏهن مچ واري هنڌ تي پهتو ته اتي رڳي رک پيل ڏٺائين. دل ۾ چوڻ لڳو: هتي ته سڀ ڪجهه سڙي خاڪ ٿي چڪو آهي. هن وقت هتي ڪوبه ڪونهي، تنهنڪري ڇو نه انهيءَ رک مان هڏا ڪڍي ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي پوري ڇڏجن، جيئن سڀاڻي ڪنهن کي به اها ڪل پئجي نه سگهي ته هتي ڪجهه ٿي چڪو آهي. ائين ڪندي پير سان رک اٿلائڻ لڳو: ڇا ڏسي ته ان ۾ هڏن بدران جوڳيءَ جو سڄو بت سونو ٿيو پيو آهي ۽ ڏاڍا جرڪاٽ پيو ڪري! هن کي ڏاڍي حيرت لڳي ته قدرت ڪهڙو نه عجيب ڪرشمو ڪري ڏيکاريو آهي. پر هاڻ جيڪڏهن هي سمورو سون پنهنجي گهر کڻي ويندس ته سڄي ڳالهه ظاهر ٿي پوندي ۽ جي هتي جهنگ ۾ ڇڏي ڏيندس ته ٻئي ڪنهن جي هٿ لڳي ويندو. آخر گهڻي سوچ کان پوءِ ڪهاڙيءَ سان (جنهن کي هتان جا رهاڪو هٿيار طور ساڻ کڻي هلندا آهن) جوڳيءَ جي سوني بت مان هڪڙو عضوو وڍي گهر کڻي آيو، باقي بت اتي ڪٿي ڪنڊ پاسي ٿانيڪو ڪري ڇڏيائين. ٻئي ڏينهن وري جاچ لهڻ لاءِ اتي آيو. ڏٺائين ته وڍيل عضوو ساڳيءَ طرح سڄو ٿي ويو آهي جيئن اڳ هو. ڏاڍو اچرج لڳس ۽ دل ۾ چيائين، هيءَ ته ڪالهه کان به وڏي ڳالهه آهي! بهرحال مون کي هن مان ٿورو ڪي گهڻو کٽائي پڇاڙيءَ لاءِ پاسيرو ڪري رکڻ کپي. پوءِ وري ان سوني بت مان ٻه ٽي عضوا ٻيا الڳ ڪري گهر کڻي ويو. اهڙيءَ ريت روزانو سون گهر ۾ آڻيندو رهيو، ٿوري وقت ۾ سندس سڄو گهر سون سان ڀرجي ويو. هيڏو سارو سون گهر ۾ ڏسي وري ڳڻتي ورائي ويس. جڏهن ڪو ٻيو چارو نه ڏٺائين ته لاکي ڦلاڻيءَ وٽ وڃي کيس هن ساري روئداد کان واقف ڪيائين. لاکي پهريائين ته ويساهه ئي نٿي ڪيو، پر پوءِ جيئن پڪ ٿيس ته هڪدم پنهنجا ماڻهو ساڻ ڪري اتي اچي پهتو ۽ اهو لقاءُ اکين سان ڏسي ڏندين آڱريون اچي ويس. اوڏيءَ مهل سڄو سونو بت پنهنجي گهر کڻائي آيو. تنهن ڏينهن کان پوءِ هر روز ان سوني بت مان هڪڙو عضوو وڍي ڪتب آڻيندو رهيو. هن کي يقين هو ته اهو الاهي خزانو کٽڻ وارو ناهي، ان ڪري دل کولي اهو سون خلق جي ڀلائيءَ ۾ خرچ ڪرڻ لڳو. ٿوري وقت ۾ سندس ناماچار انهن راڻن ۽ راجائن کان وڌي وئي، جيڪي هن کان وڌيڪ ناميارا ليکيا ٿي ويا. هيءُ پاڻ کي انهن کان مٿاهون سمجهي، ويتر وڌيڪ خير جا ڪم ڪرڻ لڳو. ايتري قدر جو سج اڀرڻ سان سوا لک جيترو سون خيرات ڪري پوءِ ڏندڻ پاڻي ٿي ڪيائين. جيستائين جيئرو هو، تيستائين ائين ڪندو رهيو. جڏهن سندس هالاڻيءَ جا ڏينهن ويجها آيا ته انهيءَ اڻ کٽ قدرتي خزاني کي ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪرڻ بدران طلسم ذريعي "جهرڪ جهرڪي" نالي ٻه چشما تيار ڪرائي انهن ۾ اهو پتلو لڪائي ڇڏيائين. اها اوکا پوکا لاهي، پوءِ سڀني کي هدايت ڪيائين ته اها امانت اتي ئي سوگهي رهي جتي رکي وئي آهي ۽ ڪڏهن به ڪنهن ٻئي کي نه ڏني وڃي. هيءُ پاڻ وڏو سخي هو، ان ڪري اهي چشما خدا جي حڪم سان اڃا سوڌا ماڻهن جي هٿ چراند کان حفاظت ۾ رهندا اچن ٿا.
    مرزا شاهه حسن جڏهن اهو قصو ٻڌو ته (گرڙ وانگي) سندس وات مان گگ وهڻ لڳي، هڪدم ڏاڪا ٻڌي انهن چشمن ڏانهن چڙهي ويو ۽ ماڻهن کي حڪم ڪيائين ته ٻنهي مان هڪڙي چشمي تي (جنهن لاءِ اتان جي ماڻهن کيس پڪ ڏياري هئي ته انهيءَ ۾ ئي اهو سونو بت (طـِـلا پرس) موجود آهي) نار ٻڌي سمورو پاڻي ٻئي چشمي ڏانهن وهايو وڃي ۽ جيئن چشمي جو تر ظاهر ٿئي ته هڪدم اهو سونو بت ڪڍي وٺجي. ماڻهن چشمي تي نار ٻڌي بيگار وهڻ شروع ڪري ڏني. هڻندي ماريندي جڏهن چشمي جو تر ظاهر ٿيو ته سوني ماڻهوءَ جو بت (طـِـلا پرس) ڏسي هرڪو خوش ٿيو، پر سج لهڻ ڪري ان کي اتي ڇڏي مٿان پهريدار بيهاري هليا ويا. ٻئي ڏينهن جيئن ان کي اتان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيائون ته طـِـلا پرس اک ڇنڀ ۾ انهيءَ چشمي مان اڏامي وڃي ٻئي چشمي اندر پيو. ماڻهو وري ان چشمي مان پاڻي ڪڍڻ لڳا، پر جڏهن پاڻي کپي ويو ته طـِـلا پرس وري ساڻن اها تعدي ڪرڻ لڳو، هن خالي ٿيل چشمي مان اڏامي وڃي ڀريل چشمي اندر ٿي گم ٿي ويو. ائين واري واري سان پاڻي ڪڍندا رهيا، ته من اهو سونو بت (طـِـلا پرس) هٿ لڳي وڃي، پر هر ڀيرو ساڻن ساڳي ڪار ٿيندي رهي. آخر سڀ ڪو بيزار ٿي ماٺ ڪري ويهي رهيو.
    مرزا شاهه حسن کي به پڪ ٿي ته اهو طلسم آهي ۽ ڪنهن کي به سونو بت هٿ اچڻو ناهي، تنهنڪري هن به آسرو پلي ڇڏيو ۽ بيگار وارن جي جند ڇڏيائين. هوڏانهن ڪڇ جا سرڪش سما جڏهن شاهه حسن جو مقابلو نه ڪري سگهي ته صلح جي لاءِ چڱن مڙسن کي وچ ۾ آڻي هر سال ڏن پهچائڻ جو وعدو ڪيائون ۽ سندن پلوَ آجا ٿي ويا. جيڪا ڪوتاهي بروقت کانئن ٿي چڪي هئي، تنهن جا به ڏنڊ ڏوهه ڀري ڏنائون. اهڙيءَ طرح مغلن جي مارا ماري کان بچي ويا. شاهه حسن پوءِ ٺٽي واپس اچي، وري ملتان تي ڪاهي وڃڻ جون تياريون ڪرڻ لڳو.

    (تاريخ طاهري، فارسي زبان ۾ 1621ع ۾ لکي وئي. سنڌي ادبي بورڊ 1964ع ۾ فارسي ڪتاب شايع ڪيو. بعد ۾ نياز همايوني جو ڪيل سنڌي ترجمو 1988ع ۾ ڇپيو)


    مهر راڻي ۽ لاکو ڦلاڻي : رائچند هريجن

    مٺي تعلقي ۾، نبي سر کان 6 ميل ڏکڻ طرف، ڍوري ناري جي کاٻي ڪپ تي نُـهٽي جو ڳوٺ آهي، جو اڄ به هڪ دڙي تي آهي. هتي لوهاڻا، مينگهواڙ، گرڙا، ميمڻ ۽ خاصخيلي رهندڙ هئا. بئريج جي اچڻ بعد ميمڻ لڏي ڍوري جي ساڄي ڪپ تي ويٺا آهن. 1947ع کان پوءِ پاڪستان ٿيڻ بعد، لڏپلاڻ جي اثر ڪري، نهٽي مان لوهاڻن جا ڪي ٿورا گهر هندستان ڏي لڏي ويا ۽ ٻيا لڏي وڃي مٺي شهر ۾ ويٺا، باقي مينگهواڙ، گرڙا ۽ خاصخيلي اڃا اتي رهن ٿا. ڀرسان ڍورو نارو وهي ٿو. ڳوٺ ڏاڍي ۽ ٿر جي دنگ تي هڪ دڙي تي آهي. ڳوٺ جي الهندي طرف هڪ ڦٽل ڪوٽ جا نشان اڃا تائين ظاهر بيٺا آهن، جنهن کي اڄ ڪلهه اتي جا رهاڪو "ڀڙو" چوندا آهن. انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته اتي اڳي پڪين سرن جو ڪوٽ هو. ان جي اوڀر پاسي ڪچي مٽيءَ جي جاين جا نشان آهن. منجهانئن وقت بوقت ڪيتريون شيون، جيئن ته شيهو، چٽساليءَ وارن ٿانون جا ٽڪر، ماڻهن جا هڏا ۽ سڪن جا نمونا وغيره لڌا ويا آهن.
    سن 1943ع ۾ گهڻي برسات جي پوڻ ڪري ڪوٽ جي اتر واريءَ ڀت مان هڪ وڏي توب هٿ آئي هئي، جا مون پاڻ ڏٺي هئي. ان جي ڊيگهه 9 فوٽ 4 انچ، منهن جو قطر ساڍا 4 انـچ، پٺيون گهيرو 4 فوٽ 8 انچ ۽ منهن جو گهيرو 3 فوٽ هو. اها توب مسٽر برنارڊ بڊ، ڪليڪٽر ٿرپارڪر، 26 ڊسمبر 1943ع تي ميرپور خاص ڏي کڻائي ويو، جا اڄ به ڊپٽي ڪمشنر هائوس ۾ نصب ٿيل آهي. مسٽر بڊ دڙو به ڪجهه کوٽايو، پر اهڙي پراڻي تهذيب جي ڪابه شيءِ هٿ ڪانه لڳي. خبر نه آهي ته اها توب ڪهڙي وقت جي آهي، مگر ايترو معلوم ٿئي ٿو ته اڳي هتي ڪو وڏو راڄ هو. چون ٿا ته نهٽي جو ڳوٺ اڳي تمام وڏو وسندڙ ۽ آباد شهر هو ۽ جکرو حاڪم راڄ ڪندو هو. "نهٽي نو سو هٽ، جڏهن جکري واري" يعني جکري جي وقت ۾ نهٽي ۾ 900 دڪان هئا. اها چوڻي الاجي ڪيتري قدر سچي آهي. شايد ڪجهه وڌاءُ هجي، پر ايترو معلوم ٿئي ٿو ته وڏو شهر هو. جکري بابت به وڌيڪ ڪا خبر ڪانهي.
    ڪي چون ٿا ته عيسوي ڏهين صديءَ ۾ هتي "مهر" قوم جي راجپوتن جو راڄ هو. شايد مهراڻي ۾ رهڻ ڪري انهن راجپوتن کي "مهر راجپوت" چوندا هئا. ان وقت هتان ندي وهندي هئي، جنهن ڪري ملڪ سرسبز ۽ آباد هو.
    مهر قوم جي هڪ راجا کي هڪ تمام حسين ڇوڪري هئي، جنهن جي سونهن جي هر هنڌ هاڪ هئي. هن کي "مهر ڪماري" ڪري سڏيندا هئا. ان وقت ڪڇ ۾ راءِ لاکو ڦلاڻي راڄ ڪندو هو. هڪ دفعي راءِ لاکي جا پاليل روجهه رلندي رلندي اچي هتي پهتا ۽ رات جو مهرن جي باغ ۽ پوکن ۾ نقصان ڪيائون. باغ جي پهريدارن روجهن کي ٽاهه وڌو ۽ ڊوڙايو، جنهن ڪري ڪي روجهه مري ويا ۽ باقي موٽي ڪڇ ويا. راءِ لاکي کي روجهن بابت پڇا ڪندي نيٺ هن حقيقت جو پتو پيو، تڏهن لشڪر وٺي مهرن تي ڪاهي آيو. ڪجهه رتوڇاڻ بعد مهرن شڪست کاڌي ۽ راءِ کي مهر ڪماريءَ جو سڱ ڏيئي ساڻس صلح ڪيو. شاديءَ جو ڏينهن مقرر ڪيو ويو. راءِ موٽي ڪڇ ڏي ويو. اتان ڄڃ وٺي اچي شادي ڪرڻ جو ٺهراءُ ڪيل هو. مقرر ڏينهن تي راءِ لاکو ڄڃ سان اچي لٿو. نهٽي ڳوٺ جي اوڀر طرف ٻه ميل پنڌ تي هڪ وڏو ڏهر آهي، اتي راءِ جي ڪئمپ لڳي، شادي سک سان ٿي گذري.
    شادي ٿيڻ کان پوءِ مهر قوم جي ڪن دشمنن راءِ لاکي جا ڪن ڀريا ته مهر راڻي ستي نه آهي، وغيره. راءِ کي انهن جي ڳالهين تي يقين اچي ويو، جنهنڪري پهرين ته خيال ڪيائين ته راڻيءَ کي ماري ڇڏيان، پر پوءِ خيال آيس ته استريءَ کي مارڻ راجپوت جو شان نه آهي، تنهنڪري راڻيءَ کي ڏهاڳ ڏيئي ڇڏي، پاڻ ڪڇ ڏي روانو ٿيو. راڻي حقيقت ڪري ستي هئي. سندس ڪو دوش ڪونه هو ۽ اها سڀ ڪن دشمنن جي سازش هئي، پر ويچاري ڇا ڪري؟ راءِ جي وڃڻ ۽ کيس ڏهاڳ ملڻ ڪري کيس ايترو دک ٿيو جو يڪدم انهيءَ هنڌ پراڻ ڏنائين. ڀرسان دڙي تي کيس چکيا تي چاڙهيو ويو. نشان طور اڄ تائين سرن جا ٽڪر پيل آهن، جي مهر راڻيءَ جي "قبر" چوندا آهن، جا حقيقت ڪري ڏاگهه چڙهڻ وار هنڌ جو نشان آهي. انهيءَ ڏهر کي "مهر جو ڏهر" چوندا هئا، جو لفظ بگڙجي هاڻي "ميهوئر جو ڏهر" چوڻ ۾ اچي ٿو ۽ عام مڪاني ماڻهو اڄ تائين انهيءَ نالي سان سڏيندا آهن. انهيءَ ڏهر ۾ هڪ تلاءُ آهي، جو چون ٿا ته راءِ لاکي کڻايو هو، جنهن کي اڄ "مهر جو تلاءُ" چوندا آهن.
    مڪاني ماڻهو، مهر راڻي ۽ راءِ لاکي جي آکاڻي اور نموني ۾ بيان ڪندا آهن، جا مون به ٻڌي آهي. مگر اها اهڙي آهي، جنهن تي اعتبار ڪري نه ٿو سگهجي، جنهنڪري اهڙي ڏندڪٿا هتي لکڻ واجب نه سمجهي ويئي آهي.

    (تاريخ ريگستان، ڀاڱو پهريون، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو پهريون 1956ع)


    سنڌ جو سورهيه سردار لاکو ڦلاڻي : ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

    سنڌ ۾ ڪيترائي سوين سورهيه ۽ سخي سردار ساماڻا، جن مان ڪن کي اسان جي سگهڙن ڳايو ۽ انهيءَ ڪري انهن جا نالا اسان تائين پهتا، پر اڄ ڏينهن تائين اسان کي سندن سربستي خبر نه ملي سگهي. اهڙن سورهيه ۽ سرڪش ۽ سخي سردارن مان هڪ "لاکو ڦلاڻي" هو، جنهن جي باري ۾ ڀٽائي صاحب چيو آهي ته:
    لاکا لک سڄن، ڦلاڻيءَ ڦير ٻيو
    ۽
    لاکا لک هوا، تون اڳوڻي کوءِ نه
    بيشڪ لاکا لک هئا، ڇاڪاڻ ته لاکا قوم لکن جي تعداد ۾ ذري گهٽ تيرهن سؤ ورهيه اڳ محمد بن قاسم جي ڏينهن ۾ موجود هئي. نسب جي لحاظ کان لاکا سڀئي سما هئا، خود سمن سردارن مان پڻ ڪيترائي "لاکي" نالي هئا.
    (1) سڀ کان اول "لاکي" نالي سردار "ڄام لاکو پٽ لاکيار پٽ اوڍو پٽ اوڍار" هو. هن وڏي ڄام لاکي جي تڙپوٽي رائڌڻ جي پٽ جو نالو به لاکو هو، جو سردار هو ۽ ڏنڀريو جاگير سندس قبضي ۾ هئي.
    (2) وري هن وڏي ڄام لاکي جي اولاد مان هوٿي ٿيو. ڄام هوٿيءَ جي پٽ ڄام راهوءَ جي اولاد مان ٻه ڄام لاکا ٿيا، جن تي پڳ هئي: "ڄام لاکو پٽ گڙ راهو" ۽ ٻيو سندس پوٽو ڄام ڳاهي جو پٽ ڄام لاکو، جنهن جو پٽ ڄام جوڻو ٺٽي جو سمون بادشاهه هو. هن ڄام لاکي جو پٽ لاکو به سردار هو ۽ سندس پٽن مان "جها سما" ٿيا.
    وري ڄام هوٿيءَ جي ٻئي پٽ ڄام جکري جو پٽ لاکو ٿيو، جنهن جي وري پوٽي جو نالو به لاکو هو.
    اڃا به ٻيو هڪ سمون سردار لاکو پٽ لهر جو هو، جو چيو اٿن ته:
    لاکو پٽ لهر جو، سورج ڀري ساک
    لهر مان لوهاڻا ٿيا. مطلب ته:
    لاکا لک سڄن، پر ڦلاڻيءَ ڦير ٻيو

    نسب نامو:-
    سمن جي نسبنامي مان معلوم ٿئي ٿو ته لاکو، ڦل جو پٽ هو، پر خود "ڦل" نالي به هڪ کان زياده سردار ٿي گذريا آهن ۽ سڀني کي اولاد هو ۽ سڀني جي پيڙهي پڌري ٿي. پهريون وڏو ڦل يعني "ڦل پٽ لاکو پٽ لاکيار" جو، جنهن کي ٻه پٽ ٿيا، هڪ لاکو ٻيو لنجار. لاکي مان لاکير ٿيا ۽ لنجار مان لنجار. ٻي روايت موجب انهيءَ وڏي ڦل مان "ڦل سما" ٿيا، پر "لاکو ڦلاڻي" انهيءَ وڏي ڦل مان ڪونه هو، پر ننڍي "ڦل" مان هو، جو پوءِ ساماڻو. انهيءَ ننڍي ڦل بابت متفقه طور ايترو معلوم آهي ته "ڦل پٽ ساهڙ جو هو ۽ ساهڙ پٽ مهڙ جو هو" البته مهڙ کان مٿين پيڙهيءَ ۾ اختلاف آهي. ڪي چون ٿا ته "مهڙ پٽ لاکي (وڏي) جو ۽ لاکو پٽ لاکيار". پر شايد صحيح هن طرح ٿيندو ته "مهڙ پٽ لاکي جو ۽ لاکو پٽ ويري جو". ڇاڪاڻ ته ڦل جاڙيجو هو ۽ جاڙيجن سمن جي نسب نامي جي روايت هن طرح آهي ته ويرو پٽ ساند جو (ڪن نسب نامن ۾ "ويرو پٽ سائوند" ڄاڻايل آهي)، تنهن کي ڪڇ ڀڄ جي ايراضي وراثت ۾ ملي. انهيءَ ويري کي جاڙا پٽ ڄاوا، هڪ لاکو ٻيو لکدير. لاکو وڏو هو ۽ وڏي جاڙي پٽ جو اولاد "جاڙيجا" سڏجڻ لڳا (هڪ روايت موجب ڪڇ ڀڄ جا جاڙيجا سما "جاڙي پٽ لاکي" جي اولاد مان آهن.) .
    لاکو ۽ لـــکـدير، ٻئي جاڙا جنميا،
    ويري گهر لاکو وڏو، جنهن جا جاڙيجا.
    جيڪڏهن هيءَ روايت صحيح آهي ته پوءِ "مهڙ" هن "لاکي پٽ ويري" جو پٽ هو. انهيءَ اندازي موجب "لاکي ڦلاڻي" جو شجرو هن طرح چئبو ته: لاکو پٽ ڦل پٽ ساهڙ پٽ مهڙ پٽ لاکو پٽ ويرو پٽ ساند (سائود؟) پٽ پلي پٽ رائڌڻ پٽ ڪاڪو پٽ سمون پٽ انڙ پٽ لاکو پٽ لاکيار پٽ اوڍو پٽ اڍيار پٽ نوتيار پٽ نيت .

    ڪڇ ۾ سڪونت جو زمانو:
    چئي نه ٿو سگهجي ته "لاکو ڦلاڻي" ڪهڙي سنه ۾ ٿي گذريو آهي. سنڌ جي نسب نامي جي هڪ روايت موجب سندس پڙ ڏاڏي "ويري پٽ ساند" کي ڪڇ ڀڄ جي ڪا ايراضي ورثي ۽ ورهاست ۾ آئي ۽ ڪڇ جا جاڙيجا سما سندس پٽ لاکي جي پٺيءَ مان ٿيا جو "لاکي ڦلاڻي" جو ڏاڏو هو.
    ڪڇ ۾ جاڙيجن سمن جي عروج جو زمانو 1300ع آهي، ڇاڪاڻ ته اٽڪل سنه 1320ع ڌاري جاڙيجن سمن ڪڇ جي حڪومت چاوڙن راجپوتن کان کسي ۽ سنه 1320ع کان وٺي 1540ع تائين اٽڪل سوا ٻه سؤ سال کن جاڙيجن سمن جي ٽن خاندانن ڪڇ تي حڪومت ڪئي . انهن ٽن خاندانن مان هڪڙو خاندان غالبن ڦل جي اولاد جو هو، جنهن جي طاقت جو بنياد ڦل جي پٽ "لاکي ڦلاڻي" رکيو. ڪڇ ۾ اهو جاڙيجن جي حڪومت جي عروج واري زمانو هو ۽ انهيءَ اندازي موجب چئي سگهجي ٿو ته لاشڪ لاکو ڦلاڻي چوڏهين صدي عيسويءَ جي پهرئين نصف ۾ خاص طرح 1320ع ڌاري ٿي گذريو. سنڌ جي ٻي روايت موجب سندس وقت ۾ ٻئي جاڙيجي حڪمران خاندان مان راءِ کنگهار هو، جنهن جي حڪمرانيءَ جي عرصي جي تحقيق ڪڇ جي تاريخ مان ٿي سگهي ٿي. ڪتاب "نسب نامه جاڙيجه" ۾ ڄاڻايل آهي ته لاکو ڦلاڻي سنه 866ع ۾ ڄائو ۽ سنه 955ع ۾ مئو . پر اهو ڪتاب غالبن پوئين زماني جو لکيل (فيبروري 1822ع) آهي، انهيءَ ڪري انهن تاريخن تي پورو پورو ڀروسو ڪري نٿو سگهجي. ڀٽائي صاحب "لاکي ڦلاڻي" کان سواءِ ٻين سمن سردارن مثال طور "جکري" ۽ "ابڙي سمي" کي به ڳايو آهي، جي سنڌ ۾ سمن جي حڪومت يعني ته اٽڪل چوڏهين صدي عيسوي جي نصف کان اڳ جا هئا. جيڪڏهن اڳ وارو عرصو اٽڪل ڏيڍ سؤ ورهيه تسليم ڪجي ته به ٿلهي ليکي لاکي ڦلاڻيءَ وارو عرصو تخمينا 1200ع کان 1350ع تائين ٿي سگهي ٿو.

    لاکي ڦلاڻيءَ جو خاندان:
    سمن جي نسب نامي جي هڪ روايت موجب "ڦل" کي ٻه پٽ هئا، لاکو ۽ ڳاهو. لاکو وڏو هو ۽ کيس اولاد ڪونه هو، پر سندس ڀاءُ ڳاهي کي هڪ پٽ "پونئرو" نالي ٿيو، جو لاکي کان پوءِ هن خاندان جو سرڪرده بنيو. سنڌ جي سمن جيئن ئي آڳاٽو اسلام قبول ڪيو ته اهو اثر ڪڇ تي به پيو ۽ اهي جاڙيجا خاندان، جن جو واسطو سنڌ جي سرحد سان هو، تن اسلام قبوليو، پر جيڪي هيٺ ڏکڻ طرف هئا، سي هندو ئي رهيا. سنڌ جي شاعرن ۽ سگهڙن جي روايت مان معلوم ٿئي ٿو ته ڦل ۽ سندس خاندان جو واسطو سنڌ جي سرحد سان لاڳو ٻني، لوڻي وغيره ايراضين سان هو ۽ انهيءَ ڪري هي ڪٽنب به اسلام قبول ڪري چڪو هو. لاکو جيئن ئي وڏو ٿيو ته منجهس سنڌ جي مشهور مسلمان سمن سردارن واريون شهسواري (Chivalry) جون خوبيون پيدا ٿيون ۽ سواري، سرڪشي، سورهيائي ۽ سخا سندس طبيعت ۽ اخلاق جا جزا بنجي ويا.
    ان وقت سرداري به سرڪشي، سورهيائي ۽ سخا تي هئي. جيئن ئي لاکو جوان ٿيو ته هن پنهنجي اڳواڻيءَ هيٺ ٻيا سورهيه ۽ ساٿي گڏ ڪيا ۽ هو ڪڇ جي سنڌ واري سرحد تان خاص ڪري اوٺي مال جون لوڙهيون يعني ڌاڙا هڻڻ لڳا. "ٻني" ۽ "لوڻي" واري ايراضي مان خاص طرح جتن سان جنگ جوٽي اٺن جا وڳ هنيائون. ايترو جو اوٺار نيٺ ملڪ ڇڏي ويا ۽ اٺن جي جهوڪن جا دڳا نشان وڃي رهيا.
    جـاڙيـجـاڻي جـنگ، آهي اوٺارن سين،
    لـڳـو لـوڙائـن جـو، منجهان ٻني ٻنگ،
    گؤرا توڏ گڙنگ، هڻي هيڪاندا ڪري.
    (خليفو صاحب)
    ٻني ٻهڻ نه ڏئـي، جهـري ويئـي جهـوڪ،
    لـوڻـي مـٿـان لـوڪ، لاکي لک لڏائيا.

    لاکــو لــوڻي آئيو، هئي هئي پيئي هاڪ،
    پائرڪنان پڇڙي، ڏونگر پيـئـي ڏاڪ،
    اٺـيــون ۽ عــراق، گـڏيان تان گهڻيئي ٿيا.
    (شاهه)
    مطلب ته لاکي جي لوڙهين جو سلسلو پائر تائين اچي پهتو، پر لاکي ۽ سندس لوڙائو ساٿين چؤڏس چڙهي پنهنجي هيبت ۽ هاڪ قائم ڪئي.
    لاکـو لـوڙائـن سـين، چؤڏس ٿو چڙهي،
    وڙهـيـو وريـامـن جـا، ڌڻيو ڌڻ هڻي،
    پيس جو پري، سو واهر ڪنهن نه واريو.
    لاکو هڪ اڙٻنگ ۽ اڻ موٽ جوان هو. سندس ساٿين مان جسو ۽ جسراج به نالي وارا هئا، پر سورهيائيءَ ۽ شهه سواريءَ ۾ لاکو پنهنجو مٽ پاڻ هو.
    وڙهي ويل سڀ ڪنهن، لاکو لوءِ به لوءِ
    ڳوٺ ڳوٺ ۾ مقابلا ڪري پنهنجي هيبت ۽ هاڪ ويهاري ڇڏيائين. وڳن جا وڳ هڻي، ساٿين کي اڳتي ڪري پاڻ پويان اڪيلي سر واهر پليندو هو.
    لاکي لال ڪمان، هـردم آهـي هٿ ۾،
    سـلـيـو تـيرن سـاڻ، واگهه پلي ٿو واهرون،
    (خليفو صاحب)
    لاکو پنهنجي ٻهروٽين جي ٻاري سان هميشه ٻاهر، ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي پيو لوڙهيون هڻندو هو. هڪ دفعي ڪنهن چيو ته پوئتي جو سماءُ لهجي، ائين نه ٿئي جو هڪ ڏينهن اچي ڪو خبر سڻائي ته ڦل مري ويو. لاکو، جو پنهنجي جوانيءَ جي جوش ۽ طاقت جي نشي ۾ مست هو، تنهن کي اها ڪمزوريءَ واري صلاح ئي ڪانه وڻي ۽ قسم کنيائين ته جنهن منحوس مونکي منهنجي پيءُ ڦل جي مرڻ جي خبر اچي ٻڌائي ته ان جي زبان وڍائيندس. ائين چئي لاکو وري به پنهنجي ساٿين سان گڏ چؤڏس چڙهايون ڪرڻ لڳو ۽ ڳچ عرصو ٿيو جو پنهنجي ماڳ تي ڪونه موٽيو.
    لاکا لڳئي ڏينهن، کاري ريءَ ڪيئن گهارئين،
    مٿان وسي مينهن، واٽون ولين ڇانئيون.
    ڪجهه عرصي بعد واقعي ڦل پويان گذاري ويو، پر ڪير هجي جو وڃي لاکي کي خبر سڻائي. هڪ ڀٽ فقير چيو ته آءٌ ٿو وڃي خبر ٻڌايانس، سو ڪهي اچي ڪئمپ ۾ پهتو ۽ پري کان بيت ڏنائين ته:
    هڪڙا ڦـــل پســجـن واڙئيـــن، ٻيا جي بـَـٺين ڌاڃ،
    لاکا آءُ مهراڻ، تـو ريءَ ســڃـو ڪــاڇــڙو.
    (يعني ته ڦل هڪڙا واڙين اندر ولين ۾ آهن ۽ ٻيا بٺين ۾ ڀڄندڙ اَن ۾ آهن، باقي ٻيو ڦل ڪونه رهيو آهي.)
    لاکي بيت ٻڌندي چيو ته "تڏهين منهنجو پيءُ مري ويو!" ڀٽ جواب ڏنو ته "سائين! اهو ته تو چيو، مون نه چيو. پوءِ لاکي ميڻ جي زبان ٺهرائي پنهنجي زبان مٿان رکي وڍرائي پنهنجو قسم پورو ڪيو. ڦل جي پڳ هاڻي لاکي کي ملي ۽ لاکو "راءِ" بنيو. هاڻي لاکي پنهنجي پيءُ ڏاڏي واري ماڳ تي لکن جا لک خرچ ڪري "ڪيرا گڍ" نالي هڪ ڪوٽ ٺهرايو ۽ ان کي پنهنجي طاقت جو بنيادي مرڪز بنايائين. اهو "ڪيرا گڍ" جنهن کي سنڌ جي روايتن ۾ "ڪيرو ڪوٽ" يا "ڪانهيرو ڪوٽ" سڏيو ويو آهي، ڀڄ تعلقي ۾ مشهور آهي ته اهو ڪوٽ "لاکي ڦلاڻي" ٻڌايو هو.
    هاڻي لاکي جي سرڪشي واري زندگيءَ ۾ تبديلي آئي ۽ راڄ ڌڻي ٿيڻ سان هن سخاوت جا درياءَ وهايا، ڦل خاندان ۾ لاکو ئي ڏاتار ٿيو. انهيءَ ڪري سندس نالو ڏاتارن ۾ ڳڻيائون ته:
    ڪاشب گهر سورج هو، واسنگ گهر تاکو،
    اوڍي گــهــر جـکـرو، ڦول گهر لاکو.
    سندس سرڪشي ۽ سورهيائي جي ته اڳ ئي هنڌين ماڳين هاڪ نڪري چڪي هئي، سندس سخاوت ڪري رعيت ۽ راڄن ۾ هو مقبول ٿي پيو ۽ سڀني پئي کيس جيءُ ۾ جايون ڏنيون.

    لاکو ۽ مهر راڻي:
    لاکي کي هاڻي شاديءَ جو خيال ٿيو، پر هن اڙٻنگ جوان چيو ته آئون گهر ويٺي ڪا ڇوڪري ڪانه پرڻبس، پر ڪشالا ڪري ڪا مومل ماڻيندس. سنڌ ۾ مهراڻي جو ملڪ ان وقت به سرسبز ۽ آباد هو. هڪ طرف کان هاڪڙو ته ٻئي طرف کان پراڻ پئي ملڪ کي سيراب ڪيو. اتي سماٽ قومون رهندڙ هيون، جن جي سونهن جي هنڌين ماڳين هاڪ هئي. هيءُ ملڪ ننڍن ننڍن سمن رائن ۾ ورهايل هو، جن جي ڪوٽن ۽ قلعن جا نشان اڄ به انهيءَ تر ۾ موجود آهن. نهٽي جي ڪوٽ ۾، ۽ ڪن جي چوڻ موجب جهڏي لڳ "ٻالائي" يا "ٻرڙائي" جي ڪوٽ ۾ ان وقت "مهر راڻي" سمي صاحبزادي هئي، جنهن جي دل هڪ چوڙيگر سوداگر سان ٿي ويئي. انهيءَ ڪري پڻس جڏهن سندس شاديءَ جو ذڪر چوريو ته مومل وانگر "مهر راڻي" به اڙانگا شرط وڌا ۽ چيائين ته جيڪو اهي شرط پورا ڪندو، تنهن سان شادي ڪنديس. لاکو اتان سنڀري نڪتو ۽ هڪ ٻڍڙيءَ ڏاهيءَ جي ٻڌايل تجويزن ۽ پنهنجي ذاتي جرئتن ۽ مردانگين سان سڀئي شرط پورا ڪري "مهر راڻي" سان شادي ڪيائين ۽ انهيءَ خوشيءَ جي موقعي تي لکن جا لک بخشيائين جو چيو اٿن ته "لاکي لک بخشيا، ڪرن بخشي ڪروڙ". جڏهن پريان ڄڃ ڪري موٽيو ته پهرين منزل مهراڻ جي ڪناري تي ڪيائين. مٿان مينهن پئجي ويو، انهيءَ ڪري شاديءَ جا سڀ ويس وڳا، سيج ۽ هنڌ، اٺن گهوڙن جا سنج ۽ سامان سڀئي کڻي پراڻ جي ڪنڌيءَ تي وڻن ٻوٽن تي سڪڻا وڌائون ۽ سڀ وڻ سينگارجي بيهي رهيا. سڪڻ بعد جڏهن اهي سندس ماڻهو لاهڻ لڳا ته لاکي منع ڪئي ۽ چيائين ته: "ڪنڌيءَ جا اهي وڻ ٽڻ به اسان جا ڄاڃي آهن ۽ جيڪي ڪجهه انهن کي اوڍايو اٿئون، سا ڄڻ اسان جي شاديءَ جي ڏات آهي، اها وري واپس ڪانه وٺبي." انهيءَ موقعي کان پوءِ ڳايائون ته:
    جهوني تون پراڻ! جڳ ڇٽيهه سنڀرين،
    تو ڪي ڏٺا هـاڻ، لاکي جـهـڙا پـهـيـڙا.
    انهيءَ منزل واري جاءِ تي آمريءَ جو وڻ بيٺل هو، جنهن جي ٽارين ۾ ڳهه ڳٽا ۽ لالون موتي ٻڌا ويا، پر لاکي اهي ڪين لهرايا. انهيءَ واقعي جي ياد ۾ پراڻ تي بيٺل هڪ آمريءَ جي وڻ ۽ ڪنهن سگهڙ جي وچ ۾ سوال جواب جو هيءُ بيت مشهور ٿيو ته:
    سگهڙ: ڪِ تون "اَبل" سندي آمري، ڪِ تون "لاکي" سندي لال؟
    آمري: مون ۾ لاکي لالون ٻڌيون، آءٌ لاکـــي ســندي لال؟
    "اَبل" اچي ڪالهه لـِـک سين مانجهـانـدو ڪـيو.
    چون ٿا ته پراڻ جا پکي به پوءِ ولر ڪري لاکي جي ڄڃ سان اڏاڻا ۽ انهن تي نالو پئجي ويو "لاکي ڄاڃي."
    اڄ ڏينهن تائين پاڻيءَ جا "لاکي ڄاڃي" پکي انهيءَ نالي سان مشهور آهن" . خير منزلون ڪري لاکو اچي ڪڇ ۾ پنهنجي "ڪيرا ڪوٽ" ۾ پهتو. اتي ڪنهن موقعي تي پنهنجي وزير "گل ڦل" کان تصديق مليس ته "مهر راڻي" جي دل ڪنهن ٻئي سان هئي. انهيءَ تي لاکي جي دل "مهر راڻي" تان کڄي وئي. مائٽن طرفان جيڪو مڱڻهار "مهر راڻيءَ" سان گڏجي آيو هو، سو جڏهن موڪلائڻ لڳو ته لاکي پنهنجي سخاوت جي اصول موجب چيس ته: گهر جيڪي گهرڻو هجيئي. مهر راڻي، مڱڻهار کي پنهنجي هار طرف اشارو ڏنو، پر مڱڻهار سمجهيو ته شايد پاڻ ڏانهن ٿي اشارو ڪري، سو سنديس ٻانهن گهريائين. لاکي کي اڳيئي ڪٽر بيٺل هو ۽ ڀانيائين ته شايد "سميءَ روح سري ويو، موهي مڱڻهار" سو بنا وڌيڪ سوچڻ جي مهر راڻي کڻي ان مڱڻهار جي حوالي ڪيائين. "مهر" گهڻيون ئي منٿون ڪيون، پر لاکي ڪين مڃيو. پوءِ سياڻن لاکي تي ميار رکي ته هن اهو ڪچو ڪم ڪيو جو ائين تڪڙ ڪري پنهنجو ننگ کڻي مڱڻهار جي حوالي ڪيو. چيائون ته:
    لاکو ڦلاڻي ڪچو ڪچاڻي، جنهن ڇڏي مهر راڻي.
    بهرحال لاکي جي غيرت گوارا نه ڪيو ته هو "مهر" کي پنهنجي گهر ۾ رکي.

    لاکو ۽ اوڏڻ:
    لاکو هاڻي شادي ۽ گهر ٻار جا سڀ خيال ڦٽا ڪري پنهنجي طاقت کي مضبوط ڪرڻ ۾ لڳي ويو، پر قدرت کي اڃا ڪي ٻيو منظور هو. اڳ به لاکي پاڻ هلي وڃي حسن سان حيلا ڪيا هئا، پر هاڻي عشق اچي مٿس حملو ڪيو. "ڪيرا ڪوٽ" جي وڌيڪ مضبوطي ۽ اڏاوت لاءِ لاکي، اوڏن جا راڄ گهرايا. لاکو اڳ ئي غريب پرور ڄام ۽ غريبن جو اجهو ۽ آڌار هو. پاڻ پنهنجي سر اوڏن جي پکن جي ڇانوَ ۾ ويهي اوڏن جا دل کولي پورهئي جا پئسا ڏياريندو هو ته متان ڪاسبين جي هٿان کين ليکي ۾ ڪس لڳي:
    اڏيـو جـو اوڏن، سـو ڍنـگـهـر ڍلو مَ ٿئــي،
    جنهن ڀر ويهي ڪن، ليکو لاکــــي ڄام سين.
    ڪوٽ جي اڏاوت جو ڪم پئي هليو ۽ لاکي پنهنجي سر پئي ان جي نگهباني ڪئي جو اوچتو هڪ ناز ڀري اوڏڻ ڇوڪريءَ جي نگاهن جو نشانو بنجي ويو. هيءَ ڇوڪري "بيلي" اوڏ جي ڌيءَ هئي ۽ صورت توڙي سيرت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي. ڄام لاکي جڏهن "بيلي" کان سندس ڌيءَ جو سڱ گهريو ته هو حيران ٿيو ته اسين اگلا اوڏ، لاکي جهڙي ڄام کي ڪيئن وڻياسون! وڏي خوشيءَ سان سڱ ڏنائين ۽ ڄام لاکي سندس ڌيءَ کي پنهنجي نڪاح ۾ آندو.
    تماچي آندي مهاڻي، لاکـي آنـدي اوڏ،
    سما پيا ڪوڏ، ذات نه پڇيائون جوءِ جي.
    راڻي ٿيڻ کان پوءِ هن ناز ڀري نينگر ويتر نوڙت ۽ نياز ۾ پاڻ موکيو ۽ ڄڻ چيائين:
    لاکـي لــڄ کـنــئــي، اســان اوڏڻيـن جـي،
    ڪندو ڪانه ٻي، اڳ وسوڙي آهيان.

    لاکا لـڄ سندياءِ، آءٌ اگــلــي آهيان،
    پکا سي پرتاءِ، جي اجهي تنهنجي اڏيا.
    (شاهه)
    لاکي جي به هن غريب اوڏڻ سان اهڙي اچي دل لڳي جو کيس:
    لاکو ڏسي نه لـِـک سين، تاسين ٿئي نه ٿهــر،
    ڦـلاڻي پهر، کـڻي اوڏن جي اجارئي.
    (غوث محمد شاهه)
    هاڻي لاکي به اوڏن جي ذات کي اڏي ڇڏيو.
    لاکي لٽائي لک، اڄ پڻ اوڏن کي ڏنا
    (غوث محمد شاهه)
    ۽
    اوڏن مٿان ڏاڻ، موراهين معاف ٿيو
    (خانزئي)
    چون ٿا ته لاکي ڄام، ٻنيءَ ۾ مينهن جي مٺي پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ ٻه وڏا تلاءَ کڻايا. هڪڙو تلاءُ سندس نالي "لاکا راءِ" ڪري سڏيائون ته ٻئي تي وري پنهنجي سهري بيلي اوڏ جو نالو "بيلي راءِ" رکيائين. ٻڌجي ٿو ته اهي "لاکا راءِ، بيلا راءِ" تلاءَ اڄ ڏينهن تائين ٻني واري علائقي ۾ موجود آهن. مطلب ته اوڏن سان سڱ ڪرڻ ۽ پنهنجي غريب پروريءَ جو مثال قائم ڪرڻ ۾ لاکو پنهنجو مٽ پاڻ ٿيو. ڀٽائي صاحب چوي ٿو ته:
    لاکا لک هئا، پر ڦلاڻيءَ ڦير ٻيو،
    آجــا اوڏ ٿيا، پلئه لڳي جنهن جي .

    لاکو ۽ ريٻاري:
    ريٻارين جي وڏي قوم ڪڇ ۽ سنڌ جي سرحد تي آباد هئي ۽ اڃا تائين سنڌ ۾ بدين ۽ ڏيپلي تعلقن جي ڏکڻ ۾ آباد آهي. ريٻاري اصل کان مالوند ماڻهو ۽ وس چرندڙ جهانگي وانڍن ۾ رهندڙ هئا، پر پنهنجا مال متاع سکيا ستابا هئا. سمن کان سندن قومي حيثيت جدا هئي، پر جنگ جهيڙي ۾ سمن جا ساٿي هئا. جڏهن ڄام گڙ راهو جي پٽ سومري کي ڪونريجن ماريو، تڏهن سمن سان گڏ ريٻارين به سوءِ ڪئي ۽ زالن نٿون بولا لاهي ڇڏيا. وقت گذري ويو پر سمن مان ڪنهن به ريٻارين جي سوءَ ڪانه لهرائي ۽ اڄ تائين انهيءَ سوءَ سببان سندن زالون سهاڳ وارا ڳهه ڪپڙا ڪين ڪن. ڀانئجي ٿو ته ريٻارين کي انهيءَ ڳالهه جو رنج رهجي ويو ۽ هنن به ڪڇ واري طرف سمن سردارن جي ڪاڻ ڪڍڻ ڇڏي ڏني. ريٻارين مان ڪن وڃي ڄام لاکي جي ساٿين جسي ۽ جسراج جا ماڻهو ماريا، جن جو وير ريٻارين تي رهجي ويو، پر لاکو هاڻي راڄ ڌڻي هو، تنهن جنگ جي بدلي صلح جون سٽائون ڪيون. ان وقت ڪڇ جو وڏو راءِ کنگهار هو جو پڻ جاڙيجن سمن جي ٻئي خاندان مان ۽ راءِ لاکي جو مامو هو. راءِ کنگهار انصاف جي بدران ريٻارين جو طرف وٺڻ لڳو. حقيقت هيءَ هئي ته راءِ کنگهار جو هڪ ريٻارڻ سان رستو هو، جنهن جي شروع ۾ ته ڪنهن کي ئي ڪل ڪانه هئي. لاکي کي جڏهن خبر پئي تڏهن راءِ کنگهار جي اها روش کيس نه وڻي.
    کيڙي هيٺ ڪٽڪ جي، کوٽي ڪـي کنگهار،
    جــو وانـڍن ۾ واپـار، سـو لاکـي لـِــک نـه لـيکيو.
    (خانزئي)
    راڻي راءِ کنگهار هاڻي کلم کلايو ريٻارڻ سان رستو رکيو ۽ ريٻارڻ به پنهنجي قوم جي حمايت خاطر راءِ کنگهار کي لاکي ۽ سندس ساٿين جسي ۽ جسراج خلاف چورڻ شروع ڪيو. لاکي، راءِ کنگهار کي چتاءُ ڏنو ته هن وقت ريٻاري سمن جا سڄڻ ڪين آهن، هو رڳو منهن جي هڪل ۽ هيبت کان ڊنا ويٺا آهن. تون جي انهن جي پاران اسان جي ماڻهن ۽ راڄن کي هيسيندين ته ريٻاري زور وٺندا ۽ منهنجي مئي پڄاڻا توکي به تخت ڇڏائيندا. انهيءَ چتاءَ هوندي به راءِ کنگهار ريٻارين جي پٺڀرائي ڪئي. اتي لاکو به اچي ڪاوڙيو ۽ ڄڻ ستل شينهن جاڳي اٿيو. پنهنجي گهوڙي "لکي" تي وري لوڙهين خاطر لانگ ورايائين. قصد ڪيائين ته هاڻي پنهنجي ساٿين جسي ۽ جسراج جو پوريءَ طرح وير وٺندس. هن تياريءَ تي سڄي ڪڇ ۾ ڪوڪٽ پئجي ويو ته لاکو وري لوڙائو ٿيو آهي. هيڏانهن هيءُ مرد مٿير به سنگت سنباهي چڙهيو.
    ڀـڄـئان ڀلي نڱيو، ڏيئي پاکـوڙي پــيـر،
    جـســـي ۽ جـسراج جو، مٿي وانـڍين وير،
    ڪڇ رهندو ڪير، جيئن لاکو لوڙائو ٿيو.
    (شاهه)
    اول ئي سندس ساٿي جسراڄ کي وير وٺڻ واري جا رٿ ڀرجي آئي، انهيءَ کي پورو ڪيائين.
    وانڍيون ويون ويهي، ڪاڇن ڪاڇو ڇانئيـو،
    جـڙي جـا جـسـراڄ کي، تڪـيائـون تيهي،
    پـــراڙان پـيـهـــي، لاکـو لکـــي آئــيـــا.
    (خانزئي)
    بس، لاکي جيئن لکيءَ تي لانگ ورائي ته وري لٿو ڪونه ۽ جيڪڏهن لٿو ٿي ته به هني مان هٿ نٿي ڪڍيائين:
    هــنــي مـــان هـٿـــڙا لاکــو نه لاهـــــي،
    گـهـڻيريان گهير ڪـري، اڀـو ئـي آهـــي،
    وڃيو سي ڪاهي، جي کيڙي هيٺ کنگهار جي.
    پوءِ اول ئي انهن جاڙيجن سان جنگ جوٽيائين، جن لاکي راءِ کان منهن موڙي، کنگهار جي بيجا طرفداري ڪئي هئي:
    راءِ سـيـن رٺـا جـي، تـن جاڙيجن جـاڙ ڪئـي،
    ڪيئن ماڻيندا سي، چوڏهن چارو ڪڇڙو.
    (شاهه)
    جاڙيجن کي سندن ماڻهن سجاڳ ڪيو ته:
    جاڳو جاڙيجا، سما سک مَ سمهو،
    پسو آن پارا، لاکو ٿو لوڙيون هڻي.
    (شاهه)
    هوڏانهن:
    "وائوران" وري، لاکو لوڙائو ٿيـو،
    اها ڳالهه ڳري، لڳي لهاڻـن کي.
    (خانزئي)
    "ڏاڏوران" ٿي ڏور، ڪرڳل "ڪيري" رسيو،
    "ٻـٻـرئــان" ٻــاٻــور، هـلي هاڃورن جي.
    جيڪي به کنگهار جي زور تي ڪڏيا، تن جا هاڻي ڇيهه ڇڄي پيا ۽ سڀ ڪو ئي پيو چوي:
    وٽان تن لڏيج، جي کيڙي هيٺ کنگهار جي
    (خانزئي)
    لوڻي مٿان لوڪ، لما سڀ لڏي ويا
    (خانزئي)
    گرڙي مٿان گس، لاکي لوڙائن جو
    ڄڻ هرڪو پيو ٻئي کي چوي ته:
    وٽان تن لڏيج، جي کيڙي هيٺ کنگهار جي
    (خانزئي)
    ۽
    لـڏين تان لڏ، صحيءَ سنگهارن لـڏيــو،
    متان ويهين ويسـره، "گرڙيءَ" لاڳو گڏ،
    مانجهل مٿان "مڏ" ڦلوءِ پوٽو آئـيو.
    (خانزئي)
    بس راءِ کنگهار جي صلاحڪارن ساٿين ۽ ريٻارين جي طرفدارن کي سٽي پوءِ لاکو واڳڙ جي ٽڪرين وٽان وري اچي ريٻارين مٿان ڪڙڪيو:
    "واڳر" مٿان واڳ، واري راءَ ريون ڪـري،
    ريٻاري رڃـــن ۾، سانجهي صبح سجاڳ،
    ڀٽارن جو ڀاڳ، لاکـي لـــــک لـڏائـيـو.
    (خانزئي)
    ريٻارين جا رڇ، رائي پاس رهي ويا
    (خانزئي)
    ۽ پوءِ هنن ڀٽون ڇڏي ڀڄي وڃي رڃ واري رڻ ۾ پاڻ کي لڪايو. هاڻي راءِ کنگهار جي سينڌي ريٻارڻ به پڇتايو ۽ لاکي کي منٿون ڪرڻ شروع ڪيائين ته هاڻ مڙي وڃ:
    ريٻارڻ ريجهاءِ، لاکو لولاٽن سين
    (شاهه)
    پر:
    ريٻارڻ سين رس،ڪڏهن تان ڪونه ٿيو
    (خانزئي)
    سڄي هيءَ باهه دکايل ئي هن ريٻارڻ جي هئي، سو لاکو هاڻي اچي خود سندس مائٽن مٿان ڪڙڪيو:
    رڙي ريـٻـارڻ روءِ، اڀــي ڍنـگــهــر ڍار،
    وڃن اڄ وڳ هنيو، سئم جـي سـوار،
    ڪاڇي ٻنهي پار، ڌاڪو هن جو دسئين.

    ريـٻـارڻ روئــي، واڙي وڌا وڇــڙا،
    سمورا سوئي، هڻي ساٿ هيڪلي.
    (شاهه)
    اتي ريٻارڻ هاڻي مٿو اگهاڙو ڪري اچي راءِ کنگهار کي طعنا ۽ مهڻا ڏيڻ لڳي ته لاکو توکان ڪونه جهليو ٿيو، تون نڪمو ۽ ڪمزور آهين:
    ريـــٻارڻ ٿــي روءِ، مـٿي ڌريو هٿڙا،
    کــرا ويـڻ کـنـگهار کي، چنچل اڀي چوءِ،
    واڙي وڇ نه ڪــوءِ، جو لاکو لوڙائن سين.
    چون ٿا ته ريٻارڻ، راءِ کنگهار کي چيو ته زور ۽ طاقت سان تون لاکي کي نٿو جهلي سگهين ته تون هيٺاهين وٺي، محبت وچان پيغام موڪلينس، هو تنهنجو ڀاڻيجو آهي ۽ چئينس ته تو سڀ بدلا ورتا، مون توکي بخش ڪيو. هاڻي تون مون وٽ اچ. پوءِ جڏهين اچي ته مارائينس جو هن منهنجي قوم ۽ ڪٽنب کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ راءِ کنگهار، لاکي ڏانهن اهڙو پيغام موڪليو. قرب ۾ لاکو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار هو، تنهن اعلان ڪيو ته مون لوڙيون هڻڻ ڇڏيون:
    لاکي لوڙيون ڇڏيون، سرها ٿيا سنگهار،
    چٽائي چؤڌار، وانـڍيون وک چرنديون.
    (شاهه)
    پنهنجي مامي جو محبت ڀريو پيغام ٻڌي، پنهنجون ٻانهون ٻڌرائي اچي پيش پيو. جيئن لاکو اندر آيو ته ٻاهران سندس گهوڙي لکيءَ کي ماري وڌائون ۽ جيئن لاکو پاڻ اچي راءِ کنگهار جي آڏو بيٺو ته هن ڪمزور ۽ ڪم عقل راءِ ترار هڻي کيس ماري وڌو . لاکي جي مرڻ تي حالي ڪڇ تان ڪرڳل لهي پيو ۽ امن ٿي ويو ۽ ريٻاري به اچي پنهنجي اصلوڪن ماڳن تي رهي پيا:
    لکي ۽ لاکو ٻئــي مئا ٻاجـهه ٿـي،
    قـادر لاٿـوڪـڇ تــان، اديون اولاڪو،
    وانڍين ۾ واڪو، ريـٻاري رهـي ويـا.
    لاکي جي مرڻ کان پوءِ چون ٿا ته ريٻارين گڏجي خود راءِ کنگهار کان انهيءَ ڳالهه جو بدلو ورتو، جو هن سندن ذات واري ريٻارڻ کي پنهنجي سريت بنايو هو ۽ کيس گاديءَ تان ٿڏي ڇڏيائون. ٻئي طرف لاکي جي مرڻ کان پوءِ سندس ڀائٽيو "پونئرو" سردار ٿيو. چيائونس ته:
    لاکي خرچي لک، "ڪيرو ڪوٽ" اڏائيو،
    تـون پـڻ ڪـري خـرچ، پـٿر نه اڏائين پونئرا.
    پر پونئري ۾ لاکي واري طاقت ڪانه هئي ۽ خود پنهنجون ڪي جايون به جوڙائي نه سگهيو. بس ڦل جي اولاد مان لاکو ٿي گذريو.
    لاکا لک سـڄـن، پـر ڦـلاڻيءَ ڦـيـر ٻيو،
    جنهن ڀر راڻا راڄيا، ڪوٽن ڌڻي ڪنبن،
    جـــنـهـن جو جـاڙيـجن، ستي سونچو نه لهي.

    ("لاکو ڦلاڻي"، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي مجلس، شعبه سنڌي، سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد، 1958ع ۽ پڻ ڏسجي، مشهور سنڌي قصا: سنڌ جا عشقيه داستان -1، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1963ع)




    1 ڪن روايتن ۾ "اوڍار پٽ نيت پٽ نوتيار" ڄاڻايل آهي. ان کان مٿي جو شجرو هڪڙن روايتن ۾ پنهنجي ظن ۽ گمان موجب رام ۽ دسرت سان ملايو ويو آهي ته ٻين "ابولهب" سان.
    2 ڏسو امپيريل گزيٽيئر آف انڊيا، جلد 11، ص 48 (Cutch) سنه 1540ع ۾ ڄام راءِ کنگهار احمد آباد جي سلطانن جي مدد سان ڪڇ تي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي.
    3 قلمي نسخو "متحف برطانيه" (No.ADD19366) ڏسو ان جي فهرست جلد 1 ص 290.
    4 "ٻني" جنهن کي ڏاڏي آدم جي ٻني به ڪري چون، سو "پڇم" کان ڏکڻ اولهه طرف هڪ وڏي شاهي چراگاهه، اٽڪل 5 - 6 ميل ڊگهو آهي، جتي ڀاڳيا وس چرن. "لوڻو" سنڌ مان ڪڇ ڏانهن ويندي رڻ جي پرئين ڪناري تي گس واري ليڪ آهي.
    5 هڪ ٻي روايت ۾ "پراڻ" جي وڻن کي ڍڪائڻ واري سخا، وڏي "ڄام لاکي پٽ لاکيار" طرف منسوب ٿيل آهي.
    6 ٻي روايت ۾ "لاکو لاکاڻي" آهي ۽ اها نسبت وڏي "ڄام لاکي پٽ لاکيار" سان لاڳو آهي.
    7 سنڌ جي ٻيءَ هڪ روايت موجب "لاکي ۽ اوڏڻ" جو قصو هن طرح به مشهور آهي ته رتن پال راٺوڙ جي راڻي "جسمان" تي راجا جئسنگ عاشق ٿيو ۽ زبردستي کيس کڻڻ تي هو جو رتن پال اوڏڪو ويس ڪري لڏي نڪتو ۽ ڀڄي اچي سنڌ ۾ پهتو. اتي "ڪانهيري ڪوٽ" (ٽنڊو غلام علي طرف) اڏڻ وقت، ڄام تماچي جو ڀائيٽيو سندس زال "جسمان" تي عاشق ٿيو.
    8 ٻيءَ روايت موجب چون ٿا ته لاکي کي بڊاماڻي پنري مارايو. اسان جي خيال ۾ اهو ٻيو سنڌ جو لاکو سردار هو ۽ نه لاکو ڦلاڻي.
    9


    کرا ويڻ کنگهار کي : محمد حسين ڪاشف

    سر ڏهر ۾ سمايل موضوعن تي غور ڪجي ته نهايت وسيع معنيٰ ۽ نڪتن وارا موضوع آهن، جن ۾ هر موضوع تفصيل جو محتاج آهي. هت مجموعي طور هن سر جي مطالعي کي پيش ڪجي ٿو:
    هن خطي ۾ مهراڻ جي موجن جو جڏهن آب تاب هو ته پٽيهل ۽ پراڻ جو پٽ، ڍاڳي ۽ ڍليار جون وسئون، مهراڻ ڍوري ۽ جهول جون ڪنڌيون ۽ ڪنارا سرسبز ۽ ساوا هئا، جتي انن جا انبار، کير کئي جا کوڙ ۽ مالوندن جا ميڙا هوندا هئا. ائين محسوس ٿيندو هو ته هي جنت ارضي جو مقام آهي. جيئن ئي انهن ورن ۽ وهڪرن رڙهڻ ۽ ريڻن رخ بدلايو ته هتان جي سون ورني سيم ويران ۽ اجاڙ ٿي ويئي. لطيف جڏهن انهن ماڳن کي ڏٺو ته بي ساخته چئي ڏنائين ته:
    پٽيهل تـو ۾ پـور، اڳـيـون آه نه آب جـو،
    سڪين ڪهڙي سور، پيئي واري وچ ۾،

    سڪي ڍور ڍيون ٿيو، ڪنڌي ڏنو ڪئو،
    پـاڻـي پـٽـيـهـل ۾ اڳيـون نـه آيــو،
    ماڻهن ميڙائو، ڪنهين ڪنهين ڀيڻين.

    سچ ڪ سڪو ڍور، ڪنڌي اڪ ڦلاريـا،
    جنگن ڇڏيو زور، سر سڪو سونگي گـيا.
    پٽيهل، جسودڻ ۽ ڪنڊي کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪري نه ٿو سگهجي. مشاهدي کان پوءِ تخيل جي دنيا ۾ لطيف جي گفتگو نهايت ئي معنيٰ خيز ۽ ڳوڙهي ويچار ۽ سٽاءَ واري آهي، جيڪا هڪ طرف تاريخ جي مشاهداتي عنصر کي ظاهر ڪري ٿي ته ٻئي طرف معروضات تان پردو لاهي سوچ جو سامان مهيا ڪري ٿي. مڇ جي ڪيفيت کي ڏسندي ان کي وقت جي رفتار سان تعبير ڪيو اٿس ته جڏهن واهڙ وهيو پئي ۽ ان جي برهاڙي جو بهور هو، تڏهن توکي سانگهاري جي سوچ نه پئي. هاڻي ملاحن جون مهميزون جهلڻ کان سواءِ ٻـيـو ڪــو چـارو نه آهي.
    جا واهڙ ۾ وهه، تان تون مڇ نه موٽيو،
    ڪائي ۾ ڪوهه ڪرين، پوءِ موٽڻ جو پهه،
    هاڻ سر مٿي سهه، مهميزون ملاحن جون.
    هن سر ۾ اسان کي جسودن آگري جو ذڪر ملي ٿو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ اڳڙي جي پٽ جو وس وارو هو. جنهن جي شريڪ حيات مروبت راڻي ته ڌيءَ نوري نماڻي هئي. جڏهن سمي سردار هٿان جسودڻ راءِ مارجي ويو ته مان ڀري مروبت، نوري کي ساڻ ڪري اڳڙي ۽ پٽيهل ڍوري کي جهٻيرن، گندرن، ملاحن ۽ مهاڻن کي ساڻ ڪري وڃي ڪينجهر جي ڪنڌيءَ کي وسايو، جتي سنڌ جي رومانوي تاريخ جي مشهور داستان "نوري ڄام تماچي" وجود ورتو، جنهن کي لطيف سر ڪاموڏ ۾ بيان ڪيو آهي. جسودڻ راءُ جي شخصيت کان لطيف ايترو ته متاثر آهي جو ڪنڊي کان ان بابت پڇي ٿو ۽ کيس ڏوراپو ڏيئي چوي ٿو ته تون اڃا بيٺو آهين ۽ انهيءَ سور ۾ سڪو نه آهين. پرين پڄاڻان سڪي ڀانگهو نه ٿيو آهين. اهو سڀ جسودڻ جهڙي مانائتي شخصيت جي انهيءَ پيار ۽ ان جي اڏول شخصيت ڏانهن ان جو ڌيان ڇڪائڻ آهي، جنهن لاءِ لطيف کي دل ۾ هڪ قسم جي انسيت نظر اچي ٿي. اها الفت ۽ پاٻوهه جسودڻ جي انهيءَ قومي ڪردار جي بنياد تي هئي، جنهن ۾ هن سمن آڏو سر نه جهڪايو ۽ مرندي تائين مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي شخصيت کي امر ڪيو، جنهن لطيف جهڙي باڪمال شاعر کي به سوچڻ تي مجبور ڪري وڌو.
    ڪنڊا تون ڪيڏو، جڏهن ڀريو ڍور وهي،
    جسـودڻ جـيـڏو، تو ڪو گڏيو پهيڙو.

    جسودڻ جيها يار، پيا وير وماس ۾.
    تحفت الڪرام جو مصنف سمن جي دور حڪومت ۾ سنڌ اندر ستن راڻن جي هيٺائين حڪومتن جو ذڪري ڪري ٿو يا ائين چئجي ته سمن جي حڪومت وفاقي طرز جي هئي، جنهن ۾ ننڍيون راڄڌانيون اندرين معاملن ۾ خودمختيار هيون، باقي ٻاهرين انتظام ۽ بچاءَ ۾ مرڪز سان ڀاڱي ڀائيوار هيون. اهڙن حاڪمن ۾ جسودڻ آگرو، بڊاماڻي پنرو، لاکو ڦلاڻي وغيره اچي وڃن ٿا، جيڪي پنهنجي معاملات ۾ واڳ ۽ وس وارا هئا. بڊام جو پٽ لاڙ جي تاريخ جو اهو ماڳ آهي، جيڪو قومي غيرت ۽ حميت، وفاداري ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان هميشه وفا شعاريءَ جو سبق ياد ڏياريندو رهي ٿو. بڊاماڻي پنري سمن جي دور ۾ سنڌ تي فيروز شاهه تغلق جي ڪاهن ۽ ارغونن ۽ ترخانن جي ارهه زوراين جي سلسلي ۾ پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ وارن لاءِ جو ڪجهه ڪيو، ان جي ڳالهين لطيف کي متاثر ڪيو ٿو ڀانئجي. اهو ئي سبب آهي جو پنهنجي دور ۾ مغل صوبيدارن جي ظلم ۽ ڪلهوڙن جي ناپخته سياسي عمل سبب سنڌ جي ماڻهوءَ جي جيڪا حالت کين نظر آئي ۽ پاڻ ان کي جنهن طرح سان محسوس ڪيائون، انهيءَ سندن ذهن ۾ پنري بڊاماڻي جي ياد کي تازو ڪري وڌو ته اڄ جيڪڏهن "پنري بڊاماڻي؟ جهڙا مانجهي ۽ مٿير، دودا ۽ دلير مهمير مڙس هجن ها ته هيئن مغل صوبيداريون سنڌ جي ڀينگ ڪونه ڪن ها، جيئن پاڻ فرمائين ٿا ته:
    اڄ گـهـرجين يار، بڊاماڻي پنرا،
    ڪاڇي ٻيئي پار، اچي ويرين ويڙهيا.

    اڄ گـهـرجين تون، بڊاماڻي پنرا،
    مٿان ڀڳيءَ ڀت، ويرين واٽون لاٿيون.

    "بڊاماڻي پنرو" لطيف جو اهو ڪردار آهي، جيڪو اسان کي تاريخ سان مهاڏو اٽڪائيندو نظر اچي ٿو، جنهن وٽ پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ پيار آهي ۽ هو ان جي بچاءَ ۽ بقا ۾ اڳرو نظر اچي ٿو. هن جو وجود وقت جي ضرورت آهي، جيڪو ٻيڻي ٻانهن ڏيئي ويرين سان ويڙهاند ۾ پاڻ اڇلي، سنڌ جي ستر لاءِ اٽل ۽ اڏول بنجي وڃي ٿو. هو هڪ قوت آهي، هڪ يلغار آهي، هڪ سپر ۽ ساڃاهه جو سنبل آهي. غالبن پنهنجي ملڪي بچاءَ خاطر ويرين سان وڙهڻ واري عمل جي ڪيفيت کي لطيف سر يمن ۾ بيان ڪيو ٿو ڀانئجي، جنهن ۾ "پنري" جهڙن ٻين ڪردارن ۽ انهن جي سرويچ ساٿين ۽ پهلوان پانڌين جو ذڪر ڪيو اٿس. "بڊاماڻي پنرو" لطيف جو امر ڪردار آهي، جنهن جي ڪالهه به ضرورت هئي ۽ اڄ به ان جي موکڻ جي مهل آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌوءَ جو سرير ويرين سان ويڙهيل آهي ۽ پنري جهڙا پٽ ان کي انهيءَ رتول رڻ مان ڪڍي سگهن ٿا.
    سر ڏهر جي عام اڀياس ۾ لاکي جو تصور ۽ ذڪر سڄي سر تي ڇانيل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته لطيف "لاکي" کي تمام گهڻين نسبتن سان بيان ڪيو آهي. خاص طور تي (الف) لاکي جون لوڙهيون هڻڻ (ب) سندس اوڏڻ سان عشق ۽ اوڏن تي مهر جو هٿ رکڻ (ث) ڪاڇي جي مالوند سنگهار ماڻهن جي آسودگيءَ سبب مٿن مارو ڪرڻ (ج) ريٻاري قوم جو ذڪر وغيره. سنڌو درياءَ جي هيٺين مختلف وهڪرن جهڙوڪ جهول، پٽيهل، ڍاڳي، ڍليار، پراڻ ڍورو سبب سنڌ جو ڪاڇيلئون ڀاڱو ڪڪرالي کان ويندي ڪڇ، ڍٽ، وٽ، مهراڻو، ولهار ۽ هيٺ پارڪر کان پرتي گجرات جي گامن تائين هڪ سٺي پن چري جي حيثيت رکندڙ هو، جنهن ۾ مالوند ماڻهن جا ميڙا ۽ هونگر هوندي هئي. ڇو ته هڪ سٺو چراگاهه سندن حوالي هو، جتي هو پنهنجو گذر پيا ڪندا هئا. سندن مک "سارو سنگهار" هو. هي طبقو مال جي سهولت سببان پڊ به پيو بدلائيندو هو. سنڌ جي سنگهارن جي خوشحالي جيڪا لطيف بيان ڪئي آهي، اها ان دور جي سماجي زندگيءَ جي عڪاسي ڪندڙ آهي، جنهن ۾ کير، مکڻ، ڏڌ بي انت هو. کير جي ايتري ته گهڻائي هئي جو انهن جي ولوڙڻ لاءِ ماٽيون پوريون نه پونديون هيون ۽ مٽن ۾ کير ولوڙيو ويندو هو. خميس جي وارتي ماٽين ۾ منڌي ڪانه وڌي ويندي هئي ۽ کير خيرات ڪيو ويندو هو، جنهن جي هر هنڌ ريل پيل هوندي هئي. ائين پيو معلوم ٿئي ته ڪر کير جون نديون نمي پيون هيون.
    ڪير ڪريندي ريس، آيل سنگهارن سيـن،
    جنهين جي خميس، واريڻون واري ڇڏيون.

    ڪير ڪريندي ريس، آيل سنگهارن سين،
    جنهين جي خميس، منڌي مـور نه مـٽ ۾.

    منڌيون مٽ گڙن، جهوڪ به سونهن پيهڙا
    ڄام لاکو سنڌ ڌرتيءَ جو اهو ڪردار آهي، جنهن کي لطيف تمام گهڻي اهميت ڏني آهي. خصوصن هن جون لوڙهيون هڻن. لاکي جو لوڙهين جو عمل جيڪڏهن ظالمانه هجي ها ته يقين آهي ته لطيف ان کي هرگز هرگز انهيءَ طريقي سان بيان نه ڪري ها. لاکي وٽ جت لوڙهين جو عمل نظر اچي ٿو، اتي هن وٽ سخاوت جي به سرواڻي آهي. ٻئي متضاد عمل آهن ۽ نهايت غور طلب ڳالهه آهي. لوڙهين جي واقعن ۾ لاکي جي بهادري بکندي نظر اچي ٿي، جنهن کان ڪوٽ ڌڻي پيا ڪنبندا هئا. ٻئي طرف اهو طبقو، جنهن جي مال تي مارو هو ۽ جن جون لاکي لوڙهيون ٿي هنيون انهن جي بيوسي نظر اچي ٿي. لاکي جو دهمان ۽ ڏهڪاءُ ايڏو ته هو جو جڏهن اهو واءُ ڪن پوندو هو ته لاکو، لکيءَ تي چڙهي لوڙهين هڻڻ لاءِ نڪتو آهي ته ماڻهو پنهنجي مال جي واهپ ڇڏي هليا ويندا هئا. ڪئين بانڪا ۽ بهادر سامهون ٿيا هوندا، پر لاکي انهن وريامن جا به ور لاهي ڌڻ، ڌڻي ۽ چونڊي ڪاهيا هوندا، جيئن لطيف جي بيتن مان ظاهر آهي.
    جيئن مون پهرين عرض ڪيو آهي ته لاکي جي لوڙهين هڻڻ جو عمل غور طلب آهي. تاريخي حالات جي بنياد تي اها لاکي جي مجبوري هئي، ڇاڪاڻ ته هڪ واٽ سمن سردارن جي گهر ڦٽل هو، جن مان ڪي فيروز شاهه تغلق جي مقابلي جي سگهه نه ساري ڪڇ جي ڪنڊ وٺي وڃي ويٺا. ڄام جوڻي جي ڪر ي سنڌ سان جيڪو حشر ٿيو، اهو تاريخ جي صفحن تي ظاهر آهي. ائين پئي لڳو ته هٿ وٺي سنڌ کي تلف تاراج ڪرايو پيو وڃي. تاريخ ۾ ٽپيڪل ٽائيپ يعني وڏيري طبقي جي هميشه اها ذهنيت رهي آهي ته اقتدار يا ڪابه ڳالهه جي هن جي هٿ نه آهي، ان جي ڪري قوم تباهه ٿئي ته ڀل ٿئي. اها ذهنيت ان وقت به موجود هئي، جنهن تغلقن، ارغونن ۽ ترخانن کي سنڌ ۾ هٿي ڏني ۽ ويل وهايا. اڄ به سنڌ جي انهيءَ قسم جو طبقو قومي بقاءَ کي پاسيرو رکي انهيءَ عمل جو ورجاءُ ڪندڙ آهي. سنڌ تي ان وقت جي لاڳيتين ڪاهن ۽ حملن سبب اقتصادي بدحالي جو دور هو، جنهن ماڻهن ۾ غير يقيني جي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي. ان کي بحال ڪرڻ، ماڻهن ۾ اعتماد قائم ڪرڻ ۽ انهن جو اقتصادي پورائو ڪرڻ، اهو ئي سبب آهي جو لاکي پنهنجي تر جي خوشحالي لاءِ لوڙهيون هنيون ۽ ان جي تقسيم لاءِ ڏان ڏيڻ جو طريقو اختيار ڪيو ته جيئن ماڻهو پنهنجي پيرن تي بيهي ۽ اڳتي پنهنجي زندگي گذارڻ جي طريقي کي بهتر طور اختيار ڪري سگهن. اها لاکي جي سياسي بصيرت هئي، جنهن سخا جي سپر سان پنهنجي تر جي ماڻهن کي زندگيءَ جي مشڪل دور مان ڪڍي عام سطح تي آندو.
    سماجي اڏاوت جي سلسلي ۾ تاريخ جي فلسفي مطابق قومي بچاءُ جي صورت ۾ ڪن طبقن تي اثر پوي ٿو، جيڪو يقين آهي. لاکي جي پنهنجي دائره اختيار تر جي جوڙجڪ لاءِ سنگهارن تي تمام گهڻو اثر پيو ۽ ڇاڪاڻ ته ڪڇ جي راجا کان پوءِ اهو ئي طبقو سٻر سپاهٽو هو، جنهن تي مارو ٿيو، جنهن ۾ ريٻاري به اچي ويا. ريٻاري قوم سريرن جي شاخ آهي، جيڪا پڻ مالوند هئي. هن قوم جو حسن ۽ هڳاءُ هڪ مثالي حيثيت رکي ٿو، جيڪو ڪالهه به پنهنجي اوج تي هو ۽ اڄ به پنهنجي اوج تي آهي. هيءَ قوم زالين مڙسين بهادر ۽ بيباڪ هئي ۽ آهي. لاکي جڏهن هن قوم تي لوڙهيون هنيون تڏهن انهن جي ونين "کنگهار" کي، جيڪو ڪڇ جو حاڪم هو ۽ سندن سنڀالو هو، ان کي جنهن انداز سان دانهن ڏني ان ۾ سچائي ۽ معصوميت جو عنصر بکندو نظر اچي ٿو.
    کرا ويڻ کنگهار کي، چنچل اڀي چوءِ
    ان سان گڏوگڏ اهو به محسوس ٿئي ٿو ته سندن مقصد ڪڇ جي کنگهار جسراج کي زير ڪرڻ هو، پر جيڪڏهن ان کي نظرانداز ڪجي ته پوءِ اهو ثابت ٿو ٿئي ته دهشت ۽ ڏهڪاءَ ذريعي ان جي انهن حملن جي روڪ ٿئي، جيڪي هن خود سنگهارن تي ڪيا ٿي.
    جتن ۽ جاڙيجن سان صلح ڪر سنگهار
    لاڳيتين لوڙهين سميت اهو نتيجو نڪتو جو کنگهار کي سنڌ جي حد اندر ٽپي اچڻ جي همت نه ٿي ۽ سنگهارن جي طبقي کي جيڪو ارڏو ۽ اڙٻنگ هو، ان کي لاکي سان صلح ڪرڻو پيو ۽ لاکي کي بعد ۾ لوڙهين جي ضرورت نه پئي. سنگهارن کي پنهنجي ملڪ جي لڳاءَ لاءِ وانڍيون ۽ وس آجا ٿي مليا ۽ سنگهار سرها ٿيا، جيڪي ٻيلي جي ٻنهي پاسي ورهائجي ويا هئا. اهي پنهنجي ماڳن موٽيا.
    لاکي لوڙهيون ڇڏيون، سرها ٿيا سنگهار،
    چٽائي چؤڌار، وانڍيون وس چرنديــون.

    ("سر ڏهر" (شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 244 عرس جي موقعي تي پڙهيل مقالا) مرتب ڊاڪٽر نواز علي شوق، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه، سال 1989ع)


    لاکو ڦلاڻي : حافظ ارشد انڍڙ

    انسان ۾ جيڪي به سٺيون وصفون موجود آهن، بهادري ۽ سورهيائي انهن مڙني جي مهندار وصف آهي. بهادري نه فقط هڪ وصف آهي، پر هوءَ ٻين گهڻين وصفن جي ماءُ آهي. مثلا سچائي، حق گوئي، سر ڏيڻ، سخا، سام جهلڻ، اهي مڙئي صفتون انسان ۾ بهادريءَ کان پوءِ ئي پيدا ٿين ٿيون. ان جي ڪري بهادر انسان گهڻن خوبين جو مرڪز ۽ سرچشمو ٿئي ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ ڪانئر، ڊيڄو، ڪوڙو، ڪنجوس ۽ لڪوڙ انسان ڪمتر ٿئي ٿو. ان جي ڪري دنيا جي هر انسان بهادريءَ جي تعريف ڪئي آهي ۽ بهادر انسانن سان پيار ڪيو آهي. هن ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته قومن جي تقديرن جو ڪانئر ئي ٻيڙو ٻوڙيندا آهن. دنيا ۾ جيڪي به قومون بلنديءَ جي چوٽيءَ کي پهتيون آهن، سي پنهنجي سورهين ۽ سرويچن جي سچن جذبن ڪري ئي تاريخ جي ورقن جي زينت بنبيون آهن ۽ دنيا جي هر قوم جو زوال تڏهن آيو آهي، جڏهن منجهانئن بهادري جي وصفن جي ڪمي پيدا ٿي آهي.
    شاهه لطيف سائين پنهنجي ڪلام جي ذريعي جن تاريخي قصن ۽ ڪهاڻين کي ڳايو آهي ۽ اسان تائين پهچايو آهي، انهن قصن ۾ "لاکي ڦلاڻي" جو قصو به آهي، جيڪو ڀٽائي رحمت الله عليه سر ڏهر ۾ بيان ڪيو آهي. ان قصي جو تفصيل هن طرح آهي ته "لاکو ڦلاڻي" هڪ وڏو سنڌ جو سورهيه ۽ سرويچ انسان هو. هو تقريبن 866ع ڌاري ڄائو هو ۽ لڳ ڀت 955ع ۾ وفات ڪري ويو. هن جو نالو لاکو هو، لاکو پٽ لاکيار پٽ اوڍو پٽ اوڍار. ڪن وري لکيو آهي ته هن جو نسب هن طرح سان آهي: لاکو پٽ ڦل پٽ ساهڙ پٽ مهڙ. ٻين وري هن جو خاندان هن طرح سان ڳڻايو آهي لاکو پٽ ڦل پٽ ساهڙ پٽ مهڙ پٽ لاکو پٽ ويرو پٽ ساند پٽ پلي پٽ رائڌڻ (راءِ ڌڻي يا رادڻ) پٽ ڪاڪو، پٽ سمون پٽ انڙ پٽ لاکو پٽ لاکيار پٽ اوڍو پٽ اوڍار پٽ نوتيار پٽ نيت.
    هو سما خاندان جي جاڙيجن (ڄام جاڙي جي اولاد کي جاڙيجا سڏيو وڃي ٿو) جي نک مان هو. لاکي ڦلاڻيءَ جي مامي راءِ کنگهار 1540ع ڌاري احمد آباد جي سلطانن جي مدد سان ڪڇ ۾ حڪومت قائم ڪئي هئي. ڪڇ جا جاڙيجا سما به ڄام لاکي جي اولاد مان هئا، جيڪو لاکي ڦلاڻيءَ جو ڏاڏو هو.
    لاکو ڦلاڻي ڪڇ ملڪ ۾ چاوڙن راجپوتن جي حڪومت جي زماني ۾ ڄائو هو. لاکي ڦلاڻيءَ جي ڄم ۽ موت جي باري ۾ پڪ سان ته ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي، پر اهو انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته هن جو زمانو 1200ع کان 1350ع تائين آهي. ان زماني جي ريت رسم موجب لاکي ۾ اهي مڙئي خوبيون هڪ ٿري ٻولي جي شعر ۾ لاکي ڦلاڻي بابت لکيل آهي ته هو ڪتي مهيني جي ٻارهين تاريخ جي ڏينهن تي سن 976ع ۾ ڄائو هو ۽ اها تٿ ٻيج هئي.
    لاڇــــان لاکـو جـــنــمــــئــو، ڄـارس ري ٻـڌوار
    لاکو پوت سمـونـد ڪــو، ڦــول گــهــر اوتــار
    سنبت نو سو ڇاهتر، ٻيج تٿ ڪاتڪ ماس
    جس دن لاکو جنمئو، سورج جوت پرڪاش
    "ڦلاڻي" هن کي سندس پيءُ جي نالي ڪري سڏيو ويو آهي. جڏهن لاکي جي پيءُ ڦل وفات ڪئي، تڏهن لاکي کي ڪنهن اهو سنيهو هنن لفظن ۾ ڏنو ته تنهنجو پيءُ ڦل مري چڪو آهي:
    هـڪـڙا ڦل پسجن واڙئـيـن، ٻيـا جي بٺين ڌاڃ،
    لاکـا آءُ مـــهــراڻ، تــو ريءُ ســڃــو ڪــاڇــڙو.
    لاکي ۾ اهي سڀ وصفون هيون، جيڪي ڪنهن مڙس ماڻهوءَ لاءِ ضروري هيون. هو مهڙئين زماني ۾ سرڪش ۽ ڏنگو انسان هو. جواني ۾ ارڏائي سان گڏ سورهيائي ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هو. پڇاڙيءَ ۾ سخا ۽ ڏاتار جي گڻن سان سينگاريل هو. راءِ کنگهار جي چالاڪين، مڪارين ۽ مڪرن لاکي کي هڪ "هاڻو" جو روپ وٺرايو. قصو هيئن هو جو لاکي جي ٻن جيڏن سرتن ۽ وزيرن جيسر ۽ جيسراج سان ريٻارين جي چرچ تي راءِ کنگهار هلان ڪئي ۽ هنن جا ڪي ماڻهو مارايا ته ڪي گهائل ڪيا. لاکو يارن جو يار هو، هن کان جيسر ۽ جيسراج جي مظلوميت برداشت نه ٿي سگهي، تنهنڪري هن پڪو پهه ڪيو ته هو پنهنجي يارن جي بي عزتي جو پلاند ڪندو (هونئن به سنڌي ماڻهو پلاند ڪرڻ ۽ ذاتي بي عزتي جي پلاند وٺڻ ۾ ڇيهه ڪري ڇڏيندا آهن)، ان ڪري لاکي ڦلاڻي شروع ۾ راءِ کنگهار حڪمران کان انصاف جي گهر ڪئي ۽ مظلوم دوستن جي فرياد رسي جي درخواست جي گهر ڪئي، پر جڏهن ڪجهه نه ورندو ڏٺائين، اٽلندو انصاف جي مالڪ کي ڌر محسوس ڪيائين، تڏهن اهو فيصلو ڪيائين ته هو مظلومن جي جهولي ۾ انصاف پنهنجي هٿن سان وجهندو ۽ ڏاڍي کي به اهڙي سيکت ڏيندو، جو هو ڏيهن کي ڏس ڏيندو.
    لاکو ڌاڙيل بڻجي ويو، هن جا ويري مالوند ماڻهو هئا. لاکي هنن جا وڳ هڻڻ شروع ڪيا. هو ٻني (حضرت آدم عليه السلام واري ٻني) ۽ لوڻي مان ريٻارن ۽ جاڙيجن جا ڌڻ هڻندو هو. ريٻارن جي راءِ کنگهار هن جي ڪري طرفداري ڪئي هئي جو راءِ هڪ ريٻارڻ زال تي موهت هو ۽ راجا جو هن زال سان ڪو ڳجهه ڳوهه جو ناتو هو. راءِ کنگهار جيئن ته جاڙيجو هو، تنهنڪري مڙئي "جاڙيجا" به راءِ کنگهار جي ڌر هئا. ريٻارن ۽ جاڙيجن گڏجي ڪري لاکن جو ماڻهو ماريو هو. لاکي، جيسر، جيسراج ۽ لاکن جي پلاند ۾ ريٻارن سان اهڙي جٺ ڪئي، جو هنن جي در تي هڪ به جانور نه ڇڏيائين. ريٻارڻ خالي واڙن ۾ ڍينگهرن جي ڀر سان هن طرح سان ٿي رهي:
    رڙي ريـٻـارڻ روءِ، اڀــي ڍيــنــگـــهــــر ڍار،
    وڃـن اڄ وڳ هنـيـو، ســئــم جـي ســـوار،
    ڪاڇي ٻنهي پار، ڌاڪو هن جو دسئين.
    لاکي ۽ ان جي سوارن دسيون لتاڙي ڪاڇي جي ٻنهي پاسن کان جاڙيجن ۽ ريٻارن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا. ڪاڇي جي مڙني رستن کي بلاڪ ڪري ڇڏيائين. ريٻارڻ جو روئاڄ ڀٽائي سائين هن طرح بيان ڪيو آهي:
    رڙي ريـٻـارڻ روءِ، اڀـي ڍيـنـگـهـر جهـل،
    ڀري هتان ڀل، ڪيترون ڪاهي ويا.
    ريٻارڻ جي ڏاڍ ۽ هلان کي روڪائڻ لاءِ راءِ کنگهار وٽ دانهن کڻي فريادڻ ٿي وڃي پهتي. راءِ کنگهار ان هلان کي روڪڻ جا مڙئي جتن ڪيا، پر ڪي به ڪين وريو. لاکي ڦلاڻيءَ جو ڏاڍ راءِ کنگهار ۽ ان جي حڪومت روڪي ڪين سگهي. اتي ڪاوڙ ۾ اچي ريٻارڻ، راءِ کنگهار کي طعنا ڏنا ته تون به ڪو مرد آهين يا پاڻ کي حڪمران سمجهين جو هڪ "هاڻو" جي هلان کي نه ٿو روڪي سگهين.
    ريـٻــارڻ ٿــي روءِ، مــٿــي ڌريــو هــٿــڙا،
    کـرا ويـڻ کـنگهار کي، چنچل اڀي چوءِ،
    واڙي وڇ نه ڪو”، لاکو لوڙائن ســيـن.
    ماڻهن جي نظر ۾ لاکي جي ان ايتري هلان جي باوجود به ريٻارا ۽ جاڙيجا مظلوم نه بڻجي سگهيا، پر الٽو ڪڇ جي عوام ريٻارن کي ئي ڏوهي ٿي سمجهيو، تنهن ڪري ڪڇ وارن لاکي ڦلاڻيءَ جي مڙني مخالفن کي مشورو ڏنائون ته هو وڃي لاکي ڦلاڻيءَ کي پرچائين ۽ کانئس معافي وٺن.
    راءِ سين رٺا جي، تن جاڙيجن جاڙ ڪئــي،
    ڪيئن ماڻيندا سي، چوڏهن چارو ڪڇڙو.

    ريٻارڻ ريجهاءِ، لاکـو لــولاٽـيـن ســيــن،
    سائون مان سندياءِ، ٺٺ مٽائي ٺاڪرو.
    آخر ڪي به ڪين وريو. لاکو هر روز پيو هلان ڪندو هو. هو چوويهه ڪلاڪ دشمنن جا گهٽ گهيڙ جهليو بيٺو هوندو هو. ڀٽائي صاحب فرمايو:
    ٽـاٽـوڪيـن پلاڻ، سدا هـــڻـــن کــوکــرا،
    لاکي لـوڙائــن جــا، اهـــڙائـي اهــــڃـــاڻ،
    ڏيئي تنگن تاڻ، ڪوڪاريندا ڪڇڙي.
    شاهه سائين جي ڪن بيتن مان لاکي جي تاريخ جو به پتو ۽ پروڙ پوي ٿي. مثلا "ڀڄ" جو رهاڪـو هــو.
    ڀڄيــان ڀلي پير، وڌو راءِ رڪـاب ۾،
    ڪڇ رهندو ڪير، لاکو لوڙائن سين.
    لاکي جي شهرت پيءُ جي نالي پٺيان مشهور ٿي هئي. لطيف سائين فرمايو:
    لاکـا لـک سـجـهــن، پـر ڦـــلاڻــيءَ ڦــيــر ٻيو،
    جنهن ڀر راڻا راڄيا، ڪوٽن منجهه ڪنبن،
    جـنـهـن جـو جاڙيـجن، ستي سؤنچو نه لــهـي.
    آخر جڏهن لاکي جي هلان هڻي ڇيهه ڪيو، جاڙيجا ۽ ريٻارا مقابلي جو ست نه ساري سگهيا، حڪومت به هنن کي تحفظ نه ڏئي سگهي، تڏهن هنن اتان لـڏڻ شـــروع ڪــيــو.
    ڪاڇي پئي ڪوڪ، سچ ڪِ سنگهارن لڏيو،
    مــــادر اوءِ مـــــلــوڪ، اوٺــــي ويــــڙا اڪــري.

    ڪاڇي ڪاهيائون، سچ ڪِ سنگهارن لڏيو،
    مـان تـن مـاريون، پـاڻان وجـهـي گــونــدريــون.
    هاڻي ان ڏاڍمڙسيءَ ۾ ۽ هڻ هڻان ۾ لاکو ڦلاڻي ڏيهان ڏيهه مشهور ٿي ويو، جن کان سڄو ملڪ ڪنبڻ لڳو. وڏا وڏا سورهيه ۽ متارا به هن جي ڏهڪاءَ کان ڊڄي ٿي ويا ۽ جيڪي وڳ هن ٿي هنيا، تن جي پٺيان ڪا پيرن جي واهر به ڪانه ٿي لڳي. لاکو هر وقت ان ڪرت ۾ مشغول هو ۽ وڏن وڏن وريامن جون ڌڻيون سڃيون ڪري ڇڏيون هئائين.
    لاکـو لــوڙائــن سـيـن، چـــوڏس لــڙ چــڙهـــي،
    وڙهــــيــو وريــامــن جــا، ڌڻــيـــو ڌڻ هـــڻــي،
    پسين جي پري، سي واهر ڪنهن نه وارئيا.
    هو هر وقت ڌڻ ورائڻ جي ڪرت ۾ رڌل هو، لکي تان هني لاهڻ لاءِ تيار ئي نه هو. هاڻي هو وڏن وڏن وريامن کان ڏاڍو ٿي راءِ کنگهار جي مالن ۾ به ڪاهي پيو هو ۽ ان جا ڌڻ به نٿي ڇڏيائين. حضرت لطيف سائين فرمايو:
    هــــنـــــي مـــــٿـــــــان هــــــٿــــــڙا لاکـو نه لاهــي،
    کــڙيــئــــريـــا کـــــيـــل ڪـري، اڀــوئــــي آهـــــي،
    وڃيو سي ڪاهي، جي کيڙي هيٺ کنگهار جي.
    هن هيبت ۽ دٻدٻو پيدا ڪري سنڌ کان ڪڇ ويندڙ مڙيئي رستا به بند ڪري ڇڏيا هئا. ڪوبه ڪيڏانهن وڃي نه ٿي سگهيو.
    ڪڇ کان سنڌ ايندڙ چوڏهن چارا پيٿاپور کان جليلي وٽان، ٻلهياري وٽان، آڌي گام کان راحمڪي بازار وٽان، مطلب ته مڙيئي رستا جن جو لطيف سائينءَ هيٺين بيت ۾ ذڪر ڪيو آهي، سي سڀ لاکي بلاڪ ڪري ڇڏيا هئا.
    راءِ سـيـن رٺـا جـي، تـن جاڙيجن جاڙ ڪئــي،
    ڪيئن ماڻيندا سي، چوڏهن چارو ڪڇڙو.
    ڪو زمانو اهڙو به آيو جو بهادري ۽ سورهيائي لاکي ڦلاڻي جي لازمي صفت بنجي وئي ۽ هن جو نالو ملڪان ملڪ مشهور ٿي ويو ۽ ان جي دهشت کان هر ننڍو وڏو ظالم ڪنبڻ لڳو. ٻيا ته ٺهيو، پر حڪمران ۽ تختن جا ڌڻي به ڪؤ کائڻ لڳا. هاڻي هو هاڻو ۽ ڌاڙيل مان قومي سورمو سڏجڻ لڳو. قومي رنگ جي ان نئين پهراڻ ۾ هو غريبن جو طرفدار، ويرين جو ويري ۽ ڏاڍ لاءِ ڏهڪاءُ بنجي چڪو هو. لاکي جي اها بهادري حضرت ڀٽ ڌڻي کي به وڻي آهي. فرمائين ٿا:
    لاکا لـک ســجــهــن، ڦـــلاڻــي ڦــيــر ٻــيـــو،
    جنهن ڀر راڻا راڄيا، ڪوٽن منجهه ڪنبن،
    جـنـهـن جـو جـاڙيجن، ستي سؤنچو نه لـهــي.
    انهيءَ ڏاڍمڙسيءَ جي زماني ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جو پيءُ ڦل وفات ڪري ويو. لاکو لوڙائن جي ساٿ سان گڏ هو جو هن کي ڪنهن پيءُ جي مرڻ جي خبر ٻڌائي، بنهه ائين جو هن جي وفات جو ذڪر فقط مام پروڙڻ وارو ئي ٿي سمجهي سگهيو. هن جو پيءُ لکين مڻ مٽي هيٺان بٺي ۾ دفن ٿي چڪو هو. شاعر چيو:
    هڪڙا ڦل پسن واڙئين، ٻيا جي بٺين ڌاڃ،
    لاکا آءُ مـهــراڻ، تــو ري ســڃــو ڪـاڇـڙو.
    لاکي جي نازڪ دل تي پيءُ جي مرڻ جي گهاءَ ڪاري ڌڪ هنيو ۽ هو قدرت جي ان اڻ ٽر عمل جي مقابلي لاءِ خانداني ذميدارين سنڀالڻ لاءِ بلڪل تيار ٿي بيٺو. هن ڀڄ تعلقي ۾ ڪانهيرو نالي هڪ عظيم الشان ڪوٽ اوڏن کان ٺهرايو ۽ "ڪانهيرو ڪوٽ" يا "ڪيرا ڪوٽ" ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪيائين. غريب غربي، آئي وئي ۽ ڪمزورن لاءِ هڪ آٿت بنجڻ جو وچن ڪيائين ۽ سخا جا درياهه وهائي ڇڏيائين. ڀٽائي سائينءَ سندس ان ڪيفيت ۽ حالت جو ذڪر هنن بيتن ۾ ڪيو آهي:
    لاکي لوڙيون ڇڏيون، سرها ٿيا سنگـهـار،
    چٽائي چوڌار، وانڍيـون وک چـرنـديــون.
    هن سخا ۾ ڇيهه ڪري ڇڏيا ۽ سنڌ جي ستن سورهين ۽ ڏهن ڏاتارن ۾ شامل ٿي ويو. ماڻهو هن کي اوتار سمجهڻ لڳا. ڪنهن شاعر چيو:
    لاڇان لاکو جنمــئـو، ڄـارس ري ٻـڌوار،
    لاکو پوت سموند ڪو، ڦول گهر اوتار.
    جڏهن لاکو ڦلاڻي، ڪيرو ڪوٽ اوڏن کان ٺهرائي رهيو هو، تڏهن هو هڪ حسين اوڏڻ هٿان دل وڃائي ويٺو. "بيلي اوڏ" جي ڌيءَ جيڪا حسن جمال ۾ تخت راڻين کان ڪنهن به صورت ۾ موچاري ڪانه هئي، تنهن سان هن شادي به ڪئي ۽ سنڌ جي غريب نواز بادشاهه ڄام تماچي وانگر هڪ ميري مهاڻي جيان هڪ اوڏڻ سان ناتو ڳنڍيائين. ڀٽائي صاحب فرمايو:
    لاکــا لــڄ سـنـديـاءِ، اوڏ اگلي آهيـان،
    پکا سي پرتا”، جي اجهي تنهنجي اڏيا.

    لاکـي لـــڄ کـنـئــي، اسان اوڏڻين جي،
    ڪندو ڪانه ٻي، اڳ وسوڙي آهـيان.
    ڪڏهن ڪڏهن ڄام لاکو، جڏهن ڪيراڪوٽ جوڙائي رهيو هو، تڏهن اوڏن وٽ اچي ڪري انهن سان ليکا چوکا ۽ ڪچهريون به ڪندو هو. ڀٽائي صاحب دعائيه انداز ۾ فرمايو:
    اڏيو جو اوڏن، سو ڍينگهــر ڍلــو نــه ٿـــئــي،
    جنهن ڀر ويهي ڪن، ليکو لاکي ڄام سين.
    هن اوڏن کي اجهو به ڏنو ته سام به جهلي. هو لاکي ڄام جي "ڪيرا ڪوٽ" جي ڀر سان پنهنجا جهڳا اڏي ويهي رهيا. غريب اوڏ، لاکي جي پناهه ۾ هر ڪنهن ڏاڍي جي ڏاڍ کان بلڪل آجا ٿي نظر آيا. ڪنهن چيو:
    لاکا لک هئا، پر ڦلاڻيءَ ڦير ٻـيـو،
    آجا اوڏ ٿيا، پلئه لڳي جنهن جي.
    لاکي غريب انسانن توڙي ساهوارن جي لاءِ ٿر ۾ ٻه تلاءَ به ٺهرايا هئا. هڪ تلاءُ پنهنجي نالي سان "لاکا راءِ تلاءُ" ۽ ٻيو پنهنجي پياري زال اوڏڻ جي پيءُ بيلي اوڏ جي نالي پٺيان "بيلي راءِ تلا”" ٺهرايا هئائين. مٿين نالن وارا تلاءَ اڄ سوڌو ڪڇ ڀڄ ۾ موجود آهن. چوندا آهن ته اوڏڻ کان اڳ ۾ يا اوڏڻ جي وفات کان پوءِ هن هڪ شهزادي مهر راڻي سان به شادي رچائي هئي، جيڪا ڪرن راجا جي ڌيءَ هئي. لاکي هن کي ڏاج ۾ لک بخشيا هئا ۽ وڏا ڏن ڏنا هئا. ڪنهن شاعر چيو:
    لاکي لک بخشيا، ڪرن بخشي ڪروڙ
    پر پوءِ مهر راڻي، لاکي سان بيوفائي ڪئي، جنهن ڳالهه جي خبر لاکي ڦلاڻي کي هن جي وزير "گل ڦل" ٻڌائي. بس پوءِ ڇا ٿيو، لاکي جو انسان ذات تان اعتماد ختم ٿي ويو ۽ هن ڪيترا سال اڳ جنهن ڏاڍي مڙس ۽ پنهنجي من جي ازگر کي لوليون ڏيئي ننڊ سمهاريو هو، سو هڪ ڀيرو وري جاڳي پيو. پوءِ هي مڇريل لاکو ڦلاڻي هو ۽ ريٻارا.
    لاکي وري ساڳي ڪرت شروع ڪري ڏني. اهي ئي لوڙيون، اهيئي ڌاڙا. لاکو، لکي ۽ ڪڇ جا مسڪين ماڻهو هن جي ڏاڍ جي زد ۾ هئا. صبح ۽ شام ماڻهو هن جي ڏمر هيٺ هئا. ڀٽائي صاحب فرمايو:
    لاکــو لـکــي تـي چڙهــي، لـکـي لاکي هيٺ،
    سونهاريون سـر ڪـيــو، ڀيـڙي ٻـڌي بــيــٺ،
    ڪندو ڏمر ڏيٺ، صباح ساڻ سڀ ڪنهـين.
    جڏهن لاکي جا ظلم وڌي ويا ۽ هن جون ارڏايون اڻ جهل ٿي ويون، تڏهن مظلوم ۽ ڇڙوڇڙ ٿيل ماڻهن سوچيو ته لاکو ڇو ٿو لوڙيون هڻي، هن جي ڪري ته هو ستل آهن، بيخبر آهن ۽ غافل آهن. هنن کي ٻڌي ۽ ايڪو رکڻ گهرجي. ان صورت سان ئي هو هاڻن جو مقابلو ڪري سگهن ٿا ۽ پاڻ تان لوڙيون ختم ڪري سگهن ٿا:
    جاڳو جاڙيجا، سما سک مَ سـمـهـــو،
    پسيو آن پارا، لاکو ٿو لوڙيون ڪري.
    پوءِ شايد حضرت لطيف سائين پنهنجي سر پاڻ ڪڇ پهچي جاڙيجن، ريٻارن ۽ مڙني ماڻهن لاءِ هڪ نئون نسخو ساڻ کڻي ويو ۽ اتفاق ۽ ايڪو ئي هر لاکي ڦلاڻي جو مقابلو ڪري سگهي ٿو ۽ ساٿ ۾ رهي ڪري ئي انسان سلامت رهي سگهي ٿو. ڀٽائي صاحب فرمايو:
    جـي ڀـانـئـيـن وس چران ته سنگهارن سين لـــڏ،
    ته هاڃي سندي هڏ، ڪوڪ نه سڻي ڪڏهين.

    جي ڀانئين وس چران ته سنگهارن سين گهار،
    جنيـن سـندي واڙ، چــور نــه اچـي ڪـڏهــن.
    ڀٽائي صاحب هي به پيغام ڏنو ته پنهنجي ٻني ۽ وني جي حفاظت پاڻ ڪجي ۽ ڌڻ ڌاري ڌار نه رهڻ گهرجي، نه ته ٻي صورت ۾ گرگ ۽ گرگ زادا ڌڻ کي چيري ڦاڙي کائي ڇڏيندا. ٻيو هي به پيغام ڏنائون ته هاڻو، ڌاڙيل ۽ لوڙائو ڪنهن جا به مٽ نه ٿيندا آهن. ظالم جو ڪوبه مائٽ وياءَ ۽ سڱ نه هوندو آهي. هن جو ڪو مذهب، عقيدو ۽ ايمان به نه ٿيندو آهي. سوين سال گذري ويا آهن، لاکو لکي ۽ لطيف سائين سڀ لڏي ويا آهن، پر سنڌ ۾ اڄ به ساڳي صورتحال آهي. ڌاڙيل اڄ به ڪنهن جا مٽ نه آهن. هو سنڌ ڄايا آهن ۽ سنڌين جا ئي ويري آهن. هنن جي ظلمن، ڏاڍ ۽ لٽ ڦر جو نشانو اڄ به ساڳيائي سنڌ واسي آهن.
    ڀٽائي صاحب ڌاڙيلن ۽ هاڻن جي ان اک ٻوٽ روش کي ننديندي فرمايو:
    ڌڻ ڌارڻ ڌار رهــــڻ اي نـــه سـگــهــارن ســـٽ،
    ڪـاهـي ايـنـدا ڪــڏهــن مـٿـي وانـڍ وهـٽ،
    جي هاڻو هونئي مٽ، ته به اوڊر لاهه مَ ان جو.

    لاکي جو موت:
    ڳاهن ڳالهه ڪئي ته پوءِ لاکي ڦلاڻيءَ کي سندس مامي راءِ کنگهار دعوت ڪري پاڻ وٽ گهرايو، وڏا طعام تيار ڪرايائين ۽ وڏا ڀال ڀلائڻ جا ٺاهه ٺاهيائين، پر من ۾ مير رکي دولاب ڪري راءِ لاکي ڦلاڻي کي مارائي ڇڏيائين. لاکي جي موت جي باري ۾ شاهه صاحب ماڻهن جون ٻن قسمن جون رايون بيان ڪيون آهن. هڪ راءِ موجب ماڻهو لاکي جي موت تي خوش ٿيا آهن، ملڪ مان ڏولائو لهي ويو آهي ۽ بدامني ختم ٿي ويئي آهي. شاهه صاحب فرمايو:
    لکي ۽ لاکــو، ٻـئــــي مـئــا ٻـاجهه ٿي،
    قـادر لاٿو ڪڇ تـان، اديون اولاڪو،
    وانڍن ۾ واڪـو، ريـٻـاري رهـي ويـا.
    ٻي راءِ موجب، لاکو سنڌ جو سورهيه هو. هن ظالمن جي ظلمن کان خلق کي نجات ڏياري ۽ ظالم حڪمران راءِ کنگهار لاءِ وڏيون انتظامي مشڪلاتون پيدا ڪيائين.
    شاهه سائينءَ جي نظر ۾ لاکو ڦلاڻي سدا سهڻپ پهريل ۽ پوشاڪيل هڪ گهوٽ هو. هو سنڌ جو گهوٽ هو، هن جون ونيون ته مهر راڻي ۽ اوڏڻ هيون، پر هو پنهنجي بهادري جي ڪارنامن سبب سدا جوان ۽ گهوٽ اڻ موٽ هو. ڀٽائي صاحب افسوس ۽ ارمان جي انداز ۾ ۽ دنيا جي بيوفائي جو ذڪر ڪندي فرمايو:
    ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهن مڙهه مقام ۾،
    واري ســـنــدو ڪـــــوٽ، اڏي اڏبــو ڪــيـتــرو.
    منهنجي راءِ موجب شاهه سائين لاکي ڦلاڻي جو قصو هيٺين ٽن سببن جي ڪري بيان ڪيو آهي:
    1. سنڌ جي تاريخي قصن ۽ ڪهاڻين کي جيڪي سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جا صحيح سرچشما آهن، ماڻهن کي ٻڌائڻ ۽ انهن کي پنهنجي سپوتن کان واقف ڪرڻ، ڇو ته قومون پنهنجي شاندار ماضي کي سامهون رکي ڪري ئي مستقبل جي عمارت تعمير ڪنديون آهن.
    2. سنڌ جي تمام گهڻن بهادرن ۽ سورمن کي ٻاهران آيل ماڻهن سنڌ جي اڻ پڙهيل عوام جي آڏو منفي انداز ۾ پيش ٿي ڪيو ۽ هر بهادر کي ڌاڙيل ڪوٺي ڪري، سنڌ جي مجموعي بهادري جي صفت کي تخريبي عمل سڏيندي پنهنجي اچڻ جو جواز ٿي پيش ڪيائون. ڪوڙ لکندڙ مؤرخين سنڌ جي بهادر سومري بادشاهه دلوراءِ جي ڪردار کي مسخ ڪيو ۽ سنڌ جي هر شخص جي زوال جي پٺيان دلوراءِ جو هڪ گناهن تي ٻڌل قصو ئي پيش ڪيو. محمود غزنوي جي منصوره کي برباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ديندار هباري بادشاهن لاءِ اهو مشهور ڪيو ويو ته اهي "قرمطي" بنجي ويا هئا. مظهر شاهه جهاني جي مصنف ميرڪ يوسف سنڌ جي بهادر ذاتين، چانڊين، سميجن، انڙن، لاکن، جتوئين، ڌاريجن ۽ پنهورن کي ڌاڙيل ڪوٺيو آهي. شاهه بيگ ارغون آڏو بکر شهر ۾ قاضي قاضن ڌاريجن جي باري ۾ اهو مشورو ڏنو هو ته "اهي ڪانڊيرا" آهن، انهن کي صاف ڪرڻ بهتر آهي، ته مخدوم بلاول کي ٻاهران آيل حڪمرانن جي طرفدار عالمن ڪافر جي فتويٰ صادرڪري ئي قتل ڪرايو هو. مٿين ڳالهين ۽ مڙني تاريخي واقعن کي ذهن ۾ رکندي حضرت لطيف سائين لاکي ڦلاڻي جو سچو قصو سمورن حقيقتن سوڌو اسان جي آڏو رکيو، ان ۾ لاکي ڦلاڻي جي بشري ڪمزورين جو به ذڪر ڪيو اٿن ته ان جي سخا سورهيائي ۽ سرويچي جي به تعريف ڪئي اٿائون.
    3. ٽين ڳالهه جيڪا شاهه صاحب، لاکي ڦلاڻيءَ جي قصي کي تمثيل طور پيش ڪري، اسان کي چوڻ گهري آهي، اها آهي ته قومن جو، فردن جو، قبيلن جو ۽ معاشرن جو بچاءُ گڏ رهڻ ۽ ايڪي ۾ ئي آهي. قومون تيستائين پنهنجي ۽ پنهنجي معاشري جي حفاظت نه ٿيون ڪري سگهن، جيستائين انهن ۾ ايڪو ۽ ٻڌي نه آهي. اتفاق جي ذريعي ئي گهوڙن وارن ۽ مسلح ڌاڙيلن سان جنگ جوٽي سگهجي ٿي. جيڪڏهن پنهنجي "ڪاڇي جي چوڏهن چارن" (سنڌ کان ڪڇ ڏانهن ان سمي ۾ چوڏهن رستا ويندا هئا) وانڍن، واڙن ۽ لوڙهن جي حفاظت ڪرڻي آهي ته پوءِ هن بيت جي پيغام کي دل سان هنڍائي ان تي عمل ڪرڻو پوندو:
    جاڳو جاڙيجا، سما سک مَ سـمـهـــو،
    پسيو آن پارا، لاکو ٿو لوڙيون ڪري.


    (سر ڏهر، مرتب: ڊاڪٽر نواز علي شوق، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثــقــافــتــي مــرڪــز ڀــٽ شـــاهــه، ســــال 1989ع)


    لاکو ڦلاڻي : معمور يوسفاڻي

    ڄام لاکو سنڌ جو مشهور سورمو هو، جنهن کي سنڌ جي سگهڙن، ستن سورهين ۽ ڏهن ڏاتارن ۾ ڳڻيو آهي. هو ڪڇ ڀڄ واري علائقي جي مشهور سمي سردار ڄام ڦل جو پٽ هو. هن جي جنم بابت ڪڇ جي سگهڙن ڪئين ڏوها چيا آهن، جن مان ٻه ڏوها هن طرح آهن ته:
    لاڇـان! لاکو جنميو، ٻار سد ري، ٻڌوار،
    لاکو پوت سموند ڪو، ڦل گـهر اوتار.

    سنبت نو سؤ ڇاهتر، ٻيج تٿ ڪاتڪ ماس،
    جس دن لاکو جنميو، سورج جوت پرڪاش.
    مٿين ڏوهن مان ظاهر ٿو ٿئي ته ڄام لاکو سنبت 976 ۾ ڪتي مهيني جي ٻارهين تاريخ اربع جي ڏينهن (ٻيج تٿ) ڄائو هو. انهيءَ حساب سان لاکي جي جنم جو عيسوي سن 918ع ٿيندو.
    لاکو جي تعريف ۾ ڪنهن سگهڙ سنڌ جي ٻين سورهين سان گڏ هڪ ڏوهي ۾ هيئن فرمايو آهي ته:
    ڪاشب گهر "سورج" هو، واسنگ گهر "تاکو"،
    اوڍي گــهــر "جـکرو"، ڦول گهر "لاکو".
    لاکو جيئن ئي جوان ٿيو، تيئن هن ڏٺو ته ڪڇ توڙي سنڌ جي ريٻاري قوم گهڻائيءَ ۾ آهي، جيڪا ڳجهه ڳوهه ۾ سمن جي خلاف سٽون پئي سٽي، جنهن تي ڄام لاکي، ريٻارين جي چڱي مڙس کي سمجهايو ته اهي سمن جي خلاف منصوبا نه ٺاهين، پر ريٻارين، لاکي جي انهيءَ چوڻ کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو، ڇو ته ڪڇ جو وڏو حاڪم راءِ کنگهار، ريٻارين جي طرف هو. اهو انهيءَ ڪري جو هو هڪ وڏي مالدار ريٻارڻ جي عشق ۾ قيد هو، جنهن کيس سمن جو مخالف ۽ ريٻارن جو طرفدار بڻائي ڇڏيو هو.
    ٻئي طرف ڄام لاکو ڪڇ جي ننڍي سمي سردار جو پٽ هو، جيڪو راءِ کنگهار جي مقابلي ۾ اچي نٿي سگهيو. ريٻارين جڏهن ڏٺو ته راءِ کنگهار سندن محتاج آهي ۽ سمن مان فقط ڄام لاکو ئي اڪيلو سردار آهي، جيڪو سندن مخالفت ڪري ٿو، سو کيس اک ڏيکارڻ لاءِ سندس ساٿين (جسي ۽ جسراج) جا ڪي همراه ماري وڌائون ۽ ڄام لاکي کي جڏهن اها خبر پئي، تڏهن راءِ کنگهار ڏي ماڻهو موڪلي اها گهر ڪيائين ته اهي ريٻاري، جن اسان جا ماڻهو ماريا آهن، سي ٻڌائي ڏي. پر راءِ کنگهار الٽو ئي ڄام لاکي کي ڏوهاري ٺهرايو، جنهن ڪري ڄام لاکي جي غيرت ڀڙڪو کاڌو ۽ هي پنهنجا همراه ساڻ ڪري سنڌ طرف راهي ٿيو ۽ اهو اعلان ڪيائين ته هاڻي ريٻارين ۽ انهن جي طرفدارن سان مقابلو آهي، جتي به هوندا اتي سندن مرمت ڪبي رهبي. لطيف سائين اها حقيقت هن طرح واضح ڪئي آهي ته:
    ڀڄئان ڀلي پير، وڌو راءِ رڪاب ۾،
    ڪڇ رهندو ڪير، لاکو لوڙائن سين.
    ڄام لاکو ۽ سندن سورهيه ساٿي ڪيئن نڪتا، ڪٿي ٿي رهيا، سندن ڪهڙي روش ۽ ڪهڙا ارادا هئا، تنهن بابت لطيف سائين هيئن فرمايو آهي ته:
    ٺانٺوڪين پلاڻ، هڻن ســدائـيـن کــوکرا،
    لاکـي لــوڙائن جا، اهـڙا ئــي اهڃاڻ،
    ڏيئي تنگن تاڻ، ڪوڪ ڪاريندا ڪڇڙي.
    ڄام لاکو جيڪو هڪ مشهور سردار هو، اهو وڏن جي غلط روش جي ڪري لوڙائو بڻجي جهنگ منهن ڪري نڪتو هو، سو ريٻارين تي حملا ڪرڻ ۽ لوڙيون هڻڻ لاءِ هروقت تيار ٿي رهيو. سندس حملي جي تعريف ۾ ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو ته:
    وڙهي ويل سڀ ڪنهن، لاکو لـوءِ به لـوءِ،
    پرهه ڦٽيا پوءِ، ڪرڳل ڪندو ڪڇڙي.
    يا
    لاکــو لوڙائن سين، چوڏس ٿو چڙهـي،
    وڙهــيو وريامن جا، ڌڻيو ڌڻ هـڻـي،
    پيـس جـي پري، سي واهر ڪنهن نه واريا.
    ٿوري وقت ۾ سنڌ توڙي ڪڇ جي ريٻارين ۽ انهن جي طرفدارن ۾ واڪو پئجي ويو ۽ اهي هر وقت دانهون ڪندا چوندا هئا ته:
    جاڳو جاڙيجا، سـما سـک مَ سمهـو،
    پـسـيـو آن پارا، لاکو ٿو لوڙيون هڻي.
    لاکو هونئن ته ڪڇ ڇڏي سنڌ ۾ اچي رهيو هو، پر هن مخالفن تي هر ڪنهن طرف کان اهڙا ته تکا حملا ٿي ڪيا جو سنڌ وارن سمجهيو ته هو ڪڇ کان پيو اچي ۽ ڪڇ وارن سمجهيو ته هو سنڌ کان پيو اچي ۽ انهن تيز حملن ۽ ڊوڙ ۾ جيڪي علائقا ۽ پـَـٽَ منهن ۾ اچيو ٿي ويا، ان بابت لاکيڻي لطيف هن طرح اشارا ڏنا آهن:
    هـــنــي مـــٿـان هـٿڙا، لاکــو نه لاهـي،
    کـــريـڙئا کيل ڪـري، اڀـو ئـي آهــي.
    وڃيو سي ڪاهي، جي کيڙي هيٺ کنگهار جي.

    "ٻني"، ٻهــڻ نه ڏي، "جهري" ويئي جهوڪ،
    "لوڻي"، مٿان لوڪ، لاکي لک لڏائيا.

    لاکـو لوڻي آئيو، هٻي پيئي هاڪ،
    "پانور" پهري ڪانه ڪا، ڏونگر پيئي ڏاڪ،
    اٺيون ۽ عراق، گڏيا نه گئون ٿيان.
    عام طرح لاکي جي لوڙين جو اهو اثر ٿيو جو هر هنڌ ڪڇ جا ڌڻوندي، جن کي ڄام لاکي ڪڏهن به ڪونه ٿي ستايو ۽ نه ئي انهن سان هن جو ڪو وير هو، اهي به لاکي جي هيبت کان گهٻرائجي ويا هئا ۽ هڪ ٻئي کي هيئن چوندا هئا ته:
    ڍاٽي وڳ مَ ڍار، هن پراڻي ڏيهه ۾،
    چيهو چلر، چڪ ٿيو واڳ ائائين وار،
    ڏٺم ڪالـهه پرار، لاکو لوڙائن سين.
    اهڙيءَ طرح ڌڻونڌي ڊپ وچان هڪ ٻئي کي ڪن خاص علائقن ۾ وڃڻ جي منع ڪندا هئا ۽ ٻئي حالت ۾ هيئن به چوندا هئا ته:
    چارئين چوٽاڻ، وڳ وهارين ويسرا،
    لاکي لوڙائن جو، پهريو پهراڻ،
    سٻر ۽ سٽاڻ، پڳ ورائي واٽ ٿيو.
    لاکي جي لوڙين جي وٺ وٺان ۽ مخالفن جي ڀڄ ڀڄان کي ڏسي عام طرح سنڌ جي سڄاڻن اهو فيصلو ڪيو ته لاکو حق تي آهي ۽ سندس مخالف جاڙيجا، جن خواهمخواه ريٻارن جو طرف وٺي پاڻ لاءِ پاڻهي مصيبت پيدا ڪئي آهي، سي ناحق تي آهن ۽ پنهنجون راهون پاڻ بند ڪرايون اٿن. انهيءَ ڳالهه طرف لطيف سائين هيئن ٿو فرمائي:
    راءِ سيـن رٺـا جـي، تـن جاڙيجن جـاڙ ڪئـي،
    ڪيئن ماڻيندا سي، چوڏنهن چارو ڪـــڇڙو.
    ان زماني ۾ سنڌ مان ڪڇ وڃڻ لاءِ چوڏنهن رستا هئا، جن جي ذريعي رڻ پار ڪري سنڌ مان ڪڇ ڏانهن وڃبو هو، جن مان ڪن رستن جا اهڃاڻ هن وقت به ملن ٿا، جيئن پيٿاپور وٽان سوراچند وٽان، ٻهراڻي وٽان، ٻلهيار وٽان، ڏهر وٽان ۽ رحمڪي بازار وٽان وغيره.
    لاکي لوڙين جي دوران اهي سڀئي رستا ڄڻ ته بند ڪري ڇڏيا هئا، ڇو ته لاکو ڪنهن به وقت اوچتو ڪهڙي به رستي اچي سگهيو ٿي. لاکي هونئن ته پنهنجي سڀني مخالفن تي حملا پئي ڪيا ۽ سندس وڳ پئي هنيا، پر سندس حملي جو مرڪز راءِ کنگهار جي محبوبه ريٻارڻ هئي، جنهن راءِ کنگهار کي پنهنجي هٿ وس ڪري رکيو هو.
    ان ڪري ڄام لاکي ان ريٻارڻ تي تيز حملا ڪري کيس اهڙو ته تنگ ڪيو هو جو کيس راءِ کنگهار به بچائي نه سگهيو. ڀٽائي رحه انهيءَ حقيقت جي تصديق هن طرح ڪئي آهي:
    رڙي ريٻارڻ رُوءِ، اڀي ڍينگـهـر ڍار،
    وڃن اڄ وڳ هڻـيو، سـئـم جي ســردار،
    ڪاڇي ٻنهي پار، ڌاڪو هـــن جو وسئين.

    رڙي ريٻارڻ روءِ، اڀـي ڍينگهر جهــل،
    ٻري هتان ڀل، ڪيتريون ڪاهي ويا.

    ريٻـارڻ روئـي، واڙي وڌا وڇــڙا،
    سمورا سوئي، هتان هڻي ساٿ ويو.

    رڙي ريٻارڻ روءِ، واڙي پائي وڇـڙا،
    کرا ويڻ کنگهار کي، چنچل اڀي چوءِ،
    واڙي وڇ نه ڪو”، لاکو لوڙائن سين.
    انهيءَ دور ۾ ريٻاري ڏاڍا دربدر ٿيا ۽ لاکي کين ڪٿي به ساهه کڻڻ نه ڏنو. ڪڇ ڇڏي پنهنجي اٺن جا وڳ ڪاهي ڪڏهن ڪيڏانهن ته ڪڏهن ڪيڏانهن هليا ٿي ويا. ريٻارين جي انهيءَ ڀڄ ڀڄان واري زندگيءَ تي سوچيندي لطيف جي لفظن ۾ مذڪوره ريٻارڻ هيئن به سوچيو ته:
    ڪاڇي پيئي ڪوڪ، سچ ڪِ سنگهارن لڏيو،
    مادر مون ملوڪ، اوٺي ويـــا اڪـري.
    ريٻارڻ جي اها بدحالي، بيوسي ۽ مجبوري ڏسي ڪن سياڻن کيس صلاح ڏني ته هو وڏائو ۽ واڏٽيڙي ۽ ٽاڻ گهڻائي ۽ ڏاڍ جو ڀروسو ڇڏي لاکي کان معافي گهري ۽ ساڻس صلح ڪري ته سندس جند آزاد ٿي پوي. لاکيڻي لطيف ان ڳالهه بابت اجهو هيئن فرمايو آهي:
    ريٻارڻ ريجهاءِ، لاکو لولاٽن سان،
    سائون مان سندياءِ، ٺٽ مٽائي ٺاڪرو.
    لاکي پنهنجي انهيءَ دور ۾ ريٻارين جي جڙ پٽڻ لاءِ جڏهن سنڌ جي سورهيه پنري بڊاماڻي جي رهائش واري پٽ بڊام کي به لتاڙيو ۽ لوڙيون هنيو تڏهن بڊام وارا پنهنجي بچاءَ لاءِ ميدان تي نڪري پيا ۽ هنن لاکي سان جيئن جو تيئن مقابلا ڪيا ۽ چوٽون کائي پنهنجي جوءِ جو بچاءُ ڪيو. جيئن ته لاکي جي ساٿين پاران اوچتا حملا ٿيا هئا، ان ڪري بڊام وارن انهن حملن کان بچڻ لاءِ رات جو هٿيار ٻڌي تياري ٿي ڪئي ۽ ڏينهن جو وري ڪڇ طرف ڪاهي لاکي جي ساٿين تي حملو ڪندا هئا. انهيءَ حقيقت ڏانهن صديق فقير "صادق" سومري هن طرح اشارو ڪيو آهي ته:
    گهڻو گهڻو ڏوهلو، ڪاڇو بڊامن،
    راتيان ننڊ نه ڪن، ڏينهان وڙهن ويرئين.
    بڊام وارن جي انهيءَ تياريءَ کي ڏسي لاکي کين سمجهايو ته هن جو مقابلو فقط ريٻارين ۽ مخالف جاڙيجن سان آهي ۽ هو ٻين کي ڪونه ٿو ستائي، تنهنڪري ٻيا ماڻهو اطمينان ۽ آرام سان ويٺا رهن. مطلب ته ڄام لاکي پنهنجي بهادري، همٿ ۽ جرئت سان ڪڇ توڙي سنڌ ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمائي ڇڏيو ۽ سندس غيرت ۽ مڙسيءَ کي مڃيندي سڀني کي لطيفي ٻوليءَ ۾ هيئن چوڻو پيو ته:
    لاکا لک سـجـهـن، پر ڦلاڻي ڦير ٻيو،
    جنهن ڀر راڻا راڄيا، ڪوٽ ڌڻي ڪنبن،
    جنهن جو جاڙيجن، ستي سئنچو نه لهي.
    لاکو جڏهن ڪڇ کان سنڌ ڏانهن ايندو هو ته گهاڙي ڏي ضرور ايندو هو، ان ڪري جو گهاڙي ۾ سندس ڪافي ساٿي هئا. هڪ دفعي مختلف مشغولين سبب لاکو ڪافي وقت گهاڙي ڏي نه آيو، ان ڪري دوستن لاکي کي نياپو موڪليو، جيڪو لطيف سائينءَ هنن لفظن ۾ پيش ڪيو:
    لاکا لڳئي ڏينهن، گهاڙي ري ڪيئن گهارئين،
    مٿان وسي مينهن، واٽون ولين ڇانئيون.
    لاکو پنهنجي وقت جو مشهور سخي ۽ ڏاتار هو. هڪ روايت موجب هن کي هڪ کوهه مان سون جو پتلو مليو، جنهن جي خاصيت اها هئي ته ان جي پيرن کان چيلهه تائين جيڪو به حصو وڍي ڇڏبو هو ته صبح جو اهو سلامت هوندو هو. ان ڪري هن وٽ کوٽ ڪڏهن به نه آئي ۽ هن سخيءَ، ڏاتارپ جا ڪيئي ڪم ڪيا. هو بهادر اڳ ۾ ئي هو، وري جو هن تي اها مالڪ جي مهرباني ٿي ته هو ڏاتار به مشهور ٿي ويو.
    هي جڏهن ڪڇ کان سنڌ ڏانهن "مهر راڻي" سان شادي ڪرڻ لاءِ ڄڃ وٺيو پئي آيو ته واٽ ۾ هن کي پراڻ درياءَ جي ڪپ تي ٽنڊي جان محمد جي ويجهو رات پيئي ۽ هن جا جيئن گهوڙا پراڻ جي گهيڙ مان اڪريا ته انهن تي لڏيل ڏيج جو سامان پسي پيو ۽ ڄڃ وارا اهو سامان کولي ڪپڙا سڪائڻ لڳا، جيڪي ان گهيڙ واري ايراضيءَ جي سڀني وڻن تان اوڍجي ويا. صبح جو جڏهن روانگيءَ جو ٽائيم ٿيو، تڏهن ڄڃ وارا اهي ڪپڙا ڪٺا ڪرڻ لڳا، جنهن تي لاکي انهن کي منع ڪئي ته اوڍاڻي ڪڏهن به واپس نه وٺبي آهي. اسان جي طرفان سنڌ جي هن درياءَ جي هن گهيڙ کي اوڍاڻي آهي ۽ اها اتي ئي رهندي ۽ پوءِ هن ڄڃ وارن کي حڪم ڪيو ته ڏيج جو گهربل ڪپڙو نئين سر خريد ڪريو ته اڳتي هلون. پوءِ ڄاڃين گهربل ڪپڙو خريد ڪيو ۽ "نهٽي" ڏانهن روانا ٿيا. شاهه سائين انهيءَ واقعي ڏانهن هيئن اشارو ڪيو آهي ته:
    جهوني تون پراڻ، جڳ ڇٽيهه سنڀرين،
    تو ڪي ڏٺا هــاڻ، لاکــي جهڙا پـيـهـڙا.
    انهيءَ جي جواب ۾ پراڻ جي طرفان شاهه سائينءَ هيءَ ورندي ڏني آهي:
    لاکـا لکيـن آئيـا، انـڙ ڪـروڙيــون اٺ،
    هيم هيڙائو هڪڙو، آيو هو مون وٽ.
    چون ٿا ته لاکي جي پراڻ کي اوڍاڻي واري واقعي کان پوءِ سنڌ ۾ لاکي جي تمام گهڻي مشهوري ٿي جو سنڌ جي رهاڪن ان جي عزت رکندي ان گهيڙ تان ڪوبه ڪپڙو نه لاٿو. ان ڪري ورهين جا ورهيه اهي ڪپڙا سلامت رهيا ۽ پوءِ به انهن جا ٽڪرا ڪيترا ڏينهن وڻن ۾ لڏندا رهيا. جڏهن سيف الملوڪ، جيڪو سون جو سوداگر هو، جنهن کي هيم هيڙائو ڪوٺيندا هئا، سو انهيءَ گهيڙ وٽ پهتو ۽ منزل ڪيائين ته اتي وڻن ۾ ڪپڙي جا ٽٽل ٽڪر ڏسي پڇيائين ته هي ٽڪرا ڇا جي ڪري بيٺا آهن، تڏهن ماڻهن ٻڌايو ته لاکو ڦلاڻي جڏهن هتان پراڻ جي گهيڙ مان اڪريو هو ته سندس ڏيج جو ڪپڙو سڀئي پسي پيو هو، سو سندس ماڻهن هن گهيڙ جي وڻن مٿان سڪايو ۽ صبح جو جڏهن لاٿائون ته لاکي کين منع ڪئي ته اوڍايل ڪپڙو واپس نه وٺبو آهي، اهو اتي رهڻ ڏيو ۽ هي ان ڪپڙي جا ٽڪرا آهن، جيڪي اڃا ٽٽل حالت ۾ اها ياد تازي ڪري بيٺا آهن ۽ اڄ به پراڻ جا ماڻهو لاکي کي ڳائيندا رهن ٿا. انهيءَ تي سون جي ان سوداگر سيف الملوڪ سون جا ننڍا ننڍا زيور ٺهرائي انهيءَ گهيڙ جي وڻن کي پارائي ڇڏيا ۽ اعلان ڪيائين ته لاکي جي اوڍاڻي کان پوءِ وڻن جي سينگار لاءِ سون جي ضرورت هئي، مون زيور ٺهرائي گهيڙ جي وڻن کي پهرائي ڇڏيا آهن.
    سيف الملوڪ آخري دور ۾ پراڻ جي وهڪري تي سوداگر ٿي رهيو. سمنڊ ۽ درياءَ جي بندرن تان واپار ڪندو رهيو. سندس قبر انهيءَ پراڻ جي گهيڙ کان ڏهاڪو ميل ڏکڻ طرف پراڻ جي بندر يا پتڻ تي آهي، جنهن کي اڄ به "جسيرل پاتڻي" جو پتڻ ڪوٺين ٿا، جنهن جي کاٻي پاسي سيف الملوڪ جي قبر آهي ۽ ساڄي پاسي منڌرن جا ڀڙا موجود آهن، جتي عرب دور ۾ منڌرا قوم جي رهائش هئي.
    سو ڳالهه پئي هلي لاکي جي اوڍاڻي جي ۽ سيف الملوڪ جي سخاوت جي، جن پراڻ جي وڻن کي اوڍايو ۽ زيور پارايا هئا. سو لاکو ڦلاڻي انهيءَ پراڻ جي گهيڙ کي اوڍائڻ کان پوءِ ضرورت جو ڪپڙو خريد ڪري نهٽي پهتو، جتي راٺوڙن جي راڄڌاني هئي ۽ اتي جي سردار جي ڌيءَ پنهنجي شاديءَ لاءِ ڪي شرط رکيا هئا، جيڪي لاکو ڦلاڻي پورا ڪري سگهيو ۽ ڄڃ وٺي اچي ان سان شادي ڪيائين.
    لاکي ڦلاڻيءَ دشمنن جون ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌي "مهر" کان منهن موڙيو، جنهن ڪري مهر کي ڏاڍو صدمو پهتو. آخرڪار مهر، لاکي جي حضور ۾ پهچي کيس عرض ڪيو ته سردار منهنجو عرض آهي ته مون ڏانهن جيڪي منسوب ڪوڙيون يا سچيون ڳالهيون آهن، اهي خدا جي واسطي مونکي بخش ڪر. مهر جو عرض ٻڌي لاکي هن ڏي وري توجهه ڪيو ۽ ان سان اهڙي نموني هليو جو مهر ائين سمجهيو ته لاکي سڀئي ڏوهه بخش ڪري ڇڏيا. واقعي هو به ائين لاکي سندس ڏوهه بخشيندي کيس ميار ڏني ته:
    ور سان وجهيو ڪاڻ، کر سين کلون پائيين،
    ڀـوري مـنـڌ اڄـاڻ، ڪڻ ڇڏيو تهه ميڙئين.
    مهر کي ڏوهه بخش ڪري لاکو انهيءَ مهل گهر کي ڇڏي ساٿين ڏانهن موٽيو ۽ هي ساٿي گڏجي وڃي ڪرت کي لڳا. انهيءَ ڏس ۾ ڪافي وقت گذري ويو، پر لاکو پوئتي ڪين موٽيو. جڏهن تمام گهڻو وقت گذري ويو، تڏهن مهر لاچار ٿي ڏانهس قاصد موڪليو. سندس ڪيل آزين نيزارين کي لطيف سائينءَ شعر جو رنگ ڏيندي اجهو هيئن فرمايو آهي ته:
    مَ ڪر "ڍول" ڍلو، ناتو نماڻيءَ سين،
    ڪونهي ڪميڻيءَ جو، بگر تو بلو،
    تنهنجو نانءُ نـِـلو، وٺيو ويٺي آهيان.

    ڪرڪو ڀيرو ڪانڌ، نماڻيءَ جي نجهري،
    پرين تنهنجي پانڌ، ڍولا ڍڪي آهيان.

    جي تون قائم ڪانڌ، ته آئون ور ولهي نه ٿيان،
    پکي ڇنا پانڌ، ڳنڍ نه ڄاڻي ڪو ٻيو.
    (سر ڏهر)
    مهر راڻيءَ جون آزيون نيزاريون قبول پيون ۽ سردار لاکو موٽي وٽس آيو ۽ کيس اهڙو ته پيار ۽ قرب ڏنائين جو هوءَ هر وقت هڪ جيڏين سان پنهنجي وَرَ جي واکاڻ ۾ رڌل رهندي هئي. شاهه سائين به سندس ترجماني ڪرڻ تي مجبور ٿي پيو ۽ مهر جي زبان ۾ فرمايائين ته:
    ڪانڌ ٻئن ڪيترا، مون ور وڏي وٿ،
    مٿان ڏيئي هٿ، جنهن عيب منهنجا ڍڪيا.

    ڪانڌ ٻين ڪيترا، مــون ور وڏي "ذات"،
    لوڪ نه آڇي وات، جي ڏسي ڏوهه اکين سين.

    ڪانڌ ٻين ڪيترا، مون ور وڏي کانڌ،
    پاڻان ڍڪي پانڌ، جي ڏسي ڏوهه اکين سين.
    (سر ڏهر)
    لاکي جي عادت هوندي هئي ته هو جڏهن به سفر تان موٽي مهر وٽ ايندو هو ته مهر کي ڏاج ۾ مليل مڱڻهار کان کماچ تي راڳ ٻڌندو هو ۽ کيس دل گهريو انعام ڏيندو هو.
    هڪ دفعي مڱڻهار جي راڳ کان ايترو ته خوش ٿيو جو کيس چيائين ته "اڄ جيڪي گهرڻو اٿئي سو گهر"
    مڱڻهار ويچارو منجهي پيو ته آخر ڇا گهري؟
    اٺ، گهوڙا ته کيس اڳئي اڻ گهريا ملن پيا، مڱڻهار کي اوڻو جهوڻي ڏسي "مهر راڻي" مٿس قياس ڪري پنهنجي قيمتي هار ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته اِهو گهر. ڪجهه وقت بعد لاکي ڪنڌ کڻي مڱڻهار کان سندس مرضي معلوم ڪئي ته مڱڻهار آڱر سان "مهر" جي ڪنڌ ۾ پيل هار ڏانهن اشارو ڪيو ۽ لاکي سمجهيو ته اهو اشارو مهر ڏانهن آهي ۽ مڱڻهار مون کان مهر ٿو گهري ۽ شايد "مهر" جي مرضي آهي. سو هڪدم اٿي کڙو ٿيو ۽ مڱڻهار کي چيائين ته "مون مهر توکي ڏني، اڄ کان پوءِ مون تي حرام آهي." لاکي جا اهي الفاظ ٻڌي مڱڻهار عرض ڪيو ته سردار مون ته هار گهريو هو، "مهر" ته منهنجي ماءُ آهي، آئون ان کي ڇا ڪريان. پر لاکي چيو ته بس هاڻي جيڪو ٿيڻو هو اهو ٿي ويو. پوءِ انهيءَ مهل ئي لاکو پنهنجي ساٿ سان اتان هليو ويو ۽ "مهر"، مڱڻهار وٽ رهجي ويئي. اها خبر آخر مهر جي مائٽن کي پئي، جيڪي هن کي وٺڻ آيا، پر مهر هلڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائين ته "آئون ڏاتار لاکي ڦلاڻيءَ جي آهيان، ان جا ڪک ڇڏي ٻئي هنڌ هرگز نه هلنديس. ان کان پوءِ مهر حاڪماڻو لباس لاهي ڇڏيو ۽ غريباڻو لباس پهري اتي ئي هڪ ڪکائين جهوپڙي ٺهرائي ان ۾ رهڻ لڳي ۽ اهو مائٽاڻو مڱڻهار سندس سار سنڀال لهندو رهيو.
    ڪافي سالن کان پوءِ لاکو ڦلاڻي ڪنهن مهم تان موٽندي نهٽي جي ويجهو اچي مٽيو. کيس سخت اڃ لڳل هئي، سو نوڪر کي چيائين ته ڪٿان پاڻي وٺي اچ ۽ پاڻ گهوڙي تان لهي هڪ وڻ هيٺ ويهي رهيو. نوڪر پاڻيءَ جي تلاش ۾ هلندي اچي "مهر" جي جهوپڙي تائين پهتو ۽ جهوپڙي ۾ هڪ ضعيف ۽ ڪمزور عورت کي ويٺل ڏسي کانئس پاڻي گهريائين. عورت کيس پاڻيءَ جو وٽو ڀري ڏنو، جيڪو سمورو هي پي ويو ۽ کانئس ٻيو پاڻي پنهنجي سردار لاءِ گهريائين، جنهن تي عورت پڇيس ته تنهنجو سردار ڪير آهي؟ نوڪر جواب ڏنو ته "سورهيه لاکو ڦلاڻي". لاکي جو نالو ٻڌي وٽو عورت جي هٿ مان ڪري پيو ۽ وري هڪدم پاڻ سنڀالي ورتائين ۽ وٽو پاڻيءَ سان ڀري ان ۾ سنها ڪک وجهي ڏنائين ته وڃي سردار کي ڏي. نوڪر جيئن لاکي وٽ پهچي پاڻيءَ جو وٽو هٿ ۾ ڏنو ته لاکي هڪدم کڻي چپن تي رکيو، پر ڪکن جي ڪري هٻڪي ويو ۽ آهستي آهستي ڪک ڪڍندو پاڻي پيئندو ويو. جڏهن سامت ۾ آيو ته نوڪر کان پڇيائين ته ڪک پاڻيءَ ۾ ڪنهن وڌا آهن؟ نوڪر کيس سموري حقيقت ٻڌائي ته لاکو ان مهل ئي پروڙي ويو ته اها "مهر" ئي آهي، سو وٽو نوڪر کي هٿ ۾ ڏيندي چيائين ته هي وٽو ان عورت کي ڏئي اچ ۽ چوينس ته "مهر اڃا پئي جيئين؟" نوڪر وٽو کڻي مهر وٽ پهتو ۽ کيس لاکي جو نياپو اچي ڏنائين، جيڪو ٻڌڻ سان مهر رڙ ڪـَـري ڪِـري پئي ۽ سندس روح پرواز ڪري ويو. نوڪر اها خبر وڃي لاکي کي ٻڌائي، جيڪو ڊوڙندو اتي پهتو ۽ مهر جو لاش هنج ۾ کڻي روئڻ لڳو. ايتري ۾ مهر جو خدمتگار مڱڻهار به پهچي ويو، جيڪو اها حالت ڏسي بيحال ٿي ويو ۽ سرت ۾ اچڻ تي مهر جي زندگيءَ جو سمورو احوال لاکي کي ٻڌايائين. پوءِ ٻنهي ڄڻن مهر جي غسل ۽ ڪفن جو بندوبست ڪري کيس اتي ئي دفن ڪيو، جتي پوءِ ٻيا ماڻهو به دفن ڪيا ويا ۽ اتي هڪ وڏو قبرستان بنجي ويو، جنهن کي اڄ به "مهر جو قبرستان" سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ قبرستان جي ڀر واري ڏهر کي مهر جو ڏهر ڪوٺيو وڃي ٿو. چون ٿا ته انهيءَ وقت کان پوءِ لاکي جي دل تي اهڙو اثر ٿيو جو هن، ان کان پوءِ لوڙيون هڻڻ بلڪل ڇڏي ڏنيون، جنهن جي گواهي شاهه صاحب کان پڻ ملي ٿي ته:
    لاکي لوڙيون ڇڏيون، سرها ٿيا سنگهار،
    چوٽاڻي چؤڌار، وانـڍيون وس چـرنديـون.
    لاکي ۽ مهر جي انهيءَ واقعي کي ڌيان ۾ رکندي وقت جي ڪنهن سڄاڻ سگهڙ هيئن به چئي ڇڏيو ته:
    لاکـو ڦـلاڻي، ڪچو ڪچـاڻي،
    جنهن ڪري ٻاراڻي، ڇڏي مهر راڻي.
    لاکي جڏهن لوڙيون ڇڏيون ته هر هنڌ هاڪ پئجي ويئي ۽ ڪيترن ئي شاعرن انهيءَ حقيقت ڏانهن پڻ اشارو ڪيو آهي، جيئن خليفو نبي بخش فرمائي ٿو ته:
    پکو پکي پاس، رڻ ريٻارين ڇانئيو،
    ويچارن وسواس، لٿو لوڙائن جو.

    رڻ ريٻارن ڇانئيو، پکو پکي وٽ،
    اٺيون چرن ان جون، پهريو مٿي پٽ،
    لٿو سور سرٺ، لاکي لوڙيون ڇڏيون.
    لاکي وطن پهچي ڏٺو ته سندس ڪوٽ يعني قلعو ڄام ڦل جي وفات کان پوءِ زبون حالت کي پهچي ويو آهي. ان لاءِ هن سڀ کان پهرين ان طرف ڌيان ڏنو ۽ اوڏن جو قافلو گهرائي ڪوٽ جو ڪم انهن جي حوالي ڪيو. ڪوٽ جو ڪم ڏسندي هڪ ڏينهن هن جي نگاهه وڃي ٻيلي نالي اوڏ جي ڌيءَ تي پئي، جنهن جي هٿان دل کسائي ويٺو ۽ انهيءَ مهل ٻيلي اوڏ کي ماڻهو موڪلي کانئس سڱ گهريائين، جيڪو هن خوشيءَ سان ڏنو. ان بعد ڄام لاکي ڇوڪريءَ کي مسلمان ڪري ان سان نڪاح ڪيو ۽ اوڏن کي اهڙو ته نوازيو جو لطيف سائينءَ کي به چوڻو پيو ته:
    لاکا لک ٿيا، پر ڦلاڻيءَ ڦير ٻيــو،
    آجا اوڏ ٿيــا، پلئه لڳي تنهن جي.
    ٻئي طرف ٻيلي اوڏ جي ڇوڪري به اهڙي سياڻي هئي جو ان ۾ ڪنهن به طرح جو وڏائو يا هٺ ڪونه پيدا ٿيو ۽ هميشه ڄام لاکي جي آڏو هٿ ٻڌي نماڻائيءَ سان چوندي هئي ته:
    لاکي لـڄ کنئي، اسان اوڏڙين جـي،
    ڪندو ڪانه ٻي، اڳ وسوڙي آهيان.
    ڄام لاکو جيڪو لوڙائو هو سو هاڻي واهرو بنجي ويو هو. نه رڳو پنهنجي راڄ تي ٿيندڙ حملن کي منهن ڏيندو هو، پر پاڙي وارن جو به بچاءُ ڪندو هو، جيڪا حقيقت خليفي نبي بخش اجها هن طرح بيان ڪئي آهي:
    لاکي لال ڪمان، هر دم آهي هٿ ۾،
    سيليو تيرن ساڻ، واگهه پلي ٿو واهرو.
    ڄام لاکو سنڌ ۽ ڪڇ جو اهو سورهيه هو، جنهن کي لطيف سائين تمام وضاحت سان ڳايو آهي. سندس بيان ۾ اسان کي ڪڇ ۽ سنڌ جا ڪيترائي جاگرافيائي اهڃاڻ ملن ٿا، جيئن:
    ڀڄ، کڙير، ٻني، لوڻي ندي، هٻو جبل، پانور، چوٽاڻ، چٽ، بڊام، ڏهر، لاکاسر، ٻيلاسر، گهاڙي، چوڏنهن چارا وغيره، جن جي ڄاڻ اسان لاءِ هڪ قيمتي سرمايو آهي.
    ڄام لاکو پنهنجي خوبين جي ڪري اهڙو ته ڳايو ويو جو نه رڳو سندس نالي شاديءَ جو ڳيچ لاکو مشهور ٿيو، پر سندس ڄڃ سان گڏ اڏامندڙ پکي به سندس نالي پويان اڄ به "لاکي ڄاڃي" پيا سڏجن. ڄام لاکي جي غريب نوازي ۽ اعليٰ خصلتن جي ڪري سندس دور کان گهڻو پوءِ به ڪنهن سگهڙ کي هيئن چوڻو پيو ته:
    تماچي آندي گندري، لاکي آندي اوڏ،
    سما پيا ڪوڏ، ذات نه پڇن جوءِ جي.
    لاکي جي آخري دور ۾ گجرات جي حاڪم مولراج سولنڪي ڪڇ تي ڪاهون ڪيون، جن ۾ پهرين ٻن ڪاهن ۾ ڄام لاکي کيس ماري مڃايو ۽ ٽي ڪاهه يعني 976 ڌاري لاکي جي گهوڙي لکي جنگ ۾ مارجي ويئي ۽ لاکو پيادو ٿي ويو ۽ دشمن سان وڙهندي وڙهندي شهادت حاصل ڪئي، جنهن بابت کيس ڪنهن شاعر اجهو هن طرح ڳايو آهي ته:
    لکي ۽ لاکو، ٻئي مئا ٻاجهه ٿي،
    قادر لاٿو ڪڇ تان، اديون اولاڪو،
    وانڍين ۾ واڪو، ريٻاري رهي پيا.
    مطلب ته ڄام لاکو پنهنجي دور جو مشهور سورهيه، سرويچ، سخي ۽ ڏاتار هو، جنهن کي اڄ کان لڳ ڀڳ ڏهه سؤ سال پهرين ڳايو ويو ۽ اڃا به پيو ڳائجي. حضرت ڀٽ ڌڻي فرمايو ته:
    لاکـــا لـــک هــئــا، تــون اگــهــونــڻــي گــهــون،
    جي پري تنهنجي پون، سي واهڙ ڪنهن نه واريون.
    (ڪريمي ڇاپو)

    (ست سورهيه ڏهه ڏاتار، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، ڇاپو 1999ع)


    لاکو ڦلاڻي : بدر ابڙو

    شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ لاکو ڦلاڻي سر ڏهر جو هڪ اهم ڪردار آهي، پر هو ڪهڙي زماني ۾ هو؟ مختلف روايتون ۽ محقق سندس دور بابت مختلف ڳالهيون چون ٿا. هونئن به "لاکو" هڪ ڪونه هو. ڀٽائي صاحب پاڻ به چيو:
    لاکـا لـک سـڄـن، پـر ڦلاڻيءَ ڦـيــر ٻــيــو،
    جنهن ڀر راڻا راڄيا، ڪوٽن منجهن ڪنبن،
    جنهن جو جاڙيجن، ستي سونچو نه لـهي.
    (ڏهر)
    يعني، لاکو هڪ نه، وڌيڪ هئا. شاه لطيف جنهن لاکي جو ذڪر ڪيو آهي، اهو راءِ ڦل جو پٽ هو، جنهن جي پڻ سنڌي لوڪ داستانن ۾ عجيب حيثيت آهي. لاکي ڦلاڻيءَ سان گڏ جن قبيلن، ذاتين ۽ ڪردارن جو ذڪر اچي ٿو، اهي آهن:
    جاڙيجا، سما، اوڏ، ريٻاري، چاوڙا، راجپوت، راءِ کنگهار، جيسر، جئسراج، جسوڌن، پنرو بڊاماڻي وغيره.
    اهو ضروري ناهي ته شاهه لطيف سر ڏهر ۾ انهن سڀني قومن ۽ ڪردارن جو ذڪر ڪيو هجي، پر جڏهن به لاکي ڦلاڻيءَ جو ذڪر ايندو، اهي ڪردار ڪنهن نه ڪنهن حد تائين ضرور ڏسبا. ان کان سواءِ اهو جاگرافيائي علائقو، جيڪو سر ڏهر ۾ ذڪر هيٺ آيو آهي، به ضرور ذڪر هيٺ ايندو. اهي علائقا آهن:
    پائر، وٽ، چوٽاڻو، بڊاماڻي بٺ، ٻلهيار، پراڻ، ڍورو، هاڪڙو، ڍاڳي، پٽيهل، لوڻي، گهاڙي، ڀڄ، ڪڇ، هابو، روهه، ٻيلو، چوڏهن چارا وغيره.
    لاکو ڦلاڻي بنيادي طوح ڪڇ ۽ ڀڄ جي سان تعلق رکندڙ هو ۽ هن پنهنجين سرگرمن جو دائرو محدود نه رکيو هو. هن ڪڇ ۽ ڀڄ کان وٺي سنڌ ۽ لاڙ، ٿر ۽ ٿر جي اوڀر واري حصي ۾ سخت گرفت رکي هئي، جنهن ڪري سنڌ ۽ ڪڇ کي ڳنڍيندڙ چوڏهن ئي چارا غير محفوظ ٿي ويا هئا. شاهه لطيف، لاکي ڦلاڻيءَ جي سرگرمين جي نوعيت هن ريت بيان ڪئي آهي:
    ڀـڄـيـان ڀـلـي، وڌو راءِ رڪـاب ۾،
    ڪڇ رهندو ڪير، لاکو لوڙائن سين!
    لاکي ڦلاڻيءَ جي شهرت لاءِ "لوڙائو"، "هاڻو" ۽ "اوتار" جهڙيون صفتون استعمال ڪيون ويون آهن، جيڪا ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي. ڪٿي رهيو "لوڙائو ۽ هاڻو" ڪٿي رهي اوتاري صفت! ان جي معنيٰ اها آهي ته لاکي ڦلاڻيءَ جو ڪردار هڪ طرف خلق کي آزاريندڙ ته ٻئي طرف خلق جو نجات دهنده رهيو آهي ۽ هن جو ڪردار "گاڊ فادر" يا هڪ "باغيءَ" جهڙو آهي. هڪ اهڙو باغي، جيڪو طاقتور ڌر کي نقصان پهچائي ڪمزور ڌر جو ڀرجهلو ٿي پوي!
    لاکو ڦلاڻي ڌاڙيل ڇو ٿيو آهي؟ ۽ اوتاري صفت تائين ڪيئن پهتو؟ اها هڪ ڊگهي ڪهاڻي آهي. اها ڪهاڻي بيان ڪرڻ کان اڳ پاڻ اهي روايتون نوٽ ڪندا ٿا هلون، جيڪي لاکي ڦلاڻيءَ جي جنم بابت آهن.
    هڪ شعري روايت ڪجهه هن ريت آهي:
    لاڇــان لاکـو جـنـمـئـو، ڄــارس ري ٻـڌوار،
    لاکــو پــٽ سـمـونڊ ڪو، ڦول گهر اوتار،
    سنبت نو سؤ ڇاهتر، ٻيج تٿ ڪاتڪ ماس،
    جس دن لاکو جنمئو، سورج جوت پرڪاش.
    سنبت 976 برابر آهي سن 920 عيسوي (308 - 307 هجري). هندي سنبت سال، عيسوي سن کان اٽڪل 57 - 56 سال وڏو آهي. اهو حوالو ڪڇ جي گجراتي تاريخ جو آهي. (رائچند، تاريخ ريگستان)، ساڳئي حوالي مطابق لاکو ڦلاڻي 1035 سنبت يعني 978ع ۾ جنگ جي ميدان ۾ مارجي ويو. ان مهل سج وچ آسمان تي هو. ٻيو حوالو (امپيريل گزيٽير جلد 2 صفحو 48 ڪڇ) چوي ٿو ته لاکي ڦلاڻيءَ جو جنم 866ع ۾ ٿيو ۽ هن 955ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. ان جو حوالو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ (سنڌ جا عشقيه قصا ۽ داستان، (صفحو 148) پڻ ڏنو آهي ۽ هو ان حوالي سان سهمت نظر ٿو اچي.
    مٿيان ٻئي حوالا پاڻ ۾ ويجها آهن، پر ڪرنل ٽاڊ (تاريخ راجستان ۾) چوي ٿو ته لاکو ڦلاڻي سن 1212ع ۾ قتل ٿيو. ڪرنل ٽاڊ چوي ٿو، "لاکو ڦلاڻي مشهور ڌاڙيل، جيڪو ستلج کان سمنڊ تائين مشهور ملڪ مارو (ٿر) جو هو، جنهن سيتا رام کي قتل ڪيو ۽ پوءِ سيتا رام جي ڀاءُ سياجي هٿان قتل ٿي ويو. سيتا رام ۽ سياجي انهلواڙ پٽڻ جي راجا جئه چند جا پٽ هئا. اهي سولنگين جا دوست ۽ عزيز هئا."
    چوٿون حوالو (روايت) چوي ٿو ته لاکي "ڦلاڻيءَ جو زمانو 1200ع کان 1350ع جي وچ ۾ آهي، جنهن موجب لاکي ڦلاڻيءَ جي پيءُ ڦل هڪ خوبصورت ۽ ذهين ريٻاري خانبدوش ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي هئي. لاکو ڦلاڻي، جوانيءَ ۾ پيءُ سان تڪرار بعد سنڌ ڇڏي ڪڇ هليو ويو هو، جتي هن انهيلا پاٽڪا جي چاوڙا (راجپوت) حاڪم وٽ اجهو ورتو ۽ اتي هڪ بهادر سپاهي ۽ سياستدان جي حيثيت ۾ نالو ڪڍيائين. سندس پيءُ چاوڙن سان تڪرارن سبب سنڌ ۾ اچي رهيو هو.
    پنجون حوالو راءِ کنگهار جي نسبت سان آهي، جنهن 1540ع (946هه) ڌاري احمد آباد جي سلطانن جي مدد سان ڪڇ ۾ حڪومت قائم ڪئي هئي. راءِ کنگهار، لاکي ڦلاڻيءَ جو مامو هو. هو سمو جاڙيجو هو ۽ ڄام لاکي جي اولاد مان هئا، جيڪو لاکي ڦلاڻيءَ جو ڏاڏو هو. (حوالو: ڊاڪٽر پنهور)
    پٺيان سڀ حوالا لاکي ڦلاڻيءَ جي حياتيءَ جا ڏينهن نائين، ڏهين، تيرهين، چوڏهين ۽ سورهين صدي مقرر ڪن ٿا. البت انهن سڀني حوالن ۾ لاکي ڦلاڻي، ڪڇ ۽ انهل واڙ جو ذڪر ضرور اچي ٿو، پوءِ کڻي اهي حوالا تاريخ جا ڪتاب ڏيندا هجن يا زباني روايتون هجن. ان ڪري اسان چئي سگهون ٿا ته لاکو ڦلاڻي هڪ حقيقي ڪردار هو، جنهن ڏند ڪٿائي شهرت ماڻي آهي. سندس بي جگري ۽ اصول پرستيءَ کيس ڌاڙيل توڻي اوتار ٻنهي صورتن ۾ سامهون آندو آهي. لاکو ڦلاڻي، جاڙيجن ۽ ريٻارين لاءِ ڌاڙيل هو، البت اوڏن ۽ ٻين راڄن لاءِ اوتار هو. راءِ کنگهار ۽ لاکي ڦلاڻيءَ جي وچ ۾ تڪرار ڇو ٿيو؟ ۽ ڇا اها به هڪ ڏند ڪٿائي ڪهاڻي آهي؟ تاريخ جا ڪتاب راءِ کنگهار ۽ لاکي ڦلاڻيءَ جي ڏينهن ۾ تمام وڏو تضاد ٻڌائين ٿا. ان ڪري اسان ايئن چوڻ تي مجبور ٿيون ٿا ته تاريخ ۽ لوڪ ڪٿا، ٻنهي مان ڪا هڪ شيءِ بنهه غلط آهي يا وري تاريخ ۾ ڏنل تفصيل قصه گو شاعرن جي مبالغي جو شڪار ٿي ويا آهن يا ٻين واقعن سان گڌ وچڙ ٿي ويا آهن.

    سنڌ ۽ ڪڇ ۾ مروج ڪهاڻيءَ موجب:
    لاکي ڦلاڻيءَ جي سرگرميءَ جو علائقو ڪڇ ۽ ٿر جو ڏاکڻو حصو هو. سندس تڪرار جاڙيجن ۽ ريٻارين سان ٿيو هو. لاکي ڦلاڻيءَ پنهنجي ڌاڙيوالي زندگيءَ ۾ سنڌ ۽ ڪڇ کي ڳنڍيندڙ چوڏهن ئي رستن تي پنهنجو ڪنٽرول ڪري ورتو هو ۽ اتان لنگهندڙ ڪوبه قافلو ۽ فرد لاکي ڦلاڻيءَ جي مرضيءَ کان سواءِ باسلامت لنگهي رهي نه ٿي سگهيون ۽ ڪنهن به مالوند جو مال اٺ، گهوڙا، رڍون، ٻڪريون محفوظ رهي نه ٿي سگهيون. اهو سڄو علائقو ائين غير محفوظ ٿي ويو هو، جيئن ويهين صديءَ جي آخري ٻن ڏهاڪن ۾ سنڌ جي ڪچي ۽ جبل وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن جو راڄ هو ۽ ماڻهو ساهه جهليو بيٺا هئا.
    ايئن ٿو محسوس ٿئي ته راءِ کنگهار جي زماني ۾ ريٻاري لوڪ راءِ کنگهار جي رعيت هئا، جن بار بار راءِ کنگهار کي لاکي ڦلاڻيءَ خلاف دانهون ڏنيون. طعنا ڏنا، پر راءِ کنگهار، لاکي ڦلاڻيءَ کي جهلي يا ضابطي ۾ آڻي نه سگهيو. شاهه لطيف ان صورتحال جي اظهار لاءِ ڪجهه بيت چيا:
    رڙي ريٻارڻ روءِ، اڀي ڍينگهر جهل،
    ڀري هتان ڀل، ڪيترون ڪاهي ويا.

    رڙي ريــٻــارڻ روءِ، واڙي پـــايـو وڇــڙا،
    کــرا ويــڻ کـنـگـهار کي، چنچل اڀي چـوءِ،
    واڙي وڇ نه ڪوءِ، جو لاکو لوڙائن سين.
    ريٻارين ۽ جاڙيجن سان جهيڙي جو ڪارڻ فقط اهو هو ته ارڏي لاکي ڦلاڻيءَ جي ٻن ساٿين جيسر ۽ جئسراج جي ماڻهن سان راءِ کنگهار تڪرار ڪيو، جنهن ۾ ڪي ماڻهو مارجي ويا. ان تڪرار ۾ ريٻارين جي چرچ به شامل هئي. لاکو ڦلاڻي پلاند وٺڻ لاءِ اٿي بيٺو ۽ پهرين راءِ کنگهار کان انصاف جي گهر ڪيائين. جڏهن داد فرياد نه ٿيو، تڏهن هو بغاوت تي لهي آيو ۽ رڻ ٻاري ڏنائين.
    سندس بغاوت Targeted هئي ۽ هر ماڻهوءَ جي خلاف ڪونه هئي. ان ڪري هن مالوند ريٻارين، جاڙيجن ۽ پڇاڙيءَ ۾ خود راءِ کنگهار جو مال ۽ اٺ ڪاهڻ شروع ڪيا. ان ريت هن زورآور زميندارن کي ڦرڻ ۽ مظلومن کي انصاف ڏيڻ لاءِ پنهنجو طريقو اختيار ڪيو ۽ عوام وٽ "گاڊ فادر" جهڙي اهميت وٺي ويو. راءِ کنگهار سان لاکي ڦلاڻيءَ جو تڪرار ۽ سندس مال ڪاهڻ جو ذڪر شاهه لطيف هڪ بيت ۾ هن ريت ڪيو آهي:
    هــنــي مـــٿـــان هـــٿـــڙا، لاکــو نــــه لاهـــي،
    کــڙيــئــريـــا کــيــل ڪــري، اڀــو ئــي آهــي،
    وڃيو سي ڪاهي، جي کيڙي هيٺ کنگهار جي.
    لاکو ٻني (ڪڇ واري علائقي ۾ حضرت آدم جي ٻني جي نالي سان مشهور علائقو) ۽ لوڻي (ڪارونجهر جي اولهه ۽ اتر وارو پاسو) ۾ وڌيڪ سرگرم رهيو. هڪ روايت موجب راءِ کنگهار جو هڪ ريٻارڻ تي راز هو، ان ڪري هو ريٻارين ۽ جاڙيجن جو سرپرست (راءِ) هو ۽ اهو ئي سبب هو جو ريٻارين ۽ جاڙيجن جو من وڌيل هو. جنهن ڪري هو جيسر، جسراج ۽ نيٺ لاکي ڦلاڻيءَ سان تڪراري ٿيا ۽ لاکي جي عتاب هيٺ آيا.
    لاکي ڦلاڻيءَ جي جنم جي ڪهاڻي پڻ راجا ڪڻس واري دور ۾ شري ڪرشن جي جنم واري ڪهاڻيءَ جو چرچو آهي. راجا ڪڻس، شري ڪرشن جو مامو هو. شري ڪرشن جي جنم وقت راجا ڪڻس کي ٻڌايو ويو هو ته جڏهن هي ٻار جوان ٿيندو، اهو تنهنجو سر کڻندو! لاکي ڦلاڻيءَ بابت به ساڳي ڳالهه مشهور آهي. چون ٿا ته لاکو ڦلاڻي ڄائو تڏهن جوتشين سندس جنم پتري تيار ڪئي ۽ چيو ته جڏهن هي ٻار جوان ٿيندو، پنهنجي مامي سان تڪراري ۽ دشمن ٿيندو! ٿيو به ائين، نيٺ (روايتن موجب) اهو ئي تڪرار لاکي ڦلاڻيءَ جي موت جو سبب ٿيو.
    سندس جنم وقت ڪيل پيشنگوئي ڪڇ جي قصن ۾ معمول جي ڳالهه آهي. اسان ڏسون ٿا ته رڳو شري ڪرشن (جنهن جو تعلق پڻ ساڳئي علائقي دوارڪا سان هو) پر راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل جي حوالي سان به ساڳي ڳالهه ڪئي ٿي وڃي.)
    جهڙيءَ طرح لاکي ڦلاڻيءَ جي جنم جي ڪا پڪي تاريخ نه ٿي ملي، ساڳيءَ طرح لاکي ڦلاڻيءَ جي موت بابت به مختلف ڳالهيون آهن. هڪ روايت چوي ٿي ته لاکو ڦلاڻي پنهنجي تيز رفتار گهوڙي لکيءَ سميت ڪريو ۽ ٻئي مري ويا.
    لـکـي ۽ لاکـو، ٻـئـي مـئـا ٻـاجـهـه ٿي،
    قادر لاٿو ڪڇ تان، اديون اولاڪـو،
    وانـڍيـن ۾ واڪـو، ريـٻـاري رهي ويا.
    هن مضمون ۾ منهنجو موضوع لاکي جو علامتي ذڪر ناهي. آئون سندس ذات جي حوالي سان ٽريل پکڙيل ڳالهين کي جمع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. مٿيون بيت هڪ ئي وقت لاکي ۽ لکيءَ جي موت جي نشاندهي ڪري ٿو. اهو واقعو ڪيئن پيش آيو؟ ڪا وضاحت نه ٿي ملي. البته اها تصديق ٿئي ٿي ته لاکو ڦلاڻي طبي موت نه مئو، هو جنگ جي ميدان ۾ قتل ٿيو يا وري حادثاتي موت مئو.
    اسان مٿي هڪ تاريخي حوالي ۾ ڏٺو ته لاکو ڦلاڻي سن 1212 ۾ انهلواڙ پٽڻ جي راجڪمار سياجي هٿان جنگ ۾ قتل ٿيو هو. ڪڇ جي گجراتي تاريخ به چوي ٿي ته لاکو ڦلاڻي پيءُ جي وفات کان پوءِ ڌاڙا ڇڏي هڪ ڪوٽ اڏائي ويهي رهيو هو، پر راءِ کنگهار جي دل ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جي خلاف نفرت باقي رهي. ممڪن آهي ته لاکي ڦلاڻيءَ جي مضبوط ڪردار ۽ مقبوليت مان راءِ کنگهار کي سياسي خوف ٿيو هجي جو نيٺ هن پنهنجي ڀاڻيجي (لاکي ڦلاڻيءَ) کي دعوت ڏيئي گهرايو، وڏا طعام تيار ڪرائي، کيس دولاب سان قتل ڪرائي ڇڏيائين. (لاکي جي موت بابت هي حوالو حافظ ارشد انڊهڙ جي مضمون تان کنيو ويو آهي، جيڪو ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي ڪتاب "سر ڏهر" ۾ ڇپيو آهي ۽ حافظ صاحب روايت جو ماخذ درج ڪونه ڪيو آهي.)
    چون ٿا ته لاکي ڦلاڻيءَ جو عشق هڪ سهڻي اوڏڻ سان ٿيو هو، جنهن جي پيءُ جو نالو ٻيلي اوڏ هو. ان اوڏڻ سان لاکي شادي به ڪئي. اهو رومانس تڏهن جي ڳالهه آهي، جڏهن لاکي ڦلاڻيءَ اوڏن کان "ڪيرو ڪوٽ" ٺهرايو. اهو "ڪيرو ڪوٽ" ڀڄ تعلقي ۾ ٺاهيو ويو، جنهن کي ڪانهيرو ڪوٽ يا ڪيرا ڪوٽ به چون ٿا. لاکي ڦلاڻيءَ پنهنجي پيءُ ڦل جي موت کان پوءِ ڌاڙا ڇڏي اتي مستقل رهائش اختيار ڪئي هئي ۽ "هاڻوءَ" مان ڦري سخي ٿيو.
    لاکي لوڙيون ڇڏيون، سرها ٿيا سنگهار،
    چـٽـائي چـؤڌار، وانڍيون وک چرنديون.
    ڀٽائي صاحب جو هيٺيون بيت شايد ڪانهيرو ڪوٽ جي باري ۾ ئي آهي.
    اڏيــو اوڏن، شــل ڍيـنـگر ڍلــو مَ ٿــئـــي،
    جنهن ڀر ويهي ڪن، ليکو لاکي ڄام سين.
    لاکي اوڏن کي اجهو به ڏنو هو، جن ڪانهيري ڪوٽ لڳ پنهنجا اجها به جوڙيا هئا. چيو وڃي ٿو ته هن عوام لاءِ به تلاءَ ٺهرايا هئا، جن مان هڪ جو نالو لاکا راءِ تلاءُ ۽ ٻئي جو نالو ٻيلي راءِ تلاءُ رکايو هئائين. اهي تلاءَ اڄ تائين ڪڇ ڀڄ ۾ موجود ۽ سلامت ٻڌايا وڃن ٿا. لاکي کان پوءِ شايد اوڏ به لڏي ويا.
    اوڏي، اڏي اوڏ، ڇڏي ويا ڀيڻيون،
    ٽڪاڻا ۽ ٽول، پيا آهن پٽ ۾.
    (ڏهر)
    ٻئي طرف ريٻاري لوڪ سنڌ ۾ ڪارونجهر ۽ پارڪر واري علائقي ۾ رهن ٿا ۽ سندن عورتون سوءِ وارو ڪارو کٿو اوڍين ٿيون. ريٻاري لوڪن جو چوڻ آهي ته هنن اهو کٿو پنهنجي راءِ جي خون جو بدلو وٺڻ لاءِ ڪيو آهي ۽ قسم کنيو آهي ته جيسين پلئه نه ڪنداسين، ڪارو کٿو نه ڇڏينداسين. پر سوال اهو آهي ته سندن راءِ ڪير هو؟ ڇا ريٻارين آخر وقت ۾ لاکي ڦلاڻيءَ کي پنهنجو سردار قبول ڪيو هو؟ ڇا لاکي کي راءِ کنگهار ڪونه ماريو هو؟ ڇا راءِ کنگهار ڪنهن ويڙهه ۾ قتل ٿي ويو هو؟ يا اڃا به ڪو ٻيو سردار ڪنهن معرڪي ۾ مارجي ويو هو؟ ان سوال جو جواب هاڻي خود ريٻاري به ڪونه ٿا ڏيئي سگهن. سنڌ ۾ رهندڙ ريٻارين کان پنهنجي راءِ جو نالو ته وسري ويو آهي، پر اهو ياد اٿن ته ڪو پلئه باقي آهي.
    اکيون ڪڍ ۾ ڳجهڙي، تارا تـان مَ کاءُ،
    پـئـو نـه پـسـيـن پـٽ ۾، ريـڳـڙيـارو راءُ،
    جيري جنهن جوان جي، لڳا نو سو نو گهاءُ،
    رات جنهن جي ماءُ، روئي پرنئون رب کي.
    (ڪيڏارو)

    (سنڌ جو شاهه، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، سال 2000ع)


    ڦلاڻيءَ ڦير ٻيو! : سليم ڀٽو لطيفي

    شاهه سائينءَ جي سڀني رسالن ۾ سر ڏهر جي هڪ داستان ۾ لاکو ڦلاڻي، لکيءَ ۽ اوڏن جو ڀرپور ذڪر ملي ٿو ۽ رسالي جي مختلف محققن ۽ ترتيب ڏيندڙن لاکي ڦلاڻيءَ جي ڪردار سان انصاف نه ڪيو آهي، سواءِ ٻانهون خان شيخ صاحب جي باقي سڀني محققن لاکي ڦلاڻيءَ کي ڌاڙيل جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي ۽ انهيءَ سوچ جي نسبت سان وري شاهه صاحب جي بيتن سان هٿ چراند ٿي آهي. نتيجي ۾ شاهه سائينءَ جي فڪر ۽ لاکي جي ڪردار سان ناحق ٿيو آهي. تاريخي حقيقتن کي ٽوڙي موڙي پيش ڪيو آهي ۽ جاگرافيائي حوالي سان به ڪن ماڳن ۽ مڪانن جي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۾ غلطي ٿي آهي ۽ پوري ڪهاڻي ان جي ڪردارن ۽ لطيفي فڪر جو مقصد ۽ مفهوم ئي ختم ٿي ويو آهي. خبر نه آهي ته اهو سڀ ڪجهه اڻ ڄاڻائي، لاعلمي ۽ تحقيقي کوٽ جي ڪري ائين ٿيو آهي يا ڄاڻي واڻي ڪنهن منفي مقصد جي حاصلات خاطر سازش سٽي وئي آهي. ڪروڙين ڪارڻ ۽ سوين سبب ٿي سگهيا ٿي، پر ضروري ڳالهه اها آهي ته ڳولا ڦولا ڪري حقيقتون هٿ ڪجن ۽ اصل سچ کي نروار ڪجي ته لاکو ڦلاڻي ڪير هو، ڪٿان جو هو ۽ ڌاڙيل ڇو ٿيو؟ اوڏڻ ۽ اوڏن سان لاکي جي نسبت ڪهڙي، ڪيئن ۽ ڪهڙي ڪارڻ هئي؟ لاکي جي گهوڙي لکيءَ تي لکي نالو ڪيئن پيو؟ تر جي ٻين غاصب زميندارن، وڏيرن، سردارن ۽ وقت جي حاڪمن، خاص طور راءِ کنگهار ۽ ٻين ذاتين جي چڱن مڙسن ۽ ماڻهن جو هن حقيقي ۽ تاريخي ڪردار سان اختلافن ۽ دشمنيءَ جا ڪهڙا ڪارڻ هئا ۽ عام غريب پورهيت ماڻهو لاکي لاءِ ڪهڙي راءِ رکندا هئا؟ اهي سڀ سوال وضاحت ۽ تحقيق طلب آهن ۽ ان کان علاوه شاهه سائينءَ جي شاعريءَ جي روشنيءَ ۾ هي تاريخي پسمنظر ڪيئن ٿو جڙي؟
    سنڌ جي تاريخ ۾ قومي تحريڪن جو جائزو وٺنداسين ته معلوم ٿيندو ته جڏهن ڪن سڄاڻ ۽ سـُـوَڙن سپوتن ڌرتيءَ جو درد محسوس ڪيو ۽ ديس واسين ۽ ڌرتيءَ جي ڌڻين جي آجپي جي طرفداري ڪئي آهي ته وقت جي حاڪمن سامراجي ذهن جي شيطاني شرارت کان ڪم وٺندي انهن سورهيه ۽ سرويچ سورمن کي عوامي پٺڀرائي ۽ حمايت کان محروم ڪرڻ لاءِ ڌرتيءَ ڌڻين ۾ نفاق پيدا ڪرڻ خاطر انهن جي نالي ۾ پنهنجي پالتو ڪارندن کان ڌاڙا هڻائي هنن کي ڌاڙيل ۽ ڦورو جي روپ ۾ بدنام ڪيو آهي. هن منافقي ۽ چالاڪيءَ جو سلسلو تاريخ جي هر دور ۾ سنڌ ۾ ته رهيو ئي رهيو آهي، پر ارغونن، ترخانن، مغلن، انگريزن ۽ ڪارن انگريزن تائين به هي سلسلو هلندو رهيو آهي. ڪٿي ائين ته ناهي ته لاکي ڦلاڻيءَ جي تاريخي ڪردار ۽ لطيفي فڪر سان اڄوڪي تاريخ جي طوطن به پنهنجي آقائن واري ٻولي ٻولڻ جو پهه ڪيو آهي ۽ پنهنجي نسلن کي تاريخي شعور جي وهڪري کان غافل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته شاهه سائينءَ جي پوري رسالي ۾ ڪٿي به ڪا شاهدي ڪونه ٿي ملي ته شاهه سائينءَ ڪنهن غير ۽ غاصب، لٽيري ۽ ڦورو، لوڀي ۽ ٺوڳيءَ کي مثبت موٽ ۽ مڃتا ڏني هجي ته پوءِ اهي بيت، جن ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جي ڪردار جي مثبت پهلوئن کي پيش ڪيو ويو آهي، اهي اهڃاڻ ڪنهن جا آهن؟
    منجهه ڪٻرن هُـل، ٻــهــران لـمـن چمـڙا،
    نه لاکـو نه ڦل، ڳجهه ڳـرهيان ڪن سين.
    هن بيت ۾ لاکي جي روپوش ٿيڻ کان پوءِ سندس ماڳن جي سڃ ۽ ويرانيءَ جو منظر پيش ڪيو ويو آهي ته اندر گهرن ۾ ڪٻرين جو گوڙ ۽ گهمسان آهي ۽ رات جو چمڙا گهرن جي ٻاهران پيا اڏرن. مطلب ته اهڙي ويراني ۽ سڃ ۾ وري لاکو ۽ ڦل به ڪونهي ته راز ۽ ڀيد ڪنهن سان اوريان. هتي ڦل جي نسبت به لاکي جي ڏاڏي يا پڙڏاڏي جي نالي "ڦل" سان آهي، تڏهن ته هو ڦلاڻي يا لاکو ڦل سڏيو ويندو هو. لاکي جي لڏڻ کان پوءِ هن قسم جي سڃ جو پيدا ٿيڻ جي دليل طور هڪ ٻيو بيت به ملي ٿو:
    نه سي ڦل باغن ۾، نه سي هٽين داڻا،
    لاکــي ابـاڻـا، لـڏي ڪـنـهـن لـــوءِ ويــا.
    مطلب ته هاڻ باغن ۾ گل به نه آهن ۽ دڪانن تي اناج جا داڻا به نه آهن. کاڌي پيتي جو سامان علائقي ۾ نه آهي. هر هنڌ سڃ ۽ ويراني لڳي پئي آهي. ڇاڪاڻ ته لاکو ۽ سندس برادري ۽ خاندان جا ماڻهو جوءِ ڇڏي لڏي ڪنهن ٻيءَ لوءِ ويا آهن. هاڻ سوال پيدا ٿئي ٿو ته لاکو ڌاڙيل ٿيڻ خاطر ڪونه ٿو لڏي، پر هن جي لڏڻ جا ڪي سبب آهن، جيئن ٻانهون خان لکن ٿا ته: "لاکو، جيڪو پنهنجي پيءُ ڏاڏي يا پڙڏاڏي جي نسبت سان ڪڏهن لاکو ڦل يا ڦلاڻي سڏيو ويندو هو، اهو ڪڇ جي علائقي جو هڪ سورهيه ۽ سخي سردار هو، پر ڪڇ ڀڄ جي حاڪم راءِ کنگهار جاڙيجي سمي جي غلط فيصلي سبب، جيڪو هن لاکي جي ساٿين، جيسي ۽ جسراج جي قاتلن (جيڪي ذات جي ريٻاري هئا) جي حق ۾ ڪيو (لاکو) ڪاوڙجي لوڙائو يعني ڌاڙيل ٿي پيو." (جلد 3، صفحو 258) مطلب ته لاکو مال ملڪيت، ڌن دولت ڦرڻ ۽ ماڻهو مارڻ يا ايذائڻ لاءِ ڌاڙيل نه ٿيو هو، پر پنهنجي ساٿين جي ناحق خون جو بدلو وٺڻ، ان غلط فيصلي ڪندڙ ۽ سندس ساٿين جي قاتلن جي طرفداري ڪرڻ وارن جو دشمن هو. انهن کي نقصان ڏيڻ ۽ انهن کي بدلو چڪائڻ لاءِ ڌاڙيل بڻيو هو. مطلب ته لاکو مجموعي طور هن ناانصافي ۽ اقربا پروريءَ واري نظام ۽ اهڙي نظام جي رکوالن جي خلاف هو، نه عام ماڻهن جي خلاف هو، تڏهن ته لطيف سائينءَ فرمايو:
    لاکــا لـک سُــڄـن، ڦــلاڻــيءَ ڦـيــر ٻـئـــو،
    جنهن ڀر راڻا راڄيا، ڪوٽن ڌڻي ڪنبـن،
    جنهن جو جاڙيجن، ستي سونچو نه لهي.
    ريٻاري قوم سان لاکي جي دشمنيءَ جو سبب ته اهو آهي ته ريٻارين، لاکي جي ساٿين جيسي ۽ جسراج کي قتل ڪيو ۽ راءِ کنگهار ۽ سندس ذات وارن جاڙيجن سمن سان لاکي جي دشمنيءَ جو سبب وري اهو آهي ته راءِ کنگهار اهو فيصلو غلط ڪيو هو ۽ راءِ کنگهار جي هن غلط فيصلي ڪرڻ جو جواز وري هڪ ريٻاري عورت هئي، جنهن سان راءِ کنگهار جو عشق هو. جيئن ٻانهون خان لکن ٿا ته: "ريٻاري قوم جي عورت (جنهن تي ڪڇ جو حاڪم راءِ کنگهار عاشق هو)" (جلد 3 صفحو نمبر 261) ٻانهي خان اهي لفظ هيٺين بيت جي سمجهاڻيءَ طور لکيا آهن:
    ريٻارڻ ريــجهـاءِ، لاکـو لـولاٽـن سـيـن،
    سائو مان سندياءِ، ٺٽ مٽائي ٺاڪرو.
    مطلب ته ريٻاري قوم جي عورت تون آزين، نيزارين ۽ منٿن سان لاکي کي راضي ڪر، پرچاءِ، متان بهادر لاکو، جيڪو ٺڪر راجپوت آهي، سو تنهنجو ڳوٺڙو ۽ مال جو وٿاڻ بدلائي نظرانداز ڪري وڃي. اهڙا ٻيا به بيت آهن، جن ۾ هن ريٻارڻ عورت ۽ لاکي ڦلاڻيءَ جي نسبت ظاهر ٿئي ٿي.
    ريــٻــارڻ روئـي، واري پـاتـا وڇــڙا،
    سمورا سوئي، هڻي ساٿ هيڪلي.

    رڙي ريٻارڻ روءِ، اڀي ڍنگهـــرجـهـل،
    ٻڙي هتان ٻل، ڪيترون ڪاهي ويا.

    رڙي ريـٻــارڻ روءِ، اڀــي ڍنـگهر ڍار،
    وڃن اڄ وڳ هڻئو، سئم جي سوار،
    ڪاڇي ٻنهي پار، ڌاڪو هن جو دسيين.
    مطلب ته ريٻاري قوم جي هڪ عورت، جنهن تي ڪڇ جو حاڪم راءِ کنگهار عاشق هو، اها عورت اکين مان ڳوڙها وهائي، آهه پڪار ڪري وڇڙا واڙي وٿاڻ يا واڙ ۾ پاتا ۽ پوريا. هي چوي ٿي ته لاکو هڪ ئي وقت اڪيلي سر سمورو مال ڪاهي ٿو وڃي. هي عورت چوپائي مال جي واڙي جي ڀرسان بيٺي پنهنجي هڪ ٻي برادري جي عورت کي دانهون ڪري ٻڌائي ٿي، روئي ٿي ته ادي! اي ٻڙي! اي ڀيڻ! لاکو کير ڏيندڙ ڀليون ڍڳيون ۽ مينهون تمام گهڻي تعداد ۾ ڪاهي ويو آهي. ٽئين بيت جي مفهوم ۾ هي ساڳي عورت واڙ جي ڀرسان يا واٽ ۾ روئي دانهون ڪندي ٻڌائي ٿي ته اٺن ۽ گهوڙن سوار ٿيل لاکو ۽ سندس ساٿي چوپائي مال جا ڌڻ يا ولر اڄ ڪاهي ويا آهن. ڪڇ ملڪ جي جبل واري علائقي ڪاڇي جي ٻنهي پارن يعني هر طرف لاکي جو خوف، هراس ۽ ڌاڪو ٿو ٻڌجي. هن جو ڌاڪو ديسن يعني ٻين ملڪن تائين پکڙيل آهي. هنن بيتن مان ٻه ڳالهيون ثابت ٿين ٿيون ته لاکو، ريٻاري قوم جو دشمن آهي ۽ انهن جا مال به هڻي ٿو وڃي، ڇاڪاڻ ته ريٻاري لاکي جي ساٿين جا قاتل هئا، پر هن ريٻاري عورت سان لاکي جي دشمني ٻه طرفي آهي، ڇاڪاڻ ته هيءَ عورت هڪ ته ريٻاري قوم جي آهي ۽ ٻيو ته هيءَ عورت لاکي سان نا انصافي ڪندڙ راءِ کنگهار جي محبوبه آهي، جنهن خاطر ئي راءِ کنگهار جي خلاف ۽ ريٻارين جي حق ۾ فيصلو ڪيو هو ۽ لاکو ڪاوڙ ۾ اچي ڌاڙيل بڻيو هو. هن عورت سان لاکي جي ڏاڍاين جو سبب راءِ کنگهار جي هن عورت سان عشق واري نسبت خود هن عورت کي ڪُـکي ٿي ۽ چوي ٿي ته لاکو هن سان ڏاڍايون انهيءَ ڪري ڪري ٿو جو راءِ کنگهار هن تي عاشق آهي ۽ هيءَ عورت راءِ کنگهار کي تکا طعنا ڏئي ٿي:
    رڙي ريٻــارڻ روءِ، واڙي پــايــو وڇــڙا،
    کرا ويڻ کنگهار کــي، چنچل اڀي چوءِ،
    واڙي وڇ نه ڪوءِ، لاکو لوڙائن سـيـن.
    مطلب ته ريٻارڻ عورت واڙ ۾ وڇڙا واڙيندي بيٺي روئي ۽ رڙي. هيءَ چنچل، راءِ کنگهار کي سڌيون بيٺي ٻڌائي، سڌا سنوان گفتا بيٺي چوي. راءِ کنگهار کي صحيح سخت ۽ تکا طعنا بيٺي ڏي ته "اي راءِ کنگهار هاڻي واڙي ۾ وڇڙا پون ئي ڪين ٿا، ڇاڪاڻ ته لاکو پنهنجن لوڙائن سان پيو ڦري ۽ مال ڪاهي ۽ (واڙي ۾ وڇڙا تڏهن وجهبا آهن، جڏهن مال جهنگ مان چري ڦري موٽي ڀاڻ يا وٿاڻ تي ايندو ۽ ڏهائي ٿيندي) پر مال ته لاکو ڪاهيو ٿو وڃي، سو وڇڙا واڙن کان ٻاهر پيا گهمن!" ٻانهون خان هن ريٻارڻ عورت لاءِ لکي ٿو ته: چنچل، البيلي، لاڏلي، چلولي، سهڻي (ريٻارڻ قوم جي هن عورت ڏانهن اشارو، جنهن تي راءِ کنگهار عاشق هو) (جلد 3، صفحو 262) ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن حقيقت جي تصديق هن طرح ڪري ٿو ته، ريٻارڻ، ريٻاري قبيلي مان هئي ۽ ڪڇ جي راءِ کنگهار کيس پاڻ وٽ ويهاريو هو جو هو مٿس موهت هو. ڪڇ جي روايت موجب ريٻارڻ سهڻي هئي ۽ سندس نالو ئي چنچل هو. ريٻارڻ، راءِ کنگهار کي پنهنجي محبت ۾ قابو ڪيو، انهيءَ لاءِ ته لاکي کي روڪي، ڇاڪاڻ جو لاکو، ريٻارين جي وڳن جون لوڙيون هڻندو هو.(صفحو نمبر 270) شاهه سائينءَ جا ٻيا به ڪيترائي بيت آهن، جيڪي لاکي ۽ ريٻارين جي دشمني، لاکي ۽ جاڙيجن جي دشمنيءَ جي تصديق ڪن ٿا.
    راءِ سـيـن رٺـا جـي، تن جاڙيجن جاڙ ڪـئـي،
    ڪيئن ماڻيندا سي، چوڏهن چارو ڪڇڙو.

    جاڳو جاڙيجا، سمــا سک مَ سـمـهـو،
    پسيو آن پاران، لاکو ٿو لوڙيون هڻي.

    لاکو لوءِ به لوءِ، وڙهي ويل سڀ ڪنهن،
    اورانـگـهـيـو اڀــرن تـان، هڻي ڌڻ ڌڻـيوءِ،
    ڪـر ڳـل مـٿـي ڪڇڙي، پرهه ڦٽي پوءِ،
    حيف تنــي کي هوءِ، جن اڻ سنڀوڙي آيو.
    مطلب ته لاکو هر وقت، هر گهڙي، ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر، هر هنڌ جهيڙو ۽ جنگ لايو بيٺو آهي. هلر، هنگامو ۽ گوڙ گهمسان ڪريو بيٺو آهي. ڪڇ ۾ پرهه ڦٽيءَ کان پوءِ يا پرڀات کان پوءِ يعني صبح جي مهل کان پوءِ به لاکو لوڙيون هڻي ٿو. حيف يا افسوس آهي انهن تي، جيڪي غفلت ۾ آهن ۽ لاکو اوچتو انهن جي مٿان اچي بيهي ٿو. هن بيت جي حوالي سان هڪ ضروري وضاحت ٿيڻ گهرجي ته مٿي ڄاڻايل بيت ۾ چار سٽون آهن، جڏهن ته اهو ساڳيو بيت ڪن رسالن ۾ ٻن سٽن ۾ ته ڪن ۾ ٽن سٽن ۾ لکيل آهي. هاڻي بيت جي سٽن جي ترتيب ۾ ٻئي نمبر واري سٽ اضافي سٽ آهي. يعني "اورانگهيو اڀرن تان، هڻي ڌڻ ڌوڻيوءِ". مطلب ته هن اضافي سٽ جي معنيٰ ٿيندي ته لاکو اڀرن ۽ غريبن، هيڻن ۽ ڪمزورن کي ڇڏي، انهن کي اورانگهي اميرن ۽ وڏن ڌڻين جا ڌڻ ڪاهي ٿو وڃي. هن سٽ جي اضافت سان هاڻي لاکي ڦلاڻيءَ جي ڪردار جو مثبت رخ سامهون اچي ٿو. ڪيترن ئي محققن شاهه سائينءَ جي رسالي جي نسبت سان ۽ لاکي جي ڪردار متعلق تاريخي پسمنظر واري تحقيق جي روشنيءَ ۾ لاکي جي ڪردار کي ظالم ۽ ڌاڙيل جي روپ ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جڏهن ته شاهه سائينءَ جي بيتن جي روشنيءَ ۾ ۽ تاريخي پسمنظر جي تحقيق ۾ لاکو ظالم ۽ ڌاڙيل نه پر مظلومن جو مددگار ۽ ظالمن جو ويري رهيو آهي ۽ بيت ۾ هي اضافي سٽ پڻ ان ڳالهه کي دليل ڏئي ٿي. رسالي جا ٻيا بيت جيئن "لاکا لک سڄن، ڦلاڻيءَ ڦير ٻيو" ۽ "لاکا لک هئا، ڦلاڻيءَ ڦير ٻيو"، انهن بيتن ۾ لاکي جي لکن سان لک برابر ڀيٽ جهڙا لفظ لاکي جي چڱائيءَ جو ثبوت آهن، پر اسان جي تاريخ جي طوطن هڪ دردمند انسان کي ڌاڙيل بڻائي ڇڏيو آهي. لاکو دشمن جو دشمن آهي، لاکو ناانصافيءَ جو دشمن آهي، لاکو دوستن جي دشمنن جو دشمن آهي ۽ انهن سڀني لاءِ لاکو ڌاڙيل آهي. ٻيءَ صورت ۾ لاکو لکن ۾ لائق آهي ۽ لکين لاکا، لاکي ڦلاڻيءَ جي لک جي لائق به نه آهن. جيئن حاجي ٻانهون خان لکن ٿا ته: "لاکو ڪڇ جي علائقي جو هڪ سخي سورهيه سردار هو."(جلد 3، صفحو 261) لاکي بابت ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکن ٿا ته: "اڳئين وقت جي وڏي ارڏي ۽ اڻٽر سردار لاکي ڦلاڻيءَ جي ڳڻن ڳالهين ۽ ڏاڍاين جا اهڃاڻ هن داستان جو مکيه موضوع آهن. سندس ڳڻ اهي جو غريب اوڏڻ سان پرڻيو ۽ اوڏن جي لـڄ پت رکيائين ۽ کين پاڻ وٽ اجهو اوٽ ڏنائين. سندس ڏاڍائي اها جو هر طرف هلائون ڪري ڦري ڪاهي راڄن کي لڏايائين. ريٻارين ۽ جاڙيجن جا ته وڳ ڪاهيائين، پر اهي راڄ جيڪي ملڪ جي حاڪم راءِ کنگهار جي پناهه هيٺ هئا، تن جون به لوڙيون هنيائين."(صفحو 74، جلد 10) لاکي جي ڏاڍاين جو ذڪر ڪندي ڊاڪٽر صاحب، لاکي جي ڏاڍاين جو ڪارڻ ڪونه لکيو آهي. جڏهن ته ٻانهون خان ان ڳالهه کي واضح ڪيو آهي ته لاکي جي ڌاڙيل ٿيڻ جو سبب سندس دوستن، جيسي ۽ جسراج جي قاتلن يعني ريٻارين، انهن ريٻارين جي طرفداري ڪندڙ ۽ غلط فيصلو ڪندڙ راءِ کنگهار ۽ اها ريٻاري قبيلي جي عورت، جنهن تي راءِ کنگهار عاشق هو، اهي سڀ سبب هئا لاکي جي ڌاڙيل ٿيڻ جا ۽ لاکي لوڙيون به انهن تي ئي هنيون، جيئن هڪ بيت ۾ آهي ته:
    لاکو لکيءَ تي چڙهي، لکي لاکي ساڻ،
    چــاري چــاڙهي آيـو، واسـي وات وٿاڻ،
    جاڙيجن زيان، ڪيڏو ڪئو ڪڇ سين.
    هن بيت جي پڙهڻي بلوچ صاحب وٽ ٿوري مختلف آهي. اها به آخري سٽ ۾ "جاڙيجو زيان، ڪيڏو ڪري ويو ڪڇ سين"، بلوچ صاحب هن جي تشريح ڪندي لکي ٿو ته: "جاڙيجو يعني لاکو، جيڪو "سنڌ سمون" نه پر، "جاڙيجو سمون" هو." مطلب ته بلوچ صاحب جي تحقيق مطابق لاکو به جاڙيجو سمو هو. جڏهن ته ٻانهون خان جي پڙهڻيءَ ۾ اها سٽ هن طرح آهي "جاڙيجن زيان، ڪيڏو ڪئو ڪڇ سين" ۽ هن سٽ ۾ "جاڙيجن زيان" جي تشريح ڪندي لکي ٿو ته "راءِ کنگهار جاڙيجي ۽ ان جي عزيزن جو نقصان يا هاڃو" هاڻي بلوچ صاحب جي مطلب تحت جاڙيجو زيان به لاکو جاڙيجو زيان ڪري ويو ۽ ٻانهي خان جي مفهوم تحت جاڙيجن زيان معنيٰ جاڙيجن جو زيان لاکو ڪري ويو. ٻانهي خان جي پڙهڻيءَ ۾ هن بيت جو ٻيو اڌ جڏهن پڙهبو ته پوءِ مٿئين مطلب ۽ مفهوم لاءِ سٽ جي ٻئي حصي جي پڙهڻيءَ ۾ هن طرح جو سڌارو آڻڻو پوندو، "ڪيڏو ڪري ويو ڪڇ سين"، پر جيئن ته ٻانهي خان واري پڙهڻي گنج جهڙي معتبر ۽ اوائلي رسالي جي پڙهڻي آهي، ان ۾ سڌارو نه ڪرڻ گهرجي ۽ صرف ڌيان سان معنيٰ ۽ مفهوم کي ڪهاڻي ۽ ڪردارن جي تاڃي پيٽي ۽ معنوي زمري ۾ سوچڻ گهرجي. "جاڙيجن زيان، ڪيڏو ڪئو ڪڇ سين" جو مطلب ٿيندو ته جاڙيجن، ڪڇ جو ڪيڏو وڏو زيان ڪيو آهي جو لاکي سان نا انصافي ڪري ۽ ان سان دشمني پاتي اٿن. هن مفهوم جي دلالت هڪ ٻئي بيت مان ٿئي ٿي ته:
    راءِ سين رٺا جي، تن جاڙيجن جاڙ ڪئي،
    ڪين ماڻيندا سي، چوڏهن چارو ڪڇڙو.
    مطلب ته اهي جاڙيجا، جيڪي راءِ سان رٺا آهن، يعني لاکي ڦلاڻيءَ سان ڪاوڙيا، ناراض ٿيا يا دشمني پاتي، انهن جاڙيجن يعني ڪڇ جي راءِ کنگهار جاڙيجي سمي ۽ ان جي خاندان جي ماڻهن وڏي غلطي ڪئي. هاڻ اهي جاڙيجا ڪهڙيءَ طرح چوڏهن چارو يعني چوڏهن واٽن ۽ رستن وارو ڪڇ جو اهم علائقو پنهنجي قبضي هيٺ رکندا، ڇو جو هنن ته لاکي سان دشمني پاتي آهي. اها ئي هنن جي وڏي غلطي آهي. اهو ئي ته جاڙيجن ڪڇ جو وڏو زيان ڪيو آهي جو اهڙي اهم علائقي جو قبضو قائم نه رکي سگهيا. لاکي کي پلي نه سگهيا ۽ خواهمخواهه ٻين کي به تڪليف ۾ آندو اٿن. پنهنجي غلطيءَ سبب ڪڇ ۽ ڪاڇي جو امن ۽ اتحاد، خوشحالي ۽ خيريت کي ڇيهو رسايو اٿن. حاڪمن ۽ چڱن مڙسن، وڏيرن ۽ سردارن جا اهڙا فيصلا جن ۾ انهن جي پنهنجي مفاد ۽ مصلحت جو دخل هوندو آهي ۽ عوامي راءِ جو احترام نه ڪيو ويندو آهي، الٽو حق ۽ سچ جي آواز کي دٻايو ۽ هيسايو ويندو آهي ته پوءِ قومي يڪجهتي، ٻڌي ۽ اتحاد کي ڇيهو رسندو آهي. امن ۽ خوشحالي تباهه ٿيندي آهي ۽ پوءِ آخر اندروني ويڙهاند ۽ خانه جنگيءَ جو ماحول ٺهي پوندو آهي. افراتفري ۽ انتشار پکڙجي ويندو آهي. معاشري ۾ انتشار، عمل ۾ انتشار، سوچ ۾انتشار، هر طرف انتشار ئي انتشار هوندو آهي. هر فرد ۽ هر شيءِ غير محفوظ بڻجي پوندي آهي. لاکي جهڙا ڌاڙيل اهڙي قسم جي غلط فيصلن جي پيداوار آهن. نا انصافي ۽ ظلم جي پيداوار، اقربا پروري ۽ انفراديت جي ڪوڙهه ۾ ورتل سوچ جي خلاف رد عمل ۽ بغاوت جو روپ آهن. هن وٽ به ڌاڙيل ٿيڻ جا ڪي ڪارڻ آهن، جيئن شاهه سائينءَ جو بيت آهي:
    ڀڄئان ڀلي نڱئـو، ڏيـئـي پـاٻـوڙي پير،
    جيسي ۽ جسراج جو، مٿي وانڍين وير،
    ڪڇ ۾ رهندو ڪير، لاکو لوڙائو ٿيو.
    مطلب ته لاکو ڪڇ ڀڄ مان ڪاوڙجي، جوش ۾ اچي رڪاب ۾ پير پائي نڪتو آهي، پنهنجي مقتول ساٿين، جيسي ۽ جسراج جي جوءِ ۾ انهن جي قاتل ريٻارين تي لوڙيون ٿو هڻي، هاڻي ڪڇ ۾ ڪير رهي سگهندو، ڇاڪاڻ ته لاکو لوڙائو ٿيو آهي. مطلب ته جڏهن لاکي جهڙا سخي ۽ سورهيه سردار به ظلم ۽ ڏاڍ وڌي وڃڻ سبب ڌاڙيل ٿي پون ته پوءِ باقي رکوالو ڪير ٿو بچي. ڇاڪاڻ ته لاکي جي هن قسم جي رويي کان اڳ لاکي جي سورهيائي ۽ سخاوت ئي ان علائقي جي ماڻهن لاءِ امن جي ضمانت هئي. لاکو دوستن جو دوست، بهادرن جو قدردان، هيڻن جو همراهي، اٻوجهن لاءِ اجهو ۽ اوڏ، ماروئڙن جو محبوب هو، حاجتمندن جو ڀرجهلو هو. هن جي نيڪ ناميءَ کان ڪيترائي سردار سڙندا هئا. ڪنهن کي جرئت ڪانه ٿيندي هئي ته هو غريبن جو مال ڪاهي يا هن جي پٽ ۾ پير پائي. لاکو مجبورن جو مددگار ۽ وطن واسي هيڻن کي ڏکوئيندڙن ۽ ڏجهان ڏيندڙن جو ويري هو. لاکو هميشه همت ۽ بهادريءَ جي جذبي سان هيڻن جو همراهه ٿي غاصبن ۽ ظالم سردارن کان غريبن کي بچائيندو رهندو هو. لاکي کي ميدان تي ڏسي ماڻهن جي مُـکن تي سرهائيءَ جي مرڪ ڊوڙندي نظر ايندي هئي، پر هاڻ ويري واءُ لڳو ۽ لاکو لوڙائو ٿيو.
    ڀـڄئان ڀلي پير، وڌو راءَ رڪاب ۾،
    ڪـڇ رهندو ڪير، لاکو لوڙائو ٿئو.
    اڳ ته لاکو ويرين تي وار ڪندو هو، هاڻ لاکي کي ڪير ورائي! اڳ ته لاکو ظالمن ۽ غاصبن کي جهليندو ۽ پليندو هو، هاڻ لاکي کي ڪير روڪڻ وارو رهيو ئي نه آهي. تنهنڪري لاکو هر وقت لوڙين جي تيارين ۾ مصروف آهي ۽ شاهه سائين لاکي جي لوڙين جا اهڃاڻ هن طرح ٻڌايا آهن:
    ٽا، ٽوڪين پلاڻ، سدا هڻن کوکرا،
    لاکي لـوڙائن جا، اهڙا ئــي اهڃاڻ،
    تنگن ڏيئي تاڻ، ڪوڪ ڪاريندا ڪڇڙي.
    مطلب ته لاکو ۽ سندس ساٿي هر وقت اٺن ۽ گهوڙن جا پلاڻ ۽ هنا يا ڪاٺا (ڪاٺو ۽ هنو) پيا ڇنڊين ۽ صاف ڪن ۽ پلاڻن کي ٽوپو ڏيئي ٽاڪا پيا هڻن ۽ سواريءَ جي جانورن جي جسم تي کوکرا هڻي صاف پيا ڪن. لاکي جي تيارين جا اهي اهڃاڻ آهن. لاکي جي لوڙين جا اهي اشارا آهن ۽ آخر اٺن ۽ گهوڙن جا تنگ تاڻي تڪڙا نڪري پون ٿا ۽ ڪڇ ۾ ڪوڪار پئجي ٿا وڃن. لاکي جي مسلسل ۽ لڳاتار لوڙين لاءِ لطيف سائينءَ فرمايو آهي:
    ڪـــاري تــان ڪــاٺــو، لاکــو نـه لاهـي،
    هـــــنـــي مـــٿــي هــٿــڙا، ابـيـٺـو آهــــي،
    گــهـنيـريان گــهـيـڙ ڪـيـو، اڀوئي آهي،
    ڪنڍيون سي ڪاهي، کونٽيريون جي کنگهار جون.
    لاکي جي لوڙين ۾ ڪا وٿي نه آهي. لاکو ڪاري گهوڙي تان ڪاٺو يا هنو لاهي ئي ڪونه ٿو. لاکي جي تيار هجڻ جو ثبوت اهو آهي ته هو هني مٿي هٿ رکيو سوار ٿيڻ لاءِ تيار بيٺو آهي. گهنير جو ماڳ اڪري راءِ کنگهار جي ڪنڍين مينهن مان به چونڊي چونڊي جيڪي خاصيون ڪلن ۾ ٻڌل آهن، سي ڪاهي وڃي ٿو. يعني لاکي جي دشمني صرف راءِ کنگهار سان ۽ ان قبيلي وارن سان آهي. هتي هڪ وضاحت ٿيڻ گهرجي ته هن بيت ۾ پهرين سٽ "ڪاري تان ڪاٺو، لاکو نه لاهي" اضافي آهي، جيڪا سڀني رسالن ۾ موجود نه آهي. لاکي جي لوڙين جو ڪوبه مقرر طرف نه آهي. هو پنهنجي دشمنن جي جوءِ هر هنڌ هر طرف پيو لوڙيون ڏئي، جيئن شاهه سائينءَ جي هڪ بيت ۾ هڪ ٻئي ماڳ، "سونير" جو ذڪر ملي ٿو. "سونير" کي ڪن محققن "سونهاريو" ۽ ڪن وري "سونهريون" لکيو آهي. سونهاريون لکڻ وارا حضرات لفظ جي معنيٰ سهڻيون عورتون لکن ٿا، پر محترم انب گوپانگ جي تحقيق موجب "سونير" جاگرافيءَ جي اعتبار کان هڪ ڍنڍ آهي.
    لاکو، لـکـيءَ تي چڙهـي، لـکـي، لاکــي هـيٺ،
    ســونــيــريــان ســرڪــئــو، ڀـيـڙيـو ٻـڌي بيٺ،
    ڪندو ڏمر ڏيٺ، صـبـاح سـاڻ سـڀ ڪنـهـن.
    مطلب ته لاکو پنهنجي گهوڙي لکيءَ تي چڙهي سونير ڍنڍ سر ڪري، پار ڪري، هن ڀر اڪري، سندرو ٻڌيو تيار بيٺو آهي. هو صبحاڻي سڀ ڪنهن سان سامهون ٿيندو. لاکي جي لوڙين جو چوٻول ديسان ديس پکڙجي ويو آهي. هر ماڻهوءَ کي ڄاڻ آهي، ٻار ۽ عورتون به بي خبر نه آهن.
    والي وڳ مَ ڍار، هن پرائي ديــس ۾،
    چيـهو چلڙ چڪ ٿي، وڳ اتـائين وار،
    ڏٺـم، ڪالهه پرار، لاکو لوڙائن سين.
    لاکي جو ڌاڪو ايتري قدر ڄمي ويو آهي جو هن دشمنن جا ڳوٺن جا ڳوٺ خالي ڪرائي ڇڏيا آهن ۽ هاڻ اهي ويران ٿي ويا آهن.
    جهري ويئي جهوڪ، ٻنئان ٻهڻ نه ڏي،
    لوڻي مٿان لوڪ، لاکي ڪيئي لڏائيا.
    لاکو ٻني جي علائقي ۾ ڪنهن کي ويهڻ ڪونه ٿو ڏي ۽ جهوڪ ويران ۽ اجڙيل آهي. لوڻي جي علائقي مان ته لاکي ڪيترن کي لڏائي ڇڏيو آهي. لاکو جڏهن به لوڙين تي نڪري ٿو ته وڳن جا وڳ ڪاهي ٿو وڃي ۽ چؤطرف هن جي ڪاررواين جو هل پيو ٻڌجي.
    وڳ نه وارئائون، چاري جو چيو ڪري،
    تڏهن ساريائون، جڏهن هـَـيـِـن جو هل ٿئي.

    وڳ مَ وساريج، هاڻو ٿو هلي،
    مٿي ڀـڄ ڀلي، لاکو لوڙائن سين.
    لاکو ته انهن چڱن مڙسن کي به نٿو بخشي، جيڪي ٻين غريبن ۽ متاثر ٿيل مالوند ماڻهن تي کلون ڪن ٿا. لاکو انهن مٿان به اوچتو ڪاهي ٿو اچي ۽ اهي لاجواب ٿي پون ٿا.
    خبر ٿئي کـِـلن، سڻي ڀؤ نه ڀڄڻان،
    چاري مٿن چٿرون، پاڻا اڀا ڪن،
    لاکو متان تن، اڻ سنڀوڙي آيو.
    لاکو ڦلاڻي جوڌو جوان ۽ سورهيه ۽ سخي سردار هو، جيڪو ڏاڍمڙسيءَ کان ڪم وٺي شاهوڪارن، اميرن تي ڌاڙا هڻندو هو، پر ائين هرگز نه هو ته هو ڪو ظالم ۽ ڌاڙيل هو. اصل ۾ هو پنهنجي انتقام جي ڪري ائين ڪندو هو ۽ حقيقت ۾ هو غريبن جو غمگسار، هيڻن جو هڏڏوکي، مجبورن جو مددگار هوندو هو. لاکو پنهنجو جيءُ جوکي ۾ وجهي، سر تريءَ تي رکي، مشڪل مهمون سر ڪندو ۽ مصيبت ۾ ڦاٿل ماڻهن جي مدد لاءِ ڪنهن به وقت پهچي ويندو هو. سردار ته هن کان سڙندا هئا، وڏيرا هن مان وڏون ڪڍندا هئا، ڪانئر هن کان ڪنبندا هئا، دشمن هن کان ڊڄندا هئا، حاڪم هن کان هيسيل هئا، پر عام غريب ماڻهو هن جي همدردي، سڀاءَ ۽ بهادريءَ جا گڻ ڳائيندا هئا. لاکي کي ڌاڙيل طور بدنام ڪرڻ ۾ انهن ڌرين، جن جي لاکي سان دشمني هئي ۽ تر جا اهي سردار، جيڪي هن کان حسد ڪندا هئا، جو عمل دخل آهي. اهي ظالم، لاکي کي بدنام ڪرڻ لاءِ لاکي جي نالي ۾ ڌاڙا هڻندا هئا، غريبن ۽ مسڪينن کي لٽيندا ڦريندا هئا. اهي سدائين ان تاڙ ۾ هوندا هئا ته ڪيئن لاکي جو نالو بد ڪجي، ڪيئن هن جو نالو ٻوڙجي، جيئن سندس بدناموسي ٿئي ته جيئن هن کي عوامي همدردي نه ملي، پر ڪي ته وري سندس جان جا دشمن هئا. کين ڪنهن ڄار ۾ ڦاسائي مارڻ جون سٽون سٽيندا هئا. اهو ان ڪري جو لاکو پنهنجي بهادريءَ سان ظالم سردارن جي علائقن ۾ گهڙي پوندو هو ۽ حرفت ۽ جان بازيءَ کان ڪم وٺي بيوس انسانن کي مصيبت مان آزاد ڪرائيندو هو. لاکو اڻ موٽ ۽ ارڏو انسان هو، جيڪو ظالمن کي ضرب رسائيندو هو. لاکي جي ڪردار ۾ بهادري، حب الوطني، غريبن سان همدردي، انسانن سان پيار، ظلم خلاف جنگ، طبقاتي تفاوت، جاگيرداري نظام جي منافقين کي وائکو ڪرڻ، ذات پات ۽ اونچ نيچ جا ويڇا ختم ڪرڻ جهڙا اعليٰ گڻ هئا. لاکي ڦلاڻيءَ جو پنهنجي نالي ٿيل عورت مهر راڻيءَ کان منهن موڙي غريب اوڏڻ جسمان سان شادي ڪرڻ، هڪ اهڙو گڻ آهي، جيڪو هن کي پيار ۽ ذات پات جي پلڙن ۾ پنهون ۽ ڄام تماچيءَ سان ترازي ۾ تورڻ جي لائق بڻائي ٿو. راءِ کنگهار ۽ تر جي ٻين سردارن جو لاکي سان حسد هئڻ ۽ دشمني پائڻ، لاکي کي هڪ ٻئي تاريخي ڪردار جهوڪ واري شاهه عنايت شهيد جي ڇانو ۾ بيهاري ٿو، تڏهن ته شاهه سائينءَ فرمايو:
    لاکا لک هئا، ڦلاڻيءَ ڦير ٻئــو،
    آجا اوڏ ٿئا، پلي لڳي جنهن جي.

    لاکا لک سڄن، آئـون اوڏڻ اگلي،
    پلي لڳي جن، اوڏ به آجا ٿيا.
    مطلب ته لاکا لک هئا، پر ڦلاڻيءَ جو نمونو ٻيو آهي. هي اهو سخي سورهيه سردار آهي، جنهن جي پاند سان پيوند ٿي اوڏ به عيبن ۽ عذابن کان آجا ٿي ويا. اگلي اوڏڻ "جسمان" به اجري ٿي پئي. جيئن ڄام تماچيءَ جي نسبت سان ڪينجهر جا مهاڻا به ماڻهو ٿي پيا هئا، جيئن لطيف سائينءَ فرمايو آهي:
    ڄاريون ڇڄ ڇپريون، جن جي محبت مڇيءَ ساڻ،
    رهن وهن سر ٻانڌيين، سڀ ڪا بدبـوءِ هــاڻ،
    لڏڙن جيئن لطيف چئي، پاڻي ونـجهـــڻ پـاڻ،
    تن ملاحن جو مان، سمي سر ڪــئــو پنهنجي.

    ککيءَ هـاڻـيون کاريون، ڇڇي هاڻا ڇڄ،
    پانڌ جنـن جـي پاند سين، لڳيو ٿئي لڄ،
    سمون ڄام سهج، اڀو ڪري انين سين.
    سنڌ جي عشقيه داستانن ۾ پنهون به پورهيت پريٽ سان پيار جو پرڻو ڪيو هو، پر طبقاتي تضادن جي تک اڳيان ڪک جئان لڙهي ويو. طبقاتي تضادن جي طاقتور تراڙي ۾ تري نه سگهيو ۽ سور سسئيءَ جو سينگار بڻيا ۽ آخر سسئيءَ کي هن طرح جي شڪايت ڪرڻي پئي:
    بـي ننـگا بلوچ ٿيا، ننهن نـه نيائـون،
    لڪن سين لائون، سسئي سڌيون سورن جون.

    ڪهڙو ڏوهه ڪيوم، آريءَ جي آڪاهه جو

    ڀينرڙي بغداد، ڪري ڪيـچـي هليا

    بي غرضا بلوچ، سسئيءَ سين سرواڻ،

    هينئن نه ڀانيم جيڏيون، ته ڪو ڏاڍي ڪندا ڏير،

    ولهي جا ويڙها، سڃا سردارن ري،

    ٻاروچاڻا ٻار، توڙان ترس نه سکيا

    هنن تان لـڄ لئي، هن جو هلڻ هوت ڏي
    پنهونءَ جي ڀيٽ ۾ تماچي ۽ لاکي ڦلاڻيءَ جي محبت مهان آهي. ٻنهي جي محبت جي عظمت هن حقيقت ۾ آهي ته ٻئي مرد هستيون مٿئين طبقي جي هئڻ جي باوجود سندن محبت جو مرڪز ۽ محور پورهيت عورتون آهن. ڄام تماچيءَ جو عشق نوري مهاڻيءَ سان آهي ته لاکي ڦلاڻيءَ جو عشق اوڏڻ سان آهي. جيئن تماچي مهاڻن تي مهربان آهي، تيئن لاکو اوڏن جو اڏ ۽ اجهو آهي. لاکو اوڏن لاءِ اوڍر ۽ اوڊڪو آهي، پردو ۽ پناهه آهي، ڇپر ۽ ڇانو آهي، آڌار ۽ اڳ آهي، ڀروسو ۽ ڀرجهلو آهي.
    نوريءَ سان نينهن جو ناتو ۽ شادي، اهو سڀ ڪجهه ڄام جي ڪردار جي عظمت کي ظاهر ڪري ٿو. ڄام جي اهڙي رويي سبب نوريءَ اڳيان ٻين راڻين جي حجت نه ٿي هلي جو تماچي مٿس مورڇل پيو هڻي. ڄام، نوريءَ تي اهڙي قدر فدا آهي جو:
    "عشق ائين ڪري، جيئن ڄام ڄارو ڪلهي ڪيو"
    ڄام تماچي وقت جو حاڪم آهي ۽ نوري مهاڻي، پر ڪو به فرق نه آهي.
    سميون ڪري سينگار، راءِ ريـجـهـائـڻ آئيون،
    ڄـام هـٿ ۾ ڄــار، ٿــو ڄـلـي ڄٻيرن وچ ۾.

    مــــي هــٿ ۾ مـڪــڙي، حـُـام هـــٿ ۾ ڄــار،
    سڄو ڏينهن شڪار، ڪينجهر ۾ ڪـالـهه هو.

    گاڏي چاڙهي گندري، ماڻهو ڪيڙيئي مي

    سميون جت سرهين، تت مهاڻي منجهه وهي
    اهڙيءَ طرح لاکي ڦلاڻيءَ جو ڪردار آهي، جيڪو هڪ ايذايل ۽ عذابن ۾ ورتل اوڏڻ جي لـڄ جو لـڄ ڌڻي ۽ لڄدار بڻجي ٿو.
    لاکي لـڄ کنئي، اسان اوڏڙين جـي،
    ڪندو ڪانه ٻي، اڳ وسوڙي آهيان.

    لاکا لـڄ سندياءِ، اوڏ اگلي آهيان،
    پکا سـي پرتاءِ، جي اجهي تنهنجي اڏئا.
    ڄام تماچي عاشق ۽ پيار ڪندڙ ڪردار آهي، جيڪو محبوب ۽ عوامي حاڪم، حاڪميت جي اصول تحت حاڪم ۽ محڪوم جي تعلق ۾ برابريءَ جو حامي ۽ طبقاتي ننڍ وڏائيءَ جي مخالفت جي مجسم صورت آهي. جيڪو گهٽ ذات واري پورهيت جي پيار ۾ ذات پات جا مت ڀيد، راجا ۽ رعايا جي سنڌي کي ريٽي ۽ ريبي ٿو ڇڏي، حاڪم ۽ محڪوم، امير ۽ غريب هڪ قالب ٻه جان ٿي پون ٿا.
    جا سمي وهاري سٿ، تنهن سين ريس نه ڪنديون راڻيون

    سا مرڪي ميربحر، جنهن جي جهولي چنڊ جهلي پيو

    مهاڻيون موهين، تخت تماچي ڄام جو
    اهڙيءَ طرح جسمان اوڏڻ جي زباني لاکي جي عظمت جو اظهار ٿئي ٿو.
    ڍنـگهـر ڍلـــو مَ ٿـئـي، اڏئو جو اوڏن،
    جنهن ڀر ويهي ڪن، ليکو لاکي ڄام سين.
    ڄام سمي جي سڀاءَ ۾ ڪوبه احساس برتري نه آهي. غرور ۽ هٺ ۽ وڏائيءَ جا سڀ ڪوٽ ڪيرائي ٿو ڇڏي.
    ريجهئو رهاڻي، ڪـري تـمـاچي تن سين.

    گهوٽ انبن جي گهر، راجا ريجهي آيو

    سمي سيئي سيڻ، هيڻا جن جا هڏ

    جي مي مڇيءَ مارا، سمي سي سيڻ ڪئا

    انين جو آريون، سمي ريءَ ڪير سهي

    ننڍي وڏي گندري، مٿي ماڙيءَ ڌوم

    مرڪن ملاحن جا، مٿي ٻانڌين ٻار

    ڪينجهر قرارئو سمي سام بخشي
    پر لاکو نه رڳو ڪاڇي ۽ ڪڇ جي لـڄ جو رکوالو آهي، پر سنڌ جي ثقافت جي سونهن ۽ رسم و رواج ۽ قدرن جو علمبردار به آهي. جيڪو ڏاڍائيءَ جي باوجود سنڌ جي سانگين جي مدد کان منهن نه ٿو موڙي. لاکو نه رڳو سورهيه آهي، پر هيڻن جو هڏ ڏوکي آهي. هت هڪ ڳالهه واضح ٿيڻ کپي ته ڄام بادشاهي اختيار جو استعمال ڪيو ۽ شاهي خزاني مان مهاڻن کي مال ملڪيت ڏني. بادشاهي اختيار جي عيوض ان اختيار کي استعمال ڪندي چڱايون ڪيون، پر لاکي ڦلاڻيءَ جو ڪردار هن ماڻ ۽ ماپي جي لحاظ کان اڃا به ٻه قدم احسان ڪرڻ ۾ اڳرو آهي، جو هو تاريخ ۾ سورهيه ۽ سخيءَ جي لقب سان مشهور آهي. لاکي جيڪي به وڙ ڪيا، سي هڙان وڙان پئي ڪيا. پنهنجي مال ملڪيت مان پئي ڏنو يا بي پهچ ماڻهن کان جيڪي مال کسي پنهنجا وٿاڻ ڀريندا هئا ۽ وڳ وڌائيندا هئا، انهن ظالمن ۽ پرمارن جي مال تي لاکو لوڙيون هڻندو هو ۽ غريبن جي مدد ڪندو هو. لاکو غريبن جو غمخوار ۽ هيڻن جو واهرو ۽ ديس جي لـڄ هو. ٻين کي وڍيندڙ کي وڍ وجهڻ لاکي جو وڙ آهي، پر هارايلن کي ڪڏهن به ڪونه ماريندو هو، تنهنڪري ته ٻين جي انڌير ۽ ايذائن جا ستايل به لاکي جي پناهه ۾ ٿا اچن:
    ڇنيل ڇڄ هٿـن ۾، ڪـلـهـن ڪـوڏارا،
    پورهئي ڪارڻ پيٽ جي، اٺين سوارا،
    اوڏ بــــه ويــچارا، لاکـا اچــن لـــڏئــو.
    هن بيت ۾ رسالي جي محققن ۽ ترتيب ڏيندڙن آخري سٽ ۾ لفظ "اچن" کي "وڃن" لکيو آهي. هن لفظ جي غلطيءَ سبب لاکي جي ڪردار جو مثبت پهلو مار کائي ٿو وڃي ۽ مطلب نڪري ٿو ته لاکي جي عذابن ڪري اوڏ به سندس جوءِ مان لڏيا ٿا وڃن، جڏهن ته لفظ "اچن" سان مطلب ٿيندو ته لاکي جي سخا ۽ سورهيائي سبب پناهه ۽ پردو ڏيندڙ جي حيثيت ۾ اوڏ به سندس پناهه ۾ اچن ٿا ۽ هن دليل کي طاقت وٺائڻ لاءِ ٻيا به ڪيترائي بيت ملن ٿا، جيئن:
    جي تون اوڏ طلبين، تئان هت نه ڪوءِ،
    وئا لاکو لوءِ، سنجـهـي ٽـنـگـي ٽـنـگـڙا.

    چـلـئـا کـڻـي چنـجـور، اوڏ اکــوڙي پکڙا،
    کنيائون تنهن کوڻ، جيڏانهن لاکي لڏيو.
    ڄام جي ڪردار جي عظمت هن حقيقت ۾ آهي ته ڄام اهڙن پورهيتن سان پيار ڪري ٿو، جن جي عيبن ۾ جوءِ آهي، جن ۾ عيب اپار آهن، عيب هزار، عيب ويهه، عيبن ڪوڙ، عيبن لک آهن، جن ۾ ککي کوڙ ۽ ککي کاريون آهن. ڄام جي محبت انهن غريب گندرين سان آهي، جن جو کاڄ ککيون آهي. مال مڏ آهي. انهن جا هڏ هيڻا آهن. ڄارا ۽ کارا، مڪڙيون هنن جو مال ملڪيت آهي. ڪوڻيون، قم ۽ ڪالوڙا هنن جي ڪل ڪائنات آهي. هنن جا پڄ پپيءَ هاڻا آهن. هنن جي پاند سان پند لڳئي لـڄ ٿئي ٿي. اهي ڪوجهيون ڪاريون، ڪوڙيون منهن ميريون، بدن جنين بوءِ، سي سڄو ڏينهن ڀن کي ڀاڪر پائي پاڻيءَ ۾ پيون تڙڳن. سمو انهن جي سام کڻي ٿو ۽ هنن تان حساب جا حرف لهي وڃن ٿا. هي هٿين پيرن ڇيڳيريون، رنگ ۽ روءِ ۾بي رونق، مڇيءَ سان محبت ڪندڙ مييون، ڪمذات ۽ ڪمزور، پاٻوڙن جي پوشاڪ پهريندڙ، گود ۾ گند رکندڙ گندريون، جن کي ڄام مڃر مڙوئي انعام ڪري ٿو، انهن جي اوطاق راجا ريجهي وڃي ٿو. اهي مهاڻا ڪلهن تي ڪوڻيون ۽ مٿي تي موڙيون کڻندڙ آهن. انهن کي ڪينجهر انعام ٿئي ٿو ۽ ڏهوڻا ڏن ڏور ٿين ٿا.
    تــڙ تـمـاچـي آيــــو، وري ٿــي وراڻ،
    ڪينجهر ٻنهي ڪنڌيين، راتو ڏينهن رهاڻ،
    پرچي ويٺو پاڻ، ٿيون مرڪن مڇي واريون.
    پر لاکي ڦلاڻيءَ جي محبت وري اهڙي پورهيت طبقي سان آهي، جن جي محبت مٽيءَ سان آهي، جيڪي مٽيءَ جي راند ۾ رڌل آهن، جيڪي صرف ڌرتيءَ جا پورهيت آهن ۽ ڌرتيءَ جي ننگ ۽ ناموس جا رکوالا آهن. انهن جي لـڄ لاکو کڻي ٿو ۽ نتيجي ۾ ڪابه ڪاڻ ڪانه اٿس ۽ بهادرن کي هن بهادر جو ساٿ ڏيندي سرهائي ٿئي ٿي. لاکي جي محبت اوڏڻ سان آهي، اها اوڏڻ جنهن جي جسم ۾ ڌرتيءَ جي سڳنڌ ۽ مٽيءَ جي مهڪ آهي. جنهن جي پيرن جي پڻي به سجدن جي لائق آهي ۽ اکين اگهڻ جي لائق آهي.
    جي تو پائر ڏنا پير، سي آئون اکين اگهان
    هي اوڏڻ ڌرتيءَ جي سونهن ۽ سوڀيا آهي، سونهن ۾ سڀن کان سرس ۽ لڇڻن ۾ لاکي جي لائق آهي. هنن پورهيتن سان گڏجڻ ڪري ته هيڪاري لاکي جو شان ۽ مان وڌي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته اوڏ اهي پورهيت آهن، جي ديس واسين لاءِ مٿي ڇانوَ ڪن ٿا. ديس کي اڏي ان جي رونق وڌائين ٿا، پر پاڻ ويچارا سدائين سورن ۽ رولن ۾ هوندا آهن. هي ته سنڌڙيءَ جا سپوت ۽ سرجڻهار آهن. لاکي جو ڪردار ذات پات جو فرق ختم ڪري محنت ۽ ڏات جو مان مٿانهون ڪري ٿو.
    چوري چنجورن سين، کوٽي کنيائون کوهه،
    لاکي سندي ڳالهڙي، رکيائون منجهه روح،
    پڌر نـاهه پـاٻـوهـه، انـدر اورڻ پرينءَ سـيــن.
    ڄام جي محبت نوريءَ سين نياءُ ڪيو ته نوريءَ کي هيءُ مان مليو:
    جهڙي سونهن سندياس، تهڙو ڪينجهر ۾ ڪين ٻئو،
    ريـس راڻـيـن ڇــڏي، وهـي ڪــانه وٽـانـــس،
    مڏ مياڻيون مڪڙيون، مڙئـي معاف ٿيـاس،
    مــورڇـل مـٿيـاس، اڀـو تـمـاچي ٿو هــڻي.

    تخت بخت تماچي، سڀ نوريءَ کي نمن،
    لڪئو لياڪا پاتا، ســـاري رات سـمـيـن،
    ٻايون راڻيون دايون، تـنـهن جا پير چمن،
    مـڃــــر مــلاحــن، مـــڙوئــي مـعـاف ٿــيـو.
    پر لاکي جي لکين لکڻن ۽ لڇڻن ته اوڏڻ کي اڏي ڇڏيو. لاکي ته لک لائق ڪري اوڏڻ کي به لائق بڻايو:
    اوڏڻ اوڏي آءُ، توکي لاکي ڪوٺيو،
    سنـدو مـٽـي مـامـرو، لـٿـو تو مٿاءُ،
    راڻيون گهڻيون راڄ ۾، توتي ريڌو راءُ.

    اوڏڻ اوري آءُ، توکي لاکي ڪوٺيو،
    مٽي ڀري هٿڙا، تو ڪيئن ريجهايو راءُ،
    راڻيون گهڻيون راڄ ۾، تو جهڙي نه ڪاءُ،
    اديون عبداللطيف چئي، سچي ساک سڻاءِ.
    ڄام تماچي ۽ لاکي ڦلاڻيءَ جي ڪردار ۾ هڪجهڙائي ته ڏسو ته هي ٻئي هستيون پيار ۽ محبت کي دائمي حيثيت ڏئي پاڻ کي محبت جا پيامبر ثابت ڪن ٿا. هنن جي نظر ۾پيار ۽ محبت ئي واحد جذبو آهي، جيڪو ڌڪار ۽ نفرت کي ختم ڪري امن ۽ ڀائيچارو پيدا ڪري سگهي ٿو. هي اهو جذبو آهي، جنهن سڀ ننڍ وڏائي، ذات پات جي اونچ نيچ واري مت ڀيد، منافقت ۽ ذاتي وروڌ ۽ ڪروڌ جي زنجيرن کي ڪٽي انسان کي انهن ٻنڌڻن ۽ پابندين کان آجو ڪري ٿو. هنن ٻنهي ڪردارن، پورهيت طبقي سان پيار جو پيوند پائي هڪ ڪڌي سماجي رسم خلاف پڻ بغاوت ڪئي آهي ته سڱ ۽ سڱاوتي، اميرن ۽ غريبن، حاڪمن ۽ محڪومن درميان هئڻ ڪابه برائي يا گهٽتائي يا بيعزتي نه آهي. هي سنڌ جي تاريخ جو انوکو مثال آهي، جيڪي برابري ۽ مساوات جو شعور رکندڙ آهن، جن ۾ عوامي رهبر هجڻ جا اهڃاڻ آهن. هنن وٽ ڪردارن جي فرق جي صورت نه پر سيرت آهي. هي ٻئي ڪردار ڪيڏي نه دريا دليءَ جا داتا آهن. راڄ ڀاڳ هوندي به حسن ۽ سندرتا جا قدردان آهن. هنن جي نوازشن جو دامن ڪيڏو نه وسيع آهي. هي شرافت ۽ انصاف جو اهڃاڻ آهن، جيئن هڪ شاعر چيو آهي:
    تماچي آندي گندري، لاکي آنـدي اوڏ،
    سما پيا ڪوڏ، ذات نه پڇن جوءِ جي.
    لطيف سائينءَ پڻ هن خيال جي تصديق هن طرح ڪئي آهي:
    ڪجي جي ڪاموڏ، اچي سـاءُ سـرود جو،
    ڪنڌي ڪؤنر ڪڪوريا، هيٺ لهرن لـوڏ،
    جيئن سمي در گندريون، تيئن لاکي در اوڏ،
    تـمـاچـي تـنــبوڏ، رات وڄايا ريــل ۾.
    هن پوري بحث جي روشنيءَ ۾ لاکو ڦلاڻي، ڄام تماچيءَ سان هر طرح هم رڪاب ۽ هم پلئه نظر اچي ٿو. فرق صرف اهو آهي ته ڄام وقت جو حاڪم آهي ۽ لاکو هڪ مشهور سورهيه ۽ سخي سردار هو، جيڪو وڏن جي غلط روش ۽ غلط فيصلن ڪري لوڙائو بڻجي جهنگ منهن ڪري ٿو. هي هڪ باغي ڪردار آهي، هڪ انقلابي ڪردار آهي، جنهن اقربا پروري ۽ نا انصافيءَ خلاف بغاوت ڪئي ۽ غريب غربي کي ڪونه ستايو ۽ نه ئي انهن سان ڪو هن جو وير هيو، پر هن جي بغاوت (Targeted) هر ماڻهوءَ جي خلاف ڪونه هئي. لاکي جي لوڙين کي اڄ جي گوريلا جنگ جون ڪارروايون ڪوٺي سگهجي ٿو. هن صرف ريٻارين، جاڙيجن ۽ راءِ کنگهار جي خلاف ڪارروايون ڪيون ۽ زورآور زميندارن کي ڦرڻ ۽ مظلوميت کي انصاف ڏيڻ لاءِ پنهنجو طريقو اختيار ڪيو ۽ عام ماڻهن وٽ "گاڊ فادر" واري حيثيت وٺي ويو. لاکو اوتاري صفت انسان هو، جنهن کي دشمن ۽ تاريخ جي طوطن ڌاڙيل جي ڇاپ هڻي ڇڏي. لاکو باغي ضرور هو، پر اهڙو باغي، جيڪو طاقتور ڌر کي نقصان پهچائي ڪمزور ڌر جو ڀرجهلو ٿي پوي، جيڪو داد فرياد نه ٿيڻ تي بغاوت تي لهي آيو ۽ رڻ ٻاري ڏنائين، جيئن شاهه صاحب فرمايو آهي:
    لاکا لـک هئا، تون اگـهونڻي گـهـون،
    جي پري تنهنجي پون، سي واهڙ ڪنهن نه واريون.

    (قدر ڪيميا ان جو، BLESS ۽ گلڙا پبليڪيشن ٽنڊو ڄام، 2004ع)


    لاکو ڦلاڻي ۽ مهر راڻي : سليم ڀٽو لطيفي

    لاکي ڦلاڻيءَ تي لکيل اڳئين مضمون ۾ مهر راڻي جي ڪردار کي ڄاڻي واڻي پاسيرو رکيو ويو هو، ڇاڪاڻ ته لاکي جي ڌاڙيل دور سان هن عورت جو ڪوبه سڌو واسطو نه هو ۽ نه ئي هن ڪردار جي حيثيت لاکي جي لوڙين سان ايتري اهم هئي، جيتري جسمان اوڏڻ ۽ لاکي جي دوستن جيسي ۽ جيسراج يا راءِ کنگهار ۽ چنچل ريٻارڻ جي هئي. هن مضمون جي عبرت مئگزين ۾ ڇپجڻ کان پوءِ هڪ مهربان دوست خط لکي مهر راڻي ۽ لاکي ڦلاڻي يا راءِ لاکي جي ڪردارن بابت سوال ڪيا آهن. هي دوست خالد زمان ڪنڀر، نوهٽو مهراڻو جو رهواسي آهي. هن دوست، مهر راڻي ۽ راءِ لاکي جي ڪردارن کي عشقيه داستان ڪوٺيو آهي. لاکي ڦلاڻي ۽ راءِ لاکي متعلق به ٻه الڳ ڪردار هئڻ يا هڪ ئي ڪردار هئڻ جي تحقيقي وضاحت جي ڳالهه ڪئي آهي. انهن ڪردارن ۽ ڪهاڻيءَ سان تعلق رکندڙ ماڳ مڪانن جي جاگرافيائي نشاندهي ڪئي آهي ۽ آخر ۾ هڪ بيت جي پڙهڻيءَ تي به پنهنجي راءِ ڏني آهي.
    هنن سوالن جي مدنظر هن وقت تائين جيتري به تحقيق ٿي آهي ۽ جيڪي به ڪردار ۽ ڪهاڻيون زير بحث آيا آهن، تن جي حقيقت ۽ شاهه سائينءَ جي رسالي جي بيتن ۾ موجود شاهديون گهٽ ۾ گهٽ هن ڳالهه تي متفق آهن ته لاکا ڀل ڪيترا به هجن، پر سر ڏهر ۾ جنهن لاکي جو ذڪر اچي ٿو، سو لاکو ڦلاڻي آهي. جيئن ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي رسالي جي صفحي 74 تي لکن ٿا ته "اڳئين وقت جي وڏي، ارڏي ۽ اڻٽر سردار لاکي ڦلاڻي جي ڳڻن، ڳالهين ۽ ڏاڍاين جا اهڃاڻ هن داستان جو مکيه موضوع آهن. سندس ڳڻ اهي جو غريب اوڏڻ سان پرڻيو ۽ اوڏن جي لــڄ پت رکيائين ۽ کين پاڻ وٽ اجهو ۽ اوٽ ڏنائين. سندس ڏاڍائي اها جو هر طرف هلائون ڪري مال ڦري ڪاهي راڄن کي لڏايائين، ريٻارين ۽ جاڙيجن جا ته وڳ ڪاهيائين، پر اهي راڄ جيڪي ملڪ جي حاڪم راءِ کنگهار جي پناهه هيٺ هئا، تن جون به لوڙيون هنيائين." ڊاڪٽر بلوچ صاحب به سر ڏهر ۾ ذڪر هيٺ آيل لاکي کي لاکو ڦلاڻي لکيو آهي ۽ ان جي حقيقت حاڪم ۽ بادشاهه واري نه پر هڪ سردار واري ڄاڻائي آهي، جنهن سان راءِ کنگهار، ريٻاري ۽ اوڏ، ڪهاڻيءَ جي تاڃي پيٽي ۾، سلهاڙيل لکيا آهن. اهڙي ئي حقيقت جو اظهار حاجي ٻانهون خان پنهنجي رسالي جي صفحي 228 تي هن طرح ڪيو آهي: "...لاکو، جيڪو پنهنجي پيءُ يا ڏاڏي جي نالي "ڦل" جي نسبت سان ڪڏهن لاکو ڦل يا ڦلاڻي سڏيو ويندو هو، اهو ڪڇ جي علائقي جو هڪ سورهيه سردار هو، پر ڪڇ ڀڄ جي حاڪم راءِ کنگهار جاڙيجي سمي جي غلط فيصلي سبب جيڪو هن لاکي جي ساٿين جيسي ۽ جيسراج جي قاتلن (جيڪي ذات جا ريٻاري هئا) جي حق ۾ ڪيو، ڪاوڙجي لوڙائو يعني ڌاڙيل ٿي پيو. لوڙائو ٿيڻ جي دور ۾ هن جسمان نالي هڪ اوڏ قوم جي عورت سان شادي ڪئي. جيتوڻيڪ کيس زال "مهر راڻي" اڳي هئي". ڊاڪٽر بلوچ جي بنسبت حاجي ٻانهون خان، لاکي کي پيءُ يا ڏاڏي جي نسبت سان ڦلاڻي سڏيو آهي ۽ لاکي جي لوڙين جو سبب ساٿين جيسي ۽ جيسراج جي قتل کي ڄاڻايو آهي. راءِ کنگهار ۽ ريٻارين سان لاکي جي اختلافن جو سبب به ساٿين جي قتل واري واقعي کي ئي لکيو آهي. جسمان اوڏڻ سان لاکي جي شاديءَ جو ذڪر به ڪيو آهي ۽ ساڳئي وقت مهر راڻيءَ کي لاکي جي زال به لکيو آهي.
    لاکو ڦلاڻي، جيڪو سر ڏهر جي زيربحث ڪهاڻيءَ جو سورمو آهي، تنهن کي نالي وارن محققن لاکو ڦلاڻي ئي لکيو آهي ۽ گهڻو ڪري سڀني محققن مٿي ڄاڻايل ڪهاڻي ۽ ڪردارن کي ساڳئي پسمنظر ۾ پيش ڪيو آهي. انهن محققن ۾ شيخ محمد اسماعيل، محمد حسين ڪاشف، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، علي احمد بروهي، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، فقير محمد لاشاري وغيره شامل آهن ۽ معمور يوسفاڻي، لاکي ڦلاڻي ۽ مهرراڻيءَ جي تعلق تي تفصيلي بحث ڪيو آهي. مطلب ته هن سر ۾ هڪڙو لاکو آهي ۽ اهو لاکو ڦلاڻي آهي ۽ شاهه سائينءَ هن ڪردار کي ڪجهه بيتن ۾ "لاکو ڦلاڻي" ۽ ڪجهه بيتن ۾ صرف "لاکو"، ڪجهه بيتن ۾ "ڄام" ۽ "راءِ" جي لقب سان به ذڪر ڪيو آهي، جيئن:
    لاکا لک هئا، ڦلاڻيءَ ڦير ٻئو،
    آجا اوڏ ٿئا، پلي لڳي جنهن جي.

    لاکا لڄ سندياءِ، اوڏ اگلـي آهيان،
    پکا سي پرتاءِ، جي اجهي تنهنجي اڏئا.

    ڀـڄئان ڀلي پير، وڌو راءَ رڪاب ۾،
    ڪڇ رهـندو ڪير، لاکو لوڙائو ٿيو.

    ڍنـگهـر ڍلـو مَ ٿـئـي، اڏئو جو اوڏن،
    جنهن ڀر ويهي ڪن، ليکو لاکي ڄام سين.
    مٿي ڄاڻايل شاهدين ۽ رسالي جي بيتن جي روشنيءَ ۾ معلوم ٿئي ٿو ته شاهه، سنڌ جي سورهيه ۽ بادشاهي ڪردارن کي اصل نالي کان سواءِ چند ٻين نالن سان به سڏيو آهي ۽ اهڙا نالا انهن ڪردارن جي خاصيتن ۽ خوبين سبب يا علائقائي نسبت سبب سڏيا ويا آهن، جيئن شاهه سائين سر مومل راڻو ۾ راڻي جي ڪردار کي سوڍو، ڍولو، ڍاٽي ڍول، ڌوج ڌرتيءَ جا ڌڻي، ڪامل ڌڻي، راءِ، ڍٽ ڌڻي وغيره جي لقبن سان زير بحث آندو آهي. اهڙيءَ طرح ميهار کي ساهڙ، ساهڙ ڄام، سنگهار، وڇار، پي، ٻيلائي ۽ هوت به سڏيو آهي. چنيسر کي ڄام، داسڙو، وينجهار، ڍولا، راءِ ۽ ريسارو راڄڻ جي نالن سان ذڪر ڪيو آهي. سر سورٺ راءِ ڏياچ ۾ وري راءِ ڏياچ کي داتا، راڄيا، ڏاتار، ملوڪ، ملڪ ڌڻي ۽ گهوٽ سڏيو آهي. سر ڪاموڏ ۾ ڄام تماچيءَ کي تڙ ڌڻي، راءِ، راجا، ڄام ۽ تڙ راءِ جهڙن نالن سان ذڪر ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح پنهونءَ کي ڪامل ڌڻي، ڄام، ڪوهيارل، ٻاروچو، آري، سردار، ڪيچ ڌڻي ۽ هوت وغيره جي نالن سان بيتن ۾ ذڪر ڪيو آهي، مطلب ته انهن ڪردارن جا اهي نالا سندن خوبين، حيثيت ۽ علائقائي نسبت سبب آهن ۽ شاهه صاحب پيار ۽ پنهنجائپ سبب انهن ڪردارن کي سٺن نالن سان ذڪر ڪيو آهي، تنهنڪري لاکي جي معاملي ۾ به لاکو، ڦلاڻي، راءِ ۽ ڄام جهڙن نالن ۾ منجهي ٻـن الڳ ڪردارن تي نه سوچڻ گهرجي، پر لاکو هڪ ئي ڪردار آهي ۽ سندس ٻيا نالا به ائين آهن، جيئن ٻين ڪردارن جا آهن.
    ٻيو اختلاف رسالي جي بيت جي پڙهڻيءَ متعلق آهي:
    لاکـا لـک سـُڄن، ڦـلاڻــي ڀـيـر ٻـئـو،
    جنهن ڀر راڻا راڄيا، ڪوٽن ڀر ڪنبـن،
    جنهن جو جاڙيجن، ستي سنڪو نه لهي.
    هن بيت ۾ پهرين سٽ جي لفظ "ڀير" ۽ آخري سٽ جي لفظ "سنڪو" تي لکندي خالد زمان ڄاڻايو آهي ته "...لطيف سائينءَ جو اهو بيت اسان وٽ هيئن پڙهيو ويندو آهي.... لفظ "ڀير" جي معنيٰ آهي منهن مهانڊو، مزاج ئي ٻيو آهي، جڏهن ته رسالن ۾ لفظ "ڀير" جي بجاءِ "ڦير" لکيل آهي ۽ معنيٰ نوع، نمونو وغيره لکيل آهي. لفظ جي معنيٰ Context ۾ ساڳي بيهي ٿي، پر شاهه صاحب جي بيت کي پڙهندي هڪ ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته بيت جي ٻوليءَ ۾ تجنيس حرفي هڪ حاوي خوبي آهي ۽ اها متاثر نه ٿيڻ گهرجي. تجنيس حرفي شاهه سائينءَ جي بيت جي بنيادي سڃاڻپ آهي. رسالي ۾ اهڙا بيت گهٽ ملندا، جن ۾ تجنيس حرفي نه رکيل هجي.
    آخري اختلاف آهي مهر راڻي ۽ لاکي ڦلاڻيءَ جي عشقيه داستان متعلق ته هن ڏس ۾ حاجي ٻانهون خان پنهنجي رسالي ۾ هن قصي جي تصديق ڪئي آهي ۽ معمور يوسفاڻي پنهنجي ڪتاب "ست سورهيه ڏهه ڏاتار" (شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جا تاريخي ڪردار) تفصيلي طور صفحي 88 کان صفحي 93 تائين هي ذڪر ڪيو آهي. ڪهاڻيءَ جا ڪي واقعا مختلف روايتن ۾ ٿورو گهڻو فرق ۾ ٿي سگهن ٿا، پر ڪهاڻيءَ جو بنيادي تاڃي پيٽو ۽ ڪردار ساڳيا آهن. ڪهاڻي ڪجهه هن طرح آهي: "ڪنهن زماني ۾ نهٽي تي راٺوڙن جو راڄ هو ۽ مهر راڻي راٺوڙن جي سردار جي ڌيءَ هئي. هن پنهنجي شاديءَ لاءِ ڪي شرط رکيا هئا، جيڪي لاکو ڦلاڻي پورا ڪري سگهيو ۽ ڪڇ کان ڄڃ وٺي سنڌ ۾ اچي "مهر راڻي" سان شادي ڪئي. هن عورت جو ڪردار ڪجهه مشڪوڪ رهيو ۽ ڪي ڪوڙيون سچيون ڳالهوين لاکي ڦلاڻيءَ تائين پهتيون، جنهن سبب لاکي ڦلاڻيءَ، مهر راڻيءَ کان منهن موڙيو. لاکي جي اهڙي ورتاءَ تي مهر راڻيءَ کي ڏک رسيو ۽ هن لاکي جي خدمت ۾ پهچي کيس عرض ڪيو ته سردار منهنجو عرض آهي ته مون ڏانهن جيڪي به ڪوڙيون يا سچيون ڳالهيون منسوب آهن، اهي خدا جي واسطي مون کي بخش ڪر.
    مهر راڻيءَ جو عرض ٻڌي لاکي هن کي معاف ڪيو ۽ وري هن ڏانهن ڌيان ڌريو. ان کان پوءِ لاکو ڦلاڻي، مهر راڻيءَ سان اهڙي نموني هليو جو مهر راڻيءَ سمجهيو ته ڄڻ ته لاکي هن جا سڀ ڏوهه معاف ڪيا هجن. مهر راڻيءَ کي ڏوهه بخش ڪرڻ کان پوءِ لاکو ساٿين کي ساڻ ڪري ڪڇ ڏانهن موٽيو. انهيءَ ڏس ۾ ڪافي وقت گذري ويو ۽ لاکي، مهر ڏانهن موٽڻ ۾ دير ڪئي ته مهر راڻي لاچار ٿي لاکي ڏانهن ريٻارو (قاصد) روانو ڪيو، جنهن لاکي کي مهر جون آزيون ۽ نيزاريون پيش ڪيون ۽ سردار لاکو موٽي مهر وٽ آيو ۽ کيس اهڙو ته قرب ڏنو ۽ ڪهل ڪئي جو مهر هر وقت پنهنجين هڪ جيڏين سان ور جي واکاڻ ۾ رڌل رهندي هئي.
    لاکي جي عادت هوندي هئي ته هو جڏهن به مهر وٽ موٽي ايندو هو ته مهر کي ڏاج ۾ مليل مڱڻهار کان کماچ تي راڳ ٻڌندو هو ۽ کيس دل گهريو دان ڏيندو هو. هڪ دفعي لاکو، مڱڻهار جي راڳ کان ايترو ته خوش ٿيو جو کيس چيائين ته "اڄ جيڪي گهرڻو اٿئي سو گهر." اٺ گهوڙا ۽ مال ملڪيت ته اڳ ئي کيس اڻ گهريا مليا ٿي، سو مڱڻهار ويچارو مت منجهائي بيٺو. مڱڻهار کي اوڻو جهوڻو ڏسي مهر راڻي مٿس قياس ڪري پنهنجي ڳچيءَ ۾ پاتل قيمتي هار ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته اهو گهر. گهڙي پل بعد لاکي، مڱڻهار کان سندس مرضي معلوم ڪئي ته مڱڻهار چيو "بس سائين، اوهان جي مهر کپي" ۽ آڱر سان مهر راڻيءَ جي ڳچيءَ ۾ پيل قيمتي هار ڏانهن اشارو ڪيو، جيئن مهر کيس سمجهايو هو، پر لاکي غلطيءَ سان سمجهيو ته مڱڻهار جو اشارو مهر راڻي ڏانهن آهي ۽ مهر راڻي ٿو گهري ۽ شايد مهر راڻيءَ جي به مرضي آهي، سو هڪدم اٿي کڙو ٿيو ۽ مڱڻهار کي چيائين ته "مون مهر توکي ڏني، اڄ کان پوءِ مون تي حرام آهي." لاکي جا اهي لفظ ٻڌي مڱڻهار چيو ته سردار مون ته مهر راڻي جي ڳچيءَ ۾ پاتل هار گهريو هو، مهر ته منهنجي ماءُ آهي.آئون ان کي ڪيئن ٿو بري نيت سان ڏسي سگهان. پر لاکي چيو ته "بس هاڻي جيڪو ٿيڻو هو، اهو ٿي ويو." ۽ لاکو انهيءَ ويل ساٿين سميت اتان اٿيو ۽ هليو ويو ۽ مهر، مڱڻهار وٽ رهجي وئي. اها خبر جڏهن مهر جي مائٽن کي پئي ته کيس وٺڻ آيا پر مهر موٽڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائين ته "آئون لاکي ڦلاڻيءَ جي آهيان، ان جا ڪک ڇڏي ٻئي هنڌ هرگز نه هلنديس." ان کان پوءِ مهر راڻين وارو روپ لباس لاهي غريباڻو لباس پهري اتي ئي هڪ ڪکائين جهوپڙي جوڙائي ان ۾ رهڻ لڳي ۽ اهو مائٽاڻو مڱڻهار سندس سار سنڀال لهندو رهيو."
    ڪافي سالن کان پوءِ لاکو ڦلاڻي ڪنهن مهم تان موٽندي "نوهٽي" جي ويجهو اچي مٽيو. کيس اساٽ اڃ لڳل هئي، سو هڪ ساٿيءَ کي پاڻي هٿ ڪرڻ لاءِ موڪليائين. لاکي جو ساٿي پاڻي جي ڳولا ۾ هلندي اچي مهر جي جهوپڙيءَ تائين پهتو ۽ جهوپڙيءَ ۾ هڪ ضعيف ۽ ڪمزور عورت کي ويٺل ڏسي کانئس پاڻي گهريائين. عورت کيس پاڻيءَ جو وٽو ڀري ڏنو، جيڪو سمورو هو پي ويو ۽ کانئس ٻيو پاڻي پنهنجي سردار لاءِ گهريائين، جنهن تي عورت پڇيس ته تنهنجو سردار ڪير آهي، تنهن تي هن وراڻيس ته "سورهيه سردار لاکو ڦلاڻي". لاکي جو نالو ٻڌي وٽو عورت جي هٿ مان ڪري پيو. عورت پاڻ کي سنڀالي وٽو پاڻيءَ جو ڀري ان ۾ سنها ڪک وجهي ڏنائين ته وڃي سردار کي ڏي. ساٿي جڏهن پاڻيءَ جو وٽو لاکي کي ڏنو ته هن هڪدم کڻي چپن تي آندو، پر ڪکن جي ڪري هٻڪي ويو ۽ آهستي آهستي ڪک ڪڍندو پاڻي پيئندو ويو. جڏهن لاکو سامت ۾ آيو ته پڇيائين ته پاڻيءَ ۾ ڪک ڪنهن وڌا آهن؟ سندس ساٿي لاکي کي سموري حقيقت ٻڌائي ته لاکو پروڙي ويو ته اها "مهر" ئي آهي. سو ساٿيءَ کي وٽو هٿ ۾ ڏيندي چيائين ته هي وٽو ان عورت کي ڏئي اچ ۽ چوينس ته "مهر اڃا پئي جيئين!" لاکي جو ساٿي وٽو کڻي مهر وٽ پهتو ۽ کيس لاکي جو نياپو ڏنائين، جيڪو ٻڌڻ سان مهر رڙ ڪري پٽ تي ڪري ۽ سندس روح پرواز ڪري ويو. لاکي ڦلاڻيءَ جي ساٿيءَ اها خبر ڊوڙندي وڃي کيس ٻڌائي ۽ لاکو ڊوڙندو اچي اتي پهتو ۽ مهر جو لاش هنج ۾ کڻي روئڻ لڳو. ايتري ۾ مهر جو خدمتگار مڱڻهار به پهچي ويو، جيڪو اها حالت ڏسي بي حال ٿي ويو. سرت ۾ اچڻ تي مهر جي زندگي جو سمورو احوال لاکي کي کي ٻڌايائين. پوءِ ٻنهي ڄڻن گڏجي مهر جي غسل ۽ ڪفن دفن جو بندوبست ڪري کيس اتي ئي دفن ڪيو، جتي پوءِ ٻيا ماڻهو به دفن ڪيا ويا ۽ اتي هاڻ هڪ وڏو قبرستان بڻجي ويو آهي، جنهن کي اڄ به "مهر جو قبرستان" سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ قبرستان جي ڀر واري ڏهر کي "مهر جو ڏهر" ڪوٺيو وڃي ٿو. هن ئي ڏهر ۾ مهر راڻي جي نالي سان "مهر راڻي" ۽ "مهر جي ترائي" نالي ٻه ترايون آهن.
    چون ٿا ته مهر راڻيءَ جي موت واري واقعي کان پوءِ لاکي ڦلاڻيءَ جي دل تي اهڙو ته گهرو اثر ٿيو جو هن ان کان پوءِ لوڙيون هڻن بلڪل ڇڏي ڏنيون."
    هن ڪهاڻيءَ جي واقعاتي پسمنظر ۾ رسالي جا ڪيترائي بيت موجود آهن ۽ انهن بيتن جي صرف پيرائتي سٽاءَ ٿيڻ گهرجي ته جيئن عام پڙهندڙ کي ڪهاڻيءَ جي فڪري سمجهه ۾ آساني ٿئي. پر ان کان علاوه سر ڏهر ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جي ڪردار کي مهر راڻي جي ڪردار سان سلهاڙي انهن ماڳن مڪانن جي تاريخي ۽ جاگرافيائي ڇنڊڇاڻ ٿيڻ گهرجي ۽ ساڳئي وقت مهر راڻي جي حسب نسب ۽ ان سان واڳيل واقعن ۽ ماڳن جي به تحقيق ٿيڻ گهرجي.
    سر ڏهر ۾ لاکي ڦلاڻي ۽ مهر راڻي جي داستان سان تعلق رکندڙ وني جو ور سان وڙ ڪرڻ يا نه ڪرڻ، کر سين کلون پائڻ ۽ ڪانڌ جي ڪاوڙ، ڪپت يا ور جي وڏائي ۽ وڙ جي موضوعن وارا بيت، داستان 3 ۾ اڪثررسالن ۾ ملن ٿا ۽ ٻانهون خان شيخ اهڙن بيتن کي سر ڏهر جي داستان 2 ۾ رکيو آهي، پر ڊاڪٽر بلوچ صاحب اهڙا بيت سر رپ ۾ رکيا آهن ۽ ساڳئي وقت سر سارنگ جي ور کان وڇڙيل وني جي واتان چيل بيت پڻ رپ ۾ رکيا آهن، جيڪو موضوع جي حوالي سان معيون لڳي ٿو، ڇاڪاڻ ته سر رپ ۾ روحاني رمز وارا بيت آهن ۽ انهن جي ڪيفيت ۽ خيال الڳ آهي ۽ سر ڏهر جي مٿي ذڪر ڪيل بيت ۽ سر سارنگ جا ذڪر ڪيل بيت خيال ۽ ڪيفيت جي نسبت ۾ الڳ آهن. سر ڏهر جي مٿي ڄاڻايل موضوع وارا بيت سڀني قلمي ۽ ڇاپي رسالن ۾ سر ڏهر ۾ ئي لکيل آهن ۽ لاکي ڦلاڻي ۽ مهر راڻي جي ڪهاڻي جي پس منظر ۾ اهي بيت، ڪهاڻي ۽ ڪردارن جي مختلف مرحلن ۽ ڪيفيتن سان ٺهڪي اچن ٿا ۽ انهن بيتن کي انهيءَ ڏس ۾ پرکڻ گهرجي ۽ سر ڏهر ۾ ئي رکڻ گهرجي. حالانڪه رسالن ۾ اهي بيت ڪنهن به محقق ۽ مدبر هنن ڪردارن ۽ سندس ڪهاڻيءَ سان نسبت ۾ نه ڏيکاريا آهن، تنهنڪري هي بيت وارثيءَ کان وانجهيل لڳن ٿا ته اهي بيت ڪهڙي ڪهاڻي ۽ ڪهڙن ڪردارن سان نسبت رکن ٿا! جڏهن ته رسالي جي هر سر جا بيت ڪنهن نه ڪنهن ڪهاڻي ۽ ڪردار سان نسبت ۾ آهن. لاکي ڦلاڻي ۽ مهر راڻي جي ڪهاڻي ۽ انهن ڪردارن کي پرکبو ته اهي بيت هيٺين ريت ڪهاڻي ۽ ڪردارن سان نسبت ۾ بيهندا.
    جيئن هن مضمون ۾ لاکي ڦلاڻي ۽ مهر راڻيءَ جي مختصر ڪهاڻي لکي وئي آهي ته مهر راڻيءَ جو ڪردار ڪجهه مشڪوڪ رهيو ۽ ڪي ڪوڙيون سچيون ڳالهيون لاکي ڦلاڻيءَ تائين پهتيون، جنهن سبب لاکي ڦلاڻي، مهر راڻي کان منهن موڙيو ۽ شاهه سائينءَ، لاکي ڦلاڻيءَ جي واتان مهر راڻيءَ کي ميار ڏيڻ لاءِ هي بيت چيا:
    ور سين وجهيو ڪاڻ، کر سين کلون پائيين،
    ڀوري منڍ اڄاڻ! ڪڻ ڇڏيو تهه ميـڙيئين.

    ور سيـن وڙ نـه ڪـري، کر سين خـبـرون کـــوڙ،
    جا ڏسي منهن ڏنگو ڪري، جيءُ نه تنهن سين جوڙ،
    جانه لاءِ نرتئون توڙ، سا سـک نـه سنـڀري ڪـڏهين.
    اهڙي صورتحال ۾ جڏهن ڪانڌ ڪڻٺيل هجي ۽ وني ور کي پرچائڻ لاءِ شاهه سائينءَ جي هن شعر جو ضرور دل ۾ دور ڪيو هوندو:
    ڍول مَ کڻي ٻانهڙي، پرهه مَ کـڻـي پاند،
    آئون پنهنجو ڪانڌ، لوڪان لڪي رانئيان.
    جڏهن ته وري مهر راڻيءَ، لاکي ڦلاڻيءَ کي معافيءَ لاءِ چيو ته "سردار منهنجو عرض آهي ته مون ڏانهن جيڪي ڪوڙيون يا سچيون ڳالهيون منسوب آهن، اهي خدا جي واسطي مون کي بخش ڪر." مهر راڻيءَ جي هن جذباتي ۽ احساساتي ڪيفيت جو اظهار هن بيت کان وڌيڪ اثرائتو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟
    جي تون قائم ڪانڌ، ته آئون ور لهي مَ ٿيان،
    پـريـن تـنهنجــي پانـد، ڍولا ڍَڪـي آهـيـان.
    مهر راڻيءَ جو عرض ٻڌي لاکي هن ڏانهن توجهه ڪيو ۽ ان سان اهڙو ته پيار ۽ قرب ونڊيو جو هوءَ هر وقت جيڏين ۽ سرتين سان پنهنجي ور جي واکاڻ ۾ رڌل رهندي هئي ۽ مهر راڻيءَ سمجهيو ته لاکي سندس سڀ ڏوهه بخش ڪري ڇڏيا آهن. واقعي هو به ائين، شاهه سائين، مهر راڻيءَ جي خوشيءَ جي ترجماني هن طرح فرمائي آهي:
    ڪـانڌ ٻين ڪيترا، مون ور وڏي کانڌ،
    پاڻان ڏيئي پاند، عيب منهنجا ڍڪيا.

    ڪانڌ ٻين ڪيتـرا، مون ور وڏي وٿ،
    پاڻان ڏيئي هٿ، عيب منهنجا ڍڪيا.

    ڪانڌ ٻين ڪيتـرا، مون ور وڏي جـو”،
    لوڪ نه آڇي او”، ڏٺا ڏوهه اکين سين.

    ڪانڌ ٻين ڪيـتــرا، مــون ور وڏي ذات،
    عيب نه آڇي وات، جي ڏسي ڏوهه اکين سين.
    مهر راڻيءَ کي ڏوهه بخش ڪري لاکو ساٿين سميت وري ڪنهن مهم تي هليو ويو. انهيءَ ڏس ۾ ڪافي وقت گذري ويو، پر لاکو نه موٽيو. جڏهن تمام گهڻو وقت گذري ويو، تڏهن مهر راڻي لاچار ٿي ريٻارو (قاصد) موڪليو. لطيف سائينءَ، مهر راڻيءَ جي اوسيئڙي ۽ انتظار سان گڏ مهر جي منٿ ميڙ کي هن طرح بيت جو رنگ ڏنو آهي:
    مَ ڪـر ڍول ڍلو، ناتو نماڻيءَ سين،
    ڪونهي ڪميڻيءَ جو، بگر تو بلو،
    تنهنجو نانءُ نلو، وٺيو ويٺي آهيان.

    ڪر ڪو ڀـيرو ڪانڌ، مون نماڻيءَ نجهري،
    پکي ڇنا پانـڌ، ڳـنـڍ نـه ڄـاڻي ڪـو ٻـيـو.
    لاکي ڦلاڻي، مڱڻهار ۽ مهر راڻيءَ جي اشارن ۾ پيدا ٿيل غلط فهميءَ کان پوءِ جڏهن لاکو ڪاوڙجي هليو وڃي ٿو ۽ مهر راڻيءَ مائٽن کان منهن موڙي گڏ وڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ اميراڻو لباس لاهي غريبي حال ۾ اتي رهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ چيائين ته "آئون لاکي ڦلاڻيءَ جي آهيان ۽ ان جا ڪک ڇڏي ٻئي هنڌ هرگز نه وينديس." ۽ پوءِ پوري ڄمار ڏهاڳڻ وانگر گذاري ته ممڪن آهي ته هيٺيان بيت، حالانڪه سر ڏهر ۾ ڪونه ٿا ملن ۽ ڪن رسالن ۾ آهن به ڪونه، پر مهر راڻيءَ جهڙي عورت جي ڏهاڳڻ هئڻ جي حوالي سان چيل هجن:
    کٿوري چئين پلئين، تـوڙي ڏهـاڳڻ هــوءِ،
    توڙي منهن نه ڌوءِ، تـه پـڻ سهـــاڳڻ اڳري.

    ڏڪنديون ڏهاڳڻيـون، رات پـونـدي سيءُ،
    جلي نه تنين جيءُ، هـوت جنين جي هنجهه.
    چون ٿا ته مهر راڻيءَ جي موت واري واقعي کان پوءِ لاکي جي دل تي ايترو گهرو اثر ٿيو جو ان کان پوءِ لوڙيون هڻڻ بلڪل ڇڏي ڏنائين ۽ شايد هي بيت شاهه صاحب انهيءَ مرحلي لاءِ چيو هجي:
    لاکي لوڙيون ڇڏيون، سرها ٿيا سنگهار،
    چوٽاڻي چوڌار، وانڍيـون وس چـرنـديون.
    لاکي ۽ مهر راڻيءَ جي انهيءَ واقعي کي ذهن ۾ رکندي سنڌ جي لوڪ ادب کي جانچبو ته ضرور ڪي شيون اهڙيون ملنديون جي شاهه سائينءَ جي ڪهاڻين ۽ ڪردارن بابت معلومات مهيا ڪنديون، جيئن هڪ سگهڙ جو شعر آهي:
    لاکــو ڦلاڻـي، ڪـچـو ڪـچـاڻــي،
    جنهن ڪري ٻاراڻي، ڇڏي مهر راڻي.

    تماچي آندي گندري، لاکي آندي اوڏ،
    سما پيا ڪوڏ، ذات نه پڇن جوءِ جي.
    لاکي ۽ مهر راڻيءَ جي داستان جا اڃا ڪيترائي مرحلا آهن، جن متعلق بيت رسالن ۾ موجود نه آهن ۽ ٻين ڪهاڻين کي به جڏهن مرحليوار پيرائتو بيتن سان ڀيٽبو ته معلوم ٿيندو ته ڪهاڻين جا مختلف مرحلا ۽ موڙ اهڙا ملندا، جن بابت رسالن ۾ بيت نه آهن يا وري ڪنهن ٻئي سر يا داستان ۾ لکيل آهن. تنهنڪري ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته رسالن ۾ موجود بيتن جي سٽاءَ ۽ ترتيب موضوعن تحت ٿيڻ گهرجي ۽ ڪهاڻين جي پيرائي ۾ کٽل بيتن جي ڳولا ڪرڻ گهرجي. ايئن ڪرڻ سان رسالي جي فڪري سمجهه ۾ آساني ٿيندي. ان سان گڏوگڏ ڪهاڻيءَ ۾ ڪردارن جي تاريخي ۽ جاگرافيائين پهلوئن کان به تحقيق ڪري هن قومي ورثي کي نه رڳو محفوظ ڪري سگهجي ٿو، پر ساڳئي وقت رسالي جي پڙهڻي ۽ لفظن جي معنيٰ ۽ بيتن جي سمجهاڻي ۽ تمثيلي تشريح ۾ پڻ مدد ملندي ۽ مونجهارا به حل ٿي ويندا.


    (ڇپيل شاهه جي رسالن جو تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس، ڄامشورو، 2005ع)


    لاکو ڦلاڻي : محمد سومار شيخ

    لاکو ڦلاڻي ڪڇ جو اڙٻنگ جوان هو. پاڻ پنهنجي جوانيءَ ۾ هٻي جبل ۽ لوڻي جي ماڻهن کي خاص طرح تپائي (ڦرن سان) کنيو هئائين. پاڻ خاص ڪري اٺن جا وڳ هڻندو هو. هن جا جسو ۽ جسراج ٻه هاڻو (ڌاڙيل) ساٿي هئا، اهي کيس هاڻو (ڌاڙا) هڻڻ ۾ مدد ڪندا هئا.
    هن جو چوڻ هو ته مون کي منهنجي پيءُ جي وفات جو، جيڪو به ٻڌائيندو، انهيءَ جي زبان وڍرائي ڇڏيندس. پر هڪ ڏاهي اهڙي طرح لاکي کي پيءُ جي وفات جو ٻڌايو جو اها خبر خود لاکي جي واتان نڪتي ۽ لاکي پوءِ ميڻ جي زبان ٺهرائي اها وڍرائي. هي پوءِ لوڙئيون (ڌاڙا) هڻڻ ڇڏي پنهنجي بادشاهي سنڀالڻ لڳو.
    آخر شاديءَ جو خيال ڪري سنڌ جي مهراڻي ملڪ جي "مهر راڻي" سان پرڻيو. جيتوڻيڪ هن شاديءَ جي شرط ڏکيا رکيا هئا، پر لاکي پنهنجي وزير جي صلاح ۽ ڏاهپ سان سي سڀ پورا ڪيا. پنهنجي ڪنوار وٺي اچي ڍوري پراڻ تي پهتو ته اتي ڏاڍو مينهن پيو. آمريءَ جي ڀرسان ٽپڙ سڪائڻ لاءِ وڻن تي وڌا ويا، سي لاکي ڪونه لهرايا ۽ چيو ته اهي وڻ جن کي اسان ڏاج ڏنو آهي، سو ڪونه وٺنداسون. ڪنهن بزرگ انهيءَ ڳالهه کي اڳيان رکي چيو ته:
    جهوني تون پراڻ، جڳ ڇـهـه ٽيهه سنڀرين،
    تـو ڪي ڏٺــا هــاڻ، لاکي جــهـڙا پــهــيــڙا.
    اتي جيڪو آمريءَ جو وڻ هو، تنهن ۾ وري ڳهه ڳٺا ۽ لعل، موتي ٻڌا ويا هئا، پر لاکي اهي به ڪين لهرايا. انهيءَ واقعي کي اڳيان رکي ڪنهن سگهڙ آمري کان پڇيو ته "ڪَ تون ابل سندي آمري، ڪَ تون لاکي سندي لال؟"
    تڏهن آمريءَ ان شاعر کي چيو ته:
    مون ۾ لاکي لالون ٻڌيون، آئون لاکي سندي لال،
    ابل اچي ڪالهه، لک سين مـانجـهـانـدو ڪـيــو.
    ههڙي سخي مڙس، جنهن وڻن کي به ويس ڍڪايا، تنهن سان پراڻ جي پکين به ساٿ ڏنو ۽ لاکي جي ڄڃ جي مٿان ڇانو ڪري اڏرندي ٿي هليا ۽ سڄي پراڻ واري ملڪ تائين اهي پکي لاکي مٿان ۽ ڄڃ مٿان ڇانو ڪري پئي اڏاڻا، اڄ به انهن پکين کي "لاکي ڄاڃي" ڪري چئبو آهي. اهڙي طرح لاکو شان ۽ مان سان پراڻ کان لنگهي وڃي پنهنجي ڪوٽ ۾ پهتو.
    لاکي کي ڪنهن ٻڌايو ته "مهر راڻي" جو ڪنهن چوڙيگر سان نينهن آهي، ان ڪري کيس هن تي شڪ رهندو هو. ٻيو وري مڱڻهار جو ساڻس گڏجي آيو هو، تنهن جڏهن مهرراڻيءَ جي اشاري موجب "هار" بدران "مهر راڻي" گهري ته مڱڻهار کي اها ڏئي ڇڏيائين. مهر راڻيءَ جي وڃڻ تي نيت ڪانه هئي. پر لاکي کيس ڪڍي ڇڏيو. انهيءَ ڪري مٿس ميار رکي هئي ۽ ڪن ته ڪچن لفظن سان به لاکي کي ياد ڪيو هو. پر لاکي جي غيرت مهر راڻيءَ کي برداشت نه ڪري سگهي.

    سونو ماڻهو:
    راءِ لاکي پٽ ڦل جي ڏينهن ۾ هڪ ڪيميا جو ماهر هڪ اهڙي ٻوٽيءَ جي ڳولا ۾ هو، جيڪا جيئري انسان کي سون ۾ تبديل ڪندي هئي. هڪ ڏينهن هن ٻڪريءَ جو منهن ڳاڙهو ڏٺو ۽ ان ٻوڙي کي ڳولي وڃي هٿ ڪيو ۽ ٻوڙي کي باهه ۾ وجهي هڪ ڌنار کي سڏيو. مرضي هيءَ هيس ته انهيءَ ڌنار کي باهه ۾ وجهي سونو ماڻهو بنائي، پر ڌنار کي شڪ پيو، سو جوڳيءَ جي پٺيان ٿيو ۽ هن کي ٿيلهو ڏيئي ان باهه ۾ ڪيرائي وڌو.
    قدرتي طور اهو جوڳي سونو ٿي پيو. اهو ڌنار ان مان هڪ ڏينهن ٻانهن وڍي کڻي ويو. ٻئي ڏينهن اها سوني ٻانهن ٻيهر پيدا ٿي وئي. پوءِ ته هو هر روز ڪونه ڪو عضوو وڍيو ويندو هو ۽ اهو سونو عضوو مڪمل ٿي ويندو هو. اهڙيءَ طرح اهو ماڻهو شاهوڪار ٿي ويو. ڪنهن انهيءَ سوني ماڻهوءَ جي خبر سمي حاڪم کي ڏني، انهيءَ حاڪم کي ايترو ته سون ان مان حاصل ٿيو جو هو روز هڪ لک رپيا خيرات ڪندو هو ۽ لاکو خيرات ڪندڙ مشهور ٿيو.
    جڏهن لاکي وفات ڪئي ته الله در سوال ڪيائين ته "هي سونو ماڻهو ٻئي ڪنهن کي حاصل نه ٿئي." الله سندس سوال ٻڌو ۽ ائين ئي ٿيو.
    ميرزا شاهه حسن ارغون هن سوني ماڻهوءَ کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ويو. ٻه کوهه کڻايا هئائين، هڪ مان پاڻي ڪڍي ٻئي ۾ ٿي وڌو ويو ته سونو ماڻهو ان مان نڪري ٻئي کوهه ۾ ٽپي ٿي پيو. ائين لاکي جي دعا ڪاميابيءَ جي درجي کي وڃي پهتي. ميرزا شاهه حسن اهو کوهه پوءِ لٽرائي ڇڏيو. (تحفت الڪرام، مير علي شير قانع، صفحو 153-155، 1957ع).


    (ڪڇ جو رڻ، محمد سومار شيخ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2006)


    لاکو ڦلاڻي ۽ سندس خاندان : قاضي مقصود احمد

    ڄام مهڙ جي اولاد جي ڪڇ تي حڪمرانيءَ جو مدو ايڏو ڊگهو ته ناهي ۽ اهو اقتدار آزاد نه پر طفيلي به هو، يعني ڄام مهڙ ۽ سندس اولاد ڪڇ تي چؤڙن سمن جي نائبن طور راڄ ڪيو، پر اهو لاکي ڦلاڻيءَ جي ڪري ڪافي مشهور ۽ معروف رهيو آهي. لاکو ڦلاڻي پنهنجي ناماچاريءَ وارن ڪارنامن ڪري سنڌين لاءِ هڪ اتساهيندڙ ڪردار جي حيثيت رکي ٿو، پر سندس دور ۽ شخصيت بابت مليل روايتون ڪافي قدر مغالطي جو شڪار آهن. هتي انهن روايتن جي اهميت تي بحث ڪندي جتي جتي ممڪن ٿي سگهيو آهي، اتي واقعن جي درست تصويرڪشيءَ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

    لاکي ڦلاڻيءَ جو گهراڻو:
    جيمس ٽاڊ پنهنجي "تاريخ راجستان" ۾ بار بار لاکي ڦلاڻيءَ کي جاڙيجو ڪوٺيو آهي (1) . لاکي ڦلاڻيءَ جي جاڙيجو هئڻ واري روايت ايتري معروف ٿيل آهي جو ڊاڪٽر نبي بخش خان جهڙي محقق به سندس شجري جي روايتن مان صحيح روايت جي چونڊ ڪرڻ ۾ خطا کائيندي لکيو آهي ته "لاکو ڦلاڻي انهيءَ وڏي ڦل مان ڪونه هو، پر ننڍي ڦل مان هو جو پوءِ ساماڻو. انهيءَ ننڍي ڦل بابت متفقه طور ايترو معلوم آهي ته ڦل پٽ ساهڙ (2) جو هو ۽ ساهڙ پٽ مهڙ جو هو. البته مهڙ کان مٿين پيڙهيءَ ۾ اختلاف آهي. ڪي چون ٿا ته مهڙ پٽ لاکي (وڏي) جو ۽ لاکو پٽ لاکيار. پر شايد صحيح هن طرح ٿيندو ته مهڙ پٽ لاکي جو ۽ لاکو پٽ ويري جو. ڇاڪاڻ ته ڦل جاڙيجو هو ۽ جاڙيجن سمن جي نسب نامي جي روايت هن طرح آهي ته ويري پٽ ساند جو" (3) .
    ٿي سگهي ٿو ته ان غلط روايت جو آڌار لاکي ڦلاڻيءَ جي گهراڻي جي راڄ ختم ٿيڻ بعد سندن ئي تسلسل طور ڪڇ ۾ جاڙيجن جو راڄ قائم ٿيڻ ۽ جاڙيجن جي وڏي ڏاڏي جو نالو به لاکو (جاڙيجو) هئڻ تي هجي، پر اها حقيقت آهي ته لاکي ڦلاڻيءَ جي دور تائين جاڙيجن جو قبيلو سٽاءَ ۾ ئي نه آيل هو.
    راقم جي تحقيق مطابق لاکو ڦلاڻي پٽ هو ڦل جو، جيڪو پٽ هو ساند جو، جيڪو پٽ هو مهڙ جو. مهڙ جيڪو لاکي گوراڙي جو پٽ ۽ ساموئيءَ جي سمن مان هو. لاکي گوراڙي جو ڪڇ سان تمام گهرو تعلق رهيو. ڪن روايتن مطابق لاکي گوراڙي هڪ شادي وڪرم چاوڙا (پهرئين) جي ڌيءَ گوڙ راڻي (Gaud Rani) سان ڪئي هئي، جيڪو ڪڇ جي وسنديءَ پاٽ ڳڙهه جو هو (4) ، ۽ ڪيراڪوٽ وارو علائقو ان راڻيءَ کي ورثي ۾ مليل هو، جيڪو بعد ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جي هٿ هيٺ آيو.
    لاکي گوراڙي جي وفات بعد سندس پٽ انڙ، سنڌ ۾ سندس جائنشين ٿيو. اهو انڙ، لاکي گوراڙي جي پيريءَ ۾ ڪيل شاديءَ مان پيدا ٿيل پهريون پٽ هو (5) . لاکي گوراڙي جا وڏا پٽ مهڙ ۽ مناهي، انڙ جي حاڪم ٿيڻ سان سهمت نه هئا، پر انهن ڪو فتنو پيدا ڪرڻ بدران اتان لڏي وڃڻ مناسب سمجهيو ۽ پنهنجن ٻين ٻن ڀائرن ساند ۽ ڦل کي وٺي ڪڇ ڏانهن پنهنجي مامي واگهم چاوڙي ڏانهن روانا ٿيا. ڪڇ ۾ مشهور ڪن روايتن ۾ مهڙ ۽ مناهي پاران انڙ کي مارڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي، پر اهو پڌري پٽ حقيقتن جي خلاف آهي، ڇو ته انڙ پوءِ به زنده هو ۽ سنڌ جي سمن جي آخري حڪومت جو پهريون بادشاهه ٿيو. هونئن به جيڪڏهن انڙ مارجي وڃي ها ته پوءِ مهڙ ۽ مناهي جي لڏڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿئي ها، ان ڪري هتي ان روايت کي ترجيح نه ڏني وئي آهي.
    بهرحال انهن ڀائرن ڪجهه وقت بعد پنهنجي مامي واگهم چاوڙي کي ماري پنهنجو راڄ قائم ڪيو هو (6) ، پر پوءِ به اهي چاوڙن يعني چؤڙن سمن جي مرڪزي حڪومت جي نائبن طور ئي ڪڇ جي علائقي ۾ حڪومت ڪندا رهيا، جيڪي ڪڇ، ڪاٺياواڙ، جوناڳڙهه وغيره جي علائقن ۾ گهڻي عرصي کان مضبوط حڪمراني ڪري رهيا هئا.
    ان علائقي ۾ ست ساند ڀائر رهندا هئا، جن کي واگهم چاوڙو ڇهه آنڪي ڀريندو هو. انهن، واگهم چاوڙي جو بدلو وٺڻ جو پهه ڪيو، پر مهڙ ۽ مناهي انهن کي به ماري مات ڪري انهن جي علائقي کي به پنهنجي قبضي ۾ آندو، جنهن کي "ماڪ" سڏبو هو (7) ، تن ڏينهن ۾ ڪنٺ ڪوٽ تي واگهيلن (8) جي حڪومت هئي، جن جو راڄ اتي سولنگين کانپوءِ قائم ٿيو هو. مهڙ، اتي جي راءِ ڌرن واگهيلي سان دوستيءَ جو ناتو رکيو ۽ پنهنجي پٽ ساند (9) کي ان جي ڀيڻ سان پرڻايو، جنهن مان ساند کي ڦل نالي هڪ پٽ ٿيو. اڳتي هلي ڌرن واگهيلي ڪنهن سبب ڪري ساند کي مارائي وڌو. جڏهن ڦل وڏو ٿيو ته هن، ڌرن واگهيلي کي مقابلي لاءِ للڪاريو. ڌرن واگهيلو هاڻي پوڙهو ٿي چڪو هو، تنهنڪري هن پنهنجين ڌيئرن مان هڪ ڦل سان پرڻائي امن امان قائم رکڻ کي ترجيح ڏني، پر ڦل ڪڏهن به نه وساري سگهيو ته ڌرن واگهيلي سندس پيءُ کي مارايو هو. ڪجهه سالن کان پوءِ ڦل، ڌرن کي ماريو. اهو ٻڌندي ئي ڦل جي زال خودڪشي ڪري ڇڏي. ان وقت هوءَ پيٽ سان هئي ۽ هن جو اڻڄاول ابهم ٻار جيئرو پيٽ مان ڪڍيو ويو. تنهنڪري ئي ان ٻار جو نالو ڳاهو رکيو ويو، يعني پيٽ چيري ٻاهر ڪڍيل (Born of the wound). ان حادثي بعد ڦل پنهنجي راڄڌاني مٽائي انگرڳڙهه (Angargadh) ۾ ڪئي، جيڪو هبائيءَ جي ويجهو هو (10) .
    ڦل ٻي شادي ريٻاري قبيلي جي سونل نالي ڇوڪريءَ سان ڪئي، جيڪا سونهن سوڀيا ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئڻ ڪري روايتن ۾ سونل پريءَ جي نالي سان مشهور آهي. ان مان ڦل کي هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو لاکو رکيو ويو. اهو لاکو پنهنجي پيءُ جي نسبت سان لاکو ڦلاڻي سڏيو ويو.

    لاکي ڦلاڻيءَ جو دور (هڪ عام بحث):
    لاکي ڦلاڻيءَ جي ڄم جي دور بابت مشهور روايت هن ريت آهي:
    سنبت نو سؤ ڇاهتر، ٻيج تٿ ڪاتڪ ماس،
    جس دن لاکو جنميو، سورج جوت پرڪاش.
    سنبت، سنڌ ۽ هند ۾ مروج سنن جي هڪ سلسلي جو نالو آهي، جيڪي مختلف حاڪمن سان پيش ايندڙ واقعن کانپوءِ جوڙيا ويا آهن. يعني ڪي، ڪنهن حاڪم جي فتح جي نسبت سان ته ڪي، ڪنهن جي تخت نشينيءَ جي لحاظ کان. عام طور تي جيڪي سنبت معروف آهن، اهي آهن، وڪرمي سنبت، گپت سنبت، مالوه سنبت، ساڪا سنبت، ساهسي سنبت وغيره وغيره. هن سلسلي ۾ راقم پاران اهو رجحان عام طور تي محسوس ڪيو ويو آهي ته جنهن به سنبت سان ان جي نسبت ڄاڻايل نه آهي ته اهو اصل ڪنهن سان منسوب سنبت آهي، ان سنبت کي بعد جي مؤرخن عام طور تي وڪرمي سنبت لکي ڇڏيو آهي. محققن جي ان بي احتياطيءَ جي ڪري قديم تاريخي واقعن جي سلسلي ۾ نهايت گهڻو مغالطو پيدا ٿيل ٿو ڏسجي. جنهن کي وري بعد ۾ روايتن ۾ ٿيل وڌاءَ سان پڪو پختو ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح ڪنهن شخصيت جي اصل دور کي سڃاڻڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي.
    هي دوهو ٿي سگهي ٿو ته لاکي ڦلاڻيءَ جي ڄم جي حوالي سان ئي جوڙيو ويو هجي، پر جنهن سنبت جي نسبت سان ان دور کي عيسوي سن سان ڀيٽيو وڃي ٿو، اها بلڪل نه سمجهه ۾ ايندڙ آهي. تنهنڪري ضروري آهي ته تاريخ جي محققن پاران سنبت جي مختلف روايتن تي تفصيلي بحث ڪيو وڃي. راقم جي خيال ۾ اهو هڪ ڊگهو مسئلو آهي، جيڪو الڳ مضمون ۾ بحث هيٺ آڻي سگهجي ٿو، في الحال هتي ان جي گنجائش ڪانهي. هتي رڳو دليلن جي آڌار تي لاکي ڦلاڻيءَ جي سومرن جي آخري دور ۾ هئڻ بابت چٽائي ڪئي ويندي.

    لاکي جي دور جي تعين بابت دليل:
    1. رائچند هريجن، همير سومري جو دور 1400ع کان 1439ع تائين ٻڌايو آهي (11) ، جيڪو بعد جي تاريخي تحقيق مطابق ڪنهن به حالت ۾ 1351ع کان ٽپي نه ٿو سگهي، ڇو ته 1351ع کان سنڌ ۾ هر حالت ۾ سمن جي حڪومت شروع ٿي چڪي هئي.
    2. همير سومرو، لاکي ڦلاڻيءَ جو همعصر هو، ڇو ته هڪ طرف ڪن روايتن ۾ لاکي سان سندس ڪنهن جهڙپ جو پڙاڏو ملي ٿو، جڏهن ته معروف روايتن مطابق لاکي ڦلاڻيءَ جي ڀائٽئي راءِ پونئري، جکن سان وڙهڻ لاءِ کانئس مدد ورتي هئي ۽ ان کانپوءِ ڪڇ ۾ هر دستاويز تي "اگهاٽ همير وارا" لکڻ جو رواج پيو (12) .
    عام روايتن ۾ ڄام پونئري کي به ڏهين صدي عيسويءَ جو لکيو ويو آهي (13). همير سومري جو همعصر ڏهين صدي هجريءَ ۾ هئڻ ته ممڪن نه آهي. ان روايت مان سمجهڻ گهرجي ته خود لاکي ڦلاڻيءَ کي ڏهين صديءَ جو لکڻ به ڪنهن مغالطي جو ڪارڻ آهي. يعني لاکو ڦلاڻي پاڻ به تيرهين - چوڏهين صديءَ ۾ ٿي گذريو آهي.
    3. لاکي ڦلاڻيءَ جي راڄ جي مڱڻهار سمنگ چارڻ جا همير سومري جي راڄ جي خاتمي بعد هجو آميز ڳاهه پڻ چيل آهن. ان سلسلي ۾ ٻه بيت هن ريت آهن:
    ســـڄـــو ڦــســي پيا ســـومــرا، اڌ ڦســـي پيا لــوڪ،
    جهيڻي ٻارڻ جهوڪ، نه ته ليڙ پيائي لاٽون ڪري.
    ++++++
    ستينءَ هو سوجهرو، اٺين ٿـــي اونداهه،
    هـــمــيـراڻي باهه، وساڻي ورهــين کـان .(14)
    غور طلب ڳالهه اها آهي ته هڪ پاسي همير سومري کي ڏهين صديءَ جو ڪوٺڻ واري روايت موجود آهي، ٻئي پاسي راءِ پونئري جي ڏهين صديءَ ۾ هئڻ بابت روايتون ملن ٿيون (15) ، جڏهن ته اهي ٻـئي چوڏهين صدي عيسويءَ جا آهن ته اهڙيءَ صورت ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جو دور به ساڳيو هئڻ گهرجي.
    جيمس برگس، لاکي ڦلاڻيءَ جو دور 1320ع کان 1344ع تائين ڄاڻايو آهي ۽ پوءِ ڄام پونئري جو دور 1344ع کان 1350ع تائين ڄاڻايو آهي. لاکي ڦلاڻيءَ جي دور بابت سندس اندازو حقيقت جي قريب ترين چئي سگهجي ٿو. البته ڄام پونئري جو دور حڪومت تمام گهڻين مشهور روايتن مطابق 25 سال ٿئي (12) ٿو ۽ ڄام پونئري جي راڄ جو دور پنجويهه سال مڃڻ سان ڪافي ٻيون شيون ترتيب سان سامهون نروار ٿين ٿيون (16) .
    لاکي ڦلاڻيءَ جي ڪردار کي صحيح نموني سان سڃاڻڻ سان سنڌ جي تاريخ جا ڪيترائي سقم دور ٿي سگهن ٿا. سنڌ جي لوڪ روايتن جا ذخيرا ڪنهن به ذهن ۾ سوال پيدا ڪرڻ لاءِ ته ڪافي آهن، پر رڳو انهن روايتن جي آڌار تي حقيقت کي ظاهر ڪرڻ ايترو سولو ڪم نه آهي، ڇو ته سنڌ ۾ دستياب ماخذ لاکي گوراڙي کان وٺي مهڙ، ساند، ڦل، توڙي لاکي ڦلاڻيءَ جي اصل همعصرن ۽ ڪڇ ۾ رهندڙ مٽن مائٽن جي تفصيلي ڄاڻ ڏيڻ کان به قاصر آهن. ان سلسلي ۾ لاکي ڦلاڻيءَ بابت انٽرنيٽ تي موجود مواد مان اصل صورتحال جو تعين ڪرڻ ۾ ڪافي مدد ملي ٿي.

    لاکي ڦلاڻيءَ جو راڄ:
    لاکو ڦلاڻي سگهارو حڪمران هو ۽ ڪڇ ۽ گجرات جي روايتن ۾ تمام گهڻو مشهور رهيو آهي. سندس نالي ۽ حڪمرانيءَ جي ڇاپ اڄ به ڪڇ، گجرات، مارواڙ ۽ سنڌ جي علائقن تائين پکڙيل آهي. هن جا ڪل ڇهه ڀائر ٻڌايا وڃن ٿا. رائچند هريجن، "ڪڇ جو گجراتي اتهاس؟ جي حوالي سان لکي ٿو ته "ڪڇ جي راجا ڄام ڦل کي پنجن راڻين مان ڇهه پٽ ٿيا، ڄام ڌولا راءِ جي ڪنيا مان ساند، چاوڙي راڻيءَ مان سور، سوڍي راڻيءَ مان کينهرو، ڌرن واگهيلي راڻيءَ مان ڌائو (ڳاهو)، ۽ سونل راڻيءَ مان لاکو (17)" . هن حوالي ۾ ڇهن مان پنجن ڀائرن جا نالا ڄاڻايا ويا آهن. لاکي ڦلاڻيءَ پنهنجن انهن ڀائرن کي ڪنڙ (Khinara) ، ۽ انگر ڳڙهه (Angorgadh) وارو علائقو ورهائي ڏنو ۽ پاڻ ڪپلگرام (Kapilgram) ۾ پنهنجي راڄڌاني قائم ڪيائين. جنهن جو نالو پنهنجي ڀيڻ جي نسبت سان ڪيرا ڪوٽ رکيائين ۽ اتي هڪ قلعو ۽ هڪ شوِ جو مندر به اڏرايائين (18) .

    لاکي ڦلاڻيءَ سان منسوب ڪي روايتون:
    (1) لاکو ڦلاڻي اڪثر ڪري پنهنجن دوستن سان شيل شڪار تي رهندو هو. هڪ دفعي ڪنهن کيس پوئتي جي سڌ وٺڻ جي صلاح ڏيندي چيو ته ائين نه ٿئي جو ڪنهن ڏينهن اچي ڪير ٻڌائي ته ڦل مري ويو. لاکو جوانيءَ جي گهوڙي تي سوار هو، تنهن کي اها ڳالهه نه وڻي، ان ڪري قسم کنيائين ته جيڪو به اهڙي منحوس خبر آڻيندو، ان جي زبان وڍائيندس. گهڻي وقت کان پوءِ ڦل سچ پچ گذاري ويو ۽ لاکو ان وقت به گهر گهاٽ کان پري هو. دوستن يارن کي خبر پئي پر ڪير نه هو جيڪو لاکي کي هوشيار ڪري. نيٺ هڪ ڀٽ فقير تي ڪم رکيائون، جنهن اها خبر لاکي تائين پهچائڻ جي حامي ڀري ۽ لاکي جي اڳيان اچي چيائين ته:
    هڪڙا ڦل پسن واڙئين، ٻيا جي بٺين ڌاڃ،
    لاکا آءُ مهراڻ، تو ريءُ سڃو ڪاڇڙو.
    يعني ڦل هڪڙا واڙين اندر ولين ۾ آهن ۽ ٻيا بٺين ۾ ڀڄندڙ آهن، باقي ٻيو ڦل ڪٿي به نه آهي. تڏهن لاکي جي وات مان نڪري ويو ته چئبو ته منهنجو پيءُ مري چڪو آهي. ڀٽ ورندي ڏني ته سائين! اهو مون نه چيو، تو چيو آهي. پوءِ لاکي ميڻ جي زبان ٺهرائي پنهنجي زبان مٿان رکي وڍرائي پنهنجو قسم پورو ڪيو ۽ وڃي پيءُ جي جاءِ سنڀالي.
    (2) لاکي جي هڪ شادي مهر راڻيءَ سان ٿي، جيڪا جهڏي واري علائقي جي ڪنهن سمي سردار جي نياڻي هئي (19) . هن شاديءَ جي روايت ۾ جيڪو افسانوي رنگ ڀريو ويو آهي، ان مطابق مهرراڻيءَ جي دل ڪنهن سوداگر تي اچي وئي هئي، ان ڪري هن شادي ڪرڻ لاءِ ڪي اڙانگا شرط وڌا، جيڪي لاکي ڦلاڻيءَ پورا ڪري ڏيکاريا ۽ اهڙيءَ طرح ساڻس شادي ڪري ورتي. جڏهن ڄڃ سان موٽيو پئي ته پهرين منزل مهراڻ جي ڪناري تي ڪيائين. اتي مينهن پوڻ ڪري سمورا ويس وڳا آلا ٿي ويا، جن کي سڪائڻ لاءِ پراڻ جي ڪنڌيءَ تي بيٺل وڻن ٻوٽن تي وڌائون ته وڻن جو نظارو ئي ٻيو ٿي پيو. سڪڻ کانپوءِ جڏهن ماڻهو انهن کي لاهڻ لڳا ته لاکي منع ڪندي چيو ته "ڪنڌيءَ جا اهي وڻ ٽڻ به اسانجا ڄاڃي آهن ۽ جيڪي ڪجهه انهن کي اوڍايو اٿئون سا ڄڻ اسانجي شاديءَ جي ڏات آهي، اها وري واپس ڪانه وٺبي. ان موقعي تي پراڻ جا پکي لاکي جي ڄڃ مٿان ولر ڪري اڏاڻا هئا ته انهن تي نالو پئجي ويو "لاکي ڄاڃي" (20). هن روايت ۾ زيب داستان جي لحاظ کان ٻيون به ڪافي شيون ملايون ويون آهن.
    (3) روايت آهي ته لاکو ڦلاڻي اوڏن کان ڪيرا ڪوٽ اڏائڻ دوران هڪ اوڏڻ تي عاشق ٿي پيو. اها اوڏڻ، ٻيلي اوڏ جي ڌيءَ هئي، جنهن سان لاکي شادي ڪئي.
    (4) هڪ روايت اها به آهي ته لاکي ڦلاڻيءَ کي پاڻ کان وڏي سخيءَ جي ڳولها ڪرڻ جو شوق ٿيو. پنهنجي چاوڙي راڻيءَ جي صلاح تي هن راڄ جا مڱڻهار گهرائي پاڻ کان وڏي سخيءَ جي پڇا ڪئي. هن کي توقع هئي ته هر ڪو کيس ئي سڀن کان وڏو سخي مڃيندو، پر سمنگ نالي چارڻ چيس ته وڪيو ڏاتار توکان وڏو سخي آهي. تنهن تي لاکي ڪاوڙجي کيس، وڪئي ڏاتار کان بي مندائتا پيرون وٺي اچڻ لاءِ چيو ۽ سمنگ چارڻ هڻي ڌوڻي اهو ڪم ڪري آيو.
    (5) هڪ مشهور روايت آهي ته لاکي ڦلاڻيءَ کي طلا پرس هٿ آيو هو. طلا پرس (يعني سونو ماڻهو) واري روايت تاريخ طاهري ۾ شاهه حسن جي ڪڇ تي ڪاهه جي سلسلي ۾ بيان ڪيل آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته لاکي جي تر جي هڪ جوڳيءَ کي هڪ ٻوٽيءَ مان سون ٺاهڻ جو راز معلوم هو. اها ٻوٽي ڪنهن به ماڻهوءَ سان گڏ باهه ۾ وجهڻ سان اهو ماڻهو سڙي سون ٿي ويندو هو ۽ جيڪڏهن ان سوني ماڻهوءَ جو ڪو حصو ڪپيو ويندو هو ته ان جي جاءِ تي نئون عضوو ڄمي پوندو هو. ان جوڳيءَ هڪڙي ڌنار کي باهه ۾ ڪيرائڻ جي سٽ سٽي پر ڌنار کي پسڻ پئجي ويو ۽ هن خود جوڳيءَ کي باهه ۾ وجهي ڇڏيو. پوءِ کيس خبر پئي ته اهو جوڳي ته سونو ماڻهو بڻجي ويو آهي ۽ سندس ڪوبه عضوو ڪٽڻ بعد اهو وري پيدا ٿي وڃي ٿو. ڌنار ڊپ کان ان راز کي پاڻ تائين رکي نه سگهيو ۽ سخي سردار لاکي ڦلاڻيءَ کي اچي سڄو قصو ٻڌايائين. لاکي ڦلاڻيءَ ان سوني ماڻهوءَ کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو ۽ پوءِ هر روز ان سوني بت مان هڪڙو عضوو ڪٽي ڪتب آڻيندو رهيو. جڏهن کيس پڪ ٿي ته اهو الاهي خزانو کٽڻ وارو ناهي، ان ڪري دل کولي اهو سون خلق جي ڀلائيءَ ۾ خرچ ڪرڻ لڳو. ٿوري وقت ۾ سندس ناماچار انهن راڻن ۽ راجائن کان وڌي وئي، جيڪي هن کان وڌيڪ ناميارا ليکيا ٿي ويا. هيءُ پاڻ کي انهن کان مٿاهون سمجهي، ويتر وڌيڪ خير جا ڪم ڪرڻ لڳو. ايتري قدر جو سج اڀرڻ سان سوا لک جيترو سون خيرات ڪري، پوءِ ڏندڻ پاڻي ٿي ڪيائين. جيستائين جيئرو هو، تيستائين ائين ڪندو رهيو. لاکي پنهنجي آخري وقت ۾ "جهرڪ جهرڪي" نالي ٻه طلسمي تلاءَ ٺهرائي انهن ۾ اهو پتلو رکرائي ڇڏيو. جڏهن شاهه حسن ان پتلي جو ٻڌو ته ان کي ڪڍرائڻ لاءِ نار وهائي هڪڙو تلاءُ خشڪ ڪرايائين. پتلو ظاهر ٿيو، پر سندس ماڻهن جي کڻڻ کان اڳ اڏامي وڃي ٻئي تلاءَ ۾ پيو. تنهن تي شاهه حسن مايوس ٿي ان تان هٿ کنيو ۽ چشمن کي جيئن جو تيئن رهڻ ڏنائين (21) .
    (6) هڪ روايت مطابق لاکي جي دور ۾ سنڌ ۽ ڪڇ جي سرحد تي ريٻاري ذات جا مالوند ماڻهو وڏي تعداد ۾ آباد هئا. جيڪي پهرين ته سمن جا طرفدار هئا پر هڪ موقعي تي جڏهن هنن، سمن جي ڪنهن سردار جي موت تي سمن سان گڏ سوءِ ڪئي ۽ زالن نٿون بولا لاهي ڇڏيا. پوءِ جڏهن سمن مان ڪنهن به ريٻارين جي سوءِ ڪانه لهرائي ته انهن جي دل ۾ وار پئجي ويو. تنهن کانپوءِ ريٻارين جي ڪن ماڻهن، لاکي جي ساٿين، جسي ۽ جسراج جا ماڻهو ماريا پر لاکو هاڻي راڄ ڌڻي ٿي چڪو هو تنهن ڪري هن صبر کان ڪم ورتو. ان وقت ڪڇ جو وڏو راءِ کنگهار هو، جيڪو جاڙيجن سمن مان هو ۽ لاکي ڦلاڻيءَ جو مامو هو. راءِ کنگهار ريٻارين جو طرف وٺي رهيو هو، ڇو ته سندس ڪنهن ريٻاريءَ سان رستو هو. لاکي ڦلاڻيءَ، راءِ کنگهار کي اهڙي روش کان روڪيو، ڇو ته هن سمجهيو ٿي ته ان سان ريٻاري هاڻي سڄڻ نه رهيا آهن ۽ اهي وجهه وٺي پاڻ اڳواڻ ٿي ويندا. راءِ کنگهار پاران پوءِ به ريٻارين جو پاسو وٺڻ ڪري لاکو ڪاوڙجي پيو ۽ تياري ڪري هڪ پاسي انهن جاڙيجن سان جنگ جوٽيائين، جيڪي راءِ کنگهار جي اجائي طرفداري ڪري رهيا هئا ۽ ٻئي طرف ريٻارين مٿان اچي ڪڙڪيو. نيٺ اهڙي ئي هڪ جهڙپ ۾ لاکو ڦلاڻي، راءِ کنگهار جي هٿان مارجي ويو. ان کان پوءِ ريٻارين راءِ کنگهار کي به ماري ڇڏيو.
    (7) ڪن روايتن ۾ مارويءَ کي ڦل جي هڪ راڻي ميران ديويءَ جي پيٽان ڄاول ڌيءَ (يعني لاکي ڦلاڻيءَ جي ڀيڻ) ڄاڻايو ويو آهي ته ڪن ۾ وري کيس لاکي ڦلاڻيءَ جي ڌيءَ ڄاڻايو ويو آهي.

    روايتن تي بحث:
    جيئن ته لاکو هڪ عام نالو آهي، ان ڪري هن نالي جي ڪري به لاکي ڦلاڻيءَ جي شخصيت جي باري ۾ ڪافي مونجهارو پيدا ٿيو آهي. مثال طور لاکي ڦلاڻيءَ جي چوٿين پيڙهيءَ واري ڏاڏي جو نالو لاکو گوراڙو هو. لاکي گوراڙي پنهنجي پيريءَ ۾ ڄاول پٽ تي پنهنجو نالو رکيو. ڪن روايتن ۾ اهو نالو انڙ انڙاڻي ٿو ملي ته ڪن ۾ وري لاکو لاکاڻي. بهرحال اهو نالو سنڌ جي سمن جي پوئين حڪومت جي پهرئين سمي بادشاهه جو آهي ۽ پيءُ پٽ جي ساڳئي نالو هئڻ واري غير عام روايت جي ڪري سنڌ جي نسلي تاريخ ۾ ڪافي مونجهارو پيدا ڪرڻ جو سبب بڻيل آهي.
    لاکي ڦلاڻيءَ کان پوءِ سمن ۾ لاکو جاڙيجو ٿيو. وري ان لاکي جاڙيجي جي اولاد مان ڄام راول جي پيءُ جو نالو به لاکو هو. سمن جي شجري جي انهن سڀني ڪردارن جا مختلف واقعا مشهور ٿيا. ايتري قدر جو اڳتي هلي اهي واقعا پاڻ ۾ گڊمڊ ٿي ويا ۽ هڪڙا واقعا ٻين سان منسوب ٿي ويا. مٿي بيان ڪيل واقعن مان پهريون واقعو ته سڌو سنئون لاکي ڦلاڻيءَ سان ئي وابسته آهي، رڳو ان ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جي گڊمڊ ٿيل ڪردار جي ڪري کيس لوڙائو ڪوٺڻ وارو وڌاءُ ڪيو ويو آهي، جنهن کي مٿئين بيان ۾ ڪٽيو ويو آهي ۽ ان جي جڳهه تي شيل شڪار وارا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن، ڇو ته راقم جي نظر ۾ لاکو ڦلاڻي لوڙائو رهيو ئي نه آهي. ان جي ڪجهه چٽائي اڳتي به ٿيندي. ٻئي پاسي لاکي ڄاڃيءَ وارو واقعو ڪن روايتن ۾ ڄام لاکي گوراڙي سان به منسوب ٿيل آهي (22) . ممڪن آهي ته اهو واقعو لاکي ڦلاڻيءَ سان ئي لاڳاپيل هجي، پر ٻن روايتن جي آڌار تي شڪ جي گنجائش بهرحال موجود آهي. هونئن اهو اهڙو اهم واقعو ڪونهي، جنهن تي تحقيق ڪرڻ نهايت ضروري سمجهيو وڃي. لاکي ۽ اوڏڻ واري روايت به اهڙي ئي عام نوعيت جي آهي، جڏهن ته انهن جي مقابلي ۾ لاکي ۽ ريٻارڻ وارو واقعو نهايت اهم آهي. دراصل اهو واقعو لاکي ڦلاڻيءَ سان نه پر سڌو سنئون ڄام راول جي پيءُ ڄام لاکي سان منسوب آهي، جنهن جي زندگيءَ جو احوال ملي ٿو، جنهن مطابق ڄام لاکو، ڪڇ جي راءِ هميرجي (راءِ کنگهار) جي حدن ۾ اچي ڌاڙا هڻندو هو ۽ اتي جي ماڻهن کي تپائي ماريو هئائين. نيٺ هڪ ڀيري هو ڦر ڪندي مارجي ويو. سندس دور ۾ جاڙيجن (هتي جاڙيجن جي مرڪزي راءِ جي حدن ۾ چوڻ صحيح ٿيندو، ڇو ته اهو لاکو پاڻ به نسلي طور تي جاڙيجو (ذات جو هالو) هو) جي حدن ۾ افراتفري ڦهليل هئي. ڇو ته ان دور ۾ سنڌ جي صورتحال ڪڇ جي علائقي تي سڌيءَ طرح اثر ڪري رهي هئي. سنڌ جا ارغون حڪمران، جاڙيجن کي سنڌ جي سمن جي مدد ڪرڻ ۽ سنڌ کان پري رکڻ لاءِ ڪڇ تي ڪاهي رهيا هئا. اهڙيءَ صورتحال ۾ ڄام لاکي جو ڦرون ڪرڻ حالتن کي وڌيڪ خراب ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجي رهيو هو. لطيف سائينءَ جو مشهور بيت ان دور جي صحيح عڪاسي ٿو ڪري ته "جاڳو جاڙيجا، سمان سک مَ سمهو، پسيو آن پارا، لاکو ٿو لوڙيون هڻي." اهو لوڙيون هڻندڙ لاکو، جاڙيجن جي راءِ گهراڻي جو ويجهو مائٽ هو، جيڪو سمجهائڻ سان نه سمجهيو ۽ نيٺ هڪ موقعي تي مارجي ويو. سندس پلاند وٺڻ لاءِ سندس پٽ ڄام راول، راءِ همير سان جنگ ڪئي ۽ ان جنگ ۾ راءِ همير مارجي ويو ۽ سندس پٽ ڪجهه عرصي لاءِ دربدر ٿي ويا ۽ نيٺ گجرات جي سلطان جي مدد وٺي ٻيهر پنهنجو راڄ واپس وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيا. روايت جا ٽاڻا پوريءَ ريت ان ئي واقعي جي نشاندهي ڪري رهيا آهن، رڳو ان روايت جي لاکي ڦلاڻيءَ سان نسبت اوپري لڳي رهي آهي. هونئن هن روايت جي ٻولي ٻڌائي پئي ته هيءَ روايت ڄام راول جي پيءُ ڄام لاکي (هالي) جي ڪنهن گهڻ گهري جي ٺاهيل آهي، جنهن هڪ پاسي ڄام لاکي (هالي) کي هن سموري صورتحال کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ ٻئي پاسي سمورو الزام راءِ همير تي هڻي ڇڏيو آهي، پر هن روايت جا تضاد ٻڌائين پيا ته ڪڇ جو راءِ لاکو ڦلاڻي پنهنجي دور ۾ ڪڇ جو سڀ کان سگهارو راءِ هو ۽ آسپاس جو ٻيو ڪوبه راءِ سندس ٽڪر جو نه هو، جڏهن ته جاڙيجا ته گهڻو پوءِ ڪڇ ۾ سندس جائنشين ٿيا. ٻيو ته لاکي ڦلاڻيءَ جي موت بابت اها روايت ڪنهن به طور تي قبوليت جوڳي نه آهي. ٽيون ته جنهن ڀڄ شهر کي شاعرن، لاکي ڦلاڻيءَ سان منسوب ڪيو آهي، لاکي ڦلاڻيءَ جي دور ۾ ان ڀڄ شهر جو هجڻ به تحقيق طلب آهي. ڇو ته اهو شهر ڄام راول جي پيءُ لاکي جاڙيجي جي ڏينهن ۾ هڪڙو ننڍڙو ڳوٺ هو، جنهن جي ڪابه اهميت ڪانه هئي. اهو شهر ته 1548ع ۾ راءِ کنگهار پهرئين جي ڪڇ تي قبضي بعد مرڪزي شهر بڻايو ويو ۽ ان کان پوءِ ئي اوج ماڻيائين. يعني شاعريءَ ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جو تعلق ڀڄ شهر سان جوڙڻ تمام پوءِ جي ڳالهه آهي. سچي ڳالهه آهي ته هن واقعي جي جزئيات کي جاچڻ کانپوءِ اهو گمان ٿو پيدا ٿئي ته لاکي ڦلاڻيءَ جي گهوڙِي "لکي" ۽ سندس ٻن ساٿين جسي ۽ جسراج جو تعلق به ڪٿي اصل ۾ لاکي جاڙيجي (هالي) سان ته نه هو!؟
    ڪتاب "ڳاهن سان ڳالهيون" ۾ شامل بڊاماڻي پنري واري روايت ۾ بڊاماڻي پنري کي سمن جي آخري دور جو سڏيو ويو آهي ۽ ساڳي روايت جي اختتام تي لکيو ويو آهي ته "بڊاماڻي پنري جي مرڻ کان گهڻو پوءِ مشهور لوڙائو "لاکو ڦلاڻي" ساماڻو، جنهن ڪاڇي ۾ به لوڙيون هنيون. تڏهن اتي جي ماڻهن پنهنجي سورهيه سردار کي ياد ڪيو ۽ ڪنهن سگهڙ چيو "ڀيڻي ناهه بڊام، تڏهن لاکو ٿو لوڙهيون هڻي (23)" . سڌي سنئين ڳالهه پئي آهي ته اهو لاکو جاڙيجو (هالو) هو ۽ لاکو ڦلاڻي هڪ ئي وقت ڏهين صدي ۽ پنڌرهين صديءَ ۾ موجود نه ٿو ٿي سگهي.
    روايتن جي اهڙي ڀرمار ۽ تحقيق جي اڻاٺ جي ڪري جڏهن محققن کان لاکي ڦلاڻيءَ جي سخا ۽ لوڙيون هڻڻ وارين روايتن جي وچ ۾ ڇيد نه ٿي سگهيو ته انهن، لاکي ڦلاڻيءَ کي هڪ اهڙو سخي مشهور ڪري ڇڏيو، جيڪو رات جو لوڙيون هڻندو هو ۽ ڏينهن جو سمورو مال غريبن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو! خود لطيف سائين به مليل روايتن جي آڌار تي اهي لوڙين هڻڻ وارا واقعا لاکي ڦلاڻيءَ سان منسوب ڪري ويٺو آهي. موجوده دور جو ناميارو محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، لاکي ڦلاڻيءَ جي راءِ کنگهار هٿان مارجڻ وارو واقعو "لاکو ڦلاڻي" نالي ڪتابڙي کانپوءِ ڇپيل ڪتاب "سومرن جو دور" ۾ هن طرح ورجائي ٿو ته "سنڌ جي سورهيه لاکي ڦلاڻي، ڪڇ ۽ گجرات طرف وڏيون سوڀون ڪيون ۽ دشمنن کي جنگين ۾ هميشه شڪست ڏنائين. مڙس مرڻ جو ڪونه هو، پر پنهنجي گهرو قبائلي اختلافن ڪري سندس مامي کنگهار کيس مارايو (24) .
    حقيقت اها آهي ته لاکو ڦلاڻي سخي ڏاتار هو ۽ هو لوڙيون نه هڻندو هو. لاکو ڦلاڻي، ريٻاري قبيلي جو ڏهٽاڻو هو ۽ جيڪو لاکو، جاڙيجن جي راڄ ۾ اچي لوڙيون هڻندو هو ۽ ريٻارين کي تنگ ڪندو هو، اهو سخي مرد نه پر صرف لوڙائو هو. راقم جي هن انومان کي جزوي اختلافن سان جينت ريلواڻي جي هڪ مضمون سان به هٿي ملي ٿي، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته "ڪڇ ۾ لاکي نالي ٻه مشهور شخصيتون ٿي گذريون آهن. هڪ راجا ڄام لاکو، ٻيو لاکو جاڙيجو. جاڙيجو لٽيرو هو ۽ ڪڇ جي راجا راءِ شري کينگهار سان بغاوت ڪري ڀڄي ويو. پوءِ ڪڇ ۾ ڦرلٽ ڪري گذران ڪندو هو. رسالي ۾ ذڪر ڪيل اوڏ لوڪن جو سنٻنڌ لاکي ڦولاڻيءَ سان ۽ رٻاري - مالڌارين جو سنٻنڌ لاکي لٽيري سان هو. ٻئي لاکا الڳ الڳ آهن." هن بيان ۾ لاکو جاڙيجو پوئين لاکي کي ئي ڪوٺيو ويو آهي، جيڪو ڄام راول جو پيءُ هو (25) .
    طلا پرس واري روايت جو تفصيلي اڀياس ڪرڻ بعد خبر پئي ٿي ته هيءُ قصو لاکي ڦلاڻيءَ سان منسوب سڀ کان پهريون قصو آهي، جيڪو هڪڙي معتبر ليکڪ جي حوالي سان تحريري شڪل ۾ اسان تائين پهتو آهي. اهو واقعو لاکي ڦلاڻيءَ جي وفات کان اٽڪل اڍائي سو سال پوءِ قلمبند ٿيو آهي. جيئن ته لاکو (هالو) جاڙيجو ان ڪتاب جي تصنيف جي تمام ويجهي دور جو آهي، ان ڪري سندس نالي واريون روايتون تيستائين لاکي ڦلاڻيءَ جي ذڪر کي تضاد جو شڪار نه ڪري سگهيون هيون ۽ هن ڪتاب ۾ لاکي ڦلاڻيءَ کي جاڙيجو نه بلڪه سڌيءَ طرح ساموئيءَ جي سمن مان ڪوٺيو ويو آهي (البته تعليقات ۾ لاکي جو شجرو روايتي تضاد سان ٻڌايو ويو آهي، جيڪو بعد ۾ شامل ڪيو مواد آهي). ان کان علاوه لاکي جاڙيجي جي ڦرن وارو بيان به ساڻس منسوب ڪيل نه آهي. باقي رهيو سخا لاءِ طلا پرس لاکي ڦلاڻيءَ وٽ هئڻ جو ذڪر ته اهڙي روايت لاکي ڦلاڻيءَ جي دور ۾ ئي مشهور ٿيڻ ممڪن آهي. اها اڍائي سو سالن تائين جيئن جو تيئن رهي آهي، يا شايد انهن ۾ جهرڪ ۽ جهرڪي نالي تلائن جو اضافو ٿيل آهي.
    لوڪ ادب جي ذخيري ۾ موجود لاکي ڦلاڻي ۽ وڪئي ڏاتار واري روايت البته لاکي ڦلاڻيءَ سان منسوب ڪري سگهجي ٿو، ڇو ته ان ۾ به سمنگ چارڻ جو ذڪر موجود آهي، جيڪو لاکي ڦلاڻيءَ جي راڄ جو معروف مڱڻهار هو.
    جن روايتن ۾ مارويءَ کي ڦل يا لاکي جي ڌيءَ ڪوٺيو ويو آهي، اهي سراسر افسانوي روايتون آهن. رائچند هري جن به انهن روايتن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو ئي بهتر آهي (26) .
    انهن سمورين روايتن کي لاکي ڦلاڻيءَ سان منسوب ڪرڻ يا نه ڪرڻ الڳ ڳالهه آهي جڏهن ته انهن واقعن جي جزئيات ۽ انهن ۾ ٿيل واڌارن تي الڳ طرح سان تفصيلي بحث ڪرڻ جي گنجائش به پنهنجي جڳهه تي موجود رهندي.

    لاکي ڦلاڻيءَ جو موت:
    گجراتي روايتن ۾ اچي ٿو ته لاکو ڦلاڻي، جوناڳڙهه جي حڪمران گرهرپو يا گوراڙو (Graharipu or Garharo) جو دوست هو (27) ، ۽ اٽڪوٽ وٽ مولراج سان ٿيندڙ جنگ دوران جڏهن گرهرپو، مولراج سولنگيءَ جي هٿان جهلجي پيو ته ان مهل لاکي ڦلاڻيءَ نهايت جرئت جو مظاهرو ڪندي پنهنجي دوست کي ڇڏائڻ لاءِ سر تريءَ تي رکي مقابلو ڪيو ۽ ان مقابلي ۾ مارجي ويو. ٻئي طرف مارواڙ جا ذريعا ٻڌائين ٿا ته لاکو ڦلاڻي مارواڙ جي راٺوڙ راجا سياجيءَ جي هٿان ماريو ويو هو. ڪرنل جيمس ٽاڊ به پوئين روايت کي ترجيح ڏني آهي. ٻئي پاسي ڏٺو وڃي ته مولراج سولنگي توڙي سيوجي راٺوڙ جي وچ ۾ صدين جو فرق آهي. يعني مولراج جي حڪومت جو دور 942ع کان 95-994ع تائين ٻڌايو وڃي ٿو. جڏهن ته ڪرنل ٽاڊ، سياجي راٺوڙ جو دور ٻارهين صديءَ جي آخر ۽ تيرهين صديءَ جي اوائل ۾ ٻڌايو آهي (28) .
    روايتن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته لاکو ڦلاڻي، سنڌ جي سومرن حڪمرانن جي آخري دور ۾ ٿي گذريو آهي. مولراج سولنگيءَ جي دور ۾ سندس هئڻ ممڪن نه آهي. جيڪڏهن مولراج سان واقعي به ڪنهن لاکي مقابلو ڪيو هوندو ته اهو ٻيو ڪو لاکو هوندو. البته سياجيءَ سان لاکي جي مقابلي جو گمان ڪري سگهجي ٿو، پر ان سلسلي ۾ به مارواڙ جي سياجي راٺوڙ جي دور تي به تنقيدي نظر وجهڻي پوندي، ڇو ته ڪرنل ٽاڊ پاران سياجيءَ جي ڄاڻايل دور يعني سياجيءَ جي تيرهين صديءَ جي اوائل ۾ هئڻ واري روايت مان ظاهري طور تي ته نه ٿو لڳي ته ڪو لاکو ڦلاڻي ان دور ۾ موجود هوندو (29) .
    هتي هڪ ڳالهه ٻي به ڌيان جوڳي آهي ته جيمس ٽاڊ ٻڌائي ٿو ته لاکي ڦلاڻيءَ جو اصل مقابلو بيڪانير جي ڪنهن سولنگيءَ سردار سان هو ۽ سياجيءَ ان جي مدد خاطر جنگ ڪئي، جنهن ۾ سندس ڀاءُ سيتا جي به مارجي ويو، پر هو نيٺ لاکي ڦلاڻيءَ کي مارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان بعد ان سولنگي رئيس، سياجيءَ کي پنهنجي ڌيءَ پرڻائي ڏني (30) . ٽاڊ ان رئيس جو نالو نه لکيو آهي، پر ڪن روايتن ۾ ان جو نالو مولراج واگهيلو ملي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به اهڙي هڪ روايت مطابق لکيو آهي ته "مولجي واگهيلو، سياجي راٺوڙ سان شامل ٿيو ۽ ٻنهي گڏجي لاکي ڦلاڻيءَ کي ماريو (31)" . امڪان آهي ته نالي جي اهڙي هڪجهڙائيءَ جي ڪري بعد ۾ مولراج سولنگيءَ سان جنگ واري روايت جنم ورتو هجي، پر ان لاءِ نهايت باريڪ بينيءَ سان سنن جي چڪاس ڪرڻي پوندي.

    لاکي ڦلاڻيءَ کانپوءِ جي صورتحال:
    وڪئي ڏاتار واري روايت مان خبر پئي ٿي ته لاکي ڦلاڻيءَ جون هڪ کان وڌيڪ راڻيون هيون، جن مان هڪ چاوڙي راڻي هئي، پر شايد لاکي ڦلاڻيءَ جو پنهنجو ڪو نرينو اولاد نه هو، جنهن ڪري ئي کانئس پوءِ سندس ڀائٽيو راءِ پونئرو (32) حاڪم ٿيو، جنهن جي باري ۾ چون ٿا ته هو ظالم هو ۽ ماڻهو ساڻس نفرت ڪندا هئا. جڏهن ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي بيان مان محسوس ٿو ٿئي ته لاکي ڦلاڻيءَ جي مرڻ بعد سرحدي راڄواڙن ۽ راجائن وري ڪڇ تي ڪاهون شروع ڪيون. جيئن ته ڄام پونئري انهن جو سختيءَ سان مقابلو ڪيو، ان ڪري مقابلو ڪندڙن پاران کيس ظالم سڏيو ويو (33).
    ان سلسلي ۾ ئي ڄام پونئري جي، ڪڇ جي ٻـَـرڙي واري ڀاڱي جي حڪمران وير گجر سان به ويڙهه ٿي، جنهن کي ختم ڪرڻ خاطر ڄام پونئري، سنڌ جي بادشاهه همير سومري کان مدد ورتي. راءِ پونئري جو جکن سان ڪافي عرصي کان جهيڙو هلندو رهيو هو. ڪڇ جي روايتن مطابق ڄام پونئرو نيٺ جکن جي هٿان ئي مارجي ويو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو چوڻ آهي ته اهو محض افسانو آهي، ڇو ته ماڻهن کي يقين نه پئي ٿيو ته ڄام پونئري جهڙو مڙس بيماريءَ وگهي مرڻ جهڙو نه هو. ان ڪري ماڻهن اهڙو افسانو ٺاهيو (34) .
    ان بعد ڪڇ تي ڄام لاکي جاڙيجي جو راڄ قائم ٿيو. ڪن روايتن مان اهڙو تاثر ٿو ملي ته ڄام لاکو جاڙيجو قسمت آزمائڻ لاءِ ڪڇ ۾ ويو ۽ اتي ڄڻ ته ملڪ خالي هجي، جنهن تي هن زوريءَ ناجائز قبضو ڪيو، پر ائين ڪونهي. جيتوڻيڪ ڪڇ ۾ ان وقت ٻيا به سردار هئا، راءِ پونئري جا ٻه ڀائر به هئا، سندس پنهنجو اولاد به هو، ان دور جي حالتن مان اندازو ٿئي ٿو ته ڄام پونئري جي وفات بعد اهي ننڍا وڏا سردار پاڻ ۾ اٽڪي پيا هئا ۽ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ وارو علائقو سياسي انارڪيءَ جو شڪار ٿي ويو هو. جڏهن ڪجهه عرصي تائين حالتن ۾ ٺاپر نه آئي ته نيٺ ڄام پونئري جي راڻي راڄيءَ ٺٽي مان ڄام لاکي کي گهرايو. لاکي ڦلاڻي ۽ ڄام پونئري سان ڪا ويجهي نسبت جتي سندس ڪڇ جي راڄ جي حقداريءَ جو سبب بڻي، اتي سنڌ جي شاهي گهراڻي سان تعلق، ڪڇ جي ننڍن وڏن سردارن کي سندس حق ۾ ماٺ ڪرائڻ جو ڪارڻ بڻيو ۽ جلد ئي کيس حالتن تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي وئي. هن صورتحال جي صحيح تاريخ معلوم ڪرڻ ممڪن نه آهي. اندازي مطابق چئي سگهجي ٿو ته راءِ پونئري جي وفات بعد ڦهليل سياسي انارڪيءَ وارو دور پنڌرنهن ويهه سال هلي ويو. ان بعد ڄام لاکو جاڙيجو چوڏهين صديءَ جي آخري ڏهي ۾ ڪڇ جو حڪمران ٿيو هوندو (35).
    اهڙيءَ طرح ڄام لاکي جاڙيجي جي راءِ ٿيڻ سان ڪڇ ۾ ساموئيءَ جي سمن جي هڪ خاندان جي باضابطي راڄ جو خاتمو ٿيو ۽ ٻيو خاندان ان جي تسلسل طور ڪڇ جو حڪمران ٿيو. جيڪو جاڙيجا خاندان جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ اٽڪل ڇهه سؤ سال ڪڇ تي حڪمران رهيو ۽ 1947ع ۾ هندستان مان انگريز راڄ جي خاتمي بعد جاڙيجا راڄ جو باضابطا خاتمو ٿيو.

    ____

    1 جيمس ٽاڊ، "تاريخ راجستان" ڀاڱو ٻيو، (اردو ترجمو)، صفحو 18، انڊس پبليڪيشنز ڪراچي، ڇاپو ٻيو، 1990ع.
    2 جيمس برگس، ڦل جي پيءُ جو نالو سارو (SARA) ڄاڻايو آهي. انٽرنيٽ تي موجود ويب سائٽن ۾ ان جو نالو ساند ڄاڻايو ويو آهي. راقم جي خيال ۾ اها شخصيت ساڳي آهي، جنهن جو اصل نالو ساهڙ آهي ۽ ساند سندس چاچي جو نالو آهي، پر ساهڙ به ان ئي نالي سان معروف ٿيل آهي. ان ڪري اڳتي ڦل جي پيءُ جو نالو ساند ئي لکيو ويو آهي.
    3 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، "لاکو ڦلاڻي"، صفحو 4، ڇاپو پهريون، سال 1958ع، ڇپائيندڙ سنڌي مجلس، شعبه سنڌي، سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد سنڌ (نوٽ: لاکي ڦلاڻيءَ بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي اها راءِ 1958ع ۾ ڇپيل آهي. ٿي سگهي ٿو ته ان کانپوءِ جي اڌ صديءَ ۾ ڊاڪٽر صاحب، سمن جي نسب نامي جي حوالي سان وڌيڪ چٽو ٿيو هجي، پر هي مضمون لکڻ وقت راقم کي سندس اهڙي ڪنهن به تحرير جو حوالو نه پيو سجهي، جنهن ۾ مٿئين معاملي جي چٽائي ڪئي وئي هجي.
    4. www.kutchforever.com/History.aspx?catalog=05
    5 ٻي گوئيل راڻي. جيتوڻيڪ ڪن روايتن ۾ انڙ کي چاوڙي راڻي مان پيدا ٿيل ٻڌايو ويو آهي، پر انڙ، ان راڻيءَ مان پيدا ٿيل نه هو.
    6 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، "ڳاهن سان ڳالهيون"، صفحو 259، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو، 1995ع.
    7 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، "ڳاهن سان ڳالهيون"، صفحو259، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو، 1995ع.
    8 ڪنٺ ڪوٽ هڪ ٽڪريءَ تي اٽڪل پنجن ڪلوميٽرن تي پکڙيل هڪ پراڻو قلعو آهي(شايد هن جو اصل اچار "ڪنڌڪوٽ" هجي. ڇو ته هيءُ قلعو ٽڪريءَ تي اڏيل آهي). ڪنٺ ڪوٽ تي پهرين ڪاٺي نسل وارن جو راڄ رهيو، پوءِ چاوڙن جو، پوءِ سولنگين جو ۽ پوءِ واگهيلن جو. ان بعد اهو علائقو مهڙ جي اولاد جي هٿ آيو. جنهن کان پوءِ ساند جي پٽ ڦل اتي هڪ قلعو اڏرايو هو.
    9 ڏسو هن مضمون جي پهرئين صفحي تي ڏنل حاشيو نمبر 2
    10 www.panjokutch.com
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڌرن واگهيلي کي "گيڙي" نالي رياست جو حڪمران ڄاڻائيندي لکي ٿو ته "ڪڇ ۾ "گيڙي" جي رياست تي واگهيلن سن 1400 سنبت (تيرنهين صدي عيسوي) ۾ قبضو ڪيو. سندن آخري حڪمران راجا ڌرن کي پوءِ مهڙ پٽ ساند سمي ماري "گيڙي" تي قبضو ڪيو. پوءِ "گيڙي" مسلمانن جي هٿ آئي. (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، "سومرن جو دور"، صفحو 211، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو، سال 2006ع) هيءَ شايد ڪا غلطي ٿيل آهي نه ته نه ڪو مهڙ پٽ ساند جو هو ۽ نه ئي ڌرن کي مهڙ ماريو هو، بلڪه ڌرن کي مهڙ جي پوٽي ڦل ماريو هو.
    11 رائچند هريجن، "تاريخ ريگستان"، ڀاڱو پهريون، صحفو 56 ۽ 58، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو چوٿون، سال 2005ع.
    12 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، "ڳاهن سان ڳالهيون"، صفحو 107 کان 117، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو، 1995ع.
    13 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، "ڳاهن سان ڳالهيون"، صفحو 107، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو، 1995ع.
    14 ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، "سنڌي ادب جو تاريخي جائزو"، صفحو 26، عجائب اسٽور سکر 1992ع.
    15 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، "ڳاهن سان ڳالهيون"، صفحي 107 کان 117 تائين، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو، 1995ع.
    16 James Burgess, “Antiquities of Kutch & Kathiawar”, P.199, Sindhi Adabi Board, 1991.
    17 رائچند هريجن، "تاريخ ريگستان"، ڀاڱو پهريون، صفحو 65، سنڌي ادبي بورڊ، سال 2005ع.
    18 www.kutchforever.com/Forts.aspx?catalog=02& www.kutchindia.co.in/kera.htm
    (ڪن روايتن ۾ شوِ جي مندر جي جوڙجڪ سولنگين جي هٿان ٿيل ٻڌائي وڃي ٿي. راقم کي به ائين لڳي ٿو).
    19 "تاريخ ريگستان" ۾ مهرراڻيءَ جي نسبت مهر راجپوتن سان ڏيکاريل آهي ۽ انهن جو علائقو مهراڻو، مٺي تعلقي ۾ نبي سر کان 6 ميل ڏکڻ طرف، ڍوري ناري جي کاٻي ڪپ تي نهٽي جي ڳوٺ واري علائقي ۾ ٻڌائي ٿو. (رائچند هجريجن، "تاريخ ريگستان، حصو پهريون، صفحو 126، 127، سنڌي ادبي بورڊ ڇاپو چوٿون، سال 2005ع.
    20 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، "لاکو ڦلاڻي"، صفحو 15-16، ڇپائيندڙ سنڌي مجلس، شعبه سنڌي، سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد سنڌ، ڇاپو پهريون، سال 1958ع. ----------(ڊاڪٽر بلوچ حاشئي ۾ اهو به ڄاڻايو آهي ته اها روايت وڏي لاکي پٽ لاکيار سان به منسوب ڪئي ويندي آهي).
    21 تفصيل لاءِ ڏسو، "تاريخ طاهري"، صفحو 75 کان 79 ۽ 310 کان 311 تي.
    22 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، "لاکو ڦلاڻي"، صفحو 16، ڇپائيندڙ سنڌي مجلس، شعبه سنڌي، سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد سنڌ، ڇاپو پهريون، سال 1958ع.
    23 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، "سومرن جو دور"، صفحو 210، سنڌي ادبي بورڊ، 2006ع.
    24 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، "سومرن جو دور"، صفحو 210، سنڌي ادبي بورڊ، 2006ع.
    25 جينت ريلواڻي، "شاه جو رسالو: ڪڇي ۽ گجراتي ٻولين جي حوالي سان" (ماهوار ڪينجهر، شمارو سيپٽمبر - آڪٽوبر 2005ع، صفحو 246).
    26 رائچند هريجن، "تاريخ ريگستان"، ڀاڱو پهريون، صحفو 66، سنڌي ادبي بورڊ، سال 2005ع.
    هن کي ڪن روايتن ۾ اڀير راجا ڪوٺيو ويو آهي، پر حقيقت ۾ هو چؤڙن سمن مان هو. روايت ۾ اڀير لفظ عام مفهوم طور استعمال ٿيل لڳي ٿو.
    27 اصل لفظ سولنگي آهي، پر سنسڪرت ۽ ٻين ٻولين ۾ "گ" جو الڳ صوتيو نه هئڻ ڪري ان جو اچار تبديل ٿيل آهي. اهو اچار اسانکي فارسي ٻوليءَ ۾ ڳاهو، ڳهڻو جهڙا نالا لکڻ مهل به تبديل ٿيل نظر اچي ٿو جن جي تحريري صورت ڪاها ۽ ڪانه وڃي بيهي ٿي.
    28 جيمس ٽاڊ، "تاريخ راجستان" ڀاڱو ٻيو،(اردو)، صفحو 38، 340، انڊس پبليڪيشنز ڪراچي، ڇاپو ٻيو، 1990ع.
    29 جيمس ٽاڊ، "تاريخ راجستان" ڀاڱو 2، (اردو ترجمو)، صفحو 18، انڊس پبليڪيشنز ڪراچي، ڇاپو 2، 1990ع.
    30 جيمس ٽاڊ، "تاريخ راجستان" ڀاڱو 2، (اردو ترجمو)، صفحو 18، انڊس پبليڪيشنز ڪراچي، ڇاپو 2، 1990ع.
    31 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، "سومرن جو دور"، صفحو 211، سنڌي ادبي بورڊ، 2006ع.
    32 جيمس برگس هن جي نالو جو اچار راءِ پوار به لکيو آهي.
    33 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، "ڳاهن سان ڳالهيون"، صفحو 15، سنڌي ادبي بورڊ، 1995ع
    34 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، "ڳاهن سان ڳالهيون"، صفحو 16، سنڌي ادبي بورڊ، 1995ع
    35 شايد لاکي جاڙيجي تي اهو نالو به لاکي ڦلاڻيءَ سان ڪنهن ويجهي مائٽيءَ جي نسبت سان رکيل هجي، پر اهو فقط راقم جو گمان آهي.


    سنڌ ۽ ڪڇ جي حڪمران سمن جو بنيادي شجرو : جيمس برگس

    جادم

    نرپت

    سمه

    جيهو

    ڄام نيٿ

    ڄام نوتيار

    اڍيار

    اڍر

    راهو

    اڍيار

    ابڙو

    لاکيار

    لاکو گوراڙو

    ڄام انڙ مناهي مهڙ اوٺو ويريار ساند اڪو ڦل
    (ڪيهر سمن جو ڏاڏو)
    سارو (ساند)

    ڦـــــل

    ساند سور(؟) ڳاهو کينهرو ڄام لاکو ڦلاڻي ( ؟ )

    ڄام پونئرو سيتو جي ديدو

    لاکو گوراڙو

    ڄام انڙ مناهي مهڙ اوٺو ويريار ساند اڪو ڦل
    (ڪيهر سمن جو ڏاڏو)
    ڄام تماچي

    ڄام ساند


    ڄام جاڙو ويرو جي


    ڳاهو ڄام لاکو جاڙيجو لاکــيــر
    (وير جي جو پٽ ۽ ڄام جاڙي جو پٽيلو)

    ڄام رائڌن


    اوٺو ديدو گجڻ هوٿي
    (ديدڙن جو ڏاڏو) (هوٿين جو ڏاڏو)

    هـــــالــو جــيـــو
    (هالن جو ڏاڏو)

    ابــــــڙو مــــهـــــڙ
    (مهڙن جو ڏاڏو)






    جيمس برگس ڄاڻائي ٿو ته نسليات جا ڪي ماهر تماچيءَ بدران سمون، ڪاڪو، رائڌن ۽ پرتاب عرف پلي جا نالا ڄاڻائين ٿا.


    ڄام لاکو جاڙيجو
    (وير جي جو پٽ ۽ ڄام جاڙي جو پٽيلو)

    ڄام رائڌن


    اوٺو ديدو گجڻ هوٿي
    (ديدڙن جو ڏاڏو) (هوٿين جو ڏاڏو)

    ڳاهو ڦـــــل دل جيهو

    ويهڻ ٻُــــٽ ٻاراچ
    (ٻُـٽن جو ڏاڏو)
    جاڙو
    ملووجي ڏيسر
    ڀٽ

    ڪنيو ٻارچ ريـلـريو راوجي
    (ٻاراچن جو ڏاڏو)
    لاکو

    امرجي ويراول پانچاريو ورم سي ناگيواستيو جيهو

    ڏاڏر

    ڀيم جي امر جي موڪلسي ڪنيو
    (امر امراڻي شاهه حسن
    جي هٿان ماريو ويو)

    همير جي ڀيم جي



    صاحب جي کنگهار جي اليو جي رائب جي
    (صاحب سمن جو ڏاڏو) (رائبن جو ڏاڏو)

    راءِ کنگهار پهريون

    راءِ ڀرمل

    ڀوڄراج مينگهراج


    کنگهار ٻيو تماچي

    رائڌن ٻيو


    ريووجي ناگل جي پراگمل جي

    ڪنيو جي هالار گوڙ جي
    (هالاڻين جو ڏاڏو)
    اليو جي ڏيسر جي

    لکپت

    گوڙ جي ٻيو


    رائڌن ٽيون پرٿويراج

    ڀرمل جي ٻيو

    ڏيسر جي ٻيو


    نوٽ: هيءُ شجرو سمن جي بنيادي شجري طور جيمس برگس جي ڪتاب “Antiquities of Kutch & Kathiawar” تان کنيو ويو آهي. هن ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جي ڀائرن جا نالا تاريخ ريگستان جي حوالي سان شامل ڪيا ويا آهن. (قاضي مقصود احمد)

    درست ڏسڻ لاءِ پي ڊي ايف ڪاپي کي ڏسو


    ضميمو 1

    ريٻاري (سنڌ ۽ ڪڇ جي ھڪ مالوند برادري) : قاضي مقصود احمد

    ريٻاري قبيلي جو نالو سنڌ ۽ ڪڇ جي تاريخ ۾ خاص اھميت رکي ٿو. ھن قبيلي جو نالو ريٻاري، رٻاري، ريٻاڙي ۽ ريواڙي جي اچار سان ملي ٿو. هن قبيلي جو اصل پيشو اٺ پالڻ رهيو آهي. جيمس ٽاڊ لکي ٿو ته "سندن اهو نالو (ريٻاري) سڄي هندستان ۾ مشهور آهي. جيڪي اٺ پاليندا آهن ۽ اهي گهڻي قدر مسلمان هوندا آهن، پر هتي اها قوم مختلف آهي. اهي هندو آهن ۽ اٺ پاليندا آهن" (1).
    هنن نالن مان ريواڙي، وڌيڪ صحيح لڳي ٿو، جيڪو مالوند ۽ مال ڌاريندڙ قبيلو ھئڻ ڪري ھن قبيلي تي پيل آھي. يعني ريوڙ معنيٰ "ڌڻ" ۽ ريواڙي معنيٰ ڌڻ وارا. پر ھتي ان جي معنيٰ ڌنار نه بلڪه سنگھار يعني مالوند سمجھڻ گھرجي. جيئن چوڻي مشهور آهي ته "ريٻاري مال ڌاري". انهيءَ مال ۾ اٺ، ٻڪريون، مينهون، ڍڳيون وغيره شامل آهن. "ريٻاري" لفظ جي اصليت اھا ئي آھي، باقي ھن قبيلي کي عام اصطلاح مطابق ريٻاري ئي سڏڻ گھرجي، جيڪو سماج ۾ مروج ٿي چڪو آھي ۽ ھاڻي ان کي ئي صحيح سمجھيو وڃي ٿو.
    جيمس ٽاڊ، ريٻارن کي ڀٽين جي شاخ ڄاڻايو آھي ۽ ھن قبيلي جي شروعات ھن طرح ديوسي کان ٿيل ٻڌائي اٿس: "الڻ جا چار پٽ ھئا، ديوسي، ترپال، ڀاوني ۽ اڪيچو. ديوسيءَ جو اولاد ريٻاري يعني جت (ساربان، اوٺي) ٿيا (2)" . سندس ڪتاب ۾ ريٻاري قبيلي جو ڀٽيءَ تائين نسب نامو ھن طرح ڏنو ملي ٿو. ديوسي بن الڻ بن ڪيھر بن معظم رائو بن منگل رائو بن ڀٽي. ڪن ٻين محققن، ريٻارن جي مختلف شاخن جو تعلق ڀٽين کان سواءِ دراوڙن ۽ ھُنن سان به ٻڌايو آھي.
    ريٻاري بنيادي طور تي گجرات، مھاراشٽر، راجستان، مڌياپرديش، پنجاب ۽ سنڌ ۾ آباد آھن. انھن سمورن راين کي سامھون رکندي چئي سگھجي ٿو ته "ريٻاري"، گھڻ نسلي بنياد رکندڙ ھڪ پيشه ور ذات آھي. جنھن ۾ ڀٽين جي نسل مان ڦٽي نڪرندڙ قبيلو بنيادي اھميت رکي ٿو. ريٻارين جون مک ذاتيون اندر، اھير، اپگول، مالڌاري، ڀارصادڙ، ريٻاري، ڀارصادر، ڍنگر، ڍنگڙ، ڌنور، ڌنڪ، ڌنگوڙ، ڏوڏ، گوئل، گڌريا، گدريا، گول، گدي، گادري، گولواڙ، گوندر، ھلمٿ، ھيگادس، ڳڍيار، کرڪ، ڪڏ، ڪرب، مرب، گوئل، ڪرمب، مرمر، ڪرمبر، ڪالور، ڪرما، ڪرمبر، ڪرکي، ڪرپ، ناڪر، نڪر، اوروڻ، پال، پالر، ٿادڀل، پشپلاڪ، رائيڪا آھن.
    ريٻاري بنيادي طور تي مال جي چاري وغيره لاءِ قديم زماني کان ڪڏھن ھيڏانھن ته ڪڏھن ھوڏانھن ڀٽڪندا رھيا آھن. ان ڪري ئي مقامي محاوري ۾ کين وڻجارا به ڪوٺيو ويو آھي. ريٻارن جي باري ۾ اھو مجموعي تاثر ھئڻ جي باوجود ريٻارين جا ڪيترائي قبيلا قديم زماني کان مخصوص علائقن ۾ مستقل بنيادن تي آباد آھن.
    سنڌ جي حڪمران سمن جي وڏي ڏاڏي ڄام لاکي گوراڙي جي ھڪ شادي ڪڇ ۾ آباد گوئل قبيلي مان ٿي ھئي. ان راڻيءَ کي گوئل ذات جي نسبت سان گوئل راڻي يا گوڙ راڻي سڏيو ويو آھي. تحفـﺔ الڪرام جي مصنف عام اصطلاح مطابق بوڻھي جارا (وڻجارا) لکي ڇڏيو آھي، پر حقيقت ۾ ان قبيلي جي سرداري ڪڇ جي ڪيراڪوٽ واري علائقي تي قائم ھئي. (اھو علائقو بعد ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جي خاندان کي ورثي طور مليو). سنڌ جو پھريون سمون بادشاھه ڄام انڙ ان ئي راڻيءَ مان پيدا ٿيو ھو.
    ريٻارين جي نسل جي حوالي سان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته "سمن کان سندن قومي حيثيت جدا ھئي، پر جنگ جھيڙي ۾ سمن جا ساٿي ھئا (3)" .
    ڊاڪٽر صاحب جي راءِ جو پسمنظر شايد اھو آھي جو انگريز دور ۾ ٿيل تحقيق دوران ھاسيڪار سمن کي "سمه" نالي ڪنھن ويجھي نسبت واري ڏاڏي تائين محدود رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. جيئن جيمس برگس، سمن جو نسل جادم جي پٽ "سمه" کان شروع ٿيل ٻڌائي ٿو. حالانڪه سمان قبيلو انھن کان به آڳاٽو آھي. ھندستاني روايتن مطابق سمن جو نسل اتري جي پٽ چندر کان شروع ٿيل ڏسي سگھجي ٿو، جنھن جي اولاد کي چندرونسي سان گڏ سوم ونسي به چوندا ھئا. وچ ايشيائي روايتن مطابق اھو ساڳيو نالو ارفخشد بن سام کي ڏنو ويو آھي. بھرحال اھي نسبتون ته پري جون آھن. سنڌ جي تاريخ ۾ ھن قبيلي جو ذڪر سدائين سمن سان گڏ آيو آھي. ريٻاري قبيلي جو ذڪر ڪڇ جي تاريخ ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جي دور کان وٺي ملي ٿو، جنھن مطابق لاکو ڦلاڻي، ڦل جي ريٻاري زال سونل جو پٽ ھو. ان بعد سندس ذڪر ٺٽي جي حڪمران سمن جي راڄ طور ملي ٿو، يا ڪڇ جي جاڙيجن سمن جي راڄ طور ملي ٿو. ان لحاظ کان ئي اھي سماٽ برادريءَ ۾ شامل آھن ۽ ڏک توڙي سک ۾ سدائين سمن سان ڀيڙا رھيا آھن.
    سنڌ مان سمن جي حڪومت جو خاتمو ٿيڻ بعد ڪڇ جا حڪمران، ارغونن جي عتاب ھيٺ آيل ھئا، جيڪي کين سنڌ جي سمن جو ساٿ ڏيڻ ڪري سيکت ڏيڻ جون سٽون سٽي رھيا ھئا ۽ ان سلسلي ۾ شاھه حسن جي ڪڇ تي ڪاھه جو ذڪر پڻ تاريخ جي ڪتابن ۾ موجود آھي. ان دور ۾ ھڪڙي جاڙيجي شھزادي لاکي ھالي جاڙيجي ڪڇ ۽ سنڌ جي حدن ۾ لوڙيون ھڻڻ شروع ڪيون. سندس ڪارروايون چوٽ چڙھي ويون ھيون ۽ عوام وڏي آزار ۾ اچي ويو ھو. نيٺ ھڪ موقعي تي ھو ڪنھن جھڙپ ۾ مارجي ويو. اھو واقعو جاڙيجي راو ھمير جيءَ جي دور ۾ ٿيو ۽ شايد ان معاملي جي ذميداري ريٻارن تي عائد ٿي پئي. لاکي جي پٽ ڄام راول پنھنجي پيءُ جي مارجڻ جو بدلو وٺڻ لاءِ راءِ ھمير سان ٽڪريون کاڌيون ۽ ھو کيس مارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. راءِ ھمير جا پٽ صاحب ۽ کنگھار، دربدر ٿي وڃي احمدآباد جي واليءَ وٽ پھتا، جيڪو سندن ڀيڻويو پڻ ھو. ھن، سندن مدد ڪئي ۽ کنگھارجيءَ کي راو جو لقب ڏئي پنھنجي فوج سندس مدد لاءِ ساڻس گڏ موڪليائين. ڄام راول اھا خبر ٻڌي ڪاٺياواڙ ڏانھن ڀڄي ويو. اھو 1539ع جو واقعو آھي. راءِ کنگھار 1948ع تائين علائقي جي سڀني ننڍن وڏن سردارن کي آڻ مڃرائي ڪڇ ۾ پنھنجو مضبوط راڄ قائم ڪيو. ھن سڄي واقعي ۾ بنيادي ڪردار ريٻارن جو ھو. اڳتي هلي ھيءُ واقعو ايترو ته مٽجي ويو جو ان واقعي جي مک ڪردار لاکي ھالي جاڙيجي جي جڳھه تي ڄام لاکي ڦلاڻيءَ جو نالو اچڻ لڳو، جيڪو جاڙيجن جي راڄ کان اڳ ڪڇ جو راءِ رھي چڪو ھو ۽ سخاوت ڪري سندس شھرت ڏيھان ڏيھه مشھور ھئي.
    ريٻارن جي سوءِ ڪرڻ واري واقعي جي باري ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو "ريٻارين جي وڏي قوم ڪڇ ۽ سنڌ جي سرحد تي آباد ھئي ۽ اڃا تائين سنڌ ۾ بدين ۽ ڏيپلي تعلقن جي ڏکڻ ۾ آباد آھي. جڏھن ڄام گڙ راھو جي پٽ سومري کي ڪونريجن ماريو، تڏھن سمن سان گڏ ريٻارين به سوءِ ڪئي ۽ زالن نٿون بولا لاھي ڇڏيا. وقت گذري ويو، پر سمن مان ڪنھن به ريٻارين جي سوءَ ڪانه لھرائي ۽ اڄ تائين انھيءَ سوءِ سببان سندن زالون سھاڳ وارا ڳجھ ڪپڙا ڪين ڪن. ڀانئجي ٿو ته ريٻارين کي انھي ڳالھه جو رنج رھجي ويو ۽ ھنن به ڪڇ واري طرف سمن سردارن جي ڪاڻ ڪڍڻ ڇڏي ڏني (4)" .
    ٻئي طرف بدر ابڙو پنھنجي ڪتاب "ڀٽ جو شاھه" ۾ ريٻارن جي سوءِ ڪرڻ بابت لکي ٿو ته "سندن عورتون سوءِ وارو ڪارو کٿو اوڍين ٿيون. ريٻاري لوڪن جو چوڻ آھي ته ھنن اھو کٿو پنھنجي راءِ جي خون جو بدلو وٺڻ لاءِ ڪيو آھي ۽ قسم کنيو آھي ته جيسين پلئه نه ڪنداسين، ڪارو کٿو نه ڇڏينداسين. پر سوال اھو آھي ته سندن راءِ ڪير ھو؟ ڇا ريٻارن آخر وقت لاکي ڦلاڻيءَ کي پنھنجو سردار قبول ڪيو ھو؟ ڇا لاکي کي راءِ کنگھار ڪونه ماريو ھو؟ ڇا راءِ کنگھار ڪنھن ويڙھه ۾ قتل ٿي ويو ھو؟ يا اڃا به ڪو ٻيو سردار ڪنھن معرڪي ۾ مارجي ويو ھو؟ ان سوال جو جواب ھاڻي خود ريٻاري به ڪونه ٿا ڏيئي سگھن. سنڌ ۾ رھندڙ ريٻارين کان پنھنجي راءِ جو نالو ته وسري ويو آھي، پر اھو ياد اٿن ته ڪو پلئه باقي آھي (5)" .
    مٿين حوالن مان ڊاڪٽر بلوچ جي بيان مان سوءَ واري روايت جي اصليت جي خبر پوي پئي، جڏھن ته بدر ابڙي جو بيان موجوده دور تائين پھچندي پھچندي روايت جي مٽجڻ جي نشاندھي ڪري رھيو آھي.
    تاريخي واقعن ۾ ايندڙ ڦير، تاريخ جي سموري ڌارا کي الٽو پلٽو ڪري ڇڏيندو آھي. ريٻارن جي سوءَ واري واقعي جو تعلق سمن سان آھي، پر گھڻو وقت گذرڻ بعد واقعي جا جزئيات مٽجي ويا آھن. ويجھي دور ۾ غلام رسول اڪرم جو ڪتاب "سومرن جو اصل نسل" جي نالي سان 2008ع ۾ پڌرو ٿيو. ھيءُ ڪتاب اصل ۾ سمن ۽ سومرن جي تعلق بابت مخصوص زاوئي سان لکيو ويو آھي، جنھن ۾ مصنف، سمن ۽ سومرن جي ٽڪراءَ تي زور ڀريندي، سمن کي غاصب ڪوٺيو آھي. تخيل جي آڌار تي جوڙيل سندس ڪھاڻيءَ جو حاصل مطلب اھو آھي ته ريٻاري، سومرن جو راڄ ھئا ۽ انھن، دودي سومري جي شھادت بعد سوءِ ڪئي، جيڪا سومرن نه لھرائي. ان جو سبب دودي سومري جي شھادت بعد ڏينھان ڏينھن سومرن جي ڪمزور ٿيندڙ حالت ھئي. پروفيسر صاحب ان لاءِ ثبوت پيش ڪري ٿو ته "جڏھن سلطان دودي جي شھادت ٿي ته ريٻاري قوم جا ماڻھو، جيڪي سومرن بادشاھن جي حويلن تي ڪم ڪار ڪندا ھئا، اڄ (1969ع) تائين سوڳ منائيندا پئي آيا. انھن مان مرد ۽ عورتون مٿي تي ڪارو اوڇڻ اوڍيندا ھئا. سن 1968ع ۾ مان (غلام قادر سومرو رٽائرڊ جج) آل پاڪستان سومرا ائسوسيئيٽن پاران سلطان دودي شھيد جي پھرئين عرس جي ملھائڻ واري پروگرام مرتب ڪرڻ لاءِ بدين ويس ته اتي محترم محمد سومار شيخ، انھيءَ قوم (ريٻاري) جي 700 سؤ ورھين کان سوڳ ۾ رھڻ لاءِ ٻڌايو پوءِ مان انھيءَ قوم جي ماڻھن سان ملڻ لاءِ ٽنڊي باگي ويس. جتي انھن جو وڏو پٽيل رھندو ھو. اتي پھتس ته پٽيل ۽ ٻيا ڪيترائي انھيءَ قوم جا ماڻھو مليا. پٽيل اھو ظاھر ڪيو ته سومرا قوم به ھينئر سلطان دودي جي سوءِ ڪانه ٿي رکي ۽ ھينئر سومرا، عورتن کي نٿ پارائين ٿا ۽ شادين ۾ دھل وڄائين ٿا ته پوءِ ٻيا شھيد جي سوءَ رکي ڇا ڪندا؟ ھنن جي پٽيل مون کي چيو ته جيڪڏھن ڪو سومرو ھنن جي پٽيل ۽ پٽيل جي عورت کي مٿي تي اوڇڻ اوڍي سوءَ لھرائي ته پوءِ سندس ٻي ساري ريٻاري قوم اھا سوءَ لاھي ڇڏيندي (6)" . اڳتي غلام قادر سومري جو بيان ھن ريت لکيو ويو آھي ته "پوءِ مون سال 1969ع واري پھرئين عرس شريف ۾ سڀني ڀائرن کي ان ڳالھه جي حقيقت ٻڌائي. انھيءَ کان ڇھه مھينا پوءِ سردار سيٺ ولي ڀائي سومري، ھزارين وال سفيد ڪپڙي جا مھيا ڪيا. ريٻاري قوم جي ھزارين مردن، عورتن ۽ ٻارن جي سوءَ لھرائي (7)" .
    ھن واقعي جي مطالعي مان مٿين روايت محمد سومار شيخ صاحب جي حوالي سان ئي سامھون آيل نظر اچي رھي آھي. شيخ صاحب، سمن ۽ سومرن جي تعلق جي حوالي سان ٻيون به ڪي اھڙيون ڳالھيون لکيون آھن، جن جي تحقيق ٿيڻ گھرجي. منھنجي خيال ۾ ھيءُ تخيل جوڙڻ ۾ ڄام ڳھڙ جي پٽ سومري جو نالو ڪم آيو آھي، جنھن کي "سومرا" حڪمران سمجھي ريٻارن پاران دودي سومري جي سوءَ ڪرڻ واري روايت جوڙي وئي آھي. جنھن کي پروفيسر غلام رسول "اڪرم" سومري پنھنجي تحقيق ۾ ثبوت طور پيش ڪيو آھي.



    1 ڪرنل جيمس ٽاڊ، تاريخ راجستان (اردو)، حصو ٻيو، صفحو 374، انڊس پبليڪيشن ڪراچي، ڇاپو ٻيو، سال 1990ع.
    2 ڪرنل جيمس ٽاڊ، تاريخ راجستان (اردو)، حصو ٻيو، صفحو 273، انڊس پبليڪيشن ڪراچي، ڇاپو ٻيو، سال 1990ع.
    3 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، "لاکو ڦلاڻي، سنڌ جو سورھيه سردار"، صفحو 22، سنڌي مجلس شعبه سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد، سال 1958ع.
    4 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، "لاکو ڦلاڻي، سنڌ جو سورھيه سردار"، صفحو 22، سنڌي مجلس شعبه سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد.
    5 "ڀٽ جو شاھھ"، ۾ بدر ابڙي جو لاکي ڦلاڻيءَ تي لکيل مضمون ڏسو.
    6 پروفيسر غلام رسول اڪرم سومرو، "سومرن جو اصل نسل"، صفحو 12 ۽ 13، شاھه لطيف ويلفيئر ايسوسيئيٽن ميرپور ماٿيلو، سال 2008ع.
    7 پروفيسر غلام رسول اڪرم سومرو، "سومرن جو اصل نسل "، صفحو 3، شاھه لطيف ويلفيئر ايسوسيئيٽن ميرپور ماٿيلو، سال 2008ع.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 478
    ڪتابن جو مشاهدو: 428749
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 174399
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ