ڪتاب جو نالو: برونائيءَ کان برازيل
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 28 سيپٽمبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 982 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 291 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب برونائي ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن: پاناما، چلي، ڪوراسائو، برازيل جي سفرنامن تي مشتمل آهي جنهن جو ليکڪ ناميارو سفرناما نگار الطاف شيخ صاحب آهي. الطاف شيخ هڪ مضمون ۾ لکي ٿو:
هن ئي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ الطاف شيخ لکي ٿو:
”هڪ ٻي ڳالهه ته هي بولچند جهڙا امير ماڻهو رڳو پئسي جي زور تي وڏا واپاري نه ٿيا جيڪا غلط فهمي اسان جي ڪيترن ماڻهن، خاص ڪري انهن ”سنڌي مسلمانن“ کي رهي ٿي جن کي واپار جو تجربو نه آهي. ۽ ائين به نه آهي ته پرديس ۾ وڏو نالو ۽ ناڻو پيدا ڪندڙ ”سنڌي هندوءَ“ کي هر وقت سهولتون ۽ آسانيون مليون. هرگز نه. هنن تي ڏکيا ڏينهن به آيا. هنن جي سالن جي ڪمائي ۽ واپار هڪ جهٽڪي ۾ ختم به ٿي ويو. دنيا جو امير ترين واپاري هانگ ڪانگ جو سنڌي ”هري ليلا“ ٻي جنگ عظيم ۾ سڀ ڪجهه وڃائي ويٺو ۽ گهر جي اٽي لاءِ هو مٿي تي ٿالهه رکي چين ۽ هانگ ڪانگ جي گهٽين ۾ شيون وڪڻندو رهيو. هن جيتوڻيڪ بعد ۾ پنهنجي کيسي مان هانگ ڪانگ يونيورسٽي ٺهرائي، پر ننڍي هوندي هن کي اسڪول جي في ٻه ڊالر نه هجڻ ڪري پاڻ پڙهي نه سگهيو.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • برونائيءَ کان برازيل
  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران
  • انتساب پنهنجي پيٽاري جي دوست عبدالرزاق ناريجو نالي
  • مهاڳ : حسن شيخ
  • الطاف شيخ: هڪ انوکو سيلاني ؛ مهتاب خاصخيلي
  • سر الطاف شيخ: هلندڙ ڦرندڙ انسائيڪلوپيڊيا
  • برونائي ڪٿي آهي ۽ برونائيءَ جا حاڪم
  • برونائيءَ جا اهم شهر
  • برونائيءَ ۾ تعليم هرهڪ لاءِ ۽ سڀني لاءِ ساڳيا اسڪول
  • برونائيءَ جي مسلمانن جو شافعي فرقي سان واسطو
  • برونائيءَ ۾ اسلام جي آمد
  • برونائيءَ ۾ ڇا ڏسجي
  • برونائيءَ جا سڀ حاڪم درويش به نه هئا
  • برونائيءَ ۾ رهندڙ انڊين
  • هن پاسي جون انگريزي اخبارون
  • پوڙهي ماءُ جي پٽ پاراتي جو اثر
  • برونائيءَ جو سياسي نظام
  • ٺڳيءَ جي شادي، ٺڳيءَ جو جھنڊو
  • ڇا پاناما ۾ آئون پهريون سنڌي هوس
  • ”بولچندن“ جي ڏکڻ آمريڪا ۾ ڪاميابي
  • سنڌي هندن جا يورپ ۽ آمريڪا ۾ دڪان
  • پاناما ڪئنال جو فائدو
  • ڏکڻ آمريڪا جو ڏکيو سمنڊ ۽ پينگئن پکي
  • چليءَ جا شهر پُنتا آريناس ۽ سانتياگو
  • چليءَ ۾ آباد سنڌي واپاري
  • ڏکڻ آمريڪا بابت سنڌي ليکڪن جي راءِ
  • ڏکڻ آمريڪا جو سڀ کان وڏو ملڪ برازيل
  • مختصر طور برازيل بابت حقيقتون
  • برازيل ۾ سئو سالن کان رهندڙ جپاني
  • برازيل ۾ ننڍي کنڊ جا ماڻهو
  • برازيل ۾ مسلمان
  • پورچوگالي لفظن جو اسان وٽ استعمال

  • برونائيءَ کان برازيل

    برونائيءَ کان برازيل
    (سفرنامو)


    برونائي ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن:
    پاناما، چلي، ڪوراسائو، برازيل جا سفر




    الطاف شيخ




    نئون نياپو اڪيڊمي
    سچل ڳوٺ ڪراچي





    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2017ع

    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ڪتاب جا حق ۽ واسطا

    ڪتاب جا حق ۽ واسطا

    ڪتاب جو نالو: برونائيءَ کان برازيل
    موضوع : سفرنامو
    ليکڪ: الطاف شيخ
    ڇاپو : پهريون
    ڇپجڻ جي تاريخ: جون 2017ع
    پاران: نئون نياپو اڪيڊمي،
    C-4 سچل ڳوٺ گلشن اقبال ٽائون ڪراچي
    Cell # 0346-2103811


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”برونائيءَ کان برازيل“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب برونائي ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن: پاناما، چلي، ڪوراسائو، برازيل جي سفرنامن تي مشتمل آهي جنهن جو ليکڪ ناميارو سفرناما نگار الطاف شيخ صاحب آهي. الطاف شيخ هڪ مضمون ۾ لکي ٿو:
    هن ئي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ الطاف شيخ لکي ٿو:
    ”هڪ ٻي ڳالهه ته هي بولچند جهڙا امير ماڻهو رڳو پئسي جي زور تي وڏا واپاري نه ٿيا جيڪا غلط فهمي اسان جي ڪيترن ماڻهن، خاص ڪري انهن ”سنڌي مسلمانن“ کي رهي ٿي جن کي واپار جو تجربو نه آهي. ۽ ائين به نه آهي ته پرديس ۾ وڏو نالو ۽ ناڻو پيدا ڪندڙ ”سنڌي هندوءَ“ کي هر وقت سهولتون ۽ آسانيون مليون. هرگز نه. هنن تي ڏکيا ڏينهن به آيا. هنن جي سالن جي ڪمائي ۽ واپار هڪ جهٽڪي ۾ ختم به ٿي ويو. دنيا جو امير ترين واپاري هانگ ڪانگ جو سنڌي ”هري ليلا“ ٻي جنگ عظيم ۾ سڀ ڪجهه وڃائي ويٺو ۽ گهر جي اٽي لاءِ هو مٿي تي ٿالهه رکي چين ۽ هانگ ڪانگ جي گهٽين ۾ شيون وڪڻندو رهيو. هن جيتوڻيڪ بعد ۾ پنهنجي کيسي مان هانگ ڪانگ يونيورسٽي ٺهرائي، پر ننڍي هوندي هن کي اسڪول جي في ٻه ڊالر نه هجڻ ڪري پاڻ پڙهي نه سگهيو.“
    هي ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون سائين الطاف شيخ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    انتساب پنهنجي پيٽاري جي دوست عبدالرزاق ناريجو نالي

    انتساب
    پنهنجي پيٽاري جي دوست عبدالرزاق ناريجو نالي

    منهنجو واسطو ڪئڊٽ ڪاليج جي ٻي بئچ سان آهي. پيٽارو ۾ ڪئڊٽ ڪاليج جي عمارت ٺهي راس ٿيڻ کان اڳ اسان پهرين ۽ ٻي بئچ (جنهن ۾ ٻٽيهه ٻٽيهه شاگرد هئاسين) ٻه سال ميرپور خاص جي اڄ واري شاهه لطيف ڪاليج جي عمارت ۾ گذارياسين. پٺيان ٿي نظر ڦيرائجي ته ڄڻ ڪالهوڪو ڏينهن هو.... اسان ٿيلها کڻي ميرپورخاص پهتا هئاسين. هاسٽل جا ڏهه ڪمرا مٿي هئا ۽ ڏهه هيٺ جن مان پنجن مٿين ۽ هيٺين ۾ پهرين بئچ جا مرزا بشير چاند، حميد انور، نور احمد نظاماڻي، ڊاڪٽر رضا شيخ، شبير لغاري، شفيق الرحمان چنا، مصباح الحق ميمڻ، نصير قاضي، رميش ڪمار وغيره رهيل هئا ۽ باقي ڪمرن ۾ اسين ٻي بئچ جا علي رضا ميمڻ، محمد عالم هاليپوٽو، محمد رفيع ڪاڇيلو، شوڪت جماڻي، بشير دين ميمڻ، نجم الدين انصاري، سراج شيخ وغيره اچي رهياسين. انهن ڏينهن جون ڪيتريون ئي ڳالهيون اڄ به اکين اڳيان چٽيون چپاٽيون ڦري رهيون آهن. جيئن مٿي لکي چڪو آهيان ته ڄڻ ڪالهه جو ڏينهن هو. پر جڏهن ڪئلينڊر تي ٿو نظر وجھان ته اهو 1958ع جو سال هو. 1960ع ۾ اسان پيٽارو واري بلڊنگ ۾ شفٽ ٿياسين. ان کي به 56 سال يعني اڌ صديءَ کان مٿي عرصو ٿي ويو! ڪيترا يار هي جهان ڇڏي وڇوڙو ڏئي ويا. باقي جيڪي ڪجهه وڃي بچيا آهيون اهي به عمر جو ستون ڏهاڪو پورو ڪري اٺين ۾ پساهه کڻي رهيا آهيون. عمر جي حساب سان هر ڪو نانو ڏاڏو بلڪه ڪي ته پڙ نانا ۽ پڙ ڏاڏا به ٿي چڪا آهن. هر ڪو پنهنجن ٻچن ٻارن سان بزي آهي. يا بيمارين کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊاڪٽرن کان ملاقاتن جو وقت وٺڻ ۽ لئباٽرين ۾ ٽيسٽ ڪرائڻ ۾ پورو آهي. ڪنهن کي به ڪو نه ٽائيم ٿو ملي ۽ نه اها همٿ ۽ چستائي آهي جيڪا جوانيءَ جي ڏينهن ۾ هڪ ٻئي سان ملڻ جي هئي. پر اهڙي تناظر ۾ اها حيرت جي ڳالهه آهي جو اسان جو هڪ ڪليگ ميرپور خاص جو عبدالزاق ناريجو ڪِٽ نمبر 8 اڄ به انهيءَ جوش خروش سان نه فقط ڪراچيءَ ۾ رهندڙ دوستن سان ملي ٿو پر سنڌ جي ٻين شهرن حيدرآباد، ٺٽي، نواب شاهه ۽ سکر به ويندو رهي ٿو. ڳوٺ به هر مهيني ڏيڍ ويندو رهي ٿو. اڳئين دفعي چيومانس ته مون ٿرپارڪر جي فلاڻي جونئر ڪئڊٽ کي چيو آهي ته هو تنهنجي ڳوٺ وٺي هلي. ٽهڪ ڏيندي چيائين: ”اسان ڪي پوڙها ٿي ويا آهيون ڇا؟ تون رڳو موڊ ٺاهه ته آئون توکي وٺي هلان.“
    واقعي عبدالرزاق ناريجو کي الله وڏي همت ڏني آهي جو هو سخت گرميءَ ۾ جڏهن ڪراچيءَ جي رستن تي ٽرئفڪ جئم هوندي آهي ته به هي گهران (گلشن اقبال) مان نڪري گلشن حديد ويندو جتان احمد حسين مخدوم (سندس پيٽارو جي ڪلاس ميٽ) کي کڻي صدر جي علائقي ۾ فليٽ ڪلب ۾ پيٽارين ائسوسيئيشن جي ميٽنگ اٽينڊ ڪرڻ ايندو. هر سال انبن توڙي ڦارون جي موسم ۾ گاڏيءَ ۾ کوکا ۽ ٽوڪريون ڀري پنهنجي پيٽارو جي دوستن جي گهرن ۾ پهچائيندو رهندو. ڪڏهن سندس پٽ عمران ساڻس گڏ هوندو آهي نه ته سڀ ڪم پاڻ اڪيلي سر ڪري.
    ”عبدالرزاق هي ڇا! گاڏي پنڪچر ٿي پوي ته پوءِ؟“ اسانجو مطلب هوندو آهي ته هو پوڙهو ماڻهو ڪيئن وهيل کولي اسپيئر چاڙهيندو. پر جواب ۾ هن جي هر وقت ساڳي پيٽارو جي ڏينهن واري مرڪ چپن تي ايندي آهي ۽ چوندو آهي ته: ”توهان ڇا ٿا ڀانيو ته ائون ”اسپيئر ٽائر“ بنا ٿو هلان؟“
    ڪو بيمار ٿيندو آهي ته ان کي پڇڻ لاءِ سڀ کان اڳ پهچي ويندو آهي. آپريشن جهڙي شيءِ کان ڪو گھٻرائيندو آهي ته نه فقط ان کي آٿت ڏيندو آهي پر اسپتال به پهچي ويندو آهي. منهنجي Prostate Gland جي آپريشن تي مونکي گهٻرايل محسوس ڪري چيائين: ”يار ڪمال ٿو ڪرين. هاڻ ته ان آپريشن جا آسان ۽ ماڊرن طريقا نڪري پيا آهن. مون ته جڏهن ڪرائي ته منهنجو پيٽ چيري ڪئي هئائون. ڏس هتان کان وٺي هيستائين پيٽ ڦاڙيو هئائون. انفيڪشن ۽ سوڄ به ٿي پئي هئي.“
    پيٽ تي ڏٺم ته واقعي چيهڪ جا نشان هئا. خبر ناهي ڪڏهن ۽ ڪهڙي ڪهڙي آپريشن عبدالرزاق ڪرائيندو رهي ٿو. دوستن کي به نه ٻڌائي نه تڪليف ڏئي. هڪ ٻن لاءِ ته چيائين ته هن پنهنجي پٽن کي به نه ٻڌايو. منهنجي خيال ۾ عبدالرزاق دل جي آپريشن لاءِ به ٻڌايو ته هن اوپن هارٽ سرجري ڪرائي آهي. وچ ۾ هڪ ٻه سال مون عبدالزاق کي آمريڪا ۾ به ڏٺو. چيومانس ته سٺو ٿيو جو گهمڻ لاءِ نڪتو آهين. ان تي پاڻ ٻڌائين هو پنهنجي ڪنهن بيمار مائٽ جي خذمت لاءِ آيو آهي ۽ ٽن مهينن کان مريض سان گڏ اسپتال ۾ ئي آهي.
    سندس ڪيترائي مائٽ سعودي عرب ۾ ئي ٽڪيل آهن. اهي به سڀ هن وانگر سڌا سادا مسلمان ۽ بي ضرر انسان آهن. انهن مان هڪ نوجوان انڊيا ويو جتي هن سان فراڊ ڪيو ويو ۽ جيئن انڊيا ۾ عام آهي ته پاڪستاني بي ڏوهيءَ کي به جيل ۾ هڻيو ڇڏين نه وڪيل نه داد فرياد. هن جا سڀ مائٽ سعودي عرب توڙي پاڪستان ۾ سخت پريشان ٿي ويا پر مون ڏٺو ته عبدالرزاق ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو. شايد پاڻ هلي ملي انڊيا ويو ۽ ڪيترن ئي بااثر ماڻهن سان ملاقات ڪئي پر ڪو انصاف نه ٿيو آخر کيس ٽنڊو سومرو جو هڪ نيڪ انسان عُبيد نظاماڻي (محمد عيسيٰ نظاماڻي جرنلسٽ جي پٽ) سان ملاقات ٿي جيڪو انهن ڏينهن ۾ پاڪستان جي دهلي واري سفارتخاني ۾ ڊپٽي هاءِ ڪمشنر هو. ان سرڪاري طرح هن ڪيس کي کنيو ۽ هن بي قصور کي انڊيا جي جيل مان آزاد ڪرايو.
    ميرپور خاص کان هڪ رستو سانگھڙ ۽ اڳتي کپرو ڏي وڃي ٿو. هن رستي تي ميرپور خاص کان 16 ميلن جي فاصلي تي اسانجي سابق وزير اعظم محمد خان جوڻيجو جو ڳوٺ سنڌڙي آهي. سنڌڙي ۽ ميرپور خاص جي وچ ۾ يعني ميرپور خاص کان 8 ميلن جي فاصلي تي ڪاٺڙي ڳوٺ آهي جنهن جي سامهون رستي جي ٻي پاسي هڪ ٻيو ننڍو ”ڳوٺ حاجي احمد بخش ناريجو“ نالي آهي. اسانجي پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جو دوست عبدالرزاق ناريجو 24 نومبر 1942ع تي هن ڳوٺ حاجي احمد بخش ناريجو ۾ فيض محمد ناريجو جي گهر ۾ جنم ورتو. هي ڳوٺ عبدالرزاق جي چاچي احمد بخش جي نالي آهي جنهن جا پٽ: حاجي محمد بخش ناريجو ۽ عبدالله ناريجو سڄي عمر مديني ۾ گذاري ۽ پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي خذمت ڪئي. سال کن ٿيو ته هنن ٻنهي جو انتقال ٿيو ۽ هو مديني ۾ ئي دفن آهن. باقي ٻيا ڀائر شفي محمد، حسين احمد، محمد حسن ۽ سعيد احمد ڳوٺ ۾ ئي زمينداري ڪن ٿا. محمد حسن عبدالرزاق جو سوٽ به ٿئي ته ناٺي پڻ اهڙي طرح سعيد جي به ساڻس مٽي مائٽي آهي جو هو عبدالرزاق جو ڀيڻويو به ٿئي.
    عبدالرزاق وارا پاڻ به ست ڀائر آهن ۽ سڀئي اباڻو ڌنڌو زمينداري ڪن ٿا. وڏو ڀاءُ محمد اسماعيل ناريجو ٺٽي ۾ رهي ٿو، عبدالرزاق پاڻ ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. باقي ٻيا ڀائر: عبدالحق، محمد يوسف، محمد يامين، اسحاق ۽ علي اڪبر ڳوٺ ۽ ميرپور خاص رهن ٿا. محمد يامين ۽ اسحاق ناريجو ٿورو گهڻو سياست سان به وابسته آهن.
    عبدالرزاق شروع جا پنج درجا پنهنجي ڳوٺ حاجي احمد بخش ناريجو مان پڙهيا. اسان جي ڏينهن ۾ ڪلاس نه پر درجا هوندا هئا پهريان چار درجا (پهرين کان چوٿين تائين) ۽ جي ٻاراڻو ملائجي ته پنج درجا ٿيا جيڪي سنڌيءَ جا سڏبا هئا. ان بعد پهرين درجي کان ستين درجي (مئٽرڪ) تائين جا انگريزي اسڪول جا سڏبا هئا. اسان جڏهن انٽر ۾ پهتاسين ته تعليم جو اهو سسٽم ختم ڪري درجن بدران ڪلاس سسٽم ڪيو ويو ۽ مئٽرڪ جي امتحان لاءِ ڏهه سال يعني ڏهه ڪلاس پڙهڻ لاءِ ڪيا ويا.... يعني سال کن گهٽايو ويو.
    عبدالرزاق ڳوٺ جي سنڌي اسڪول مان تعليم مڪمل ڪرڻ بعد پراڻي ميرپور خاص جي انگريزي اسڪول ۾ پهرين درجي ۾ داخلا ورتي. عبدالرزاق جو والد صاحب جناب فيض محمد ناريجو ۽ چاچو احمد بخش ناريجو وڏا ديندار ٿي گذريا آهن. عبدالرزاق ٻڌائيندو هو ته هو سنڌي جي ٻئي ڪلاس ۾ هو ته هن قرآن پورو ڪيو. هڪ سال انگريزي اسڪول ۾ پڙهڻ بعد کيس سندس والد ميرپور خاص جي مدرسي دارالعلوم القاسميه ۾ داخل ڪيو جتي انگريزي تعليم سان گڏ عربي به پڙهائي وئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو 1957ع ۾ جڏهن عبدالرزاق ڪئڊٽ ڪاليج ۾ داخلا ورتي ته هو عربي ۽ سنڌي ڪلاسن ۾ سڀ کان اڳيان اڳيان ثابت ٿيو. انهن ڏينهن ۾ اهي سبجيڪٽ سائين شاهد عباسي صاحب پڙهائيندو هو جنهن جو ”ابن بطوطا“ جو عربي مان سنڌي ترجمو ٿيل سفرنامو اڄ به مشهور آهي. سال ڏيڍ بعد هو ڪئڊٽ ڪاليج ڇڏي ويو ۽ اڃان ميرپور خاص ۾ ئي هئاسين ته انهن سبجيڪٽن لاءِ سنڌ يونيورسٽي مان تازو Ph.D ڪري آيل سائين ڊاڪٽر مدد علي قادري مقرر ڪيو ويو جنهن کان سنڌ يونيورسٽيءَ جا شاگرد ضرور واقف هوندا جو ٻن سالن بعد هن جڏهن ڪئڊٽ ڪاليج ڇڏيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ اچي نوڪري ڪئي جتي هو رٽائرمينٽ تائين ٽيهارو کن سال عربي ڊپارٽمينٽ ۾ رهيو.
    اسانجي دوست عبدالرزاق جي شادي مرحوم محمد اسماعيل ناريجو جي گهران ٿي جنهن جي پڻ سڄي عمر گهٽ ۾ گهٽ 1971ع کان مديني ۾ گذري ان ڪري هن کي محمد اسماعيل مديناڻي سڏيندا هئا. پاڻ ۽ سندس گهر واريءَ اتي ئي وفات ڪئي ۽ جنت البقي ۾ دفن ٿيل آهي.
    ڪئڊٽ ڪاليج جي ڏينهن ۾ يعني اسان جڏهن 1958ع ۾ داخلا ورتي ته رهائش لاءِ فقط ٻه هائوس (هاسٽلون) هيون. جناح هائوس ۽ ٻيو لياقت هائوس. آئون لياقت هائوس ۾ رهندو هوس ۽ عبدالرزاق ناريجو جناح هائوس ۾. عبدالرزاق سان گڏ ٽنڊو قيصر جو نور احمد نظاماڻي به رهيو ٿي. منهنجي ان سان پهرين ملاقات ٿيل هئي جو منهنجو والد گل محمد شيخ انهن ڏينهن ۾ ٽنڊو ڄام جي وليج ايڊ ڪاليج جو پرنسپال هو ۽ نور احمد نظاماڻيءَ جي والد رئيس حاجي شير محمد نظاماڻيءَ سان دوستي هئي. نور احمد نظاماڻي ۽ عبدالرزاق ناريجو نه فقط روم ميٽ هئا پر سٺا دوست پڻ هئا ۽ مونکي لڳي ٿو ته ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ لاءِ ٻئي گڏ آيا هوندا تڏهن ته نور احمد جو ڪٽ نمبر 7 ته عبدالرزاق جو 8 آهي. هينئر جي خبر ناهي پر اسان جي ڏينهن ۾ ڪئڊٽ ڪاليج لاءِ انٽري ٽيسٽ ۽ اورل بعد چونڊيل اميدوارن کي داخلا لاءِ گهرايو ويندو هو ۽ جيڪو جيڪو ايندو ويندو هو ان کي رهائش لاءِ ڪمرو نمبر ۽ ڪِٽ نمبر (هڪ قسم جو سيريل نمبر) ڏنو ويندو هو.
    نور احمد نظاماڻي ۽ عبدالرزاق ناريجو ڪاليج جي سٺن شاگردن مان هئا..... يعني پڙهائي ۽ راندين کان علاوه جنرل ناليج ۽ تقريرون ڪرڻ ۾ به. انگريز فوج جو رٽائرڊ ڪرنل ۽ ٻي جنگ عظيم جو جپاني Pow (جنگي قيدي) جي ايڇ. ايڇ ڪومبس اسانجو پرنسپال هو. هو ڇهه سال کن رهيو. اسان جي ڏينهن ۾ شاگردن جو تعداد تمام گهٽ هجڻ ڪري انگريز پرنسپال سڀني کي سڃاڻندو هو ۽ چرچا ڀوڳ ڪندو هو. هن جي هميشه اها خواهش هوندي هئي ته اسان هر فن مولا بڻجون خاص ڪري هن صوبي جا نوجوان فوج ۾ وڃون. ان ڪري هن پي ٽي پريڊ ۽ صحت جو خيال رکڻ تي زور ڏنو ٿي. رٽائرڊ ٿيڻ تي هو پنهنجي وطن انگلنڊ هليو ويو. ٽن چئن سالن بعد پاڪستان پنهنجي شاگردن سان ملڻ لاءِ آيو خاص ڪري انهن سان جيڪي فوج ۾ هئا. واپسي تي سندس اسان جي مرچنٽ نيوي جي جهاز ذريعي لنڊن وڃڻ ٿيو هو جنهن جو ڪئپٽن اسانجي ڳوٺ جو پيٽارين رشيد ابڙو هو. کيس ان ڳالهه جو ٻه ٽڪا ڏک ضرور هو ته نور احمد نظاماڻي، عبدالرزاق ناريجو، لياقت جتوئي ۽ هادي بخش جتوئي جهڙا سندس ذهين ۽ تندرست شاگرد جيڪر فوج ۾ وڃن ها. اميد ته انهن جو اولاد فوج ۾ ڀرتي ٿي پنهنجو ۽ پنهنجي صوبي جو نالو مٿاهون ڪندا.
    عبدالرزاق جي سال 1959ع ۾ شادي ٿي. کيس ٽي ٻار آهن. هڪ ڌيءَ ۽ ٻه پٽ: نياز احمد ناريجو ۽ عمران ناريجو. نياز شادي شده آهي ۽ اولاد ۾ هن کي هڪ پٽ نبيل ۽ ٻه ڌيئون: يمنا ۽ نور آهن.

    الطاف شيخ
    1 سيپٽيمبر 2016
    ڪراچي


    مهاڳ : حسن شيخ

    ڊاڪٽر اسحاق انصاريءَ جي سفرنامي ”پِرين هن پار“ جي مهورتي تقريب جي صدارت ڪندي، سنڌي ٻوليءَ جي ٻهڳڻي مُحقق، بدر ابڙي چيو هو: ”سفر علم جو ذريعو آهي. لطيف سرڪار کي به تڏهن علم حاصل ٿيو، جڏهن هن سفر ڪيا.“
    ساڳي ڳالهه چوٽيءَ جي اديب ۽ انگريزي مضمون نگاريءَ جي اَبي Sir Francis Bacon پنهنجي مضمون “Of Travel” ۾ هينئن ڪئي آهي:
    “Travel, in the younger sort, is a part of education; in the elder, a part of experience.”
    بيڪن ۽ بدر ابڙي جي راين/ خيالن کي نظر ۾ رکندي، جڏهن اسين سائين الطاف شيخ جي شخصيت کي ڏسون ٿا ته اهي ڳالهيون سچيون ۽ حقيقت جو روپ ماڻين ٿيون. جيڪڏهن الطاف شيخ سفر نه ڪري ها، کيس ميرين انجينئر Marine Engineer طور ملازمت جو موقعو نصيب نه ٿئي ها ته هو پڙهندڙن لاءِ ”برونائيءَ کان برازيل“ جهڙا شاندار ڪتاب نه ڏئي سگهي ها.
    نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيل هي ڪتاب پنهنجي نوعيت جو بهترين ۽ منفرد ڪتاب آهي. رنگين ڪَور، پڪي بائينڊنگ، بهترين ڪاغذ مطلب ته هر شيءِ بهترين آهي. هي عاليشان ڪتاب ڇپرائڻ تي پبليڪيشن جي مالڪ انعام عباسي جس لهڻي.
    سلمان رشدي پنهنجي نِڪاراگئا جي سياسي سفر نامي ”جيگورس سمائيل“ يعني ”شينهن جي مُرڪ“ جهڙا سفر ناما لکي يورپ ۾ ٿوري گهڻي عزت ڪمائي پر هُن جي شهرت ۽ دولت Satanic Verses لکڻ کانپوءِ لُڙهي وئي. سلمان رشدي سفرنامن ۾ گهڻو ڪامياب نه ويو جهڙيءَ طرح ’جارج برنارڊ شا‘ ناول نگاريءَ ۾ ناڪام ٿي پوءِ ڊرامن ڏي مڙيو. سلمان رشدي ڪڏهن به شيخ صاحب جي مڃتا جي گراف کي نه رَسي سگهيو آهي.
    ”برونائيءَ کان برازيل“ الطاف شيخ جو 87 هون ڪتاب آهي. ”هيلسنڪي جي حسينا“ ۽ ”ٽوڪيو جي گيشا گرل (مس سدا بهار چنبيلي)“ سميت هن 7 ڪتاب ترجمو ڪيا آهن جڏهن ته 80 ڪتاب سفرنامن جا لکيا آهن. ادب جي هڪ عام شاگرد طور مون کي اها چڱيءَ ريت ڄاڻ آهي ته دنيا جي سموري ادب ۾ ڪوبه اهڙو ليکڪ نه آهي جنهن 80 سفر ناما لکيا هجن. Guinness Book of the World Record جي انتظاميه هن پاسي ڌيان ڌري، الطاف شيخ جو نالو ان عالمي ڪتاب ۾ ضرور شامل ڪري.
    الطاف شيخ جا سفرناما اسان کي پنهنجي ماحول جو عڪس لڳندا آهن. پڙهڻ مهل اسان کي ڪڏهن به اوپرائپ ۽ ڌاريائپ جو احساس ناهي ٿيندو. آءُ سمجهان ٿو ته اها خوبي سندس Artistic excellence جي ڪري ئي آهي. هن جا سفرناما هڪ انگريز ليکڪ جي قول جو هوبهو عڪس لڳندا آهن. هو چوي ٿو:
    “To read a book is to live in the world created by author” يعني:”ڪتاب پڙهڻ ائين آهي، جيئن ڪنهن ليکڪ جي جوڙيل جهان جو سير ڪرڻ.“
    سائينءَ جا ڪتاب پڙهڻ مهل اسان هڪ نئين ۽ پڙهيل ڳڙهيل دنيا جو سير ڪيون ٿا، اُتان جي ڪردارن جي جهلڪ پَسون ٿا. اسين صرف پڙهون نٿا بلڪِ ليکڪ سان گڏ اتان جي ماحول جو حصو بڻجون ٿا. هن جي لکڻين مان ٺاهه ٺوهه جي جراثيمن بدران حقيقت پسندي جي هٻڪار اچي ٿي. الطاف شيخ جون لکڻيون اسان کي ائين Spellbound ڪري ڇڏينديون آهن جيئن راڳ جي راڻي عابده پروين پنهنجي آرٽ سان ٻڌندڙن تي سحر طاري ڪري ڇڏيندي آهي.
    هو هڪ هنڌ لکي ٿو ته سنگاپور اهو ملڪ آهي جنهن ۾ نه لوهه آهي نه ٽامو، گئس آهي نه ڪوئلو، پوک لاءِ زمين نه آهي ۽ اچي به ڪٿان. ننڍڙو ٻيٽ جنهن ۾ ماڻهن جي رهائش لاءِ ئي پوري ساري زمين آهي. ايتري قدر جو سنگاپور ۾ ته پيئڻ لاءِ به پاڻي نه آهي. اهو به اڄ ڏينهن تائين ملائيشيا مان خريد ڪن ٿا.“ ان قسم جي معلومات مون سميت سڀني پڙهندڙن لاءِ بلڪل نئين آهي. جنهن سان اسان جي جنرل ناليج ۾ اضافو ٿيو آهي، اسان جي ڄاڻ وڌي آهي. ساڳي مضمون ۾ ساگا ٻج Saga Seeds جو واقعو ٻڌائيندي لکي ٿو: ”ساگا ٻج Saga Seeds بابت منهنجي جهازران ڪمپني جي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ چيني ڪلارڪ ڇوڪري ڪهاڻي ٻڌائيندي هئي ته ڪنهن ملڪ ۾ وڏي جنگ لڳي. پنهنجي ملڪ جي بچاءُ لاءِ هڪ بهادر شهري پنهنجي زال کي گهر ڇڏي، دشمن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ جنگ جي ميدان ۾ پهتو. مڙس جي جدائيءَ ۾ هيءَ زال هڪ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ويهي ڳوڙها وهائڻ لڳي ۽ دُعا ڪرڻ لڳي ته هُن جو وَرُ واپس اچي وڃي. پر، هو هرگز نه موٽيو. هوءَ صبح کان شام تائين روزانه پنهنجي مڙس جي ياد ۾ روئيندي رهي، تان جو هن جي اکين جو پاڻي ئي سُڪي ويو. هاڻِ ڳوڙهن بدران هن جي اکين مان رَت ٽمڻ لڳو ۽ اهي رت جا ڦڙا ڳاڙهي رنگ جي ٻجن جي شڪل ۾ زمين تي ڪرڻ لڳا. ڏسندي ئي ڏسندي انهن ٻجن مان ٻوٽا ٿي ڦٽڻ لڳا جن ۾ ڦرين جي شڪل ۾ ميوو ٿيڻ لڳو جن اندر اهڙا ئي سهڻا ڳاڙها ٻج هئا. اهي ٻج اُن وقت ياد جون ڦريون Remembrance Beans سڏجڻ لڳيون. انهن ڦرين مان نڪرندڙ هي کنڀي رنگ جو ٻج اڄ ڏينهن تائين وفادار عورت جي پنهنجي مڙس لاءِ سِڪ ۽ انتظار جي علامت سمجهو وڃي ٿو. سنگاپور، ملائيشيا ۽ ان جي ڀروارن علائقن ۾ اڄ ڏينهن تائين اها رسم هلندي ٿي اچي ته ٻئي سان پنهنجي سڪ ۽ پيار جو اظهار ڪرڻ لاءِ ساگا ٻجن جي ڀريل بوتل تحفي طور ڏني وڃي ٿي.“
    ملائيشيا جي هڪ سفرنامي ”مونکي موهيو ملائيشيا“ ۾ ليکڪ پنهنجي دوست، ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر جو ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿو ته سوچڻ جهڙي ڳالهه اها ته هو پرديس ۾ پنهنجي فيلڊ ”ميڊيڪل/ ڊاڪٽري“ جي نه رڳو خدمت ڪري رهيو آهي، پر ان سان لاڳاپيل بزنس به ڪري رهيو آهي ۽ ان جو مقابلو هتي رهندڙ چينين سان آهي. جيڪي سڄي سال ۾ فقط ٻه ڏينهن پنهنجي نئين سال جي شروعات جي موڪل ڪن ٿا. ان واقعي ذريعي الطاف شيخ سنڌ جي نوجوان نسل کي اتساهه ڏياري ٿو ته هو اڳتي اچن، جستجو ڪن ۽ علامه اقبال جي هن شعر تي ڀرپور عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن.
    جہاں وہ ہے جسے تو کرے پیدا
    یہ سنگ وخشت نہیں جو تیری نگاہ میں ہو
    الطاف صاحب ڊاڪٽر عطا محمد جي والد مير غلام محمد ٽالپر جو ذڪر ڪندي، ٽالپرن جو شجرو ٻڌائيندي سندن خوبين کي اجاگر ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح ليکڪ ملائيشيا جي ڄاڻ سان گڏوگڏ ٽالپر خاندان جي باري ۾ ڪافي تاريخي ڄاڻ پڙهندڙن تائين پهچائي ٿو. الطاف شيخ سنڌي ٻوليءَ جو اهو يگانو ليکڪ آهي جنهن جي لکڻين مان سنڌ ڪڏهن به غائب نه رهي آهي. هو دنيا جي ڪهڙي به ڪُنڊ ۾ هجي سنڌ هن جي سوچ جو محور ۽ مرڪز رهي آهي. هن درويش انسان کي شهرتن جي شوق کان وڌيڪ لکڻ سان عشق آهي. سنڌ جي چيڪي مٽيءَ سان بيحد پيار ڪندڙ، هي شخص پُرخلوص ۽ سادگي پسند ليکڪ آهي. هو پنهنجي لکڻين ۾ اسان کي علم جو سمنڊ آڇي ٿو. گُهميل ملڪن جي ادبي، ثقافتي، سماجي، سياسي ۽ جاگرافي سرحدن سان گڏ تاريخي حيثيت به ڏَسي ٿو. ان کان علاوه اتان جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، عقيدن ۽ رواج رسمن جي باري ۾ آگاهه ڪري ٿو.
    ننڍي کنڊ جي جديد ڪهاڻيڪار امر جليل، الطاف شيخ جي ڪتاب ”بندر بازاريون“ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي: ”الطاف شيخ جي سفرنامن سان گڏ جيڪي سفر ناما سنڌيءَ ۾ شايع ٿيا آهن، تن ۾ گهڻو ڪري مغربي تهذيب جي گِلا، عورتن جي آزاديءَ تي اعتراض، پردي جي غير موجودگيءَ تي افسوس ۽ سموري دنيا تي مسلمانن جي قبضي نه هئڻ جو ارمان ڪيو ويو آهي. اهي دقيانوسي سفرناما، سفرناما گهٽ ۽ تبليغي جماعت جا بُليٽِن وڌيڪ محسوس ٿيندا آهن.“
    ليکڪ” مختلف ملڪن جي ٻوليءَ جا نوان لفظ، ٽرمنالاجي، اصطلاح ۽ محاورا به پڙهندڙن کي سيکاري ٿو. انهن سڀني خوبين ۽ اسٽائيل جي حوالي سان هن جا ڪتاب ائين وڪامندا آهن جيئن ڪنهن دؤر ۾ سنڌ جي عاشق، شيخ اياز جا شعري مجموعا هٿو هٿ کپي ويندا هئا يا موجوده دور ۾ پاڪستاني ليکڪه Bapsi Sidhwa جا ناول وڪرو ٿيندا آهن. هن جي لکڻين ۾ بي پناهه Creativity جو حسن موجود آهي. هن جو اسٽائيل ڀرپور ۽ دلڪش آهي. شاندار ڊڪشن جي ڪري هر جملي ۾ Clarity مهڪندي آهي. هن جو اسٽائيل مون کي جڳ مشهور آمريڪن ليکڪ ارنيسٽ هيمنگ وي جي ياد ڏياريندو آهي جنهن کي موهيندڙ اسٽائيل جي عيوض سندس ناول “The Old Man and the Sea” تي 1954ع ۾ ادب جو نوبل پرائيز مليو هو.
    آءُ اها ڳالهه پوري سچائي ۽ سنجيدگي سان چوان ٿو ته جيڪڏهن الطاف شيخ جا سفر ناما به انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيا وڃن ته هوند هن البيلي ليکڪ کي ادب جو نوبل پرائيز ملي سگهي ٿو.
    نامياري شاعره ڊاڪٽر رخسانه ”پِريت“ چنڙ الطاف شيخ جي هڪ ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکيو آهي: ”اڄ جو ٻار KFC ۽ MacDonald جهڙن ملٽي نيشنل ريسٽورنٽس ۾ وڃي خوش ٿئي ٿو. اسان پنهنجي زماني ۾ الطاف شيخ جو نئون سفر نامو خريد ڪري، ان کان وڌيڪ خوش ٿيندا هئا سين. اهو Credit به الطاف شيخ کي ئي وڃي ٿو ته هن پنهنجي سفر نامن ذريعي اسان جي آڱر پڪڙي ادبي دُنيا ۾ داخل ڪرايو هو. اسان ۾ سٺا ڪتاب پڙهڻ جو رجحان وڌو هو.“
    الطاف شيخ جا ڪتاب پڙهندڙن کي پوري دنيا جي علم، ادب جو سير ڪرائڻ سان گڏوگڏ سندن ذهني تربيت ڪن ٿا. هن جي سفرنامن پڙهڻ کان پوءِ اسان جي گفتگوءَ ۾ ڏاهپ جرڪندي آهي. سٺا ڪتاب اسان جي شخصيت کي سنواريندا ۽ نکاريندا آهن. ڪنهن ليکڪ چيو آهي: ”نوان ڪپڙا ڀلي نه پهريو پر نوان ڪتاب ضرور خريد ڪيو ڇو ته خيالن جي جنگ ۾ ڪتاب هٿيارن جو ڪم ڏيندا آهن.“

    حسن شيخ
    ليڪچرار،
    انسٽيٽيوٽ آف انگلش لئنگوئيج / لٽريچر
    شاه لطيف يونيورسٽي، خيرپورميرس
    پهرين آڪٽوبر، 2016


    الطاف شيخ: هڪ انوکو سيلاني ؛ مهتاب خاصخيلي

    ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي آهيان ته زندگي ڪيتري نه رنگين، خوشنما ۽ وڻندڙ آهي ۽ زندگيءَ جا سڀ رنگ الله پاڪ جا ڏنل هڪ انمول تحفو آهن. الطاف شيخ منهنجي نظر ۾ زندگيءَ جي انهن سڀني حسين رنگن مان هڪ رنگ ۽ مالڪ جي ڏنل ڪنهن تحفن مان هڪ تحفو آهي. انگريزي شعبي ۾ پڙهڻ دؤران ڪيترائي ڪتاب منهنجي اکين اڳيان آيا جن ۾ ناول، شارٽ اسٽوري، ڊراما ۽ سفرناما رهيا آهن. پر شيخ صاحب جي سفرنامن منهنجي دل ۽ دماغ کي هڪ سروُر بخشيو يا وري هڪ اهڙي خواهش پوري ٿيندي نظر آئي جيڪا ڪڏهن به حقيقت جي صورت اختيار نه ڪري سگهي ها. اها خواهش آهي نيون جڳهيون گهمڻ، نون ماڻهن سان ملڻ، نئين تهذيب سکڻ، جنهن جو ننڍپڻ کان ئي وڏو شوق رهيو هو. اڄ به دل انهي شوق جي اردگرد ڦيراٽيون پائي رهي آهي ته هڪ وار زندگي ۾ سڄي دنيا جو سفر ڪريان ۽ ٻالڪپڻ جي خواهش کي حقيقت ٿيندي ڏسان. اڪثر دماغ ان ويچار ۾ رهندو آهي ته ڪيترا نه خوشنصيب آهن اهي انسان جن کي قدرت انهن عجيب نظارن کان لطف اندوز ڪيو آهي.
    آئون هن وقت تائين دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڏينهن ۽ راتين جو سفر ڪري چڪي آهيان پر توهان کي ٻڌائيندي هلان ته اُهو سفر ڪنهن هوائي جهاز يا پاڻي واري جهاز جو محتاج نه هيو پر ان لاءِ هڪ خاموش ڪمرو ۽ الطاف صاحب جو سفرنامو گهربل هو.
    چوڻ جو مقصد ته شيخ صاحب جن جي لکڻي ڪيترن ئي پڙهندڙن جي خوابن کي ساڀيان جهڙي صورت ڏيڻ جي ڪوشش سان گڏوگڏ دنيا جي ڄاڻ به ڏني آهي. الطاف شيخ جا ڪيترائي ڪتاب منهنجي نظر هيٺ گذريا. جن ۾ ”اي جرني ٽو ٿائيلينڊ“، ”وايون وڻجارن جون“، ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“، ”بندر بازاريون“، ”سي ئي جوڀن ڏينهن“، ”اي روڊ ٽو مدينا“ آهن. هر هڪ ڪتاب جو هڪ هڪ لفظ ڄڻ ته ماڻڪ موتي ۽ هر هڪ صفحو پاڻ ۾ هڪ تحريڪ آهي. پڙهندڙ هڪ بند ڪمري ۾ ويهي ڪيترن ئي حقيقتن کان آگاهه ٿئي ٿو ۽ سندن vision وسيع ٿئي ٿو.
    ”جتي جر وهي ٿو جال“ کي پڙهندي ڪيترن ئي حيرناڪ ڳالهين جي ڄاڻ ملڻ سان گڏ ملئي ٻولي کي به سمجهڻ جو موقعو مليو. ڪولالمپور جا خوبصورت نظارا من اندر گهر ڪندا رهيا. لڳي ٿو ته لکندڙ جو هر هڪ لفظ ڪنهن خيال جي گهرائي مان ٽٻي پائي نڪتل هجي. الطاف هڪ اهو God gifted ليکڪ آهي جنهن جي سوچ، سمجهه، ڄاڻ ڪيترن ئي پڙهندڙ کي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ کان واقف ڪري ٿي. هو ته پاڻ سنڌي ادب جي هڪ مڃيل هستي آهن پر سندن خيالن ۽ انهن خيالن کي ڏنل ٻولي مان اهو احساس ٿئي ٿو ته پاڻ هر دور جا ليکڪ آهن، هر قوم ۽ هر طبقي جا ليکڪ آهن.
    منهنجي رب پاڪ کان اها دعا آهي ته الطاف صاحب جن هميشه لکندا رهن ۽ پڙهندڙن کي نت دنيا جو سير ۽ سفر ڪرائين.

    مهتاب خاصخيلي


    سر الطاف شيخ: هلندڙ ڦرندڙ انسائيڪلوپيڊيا

    ننڍپڻ کان ئي مون کي سياحت ٿيڻ جو شوق هو. ۽ جڏهن به ڪلاس ۾ استادن پاران اهو سوال پڇيو ويندو هو ته اوهين وڏا ٿي ڇا ٿيڻ چاهيندا؟ ته هڪ روايتي شاگرد وانگر ٽيچر، ڊاڪٽر ۽ انجنيئر چوڻ جي بجاءِ منهنجو جواب هميشه اهو ئي رهيو ته:
    I want to become a traveler.
    هن جواب اڪثر منهنجي استادن کي مسڪرائڻ تي مجبور ڪيو ۽ هن جواب کي فقط هڪ تفريحي جواب سمجهيو ويو جڏهن ته اها حقيقت سدائين دل ۾ ساٿ رهي ۽ سياحت جو شوق ڏينهون ڏينهن وڌندو رهيو. خير آئون اڃا تائين سياح ته ڪونه ٿي سگهي آهيان، پر سر الطاف شيخ جي سفرنامن جي ڪري آئون دنيا جي ڪُنڊڪُڙڇ ضرور گهمي آئي آهيان.
    سر الطاف شيخ جا سفرناما مڪمل تفريحي سفرناما آهن. سفرنامي ۾ هڪ ئي وقت مذاق به ملي ٿي ته ساڳئي وقت ۾ تمام وسيع ڄاڻ به ملي ٿي. اُن ملڪ جي تاريخ به چٽي وڃي ٿي ته ثقافت ۽ تمدن جو بيان به پوري ايمانداري سان ڪيو وڃي ٿو. اُتان جي رهڻي ڪهڻي، اُتان جي ٻولي، اتان جي موسم چئجي ته هر شئي هر لحاظ کان چڱي طرح ٻڌائي ٿي وڃي. اگر سر الطاف شيخ کي ”هلندڙ ڦرندڙ انسائيڪلوپيڊيا“ چيو وڃي ته ڪجهه غلط نه ٿيندو.
    ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته سر الطاف شيخ سنڌ جا مشهور ليکڪ آهن ۽ اڄ آئون پنهنجو پاڻ کي خوش نصيب ٿي محسوس ڪريان جو اڄ منهنجو قلم سنڌ جي ان عظيم ليکڪ جي لاءِ ڪجهه لکي رهيو آهي جنهن سان ملڻ جي نه فقط منهنجي دلي خواهش هئي پر هڪ آس به هئي، سر الطاف شيخ مون جهڙن هزارين شاگردن جا آئيڊيل آهن.
    11-نومبر 2014ع تي جڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿيل هڪ ليڪچر پروگرام جي چيف گيسٽ يعني سر الطاف شيخ سان ملاقات ٿي ته اهو محسوس ٿيو ته هي هيڏي وڏي مان واري شخصيت جا مالڪ تمام سادي ۽ سلڇڻي طبيعت جا مالڪ آهن. چوندا آهن ته انسان ڪيترو عظيم آهي، هن جي عظمت، هن جي ڪردار ۽ انداز بيان مان ظاهر ٿيندي آهي. سر الطاف شيخ سان ملي ان ڳالهه جو احساس ٿي ويو.
    خير ڳالهه ڪجي سفرنامن جي ته منهنجي نظر ۾ سفرناما اهي آهن جيڪي انسان جي اندر جستجو پيدا ڪن. جنهن کي پڙهندي انسان کي ائين محسوس ٿئي جيئن هو اُن وقت، اُن ديا ۾ شامل ٿي ويو آهي. جيڪي پڙهندڙ کي مجبور ڪن ته هو به اُهي ملڪ، اُهي علائقا، اُهي نظارا وڃي ڏسي، گهمي ۽ محسوس ڪري. هڪ سٺي سفرنامي جا سڀ گُڻ ۽ خصوصيتون سر الطاف جي لکيل ڪتابن ۾ ملن ٿيو. هونءَ ته سر الطاف شيخ جا لکيل سڀ سفرناما تمام دلچسپ آهن، جيئن ”وايون وڻجارن جون“، ”بندر ديسان ديس“، ”اي روڊ ٽو مدينه“، ”جت جر وهي ٿو جال“ ۽ ٻيا بيشمار سفرناما پر هڪڙي سفرنامي جنهن مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو اهو آهي ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“. هي اهڙو سفرنامو آهي جنهن کي بار بار پڙهڻ تي دل ٿئي ٿي . 1968 ۽ 1969 جي دور ۾ مون جهڙا نوجوان ته اڃا پيدا ئي ڪونه ٿيا هوندا پر اسان نوجوانن کي ان وقت جي حالات ۽ معاملات کي ڄاڻڻ جو تمام گهڻو تجسُس آهي. سر الطاف شيخ جي ان وقت جي لکيل سفرنامي ۾ مون جهڙو پنهنجو پاڻ کي اُتي محسوس ڪيو. سربيا جي شديد سردي به محسوس ٿي ته آفريڪا جي شدت واري قهرن جهڙي گرمي به محسوس ٿيڻ لڳي. اهوئي ته هڪ هونهار ليکڪ جي قلم جو جادو هوندو آهي. جيڪو پڙهندڙ کي پنهنجي طلسم ۾ گرفتار ڪري ڇڏيندو آهي.
    اسان نوجوانن کي شايد ئي بحري سفر ۽ بحري جهازن جي باري ۾ گهڻي ڄاڻ ۽ معلومات هجي. اسان نوجوانن ته بحري سفرن جو نظارو صرف Hollywood جي فلمن ۾ ڪيو آهي. بحري سفر ۾ ڪهڙيون مشڪلاتون اچن ٿيون، ڪيڏي نه محنت ۽ مشقت سان اهي بحري سفر ڪيا ٿا وڃن ۽ ڪهڙا هيبتناڪ ۽ دهشتناڪ سامونڊي طوفان اچن ٿا ۽ جهاز ران ڪهڙيون تدبيرون اختيار ڪن ٿا. ان جو اندازو سر الطاف شيخ جي لکيل سفرنامن مان لڳائي سگهجي ٿو. تمام گهڻي انفارميشن سمنڊ ۽ سامونڊي رستن جي حوالي سان ملي ٿي سا قابلِ تعريف آهي.
    آخر ۾ اها ئي اميد ڪندس ته سر الطاف شيخ جا وڌيڪ سفرناما منظرعام تي اچن جيئن وڌيڪ اڻ کليل راز کُلن ۽ علم، ڄاڻ، سياحت ۽ تفريح جا وڌيڪ موقعا سنڌي شاگردن لاءِ مهيا ٿين.

    فائزه مخدوم

    (ايم. فل اسڪالر ــ بائيوٽيڪنالاجي)


    برونائي ڪٿي آهي ۽ برونائيءَ جا حاڪم

    پڙهندڙن جي گهڻو پڇڻ تي اڄ دنيا جي هڪ ننڍڙي پر بيحد امير ترين ملڪ برونائيءَ جو حال احوال ڪنداسين. برونائي ملڪ توڙي ان جا رهواسي ڪيڏو امير آهن ان جو اندازو اهي ڌاريان لڳائي سگهن ٿا جيڪي اتي نوڪري ڪن ٿا يا وري اسان جا حاجي جيڪي حج يا عمري دوران برونائي جي مسلمانن کي ڏسي حيرت کائين ٿا ته هو ڪيڏي هٿ ڪشادي سان خرچ ڪن ٿا ۽ ڪيڏين مهانگين هوٽلن ۾ رهن ٿا.
    هونءَ ته ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ برونائي جا رهاڪو هڪ ئي ملئي قوم آهن ۽ سندن هڪ ئي زبان ”ملئي“ آهي جنهن کي انڊونيشيا ۾ ”بهاسا انڊونيشيا“ سڏين ته ملائيشيا ۾ ”بهاسا ملائيشيا“. مٿين ملڪن ۾ اسلام اچڻ کان اڳ هندو ۽ ٻڌ ڌرم عام هو ان ڪري ملئي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي سنسڪرت يا ان جي کار جا لفظ اڄ به موجود آهن. جيئن مٿي لکيل لفظ بهاسا دراصل ڀاشا جي کار آهي. ايتري قدر جو ملئي ٻوليءَ ۾ وزير اعظم کي ’پرڌان منتري‘ چون ٿا. اهڙيءَ طرح ٻيا به هندي ۽ سنسڪرت جا لفظ ملئي ٻوليءَ ۾ عام آهن. بعد ۾ ملاڪا جو راجا، برونائي جا سلطان ۽ انڊونيشيا جا حاڪم، ۽ انهن کي ڏسي انهن جي عوام به مسلمان ٿي. ان هوندي به انڊونيشيا جي هڪ خوبصورت ٻيٽ بالي جي رهاڪن جو واسطو اڄ به هندو ڌرم سان آهي ۽ دنيا ۾ انڊيا بعد بالي واحد ملڪ آهي جتي جو سرڪاري مذهب هندو ڌرم يعني ”ويدانيت“ آهي.
    ڏٺو وڃي ته برونائي ملڪ جنهن جي ايراضي 5770 چورس ڪلوميٽر آهي اسانجي حيدرآباد ضلعي جيڏو آهي. سڄي سنڌ جنهن جي ايراضي 141000 چورس ڪلوميٽر آهي ان مان برونائي جهڙا ٻاويهه ٽيويهه ملڪ نڪري سگهن. ملائيشيا وانگر برونائي جي آدمشماري به تمام گهٽ، اٽڪل 4 لک مس آهي پر برونائيءَ ۾ تيل ۽ گئس جا ذخيرا ايترا آهن جو هن جي سالياني ڪمائي پاڪستان کان به ڏهوڻي آهي.
    برونائي ڪٿي آهي؟ چيو وڃي ٿو ته برونائي ملائيشيا جي وچ ۾ آهي. بلڪل صحيح آهي. پوءِ اسانجو ماڻهو ڪئالالمپور يا پينانگ پهچي پڇائيندو رهي ٿو ته برونائي ڪٿي آهي. اهو ان ڪري جو هن کي اها خبر ناهي ته ملائيشيائون هڪ نه پر ٻه آهن. جيئن ڪنهن زماني ۾ پاڪستان جا ٻه حصا هئا. هڪ مغربي پاڪستان ته ٻيو مشرقي پاڪستان جيڪو 1971 ۾ اسان کان جدا ٿي بنگلاديش ٿيو. اهڙي طرح ملائيشيا به هڪ مغربي ملائيشيا آهي جيڪا ٿائلنڊ ۽ سنگاپور جي وچ ۾ آهي ۽ ڪنهن زماني ۾ اها ملايا سڏي وئي ٿي. هن ۾ يارهن رياستون آهن. ڪيداح، پهانگ، سلنگور، ملاڪا وغيره ۽ ٻي ملائيشيا مشرقي ملائيشيا سڏجي ٿي جيڪا مشرقي پاڪستان وانگر هزار کن ميل پري اوڀر ۾ آهي. فرق فقط اهو آهي ته ٻن پاڪستانن جي وچ ۾ زمين يعني انڊيا جو ملڪ هو پر هنن ٻن ملائيشيائن جي وچ ۾ سمنڊ آهي جيڪو ڏکڻ چيني سمنڊ سڏجي ٿو. هن مشرقي ملائيشيا ۾ فقط ٻه رياستون ”صباح“ ۽ ”سراواڪ“ آهن. سراواڪ جي وچ ۾ برونائي آهي جنهن جو اتر وارو حصو چيني سمنڊ ڏي آهي باقي ٽن طرفن کان سرواڪ آهي.
    هتي اهو به لکندو هلان ته مشرقي ملائيشيا (صباح ۽ سراوڪ) ۽ برونائي ”بورنيو“ نالي هڪ وڏي ٻيٽ جو حصو آهن. هي ٻيٽ جنهن جي پکيڙ 743330 چورس ڪلوميٽر آهي دنيا جو ٽيون نمبر ۽ ايشيا جو پهريون نمبر وڏو ٻيٽ آهي. يعني هي ٻيٽ لڳ ڀڳ اسان جي پاڪستان جيڏو ٿيندو جيڪو 796000 چورس ڪلوميٽر آهي. ڏٺو وڃي ته ايراضيءَ ۾ برونائي ملڪ سڄي ٻيٽ بورنيو جو ڪو هڪ سيڪڙو مس آهي پر تيل ۽ گئس ڪري دنيا جو امير ترين ملڪ آهي. ملائيشيا جون ٻئي رياستون صباح ۽ سراواڪ ملائجن ته اهي بورنيو ٻيٽ جو 26 سيڪڙو ٿين ٿيون. صباح، سراواڪ ۽ برونائي ڪڍڻ بعد بورنيو جو باقي 73 سيڪڙو ڌرتي ”ڪالي منتان“ سڏجي ٿو جيڪو انڊونيشيا جو هڪ حصو آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته مغربي ملائيشيا جي يارهن رياستن جي ايراضي 130000 کن چورس ڪلوميٽر آهي ۽ مشرقي ملائيشيا جي ٻن رياستن جي 200000 چورس ڪلوميٽر آهي. يعني مشرقي ملائيشيا 61 سيڪڙو آهي ۽ مغربي ملائيشيا 39 سيڪڙو آهي. اسان جا ماڻهو مغربي ملائيشيا ۾ ئي گهمڻ لاءِ وڃن ٿا جيڪا اسان کي ويجهو آهي ۽ جتان جي وري به وزٽ ويزا مليو وڃي. مشرقي ملائيشيا (صباح ۽ سرواڪ) وڃڻ لاءِ ڪئالالمپور جي رهاڪن کي به Visa وٺڻي پوي ٿي. اهو قاعدو ان ڪري رکيو ويو آهي جو صباح ۽ سرواڪ جي آدمشماري گهٽ آهي ۽ اهي رياستون اڃان ايترو ترقي يافته نه ٿيون آهن. سو اتي جي ماڻهن کي اهو ڊپ آهي ته مغربي ملائيشيا وارا هنن جي نوڪرين ۽ ڌرتيءَ تي قبضو نه ڪري وڃن. هونءَ قدرتي شين: پيٽرول، گئس، عمارتي ڪاٺ، جانورن، پکين، معدنيات وغيره ۾ صباح ۽ سرواڪ رياستون بيحد مالا مال آهن. جھنگل، پکي، جانور، جڙيون ٻوٽيون ڏسڻ ۽ کوجنا جو ڪم ڪرڻ لاءِ يورپ ۽ آمريڪا جا ڪيترائي ڄاڻو ۽ ٽوئرسٽ هتي اچن ٿا. سو صباح ۽ سراواڪ وارا ٽوئرزم مان به ڪافي ڪمائين ٿا. برونائي به ٽوئرزم جو شوق رکي ٿي پر اهي فقط چونڊ چونڊ ماڻهن کي ويزا ڏين. هونءَ به برونائي جهڙي امير ملڪ کي پئسي جي ڪهڙي ضرورت؟ هنن جو اهو ئي فلسفو آهي ته ڌارين ماڻهن جي اچڻ ڪري مقامي ڪلچر تي خراب اثر پوي ٿو.... ۽ اها ڳالهه ڪنهن حد تائين صحيح به آهي.
    اسان جي ننڍي کنڊ وانگر ملايا (اڄ وارو مغربي ملائيشيا) سنگاپور، برونائي ۽ صباح ۽ سراواڪ تي انگريزن جي حڪومت هئي. اسانکي 1947ع ۾ آزادي ملي اٽڪل 18 سالن بعد انگريزن مٿين ملئي ملڪن کي به آزادي ڏني. ان بعد ملايا سنگاپور، صباح ۽ سراواڪ کي پاڻ سان ملائي هڪ ملڪ ”ملائيشيا“ جو اعلان ڪيو. جلدي ملائيشيا جي حڪومت کي ڌيان ۾ آيو ته ملايا توڙي صباح سراواڪ ۾ چينين جو ratio اڌ کان گهٽ آهي پر سنگاپور سڄو چينين سان ڀريو پيو آهي ۽ سڀاڻي اليڪشن ٿي ته چينين جو وڌيل تعداد هجڻ ڪري سڄي ملڪ تي انهن جي حڪومت ٿي ويندي. هونءَ به سنگاپور جا ماڻهو تعليم توڙي راندين ۽ بزنيس ۾ تمام تيز آهن. ملئي موڳا آهن. سو اهـڙيءَ طرح هر اداري ۾ وڏين پوسٽن تي سنگاپور جا چيني قابض ٿي ويندا. اها ڳالهه ڳڻي ملائيشيا جي پهرين وزير اعظم تنڪو عبدالرحمان ملائيشيا مان سنگاپور کي ڪڍي ٻاهر ڪيو. ان جو ڏک سنگاپور جي عوام توڙي وزير اعظـم ”لي ڪئان يو“ کي ڏاڍو ٿيو ته سندن ننڍڙو ملڪ دربدر ٿي ويو جنهن تي ڪو به اوسي پاسي جو ملڪ حملو ڪري سگهي ٿو.... اها ٻي ڳالهه آهي ته سنگاپور کي مضبوط ۽ پاڻڀرو ڪرڻ لاءِ لي ڪئان يو ڇا ڇا نه ڪشالا ڪڍيا. اڄ سنگاپور جي فوج ملائيشيا ۽ انڊويشيا کان به طاقتور آهي. سنگاپور ۾ قدرتي معدنيات ڪجهه ناهي! ويندي پاڻي به ملائيشيا کان خريد ڪن ٿا پر هنن پنهنجي ملڪ کي ڪيترو ته ماڊرن ۽ امير ڪري ڇڏيو آهي.
    ملايا وارن ملائيشيا ٺاهڻ وقت بورنيو ٻيٽ جي آزاد رياستن صباح ۽ سرواڪ کي شامل ڪرڻ سان گڏ برونائي کي به گڏجڻ لاءِ آماده ڪيو. برونائيءَ جي حاڪمن ڪجهه سوچ ويچار بعد اهو ئي فيصلو ڪيو ته ملائيشيا سان ڳنڍڻو ناهي ۽ نه ان جي کين ضرورت آهي. ملائيشيا سان ڳنڍجڻ سان برونائيءَ جو شان شوڪت ۽ حيثيت ختم ٿي ويندي. برونائي هڪ امير ملڪ آهي جنهن جي تيل ۽ گئس مان ڪمائي ملائيشيا کان به وڌيڪ آهي. ملائيشيا سان ڳنڍجڻ سان کين سندن ملڪيت جو فقط هڪ ننڍڙو حصو ملندو ۽ ٻي ڳالهه ته ملائيشيا وارا فقط پنهنجين نون رياستن جي سلطانن کي واري وٽي سان بادشاهه بڻائيندا پر برونائي جي سلطان کي هرگز نه. ان ڪري 1965ع ۾ ملائيشيا ٺهڻ وقت برونائي وارن انهن سان ڳنڍجڻ کان ته انڪار ڪيو پر برطانيه وارن کي به چيو ته مهرباني ڪري اسان کي اڃان آزادي نه ڏيو. ان وقت برونائيءَ جو سلطان عمر علي سيف الدين تيگا (ٽيون/سوم) هو
    هن سلطان عمر علي سيف الدين کي ٽيون ان ڪري ٿا چون جو هن کان اڳ ساڳين نالن وارا برونائيءَ جا سلطان رهي چڪا آهن. پهريون 1740 کان 1795 تائين ۽ ٻيو 1828 کان 1852 تائين. عمر علي سيف الدين II (دوم ٻئي) جي ڏينهن ۾ برونائي کان علاوه صباح ۽ سراواڪ به برونائي جي سلطانن جي هٿ ۾ هو. هن سلطان عمر علي ٻئي جي ڏينهن ۾ مقامي سردارن بغاوت ڪئي جنهن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ هن جيمس بروڪ نالي انگريز کان مدد ورتي جنهن وٽ بندوقن ۽ توبن سان فٽ ٿيل جهاز هو. هن جهاز جي حملي ڪرڻ تي مڪاني سردار سڀ چپ ٿي ويا. جيمس بروڪ جي ان خذمت جي بدلي ۾ برونائي جي هن سلطان (عمر علي II دوم) پنهنجي هڪ سڄي رياست ”سراواڪ“ هن انگريز جي حوالي ڪري ڇڏي. نه فقط ايترو پر هن انگريز کي ”راجا“ جو به خطاب ڏنو. هي راجا ”وائيٽ راجا“ جي نالي سان پاڻ، ان بعد پٽ ۽ ڀائيٽا وغيره سراواڪ تي حڪومت ڪندا رهيا. پڙهندڙن ان مان اندازو لڳائين ته مسلمان جڏهن طاقتور هئا ته اُميه گهراڻي يا ترڪيءَ جي خليفن يوتپ جي ملڪن کي به قبضي ۾ ڪري ڇڏيو. پر پوءِ انهن، جن ۾ ننڍي کنڊ جا چاهي مغل شهنشاهه هجن يا اسان جا سنڌي حاڪم، ماڊرن ٽيڪنالاجي ۽ ڊفينس جا بندوبست ڪرڻ بدران عيش جي زندگي ۾ گذارڻ شروع ڪيو ڌارين (انگريزن) جيڪي ڏورانهين ڏيهه کان هتي پهتا، اهي اسان جي ڌرتين تي قبصو ڪري ويهي رهيا.
    عمر علي سيف الدين III (ٽيون) هڪ اهم، محنتي ۽ هوشيار حاڪم ٿي گذريو آهي. برونائيءَ کي ماڊرن ۽ خوشحال ڪرڻ ۾ هن جو وڏو هٿ آهي. ٻاهر جي دنيا هن کي ڪيترن ئي لقبن سان ياد ڪري ٿي.... جيئن ته Architect of Modern Brunei ان ڪري جو هن برونائي ۾ ڪيتريون عمارتون ٺهرايون خاص ڪري مسجدون. هن کي The Royal Poet به سڏيو وڃي ٿو. هن تمام گهڻي شاعري ڪئي جنهن مان Syair Pertembagaan (يعني آئيني شعر) Syair Asli Rajang Haria ۽ Rampaian Laila Syair (هن ۾ برونائي جي ماڻهن کي نصيحتون ڪيل آهن). کيس ”باپا آزادي“ يعني The Father of Independence به سڏيو وڃي ٿو. هن پنهنجي ننڍڙي ملڪ کي ملائيشيا جي گڏيل چنبي کان بچائي خوشحال بڻائي ڇڏيو ۽ انگريزن کان جلدي آزادي نه وٺي عقلمندي ڪئي ڇو جو هن ڏٺو پئي ته سندس ملڪ جا ماڻهو اڃان ان ليول تي پهتا ئي نه آهن جو پنهنجي ملڪ کي پاڙي جي ملڪن ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ فلپين وغيره سان مقابلي دوران پاڻ بچائي سگهن. هن آهستي آهستي ڪري انگريزن کان 1984ع ۾ آزادي ورتي نه ته تيستائين فارين افيئرس ۽ ڊفينس انگريزن وٽ رکيو.
    مونکي برونائي جي هن اٺاويهين سلطان عمر علي سيف الدين (ٽئين) جي اها ڳالهه ڏاڍي وڻي بلڪه آئون ان کي هن جي عظمت چوندس ته هن پنهنجي جيئري ئي حڪومت جون واڳون پنهنجي پٽ سلطان حسن البوليخا (Sultan Hassanal Bolakiah) حوالي ڪري ڇڏيون.
    عمر علي سيف الدين III (ٽيون) 1914ع ۾ سلطان محمد جمال عالم II جي گهر ۾ ڄائو. جمال عالم 1906ع کان 1924ع تائين برونائيءَ جو سلطان رهيو ان بعد سندس وڏو پٽ احمد تاج الدين 1924ع کان 1950ع تائين سلطان رهيو. ان بعد احمد تاج الدين جو ڀاءُ ۽ جمال عالم جي ڏهن ٻارن ۾ ٻيو نمبر عمر علي سيف الدين ٽيون 36 سالن جو هو ته پنهنجي وڏي ڀاءُ جي وفات تي 1950ع ۾ برونائي جي تخت تي ويٺو.
    سترهن سال برونائيءَ جو سلطان رهڻ بعد جنهن ۾ هن برونائيءَ کي ٺاهي ڇڏيو. تعليم ۽ صحت تي ڌيان ڏنو.... هڪ هڪ ماڻهوءَ کي روزگار ڏياريو.... بدامني ۽ چوري چڪاري بنهه ختم ڪرائي ڇڏي..... وڌيڪ حڪومت ڪرڻ بدران 53 ورهين جي ڄمار ۾ 1967ع ۾ حڪومت پنهنجي وڏي پٽ حسن البوليخا جي حوالي ڪري ڇڏي جيڪو اڃان تائين برونائيءَ جو سلطان آهي.
    1984ع ۾ جڏهن برونائيءَ برطانيا کان خودمختياري حاصل ڪئي ۽ 1986ع ۾ عمر علي سيف الدين III (ٽئين) وفات ڪئي ته آئون 1980ع وارو اهو ڏهو ملائيشيا ۾ ئي هوس ۽ اسان جا (يعني ملائيشيا جي حڪومت جا) برونائي وارن سان تمام ويجھا تعلقات هئا. ايتريقدر جو برونائيءَ جا شاگرد اسان وٽ ۽ ملائيشيا کان اسان جا ٽيچر برونائي ويندا رهيا ٿي. ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ چاهي ملائيشيا ۾ ٿين يا برونائي يا سنگاپور ۾، اسان گڏ هوندا هئاسين. برونائي جي آدمشُماري تمام گهٽ آهي. هن وقت چار لک مس آهي. ٽيهه سال اڳ 1984ع ۾ جڏهن برونائي کي برطانيا طرفان خودمختياري ملي ته اها اڃان به گهٽ هئي ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو طبقو به گهٽ هو. ٽيچنگ ۽ ٻين ڪمن ڪارين لاءِ هنن ٻاهران ماڻهو گهرايا باقي سرڪاري نوڪرين لاءِ پنهنجا رکيا. B.A ۽ M.A وارن کي به وڏا عهدا ڏنا ويا. اسانجو برونائي جو هڪ دوست حاجي اوانگ B.E انجنيئرنگ پاس هو. هن کي سال ٻن ۾ پروموشنون ڏئي شپنگ جو ڊائريڪٽر جنرل بنايو ويو. برونائي ۾ شروع کان اسان وانگر پبلڪ سروس ڪميشن ذّريعي چونڊ ۽ نوڪريون ڏنيون وڃن ٿيون. ڪيترا پاڪستاني به سٺين نوڪرين سان لڳي ويا. ملائيشيا ۾ اسان سان ڪم ڪندڙ درٻيلي جو ڪئپٽن احمد حسين مخدوم ۽ ڪراچيءَ جو ڪئپٽن عثمان به ملائيشيا ڇڏي برونائي وڃي نوڪري ڪئي. برونائيءَ جي ڏاکڻي شهر ”ڪئالا بلايت“ جي ڪاليجن ۾ ته ڪيترا ٽيچر سنڌ جي ڳوٺن جا هئا جن مان هڪ جو نالو عبدالشڪور منگي هن وقت به ياد اٿم. ان کان علاوه اسان جي ڳوٺ هالا جي ڪاليج جو انگريزيءَ جو پروفيسر محمد عمر چنڊ به برونائيءَ ۾ وڏو عرصو رهيو ۽ هاڻ هو نيوزيلئنڊ ۾ رهي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پگهار ۽ سهولتن ۾ برونائيءَ جو ڪو ملڪ مقابلو نٿو ڪري سگهي. ان جو سڄو ڪريڊٽ ملڪ جي سلطان حسن البوليخا کي ۽ ان جي والد عمر علي سيف الدين کي ڏئي سگهجي ٿو. سلطان علي عمر جيتوڻيڪ پنهنجي جيئري ئي 1967 ۾ برونائي جو تخت وتاج پنهنجي پٽ حسن حوالي ڪيو پر جيستائين زندهه رهيو يعني 1986ع تائين، هو هر وقت پنهنجي پٽ کي سٺي طرح حڪومت هلائڻ (Good Governance) ۽ عوام جوخيال رکڻ بابت نصيحتون ۽ گائيڊ ڪندو رهيو. 1984ع ۾ برونائيءَ کي آزادي ملڻ وقت توڙي سلطان عمر علي سيف الدين III (ٽئين) جي 1986ع ۾ وفات وقت، اسان اتي ئي هئاسين. آزادي واري فنڪشن ۾ اوسي پاسي جي ملڪن جا ڪيترائي اعليٰ آفيسر ۽ حاڪم اچي گڏ ٿيا هئا جن ۾ خاص مهمان ياسر عرفات فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن جو چيئرمين پڻ هو.
    سلطان عمر علي سيف الدين جي وفات تي ته تمام گهڻا ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا جن ۾ ملائيشيا جو ان وقت جو بادشاهه ۽ ڪيترين ملئي رياستن جا سلطان: احمد شاهه، تئانڪو جعفر، عبدالحليم ۽ ازلان شاهه ته هئا پر آمريڪن صدر جارج ايڇ ڊبليو بش، فلپين جو صدر ڪوروزان اڪينو، انگلنڊ جي راڻي ڪُئين ايلزبيٿ ۽ ڊيوڪ آف ايڊنبرا، انڊونيشيا جو صدر سهارتو، بنگلاديش جو حسين محمد ارشاد ۽ اسان جو ان وقت جو صدر جنرل ضياء الحق پڻ هو. بنگلاديش جي صدر ارشاد ته مختصر تقرير به ڪئي جنهن ۾ هن سلطان حاجي عمر علي لاءِ اهو به چيو ته:
    “The Late Highness had a vision, far sightedness and wise leadership. Coupled with his outstanding services to his people.”
    راڻي ايلزبيٿ وزيٽرس بڪ ۾ لکيو ته:
    ”مرحوم حاجي عمر علي سيف الدين III برطانيه جو هڪ باعزت ۽ اهم دوست هو. هن جي وفات جي خبر تي سڄي انگلنڊ کي ڏک ٿيوآهي“. سلطان عمر علي جي وفات تي برطانيه جي وزير اعظم مارگريٽ ٿيچر به آئي هئي. ان هن طرح لکيو:
    “The late highness had a unique position in the history of Brunei and in the hearts of all who knew him in Britian.”
    اهو اسان سنڌي مسلمانن ۾ رواج آهي ته گهڻي ڀاڱي اسانجو پير، مير، وڏيرو يا سردار تعليم کان پري ڀڄي ٿو پر توهان جيڪڏهن ٿائلنڊ، ملائيشيا، توڙي برونائي جا سلطان، وڏيرا ۽ بادشاهه ڏسندائو ته توهانکي نه رڳو هو پاڻ اعليٰ تعليم يافته نظر ايندا پر هنن سرڪاري آفيسن ۾ نوڪريون به ڪيون. جيئن پيراق جو سلطان ازلان شاهه جيڪو پوءِ سڄي ملائيشيا جو بادشاهه ٿيو، نه فقط ملائيشيا مان پر انگلنڊ مان به اعليٰ تعليم حاصل ڪئي ۽ هو بئريسٽر ٿي رهيو ان بعد جج پڻ. کيس راندين جو به شوق آهي ۽ هميشه هاڪيءَ جون انٽرنيشنل مئچون ڪرائيندو رهي ٿو. اهڙيءَ طرح برونائي جو هي سلطان حاجي عمر عليءَ به نه فقط تعليم حاصل ڪئي پر مختلف کاتن ۾ نوڪري به ڪئي. خاص ڪري فاريسٽ ڊپارٽمنيٽ ۾ نوڪريءَ دوران هن جو ڳوٺاڻن سان واسطو پيو ۽ هن کي عام ماڻهن جي مسئلن ۽ ضرورتن جي ڄاڻ ٿي. عمر علي ننڍو هو ته هن پيراق رياست جي شهر ڪئالا ڪنگسار جي ملئي ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي. انهن ڏينهن ۾ ملايا تي انگريزن جو راڄ هو ۽ ڪنگسار ۾ انگريزن اعليٰ معيار جا اسڪول ۽ ڪاليج ٺاهيا هئا جن ۾ ڪيترن ئي سلطانن جا ٻار پڙهڻ لاءِ آيا ٿي. سلطان عمر عليءَ فاريسٽ ڊپارٽمينٽ کان علاوه جوڊيشري ۾ به ڪافي عرصو نوڪري ڪئي ۽ شريعت ڪورٽ جو چيئرمين به ٿي رهيو. پاڻ ٽي شاديون ڪيائين پهرين شادي سيتي امينا بنت حاجي هاشم سان ڪيائين جنهن مان کيس اولاد نه ٿيو. بعد ۾ هن دامت بنت عبدالرحمان سان شادي ڪئي جنهن مان هن کي ڏهه ٻار ٿيا. برونائي جو هاڻوڪو سلطان حسن البوليخا سڀني ۾ وڏو آهي. 1979ع ۾ ٻي زال جي وفات تي، سلطان عمر ان جي ڀيڻ صالحا بنت عبدالرحمان سان ٽي شادي ڪئي جنهن مان پڻ کيس ڪو ٻار نه ٿيو.
    هتي اهو به لکندو هلان ته برونائيءَ جي گادي جي شهر بندر سري بيگوان جو اصل نالو ”برونائي ٽائون“ هو. 1970ع ۾ هاڻوڪي سلطان حسن البوليخا پنهنجي والد سلطان عمر جي ياد ۾ ان جو نالو ”بندر سري بيگوان“ رکيو جيڪو نالو سري بيگوان هن جي پيءُ جي خطابت مان هڪ آهي. جيئن اسان وٽ خانبهادر، راءِ بهادر، شمس العلماءِ جهڙا لقب آهن تيئن سلطان عمر علي جو هڪ لقب ”سري بيگوان“ به هو. ملئي لفظ بندر جي معنيٰ شهر آهي ملائيشيا يا انڊونيشيا ۾ هر شهر جي بس اسٽاپ يا ريلوي اسٽيشن تي بندر لکيل نظر ايندو جيئن ته بندر ملاڪا، بندر اپوح وغيره. ڪئالالمپور جهڙن وڏن شهرن جي مرڪزي علائقي (صدر) ۾ Bandar Pust لکيل نظر ايندو. ملئي لفظ ”پوست“ جي معنيٰ آهي ”وچ“، سو ’بندر پوست‘ جي معنيٰ ٿي وچ شهر. هي سڀ لفظ بندر (_بندرگاهه)، سري (جناب والا)، بيگوان (ڀڳوان) سنسڪرت ۽ هندي جا آهن جن سان ملئي زبان ڀري پئي آهي.
    بندر سري بيگوان ۾ جيڪا خوبصورت قومي مسجد آهي اها سلطان حاجي عمر علي سيف الدين III نالي آهي. جيڪا 1958ع ۾ ٺهي. ان کان علاوه ڪيترائي تعليمي ادارا حاجي عمر علي نالي آهن جيئن ته:
    سلطان عمر علي سيف الدين ڪاليج
    دي سري بيگوان رليجس يونيورسٽي
    دي سلطان عمر علي اسلامڪ اسٽڊيز يونيورسٽي برونائي دارالسلام.
    برونائي جو 1967ع کان حسن البوليخا سلطان آهي. هو اسان کان ٻه سال ننڍو آهي يعني 1946ع ۾ ڄائو هو ۽ هن وقت ستر سالن جو آهي. پاڻ ايڪيهه سالن جو هو ته سندس پيءُ سلطان حاجي عمر علي سيف الدين تخت ۽ تاج هن حوالي ڪيو. برطانيا وارن جا برونائي جي سلطانن سان تمام سٺا تعلقات رهيا آهن. سلطان حسن جي پڳ ٻڌڻ مهل انگلنڊ جي راڻي ايلزبيٿ کيس Knight جو خطاب ڏنو.
    پئسي ڏوڪڙن جي معاملي ۾ دنيا ۾ عرب هٿ ڦاڙ پوءِ مشهور ٿيا پر سلطان حسن البوليخا اڄ به دنيا جو امير ترين مڃيو وڃي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته 1990ع کان پوءِ اهو ٽائيٽل آمريڪن بزنيس مئن بل گيٽس حاصل ڪيو. باقي خرچ ڪرڻ ۾ برونائي جي هن سلطان جو مقابلو ناهي. پيٽرول ۽ گئس مان جنهن بادشاهه کي روزانو ڪروڙها رپيا پيا ملن اهو هڪ هيئر ڪٽ لاءِ 21000 ڊالر (يعني 21 لک رپيا) ڏيندي ٻيو دفعو به ڇو سوچي؟ وڏن ماڻهن جا شوق به شوق ٿيندا آهن. اسان جي ڪنهن حاڪم يا پير مير وٽ ٽي چار نيون ڪارون هونديون ته هو پاڻ کي اهم پيو سمجھندو. هتي دنيا کي اهو ٻڌي ڏندين آڱريون ٿيون اچن ته برونائي جي سلطان حسن ال بوليخا وٽ 7000 اوچيون ڪارون آهن، بقول هڪ اخبار رپورٽر جي:
    “The Sultan’s passion for the world’s most expensive, beautiful, rarest, fastest and unique cars knows no bounderies.”
    سلطان جي انهن ڪارن جي Collection جي قيمت 5 بلين (5 ارب) ڊالر چئي وڃي ٿي جيڪڏهن 100 رپئي جو هڪ ڊالر لڳايو ته به اها رقم 500 ارب رپيا ٿئي ٿي. انهن ڪارن ۾ 600 رولس رائس آهن ۽ 300 کان مٿي فراريز، 134 Koenigeggs، 11 McLaren F1s، ڇهه Daur Porsche 962 LMS، ۽ هڪ وڏو نمبر لگزري جاگور ۽ ٻيون ڪارون آهن. انهن ڪارن مان چون ٿا ته 2000 کن ڪارون بيٺي بيٺي زنگجي ويون آهن جن جي ٺهڻ (اصلي حالت ۾ اچڻ) جي ڪا اميد نه آهي.
    يورپ پاسي برونائيءَ جو هي سلطان آرڊر تي هوائي جهاز ٺهرائڻ کان به مشهور آهي. هن وٽ بوئنگ 400-747 جهڙا لگزري پرائيويٽ جيٽ ۽ 200-342 ماڊل جا ”ايئر بس جيٽ“ آهن. پاڻ سٺو پائلٽ به آهي ۽ اڪثر وڏي سفر ۾ هو پاڻ هوائي جهاز هلائي ٿو.
    سلطان حسن البوليخا (Sultan Hassanal Bolkiah) جا لفظ ڪيترن ماڻهن لاءِ اچارڻ ڪجهه ڏکيو آهي. انگريزيءَ جا جاڻو ان نالي کي ”حسن ال بولقياح“ پڙهن ٿا. اهو ائين آهي جيئن هڪ سنڌي نالي Dinal Gahoti کي انگريز ”ڊائنال گاهه اوٽي“ پڙهندو جيتوڻيڪ اهو ”ڏنل ڳاهوٺي“ آهي. اهڙيءَ طرح سلطان جو نالو سندس ملئي زبان ”جوي لکت“ ۾ لکجي ٿو ته ”سلطان ال بوليخا“ ٿئي ٿو ۽ هن پاسي (برونائي ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾) رهندڙ پاڪستاني به ائين ئي اچارين ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته عربي ۽ فارسي ۾ اهو نالو حسن البلقيه لکيو ۽ اچاريو وڃي ٿو. ”بولخيا“ هاڻوڪي سلطان جي هڪ وڏي جو نالو هو جيڪو هاڻ وارو سلطان ۽ ان جو اولاد ذات طور استعمال ڪري ٿو. ’سلطان بولخيا‘ برونائيءَ جو پنجون سلطان هو جنهن 1485 کان 1524 تائين حڪومت ڪئي. برونائيءَ جو پهريون سلطان محمد شاهه هو جنهن 1368 کان 1402 (وفات) تائين حڪومت ڪئي. هن جو اصل نالو اوانگ الڪ بيتاتار Awang Alak Betatar هو جيڪو تماسڪ (سنگاپور ٻيٽ جو پراڻو نالو) جي بادشاهه جي ڌيءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ مسلمان ٿيو ۽ پنهنجو نالو محمد شاهه رکيو. برونائيءَ جو هي پهريون مسلمان سلطان سڏيو وڃي ٿو. صحيح معنا ۾ هن برونائي سلطنت جو پايو رکيو.
    هاڻوڪو برونائي جو سلطان حسن ال بوليخا برونائي جو اوڻٽيهون سلطان آهي يعني ”هيڊ آف اسٽيٽ“ جنهن لاءِ هن پاسي ملئي لفظ Yang Di Pertuan استعمال ٿئي ٿو. (ملائيشيا جي بادشاهه لاءِ ”ينگ دي پرتئان اگنگ“ استعمال ٿئي ٿو.) هونءَ ته برونائي جا سلطان پاڻ کي فقط سلطان سڏائيندا هئا پر هاڻ هن سلطان حسن ال بوليخا، سندس ڏينهن ۾ (يعني 1984 ۾) ملڪ کي آزادي ملڻ ڪري پاڻ کي ملڪ جو وزير اعظم به سڏرائي ٿو. برونائي گهڻو عرصو انگريزن جي هٿ ۾ هجڻ ڪري دبئي وانگر هن ملڪ جا ادارا به تمام سٺي طرح ڪم ڪن ٿا. هونءَ ته کڻي بادشاهي نظام آهي پر ڇا هنن جا کاتا محنتي آهن ۽ ڇا ته هن ملڪ ۾ گڊ گورننس آهي. توهان برونائي اچي تعليم کاتو ۽ تعليمي درسگاهه ڏسو. ڇا ته تعليم جو اعليٰ معيار ۽ ڊسيپلين آهي. اهڙيءَ طرح پوليس کاتو ڏسو، پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ٻين ادارن کي ڏسو .... توهان کي هر ڳالهه ميرٽ تي ملندي. ۽ اها ئي ڳالهه ملائيشيا ۾ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪجهه اهم وزارتون جهڙوڪ دفاع، خزانه، ڪسٽمس ۽ پوليس سلطان البوليخا پنهنجي هٿ ۾ رکيون آهن پر مجال آهي جو عوام کي ڪنهن ڳالهه جي تڪليف رسي. برونائي جي حڪومت سياحت (Tourism) جي پٺڀرائي نٿي ڪري سو گهمڻ لاءِ ڌارين کر اجازت ڏيڻ جو سوچي سمجھي پوءِ ويزا جاري ڪئي وڃي ٿي. پر توهان کي جي برونائيءَ ۾ ڪا نوڪري ملي وڃي ته اکيون پوري هليا اچو. اهو ان ڪري جو برونائيءَ ۾ نه فقط پگهار وڏو آهي پر دبئي ۽ ڪويت جهڙن ملڪن کان هتي ماحول ۽ موسم تمام سٺي آهي. برونائي ۾ هن وقت به اسانجي ملڪ جا ڪيترائي پروفيسر، ڊاڪٽر، انجنيئر خاص ڪري گئس ۽ پيٽروليم فيلڊ جا ڄاڻو ڪم ڪري رهيا آهن. انهن سڀني جي چونڊ برونائي جو پبلڪ سروس ڪميشن وارو کاتو ڪري ٿو.
    برونائيءَ جو هي سلطان حسن البوليخا به پنهنجي والد سلطان عمر علي سيف الدين III (ٽئين) وانگر پڙهيل ڳڙهيل آهي. بنيادي تعليم ڪئالالمپور مان حاصل ڪرڻ بعد هي انگلنڊ جي فوجي اڪيڊمي ”رايل مليٽري اڪيڊمي، سئنڊ هرسٽ“ ۾ رهيو جتي اسانجي ايوب خان جهڙن فوجين فوجي ٽريننگ ورتي. هتي اها ڳالهه هاءِ لائيٽ ڪرڻ چاهيان ٿو ته سئنڊ هرسٽ اڪيڊمي ۾ ڪا عياشي ناهي. تمام سخت فوجي ٽريننگ ڏني وڃي ٿي. پر اها ڳالهه آهي ته برونائي يا ملائيشيا جهڙن ملڪن جي سلطانن ۽ بادشاهن پنهنجن ٻارن کي سخت جان ۽ ڊسيپلينڊ رکڻ لاءِ فوج ۾ موڪليو. ان ڳالهه ۾ اسانجي ننڍي کنڊ جي ڪيترن نوابن ۽ سردارن به پنهنجن ٻارن کي فوج ۾ موڪليو جيتوڻيڪ هو گهر ۾ وڏي ناز سان پليا نپنيا. اسان ڪئڊٽ ڪاليج ۾ هئاسين ته اسان جو ائڊجيوٽنٽ ڪئپٽن عالم جان محسود هو جيڪو پوءِ ليفٽيننٽ جنرل ٿي رٽائرڊ ٿيو. عالم جان محسود ڪو ننڍو ماڻهو نه هو. هو وزيرستان جي جنگجو قبيلي جي سردار جو پٽ هو ۽ هاڻ ته پاڻ سردار آهي. آئون هميشه اهو ئي سوچيندو آهيان ته جڏهن ههڙا سردار پنهنجن نازڪ ٻارن کي فوج ۾ موڪلي refine بنائين ٿا ته اسانجي سنڌ جا پير، مير، سردار پنهنجن ٻارن کي فوج ۾ ڇو نٿا موڪلين؟ پوءِ ڇا ٿو ٿئي جو هو وڏا ٿيو وڃن پر هنن جي عياشي جي عادت نٿي وڃي. هنن کان سج اڀرڻ کان اڳ فجر نماز تي به نٿو اٿيو ٿئي. مس مس ظهر نماز جي ٻانگن کانپوءِ اٿي نيرن پاڻي ڪن ٿا. بقول منهنجي هڪ ملئي سلطان دوست جي ”اها روٽين ته رنڊين جي ٿئي ٿي يا چورن ڌاڙيلن جي“.
    برونائيءَ جو سلطان حسن پاڻ ۾ چار ڀائر ۽ ڇهه ڀيڻيون آهن: ڀائرن ۾ محمد، سفري ۽ جيفري آهن ۽ ڀيڻن ۾: مسنيٰ، جافريا، نصيبا، نورين، رقيه ۽ ام ڪلثوم آهن. سلطان جا ڀائر به مختلف عهدن تي آهن. جيفري خزاني جو وزير هجڻ جي ناتي پئسو ضايع ڪيو ته ان تي به ڪيس هلايو ويو ۽ برونائي ڪورٽ هن کي ڏوهاري بڻائي کانئس ملڪ جو پئسو حاصل ڪيو. دراصل اهي ئي ڳالهيون آهن جيڪي عوام لاءِ سٺو پيغام ڏين ٿيون ته انصاف هر هڪ سان ٿيڻ کپي چاهي ڪو سلطان جو ڀاءُ هجي. اسان وٽ وڏيرن ۽ سرڪاري ڪامورن جا کريل ٻار وتن خون ۽ Rape ڪندا. گرفتار ٿيڻ تي به ڪا پرواهه نه اٿن ويتر وِڪٽري (جيت) جي “V” ٺاهيندا. چرچل ته ٻي جنگ عظيم کَٽڻ تي ”وي“ ٺاهي هئي پر اسانجا نوجوان ڏوهه ڪرڻ بعد شرمسار ٿيڻ بدران فخر محسوس ڪن ٿا ۽ پنهنجي فتح جو سنديش ڏين ٿا ۽ واقعي هو بنا سزا جي آزاد ٿيو وڃن جو اسان وٽ قانون فقط غريبن لاءِ آهي!
    سلطان حسن ال بوليخا ٽي شاديون ڪيون. پهرين شادي سلطان ٿيڻ کان اڳ پينگران انق صالحا سان ڪئي. دراصل شهزاديءَ کي ملئي ٻوليءَ ۾ Pengiran Anak سڏجي ٿو. حسن البوليخا جي سلطان بنجڻ بعد هوءَ راڻي (Raja Isteri) سڏي وئي ٿي. جيئن پهرين لکي آيو آهيان ته ملئي زبان ۾ هندي ۽ سنسڪرت جا تمام گهڻا لفظ آهن جو شروع ۾ هنن ملڪن جا ماڻهو هندو ۽ ٻڌ هئا.... جيئن ٿائلنڊ جا اڄ به گهڻي ڀاڱي ٻڌ آهن ۽ ٿائي زبان ۾ ڪيترا ئي سنسڪرت جا لفظ آهن. بهرحال ملئي لفظ استري جي معنيٰ زال آهي ۽ راجا معنيٰ بادشاهه يعني راجا جي زال سا ”راڻي“ ئي ٿي. ملئي ٻوليءَ ۾ مڙس لاءِ به هندي لفظ ”سوامي“ آهي. سلطان جو وڏو پٽ (ڪرائون پرنس) المتهدي بالله جيڪو پيءُ جي وفات بعد سلطان ٿيندو هن زال صالحا مان آهي. سلطان البوليخا ٻي شادي رايل برونائي ايئر لائين جي ايئر هوسٽس حاجا (حاجياڻي) مريم سان ڪئي جنهن کي 2003ع ۾ طلاق ڏني ۽ پوءِ ٻن سالن بعد 2005ع ۾ سلطان پاڻ کان 33 سال ننڍي جنهن ڇوڪري عذّرينا بنت مظهر حڪيم سان شادي ڪئي ان کان ملائيشيا جو هر رهاڪو واقف هوندو جو هوءَ ملائيشن ٽي وي تيگا (3) جي انائونسر ۽ ائنڪر پرسن هئي. پنج سال گڏ رهڻ بعد 2010ع ۾ سلطان هن کي به طلاق ڏئي آجو ڪيو. سلطان کي مٿين ٽن زالن مان پنج پٽ ۽ ست ڌيئرون آهن.
    سلطان جي ڪارن جي Collection لکڻ مهل ڪجهه ڪارن جا نالا وسري ويا..... اهي هن ريت آهن: Lamborghini، بينٽلي، Bugatti ۽ رولس رائس.... جن جون ڪمپنيون برونائي جي سلطان لاءِ جيڪي خاص ۽ exclusive ڪارون ٺاهين ٿيون اهڙيون هو نه ٻين کي وڪڻن ٿيون ۽ نه انهن جو اشتهار ڏين. سلطان ڪار ريسنگ، هيليڪاپٽر ۽ هوائي جهاز هلائڻ جي شوق کان علاوه پولو، گولف ۽ بئڊ منٽن به کيڏڻ ۾ پڻ دلچسپي رکي ٿو.
    انگلنڊ جي راڻي ايلزبيٿ جو پٽ چارلس خاص پولو کيڏڻ لاءِ سلطان وٽ برونائيءَ ۾ ايندو آهي. سلطان البوليخا کي سگار پيئڻ جو به شوق آهي ۽ هو فقط Gurkha Centurian برانڊ سگار ڇڪي ٿو جيڪو ڪيوبا جي ڪمپني فقط سلطان لاءِ تيار ڪري ٿي.
    هونءَ برونائيءَ ۾ ايندڙ سياحن (ٽوئرسٽن) لاءِ خاص ڪا به شيءِ نه ٺاهي وئي آهي پر جي توهان نوڪريءَ خاطر يا پنهنجي ڪنهن عزيز يا دوست سان ملڻ لاءِ برونائي آيا آهيو ته توهان جي ڏسڻ لاءِ ڪيتريون ئي شيون آهن. ”سلطان عمر علي مسجد“ کان وٺي ”استانا نورالايمان“ ڏسڻ وٽان آهي. ملئي ٻوليءَ ۾ محل کي Istana سڏجي ٿو. هي محل دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو پرائيويٽ گهر آهي. منجھس 788 ڪمرا ۽ 257 باٿ رومون آهن. سندس بئنڪٽ هال ايڏو وڏو آهي جو هڪ ئي وقت پنج هزار ماڻهو ويهي ماني کائي سگهن ٿا. هي محل عوام جي ڏسڻ لاءِ عيد الفطر جي موقعي تي ٽي ڏينهن کليل رهي ٿو. دنيا ۾ دهشتگرديءَ ڪري اڄ ڪلهه هرڪو احتياط ڪري ٿو نه ته جيستائين آئون ملائيشيا ۾ هوس ته اتي جا وزير، وزير اعظم مهاتير ۽ بادشاهه ۽ ٻياوڏا ماڻهو عيد تي پنهنجو گهر عوام لاءِ کوليندا هئا جنهن رسم کي ”اوپن هائوس“ سڏجي ٿو. ان ڏينهن تي ملڪ جو هر ماڻهو توڙي ملائيشيا ۾ آيل ڌاريان انهن جي گهرن ۾ وڃي نه فقط ماني ٽڪي کائي سگهيا ٿي پر انهن اهم ماڻهن سان هٿ به ملائي سگهيا ٿي. ساڳيو رواج برونائيءَ ۾ به هو ۽ هلندو اچي.
    9 سيپٽمبر تي سلطان جي وڏي پٽ مهتدي بالله جي هن محل ’نورالايمان‘ ۾ شادي جي دعوت ٿي هئي. ان وقت مهتدي 30 ورهين جو هو ۽ سندس زال شهزادي صالحا 17 سالن جي هئي. هن شاديءَ تي به دنيا جا ڪيترائي اهم ماڻهو آيا هئا جهڙوڪ جپان جو شهزادو نارُوهِتو، ملائيشيا جو بادشاهه، سعودي عرب جو شهزادو بندار ۽ شهزادو سعود ال فيصل، بحرين جو بادشاهه، سنگاپور، انڊونيشيا، ٿائلنڊ ۽ فلپين جا وزير اعظم، وغيره. شهزادي جي سوني ڇت واري رولس رائس ڪار ۾ سرگس نڪتي. هن وقت تائين کيس ٽي ٻار ٿي چُڪا آهن. پهريون پٽ عبدل منتخيم، ٻي ڌيءَ منيزان ۽ ٽيون پٽ محمد ايمان آهي جيڪو هن سال ڄائو آهي.
    شهزادو المهتدي بالله 1974ع ۾ ”بندر سري بيگوان“ ۾ ڄائو. پاڻ بنيادي تعليم برونائي جي مشنري اسڪول سينٽ ائنڊريو مان حاصل ڪئي ان بعد يونيورسٽي آف برونائي مان ۽ پوءِ انگلنڊ جي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان پڙهيو. پاڻ اڄ ڪلهه وزير اعظم جي آفيس ۾ سينئر وزير آهي. ان کان علاوه رايل برونائي پوليس فورس جو DIG (ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل) به آهي.
    اسانجي ملڪ جا، برونائيءَ ۾ نوڪريون ڪندڙ، خاص ڪري ملائيشيا ۾ رهندڙ انيڪ پاڪستاني اهو پڇندا آهن ته هتي جا بادشاهه ڪير آهن ۽ ڪٿان آيا. اڄ ڪلهه ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ برونائي وغيره الڳ الڳ ملڪ ٿي پيا آهن نه ته آڳاٽي زماني ۾ هنن پٽن جا سڀ ماڻهو ”ملايو“ سڏبا هئا ۽ پنهنجي سڃاڻپ جنهن ٻيٽ تي رهندا هئا ان سان ڪرائيندا هئا. جيئن ته بالي، جاواني، سماتري وغيره. مغربي ملائيشيا يعني ملايا ته بنهه ويران هو پوءِ سماترا پاسي کان اتي جو راجا ڪجهه رعيت سان ان هنڌ اچي رهيو جيڪو اڄ ملاڪا سڏجي ٿو. بلڪه ملائيشيا جي هن شهر کي ملاڪا نالو ان راجا ڏنو. اهڙيءَ طرح ملائيشيا جون ٻيون رياستون آباد ٿينديون ويون. جن تي هن تَرَ جا ئي وڏيرا ۽ ڀوتار حاڪم يعني ”سلطان“ ٿيندا ويا. اهڙيءَ طرح برونائيءَ ۾ به اتي جا مڪاني وڏيرا سلطان/بادشاهه ٿيا. پر برونائي جي هاڻوڪن سلطانن ۾ عربن جو به رَتُ آهي جو برونائي جي هڪ سلطان پنهنجي ڌيءَ جي شادي عرب سان ڪرائي جيڪو سندس مرڻ بعد برونائيءَ جو سلطان ٿيو.
    عرب نه فقط سٺا نيويگيٽر (سمنڊ تي تارن ذريعي رستو ڳولڻ وارا) هئا پر ايماندار واپاري به هئا. هينئر آهن يا نه آهن اها ٻي ڳالهه آهي پر آڳاٽي زماني جا بنا ڪنهن شڪ شبهي جي هئا ۽ سندن ايمانداري ۽ سٺين ڳالهين ڪري ملاڪا (ملايا) جو بادشاهه به مسلمان ٿيو ته برونائي جو سلطان اوانگ الڪ بيتاتار به..... جنهن اسلام ۾ داخل ٿيڻ بعد پنهنجو نالو محمد شاهه رکيو ۽ هي پهريون شخص آهي جنهن برونائيءَ جي سلطنت قائم ڪئي جنهن جو پاڻ 1368 کان مرڻ تائين (1402 تائين) سلطان رهيو.
    پڙهندڙن لاءِ هتي لکندو هلان ته عرب واپارين جوهنن پَٽن تي... ويندي چين تائين، وڏو اثر رسوخ هو. هنن جو هن پاسي اسلام کان به اڳ اچڻ وڃڻ هو. ايتريقدر جو سنڌ ۾ محمد بن قاسم جي اچڻ کان اڳ چين ۾ مسجد ٺهي هئي. چين جي تاريخ به اهو ٻڌائي ٿي ته برونائيءَ ۾ اسلام هنن مسلمان واپارين ۽ ملاحن ڪري آيو جن سنڌ‏، هند، سري لنڪا ۽ ڏکڻ اوڀر جي ملڪن تائين جهازراني ڪئي ٿي. هنن عربن جي برونائي جي شاهي درٻار ۾ ڪافي هلي ٿي. مثال طور 977 ۾ برونائيءَ جي ٻڌ راجا چين ۾ پنهنجو سفارتخانو قائم ڪرڻ چاهيو ته ان جي نمائندگيءَ لاءِ برونائيءَ کان ٽي مسلمان تاجر موڪليا جيئن هو چين ۽ برونائيءَ جي وچ ۾واپار کي وڌائين.
    برونائي جي پهرين سلطان جو مسلمان ٿيڻ تي برونائي سلطنت جي عزت ۾ واڌارو آيو. بادشاهه جي مسلمان ٿيڻ تي رعيت به اسلام جي دائري ۾ شامل ٿيندي وئي. هوڏانهن ملاڪا جو راجا مسلمان ٿيو ته هن جي پڻ سڄي عوام مسلمان ٿي وئي. اهڙيءَ طرح اسلام برونائيءَ کان اڳتي فلپين جي ڏاکڻي حصي تائين پهچي ويو. ان دوران عربستان کان ايندڙ ڪيترن مسلمان مبلغن برونائي جي شاهي خاندان ۾ شاديون ڪيون. انهن اسلام جي پرچار ڪندڙن ۾ سڀ کان اهم شريف علي، حضرت حسن رضه جي اولاد مان هو. هن مسلم برونائي جي ٻئي بادشاهه، سلطان احمد جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. سلطان احمد 1408کان 1425 تائين حڪومت ڪئي. هن جي وفات کانپوءِ هن کي پُٽ ٻار نه هجڻ ڪري سندس ناٺي شريف علي (عرب) برونائيءَ جو ٽيون بادشاهه ٿيو. هن پنهنجي سلطنت ۾ اسلامي تعليمات جي وڏي پئماني تي اشاعت ڪرائي، مسجدون ٺهرائين ۽ پنهنجي سلطنت کي ٻاهر جي حملا آورن کان محفوظ رکڻ لاءِ برونائي ٽائون (جيڪو هاڻ بندر سري بيگوان ٿو سڏجي) کان ٻن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هڪ مضبوط قلعو ٺهرايو. هو انصاف پسند ۽ رحمدل بادشاهه هو. هن جي وفات (1432ع) بعد سندس پٽ سلطان سليمان تخت نشين ٿيو. هن به قلعي جي تعمير جاري رکي ۽ اسلام جي اشاعت ۾ تمام گهڻو حصو ورتو. 1485ع ۾ هن پنهنجو تخت و تاج پنهنجي پُٽ سلطان بوليخا حوالي ڪري پاڻ وڃي مسجد وسائي.
    برونائي جي ترقيءَ جي تاريخ ۾ سلطان بوليخا جي حڪومت جو دور (1485 کان 1524) بيحد شاندار دور جو آغاز ثابت ٿيو. ”سلطان بوليخا“ برونائيءَ جو سڀ کان گهڻو قابل ۽ مشهور بادشاهه مڃيو وڃي ٿو. هن جي دؤر ۾ برونائي سلطنت وسعت، اثر رسوخ ۽ طاقت جي لحاظ کان عروج تي پهچي وئي. سلطان بوليخا جاوا، ملاڪا ۽ فلپين تي ڪامياب حملا ڪيا ۽ منيلا پڻ فتح ڪري ورتو. اهڙيءَ طرح هن جي ڏينهن ۾ برونائي سلطنت جون حدون پري پري تائين پکڙي ويون جنهن ۾ بورنيو ٻيٽ جو سڄو علائقو شامل ٿي ويو. هن جي حڪومت ۾ اسپين جو مُهمجُو فرڊيننڊ ميگلن 1521ع ۾ برونائي ٽائون پهتو. هو ۽ هن جا ساٿي شاهي درٻار جو شان شوڪت ڏسي وائڙا ٿي ويا. هو اهو ڏسي به حيرت ۾ پئجي ويا ته شهر جي هڪ علائقي ۾ گهر پاڻيءَ مٿان ٺهيل آهن ۽ اتي مرد توڙي عورتون ٻيڙين ۾ گهمندا وتن.
    هتي اهو لکندو هلان ته هن پاسي يعني ملائيشيا ۽ انڊونيشيا پاسي ڪيترن ئي هنڌن تي گهر پاڻيءَ مٿان آهن. ڪٿي ته سمنڊ جي ڪناري تي، جيئن ملاڪا ۾، جتي مون ڏهه سال کن نوڪري ڪئي. سمنڊ جي ڪناري تي ملئي ماڻهن جا گهر زمين کان پنج ڇهه فٽ مٿي ٿلهين ڪاٺين تي ٺهيل ٿين ٿا. هونءَ به هنن پٽن تي ملئي ماڻهو پنهنجا گهر زمين کان مٿي رکن. اهو ان ڪري جو جيئن سمنڊ جي وڏي ڇول اچي ته پاڻي گهرن ۾ نه ڪاهي پوي. ٻي ڳالهه ته هن پاسي مينهن ڏاڍو وسي ٿو.... ڪڏهن ڪڏهن ته هفتو به لڳاتار پيو پوي ۽ سڄا ڳوٺ پاڻيءَ ۾ ٻڏيو وڃن پر گهر بچيو وڃن جو اهي مٿي ٺهيل آهن. اهڙا گهر هتي ئي ٺاهي سگهجن ٿا جو هتي ڪاٺ جام آهي. ههڙن گهرن مان هتي جي ماڻهن کي اهو به فائدو آهي جو گهر هيٺ ٺهيل خالي جاءِ کي اسٽور طور ڪم آڻين جنهن ۾ پنهنجي سواريءَ جي ننڍڙي ٻيڙي پارڪ ڪن ، مڇين مارڻ جي ڄاري ۽ ٻيو سامان رکن. ڪيترا ڪڪڙيون ۽ بدڪون به پالين. پاڻ ڪاٺ جي پٽ تي سمهن ۽ ڪَنَ ڪڪڙين ڏي ڪن جيئن ڪنهن رات ڪو ازدها نانگ (Python) ڪڪڙين، بدڪن يا انهن جي بيضن کي ڳڙڪائڻ لاءِ اچي ته پکين ۾ ٽاڪوڙو پوڻ تي ڏنڊو کڻي ازدها کي ڀڄائڻ يا مارڻ جي ڪن. نانگ بلائون ايترو نقصان نٿيون رسائين. اهي دريءَ مان ملئي ماڻهن جي گهر ۾ اچيو وڃن ته به فڪر نه ڪن باقي ٿلها نانگ جيڪي ازدها (Python) ٿا سڏجن ۽ سڄي ڇيلي کي به ڳرڪايو وڃن، اهي جڏهن اچن ٿا ته گهٽ ۾ گهٽ ڏهه کن ڪڪڙيون ته ڳڙڪايو وڃن.
    ڪاٺ جا هي گهر ڪوالالمپور ، سنگاپور يا پينانگ جهڙن وڏن شهرن ۾ نه آهن پر برونائي جي گادي واري شهر بندر سري بيگوان جو هڪ يڪو حصو جيڪو برونائي نديءَ تي آهي پاڻيءَ ۾ هر وقت ٻڏل هجڻ ڪري هتي جا گهر پاڻيءَ مٿان آهن ۽ هنن گهرن تائين يا هن ڳوٺ ”ڪمپونگ آئر“ کي گهمڻ لاءِ ٻيڙي جي ضرورت آهي. هتي جي هن ڳوٺ ”ڪمپونگ آئر“ کي مشرق جو ”وينس“ به سڏين ٿا. ملئي ٻوليءَ ۾ ڳوٺ کي Kampong ۽ پاڻيءَ کي Air (آئر) سڏين.
    مٿي هڪ اسپيني سياح (Explorer) فرڊيننڊ مئگلين جو ذڪر ڪيو اٿم. دراصل اسپين وارن پهرين ڪرسٽافر ڪولمبس کي 1492 ۾ جهاز ۽ خرچ پکو ڏئي ايسٽ انڊيز ـــ يعني انڊيا، ملايا، بورنيو ڏي موڪليو ته مصالحن جي دنيا مان مصالحا کڻي اچي. انهن ڏينهن ۾ يورپ ۾ ڪارا مرچ (مريون)، لونگ، ڦوٽا، جئڦل، جاوتري وغيره سون ۽ چانديءَ جي اگهه تي مليا ٿي. ڪولمبس صاحب جتان وڃي پهتو اها دنيا ئي ٻي هئي ۽ هو 1492 کان 1503 تائين آمريڪا کنڊ جي مختلف هنڌن تي ويندو رهيو. ان بعد پورچوگال جي بادشاهه پنهنجي ملڪ جي جهازران واسڪوڊاگاما کي موڪليو. هو ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ وارو سمنڊ ڪراس ڪري آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري ۽ انڊيا تائين پهچي ويو. ان بعد ٻين سفرن ۾ ته پورچوگالي نه فقط سنگاپور کان وڃي نڪتا پر رستي تي سري لنڪا ۽ ملاڪا سلطنت تي قبضو به ڪري ورتائون.
    هوڏانهن اسپين وارن پنهنجي هڪ ٻئي بهترين ڪئپٽن (نيويگيٽر) فرڊيننڊ مئگلين حوالي پنج جهاز ڪيا ته هو ملايا، جاوا، سماترا، بورنيو ۽ فلپين پهچڻ لاءِ ڪا سامونڊي راهه ڳولي. ياد رهي ته تيستائين اڃان دنيا جو نقشو نه ٺهيو هو ڪنهن کي خبر نه هئي ته ڪهڙو سمنڊ ڪٿي آهي، ڪيڏو وڏو آهي ۽ ڪهڙن ملڪن کي ڇهي ٿو. ڪولمبس کي آمريڪا ۽ واسڪوڊاگاما کي انڊيا پهچڻ جي رستي جي ڄاڻ پئي ته هنن ان کي ايترو ته راز ۾ رکيو جو هنن ساڻن ڪم ڪندڙ ملاحن کي به نٿي ٻڌايو. ايتري قدر جو ڪيپ آف گڊ هوپ وٽ واپسي ۾ واسڪوڊاگاما جي ملاحن بلوو ڪيو ته واسڪوڊاگاما قطب نما (Magnetic Campas) کي سمنڊ ۾ اڇلي چيو ته هاڻ جيئن ڪرڻو اٿانوَ مونکي ڪريو. مونکان سواءِ ٻيو ڪو توهان ۾ آهي ئي ڪونه جو توهان کي صحيح سلامت لسبن (پورچوگال) پهچائي.
    فرڊيننڊ مئگلين 1480 ۾ پورچوگال جي هڪ امير گهر ۾ ڄائو. وڏو ٿي هو بهترين نيول آفيسر ثابت ٿيو جنهن کي اسپين جي بادشاهه چارلس پنج جهاز ۽ اڍائي سو کن ماڻهو ڏنا ته سامونڊي رستو ڳولي دنيا جي مصالحي کان مشهور ٻيٽ مَلوڪُو (Maluku) پهچي. ملوڪو ٻيٽ انڊونيشيا جو ئي حصو آهي ۽ جاوا، سماترا ۽ بورنيو ٻيٽن جي ڀر ۾ آهي.
    مئگلين اسپين جو ڪنارو ڇڏي ائٽلانٽڪ سمنـڊ ۾ ڏکڻ طرف هلڻ شروع ڪيو. ايستائين ته صحيح آهي جو اڄ سمنڊ جي ڄاڻ هجڻ ڪري اسين به ائين ئي ڪريون ٿا ۽ پوءِ سائوٿ آفريڪا جي ڇيڙي تي پهچي اوڀر ڏي مڙون ٿا جيئن انڊيا يا ملائيشيا ۽ سنگاپور هليا وڃون. جتان پوءِ مٿي اتر ڏي چين، جپان ۽ ڪوريا پهچجي ٿو. هي همراهه مئگلين هڪ ته سائوٿ آفريڪا کان پوءِ به گهڻو هيٺ ڏکڻ ۾ هليو ويو۽ ٻيو ته اوڀر پاسي مڙڻ بدران هن پنهنجي جهازن جو رخ ساڄي پاسي اولهه ڏي ڪيو. هلندو ويو، هلندو ويو ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ جون سعوبتون سهندو ويو. تان جو وڃي برازيل (سائوٿ آمريڪا) جي هيٺين ڇيڙي تي پهتو. ان بعد اڃان به اڳتي اولهه ڏي ويو. برازيل بعد پيسفڪ سمنڊ شروع ٿئي ٿو جيڪو سڪون وارو ڏسي هن شخص هن سمنڊ جو نالو رکيو Peaceful Sea يعني سڪون وارو سمنڊ جنهن کي هاڻ اسان پئسفڪ سمنڊ سڏيون ٿا. بهرحال سمنڊ کڻي ڪهڙو به هجي ڪڏهن ڪڏهن ته ضرور بگڙي ٿو ۽ هنن جا انهن ڏينهن وارا سڙهن وارا جهاز ته هليا به آهستي ٿي. سو ڪجهه نه ڪجهه ڏينهن هنن کي خراب سمنڊ به سٽيندو رهيو ۽ بک، اڃ ۽ ٿڪ ڪري جهاز جا خلاصي به ڇتا ٿيندا رهيا ۽ بلوا ڪندا رهيا پر ڪئپٽن مئگلين هڻي وڃي هنڌ ڪيو ۽ 1521 ۾ ان مصالحن جي ٻيٽ تي پهچي ويو. ۽ پوءِ هو ساڳي رستي تان يعني پئسفڪ واري پاسي کان موٽڻ بدران هندي وڏي سمنڊ کان آفريڪا جو پاسو ڏئي اسپين موٽڻ لڳو. دراصل پاڻ ته موٽي نه سگهيو جو فلپين واري لڙائيءَ ۾ مارجي ويو. باقي سندس خلاصي 1522 ۾ واپس اسپين کان اچي نڪتا. اهڙيءَ طرح هي پهريان اسپيني هئا جن دنيا جو گول ڦيرو ڪيو.
    اتر قطب ۾ برفاني رڇ آهن ته ڏکڻ قطب ۾ پينگئنون پکي. ڏکڻ آمريڪا جي هيٺان ڦيرو ڪندي جنهن جنس جون هنن پينگئنون ڏٺيون انهن جو بعد ۾ ڪئپٽن فرڊيينڊ مئگلين جي ياد ۾ Magellanic Penguin نالو رکيو ويو. هن جي بهترين نيويگيٽر هجڻ جي ياد ۾ ٻن ڪهڪشائُن (Galaxies) جيڪي جاڙيون نظر اچن ٿيون سندس نالي Magellanic clouds سڏجن ٿيون. چنڊ تي هڪ گِهٻُ (Crater) جو نالو پڻ هن جي ياد ۾ Magellaens Crater آهي.
    بهرحال هي اهي ڏينهن هئا جن تائين نه اليڪٽرسٽي ايجاد ٿي هئي نه بئالر ۽ انجڻيون. سخت سيءَ ڪري يورپ جي ملڪن جي حالت خراب هئي. ايشيا ۽ آفريڪا جا ملڪ وري به کاڌي پيتي ۽ معدنيات ڪري خوشحال هئا. ان ڪري ڪو به يورپي ايشيا ۾ آيو ٿي ته هو وائڙو ٿي ويو ٿي ۽ هن ڦرلٽ جو سوچيو ٿي. برونائي جهڙا ملڪ ته موسم توڙي مال پاڻيءَ ۾ بيحد سکيا ستابا هئا. فرڊيننڊ ميگلن برونائي به آيو ۽ پاڻ جيتوڻيڪ واپس وطن (اسپين) سلامت نه پهتو پر هن جي ماڻهن اسپين جي بادشاهه کي خوب مرچ مصالحا ملائي ٻڌايو ته ڏکڻ اوڀر ايشيا جون رياستون وڏيون امير آهن ۽ انهن تي حملو ڪجي ته وڏي دولت حاصل ڪري سگهجي ٿي. ٻين لفظن ۾ ميگلن جي آمد ڪري مسلمانن ۽ عيسائين جي ڊگهي جنگ جي شروعات ٿي ۽ اسپين کان فوجي هن پاسي اچڻ لڳا.
    ظاهر آهي اسپيني فوجين وٽ جديد ۽ بهتر اسلح هو جو هنن تازو ڏکڻ آمريڪا ۾ ريڊ انڊين ۽ پنهنجن يورپين سان وڙهي وڙهي تجربو حاصل ڪيو هو. انهن سببن ڪري هنن مسلمانن کي شڪست ڏئي 1571ع ۾ منيلا (فلپين) تي قبصو ڪري ورتو. هي ڪم بعد ۾ سلطان بوليخا جي پوٽي جي ڏينهن ۾ ٿيو. 1524 ۾ سلطان بوليخا جي وفات بعد هن جو پٽ سلطان عبدالقهار تخت نشين ٿيو. هو هڪ نيڪ ۽ عبادت گذار حاڪم هو. هن برونائيءَ ۾ سڪي (Currency) جي به شروعات ڪئي. هن جي دور ۾ ڪيترائي عالم ۽ دانشور اسلامي تعليمات پکيڙڻ جي مقصد سان سلطنت برونائي ۾ آيا. ڇهن سالن بعد 1530 ۾ سلطان عبدالقهار تخت ۽ تاج ڇڏي الله تعاليٰ جي عبادت ۾ مشغول ٿي ويو. برونائي جي تخت تي هن جو ڀائيٽيو سلطان سيف الرجال ويٺو جيڪو اسلام جو وڏو مبلغ ثابت ٿيو. هن بورنيو ٻيٽ جي هر علائقي ۾ ۽ فلپين تائين دين جي تبليغ لاءِ عالم موڪليا جيئن اهي مقامي ماڻهن کي مسلمان بنائين. هن بادشاهه جي دؤر حڪومت ۾ اسپينين منيلا تي قبضو ڪيو ۽ برونائيءَ تي حملو ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو.
    1581 ۾ جڏهن سلطان سيف الرجال وفات ڪئي ته هسپانين (اسپينين) کي حملي ڪرڻ جو سٺو موقعو ملي ويو. سلطنت ۾ جيئن ته هنگامي حالتون هيون ان ڪري هسپانين کي گهڻي مزاحمت جو مقابلو نه ڪرڻو پيو ۽ هنن برونائي ٽائون (جيڪو هاڻ بندر سري بيگوان سڏجي ٿو) تي قبضو ڪري ورتو. پر جيئن ته هو هن علائقيءَ جي مخصوص بيمارين جو مقابلو نه ڪري سگهيا ان ڪري هنن کي مجبوراً برونائي ڇڏڻو پيو نه ته هنن جو برونائيءَ کي به پنهنجي قبضي ۾ رکڻ جو ارادو هو. ويندي ويندي هنن برونائيءَ جي سموري دولت ٻهاري ورتي. ظاهر آهي لالچي هسپانين انهيءَ مقصد لاءِ برونائيءَ تي حملو ڪيو هو. بلڪ ان زماني ۾ هر بادشاه پنهنجو خرچ پکو ڪڍڻ لاءِ ٻئي ملڪ تي حملو ڪندو هو.
    هسپانوي حملي کان پوءِ برونائي سلطنت جي طاقت اها پهرين واري نه رهي. جن علائقن ۾ سلطان جي هلي ٿي اتي جي مقامي سردارن پنهنجي پنهنجي حڪومت قائم ڪري ورتي. برونائي سلطنت ختم نه ٿي پر ان جو سياسي دائرو مغربي بورنيو تائين محدود ٿي ويو. مصالحن جي تجارت ۾ جيئن ته هيءَ اهم مغربي تجارتي رستي تي هئي ان ڪري برونائي سلطنت جي آمدنيءَ جو واحد ذريعو مصالحن جو ڪاروبار يا ان تي ٽئڪس هڻڻ رهجي ويو.
    جيئن مٿي لکيو اٿم ته هسپانوي فوج برونائيءَ ۾ گهڻو نه ترسي. ڦرلٽ ڪري رواني ٿي وئي. ان جي واپسيءَ تي مقامي ماڻهن 1581 ۾ سلطان سيف الرجال جي پٽ ”سلطان شاهه برونائي“ کي پنهنجو بادشاهه ٺاهيو. هن جو ڪو پٽ نه هو ان ڪري 1582 ۾ هن جو ننڍو ڀاءُ سلطان محمد حسن برونائي سلطنت جو حاڪم ٿيو. هن 1598 تائين سورهن سال حڪومت ڪئي. هن بادشاهه جي دور ۾ برونائيَ هڪ دفعو ٻيهر ترقي ۽ خوشحاليءَ ڏي وڌيو. سلطان حسن مقامي سردارن ۽ ڀوتارن کي پنهنجو مطيع ڪيو ۽ سلطنت ۾ قانون ۽ انصاف جو راڄ ٿيو.
    هتي آئون بار بار لکان پيو ته برونائي واهه جو هو.... عوام خوشحال هو.... وغيره بنا شڪ جي برونائي ۽ اوسي پاسي جا علائقا سهڻا ۽ سڌريل هئا پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ان دؤر ۾ اسان وارا پاسا انڊيا يا ايران وغيره ڪي پٺتي پيل هئا. هرگز نه. انهن ڏينهن ۾ اسان برونائي وارن کان گهڻو اڳتي هئاسين. انڊيا ۾ مغلن جي حڪومت هئي. سلطان عبدالقهار جي ڏينهن ۾ يعني 1524 ۾، عبدالقهار جي سلطان ٿيڻ کان ٻه سال پوءِ 1526 ۾ بابر پاڻيپت جي جنگ کٽي هندستان جو حاڪم ٿيو. ۽ جڏهن اڪبر بادشاهه 1556 کان 1605 تائين حاڪم هو ته برونائي جا سلطان: سيف الرجال، شاهه برونائي، محمد حسن ۽ عبدالجليل الاڪبر حاڪم هئا. ۽ هوڏانهن ايران پاسي صفوي گهراڻي جو راڄ هو جنهن ۾ اصفهان شهر دنيا جو خوبصورت شهر مڃيو ويو ٿي. ان جا روڊ رستا ۽ پارڪ ڏسڻ لاءِ انگلينڊ ۽ فرانس جا شهزادا ايندا هئا ۽ اصفهان ”نصف جهان“ يعني ”اڌ دنيا“ سمجھي وئي ٿي. انهن ڏينهن ۾ ايران جو حاڪم محمد خدا بنده (1578 کان 1588 تائين) ۽ عباس اول عظيم (دي گريٽ) 1588 کان 1629 تائين هئا. انهن ئي ڏينبهن ۾ ”سر ٿامس رو“ نالي انگريز 1607 ڌاري جهانگير جي درٻار ۾ آيو هو ۽ هندستان ۾ واپار ۽ ڪارخاني لڳائڻ لاءِ مغل حاڪم کي عرض ڪيو هو.
    بهرحال هيڏانهن برونائيءَ ۾ 1598 ۾ سلطان محمد حسن جي وفات بعد سلطنت جو زوال شروع ٿيو. اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ شهزادا پاڻ ۾ وڙهندا رهيا. ايتري قدر جو ڪڏهن خانه جنگيون ٿي هليون ته ڪڏهن سلطان کي قتل ڪري ڪو شهزادو تخت تي ٿي ويٺو. هي سلسلو اڍائي سؤ سال کن هلندو رهيو جنهن ۾ ٽي يا چار سلطان ته قتل ڪيا ويا. ڪيڏانهن ويون اسلامي تعليمات ۽ امن امان جيڪو شروعاتي سلطانن هن سلطنت ۾ قائم ڪيو. خانداني جهيڙن مرڪزي حڪومت ڪمزور ڪري ڇڏيو ۽ بورنيو، فلپين ۽ برونائي جي صوبن تي مقامي گورنر حاڪم ٿي ويٺا.
    ”سلطان عمر علي سيف الدين ٻئي“ جي دؤر حڪومت (1828 کان 1852 تائين) ۾ يورپي استعمار پسند سلطنت برونائيءَ ۾ مداخلت ڪرڻ لڳا جنهن جي دعوت خود سلطان عمر عليءَ پاڻ ڏني. اڄ ڪلهه جي ملائيشيا جي سراواڪ رياست جيڪا مشرقي ملائيشيا (بورنيو ٻيٽ) تي برونائي جي چوڌاري آهي، اها انهن ڏينهن ۾ برونائيءَ جو حصو هئي. 1829 ۾ اتي جي ـــ يعني سراواڪ رياست جي مقامي سردارن سلطان عمر علي جي خلاف بغاوت ڪئي. هنن پنهنجن علائقن کي وڌيڪَ خود مختيار ڏسڻ چاهيو ٿي ۽ انهن کي اها به خبر هئي ته برونائي حڪومت روز بروز ڪمزور ٿي رهي آهي. بغاوت کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ سلطان عمر عليءَ جي صلاح سان هن جي چاچي راجا هاشم مودا انگريز نيول آفيسر جيمز بروڪ کان مدد گهري جيڪو بعد ۾ ”سفيد راجا“ (White Raja) جي نالي سان مشهور ٿيو. سفيد راجا جيمس بروڪ ۽ سندس گهراڻي تي مون تمام گهڻو تفصيل سان لکيو آهي. هتي مختصر طور فقط اهو لکندس ته جيمس بروڪ 1803 ۾ هندستان جي شهر بنارس ۾ ڄائو ۽ اتي ئي پليو نپنيو. جوان ٿيڻ تي هو هڪ فوجيءَ جي حيثيت ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو. هو مشرقي حسن جو دلداده هو. هڪ دفعي جڏهن هو ڏکڻ اوڀر ايشيا ويو ته بورنيو ٻيٽ هن کي ايڏو ته وڻي ويو جو هو اتي ترسي مخصوص علائقي ۾ حڪومت ڪرڻ جا خواب ڏسڻ لڳو. قدرت جلدي هن جي خوابن کي سچ بڻايو.
    1839 ۾ جڏهن جيمز بروڪ پنهنجي بحري جهاز ۾ سوار ٿي سنگاپور کان بورنيو وڃي رهيو هو ته رستي تي سنگاپور جي گورنر معرفت کيس راجا هاشم جو هي پيغام مليو ته جيڪڏهن هو پنهنجي جهاز تي لڳل توبن سان بمباري ڪري باغين کي آڻ مڃڻ تي مجبور ڪندو ته برونائيءَ جو سلطان عمر علي سيف الدين ٻيو کيس بورنيو ٻيٽ جو ڏکڻ اولهه وارو حصو (يعني اڄ واري ملائيشيا جي سراواڪ رياست) هن کي انعام طور ڏئي ڇڏيندو.
    جيمز بروڪ بمباريءَ کان وڌيڪَ سياسي حڪمت عمليءَ کان ڪم وٺي باغين کي مطمئن ڪري ڇڏيو ۽ اهڙيءَ طرح ساليانو پنج سؤ پائونڊ ڏيڻ جي بدلي ۾ سلطان عمر عليءَ نه رڳو کيس سراواڪ جو علائقو ڏئي ڇڏيو پر هن کي ’راجا‘ جو خطاب به ڏنو. اهڙي طرح سفيد راجائن (White Rajas) نالي انگريزن جي بورنيو ٻيٽ جي هڪ حصي تي حڪومت قائم ٿي. ٻي جنگ عظيم تائين هو سراواڪ ۾ اڇي ڪاري جا مالڪ رهيا.
    هن مان پڙهندڙن کي اندازو ٿيندو ته اسان مشرق جي ماڻهن وٽ جيسين طاقت هئي ته عربن فرانس ۽ اسپين تائين به وڃي حڪومت ڪئي. ترڪي جي عثمانيا سلطنت رومانيا، بلغاريا ۽ آسٽريا تائين حڪومت ڪئي ۽ جڏهن اسان جي مشرق جي حاڪمن عوام جو خيال ڪرڻ ڇڏي ڏنو، هو پنهنجي ۽ پنهنجي ملڪ جي بچاءَ لاءِ طاقتور بنجڻ ۽ وقت سان گڏ ماڊرن شين جي ايجادن تي ڌيان ڏيڻ بدران رڳو عيش عشرت جي زندگيءَ ۾ ڪاهي پيا ته پوءِ انگريزن جهڙا، هڪ ڏورانهين ننڍڙي ٻيٽ جا به هنن تي حاوي ٿي ويا.... پوءِ اهي اسان جا مشرقي حاڪم سنڌ جا مير هجن يا هند جا مغل يا هن پاسي ملائيشيا جا سلطان ـــ سڀني جو انجام شرمناڪ ٿيو. شايد اهي ڌڪ کائي اڄ جا ملئي ماڻهو ــــ چاهي ملائيشيا جا هجن يا برونائي ۽ انڊونيشيا جا، تمام گهڻو خبردار آهن. هو موجوده وقت جي حالتن ۽ تقاضائن کي ڏسي پاڻ ۽ پنهنجي اولاد کي محنتي ۽ عوام جو خذمتگار بنائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هو عوام کي جاهل رکڻ بدران تعليم يافته بنائين ٿا. هو عوام جي صحت ۽ خوشحالي لاءِ دوا درمل، اسپتالون ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڪارخانا کولين ٿا. هو امن امان ۽ انصاف غريب توڙي امير لاءِ هڪ جهڙو ۽ سخت رکن ٿا. نتيجي ۾ هي ملئي ماڻهو جيڪي اسان جي مقابلي ۾ غريب ۽ ڄٽ هئا اڄ اسان کان گهڻو گهڻو اڳيان نڪري ويا آهن. اسانجو ملڪ خاص ڪري اسان جو صوبو سنڌ ته بنهه پٺتي رهجي ويو آهي. صوبي جا جيڪڏهن ٻه چار سياستدان، وزير، پير مير سجادهه نشين يا رشوت خور ڪامورا ڪروڙ پتي يا ارب پتي ٿي ويا آهن ته ان جو مطلب سڄي سنڌ ته خوشحال نه ٿي وئي آهي؟ بلڪ هنن جي خوشحالي ۾ لُٽ ڦر، عوام کي غريب ۽ ڪنگال بنائي ڇڏيو آهي.
    اڄ به سخت سيءَ ۽ گرميءَ ۾ سنڌ جي ڳوٺن جون نياڻيون توهان کي پيرين اگھاڙيون نظر اينديون.
    سراواڪ جي سفيد راجا جيمز بروڪ آهستي آهستي ايتري طاقت حاصل ڪري ورتي جو برونائي حڪومت لاءِ خطرو ٿي پيو. گهڻي کان گهڻي زمين حاصل ڪرڻ جي حوس اهو رنگ ڏيکاريو جو 1846ع ۾ جيمز بروڪ پنهنجو بحري جهاز ڪاهي برونائي ٽائون پهچي ويو. هن سلطان عمر عليءَ کي ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن ”لابوآن“ (Labuan) ٻيٽ جو هن کي مالڪ نه ٺاهيو ويندو ته هو پنهنجين توبن ذريعي برونائيءَ جي گادي واري شهر ”برونائي ٽائون“ کي نيست و نابود ڪري ڇڏيندو. فوجي ۽ معاشي طور ڪمزور سلطان ڪري به ڇا ٿي سگهيو؟ آخرڪار هن کي جيمز جو مطالبو مڃڻو پيو. اهڙيءَ طرح ”لابوآن“ ٻيٽ تي به جيمز بروڪ جي حڪومت قائم ٿي وئي جتي ڪوئلي جون ڪيتريون ئي کاڻيون قائم هيون.
    لابوآن ٻيٽ لاءِ هتي ٻه سٽون لکندو هلان ته هي ٻيٽ اڄ به وڏي اهميت رکي ٿو ۽ ملائيشيا جي ٽن فيڊرل علائقن مان هڪ آهي. هن جا باقي ٻه علائقا آهن ڪئالالمپور ۽ ان جي ڀرسان بحريا ٽائون جهڙو نئون شهر پُتراجايا . لابوآن (Labuan) صباح رياست جي ڀرسان ”ڏکڻ چيني سمنڊ“ ۾ آهي. هي ٻيٽ تجارتي ۽ معاشي سرگرمين کان مشهور آهي. هتي ڊيپ واٽر تيل ۽ گئس جي نڪرڻ ڪري، ملائيشيا امير ملڪ ٿي ويو آهي. هونءَ هي لفظ لابوآن ملئي لفظ لابوهان (Labuhan) مان نڪتو آهي جنهن جي معنيٰ آهي بندرگاهه (Harbour).
    هن واقعي کانپوءِ ”سلطان عمر علي سيف الدين ٻئي“ برطانوي حڪومت سان سٺا تعلقات قائم ڪرڻ جي غرض سان تجارتي معاهدو ڪيو. ان جو هڪ مقصد جيمز جي وڌندڙ داداگيريءَ کي به روڪڻو هو. جيتوڻيڪ حقيقت اها هئي ته بورنيو ٻيٽ تي جيمز برطانوي حڪومت جو ئي نمائندو هو. علائقي تي قبضو ڪرڻ لاءِ هن کي برطانوي نيويءَ ڀرپور مدد ڪئي هئي. ان ڪري جڏهن جيمز لابوآن تي قبضو ڪري ورتو ته برطانوي حڪومت هن کي ان ٻيٽ جو گورنر مقر ڪيو.
    اهڙي طرح برونائيءَ جا حاڪم انگريزن جي وڇايل ڄار ۾ ڦاسي پيا جيڪا هنن وڏي عياريءَ سان وڇائي هئي. وقت سان گڏ گڏ انگريزن برونائيءَ جي اوسي پاسي جي ڪيترن ئي علائقن تي قبضو ڪري ورتو ۽ سلطانن کي سالاني رقم ڏيڻ کان ٽرڪائيندا رهيا. ان جي باوجود برونائيءَ ”سلطنت“ جي حيثيت سان پنهنجي شناخت قائم رکي. سلطنت جي زنده رهڻ جو ڪريڊٽ ڪيترا ماڻهو سلطانن کي ٿا ڏين پر آئون ٻي جنگ عظيم کي ئي ڏيندس جنهن ۾ انگريزن کي گهر ۾ جرمنن ۽ ٻاهر جپانين جي موچڙن اهڙو ڪمزور ڪري ڇڏيو جو پوءِ هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي بمباري بعد انگريزن جي سوڀ ضرور ٿي پر هو بي بس ٿي ويا ۽ هندستان، سلون، برما، ملائيشيا ۾ پنهنجا چنبا ڍرا ڪرڻ لڳا. نه ته ڪو انگريز اسان کي ڇڏين ها!
    1888ع ۾ برطانيه جي مدد سان برونائي ۾ زمين هيٺ موجود تيل جي ذخيرن جي خبر پئي. انهن ڏينهن ۾ برونائي جو سلطان ’هاشم جليل عالم‘ هو جنهن ذريعي انگريزن سان معاهدو ٿيو ته هو برونائي جي حفاظت خاطر Protectorate قائم ڪندا جيئن برطانوي حڪومت آفريڪا جي ملڪن ڪينيا وغيره ۽ عرب امارات ۾ ڪري چڪا هئا.
    مٿين سلطان جي 1906 ۾ وفات بعد ’سلطان محمد جمال‘ برونائي جو بادشاهه ٿيو. هن پنهنجي قوم کي جديد تعليم سان سنواريل ڏسڻ چاهيو ٿي. ان غرض خاطر هن 1911 ۾ ڪيترائي اسڪول قائم ڪيا. دراصل هن جي ئي دور ۾ باقاعدي تيل جي کوهن جي کوٽائي شروع ٿي. 1929ع ڌاري برونائي جي ”سيريا“ علائقي مان تيل نڪري آيو ۽ 1932 ڌاري اهو بين الاقوامي منڊين تائين پهچي ويو. يعني ڏٺو وڃي ته برونائي جي سلطانن وٽ عربن جي شيخن کان گهڻو گهڻو اڳ تيل جي دولت اچي وئي ۽ اڄ به برونائي عرب ملڪن کان امير آهي. هن سلطان جي وفات بعد سندس پُٽ سلطان احمد تاج الدين 1924 کان 1950 تائين برونائيءَ جوسلطان ٿيو جنهن جي دور حڪومت ۾ ٻي جنگ عظيم شروع ٿي. 1941 ۾ جپانين سنگاپور ۽ ملائيشيا سان گڏ برونائيءَ تي به قبضو ڪري ورتو ۽ 1945 ۾ جپانين جي واپسي ٿي.
    جپانين جي دورِ حڪومت ۾ برونائيءَ ۾ تيل جي صنعت کي تمام گهڻو نقصان رسيو ۽ ماڻهن کي سخت تڪليف برداشت ڪرڻي پئي. جنگ ختم ٿيڻ بعد هر ڳالهه نارمل ٿيڻ لڳي. 1947 ۾ برونائيءَ جو قومي ترانو تيار ڪيو ويو. هونءَ ته جتي جتي ۽ جيستائين انگريزن جي حڪومت رهي، چاهي آفريڪا جو ڪينيا هجي يا يوگنڊا، ايشيا جو هانگ ڪانگ هجي يا سري لنڪا ۽ ملائيشيا، اتي انگلنڊ جو قومي ترانو ئي وڄايو ويو ٿي جنهن ۾ انگلنڊ جي راڻي/بادشاهه جي وڏي عمر ۽ سوڀ لاءِ دعا گهري وئي ٿي.
    God save the Queen
    Send her victorious
    Happy and glorious
    Long to reign over us
    God save the Queen.
    توبه توبه! خبر ناهي ڪيئن اسان جا وڏا دهلي، ڪلڪتي، ڪراچي ۽ ٻين اسڪولن ۾ صبوح جو اسيمبليءَ ۾ دل تي پٿر رکي چوندا هئا ته انگلنڊ جي راڻي صاحبا جي نه رڳو عمر وڏي ٿئي پر اسان مٿان ڊگهي عرصي لاءِ حڪومت ڪندي رهي! غلامي به ڇا ڏکوئيندڙ شيءِ آهي. انگريزن ۽ يورپين کان آزادي حاصل ڪندڙ آفريڪا ۽ ايشيا جا ملڪ اڄ خوشحال آهن. تعليم، صحت، امن امان، انصاف ۽ روزگار جا سک اٿن جو هاڻ اتي ڪنهن راڻي يا بادشاهه جو راڄ ناهي پر جمهوريت آهي. پر اسان جهڙن ايڪڙ ٻيڪڙ ملڪن جي ماڻهن لاـءِ اهو سوالي نشان آهي ته ڇا اسان وٽ واقعي جمهوريت آهي يا ظالم قسم جي بادشاهت جنهن ۾ خوشحاليءَ جهڙي ڪا شيءِ ناهي. اڄ جي دور ۾ جڏهن ٿائلنڊ، برونائي، سعودي عرب، ڪويت، سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ جهڙن ملڪن ۾ بادشاهي راڄ هوندي به عوام لاءِ سُک آهن اتي اسان جهڙي ملڪ خاص ڪري اسان جي صوبي سنڌ جي غريب عوام جي حالت اٿوپيا ۽ ويٽنام جي ڏڪار واري حالت کان به بدتر آهي. بهرحال اسان برونائيءَ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون جن انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ بعد پنهنجي ملڪ جو قومي ترانو به انگريزن جي نموني جو ٺاهيو. جيئن ته: ”الله پليهار اڪان سلطان...... منهنجا مؤلا! اسان جي سلطان تي رحمتون نازل ڪر.
    Kebawah Duli Yang Maha Mulia
    کيس وڏي حياتي ڏي
    Adil Berdaulat menaungi nusa
    عدل ۽ شان سان سلطنت تي راڄ ڪري
    Memimpin rakyat kekal bahagia
    جيڪو رعيت جي خوشحاليءَ جو سوچي.
    Hidip sentosa Negara dan sultan
    شل هميشه سک سان جيئي سلطان ۽ رياست
    Ilahi selamatkan Brunei Daraussalam
    الاهي سلامت رک اسان جي ملڪ برونائي دارالسلام کي.“
    برونائي جو سڄو نالو ”برونائي دارالسلام“ آهي يعني برونائي ـــ سلامتيءَ جو گهر. جيئن سنڌ ”باب الاسلام“ ٿي سڏجي. هونءَ هن پاسي يعني ملئي آرڪپلگو ۾ اهو به فئشن آهي ته ملڪ يا رياست جي نالي سان گڏ عربي نالو به لڳايو وڃي ٿو جيئن ملائيشيا ۾ ڪوالالمپور جي ڀر واري رياست ”سلينگور“ (جنهن جي گاديءَ جو شهر شاهه عالم آهي) پاڻ کي دارالاحسان سڏائي ٿي. ايئرپورٽ کان ڪوالالمپور شهر ڏي ايندي ويندي توهان کي روڊ تي ٺهيل دلي دروازن تي Selangor- Darul Ehsan لکيل نظر ايندو. اهڙيءَ طرح ”جوهور“ رياست جيڪا سنگاپور جي ڀر واري رياست آهي اها پاڻ کي ”دار التعظيم“ سڏائي ٿي جنهن جي گاديءَ جي شهر جو نالو ”جوهور بارو“ آهي. ملئي ٻوليءَ ۾ بارو (Baru) معنيٰ نئون، لاما (Lama) معنيٰ پُراڻو....... جيئن اسان وٽ هالا نوان ۽ هالا پُراڻا آهن. ملائيشيا، انڊونيـشيا ۽ برونائي جهـڙن ملڪن ۾ توهان کي ساڳيو شهر لاما به ملندو ته بارو به. سنگاپور کان ريل، بس يا ڪار رستي سامونڊي پل ٽپي ملائيشيا جي سرزمين جي شروعاتي شهر ”جوهور بارو“ ۾ داخل ٿيندائو ته توهان کي هن رياست ”جوهور“ جو نالو هن ريت لکيل نظر ايندو: “Johor-Darul Takzim” يعني جوهور دارالتعظيم. ملئي زبان عربي نموني سان به لکي وڃي ٿي جنهن کي ”جوي“ سڏجي ٿو ۽ رومن انگريزيءَ ۾ به جنهن کي رومي سڏجي ٿو. ان ۾ ق ۽ ڪ اکر لاءِ Q آهي، ع لاءِ K آهي جيئن ”رعيت“ جيڪو ملئي لفظ به آهي ملئي رومي ۾ Rakyat لکيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح چ لاءِ انگريزي اکر C لکيو وڃي ٿو جيئن ملئي لفظ Cucu چُو چُو آهي معنيٰ ڏهٽو پوٽو.
    برونائيءَ جو مٿيون قومي ترانو برونائيءَ جي حاجي محمد يوسف 1947۾ لکيو جنهن جي ڪمپوزنگ حاجي اوانگ بيسار بن سگاف ٺاهي. ان کي 1951 ۾ قومي تراني جو درجو ڏنو ويو پر ان کي 1 جنوري 1984 تي رات جي 12 بجي ڳايو ويو جنهن وقت برونائيءَ کي انگلنڊ طرفان آزادي ملي.
    هتي پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا توڙي برونائيءَ جي ڪجهه ملئي ماڻهن جا نالا، خاص ڪري جھوني جڳ جي ماڻهن جا نالا اسان ڌارين کي ضرور عجيب لڳندا. جيڪي ملئي زبان کان اڻ واقف آهن. اهي اهو ئي سوچيندا ته هي ڪهڙا اسلامي نالا آهن. پر هي نالا ائين آهن جيئن اسان وٽ، ڌڻي بخش، آگي ڏنو، ڪرڙ، گھوٽ، انب، آچر، جمعو وغيره. مٿي لکيل قومي تراني جي ڪمپوزر جو نالو ”بيسار“ ملئي دنيا ۾ عام آهي جنهن جي معنيٰ آهي وڏو، عظيم. Sagap جي معنيٰ آهي وٿي Gap. ملئي رومي زبان ۾ ف جي اچار لاءِ P لکيو وڃي ٿو. جيئن لطيفا ڇوڪريءَ جو نالو ملئي ماڻهو Latipa لکن. اهڙيءَ طرح ٻيا مشهور ملئي نالا آهن. بجانگ (ڪنوارو)، پوتيح (اڇو)، بولان (چنڊ، قمر)، بُنگا (گل)، چهايا (روشن)، اسنين (سومر)، مُودا (نوجوان)، مُرني (نج، پوتر)، سبتو (ڇنڇر).... وغيره.
    برونائيءَ جي جھنڊي جي فيلڊ جو رنگ هئڊو Yellow آهي. ان لاءِ لکندو هلان ته هن پاسي اهو رنگ سلطانن ۽ بادشاهن جي نشاني آهي. هنن جي گهرن، بسترن ۽ چادرن جو رنگ هئڊو (زردو) رکيو وڃي ٿو. هنن جا موڪليل عيد ڪارڊ به ان رنگ جا ٿين ٿا. هڪ عام ماڻهو کي اهو رنگ استعمال ڪرڻ کان دل شڪستڪو ڪيو وڃي ٿو جو هن پاسي جي دنيا ۾ اهو شاهي (Royal) رنگ آهي. ويندي ٿائلنڊ جو بادشاهه به شاهي محل جي هر شيءِ ان رنگ جي پسند ڪري ٿو.
    برونائي جي لوگو (emblem) تي عربيءَ ۾ برونائي جو قومي motto لکيل آهي. ”الدائمون المحسنون بالهديٰ “ جنهن جي انگريزيءَ ۾ معنيٰ لکيل آهي:
    “Always render service with God’s guidance”
    مٿي لکي چڪو آهيان ته ٻي جنگِ عظيم جي ختم ٿيڻ بعد برونائيءَ ۾ زندگي معمول تي اچي وئي. جپانين جيڪي ظلم چينين سان سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ ڪيا انهن کان ملئي ماڻهن جو ڪافي بچاءُ رهيو. برونائي جي سلطانن سان ته هو پنهنجي حساب سان وري به سٺو هليا باقي ملڪ جي ملڪيت جي ڀينگ ڪري ڇڏيائون. جپانين جي شڪست بعد جپاني ته ٿڌا ٿي ويا پر انگريز حاڪم جيڪي وري ملائيشيا، سنگاپور ۽ برونائيءَ ۾ موٽي آيا، انهن ۾ به اها پهرين واري ”ٽون ڦان“ ۽ ”همت“ نه رهي. انڊيا، پاڪستان، سري لنڪا کي ته 1947ع ۾ ئي آزادي ڏئي ڇڏي پر برونائي جهڙي ڪمزور ملڪ جو به 1949 ڌاري، ”برطانوي فوجي انتظاميا“ ملڪ جو نظم و نسق سلطان حوالي ڪري ڇڏيو.
    1950 ۾ برونائيءَ جي جديد تاريخ ۾ سونهري دؤر جو آغاز ٿيو جڏهن سلطان احمد تاج الدين جو ننڍو ڀاءُ سلطان عمر علي سيف الدين III (ٽيون) تخت نشين ٿيو. هو برونائيءَ جي مسلم بادشاهت جو اٺاويهون بادشاهه ٿيو.
    هن سلطان (عمر علي ٽئين) تيل مان حاصل ٿيندڙ آمدنيءَ مان ڀرپور فائدو ورتو ۽ پهرين پنج ساله منصوبو (1953-58) ترتيب ڏنو. ان سان برونائيءَ ۾ نهايت شاندار انتظامي ڍانچو تيار ٿيو ۽ ملڪ پنهنجي سر ڀرجھلو ٿيو. هن جي ئي ڏينهن ۾ ملڪ ۾ ڪيترائي تعليمي ادارا ۽ بندر سري بيگوان واري وڏي مسجد ٺهي.
    سلطان عمر عليءَ جو هڪ وڏو ڪارنامو 1959ع ۾ برونائيءَ جي تحريري آئين جي تدوين آهي جنهن ذريعي خودمختيار حڪومت قائم ٿي ۽ برطانوي ريزيڊنٽ جو عهدو هاءِ ڪمشنر ۾ بدلايو ويو. بهرحال هاءِ ڪمشنر دستور موجب اهم معاملن ۾ سلطان کي صلاح مشورا ڏيندو رهيو ۽ ان جو اثر رسوخ پهرين وانگر برقرار رهيو.
    1967 ۾ برونائي جي پنهنجي نئين ڪرنسي ’برونائي ڊالر‘ جي شروعات ٿي. ان ئي سال سلطان عمر علي رضاڪارانه طور اقتدار پنهنجي وڏي پٽ سلطان حسن ال بوليخا حوالي ڪري ڇڏيو. جنهن پنهنجي پهرين تقرير ۾ ان جو اظهار ڪيو ته هو پنهنجي پيءُ جون پاليسيون ۽ رٿيل پروگرام جاري رکندو. سلطان عمر عليءَ پنهنجي دؤرِ حڪومت ۾ برونائيءَ کي مالي ۽ معاشرتي لحاظ کان صفِ اول جي ملڪن ۾ آڻي بيهاريو. اهلِ برونائي، هن جي خذمتن کي مدِ نظر رکي، اهو صحيح ٿي چوي ته هي سلطان (عمر علي سيف الدين ٽيون)، جديد برونائيءَ جو معمار“ هو. سندس 1986ع ۾ انتقال ٿيو.
    سلطان عمر عليءَ پنهنجي دؤر ۾ برونائيءَ کي مڪمل آزادي ڏيارڻ جي سلسلي ۾ ڪيترائي دفعا برطانيا جي حڪومت سان بحث مباحثا ڪيا هئا. 1979ع ۾ نئين سلطان حسن ال بوليخا آئين ۾ تبديليون آنديون جنهن بعد برطانيا جي حڪومت برونائي جي فقط غير ملڪي ۽ دفاعي امور جون ذميواريون سنڀاليون. آخرڪار 1984ع ۾ برونائي هڪ آزاد مسلم ملڪ جي حيثيت سان دنيا جي نقشي تي آيو. هي ملڪ هاڻ پنهنجي سلطان جي قيادت ۾ معاشي ۽ معاشرتي ترقيءَ جون نيون ۽ اعليٰ منزلون حاصل ڪري رهيو آهي.
    ***


    برونائيءَ جا اهم شهر

    برونائي ملڪ بورنيو ٻيٽ جي اتر اولهه ڪناري تي آباد آهي. هڪ وڏي ڇانهينءَ تي ويٺل ننڍڙي پوپٽ جو مثال ورتو وڃي ته ڇانهين ڄڻ ته بورنيو ٻيٽ آهي ته پوپٽ برونائي ملڪ آهي جنهن جي پکيڙ 5770 چورس ڪلوميٽر آهي. بورنيو ٻيٽ جيڪو دنيا جو ٽيون نمبر ۽ ايشيا جو وڏي ۾ وڏو ٻيٽ آهي، پکيڙ ۾ برونائيءَ کان اٽڪل سؤ دفعا وڌيڪَ 744000 چورس ڪلوميٽر آهي.
    برونائيءَ جي ٽن طرفن کان ملائيشيا جي رياست سراواڪ آهي ۽ چوٿين طرف ڏکڻ چيني سمنڊ آهي. ان کان علاوه سراواڪ جي هڪ پٽي برونائي کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿي. هڪ ملڪ جي اها جاگرافيائي بيهڪ بيشڪ نرالي چئي سگهجي ٿي. يعني حيدرآباد ضلعي کان به هڪ ننڍو ملڪ جيڪو ٻن ٽڪرن ۾ آهي ۽ هڪڙي (حصي) کان ٻئي ۾ پهچڻ لاءِ توهان کي هر وقت سراواڪ (ملائيشيا) جي ان پٽيءَ مان گذرڻو پوي ٿو جيڪا برونائيءَ کي ٻه اڌ ڪري ٿي. يا وري سمنڊ رستي هڪ حصي کان ٻئي حصي ۾ پهچي سگهجي ٿو.
    برونائيءَ جو ڪناري وارو علائقو ميداني آهي. اندروني علائقا جابلو ۽ گھاٽن جھنگلن سان ڀريل آهن. بلڪه ڏٺو وڃي ته ان ننڍڙي ملڪ برونائيءَ جو به 85 في سيڪڙو جھنگل آهي. جبلن تان نديون، نيون وهي هيٺ ساحلي علائقي ڏي اچن ٿيون. هتي جون توڙي ملائيشيا جون نديون اسان جي ملڪ جي سنڌو نديءَ وانگر ناهن جيڪا جبلن تي برف ڳرڻ تي وهي اچيو عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري. هن پاسي ايڏا وڏا جبل ناهن جن تي سڄو سيارو برف گڏ ٿيندي رهي. بلڪ خطِ استوا جي ويجھو هجڻ ڪري هيڏانهن سيارو ٿئي ئي ڪونه. باقي اهو آهي ته هن پاسي مينهن ڏاڍو وسي ٿو. جنهن جو پاڻي درياهن ذريعي سمنڊ ۾ اچيو ڇوڙ ڪري. ملائيشيا ۾ ڏسندو هوس ته ڪڏهن ڪڏهن هفتو کن مينهن نه وسندو هو ته درياهن جو پاڻي پٽ وڃي وٺندو هو. برونائيءَ جو سڀ کان وڏو درياهه ”سنگائي بلايت“ (Sungai Belait) آهي جيڪو برونائي جي چئن ضلعن مان اولهه واري هڪ ضلعي بلايت مان لنگهي ٿو. ”سنگائي“ ملئي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ ئي درياهه يا ندي آهي. توهانکي سنگائي نالي وارا ڳوٺ برونائي توڙي ملائيشيا ۾ جام ملندا جيئن اسان وٽ ”ٽنڊي“ وارا: ٽنڊو ڄام ٽنڊو سومرو، ٽنڊو قيصر، ٽنڊوآدم وغيره تيئن برونائي ۽ ملائيشيا ۾ ڪيترن ڳوٺن جا نالا ”سنگائي“ (ندي/درياهه) سان آهن جيئن ته سنگائي پيلاڪ (بد روح) سنگائي بُرونگ (پکي)، سنگائي اڊانگ (گانگٽ)، سنگائي پيتاني (ڪڙمي)، سنگائي بولان (چنڊ يا مهينو) سنگائي بيسي (لوهه) وغيره. برونائيءَ جي بلايت ضلعي (دائره) تي اهو نالو ان ڪري پيو جو هتي بلايت نالي قوم جا ماڻهو گهڻا رهن ٿا. ٻي ڳالهه اها ته هن پاسي ضلعي يعني ڊسٽرڪٽ کي ملئي ٻولي ۾ دائره(Daerah) سڏين ٿا. هر ضلعي جا تعلقا ”مقيم“ (Mukim) سڏجن ٿا. بلايت ضلعي جا ڪجهه شهر/تعلقا (Mukim) آهن. ڪئالا بالائي، ڪئالا بلايت، ليانگ، سيريا (Seria) وغيره ٽوٽل 8 مقيم آهن. انهن ۾ سمجھو ته ”ڪئالا بلايت“ بلايت ضلعي جو گاديءَ جو شهر آهي. هر مقيم (تعلقي) ۾ ڪيترائي ڳوٺ ٿين ٿا جيڪي ”ڪمپونگ“ سڏجن ٿا. هن ضلعي جي ٽوٽل آدمشماري هڪ لک به مس آهي جنهن مان اڌ کان وڌيڪ ماڻهو ڪئالا بلايت ۽ ڀر واري شهر سيريا ۾ رهن ٿا جتي تيل جا ڪارخانا آهن. اسان جا پاڪستاني به گهڻي کان گهڻا ڪئالا بلايت شهر ۾ رهن ٿا جتي ڪيترائي تعليمي ادارا آهن جن ۾ هو پڙهائين ٿا. 1985 ڌاري اسانکي به اتي جي هڪ ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ مئرين انجنيئرنگ پڙهائڻ جي آفر ٿي هئي پر پوءِ منهنجو ساٿي ڪئپٽن احمد حسين مخدوم هليو ويو پر آئون ملائيشيا ۾ ئي ترسي پيس. پر اڄ جي ڪڏهن ڪنهن کي انهن ٻن ملڪن مان هڪ کي ترجيح ڏيڻي پوي ته هو برونائيءَ جي چونڊ ڪري. سهولتن ۽ پگهار ۾ دبئي ۽ سعودي عرب کان برونائي بهتر آهي پر شهريت (Citizenship) ڏيڻ ۾ جهڙا عرب ملڪ ڪنجوس آهن تهڙا هي ڏکڻ اوڀر جا ملڪ. توهان ڀلي ويهه سال نوڪري ڪريو پر شهريت هرگز نه ڏيندا. ڏٽا ۽ آسرا اهڙا ڏيندا جو ڳالهه نه پڇو. هڪ خيال کان سٺو به ڪن ٿا جو ڌارين جي اچڻ ڪري بقول هنن جي ماحول خراب ٿو ٿئي. پر سعودي عرب جهڙن ملڪن ۾ گهٽ ۾ گهٽ فلسطين جهـڙن عرب ملڪ جي ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ ڏيڻ کپي. جو ان سان سعودي عرب وارن جي نه زبان تي نه ڪلچر تي رهنڊ اچي ٿي. ملائيشيا وارا وري به پنهنجي هم زبان ۽ ڪلچر وارن انـڊونيشين کي خاموشيءَ سان پنهنجو ڪري ڇڏين ٿا. اسانجي ماڻهوءَ کي جي ڌاريئن ملڪ جو پاسپورٽ هٿ ڪرڻو آهي ته پوءِ گهٽ پگهار تي نيوزيلئنڊ، آسٽريليا، ڪئناڊا، USA يا انگلنڊ ۾ نوڪري ڪرڻ کي ترجيح ڏين جتي هنن کي هميشه جي لاءِ رهڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو. پاسپورٽ ملي سگهي ٿو.
    پاڻ برونائي جي هڪ ندي سنگائي بلايت جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته اها هتي جي ڊگهي ۾ ڊگهي ندي آهي جيڪا سڄي بلايت ضلعي مان لنگهي ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. منهنجي ملڪ جا پڙهندڙ ان جي سنڌوندي يا ويندي جھلم ۽ چناب جهڙين ندين سان به ڀيٽ نه ڪن جو برونائي جي هيءَ ڊگهي ندي به اسان جي ماڻهن لاءِ ڪُئي جو پڇ آهي. جيڪڏهن هيءَ سڄي ملڪ برونائيءَ مان لنگهندي هجي ها ته به وڏي ڳالهه نه سمجهجي ها جو برونائي ڪو وڏو ملڪ ته ناهي. سندس جملي پکيڙ 5770 چورس ڪلوميـٽر آهي يعني برونائيءَ جو سڄو ملڪ اسان جي حيدرآباد ضلعي (5520 چورس ڪلوميٽر) يا گھوٽڪي ضلعي (6083 چورس ڪلوميٽر) جي لڳ ڀڳ آهي.
    برونائي ملڪ چئن حصن يعني ضلعن (Daerah) ۽ 38 تعلقن (Mukims) ۾ ورهايل آهي. سڀ کان وڏو ضلعو بلايت آهي جيڪو سمجھو ته اڌ برونائيءَ جيڏو آهي پر وڏو وڏو ته به 2724 چورس ڪلوميٽر آهي يعني اسان جي ڪشمور ضلعي (جيڪو 2600 چورس ڪلوميٽر آهي)، ميرپور خاص (2925 چورس ڪلوميٽر) يا نوشهري فيروز جي لڳ ڀڳ ٿيو جيڪو (2945 چورس ڪلوميٽر) آهي. سو برونائيءَ جي ڊگهي ۾ ڊگهي ندي ”سنگائي بلايت“ وڌ ۾ وڌ 70 ڪلوميٽر ٿيندي جو بلايت ضلعي جي ڊيگهه 65 ڪلوميٽر آهي ۽ ويڪر 40 ڪلوميٽر.
    برونائي جا باقي ٽي ضلعي آهن: توتانگ (Tutong) جيڪو ضلعي بلايت سان مليل آهي. ان بعد ملائيشيا جي رياست سراواڪ جو هڪ ضلعو برونائيءَ جي باقي حصي کي الڳ ٿو ڪري. ان باقي حصي ۾ جنگل ۽ جبلن وارو ضلعو تيمبُرونگ Temburong آهي جيڪو تقريبا توتانگ ضلعي جيڏو (300 چورس ڪلوميٽر) آهي پر سندس آدمشماري تمام گهٽ 9 هزار کن ٿيندي.... يعني اسان جي ڳوٺن گلاب تيغاڻي، گپچاڻي، ملان مکڻ، ٻڍاپور يا ڳوٺ انور خان نظاماڻيءَ جي به آدمشماري وڌيڪَ آهي. ائين ته سڄي برونائي ملڪ جي آدمشماري 4 لک آهي. ان کان چئوڻي ته دادو ضلعي جي 17 لک آهي ۽ جيڪب آباد جي 15 لک آهي.
    برونائي جو چوٿون ضلعو مئارا جيڪو سمنڊ جي ڪناري تي آهي اهو ايراضيءَ ۾ سڀ کان ننڍو 570 چورس ڪلوميٽر آهي يعني اسان جي مٽياري ضلعي جي اڌ کان به ننڍو ٿيو (جو مٽياري ضلعي جي ايراضي 1400 کن چورس ڪلوميٽر آهي) پر آدمشاري سڀ کان گهڻي اٿس..... سڄي ملڪ برونائيءَ جي اڌ کان به وڌيڪَ.... اٽڪل ٽي لک ماڻهو هن ضلعي ۾ آهن. اسانجي پاسي جي پٽن جي ته ڳالهه ئي نه پڇو جو مٽياري ضلعو جنهن ۾ هالا شهر به اچي وڃي ٿو ان جي آدم شماري 6 لک آهي.
    برونائيءَ جي هن ضلعي مئارا (Muara) جي آدمشماري ان ڪري گهڻي آهي جو گاديءَ وارو شهر ”بندر سري بيگوان“ هن ضلعي ۾ آهي. برونائيءَ جو هي ضلعو مئارا جيتوڻيڪ ڪراچي وانگر سمنڊ جي ڪناري تي آهي ۽ هتي جو ڏکڻ چيني سمنڊ به اسان جي عربي سمنڊ وانگر سال جا ٽي چار مهينا جوش ۽ ڇتائيءَ ۾ رهي ٿو پر برونائيءَ جو هي بندرگاهه وارو ضلعو ’مئارا‘ ڪراچي وانگر کليل سمنڊ جي منهن ۾ ناهي. هتي کليل سمنڊ کان اڳ خليج (Bay) آهي ان بعد کليل سمنڊ شروع ٿئي ٿو. هي خليج جيڪو ”برونائي بي“ سڏجي ٿو بلڪل ”ٽوڪيو بي“ وانگر آهي جنهن ڪري ٽوڪيو وانگر بندر سري بيگوان به قدرتي طور سامونڊي طوفانن ۽ لهرن کان بچيل رهي ٿو. اسان جو ڪراچي ائين ناهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته عربي سمنڊ ۾ پيدا ٿيندڙ طوفان (سائڪلون يا ٽائفون) ڪراچي ڏي رخ ڪندي ڪندي اتان عربستان ڏي لڙيو وڃن ۽ اوستائين پهچڻ ۾ انهن جو پريـشر ۽ رفتار گهٽجيو وڃي ۽ اهي عرب علائقا به سامونڊي لهرن جي نقصان کان بچيو وڃن. اهڙن طوفانن جي راهه ۾ جيڪي بحري جهاز اچن ٿا اهي ۽ انهن ۾ سوار ضرور سَٽجيو پون. هونءَ قدرت جو نظام اهڙو آهي جو اڄ ڏينهن تائين ڪنهن سامونڊي طوفان يا سوناميءَ ڪراچيءَ جو رخ نه ڪيو آهي پر الله نه ڪري جيڪڏهن ڪا سامونڊي طوفاني لهر ڪراچي ڏي ڪاهي پوي ته سڄو ڪراچي ٻڏي وڃي. ڇو جو سڄي ڪراچي سطح سمنڊ کان گهڻو هيٺ آهي ۽ اهو پاڻي واپس سمنـڊ ڏي وڃڻ بدران ڪراچيءَ کي ڍنڍ بڻائي ڇڏي.
    سنگائي برونائي نالي هڪ ٻي ندي برونائيءَ جي هن ضلعي مئارا مان ٿيندي بندر سري بيگوان بندرگاهه وٽ خليجِ برونائيءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هتي جي درياهن ۾ اهي گوڙ گڙڪا يا جوش ناهن جنهن سان ڪو ميهار شڪايت ڪري سگهي ته ”تو ڇو ٻوڙي منهنجي سُهڻي“! هتي جون نديون ننڍيون آهن ۽ سندن دارو مدار مينهن جي وسڻ تي آهي. ”سنگائي برونائي“ بندر سري بيگوان وٽان لنگهڻ ڪري هن شهر کي ائين رونق ٿي بخشي جيئن ٿيمز ندي لنڊن کي يا چائو فرا ندي بئنڪاڪ کي. هن نديءَ جي ڪناري تي سلطان برونائيءَ جو سرڪاري گهر ”استانا نورالايمان“ آهي ۽ هتي جو مشهور آبي ڳوٺ (Kampong Ayer) به هن نديءَ تي آهي. هن ڳوٺ جا سڀ گهر، دڪان وغيره برونائي نديءَ ۾ پاڻي مٿان ڪاٺ جي پيلپاين تي ٺهيل آهن. هڪ گهر کان ٻئي گهر وڃڻ لاءِ يا ڪناري تي اچڻ لاءِ هر ڪو پنهنجي ننڍڙي ٻيڙي استعمال ڪري ٿو يا ڀاڙي تي کڻندڙ مسافرن واري ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿئي ٿو جنهن کي بئنڪاڪ جي ڀاڙي جي ٻيڙين وانگر ”ٽئڪسي “ سڏجي ٿو. اڄڪلهه ته برونائي جي ان ”ڪمپونگ آئر“ کي واهه جون سهڻيون ٽيڪسي ٻيڙيون ٿي پيون آهن جيڪي ملڪ جي خوشحاليءَ جو ڏيک ڏين ٿيون. بئنڪاڪ جي مقابلي ۾ بندر سري بيگوان ائين آهي جيئن ڪراچيءَ جي مقابلي ۾ لاهور. ڪراچيءَ وڃ ته ڀڳل رستا، دونهون ڇڏيندڙ رڪشائون ۽ کنڊهرن جهڙيون بسيون جن جي اندر ماڻهن کي رڍن وانگر سٿيو وڃي ٿو ته کليل ڇت تي انهن کي ڀولڙن وانگر اوڪڙون وهاريو ٿا. ۽ لاهور ۾ توهان کي فارينر به نظر اچن ٿا، ميٽرو بسون به آهن ته شهر جي ٽوئر ڪرڻ لاءِ ڊبل ڊيڪر بسون به! هونءَ اسان جهڙن ملڪن ۾ سنڌونديءَ يا نيل نديءَ جهڙيون نديون ماڻهن، جانورن ۽ زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي مهيا ڪن ٿيون. انسان لاءِ پاڻي اهم شيءِ آهي ان ڪري دنيا جون پراڻيون تهذيبون ۽ ڳوٺ درياهه جي ڪنارن تي آهن جيئن هو پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجن وهٽن لاءِ پاڻي حاصل ڪري سگهن. اهـڙي طرح هن پاسي ـــ ملائيشيا، برونائي ۽ انڊونيشيا ڏي به آڳاٽيون رهائشون درياهه ڪناري آهن پر توهان کي حيرت ٿيندي ته هتي جون نديون ان مقصد لاءِ نه آهن جنهن لاءِ اسان وٽ آهن يا هيون. ڇو جو هن پاسي جون نديون ٻنين ٻارن کي پاڻي ڏيڻ بدران ٻنين ٻارن مان مينهن جو پاڻي ڪڍن ٿيون. ٻي ڳالهه ته هنن پٽن تي سڄو سال ايڏو ته مينهن پوي ٿو جو درياهه مان پاڻي نيڻ جي ضرورت ئي ناهي. ها البته آڳاٽي زماني ۾ هتي جي ماڻهن درياهه جي ڪناري تي ڳوٺ ان ڪري ٻڌا جو هن ملڪ ۾ اهڙا ته گھاٽا جهنگل هئا جو انهن مان هلڻ ناممڪن هو. پراڻي زماني ۾ هنن ملڪن ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃڻ لاءِ ٻيڙين ذريعي درياهه ۾ ئي سفر ڪيو ويو ٿي. هينئر به برونائيءَ جو مٿيون حصو، خاص ڪري تيمبرونگ (Temburong) ضلعو گھاٽو جهنگل (Rain forest) آهي. پر اهو آهي ته هنن ندين جو پاڻي خاص ڪري شروعات وارن حصن جو بيحد صاف سٿرو آهي. هن پاسي جا ملڪ جابلو هجڻ ڪري درياهن جي پاڻيءَ ۾ اها رءُ يا لَٽَ ناهي جيڪا اسان جي ندين ۾ آهي ۽ ان کان علاوه سرڪار طرفان سختي آهي ته ڪو به درياهه ۾ گند ڪچرو نه اڇلي خاص ڪري فئڪٽرين وارا.
    هڪ ٻي ندي ”سنگائي پاندارئان“ جيڪا پڻ بندر سري بيگوان وٽ خليج برونائيءَ ۾ اچيو ٿي ڇوڙ ڪري بورنيو ٻيٽ کان اچي ٿي ۽ سراواڪ جي ضلعي لمبانگ ۽ برونائي جي ضلعي تيمبورونگ جي وچ مان لنگهي بين الاقوامي بارڊر ٺاهي ٿي. هن درياهه تي فيري سسٽم آهي ۽ سراواڪ ۽ برونائي پاسي جا ماڻهو انهن فيرين ذّريعي هڪ ٻئي وٽ اچن وڃن.
    مٿي برونائيءَ جي گادي واري شهر بندر سري بيگوان جي هڪ حصي ”ڪمپونگ آئر“ (آبي ڳوٺ) جو ذڪر ڪندي اهو ٻڌائڻ وسري ويو ته پاڻيءَ مٿان جھوپڙا ٺاهي رهڻ وارا هي ڳوٺاڻا ڪي غريب نه آهن. ڪو زمانو هو جو هي مهاڻا، ماڇي، ساٽي غريب هئا جن جو گذر سفر مڇي مارڻ ۽ وڪڻڻ تي هو پر هاڻ برونائيءَ جو غريب کان غريب به ايڏو امير آهي جو هن کي پنهنجي ڪار آهي. پاڻيءَ مٿان ٺهيل هن ڳوٺ (ڪمپونگ آئر) جي ماڻهن وٽ به هاڻ پنهنجيون ڪارون آهن جيڪي ڪناري تي پارڪ ٿيل آهن. گهر اڳيان ٻيڙي رکن..... جنهن ۾ پاڻيءَ وارو حصو ٽپي ڪناري تي اچن ۽ ٻيڙيءَ کي اتي ٻڌي پنهنجي ڪار ۾ سوار ٿي گهمڻ ڦرڻ لاءِ هليا وڃن.
    پئسي جي ڪري برونائيءَ ۾ ايڏي تبديلي آئي آهي جو هي مهاڻا، ماڇي اڄ ڪلهه مڇيون ڦاسائڻ ۽ وڪڻڻ جهڙا ڪم نٿا ڪن. هرڪو ڊپارٽمينٽنل اسٽور ۾ هليو وڃي جتان مختلف ملڪن کان امپورٽ ٿيل پسند جي مڇي وڃيو خريد ڪري. سنگاپور ۾ به پئسو اچڻ ڪري اهو حال وڃي ٿيو آهي. سنگاپور ۾ جتي اڄ کان اڌ صدي اڳ جهازن تي هر قسم جي نوڪري ڪرڻ لاءِ اتي جا نوجوان آماده هئا هينئر ڪو به جهاز جي نوڪري نٿو ڪري جو بقول هنن جي ته هنن کي ڪناري تي ئي جڏهن ايڏيون سٺيون ۽ وڏي پگهار واريون نوڪريون مليو وڃن ته پوءِ سامونڊي زندگيءَ جا ڇو ڏاکڙا ڏسن.
    برونائي جي هن ضلعي بلايت جو هڪ ته وڏو شهر ڪئالا بلايت آهي جتي لاءِ لکي چڪو آهيان ته اتي اسان جي ملڪ توڙي انڊيا جا ڪافي ماڻهو نوڪرين ۾ آهن خاص ڪري تعليمي ادارن ۾. ڪئالا بلايت شهر برونائيءَ جي گاديءَ واري شهر ”بندر سري بيگوان“ کان سؤ کن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. بلايت ضلعي جو ٻيو مشهور شهر ”سيريا“ آهي جيڪو ڪئالا بلايت کان 16 کن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اتر اوڀر ۾ آهي. سيريا شهر برونائي جي تيل ۽ گئس انڊسٽري جي دل سڏيو وڃي ٿو. سندس سڄو نالو ”پيڪان سيريا“ آهي. ملئي ٻوليءَ ۾ Pekan ٽائون کي چئجي ٿو. هونءَ ته هن جو آڳاٽو نالو پڊانگ براوا (Padang Berawa) هو جنهن جي معنيٰ آهي ”جھنگلي ڪبوترن جو ميدان“ پر پوءِ انگريزن جي حڪومت دوران هنن هن جو نالو سيريا رکيو جيئن ودودرا جو بڙودا، قاهري جو ڪيرو، چنائي جو مدراس وغيره رکيو. پر هتي SERIA نالو ”سائوٿ ايسٽ رزروڊ انڊسٽريل ايريا“ جو مخفف آهي. هتي پهريون تيل جو کوهه 1929 ۾ کوٽيو ويو. سيريا جي کوهن مان اڄ تائين تيل ۽ گئس نڪرندو رهي ٿو. قدرتي گئس کي هتي جي ڪمپني BLNG (برونائي لڪئيفائڊ نئچرل گئس) وارا ٽئنڪر جهازن ذريعي جپان ۽ ڪوريا موڪلين ٿا. تيل ۽ گئس جو ڪم ڊچ (هالنڊ جي رهاڪن) حوالي آهي. اسان جا پاڪستاني، انڊين ۽ ٻين ڌارين ملڪن جا به هن شهر سيريا ۾ ڪافي رهن ٿا جيڪي گهڻو ڪري هتي جي ”رايل ڊچ شيل“ ڪمپنيءَ جا ملازم آهن.
    هتي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي ڄاڻ لاـءِ اهو لکندو هلان ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته برونائيءَ ۾ نوڪري ڪندڙن جا پگهار هڪ طرف سٺا آهن ته سهولتون ٻئي طرف آهن جيڪي سعودي عرب به نٿو ڏئي. جيڪڏهن ڪنهن کي برونائيءَ ۾ نوڪري ملي ٿي وڃي ته هو اکيون پوري اچي سگهي ٿو. پر اسان جي ملڪ جي اڻ ڄاڻ ماڻهن لاءِ جيڪي نوڪريءَ جي لالچ ۾ ظالم ايجنٽن هٿان لٽجيو وڃن، ڪي ته ويندي ٻاهرن ملڪن ۾ پهچي جيلن حوالي ٿيو وڃن، انهن کي اهو ڌيان ۾ رکڻ کپي ته برونائيءَ ۾ نوڪري فقط انهن کي ملي ٿي جيڪي ڪنهن خاص سبجيڪٽ جا پروفيسر آهن يا ڪنهن خاص فيلڊ ۾ انجنيئر يا ڊاڪٽر آهن. جن لاءِ برونائي حڪومت اخبارن ذريعي اشتهار ڏئي ٿي جيڪي ASEAN ملڪن (ملائيشيا، انڊونيشيا، ٿائلنڊ، سنگاپور وغيره) جي اخبارن ۾ اچن ٿا ۽ هو ڪوشش ڪري پهرين چانس انهن کي ڏين ٿا ٻي صورت ۾ پاڪستان، هندستان ۽ ٻين ملڪن جي اميدوارن کي ڏين ٿا جيڪي انٽرنيٽ تي مٿين ملڪن جي اخبارن ۾ اشتهار پڙهي اپلاءِ ڪن ٿا. هر پوسٽ لاءِ انٽرويو (ٽيليفون ذريعي) ۽ آخري چونڊ برونائي جي پبلڪ سروس ڪميشن ڪري ٿي. فائنل چونڊ ۽ اميدوار جي رضامندي بعد ان ڏي ويزا ۽ ٽڪيـٽ موڪلي وڃي ٿي. سو ڪو ايجنـٽ توهان کي چوي ته ٽي چار لک ڏيو ته توهان کي نوڪري وٺرائي ڏيانو ٿو. ته اهو نسورو فراڊ آهي. ڪيترا ايجنٽ اسانجي غريب ۽ مجبور بي روزگارن کي اهو به ڏٽو ڏيندا آهن ته توهان کي برونائي جي فئڪٽري ۾ ڪو ٽيڪنيڪل ڪم يا مزدوري ٿا وٺرايو ڏيون. ان ڳالهه کي به شڪ جي نگاهه سان ڏسڻ کپي ڇو جو برونائيءَ ۾ جتي امير ملئي مسلمان رهن ٿا اتي چيني ۽ پٺاڻ به رهن ٿا جن جي محنت ۽ همٿ سان اسان جو ماڻهو مقابلو ڪري نٿو سگهي. ۽ هونءَ به جڏهن هنن وٽ پنهنجا چيني، پٺاڻ ۽ گورکا شهري موجود آهن ته هو پاڪستان جهڙي هڪ ڏورانهين ۽ ڌارئين ملڪ مان ماڻهو ڇو گهرائين؟ ڪراچيءَ کان جيترو ڪوالالمپور پري آهي اوترو ئي بندر سري بيگوان ڪوالالمپور کان به پري آهي. مون ڏٺو آهي ته اهڙن هيٺين ڪمن لاءِ ــــ بورچي، واڍي، اليڪٽريشن، گهر يا آفيس جي ڇنڊ ڦوڪ لاءِ، برونائي حڪومت بورنيو ٻيٽ جي رهاڪو انڊونيشي ماڻهن کي يا وري بنگلاديش جا گهرائي ٿي جو هڪ ته اهو ملڪ کين اسان کان ويجھو آهي ۽ ٻيو ته مونکي ياد آهي ته 1984 ۾ جيئن ئي برونائيءَ کي آزادي ملي ته ان وقت جي بنگلاديش جي صدر برونائي جي سلطان کي چيو هو ته ”عرب ملڪ پري هجڻ ڪري اهي ته اسان جي غريب ماڻهن کي نوڪري نٿا ڏين، گهٽ ۾ گهٽ توهان برونائي وارا اسانجو خيال ڪيو. ۽ ان ڳالهه لاءِ اڄ تائين بنگلاديش جي سفارتخاني وارا برونائي حڪومت کي چوندا رهن ٿا.“
    ان جي باوجود اهڙو ڪو پورهيو يا مزدوري جيڪڏهن اسان جي ماڻهوءَ کي آفر ٿئي ٿي ته هو ضرور ڏسي ته هن کي ان نوڪري جو ليٽر، ويزا، ۽ ٽڪيٽ موڪلي وئي آهي يا نه. ڪيترا ٺڳ ايجنٽ اهو ڏٽو ڏيندا آهن ته توهان وزٽ ويزا تي هلو پوءِ اتي سندن ماڻهو نوڪري جو بندوبست ڪندو. پهرين ڳالهه ته برونائي جي وزٽ ويزا به هر هڪ کي نٿي ملي جو هو چاهين ئي ڪونه ٿا ته ڪو اسان جهڙي ملڪ جو ٽوئرسٽ سندن ملڪ ۾ پهچي. باقي ان گهمڻ جي ويزا تي ڪيترا ٺڳ ايجنٽ، اسان جي سادن ماڻهن کي ملائيشيا موڪليندا رهن ٿا جيڪي اتي پهچي بي يارو مددگار ٿيو وڃن. ڪيترا ته ڪوڙي ويزا يا ان جو مدو ختم ٿيڻ تي جيلن حوالي ٿيو وڃن. ڪيڏي ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته ملائيشيا ۾ سڀ کان گهڻا اسان جي ملڪ جا جيلن ۾ آهن ۽ انهن ۾ به اڌ کان وڌيڪَ سنڌ جي ڳوٺن جا آهن جيڪي تعليم نه هجڻ ڪري اهڙن ٺڳ ايجنٽن جو سولائيءَ سان شڪار ٿي چڪا آهن. پرديس وڃڻ ۽ اتي خبرداري کان ڪم وٺڻ جي سلسلي ۾ منهنجا ڪيترائي مضمون شايع ٿي چڪا آهن جيڪي شڪارپور جي سنڌيا پبليڪيشن وارن منهنجي ڪتاب ”وٺو وڏ ڦڙو“ ۾ پڻ ڏنا آهن.
    پاڻ برونائي جي بلايت ضلعي جي شهر سيريا جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته اتي 1929 کان تيل ۽ گئس نڪرندو اچي جنهن برونائيءَ کي دنيا جو امير ترين ملڪ بنائي ڇڏيو آهي. ٻي جنگ عظيم دوران 7 ڊسمبر تي جپانين پرل هاربر تي حملو ڪيو ۽ نون ڏينهن بعد، 16 ڊسمبر تي صبح جو چئين بجي هو هن شهر سيريا ۾ داخل ٿيا. هنن لاءِ تيل جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ هي شهر سون جي جھرڪي هئي. سيريا جي تيل جي کوهن تي برونائي شيل پيٽروليم ڪمپني جي ملازمن ڪم ٿي ڪيو ۽ سيڪيورٽي خاطر برطانيا هڪ ته ”برٽش آرمي رايل انجنيرس“ جا انجنيئر رکيا هئا ۽ ٻيا ”15 هين پنجاب ريجيميٽ“ جي سيڪنڊ بٽالين جا فوجي جنهن ۾ ننڍي کنڊ جا سک، پنجابي مسلمان ۽ هندو ۽ پٺاڻ هئا. جپانين جي من جون مرادون پوريون نه ڪرڻ لاءِ اسان جي سپاهين تيل جي کوهن کي سيمنٽ سان پڪو ڪري ڇڏيو. پر پوءِ جپانين هڻي وڃي هنڌ ڪيو ۽ سوڀارا ٿيا ۽ پنهنجي لاءِ تيل جي ضرورت جو پورائو ڪرڻ لڳا.
    جپانين جي ٽي چار سال حڪومت دوران هنن برونائي ۾ به ملائيشيا ۽ سنگاپور وانگر اسڪولن ۾ انگريزي بند ڪري جپاني هلائي. هر سرڪاري ملئي آفيسر لاءِ ٽي مهينا جپاني سکي امتحان ڏيڻ لازمي ڏنو ويو. برونائي جي اصلي ڪرنسي ختم ڪري جپانين پنهنجا نوٽ جاري ڪيا جن کي مقامي ماڻهن ٽوڪ طور ”دوئت پسانگ“ (Duit Pisang) سڏيندا هئا. ملئي ٻولي ۾ ناڻي يا پئسن کي دُوئت سڏين ٿا ۽ پسانگ معنيٰ ڪيلو. يعني اهي نوٽ جنهن جي ڪا ساک نه هجي جيئن اسان بيمار حڪومت کي ”بنانا حڪومت“ سڏيون ٿا. جنگ دوران جتي انگلنڊ وارا کُٽندا رهيا، يعني غريب ٿيندا رهيا (ايتريقدر جو انگلنڊ ۾ انگريز چانهه جي استعمال ٿيل پتيءَ کي ٻئي ڏينهن به استعمال ڪرڻ لڳا) اتي جپانين جو به جنگ پٺيان خرچ وڌڻ لڳو جو ڪمائي ايتري نه پئي ٿي. نتيجي ۾ هر شيءِ مهانگي ٿيڻ لڳي.
    ٻن سالن بعد (1943ع) ۾ جپاني ڪرنسي جي اها حالت ٿي جو هڪ ”روٽي چَنائي“ (اڦراٽو) خريد ڪرڻ لاءِ نوٽن جي ٿڦي ڏيڻي ٿي پئي. جنگ جي خاتمي وقت ته انهن نوٽن جي ڪا به وئليو نه رهي. ان وقت جي انهن نوٽن مان ٻه ٽي مونکي به هڪ مَلئي دوست سوکڙيءَ طور ڏنا هئا ۽ ٿي سگهي ٿو اخبار يا ڪتاب جو پبلشر انهن جي به تصوير ڏئي.
    هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي آمريڪن طرفان ائٽم بم ڪيرائڻ بعد جپانين جنگ بند ڪئي پر هتي برونائيءَ ۾ ان کان ٻه چار مهينا اڳ آسٽريليا جي نيوي جا جهاز پهچي ويا تن جپانين مٿان خوب گولا باري ڪئي جنهن ۾ جپانين جا جهاز ته برباد ٿي ويا پر ان سان گڏ برونائيءَ جون ڪيتريون ئي عمارتون به ڊهي ويون. واپار وڙو ۽ امپورٽ ايڪسپورٽ بلڪل ختم ٿي ويو. کاڌي ۽ دوائن جي سڀ کان گهڻي کوٽ ٿي ۽ ملڪ ۾ وبا ۽ ڏڪار جون حالتون پيدا ٿي پيون.
    بهرحال جنگ ختم ٿيڻ تي جپانين برطانيا وارن جا فوجي آزاد ڪيا جن ۾ گهڻا تڻا اسان جي ننڍي کنڊ جا ماڻهو هئا.... جن مان ڪي واپس انڊيا ويا ته ڪي هتي برونائيءَ ۾ ئي ترسي پيا جو هي سڀ ملڪ برطانيا جي راڄ ۾ هجڻ ڪري سڀني وٽ برٽش پاسپورٽ هو. اهڙيءَ طرح ڪيترائي اسان جا سپاهي ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ پڻ رهي پيا. ڪن همراهن مڪاني ملئي ۽ چيني عورتن سان شادي ڪئي، ڪن پنهنجيون زالون پاڪستان هندستان مان گهرائي ورتيون. ڪي ته موقعو ملڻ تي يعني جهاز جي سواري حاصل ڪرڻ تي اڪيلا يا پنهنجين ملئي زالن سان پاڪستان ۽ هندستان هليا ويا. جو انهن ڏينهن ۾ اسانجا شهر لاهور، پشاور، جھلم، ڪوهاٽ، دهلي، بمبئي وغيره ملائيشيا توڙي برونائي ۽ سنگاپور کان گهڻو گهڻو سکيا، ماڊرن ۽ سهولت وارا هئا. هي پاسو جھنگ، مڇر ۽ مِرن جو ملڪ هو. اڄ ڪلهه هي سڀ اسان کان اڳتي نڪري ويا آهن ۽ هاڻ اسان جي ماڻهوءَ کي هتي ٽيهه سال رهڻ بعد به شهريت نٿي ملي. نه ته اڳ ۾ هنن ملڪن کي ڪنهن پڇيو به نٿي. اهڙي حالت ۾ اسان جي ماڻهن کي ملائيشيا توڙي برونائيءَ ۾ پنهنجا پنجابي ۽ پٺاڻ ڏسي حيرت ٿي ٿئي. انهن جي ڄاڻ لاءِ اهو لکندو هلان ته اهي ماڻهو انهن جو اولاد آهن جيڪي انگريزن جي ڏينهن ۾ فوج ۾ هئا جن پنهنجي سر جو آهو کڻي هنن ملڪن جو بچاءُ ٿي ڪيو ۽ انهن ڏينهن ۾ ڏور اوڀر جي هنن ملڪن کان انڊيا ۽ پاڪستان جو وڏو مانُ هو.
    هتي ٻه سٽون پنجاب ريجيمينٽ بابت لکندو هلان. منهنجا اهي پڙهندڙ جن کي فوجي سسٽم جي خبر ناهي انهن لاءِ لکندو هلان ته انگريزن جڏهن اسان جي ننڍي کنڊ تي راڄ شروع ڪيو ته آهستي آهستي پير ڄمائڻ سان هنن ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي فوج ۾ رکيو ۽ فوج جي ٽريننگ ۽ درجه بنديءَ جو اهو ئي حساب رکيو جيڪو هنن وٽ انگلنڊ ۾ رائج هو. هنن فوجين جي تعداد موجب مختلف يونٽ ٺاهيا جيئن ته ڪمپني، بٽالين، ريجيمينٽ وغيره. 100 کان 200 فوجين جو مجموعو ”ڪمپني“ سڏجي ٿو. ڪٿي ڪو ٿورو گهڻو فساد هوندو هو ته ان لاءِ هڪ ڪمپني ڪافي هئي. ڪمپنيءَ کان مٿي ”بٽالين“ سڏجي ٿي جنهن ۾ چار پنج ڪمپنيون يعني 500 کان 800 فوجي ٿي سگهن ٿا ۽ ٽي چار ڪمپنيون يعني 1500 کان 4000 فوجي هڪ ريجمينٽ ٺاهين ٿا. ائين ته ڪن ملڪن ۾ ريجمينٽ کان مٿي يا ان برابر ’بريگيڊ‘ سڏجي ٿي ۽ ٽي چار بريگيڊون يعني ڏهه هزار کان 18 هزار سپاهي هڪ ’ڊويزن‘ ٺاهين ٿا ۽ ٽي چار ڊويزنون يعني اڌ لک کان لک کن سپاهين جو مجموعو Corps سڏجي ٿو.
    اسانجي ننڍي کنڊ تي پهرين ته انگريزن جي هڪ خانگي تجارتي ڪمپني ”ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ“ جو راڄ هو جنهن جي بچاءَ لاءِ ڪجهه سندن سپاهي هئا يا هنن وفادار نوابن کان مڪاني ماڻهو ورتا ٿي. 1857 ۾ جڏهن آزاديءَ جي جنگ هلي، جنهن لاءِ انگريز چون ٿا ته هندستانين (Natives) بلوو ڪيو، ان بعد برطانيا جي حڪومت ”ڪمپني راڄ“ کي ختم ڪري پنهنجو راڄ (حڪومت) شروع ڪئي ۽ برطانيا طرز تي فوج به ٺاهي وئي. هنن ننڍي کنڊ جي مختلف صوبن مان فوجي چونڊي الڳ الڳ بٽالين ۽ ريجيمنٽون ٺاهيون جيئن ته پنجاب ريجيمينٽ، بلوچ ريجيمينٽ، گورکا ريجيمينٽ وغيره وغيره. وري ڪي نالي واريون ريجيمنٽون نمبرن جي حساب سان به ٺاهيون، جيئن ته 14 پنجابي ريجيمينٽ، 13 پنجاب ريجيمينٽ، 16 پنجاب ريجيمينٽ وغيره. پوءِ جيئن بلوچ ريجيمينٽ ۾ گهڻو ڪري بلوچستان صوبي جا بلوچ رکيا ويا ٿي تيئن پنجاب ريجيمينٽن ۾ پنجاب جا رکيا ويا ٿي جن ۾ پنجابي هندو، مسلمان، سک، اچي ويا ٿي. جپانين کي ملايا، سنگاپور ۽ برونائيءَ ۾ منهن ڏيڻ لاءِ برطانيا حڪومت انڊيا کان 15 پنجاب ريجيمينٽ موڪلي جيڪا 20 سال اڳ 1922 ۾ ٺاهي وئي هئي، جنهن جو ذڪر مٿي برونائي جي شهر سيريا ۾ تيل جي کوهن جي سنڀال جي سلسلي ۾ ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح ان کان اڳ 1860 ۾ چين ۾ جڏهن ”ٻي آفيمي جنگ“ لڳي هئي ته انگريز حڪومت چينين سان وڙهڻ لاءِ انڊيا کان ”27 هين پنجاب ريجيمينٽ“ موڪلي هئي. 1866 ۾ ڀوتان واري لڙائيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ انگريزن اوڏانهن 26 هين ۽ 27 هين پنجاب ريجيمينٽ ”برٽش سولاميا“ ۾ ٿيندڙ بغاوت کي منهن ڏيڻ لاءِ پهتي هئي.
    1947 ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي تي 15 هين ريجيمينٽ ۾ پهرين، چوڏهين ۽ سورهين ريجيمينٽ ملائي پاڪستان حوالي ڪئي وئي. ان ۾ موجود سک ۽ هندو فوجين کي الڳ ڪري انڊيا حوالي ڪيو ويو. هن نئين ريجيمينٽ کي هاڻ اسان فقط پنجاب ريجيمينٽ سڏيون ٿا. هن وقت اسان وٽ پنجاب ۽ بلوچ کان علاوه سنڌ ريجمينٽ ۽ آزاد ڪشمير ريجيمينٽ وغيره به آهن پر سڀ کان آڳاٽي پنجاب ريجيمينٽ آهي جيڪا اڍائي سؤ سال پراڻي 1759 جي ٺهيل آهي. فيلڊ مارشل ايوب خان جو تعلق به پنجاب ريجيمينٽ سان هو.
    پاڪستان جو بهادريءَ جو سڀ کان وڏو ايوارڊ ”نشانِ حيدر“ آهي جيڪو 70 سالن ۾ فقط ڏهه فوجين کي مليو آهي. جن مان چار اهي آهن جن جو تعلق ”پنجاب ريجيمينٽ“ سان هو:
    ڪئپٽن محمد سرور 1948-1910
    ميجر طفيل محمد 1958-1914
    ميجر راجا عزيز ڀٽي 1965-1928
    لانس نائڪ محمد محفوظ 1971-1944
    بهرحال پاڻ برونائي جي شهر سيريا جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين جنهن تي جپانين قبضو ڪري ڀينگ ڪري ڇڏي. وري جو آسٽريليا ۽ آمريڪا جي نيويءَ جپانين کي موچڙا هڻڻ لاءِ گولا بارود هنيو ته جپاني فوجين ۽ جهازن جو ته نقصان ٿيو پر شهر جو سهڻيون عمارتون ۽ مسجد به ڊهي پٽ ٿي ويون. هي جيڪو اڄ جو سيريا ڏسو ٿا ان کي ٺاهڻ ۾ موجوده سلطان حسن جي والد سلطان عمر علي سيف الدين جو وڏو هٿ آهي. هن شهر جي اتر کان جالان تينگان وهي ٿو. ملئي ٻولي ۾ Jalan معنٰي ”روڊ“ ۽ ”هلڻ“. ڏکڻ کان جالان بوليخا آهي. جالان بينگاهه تي انهن ڪافي فارينرن جا گهر آهن جيڪي هتي جي تيل ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪن ٿا. سيريا ته هاڻ يورپي شهر لڳي ٿو. هتي جي اصلي ڳوٺن جو واءُ سواءُ لهڻ لاءِ سيريا جي ڀرسان ٻه چار ڳوٺ موجود آهن جيئن ته ڪمپنگ بارو، ڪمپونگ لورونگ تيگا، ڪمپونگ پرپنڊاهان، سنگائي بيرا، ڪمپونگ پيراڪانگ ۽ ڪمپونگ جابانگ.
    برونائي ڪو اهڙو ملڪ ناهي جو اسان جو ٽوئرسٽ هلي ملي گهمڻ لاءِ اچي. بنا شڪ جي سهڻو ضرور آهي ۽ ان جهڙي سونهن ڏسڻي آهي ته پوءِ ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ جهڙي ويجھي ملڪ ۾ هليو وڃجي جتي رهائش ۽ کاڌو پيتو وري به برونائيءَ کان گهڻو سستو آهي. باقي نوڪري ملي ته پوءِ ضرور برونائي وڃجي جو ڀاڙو ڀتو، رهائش وغيره ويندي ميڊيڪل جو خرچ پکو برونائيءَ وارا ٿا ڏين ۽ پگهار به سٺو ٿا ڏين. سو جيڪڏهن توهان کي اتي نوڪري آهي ته پوءِ بندر سري بيگوان ۽ ڪئالا بلايت ته سهڻا شهر آهن پر تيل جي ڪارخانن جو شهر سيريا به ڏسڻ وٽان آهي.

    سيريا ۾ ڏسڻ لاءِ ڪجهه شيون هن ريت آهن:
    پيڪان سيريا مسجد: هيءَ برونائيءَ جي پهرين مسجد آهي جنهن کي گنبذ (Dome) آهي. هاڻ ته برونائي توڙي ملائيشيا ۾ عربن ۽ اسان واري اسٽائيل ۾ مسجدون ٺهن پيون يعني انهن کي مينار به آهن نه ته هنن ملڪن ۾ پراڻي زماني جون مسجدون ڏسندائو ته اهي ٻڌ ڌرم جي پگوڊائن سان ملندڙ جلندڙ آهن. شروع ۾ هن پاسي عمارتسازيءَ جو اهو ئي اسٽائيل هو.
    سيريا ۾ برونائي شيل ڪمپنيءَ طرفان تيل ۽ گئس سان واسطو رکندڙ شين جو ميوزيم به ڏسڻ وٽان آهي. سيريا شهر جي چوواٽي تي هڪ وڏو يادگار (Monument) ٺهيل آهي جنهن اڳيان ماڻهو فوٽو ڪڍرائيندا آهن جيئن تهران (ايران) جي چوراهي تي آزاديءَ جو مجسمو آهي. برونائيءَ ۾ هي يادگار ان وقت رکيو ويو جڏهن برونائي جي تيل جي کوهن مان نڪرندڙ تيل جي بئرلن جو تعداد هڪ ارب (هڪ بلين) تي پهتو. سيريا شهر جو هي آزاديءَ جو مجسمو”جالان مولانا“، ۽ ”جالان اتارا“ رستن جي ڪراسنگ تي آهي.
    سياري جي موسم ۾ يعني جڏهن جپان، ڪوريا ۽ روس ۾ سيءُ ٿئي ٿو (برونائيءَ ۾ ته ٻارهوئي هڪ جهڙي موسم آهي ۽ ڪيترن ماڻهن ڪڏهن ڪوٽ به نه پاتو هوندو) ته اتي جا لڏ پلاڻ ڪندڙ پکي برونائي جي ندي ”سنگائي سيريا“ جي ڇوڙ وٽ اچي گڏ ٿين ٿا. انهن مهمان پکين کي ڏسڻ لاءِ مڪاني ۽ ڌاريان ماڻهو ايندا رهن ٿا.
    وڏي چهنب وارو پکي ”هارن بل“ به هتي جام ٿئي ٿو جنهن جو سائنسي نالو Bucerotidae آهي. هن پکيءَ کي عرب ”ابو قرن“ سڏين ٿا ۽ ايراني ”نوڪ شاخ“ سڏين ٿا. هتي جا مڪاني ماڻهو ملئي ٻوليءَ ۾ هن پکيءَ کي Burung enggang سڏين ٿا. ملئي ٻوليءَ ۾ پکيءَ کي ’بُرونگ‘ چون.
    ننڍي کنڊ ۾ ڪمپني راڄ ۽ پوءِ برٽش راڄ پنهنجن انگريزن لاءِ آهستي آهستي ڪيترا اهي سُک پئدا ڪيا جن جا هو برطانيا ۾ عادي هئا. وڏن شهرن ۾ جيم خانا، ڪرڪيٽ راند جا ميدان ۽ مئچون، ٽي هائوس، رمي ۽ برج جون رانديون، پب، ڪلب، هوٽلون پيدا ٿيڻ ڪري.... انگريز انڊيا ۾ نه فقط هوملي محسوس ڪيو ٿي پر هنن ڪيترائي اهي مزا حاصل ڪيا جيڪي کين سندن ملڪ ۾ به موجود نه هئا. کاڌا پيتا، نوڪر چاڪر، اردلي ۽ جَهليون ڇڪڻ وارا، سير شڪار.... ان کان علاوه برطانوي تعليمي نظام، سفر لاءِ ريل گاڏيون، سيڪيورٽي لاءِ پوليس ۽ جيوڊيشري سسٽم.... ڪيترن ئي انگريزن پنهنجين زالن سان گڏ انڊيا ۾ نوڪري ڪئي ٿي. رٽائرمينٽ بعد به ڪيترا انڊيا ۾ رهي پيا ٿي. فلم، ادب، ميوزڪ ۽ ٻين ڪيترن ادارن ۾ مشهوري حاصل ڪندڙ ڪجهه انگريز انڊيا ۾ ڄاوا يا پليا نپنيا. ڪيترن جو انگريز پيءُ يا انگريز ماءُ انڊيا ۾ ڄائو جيڪا ان وقت ’برٽش انڊيا‘ سڏبي هئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش به اچي ويو ٿي. انهن مان ڪجهه مشهور شخصيتن جا نالا اڳتي هلي لکان ٿو جن کان توهان ضرور واقف هوندائو.
    انڊيا جي مقابلي ۾ هن پاسي ملائيشيا يا برونائي ڏي اهڙا ڪي ناليوارا انگريز ٻڌڻ ۾ نه ايندا جن جو جنم هن پاسي ٿيو هجي. هن شهر ”سيريا“ جي حوالي سان هڪ انگريز ڪرئگ آدمس (Craig D-Adams) جو نالو ضرور ڌيان ۾ اچي ٿو جيڪو ڪئناڊا جو مشهور آئس هاڪي پليئر رهي چڪو آهي جنهن ويجھڙائيءَ ۾ نئشنل هاڪي ليگ جي Pittsburgh Penguins سان راند کيڏي. ڪريگ آدم 1977 ۾ برونائي جي هن شهر سيرا ۾ ڄائو. ڪريگ 2006 ۽ 2009 ۾ Stanley Cup کڻي چڪو آهي.
    اسان سنڌ جي رهاڪن لاءِ ته ڏور اوڀر يا ڏکڻ اوڀر ايشيا جا ملڪ جنت مثل آهن جو اسان وٽ جيڪا شيءِ (ساوڪ ۽ بارش) ناهي اُها هتي جام آهي. آئون اهو ئي سوچيندو هوس ته انگريز هن پاسي فئملين سان ڇو نه رهيا. مونکي اهو ئي سبب لڳي ٿو ته هن پاسي ٻارهوئي گرمي هئي. گرمي ته اسان جي ننڍي کنڊ ۾ به هئي پر سال جا ٽي چار مهينا سيارو ۽ بهار به ته آيو ٿي. گرميءَ جي ڏينهن ۾ انگريز پنهنجين آفيسن جي سڄي اٽالي ۽ فائيلن سميت گڏ شملي ۽ پوني پهچي ويا ٿي. هنن ڪوهه مري، دارجلنگ، ائبٽ آباد ۽ ڪوئيٽا جهڙن ٿڌن شهرن ۾ ڪانونٽ اسڪول کولي ڇڏيا هئا جتي هنن جا ٻار پڙهيا ٿي. انڊيا جي ماڻهن جي تهذيب ۽ ثقافت پراڻي هئي ۽ هو ملئي ماڻهو وانگر ڄٽ نه هئا. هنن هر ڳالهه سمجھي ٿي ته انگريزن جي خذمت ڪيئن ڪجي. اهو ئي سبب آهي جو ملايا، سنگاپور، توڙي ڪينيا ۽ يوگنڊا ۾ ريلوي لائين وڇائڻي هجي يا واپار وڙو هلائڻو هجي يا پوليس ۽ فوج جي ضرورت هجي ته انگريزن ننڍي کنڊ جي سکن، گجراتي ۽ سنڌي هندن، پنجابي ۽ پٺاڻن، گورکن ۽ مرهٺن جي ڏات مان فائدو حاصل ڪيو ٿي. ريلوي لائين وڇائڻ ۽ پوک لاءِ انگريزن تامل ۽ بنگالين کي به لڳايو هو ـــ خاص ڪري ملايا ۽ فجي جهڙي ٻيٽ تي پام آئل ۽ ڪمند جي پوک لاءِ.
    انڊيا جي آڳاٽي تاريخ، تمدن، تهذيب، رسم و رواج سان ملايا، انڊونيشيا، برونائي جهڙا ملڪ ڇا مقابلو ڪندا. انگريزن لاءِ انڊيا ۾ سوين سُکَ ۽ سهولتون هيون هڪ دفعو انڊيا مان ٿي وڃڻ بعد هو وري انگلنڊ مان موٽيا ٿي ۽ ڪيترا انگريز ته 1947 کان پوءِ به وڏو عرصو انڊيا ۽ پاڪستان ۾ رهي پيا. پئٽرڪ ڊيسمانڊ پاڪستان ايئر فورس جو ائير وائس مارشل ٿي رهيو. آسڪر اسٽئنلي انڊين نيويءَ جو ائڊمرل ۽ چيف آف دي نيول اسٽاف ٿي رهيو. بهرحال ميوزڪ، ادب ۽ فلمي دنيا جا شوقين هيٺ ڏنل ڪجهه انگريزن کان ضرور واقف هوندا ۽ هنن کي حيرت ٿيندي ته اهي ننڍي کنڊ جي مختلف شهرن ۾ ڄاوا، پڙهيا ۽ ڪن ته شروعاتي نوڪريون به ان وقت جي برٽش انڊيا ۾ ڪيون.
    مشهور ڳائڻو ”ڪلف رچرڊ“ هئري راجر جي نالي سان لکنو ۾ ڄائو. اڄ جي نوجوان کي شايد هن جا گانا نه وڻن يا هن جو نالو نه ٻڌو هجي پر اسان جي عمر جي ماڻهن آغا سليم، رسول بخش پليجو، عنايت بلوچ، حسن نثار، مجيب الرحمان شامي، محمود شام جهڙن جوانيءَ ۾ ’ڪلف رچرڊ‘ يا ’ايلوس پريسلي‘ کي ضرور شوق سان ٻڌو هوندو. بيٽلز به پوءِ آيا. مائيڪل جئڪسن ته گهڻو گهڻو پوءِ آيو.
    هڪ ٻيو انهن ڏينهن جو مشهور انگريز ڳائڻو جنهنجا گانا انهن ئي ڏينهن ۾ انگلنڊ جي هر ريسٽورنٽ ۾ هلندا هئا اهو هو ”انگلبرٽ هئمپرڊنڪ“ جيڪو آرنولڊ جارج جي نالي سان مدراس (چنائي) ۾ ڄائو هو.
    1988 جي فلم The Beast of War، 1994 جي ”اسٽار گيٽ“ 1996 جي Independence Day، 1999 جي ”مَمي“ ۽ 2001 جي ”پلينيٽ آف ايپس“ جي مشهور ائڪٽر ”ايرڪ اواري“ 1952 ۾ دار جلنگ ۾ ڄائو هو.
    اڄ ڪلهه آسٽريليا ۾ رهندڙ Hugh Keays Byrne جنهن 1974 جي فلم ”اسٽون“، 1976 جي فلم ”مئڊ ڊاگ مورگن“ ۽ 1976 جي هڪ ٻي فلم The Trespassers ۾ پنهنجي ائڪٽنگ جي هاڪ پئدا ڪئي اهو 1947 ۾ سرينگر (ڪشمير) ۾ ڄائو هو.
    انگلنڊ جي هڪ ٻي مشهرو فلمي ائڪٽريس ۽ ليکڪا Viven Leigh 1913 ۾ دارجلنگ (مغربي بنگال) ۾ ڄائي. هن جو پيءُ اتي بزنيس مئن هو ۽ شاهاڻي ٺاٺ سان رهيو ٿي.
    مشهور فلم ائڪٽريس ۽ ڳائڻي ”جولي ڪرسٽي“ جنهن لاءِ الپاسچينو چوندو هو ته “She is the most poetic of all actresses” سال 1941 ۾ آسام ۾ ڄائي. سندس پيءُ اتي چانهه جي باغن جو مالڪ هو ۽ سندس ماءُ روز ميري پنهنجي وقت جي مشهور آرٽسٽ ٿي گذري آهي.
    هالي ووڊ ائڪٽر ’بين ڪنگسلي‘ جيڪو انگريزي فلم ”گانڌي“ ۾ محمد علي جناح ٿيو هو، بمبئيءَ ۾ ڄائو هو.
    مشهور شاعر ۽ اديب ۽ ”جنگل بڪ“ جو ليکڪ رڊيارڊ ڪِپلنگ بمبئيءَ ۾ ڄائو. هن کي ادب تي نوبل پرائيز پڻ مليو.
    مشهور انگريزي ناول ”ڀواني جنڪشن“ ۽ ”لاسٽ آف دي بينگال لانسرس“ جو ليکڪ ”جان ماسٽرس“ ڪلڪتي ۾ ڄائو هو.
    شڪاريات جو شوقين ۽ ليکڪُ ”جم ڪاربيٽ“ پڻ انڊيا ۾ ڄائو.
    بي بي سي جي حوالي سان مشهور صحافي ۽ ليکڪ مارڪ ٽُلي ڪلڪتي ۾ ڄائو. انگريزيءَ جو مشهور ڪتاب No Full stops in India جو ليکڪ هي مارڪ ٽلي ئي آهي.
    مٿي انگريزن جو ٻارن ٻچن سان هنن پٽن (ملائيشيا ۽ برونائي) تي گهٽ رهڻ جو سبب اهو لکيو اٿم ته هتي ٻارهوئي گرمي ٿي رهي. اسانجي ملڪن ڏي وري به ٽي چار مهينا سخت سيءُ رهي ٿو. ان کان علاوه ڪوهه مري، شمله، دارجلنگ، ڪوئٽا جهڙا مٿانهان علائقا آهن (اڃان جي انگريز ڪجهه ٻيا سال رهن ها ته دادو واري گورک هِل به ٺاهي وڃن ها) جتي اونهاري ۾ به بهار جهـڙي موسم رهي ٿي. ٻي ڳالهه ته اسان سنڌ، بلوچستان، راجستان جي ماڻهن کي ته بارش، جيڪا ملائيشيا ۽ برونائي جهـڙن ملڪن ۾ ٻارهوئي لڳي پئي آهي، تمام گهڻو وڻي ٿي پر انگريزن کي بلڪل پسند نه آهي. انگلنڊ يا يورپ ۾ جنهن ڏينهن بارش يا برفباري ٿئي ٿي اهو ڏينهن خراب سمجھيو وڃي ٿو. مون سان گڏ ٻه انگريز ڪئپٽن ملائيشيا ۾ نوڪريءَ لاءِ آيا. انهن مان هڪ ته بارش کان ايڏو بيزار ٿيو جو فئملي به نه گهرايائين ۽ ٽن مهينن اندر نوڪري ڇڏي واپس انگلنڊ هليو ويو. ٻئي انگريز ڪئپٽن کي بارش کان وڌيڪَ هنن علائقن جي جيت جڻين تنگ ڪيو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هتي نانگ بلائن جي تمام گهڻائي هڪ طرف آهي ته ننڍن ڪيڙن، ماڪوڙن ۽ جيتن جي ٻئي طرف. شل نه توهان جي گهر ۾ کنڊ جهڙي شيءِ ڪري پوي. قسمين قسمين ماڪوڙيون قطار در قطار گهڙي اينديون.
    هونءَ انسان کي قدرت اهڙو ٺاهيو آهي جو هن جي نڪ، وات ۽ ڪنن مان جيڪا بوءِ نڪري ٿي، اها اسان انسانن کي ته محسوس نٿي ٿئي پر جيت جڻين لاءِ اها بيحد اُگري ڌپ آهي جنهن ڪري هو ويندي ستل ماڻهوءَ جي ڪن يا نڪ ۾ نٿا گهڙن. پر عجيب اتفاق ٿيو جو اسانجي ٻئي انگريز ڪئپٽن جي زال جي ڪن ۾ ڪاڪروچ گهڙي ويو ۽ اسان سڀ انهن ڳالهين کان اڻ ڄاڻ ته ڇا ڪجي، ڪئپٽن صاف ٽويزر سان ڪاڪروچ کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان جي ڦٿڪڻ سان سندس زال کي ويتر تڪليف وڌي وئي. نيٺ هن کي کڻائي ملاڪا شهر جي جنرل اسپتال ۾ آياسين ۽ امرجنسي شعبي ۾ موجود ڊاڪٽر پنهنجي سرجيڪل اوزار ذريعي زخمي ڪاڪروچ ڀور ڀور ڪري ڪڍي ورتو جو اندر ٽڪرا ٽڪرا ٿي چڪو هو. ڊاڪٽر ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪو جيت يا ماڪوڙو يا ڪاڪروچ ڪن ۾ گهڙي وڃي ته ان کي ائين ڪڍڻ جي ڪوشش نه ڪريو جو ڊپ ۾ ڪاڪروچ هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي ڪن جي پڙدي کي زخمي ڪري سگهي ٿو. بهتر طريقو اهو آهي ته مريض کي ليٽائي ان جي ڪن ۾ سرهه يا ڏونگهين جي تيل جو چمچو ٻه وجھي ڇڏجي. انهن تيلن مان ڪو نه ملي ته رڌڻي ۾ موجود رڌ پچاءُ وارو تيل ئي کڻي وجھجي پوءِ ٻه منٽ کن انتظار ڪجي. ڪاڪروچ جي مري وڃڻ تي هن کي آسانيءَ سان ڪڍي سگهجي ٿو.
    * * *


    برونائيءَ ۾ تعليم هرهڪ لاءِ ۽ سڀني لاءِ ساڳيا اسڪول

    برونائيءَ ۾ جيستائين تعليم جو سلسلو آهي ته هن ملڪ جو غريب غربو توڙي شاهي خاندان جو اولاد چڱيءَ طرح تعليم حاصل ڪري ٿو. هونءَ به جتي انگريزن حڪومت ڪئي اتي هنن يڪدم اسڪول ڪاليج کوليا جيئن 1843ع کان پوءِ اسان وٽ ڪراچي، سکر، حيدرآباد وغيره ۾. برونائيءَ ۾ تعليم جو نظام ايئن آهي جيئن اسان وٽ ننڍي هوندي هو. يعني پرائمري جي چئن درجن ۾ مادري زبان ان بعد انگريزي. ساڳي وقت اسانجي ملڪ وانگر برونئيءَ ۾ پڻ اهڙا ڪيترائي اسڪول ملندا، خاص ڪري ڪانوينٽ اسڪول جيڪي پهرين ڪلاس کان انگلش ميڊيم آهن. ان ڪري برونائي ۾ نوڪري ڪندڙ ڌارين کي ٻارن جي تعليم جو مسئلو نٿو ٿئي، جيڪو ملائيشيا ۾ اسان جي ڏينهن ۾ يعني اسي واري ڏهاڪي ۾ درپيش هو. ان وقت ملائيشيا ۾ ايترا ڌاريان هئا به ڪونه. وڌ ۾ وڌ ڪوالالمپور ۾ سفارتخانن جي هجڻ ڪري انهن جي ٻارن لاءِ ڪوالالمپور ۾ هڪ انٽرنيشنل اسڪول هو. هاڻ اتي ته ڪيترائي ٿي ويا آهن پر ملاڪا جهڙي ننڍڙي شهر ۾ به آهن جتي مون ڏهه سال کن گذاريا.
    برونائيءَ کي 1984ع ۾ آزادي ملڻ تائين برونائي ۾ اعليٰ تعليم لاءِ ڪا يونيورسٽي نه هئي. باقي ٽيڪنيڪل ۽ سائنس اسڪول ۽ ڪاليج جام هئا جن مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد مقامي ماڻهن جي ٻارن کي سرڪار طرفان ملائيشيا، سنگاپور، انگلنڊ ۽ آسٽريليا اعليٰ تعليم لاءِ موڪليو ويو ٿي. جرودانگ انٽرنيشنل اسڪول، پادوڪا سري بيگوان، سلطان مينينگاهه اوانگ سيمائن، سيڪولا سيدنا علي، سينٽ ائنڊريو اسڪول..... برونائي جي تعليمي ادارن مان ڪجهه آهن جن جو تعليمي معيار هميشه مٿانهون رهيو آهي.
    اڄ ڪلهه برونائيءَ جو سلطان حسن ال بوليخا آهي. سندس وڏو پٽ مهتدي باالله جيڪو سندس وفات بعد گادي نشين ٿيندو اهو، پنهنجي ئي ملڪ جي ”سينٽ ائنڊريو اسڪول“ ۽ ”پادوڪا سري بيگوان سلطان سائنس ڪاليج“ مان پڙهيو آهي. ۽ سندس زال ساران جيڪا شاهي خاندان مان نه پر رعيت يعني عوام مان هڪ آهي.... يعني عام شهري صالح عبدالرحمان جي ڌيءَ آهي، ان به ساڳين مٿين ٻن تعليمي ادارن مان تعليم حاصل ڪئي آهي. اهڙي طرح موجوده سلطان جي ڌيئرن: مجيدان، حفيظان، رشيده (چوٿينءَ جو نالو هن وقت ياد نه پيو اچي) برونائي جي ئي عام اسڪولن ۽ ڪاليجن مان تعليم حاصل ڪئي آهي جن ۾ غريب کان غريب جا ٻار به پڙهن ٿا. ڏٺو وڃي ته برونائي جو سلطان جو مان، مرتبو، فالو شپ (مريدي) ۽ معاشي حالت ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ جي بادشاهه کان به مٿاهين آهي ۽ ساڻس اسانجو ملڪ جو ڪو پير، مير، نواب، سردار مقابلو نٿو ڪري سگهي پر ان هوندي به هن جي نه رڳو پـٽن پر ڌيئرن به ملڪ جي عام اسڪولن ۽ ڪاليجن مان تعليم حاصل ڪئي آهي جن ۾ غريب کان غريب جا ٻار به پڙهن ٿا. نتيجي ۾ برونائي، ملائيشيا، ٿائلنڊ پاسي جا اسڪول توڙي اسپتالون ۽ روڊن تي هلندڙ عوام لاءِ بسون اعليٰ درجي جون رهن ٿيون ۽ ٻئي پاسي اسانجي ملڪ ۾، خاص ڪري سنڌ (جنهن سان منهنجو واسطو آهي)، ان جي روڊ رستن، اسڪول اسپتالن ۽ بسين جي حالت ڏسو!
    هڪ ٻي ڳالهه ته هنن ملڪن ۾ حق حلال جي نوڪري يا پورهيو ڪرڻ کي عيب نٿو سمجھيو وڃي. موجوده سلطان جي ڌيءَ مجيدان شاديءَ بعد به تعليم حاصل ڪندي رهي ۽ هاڻ Environmental ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪري ٿي. ڪرائون پرنس (وليعهد شهزادي) مهتد باالله جي سَس.... يعني ساران جي ماءُ ’رينا وتي‘ برونائيءَ جي ”صالحان اسپتال“ ۾ نرس ٿي ڪم ڪيو آهي. آئون جڏهن 1980ع ڌاري ملاڪا (ملائيشيا) ۾ نوڪري لاءِ وڃي رهيس ته انهن ڏينهن ۾ ملائيشيا جي نيول چيف جي زال پينانگ جي اسپتال ۾ نرس هئي. اسان لاءِ اها ڳالهه پهرين ته باعثِ حيرت ٿي پر پوءِ اهڙا ڪَئين مثال نظر آيا. اسان جي هڪ ملئي پروفيسر جي زال رسيس ۾ برياني وڪڻندي هئي.... ۽ سالن جا سال وڪڻندي هن اتي دڪان ورتو ۽ ان بعد هن هوٽل کولي.
    اسان وٽ به ائين ٿئي ته ڪيڏي تبديلي اچي سگهي ٿي. پوءِ توهان کي ڪو به لوفر ڇوڪرو اسڪول مان نڪرندڙ ڇوڪرين کي تنگ ڪندي نظر نه ايندو، ڪو ڊاڪٽر يا مريض ڪنهن نرس سان هٿ چراند ڪرڻ جي همٿ نه ساهيندو. پر ڇاهي جو اسان وٽ ان قسم جا غنڊا، بدمعاش سمجھن ٿا ته وڏن ماڻهن جا ٻار ٻاهر پڙهن ٿا، علاج به ٻاهران ڪرائين ٿا. هتي فقط غريب ۽ بي وس آهن انهن کي تنگ ڪرڻ کان ڪير نه روڪيندو.
    هونءَ ته برونائي جو سڄو ملڪ جيڪو حيدرآباد ضلعي جيڏو ـــ سو به اڄ واري حيدرآباد ضلعي جيڏو جنهن مان مٽياري، ٽنڊو ڄام ڪڍيو وڃي ته پوءِ فقط 5520 چورس ڪلوميٽر ٿا ٿين، ۽ برونائي ۾ ٽوٽل ماڻهن جو تعداد 2013ع جي آدمشماري مطابق 4 لک 20 هزار هو هاڻ کڻي 5 لک ٻڌجي.... ته ايتري عوام لاءِ پهرين کان موجود اسڪول ۽ ڪاليج ئي ڪافي هئا ۽ حڪومت کي ايڏي اڻ مئي دولت آهي جو جنهن ٿي وڌيڪَ پڙهڻ چاهيو تنهن کي هن جي مرضيءَ سان انگلنڊ، آمريڪا، آسٽريليا، نيوزيلئنڊ يا سنگاپور ۽ ملائيشيا سرڪاري خرچ تي ٿي موڪليو. پر تنهن هوندي به ڏسان پيو ته هن پاسي جي حاڪمن کي پنهنجي عوام کي پڙهيل ڳـڙهيل بنائڻ جو ڪيترو ته اونو آهي جو 1984ع ۾ برونائي کي آزادي ملڻ بعد هنن نه فقط ٻه يونيورسٽيون کوليون پر انهن ۾ تعليم جو اعليٰ معيار ۽ ڊسپلين به رکيو ۽ انهن ئي يونيورسٽين مان ملڪ جي بادشاهه ۽ شاهي خاندان جا ٻار پڙهن ٿا. برونائي ۾ نوڪري ۽ پورهيو ڪندڙ اسانجي ملڪ جا ماڻهو واقعي سچ ٿا چون، جڏهن هو ان ڏک جو اظهار ڪن ٿا ته ”برونائي توڙي سعودي عرب ۽ ڪويت ۾، بادشاهت هوندي به اتي جي حاڪمن کي پنهنجي عوام کي تعليم يافته رکڻ جو ڪيڏو ته اونو آهي ۽ هڪ اسانجا هٿ ٺوڪيا جمهوري ملڪ آهن جن ۾ هلندڙ اسڪول به بند ٿيا پيا آهن ۽ اسان جي ووٽن تي چونڊيل حاڪمن کي ڪو فڪر ناهي. هر هڪ پنهنجي بئنڪ بيلنس ۽ بزنيس کي وڌائڻ ۾ مشغول آهي.“
    پرديس ۾ رهندڙ اسانجي هم وطنين کي ان قسم جون ڳالهيون سوچي واقعي تڪليف ٿيندي هوندي جو آئون پاڻ به ملائيشيا، ٿائلنڊ ويندي ڪوريا جهڙن ملڪن ۾ يا آفريڪا جي ڪينيا ۽ تنزانيا جهڙن ملڪن ۾ وڃان ٿو ته ڏک ٿئي ٿو ته اهي ڪهڙا ڪهڙا پٺتي پيل ملڪ هئا اڄ اسان کان اڳتي نڪري ويا آهن!
    1984ع ۾ جيئن ئي انگريزن طرفان برونائيءَ کي خود مختياري ملي ته هنن ملڪ ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو سوچيو ۽ ان تي ڪم شروع ڪيو. 1985ع ۾ هن ملڪ جي پهرين يونيورسٽي برونائي دارالسلام (UBD) ٺهي راس ٿي ۽ 176 شاگردن کي داخلا ڏني وئي. شاگردن جي تعداد کان اڄ اها تمام وڏي يونيورسٽي مڃي وڃي ٿي. برونائي جي گهٽ آدمشماري هجڻ ڪري ان جا ته ڪي گهڻا شاگرد نه آهن پر ڌارين ملڪن جا، خاص ڪري چين ۽ جپان جا ۽ ٻئي پاسي يورپ، آفريڪا ۽ عرب ملڪن جا تمام گهڻا شاگرد آهن.
    يونيورسٽي برونائي دارالسلام ۾ 8 اڪيڊمڪ فئڪلٽيز، 9 ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۽ 6 اڪيڊمڪ سروس سينٽر آهن جن ۾ اسلامڪ اسٽڊيز، بزنيس، آرٽس، سائنس، هيلٿ سائنس، ايشين اسٽڊيز، پاليسي اسٽڊيز، ايڊيوڪيشن، بايو ڊائورسٽي ۽ انٽيگريٽيڊ ٽيڪنالاجيز جهڙا سبجيڪٽ آهن. جيئن بنارس شهر جي هندو يونيورسٽي ۾ برلا مندر ڏسڻ وٽان آهي تيئن هتي جي يونيورسٽي ۾ ٻن هيڪٽرن تي 1994ع جي ٺهيل مسجد پڻ ڏسڻ وٽان آهي. هن ۾ هڪ ئي وقت 1800 ماڻهو نماز پڙهي سگهن ٿا.
    جيئن پهرين به لکي چڪو آهيان ته هتي برونائيءَ ۾ (توڙي ملائيشيا ۾) تعليم هر هڪ لاءِ لازمي سمجھي وڃي ٿي ۽ نه فقط عام ماڻهو پر هتي جي بادشاهن توڙي سلطانن ۽ انهن جي شاهي خاندان جا نه رڳو پٽ ٻار پر ڌيئرون به تعليم حاصل ڪن ٿيون. هنن کي ولايت جي ملڪن ڏي به موڪليو وڃي ٿو پر فقط اعليٰ تعليم لاءِ. بنيادي تعليم هو پنهنجي ملڪ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ وٺن ٿا. ۽ هن يونيورسٽي کلڻ بعد هاڻ هو هن مان ئي گرئجوئيشن ڪن ٿا. برونائي جو موجوده بادشاهه حسن البوليخا جنهن کي چار ڌيئرون ۽ ٻه پٽ آهن تن مان ٽن ڌيئرن: مجيدان، حفيظان ۽ رشيدان ۽ ننڍي پٽ عبدالمالڪ، هن يونيورسٽيءَ مان گرئجوئيشن ڪئي. بادشاهه جي وڏي پٽ (وليعهد) مهتديٰ باالله جي زال ساران جيڪا شاهي خاندان مان نه پر هڪ ڪامنر (عام ماڻهوءَ جي ڌيءَ) آهي، اها پڻ هن يونيورسٽيءَ مان پڙهي.
    برونائي جي سلطان جي ڌيءَ مجيدان، سندن چوٿون ٻار آهي. اها 1976ع ۾ ڄائي، هن يونيورسٽي آف برونائيءَ مان ائڊمنسريشن ۽ پبلڪ پاليسي ۾ بي. اي. آنرس ڪئي. ان بعد انگلنڊ مان Environmental ڊيولپمينٽ ۾ M.A ڪئي. هينئر هوءَ سينئر انورانمينٽ آفيسر آهي. 10 جون 2007ع تي سندس خيرل خليل نالي نوجوان سان هتي جي گادي واري شهر ”بندر سري بيگوان“ جي ’مسجد عمر علي سيف الدين‘ ۾ شادي ٿي هئي. کين ٻه ٻار آهن: پهريون پٽ ٻار عبدالحفيظ ۽ ٻي ڌيءَ رائهنا حنا آهي. شهزادي مجيدان جو گھوٽ خيرل خليل وزير اعظم جي آفيس ۾ سرڪاري ڪامورو آهي پاڻ بلڊنگ ڪنسٽرڪشن ۾ گرئجوئيٽ آهي. خيرل خليل جو به واسطو شاهي خاندان سان ناهي پر هُو هڪ عام ماڻهوءَ جو پٽ آهي.
    هونءَ ڪو زمانو هو جو هن پاسي جي شاهي خاندانن جا ٻار پنهنجي ئي خاندان ۾ شادي ڪندا هئا بلڪه والدين طرفان هنن جي ڪرائي وئي ٿي. پر هاڻ جيئن ته بادشاهن جون ڌيئرون به پڙهي پيون آهن ۽ وڏين سرڪاري نوڪرين ۾ آهن سو هو چاهين ٿيون ته سندن مڙس به پڙهيل ڳڙهيل ۽ سمارٽ هُجن.... مسلمان سو هجن پوءِ ڀلي کڻي ڪنهن هيٺين ذات جا هجن. مجيدان وانگر سندس ڀيڻ شهزادي حفيظان جيڪا بزنيس ائڊمنسٽريشن جي گرئجوئيٽ آهي ۽ پرائيم منسٽر آفيس ۾نوڪري ڪري ٿي، پڻ هڪ عام ڇوڪري سان شادي ڪئي جنهن ساڳي آفيس ۾ نوڪري ڪئي ٿي.
    برونائيءَ ۾ سال 1985ع ۾ يونيورسٽي آف برونائي قائم ٿي ان بعد هنن ڪيترائي ڪاليج ۽ اڪيڊميون کوليون. 1992ع تائين هو مئرين سائنسز جهڙن سبجيڪٽن جا شاگرد اسان وٽ ملائيشيا جي مئرين اڪيڊمي ۾ موڪليندا هئا. ان بعد اها به هنن پنهنجي کولي جتي برونائي جي نوجوانن کي جهازراني ۽ جهازسازي سيکاري وڃي ٿي. 2007ع ۾ هنن ملائيشيا وانگر اسلامڪ يونيورسٽي کولي جنهن جو نالو ٽئين سلطان شريف علي جي نالي سان ”يونيورسٽي اسلام سلطان شريف علي“ رکيو آهي. هن يونيورسٽي جو مقصد نوجوانن کي اسلام جي ڄاڻ ڏيڻ آهي. 2009ع ۾ هيءَ يونيورسٽي گڊانگ شهر جي نئين ڪئمپس ۾ شفٽ ڪئي وئي جتي پهرين ”رشيده نرسنگ ڪاليج“ هو. هي ڪئمپس تمام وڏو آهي. برونائي سرڪار دل کولي نه رڳو پڙهائڻ وارا رکيا آهن پر انهن کي پگهار ۽ سهولتون به وڏيون ڏنيون وڃن ٿيون. سو اسانجي ملڪ جي ڪنهن پروفيسر کي برونائيءَ ۾ نوڪري ملي ته اکيون پوري پهچي وڃي. اهو به لکندو هلان ته هن پاسي ماستر ماڻهوءَ جي وڏي عزت ڪئي وڃي ٿي.
    هن يونيورسٽي ۾ ڪجهه هي فئڪلٽيون آهن:
    فئڪلٽي آف عربئڪ لئنگئيج
    فئڪلٽي آف اصول دين
    بزنيس ۽ مئنيجمينٽ
    مذهب شافعي ريسرچ سينٽر..... وغيره.
    ياد رهي ته هن پاسي..... يعني برونائي، ملائيشيا، ڏکڻ فلپين ۽ انڊونيشيا پاسي جا مسلمان شافعي مڪتبِ فڪر سان واسطو رکن ٿا. برونائيءَ جي هيءَ اسلامڪ يونيورسٽي جيڪا سلطان شريف علي نالي آهي اهو هتي جو ملئي نه پر سعودي عرب جي طائف شهر جو عرب هو. هو حضرت امام حسن ۽ امام حسين جي اولاد مان سيد هو. پاڻ عربي زبان ۽ اسلام جو ڄاڻو هو ۽ هتي برونائي ۾ اسلام جي تبليغ لاءِ آيو هو. انهن ڏينهن ۾ اڄ وارو صباح، سراواڪ، بورنيو ٻيٽ جو ٻيو به ڳپل حصو ۽ فلپين جا ڪيترا ڏاکڻا ٻيٽ ”برونائي سلطنت“ هيٺ آيا ٿي.
    حاجي شريف علي برونائي اچڻ کان اڳ مڪي ۾ ”امير“ جون خذمتون به ڏئي چڪو هو ان ڪري هن کي ”الامير شريف علي“ پڻ سڏيو ويو ٿي. هو برونائي ۾ رهي پيو ۽ ان وقت جي ٻئي سلطان احمد پنهنجي ڌيءَ ”پُتري رتنا ڪيسوما“ جي شادي الامير شريف علي سان ڪرائي. 1425ع ۾ سلطان جي وفات بعد جيئن ته هن کي پٽ ٻار نه هو ان ڪري شاهي خاندانن جي ماڻهن توڙي عام رعيت اسلام جي گهڻي ڄاڻ هجڻ ڪري شريف عليءَ کي برونائيءَ جو سلطان بنايو.
    سلطان شريف عليءَ برونائي ۾ صحيح نموني سان اسلامي طريقن سان حڪومت ڪئي. هن برونائي جي پهرين مسجد ٺهرائي. غير ملئي هجڻ جي باوجود هن جي هر هڪ ماڻهوءَ تمام گهڻي عزت ڪئي ٿي. 1432ع ۾ سندس وفات بعد سندس پٽ سليمان کي برونائيءَ جو سلطان بنايو ويو.
    ***


    برونائيءَ جي مسلمانن جو شافعي فرقي سان واسطو

    گذريل مضمون ۾ برونائيءَ جي اسلامڪ يونيورسٽي بابت لکي چڪو آهيان ته ان ۾ هڪ فئڪلٽي ”شافعي مڪتبِ فڪر“ به آهي. پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ لکندو هلان ته سني مسلمانن جا چار وڏا امام ٿي گذريا آهن: امام شافعي، حنبلي، مالڪي ۽ حنفي. اسان پاڪستانين جو حنفي فرقي سان تعلق آهي..... يعني اسلام ساڳيو هڪ آهي پر ڪن ڪن معمولي ڳالهين جو مطلب سمجهڻ ۾ معمولي ڦير ڦار آهي جنهن بابت مٿين امامن، پنهنجي پنهنجي خيال موجب اسان جي رهنمائي ڪئي آهي.
    هن پاسي جا، يعني ملائيشيا، انڊونيشيا، برونائي، برما، ٿائلنڊ، فلپين پاسي جا ۽ آفريڪا ڏي جبوتي، يمن، اٿوپيا، سوماليا جا مسلمان شافعي اسلامي قانون جي مڪتب سان تعلق رکن ٿا. امام شافعي جو سڄو نالو ابو عبدالله محمد بن ادريس الشافعي هو پاڻ 767ع ۾ ڄائو ۽ 820ع ۾ وفات ڪيائين.
    هونءَ اسان جي ملڪ جا مسلمان جن جو حنفي فقه سان تعلق آهي، جڏهن ٿورن ڏينهن لاءِ ملائيشيا يا برونائي اچن ٿا ته هنن کي ڪو فرق نظر نٿو اچي. پر گهڻو وقت رهڻ تي ئي ڪجهه ڳالهيون محسوس ٿين ٿيون. اسان جي ملڪ ۾ پيرن، فقيرن، درويشن، اوليائن جا نه رڳو مقبرا ۽ درگاهون آهن پر ڪيترا اڻ پڙهيل ۽ ايمان جا ڪچا پنهنجي رب کان گهرڻ بدران انهن قبرن کان پنن ٿا ۽ انهن اوليائن کي داتا، گنج بخش ۽ غريب نواز جهڙا لقب ڏين ٿا. آئون ڪو عالم نه آهيان پر منهنجي خيال ۾ ان ڳالهه لاءِ امام حنفي به اجازت نه ڏني هوندي ڇو جو سعودي عرب وارا جيڪي منهنجي خيال ۾ حنفي آهن اهي به اسان جي ان قبر پرستي کي نندين ٿا. هتي جا شافعي ته ان قسم جو مقبرو يا درگاهه ٺاهڻ جي به اجازت نٿا ڏين. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ڪوالالمپور ۾ رهندڙ هڪ پاڪستانيءَ پنهنجي پيءُ کي گهر ۾ دفن ڪري مقبرو ٺاهيو جيئن هن جا پوئلڳ پاڪستاني هن جي قبر تي اچي دعا گهرن. هتي جي سرڪاري کي جيئن ئي خبر پيئي ته هن يڪدم ڊهرائي ورتو.
    شافعي قانون مطابق هتي مرد زال کي طلاق ڏئي سگهي ٿو پر زال کي اجازت ناهي ته هوءَ طلاق جي ڳالهه ڪري.
    ڪنهن بالغ کي مخالف جنس کي ڇهڻ سان وضو ٽٽيو پوي.
    ڪي فقه شطرنج راند کي حرام سمجھي ان تي بندش وجھن ٿا پر شافعي ان کي حرام نه پر مڪروهه سمجھي ٿو.
    اسان وٽ گانگٽ، کيکڙا، سِپون شايد مڪروهه سمجھيا وڃن ٿا پر هن پاسي جا ملئي ماڻهو چينين وانگر هر سامونڊي شيءِ کائين ٿا.
    هتي جا شافعي ماڻهو پنهنجي گهر ۾ ڪنهن به ساهواري جي تصوير هڻڻ جي سخت منع ڪن ٿا.
    هتي ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين لاءِ طهر ضروري سمجھيو وڃي ٿو. شهر ۾ هاڻ ڇوڪرين جو طهر نٿو ٿئي پر ڳوٺن ۾ اڄ به عام آهي. آفريڪا جي به ڪيترن ملڪن ۾ ڇوڪرين جو طهر عام آهي جنهن بابت تفصيل سان ”ممباسا ـــ شيدي باڇا همباشا“ آفريڪا واري سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان.
    ڪجهه ڪجهه عصر (وچين) جي نماز جي وقت تي به مختلف رايو آهي. اسان وٽ وچينءَ جو وقت تڏهن ٿو شروع ٿئي جڏهن پاڇي جي سائيز ماڻهوءَ يا ڪنهن به شيءِ جي برابر ٿئي پر هن پاسي عصر نماز ڪجهه دير سان پڙهي وڃي ٿي جڏهن پاڇي جي ٻيڻي سائيز ٿئي ٿي.
    بهرحال اهي ننڍيون ننڍيون ڳالهيون آهن. ٿي سگهي ٿو منهنجي غلط ڄاڻ يا مشاهدو هجي پر لکڻ سان منهنجو مقصد اهو آهي ته اسان جو ماڻهو جڏهن هنن ملڪن ۾ نوڪري، پورهئي، بزنيس يا گهمڻ لاءِ اچي ٿو ته هن کي کپي ته هو مذهب تي مقامي ماڻهن سان بحث نه ڪري ۽ نه هو ئي ڪن ٿا. پر اها اسان پاڪستانين جي بد قسمتي آهي جو اسان هيڪاندا جذباتي آهيون، ڄاڻ نه هوندي به پنهنجا اصول ٻين تي ٿاڦڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. ۽ اهو ئي سبب آهي جو هتي اسانجي ماڻهن کي ايترو پسند نٿو ڪيو وڃي. مثال طور ملائيشيا يا انڊونيشيا جهڙن ملڪن جو سرڪاري مذهب اسلام آهي پر هنن ملڪن ۾ اڌ جيترا ته چيني ۽ سائوٿ انڊين آهن جيڪي سوئر کائين ٿا. ۽ هر مارڪيٽ ۾ ويندي ڪوالا سنگائي بارو جهڙي ننڍي ڳوٺ ۾ جتي آئون رهندو هوس، ڪڪڙين ۽ ڳائي گوشت جي مارڪيٽ هڪ طرف هئي ته ٻئي پاسي کان سوئر جي گوشت جي .... يعني وچ ۾ فقط پارٽيشن هو. هاڻ اسان جو ماڻهو اچي هتي تقرير ڪري ته ملئي ڪافر آهن هنن جي ملڪ ۾ سوئر جو گوشت ٿو وڪامي ته هو اهو چوڻ ۾ حق بجانب آهن ته هي ملڪ گهڻ مذهبو ۽ گهڻ قومو آهي .... ائين ته ملائيشيا جا انڊين هندو اهو چئي سگهن ٿا ته توهان مسلمان ڳئون کي ڇو ٿا ذبح ڪريو.
    بهرحال ملائيشيا، برونائي ۽ انڊونيشيا ۾ رهندڙ پنهنجن هم وطنين کي اهو ئي مشورو آهي ته هو جنهن ڪم لاءِ آيل آهن.... پڙهائي، نوڪري، بزنيس.... ان ۾ بزي رهن. گهـٽ ۾ گهٽ بيف ۽ ڪڪڙيون (ٻڪريون هتي ورلي ٿين) صحت مند ۽ زندهه ملن ٿيون. انهن جي نالي ۾ ڪو حرام گوشت ته نٿو وڪامي. اسان کي پنهنجي ملڪ جو فڪر ڪرڻ کپي جتي نه رڳو زندهه پر مئل گڏهن، گھوڙن ۽ مرضيل ڪڪڙين، مينهن ۽ ٻڪرين جو گوشت به هلايو وڃي ٿو.... جتي هر شيءِ ۾ ملاوٽ آهي.
    هونءَ به هنن ملڪن ۾ اهو پسند نٿو ڪيو وڃي ته Expatriates يعني ڌارين ملڪن جا هتي نوڪري ڪندڙ يا تعليم حاصل ڪندڙ مڪاني سياست يا مذهب تي ڳالهائين. هنن لاءِ اسان ڌارين ملڪن جا مسلمان ڀائر پنهنجي جاءِ تي آهيون.... اسان مسجدن ۾ گڏ نماز پڙهون ٿا، عيدن تي هڪ ٻئي جي گهر وڃون ٿا ۽ هو اسان کي اسلامي ڀائر سمجھن ٿا پر ياد رکڻ کپي ته هنن لاءِ سندن ملڪ جا چيني ۽ سائوٿ انڊين وڌيڪَ پيارا آهن جيڪي هنن جا هم وطن آهن جن کي ملائيشيا (يا برونائي وغيره) جو پاسپورٽ آهي. ٻي ڳالهه ته هنن پَٽَن (علائقن) جي اها ڳالهه ڏاڍي سٺي آهي ته هو نه ڪنهن جي گلا ڪن ٿا ۽ نه پنهنجي راءِ ٻين تي ٿاڦين ٿا. هو هر ڳالهه ۾ Low Profile رکن ٿا.... نه جلد چڙ جو اظهار ڪن ٿا ۽ نه خوشيءَ جو. اهڙي وايو منڊل ۾ اسان جي ننڍي کنڊ جا جذباتي ماڻهو جڏهن ننڍي ننڍي ڳالهه تي چڙ ڪن ٿا، يا زور سان ٽهڪ ڏين ٿا، يا ڪنهن جي گلا ڪن ٿا ـــ ڀلي کڻي اهو چيني هجي يا انڊين پر جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته ملئي ماڻهن لاءِ اهو اسان کان وڌيڪَ پيارو آهي، يا هڪ ٻئي سان جھيڙو ڪن ٿا ته هتي جا ماڻهو هراسجيو وڃن. ملائيشيا جي سفرنامن ۾ هڪ هنڌ لکي چڪو آهيان ته ڏهه سالن ۾ مون ملئي ماڻهن کي هٿن سان ته نه پر زبان سان به تکو ٿيندي نه ڏٺو. ان ڪري اسانجا ماڻهو ڏور اوڀر يا ڏکڻ اوڀر جي هنن ملڪن ۾ نوڪري، پورهئي يا پڙهائيءَ لاءِ اچن ته مٿين ڳالهين جو خيال رکن جن سان هنن جي زندگي آسان رهندي ۽ موٽڻ وقت به کين ياد ڪيو ويندو.
    هڪ ٻي ڳالهه آخر ۾ ياد آئي آهي. اسان سنڌي ماڻهو، هندو توڙي مسلمان.... ۽ هاڻ ته ويندي پٺاڻ، بلوچ، پنجابي وغيره جيڪي سنڌ ۾ رهن ٿا، انهن جي به اها عادت ٿي وئي آهي ته کيڪارڻ مهل يا اسٽيج تي تقرير لاءِ اچڻ تي جڏهن سامعين آڌر ڀاءُ خاطر تاڙيون وڄائين ٿا ته اسان هٿ ٻڌي مهرباني چئون ٿا. پر هن ڪلچر کان اڻ واقف اسانجا پاڪستانڳ اهو چوندي ٻڌا ويا آهن ته سنڌ جا سنڌي مسلمان هٿ ٻڌي عبادت ٿا ڪن يا بت پرستي ٿا ڪن. ڪئين سال سمنڊ تي ۽ ان بعد ملائيشيا ۾ گذاري جڏهن وطن آيس ته مونکي به منهنجي هڪ اديب دوست چتاءُ ڏنو ته: ”بابا اهي هٿ ٻڌي ڀليڪار نه ڪر جو ڪي ماڻهو اعتراض ٿا ڪن“. دل ۾ سوچيم ته مون لاءِ اها عادت ڪڍڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ڇو جو جنهن دنيا (ڏکڻ اوڀر ايشيا) ۾ ڏهه ٻارنهن سال جهاز هلايو اٿم ۽ اهڙا ڏهاڪو سال جيڪي ملئي آرڪپلگو (ملئي ماڻهن جي ملڪن: انڊونيشيا، برونائي، ملائيشيا) ۾ گذاريا اٿم اتي جا مسلمان ملئي به هٿ ٻڌي کيڪار ڪن ٿا. اهو انهن جو tradition آهي. ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ملئي ڪافر آهن... ڏٺو وڃي ته هو اسان کان به وڌيڪَ دين جي ڄاڻ رکن ٿا. اهو هٿ ٻڌڻ هڪ نشاني آهي ڀليڪار ڪرڻ جي يا ٻئي جا ٿورا مڃڻ جي. جيڪڏهن ڪنهن ملڪ يا قوم ۾ هٿ ٻڌڻ خراب سمجھيو وڃي ته ڀلي اهي نه ٻڌن. جيئن اسان وٽ جهازراني جي دنيا ۾ چاهي ڪو ڪنهن به مذهب يا زبان جو هجي ”آڱوٺو“ ڏيکارڻ بين الاقوامي نشاني آهي جنهن جو مطلب آهي هر ڳالهه فرسٽ ڪلاس پئي وڃي. مون سان گڏ ڪيترن ئي جهازن تي درٻيلي جو منهنجو ڪلاس ميٽ ڪئپٽن احمد حسين مخدوم رهيو. لنگر کڻڻ کان اڳ مونکي پري کان ئي آڱوٺو ڏيکاريندو هو معنيٰ هاڻ هلڻ لاءِ اسان تيار آهيون ۽ آئون به کيس آڱوٺو ڏيکاريندو هوس جنهن جو مطلب هو سمجھي ويندو هو ته انجڻ به تيار آهي ۽ هاڻ جو هاڻ بندرگاهه ڇڏ. تياري نه هجڻ جي صورت ۾ هو يا آئون ابتو آڱوٺو يعني زمين ڏي ڪري ڏيکاريندا هئاسين..... معنيٰ اسان اڃان تيار نه آهيون. ۽ هو پري کان ئي پنهنجي ڪرائيءَ ۾ ٻڌل واچ ڏي اشارو ڪندو هو..... معنيٰ ڪنهن وقت تيار ٿي سگهنداسين؟ آئون کيس هڪ دفعو پنجئي آڱريون يعني ”بجو“ ڏيندو هوس ۽ ٻيو دفعو ٻه آڱريون ڏيکاريندو هوس ۽ هو دل ئي دل ۾ ٿئنڪ يو چئي هليو ويندو هو...... هو ان جو مطلب سمجھي ويندو هو ته جهاز جون انجڻيون ستين بجي شام کان اڳ تيار نه ٿينديون.
    پر ذرا سوچيو اسان جي ڳوٺ هالا يا مخدوم جي ڳوٺ درٻيلو ۾ ڪو هڪ ٻئي کي ائين آڱوٺو ڏيکاري يا بُجو ڏئي ته ماڳهين جھيڙو ٿي پوي. سو بهتر آهي ته ڌارئين ملڪ ۾ رهڻ دوران اتي جي مقامي ماڻهن جي ريتن رسمن يا وهنوارن تي نڪته چيني يا ٺٺول نه ڪجي. ملئي ماڻهو کير کي ”سُو سُو“ (Susu) سڏين. اسانجي ڪنهن پاڪستانيءَ ٽوڪ طور ڪنهن ملئيءَ کي چيو ته کير جهڙي پاڪ شيءِ کي توهان سُو سُو ٿا چئو جيڪو اسان وٽ ٻار کي پيشاب ڪرائڻ وقت چيو وڃي ٿو. ان تي ٺهه پهه ملئي چيس ته توهان وري ڪهڙا سڌريل آهيو جو ڀاءُ ۽ دوستن جي زالن کي ”سوئر“ ٿا چئو. ياد رهي ته ”ڀاڀي“ لفظ سان ملندڙ ملئي لفظ “Babi” آهي جنهن جي معنيٰ ”خنزير“ آهي. ۽ ڪنهن عورت کي سوئر چوڻ ڇا گهٽ گار آهي!
    ***


    برونائيءَ ۾ اسلام جي آمد

    برونائي جي شهر بندر سري بيگوان، ملائيشيا جي ڪوالالمپور يا سنگاپور ۾ جڏهن اسان جهازرانن يا تعليمدانن جون ڪانفرنسون ۽ سيمينار ٿيندا هئا ته اسان برونائيءَ جي مسلمانن کان اڪثر پڇندا هئاسين ته اتي اسلام ڪيئن آيو جڏهن ته برونائي هڪ الڳ ٿلڳ ۽ ڏورانهين ٻيٽ بورنيو تي ننڍڙو ملڪ آهي.
    ملايا..... يعني اڄ وارو مغربي ملائيشيا ته دنيا جي گولي تي جنهن هنڌ تي آهي اتان هر جهاز جو سامونڊي لنگهه آهي ۽ اتي ايندڙ عرب سوداگرن ۽ جهازرانن ذريعي مقامي ماڻهن کي اسلام جي ڄاڻ ٿي. پڙهندڙن کي سوچڻ کپي ته هي فقط ڏيڍ صدي کن اڳ جي ڳالهه آهي جو انجڻيون ايجاد ٿيون آهن ۽ جهاز مرضي مطابق انجڻن ذريعي هلڻ شروع ٿيا آهن نه ته حضرت نوح عليه السلام جي ڏينهن کان وٺي هندستان جي تحريڪ آزادي 1857 تائين سنڌ، گجرات، ڪڇ، سرانديپ (سلون) يا بنگال جي بندرگاهن تي جيڪي جهاز آيا ٿي اهي Sailing Ships هئا.... يعني اهي ٿلهي ڪپڙي جي سڙهن تي هوا جي زور تي هليا ٿي. چاهي اهي مال بردار ۽ مسافر بردار جهاز ايرن ۽ عرب ملڪن کان آيا ٿي يا يورپ کان.... يا اڀرندي پاسي چين کان.... سڀ جهاز سڙهن ذريعي هليا ٿي. منجھن Rowing يعني چَپُوئن سان هلائڻ جو به بندوبست هو پر چَپوئن سان فقط چند ڪلاڪ امرجنسيءَ ۾ اڳتي ريڙهيا ويا ٿي جو انسان ۾ ايڏي طاقت ناهي جو چپوئن ذريعي جهاز کي سمنڊ اڪاري.
    ٻي ڳالهه اها ذهن نشين ڪرڻ کپي ته ايشيا ۽ آفريڪا جي اوڀر ڪناري جي ملڪن ۾ يورپ پاسي جا جهاز فقط سورهين صدي کان پوءِ اچڻ شروع ٿيا. جن مان پهريون جهاز جيڪو ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ يعني ”سائوٿ آفريڪا“ کي ڦيرو ڪري ”هندي وڏي سمنڊ“ ۾ داخل ٿي انڊيا جي بندرگاهه ڪاليڪٽ ۾ داخل ٿيو اهو 1498 ۾ پورچوگال جي واسڪوڊاگاما جو هو. ان کان اڳ هڪ پاسي کان عربن ۽ ايرانين جا جهاز ته ٻئي پاسي چين پاسي کان جهاز هوائن جي رخ ۽ موسمن مطابق هڪ ٻئي جي ملڪن ڏي ايندا ويندا رهيا ٿي ۽ رستي تي ڪيترن ئي بندرگاهن سان واپار وڙو هليو ٿي. رستي جي تڙن (بندرگاهن) جا عرب، ايراني،بلوچ سنڌي، گجراتي، ملباري، ڪوڪني، بنگالي، ملئي سڀ سٺا ناکئا ۽ وڻجارا هئا.
    عرب ۽ ايران کان جيڪي جهاز سياري جي موسم ۾ اتر جي هوا لڳڻ سان ڏکڻ ڏي نڪرندا هئا انهن مان ڪجهه پسني، گوادر (مڪران ڪوسٽ) ۽ سنڌ ۽ ڪڇ جو ڪنارو، ان بعد مالابار ڪوسٽ ڏئي ڪولمبو پهچندا هئا. عرب ۽ ايرن کان ٻيا جهاز آفريڪا جو ڪنارو ڏئي جبوتي، سوماليا کان ٿيندا ممباسا، دارالسلام، زنجبار ۽ موزمبق تائين پهچي ويا ٿي. انهن بندرگاهن جي نالن مان ئي توهان کي لڳندو ته اهي عربي نالن وارا آهن، جيتوڻيڪ آفريڪا جي ملڪن ۾ سواحلي ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. ايرانين ۽ عربن جي مقابلي ۾ آفريڪي جا مڪاني ماڻهو سٺا جهازران يا سوداگر نه هئا. جهازن تي ڪنٽرول گهڻو تڻو عربن جو هو سو انهن بندرگاهن جا نالا به جيڪي هنن رکيا سي پنهنجن ئي نالن سان. ٿوري گهڻي ڦير ڦار سان اڄ تائين ساڳيا ئي آهن جيئن اڄ جي موزمبق ملڪ جو نالو ”موسيٰ البيق“ عرب تان پيو جيڪو هتي پهرين پهتو هو.
    اهڙيءَ طرح عرب ناکئا جن تارن ذريعي رستو ڳوليندا هئا اهي به اڄ تائين ساڳين نالن يا ٿوري گهڻي ڦير ڦار سان اسانکي ائسٽرانامي ۽ نيويگيشن جي انگريزن ڪتابن ۾ پڙهايا وڃن ٿا.
    تارن جي جھڳٽن ۽ ڪهڪشائُن کان علاوه فقط عام عربي نالن وارا تارا به 165 ٿين ٿا جن جي روشني جو مقدار، زمين کان ڏوري ۽ سائيز جو حساب ڪتاب سڀ کان اڳ عربن لڳايو. ڪجهه مشهور تارا جيڪي بنا دوربين جي نظر اچن ٿا، پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هيٺ ڏيان ٿو. انهن جا انگريزي نالا عربي ٻوليءَ تان کنيل آهن. جيئن ته:

    انگريزي نالو عربي اصل نالو
    Acrab عقرب (وڇون)
    Albali البالح (ڳڙڪائيندڙ)
    Alchibah الخباء (تنبو)
    Algol (راس) الغول
    Algorab الغراب (ڪانگ)
    Altair الطائر (پکي)
    Arrakis الراقص (ناچو)
    Fomalhaut فم الحوت (مڇيءَ جو وات)
    Phacta فاخته (ڳيرو)
    Rasalased راس الاسد (شينهن جو مٿو)
    Thuban الثعبان (نانگ)
    Unukalhai عنق الحية (نانگ جي ڳچي)
    وغيره وغيره
    هي سڀ ڪجهه لکڻ مان منهنجو مطلب اهو ٻڌائڻ آهي ته عرب اسلام کان به گهڻو گهڻو اڳ کان وٺي تارن، هوائن ۽ سامونڊي لهرن جي ڄاڻ رکڻ ڪري جهازراني ۾ بيحد قابل هئا. سو عيسوي سن کان به اڳ هو عربي سمنڊ، هندي سمنڊ، خليج بنگال ۽ چيني سمنڊ لتاڙي چين تائين پهچي ويا هئا. اسلام کان اڳ هو چين جي مختلف شهرن ۾ رهيا ٿي ۽ چيني ڳالهائي ٿي. هنن چيني عورتن سان شادي ڪئي ۽ گهر ٻار چين ۾ ٺاهيو.... خاص ڪري ڪئنٽن بندرگاهه ۾ جنهن کي ان وقت (۽ هاڻ وري) گئانگ زو جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. هن بندرگاهه ۾ ايندڙ عرب مسلمانن ۾ ڪجهه اصحابي سڳورا جن مان حضرت سعد بن ابي وقاص جو تمام گهڻو ذڪر ڪيو وڃي ٿو، هتي رهائش اختيار ڪئي.
    محمد بن قاسم ته سنڌ ۾ 711 ۾ آيو. ان کان سؤ سال کن اڳ حضرت سعد بن ابي وقاص چين ۾ 18-616 دوران اسلام متعارف ڪرايو. ان بعد هو ٽيون دفعو 651 ۾ حضرت عثمان رضه (ٽئين خليفي) جي حڪم تي هڪ سفارتڪار جي حيثيت ۾ گئانگ زو (ڪئنٽن) آيو. هڪ ٻيو اصحابي جنهن جو پڻ چين ۾ گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيو اهو حضرت جعفر ابن ابي طالب هئو.
    حضور صلعم جن تي وحي 611 ۾ نازل ٿيو. 622ع ۾ مڪي کان مديني هجرت ٿي ۽ 630 ۾ مڪو فتح ٿيو. اسان جي ننڍي کنڊ جي پهرين مسجد جنهن بابت انڊيا واري سفرنامي ”بمبئي منهنجي ڀاڪُرَ ۾“ ۾ لکي چڪو آهيان ته اها ”چيرامن پيرو مل مسجد“ آهي جيڪا مڪي فتح ٿيڻ کان سال اڳ 629 ۾ ٺهي پر ڪئنٽن واري مسجد ”هئائي شينگ“ جيڪا Ximen Kou سب وي ريلوي اسٽيشن کان اڌ ڪلو ميٽر جي فاصلي تي آهي، انڊيا واري پيرومل مسجد کان به ٻه سال اڳ 627ع ۾ ٺهي.... يعني اڄ ان مسجد کي 1390 سال اچي ٿيا آهن. هي سال (627ع) اهو سال هو جنهن ۾ حضرت امام حسين رضه جن جنم ورتو ـــ يعني بدر جي لڙائي جيڪا 624ع ۾ لڳي هئي، ان کان ٽي سال پوءِ.
    ڪجهه لفظ حضرت جعفر ابن ابي طالب لاءِ لکڻ ضروري سمجھان ٿو. اسلام کان اڳ ۽ اسلام کان پوءِ جيڪي عرب سنڌ، هند جي ڪناري مالابار، ملايا ۽ چين وغيره ايندا رهيا انهن ۾ ڪيترا اصحابي سڳورا به هئا. جيئن ڏکڻ هندوستان جي ڪيرالا رياست جي شهر ڪڊغلور (Kodungallur) ۾ جتي جي مسجد دنيا ۾ مسجد نبوي صه بعد ٻيو نمبر پراڻي مسجد آهي، اتي جا ماڻهو حضرت مالڪ بن دينار اصحابي جي ڳالهه ٿا ڪن ته هو اتي وڏو عرصو رهيا. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ڪيترن اصحابي سڳورن جو اچڻ وڃڻ ٿيندو رهيو ٿي. اسانجي لاڙڪاڻي جو دوست انجنيئر عبدالوهاب سهتو ٻڌائي ٿو ته سکر کان شڪارپور واري رستي تي مهرن جي ڳوٺ وٽ پڻ ٻن اصحابين جون قبرون آهن جن جون ٻڌايل حديثون هن تر جي ماڻهن جي زبان تي عام آهن. اهڙيءَ طرح چين پاسي جن اصحابين جو اچڻ ۽ ذڪر عام هلي ٿو انهن ۾ سعد ابن ابي وقاص ۽ جعفر ابن ابي طالب (ڄم: 590، وفات 629ع) تمام گهڻو مشهور آهن.
    حضرت جعفر، حضرت عليءَ جو وڏو ڀاءُ ۽ ابو طالب جو ٽيون نمبر پٽ هو.... يعني حضور صلعم جن جو سؤٽ هو. پاڻ انهن مان هڪ هو جن شروع شروع ۾ اسلام قبول ڪيو. جڏهن مسلمانن کي مڪي جي ماڻهن تنگ ڪيو ته هنن مان ڪيترا حبش (Abyssinia) ڏي لڏي ويا. حضرت جعفر ٻئي ٽولي سان گڏ 616ع ۾ حبش پهتو جتي هن 12 کن سال گذاريا ۽ جنهن دوران هن حضرت سعد ابن ابي وقاص سان گڏ چٽگانگ، منيپور، تبت، کوتان ۽ چين جي مختلف علائقن ۾ تبليغ ڪئي. اڄ به چين جي زن جيانگ (Xinjiang) صوبي جي کوتان شهر جي چيني مسلمانن کان اسلام جي آمد جو پڇجي ٿو ته هو حضرت جعفر ابن ابي طالب جو نالو کڻن ٿا جن هن تر ۾ اچي اسلام جي تعليم عام ڪئي. هتي اهو به لکندو هلان ته حبش جي بادشاهه جڏهن الله تعاليٰ جي پيغام مطابق پڇيو ته هي اصحابي حضرت جعفر هو جنهن کيس قرآن جي ”مريم“ سورة پڙهي ٻڌائي هئي.
    سن 628 ۾ حضرت جعفر ۽ هن جا ٻار حبش کان مديني پهتا. ان وقت حضور صلعم جن خيبر جي جنگ ۾ هئا. حضرت جعفر يڪدم اوڏانهن روانو ٿيو جيئن پاڻ به مسلمانن جي فوج ۾ شامل ٿي سگهي. اتي پهچڻ تي کيس مسلمانن جي سوڀ جي خبر پيئي. چون ٿا ته حضور صلعم جن حضرت جعفر سان ملندي هنن لفظن جو اظهار ڪيو: ”خبر ناهي مون لاءِ ڪهڙي وڏي خوشخبري آهي.... خيبر جي فتح يا جعفر جي آمد.“
    سال بعد 629ع ۾ جيڪا مسلمانن جي رومين سان لڙائي ٿي ان ۾ حضرت جفعر عه تمام گهڻو دليريءَ سان وڙهيو ۽ شهادت ماڻيائين. چون ٿا ته حضرت جعفر عه جو مقبرو اردن جي شهر ڪيراڪ (Kerak) ڀرسان المزار ۾ آهي. سندس قبر جي چوڌاري سون ۽ چانديءَ جي ڄاري دائودي بوهرين جي 52 هين داعيءَ محمد برهان الدين ٺهرائي.
    هي سڀ ڳالهيون ان ڪري لکي رهيو آهيان ته جيئن ان زماني جي جهازراني ۽ واپار وڙي جي ڄاڻ ڏئي سگهان ته انهن ڏينهن ۾ جهازراني اڄ وانگر نه هئي ته جدي کان ڪراچي پاڻي جو جهاز پهتو ۽ سامان لاهي يا چاڙهي انهي ڏينهن هليو ويو. انهن ڏينهن ۾ سڙهن وارا جهاز هوائن جي زور تي، موسم مطابق هليا ٿي. سياري جي موسم ۾ اتر واءُ لڳڻ سان سنڌ کان ناکئا سرانديپ ڏي جهاز هاڪاريندا هئا. ٻن يا ٽن هفتن بعد هو ڪولمبو پهچڻ سان وري يڪدم موٽي نه سگهندا هئا. موٽندا تڏهن هئا جڏهن چؤماسي جون هوائون لڳن.... يعني ڏکڻ لڳي. تيسين هو ڪولمبو ۾ ٻيڙين جا ٻاهران پاسا پيا صاف ڪندا هئا. تيل پيا هڻندا هئا.... ڦاٽل سڙهه پيا سبندا هئا.... ڪي ته ڪنهن زميندار وٽ وڃي ٻني ٻارو ڪندا هئا.... ڪي مڪاني مايُن سان شادي ڪري اتي رهي پوندا هئا.... موٽڻ وقت جهازن جا ناخدا (ڪپتان) پيا کين منٿون ميڙيون ڪندا هئا ته اچو ته سامان چاڙهي وطن ورون ڪڏهن ته خلاصين سان گڏ جهاز جا ناکئا (نائوخدا) به جهاز تي ٽي قل پڙهي ان پرائي ديس ۾ رهي پوندا هئا ڀلي سندن جويون ديبل ۽ ڀنڀور ۾ يا بندر عباس ۽ عدن ۾ پيون پڙ باسين ۽ سکائون ڪن.
    سو منهنجو مطلب اهو آهي ته 711 م جڏهن محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪيو ته ان وقت پهريون دفعو عرب سنڌ ۾ نه آيا. ان کان گهڻو گهڻو اڳ کان سنڌ ۾ عرب رهيا پيا هئا جيئن اسان جا سنڌي ٻُڌ ۽ هندو ”عرب ملڪن“ ۽ ”ايران“ ۾ اسلام کان به اڳ رهيا پيا هئا ۽ هو عربي ۽ فارسي کان اهڙو ئي سٺي طرف واقف هئا جهڙيءَ طرح سنڌ ۾ رهندڙ عرب سنڌي، گجراتي ۽ ڪوڪني (مالابار ڪوسٽ جي ٻولي) کان.
    اهڙيءَ طرح فلپين ۽ چين جي بندرگاهن ڏي وڃڻ لاءِ جهاز کي سامونڊي سوڙهي ڳچي (ملاڪا Strait) مان لنگهڻو پيو ٿي. انهن ڏينهن ۾ نه ڪوالالمپور هو نه پينانگ .... اهي سڀ شهر ۽ بندرگاهه هاڻ ٻه اڍائي سؤ سال اڳ جي ڳالهه آهن. انهن ڏينهن مان اڄ وارو ملاڪا شهر وارو بندرگاهه ئي هڪ قدرتي بندرگاهه هو جتي ملاڪا ڳچي سمنڊ مان لنگهندي جهازرانن، سوداگرن توڙي قذاقن ساهي پٽي ٿي. ملاڪا ڳچي سمنڊ جنهن کي ”سامونڊي درياهه“ ڪري سمجھجي، انڊونيشيا جي ٻيٽ سماترا ۽ ملايا (اڄ واري مغربي ملائيشيا) جي وچ ۾ وهي ٿو ۽ 800 کن ڪلوميٽر ٿيندو. اڄ جي ماڊرن جهازن کي به اهو لتاڙي ڇيڙي تي موجود سنگاپور ٻيٽ وٽ پهچڻ ۾ ٻه ڏينهن لڳن ٿا. پراڻي دؤر ۾ جڏهن عرب اسلام کان اڳ ۽ پوءِ پنهنجي سڙهن وارن جهازن (Sailing Ships) ۾ هتان لنگهيا ٿي ته هنن کي هي سامونڊي سوڙهو Passage اڪرڻ ۾ هفتو کن لڳي ويو ٿي. ڪن ته ملاڪا ڳچي سمنڊ ۾ موجود ملاڪا بندر گاهه وٽ (جيڪو بلڪل اڌ رستي تي آهي) مهينو ٻه ترسي آرام ڪيو ٿي. ڪن ته پنهنجو آندل سامان اتي لاٿو ٿي ۽ چين کان ايندڙ سندن عربن ۽ ايرانين جي جهاز، يا چينين جي جهازن جي اتي پهچڻ تي هنن سان سودو ڪري سامان جي ڏي وٺ ڪئي ٿي.
    انهن ڏينهن ۾ يعني اسلام جي آمد کان اڳ ۽ ڪجهه صديون پوءِ تائين هن بندرگاهه يا سامونڊي درياهه جو نالو ”ملاڪا“ نه پيو هو. بس هي بندرگاهه هڪ مڊوي هائوس طور استعمال ٿيو ٿي جتي هڪ طرف کان.... يعني اولهه کان عربن ايرانين، سنڌين، گجراتين ۽ بنگالين جا جهاز اچي نڪتا ٿي ته اوڀر پاسي کان چينين جا، جن ۾ ڪجهه ويٽنامين ۽ فلپينين جا به هئا. ”ملاڪا“ نالو ته 1400ع ڌاري وجود ۾ آيو جڏهن سنگاپور (جيڪو انهن ڏينهن ۾ تيماسڪ سڏبو هو..... سنگاپور نالو، انگريزن 1819 ڌاري هي ٻيٽ خريد ڪرڻ بعد رکيو) جو راجا پرميشور سماترا پاسي جي حاڪمن جي حملي کان جان بچائي ڪجهه لشڪر سان گڏ ملايا پاسي نڪري پيو جيڪو ان وقت سڄو جھنگ ئي جھنگ هو. انهن ڏينهن ۾ سفر جو واحد ذريعو پنڌ يا ٻيڙين ذريعي هو. هو هن ملاڪا ڳچي سمنڊ مان لنگهندي آخر هڪ هنڌ کي سڻائو سمجھي ترسي پيا. اهو هنڌ اڄ وارو ملاڪا بندرگاهه هو جنهن کي ملئي ٻولي ۾ Melaka لکجي ٿو جنهن کي بعد ۾ انگريزن پنهنجي راڄ ۾ Malacca لکيو. بهرحال سنگاپور جي راجا جيڪو پنهنجي ڪجهه رعيت/پوئلڳن سان اتي پهتو هو، ان کان اڳ هن گھاٽ (تڙ) جو ڪو نالو نه هو. بس ايئن ئي جهازرانن جي ساهيءَ لاءِ ٿلهو سڏيو ويو ٿي. راجا پرميشور وارن به پنهنجيون ٻيڙيون اتي ٻڌيون ۽ جنهن وڻ هيٺان هو اچي ليٽي پيو اهو ”پوڪوڪ ملاڪا“ هو. ملئي ٻوليءَ ۾ Pokok معنيٰ وڻ. هن بادشاهه وڻ هيٺان ننڊ ڪري اٿڻ مهل پنهنجن ساٿين کي چيو ته: ”بابا اڄ ڏينهن کانپوءِ پاڻ کي هتي سلطنت ٺاهڻي آهي ۽ هن هنڌ جو نالو هن وڻ وارو ”ملاڪا“ ٿيندو.
    ڪجهه سالن بعد هي هندو راجا پرميشور عرب سوداگرن ۽ ناکئن جي اخلاق کان متاثر ٿي پاڻ مسلمان ٿيو ۽ پنهنجو نالو اسڪندر شاهه رکيو. اٽڪل سٽڪل ڪري هن چين جي حاڪمن سان به دوستي ڪري ورتي جيئن هن سان اوسي پاسي جا سيامي (ٿائي) حاڪم ڏاڍائي نه ڪن. انهن ڏينهن ۾ چين تي مِنگ گهراڻي جي بادشاهن جو راڄ هو.
    مِنگ گهراڻو 1368ع کان 1644ع تائين حڪومت ۾ رهيو ۽ چين جي تاريخ ۾ هي دور اسلام جي وڌڻ لاءِ سونهري دور سڏيو وڃي ٿو. هن ئي دور ۾ چين جي مسلمان ائڊمرل ”زهينگ هي“ جهازن جا ٻيڙا آفريڪا ڏي وٺي وڃڻ کان اڳ ملاڪا ۾ به ترسايا هئا. ان ڪري ”ملاڪا سلطنت“ جي اوسي پاسي ۾ وڏي ڌاڪ ويهي وئي.
    اسڪندر شاهه جو پوٽو منصور شاهه جڏهن ملاڪا جو سلطان ٿيو ته هن چيني حاڪمن سان وڌيڪَ تعلقات پيدا ڪرڻ لاءِ چين جي مِنگ گهراڻي جي هڪ شهزاديءَ ”هئنگ لِي پو“ سان شادي ڪئي.
    چيني ڪنوار Hang Li Po جڏهن چين کان ملاڪا موڪلي وئي ته ٻئي ڏيج سان گڏ هن سان 500 خذمتگار چيني ڇوڪريون پڻ هيون جن ملاڪا ۾ ملئي نوجوانن سان شادي ڪئي ۽ ملاڪا ۾ ”بڪت چينا“ واري علائقي ۾ رهائش اختيار ڪئي. اڄ انهن جو اولاد ۽ ٻولي ملئي ۽ چيني ٻولين جو مڪسچر آهي ۽ هي مرد ”باباز“ ۽ عورتون ”نونياز“ سڏجن ٿا ۽ اڄ به هنن جي گهڻي تڻي رهائش ملاڪا ۾ آهي. هي چيني نسل جا ماڻهو جيڪي سلطان منصور شاهه جي ڏينهن ۾ آيا طبيعت ۽ مزاج ۾ انهن چينين کان بلڪل مختلف آهن جيڪي گهڻو گهڻو پوءِ انگريزن جي حڪومت ۾ (يعني اوڻهين ويهين صديءَ ۾) مزدوريءَ خاطر چين کان ملايا آيا. ملاڪا شهر ۾ هنن ’باباز‘ ۽ ’نونياز‘ چينين کي مَلئي ماڻهن سان ملندڙ جلندڙ ڊريس ۽ ٻولي ڳالهائيندو ڏسي توهان کي حيرت ٿيندي. ڪي ڪي گهر ته اڄ به ان ئي نموني جا رکيا ويا آهن جيڪي سلطان منصور شاهه جي دؤرِ حڪومت 1477-1456ع ۾ هئا. هتي اهو به لکندو هلان ته ملاڪا جي هندو سلطان پرميشور جي مسلمان ٿيڻ بعد باقي عوام به مسلمان ٿي وئي. اهڙيءَ طرح سماترا، جاوا ۽ بورنيو ٻيٽ (ويندي برونائي) جا حاڪم ۽ انهن جي رعيت مسلمان ٿيندي وئي. باقي اهي هندو يا ٻُڌ جيڪي اسلام جي دائري ۾ نه آيا اهي ”بالي“ ٻيٽ تي هليا ويا. بالي ٻيٽ جو اڄ به سرڪاري مذهب هندو ڌرم آهي ۽ انڊيا بعد بالي اها جاءِ آهي جتي تمام گهڻا هندو رهن ٿا.
    بهرحال هتي آئون اها ڳالهه چوڻ چاهيان ٿو ته ملاڪا هجي يا ديبل ٺٽو، اتي جي حاڪم يا عوام جي مسلمان ٿيڻ کان اڳ به اتي عرب رهيا ٿي. اسلام کان اڳ ڪيترن عربن جيئن چين ۾ چينين سان شادي ڪئي تيئن سنڌ ۾ سنڌي عورتن سان شادي ڪئي. چينين لاءِ ته عربستان ڏورانهين پنڌ تي هو پر سنڌين لاءِ ته ايران (پرشيا) ۽ عربستان سڏ پنڌ تي هو ۽ ڪيترن سنڌي هندن عربستان ۾ رهي عرب ڇوڪرين سان شادي ڪئي جو اسلام کان اڳ ته جهڙا عرب بي دين ۽ بت پرست هئا تهڙا سنڌي (جيڪي هندو هئا يا ٻڌ) ۽ اهڙي طرح سماترا، جاوا، برونائي ۽ بورنيو جا مڪاني ماڻهو جيڪي هندو هئا يا برونائي ۾ رهندڙ چيني ٻُڌ ۽ ايراني آتش پرست هئا. اسلام جي آمد کان پوءِ جتي عرب مسلمان ٿيا اتي انهن جون چيني، ملئي يا هندو زالون ۽ ڪجهه ڪجهه سندن مڪاني دوست، مسلمان ٿيا. پر وڏو ريلو تڏهن آيو جڏهن محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي، ملاڪا جو راجا پرميشور پاڻ مسلمان ٿيو..... اهڙيءَ طرح برونائي جو هندو سلطان ”اوانگ الاڪ بيتاتار“ (جنهن برونائي تي 1368 کان 1402 تائين حڪومت ڪئي) مسلمان ٿيو ۽ پنهنجو نالو ”محمد شاهه“ رکيو. جيئن ملاڪا جي سلطان پرميشور 1414 ۾ مسلمان ٿي پنهنجو نالو ”اسڪندر شاهه“ رکيو.
    برونائيءَ جي حاڪم ۽ رعيت 1390ع ڌاري اسلام ضرور قبول ڪيو پر برونائيءَ ۾ ان کان اڳ به ڪيترائي عرب ۽ چيني مسلمان رهيا ٿي جيڪي جهازراني ۽ واپار وڙي جي سلسلي ۾ بورنيو ٻيٽ جي مختلف علائقن ۾..... خاص ڪري برونائيءَ ۾ ايندا ويندا رهيا ٿي. ڪجهه اهڙيون نشانيون مليون آهن جن مان ظاهر ٿئي ٿوته برونائيءَ ۾ ٻارهين صديءَ کان اسلام جا پوئلڳ رهڻ لڳا هئا. انهن ۾ ڪيتريون ئي قبرون چيني مسلمانن جون آهن جن تي لڳل ڪتبن مان انهن جي خبر پوي ٿي. هڪ ته ”پُو ڪُنگ چيح مُو“ جي آهي جنهن جي دفن جو سال 1264 لکيل آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته برونائي جو جيڪو پهريون سلطان مسلمان ٿيو ان کان به هڪ سؤ سال اڳ هن چيني مسلمان برونائيءَ ۾ وفات ڪئي.
    چيني ماڻهو نالي جي اڳيان ذات لکن ٿا. جيئن سنگاپور جي وزير اعظم ”لي ڪئان يو“ جي نالي ۾ لِي (Lee) سندس ذات آهي ۽ ”ڪئان يو“ نالو. سو مٿئين چينيءَ جي نالي ۾ پُو (Pu) ذات آهي ۽ اها ذات گهڻو تڻو چيني مسلمانن جي رهي آهي. قبر جي ڪتبي تي اهو به لکيل آهي ته هن جو تعلق چين جي ”چئان چائو“ شهر سان هو. چئان چائو ”فوڪيئن“ (Fukien) صوبي ۾ آهي. چين ۾ سُنگ گهراڻي (1279-960ع) جي ڏينهن ۾ تمام گهڻا عرب ۽ ايراني فوڪيئن صوبي جي ڪوانگ تنگ صوبي (خاص ڪري ”ڪوانگ چو“ شهر ۾، جيڪو پوءِ ”ڪئنٽن“ سڏجڻ لڳو) ۾ اچڻ لڳا.
    برونائيءَ ۾ نه فقط مٿين چيني مسلمان ”پُو ڪنگ“ جي قبر آهي پر ٻين به ڪيترن چيني مسلمانن جون آهن. انهن ۾ خاص ”لي چئان تِزو“ جي آهي جيڪو فوڪيئن صوبي جو هو ۽ سندس وفات 1876ع ۾ ٿي. 1880ع ۾ هڪ انگريز Groenveldt نالي جو ڇپيل ڪتاب: “Notes on the Malay Archipelago & Malacca Complied from Chinese Sources” ۾ آهي ته: هڪ چيني مسلمان سوداگر 977ع ۾ برونائيءَ ۾ آيو. هن جو نالو هو ”پُو ـــ لُو ـــ شيح“ (Pu-Lu-Shieh). هو سوداگر سان گڏ سفارتڪار به هو. سنگاپور جي ”سوشالاجيڪل ريسرچ انسٽيٽيوٽ“ جي 1963ع ۾ ڇپيل پيپر Islam Comes to Malaysia موجب اهو نالو ”پولو سيح“ دراصل عربي نالو ”ابوالليث“ آهي.
    ان وقت برونائيءَ جو بادشاهه ”هيانگ تا“ هندو هو جنهن چين کان آيل هن سوداگر ۽ سفارتڪار جي وڏي شان مان سان آڌر ڀاءُ ڪئي. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ته اهو ئي چيو ويندو ته برونائي ۾ اسلام 977ع يعني ڏهين صديءَ کان اچي چڪو هو.
    ڪيترا ته اهو به چئي سگهن ٿا ته چين کان آيل هن مسلمان ”سوداگر ـــ ڊپلومئٽ“ برونائيءَ ۾ اچي ڇا ڪيو؟ هو ته فقط چين جي حاڪم جون کيڪارون (Greetings) کڻي آيو. پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان جي موٽ ۾ برونائيءَ جي هندو بادشاهه جيڪا چين جي بادشاهه ڏي ڊيليگيشن موڪلي ان جو اڳواڻ ”پُو ــ اَ ـــ لي“ (Pu A-Li) نالي مسلمان چيني هو جنهن جو دراصل عربي نالو ”ابو علي“هو.
    ان مان لڳي ٿو ته جيتوڻيڪ برونائي جا حاڪم اڃا مسلمان نه ٿيا هئا پر هنن جي درٻار ۾ ڪيترائي عرب ۽ چيني مسلمان موجود هئا. انهن جي ۽ ٻين ايندڙ ويندڙ عرب، ايراني ۽ هندستاني مسلمانن جي اخلاق ۽ وهنوار مان متاثر ٿي آخرڪار برونائيءَ جو بادشاهه ”اوانگ الاڪ“ پهريون مسلمان بادشاهه ٿيو جنهن برونائيءَ تي 30 سال 1368ع کان 1402ع تائين حڪومت ڪئي.
    هونءَ برونائي.ءَ ۾ اسلام جون ٻه لهرون آيون. هڪ عربستان، ايران، انڊيا ۽ چين کان ايندڙ مسلمان سوداگرن جي اچڻ سان ۽ ٻي ملڪ جي بادشاهه جي اسلام قبول ڪرڻ تي. ان کان پوءِ طائف سعودي عرب کان آيل عالم دين شريف علي جي اچڻ کان پوءِ، جيڪو اهل بيت هو ۽ جنهن برونائيءَ ۾ اچي دين جي تبليغ ڪئي ۽ جنهن سان برونائي جي ٻئي سلطان احمد شاهه پنهنجي ڌيءَ پرڻائي. احمد شاهه جي وفات بعد جيئن ته هن کي پٽ ٻار جو اولاد نه هو ان ڪري برونائيءَ جو ٽيون مسلمان بادشاهه (سلطان) هن جو ناٺي (هي عرب عالم شريف علي) ٿيو. هن عرب سلطان جي ڏينهن ۾ برونائي جو عوام وڏي پئماني تي مسلمان ٿيو. بندر سري بيگوان واري مسجد هن سلطان ٺهرائي. سلطان پاڻ جمع ڏينهن خطبو ڏيندو هو ۽ نماز پڙهائيندو هو. سو سلطان شريف علي 1424ع کان 1432ع تائين نه فقط برونائيءَ جو بادشاهه هو پر ملڪ جي واحد مسجد جو امام به هو. سندس ايمانداري ۽ پرهيزگاريءَ ڪري کيس سلطان برڪت (يعني جنهن تي برڪتون هجن) به سڏيو ويو ٿي.
    سنگاپور جي گورنر ٿامس اسٽئمفورڊ رئفلس پنهنجي ڪتاب The History of Java ۾ لکيو آهي ته: ”برونائي جي سلطان شريف علي جي تبليغ فقط برونائي تائين محدود نه هئي هو اسلام جي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ جاوا ٻيٽ تي به ويندو هو.“
    برونائيءَ جي سلطان اسلام کي نه فقط بورنيو ٻيٽ تي پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر انڊونيشيا جي مختلف ٻيٽن ۽ ٿائلنڊ جي ڏاکڻن ٻيٽن ۾ پڻ. ياد رهي ته فلپين هڪ ٻيٽ نه پر انيڪ ٻيٽن جو جھڳٽو آهي ۽ هتان جا ڏاکڻا ٻيٽ برونائي جي تمام ويجھو آهن. جڏهن ملاڪا سلطنت تي 1511 ۾ پورچوگالين جو قبضو ٿيو ته برونائيءَ وارا ئي هن تَرَ ۾ اسلام پکيڙڻ جي خذمت سرانجام ڏيندا رهيا.
    16 هين صديءَ ڌاري برونائي ۾ هڪ تمام وڏي مسجد ٺاهي وئي. 1578 ۾ اسپيني سياح ”الونسو بيلتران“ جڏهن برونائي آيو ته هُنَ هِنَ مسجد لاءِ لکيو ته اها پاڻيءَ مٿان پنج ماڙ مسجد آهي. بد قسمتيءَ سان اها مسجد ان ئي سال جون جي مهيني ۾ اسپيني فوجين جي حملي ۾ تباهه ٿي وئي.
    ***


    برونائيءَ ۾ ڇا ڏسجي

    برونائي گهمڻ جهڙو ملڪ ضرور آهي پر اسان جي ماڻهن لاءِ نه. انگريز، يورپي، آمريڪن يا جپاني ته ڀلي برونائي گهمڻ لاءِ اچن جو هو امير ماڻهو آهن ۽ برونائي (ويندي ڪويت) جهڙا ملڪ، جن کي ٽوئرزم مان ڪمائڻ جي ضرورت ناهي (۽ هو ان ۾ دلچسپي نٿا رکن ته ڌاريان ماڻهو سندن ملڪ ۾ رلندا وتن) اهي به کين بنا ويزا جي اچڻ ڏين ٿا پر اسان جهڙن ماڻهن لاءِ يعني جن جو تعلق پاڪستان سان آهي، اهي هڪ ته بنا ويزا جي برونائيءَ ۾ اچي نٿا سگهن ۽ ٻيو ته برونائي جي ويزا حاصل ڪرڻ، خاص ڪري گهمڻ لاءِ ته بيحد مشڪل آهي. برونائيءَ ۾ نوڪري ملڻ تي اسان کي ورڪ ويزا ملي ٿي ۽ اسان وڃي سگهون ٿا. يا ساک وارا بزنيس مين ضرورت مطابق برونائي بزنيس سيٽ اپ ڪرڻ لاءِ ”بزنيس ويزا“ حاصل ڪري سگهن ٿا. ملائيشيا ۾ ڏسندو آهيان ته ڪيترا اسانجا بزنيس مين جن جو ملائيشيا، انڊونيشيا، ٿائلنڊ يا ٻين ملڪن ۾ بزنيس آهي اهي اڪثر برونائي ويندا رهن ٿا.
    ساڳي وقت ڏٺو وڃي ته برونائيءَ وڃڻ اسان لاءِ آسان هجي ته به گهمڻ لاءِ برونائي وڃڻ وڏي بيوقوفي ٿيندي. اهو ملڪ جيڪو ڪوالالمپور (ملائيشيا) کان به ٻيڻي پنڌ تي آهي يعني جنهن جي ٻيڻي ٽڪيٽ آهي، مهانگائي جپان جهڙي آهي ۽ جيڪو ملڪ اسانجي حيدرآباد ضلعي جيڏو ڪو مس آهي.... يعني جنهن کي گهمڻ لاءِ صبح کان شام تائين هڪ ڏينهن ڪافي آهي اتي وڃڻ بدران ته ماڻهو ڪولمبو يا کٽمنڊو هليو وڃي جتي پڻ هو برونائئ جهڙي ساوڪ، سونهن ۽ جهنگل ڏسي سگهي ٿو.... يا ممبئي، گوا، مشهد ۽ اصفهان هليو وڃي. سچي ڳالهه ته اها آهي ته اسانجو 90 سيڪڙو ماڻهو گهمڻ لاءِ برونائي وڃڻ پسند نه ڪندو جو هو شراب ۽ شباب لاءِ وڃي ٿو. هو بئنڪاڪ يا دبئي ئي وڃڻ پسند ڪندو. برونائيءَ ۾ ته سخت اسلامي قانون آهن. اسانجو امير ماڻهو اصفهان ۽ ڪرمال گهمڻ لاءِ ايران جي مفت ويزا ملڻ تي به نه ويندو پر 20 هزار رپيا ڏئي دبئي گهمڻ جي ويزا وٺندو جو دبئي وارن ٽوئرسٽن مان پئسو ڪمائڻ لاءِ هنن کي هر کائڻ جو بندوبست ڪيو آهي. اسانجو ماڻهو دبئي جي ايئرپورٽ مان نڪري ڊيوٽي فري شاپ ۾ گهڙي ٿو ۽ وسڪي ۽ بيئر جو ڪريٽ خريد ڪري ٿو. هوٽل ۾ پهچي وچ ايشيا جي ملڪن جي ڪنهن رول رن يا چيني، فلپينو، ٿائي ڇوڪريءَ جو آرڊر بُڪ ڪري ٿو.... آئون پنهنجي ملڪ جي غريب ماڻهن جي ڳالهه نٿو ڪريان جيڪي پيٽ گذر لاءِ، ٻارن کي ڇڏي، دبئي جهڙي وارياسي ۽ گرم ملڪ ۾ پورهيو مزدوري ڪرڻ اچن ٿا. آئون انهن رشوتخور ڪامورن، حرام کائيندڙ سياستدانن ۽ وڏيرن جاگيردارن جي ڳالهه ٿو ڪريان جيڪي ويڪ اينڊ (هفتي جا ٽي ڏينهن) Enjoy ڪرڻ لاءِ دبئي پهچن ٿا. هاڻ هنن لاءِ دبئيءَ ۾سمورا اهي عيش موجود آهن جن کان ڪنهن زماني ۾ بئنڪاڪ (ٿائلنڊ) مشهور هو.
    بهرحال هتي آئون اسانجي انهن ماڻهن لاءِ لکڻ ٿو چاهيان جيڪي برونائي جي مختلف تعليمي ادارن، تيل ۽ گئس ڪمپنين ۾ يا انجنيئرنگ ڪمپنين ۽ اسپتالن ۾ ڪم ڪن ٿا يا ايسٽ ملائيشيا جي رياستن صباح ۽ سراواڪ ۾ ڪم ڪن ٿا. خاص ڪري سرڪاري ادارن ۾..... ڇاڪاڻ جو انهن کي برونائي گهمڻ جي ويزا آسانيءَ سان مليو وڃي ۽ هو ملائيشيا جي سراواڪ رياست جي شهرن: ڪُچنگ، بنتُوو، لمباگ، مِري، سيبُو ۽ ٻين شهرن کان ڪار يا موٽر بوٽ (لانچ) ذريعي برونائي جي گادي واري شهر ”بندر سري بيگوان“ ۽ ”ڪئالا بيلايت“ جهڙن شهرن ۾ گهمڻ لاءِ اچي سگهن ٿا. هو موڪل جو ڏينهن برونائيءَ ۾ گذاريندي ڇا ڇا ڏسي سگهن ٿا؟ اهو سوال مون برونائيءَ ۾ رهندڙ ڪنهن پاڪستانيءَ کان ڪرڻ چاهيو ٿي. اسانجو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ مئرين اڪيڊميءَ جوساٿي درٻيلي جو ڪئپٽن احمد حسين مخدوم برونائيءَ ۾ تمام وڏو عرصو رهيو آهي .... اٽڪل ست سال کن. هن ڪئالا بيلايت جي مئرين ڪاليج ۾ نيويگيشن جا سبجيڪٽ پڙهايا آهن. موڪل واري ڏينهن ڪار کڻي هر ملڪ جا مڪان ۽ ماڳ گهمڻ ڦرڻ هن جي خاص وندر رهي آهي. هن جي ذهن ۾ برونائيءَ جون گهمڻ لائق جايون هن ريت آهن:
    سلطان عمر علي سيف الدين مسجد
    سلطان عمر برونائيءَ جو 28 هون سلطان ٿي گذريو آهي ۽ موجوده سلطان حسن البوليخا جو والد هو. هيءَ مسجد برونائيءَ جي گادي واري شهر بندر سري بيگوان ۾ آهي ۽ ملڪ جي Land Mark سمجھي وڃي ٿي.... جيئن تاج محل انڊيا جو لئنڊ مارڪ آهي يا فيصل مسجد اسلام آباد جو ۽ پڪو قلعو حيدرآباد جو آهي.
    ”سلطان عمر مسجد“ هڪ اعليٰ ۽ شاهي قسم جي مسجد آهي. رات جي اونداهيءَ ۾ هيءَ پري پري تائين چمڪندي نظر اچي ٿي. هن مسجد کي 28 گنبذ (Domes) آهن جيڪي هن 28 هين سلطان جي نشاندهي ڪن ٿا.

    جامع عصر حسن البوليخا مسجد
    هيءَ مسجد برونائيءَ جي وڏي ۾ وڏي مسجد آهي ۽ هن کي 29 گنبذ آهن يعني هيءَ مسجد موجوده سلطان حسن جي ياد ۾ ٺاهي وئي آهي. هيءَ مسجد هن سلطان جي بادشاهيءَ جي 25 هين سالگرهه ملهائڻ جي موقعي تي ٺاهي وئي هئي. هن مسجد کي ”ڪئارونگ مسجد“ به سڏين ٿا جو بندر سري بيگوان کان 4 ڪلوميٽر پري جنهن ڳوٺ ۾ هيءَ 20 ايڪڙن تي مسجد آهي ان جو نالو ”ڪمپونگ ڪئارونگ“ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هتي جا ڳوٺ به شهرن سان ملي هڪ ٿي ويا آهن. اسان ننڍا هئاسين .... يعني سٺ ستر سال اڳ ڪياماڙي، کارادر، صدر، لسٻيلو، چنيسر ڳوٺ، لالو کيت، ملير، ماريپور وغيره الڳ الڳ ڳوٺ هئا جن جي وچ ۾ ڪا آبادي نه هئي. انهن ڏينهن ۾ نارٿ ناظم آباد، نيو ڪراچي، گلستان جوهر ۽ ويندي گلشن اقبال جو ته وجود ئي نه هو. اڄ اهي سڀ ملي هڪ شهر ڪراچي ٿي ويو آهي. برونائي سڄو ملڪ ته ڪراچيءَ جي اڌ جيترو به ناهي ۽ ڇا ته هنن وٽ تيل جو پئسو آهي سو توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته سڄو برونائي يورپ ۽ جپان جهڙي ڪنهن ماڊرن ملڪ جو شهر ٿو لڳي.

    ڪمپونگ آئر:
    ڪمپونگ آئر جي معنيٰ آهي ”آبي ڳوٺ“ يعني پاڻيءَ تي ٻڌل ڳوٺ. ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ڪيترن ملڪن ۾ توهان کي اهڙيون وستيون نظر اينديون جتي درياءَ جي مٿان گهر آهن جن ۾ رهندڙن جي آمدرفت ٻيڙين ذريعي ٿئي ٿي جيئن اٽليءَ جي شهر وينس ۾. برونائيءَ ۾ ”برونائي نديءَ“ تي هي دنيا جو سڀ کان وڏو ۽ آڳاٽو ڳوٺ آهي. هن کي ڏسڻ لاءِ ڌارين ملڪن جا ماڻهو موڪلن وارن ڏينهن تي اچن ٿا. هونءَ ته ڪنهن زماني ۾..... يعني سؤ ڏيڍ سؤ سال اڳ هتي جا رهاڪو مهاڻا غريب هئا پر هاڻ برونائيءَ جي حڪومت ملڪ مان نڪرندڙ پيٽرول مان هر ماڻهوءَ کي خوشحال بنائي ڇڏيو آهي. اڄ هو نه غريب آهن ۽ نه هاڻ مڇي مارڻ جهڙو پورهيو ڪن ٿا. هنن وٽ پئسو ايڏو جام آهي جو ملڪ جي وڏن ڊپارٽمينٽل اسٽورن مان مختلف ملڪن کان امپورٽ ٿيل فروزن مڇي ۽ گانگٽ خريد ڪريو اچن. هر هڪ جي در اڳيان جيتوڻيڪ ننڍڙي ٻيڙي ٻڌل آهي پر اها فقط هڪ گهر کان ٻئي گهر وڃڻ لاءِ يا ڪناري تي پهچڻ لاءِ جتي هر هڪ جي پنهنجي مرسيڊيز يا وولوو جهڙي ڪار پارڪ ٿيل آهي.

    برونائي ميوزيم:
    هن ملڪ جي ماڻهن ۽ سلطانن جا آڳاٽا خنجر، تلوارون ۽ بندوقن جهڙيون شيون توهان هن ميوزم ۾ ڏسي سگهو ٿا. بورنيو ٻيٽ وٽ تباهه ٿيل آڳاٽن جهازن مان مليل مختلف شيون پڻ هتي آهن. برونائي ميوزم جي ڀرسان ئي ”ملئي ٽيڪنالاجي ميوزم“ آهي جنهن ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو ته هن ملڪ جا ماڻهو ٻيڙيون ڪيئن ٺاهيندا هئا..... لوهار ۽ سونارا ڪيئن مختلف شيون: ڪهاڙيون، ڪوڏرون، پرانگ (خنجر)، ڏاٽا ۽ سونا ڳهه تيار ڪندا هئا.

    استانا نورالايمان.
    ملئي ٻوليءَ ۾ محل کي استانا سڏين ٿا. برونائي نديءَ جي ڪناري تي هي خوبصورت ۽ قيمتي شين سان سينگاريل محل دنيا جو وڏي ۾ وڏو محل آهي. هي محل برونائي جي سلطان جو سرڪاري رهائش گاهه سڏيو وڃي ٿو. عيد جي موقعن تي عام ماڻهن جي ڏسڻ لاءِ پڻ کوليو وڃي ٿو. هن محل جي ڊيزائين مشهور انجنيئر ليناڊرو (Leandro V. Locsin) ٺاهي ۽ فلپين جي فرم Ayala Corporation وارن هن کي ملئي ۽ اسلامي عمارتسازيءَ جو به رنگ ڏنو. هن محل ۾ 1788 ڪمرا ۽ 257 باٿ رومون آهن. شادي هال (Banquet Hall) ايڏو وڏو آهي جو 5000 ماڻهو آرام سان ويهي ماني کائي سگهن ٿا.

    لاپائو (Lapau) ـــ شاهي رسمن جو هال:
    هيءَ عمارت جيڪا ”جالان ڪيانگيهه“ (روڊ) تي آهي شاهي رسمن رواجن لاءِ استعمال ٿئي ٿي. 1968ع ۾ هن موجوده سلطان جي تاج پوشي به هتي ٿي هئي. هن ئي عمارت ۾ ملڪ جا قانون ٺاهيندڙ ادارو ”ديوان مجسل“ پڻ آهي جنهن ۾ ملڪ جي اسيمبلي جا ميمبر ملن ٿا. لاپائو ڏسڻ لاءِ ٽوئرسٽن کي اڳ واٽ اجازت وٺڻي پوي ٿي. اسيمبلي جي ميمبرن جي گڏجاڻيءَ لاءِ هاڻ نئين عمارت Jalan Mabohai تي ٺهي آهي. ملئي ٻوليءَ ۾ ”جالان“ جي معنيٰ ”هلڻ“ به آهي ته ”روڊ، رستو“ پڻ. ”جالان رايا“ معنيٰ هاءِ وي. ڇو جو ملئي لفظ Raya جي معنيٰ آهي وڏو. ان تان ملئي لفظ ”هري رايا“ معنيٰ ”عيد“ ٺهيو آهي Hari معنيٰ ڏينهن ۽ رايا معنيٰ وڏو سو ٿيو ”وڏو ڏينهن“ معنيٰ عيد جو ڏينهن. هتي برونائي، انڊونيشيا يا ملائيشيا ۾ چوندا آهن ته هري رايا جي موڪلن ۾ ملنداسين..... يعني عيد تي ملنداسين. هنن ملڪن ۾ عيد ڪارڊن تي ”عيد مبارڪ“ لکيل هجڻ بدران “Selamat Hari Raya” لکيل هوندو آهي. جيئن اسان جا ڪي ڪي لفظ ڌارين کي حيرت ڏياريندا آهن تيئن ملئي لفظ اسان کي حيرت ڏيارين ٿا. جيئن هتي Side Walk يا فٽ پاٿ کي ”جالان ڪاڪي“ سڏين. Kaki معنيٰ پير. موڪلائڻ واري کي ”خدا حافظ“ چوڻ بدران ”سلامت جالان“ چون..... معنيٰ رستي جي سلامتي هجئي. هڪ دفعي ملائيشيا جو جهنگل هڪ سوڙهي رستي تان ڪراس ڪري رهيو هوس ته سامهون ٽئڪسي اچي رهي هئي. مون داداگيريءَ ۾ پنهنجي ڪار جو اڌ ڪچي ۾ لاهڻ بدران گهٽ لاٿو. نتيجي ۾ اسان جي ڪارن جي پاسي کان لڳل آرسيون هڪ ٻئي سان لڳي ڀڄي پيون. مون کي اڃان گهڻي ملئي ٻولي نٿي آئي. آئون جيسين جملو ٺاهي هن کان معافي وٺان، ڳوٺاڻو ٽئڪسي ڊرائيور ”مَڪن جالان، مَڪن جالان“ چوندو رهيو. مڪن جي معنيٰ ته مونکي آئي ٿي معنا کائڻ ۽ هيستائين ملائيشيا ۾ رهي مڪن ايام (ڪڪڙ)، ناسي (چانور) ۽ ناناس (انناس) وغيره ته کائي چڪو هوس پر اها خبر نه هئي ته جالان به ڪا شيءِ آهي جيڪا کائبي آهي. گهر پهچي پوءِ مونکي خيال آيو ته هن جو مطلب هو ته آئون سندس حصي جي اڌ رستي تي قبضو ڪري پئي هليس يعني مون هن جو رستو، حق پئي کاڌو.
    انگريزيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته:
    All Raods lead to Rome
    اهڙيءَ طرح ملئي ٻوليءَ ۾ آهي ته:
    Ada Banyak Jalan Menuju ke Makah
    سڀ رستا مڪي ڏي وڃن ٿا.

    مقام دي ـــ راجا: (سلطانن جو قبرستان)
    سنگائي برونائي (برونائي ندي) جي ڪناري وٽ ”سُون لي ميگا مارٽ“ سپر مارڪيٽ جي پويان ”جالان توتانگ“ تي هن ملڪ جي شاهي خاندان جو قبرستان آهي جنهن ۾ موجوده سلطان جي والد سلطان عمر علي سيف الدين (جنهن 1950ع کان 1967ع تائين حڪومت ڪئي ۽ 1986ع ۾ وفات ڪئي)، جو مقبرو آهي. ان کان علاوه احمد تاج الدين (1950-1924ع)، محمد جمال العالم (1924-1906ع) ۽ هاشم جليل العالم (1906-1885ع) جا پڻ مقبرا آهن.

    قبور دانگ آيانگ
    جنرل پوسٽ آفيس جي سامهون جتي ”طيب بلڊنگ“ جي پارڪنگ آهي اتي هڪ غيباتي قسم جي ڊٺل قبر آهي جنهن جي چوڌاري ننڍڙي ڀت به آهي. چون ٿا ته هڪ عورت کي بدفعلي جي ڏوهه مان ”ڪمپونگ آئر“ جي ماڻهن ڀڄائي ڪڍيو جنهن هتي جهنگل ۾ اچي پناهه ورتو هو. انهن ڏينهن ۾ برونائي سڄو گھاٽو جھنگل هو جيڪي ٿورا گهڻا ماڻهو رهيا ٿي اهي درياهه برونائيءَ جي ڪناري تي رهيا ٿي.
    سال 2007ع جي برونائي ٽائيمس جي اخبار (ڇنڇر 7 اپريل) جي مون وٽ ڪٽنگ آهي جنهن ۾ فيچر طور هن قبر بابت ڪهاڻي لکيل آهي ته هن قبر ۾ دفن ٿيل عورت ”دانگ آيانگ“ ٿي سگهي ٿو هڪ عام عورت نه پر شاهي خاندان جي هجي جو هيءَ قبر ”قبور راجا آيانگ“ جي نالي سان پڻ سڏي وڃي ٿي. برونائي جي ”هسٽري سينٽر“ جي پرنسپال جي لکيل پيپر مطابق هيءَ قبر ڪنهن دورَ جي شهزاديءَ جي لڳي ٿي جنهن جو پيءُ عرب نسل جو، ٿي سگهي ٿو سلطان شريف عليءَ جو مائٽ هجي. لڳي ٿو ته اهو ڏوهه جو ڪم 1452 ڌاري ٿيل آهي جڏهن برونائيءَ جو سلطان سليمان هو جنهن 1432 کان 1485 تائين حڪومت ڪئي. قبر تي لڳل ڪُتبي تي عربيءَ ۾ به لکيل آهي ته اميد ته هن عورت جيڪا هن دنيا ۾ سزا ڀوڳي اها سندس گناهه جي عيوض ڪافي ٿيندي. رب پاڪ کان دعا آهي ته هو هن گنهگار ٻانهيءَ کي بخش ڪندو ۽ جنت ۾ جايون ڏيندو.
    مٿين ڳالهه مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته ماضيءَ ۾ هن ملڪ ۾ قانون جي ايتري ته حڪمراني رهي ۽ ڏوهاري کڻي ڪو شاهي خاندان جو ماڻهو ثابت ٿيو ٿي ته به هن کي سزا کان معاف نه ڪيو ويو ٿي. ان کان علاوه اهو به لڳي ٿو ته هن ملڪ ۾ اسلامي قانون جو احترام ڪيو ويو ٿي. اڄ به برونائي جو سرڪاري مذهب اسلام آهي ۽ 54 قانونن مان 37 جو واسطو اسلامي شريعت سان آهي.
    ***


    برونائيءَ جا سڀ حاڪم درويش به نه هئا

    برونائيءَ جي ڄاڻ رکندڙن لاءِ هتي هڪ دفعو وري لکندو هلان ته برونائيءَ جا حاڪم ”سلطان“ سڏجن ٿا ۽ هن وقت ملڪ جو اوڻٽيهون مسلمان سلطان حسن البوليخا آهي جيڪو سمجھو ته ملڪ جو بادشاهه به آهي ته ان جو وزير اعظم به. ملائيشيا ۾ به سلطان آهن. تيرهن رياستن مان نون رياستن جا حاڪم سلطان آهن جن مان واري وٽيءَ تي هر هڪ چئن سالن لاءِ سڄي ملائيشيا جو بادشاهه ٿئي ٿو. پر ملائيشيا جو بادشاهه فقط ”بادشاهه“ ئي رهي ٿو. ”وزير اعظم“ عوام مان چونڊيو وڃي ٿو جيئن ٿائلنڊ ۾ آهي. ٿائلنڊ جي عوام پنهنجي بادشاهه جي تمام گهڻي عزت ڪري ٿي جو هن عوام لاءِ تمام گهڻا ڪم ڪيا آهن. کين تعليم، صحت، سلامتي ۽ آزاديءَ سان سرشار ڪيو آهي. اهي ئي سٺا ڪم برونائيءَ جي سلطانن به پنهنجي رعيت سان ڪيا آهن جنهن ڪري برونائي جي عوام پنهنجن سلطانن مان خوش آهي ۽ کين دل سان چاهي ٿي. برونائي جي سلطانن جو درجو سعودي عرب، ملائيشيا ۽ ڪويت جهڙن ملڪن جي بادشاهن کان اعليٰ ان ڪري به آهي جو برونائي جا سلطان عوام لاءِ پير مرشد ۽ بزرگ عالمن جو به درجو رکن ٿا. جيئن اسان وٽ گادي نشين پيرن جي عزت صوبي يا ملڪ جي حاڪم کان به وڌيڪ ڪئي وڃي ٿي ڇو جو اسان جا ماڻهو مذهبي جذبات رکن ٿا. ڪنهن جو موجوده پير کڻي مذهبي نه هجي پر جيئن ته هن جو ستين اٺين يا ڏهين ٻارهين پيڙهي ۾ پڙڏاڏو يا تڙ تڙڏاڏو عالم، بزرگ، ديندار هو ان ڪري ان علائقي جا ماڻهو اڄ به ان جي اولاد کي اها ئي اهميت ڏين ٿا.
    ڏٺو وڃي ته برونائي جي سلطانن ظهير الدين بابر يا انگريزن وانگر جنگيون يا ٺڳيون ڪري ملڪ فتح نه ڪيو. هو اصل کان هن ڌرتيءَ جا مالڪ هئا. ائين به نه آهي ته هتي ڪنهن محمود غزنويءَ اچي مندر تباهه ڪيا ۽ مڪاني هندو سلطانن ۽ عوام ۾ خوف پيدا ڪيو ۽ نه ڪنهن محمد بن قاسم جهڙي سالار مڪاني حاڪم راجا ڏاهر سان جنگ جوٽي پنهنجا مسلمان گورنر رکيا. برونائيءَ جا سلطان ۽ عوام هندو هئا برونائيءَ ۾ عرب مسلمان تاجرن ۽ جهازرانن جو اچڻ وڃڻ ضرور هو جن جي سٺين ڳالهين کان متاثر ٿي برونائي جو هندو سلطان ”الاڪ بيتاتار“ مسلمان ٿيو جيڪو برونائيءَ جو پهريون مسلمان سلطان ليکيو وڃي ٿو. مسلمان ٿيڻ بعد هن پنهنجو نالو ”محمد شاهه“ رکرايو. پاڻ 1402 ۾ وفات ڪرڻ وقت تائين برونائي تي 30 سال حڪومت ڪيائين.
    هتي اهو به لکندو هلان ته برونائي جو هي پهريون سلطان محمد شاهه نه فقط نالي جو مسلمان ٿيو پر هو عملي طرح به هڪ نيڪ انسان ٿي رهيو. اهڙيءَ طرح ٻيو سلطان احمد جيڪو 1425 تائين برونائي جو سلطان رهيو، اهو پڻ مذهبي طبعيت جو انسان هو ۽ هن جي ڏينهن ۾ عربستان کان ايندڙ عالمن ۽ مبلغن جو برونائيءَ ۾ وڏو قدر ڪيو ويو ٿي. ايتري قدر جو ملڪ جي هن سلطان پنهنجي اڪيلي اولاد، ڌيءَ جي شادي عربستان کان آيل هڪ عالم دين ’امير شريف عليءَ‘ سان ڪرائي. اڄ جي عرب جو اميج هڪ امير ماڻهوءَ جو آهي جيڪو گذريل صديءَ کان تيل نڪرڻ بعد ٿيو آهي نه ته عربستان ۾ ايڏي غربت هئي جو ويندي اتي جي شهرن ۾ ٻرندڙ فانوسن لاءِ تيل حيدرآباد دکن جو ناظم موڪليندو هو. ٻي ڳالهه ته اڄ به گهڻا ماڻهو پئسي ڏوڪڙ کي ترجيح ڏين ٿا ۽ پنهنجيءَ ڌيءَ جي شادي ڪوشش ڪري پئسي واري سان ڪرائين ٿا. اهڙي تناظر ۾ برونائي جو سلطان - جنهن جو درجو اسان جي پيرن، ميرن، سردارن کان، بنا ڪنهن شڪ جي، مٿانهون چئي سگهجي ٿو - پئسي ڏوڪڙ توڙي فالوشپ (مريدي) ۾، پنهنجي اڪيلي ڌيءَ جي شادي پنهنجي خاندان يا ملڪ جي ڪنهن امير يا سهڻي جوان بدران هڪ غريب پرديسي عرب سان ڪرائي، ان مان پڻ ثابت ٿئي ٿو ته برونائي جي سلطانن هڪ ديانتدار، نيڪ ۽ مذهبي ماڻهوءَ جو قدر ڪيو ٿي.
    هڪ ٻي ڳالهه. اسان وٽ رڳو ڪو سرڪاري ڪامورو ٿو ٿئي ته ان کان وڌيڪَ سندس پٽ، ڀائٽيا، ڀاڻيجا لئه ٿا رکن ۽ ڏوهن جهڙا ڪم ڪندي به فخر محسوس ڪن ٿا. پر شريف علي هڪ اهڙو نيڪ انسان هو جيڪو ملڪ جي بادشاهه جو ناٺي ٿيڻ جي باوجود سادگي جي زندگي گذارڻ لڳو ۽ اسلام جي تبليغ ڪندو رهيو.
    سلطان احمد جي وفات بعد، جيئن ته کيس پٽ ٻار جو اولاد نه هو، ان ڪري سندس هن عرب ناٺيءَ کي ملڪ جو حاڪم بنايو ويو. هونءَ ته اهڙي حالت ۾ خانداني جھيڙا پيدا ٿين ٿا ته پٽ ٻار نه هجڻ تي هن جي ڀائرن يا سوٽن جي اولاد مان ڇو نه سلطان چونڊيو وڃي ـــ هڪ ڌارئين غريب ملڪ جي ماڻهوءَ کي ان ملئي قوم جو ڇو سلطان بنايو وڃي جيڪا هن سڄي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ اتم اتاهين سمجھي وئي ٿي. پر برونائي جو شاهي خاندان ۽ عوام هن عرب ملڪ جي پرهيزگار ۽ نيڪو ڪار کان واقف هئي ۽ هنن عالمِ دين جو قدر ڪيو ٿي، ان ڪري هنن کي، هڪ ڌارئين کي سلطان بنائڻ ۾ آر محسوس نه ٿيو. عوام لاءِ هي عرب سلطان شريف علي هڪ پير و مرشد کان گهٽ نه هو.
    ڏٺو وڃي ته اڄ تائين جيڪي برونائي جا سلطان ٿيندا اچن انهن ۾ عربن جو رت آهي جو اهي هن شريف عليءَ جو ئي اولاد آهن. هتي اهو به لکندو هلان ته شريف علي سلطان ٿيڻ بعد عيش و عشرت جي زندگيءَ کي ترجيح نه ڏني. اسانجا حاڪم ته عوام جو به پئسو هضم ڪري پنهنجي لاءِ محل ۽ ڪارخانا ٺاهين ٿا ۽ ٻارن ٻچن ۽ پنهنجن خوشامدڙين سان عوام جي خرچ تي ولايت جون ٽوئرون ڪن ٿا پر سلطان شريف عليءَ خزانن سان ڀريل ٽجوڙين هوندي به پنهنجو پاڻ کي سادگيءَ ۾ رکيو. هو هر وقت پنهنجي اولاد کي به سمجھائيندو رهيو ته هي مال ملڪيت قدرت طرفان هڪ ٽرسٽ آهي ۽ حاڪم جو ڪم آهي ان کي صحيح استعمال ڪرڻ ـــ يعني عوام جي سک جو خيال ڪرڻ. پاڻ پهريون ڪم مسجد ٺهرائڻ جو ڪيائين ۽ پنج ئي وقت پاڻ امامت ڪندو رهيو. تبليغ خاطر هو ڀر وارن ٻيٽن ۽ ملڪن ۾ هليو ويندو هو جنهن بابت اسٽئمفورڊ رئفلس جهڙن انگريزن به پنهنجن ڪتابن ۾ لکيو آهي.
    سلطان شريف علي بعد سندس فرزند شهزادو سليمان برونائيءَ جو چوٿون مسلمان سلطان ٿيو. اهو به هڪ نيڪ حاڪم ٿي گذّريو آهي جنهن کي پڻ عوام پير جو درجو ڏنو ٿي. هو پنهنجي جيئري ئي تخت تان دست بردار ٿي ويو ۽ سندس پٽ بولقياح برونائيءَ جو پنجون سلطان ٿيو. هن 1485 کان 1524 تائين حڪومت ڪئي ۽ هن سلطان جي نالي اڄ جو موجوده سلطان حسن پاڻ کي ”البولقياح (البوليخا)“ سڏرائي ٿو.
    بهرحال برونائيءَ جا ڪيترا حاڪم نيڪ ۽ ديندار ٿي گذريا آهن جنهن ڪري سندن اولاد کي به اڄ جو عوام ائين ئي پيراڻو درجو ڏئي ٿو جيئن اسان وٽ هند سنڌ ۾ آهي ـــ ويندي انهن کي به پير ۽ مرشد سڳورو سڏيو وڃي ٿو جيڪي سڄي رات شراب ۽ شباب جي زندگي گذاري فجر جي ٻانگ تي سمهي رهن ٿا ۽ ٻئي ڏينهن منجھند ڌاري اٿڻ سان ڏينهن جي شروعات بيئر يا ٻئي نشي سان ڪن ٿا. برونائي پاسي به اهو ئي حساب آهي جتي ڪي حاڪم نيڪ ٿي رهيا اتي بي انتها دولت ڪن حاڪمن کي اهڙو عياش ڪري ڇڏيو جو نه فقط پنهنجي صحت خراب ڪري ويٺا پر سندن ڪڌن ڪرتوتن کين کلڻهارڪو بڻائڻ سان گڏ اسلام جي نالي کي به شرمسار ڪري ڇڏيو. ان جو مثال اڄ جو برونائي جو سلطان به آهي. پر وري به هن ايتري بدنامي نه ڪئي آهي جو هن جي چڱن ڪمن جي به وڏي لسٽ آهي باقي سندس ننڍي ڀاءُ شهزادي حاجي جيفري بوليخا جي ڇا ڳالهه ڪجي ـــ سندس پلي بئاء ۽ جنس پرستي جي قصن سان اسپين جا ڪاسانووا به مقابلو نه ڪري سگهن. هن ننڍي هوندي کان ملڪ جي دولت ڪيئن ڪيئن لٽي آهي ان جي ڪهاڻين کان به هتي جو ٻچو ٻچو واقف آهي.
    شهزادو جيفري (Jefri Bolkiah) 6 نومبر 1954 تي ڄائو. 1986ع کان 1998ع تائين ملڪ جو وزير خزانا رهيو. هڪ ته ابي ڏاڏي جي ورثي ۾ مليل اڻ مئي ملڪيت ۽ ٻيو وري کيس وزارت به ناڻي واري ملي. ننڍو ۽ لاڏلو هجڻ ڪري ماءُ پيءُ هن کي دين ۽ اخلاق جي به صحيح طرح تعليم و تربيت نه ڏني سو هي ڇڙواڳ ٿي دولت سان کيڏڻ لڳو ۽ ڏينهون ڏينهن عياش ٿيندو ويو. برونائي جهڙي دولتمند ملڪ جي خزاني جو وزير هجڻ کان علاوه BIA (برونائي انويسٽمينٽ ايجنسي) جو چيئرمئن به هي ٿيو. BIA ملڪ جي ناڻي کي مختلف ملڪن ۽ پروجيڪٽس ۾، Invest ڪرڻ جو ادارو آهي. 1997ع ۾ برونائي جي سلطان BIA جا ڪاغذ پٽ آڊٽ ڪرايا ته خبر پيئي ته چيئرمئن صاحب يعني سندس ننڍي ڀاءَ، ان۾ 15 بلين يعني 15 ارب ڊالرن جي هير ڦر ڪري ڇڏي آهي. پهرين ته هو باسي نه ته هن پنهنجا شوق پورا ڪرڻ لاءِ خرچي ڇڏيا آهن پر پوءِ آخر سن 2000ع ۾ هن قبول ڪيو ۽ وعدو ڪيو ته ملڪ جي اها چوري ڪيل رقم هو پنهنجا ٽپڙ وڪڻي واپس ڪندو. سلطان طرفان ساڻس ايتري سا رعايت ڪئي وئي ته هن کي سندس ذاتي گهر رکڻ جي موڪل ڏني وئي. باقي ٻيون جايون وڪڻڻ لاءِ چيو ويو.
    شهزادي جيفري جي ان مقامي ڪيس کان علاوه ڪيترائي ٻاهرين ملڪن ۾ ڪيس هلندا رهن ٿا ۽ هو عيش عشرت جي زندگي کان سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. سندس ذاتي ملڪيت ۾ ڪيتريون ئي آرٽ جون شيون آهن. برطانيا جي مشهور ڳهن واري ڪمپني Asprey، آمريڪا جي نيو يارڪ پئلس هوٽل، لاس اينجلس واري هوٽل بيل ايئر، پئرس جو پلازا پڻ هن جي ملڪيت رهيا آهن.
    شهزادي جيفريءَ پنج شاديون ڪيون جن مان ٻن ته کانئس طلاق ورتي باقي ٽي هن جي نڪاح هيٺ آهن جن مان هن کي 18 ٻار آهن جن جون هن وقت عمرون 12 کان 45 سال آهن. پاڻ به هن وقت 62 سالن جو آهي. انهن زالن کان علاوه هن جي حرم ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي ديسي ۽ ولائتي عورتون رهنديون آيون آهن. شهزادي جي عياشي لاءِ ڪن عورتن کي ته خاص يورپ ۽ آمريڪا کان برونائي گهرايو ويو ٿي. انهن ۾ ڪيتريون ڳائڻيون، اداڪارائون، ليکڪائون ۽ ٻيون اهم عورتون پڻ هيون جن مان ڪن جي مٿس ڪيل ڪورٽ ڪيسن به سندس خزاني جي ٽجوڙي خالي ڪري رکي. شهزادي جيفري لاءِ اهو به چيو وڃي ٿو ته هن جي حرم ۾ان قسم جون چاليهه کن عورتون هر وقت رهيون ٿي جن ۾ جيلين لورين (Jillian Lauren) نالي ليکڪا به هئي جنهن هن شهزادي سان گذاريل راتين جو احوال پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنو آهي. هوءَ لکي ٿي ته برونائي جي هن شهزادي جيفري جي اِها خواهش هوندي هئي ته حرم ۾ موجود رنون کيس ”رابن“ سڏين. ايتري قدر جو هن هڪ ڪار ”بينٽلي ڪانٽينينٽل RS“ تي نمبر بدران “Robin” لکرايو هو.
    مٿي ذڪر ڪيل ليکڪا لورين اڄ ڪلهه لاس اينجلس ۾ رهي ٿي. هوءَ آمريڪا جي رياست نيوجرسي جي شهر لونگسٽن ۾ پلي نپني ۽ نيويارڪ يونيورسٽيءَ مان ”اداڪاري“ جي سبجيڪٽن تي تعليم حاصل ڪئي. اڃان 17 سالن جي هئي ته هن هوٽلن ۽ مئخانن ۾ اوگھڙ وارا ناچ (Strip Dances) ڪري پئسو ڪمايو ان بعد ساٿياڻي (Escort) جو ڪم ڪيو جنهن دوران هن جي برونائي ۾ اچڻ جي راهه کُلي.
    هتي انگريزي لفظ Escort لاءِ مون ’ساٿياڻي‘ لفظ استعمال ڪيو آهي. Escort ڇا آهي؟ مون به پهريون دفعو 1970 واري ڏهاڪي جي شروع وارن سالن ۾ هانگ ڪانگ ۾ ٻڌو. انهن ڏينهن ۾ بئنڪاڪ کان وڌيڪَ ”هانگ ڪانگ“ دنيا جو وڏو چڪلو هو جتي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ اگھاڙن ناچ گهرن ۽ مساج پالرن جا بورڊ نظر آيا ٿي. اهڙن بورڊن جي وچ ۾ انهن ادارن جا به اشتعار هئا جن مختلف اگهن تي في ڪلاڪ جي حساب سان چيني، ٿائي، ويٽنامي ۽ ٻين ملڪن جون ڇوڪريون مهيا ڪيون ٿي. هنن جو ڪم هانگ ڪانگ ۾ آيل امير مسافرن جو ساٿ ڏيڻ هو. يعني هنن پاڻ کي رنڊيون نٿي سڏرايو پر امير واپاري يا ڪنهن ملڪ جي شاهي خاندان جي سياح کي اڪيلپڻي کان بچائڻ لاءِ هنن جو ساٿ ٿي ڏنو. هنن سان گڏ فلم ڏسڻ، هوٽلن تي ماني کائڻ، ڪلبن ۾ ناچ ڪرڻ، شهر گهمائڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ هو پر هر عقلمند ماڻهو سمجھي ٿو ته هن معاملي ۾ جيڪو جيترو ڳڙ وجھندو اوترو مٺاڻ حاصل ڪندو. في ڪلاڪ جي ڳرين فين سان گڏ Escort عورتن ساٿ ڏيڻ لاءِ مهانگن تحفن ۽ ٻين شين جي به ڊمانڊ ڪئي ٿي.
    آمريڪا ۾ اچڻ تي برونائي جي شهزادي جيفري لاءِ مڪاني دلالن هڪ کان هڪ ايسڪرٽ ڳولي رکي ٿي جنهن سان گڏ هو مختلف دوستن سان پارٽين ۽ آفيسن ۾ ملڻ ويو ٿي جيئن ٻين تي سندس لئه وهي ته ملڪ جي حسين ترين يونيورسٽيءَ جي پڙهيل ڳڙهيل يا فلمي اداڪارا شهزادي جيفري سان گڏ گڏ پئي هلي.
    ان بعد اهو دؤر آيو جو آمريڪا ۾ رهندڙ شهزادي جيفري جا چمچا شهزادي جو سندس ملڪ برونائي ۾ ساٿ ڏيڻ لاءِ يورپ ۽ آمريڪا مان مختلف ڇوڪرين جي چونڊ ڪري اهي ڇوڪريون برونائي موڪلڻ لڳا. جيليان لورين پنهنجي يادگيرين ۾ لکي ٿي ته پنجن ڇوڪرين مان سندس چونڊ ٿي. هر هڪ جا پهرين ڪڇن ۾ فوٽا ورتا ويا ۽ آواز جي ايڊشن به ٿي. انهن ۾ فقط سندس چونڊ ٿي. کيس اهو ٻڌايو ويو ته سنگاپور جي هڪ امير بزنيس مئن کي وندرائڻ لاءِ هن کي ٻن ٽن ڏينهن لاءِ هن وٽ رهڻو پوندو جنهن جو کيس 20,000 ڊالر (يعني ويهه لک رپيا) ۽ ڪجهه گفٽ اُجورو ڏنو ويندو. ”نيو يارڪ کان 9000 ميلن جو سفر طيءِ ڪري جڏهن هوائي جهاز ايئرپورٽ تي لٿو ته اهو ملڪ بورنيو ٻيٽ جو برونائي هو ۽ مونکي ٻڌايو ويو ته ملڪ جي سلطان جي امير ڀاءُ شهزادي جيفري کي عيش ڪرائڻو آهي. ساڻس گڏ شراب ۽ شباب جي محفلن ۾ ساٿ ڏيڻو آهي. مون دل ئي دل ۾ سوچيو ته اهو به خوب آهي ته مغرب جي هڪ ڇنال يهودڻ عورت مشرق ۾ مسلمانن جي ملڪ برونائي جي هڪ پير وٽ اچي پهتي آهي .... برونائيءَ ۾ مون ٻه سال شهزادي جي حرم ۾ يعني ”مسلمانن جي چڪلي“ ۾ گذاريا. آمريڪا موٽڻ مهل مون وٽ 30 لک ڊالر ڪئش، ڪيترائي ڳهه ڳٺا ۽ قيمتي تحفا هئا. پنهنجي وطن پهچي پهرين انهن ڏينهن جي يادگيرين جو ڪتاب “Some Girls: My Life in Harem” لکيو جيڪو ”نيويارڪ ٽائيمس“ اخبار وارن طرفان سال جو بهترين “Best Selling” ڪتاب قرار ڏنو ويو.“
    هي ڪتاب ويهن کان مٿي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. سنڌي يا اڙدو ۾ ٿيو آهي يا نه اها مونکي خبر ناهي..... بهرحال هن قسم جا ڪتاب پڙهي احساس ٿو ٿئي ته اسان جي مسلمان حاڪمن، پيرن، وڏيرن، سلطانن وٽ پئسو ٿو اچي ته ڇا ته عياشيءَ ۾ غرق ٿيو وڃن جو ڌاريان ڪتاب ڇپرائي ٺٺوليون ڪن ٿا. اهو به چڱو جو هن پاسي (برونائي، ملائيشيا پاسي) جا پير، سلطان، حاڪم پنهنجين ڀيڻين ۽ ڌيئرن جي شادي ڪرائين ٿا، سندن حق بخشرائي انهيءَ محل ۾ نٿا رکن جتي هو چڪلي نما حرم کولي رهن ٿا ۽ ڀينرون، ڌيئرون سندن هي کيل تماشا ڏسنديون رهن ٿيون.
    هن ليکڪا جي مٿين ڪتاب “Some Girls” جي فلم به اچي چڪي آهي ۽ گذريل سال 2015ع ۾ سندس يادگيرين (Memories) جي هڪ ٻي فلم Everything you Ever Wanted پڻ رليز ٿي هئي. ان کان علاوه لورين جو هڪ ناول “Pretty” پڻ مشهور آهي. سندس ٻئي ڪتاب Penguin اشاعتي اداري وارن جا ڇپرايل آهن. لورين باقاعدگيءَ سان مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ پنهنجا ڪالم ڏيندي رهي ٿي ان کان علاوه ٽي وي تي ٽاڪ شوز ۽ انٽرويوز ۾ به ايندي رهي ٿي.
    لورين 1995ع ۾ جڏهن برونائي ڇڏي واپس پنهنجي وطن آمريڪا موٽي ته هن جي عمر 20 سال هئي. هن پنهنجي ڪتاب ۾ برونائيءَ جي هن شهزادي جي 40 عورتن تي مشتمل حرمسراءِ جا اهي راز کوليا آهن جو دنيا حيرت ٿي کائي. لورين لکي ٿي ته حرم ۾ موجود چاليهن ئي عورتن جي اها ڪوشش هوندي هئي ته شهزادو رات لاءِ هن کي پسند ڪري ۽ محفل ۾ پنهنجي ڀرسان ويجھو وهاري. شهزادي طرفان هر رات شراب ۽ ناچ گانن جون محفلون ٿينديون هيون جن ۾ ڪيتريون ڳائڻ ۽ اگھاڙا ناچ ڪرڻ واريون عورتون ۽ شهزادي جا مرد دوست ايندا هئا. هر رات شهزادو جيفري ڪنهن هڪ ڇوڪريءَ کي پاڻ سان همبستري لاءِ وٺي ويندو هو. ان وقت منهنجي عمر 18 سال هئي پر حرم ۾ رکيل ڪيترن ئي ملڪن جون ڇوڪريون سورهن ۽ ان کان گهٽ سالن جون به هيون.
    شهزادي جي دلپسند ڇوڪري هميشه هن جي ڀرسان وهاري وئي ٿي. منهنجي هوندي هن جي نمبر ون محبوبا فلپين جي فيونا (Miss Fiona) هئي جيڪا هتي اچڻ کان اڳ فلپين جي ٽي ويءَ جي مشهور اداڪارا هئي. هن جي ادائن شهزادي کي اهڙو ته گھائل ڪري ڇڏيو جو شهزادي کيس چوٿين زال ٿيڻ جي آفر ڪئي پر هن فلپينو ٽي وي اداڪارا ريزڪاريءَ تي ڪم هلائڻ ۾ وڌيڪَ منافعو سمجھيو. زال بڻجي ٻين نڪاح ۾ آيل زالن وانگر سوني جي پڃري ۾ قيد ٿي رهڻ کان آزاد پکي ٿي زندگي گذارڻ کي ترجيح ڏني ٿي ۽ نيٺ برونائي جي پيٽرول مان پيدا ٿيل ناڻي سان بئگون ڀري پنهنجي وطن ڇُومنتر ٿي وئي.“
    لورين پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب ۾ لکي ٿي ته حرم ۾ رهڻ دوران (جنهن کي هوءَ هر وقت چڪلي سان مشابهت ڏئي ٿي) هڪ دفعو پاڻ به شهزادي جي نور نظر رهي ۽ کيس شهزادي جيفريءَ پنهنجي کاٻي پاسي وهاريو. ساڄي پاسي هميشه مٿين فلپينو ڇوڪري ويٺي ٿي جيڪا هن جي نمبر ون هئي. هڪ دفعي شهزادي فلپينو ڇوڪري فيونا سان گڏ هن کي به شاپنگ لاءِ سنگاپور وٺي هليو جيڪا هڪ وڏي عزت جي ڳالهه سمجھي وئي ٿي. شهزادي سان گڏ هنن به ڇا ته خريداري ڪئي. ڊرائيور لوئيس وئيتان ڪمپنيءَ جو ٿيلهو ڪئش سان ٽٻ کڻي پئي هليو ۽ هن خوب دل کولي اعليٰ برانڊن جا عطر، پرس ۽ ٻيو سامان خريد ڪيو. لورين لکي ٿي ته شهزادي جيفري سان گڏ کيس خريداريءَ جو هڪ ٻيو به موقعو مليو.
    ”ان دفعي اسان جو ملائيشيا مان خريداري ڪرڻ جو پروگرام هو پر عين موقعي تي جڏهن اسان جي ملائيشيا لاءِ روانگي ٿي رهي هئي ته شهزادي جيفري جي وڏي ڀاءُ يعني برونائيءَ جي سلطان جي ڪنهن آمريڪن ڇوڪريءَ سان دلپشوري ڪرڻ تي دل چاهيو. جيتوڻيڪ پرنس جيفري جي حرم ۾ مون کان علاوه ٻيون به پنج آمريڪن ڇوڪريون هيون پر هو مونکي مسواڙ تي هن حوالي ڪري پاڻ ڪنهن ٻي ڇوريءَ سان روانو ٿي ويو.“
    لورين لکي ٿي ته شهزادي جي حرم ۾ هن جي بهتر پوزيشن ان ڪري ٿي يعني شهزادي جي نظرن ۾ هوءَ ان ڪري وڻڻ لڳي جو هن جو سُر سُٺو هو ۽ هن شهزادي جيفري جي پسند جو هڪ ملئي گانو ياد ڪري ڇڏيو ۽ هڪ محفل ۾ ڳائڻ سان هن جي واهه واهه ٿي وئي ۽ هن جو رتبو يڪدم وڌي ٻي نمبر تي اچي ويو. پر وقت سان گڏ شهزادي جي دلچسپي به بدلجندي رهي ۽ لورين تي پيار جي نظر گهٽجندي رهي. لورين لکي ٿي ته ”مقابلو ڪرڻ بدران مون ٽپڙ ٻڌڻ ۾ بهتري سمجھي ۽ اچي نيو يارڪ کان نڪتيس.“
    جنهن نموني سان شهزادي جيفريءَ پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو پئسو لٽيو ان جو مثال عرب ملڪن جي شهزادن ۾ به نٿو ملي. پيءُ جي ملڪيت مان کيس مليل حصو هڪ طرف ته وزير خزانه ۽ ملڪ جي انويسٽمينٽ اداري جو چيئرمين هجڻ ڪري ناڻي تي ڪنٽرول ٻئي طرف هو.... هن کي ٻئي ڪهڙي پئسي جي ضرورت! ان ڪري ته خريداري لاءِ جڏهن نڪتو ٿي ته نوٽن (ڊالرن) جا ٿيلها نوڪر کڻي ٿي هليا. ٻه لک رپين جي هفتيوار پگهار تي حرم ۾ چاليهه ڇوڪريون رکيو هئائين جن کي تحفا ۽ سونا زيور الڳ ٿي ڏنائين. مختلف وڏن شهرن ۾ بنگلا ۽ هوٽلون هجڻ کان علاوه کيس ٻه هزار اوچيون ڪارون هيون، آرٽ ورڪ جي وڏي ڪليڪشن هئس جن ۾ مئنيٽ، رينئائر ۽ ديگاس آرٽسٽن جي هڪ هڪ پينٽنگ لکها روپين جي هئي. 747 بوئنگ جيٽ کان علاوه هڪ وڏي ياچ (پاڻيءَ جو جهاز) هئس جنهن جو نالو رکيو هئائين. Tits ان ياچ (Yacht)تي بچاءَ لاءِ جيڪي ٻه ننڍيون ٻيڙيون هيون انهن جا نالا ”نپل ون“ ۽ ”نپل ٽو“ هئا. هن جي فقط هن جي انهن شين جي قيمت ڏيڍ بلين ڊالر چئي وئي ٿي .... (جيڪا پاڪستاني رپين جي حساب ۾ هڪ ارب پنجاهه ڪروڙ رپيا ٿي.)
    پئسي جي لٽ مار جي به هڪ حد ٿئي ٿي. سن 2000ع ڌاري برونائيءَ جي حڪومت سرڪاري خزاني کي پاڻ تي خرچ ڪرڻ جا شهزادي تي ڪيس ڪيا ۽ هن کي مجبور ڪيو ويو ته پنهنجا ٽپڙ وڪڻي حڪومت کي پئسو واپس ڪري. جنهن بعد هو ملڪ ڇڏي ويو پر ٻاهر جي دنيا ۾ به کيس سک پَٽڻ نه ڏنو ويو جو ڪيترين ئي ڇوڪرين جن کي هو دل وندرائڻ لاءِ حرم ۾ وٺي آيو ٿي تن مان ڪجهه مٿس طرح طرح جا ڪيس ڪيا ته ڪيئن هو وحشيانه طريقن سان جنسي خواهشون پوريون ڪندو هو. هڪ ڇوڪري ”شئنان مارڪيٽڪ“ (Shannon Marketic) جيڪا حسن جي مقابلي ۾ مس آمريڪا به رهي چڪي هئي ان شهزادي جيفري ۽ سلطان حسن تي آمريڪا جي ڪورٽ ۾ ڪيس ڪيو ته ڪيئن کيس ۽ ٻين ڇوڪرين کي پنهنجيون ڪنيزائون بنائي حرم ۾ رکڻ جي ڪوڙي وعدي سان برونائيءَ ۾ گهرائي درٻار جي شاهي خاندانن جي ماڻهن ذريعي کين ڏاڍئيءَ جو شڪار بڻايو ويو. شهزادي جيفريءَ پنهنجي حوس ۽ Sexual Whims کي پورو ڪرڻ لاءِ هن سان ڇا ڇا نه ڪيو. ايتريقدر جو هن کي ڪڏهن ڪڏهن جيفري جي سڄي اگھاڙي جسم کي زبان سان چٽي صاف ڪرڻو پيو ٿي.
    شهزادي جيفريءَ وڏو خرچ ڪري هن ڪيس کي اڳتي هلڻ کان روڪيو ۽ شئنان کي سندس دل وٽان پئسو ڏئي ڪورٽ کان ٻاهر ئي نبيرو ڪري ڇڏيو.
    شئنان 1971ع ۾ آمريڪا ۾ ڄائي. هوءَ 1992ع ۾ مس آمريڪا ٿيڻ کان علاوه مشهور ائڪٽريس پڻ هئي. هن عيسائين بابت ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن. شئنان اڄ ڪلهه آمريڪا ۾ براڊڪاسٽر، ميڊيا ڊائريڪٽر ۽ ائڪٽريس/پروڊيوسر آهي.
    برونائي جي هن عياش شهزادي تي رڳو اهي ڪيس نه هئا. ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي هليا جن جو ذڪر اخبارن ۾ ايندو رهي ٿو.
    ڏٺو وڃي ته شهزادي جيفري جو پيءُ سلطان عمر سيف علي وڏو نيڪ ماڻهو هو جنهن جيئري ئي پنهنجو تخت ۽ تاج وليعهد حوالي ڪري پاڻ سادگيءَ جي زندگي گذاري پر سندس هن ننڍي شهزادي جيفريءَ سڄي عمر شراب ۽ سيڪس پٺيان پئسو ۽ پنهنجي صحت وڃائي. ايتري قدر جو پنهنجي سابقه مڱيندي مِشا (Mischa Raines) جا ساڻس هم بستري جي اگھاڙن پوزن جا وڏا Statues ٺهرائي گهر جي لان تي رکيا. اُهي بت (Statues) هن آمريڪا جي مشهور بت تراش ’سيوارڊ جانس‘ کان 13 لک ڊالرن ۾ ٺهرايا.
    مِشا رئنيز دنيا ۾ ان وقت مشهور ٿي جڏهن شهزادي جيفريءَ پنهنجي آمريڪي وڪيل جوڙي ”ٿامس“ ۽ ان جي زال” فيٿ زمان“ تي 5 ملين پائونڊن جو ڪيس ڪيو ته جڏهن هن پنهنجو Sunning هِل وارو ٽيويهن ڪمرن وارو بنگلو وڪڻڻ لاءِ هنن وڪيلن جون خذمتون حاصل ڪيون ته هو دغا ڪري شهزادي جيفريءَ جو پئسو کائي ويا. ڪورٽ ۾ جيفريءَ جي سابقه مڱيندي مِشا رئنيز، جنهن مان جيفريءَ کي هڪ پٽ ٻار به آهي، ان کي شاهديءَ لاءِ گهرايو ويو ته هوءَ پنهنجي سابقه مڙس جيفريءَ بابت بيان ڏئي ته هن جو ڇا بزنيس رهيو آهي ۽ ڇا ڪم اٿس. مِشا مئن هٽن (نيويارڪ) جي ڪورٽ ۾ جج کي ٻڌايو ته برونائي جي هن شهزادي جي حرم ۾ 40 کن ڇوڪريون آهن ۽ سندس مڱڻو هن سان لاس ويگاس ۾ ٿيو هو.
    ان مشهور ڪورٽ ڪيس دوران جيڪو 2010ع ۾ هليو، انهن قدِ آدم بتن (Statues) جو پڻ ذڪر هليو جنهن کان دنيا واقف ٿي. اهي ڀاڪرن ۾ چار بت مِشا ۽ شهزادي جيفريءَ جا اگھاڙي حالت ۾ آهن جن جا فوٽو سوشل ميڊيا تي پڻ عام آهن. مِشا ٻڌايو ته برونائي جو هي عياش شهزادو هن وقت نه سندس ٻار کي نه کيس خرچ پکو ڏئي ٿو پر 1996ع کان 2005ع تائين مِشا جيڪو وقت جيفريءَ سان گذاريو ان ۾ هن کي شهزادي وٽان هر مهيني 33000 پائونڊ (پنجاهه لک رپيا) مليا ٿي ۽ لاس ويگاس وارو گهر جنهن ۾ هو پنهنجي پٽ سان رهي ٿي اهو پڻ جيفريءَ 6 ملين پائونڊ (90 ڪروڙ روپين) ۾ خريد ڪري کيس گفٽ ڪيو هو. مِشا ٻڌايو ته شهزادو هينئر به مهيني ۾ ٻه ٽي دفعا کيس فون ڪري ٿو.
    بهرحال زال سان گڏ همبستري وارن پوزن وارن بتن (Statues) تي جتي مغرب جي ماڻهن کي انهن جي ٺهرائڻ تي آيل اجائي خرچ 13 لک ڊالرن (13 ڪروڙ رپين) تي حيرت آهي اتي مشرق جي ماڻهن کي خاص ڪري مسلمانن کي اها حيرت آهي ته هي ڪهڙو مسلمان آهي جنهن جا ابا ڏاڏا ته وڏا نيڪ ماڻهو هئا پر هي وتي پنهنجي ۽ پنهنجي زال جي اوگھڙ جي نمائش ڪندو.
    سال 2004ع ۾ شهزادي جيفريءَ پنهنجي پنجاهين جنم ڏينهن تي 17 ملين ڊالر يعني 17 ڪروڙ رپيا مائيڪل جئڪسن کي ڏنا ته برونائيءَ ۾ اچي ڳائي. جنهن اسٽيڊيم ۾ اهو شو ڪيو ويو، اهو اسٽئڊيم خاص برٿ ڊي ملهائڻ لاءِ سرڪاري خرچ تي ٺهرايو ويو.
    بئڊمنٽن سکڻ لاءِ هن انگريز ڪوچ کي ڏيڍ ملين ڊالر ڏنا يعني 15 ڪروڙ رپيا.
    حرم جي هڪ ڇوڪريءَ کي هن هڪ دفعي ڪرسٽي ڪمپني جو هڪ لک ڊالرن جو نيڪليس تحفي ۾ ڏئي ڇڏيو.
    اهو ته شڪر آهي جو برونائي جي عوام لاءِ تعليم کان صحت تائين هر قسم جا سک آهن. ان هوندي به دنيا ههڙن عياش مسلمان حاڪمن تي کلي ٿي. ان مان اندازو لڳايو ته دنيا اسان جهڙي غريب ملڪ پاڪستان جي چونڊيل نمائنده حاڪمن تي ڪيڏي حيرت کائيندي هوندي جيڪي عوام کي ته بنيادي سهولتون به ميسر نٿا ڪن ايتري قدر جو عوام ٻه ويلا ماني ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ سڪي رهيو آهي. تعليم ۽ دوا درمل لاءِ پريشان آهي پر حاڪم وڃن پنهنجا ڀَڀَ ڀريندا. ترقياتي فند به کايو وڃن. IMF ۽ ورلڊ بئنڪ جهڙن ادارن کان وياج تي قرض کڻي اسانجي ملڪ جي هر فرد کي هڪ لک رپين کان مٿي جو قرضي بنائي ڇڏيو آهي پر پاڻ وتن ولايتن ۾ عيش ڪندا ۽ محل ماڙيون اڏيندا.
    ***


    برونائيءَ ۾ رهندڙ انڊين

    برونائي ملڪ جيڪو حيدرآباد يا سکر ضلعي جيڏو ڪو مس آهي ۽ سندس آدم شماري ته انهن ضلعن جي اڌ کان به گهٽ آهي اٽڪل چار لک آهي. ان ۾ انڊين جو تعداد اٽڪل ڏهه هزار کن تمام گهڻو آهي. انڊين مان اسان جي ذهن تي اڄ جي هندوستان جا هندو اچن ٿا. ڪجهه ڏينهن رهڻ بعد توهان کي احساس ٿيندو ته برونائي ۾ رهندڙ اهي ماڻهو جيڪي پاڻ کي ’انڊين‘ سڏائين ٿا انهن ۾ اڌ کان وڌيڪَ اسانجا پٺاڻ ۽ لاهور، جهلم ۽ بهاولپور پاسي جا پنجابي آهن. ۽ ٿي سگهي ٿو ته توهان اهو به سوچيو ته ملائيشيا، هانگ ڪانگ ۽ برونائي جهڙا ملڪ جتي ڌارئين ماڻهوءَ کي ويهه سال رهڻ بعد به شهريت نٿي ملي اتي اسان جي ملڪ جي هنن پنجابين، پٺاڻن ۽ ڪجهه سنڌي هندن کي برونائيءَ جو پاسپورٽ ڪيئن مليو ۽ انهن کي هتي جي حڪومت ”انڊين“ ڇو ٿي سڏي.
    اها بلڪل حقيقت آهي ته اڄ ڪلهه هنن ملڪن ۾ اسان کي انهن ملڪن جو پاسپورٽ ته پري جي ڳالهه پر پرمننٽ ريزيڊنسي (هميشه لاءِ رهائش) به نٿي ملي. هي جيڪي اسانجي پنجاب، خيبر پختونخواهه جا پنجابي ۽ پٺاڻ آهن، يا بنگال جا بنگالي، مهاراشٽرا جا مراٺي يا نيپال پاسي جا گورکا آهن اهي هينئر جا آيل نه آهن. انهن جا وڏا اڄ کان سؤ سال کن اڳ جڏهن انگريزن پنهنجي بچاءَ ۽ مڪاني يا ڌارين سان مقابلو ڪرڻ لاءِ فوجي ۽ پوليس جا ادارا قائم ڪيا ته ان ڪم لاءِ هنن ننڍي کنڊ جا ماڻهو آندا. ان وقت نه پاڪستان هو ۽ نه بنگلاديش. ان وقت اسان ننڍي کنڊ جي ماڻهن پاڻ کي انڊين يا هندوستاني سڏرايو ٿي جو اسان جي ان وقت جي وطن جو نالو هندوستان هو. تڏهن ته ڊاڪٽر اقبال چيو ته: ”ساري جهان سي اڇا هندوستان همارا“. سو ان وقت اسان جا هتي رهندڙ سپاهي انڊين سڏبا هئا. ان بعد پاڪستان ٿيو، بنگلاديش ٿيو پر هي ماڻهو اڄ ڏينهن تائين انڊين ڪميونٽيءَ جا ئي ماڻهو سڏجن ٿا. انهن پنهنجا ”برٽش انڊيا“ جا پاسپورٽ رد ڪرائي برونائي جا ٺهرايا. انهن ڏينهن ۾ انڊيا، عدن، سري لنڪا، برما، هانگ ڪانگ توڙي ملايا، سنگاپور، صباح، سرواڪ ۽ برونائي انگريز راڄ ۾ آيا ٿي ۽ هڪ ملڪ جو رهاڪو ٻئي ۾ آسانيءَ سان آيو ويو پئي. نه فقط ايشيا جو پنهنجي کنڊ ايشيا جي ڪنهن ملڪ ۾ پر آفريڪا جي ڪينيا، يوگنڊا، يا آمريڪا جي ڪئناڊا يا ڏکڻ پئسفڪ سمنڊ جي آسٽريليا ٻيٽ تي يعني جتي جتي انگريزن جي حڪومت هئي، اسانجا ماڻهو آيا ويا ٿي. پوءِ ڪن کي انگريزن فوج ۾ رکيو ته ڪجهه (خاص ڪري سنڌي هندو ۽ گجراتي) واپار وڙي لاءِ وٺي آيا جن اچي ڪوالالمپور کان نئروبي ۽ ڪمپالا ۾ دڪان کوليا. ملائيشيا ۾ توهان کي جيڪي انڊين گهڻي تعداد ۾ ملندا اهي ڏکڻ هندستان جا تامل ڳالهائيندڙ آهن جن پنهنجي وطن جهڙي موسم هجڻ ڪري ملايا (ملائيشيا) ۾ پام آئل ۽ رٻڙ پلانٽيشن ۾ ڪم ڪيو ٿي. ريلوي جو ڪم به تاملن کان ڪرايو ويو. ريلوي جي ڪم لاءِ انگريزن ملائيشيا، سنگاپور توڙي ڪينيا ۽ يوگنڊا ۾ سکن کي به لڳايو. ان ڪري ملائيشيا توڙي برونائيءَ ۾ سک به آهن جن جي وڏن ريلوي، فوج ۽ چوڪيداري جهڙا ڪم ڪيا ٿي. ملائيشيا توڙي سنگاپور ۾ ڍڳيون چارڻ جو ڪم پڻ سکن حوالي ئي هوندو هو. ان تان ته سکن بابت ملئي راڳ ”ڪِيچي، ڪِيچي ليمبو جگا، سُوڊا بسار ماسُوڪ اسڪر“ مشهور ٿيو. 1968ع ۾ منهنجو جڏهن ملائيشيا ۾ پهريون دفعو اچڻ ٿيو ته پينانگ توڙي ڪوالالمپور جي سڀني بئنڪن جا چوڪيدار سک هئا ۽ مسجدن جا امام بنگالي جن اڙدو ۾ خطبو پڙهيو ٿي جو بنگال جا مدرسا جن مان هو ديني تعليم حاصل ڪري آيا هئا، ان وقت انهن ۾ اڙدو ۾ پڙهايو ويو ٿي.
    1984ع ۾ جڏهن برونائيءَ کي خود مختياري ملي ته اتي جي حڪومت انگريزن جي ڏينهن کان رهندڙ هنن انڊين ۽ ٻين ملڪن جي ماڻهن کان آپشن پڇيو ته هو برونائيءَ ۾ رهڻ پسند ڪندا يا انهن ملڪن (انڊيا، انڊونيشيا، نيپال، چين وغيره) ڏي موٽي ويندا. جتان هنن جا ابا ڏاڏا آيا. ان تي سڀني برونائي جو پاسپورٽ رکڻ کي ترجيح ڏني جو ظاهر آهي ان وقت انڊيا، پاڪستان توڙي انڊونيشيا ۽ چين کان برونائي وڌيڪ خوشحال ملڪ هو ۽ هر انسان خوشحالي چاهي ٿو جتي هن کي پنهنجو ۽ پنهنجن ٻچن جو مستقبل بهتر نظر اچي. جڏهن انگريزن 1947ع ۾ انڊيا کي آزادي ڏني ۽ پاڪستان وجود ۾ آيو ته ننڍو کنڊ ڇڏڻ وقت انگريزن هنن ملايا پاسي سندن نوڪري ڪندڙ انڊين فوجين، سپاهين ۽ ٻين کي چيو ته هاڻ هو آزاد آهن وڻين ته انڊيا ۾ وڃي رهن يا پاڪستان ۾ يا، وري هتي ملائيشيا ۾.
    ان وقت ننڍي کنڊ جي ماڻهن جن ملايا پاسي انگريزن جي نوڪري ڪئي ٿي انهن پنهنجي وطن انڊيا يا پاڪستان موٽڻ چاهيو ٿي ۽ ٿورا گهڻا موٽي به آيا پر وڏي تعداد ۾ ملايا ۾ رهي پيا جو هنن وٽ موٽڻ لاءِ آگبوٽ (اسٽيمر) جو ڀاڙو نه هو. ان وقت يعني 1947ع ۾ انڊيا پاڪستان هنن پَٽن (ملايا، انڊونيشيا وغيره) کان ڪافي سڌريل ۽ اڳتي نڪتل هو. ملايا ۾ ڇا هو......؟ رڳو جهنگل ۽ مڇر. نه اسپتالون نه اسڪول. سو اهڙي حالت ۾ ڪنهن جي دل چوندي ته اهڙي پرديس ۾ رهجي جيڪو پنهنجي ديس جي مقابلي ۾ پيٺتي پيل هو. ملئي ماڻهن ۾ ڪا اهڙي سونهن به نه هئي جنهن تي موهت ٿي هي ماڻهو رهي پون. سو ملايا ۾ سندن رهي پوڻ جو وڏو سبب غربت هو. ان وقت هنن پنهنجو پاڻ کي بدقسمت ٿي سمجھيو جو هو ديس جو سُک ڇڏي پرديس ۾ رهي پيا پر کين ان وقت اها سا خبر نه هئي ته سندن ديس جا سياستدان هڪ خوشحال ملڪ جي ڀينگ ڪري ڇڏيندا ۽ ملائيشيا، سنگاپور، ٿائلنڊ جهڙن ملڪن جا سياستدان انهن جهنگلي ۽ اڻ سڌريل ملڪن کي يورپ بڻائي ڇڏيندا. سعودي عرب ۽ ڪويت وانگر برونائي، جنهن ۾ پڻ جيتوڻيڪ بادشاهت آهي ان هوندي به اتي جي بادشاهن پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن کي ٻن ڏهاڪن اندر خوشحال بنائي ڇڏيو آهي. اڄ ملايا، ٿائلنڊ، برونائي ۽ سنگاپور ۾ رهندڙ اسان جي وطن جا پنجابي ۽ پٺاڻ پاڻ کي خوش نصيب سمجھن ٿا جو هنن وٽ خوشحالي آهي، امن امان ۽ انصاف آهي، تعليم ۽ صحت جا سُک آهن. حڪومتون سندن ٻارن جي مستقبل جو سوچين ٿيون ۽ انهن جي روزگار جا بندوبست ڪن ٿيون. دنيا ۾ سندن پاسپورٽن جي عزت آهي. ملائيشيا ۾ رهندڙ هڪ پٺاڻ يا پنجابي ملائيشيا جي پاسپورٽ تي آمريڪا توڙي جپان ۾ بنا ويزا جي رهي سگهي ٿو پر سندن ڀاءُ جيڪو پاڪستان ۾ رهي ٿو پنهنجي پاڪستاني پاسپورٽ تي سريلنڪا ۾ ڏهه ڏينهن گهمڻ لاءِ وزٽ ويزا جو ٺپو لڳرائڻ لاءِ به جُهد پٽي ٿو!
    ڪوڙ، ٺڳي، رشوتخوري ڪهڙي ملڪ ۾ نه آهي پر بقول اسان جي پيٽارو جي ڪلاس ميٽ ۽ ”ماڊرن ائگريڪلچر“ انگريزا ماهوار رسالي جي ايڊيٽر نور احمد نظاماڻيءَ جي ٻين ملڪن ۾ جي ڪرپشن آهي ته اتي ڪامورا ۽ سياستدان عوام کي ڏُهن ٿا پر اسان وٽ ته ماڳهين ڪُهن ٿا.
    بهرحال برونائي ۾ رهندڙ هنن آڳاٽن انڊين جي جن ۾ ويندي بنگالي، پنجابي، پٺاڻ ۽ گورکا اچي وڃن ٿا، انگريز راڄ وارن ڏينهن (Colonial Days) کان نمايان حيثيت رهندي اچي. هو پنهنجا مذهبي ۽ ثقافتي ڏينهن: هولي، ڏياري، پونگل ۽ ٿائيپوسام کان نو راتڙي، چيٽي چنڊ، درگا پوجا ۽ ويساکي تائين ملهائين ٿا. مسلمان بنگالي، پنجابي ۽ پٺاڻ ته مڪاني ماڻهن سان گڏ عيدون ملهائين ٿا ۽ هڪ ٻئي جي مدد ۽ ڏک سک ۾ ساٿ ڏيڻ لاءِ هنن جون ويلفيئر سوسائٽيون آهن. برونائيءَ ۾ هندو ويلفيئر بورد 50 سال پراڻو آهي جنهن جا 3000 هندو ميمبر آهن. سندن ٻه مندر به آهن. اهڙي طرح سکن جي ڪميونٽي ۾ 500 سِک آهن جن جو پنهنجو ٽڪاڻو (گوردوارو) آهي. انهن جي ڀرسان ئي مسلمانن جا گهر ۽ مسجدون آهن. اهو ئي حال ملائيشيا جي شهرن جو آهي. هنن پَٽن تي منهنجو 45 سالن (1968ع کان) اچڻ وڃڻ لڳو رهي ٿو. مون ڪڏهن هتي جي مسلمانن کي هندو ، عيسائين، سکن يا ٻڌن جا عبادت گهر ڊاهيندي يا ساڙيندي نه ڏٺو. حڪومت به انهن کي قائم رکڻ لاءِ هر ممڪن مدد ڪري ٿي ۽ آئون ڏسندو اچان ته ڌارين ملڪن کان مختلف مذهبن جا ماڻهو جڏهن هتي گهمڻ يا نوڪريءَ لاءِ اچن ٿا ته هو مڪاني ماڻهن ۽ حڪومت جي تعريف ڪن ٿا. اسان جي ماڻهن کي ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ برونائي جهڙن مسلمان ملڪن مان سبق حاصل ڪرڻ کپي ۽ اجايو ڌارين مذهبن جي عبادت گهرن ۽ ماڻهن کي ٻاري ساڙي پاڻ کي دنيا ۾ بدنام ڪرڻ کان بچائڻ کپي. اسان جي اهڙين غلط حرڪتن تي دنيا جا مسلمان ملڪ به اسان تي چٿرون ڪن ٿا ۽ اسان جتي به وڃون ٿا ته اتي جا ماڻهو اسان کان پري ڀڄن ٿا.
    برونائيءَ ۾ انهن انڊين، پاڪستانين ۽ بنگلاديشين جو به چڱو انگ آهي جيڪي ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيسر، IT جا ماهر ۽ ٽيڪنيشن آهن ۽ برونائيءَ کي 1984ع ۾ خودمختياري ملڻ بعد، Contract تي نوڪري ڪن ٿا. هن پاسي ـــ يعني ملائيشيا، سنگاپور، برونائي ويندي پاپا نيوگني ۽ آسٽريليا ۾ نوڪريءَ جو ٽن ٽن سالن جو Contract ٿئي ٿو پر هاڻ ڪجهه سالن کان ڏسان پيو ته سال يا ٻن ٻن سالن جو به عام ٿيندو وڃي.
    ***


    هن پاسي جون انگريزي اخبارون

    برونائي هڪ ننڍڙو ملڪ آهي سنڌ جي ڪنهن هڪ ضلعي جيڏو. سندس ٽن پاسن کان ملائيشيا جي رياست سراواڪ آهي. اتر کان چيني سمنڊ آهي جنهن ۾ ڪجهه ميلن بعد فلپين جا ٻيٽ شروع ٿيو وڃن. اهو لکڻ سان منهنجو مطلب آهي ته برونائي ۾ رهي ڪري توهان نه فقط برونائي جون ٽي وي اسٽيشنون ڏسي سگهو ٿا پر ملائيشيا ۽ فلپين جون پڻ. بهرحال اهي خوشيون تڏهن هيون جڏهن دنيا ۾ مختلف ملڪن جا ٽي وي چئنل 24 ئي ڪلاڪ نٿي هليا. اسانجي ملڪ ۾ فقط هڪ قومي ٽي وي اسٽيشن هئي سا به بلئڪ ائنڊ وائيٽ. انهن ڏينهن ۾ اسانجو جهاز يورپ يا آفريڪا جي ڪنهن ننڍڙي بندرگاهه ۾ لنگر انداز ٿيندو هو ته ڀر وارن ملڪن جي به ٽي وي ڏسي گد گد ٿيندا هئاسين. جيئن پاڪستان جي مختلف شهرن جا ماڻهو اڱاري ڏينهن هلي ملي لاهور پهچندا هئا جيئن لاهور ۾ ويهي امرتسر ٽي وي اسٽيشن تان هر هفتي اربع رات هلندڙ انڊين فلم ڏسي سگهن. هڪ ڳالهه آهي ته انهن ڏينهن ۾ انڊيا جا به ڪيترا شوقين امرتسر اچڻ تي لاهور ٽي وي تان جھوڪ سيال، وارث، خدا ڪي بستي، الف نون ۽ آنگن ٽيڙها جهڙا ڊراما ڏسندا هئا. انهن ڏينهن ۾ انڊيا جا ڊراما ايترا اعليٰ ۽ دلپسند نه هئا. اسان به ملائيشيا جي شهر ’جوهور بارو‘ ۾ رهڻ ۾ ڪجهه ان ڪري خوش هئاسين ته سنگاپور ٽي وي ڏسي سگهندا هئاسين. سنگاپور ۽ جوهوربارو شهرن ۾ ٻن ڪلوميٽرن جي به وٿي ناهي. ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ به گهڻو فاصلو! اسان کي سنگاپور جي ٽي وي ان ڪري به وڻندي هئي جو ان ۾ انگريزيءَ جا پروگرام گهڻا آيا ٿي ۽ انهن ۾ ناچ گانا ۽ مزاح گهڻو هو. ملائيشيا جي ٽي وي بقول اسان جي ماڻهن جي صفا خشڪ هئي جنهن ۾ گهڻا پروگرام ملئي زبان ۾ آيا ٿي جن ۾ ملئي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين چرين وانگر ڳايو ۽ نچيو ٿي..... اها ٻي ڳالهه آهي ته پوءِ ڪجهه سالن اندر هو سنگاپور ٽي وي جي ڪاپي ڪري اهڙا هوشيار ٿي ويا جو ڪهڙي ڳالهه ڪجي!
    ملائيشيا توڙي سنگاپور جي انگريزي اخبار ”نيو اسٽرئٽ ٽائيمس“ مونکي مزو ڏيندي هئي. خبرون سي گهٽ هونديون هيون پر فيچر ڪهاڻيون جام هيون. ڪن ڪن ماڻهن يا ماڳن جون اهڙيون ته دلچسپ خبرون يا ڪالم هوندا هئا جو هفتو پورو ٿيڻ تي آچر واري ڏينهن ان شهر ڏي وڃي اهي ماڳ ڏسندو هوس ۽ ماڻهن سان ملندو هوس. انهن مان ڪيترن جا قصا پنهنجي ملائيشيا جي سفرنامن ۾ به لکيا اٿم.
    ائين ته نه چوندس ته ملائيشيا جون اخبارون آزاد هيون. هرگز نه. مجال آهي جو ڪا اخبار ملڪ جي بادشاهه يا رياست جي سلطان بابت لکي. ان معاملي ۾ سنگاپور جي وزير اعظم ’لي ڪئان يو‘ به پريس کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري رکيو هو. چوندو هو ته اسان جي ملڪ ۾ جمهويت جي ضرورت آهي پر ڪنٽرولڊ قسم جي جمهوريت جي. اسان جا ماڻهو اڃان ايڏا مئچوئر نه ٿيا آهن. هو گهڻي آزادي مان ڇڙواڳي جي خاني ۾ پهچي ويندا. ان ڪري ملائيشيا توڙي سنگاپور جي اخبارن ۾ حڪومتي ادارن يا سلطانن ۽ بادشاهي خاندان بابت دونهيندار سياسي ۽ تنقيدي مضمون، ڪالم يا پڙهندـڙ جا خط نه ڇپبا هئا. پوءِ اخبارن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ ۽ ماڻهن لاءِ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ فحاشي نموني جون به خبرون ڏنيون ويون ٿي. جيئن ته فلاڻي ڳوٺ ۾ هڪ مَلياڻي ڪنوار هني مون دوران پنهنجي گھوٽ کي هوٽل جو ڪمرو صاف ڪندڙ ڇوڪريءَ ۾ دلچسپي وٺڻ تي، ننڊ ۾ بليڊ سان هن جو خاص عضوو ڪٽي ڇڏيو.
    مزي جي ڳالهه اها ته ان قسم جي خبر هڪ ڪالم ۾ پٺئين صفحي تي ڏيڻ بدران پهرين صفحي تي ٻن يا ٽن ڪالمن ۾ ڏني وئي ٿي. يا ان قسم جي خبر ته ”هڪ ڪنواري ڇوڪريءَ ڪورٽ ۾ ٻڌايو ته هن جي شادي هڪ جِنَ سان ٿي آهي ۽ سندس ٻار ان جن مان آهي جيڪو هن وقت به ڪورٽ ۾ مونکي نظر اچي رهيو آهي.“ يا هڪ دفعي پهرين صفحي تي خبر آئي هئي ته ”فلاڻي ڳوٺ ۾ هڪ ملئي همراهه گهر جي اڱڻ ۾ وڻ هيٺان ستو پيو هو. تيز هوا لڳڻ ڪري هن جي سرونگ (گوڏ) مٿي کڄي وئي. نڄاڻ ان وقت هنن جي گهر جو پالتو ٻلو اچي لنگيو . انکي خبر ناهي دماغ ۾ ڇا آيو جو هن همراهه جي خاص عضوي کي چَڪي رکيو. رتو ڇاڻ همراهه کي امرجنسي ۾ يڪدم استال وٺي ويا ۽ پٺيان گهر جي ڀاتين ٻلي کي ماري ماري اڌ مئو ڪري ڇڏيو.“
    ان قسم جي خبرن تي گهڻو ڪري روز صبح جي ساڍي ڏهين بجي واري چانهن تي آفيس ۾ بحث مباحثو هلندو هو. حيرت جي اها ڳالهه ته ڪلارڪ ۽ ٽائپسٽ ڇوڪريون به ان ۾ حصو وٺنديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن چيني ۽ ملئي ڌار ڌار ٿي هڪ ٻئي سان بحث ڪندا هئا، هڪ ٻئي کي ٽوڪيندا هئا.... انهن سان گڏ اسان به ڪنهن جو پاسو کڻي اهڙين خبرن تي بڪ ڪندا هئاسين. چينين کي ملئي ماڻهن تي اها ئي چڙ هوندي هئي ته ملئي مرد توڙي عورتون گوڏ ڇو ٿا پائين. ملئي ماڻهن کي وري چينين تي اها ڪاوڙ ته هو رڇن جهڙا ڪتا ڇو ٿا پالين جيڪي مسلمانن لاءِ ناپاڪ آهن.
    ”ان ڪري جو ڪتا انسان سان وفادار آهن. توهان ٻلن کي بهتر ٿا سمجھو پر انهن جا ڪم ڏٺانوَ ته ڪهڙا آهن.“ مٿين خبر جي حوالي سان چيني ريڊيو آفيسر مسٽر ليءَ چيو.
    پوءِ اسان پارو ڪو ڌارئين ملڪ جي جهاز جو ڪئپٽن يا چيف انجنيئر چونگ ڏيندو هو ته ”بابا ٻلا به وفادار ٿين ٿا. هن ٻلي کي اجايا موچڙا پيا. ڪهڙي خبر هن ٻلي جي نظر گهٽ هجي ۽ هن ڪوئو سمجھي ان شيءِ تي حملو ڪيو. هن غريب ٻلي ان کان اڳ پنهنجي مالڪ کي اگھاڙو ته نه ڏٺو هو جو هن کي مالڪ جي سمورن ٽپڙن جي خبر هجي......“ وغيره وغيره.
    مهاتير محمد جي آخري ڏينهن ۾ هن مڙيئي همت ڪئي ۽ ملڪ جي بادشاهن ۽ سلطانن تي ڪڙي تنقيد ڪئي جنهن بابت اخبارن ۾ به آهستي آهستي اچڻ لڳو. پنهنجي ڊپٽي پرائيم منسٽر انور ابراهيم ۽ ٻين پارٽي (امنو) جي ميمبرن تي به خوب ڇوهه ڇنڊيائين ۽ اڄ به مهاتير ملڪ جي حاڪمن، وزير اعظم احمد بداوي ۽ هاڻ واري نجيب رزاق تي تنقيد ڪندي نٿو مڙي.
    برونائي ته آهي ئي بادشاهت! ملڪ جو حاڪم بادشاهه آهي ته وزير اعظم به پاڻ! فوج جو وڏو سندس پٽ يا ڀائيٽو ڀاڻيجو ته انفارميشن سيڪريٽري سندس ناٺي. ڪهڙو اخبار جو مالڪ يا ايڊيٽر برونائيءَ جي حاڪم يا حڪومت تي تنقيد ڪندو. پر يارو برونائي يا ڪويت ۽ دبئي جهڙن ملڪن ۾ ميڊيا ڀلي کڻي آزاد نه هجي پر عوام ته خوش آهي. هن کي ته هر سک مليل آهي. تعليم، صحت، گهر گهاٽَ ۽ ٻارن جو روشن مستقبل. ٻيو ڇا کپي؟ بقول برونائي ۾ رهندڙ اتي جي پنجابي شهريءَ جي: ”برونائي جا حاڪم عيش ڪن ٿا ته هو پنهنجي پئسي تي ڪن ٿا. هنن کي پيءُ ڏاڏي طرفان ملڪيت مليل آهي. هوعوام کي ته خوش رکيو ويٺا آهن. اسان جا حاڪم ته عوام جو پئسو کايو وڃن ته اوگرائي به نٿا ڏين.“ سچي ڳالهه ته اها آهي ته ملڪ جي حاڪم سلطان حسن البوليخا جي ڀاءُ سرڪاري ملڪيت ۾ گھوٻي هنئي ته ان تي به ڪورٽ ۾ڪيس هلائي پئسو واپس ورتو ويو ۽ اسان وٽ عوامي حاڪم عوام کي غريب ۽ قرضي بڻائي انهن جي ناڻي مان وتن دبئي، انگلينڊ، آمريڪا ۾ محل ماڙيون اڏائيندا. مَني لانڊرنگ ذريعي ملڪ جو پئسو ٻاهر ڪڍيو وتن. پاناما ۽ لائيبيريا (Liberia) جهڙن ٺڳ ملڪن ۾ ’آف شور ڪمپنيون‘ ٺاهيندا. جھلجي پوڻ تي به ڪو شرم حيا ناهي.... رڳو ”مين نا مانون“ جي رٽ لڳي پئي آهي. برونائيءَ جا حاڪم جي ٽئڪس نٿا ڏين ته هنن سڄي ملڪ جي عوام جو به ٽئڪس معاف ڪري ڇڏيو آهي.
    اسانجي ملڪ جي ڪنهن هڪ ضلعي جيڏي هن ملڪ برونائي مان چار اخبارون نڪرن ٿيون. ٻه انگريزي ۽ ٻه ملئي. سڀ کان گهڻي ”بورنيو بليٽن“ هلي ٿي جيڪا برونائي پريس لميٽيڊ طرفان ڇپجي ٿي جيڪا سلطان جي خاندان جي ملڪيت آهي. هن اخبار جي سرڪيوليشن عام ڏينهن تي 20 هزار باقي آچر ڏينهن تي 25 هزار کن آهي جو ان ڏينهن اخبار سان گڏ رنگين مئگزين به نڪري ٿي جيڪا اخبارَ جي قيمت ۾ ملي ٿي. هن اخبار جي شروعات 1957ع ۾ ٻن انگريزن هفتيوار اخبار جي حيثيت ۾ ڪئي. بعد ۾ 1984ع ۾ برونائي کي آزادي ملڻ تي هيءَ اخبار مقامي حاڪمن خريد ڪئي. هن اخبار جي پريس طرفان هڪ ملئي اخبار ”ميڊيا پرماتا“ به نڪري ٿي جنهن جي سرڪيوليشن 10,000 کن آهي. هي ائين آهي جيئن اسان وٽ جنگ گروپ آف پبليڪيشن طرفان روزانو انگريزي اخبار The News ۽ اڙدو اخبار ”جنگ“ نڪري ٿي (۽ هفتيوار ’اخبار جهان‘ پڻ).
    برونائيءَ مان هڪ ٻي انگريزي اخبار ”دي برونائي ٽائيمس“ پڻ نڪري ٿي. هيءَ اخبار ڏهه سال اڳ 2006ع کان شروع ٿي ۽ سندس سرڪيوليشن 15 هزار آهي. هتي جي اخبارن جو پنو، ڇپائي ۽ تصويرون اعليٰ قسم جو نظر اچي ٿو. برونائي ٽائيمس اخبار جا ٻه حصا آهن جيئن اسان وٽ جنگ، دنيا، جهان پاڪستان يا ڪاوش ۽ عبرت جا ٿين ٿا. 2010ع تائين برونائي ٽائيمس جو هر حصو 12 صفحن جو هوندو هو پر هاڻ هر حصو 24 صفحن جو آهي يعني روز جي اخبار ڪل 48 صفحن جي ٿئي ٿي ۽ آچر واري ڏينهن اخبار سان گڏ مئگزين به نڪري ٿي جيئن اسان وٽ عوامي آواز، ڪاوش، جنگ ۽ ٻين اخبارن جي نڪري ٿي.
    برونائي جي اخبارن ۾ حڪومت ۽ حاڪمن تي ڀلي تنقيد هجي يا نه پر اهي مقامي خبرن، بورنيو ٻيٽ جي خبرن (يعني صباح، سراواڪ ۽ انڊونيشيا جي حصي ڪالمنتان بابت) سان ڀريل نظر اچن ٿيون. ان کان علاوه برونائي جون اخبارون مختلف فيچر، سفرنامن، راندين، شادين مرادين ۽ فنڪشنن جي خبرن، فوٽن ۽ مضمونن سان ڀريون پيون آهن. مونکي جيئن ته سياست سان گهڻي دلچسپي ناهي ان ڪري مونکي هتي جون اخبارون توڙي سعودي عرب جي “Arab News” ۽ جپان جي ”اساهي“ ۽ ”دي جپان ٽائمز“ اخبارون مضمونن ۽ ڪالمن ڪري بيحد پسند آهن جيڪي هينئر به نيٽ تي پڙهان ٿو. اڄ کان ڪجهه سال اڳ تائين جڏهن انٽرنيٽ عام نه ٿي هئي ته ڪراچيءَ ۾ اهي اخبارون جپان ۽ سعودي عرب جي قونصل خاني ۾ وڃي پڙهندو هوس.
    برونائيءَ ۾ مقامي اخبارن کان علاوه ٻاهر جون اخبارون پڻ وڪامن ٿيون جن ۾ ملائيشيا جون ”بورنيو پوسٽ“ ۽ ”نيو اسٽرئٽ ٽائمس“ آهن ۽ سنگاپور جي پڻ ”نيو اسٽرئٽ ٽائيمس“ ۽ ”انٽرنيشنل هيرالڊ ٽربيون“ آهن. هتي جا ڪافي ماڻهو ـــ خاص ڪري برونائي ۾ رهندڙ ڌاريان ماڻهو اهي پڻ پڙهن ٿا.
    هتي اهو به لکندو هلان ته برونائيءَ ۾ اخبار ۾ ڪوڙي خبر ڏيڻ جي سزا ٽي سال جيل آهي ۽ ٻين قانونن وانگر ان قانون تي به سختي سان عمل ٿئي ٿو.
    ***


    پوڙهي ماءُ جي پٽ پاراتي جو اثر

    برونائي جو ذڪر ڪندي ” جانگ باتو“ جو قصو نه لکڻ ائين آهي جيئن حيدرآباد بابت لکندي ’پڪي قلعي‘ تي نه لکجي يا سکر ۾ وڃي ’معصوم شاهه جي مناري‘ کي وساري ڇڏجي. جانگ باتو دراصل برونائيءَ مان وهندڙ ”برونائي ندي“ جي وچ ۾ هڪ ٽڪري آهي جنهن کي جڏهن برونائي نديءَ جي ڪناري تان ڏسجي ٿو ته ائين لڳي ٿو ته ڪو ٻڏل جهاز هجي جنهن جو اڳيون حصو ٻاهر نڪتل هجي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن ٽڪريءَ جي شڪل جهاز جي Bow (اڳياڙي) سان ملي ٿي. هونءَ ته دنيا ۾ لکين ٽڪريون هونديون جن جون قدرت طرفان پنهنجيون پنهنجيون شڪليون آهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪيتريون ڪنهن نه ڪنهن شيءِ سان ملنديون به هجن. پر هيءَ ٽڪري جيئن ته زمين تي هجڻ بدران درياهه ۾ آهي جتان برونائي جي چار لک آدمشماريءَ مان اڌ جو روز لنگهه ٿئي ٿو ان ڪري هن ٽڪريءَ بابت ڪيترائي قصا ڪهاڻيون ٺاهيا ويا آهن. جن مان عام طرح گهڻو ٻڌڻ وارو هتي ڏيان ٿو.
    برونائيءَ جي هن ٽڪريءَ کي ڏسي مونکي ڪراچيءَ جي Oyester Rock جي ياد ايندي آهي جيڪا منهوڙي ۽ ڪلفٽن جي وچ واري سمنڊ ۾ آهي ۽ جيڪا صاف موسم ۾ ڪلفٽن تان به چٽي طرح نظر اچي ٿي. ايتري قدر جو ڪلفٽن جي هڪ گهڻ ماڙ فلئٽن جي عمارت جو نالو هن ٽڪريءَ تان Oyester View رکيو ويو آهي. سمنڊ جي وچ ۾ هن ٻيٽ نما پهاڙي (آئسٽر راڪ) کي هندو ”رام جھروڪا“ سڏين ٿا. هنن جي ڌرمي ڪتابن موجب هنگلاج ويندي وقت رام، لڇمڻ ۽ سيتا هتي ترسيا هئا. شروع شروع ۾ هيءَ ٽڪري ڪلفٽن ۽ منهوڙي جي وچ ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل جبلن جي قطار هئي ۽ ماڻهو خشڪي رستي منهوڙي کان ڪلفٽن پهچي ويندا هئا پر پوءِ بقول سنڌ جي مشهور ليکڪ ۽ کوجنا ڪندڙ لوڪرام ڏوڏيجا جي، ڏهين صديءَ ۾ آيل زلزلي ۾ هي ٽڪريون ۽ جبل سمنڊ اندر هليا ويا. هاڻ فقط هڪ ٽڪري وڃي بچي آهي. ٻيڙيءَ رستي هن ٽڪريءَ رام جھروڪا (Oyester Rock) تائين پهچي سگهجي ٿو.
    ان قسم جي ٽڪرين جو جوڙو جپان ۾ به مشهور آهي جنهن کي جپاني ”ميوٽو ايوا“ (Meoto Iwa) يعني پرڻيل ٽڪرين جو جوڙو (Married Couple Rocks) سڏين ٿا. هي ٻه ٽڪريون جپان جي مي ئي (Mie) ضلعي جي فوتامي شهر کان سڏ پنڌ تي سمنڊ ۾ آهن. فوتامي شهر ۾ ئي شنتو ڌرم وارن جي ”اوڪيٽا ما درگاهه“ آهي جنهن کي جپاني ”جنجا“ سڏين. هن جنجا ۾ ايندڙ پوڄاري هنن ٻن ٽڪرين کي پوتر ٽڪريون سڏين جيڪي جپاني ديوتائن اِيزاناگي ۽ ايزانامي جون نشانيون تصور ڪيون وڃن ٿيون. وڏي ٽڪري مرد ۽ ننڍي عورت جي نمائندگي ڪري ٿي. ٻنهي ٽڪرين کي شاديءَ جي ڳانڍاپي ۾ آڻڻ لاءِ ٻنهي جي چوڌاري سارين جي فصل (پلال) جو نوڙ ڦيرايو ويو آهي.
    جپان ۾ چانور ۽ ان سان واسطو رکندڙ هر شيءِ جي وڏي اهميت آهي. سارين جي فصل مان ٺهيل مختلف ٿولهه جا نوڙ (رسا) جپاني ٻولي ۾ ”شيمي ناوا“ سڏجن ٿا ۽ جپانين جي اعتقاد موجب ”شيمي ناوا“ جن، ڀوت، ڏائڻين ۽ بد روحن کي ڀڄائين ٿا. جپان جي شنتو ڌرم جي مندرن ۾ توهان کي اڪثر هي نوڙ نظر ايندا. جپاني ماڻهو نئين گهر ٺهرائڻ جي شروعات ڪرڻ لاءِ ان جي پلاٽ جي چوڌاري سارين جي ڪانن مان ٺهيل هي نوڙ (شيمي ناوا) رکي پوءِ گهر جي بنيادن جي کوٽائي شروع ڪن. ان کان علاوه ڪجهه اهڙيون شيون جيڪي بد روحن لاءِ ڪشش جو سبب آهن ۽ انهن ۾ جن ڀوت واسو ڪن ٿا، انهن جي چوڌاري پڻ هي نوڙ ٻڌو وڃي ٿو ۽ اهي غيبات واريون شيون ”يوري شيرو“ سڏجن ٿيون. ڪي وڻ پڻ يوري شيرو هوندا آهن جيڪي ’ڳرا‘ سڏبا آهن جو بقول جپانين جي انهن ۾ ڪي خاص قسم جا بد روح جن کي ”ڪوداما“ سڏين، رهن ٿا. اهڙن وڻن کي وڍڻ وارو بدبختيءَ جو شڪار ٿي سگهي ٿو. مٿين قسم جون ٽڪريون يا وڏا پٿر جن ۾ بد روح چهٽي سگهن ٿا ”اِيوا ڪُورا“ سڏجن ٿا ۽ بد روحن کي انهن جي ويجھو اچڻ کان ڀڄائڻ لاءِ انهن جي چوڌاري سارين وارو نوڙ (شيمي ناوا) ٻَڌڻ ضروري آهي. سومو پهلوان پڻ ملهه جي مقابلي لاءِ اکاڙي ۾ اچڻ مهل پنهنجي چيلهه جي چوڌاري شيمي ناوا ٻڌي ايندا آهن، جيئن هنن تي برائي جو اثر نه ٿئي. آکاڙي يعني گول دائري ۾ گهڙڻ بعد هو اهو نوڙ لاهي ڇڏيندا آهن جو ان آکاڙي کي بد روحن ۽ جن ڀوتن کان آجو رکڻ لاءِ ان تي لوڻ جي ڇٽڪار ڪئي وڃي ٿي. چانورن وانگر لوڻ به جپانين جي زندگي تي وڏو اثر رکي ٿو. ”ميئوٽو اي وا“ ٽڪرين جي چوڌاري ڦريل هي نوڙ ڪافي ٿلهو آهي ۽ چون ٿا ته ان جو وزن هڪ ٽن (28 مڻ) ٿيندو.
    بهرحال پاڻ برونائي جي ”جانگ باتو“ جي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ ڪراچي جي ”رام جھروڪا“ ۽ فوتامي شهر جي ”ميئوٽو اِيوا“ جي کڻي ويٺاسين. ’برونائي نديءَ‘ ۾ ٻڏل جهاز جي شڪل جهڙي هن ٽڪريءَ جو نالو جانگ باتو آهي. ملئي ٻولي ۾ باتو معنيٰ ٽڪري يا پٿر ۽ جانگ معنيٰ چيني جنڪ جهاز. برونائيءَ جي لوڪ ڪهاڻين مطابق ”ناخدا مانيس“ جي ڪهاڻيءَ ۾ آهي ته ڪيئن هڪ نالائق پٽ پنڊ پهڻ ٿي ويو. ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ برونائي وغيره تي عربن سان گڏ ايران جي جهازرانن ۽ سوداگردن جو به اثر رهيو آهي ۽ ملئي زبان ۾ جتي سنسڪرت، گجراتي، پالي ۽ عربي زبان جو اثر آهي اتي فارسيءَ جو به آهي. ملئي ٻوليءَ ۾ پاڻيءَ جو جهاز هلائڻ واري ڪئپٽن کي ناخدا سڏين يعني ناؤ (جهاز) کي سنڀاليندڙ.... جيئن پاڻ وٽ به ان لفظ ”ناؤخدا“ جي بگڙيل صورت ناکئو مـشهور آهي. هيءَ لوڪ ڪهاڻي ”ڪئپٽن مانيس (Nakhoda Manis) جي نالي سان آهي. هونءَ اسان جي نوجوان نسل لاءِ جھوني جڳ جي ملئي ماڻهن جا نالا يعني مانيس (معنا مِٺو) عجيب لڳندا هجن. پر حقيقت اها آهي ته اهڙا نالا اسان وٽ به ننڍي کنڊ ۾ عام رهيا آهن جيئن سنڌ ۾ مِٺا، منٺار، ڪارو (ملئي ۾Hitam )، پوڙهو (Tua)، ننڍڙا (Muda)، خميسو (Khamis).... اهڙيءَ طرح وڻن (ٻٻر، ڪرڙ)، گلن (گلاب، چنبيلي، نرگس)، پکين( مور، مِٺُو، باز، شهباز، شاهين)، جانور (شير، غزل) وغيره. اهڙا نالا جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ مسلمانن توڙي هندن ۾ عام آهن اهڙيءَ طرح ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ برونائي ۾ اهي ملئي نالا گذريل جنريشن تائين هندن توڙي مسلمانن ۾ عام رهيا. اهڙيءَ طرح ”ناخدا مانيس“ نالو يعني ”ناکئو مٺل“ آهي.
    هيءَ ٽڪري جانگ باتو برونائي واري محل ”اِستانا نورالايمان“ جي اوڀر ۾ برونائي جي مئارا ضلعي ۾ برونائي نديءَ جي وچ ۾ آهي. هيءَ ٽڪري 20 ميٽر ڊگهي ۽ 15 ميٽر ويڪري آهي. هن ٽڪريءَ تي پهچڻ لاءِ ڪمپونگ آئر (پاڻيءَ تي ٻڌل ڳوٺ) کان ٻيڙيءَ ذريعي پنڌرهن منٽن ۾ پهچي سگهجي ٿو. رات جي وقت برونائي نديءَ ۾ هلندڙ ٻيڙين کي خبردار ڪرڻ لاءِ هن ٽڪريءَ جي ڀرسان لائيٽ وارو بئاء (Buoy) لڳل آهي جيئن اونداهه ۾ ٻيڙيون هن ٽڪريءَ سان ٽڪرائي پرزا پرزا نه ٿين.
    چون ٿا ته دانگ ائمبان (Dang Ambon) نالي هڪ امير رن زال پنهنجي پٽ ”ناخدا مانيس“ سان گڏ رهي ٿي. ڪن هنڌن تي هن ڪهاڻيءَ ۾ هيءَ بيواهه عورت بيحد غريب ٻڌائي وئي آهي. بهرحال هي ٻئي ڪمپونگ آئر ۾ رهيا ٿي.
    چون ٿا ته روزگار ڪمائڻ لاءِ مانيس پنهنجو ڳوٺ ڪمپونگ آئر ڇڏي سولو (Sulu) شهر ڏي روانو ٿيو. سولو جيڪو هينئر فلپين جو حصو آهي، اڳ ۾ برونائي سلطنت هيٺ آيو ٿي. ڪافي سال گذرڻ بعد، هن جا ڀاڳ ڀلا ٿيا ۽ هو نه فقط سولو جو امير ماڻهو ٿي ويو پر اتي جي شاهي خاندان جي ڇوڪريءَ سان شادي پڻ ڪئي ۽ هڪ وڏي جهاز جو مالڪ ٿي ويو.
    جن ڪهاڻين ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مانيس جي ماءُ دانگ ائمبان هڪ امير عورت هئي، انهن ۾ آهي ته هوءَ دل جي وڏي هئي ۽ هن کي پنهنجي ڳوٺ ڪمپونگ آئر جي غريبن جو ايڏو ته خيال هو جو هوءَ پنهنجي مڙس جي ڇڏيل ملڪيت غريبن ۾ ورهائي ورهائي پاڻ به انهن جهڙي غريب ٿي وئي. بهرحال ٻنهي ورزن (Version)۾ هوءَ پنهنجي پٽ کي ڏسڻ لاءِ سڪندي رهي.
    دانگ ائمبانگ (دانگ ملئي ٻوليءَ ۾ عورت کي عزت سان سڏڻ جو لفظ آهي جيئن پاڻ وٽ محترما، مئڊم يا سانئڻ)، هڪ ڏينهن اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿي ته هن جي پٽ جو جهاز برونائي اچي رهيو آهي ۽ ناخدا مانيس به پنهنجي ماءُ سان ملڻ لاءِ هن جون راهون تڪي رهيو آهي. جڏهن هن جو جهاز برونائي نديءَ ۾ لنگر انداز ٿيو ته پوڙهي ماءُ دانگ ائمبان پنهنجي ننڍڙي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي چپوئن ذريعي پنهنجي پٽ جي جهاز ڏي وڌڻ شروع ڪيو. جهاز جي ويجھو پهچي ماءُ پٽ کي سڏ ڪيو ته مانيس آئون اچي وئي آهيان جلدي اچي مل منهنجيون اکيون توکي ڏسڻ لاءِ بيتاب ٿي رهيون آهن. پنهنجي ماءُ جو آواز سڃاڻي ناخدا مانيس به ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن پنهنجي زال کي به ماءُ سان ملائڻ چاهيو. پر ان کان اڳ جو ناخدا مانيس پنهنجي زال سان ڳالهه ڪري، زال هن پوڙهيءَ کي ڏسي سخت باهه ٿي وئي ته هيءَ ڇو آئي آهي ۽ هُن جهاز جي خلاصين کي حڪم ڏنو ته هن ڦاٽل ڪپڙن واري مائيءَ کي هتان ڀڄائي ڪڍو جيئن هوءَ پنهنجي پٽ سان ملي نه سگهي. خلاصين هن جي ننڍڙي ٻيڙيءَ کي پٺيان ڌڪي ڇڏيو.
    هن ڪهاڻيءَ جي ٻي Version (بيان) هن ريت آهي ته پوڙهي ماءُ پنهنجي ٻيڙيءَ مان لهي ڏاڪڻ ذريعي پنهنجي پٽ جي جهاز جي ڊيڪ تي پهتي جتي جڏهن ناخدا مانيس جي زال هن کي ڏٺو ته سخت ڪاوڙجي وئي ۽ سندس حڪم تي جهاز جي خلاصين پوڙهي ماءُ کي مٿان هيٺ درياهه ۾ کڻي اڇلايو. ويچاري ماءُ جي دل ئي ٽٽي پئي ته هن سان پٽ نه مليو ۽ هن جي اڳيان هن جي بي عزتي ڪئي وئي. هن ٻُڪ کڻي پنهنجي پٽ ۽ ننهن کي سخت پِٽون پاراتا ڏنا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سخت طوفان لڳو. درياهه ۾ ڇوليون پيدا ٿيون ۽ مانيس جو جهاز لڏندي لڏندي ٻڏي ويو. طوفان ختم ٿيڻ بعد ڪناري تي بيٺل ماڻهن کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته ٻڏل جهاز جو ٻاهر نڪتل حصو ڪاٺ بدران پنڊ پهڻ ٿي ويو. ۽ جهاز جي شڪل جي اها ٽڪري اڄ تائين ”جانگ باتو“ سڏجي ٿي جنهن کي ڏسڻ لاءِ پري پري کان سياح اچن ٿا.
    ***


    برونائيءَ جو سياسي نظام

    هتي ڪجهه سٽون برونائي جي حڪومتي نظام ۽ سياست بابت لکڻ ضروري سمجهان ٿو جو منهنجو هر سفرنامو پڙهڻ بعد پڙهندڙ اڪثر ان ملڪ جي سياست بابت پڇن ٿا جنهن ۾ (يعني سياست ۾) منهنجي دلچسپي گهٽ بلڪ نه برابر رهي آهي. بهرحال هتي برونائي بابت لکندو هلان ته هتي مڪمل طرح بادشاهي راڄ Absolute Monarchy آهي ۽ برونائي جو سلطان حاجي حسن البوليخيا ’رياست‘ جو سربراهه آهي ته ’حڪومت‘ جو به. برونائي کي انگريز حڪومت طرفان خودمختياري/آزادي 1984ع ۾ ملي. ان کان اڳ انگريزن جي راڄ ۾، 1959ع ۾ جيڪو ملڪ جو آئين ٺاهيو ويو ان موجب برونائي جو سلطان رياست جو سربراهه آهي جنهن جي مدد ۽ صلاح مشوري لاءِ 5 ڪائونسلون آهن: مذهبي ڪائونسل، پرائوي ڪائونسل، ڪابينه جي وزيرن جي ڪائونسل، ليجسليٽو ڪائونسل ۽ ورثي (Succession) جي ڪائونسل.
    1959ع جي آئين موجب ليجسليٽو ڪائونسل جنهن کي مقامي زبان ۾ ”مجلس مشاورات نغاره“ سڏجي ٿو، ان جا ميمبر چونڊ (اليڪشن) ذريعي رکيا وڃن ٿا. برونائيءَ ۾ هيستائين فقط هڪ، 1962ع ۾ اليڪشن ٿي هئي. اليڪشن بعد جلدي ئي ملڪ ۾ امرجنسي لڳائي وئي ۽ اسيمبلي ختم (Dissolved) ڪئي وئي. سياسي پارٽي ”برونائي پيپلس پارٽي“ تي بندش لڳائي وئي.
    ملڪ جي قومي آئيڊيالاجي ”ميلايو اسلام بِراجا“ MIB (يعني ملئي اسلامڪ بادشاهت) موجب سلطان جي هٿ ۾ سڀ ڪجهه آهي. 2005ع ۾ سلطان اليڪشن بنا ليجسليٽو ڪائونسل لاءِ 29 ميمبر چونڊيا آهن. ان مان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته سلطان طرفان کنيل ميمبر سلطان جي ٻڌندا يا عوام جي حقن لاءِ وڙهندا؟ پر اهو به شڪر آهي جو حاڪمن وٽ نه فقط پئٽرول جو پئسو جام آهي پر هو ان پئسي مان عوام جو به سک ڪريو ويٺا آهن. ڪنهن به شيءِ تي ٽئڪس ناهي، تعليم مفت آهي، صحت جو بار حڪومت تي آهي.... دوا درمل ۽ اسپتالن ۾ علاج مفت آهي.... هر هڪ لاءِ نوڪريون آهن..... واپار وڙي جي هر سهوليت موجود آهي..... عوام کي ٻيو ڇا کپي؟ ان ڪري عوام چپ آهي.... ڀلي اليڪشن نه ٿئي، ڀلي سياسي پارٽين تي بئن لڳندي رهي.... عوام جي زندگيءَ ۾ ته ڪا تڪليف نه آهي. پر ان هوندي به رکي رکي سياسي آزادي لاءِ ڪو نه ڪو آواز اٿاريندو رهي ٿو ۽ پڙهندڙن کي اهو به ٻڌايان ته هتي جي حاڪمن کي اها ڳالهه سخت چڀي ٿي. ذاتي محفلن ۾ به شاهي خاندان تي تنقيد نٿي ڪئي وڃي جو سرڪاري جاسوس ۽ چمچا مٿي اطلاع ڪري ان ماڻهوءَ جي زندگي برباد ڪري سگهن ٿا.
    1985ع ۾ برونائي ۾ هڪ سياسي پارٽي ”پارٽي ڪبنغسان ڊيموڪريٽڪ برونائي“ (PKDB) وجود ۾ آئي. ملئي ٻولي ۾ ”ڪبنغسان“ معنيٰ ”قومي“.... يعني ”برونائي نئشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي“ وجود ۾ آئي. جنهن جا 3000 کن ميمبر ٿيا، خاص ڪري ملئي بزنيس مين ۽ پروفيشنل. هن سياسي پارٽيءَ امرجنسي ختم ڪرڻ ۽ ”اليڪشن“ ڪرڻ لاءِ سڏ ڏنو. ملڪ جي سلطان کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ 1988ع ۾ هن پارٽيءَ تي به بئن لڳايو ويو. هن وقت جيڪا واحد سياسي پارٽي موجود آهي ۽ قانوني طرح رجسٽرڊ ٿيل آهي اها آهي ”پارٽي پيمبنگوئان“ يعني ”نئشنل ڊيولپمينٽ پارٽي“. ملڪ جو سربراهه جيڪو سلطان به آهي ته وزير اعظم، وزير دفاع ۽ وزيرِ خزانا پڻ آهي، ان جي سرڪاري پاليسي اها ئي آهي ته ملڪ جي معاشي حالت بهتر کان بهتر ٿئي پر مذهبي ۽ ثقافتي قدر (Values) ساڳيا رهن. ائين نه ته ماڊرن ٿيڻ سان ملڪ ۾ بيهودگي ۽ عريانيت وڌي.
    پرائيوي ڪائونسل: آئين مطابق هن ڪائونسل جو ڪم آهي ته سلطان کي قانون بابت رهنمائي ڪري. رحم ۽ سزائن بابت صلاح ڏئي، ماڻهن کي خطاب ۽ آنرري درجا ڏئي، وغيره. جيئن اسان وٽ ملڪ جو صدر هر سال خاص ماڻهن کي نشان امتياز، تمغه امتياز وغيره ڏئي ٿو. برونائيءَ جي هن ڪائونسل ۾ شاهي خاندان جا ۽ حڪومت جا اعليٰ سرڪاري ڪامورا ميمبر آهن.
    وراثت (Succession) جي ڪائونسل: هن جو ڪم سلطان جي وفات بعد نئين سلطان لاءِ سوچڻ آهي ته تخت تي ڪنهن کي وهاريو وڃي. يعني سلطان جي پٽن مان ڪنهن هڪ کي يا سلطان جي ڀائرن مان ڪنهن ڀاءُ کي.
    وزيرن (ڪابينا) جي ڪائونسل: هن ڪائونسل جا 9 ميمبر آهن جن ۾ وزير اعظم (يعني سلطان) به انهن ۾ اچي ٿو. اهي روز مرهه سرڪار جي انتظامي ڪمن جو جائزو وٺن ٿا.
    جيستائين جوڊيشري جو سوال آهي ته برونائيءَ ۾ ٻٽو قانوني سسٽم (Dual Legal System) آهي. هڪ اهو ئي آهي جيڪو اسان کي يا ملائيشيا ۽ سنگاپور وارن کي انگريزن طرفان مليو. اهو ”انگلش ڪامن لا“ جي بنياد تي آهي. ان لاءِ 10 مئجسٽريٽ مقرر آهن جيڪي مقامي ملئي مسلمان آهن. ان مٿان ٻه انٽرميڊيٽ ڪورٽون آهن جن جا به ٻئي جج مقامي ملئي آهن. هاءِ ڪورٽ جي ٽن ججن مان ٻه ملئي ۽ چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ هانگ ڪانگ جو جج هوندو آهي. سپريم ڪورٽ جا ٽئي جج رٽائرڊ برٽش جج آهن. سپريم ڪورٽ جي ڪورٽ آف اپيل مهيني مهيني لاءِ سال ۾ ٻه دفعا وهي ٿي.
    انگريزي قانون کان علاوه برونائيءَ ۾ ٻيو قانون اسلامي شريعت جو آهي جنهن لاءِ ”شريعہ ڪورٽون“ آهن. انهن ۾ گهڻو ڪري مسلمانن جي طلاق، زنا ۽ خلوت جهڙن ڏوهن جا فيصلا ٿين ٿا. هتي اهو به لکندو هلان ته برونائيءَ توڙي ملائيشيا ۾ ”خلوت“ تي سزا آهي. خلوت (Close Proximity) هڪ ڌارئين مرد ۽ عورت جو ڪنهن اڪيلي ڪمري ۾ وهڻ آهي. ٻاهر ڌاريون مرد ۽ عورت، ڇوڪرو يا ڇوڪري هلي سگهن ٿا، هوٽل ۾ ماني کائي سگهن ٿا پر سج لٿي کانپوءِ ڪنهن مسلمان مرد کي هڪ ڌارئين عورت سان گڏ پارڪ ۾ ويهي ڪچهري ڪرڻ جي به اجازت ناهي. اهو ان ڪري لکي رهيو آهيان جو اسان جا ڪيترا پڙهيل ڳڙهيل نوجوان جيڪي اعليٰ تعليم لاءِ ملائيشيا ۾ رهن ٿا يا ملائيشيا ۾ نوڪري ڪن ٿا انهن سان وڏي عمر جون ملئي عورتون دوستي ڪري هنن کي پاڻ وٽ فلئٽ ۾ گهرائين ٿيون يا سج لٿي کانپوءِ ڪنهن پارڪ ۾ وهن ٿيون ۽ پٺيان سندن ڪا ساهيڙي ڇاپو هڻائڻ لاءِ پوليس کي فون ڪريو ڇڏي. پوليس خلوت جي ڪيس ۾ ٻنهي کي گرفتار ڪري ٿي پر هنن جي همدردي پنهنجي ملڪ جي عورت سان ٿئي ٿي. مرد کي جيل ۽ ڏنڊ جا يعني بدناميءَ جا دڙڪا ڏئي کيس اها صلاح ڏين ٿا ته هو ان عورت سان شادي ڪري ۽ هڪ ٻئي کي بدناميءَ کان بچائين. جي هو اڳهين شادي شده آهي ته هن کي ٻي شادي ڪرڻ لاءِ همٿايو وڃي ٿو جو مسلمان مردن کي چئن شادين جي اجازت آهي. بهرحال برونائيءَ ۾ اهڙيون عمر رسيده، موالي ۽ ڪنگليون عورتون نه برابر آهن جو حڪومت طرفان هر هڪ کي خوشحال رکيو ويو آهي ۽ برونائي جون مسلمان ڇوڪريون هونءَ به ڪنهن ڌارئين سان فري نٿيون ٿين. باقي ملائيشيا ۾ مٿين قسم جون ٽوٽي، موالي، خرچائو ۽ مڙس ۽ مائٽن کان تڙيل ڪيتريون ئي رول عورتون نظر اچن ٿيون ۽ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته انهن جو آسان شڪار اسان جا اهي پاڪستاني ٿين ٿا جن کي وڏي پگهار واريون نوڪريون آهن يا Ph.D ڪري رهيا آهن (يعني جن جو مستقبل سٺو آهي) _ انهن کي ڦاسايو وڃي ٿو.
    ***


    ٺڳيءَ جي شادي، ٺڳيءَ جو جھنڊو

    ”وِڪي ليڪس“ بعد ”پاناما ليڪس“ جو چرچو اڄ ڪلهه سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويو آهي. اسان جي ملڪ ۾ ته هيڪاندو زور شور سان آهي جو پاناما جي ”آف شور ڪمپنين“ ۾ قانوني يا غير قانوني طور لڳايل پئسي ۾ اسان جي حاڪمن تي به الزام آهن. پاناما رڳو هڪڙو ملڪ ناهي پر دنيا ۾ ٻيا به ڪجهه ملڪ آهن جتي دنيا جا امير حلال يا حرام جو ڪمايل پئسو لڳائي ٽئڪس بچائين ٿا ۽ پنهنجي دولت لڪائين ٿا. ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ پاناما، آفريڪا جي ملڪ لائيبيريا يا مالٽا، ڪيمن، بهاماس ۽ برمودا جهڙن ٻيٽن جو گهڻي ڀاڱي ڪم اهڙين ٺڙڪ ٺڳين تي ئي هلي ٿو. هو پئسي واري کي سک پهچائين ٿا غريب ڀلي پيو لتاڙجي.
    اسانجي سامونڊي دنيا ۾ به ان قسم جا ننڍا ٻيٽ نما ملڪ مشهور آهن جن ۾ جهازن جا ٺڳ ۽ ظالم قسم جا مالڪ پنهنجا جهاز رجسٽرڊ ڪري هڪ طرف ٽئڪس بچائين ٿا ته ٻئي طرف جهاز هلائيندڙن کي سهولتون ڏيڻ کان گريز ڪن ٿا. هر جهاز جو دنيا جي سمنڊن تي هلڻ لاءِ ڪنهن ملڪ ۾ رجسٽرڊ ٿيڻ ضروري آهي جنهن ملڪ جو جھنڊو جهاز جي پٺ تي لڳايو وڃي ٿو. جيئن اسان وٽ ڪا به ڪار يا موٽر سائيڪل تيسين نٿي هلائي سگهجي جيسين اها رجسٽرڊ نه ڪئي وڃي، جيڪو نمبر هن جي اڳيان ۽ پويان لڳايو وڃي ٿو جيئن هلائڻ وارو ڪو ڏوهه ڪري ته ان کي گرفتار ڪري سگهجي. سمنڊ تي به جڏهن ڪنهن جهاز جو حادثو ٿئي ٿو ته ان جو ڪيس ان ملڪ ۾ هلايو وڃي ٿو جنهن جو جھنڊو هو ڦڙڪائي ٿو. مثال طور ڪنهن جهاز جون طوفان ۾ ٻاهريون لوهي پليٽون ٽڙڪي پون ۽ پاڻي اندر گهڙڻ سان اهو جهاز، جهاز هلائڻ وارن سان گڏ ٻڏي وڃي ته ان جو ڪيس جهاز جي مالڪ تي ان ملڪ ۾ هلندو جنهن ۾ هن پنهنجي جهاز کي رجسٽرڊ ڪرايو آهي ۽ جنهن ملڪ جو جھنڊو هو پنهنجي جهاز تي ڦڙڪائي ٿو.
    هونءَ بين الاقوامي قانون مطابق جهاز کي رجسٽرڊ ڪرڻ وقت هن جي چڱيءَ طرح انسپيڪشن ڪئي وڃي ٿي. ڪنهن شيءِ جي کوٽ يا خرابي جي صورت ۾ مالڪ کي اها ٺيڪ ڪرائڻي پوي ٿي. ان بعد هن جو جهاز رجسٽرڊ ڪيو وڃي ٿو. سڌريل ملڪن ۾ اهي قاعدا قانون تمام سخت آهن ان ڪري انهن جا جهاز Safe رهن ٿا. پر پاناما جهڙن ملڪن ۾ ڪا سختي ناهي. هنن کي بس رجسٽري في ملي وڃي پوءِ ڀلي جهاز جو ترو به اکڙيو پيو هجي. هو ان جهاز کي به رجسٽرڊ ڪريو ڇڏين. جهاز هلائڻ وارو ڪئپٽن يا چيف انجنيئر ڀلي ان معيار جو تعليم ۽ تربيت يافته نه هجي، هو هن کي پنهنجي ملڪ جو پئسن تي سرٽيفڪيٽ ڏيو ڇڏين. ۽ اهڙا جهاز هلائڻ وارا جهازن جي مالڪن کي سستا پون ٿا. ساڳي وقت انهن ملڪن جون حڪومتون جهازن جي مالڪن جا نالا به لِڪَ ۾ رکن ٿيون. اسانجي ملڪ جا ڪيترا خلاصي اهڙن جهازن تي ٻڏي ويندا آهن ته سندن ڪو داد فرياد نه ٿيندو آهي. رجسٽري وارا ملڪ جهاز جي مالڪ جو پاسو کڻي چوندا آهن ته رجسٽري وقت اهو جهاز صحيح هو. جهاز ٻڏڻ ۾ مالڪ جو ڏوهه ناهي اهو قدرت جو لکيو هو. يا اهڙي ملڪ جي رجسٽرڊ ٿيل جهاز تي جڏهن خلاصين کي جهاز ۾ رهائش ۽ کاڌي پيتي جون مقرر سهولتون نه ملنديون آهن يا مهينن جا مهينا پگهار نه ملندو آهي ۽ هو پنهنجن ملڪن جي خلاف ڪورٽن ۾ اچي دانهيندا آهن ته باوجود ڳولا جي مالڪن تائين پهچڻ مشڪل ڪم ٿي پوندو آهي. خبر پوندي آهي ته اهو جهاز ڪنهن ڪمپنيءَ جو آهي جنهن جو مالڪ پهرين ڪو ٻيو هو ۽ هاڻ ٻيو آهي جنهن اهو جهاز اوڌر تي فلان ملڪ کان ورتو هو، پاڻ ڪنهن ٽئي ملڪ ۾ ٿو رهي ۽ سندس بئنڪ اڪائونٽ ڪنهن چوٿين ملڪ ۾ آهي ۽ ڪورٽ ۾ ڪيس هلڻ وقت ان بئنڪ ۾ ٽڪو به بئلنس ناهي.
    انهي ڪري اهڙن جهاز جي مالڪن کي ٺڳ ۽ ظالم چوان ٿو. هو هڪ ملڪ مان پراڻا جهاز خريد ڪري انهن جي مرمت ڪرائي هلائڻ بدران پاناما جهڙن ملڪن ۾ رجسٽرڊ ڪرائين ٿا ۽ انهن کي بنا سلامتي واري حالت ۾ هلائيندا رهن ٿا. هنن کي ڪي نه ڪي بي روزگار جهاز هلائڻ وارا ۽ خلاصي مليو وڃن جيڪي پگهار خاطر سر جو آهو کڻي اهڙن جهازن کي هلائين ٿا. هي ائين آهي جيئن اسان وٽ ڪيتريون ئي بسون ۽ ٽرڪون رشوت ڏئي انسپيڪشن ۾ پاس ڪرايون وڃن ٿيون ۽ پوءِ اڪثر اهڙي قسم جون ڏکوئيندڙ خبرون اخبارن ۾ پڙهيون وڃن ٿيون ته بس جي ٽائي راڊ ٽٽڻ تي بس کڏ يا کاهيءَ ۾ ڪري پيئي ۽ هڪ مسافر به نه بچيو. يا بريڪ فيل ٿيڻ تي بس وڃي ٽرالر ۾ لڳي ۽ هيترا ماڻهو زخمي ۽ هيترا ماڻهو مري ويا.
    اهڙا جهازن جا مالڪ جيڪي پنهنجي جهازن کي صحيح رکڻ تي خرچ نٿا ڪن ۽ نه ٽئڪس ڏيڻ چاهين ٿا، اهي پنهنجن جهازن کي پنهنجي ملڪ ۾ رجسٽرڊ ڪرائڻ بدران پاناما جهڙي ٺڳ ملڪ ۾ رجسٽرڊ ڪرائي ان ملڪ جو جھنڊو حاصل ڪن ٿا. اهڙي طرح ٺڳيءَ سان حاصل ڪيل جھنڊي کي Flag of Convenience سڏجي ٿو. يعني جهاز جي مالڪ پاناما جهڙي ملڪ ۾ پنهنجو جهاز رجسٽرڊ ڪرايو آهي ان ڪري نه ته ڪو هن کي پاناما لاءِ سڪ يا پيار آهي پر پنهنجي ٺڳيءَ ۽ فائدي لاءِ جيئن پئسو بچائي سگهي. اهڙي طرح Marriage of Convenience به مشهور آهي جيڪا ”شادي“ پيار محبت خاطر نه ڪئي ويندي آهي پر ذاتي فائدي لاءِ ـــ خاص ڪري معاشي فائدي لاءِ يا ڪنهن ملڪ ۾ رهڻ لاءِ. آمريڪا، سئيڊن، ناروي جهڙن ملڪن ۾ اڄ ڪلهه شهريت وٺڻ جو آسان طريقو اتي جي شهريءَ سان شادي ڪرڻ ئي وڃي رهيو آهي. اهڙي طرح توهان کي ڪيترائي پاڪستاني مختلف ملڪن ۾ ڪنهن پوڙهيءَ پڪيءَ يا موالڻ يا حبشياڻيءَ سان شادي ڪري اتي جا شهري ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان ٺڳيءَ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ آمريڪا توڙي ملائيشيا جهڙن ملڪن هاڻ سخت قاعدا ڪڍيا آهن ۽ ان قسم جي شاديءَ جو ثبوت ملڻ تي وڏا ڏنڊ رکيا ويا آهن.
    اهڙي طرح سمنڊن ۽ جهازن سان واسطو رکندڙ UNO جي اداري انٽرنيشنل مئريٽائيم آرگنائيزيشن (IMO) جي نون قاعدن مطابق هن اداري طرفان ميمبر ملڪن کي اها اٿارٽي ڏني وئي آهي ته هنن جي سندن بندرگاهن ۾ ڪو اهڙو جهاز اچي وڃي جيڪو Sea Worthy نه لڳي يعني سمنڊ تي ان جهاز جي ٻڏڻ جو خطرو هجي ته ان جهاز کي پنهنجي بندرگاهه ۾ روڪي سگهي ٿو جيسين ان جهاز جو مالڪ پنهنجي جهاز جي مرمت ڪرائي اها خامي دور نه ڪري. مثال طور پاڪستان جي بندرگاهه ڪراچيءَ ۾ ڪو اهڙو جهاز اچي وڃي جنهن بابت خبر پوي ته هن جهاز تي باهه وسائڻ وارو ”فائر پمپ“ ڪم نٿو ڪري ته اسان جي حڪومت جو ”مرڪنٽائيل مئرين ڊپارٽمينٽ“ يا ”ڊئريڪٽوريٽ پورٽس ائنڊ شپنگ“ جو کاتو ان جهاز کي بندرگاهه ڇڏڻ لاءِ لنگر کڻڻ جي اجازت هرگز نه ڏيندو جيسين هو ان پمپ جي مرمت ڪرائي يا نئون پمپ لڳرائي. ڇو جو اهو ڪم انسانيت جي خلاف آهي ته سمنڊ تي جهاز کي باهه لڳي وڃي پر ان کي وسائي نه سگهجي ۽ جهاز سان گڏ انساني جانيون سڙي وڃن. پاناما جهڙن ملڪن ۾ رجسٽرڊ ٿيل جهاز ۾ ته خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا نقص ٿين ٿا. هنن قانونن بعد انهن جي چرپر ڪافي گهٽجي وئي آهي جو هنن جو پاناما جهڙن چند ٺڳ ملڪن ۾ کڻي نالو نٿو ورتو وڃي پر دنيا جي ٻين بندرگاهن ۾ هنن کي ڊپ ٿئي ٿو ته هنن جا جهاز گرفتار نه ٿي وڃن ۽ مالڪ تي جهاز کي صحيح رکڻ جي چَٽي نه پئجي وڃي.
    ***


    ڇا پاناما ۾ آئون پهريون سنڌي هوس

    ٽي وي تي ڪنهن ٽاڪ شو ۾ مخالف ڌر جي سياستدان چيو ته پاناما ليڪس ڪري سڄي ملڪ جو عوام حڪومت خلاف ٿي ويو آهي. ان تي حڪومتي نمائندي ان ڳالهه کي رد ڏيندي چيو ته ”ليڪس ته ٿي پوءِ جي ڳالهه، سواءِ اسلام آباد جي باقي ملڪ ۾ ڪيترا ماڻهو هوندا جيڪي پاناما ملڪ کان واقف هوندا؟“
    واقعي صحيح ڳالهه آهي. اڄ جي انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر جي دؤر ۾ به ڪٿي آهي اسان جي ماڻهن کي اها ڄاڻ ته پاناما ڪٿي آهي؟ پاناما، ڪاسٽا ريڪا، نڪراگئا، هونڊرس يا گئاٽمالا جهڙا وچ آمريڪا يا ڏکڻ آمريڪا جا ڏورانهان ملڪ اسان جي ماڻهن لاءِ ائين اجنبي آهن جيئن آمريڪا ۾ رهندڙن لاءِ اسان جا شهر ٽنڊو مستي، چمبڙ، ڪنري، ٽنڊو سومرو يا جھڏو.
    ٽي ويءَ جو مٿيون پروگرام آئون پنهنجي دوست ڪئپٽن مظهر حسين زيديءَ سان گڏ سندس گهر ڏسي رهيو هوس. ڪئپٽن زيديءَ سان مون وڏو عرصو مختلف جهازن تي ـــ جيڪي اڪثر آمريڪا ۽ ڏور اوڀر (چين، جپان، ڪوريا وغيره) روٽ تي هليا ٿي، سفر ڪيو. منهنجي مٿين رمارڪ تي هن ٽهڪ ڏيندي چيو ته ”الطاف! گهٽ ۾ گهٽ تون ته ائين نه چئه.“
    ”ڇا مطلب؟“ مون پڇيو.
    ”اسانجي ملڪ جي ٻين صوبن جي ماڻهن کي انهن ڏوراهن ڏيهن جي خبر ڀلي نه هجي پر سنڌي ته جاگرافيءَ جا وڏا ڄاڻو آهن“ هن چيو.
    ”خبر ناهي تنهنجو مطلب ڇا آهي!“ مون چيومانس، ”گذريل سال مون سنڌ يونيورسٽي جي جاگرافي ڊپارٽمينٽ جي ڪجهه شاگردن کان ڪجهه ڏورانهن ملڪن جا نالا ۽ لوڪيشن پڇي ته هو به ٻڌائي نه سگهيا.“
    ”ته پوءِ چئبو ته تو وارو دوست ”دادا دولترام“ وڏو قابل سنڌي چئبو جنهن کي اڄ کان سؤ سال اڳ جڏهن ته نه ٽيليفون عام هو ۽ نه ٽي وي ڪمپيوٽر، هو پاناما کان اچي نڪتو هو.“
    سندس اها ڳالهه ٻڌي هاڻ مونکان به ٽهڪ نڪري ويو ۽ زيديءَ کي داد ڏنم ته هن کي 46 سال اڳ جي ڳالهه ياد آهي جڏهن هڪ جهاز تي هو ڪئڊٽ مان پروموٽ ٿي فورٿ آفيسر ٿيو هو ۽ آئون جونئر انجنيئر مان ففٿ انجنيئر ٿيو هوس ۽ اسانجو جهاز پاناما کان اڳ ڪوراسائو (Curacao) نالي هڪ ننڍڙي ٻيٽ تي اچي لنگر انداز ٿيو هو. ڊچ حڪومت جو هي ٻيٽ ”ڪوراسائو“ اسپين جي ٻيٽ لاس پاماس (ڪناري ٻيٽ) جيان ڊيوٽي فري هو جتان اسان جهاز جي اڳتي جي سفر لاءِ تيل (فيول ۽ ليوب آئل) ۽ جهاز جي عملي لاءِ راشن پاڻي ورتو ٿي. يورپ ڏي ويندي يا اتان واپسي تي اسانکي لاس پاماس بندرگاهه سَڻائي هنڌ تي لڳو ٿي ـــ يعني واٽ تي پيو ٿي ۽ هيڏانهن ڏکڻ آمريڪا، اتر آمريڪا يا پاناما ڪئنال ٽپي پئسفڪ سمنڊ ۾ گهڙڻ لاءِ هي ٻيٽ ڪوراسائو رستي تي پيو ٿي. ائين ته ڀر ۾ ئي ٽرنيڊاڊ ۽ ٽباگو (T&T) جهڙا ٻيٽ (جتي جا ڪرڪيٽ رانديگر مشهور آهن) به آهن پر جهاز وارن لاءِ دلپسند ٻيٽ ڪوراسائو هو. جتي هر هڪ جي پنهنجي مائٽن مٽن لاءِ شاپنگ سٺي ٿي وئي ٿي. انهن ڏينهن ۾ اسان ولايت مان واچون (فئورلوبا)، ايئرو جون قميصون، پينون، عطر ۽ ٻيون برانڊيڊ شيون وٺندا هئاسين جيڪي شيون اسان جي ملڪ ۾ عام نه هيون ـــ ۽ جي ڪراچيءَ جي ڪنهن خاص دڪان تي وڪرو ٿيون ٿي ته انهن جا اگهه تمام وڏا هئا. هاڻ ته هر شيءِ ويندي ڪوڪا ڪولا، سيون اپ کان نيسلي جو کير ۽ صابڻ هر ملڪ ۾ پيو ٺهي. مختلف برانڊن جون قميصون، چپل، جوتا نئين حالت ۾ ڪراچي ۽ لاهور بلڪه حيدرآباد جي ڀان آٽوز واري آچر بازار ۾ پيا ملن. پر انهن ڏينهن ۾ انهن شين ۽ ڪئميرائن ۽ ٽرانسٽر ريڊين لاءِ اسان جهازين کي اسان جامائٽ ۽ دوست خاص فرمائشون ڪندا هئا. هي جنهن زماني جي ڳالهه آهي يعني 1960ع واري ڏهي جي ان ۾ VCR ته اڃان ايجاد نه ٿيو هو پر ڪئسٽ ٽيپ رڪارڊر به عام نه ٿيو هو. اڪائي ڪمپنيءَ جا پول وارا ٽيپ رڪارڊر ممباسا، لاس پاماس، سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ هن بندرگاهه ڪُوراسائو ۾ ملندا هئا. سچي ڳالهه ته اها آهي ته ڪيترن جهازين (Sailors) کي ڪوراسائو بندرگاهه ان ۾ موجود چڪلن جي گهڻائيءَ ڪري به پسند هو. اڄ ڪلهه هيڪاندا ماڊرن جهاز ٿيڻ ڪري سندن شيڊول ٽائيٽ رهي ٿو ۽ جهاز بندرگاهه ۾ گهڙي نٿو ته کيس ڪڍڻ جي تياري به شروع ٿيو وڃي. پر 1970ع کان اڳ نه هئا جهاز ماڊرن نه بندرگاهه ۽ انهن ۾ لڳل ڪرينون ۽ ڪنٽينر سروس ته شروع ئي نه ٿي هئي. جنهن بندرگاهه ۾ جهاز گهڙيو ٿي اتي هفتو ڏيڍ ته بيٺو ئي بيٺو ٿي ۽ جهازي يعني جهاز هلائيندڙ آفيسر توڙي خلاصي (جن کي عام زبان ۾ Sailors به سڏجي ٿو) گهمندا وتندا هئا ۽ انهن لاءِ 3W (ٽي ڊبليو) مشهور هئا: ورلڊ (دنيا)، وومئن (عورت) ۽ وائين (شراب).
    اڄ به هر بندرگاهه وٽ شراب خانا ۽ چڪلا (پوءِ ڪي کلي عام ته ڪي رک رکاءَ ۽ ڍڪ وارا) عام آهن. ڪوراسائو جهڙن ٻيٽن ۽ بندرگاهن جي حڪومتن ٽوئرزم کي وڌائڻ ۽ ناڻو ڪمائڻ لاءِ چڪلن تي شروع کان پابندي نه لڳائي. اهڙي طرح ملڪن کي امير ٿيندو ڏسي ٿائلنڊ وارن به اهو ڌنڌو شروع ڪيو. انهن ڏينهن ۾ عرب دنيا ۾ تيل نڪرڻ ڪري اهي ملڪ رات اندر امير ٿي ويا هئا. ۽ اتي جا عرب عياشيءَ لاءِ مصر سان گڏ ٿائلنڊ جو به رخ رکڻ لڳا جتي ويٽنام ۾ هارايل جنگ جا آمريڪن به موڪلن جا ڏينهن گذارڻ آيا ٿي. ائين به نه آهي ته انهن ڪَمن ۾ فقط غير مسلم ملڪ اڳيان اڳيان آهن پر اسانجا مسلمان ملڪ پڻ..... خاص ڪري شهنشاهه ايران جي ڏينهن ۾ ايران ۽ اڄ جي دنيا ۾ دبئي پڻ ٽاپ تي آهي.
    1960ع جي آخري ۽ 1970ع جي شروعاتي سالن ۾ سئيز ڪئنال بند هجڻ ڪري اسانکي جهاز کي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪرائڻو پيو ٿي. ڏکڻ آفريڪا (ڪيپ آف گڊ هوپ) لتاڙي پوءِ يورپ لاءِ اتر جو رخ ڪرڻو پيو ٿي يا آمريڪا ڏي وڃڻ لاءِ اولهه ڏي وڃڻو پيو ٿي. ست اٺ ڏينهن ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪري ڏکڻ آمريڪا جي برازيل ۽ فرينچ گائنا ملڪن جي ڪناري ويجھو پهچي پوءِ ”سري نام“ ۽ ”وينزوئلا“ جو ڪنارو ڏئي پاناما پهچندا هئاسين. پوءِ ”هوائي ٻيٽن“ يا ”جپان“ وڃڻ لاءِ پاناما ۾ کوٽيل پاناما ڪئنال مان گذري پئسفڪ سمنڊ ۾ ايندا هئاسين پر جي نيويارڪ يا ڪئناڊا ڏي وڃڻو هوندو هو ته پوءِ پاناما ڪئنال ۾ گهڙڻ بدران اتر ڏي رخ ڪبو هو ۽ وچ آمريڪا جا ملڪ پاناما، ڪاسٽريڪا، نڪراگئا، هونڊرس، گئاٽمالا ۽ ميڪسيڪو لتاڙي ميامي، بالٽيمور، فلڊلفيا ۽ نيويارڪ جهڙن آمريڪن (USA جي) بندرگاهن ۾ پهچبو هو.
    اسان وٽ آمريڪا (USA) يا ڪئناڊا جهڙن ملڪن کان ته هر هڪ واقف آهي پر ڪيترا آهن جن کي پاناما، هونڊرس، نڪراگئا يا گئاٽمالا جهڙن ننڍن ۽ ڏورانهن ملڪن جي ڄاڻ آهي؟ پر يارو ڇا اها حيرت جي ڳالهه نه آهي ته اسان جي حيدرآباد، شڪارپور، ڪوٽڙي ويندي . مانجھند، ٽلٽي ۽ خدا آباد جهڙن ڳوٺن جا هندو سنڌي اڄ کان سؤ سال اڳ ان وقت جي جھونن جهازن ۾ ست سمنڊ لتاڙي هنن ڏورانهن ڏيهن ۾ نه فقط پهچي ويا پر پنهنجو واپار اهڙو ڄمايو جو مقامي ماڻهو به مقابلو نه ڪري سگهيا.
    پاناما هڪ ننڍڙو ۽ ڏورانهون ملڪ آهي جنهن جي پکيڙ 75 هزار چورس ڪلوميٽر آهي يعني خيبر پختونخواهه (KPK) صوبي جيڏو آهي. سنڌ جي تقريباً اڌ جيڏو ٿيو جو سنڌ جي ايراضي 141 هزار چورس ڪلوميٽر آهي. پاناما جي اڄ جي آدمشماري 40 لک آهي.... يعني اڄ کان سؤ سال اڳ ته هڪ لک ڪا مس هوندي. ان جي مقابلي ۾ ڪوراسائو ٻيٽ ته ڪجهه به ناهي جنهن جي ايراضي 450 کن چورس ڪلوميٽر آهي يعني اسان جي ننڍي ۾ ننڍي ضلعي مٽياريءَ جي به ٽئي حصي جيڏو ڪوراسائو ٻيٽ آهي .... ڇو جو مٽياري ضلعي جي پکيڙ 1400 چورس ڪلوميٽر آهي. هن ٻيٽ تي پهچي مون پنهنجي مٿين جهاز جي ساٿيءَ ڪئپٽن مظهر زيديءَ کي چيو ته هن ٻيٽ جي بندرگاهه ۾ آئون هڪ تختي هڻائي ٿو ڇڏيان ته ”حيدرآباد ضلعي جو الطاف شيخ پهريون ماڻهو آهي جيڪو هن ٻيٽ ڪوراسائو تي آيو.“ مونکي پڪ هئي ته اسان جي پاسي جو ڪو هتي آيو ته نه هوندو پر ڪنهن هن ٻيٽ جو نالو به نه ٻڌو هوندو. پر پوءِ منهنجي دوست ڪئپٽن زيديءَ ۽ مون کي بيحد حيرت ٿي جڏهن ٻئي ڏينهن اسان جهاز جي ڊيوٽيءَ کان واندا ٿي ٻيٽ جو واءُ سواءُ لهڻ لاءِ نڪتاسين ۽ اسان جي حيدرآباد سنڌ جي هڪ اهڙي شخص دادا دولترام بولچند نندواڻيءَ سان ملاقات ٿي جنهن جا هن ٻيٽ تي ٻه دڪان هئا جن ۾ ميز پوش، چادرون، سنڌ جا ڀرت، ٽامي ۽ پتل جا ٿانوَ، چين جا ريشمي ڪپڙا، جپان جا ڪمونو وڳا ۽ سوکڙيءَ طور ڏيڻ لاءِ مختلف رومال، گلدستا ۽ ٻيا تحفا وڪاميا ٿي.
    دولترام عمر ۾ اسان کان پندرنهن ويهه سال وڏو ٿيندو. هن ٻڌايو ته هن جو پيءُ ”بولچند پيسو مل نندواڻي“ سن 1903 ڌاري جڏهن سترهن سالن جو هو ته پاناما آيو هو. ان وقت جا جهاز ڪراچي يا ممبئي کان پهچڻ ۾ ٽي مهينا وٺندا هئا....“ منهنجي پيءُ پاناما پهچي اتي هڪ شڪارپوري ”تاراچند ڀوڄرام“ جي دڪان تي سيلز مئن ٿي ڪم ڪيو.
    هتي اهو به لکندو هلان ته سيلز مئن ٿي ڪم ڪرڻ ڪو سولو پورهيو ناهي. اڄ ڪلهه جيتوڻيڪ دڪان به ايئر ڪنڊيشن ٿي پيا آهن پر ان هوندي به ان ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين جي حالت ڏسو ته ڇاهي. هو اٺن کان ڏهه ڪلاڪ بيٺي پير ڊيوٽي ڏين ٿا ۽ گراهڪن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ڪڏهن هڪڙي شيءِ ته ڪڏهن ٻي شيءِ آڻي ڏيکارين ٿا. هڪ گراهڪ جي وڃڻ تي ٻيو پهچيو وڃي يا هڪ کي سامان ڪڍي ڏين پيا ته ٻيو بيٺو آهي. نقصان کان بچڻ لاءِ دڪان جو مالڪ چئن سيلز مين جي ضرورت آهي ته فقط ٽي، اڃان به ٻه رکي ٿو جيئن هو هر وقت ڪم ۾ رڌل رهن. مون اڄ به ڪيترا پاڪستاني ڏٺا آهن جيڪي وڏي شوق سان اهو سوچي آمريڪا يا ڪئناڊا جهڙن ملڪن ۾ اچن ٿا ته ٻي ڪا نوڪري نه ملي ته ڪنهن دڪان تي سيلز مئن ٿي ڪم ڪنداسين پر افسوس جو هفتي ڏيڍ ۾ ٿڪجيو پون.
    بولچند ٻڌايو ته 1914 ڌاري پاناما ڪئنال ٺهڻ بعد جهازن ۽ ٽوئرسٽن جو تعداد وڌي ويو ۽ منهنجي پيءُ کي تمام گهڻو ڪم ڪرڻو پيو ٿي. صبح کان شام جو دير تائين ته گراهڪن کي منهن ڏيڻو پيو ٿي پر ڪڏهن ڪڏهن رات جو جهاز اچڻ جي اطلاع تي ننڊ کي ڇڏي دڪان کولڻو پيو ٿي جيئن جهاز جا آفيسر ۽ جهاز تي سوار مسافر خريداري ڪري سگهن. تقريباً هر آچر تي به دڪان کولڻو پيو ٿي. بقول دادا دولترام جي “there was no respect for personal time”.
    اها ٻي ڳالهه آهي ته اهائي ڳالهه اسان کي دادا جي ڪوراسائو واري هن دڪان ۾ به نظر آئي ٿي. يعني اسان جو جهاز رات جو پهچندو هو ته ان وقت به دڪان کلي ويندا هئا ۽ سيلز مين ويچارا اٻاسيون ڏيندي گراهڪن کي سامان ڏيکاريندا هئا. اهو ئي حال اسان ڪولمبو ۽ سنگاپور ۾ سنڌي هندو دڪاندارن جو ڏسندا هئاسين. اهو ان ڪري جو اهڙن بندرگاهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن جهاز فقط تيل وٺڻ لاءِ 12 ڪلاڪ مس ٿو بيهي جنهن مان فقط چند ڪلاڪ جهاز ۾ سوار ماڻهن کي خريداريءَ لاءِ ملن ٿا. سو هوشيار دڪاندار اهڙو موقعو نٿا وڃائين. جهاز وارن جي اها مجبوري هوندي آهي ته هو مهانگي اگهه تي به خريداري ڪن ٿا جو هنن لاءِ وقت گهٽ هوندو آهي. هانگ ڪانگ، عدن يا ڪولمبو جهڙو ڪو ڊيوٽي فري پورٽ خبر ناهي ڪيترا ڏينهن سمنڊ تي رهڻ بعد اچي ٿو ۽ ٻي بندرگاهه ۾ خبر نه اها شيءِ ملي به يا نه ملي ۽ جي ملي ته ٿي سگهي ٿو وڌيڪَ مهانگي ملي.
    دادا دولترام ٻڌايو ته انهن ڏينهن ۾ (يعني جڏهن سندس پيءُ سيلز مئن ٿي ڪم ڪيو ٿي) توڙي اڄ جيڪي انڊيا کان آيل نوجوان سنڌي ۽ گجراتي سندس دڪان تي سيلز مين ٿي ڪم ڪن ٿا انهن کي پنهنجي وطن وڃڻ جي ٽن يا چئن سالن بعد ٽي مهينا موڪل ملي ٿي. هينئر ته هوائي جهاز هلن ٿا ۽ ٻئي ڏينهن ئي همراهه ڪراچي يا ممبئي پهچيو وڃن پر بولچند پيسو مل جي ڏينهن ۾ پاڻيءَ جي جهاز جي سفر ۾ ٽي مهينا اوٽ ۽ ٽي مهينا موٽ لڳا ٿي جن مهنن جو پگهار به نٿي مليو.
    دادا دولترام وڌيڪَ ٻڌايو ته سندس پيءُ جي لڳاتار محنت ڪري ڪجهه سالن بعد کيس دڪان جو مئنيجر بنايو ويو ۽ پوءِ اڳتي هلي هو ان دڪان ۾ ڀائيوار به ٿيو. ان بعد 1927ع ۾ هن هڪ ٻئي سنڌي واپاري ”پرسرام نارواڻيءَ“ سان گڏ پاناما ۾ دڪان کوليو. هو پاناما ۾ 1930ع تائين رهيو. ان دوران هن ڪافي پئسو ٺاهيو ۽ پنهنجو اڪيلي سر دڪان کولڻ چاهيو. هن جي نظر ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ گائنا تي هئي جتي ان وقت ٻيا به ڪيترائي سنڌي، گجراتي ۽ پارسي انڊيا کان اچي رهيا هئا. پاڪستان اڃان نه ٿيو هو ان ڪري سنڌ، پنجاب توڙي اڄ جي بنگلاديش جا ماڻهو ”انڊين“ سڏيا ويا ٿي. انهيءَ دوران دادا دولترام جي پيءُ بولچند کي پاناما جي ڪنهن سڃاڻي واپاريءَ صلاح ڏني ته هو ان ڪم لاءِ ”ڪوراسائو“ ٻيٽ کي به ڌيان ۾ رکي. هن کي اها ڳالهه دل سان آئڙي ۽ هن اتي رهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان ٻيٽ جي پُونڊا واري علائقي ۾ ”هيرين اسٽريٽ“ تي ”اورينٽل آرٽ پئلس“ نالي پهريون دڪان کوليو. هن دڪان ۾ هن ٽوئرسٽن جي خريداريءَ لاءِ چين ۽ جپان جو سامان (سلڪ ۽ سووينئر) ۽ انڊيا جا رومال ۽ ساڙهين جو ڪپڙو ۽ ٻيو اهڙو سامان رکيو جيڪو ڪوراسائو جي مارڪيٽن ۾ بلڪل نئون هو. ان ڪري هن جو بزنيس ڄمي ويو. دادا دولترام ٻڌايو ته هو انهن ڏينهن ۾ سورهن سترهن سالن جو هو ۽ پوني ۾ رهيل هو ته کين سندس پيءُ جو ڪوراسائوءَ کان پهريون خط مليو. جنهن تي هو ۽ سندس ڀيڻويو پوسٽ آفيس ۾ نقشو ڏسڻ ويا ته اهو ٻيٽ ڪٿي آهي. ”اسان کي ڪوراسائو جو گادي جو شهر وليم اسٽيڊ ته نظر نه آيو پر سڄو ڪوراسائو ٻيٽ به هڪ ٽٻڪي برابر نظر آيو ۽ اسان اندازو لڳائي ورتو ته بابو دنيا جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ آهي.“
    انهي دوران 1937ع ۾ بولچند جو پٽ چوهڙ مل (داد دولترام جو ڀاءُ) جا گردا خراب ٿي پيا. علاج لاءِ بولچند هن کي جپان وٺي ويو. جتان پوءِ هو انڊيا موٽيو. هتي اهو به لکندو هلان ته ڪوراسائو ۾ دڪان کولڻ کان اڳ بولچند ان وقت جي مشهور ڪروزر جهاز ”ملونا“ ۾ دنيا جو سير ڪيو. اهو جهاز ممبئي کان فرانس هليو ٿي. ان بعد هن ٻئي جهاز ”ڪئين ايلزبيٿ“ ۾ لنڊن کان نيويارڪ تائين سفر ڪيو جيڪو جهاز ڪنگسٽن، جئميڪا ۽ آخر ۾ ڪوراسائو ٻيٽ تي لنگر انداز ٿيو ته بولچند لهي پيو.
    دادا دولترام جنهن سان اسان جي ڪوراسائو ۾ ملاقات ٿي ان ٻڌايو ته 1950ع ۾ جڏهن هن جي پيءُ جي وفات ٿي ته هو 38 سالن جو هو ۽ ڪوراسائو وارو بزنيس هن حوالي ٿيو.
    ***


    ”بولچندن“ جي ڏکڻ آمريڪا ۾ ڪاميابي

    بولچند پيسو مل نندواڻي
    ڄم 1885 وفات 1950

    پاناما ۾ ڪجهه سال ڪم ڪرڻ بعد هن 1930 ۾ ڪُوراسائو ٻيٽ تي پنهنجو اسٽور کوليو

    دراصل بولچند فئملي جو جائزو ورتو وڃي ته ڪئريبين سمنڊ جي ڪناري وارن هنن ٻيٽن ۽ ملڪن تي جيتوڻيڪ ”دادا دولترام“ جي پيءُ ”بولچند پيسومل نندواڻيءَ“پير ڄمائي پهريون دڪان شروع ڪيو پر هنن کي تيزيءَ سان اڳتي وڌائي بين الاقوامي شهريت حاصل ڪرڻ ۾ دادا دولترام جو هٿ ۽ حوصلو رهيو. پيءُ (بولچند) جي وفات بعد ٻن سالن کانپوءِ 1952ع ۾ هن ٻيو دڪان ”ڪارٽيسيا“ (Cortesia) نالي ”ڪوراسائو ٻيٽ“ جي هانچي سنوئا (Hanchi Snoa) واري علائقي ۾ کوليو ۽ هڪ وڏو اسٽور ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ وينزوئلا جي گاديءَ واري شهر ڪاراڪس (Caracas) ۾ 1953ع ۾ کوليو ۽ پنهنجي ڪمپنيءَ جو نالو پنهنجي پيءُ جي نالي بولچند “Boolchands” سان رکيو جيڪو اڄ ڏينهن تائين هلندو اچي. دادا جا چار پٽ ـــ خاص ڪري رام ۽ ان جو پٽ روي ان کي هلائين ٿا. ان نالي ”بولچندس“ سان اڄ ڪوراسائو کان علاوه آمريڪا جي ورجن آئلينڊ، سينٽ مارٽن، ارُوبا (Aruba)، بونائير (Bonaire) ۽ ٻين هنڌن تي ڪل 33 اسٽور آهن. خبر ناهي اڄ ڪلهه دادا دولترام جيئرو آهي يا نه..... جي هوندو ته 105 سالن جو هوندو. 2002ع تائين ته هن جي خبرچار پئي پي ته هو 90 سالن جو هجڻ جي باوجود ڪافي Active آهي ۽ پنهنجن دڪانن جي چڪاس ۽ پنهنجن پٽن پوٽن ۽ ڪم وارن کي صلاح مشورو ڏيڻ خاطر هڪ دڪان يعني هڪ شهر ۽ ٻيٽ کان ٻي تي ويندو رهي ٿو. ڪنهن هنڌ مون پڙهيو هو يا شايد سندس پٽ رام ڳالهه ڪئي ته دادا دولترام کي هر وقت هوائي جهاز ۾ سفر ڪندو ڏسي ماڻهو جڏهن کانئس پڇندا آهن ته هو ڪٿي رهي ٿو ته جواب ۾ چوندو آهي ته: ”هوائي جهاز ۾“
    هتي اهو به لکندو هلان ته موسم جي لحاظ کان ڪوراسائو ٻيٽ ٻيو سنڌ صوبو آهي جو ”ڪورا سائو“ جي موسم سنڌ وانگر تمام گرم ۽ خشڪ آهي جتي مينهن نه برابر وسي ٿو. بهرحال موسم ته آمريڪا جي رياست ٽيڪساز يا دبئي جي به ساڳي سنڌ وانگر گرم آهي پر هنن ملڪن ۾ پهچي محسوس نٿو ٿئي جو تقريبن هر دڪان ۽ آفيس ايئرڪنڊيشنڊ آهي. گهر ۽ گاڏيون ايئرڪنڊيشنڊ آهن .... ان ڪري اڄ جي دبئي يا ڪوراسائو جهڙن هنڌن تي اها گرمي نٿي محسوس ٿئي جيڪا سٺ جي ڏهاڪي ۾ ٿيندي هئي جڏهن اسان جو جهاز انهن بندرگاهن ڏي ڀڳو بيٺو هوندو هو. افسوس جو اسانجو ملڪ خاص ڪري سنڌ صوبو دبئي يا ڪوراسائو جي مقابلي ۾ اڄ ويران ۽ اجڙيل لڳي ٿو جتي بجليءَ جي ڏڪار ڪري ماڻهو پنکي (Fan) جي هوا لاءِ به سڪي ٿو.
    هڪ ٻي ڳالهه ته هي بولچند جهڙا امير ماڻهو رڳو پئسي جي زور تي وڏا واپاري نه ٿيا جيڪا غلط فهمي اسان جي ڪيترن ماڻهن، خاص ڪري انهن ”سنڌي مسلمانن“ کي رهي ٿي جن کي واپار جو تجربو نه آهي. ۽ ائين به نه آهي ته پرديس ۾ وڏو نالو ۽ ناڻو پيدا ڪندڙ ”سنڌي هندوءَ“ کي هر وقت سهولتون ۽ آسانيون مليون. هرگز نه. هنن تي ڏکيا ڏينهن به آيا. هنن جي سالن جي ڪمائي ۽ واپار هڪ جهٽڪي ۾ ختم به ٿي ويو. دنيا جو امير ترين واپاري هانگ ڪانگ جو سنڌي ”هري ليلا“ ٻي جنگ عظيم ۾ سڀ ڪجهه وڃائي ويٺو ۽ گهر جي اٽي لاءِ هو مٿي تي ٿالهه رکي چين ۽ هانگ ڪانگ جي گهٽين ۾ شيون وڪڻندو رهيو. هن جيتوڻيڪ بعد ۾ پنهنجي کيسي مان هانگ ڪانگ يونيورسٽي ٺهرائي، پر ننڍي هوندي هن کي اسڪول جي في ٻه ڊالر نه هجڻ ڪري پاڻ پڙهي نه سگهيو. اهڙي طرح ڪينيا ۽ يوگنڊا ۾ مقامي سياستدانن جي جي ننڍي کنڊ جي واپارين(آغاخاني، گجراتين، بوهرين، سنڌين، وغيره) سان رکيل ساڙ هنن کي ڪنگال بنائي ڇڏيو ۽ کين هٿين خالي اهي ملڪ ڇڏڻا پيا. پر اهو آهي ته هنن محنت ۽ واپاري ڄاڻ ۽ تجربي کان ڪم وٺي وري پاڻ کي پيرن ڀر بيهاريو ۽ هٿين خالي هجڻ جي باوجود پئسو ڪمايو. انهن حالتن جا مثال منهنجي اکين اڳيان ڪيترائي آهن. مثال طور سنگاپور ۾ ڪوٽڙيءَ جي سنڌي هندو موهن جو دڪان ڪلفرڊ پيئر جي منهن وٽ هجڻ ڪري هر جهاز جو ماڻهو پهرين هن جي دڪان ۾ گهڙندو هو. پوءِ ڪجهه سالن بعد سنگاپور حڪومت کي سمنڊ ڀري زمين reclaim ڪرڻ جو خيال آيو ۽ ڪلفرڊ پيئر وارا دڪان جيڪي حڪومت جا هئا ڊاهيا ويا. نتيجي ۾ موهن به هٿين خالي ٿي ويو. پر شاباس هجي هنن واپارين کي جيڪي همت نٿا هارين. ٻئي دفعي سنگاپور اچون ته موهن جيڪو وڏو دڪاندار ۽ سيٺ هو ان کي ٻئي جي دڪان تي سيلز مئن ٿي ڪم ڪندي ڏٺوسين. اسان کي ئي ڏک پئي ٿيو پر موهن چوندو هو ته مڙيئي خير آهي. وارا نيارا آهن. هڪ سج ٻه پاڇا. ۽ پوءِ ڪيترن سالن بعد جڏهن مون جهاز جي نوڪري ڇڏي ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري ڪئي ته سنگاپور جي هڪ نئين علائقي ۾ چڪر ڏيندي موهن سان ملاقات ٿي جيڪو هڪ دفعو وري هڪ دڪان جو مالڪ ٿي ويو هو جيڪو پهرين (ڪلفرڊ پيئر) واري دڪان کان به سٺو هلي رهيو هو. سو ڳالهه اها آهي ته بزنيس لاءِ رڳو پئسو ضروري ناهي پر واپار جي ڄاڻ، محنت، عقل ۽ ڀلو ڀاڳ به ضروري آهي. اسان جي ڪيترن سنڌي مسلمانن پاڪستان ۾ ”گولڊن هئنڊ شيڪ“ جي چڪر ۾ سٺيون نوڪريون ڇڏي مليل پئسي مان واپار شروع ڪيو پر هلي نه سگهيا. اڄ به ڪيترا واپار کان اڻ ڄاڻ يا اهو سمجھڻ وارا ته واپار لاءِ رڳو پئسو ضروري آهي، پنهنجو الهه تلهه وڪڻي ملائيشيا ۾ پهچن ٿا هو دڪان، پيٽرول پمپ، يا امپورٽ ايڪسپورٽ جي ڪمپني کولين ٿا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي زيرو تي پهچيو وڃن ۽ سڀ ڪجهه وڃائي ناڪام پنهنجي وطن موٽن ٿا.
    دادا دولترام جنهن پنهنجي پيءُ بُولچند جي قائم ڪيل بزنيس کي وڏي اوج تي پهچايو تنهن کي به ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا. سندن ڪوراسائو وارو هلندڙ پهريون اسٽور جنهن تي اسان 1968ع ۾ ويا هئاسون، ٻئي سال مقامي غنڊن ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيو. افسوس جي ڳالهه اها جو اهو انشوئر به نه ٿيل هو. دادا ۽ سندس فئملي ترپٽ ٿي ويا. پهرين ته سندن وايون بتال ٿي ويون ته ڇا ڪجي پر پوءِ هڪ بئنڪ Moduro & Curiel’s کيس قرض ڏنو ۽ هن ”هيرين اسٽريٽ“ جي 4B بلاڪ تي ٽماڙ اسٽور ٺهرايو. ڳاڙهي رنگ جي هيءَ عمارت جنهن جي ٻاهران وڏن اکرن ۾ Boolchands لکيل آهي اڄ به ڪوراسائو ٻيٽ جي نمايان بلڊنگ آهي. بهرحال سالن جي محنت بعد هو هڪ دفعو وري چڙهي ويو ۽ ڏٺو وڃي ته بئنڪ به سندس قابليت کي پرکي کيس قرض ڏيڻ جو risk سوچي سمجھي کنيو هوندو.
    سچ ته اهو آهي ته ڏاهپ ۽ محنت جي باوجود سنڌ جي هندو واپاريءَ هر هنڌ ۽ هر وقت نٿي ڪمايو. هن جي زندگيءَ ۾ ڏکيا ڏينهن به آيا ٿي - خاص ڪري شروع جا ڏينهن، مهينا بلڪه سالَ هن کي سخت جدوجهد ڪرڻي پيئي ٿي جنهن دوران ڪيترا موٽي وطن به هليا ويا ٿي پر گهڻا منهن ڏيئي ٽڪي پيا ٿي. 1960ع ۽ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ مون اهڙا ڪيترائي سنڌي هندو نوجوان هانگ ڪانگ، پينانگ ۽ سوربايا (انڊونيشيا) ۾ ڏٺا جن کي دڪانن جي سنڌي مالڪن سيکڙاٽ طور پنهنجن دڪانن ۾ يڪدم سيلز بئاءِ رکڻ بدران هنن کي پنهنجي ڪمپنيءَ جو پراڊڪٽ (مثال طور صابڻ، پائوڊر، بڪل، ڦڻيون ـــ ويندي عورتن جون باڊيون (بريزئر) ڏيندا هئا ته سائيڪل تي گهٽي گهٽي ۽ ڳوٺن ۾ هوڪو ڏئي وڃي وڪرو ڪريو. کين پگهار بدران وڪري مطابق ڪميشن ڏني وئي ٿي. مونکي هن وقت به چٽي طرح ياد اچي رهيو آهي ته 1973ع ۾ ڪولون (هانگ ڪانگ) جي ناٿن روڊ تي ”چنڪنگ مئنشن“ جي هڪ سستي ميس ۾ ٻه ٽي سنڌي هندو ڇوڪرا دال ڀت کائي رهيا هئا ۽ پنهنجن سيٺين کي سنڌيءَ ۾ گاريون ڏئي رهيا هئا جيڪي ٻڌي مون ساڻن خبر چار ڪئي ۽ پڇڻ تي ٻڌايائون ته سندن سنڌي هندو سيٺ هنن کي گهٽ پئسو ڏين ٿا ۽ پورهيو وڌيڪَ وٺن ٿا. هو ان چنڪنگ مئشن جي هڪ ڪمري ۾ پٽ تي ستا ٿي جو هانگ ڪانگ ۾ انهن ڏينهن ۾ رهائش ۽ کاڌي پيتي لاءِ اها ئي سستي عمارت هئي. اهڙن سيلز بئائز جي تڪليفن کي ڏسي آئون چوندو هوس ته هانگ ڪانگ يا پينانگ جهڙن هنڌن تي ته هنن کي بهتر جاب ملي سگهن ٿا. پر پوءِ مونکي خبر پيئي ته واپاري (سيٺ) ٿيڻ لاءِ هنن کي انهن منزلن مان گذرڻ ضروري آهي ۽ ويندي سيٺين جي ٻارن کي به هيٺان کان ڊسپئچر، ڪلارڪ، سيلز مئن ٿي ڪم ڪرڻو پيو ٿي. ۽ پوءِ ڪيترن سالن بعد انهن نوجوان سيکڙاٽن کي پاڻ سيٺ ٿيندي به ڏٺو. هو ڪنهن ننڍي يا وڏي دڪان جا مالڪ به ٿي ويا ٿي جيئن دادا دولترام جو پيءُ ”بولچند پيسومل نندواڻي“ پاناما ۾ پهرين سيلز مئن ٿي ڪنهن سيٺ جي اسٽور ۾ ڪم ڪيو ۽ پوءِ پئسو گڏ ڪري ڪري هڪ ڏينهن هن پنهنجو دڪان کوليو ۽ پنهنجي دڪان ۾ ٻين کي سيلزمين ڪري رکيو.
    هانگ ڪانگ، ملائيشيا، ٿائلنڊ ۽ انڊونيشيا جهڙن ملڪن ۾ وري به رهائش ۽ کاڌي پيتي جي سستائي آهي پر يورپ جي ملڪن ۾ شروع جا سال هنن سنڌي واپارين کي اڌ بک اڌ ڍؤ تي رهي مشڪلن کي منهن ڏيڻو پيو ٿي. ان تان ئي اهو پهاڪو جڙيو ته: ”توڙي وڃي روم، ته به ڍوڍو ۽ ٿوم، لکيو لوح قلم ۾“ هو باوجود تڪليفن جي واپار کي چهٽيا رهيا ٿي ۽ هنن ٿوري ڪمائيءَ مان به بچت ڪئي ٿي ۽ انهن ملڪن جي رنگينين ۾ وهي نٿي ويا. هو سادگي قائم رکي پئسي کي بچائيندا رهيا. هو جتي رهيا ٿي مقامي ڪلچر جو احترام ڪيو ٿي ۽ ان ملڪ ۽ پنهنجن گراهڪن جي ٻولي سکي ٿي. دادا دولترام اهائي نصيحت ڪندو هو ته ڌارئين ٻولي سکڻ لاءِ ڳالهائيندو رهڻ کپي. “I Learned languages through customers. If you don’t use a language, you’ll never learn it”.
    دادا کي پنهنجي سنڌي، هندو، اڙدو، فارسي ته آئي ٿي پر گجراتي ۽ سنسڪرت به! دراصل ڳالهائڻ ۾ اڙدو ۽ هندي ته ساڳي ٿي ۽ سنڌ جي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن کي آئي ٿي ۽ انهن ڏينهن ۾ يعني دادا دولترام جي ڏينهن ۾ سنڌ جي اسڪولن توڙي مدرسن ۾ فارسي پڙهائي وئي ٿي. دادا منهنجي والد (گل محمد شيخ) کان فقط ٽي سال ننڍو هو يعني هو 1923 ۾ ڄائو ۽ حيدرآباد مان پڙهيو جتي منهنجي والد به فارسي پڙهي. مئٽرڪ انٽر بعد منهنجو والد پوني ۾ پڙهيو ان ڪري هن کي ان رياست جي ٻولي مرهٺي ڪجهه ڪجهه آئي ٿي. اهڙي طرح دادا دولترام مئٽرڪ انٽر بعد احمد آباد بڙودا ۾ پڙهيو ۽ اتي جي ٻولي گجراتي سکيو. سو دادا کي انهن ٻولين لاءِ ڪو کڻي ڪريڊٽ نه ڏئي پر دادا کي ”ڪوراسائو ٻيٽ“ جي مڪاني ٻولي پاپيامينتو (Papiamentu)، هسپانوي (Spainsh)، فرينچ ۽ ويندي ڊچ ڳالهائڻ لاءِ ضرور واهه واهه ڪرڻ گهرجي .... جن ٻولين کي سکڻ لاءِ هن وڏي محنت ڪئي هوندي.
    دادا کي چار پٽ آهن، وڏو رام جنهن کي مون دادا سان گڏ ڏٺو عمر ۾ بلڪل مون جيڏو آهي بلڪه ٻنهي جي ڄم جو سال ساڳيو 1944ع آهي. هندستان جي ورهاڱي تي، 1947ع ۾ دادا دولترام ٻارن سان گڏ پنهنجي اباڻي وطن حيدرآباد مان لڏي پوني پهتو ۽ اتي بزنيس سيٽ ڪيو. ٽن سالن بعد 1950 ۾ بولچند پيسورام نندواڻيءَ جي وفات تي دادا دولترام پنهنجن ٻارن کي پوني ۾ ڇڏي پاڻ ڪوراسائو (ڏکڻ آمريڪا) ۾ وڃي پيءُ جو بزنيس سنڀاليو. هيڏانهن پوني (انڊيا) ۾ دادا جي پُٽَ رام پوني جي ”هاءِ اسڪول سينٽ ونسينٽ“ مان 1960ع ۾ مئٽرڪ ڪئي. انٽر بعد هن پوني جي ڪاليج آف انجنيئرنگ مان (65-1962ع ۾) اليڪٽرڪ ۽ اليڪٽرانڪ ۾ B.E ڪئي ۽ ان بعد 1966ع ۾ هو پنهنجي پيءُ جي مدد لاءِ ڪوراسائو آيو جتي 1968ع ۾ اسانجو جهاز پهتو هو ۽ اسان سندن ان پهرين دڪان اورينٽل آرٽ پئلس جيڪو هيرين اسٽريٽ جي پلاٽ نمبر 10 تي هو، خريداري ڪئي هئي. جنهن کي ٻئي سال 1969ع ۾ شهر جي غنڊن ساڙي رک ڪري ڇڏيو. ان بعد دادا دولترام هڪ ٽماڙ نئون اسٽور به ان ئي روڊ تي کوليو پر ٿورو اڳيان پلاٽ نمبر 4B تي. دادا پهرين پاڻ ۽ هاڻ سندس پُٽ رام هن ڪوراسائي ٻيٽ تي انڊيا طرفان انڊيا جي قونصليٽ جو اعزازي قونصلر آهي.
    رام کان علاوه دادا جي باقي ٽن پٽن جا نالا آهن لڇو، هريش ۽ ناري. هي سڀ ڪئريبين سمنڊ جي مختلف ٻيٽن تي ”بولچندس“ ڪمپنيءَ جي دڪانن جا مئنيجنگ ڊائريڪٽر آهن ۽ هاڻ ته انهن جي اولاد جا به مختلف ملڪن ۾ عطر، جوتن، چمپلن، ڪمپيوٽرن ۽ ويندي جيولري (زيورن) جا دڪان آهن. مون جيڏي رام کي هڪ پٽ روي آهي. هريش کي ڪو پٽ ٻار نه آهي. ناريءَ کي ٻه پٽ: ڪرن ۽ نوين آهن. لڇوءَ کي هڪ پٽ آهي جنهن جو نالو ياد نه پيو اچيم.
    دادا دولترام بابت مون آخري خبر 2013ع ۾ پڙهي هئي ته هن سينٽ مارٽن ٻيٽ واري “Boolchand” دڪان جي 50 هين سالگرهه ملهائي. اهو دڪان دادا ٻڌايو هو ته هن 1963ع ۾ کوليو هو. بهرحال ان بعد دادا جي خبر نه پيئي جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته ٿي سگهي ٿو گذاري ويو هجي ۽ جي جيئرو هوندو ته 93 سالن جو هوندو. هن وقت هي مضمون فيئر ڪرڻ دوران رات مون رام کي ڪوراسائو (Curacao) فون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر جواب نه مليو. پوءِ اوچتو رام جي ننڍي ڀاءُ هريش جو خيال آيو - جيڪو سينٽ مارٽين ٻيٽ جي فلپسبرگ علائقي ۾ دادا جي ”بولچند“ نالي دڪان جو مئنيجر آهي. هي دڪان ڪئميرائن، ڪمپيوٽرن، اليڪٽرانڪ جي سامان، واچن ۽ ’پئنڊورا‘ ڪمپنيءَ جي زيورن کان مشهور آهي. هي دڪان هن ٻيٽ جي فرنٽ اسٽريٽ تي آهي ۽ ان ئي روڊ تي دادا جا ٻيا به ٻه دڪان آهن جن جو نالو بولچند بدران ڪروڪس “Crocs” ۽ ”پئنڊورا“ آهي. ڪروڪس پلاسٽڪ جي بوٽن ۽ چئپلن کان مشهور آهي ۽ پئنڊورا Pandora قيمتي جويلري کان جيڪا گهڻي ڀاڱي انڊيا مان ٺهي اچي ٿي. هونءَ دادا وارن جا ڪروڪس ۽ پئنڊورا نالي دڪان فلپسبرگ جي بندرگاهه واري علائقي ۾ به آهن جيئن اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ ميٽرو، امتياز، باٽا، سروس جهڙين چين (Chain) ڪمپنين جا دڪان ڪيترائي آهن. مون مٿين دڪان جي نمبر 0071-721-542-2245 تي فون ڪيو. هن پاسي جي سڀني ٻيٽن جو آمريڪا ۽ ڪئناڊا وارو ڪوڊ 001 آهي. ان وقت اتي منجھند جا ٽي ٿيا هئا. يعني ان ڏينهن جا، جيڪو ڏينهن اسان وٽ گذري چڪو هو. هريش کان اهو معلوم ڪري ڏک ٿيو ته اسان جي پيءُ جي عمر جو اسانجو حيدرآباد جو سنڌي ”دولترام بولچند نندواڻي“ جنهن کي سڀ پيار مان ”دادا“ سڏيندا هئا، 18 آگسٽ 2015ع يعني گذريل سال هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. هو ڪير هو؟ سنڌي هو، هندو هو، انڊين هو، سائوٿ آمريڪن هو، واپاري هو يا ڪجهه ٻيو؟ منهنجي نظرن ۾ هو هڪ پورهيت ۽ محنتي هو. هڪ نيڪ ۽ نهٺائيءَ وارو انسان هو. هن نه فقط پنهنجي خاندان کي ٺاهي ڇڏيو پر سوين هزارين بيروزگار هم وطنين ۽ سائوٿ آمريڪن کي روزگار سان لڳائي ڇڏيو. هونءَ ته اسان سنڌين لاءِ اهو ٻڌبو آهي ته ڀر واري ڳوٺ ۾ به وڃڻ نٿا چاهيون پر هي ڪهڙو سنڌي هو جنهن جو نالو ڪئريبين سمنڊ جي تقريبن هر ٻيٽ جي خوبصورت دڪان (ڊپارٽمينٽل اسٽور) ٻاهرن “Boolchands” لکيل نظر اچي ٿو.
    هريش ٻڌايو ته ”دادا جي چتا کي هندو رسمن مطابق ڪوراسائو ٻيٽ جي Brievengat علائقي ۾ هندن جي مندر ڀرسان Crefona Crematorium شمشان گھاٽ ۾ ساڙيو ويو.“
    دادا جي ٻين سٺين ڳالهين سان گڏ اها ڳالهه به واکاڻ جوڳي آهي ته هن سڄي عمر ڪنهن کان وٺڻ بدران غريب غربن، شاگردن، ضرورتمندن کي ڏنو ۽ ڏنو. هو وڏو Philanthropist هو ۽ سندس پٽن جي مونکي اها ڳالهه وڻي جيڪا هريـش ٻڌائي ته ”دادا“ جي ديهانت تي اسان يڪدم اعلان ڪيو ته دادا کي چاهڻ وارا مهرباني ڪري گل ڏيڻ بدران اها رقم خيرات جي دٻي (Donation Box) ۾ وجھن جيئن اهو پئسو هن ٻيٽ جي بي گهر ماڻهن جي رهائش ۽ صحت لاءِ ڪتب اچي سگهي. هي آخري سٽون ان ڪري لکي رهيو آهيان ته جيئن اسان جا ماڻهو خاص ڪري پئسي وارا وزير، ڀوتار ۽ سياستدان جن جيئري ته پنهنجي ڳوٺ جي غريبن لاءِ ڪجهه نه ڪيو پر انهن جو اولاد انهن جي وفات تي انهن مٿان چڙهندڙ اجرڪن بدران ڪئش وٺي پنهنجي ڳوٺ جي ڪنهن مدرسي، مسجد، اسپتال کي ڏئي پنهنجن پيارن کي ثواب کٽرائين.
    ***


    سنڌي هندن جا يورپ ۽ آمريڪا ۾ دڪان

    پاڻ پاناما واري ڳالهه تان هڪ سنڌي فئمليءَ ـــ بولچند وارن جو ذّڪر کڻي ويٺاسين. اسانجي ملڪ جي مخالف ڌر جي سياستدان جي چوڻ تي ته ”پاناما ليڪس“ هن حڪومت کي ڪيرائيندي ۽ ڄاڻ ته سڄي ملڪ جي عوام اٿي ٿي کڙي ٿئي. ان تي حڪومت جي بچاءَ ۾ هڪ وزير چيو ته اسلام آباد کان ٻاهر اسان جي ماڻهن کي ”پاناما“ ملڪ جي ئي خبر ناهي. واقعي اسانکي به پاناما ڪئنال ڪري ”پاناما“ ڌيان ۾ رهي ٿو نه ته اڄ به ڪيترن پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن کي خبر ناهي ته نڪراگئا، هونڊرس يا گئاٽمالا جهڙا ملڪ ڪٿي آهن ـــ يا انهن جو وجود به آهي يا نه! هڪ دفعي هالا توڙي لبوڪ چينا (ملائيشيا جي ٽائون) جي ڪاليج جي شاگردن کان پڇيم ته ڀر واري ضلعي جي ڏهن ڳوٺن جا نالا ٻڌايو يا ڀر واري ملڪ ايران/ٿائلنڊ جي ڏهن وڏن شهرن جا نالا ٻڌايو ته هو پنجن جا به مس ٻڌائي سگهيا. سو عام طرح اسانجا ماڻهو ڪٿي آهن جاگرافيءَ ۾ هوشيار. پر اسانجي سنڌ جي هندو بزنيس ڪميونٽيءَ جي ٻي ڳالهه آهي. هنن کي اڄ کان سؤ سال اڳ به خبر هئي ته پاناما ڪٿي آهي ۽ نه رڳو خبر هئي پر اتي پهچي پنهنجو واپار ڄمايائون ۽ اڄ اهي اتي جا امير ترين ۽ ڪامياب بزنيس مين آهن.
    سائوٿ آمريڪا اسان کان سڀ کان ڏورانهون کنڊ آهي. ڇا اتي جي ماڻهن کي، اڄ جي انٽرنيٽ جي دؤر ۾، ڪا خبر هوندي ته ٺيڙهي، سرهاڙي، سعيد آباد، ساڪرو ۽ سامارو سنڌ جا شهر آهن؟ جيتوڻيڪ صدين تائين سنڌ خشڪي جي شاهراهه ريشم (Silk Route) ۽ سامونڊي مصالحي واري رستي (Spice Route) تي آهي پر سنڌي هندو واپارين کي سانگھڙ، مٺي ۽ عمر ڪوٽ جهڙن ڳوٺن کان به ننڍن ڪوراسائو، ٽرنيڊاڊ، ٽباگو سينٽ ونسينٽ، لاس پاماس، سينٽ ڪِٽ، سينٽ مارٽن جهڙن ڏورانهن ٻيٽن جي نه رڳو ڄاڻ هئي پر جيئن ئي انجڻ جي ايجاد ٿي ۽ سڙهن وارن جهازن بدران آگبوٽ هلڻ لڳا ته هو انهن ٻيٽن تي پهچي ويا. بصري ۽ بخارا توڙي جاوا ۽ سماترا تي ته هو سڙهن وارن ٻيڙن ۾ ئي صديون اڳ پهچي ويا هئا تڏهن ته انهن جون ڳالهيون ٻڌي اڄ کان 300 سال اڳ شاهه لطيف پنهنجن بيتن ۾ چيو:
    ”سودي خاطر سنبهي، جيڪي ويا جاوا،
    ڪري وڻج واپار سي، سگهو ٿيا ساوا.“
    يا

    ”سودي ڪارڻ سنڀري، ويهون وڻجارن
    ويا چين بينگال ڏي، ماڻڪ رکن من “
    يا
    ”لنڪا لنڪا ڪن، لئه لنڪا جي اوهريا
    سڻي سون لنڪا جو، سک نه سامونڊين“.
    ... وغيره.
    بولچندن وارن جو ڏکڻ آمريڪا ۾ بزنيس وري به 1900ع کان پوءِ ٿيو پر يورپ ۽ آفريڪا جي ڪيترن بندرگاهن ۾ سنڌي هندو واپاري مليا جن جو اتي 1857ع واري بلوي دوران ۽ ان کان يڪدم پوءِ بزنيس سيٽ ٿيو. يعني هو اتي جي ڊپارٽمينٽل اسٽورن جا سيٺ ٿي ويا ۽ مقامي ماڻهو سيلز مين ۽ نوڪر چاڪر! وقت سان گڏ سندن اسٽورن جون شاخون ٻين ملڪن ۾ به کلنديون ويون. جيئن مثال جي ڳالهه ڪئالالمپور جي جالان تئانڪو عبدالرحمان (روڊ) تي جيڪو ”چوٽر مل“ اسٽور آهي اهو پهرين جبرالٽر ۾ 1875ع ۾ کليو هو. ملائيشيا (ڪوالالمپور) واري اها شاخ پنجين شاخ آهي جيڪا 1932ع ۾ کلي ۽ ان اسٽور ڀرسان جيڪو تانسري ڪشوءَ جو ڇهه ماڙ گلوب سلڪ اسٽور آهي اهو ڪوٽڙيءَ جي رهاڪو ڪشو جي والد 1937ع ۾ پهرين ملايا جي سيگامت شهر ۾ کوليو ان بعد ڪئالالمپور ۾ شفٽ ٿيو.
    دنيا جا مشهور سنڌي هندن جا سندن نالن وارا ڊپارٽمينٽل اسٽور جهڙوڪ: چيلارام (جنهن جون دنيا جي مختلف ملڪن ۾ 15 شاخون آهن)، ڏيارام (جنهن جي ڏهاڪو کن برانچن مان اڌ جپان جي وڏن شهرن ۾ آهن)، جهامنداس، ورڪومل شيوڪمار، اوتومل ۽ آسودو مل وغيره جن جون گهڻيون تڻيون شاخون آفريڪا جي شهرن ۾ آهن ۽ اهي 1900ع ۽ 1928ع جي وچ ۾ جڙيا. جيڪي اوڻهين صديءَ ۾ ٺهيا ـــ يعني 1857ع ۽ 1900ع جي وچ ۾ انهن مان ڪجهه مشهور اسٽورن (ڪمپنين) جا نالا هن ريت آهن:
    پوهو مل (پهريون اسٽور يورپ ۾ 1858ع ۾ کليو جنهن جون دنيا ۾ 20 شاخون آهن)، چيلا رام (15 شاخون) ڏيئلداس (1870ع ۾ ٺهيو). 30 کان مٿي شاخون آهن. اهڙي طرح جھمٽ مل, گرڀ مل، چئنراءِ وغيره وغيره.... سوين مختلف سنڌي هندن جي نالن وارا چين اسٽور آهن. مٿي پاناما ۽ ان جي ڀر وارن ڪئريبين سمنڊ وارن ننڍن ٻيٽن تي جتي بولچند وارن جا ڪيترائي چين اسٽور آهن، تازي رپورٽ ”بزنيس ڊائريڪٽري آف هانگ ڪانگ“ موجب سائوٿ آمريڪا جي انهن ڏورانهن ٻيٽن مان هر هڪ تي گهٽ ۾ گهٽ ويهه هزار سنڌي هندو رهن ٿا. اهو پڙهي مونکي موهن داس گانڌي ٿو ياد اچي جيڪو ننڍي هوندي ڏکڻ آفريڪا ۾ رهڻ دوران سنڌي هندن کي واپار ۾ اتي جي مڪاني ماڻهن کان گوءِ کڻندي ڏسي چڪو هو تنهن هندستان جي ورهاڱي وقت هندو سنڌين کي لڏ پلاڻ دوران پريشان ٿيندو ڏسي همٿايو هو ته:
    “…… The Sindhi Hindus are first class businessmen. They will make money for themselves, wherever they go. There is hardly any place in the world where Sindhis are not found. In South Africa they were making big money and gave it liberally to the poor”.
    ڊاڪٽر داسواڻي جنهن سان منهنجي ملاقات سان 2004ع ۾ دهلي جي ”واسواڻي گرلس ڪاليج“ ۾ ليڪچر دوران ٿي هئي ۽ جنهن جو احوال پنهنجي انڊيا جي پهرين سفرنامي ”دهليءَ جو درشن“ ۾ ڪيو اٿم ان جو سنڌ جي سوداگرن بابت هڪ مضمون پڙهيم جنهن ۾ هن ان جو ڪارڻ سنڌ جي جاگرافيائي بيهڪ ٻڌايو آهي. هو لکي ٿو ته:
    “Sindh is the only place where the two legendary “Silk” and “Spice” routes meet…… Connecting East, South & West Asia with the Mediterranean & European World, as well as parts of North & East Africa, Turning its people into Skillful traders”.

    بهرحال گذريل مضمون ۾ پاڻ سنڌ جي فقط هڪ هندو فئملي ”بولچند“ جو ذڪر ڪيو جنهن اڄ کان هڪ صدي اڳ ڏکڻ آمريڪا جي هڪ ننڍڙي ملڪ پاناما پهچي پنهنجي ڪئريئر جي شروعات ڪئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هن سنڌ جي مانجھند، ميرپور خاص، مٽياري ۽ ماتلي جهڙن ڳوٺن کان به ننڍن ٻيٽن تي جن جي نالن کان اڄ به ڪيترا پڙهيل ڳڙهيل به اڻ واقف آهن اتي پنهنجو واپار ڄمايو. انهن مان ڪجهه ٻيٽ جن تي منهنجو وڃڻ ٿيو ۽ جن بابت، پڙهندڙ جي ڄاڻ لاءِ چند سٽون لکڻ چاهيان ٿو، اڄ انهن تي بولچند فئمليءَ جا ڪيترائي سُپر اسٽور ٿي ويا آهن جيئن ته اروبا ٻيٽ تي چار اسٽور آهن جن مان هڪ D’orlahn نالي قيمتي ۽ Fine قسم جي ڳهن جو به آهي. ڪوراسائو ٻيٽ جتان هن فئملي جي وڏي بولچند پيسومل نندواڻيءَ پهريون دڪان کولي شروعات ڪئي، اڄ اتي سندن ست وڏا ڊپارٽمينٽ اسٽور آهن جيڪي سندس پوٽا ۽ پڙ پوٽا هلائين ٿا. پٽ چوهڙمل ته پهرين گذاري ويو باقي دادا دولترام جنهن سان اسان جي 1968ع ڌاري ملاقات ٿي هئي گذريل سال ديهانت ڪري ويو. هن ٻيٽ تي بولچند وارن جو Crocs اسٽور به آهن جنهن برانڊ جا چئمپل ۽ بوٽ اڄ سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي ويا آهن.
    اهڙا پنج اسٽور سينٽ مارٽن ٻيٽ تي آهن. اتي ”ڪروڪس“ (Crocs) جون ٻه برانچون ۽ ”پئنڊورا“ جي هڪ ۽ ”بولچند“ نالي پڻ ٻه اسٽور آهن. سينٽ ٿامس نالي ٻيٽ تي به چار اسٽور آهن جن مان ٻه پئنڊورا (Pandora) نالي، هڪ بولچند ۽ هڪ ڪروڪس نالي سان آهي. پورٽوريڪو ٻيٽ جي ”سان جئان“ بندرگاهه ۾ به اسان کي بولچند وارن جو Pandora Mall نظر آيو. ان نالي وارو اسٽور آمريڪا جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ رياست فلوريڊا جي شهر ڊورال ۾ پڻ آهي. ان کان علاوه هنن جا بولچند ۽ ڪروڪس نالي اسٽور بونائير، سينٽ ڪِٽس ٻيٽ ۽ ورجن آئلنڊ تي به آهن جن جي ديک ڀال رام جو پٽ يعني دولترام جو پوٽو ”روي بولچند“ ڪري ٿو.


    پاناما ڪئنال جو فائدو

    سڀ کان پهرين پاناما بابت لکڻ چاهيندس جتي هن بولچند فئملي جو وڏو ”بولچند پيسو مل نندواڻي“ 1900ع جي شروعاتي سالن ۾ پنهنجو وطن حيدرآباد ڇڏي، روزگار خاطر ڏکڻ آمريڪا جي هن ڏورانهين ملڪ (پاناما) ۾ پهتو.
    پاناما: پاناما ڪٿي آهي؟ دنيا ۾ 150 کان مٿي ملڪ آهن. ڪير آهي جو هر ملڪ کان واقف آهي؟ پاناما جهڙي ملڪ کان جيڪي واقف هوندا انهن مان ڪيترا هوندا جن کي نقشي ۾ ان جي Exact جاءِ معلوم هوندي؟ بهرحال دنيا جو گولو يا پني تي ٺهيل دنيا جو نقشو ڏسندائو ته پنهنجي ملڪ پاڪستان جو مٿيون ۽ ساڄي پاسي وارو سڄو حصو ايشيا کنڊ آهي. هيٺ هندي وڏو سمنڊ آهي جيڪو هڪ پاسي اسان جي ايشيا کنڊ (پاڪستان، ايران، انڊيا، سري لنڪا، برما، ملائيشيا وغيره) کي ٿو ڇهي ته ٻئي پاسي آفريڪا کنڊ جي اڀرندي پاسي وارن ملڪن: سوماليا، اٿوپيا، ڪينيا، تنزانيا، موزمبق وغيره کي. آفريڪا کنڊ جي شڪل ڪجهه ڪجهه ماڻهوءَ جي منهن جهڙي آهي جنهن جي هڪ پاسي ڳل تي مٿيان ملڪ آهن ته ٻئي ڳل تي نميبيا، ائنگولا، نائيجيريا، گھانا، سينيگال وغيره. وچ تي جتي اکيون ۽ نڪ چپ ٿين اتي سوڊان، چاڊ، لبيا، مصر، زائر، ڪانگو وغيره آهن.
    آفريڪا کنڊ جي ساڄي پاسي جيڪو سمنڊ توهانکي نظر اچي ٿو ان لاءِ لکي آيو آهيان ته اهو هندي وڏو سمنڊ يعني ”انڊين اوشن“ آهي. کاٻي پاسي وارو سمنڊ جيڪو آفريڪا کنڊ جي اولهه پاسي وارن ملڪن نميبيا، ائنگولا، نائيجيريا، گھانا يا سينيگال کي ڇهي ٿو اهو ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي. آفريڪا کنڊ جي تري ۾ يعني ماڻهوءَ جي منهن جي کاڏيءَ واري جاءِ تي ”سائوٿ آفريڪا“ ملڪ آهي جتي مٿيان ٻئي سمنڊ هڪ ٻئي سان ملن ٿا. سمنڊ جي هن حصي ۾ ٻارهوئي اٿل پٿل ۽ جوش رهي ٿو ۽ ان کاڏيءَ وٽان لنگهي نميبيا ملڪ تائين پهچڻ ۾ ٻه ٽي ڏينهن لڳيو وڃن.
    ائٽلانٽڪ سمنڊ جيڪو آفريڪا کنڊ ۽ ان جي مٿان يورپ کنڊ کي ڇهي ٿو، ڪافي وڏو آهي ۽ اهو به هميشه بگڙيل بالما رهي ٿو. ان ڪري 1492 ۾ ڪولمبس کان اڳ ڪنهن همٿ نٿي ڪئي ته اهو اولهه طرف اڳتي وڃي ڏسن ته ان جو ڇيڙو ڪٿي آهي. ماڻهن کي اهو ئي دماغ ۾ هو ته سڄي دنيا فقط ايشيا، آفريڪا ۽ يورپ کنڊ آهي جنهن جو وچ ميڊيٽرينين (ڌرتيءَ جي وچ وارو) سمنڊ آهي جنهن جو سنڌيءَ ۾ به اهو ئي نالو ڀؤنچ سمنڊ يعني ڀؤن (ڌرتي) جي وچ ۾ سمنڊ آهي. پهرين ڳالهه ته پهرين جڏهن انجڻ ايجاد نه ٿي هئي ته سڙهن تي هلڻ وارا ڪمزور جهاز هئا جن کان ڪيپ آف گڊ هوپ (ڏکڻ آفريڪا) وارو سمنڊ ئي نٿي اڪريو ٿيو. ان کان علاوه جيئن ته اڃان دنيا جي نقشي جي ڄاڻ نه ٿي هئي سو ماڻهن کي اهو ئي وسوسو هو ته هيءَ ڌرتي رومال وانگر فلئٽ آهي ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ (يا ٻئي پاسي چين ۽ جپان کان اڳيان پئسفڪ سمنڊ ۾) گهڻو هلبو ته هڪ اهڙي حد ايندي جتي دنيا ختم ٿيڻ بعد جهاز خلا ۾ ڪري پوندو.
    بهرحال ڪولمبس جي منجھي وڃڻ ڪري ۽ کيس موسم بهتر ملڻ ڪري هن کي جڏهن ڌرتي نظر آئي ته خبر پئي ته هو ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪري چڪو آهي ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ بي انت بحر ناهي پر هڪ محدود سمنڊ آهي جنهن جو ٻيو ڇيڙو هن ڌرتي جنهن جو نالو ’آمريڪا‘ رکيو ويو، کي ڇهي ٿو. پوءِ ته آمريڪا (نئين دنيا) ڏي اسپين، پورچوگال، ۽ ٻين يورپي ملڪن جي جهازرانن اچ وڃ جي ڌم لڳائي ڏني ۽ انهي جوش ۾ هڪ همراهه سمنڊ جي لهرن ۽ طوفانن ۾ ٿيڙهه کائيندو ڏکڻ آمريڪا جي هيٺان لنگهي پئسفڪ سمنڊ ۾ پهچي ويو ۽ وڌيڪَ اڳتي هلڻ تي فلپين، چين، انڊيا کان (يعني هندي وڏي سمنڊ کان) اچي نڪتو ۽ پوءِ ٻيو پاسو وٺي پنهنجي ملڪ پورچوگال موٽيو. اهڙي طرح اها ڄاڻ عام ٿي ته دنيا هڪ گولي وانگر آهي. ائٽلانٽڪ سمنڊ وڏو ضرور آهي پر ڪراس ڪبو ته آمريڪا پهچي وڃبو ۽ آمريڪا کان اڳتي وڌڻ جو رستو فقط ڏکڻ کان آهي ڇو جو اتر ۾ ڪئناڊا کان مٿي ٻارهوئي سمنڊ ڄميو پيو آهي. پوءِ ڪئين سال جهازران ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ ارجنٽائين ۽ چليءَ جي هيٺان لنگهي پئسفڪ سمنڊ ۾ آيا ٿي ۽ آمريڪا کنڊ جي ٻئي پاسي وارن ملڪن: پيرو، اڪيڊار، ڪولمبيا ۾ پهتا ٿي يا اڃان اڳتي هوائي ٻيٽ ۽ اڃان به اڳتي جپان، چين، ملايا کان اچي نڪتا ٿي.
    نقشي ۾ ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ سمنڊ جي وچ واري ڌرتي ’آمريڪا‘ آهي جنهن جو مٿيون حصو ”اتر آمريڪا“ ۽ هيٺيون حصو ”ڏکڻ آمريڪا“ سڏجي ٿو. وچ ۾ سنهي پٽي وارا ننڍڙا ملڪ وچ (سينٽرل) آمريڪا سڏجن ٿا ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ جو اهو حصو جيڪو وچ آمريڪا جي ملڪن کي ڇهي ٿو ”ڪئريبين سمنڊ“ سڏجي ٿو جيئن انڊين اوشن جو اهو حصو جيڪو پاڪستان ايران، عرب ملڪن کي ڇهي ٿو ”عربي سمنڊ“ سڏجي ٿو. ڪئريبين سمنڊ ڪيترن ئي ٻيٽن کان مشهور آهي جن جي سونهن، ڪرڪيٽ رانديگر، بهترين موسم ۽ ٽوئرزم دنيا ۾ مشهور آهي. انهن مان ڪجهه ٻيٽ جن جي بندرگاهن ۾ اسانکي مختلف جهاز وٺي وڃڻا پيا، هن ريت آهن: ڪيوبا، جئميڪا، ٽرنيڊاڊ، باربادوس، سينٽ لوسيا، ڪوراسائو وغيره.
    جيئن آفريڪا کنڊ جو نقشو مونکي ماڻهوءَ جي منهن وانگر لڳندو آهي تيئن آمريڪا جو نقشو مون کي ”سئنڊ گلاس“ جهڙو لڳندو آهي ۽ پنهنجن شاگردن کي به اهو ئي مثال ڏيندو آهيان. سئنڊ گلاس جنهن کي Hour Glass يا سئنڊ ڪلاڪ به سڏجي ٿو ۽ سنڌي يا اڙدو ۾ ”واريءَ جو گهڙيال“ (ريت گهڙي) ان جا ٻه حصا ٿين ٿا. مٿيون ۽ هيٺيون. وچ ۾ سنهو سوراخ يا سنهي نلي ٿئي ٿي جنهن ذريعي مٿئين حصي جي واري هيٺئين حصي ۾ اچي ٿي. هاڻ مٿئين حصي کي نارٿ آمريڪا جا ملڪ ڪئناڊا ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس (USA) سمجهيو وڃي ته هيٺيون حصو ٿيو سائوٿ آمريڪا جنهن جا ملڪ ارجنٽائنا، چلي، برازيل، بولوِيا، پيرو، ڪولمبيا، اڪيڊار، وينزوئلا وغيره آهن.
    سئنڊ گلاس جي انهن ٻن حصن ۾ جيڪا سوڙهي نلي آهي اها سمجھو ته سينٽرل آمريڪا آهي جنهن جا ملڪ مٿان کان ميڪسيڪو کان شروع ٿين ٿا: گئاٽمالا، بيليزي، هونڊرس، نڪاراگئا، ڪاسٽا ريڪا ۽ ان بعد آخري پاناما جيڪو سائوٿ آمريڪا جي ملڪ ڪولمبيا سان وڃيو لڳي. اسپين طرفان ڪولمبس جي 1492 ۾ اچڻ کان اڳ پاناما ۾ ڪجهه مقامي قبيلن جا ماڻهو رهيا ٿي جن کي بارود ۽ بندوقن جي زور تي اسپين جي حڪومت چپ ڪرائي پاناما تي قبصو ڪيو ۽ يورپ جا ماڻهو خاص طور هسپانوي رهڻ لڳا. ٽي کن صدين دوران انهن جو اولاد وڌيو ويجھو ۽ 1821 ۾ هنن پنهنجن ابن ڏاڏن جي ملڪ اسپين کان ڌار ٿي ڪولمبيا، اڪيڊار ۽ وينزوئلا سان گڏ يونين ٺاهي. 10 سالن بعد اها يونين ختم ٿي ۽ پاناما ڪولمبيا سان گڏ رهيو. پر پوءِ آمريڪا (USA) جي پٺي ٺپرڻ تي 1831ع ۾ پاناما الڳ ملڪ جي حيثيت اختيار ڪئي ۽ ڪولمبيا مان جان ڇڏائي.
    پاناما 7 ۽ 10 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي آهي يعني ملائيشيا، سنگاپور ۽ انڊونيشيا وانگر خط استوا جي ويجھو هجڻ ڪري سڄو سال ساڳي گرم موسم رهي ٿي. سيءَ بلڪل نٿا ٿين. پاناما ملڪ جي جملي ايراضي خيبر پختونخواهه صوبي جيتري 75000 چورس ڪلوميٽر آهي يعني سنڌ صوبي جي اٽڪل اڌ جيتري جو سنڌ جي پکيڙ 141 هزار چورس ڪلوميٽر آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته زمين جي ٻن وڏن حصن کي جيڪا ڌرتيءَ جي سنهي پٽي ملائي ٿي (جيئن اتر آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا کي سينٽرل آمريڪا جي سنهي پٽي ملائي ٿي) ۽ جنهن جي ٻنهي پاسن کان سمنڊ آهي ته جاگرافيائي ٽرمس ۾ ان ڌرتيءَ کي انگريزيءَ ۾ Isthamus سڏجي ٿو ۽ ٻن وڏن سمنڊن کي جيڪو سوڙهو سامونڊي درياهه ڳنڍي ۽ جنهن جي ٻنهي پاسن کان زمين هجي ته ان کي انگريزيءَ ۾ Strait سڏجي ٿو. جيئن مغربي ملائيشيا (ملايا) ۽ انڊونيشيا جي ٻيٽ سماترا جي وچ ۾ ٺهيل سوڙهو سمنڊ آهي جنهن جي هڪ پاسي هندي وڏو سمنڊ آهي ته ٻئي پاسي ڏکڻ چيني سمنڊ. ان دريائي پٽيءَ جو نالو ”ملاڪا اسٽرئٽ“ آهي. ان Strait جي اڌ فاصلي تي آڳاٽو تاريخي ملاڪا بندرگاهه هجڻ ڪري ان تي اهو نالو (Malacca Strait) پيو. سنڌيءَ ۾ اهڙي سوڙهي سمنڊ کي جيڪو ٻن وڏن سمنڊن کي ڳنڍي ”ڳچي سمنڊ“ ٿو سڏجي. ۽ Isthimus کي يعني ڌرتيءَ جي سوڙهي پٽيءَ کي جيڪا ڌرتيءَ جي ٻن وڏن حصن کي ملائي ان کي ”ڳچي ڌرتي“ ٿو سڏجي. فارسيءَ ۾ انهن کي آبنائي ۽ خاڪنائي ٿو سڏجي جيڪي لفظ اردوءَ جي ڊڪشنريءَ ۾ به ڏنا ويا آهن.
    پاناما جو ڪولمبيا کان نڪري آمريڪا جي گود ۾ وڃڻ کان اڳ، يعني 1903ع کان اڳ آمريڪا (USA)، ڪئناڊا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي اوڀر ڪناري وارن بندرگاهن کان اولهه ڪناري جي بندرگاهن تائين پهچڻ وڏو مسئلو هو. مثال طور ڪئناڊا جي اوڀر واري ڪناري جي بندرگاهه سينٽ جان کان اولهه ڪناري وئنڪوئر وڃڻو هو يا آمريڪا جي نيويارڪ بندرگاهه کان لاس اينجلس وڃڻو هوندو هو ته جهاز کي مٿان کان سڄو اتر آمريڪا، وچ آمريڪا ۽ پوءِ ڏکڻ آمريڪا جو اوڀر پاسو لتاڙي ارجنٽائنا ۽ چلي ملڪن جي هيٺ ڇيڙي تي پهچڻو پيو ٿي اتان ڪيپ هارن وٽ ائٽلانٽڪ سمنڊ مان پئسفڪ سمنڊ ۾ گهڙي وري ٻي پاسي مٿي سفر ڪري لاس اينجلس يا وئنڪوئر پهچڻو پيو ٿي. ان وڏي سفر جو اندازو هڪ عام ماڻهو نقشو ڏسي به لڳائي سگهي ٿو. ڪئناڊا جي مٿان ته ٻارهوئي برف ڄمي پئي آهي سو اتان مٿاسن ته ٻئي پاسي وڃڻ جو لنگهه صفا ناهي. ۽ هيٺ چلي وٽان ٿورو لنگهه آهي سو به جون جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهينن (سياري جي موسم) ۾ جهاز جو گذرڻ مشڪل ٿيو پوي جو اهي مهينا اتي برف ڄميل ٿئي ٿي. ياد رهي ته جون، جولاءِ آگسٽ ۾ جڏهن اسان وٽ (ڌرتيءَ جي اتر اڌ گول ۾) اونهارو آهي ته هيٺين اڌ گول ۾ يعني چلي ارجنٽائنا ۽ ويندي آسٽريليا، نيوزيلئنڊ ۾ سيارو ٿئي ٿو.
    ان سفر کي آسان بنائڻ لاءِ آخر آمريڪا (USA) وارن حل ڳوليو. هنن کي وچ آمريڪا واري Isthamus ۾ پاناما ملڪ جي ويڪر تمام گهٽ لڳي ۽ 1904ع کان هنن ٻن سمنڊن ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ کي ڳنڍڻ لاءِ پاناما ۾ کوٽائي شروع ڪئي. اهو ڪم ڏهه سال هلندو رهيو. آخرڪار 1914ع ۾ ڪئنال ٺهي راس ٿيو جنهن جو نالو ”پاناما ڪئنال“ رکيو ويو. هن ڪئنال آمريڪا کنڊ جي ٻنهي پاسن وارن سمنڊن کي ڳنڍي ڇڏيو يعني ان بعد نيويارڪ کان لاس اينجلس وڃڻ لاءِ وچ آمريڪا ۽ سڄي ڏکڻ آمريڪا کي ڦيرو ڪرڻ کان بچاءُ ٿي ويو. نيويارڪ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ آهي ۽ لاس اينجلس پئسفڪ ۾ آهي. ائٽلانٽڪ سمنڊ کان پئسفڪ سمنڊ ۾ اچڻ لاءِ اڄ ڪلهه هر ڪو پاناما ڪئنال مان لنگهي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاناما ڪئنال مان لنگهڻ جي ڳري في وصول ڪئي وڃي ٿي. مثال طور جي ڏهه لک رپيا به آهي ته اهو سوچڻ کپي ته جهاز 20 ڏينهن کن اڳ منزل تي پهچيو وڃي ۽ انهن 20 ڏينهن جو تيل پاڻي ۽ جهاز هلائيندڙن جو راشن ۽ پگهار سارجي ته ڏهوڻ کان به مٿي ٿو ٿئي.
    سو هڪ جهاز بالٽيمور کان پاناما ڪئنال ذريعي سئن فرانسڪو وڃي ٿو ته هن جا اٽڪل 7900 ميل بچيو وڃن. پاناما ڪئنال ٺهڻ کان اڳ وڏو سفر ڪرڻو پيو ٿي ۽ سائوٿ آمريڪا جو هيٺيون سمنڊ ”ڪيپ آف هارن“ جيڪو سائوٿ آفريڪا جي ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ کان به وڌيڪَ خطرناڪ هجڻ ڪري جهازن کي هڪ طرف نقصان ٿيو ٿي ته جهاز هلائيندڙن جي ستيا ناس ٻئي طرف ٿي ٿئي.
    1968ع ۾ جڏهن مون سامونڊي سفر شروع ڪيا ته انهن ڏينهن ۾ اسرائيل ۽ مصر جي لڙائيءَ ڪري سئيز ڪئنال بند هو ۽ اسان کي ڪيترائي سال ڪراچيءَ کان انگلنڊ يا يورپ ويندي سڄي آفريڪا کنڊ کي ڦيرو ڪرڻو پيو ٿي ۽ انهن فالتو چوڏهن پنڌرهن ڏينهن ۾ ڪيترائي دفعا طوفان ۽ خراب سمنڊ مليو ٿي جنهن اسانکي بي حال ڪري ڇڏيو ٿي. واٽ تي ممباسا، دارالسلام، زنجبار، موپوتو، جهڙا خوبصورت بندرگاهه پنهنجي جاءِ تي پر ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ واري سمنڊ جا ٻه ڏينهن به سَٽي رکندا هئا. هڪ دفعو ڪراچيءَ ۾ اسانجي جهاز تي لنڊن لاءِ سامان چاڙهيو پئي ويو ته ان وقت اسانجي هڪ ڪلاس ميٽ چيف انجنيئر جليل الرحمان جو جهاز يورپ جو سفر مڪمل ڪري ڪراچيءَ ۾ اسان جي جهاز ڀرسان اچي بيٺو. مونکي ياد آهي ته جيئن ئي جليل اها خوشخبري ٻڌائي ته سئيز ڪئنال کلي ويو آهي ۽ هو هن ڀيري آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪرڻ بدران سئيز ڪئنال مان آيا آهن ته مون خوشيءَ وچان ٽپ ڏيڻ شروع ڪري ڏنا. ظاهر آهي اساان اڃان هاڻ ميڊيٽرينين سمنڊ جي بندرگاهه بيروت مان سامان کڻي جدي آياسين ته ٽي هفتا لڳي ويا.... يعني 22 ڏينهن کن لڳاتار جهاز هلائيندا رهياسين. ۽ سمنڊ تي هڪ هڪ ڏينهن ڪيئن ٿو گذري ان کان هر جهازي واقف آهي. هر جهازي چاهي هو آفيسر هجي يا خلاصي، اهو ئي چاهي ٿو ته سمنڊ تي گهٽ، بندرگاهه ۾ وڌيڪَ رهڻو پوي. سئيز ڪئنال کليل هجڻ ڪري بيروت کان جدي چئن ڏينهن جو به سفر ناهي. ان ۾ به سئيز ڪئنال (يا پاناما ڪئنال) ڪراس ڪرڻ وارو ڏينهن ڏيڊ جهڙو ڪار جو سفر لڳي ٿو. ڪئنال ۾ ڪهڙا طوفان ڪهڙيون ويرون. سو سئيز ڪئنال ڪري اسان جو 7000 کن ڪلوميٽرن جو سفر گهٽجيو وڃي. پاناما ڪئنال 80 ڪلوميٽر ٿيندو. يعني ڪراچي جي سهراب ڳوٺ کان نوري آباد تائين يا ڪوٽڙيءَ کان هالا تائين. سئيز ڪئنال ان کان ڊگهو آهي ۽ مصر جي پورٽ سعيد بندرگاهه کان پورٽ توفيق (سئيز شهر) تائين 194 ڪلوميٽر ٿيندو. يعني ڪراچيءَ کان حيدرآباد تائين. وچ تي يعني نوري آباد وٽ هڪ وڏي ڍنڍ به اچي ٿي. هونءَ ته آهستي هلندڙ جهاز به اهو فاصلو ڏهه کن ڪلاڪن ۾ ڪري ويندو پر سئيز ڪئنال ڪراس ڪرڻ ۾ ٻه ڏينهن لڳيو وڃن ڇو جو جهازن کي قافلي جي صورت ۾ لنگهايو وڃي ٿو. سو ڪراچيءَ کان پورٽ سعيد يا لنڊن کان ايندي پورٽ توفيق پهچي ڏينهن اڌ انتظار ڪرڻو پوي ٿو جيئن ست اٺ جهاز گڏ ٿين ۽ تيسين پهريان گڏ ٿيل جهاز ڪئنال ڪراس ڪن. پوءِ مصر حڪومت جا پائلٽ (مقامي ڄاڻ وارا ڪئپٽن) جهازن تي چڙهي اسان جي جهازن کي آهستي آهستي هلائين ٿا جو دنيا جو هر چئنل خاص ڪري هي هٿرادو کوٽيل چئنل بيحد سوڙها آهن ۽ گهڻي رفتار ۾ ڪنٽرول مان نڪرڻ ڪري جهاز چئنل جي ڪناري سان ٽڪرائجي يا رڳڙجي گرائونڊ ٿي سگهي ٿو يعني چئنل جي ڪناري واري گپ ۾ ڦاسي سڄي ٽرئفڪ کي جئم ڪري سگهي ٿو. ٻي ڳالهه ته سئيز ڪئنال سوڙهو هجڻ ڪري فقط هڪ طرف ڏي جهاز هلن ٿا. پوءِ وچ تي ايندڙ ڍنڍ ۾ اچي ترسڻو پوي ٿو جيئن ٻئي پاسي کان ايندڙ جهاز ٽپي وڃن. بهرحال ڪئنال ٽپڻ ۾ ڀلي ٽي ڏينهن لڳن اهي اسان جهاز هلائڻ وارن لاءِ آرام جا ڏينهن ٿين ٿا جو ويندي جهاز هلائڻ جو ڪم ڪئنال اٿارٽي حوالي هوندو آهي. ان کان علاوه سڄي واٽ مقامي مصري ماڻهو ٻيڙين رستي جهاز تي چڙهي مختلف شيون: مٺائي ۽ ميوي کان عطر، ڪئميرائون، واچون وڪڻندا آهن. اها خبر هوندي به ته مصري دڪاندار تي ڀروسو نه ڪجي هو اسان جهازين کي مٺيون مٺيون ڳالهيون ۽ ڪوڙا قسم کڻي بيوقوف بڻائي ويندا آهن. سئيز ڪئنال جا سنگتڙا ۽ پاناما جا ڪيلا آئون ڪڏهن به نه وساري سگهندس ۽ جن کاڌا هوندا، اهي انهن جي سواد جو اندازو لڳائي سگهن ٿا.
    سئيز ڪئنال مان سال ۾ 18000 جهاز لنگهن ٿا يعني روزانو 50 کن سمجھو. اهڙي طرح پاناما ڪئنال مان روزانو 40 کن جهاز لنگهن ٿا. هتي پاناما ۽ سئيز ڪئنال جي وچ ۾ هڪ دلچسپ فرق جي ڳالهه لکندو هلان ته سئيز ڪئنال ته هڪ ئي ليول تي آهي ۽ ميڊيٽرينين ۽ بحر احمر (ڳاڙهي سمنڊ) جو پاڻي ايندو ويندو رهي ٿو. پر پاناما ڪئنال جي پاسي وارن سمنڊن (ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ پئسفڪ سمنڊ) جو پاڻي هڪ ليول تي نه آهي. ان ڪري پاناما ڪئنال ۾ جهاز کي مختلف هنڌن تي هيٺ ۽ مٿي کنيو وڃي ٿو جنهن جو آسان طريقو Lock System آهي. جهاز کي هڪ هنڌ بيهاري پاسن کان لوهي دروازا ڏنا وڃن ٿا. ڄڻ جهاز هڪ حوض ۾ اچي ويو. هاڻ جي اڳيان ڪئنال جي ليول مٿي آهي ته ان حوض کي پمپ ذريعي پاڻيءَ سان ڀري جهاز کي مٿي کنيو وڃي ٿو ۽ ٻئي پاسي دروازو (Lock) کولي ان کي اڳيان ڪيو وڃي ٿو. واپسي تي ان هنڌ ان کي لاڪ ڪري پاڻي ڪڍيو وڃي ٿو جيئن جهاز هيٺ ٿي پئسفڪ يا ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ليول تي اچي وڃي. نه ته ٻي صورت ۾ جهاز مٿاهينءَ کان هيٺاهين ليول تي ائين اچي ڦهڪو ڪري جيئن آبشار جو پاڻي. ۽ اهو به لکندو هلان ته پاڻيءَ جي ليول جي اها هيٺ مٿائين ڪا ٽي چار فٽ نٿا ٿين. پاناما ڪئنال ۾ ٽن هنڌن تي لاڪ آهن. گاتون ڍنڍ وٽ Locks جا ٽي سيٽ آهن. جيئن سمجھو ته ڪا عمارت 30 ماڙ آهي جنهن ۾ هڪ لفٽ گرائونڊ فلور کان ڏهين ماڙ تي وٺي وڃي. ان بعد ڏهين ماڙ تي ٻي لفٽ هجي جيڪا ويهين ماڙ تائين وٺي وڃي. ان بعد ويهين ماڙ تي ٽي لفٽ هجي جيڪا ٽيهين ماڙ تائين وٺي وڃي. سو گاتون ڍنڍ وٽ پاناما ڪئنال ۾ جيڪي لاڪس آهن اهي جهاز کي سمجھو ته ٽن اڏمن ۾ 26 فٽ مٿي کڻن ٿا. اهو به لکندو هلان ته هيڏا وڏا جهاز جن وڏن حوض نما Locks ۾ بيهن ٿا انهن جي 26 فٽ مٿي ليول ڪرڻ لاءِ پاڻي وجھڻ ۽ جهازن جي واپسي تي ڪڍڻ لاءِ تمام طاقتور ۽ وڏا پمپ ڀڳل آهن جيڪي هر دفعي 52 ملين گئلن پاڻي 15 منٽن ۾ ڇڪيو وٺن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاناما ڪئنال اڄ به انجنيئرنگ جو ڪمال سمجھيو وڃي ٿو ۽ دنيا جي ماڊرن ستن عجوبن مان هڪ چيو وڃي ٿو.
    اهڙو لاڪ سسٽم وارو ڪئنال (يعني ڪئنال جي هيٺ مٿي هجڻ ڪري جهاز کي مٿين ليول تي پهچايو وڃي يا هيٺ لاٿو وڃي)، جنهن مان اسان کي اڪثر جهاز اڪارڻو پوي ٿو اهو ڪِيل (Kiel) ڪئنال آهي. ڪيل ڪئنال جرمنيءَ جي Schleswig Holstein رياست مان کوٽيو ويو آهي. ۽ ”نارٿ سي“ کي ”بالٽڪ سمنڊ“ سان ڳنڍي ٿو.
    اسان جا جهاز سئيز ڪئنال مان لنگهي ميڊيٽرينين سمنڊ جي ترڪي، يونان، اٽلي ۽ ان جي ڀرسان فرانس ۽ اسپين جي بندرگاهن ۾ اچن ٿا يا وري ”جبرالٽر ڳچي سمنڊ“ وٽان ميڊيٽرينين سمنڊ مان نڪري مٿي اتر طرف پورچوگال، فرانس جي اتراهين حصي، بيلجم هالنڊ ۽ انگلنڊ جي بندرگاهن ۾ وڃن ٿا. ان بعد ”اتر سمنڊ“ (North Sea) ۾ مٿي اتر ڏي ڊئنمارڪ سئيڊن ۽ ناروي جهڙن ملڪن ۾ ايترو نٿا وڃن پر پوءِ ڊئنمارڪ جي چوڌاري ڦيرو ڪري بالٽڪ سمنڊ ۾ پولنڊ جي بندرگاهه گڊانيا ۽ گڊانسڪ، سئيڊن جي اوڀر واري بندرگاهه ’اسٽاڪهوم‘ ۽ فنلئنڊ جي بندرگاهه ’هيلسنڪي‘ ۾ ضرور اچن ٿا. انگلنڊ بعد جيڪو ”اتر سمنڊ“ شروع ٿئي ٿو اهو سال جو وڏو عرصو، خاص ڪري سياري جا ڇهه ست مهينا ڏاڍو خراب رهي ٿو. سامونڊي ويرين، ڪُنن (Under Currents)، طوفانن کان علاوه سخت ڌنڌ جنهن ۾ جهاز جو اڳيون حصو به نظر نه اچي، جهاز ۽ جهاز هلائڻ وارن لاءِ اهي مسئلا سخت مشڪلات جو سبب بڻجن ٿا. خاص ڪري جڏهن ته ڊئنمارڪ ۽ ناروي پاسي وڃڻو ناهي. اهڙي صورت ۾ ڪِيل ڪئنال بهترين شارٽ ڪٽ آهي. ڪيل ڪئنال مان گذرڻ ڪري سفر جو ڪو وڏو بچاءُ نٿو ٿئي.... فقط 460 ڪلوميٽر جو سفر گهٽجي ٿو پر هتي پنڌ کان وڌيڪَ خراب موسم ۽ مڇريل سمنڊ کان بچاءُ ٿيو وڃي ۽ جرمني بعد يڪدم پولنڊ پهچيو وڃجي.
    ڪيل ڪئنال 98 ڪلوميٽر ڊگهو آهي جنهن جي کوٽائي 1895 ۾ مڪمل ٿي. يعني هن ڪئنال جي سئيز ڪئنال بعد کوٽائي ٿي جيڪو 1869 ۾ کوٽجي راس ٿيو هو. هي ڪئنال جرمنيءَ جي اتر سمنڊ واري بندرگاهه برنس بٽل (Brunsbuttel) کان شروع ٿي جرمني جي بالٽڪ سمنڊ واري بندرگاهه ”ڪيل ـــ هولتينائو“ تي ختم ٿئي ٿو. هن ڪئنال مٿان يارهن کن پليون آهن جن تان ريل گاڏيون ۽ موٽر ڪارون هلن ٿيون. پلين ۽ سمنڊ جي وچ ۾ 42 ميٽر (138 فٽن) جي وٿي آهي ان ڪري فقط انهن جهازن کي لنگهڻ ڏنو وڃي ٿو جن جي اوچائي 40 ميٽر يا ان کان گهٽ آهي. يا ”سپر اسٽار جيمنيءَ“ جهڙا اوچائيءَ وارا جهاز لنگهي سگهن ٿا جن جون چمنيون (Funnels) هيٺ مٿي ٿي سگهن ٿيون يعني Adjustable آهن. هونءَ هن ڪئنال مان فقط اهي جهاز لنگهي سگهن ٿا جن جي ڊيگهه 235 ميٽر (772 فٽ)، ويڪر 30 ميٽر (106 فٽ) ۽ ڊرافٽ (يعني جهاز جو اهو حصو جيڪو سمنڊ اندر آهي) 7 ميٽرن (23 فٽن) کان گهٽ آهي. سمنڊ کان مٿي جي بلندي جو ذڪر مٿي ڪري چڪا آهيون ته 40 ميٽرن (130 فٽن) کان گهٽ هجي.
    ڪيل ڪئنال به پاناما وانگر هيٺ مٿاهين تي آهي ان ڪري ڪيل ڪئنال ۾ به لاڪ سسٽم آهي جنهن ذريعي جهاز کي ٻن ٽن هنڌن تي مٿي کنيو وڃي ٿو يا پاڻيءَ جي ليول گهٽائي هيٺ آندو وڃي ٿو.
    ڪيل ڪئنال مان گذرڻ وقت نه فقط جهاز ۾ سوار ماڻهن لاءِ چوڌاري جو نظارو خوبصورت رهي ٿو پر پري پري تائين زمين تي بيٺل ماڻهن لاءِ به دلپسند نظارو رهي ٿو. ڪيل ڪئنال سان گڏوگڏ ڪيترائي روڊ وهن ٿا جن تان ڪارون، لاريون ۽ ريل گاڏيون هلنديون رهن ٿيون ۽ پري بيٺل کي ائين ئي لڳي ٿو ته نه فقط اهي ڦيٿن واريون گاڏيون پر جهاز پڻ خشڪي تي هلي رهيا آهن. جرمني گهمڻ لاءِ آيل ماڻهو اڪثر ڪيل ڪئنال جو هي نظارو ڪرڻ ايندا آهن. سئيز ڪئنال مان گذرڻ وقت جهاز ۾ سوار ماڻهن کي فقط ريتي، اٺ ۽ کجيءَ جا وڻ نظر اچن ٿا پر ڪيل ڪئنال مان لنگهڻ وقت چوڌاري ساوڪ، گهر ۽ روڊ رستا ائين نظر اچن ٿا جيئن ترڪيءَ جي باسفورس (سوڙهي سمنڊ) مان لنگهڻ وقت سهڻو نظارو! باسفورس جيڪو استنبول جي شهر مان گذري ٿو.
    ڊئنمارڪ جو نقشو ائين آهي جيئن ماڻهوءَ جو منهن ڳچيءَ سميت جيڪا يورپ سان ڳنڍيل آهي. ڪيل ڪئنال ان ڳچيءَ وٽان ڄڻ سِيرَ وهيل آهي ۽ جهاز ماڻهوءَ جي ان منهن جهڙي ڊئنمارڪ ملڪ کي ڦيرو ڪرڻ کان بچيو وڃن. ڪيل ڪئنال مان روزانو ڏيڍ سؤ کن جهاز لنگهن ٿا.
    بهرحال هتي ’پاناما‘ ملڪ جو ذڪر ڪندي ’پاناما ڪئنال‘ بابت ان ڪري لکيو اٿم ته جيئن پڙهندڙن کي احساس ٿئي ته وچ آمريڪا جا سڀ ملڪ گئاٽمالا ۽ نڪراگئا کان ڪاسٽاريڪا ۽ بيلينزي سڀ غير اهم ۽ غير معروف آهن پر پاناما ڪئنال ڪري پاناما وري به ٻين کان مشهور آهي ۽ پاناما ڪئنال مان لنگهندڙ جهازن مان ڪمائيءَ ڪري پاناما جون معاشي حالتون به گهڻن کان بهتر آهن بلڪه رشڪ جوڳيون آهن. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اهڙي ڪا ڳالهه کڻي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن سان ڪر ته هنن کان يڪدم آهه نڪريو وڃي ۽ هنن کي اها ئي خواهش پيدا ٿئي ٿي ته ڪاش اسانجي ملڪ ۾ به اهڙو ڪو ڪئنال هجي ها ته اسانجو ملڪ به سکيو ستابو ٿي وڃي ها! سوال آهي ته ملڪ ته ايئر لائين، شپنگ، ريلوي ۽ اسٽيل ملز جهڙين شين ڪري به امير ٿيو وڃن پر اسان وٽ هر ادارو نقصان ۾ آهي. سو جيڪڏهن اسان جي ملڪ ۾ پاناما يا ڪيل جهڙو ڪئنال هجي ها ته ڇا ان کي صحيح طرح هلايو وڃي ها. سنگاپور جهڙو ملڪ جنهن ۾ ڪجهه نه هو ويندي پاڻي به ملائيشيا کان خريد ڪيائون ٿي اڄ اهو دنيا جي خوشحال ملڪن مان آهي فقط ان ڪري جو ان جا سياستدان ۽ حاڪم ايماندار آهن. هنن کي پنهنجي ”فئملي ڪاروبار“ کان وڌيڪَ ”ملڪ“ جو اونو رهي ٿو. صحيح قسم جا سياستدان ”نه“ مان به ملڪ کي خوشحال بنايو وڃن ۽ عوام جي قسمت بدلايو ڇڏين. ڦورو ۽ لالچي سياستدان ملڪ ۽ ماڻهن کي غريب ۽ قرضي بڻايو ڇڏين. ڪيڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته سنگاپور جو ماڻهو سفير ٿي به ٻئي ملڪ ۾ وڃڻ نٿو چاهي جو هن کي پنهنجي ملڪ ۾ ئي هر سک آهي. ٻئي پاسي اسان جهڙا دنيا ۾ چند ملڪ آهن جن جي غربت ۽ سورن جو ڪاٿو ئي ناهي. ٻه ويلا روزگار ڪمائڻ لاءِ اسان جا ماڻهو پنهنجا ٻچا ۽ وطن ڇڏي ٻين ملڪن ۾ قانوني ۽ غير قانوني طرح ڌڪا کائيندا رهن ٿا. مون سان گڏ جڪارتا کان هوائي جهاز ۾ سفر ڪندڙ ٻن ٻارن جي نوجوان انڊونيشي ماءُ ٿي ياد اچي جيڪا پورهئي لاءِ ڪويت وڃي رهي هئي. چيومانس ته ٻار ڇڏي پئي وڃين. ڇا اهي ياد نه ايندءِ؟ منهنجي پڇڻ تي هن کي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ۽ ڏکويل لهجي ۾ وراڻيائين: ”ڇو نه! پنهنجو وطن ڇڏي پرديس ۾ ڌڪا کائڻ ڪنهن کي وڻن ٿا. اسانجو ملڪ انڊونيشيا ۽ ملائيشيا هر ڳالهه ۾ ساڳيو آهي. ملائيشيا جي سياستدانن ان کي يورپ بڻائي ڇڏيو آهي ۽ اسان جي سياستدانن اسان کي مسڪين بنائي ڇڏيو آهي. اسان کي روزگار خاطر دربدر ڪري ڇڏيو آهي.....“
    غور سان ٿو سوچيان ته اسانجو ملڪ جيڪو يورپ جي به ڪيترن ملڪن کان سکيو هو اڄ ان جو حال انڊونيشيا جهڙو به نه رهيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ انڊونيشيا جي هر ماڻهوءَ کي اتي جي سياستدانن قرضي ته نه بڻايو آهي. اسان جي ملڪ وانگر ظالم وڏيرن ۽ ڀوتارن جو ته راڄ ناهي، انڊونيشيا جا ماڻهو اسان وانگر بجلي ۽ گئس لاءِ ته نٿا سڪن، اسان وانگر ڏينهن ڏٺي جو ڦرن ۽ اغوائن جون وارداتون ته نٿيون ٿين. اسان وٽ ته پاڻي ۽ اناج به اڻ لڀ ٿيندو وڃي ـــ يعني عوام جي گهرن ۾. حاڪمن جي گهرن ۾ اڄ به دعوت تي ستر ستر قسم جا ڊش تيار ٿين ٿا ۽ هو اک ڇنڀ ۾ دنيا جا امير ترين ماڻهو ٿيو وڃن! اسان جي ملڪ جا تقريبن 5 هزار ماڻهو هر سال ملائيشيا جي گنتنگ هاءِ لئنڊس (هِل اسٽيشن) ڏسڻ وڃن ٿا جيڪا هڪ چيني همراه پنهنجي خرچ تي 5 سالن اندر ٺاهي ورتي .... ان کان خوبصورت اسان جي گورک هِل کي 50 سال ٿي ويا آهن پر مڪمل نه ٿي سگهي آهي .... رڳو سرڪاري خزاني جو پئسو پيو خرچ ٿئي!


    ڏکڻ آمريڪا جو ڏکيو سمنڊ ۽ پينگئن پکي

    ڪو زمانو هو يعني 1960ع وارو ڏهاڪو جنهن ۾ اسان جو جهاز ذريعي مختلف ملڪن ۾ وڃڻ شروع ٿيو، پاناما جهڙا وچ آمريڪا جا ملڪ ڪجهه به نه هئا. اڄ پاناما توڙي گئاٽمالا ۽ ڪاسٽاريڪا جهڙن ملڪن جي خوشحالي، تعليم ۽ صحت جو نظام ۽ امن امان جي حالت ٿو ڏسان ته حسرت ٿي ٿئي. اهڙن ملڪن جا ماڻهو به اسان جي ملڪ خاص ڪري صوبي سنڌ بابت سوچي نٿا سگهن ته هي ڪهڙو علائقو آهي جتي ايترا هزار اسڪول ۽ ٽيچر غيباتي (نظر نه ايندڙ) آهن ۽ جيڪي اسڪول موجود آهن انهن مان ڪيترا وڏيرن جون اوطاقون ۽ وٿاڻ بڻيل آهن.... جتي دنيا جا بد ترين روڊ آهن جن تي روزانو موت ٿين ٿا، جتي جي سرڪاري اسپتال ۾ صحيح طرح جي دوا به مهيا ناهي جتي ايڪسري پلانٽ کان ڊائلاسس مشينون سالن کان ناڪارا پيون آهن.... جتي عام ماڻهوءَ کي پيئڻ لاءِ ٻاڙو ۽ زهريلو پاڻي ملي ٿو جتي جا ماڻهو لائيٽ نه هجڻ ڪري ڏينهن جو وڏو عرصو هٿ ۾ پنکو لوڏيندا وتن. جتي ٻوڏ جا ستايل کليل آسمان هيٺان ويٺا آهن. ٻاهرين ملڪن کان مليل امداد به واسطيدار عملدار ۽ سياستدان کايو وڃن. ٻوڏ وارن ڏينهن جي هڪ سين ياد ٿي اچي: ڪنهن مخير همراه ڀت جي ديڳ خيرات ڪئي آهي ۽ پوتڙي ۾ ويٺل پوڙهو ڪوڏر تي اهو ڀت رکي کائي رهيو آهي! ملڪ جي حاڪمن ۽ ڀوتارن جي بنگلن تي ست رڇي به قضئي جي ماني سمجھي وڃي ٿي جيڪڏهن ان سان گڏ وسڪي ۽ بيئر جو بندوبست ناهي. مهانگائي ايتري قدر جو ڏسڻا وائسڻا دال خريد ڪرڻ لاءِ به ٻه دفعا سوچين ٿا. هي سٽون ڪراچيءَ مان رمضان جي مهيني ۾ لکي رهيو آهيان جڏهن دنيا جي غير مسلم ملڪن ۾ به رمضان جو احترام ڪندي شين جو اگهه ڪيرايو وڃي ٿو. پر اسان وٽ هر شيءِ جو اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري ٿو. ڪجهه شهرن ۾ گذريل هفتي کان عوام دال جي اگهه چڙهڻ خلاف جلوس ڪڍي رهيا آهن. اڄ ملڪ جي وزير خزانه عوام جي دلين کي ٺارڻ.... بلڪه ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ لاءِ ڇا ته عجيب بيان ڏنو آهي ته دال جي مهانگي آهي ته غريب ماڻهو مرغي ڇو نٿا کائين. ان بابت ٽي وي جي هر چئنل تي ان وزير جو ڏنل بيان نشر ڪيو پيو وڃي. تاريخ جي ڄاڻ باوجود به اسان جو حڪمران بي پرواهه آهن شايد اهو سوچي ته پئرس جو عوام پڙهيل ڳڙهيل هو جن حاڪمن خلاف انقلاب آندو جڏهن کين راڻي صاحبه چيو ته ماني نه اٿانوَ ته ڪيڪ ڇو نٿا کائو، پر اسان جو عوام اڻپڙهيل ۽ جاهل آهي. هو ڪجهه نه ڪندو! اسين شايد ان هاٿيءَ مثل ٿي چڪا آهيون جنهن کي ننڍي هوندي زنجير هڻي اهو ذهن نشين ڪرايو ويو هو ته تون جڪڙيل آهين ڪجهه نٿو ڪري سگهين. اڄ هن جي زنجير کليل هجڻ جي باوجود هو ذهني طرح پاڻ کي جڪڙيل محسوس ڪري ٿو.
    اهي هنڌ جتي ٻه سمنڊ هڪ ٻئي سان ملن ٿا اتي سمجھو ته ٽي چار سؤ ميلن تائين سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ وڏي اٿل پٿل رهي ٿي، ويرون لوهي جهاز کي به ڇوڏي وانگر مٿي کنيو وڃن ۽ ٻي گهڙيءَ اهو هيٺ پاڻيءَ مٿان اچيو ڦهڪو ڪري جنهن سان جهاز جي جسم (لوهي ڀتين، ڇتين، گرڊر، ڪامن) کي هڪ طرف نقصان رسي ٿو ته ٻئي طرف جهاز ۾ سوار کي ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ هن جا آنڊا پيٽ مان نڪري وات ۾ ٿا اچن. سمنڊن جي اٿل پٿل ڪري سامونڊي ڪُنَ (Under Currents) به بيشمار ٿين ٿا جيڪي جهاز جي رفتار تي اثر ڪن ٿا ۽ جهاز کي پنهنجي مقرر رستي کان ڊرفٽ ڪندا (ٿيڙهيندا) رهن ٿا. ويتر جي سخت سيءُ ۽ طوفان آهن ته جهاز ۽ جهاز هلائڻ وارن جي حالت خراب ٿيو وڃي. جهاز ۾ چڙهيل مسافر ته وري به ننڊ جي گوري کائي ستا رهن ٿا پر جهاز هلائڻ وارن مان ته هر هڪ کي چار ڪلاڪ ڏينهن جا ۽ چار ڪلاڪ رات جا جهاز هلائڻو ئي هلائڻو آهي جيئن هن مصيبت واري سمنڊ مان جان ڇٽي. اهڙن سمنڊن جو خطرناڪ ميلاپ هڪ ته ڏکڻ آفريڪا کنڊ جي هيٺان آهي جتي هندي وڏو سمنڊ (Indian Ocean) ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ملن ٿا ۽ سمنڊ جو اهو حصو جنهن کي اڪرڻ ۾ ٻه اڍائي ڏينهن لڳيو وڃن ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ سڏجي ٿو. اهڙي طرح ڏکڻ آمريڪا کنڊ جي هيٺ وارو حصو ”ڪيپ آف هارن“ سڏجي ٿو جتي اولهه کان ”پئسفڪ سمنڊ“ ۽ اوڀر کان ”ائٽلانـٽڪ سمنڊ“ ملن ٿا. انهن ٻن هنڌن مان ڪيپ آف هارن وارو وڌيڪَ ڏکيو سفر آهي جو اتي سمنڊ جي بگڙيل رهڻ کان علاوه سخت طوفان لڳن ٿا جو ڏکڻ آمريڪا کنڊ جو هيٺيون حصو تمام گهڻو ڏکڻ قطب جي ويجھو آهي ان ڪري اتي اونهاري ۾ به سخت سيءُ رهي ٿو. ايتريقدر جو ٿورو وڌيڪَ ڏکڻ ڏي وڃڻ تي ڄميل سمنڊ شروع ٿيو وڃي جن جي مٿان پينگئنون نظر اچن ٿيون. ٻي ڳالهه اها ته آفريڪا کنڊ جي هيٺان ڪافي ويڪرو سمنڊ آهي ۽ ڪجهه پري کان لنگهڻ ۾ خطرو ناهي. وڌ ۾ وڌ سفر وڏو ٿيندو پر ڏکڻ آمريڪا جي هيٺان يعني ڪيپ آف هارن وٽان لنگهندي وڏو خيال رکڻو پوي ٿو جو سامونڊي لنگهه تمام سوڙهو آهي. اهو لنگهه جيڪو Strait of Magellan (مئگيلان ڳچي سمنڊ) سڏجي، پورچوگالي جهازران ۽ کوجنا ڪندڙ (Explorer) ”فرڊيننڊ مئگيلان“ اسپين جي بادشاهه ”چارلس اول“ جي چوڻ تي 1520 ۾ دنيا جي چوڌاري ڦرڻ دوران هن ڳچي سمنڊ کي ڳوليو هو. ان ڪري هن ڳچي سمنڊ جو نالو سندس نالي رکيو ويو ۽ ان جي جهاز وارن کي جيڪي ان علائقي ۾ خاص پينگئنون (Penguins) نظر آيون انهن کي پڻ اڄ تائين مئگيلان جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
    ”مئگيلان ڳچي سمنڊ“ سوڙهوSea Passage هجڻ ڪري ان مان جهاز اڪاري پئسفڪ سمنڊ ۾ گهڙڻ ڏاڍو خوفناڪ ڪم رهي ٿو. ائين ته ملاڪا وارو ڳچي سمنڊ يا ٻيا ڪيترا سمنڊ پڻ سوڙها ٿين ٿا پر ڏکڻ آمريڪا ڏي طوفاني ٿڌيون هوائون ۽ سمنڊ ۾ بي پناهه اٿل پٿل جهازن ۽ انهن جي هلائڻ وارن کي بتال ڪريو ڇڏي. پاناما ڪئنال ٺهڻ بعد هاڻ هرڪو اها ڪوشش ڪري ٿو ته اٺ ڏهه لک رپيا ٽال ڏئي پاناما ڪئنال مان لنگهي وڃجي.
    پهرين لکي چڪو آهيان ته ”ڳچي سمنڊ“ سمنڊ جو اهو سوڙهو لنگهه جيڪو ٻن وڏن سمنڊن کي ملائي ۽ جنهن جي ٻنهي پاسن کان زمين هجي. مٿين ڳچي سمنڊ جي هڪ پاسي ته ڏکڻ آمريڪا کنڊ جو آخري ملڪ ”چِلي“ آهي ۽ ٻئي پاسي ويران ٻيٽن جي قطارَ (Archipelago) آهي. انهن ۾ وڏي ۾ وڏو ٻيٽ Tierra del Fuego آهي جنهن جي ايراضي 48000 چورس ڪلوميٽر آهي. انهن کي ويران ٻيٽ ان ڪري لکيو اٿم جو ڏکڻ قطب جي ويجھو هجڻ ڪري اتي ايڏي ته ٿڌ آهي جو ٻارهوئي برف ڄمي رهي ٿي ۽ جيئن اتر قطب ۾ رڳو ڀورا رڇ نظر اچن ٿا تيئن هن پاسي ڏکڻ قطب جي هنن ٻيٽن تي رڳو پينگئن پکي نظر اچن ٿا. هاڻ مڙيئي ”تيرا ڊيل فيوگو“ مان تيل نڪرڻ ڪري چلي ۽ ارجنٽائين ملڪن ان کي اڌواڌ ڪري ورهايو آهي ۽ ان مان تيل ڪڍڻ کان علاوه ان تي تيل جا ڪارخانا پڻ کوليا اٿن. ڏکڻ قطب تي کوجنائون ڪرڻ وارن ۽ پينگئن کي ڏسڻ ۽ انهن تي کوجنا ڪرڻ وارن سياحن لاءِ هوٽلون پڻ کلي رهيون آهن.
    هاڻ جڏهن پاناما، سائوٿ آمريڪا ۽ ڏکڻ قطب جي ڳالهه کنئي اٿئون ته هتي پنهنجي پڙهندڙن لاءِ ڪجهه سٽون پينگئن (Penguins) بابت به لکندو هلان جن جو ديس ڏکڻ قطب (South Pole) آهي. جيتوڻيڪ ٻارهوئي برف ته اتر قطب جي ملڪن آئسلئنڊ، گرين لئنڊ، اتر ناروي ۽ اتر سئيڊن پاسي به آهي پر اتي توهان کي هڪ به پينگئن نه ملندي. اتي وري ڀورا رڇ (Polar Bears) آهن جيڪي ڏکڻ قطب ڏي نه آهن. نوڪري دوران توڙي اڄ به پنهنجي ملڪ يا ڌارئين ملڪن ۾ گهمڻ وڃان ٿو ته اتي جي اسڪولن يا ڪاليجن جي شاگردن سان خبر چار ڪرڻ پسند ڪريان ٿو. ظاهر آهي اوساڪا، نگويا، يوڪوهاما (جپان) توڙي ڪوالالمپور، ملاڪا (ملائيشيا) يا ڪولمبو (سري لنڪا) جي اسڪولن جي شاگردن سان جڏهن پنهنجي جوانيءَ جون ڳالهيون ڪريان ٿو، جڏهن اهي مئٽرڪ يا انٽر جا شاگرد پاڻ ته ڇا هنن جون ڪلاس ٽيچرون به ڄاول نه هيون ته هنن کي حيرت ٿئي ٿي ته هنن جا شهر جيڪي هاڻ ماڊرن ٿي ويا آهن گذريل صديءَ جي سٺ ۽ ستر واري ڏهي ۾ ڪهڙا ته هئا! هو هڪ سامونڊي سياح جي حيثيت ۾ مونکان سمنڊ ۽ جهازن بابت پڻ ڪيترائي سوال ڪن ٿا جن سوالن کي اهم سمجھي آئون انهن بابت تفصيلي مضمون به لکندو آهيان جيئن ته جل پرين، برمودا ٽڪنڊي، ڪوهه قاف جبلن، زهريلي مڇي فوگو بابت. خط استوائي ملڪ (ملائيشيا، ٿائلنڊ، سنگاپور ويندي اسانجو ملڪ) اتر ڏکڻ قطب کان تمام گهڻو پري آهن انهن ملڪن جا ٻار اڪثر پينگئن بابت پڇندا آهن. بلڪه ائين چئجي ته انهن بابت اهڙا ئي سوال ڪيا ويندا آهن جيڪي چمڙي بابت ته جانور آهي يا پکي؟ چمڙو پکين وانگر اڏامي ته ٿو پر پکين وانگر آنا ڏيڻ بدران ٻار ڄڻي ٿو ۽ انهن کي ٿڻن ذريعي کير پياري ٿو. يا شتر مرغ پکي آهي يا جانور؟ هو جي پکي آهي ۽ پر اٿس ته اڏامي ڇو نٿو؟
    پينگئن پکي اسان جهڙن گرم ملڪن ۾ رهي نٿو سگهي. هو اڪثر چڙيا گهرن ۾ ئي نظر اچي ٿو جيڪي وڏو خرچ ڪري پينگئن ۽ قطبي ڀورن رڇن لاءِ هنن جي پڃرن ۾ برف جهڙي ٿڌڪار رکن ٿا. مون به پينگئن کي پهريون دفعو ڪولمبو (سري لنڪا) جي ئي ’چڙيا گهر‘ ۾ ڏٺو. آئون نٿو سمجهان ته ڪو ڪراچيءَ جي چڙيا گهر ۾ اڄ به اهي قطبي جاندار آهن جو اتي ته ڪالهه جي اخبار مطابق هاٿيءَ ۽ شينهن جي لاءِ مقرر خوراڪ ۾ ئي گهوٻيون هنيون وڃن ٿيون ۽ Under Nourishment هجڻ ڪري اهي جانور ڪمزور ۽ بيمار رهن ٿا سو پينگئن لاءِ ڪيئن هر مهيني لکها رپيا خرچ ڪري انهن جو رهائش گاهه ريفريجريٽر جهڙو ٿڌو ڪندا. ٻي ڳالهه ته بجليءَ جو بحران ايڏو وڌي ويو آهي جو ماڻهن جي پيئڻ لاءِ گهر جي ريفريجريٽرن ۾ ئي برف نٿي ڄمي. هن وقت به ٽي وي تي ڏيکاري رهيا آهن ته ڪراچيءَ جي علائقي لي مارڪيٽ ۾ گذريل 12 ڪلاڪن کان لائيٽ نه آهي. ماڻهن سحري به اوندهه ۾ ڪئي آهي. ملائيشيا ۽ سنگاپور لاءِ ته کڻي چئجي ته هاڻ پئسي وارا ملڪ آهن پر سري لنڪا اسانجي مقابلي ۾ ته بيحد غريب ملڪ آهي پر ان هوندي به هنن جو چڙيا گهر ڏسڻ لاءِ اسان جا ماڻهو به وڃن ٿا. ٻارهوئي مينهن پوي ٿو پر اسان جي روڊ رستن کان اهي ڇا ته مضبوط آهن. ورلي ڪو روڊ حادثو ٿئي ٿو سو به تڏهن جڏهن جھنگلن مان گذرندڙ رستن تي ڪو مست هاٿي چڙهيو اچي.
    پينگئن پکي دراصل اسان جي ڳوٺن جي گهرن ۾ هلندڙ وڏي بدڪ ۽ ڪاز وانگر پکي آهي جيڪو اڏامي ته نٿو سگهي پر پاڻيءَ ۾ تري سگهي ٿو. هو ماڻهوءَ وانگر اڪثر بيٺل ئي نظر اچي ٿو ۽ سندس اڳ جو اڇو رنگ ۽ پٺ جي کنڀڙاٽين جي ڪاري رنگ مان ڪارو ڪوٽ پهريل وڪيل جو ڏيک ڏئي ٿو. ان کان علاوه هن پکيءَ جون ڪجهه ٻيون مختلف ڳالهيون هن ريت آهن:
    شتر مرغ وانگر نه اڏامي سگهڻ ڪري هي پکي Flightless Bird سڏجي ٿو.
    پينگئن کي جيتوڻيڪ Wing Bones آهن پر اهي عام پکين وانگر کنڀن وارا نه پر لڌڙي وانگر کنڀڙاٽين (Flipper) جهڙا آهن جيڪي هن کي ترڻ ۾ ڪم ڏين ٿا.
    پينگئن جو گذارو ننڍڙين مڇين، اِسڪڊ ۽ ڪرل جهڙي سامونڊي مخلوق تي ٿئي ٿو جنهن جي ڳولا ۾ هن کي ڏينهن جو وڏو عرصو سمنڊ ۾ گذارڻو پوي ٿو.
    پينگئن جون ڪيتريون ئي جنسون آهن. ڪي ننڍي قد جون ته ڪي وڏي جون. سڀ کان وڏي سائيز جي Emperor Penguin آهي جنهن جو قد ساڍا ٽي فٽ ۽ وزن 35 ڪلو ٿيندو. ننڍي ۾ ننڍي جيڪا ”بلو“ يا ”فيئري“ پينگئن سڏجي ٿي، 16 انچ ڊگهي ٿيندي جنهن جي تور هڪ ڪلو ٿئي ٿي.
    پينگئن جو اڳ اڇو ۽ کنڀڙاٽين سميت پٺيءَ جو ڪارو رنگ کيس شارڪ، اورڪا (خوني وهيل) ۽ ٻين سامونڊي جانورن (Leopard Seal) وغيره کان بچائي ٿو هو جڏهن سمنڊ ۾ تري ٿي ته کانئس هيٺ ترندڙ شڪاري جانورن کي هن جي هيٺين جسم جو اڇو رنگ مٿي جي روشني جهڙو لڳي ٿو ۽ سندس مٿان هلندڙ خونخوار سامونڊي جانور هن جي مٿئين حصي جي ڪاري رنگ کي سمنڊ جي ڪاري اونداهيءَ جو حصو سمجھن ٿا.
    پينگئن جنهن وقت سمنڊ اندر گُهت هڻي ٿي يعني Dive ڪري ٿي ته هن جي رفتار 6 کان 12 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رهي ٿي. ننڍيون پينگئنون اونهي سمنڊ ۾ وڃڻ کان گريز ڪن ٿيون. هنن کي پنهنجي جسم مطابق کاڌو سمنڊ جي مٿاڇري واري حصي ۾ ئي مليو وڃي ۽ هنن جو سمنڊ اندر اهو غوطو ٻن منٽن تائين مس رهي ٿو. پر وڏيون پينگنون، جيئن ته ايمپرر پينگئنون تمام گهڻو اونهو غوطو هڻن ٿيون (اٽڪل 600 کن ميٽر، يعني 2000 فوٽ) ۽ هو ٻاهر نڪري ساهه کڻڻ بنا ويهه ٻاويهه منٽ سمنڊ اندر رهي سگهن ٿيون.
    قدرت پينگئن کي شڪاري جانورن کان بچاءَ لاءِ ان حساب سان رنگ ضرور ڏنا آهن جيئن مٿي لکي چڪو آهيان پر ان هوندي به هو ٿورو گهڻو شڪار ٿينديون رهن ٿيون آخر قدرت کي وڏن شڪاري جانورن کي به ته رزق مهيا ڪرڻو آهي. سمنڊ ۾ موجود برف جي وڏين ڇپن (Ice Bergs) مٿان پينگئن جا ڌڻ نظر اچن ٿا انهن جي چوڌاري سمنڊ اندر خونخوار لڌڙا انتظار ۾ رهن ٿا. جيئن ئي ڪا پينگئن پنهنجي يا ٻچن جي کاڌي خوراڪ لاءِ برف جي ڇپ تان ترڪي سمنڊ اندر غوطو هڻي ٿي ته لڌڙا کيس جھلڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته اهي (لڌڙا) ڪڏهن ڪڏهن ئي ڪامياب ٿين ٿا ۽ پينگئن پاڻ بچايو وڃن.
    پينگئن جي ٻڌڻ جو حواس ڪافي بهتر آهي. هو هڪ ٻئي جو ۽ ٻچن جو آواز يڪدم سڃاڻيو وٺن ۽ وڏي ميڙ ۾ به هڪ ٻئي کي ڳوليو وٺن.
    پينگئن تمام سوشل ٿين ٿيون. هو ٽولن ۾ گڏ رهن ۽ ڪي ٽولا ته هزارن جي تعداد ۾ ٿين ٿا. هونءَ ته ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ سمنڊ جي ڏاکڻي حصي ۾ نظر ايندڙ برفاني ڇپن تي ڪجهه ڪجهه پينگئن ڏسڻ ۾ ضرور آيون پر هزارن جي تعداد ۾ سمنڊ جي ڪناري تي پسار ڪندي چليءَ جي ڏاکڻي شهر ”پُنتا اريناس“ ۾ نظر آيون. ”پنتا اريناس“ ڏکڻ آمريڪا جو ڇيڙي وارو بندرگاهه ائين آهي جيئن انڊيا جو ”ڪنهيا ڪماري“ شهر. پاناما ڪئنال کلڻ کان اڳ تائين ته هي شهر پنتا اريناس بلي بلي بندرگاهه هوندو هو جتان پئسفڪ کان ائٽلانٽڪ سمنڊ ڏي ايندڙ ويندڙ هر جهاز لنگهندو هو ۽ ڏينهن ٻه ترسي ساهي پٽيندو هو. پنتا اريناس اڄ به اهميت رکي ٿو، جنهن بابت ڪجهه احوال خاص ڪري انهن سک ۽ سنڌي هندن جي حوالي سان اڳتي کڻي ڪبو جيڪي هندستان جي ورهاڱي کان به گهڻو گهڻو اڳ هتي آيا ۽ واپار تي قابض ٿي ويا.
    پينگئن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي Monogamous پکي آهن يعني سڄي عمر نه ته به گهٽ ۾ گهٽ سڄي سيزن هڪ ئي پارٽنر سان گذارين ٿا. يعني اها ڳالهه پکين تي کوجنا ڪندڙ سائنسدان ٿا چون. اسان جهڙن عام ماڻهن لاءِ اها ناممڪن ڳالهه آهي ته هزارن جي تعداد ۾ هڪ جهڙن پکين کي ڌار ڌار ڪري سگهون. اسان لاءِ ته يونيفارم ۾ فوجي يا پٽڪن ۽ ڏاڙهين ۾ سک - سڀ هڪ جهڙا لڳن ٿا. تعليم دوران جڏهن سئيڊن جي يونيورسٽي ۾ هوس ته فيلڊ ٽرپ دوران ناروي جي ڏورانهن ٻيٽن ڏي به وڃڻو پيوٿي جتي ٻيڙين ٺاهڻ جا ڪارخانا آهن. هڪ اهڙي ٻيٽ تي ٽي چار ڏينهن رهڻو پيو ۽ شپ يارڊ ايندي ويندي جنهن ڀاڙي جي لانچ ۾ سفر ڪندو هوس اها سمنڊ ۾ موجود هڪ وڏي ٽڪريءَ وٽان لنگهندي هئي. ان ٽڪريءَ کي هيٺ کان مٿي چوٽيءَ تائين اتي جا هڪ خاص قسم جا پکي چهٽيل هوندا هئا. تعداد ۾ جيڪڏهن لکين نه ته هزارين هوندا. سڄي ٽڪري ننڍن ننڍن سوراخن (ٻِرن) سان ڀريل هئي جنهن ۾ اندر ماديءَ آنن تي آرو ڪيو ٿي ۽ سوراخ جي منهن وٽ ”نر صاحب“ نگهباني ڪئي ٿي. ڪنهن ڪنهن وقت رکي رکي ڦڙڪو ڏئي سڀ اڏاڻا ٿي ته اسان جي ٻيڙي مٿان جهڙو ڪڪر لنگهي ويو ٿي ۽ اها گهڙي جهڙ ٿي ويو ٿي. ڪبوتر وانگر آسمان ۾ غوطا هڻي ٻي گهڙيءَ ان ٽڪريءَ کي چهٽي ويا ٿي. منهنجي مقامي پروفيسر ٻڌايو ته هي پکي اها ٿوري دير ته ڇا ٻه ٻه ڏينهن پري سمنڊ تي مڇي ڦاسائڻ بعد به وري پنهنجي ساڳي پارٽنر کي ڳولي ان وٽ اچن ٿا. ظاهر آهي ان ڳالهه جي کوجنا اتي جي سائنسدانن پکين جي ٽنگن ۾ ”آءِ سي“ (Integrated Circuits) جون چپس هڻي ڪمپيوٽر ذريعي حاصل ڪئي هوندي جنهن کوجنا ۾ هنن کي سال ٻه به لڳيو وڃي. باقي اسان لاءِ پکي سڀ هڪ جهڙا. ڏهن پکين کي به ڌار ڪرڻ مشڪل ڪم آهي. اڃان به هو انسانن وانگر ڪپڙا ۽ جتيون ٽوپيون پائين ته پوءِ ڏهه ويهه پکي ياد رکي سگهجن ٿا ته فلاڻو بلو جينز وارو نر پکي هر وقت ڳاڙهي چولي واري ماديءَ سان نظر اچي ٿو. پر ڪي ڪي اسان وٽ اهڙا شاطر ۽ تکي ذهن جا مرد آهن جو بنا ڪنهن سائنسي ذريعي جي، هڪ نظر سان تاڙيو وٺن ته هي پکي Monogamous آهي يا Polygamous (يعني گهڻين زالن سان گذارو ڪرڻ وارو) گهٽ ۾ گهٽ نيٽ تي پڙهيل هڪ لطيفي مان ته اهو ئي ظاهر ٿو ٿئي. هڪ زال جيڪا صبح کان دريءَ تي اچي وهندڙ جهرڪ ۽ جھرڪيءَ کي هڪ ٻئي سان پيار ڪندو ڏسي رهي هئي تنهن پنهنجي مڙس سان ماڻو ڪندي چيو ته توکان بهتر ته هي جھرڪ آهي جنهن شام تائين جھرڪيءَ سان چار دفعا پيار ڪيو آهي. مڙس ٽهڪ ڏيندي چيس: ”پر اهو تو شايد غور نه ڪيو ته هن سان گڏ هر دفعي نئين جھرڪي هئي.“
    جيئن ٻليءَ جون اکيون قدرت طرفان اهڙيون آهن جو اوندهه ۾ ماڻڪيون وڏيون ٿيڻ ڪري هن کي اوندهه ۾ به چٽو نظر اچي ٿو. اهڙي طرح پينگئن جون اکيون پاڻيءَ اندر چٽو ڏسڻ جي خاصيت رکن ٿيون جيئن هو سمنڊ اندر گهڻو هيٺ وڃي (جتي روشني گهٽ ٿئي ٿي) پنهنجي شڪار جي ڳولا ڪري سگهن ۽ ساڳي وقت کين مارڻ وارن شڪاري جانورن (شارڪ، وهيل، خونخوار لڌڙن) کي پري کان ئي ڏسي پنهنجو بچاءُ ڪري سگهن.
    پينگئن جي جسم تي خاص قسم جي ننڍن کنڀن (پرن) جو تهه ڄميل ٿئي ٿو جنهن ۾ Insulation جي خاصيت آهي ۽ ٿڌو پاڻي سندن جسم کي گهڻي ٿڌ نٿو پهچائي نه ته ائنٽارڪٽڪ (ڏکڻ قطب) واري علائقي ۾ جتي سياري جا ڇهه مهينا هڪ ته راتيون وڏيون ٿين ٿيون ۽ ٻيو ٿڌ جو پد ڪاٽو چاليهه وڃيو ٿئي، سمنڊ ۾ وڃي کاڌو ڳولڻ يا ٻاهر برف تي ڏينهن جا ڏينهن ٿڌي هوا ۾ بيهڻ ڪو سؤلو ڪم ته ناهي. هڪ اهو به سبب آهي جو هي پکي هزارن جي تعداد ۾ گڏ رهن ٿا ۽ اهڙي ٿڌ ۾ هڪ ٻئي سان لڳي بيهن ٿا جيئن سندن جسم جي گرمائش گهٽ ضايع ٿئي. ساڳي وقت هنن ۾ ايڏو عقل آهي جو هو واري وٽيءَ تي گول گهمي پنهنجو پاسو بدلائين ٿا جيئن هر هڪ کي اندر وچ ۾ بيهي گرمائش حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي.
    قدرت جا ڪيڏا ڪمال آهن جو هنن پکين جي جسم ۾ ٿڌي رت کي گرم ڪرڻ لاءِ Heat Exchanger لڳل آهن جيڪي سائنسي زبان ۾ Humeral Plexus سڏجن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو هو منفي چاليهه ڊگرين ۾ زندهه رهن ٿا جيڪا ٿڌ ريفريجريٽر جي فريزر واري خاني کان به وڌيڪَ آهي.
    سمنڊ جو پاڻي ايترو ته کارو آهي جو ان جو هڪ ڍڪ ڀرڻ به عذاب آهي پر هي پکي جن جو گذارو سمنڊ يا سامونڊي ڪناري تي ٿئي ٿو سمنڊ جو کارو پاڻي پيو وڃن جو قدرت طرفان هنن جي جسم ۾ هڪ اهڙو غدوود آهي (جيڪو Supraorbital Gland سڏجي ٿو) سندن رت مان فالتو لوڻ ڇاڻيو وٺي جيڪو سنگهه جي صورت ۾ نڪ مان وهيو وڃي.
    پينگئن پکين جون ڪيتريون جنسيون آهن. انهن ۾ اٽڪل 50 هزار پکين ۾ هڪ اهڙو پيدا ٿئي ٿو جنهن جي پٺ ۽ کنڀڙاٽين جو رنگ ٻين وانگر ڪارو هجڻ بدران برائون ٿئي ٿو. هي پينگنون اِيسا بيلين (Isabelline) سڏجن ٿيون. سندن ڪارو رنگ نه هجڻ ڪري يعني سٺي طرح Camouflaged نه هجڻ ڪري هو جلد شڪاري جانورن جو کاڄ ٿيو وڃن.
    سال ۾ هڪ دفعو هنن پکين جي ميلاپ ۽ آنا ڦوڙڻ جي موسم اچي ٿي. ميلاپ بعد تقريبن هر پينگئن ٻه بيضا ڏئي ٿي جيتوڻيڪ ٻه وڏي قدبت واريون جنسون: ايمپرر ۽ ڪنگ پينگنون فقط هڪ بيضو ڏين. پينگئن جا بيضا سندن قدبت جي مقابلي ۾ ٻين پکين کان ننڍا ٿين ٿا. آنن کي ڦوڙڻ لاءِ آري تي نر پينگئن وهي. هو ٻئي پير ملائي چهنب سان ماديءَ جي ڏنل هڪ يا ٻن آنن کي ريڙهي انهن مٿان رکي ۽ پوءِ پڇ وٽ ٺهيل گھاٽن کنڀن واري کل (Skin) انهن مٿان رکي ٿوجيئن آنا گرم رهن. اهو ڪم هفتو ڏيڍ نه پر 60 کان 65 ڏينهن لڳاتار هلي ٿو. ذرا سوچيو ته قطبي علائقن ۾ ڇا ٿڌ، جسم ۾ چڀندڙ هوائون ۽ اُکيڙي ڇڏيندڙ طوفان لڳن ٿا. ان موسم ۽ حالت ۾ هي مرد مجاهد ـــ يعني پيءُ بنجڻ وارو ”نر پينگئن“ اُڀ پيرو ٻه مهينا بيٺو رهي ٿو ۽ مادي صاحبه سمنڊ ڏي هلي وڃي ٿي جيڪا ٻن مهينن بعد کاڌي سان گڏ موٽي ٿي جيڪو اها اوڳر (regurgitate) ڪري ٿي يا ڪجهه چهنب ۾ کڻي اچي آني مان ڦٽل ٻچن کي کارائي ٿي. نر صاحب ماديءَ جي اچڻ سان، شڪار جي سيشن تي سمنڊ جو رخ رکي ٿو ۽ پوءِ سندس غير حاضريءَ ۾ ٻچن جي سنڀال جي سموري ذميواري ماءُ تي ٿئي ٿي. جڏهن ٻچا ڪجهه وڏا ٿين ٿا ته انهن کي ٻين جي ٻچن سان گڏ گروپ جي شڪل ۾ سمنڊ ڏي روانو ڪيو وڃي ٿو ته وڃي پاڻ پيٽ گذر ڪن.
    پينگئن جي چمڙيءَ جو مٿيون تهه هزارين ننڍڙن ۽ سخت کنڀن جو ٿئي ٿو. انهن کنڀن جي وچ ۾ ڦاٿل هوا Insulation جو ڪم ڏئي ٿي. سال ۾ هڪ دفعو نانگ وانگر پينگئن پنهنجي جسم جي کل(Skin) ڇاڻي ٿي ۽ ٻي نئين کل ڄمي ٿي. پينگئن جا پراڻا کنڀ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ڪرندا آهن ۽ انهي ئي وقت انهن جاين تي نوان کنڀ ايندا ويندا آهن. هن ڪم ۾ ٽي هفتا لڳيو وڃن جنهن دوران پينگئن نه ڪجهه کائيندي آهي ۽ نه سمنڊ ۾ ترندي آهي.
    پينگئن کي پنهنجن ٻچن سان نه فقط پيار ٿئي ٿو پر اهي هن لاءِ وندر جو به سبب ٿين ٿا. جتي چوڌاري رڳو ٿڌ ۽ برف جون ڇپون هجن اتي هر هڪ لاءِ پنهنجو ٻار ئي سڀ ڪجهه آهي. ڪنهن جو ٻچو مري وڃڻ تي هوءَ ٻئي جو ٻار چوري ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪري ٿي پر ڪامياب نٿي ٿئي جو ڀر ۾ بيٺل ٻيون پينگئنون غير حاضر ماءُ پاران ”چور پينگئن“ جا ڄنڊا پٽيو رکن.
    پينگئن پکين کي لڳي ٿو ته انسان ذات کان ڊپ نٿو رهي جو هو آيل سياحن ۽ کوجنا ڪندڙ سائنسدانن ڀرسان آرام سان گذريو وڃن. ان لاءِ اهو ئي چيو وڃي ٿو ته هنن کي ڪناري (زمين) تي ڪو به جانور ماري نٿو. کين مارڻ وارا شڪاري سڀ جانور سمنڊ اندر ئي آهن. شروع جي ڏينهن ۾ جڏهن انجڻ ايجاد نه ٿي هئي ۽ ماڻهو ”ڪتي گاڏين“ (Sledges) ۾ ڏکڻ قطب جي هنن برفاني علائقن ۾ سياحت ۽ کوجنا لاءِ ايندا هئا ته پوءِ ڪتن کي ڇڏيو ويندو هو ته پنهنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ پاڻ ئي هڪ ٻن پينگئن کي چيري ڦاڙي کائين. پر هاڻ هن ائنٽارڪٽا واري سموري علائقي ۾ پاڻ سان ڪتو آڻڻ تي پابندي لڳل آهي. ۽ سياحن ۽ سائنسدانن کي اهو به چيل آهي ته هو پينگئن کان نو فوٽ پري رهن، جيڪڏهن ڪا پينگئن پاڻهي هلي اچي ويجھو بيهي ته پوءِ هن کي هڪلجي هرگز نه. ڇو جو سائنسدانن اهو نوٽ ڪيو آهي ته هن پکيءَ جي اڳيان جڏهن ڪو ويجهو بيهي ٿو ته اهو نروس ٿيو وڃي.
    هونءَ عام طرح دنيا ۾ هي پکي (پينگئن) سندن اڀو ٿي بيهڻ، لڏي هلڻ ۽ انسان ذات کان خوف نه کائڻ کان مشهور آهن. پينگئن (Penguins) جو نالو ڪيترن ئي ڳالهين ۽ شين ۾ استعمال ٿئي ٿو. پينگئن نالي پبلشرس جن جي ڪتابن کان ته هر پڙهندڙ واقف هوندو. پينگئن بابت ڪيترائي ڪتاب، فلمون، ڪارٽون ۽ ٽي وي سيريز فلمون آهن. مزاحيه ڪارٽون فلم جنهن ۾ ”چِلي ولي“ Chilly Willy نالي هڪ مزاحيه ڪردار پينگئن جو آهي جنهن کي الاسڪا (اتر قطب جي شهر) جو رهاڪو ڏيکاريو ويو آهي جيتوڻيڪ حقيقت ۾ الاسڪا، آئس لئنڊ ۽ گرين لئنڊ (اتر قطب) ڏي پينگئن جو وجود ئي ناهي. پينگئن جو هي ڪردار (Character) پال جي سمٿ نالي آرٽسٽ 1953ع ۾ تخليق ڪيو ۽ اڄ دنيا ۾ ڪاٺڪٺي Woody Wood Pecker بعد ٻئي نمبر تي مشهور آهي.
    هن پکيءَ تي ڪيتريون ئي فيچر فلمون پڻ ٺهيل آهن جيئن ته:
    Happy Feet
    Surf’s Up
    The Penguins of Madagascar
    March of the Penguins
    وغيره ان کان علاوه ٻارن جا ڪتاب:
    Mr Popper’s Penguins
    Farce of the Penguins وغيره
    جيئن اسان وٽ شاهين، شهباز، عقاب پکين نالي ڪرڪيٽ، فٽ بال يا هاڪي ٽيمون آهن تيئن آمريڪا پاسي ڪيترن ئي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي رانديگرن جي ٽيمن جا نالا پينگئن پٺيان آهن، جيئن ته:
    Pittsburgh Penguins
    Youngstown state Penguins وغيره


    چليءَ جا شهر پُنتا آريناس ۽ سانتياگو

    ڪجهه به هجي ”پاناما ليڪس“ اسڪئنڊل ڪري اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي وچ آمريڪا جي هن ڏورانهين ملڪ پاناما جي ڄاڻ ٿي وئي. ٻيو نه ته ايترو ته هي ملڪ USA وٽ آهي. ننڍڙو ملڪ آهي جنهن جو گذر سفر ملڪ مان لنگهندڙ پاناما ڪئنال جي ڪمائي ۽ آف شور ڪمپنين جهڙين ٺڳين تي هلي ٿو جن ۾ دنيا جا چور سياستدان، حاڪم، ڌاڙيل، ٺڳ واپاري قانوني يا غير قانوني طرح حاصل ڪيل پئسو لڳائي پنهنجي ملڪ کي ٽئڪس جو فائدو ڏيڻ کان گريز ڪن ٿا.
    جيستائين پاناما ملڪ بابت معلومات جي ڳالهه آهي ته اهو ڪٿي آهي، اسان ان لاءِ اهو کڻي چئون ته ماڻهن کي ان جي ۽ ان جي ڀر وارن ملڪن: نڪراگئا، ميڪسيڪو ۽ وينزوئلا جهڙن ملڪن جي به ڄاڻ هوندي .... ويندي مالي (Mali) جهڙي آفريڪا جي تاريخي ملڪ جي به خبر هوندي جنهن جي گاديءَ وارو شهر باماڪو ۽ ڪبارا بندرگاهه ڀرسان (8 ڪلوميٽرن جي فاصلي) واري شهر ٽمبڪٽو کان ته واقف هوندائي هوندا پر مالديپ ٻيٽن جي گادي واري شهر (ٻيٽ) مالي (Male) بابت به ڄاڻ کڻي هجي.... عام ماڻهن کي نه ته جاگرافيءَ جي شاگردن ۽ جهاز هلائڻ وارن کي ته ضرور ڄاڻ هوندي. پر هتي دنيا جي هڪ اهم ترين شهر ۽ بندرگاهه پنتا آريناس(Punta Arenas) جي ڳالهه ٿو ڪريان ته اڄ جي دؤر ۾ جڏهن ڪمپيوٽر، ٽي وي چئنلن ۽ انٽرنيٽ دنيا کي ملائي هڪ ڳوٺ بنائي ڇڏيو آهي اتي ڪيترا آهن جن کي اها ڄاڻ آهي ته دنيا جي گولي تي اهو ڪٿي آهي؟ آئون سمجھان ٿو ته ڪيترن ان خوبصورت شهر Punta Arenas جو نالو به نه ٻڌو هوندو جيڪو ڏکڻ طرف دنيا جي بلڪل ڇيڙي تي آهي جيئن اتر طرف فنلئنڊ، سئيڊن ۽ ناروي جي پوڇڙ وٽ مرمانسڪ يا هئمر فيسٽ بندرگاهه آهن. پر اهي ائين آهن جيئن گرميءَ جي موسم ۾ گھوٽڪي ۽ جيڪب آباد پاسي جا ويران ڳوٺ اوٻاوڙو يا مٺڙائو! ڏکڻ پاسي وارو پنتا اريناس ائين آهي جيئن رونق ڀريو جيسلمير يا بيڪانير. مون ڪيترن جهازن سان واسطو رکندڙ شاگردن کان به پڇيو هوندو پر شايد ئي ڪنهن ان بابت ٻڌو هوندو سواءِ چند انهن جي جن جو ٽئنڪر جهازن تي رهڻ ڪري برازيل يا ارجنٽائين جي ڇيڙي وارن بندرگاهن ۾ اچڻ ٿيو هجي ۽ اتان هنن جو اوچتو پروگرام چلي ملڪ جي ڏاکڻن بندرگاهن ۾ ٿيو هجي ۽ هنن کي مجبورن پاناما ڪئنال مان ٽپي وڃڻ بدران مئگيلان واري ڳچي سمنڊ مان لنگهڻو پيو هجي. ان صورت ۾ ان جهاز جو نه فقط پُنتا اريناس بندرگاهه وٽان لنگهه ٿئي ٿو پر هن بندرگاهه ۾ لنگر به ڪيرائين ٿا جو ڊيوٽي فري هجڻ ڪري هر جهاز جو مالڪ چاهي ٿو ته هنن ڏاکئي سمنڊ (Cape of Horn) ۾ اچڻ جو جڏهن ڦاهو کاڌو ويو آهي ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ جهاز ۽ جهاز هلائڻ وارن جي لاءِ اڳتي جي سفر لاءِ تيل پاڻي ۽ راشن وٺي ڇو نه پئسو بچائجي. هونءَ چلي ملڪ جي هن بندرگاهه پنتا اريناس ۾ ڪا رهائش يا کاڌو پيتو سستو نه آهي پر جهاز وارن کي هر شيءِ ڊيوٽي فري (ٽئڪس فري) ملي ٿي جيئن اسپين جي ٻيٽ لاس پاماس يا سنگاپور جهڙن بندرگاهن ۾ ان قسم جي سهولت رکي وئي آهي. اهو انڪري ته جيئن جهاز ان بندرگاهه ۾ اچن ۽ ان جا ماڻهو يا مسافر گهمڻ لاءِ جهاز ڇڏي هيٺ لهن ته انهن مان ڪمائي ٿي سگهي. هي سسٽم ائين آهي جيئن نوري آباد جهڙن بس اسٽاپن تي جتي ڪيتريون ئي هوٽلون آهن، هر هوٽل وارو بس جي ڊرائيور ۽ ان جي ڪنڊڪٽر کي ماني مفت کارائي ٿو جيئن بس ڊرائيور ان هوٽل اڳيان اچي بس بيهاري ۽ سڀ مسافر ان هوٽل تان چانهه يا ماني کائي ان جي ڪمائي ڪن. اهو ڪم مون سعودي عرب جي شهر ينبو کان بس ۾ جدي ايندي به ڏٺو جتي رستي تي اسانجي ملڪ جي پٺاڻن ۽ پنجابين جون هوٽلون آهن.
    بهرحال هي سڄو قصو بيان ڪرڻ مان منهنجو مقصد اهو آهي ته توهان کي محسوس ٿئي ته پنتا اريناس ڪو بئنڪاڪ يا دبئي ناهي جنهن کان اسان جو هر شوقين وڏيرو، سياستدان، ڪامورو ۽ عام مرد توڙي عورتون واقف هجن. پنتا اريناس هڪ بيحد ڏورانهون بندرگاهه آهي جنهن کان ان تر يعني ڪئناڊا، آمريڪا (USA) جا به گهڻا ماڻهو واقف نه آهن ۽ ڇا ته اتي جي ظالم موسم آهي جو اونهاري جي نومبر ۽ ڊسمبر جهڙن سخت گرم مهينن ۾ به ٿڌ جو پڌ چار کن ڊگريون رهي ٿو جيڪا اسان وٽ سکر، لاڙڪاڻي ۾ سياري ۾ ٿئي ٿو.
    هتي هڪ دفعو وري لکندو هلان ته دنيا جي مٿين اڌ گول يعني اتر اڌ گول ۾ جتي اسان رهون ٿا (يا روس، جپان، چين انگلنڊ جهڙا ملڪ آهن) جڏهن نومبر ۽ ڊسمبر جهڙن مهينن ۾ سيارو آهي ته دنيا جي هيٺين اڌ گول ۾ ان وقت اونهارو ٿئي ٿو.... يعني برازيل پيرو، زائر، تنزانيا، ڪانگو، آسٽريليا جهڙن ملڪن ۾ سخت گرمي ٿئي ٿي. پر اڃان گهڻو هيٺ ڏکڻ ۾ وڃبو يعني ڏکڻ آسٽريليا، نيوزيلئنڊ ڏي ته اتي اونهاري جي انهن مهينن ۾ به ٿڌ رهي ٿي جو اهي علائقا ڏکڻ قطب جي ويجھو آهن ۽ هاڻ اندازو لڳايو ته چلي ملڪ جي پنتا اريناس ۾ ڇا سردي هوندي جيڪو نيوزيلئنڊ کان به گهڻو گهڻو هيٺ ڏکڻ ۾ آهي. ۽ ساڳي وقت جڏهن مئي، جون، جولاءِ ۽ آگسٽ وارا مهينا سان وٽ اونهارو آهي ته ڏکڻ اڌ گول ۾ سيارو ٿئي ٿو ۽ پنتا اريناس جهڙي بندرگاهه ۾ ٿڌ جو پڌ منفي 20 کان 30 به ٿيو وڃي. هيءَ ٿڌ ريفريجريٽر جي مٿين فريزر واري خاني جي آهي جنهن ۾ مڇي يا گوشت به پٿر ٿيو وڃي. ان کان علاوه پنتا اريناس خط استوا کان ايترو ته پري آهي جو اونهاري ۾ رات ڪا ٻه ڪلاڪ به مس ٿئي ٿي ۽ سياري ۾ ايترو وقت ڏينهن ٿئي ٿو. جيئن هن سال (2016ع) ۾ جون ۾ رمضان ٿيڻ ڪري پُنتا اريناس جي مسلمانن ٻن ڪلاڪن جو روزو رکيو ۽ مٿي اتر اڌ گول ۾ ناروي، سئيڊن، اتر ڪئناڊا پاسي ڏينهن وڏو هجڻ ڪري 22 ڪلاڪن جو روزو ٿيو. هنن رات جو ڏهين يارهين بجي ڌاري روزو افطار ڪري ڪلاڪ ٻن بعد 2 بجي ڌاري سحري ڪئي.
    بهرحال پنتا اريناس شهر بيحد ڏورانهون ۽ دنيا جي بلڪل ڇيڙي وارو شهر آهي جيئن سمجھو ته پاڪستان جيڪو مٿان چين ۽ افغانستان کان شروع ٿي هيٺ ڏکڻ ۾ آخري شهر ڪراچيءَ تائين آهي. ۽ ڪراچيءَ جو به آخر وارو ڇيڙو ڏسجي ته ڪياماڙي آهي. سو چلي ملڪ جو هي شهر پنتا اريناس نه فقط چلي ملڪ جي پر دنيا جي ڏکڻ اڌ گول جي ڪياماڙي آهي.
    چليءَ جي نقشي تي جي نظر وجھندائو ته دنيا ۾ هي هڪ عجيب ملڪ آهي جيڪو ويڪر ۾ ته ڪجهه ناهي ڊيگهه ۾ ائين آهي جهڙي ڊگهي لٺ. اهڙن ملڪن ۾ انتظاميا ۽ ان جي عوام لاءِ جيڪي مسئلا ٿين ٿا ان جو احساس اسان کي سئيڊن ۾ تعليم دوران ٿيو. سئيڊن ۽ ناروي به چڱا خاصا ڊگها ملڪ آهن جن جي ڏکڻ کان اتر تائين ڊيگهه 1580 ڪلوميٽر آهي. اسان جي يونيورسٽي سئيڊن جي بلڪل ڏاکڻي ڇيڙي تي مالمو شهر ۾ هئي جيئن ڪراچي پاڪستان جو ڏاکڻي ڇيڙي وارو شهر آهي. اهو به شڪر جو سئيدن جي گاديءَ وارو شهر اسٽاڪهوم پاڪستان جي اسلام آباد وانگر گهڻو اتر ۾ ناهي. تقريبن وچ ۾ 620 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي. سئيڊن ۾ بسين يا ريل گاڏين جو وڏو ڀاڙو هجڻ ڪري اسان کي پنهنجو پاسپورٽ renew ڪرائڻ جهڙن ڪمن لاءِ اهو سفر به مهانگو پيو ٿي ۽ ائين ته ٿي نٿو سگهي ته دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ اسانجي ايمبسي ڪم جو جلد اڪلاء ڪري. اسٽاڪهوم ۾ پنهنجي خرچ تي هڪ يا ٻه ڏينهن هوٽل ۾ رهڻ جو به وڏو خرچ ٿو ٿئي جو سئيدن تمام مهانگو ملڪ آهي. بهرحال اهو به سٺو جو اسان واري شهر مالمو (جيڪو ڪراچي يا ڪياماڙيءَ وانگر سمنڊ جي ڪناري تي آهي) کان سڏ پنڌ تي ڊئنمارڪ جو بندرگاهه ۽ گاديءَ وارو شهر ڪوپن هيگن آهي (جيئن ڪراچيءَ کان منهوڙو آهي). سو اسان فيري (موٽر بوٽ، لانچ) ۾ چڙهي ڪوپن هيگن جي پاڪسيتان ايمبسي ۾ پنهنجو پاسپورٽ ڏئي اڌ مُني ڪلاڪ بعد موٽي ايندا هئاسين ۽ پوءِ ٻن ٽن ڏينهن بعد کڻي ايندا هئاسين. هاڻ ته فيري ذريعي وڃڻ جي به ضرورت ناهي جو مالمو ۽ ڪوپن هيگن جي وچ واري سمنڊ مٿان پل ٺهي وئي آهي. بهرحال منهنجو مطلب آهي ته ڊگهن ملڪن ۾ هڪ کان ٻئي هنڌ تائين سفر ڪرڻ جو مسئلو رهي ٿو. ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين به ايترو ئي مفاصلو آهي جيترو مالمو کان اسٽاڪهوم ـــ يعني 620 ڪلوميٽر. ڪنهن ڪراچيءَ جي رهاڪوءَ جي جيڪب آباد يا ڪشمور بدلي ٿي ٿئي ته دانهون ٿو ڪري ته موڪلن ۾ گهر ايندي منهنجو اڌ ڏينهن سفر ۾ ٿو گذري. اها ئي شڪايت اسلام آباد ۾ نوڪري ڪندڙ ڪن ٿا. ڪراچي کان اسلام آباد باءِ ايئر 1468 ڪلوميٽر آهي ۽ سڀ ته وڏين نوڪرين وارا آفيسر ناهن. غريب ماڻهو بس يا ٽرين رستي سفر ڪن ٿا جيڪو 1800 کن ڪلوميٽر ٿيو وڃي ۽ سندن ڏينهن ٻه سفر ۾ گذريو وڃي ۽ ڀاڙا الڳ. اسان جي ملڪ ۾ گهٽ ڀاڙا آهن ته به ڪمائيءَ جي حساب سان ته تمام وڏا آهن. اسان وٽ ايشيا جي ملڪن ۾ ڏکڻ هندستان جي پڇڙي واري شهر ڪنيا ڪماري ۽ ڀرپاسي وارن کي گهڻي تڪليف رسي ٿي جڏهن هو 2800 ڪلوميٽرن جو سفر ڪري سندن گادي واري شهر دهلي ۾ پهچن ٿا.
    چلي ڏٺو وڃي ته پاڪستان جيڏو ملڪ آهي بلڪه پاڪستان کان به ڪجهه ننڍو آهي، وڏو ناهي. ڇو جو پاڪستان جي ايراضي اٺ لک چورس ڪلوميٽر آهي ۽ چليءَ جي ساڍا ست لک چورس ڪلوميٽر. پر ڏسڻ ۾ چلي تمام وڏو ملڪ لڳي ٿو جو پاڪستان ته دنيا جي ٻين ملڪن وانگر جيڪڏهن اتر ۽ ڏکڻ طرف ڊگهو آهي ته اوڀر ۽ اولهه طرف ويڪرو به آهي. ناروي ۽ سئيڊن جهڙا ملڪ کڻي گهڻو ڊگها لڳن ٿا پر اهي به چليءَ جي مقابلي ۾ اهڙا اڀ ڪاٺيءَ جهڙا نه آهن. ناروي ۽ سئيڊن جي ويڪر به ڪافي آهي. پر چلي هڪ نانگ وانگر لڳي ٿو جيڪو ارجنٽائنا ۽ بوليويا جهڙي وڻ سان پاڙن کان مٿي تائين چهٽو پيو آهي. چلي ڊيگهه ۾ ـــ يعني اتر کان ڏکڻ تائين 4300 ڪلوميٽر آهي پر ويڪر ۾ ڪٿي ڏيڍ سؤ ڪلوميٽر آهي ته ڪٿي ٻه سؤ. ڪن هنڌن تي سندس وڌ ۾ وڌ ويڪر 350 ڪلوميٽر آهي. اهو به سٺو جو سندس گاديءَ وارو شهر سنتياگو وچ تي آهي جيئن پنتا اريناس ڏکڻ ۾ آهي، کان 2200 ڪلوميٽرن جو فاصلو ٿئي ٿو.
    چليءَ جي اتر واري علائقي ۾ بيابان ۽ رڻ پٽ آهن ۽ ڏاکڻي حصي ۾ سخت سيءُ آهي ۽ ملڪ جو ٽيون حصو يعني اوڀر ۾ بارڊر واري سڄي پٽي جبل ئي جبل آهن جن کي Andes سڏجي ٿو. انهن جي پٺيان ارجنٽائنا ۽ بوليويا ملڪ آهن. چلي جو اولهه وارو سڄو حصو پئسفڪ سمنڊ کي ڇهي ٿو ۽ مٿان کان هيٺ تائين انيڪ ننڍا وڏا بندرگاهه آهن. بهرحال چليءَ ۾ رهڻ کان هرڪو ڪيٻائي ٿو ۽ اسان جي ملڪ جيڏي پکيڙ هوندي به آدمشماري ٻن ڪروڙن کان به گهٽ اٿس آمريڪا کنڊ جي ڳولا کان اڳ چليءَ ۾ مڪاني ريڊ انڊين جي سلطنت هئي جيڪي Incas سڏجن ٿا. ڪولمبس 1492 ۾ آمريڪا کنڊ تي پهچڻ جو رستو ڳولي لڌو جنهن بعد يورپي قومن ـــ خاص طرح اسپيني ۽ پورچوگالين جي ڦرلٽ لاءِ هن پاسي ڊوڙ شروع ٿي وئي. سن 1541 ۾ پيڊرو ڊي ول ديويا (Pedro de Valdivia) سنتياگو ڳولي لڌو ۽ ٻن دفعن جي ناڪاميءَ بعد ٽئين دفعي مقامي ماڻهن مٿان قبضو ڪري ويو. پاڻ اسپين طرفان گورنر ٿي رهيو ۽ ٽن صدين بعد 1818 ۾ چليءَ کي اسپين طرفان خودمختياري ملي.
    چليءَ جي کاڻين ۾ 2010 ۾ سرنگهه ڊهڻ جو مشهور حادثو ٿيو هو جنهن ڪري کوٽائي وارا 33 همراه ان ۾ دٻجي ويا هئا. هونءَ ته جيڏو وڏو حادثو ٿيو هو، هڪ جي به بچڻ جي اميد نه هئي پر ملڪ جو وزير اعظم ۽ اعليٰ آفيسر ان هنڌ ڪئمپ هڻي ويهي رهيا. اتي جي انجنيئرن دماغ هلائي ان کاڻ ڏي هيٺ سوراخ ڊرل ڪيو جنهن ذريعي هيٺ ڦاٿل ماڻهن کي هوا، کاڌو پيتو ۽ ٽارچون مهيا ڪندا رهيا. ايتري قدر جو کين سندن دوستن ۽ مائٽن جا خط به پهچائيندا رهيا ته جيئن هنن کي دلجاءِ رهي. تيسين مٿان کوٽائي ڪندا رهيا ۽ ٻه مهينا ڏهه ڏينهن جي کوٽائيءَ بعد هڪ هڪ ڪري سڀني کي ڪڍيو ويو. سڀ صحيح سلامت نڪتا ۽ سڀني کي قومي هيرو جو درجو ڏنو ويو. دنيا جي ڪيترن ملڪن جي ماڻهن مڃيو ته ان ۾ ملڪ جي صدر/ وزيراعظم کي به ڪريڊٽ ڏيڻ کپي جيڪو گهر ٻار ڇڏي اچي سائيٽ واري هنڌ تي ويهي رهيو ۽ واقعي ملڪ جا اعليٰ حاڪم ائين قرباني نه ڏين ها ته ڪو به دل سان ڪم نه ڪري ها ۽ جانيون بچي نه سگهن ها. اسان جي ملڪ ۾ جڏهن ڪو وڏو حادثو ٿئي ٿو.... زلزلو اچي ٿو، اسڪول جي ٻه سؤ کان مٿي ٻارن کي ماريو وڃي ٿو، وغيره ۽ جڏهن ملڪ جو حاڪم ههڙي حادثي تي يڪدم پهچي ڪو تدارڪ ڪرڻ بدران هو ولايت جا سئر ڪندو رهي ٿو ته هر هڪ چلي ملڪ جو اهو مٿيون حادثو Quote ڪري ٿو ته آخر اهي به ملڪ آهن جن جي حاڪمن کي پنهنجي عوام لاءِ ڪيڏو خيال آهي.
    چليءَ جي گاديءَ جو شهر سانتياگو آهي. مونکي ملائيشيا وارن جو جهاز سروي ڪرائڻ لاءِ باءِ ايئر سانتياگو اچڻو پيو هو جتان ٻن ڏينهن بعد پنتا اريناس وڃڻو پيو جتي جهاز ترسيل هو جنهن کي سروي ۽ ڪجهه حادثاتي مرمت بعد پئسفڪ سمنڊ لتاڙي هونو لولو (USA) وٽان ٿيندو يوڪوهاما (جپان) ڊراءِ ڊاڪنگ لاءِ وڃڻو هو جنهن بعد جپان ۽ ڪوريا جي ڪجهه بندرگاهن مان ڪارگو کڻي پنهنجي هوم پورٽ پينانگ (ملائيشيا) پهچڻو هو.
    سانتياگو ائين سمجھو ته چلي ملڪ جي ڊگهي پٽيءَ جي وچ تي ساحل سمنڊ کان 520 ميٽر يعني 1700 فٽن جي بلنديءَ تي آهي. گهڻو گهڻو پوءِ انڊيا جي شهر پوني ويندي رستي تي لوناوالا ۽ کنڊالا ۾ ترسندي سانتياگو ياد اچي ويو. بلڪل اهڙي موسم ۽ اهڙو ماحول هو. شهر جي ڪيترن ئي هنڌن تان هڪ طرف جبل ته ٻئي پاسي کان سمنڊ (پئسفڪ) نظر آيو ٿي. کنڊالا توڙي پوني ۾ چليءَ جهڙا ڪنهن ڪنهن هنڌ تي جبل ضرور نظر اچن ٿا پر عربي سمنڊ ڪافي پري ممبئيءَ ۾ ڇڏي آيس ان کان علاوه ٻيو فرق آدمشماريءَ جو آهي. ڪراچي، حيدرآباد يا ويندي سکر، لاڙڪاڻي وانگر پوني ۾ به عوام ڄڻ شهر جا بخا کولي ٿو نڪري پر سانتياگو ۾ چليءَ جي سڀني شهرن کان گهڻي آدمشماري هجڻ جي باوجود محسوس ئي نٿو ٿئي. ڪن ڪن علائقن ۾ ته ڄڻ راڪاس سونگهي ويو هجي. بهرحال پکيڙ ۾ ڪراچيءَ کان وڏو شهر هجڻ جي باوجود آدمشماري ڪراچيءَ جي چوٿين حصي جيتري مس اٿس يعني 60 لک آهي. ڪراچيءَ جي وچ مان ته ڪو درياهه نٿو وهي پر پوني شهر جي وچ مان وهندڙ مُٺا (Mutha) ۽ مُولا (Mula) نديون سانتياگو شهر جي وچ مان تيز رفتاريءَ سان وهندڙ ماپوچو (Mapocho) نديءَ جي ضرور ياد ڏيارينديون هيون جن جي ٻنهي ڪپرن تي ڇا ته وڻ وڻڪار ۽ گل گلڪاريون هيون.
    سانتياگو جي جنهن هوٽل ۾ منهنجي رهائش هئي ۽ ”چيڪ ان“ لاءِ ان جي رسيپشن لابيءَ ۾ اچي ويٺس اتي منهنجي ملاقات هڪ سک ”سوران سنگهه“ (Swarn Singh Kahlon) سان ٿي. هو ڪجهه ڏينهن هن شهر ۾ رهي هاڻ برازيل وڃي رهيو هو. هن کي ايئرپورٽ وڃڻ لاءِ ٽئڪسيءَ جو انتظار هو. هو هن ملڪ (چلي) جي اتراهين شهر عقيق(Iquique) ۾ پڻ هفتو کن رهي آيو هو. مونکي صلاح ڏنائين ته جيئن ته مونکي چليءَ جي ويزا آهي ته پوءِ هن ملڪ جو اهو اتراهون شهر به ضرور گهمندو وڃان جنهن ۾ ۽ چليءَ جي ڏاکڻي شهر پُنتا اريناس جي ماڻهن ۽ ڪلچر ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. آئون پنهنجي منهن کلندو رهيس ته هي شايد مونکي سيٺ يا جهازن جو مالڪ ٿو سمجھي. پنتا اريناس ان ڪري پيو وڃان جو ڪمپنيءَ جو ڪم آهي جنهن لاءِ هنن ٽڪيٽ ۽ رهائش جو خرچ ڏنو آهي. اڃان به ملائيشيا جي ”جوهور بارو“ شهر ۾ هجان ۽ ڪو سنگاپور وڃڻ جي صلاح ڏئي ته پوءِ خوشيءَ سان هليو وڃان جو جوهور بارو ۽ سنگاپور جي وچ ۾ فقط سمنڊ جي پٽي آهي جنهن مٿان ٺهيل ڪازي وي (پل) کي ٽپڻ لاءِ بس واري کي پنهنجي کيسي مان ڏيڍ ڊالر ڏئي وڃي سگهجي ٿو يا ڪوپن هيگن شهر کان مالمو به پنهنجي خرچ تي وڃي سگهجي ٿو جو اهي بندرگاهه جيتوڻيڪ مختلف ملڪن جا آهن پر سندن جاگرافيائي پوزيشن يعني سندن بيهڪ ۽ وچ ۾ فاصلو دادو ۽ موري کان به گهٽ .... حيدرآباد کان ڪوٽڙي جيترو آهي. پر چلي جو هي اتراهون شهر عقيق هن شهر سانتياگو کان ايترو ئي پري آهي جيترو سانتياگو کان ڏکڻ ۾ ڇيڙي وارو شهر پنتا اريناس. سو هتان پنهنجي خرچ تي عقيق وڃي پوءِ پُنتا اريناس وڃان ان کان ڇو نه موڪلن ۾ ڪراچيءَ کان تهران وڃان، ان بعد ڪراچي کان ممبئي ۽ ان بعد ڪراچي کان بئنڪاڪ وڃان ته به ڀاڙو گهٽ اچي. چلي جي شهر عقيق کان پنتا اريناس 4200 ڪلوميٽر آهي. اهو فاصلو جرمنيءَ کان نائيجيريا تائين آهي. يعني جرمني کان نڪرجي ته جرمني بعد آسٽريا، ان بعد اٽلي لتاڙي، ان بعد ميڊيٽرينين سمنڊ ڪراس ڪري پوءِ ٽيونيشيا ۽ الجيريا لتاڙڻ بعد نائيجر ملڪ لنگهي نائيجيريا پهچجي. يا کڻي چئجي ته اهو فاصلو لنڊن مان نڪرجي ته فرانس ۽ اسپين جا ملڪ لتاڙي، ميڊيٽرينين سمنڊ ٽپي آفريڪا جا ملڪ موراڪو، آلجيريا ۽ مالي لتاڙي برڪانو فاسو ملڪ تائين پهچجي ته ان جيترو ٿيندو!
    سردار سوران سنگهه ٻڌايو ته هو سکن بابت ڪتاب لکي رهيو آهي جيڪي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهن ٿا. پاڻ مونکان ڏهه سال کن وڏو هو ۽ هن وقت 82 سالن جو هوندو. پاڻ آمريڪا جي پينسلوانيا يونيورسٽيءَ مان انجنيئرنگ ۾ M.Sc ۽ ڪم جو تجربو حاصل ڪرڻ بعد 1962 ۾ انڊيا اچي انگلنڊ جي ICI (امپيريل ڪيميڪل انڊسٽريز) ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪرڻ بعد هڪ ٻي ڪمپنيءَ ۾ CEO جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو جنهن ۾ هن 1993ع کان پنهنجي حصيداري به رکي. اڄ ڪلهه ان ڪاروبار کي سندس پٽ گرتاج سنگهه ممبئي مان هلائي ٿو.
    سوران سنگهه ٻڌايو ته فقط ڪجهه سال اڳ، 45 سالن جي غير حاضري بعد، پاڻ ۽ سندس زال لِوِلِين پنهنجي اباڻي شهر چندي ڳڙهه اچي رهائش اختيار ڪئي آهي. سندن ڌيءَ مِنيءَ آمريڪا مان ”نيورو سائنس“ ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪئي آهي ۽ سئن فرانسسڪو ۾ رهي ٿي. سندس زال ممبئي ۽ ڪلڪتي ۾ پڙهائيندي رهي. سندس آخري نوڪري ”آمريڪن اسڪول بامبي“ ۾ هئي. سوران سنگهه کي گولف کيڏڻ کان علاوه دنيا گهمڻ جو شوق آهي. هينئر به هو سکن بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ارجنٽائين، بوليويا ۽ پيرو مان ٿيندو آيو آهي ۽ هاڻ برازيل روانو ٿي رهيو آهي.
    برازيل اهو ملڪ آهي جنهن ۾ جپان بعد سڀ کان گهڻا جپاني رهن ٿا. هو اڄ کان سؤ ڏيڍ سؤ سال اڳ پاڻيءَ جا جهاز ڀري هتي اچي رهيا هئا. هونءَ به پئسفڪ سمنڊ کان ته هنن لاءِ برازيل سامهون جو ئي ملڪ ٿيو.
    چليءَ جي سانتياگو ۽ پُنتا اريناس شهرن جي گهٽ آدمشماري ڏسي دل ۾ ائين ئي ڀٽڪندڙ خيال آيو ٿي ته جڏهن جپان جا ماڻهو روزگار ۽ ڪشادي رهائش خاطر جپان ڇڏي برازيل کان اچي نڪتا ته جيڪر ان دؤر ۾ (جڏهن نه پاسپورٽن جا خفا هئا ۽ نه ويزائن جو فئشن) جيڪڏهن ننڍي کنڊ جا به ڪجهه ماڻهو اچي چلي، بوليويا ۽ ارجنٽائين جهڙا ملڪ وسائين ها.


    چليءَ ۾ آباد سنڌي واپاري

    چلي ملڪ جي گاديءَ واري شهر سانتياگو ۽ سندس ڏاکڻي بندرگاهه پنتا اريناس ۾ اچڻ کان اڳ مون اهو پئي سوچيو ته اسان جي ننڍي کنڊ جي آدم شماري جي گهڻي هئي ته جيئن جپان جا ماڻهو برازيل ۾ لڏي اچي رهيا تيئن ننڍي کنڊ جا ماڻهو ههڙن پٽن تي هليا اچن ها. پر ڳالهه اها آهي ته ان زماني ۾ يعني اڄ کان سؤ ڏيڍ سؤ سال اڳ ڪنهن کي خبر هئي چلي يا پاناما جهڙن ملڪن جي ته اهي ڪٿي آهن ۽ ڪيئن آهن؟ آئون ته چوان ٿو ته اڄ به اسان جي ماڻهن کي ان بابت ڪٿي آهي ڄاڻ؟ سانتياگو ته کڻي وڏو شهر آهي ۽ چليءَ جي گاديءَ جو هنڌ هجڻ ڪري معلوم هجي . سڄي دنيا ۾ ڦرڻ جي باوجود ڪيترا جهازي (Sailors) آهن جيڪي چليءَ جي اتراهين بندرگاهه عقيق ۽ ڏاکڻي ۽ دنيا جي ڇيڙي واري بندرگاهه ”پُنتا اريناس“ کان واقف آهن؟ ٽڪيٽ هٿ ۾ جھلي پنهنجي ملاڪا جي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ مختلف ملڪن جي جهازن جي ڪئپٽنن کان ”پُنتا اريناس“ بندرگاه جو پڇندو رهيس پر ويهه ويهه سال جهاز هلائڻ وارن مان به ڪو نه ٻڌائي سگهيو! اسان سنڌي ته ڀر واري ضلعي جي ڳوٺن جي نالن کان به اڻ واقف رهون ٿا - اها ڳالهه توهان ڪيترن جي واتان ٻڌي هوندي. پر يارو توهان کي اها به ڪا خبر آهي ته سنڌي ماڻهو واپار خاطر ڪٿان ڪٿان نه وڃي نڪتا. ۽ سڀ کان اڳ! مونکي به اها خبر هن ڏورانهن ڏيهن ۾ پهچي پئي ۽ واپسي تي آئون اهو ئي سوچيندو رهيس ته اڄ جي دؤر ۾ هيڏي وڏي جمبي جهاز ۾ پهچڻ تي به ٻه ڏينهن آئون ٿڪ جي ڳالهه ڪندو رهيس ۽ هيڏي وڏي سفر تي وري اچڻ کان توبهه ڪندو رهيس اتي اڄ کان هڪ صدي ـــ بلڪه ڏيڍ صدي اڳ ان وقت جي پراڻي ٽيڪنالاجي وارن جهازن ۾ جيڪي سنڌي هندو اسانجي ڳوٺ هالا، حيدرآباد يا شڪارپور کان هتي پهتا، بنا ڪنهن شڪ جي وڏي دل وارا چئي سگهجن ٿا! سانتياگو ۾ ”ماريو تارا چند“ مليو جيڪو سنڌي ڪميونٽي بلڪه چليءَ ۾ جيڪي انڊين رهن ٿا انهن ۾ پهريون آهي جنهن ”يونيورسٽي آف چلي“ مان گرئجوئيشن ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته سندس پيءُ ڀائي تاراچند ديوانداس 1920ع ۾ پنتا اريناس آيو هو. انهن ڏينهن ۾ پاناما ڪئنال کلي چڪو هو پر چليءَ جي حڪومت پانتا کي عدن ۽ ڪولمبو وانگر فري پورٽ ٺاهيو ۽ منهنجو پيءُ اڏيري لعل ۽ ڪوٽڙيءَ ۾ بزنيس ختم ڪري هيڏانهن پنهنجو نصيب آزمائڻ لاءِ اچي نڪتو.
    سانتياگو ۽ پنتاس جي ڪيترن سنڌي واپارين اهو ٻڌايو ته چليءَ ۾ جيڪو سڀ کان پهريون انڊين آيو اهو حيدرآباد جو سنڌي هندو ”ڀائي هارومل“ هو. هو پنهنجن ٽن دوستن سان گڏ 1905ع ۾ هتي پهتو. هو گهمڻ خاطر پاڻيءَ جي مسافر جهاز ۾ سئيز ڪئنال ۽ مصر کان ٿيندا جبرالٽر آيا جتان پوءِ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي هسپانوي ٻيٽ لاس پاماس پهتا جتان پوءِ ڏکڻ آمريڪا مان گهمندا ڦرندا ائٽلانٽڪ سمنڊ مان هاڻ پئسفڪ سمنڊ ڏي جپان وڃڻ وارا هئا. انهن ڏينهن ۾ پاناما ڪئنال اڃان نه کوٽيو ويو هو ۽ پاڻيءَ جي جهازن کي ”ڏکڻ آمريڪا“ کنڊ جي هيٺان لنگهڻو پيو ٿي جتي پُنتا اريناس بندرگاهه آهي. هن بندرگاهه ۾ هڪ ڏينهن لاءِ لنگر ڪيرائڻ تي ڀائي هارومل کي هي دنيا جي آخري ڇيڙي وارو بندرگاهه وڻي ويو ۽ هو اڳتي وڃڻ بدران اتي ئي لهي پيو. ڪٿي سنڌ جي گرمي ۽ رڻ پٽ ۽ ڪٿي پنتا اريناس جون برف سان ڍڪيل گهٽيون ۽ ٿڌيون هوائون جن جو پڌ (ٽيمپريچر) منفي 20 ڊگريون ته عام ڳالهه آهي.
    ڀائي هارو مل جو پُنتا اريناس ۾ بزنيس واهه جو ڄمي ويو ۽ اڳتي هلي هن جون پُنتا ۽ چلي جي ٻين شهرن ۾ 17 چين اسٽور ٿيا. 1907ع ۾، يعني جيئن ئي هارومل جو بزنيس ڄمي ويو ته هن پنهنجي مدد لاءِ سنڌ کان ڀائي ”ڀوڄراڄ مل“ گهرايو. اهو طريقو اڄ به سنڌي هندن جو هلندو اچي. مختلف ملڪن جا واپاري پنهنجو واپار وڌڻ تي سنڌ کان (۽ هاڻ الهاس نگر، پوني، گانڌيڌام ۽ دبئيءَ کان) نوجوان سنڌي گهرائي هنن کي سيلزمين لڳائين ٿا ۽ پوءِ هنن جي محنت مطابق هنن کي دڪان جو نائب مئنيجر بنائي رکن ٿا. ڪيترا ته ايڏو محنتي ۽ سٺي طبيعت جا ٿين ٿا جو هو جھٽ ڪاروبار جون اٽڪلون سکي پنهنجو ڪاروبار به شروع ڪن ٿا. هو پنهنجا دڪان کولي پنهنجي مدد لاءِ پنهنجي خاندان يا ڳوٺ جي سنڌي نوجوانن کي گهرائين ٿا.
    1906ع ۾ هڪ ٻي سنڌي ڪمپنيءَ ”جي. ٽي چئنراءِ“ وارن پنهنجي آفريڪي بزنيس جي پُنتا اريناس ۾ برانچ کولي پر ان لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها ڪجهه سالن بعد بند ٿي وئي. 1911ع ڌاري ڀائي هارومل جي ديهانت ٿيڻ بعد هن جي پٽ پُنتا اريناس ۾ رهڻ کان انڪار ڪيو ۽ هو پنهنجي پيءُ جو سڄو ڪاروبار ڀائي ڀوڄراج مل هوتچند نندواڻي کي وڪڻي ويو. ڀوڄراج پنهنجي پتا جي نالي سان ”هوتچند“ ڪمپني ٺاهي جيڪا پوءِ ”نندواڻي هرمانوس“ نالي سان سڏي وئي. هي بزنيس انهن ڏينهن ۾ (يعني جن ڏينهن ۾ آئون پُنتا ۾ هوس ته) ڀوڄراج جو پٽ دوارڪا داس هلائي رهيو هو جنهن پُنتا اريناس ۾ هڪ خوبصورت مندر به ٺهرايو هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن ان مندر جي سونهن ۽ سوڀيا تي ڪافي خرچ ڪيو آهي ۽ دنيا جي هندو برادريءَ کي ان تي فخر آهي ته اهو مندر دنيا جي آخري ڇيڙي تي آهي. هن جا ٻيا پٽ پريمچند ۽ اٽل رام عِقيق ۾ ڪاروبار هلائين ٿا جيڪو چليءَ جو بيحد اتراهون شهر آهي.
    پُنتا اريناس ۾ سنڌ کان ٻيا جيڪي اهم هندو واپاري آيا انهن مان ”نينومل بصرمل“ جو پانتا اريناس ۾ La Princessa نالي ڊپارٽمينٽ اسٽور بيحد مشهور آهي. هن لاءِ چون ٿا ته هن ٻي جنگ عطيم جي ڏينهن ۾ جڏهن سئيز ڪئنال بند رکيو ويو هو، خوب پئسو ڪمايو جو جهازن کي آفريڪا کنڊ کي ڦرڻو پيو ٿي ۽ نينو مل جا آفريڪا جي ڪيترن ئي بندرگاهن ۾ ڪپڙي ۽ تحفن Souveniors جا اسٽور هئا جن تان پاڻيءَ جي جهاز ۾ سير ڪندڙ امير ماڻهو خريداري ڪندا هئا. هو اهي شيون سنڌ، چين ۽ جپان کان گهرائيندو هو.
    چلي ۾ رهندڙ سنڌي هندن جي اها ڳالهه نوٽ ڪيم ته هو اڄ به پنهنجو ڪلچر ۽ ڌرم قائم رکندا اچن. هو پنهنجن مان ئي شادي ڪن ٿا جنهن لاءِ هو پوني يا ممبئي ويندا رهن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو هنن جي ٽين ۽ چوٿين جنريشن به سنڌي ڳالهائي ٿي نه ته ڪيترن فرينچ، پورچوگالي ۽ هسپانوي ٻيٽن تي واپار ڪندڙ سنڌي هندن مڪاني ماڻهن سان شادي ڪرڻ ڪري انهن جو اولاد سنڌي نه برابر ڳالهائي ٿو ان بدران هو اتي جي مقامي ٻولي فرينچ، پورچوگالي ۽ هسپانوي وڌيڪَ ڳالهائين ٿا ۽ انگريزي سکڻ ته هنن لاءِ ضروري آهي جو دنيا جي مختلف ملڪن کان آيل گراهڪ انگريزي ئي ڳالهائين ٿا. سانتياگو ۾ دوارڪاداس نندواڻيءَ جو ناٺي ”ناري ڀوڄواڻي“ جيڪو ٽويوٽا ڊيلرشپ جو ڪم ڪري ٿو تنهن کان جڏهن ڪنهن پڇيو ته توهان جي ذات ڪهڙي آهي ته هن کلندي چيو ته ”چلي ۽ ڀرواري ملڪ ارجنٽائنا ۾ جيڪي به انڊين دڪاندار آهن انهن جي هڪ ئي ذات ’سنڌي‘ آهي.“
    هتي اهو به لکندو هلان ته سنڌي هندن جو چليءَ ۾ فقط اليڪٽرانڪس، ڪپڙي، ڪئميرائن ۽ ڪمپيوٽرن جو بزنيس ناهي پر جايون ۽ پلاٽ وڪڻڻ (Real Estate) ۽ ڪاليج، ٽيوشن سينٽر ۽ ننڍيون ننڍيون يونيورسٽيون هلائڻ پڻ آهي. سانتياگو ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ريسٽورنٽون نظر آيون جن جا ديسي کاڌا مقامي چلي ماڻهن به شوق سان کاڌا ٿي جيئن ته دهلي درٻار، ڪرشنا ليلا، رام سلام، رشتيدار، تاج وغيره.
    ***


    ڏکڻ آمريڪا بابت سنڌي ليکڪن جي راءِ

    سنڌي هندن جي واپاري قابليت جي ڄاڻ ڀائي ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جي ڪتاب ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ مان به پئجي سگهي ٿي. اهو ڪتاب پاڪستان ٿيڻ کان اڳ جو آهي جيڪو ويجھڙائيءَ ۾ ”روشني پبليڪيشن“ طرفان وري ڇپايو ويو آهي. هڪ ٻيو ڪتاب جيڪو ڪلارڊو مارڪووٽس انگريزيءَ ۾ لکيو آهي جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ”سنڌي واپاري“ حسين بادشاهه ڪيو آهي. هن ۾ سنڌي هندن جي واپار جو احوال ڏنل آهي. پر فقط ڀر وارن ملڪن جو. جيئن ته بالي، بورنيو کان سمر قند، بخارا تائين. مصر ۽ جبرالٽر کان شنگھائي ۽ يوڪوهاما تائين. آفريڪا کنڊ جي اوڀر ۽ اولهه ڪناري جي بندرگاهن ۽ يورپ جي شهرن بابت. ڪٿي ڪٿي مختصر طور احوال آهي ڏکڻ آمريڪا جي به ڳالهه ڪئي آهي. جيئن هڪ هنڌ ”ڌنو مل چيلارام چولاڻيءَ“ بابت لکي ٿو ته هي پهريون حيدرآبادي هو جنهن 1860 ۾ اوڀر وارن ملڪن ڏي سفر ڪيو ۽ ساڳي سال ”چينراءِ“ چين ۽ جپان ۾ پنهنجي فرم کولي ۽ بعد ۾ ان جون برانچون آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن ۾ به قائم ڪيون.
    ويجھڙائيءَ ۾ مونکي ديپڪ ڀوڄواڻيءَ جو ڪتاب “Latin America, the Caribbean & India: Promise & Challenge?” پڙهڻ جو موقعو مليو. ديپڪ انڊيا طرفان هن علائقي جو سابق سفير رهي چڪو آهي. هو لکي ٿو ته: ”سنڌي واپاري ڪميونٽي“ ڏکڻ آمريڪا ۽ ڪئريبين ٻيٽن تي سالن کان رهندي اچي. شروعاتي ايندڙن ۾ ”پوهومل“ مشهور آهي جيڪو برطانيا جي راڄ ۾، 1850 ۾ پنهنجو ڳوٺ حيدرآباد ڇڏي پاڻي واري جهاز ذريعي سئيز ڪئنال ۽ مصر مان ٿيندو، ميڊيٽرينين سمنڊ جي مالٽا ٻيٽ (جتي پڻ ڪيترن ئي سنڌي هندن جو واپار آهي) تي ترسندو، ابنِ بطوطا جي ڳوٺ تنج (موراڪو) مان ٿيندو، ائٽلانٽڪ سمنـڊ لتاڙي پاناما جي بالبُوئا شهر پهتو جيڪو هن سنڌيءَ کي واپار جي خيال کان تمام صحيح لڳو. لوڪل حڪومت طرفان هن علائقي کي ڊيوٽي فري رکيو ويو هو. ٽئڪس به تمام گهٽ هو. موسم سنڌ جهڙي هئي پر چوڌاري سمنـڊ ڪري گرمي ۽ گُهٽ گَهٽ هئي، ٽوئرسٽن جو اچڻ وڃڻ وڌي رهيو هو ـــ هڪ هوشيار واپاريءَ کي ٻي ڪهڙي شيءِ جي کوٽ! ۽ هي واقعي ڄمي ويو ـــ پاڻ به ته سندس بزنيس به. هن کي ڏسي حيدرآباد جي ٻين واپارين کي شوق ٿيو ته ايڏانهن ڏوراهين ڏيهه ڏکڻ آمريڪا هٿ پير هڻجي نه ته ان کان اڳ هر سنڌي واپاريءَ جي ڊوڙ بصري بخاري ۽ بالي بورنيو ڏي هئي يا مصر مالٽا ۽ شنگھائي يوڪوهاما ڏي هئي. سائوٿ آمريڪا ڏي ٻيا جيڪي آيا انهن ۾ ڏيالداس مشهور آهي جيڪو ”ڪوراسائو ٻيٽ“ تي آيو جنهن تي بولچند وارن جو واپار اڳهين ڄمي چڪو هو. 1925ع ڌاري ”پرمانند ڪرپلاڻيءَ“ جو ٽرنيڊاڊ ۾، ”ٽيڪم داس کنياتومل“ جو 1928ع ۾ جئميڪا ۾، ”ڇڳاڻي“ وارن جو سينٽ مارٽن ٻيٽ تي ۽ ٻين جو باربادوس، سينٽ ٿامس، پورٽوريڪو جهڙن ٻيٽن تي ڪاروبار ٽاپ تي هو. هنن پهرين ڪپڙو ۽ گفٽ آئٽم امپورٽ ڪيا ان بعد ڳهه ڳٺا Jewellery، واچن ۽ اليڪٽرونڪ جي سامان جو واپار ڪيائون.
    هونءَ سنڌي هندن بابت اسان وٽ اهو مشهور آهي ته هو فقط واپار ڄاڻن ٿا. پر ائين ناهي هو سياست، فلم انڊسٽري، فوج ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ به آهن. هن ڪتاب ”پرامز ائنڊ چئلينج“ جو ليکڪ ديپڪ ڪشنچند ڀوڄواڻي هڪ قابل ڊپلومئٽ ٿي رهيو آهي. پاڻ سائوٿ آمريڪا جي ستن ملڪن جو سفير ٿي رهيو، جهـڙوڪ: ڪولمبيا، وينزوئلا، ڪيوبا، برازيل وغيره. سفير ٿيڻ کان اڳ هن انڊونيشيا، اسپين، ملائشيا ۽ چيڪ ريپبلڪ جي انڊين سفارتخانن ۾ پڻ ڪم ڪيو. هن 2012ع ۾ سٺ سالن جو ٿيڻ تي رٽائرمينٽ اختيار ڪئي. پاڻ اڄڪلهه ڏکڻ آمريڪا ۾ واپار ڪرڻ ۾ رهنمائي ۽ مدد ڪرڻ جي ڪنسلٽنسي هلائي ٿو جنهن جو نالو Latindia آهي.
    انڊيا جي ورهاڱي بعد ديپڪ جو پيءُ ڪشنچند ڪوٽڙي ڇڏي ممبئي آيو هو جتي 1952ع ۾ ديپڪ جو جنم ٿيو. هو ڏکڻ ممبئي جي چرچ گيٽ واري علائقي ۾ رهندا هئا جتي ديپڪ پرائمري تعليم ”سينٽ زنئويئر بئائز اڪيڊمي“ مان ڪئي. پوءِ ايڪانامڪس ۽ ڪامرس 1976ع ۾ ۽ Law جي ڊگري 1979ع ۾ يونيورسٽي آف ممبئيءَ مان حاصل ڪئي. تعليم بعد هن کي پيءُ پنهنجي جويلري جي دڪان تي وهاري ڇڏيو پر هن کي سرڪاري نوڪريءَ جو وڏو شوق هو. 1977ع ۾ انڊيا جي سول سروس جو امتحان ڏنائين جنهن ۾ هن جي بيحد مٿانهين پوزيشن آئي ۽ کيس انڊيا جي فارين سروس لاءِ چونڊيو ويو. ٽريننگ دوران هن فرينچ ٻوليءَ تي عبور حاصل ڪيو. سندس پهرين فارين پوسٽنگ اسپين جي مئڊرڊ شهر ۾ ٿي جتي هن نه فقط هسپانوي ٻولي سکي پر ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن جي ڪلچر بابت ڄاڻ به حاصل ڪئي.
    ديپڪ ڀوڄواڻيءَ جو هي ڪتاب ”پرامز ائنڊ چئلينج“ گذريل سال 2015ع ۾ پينٽاگان پريس طرفان دهلي (انڊيا) ۾ ڇپيو. 212 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 795 انڊين رپيا آهي. هن جي نون بابن مان ڪجهه نيٽ تي به اچي چڪا آهن. هن ڪتاب جو واسطو جيئن ته ڏکڻ آمريڪا جي ماڻهن ۽ اتي جي واپاري سهولتن سان آهي ان ڪري هن ڪتاب جو هسپانوي ۽ پورچوگالي ٻولين ۾ پڻ ترجمو ٿي رهيو آهي جيڪي ڏکڻ ۽ وچ آمريڪا ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون.
    ديپڪ ۽ سندس زال شئلا ڀوڄواڻيءَ کي ٽي ٻار آهن: مِهر، سمير ۽ سحر جيڪي آمريڪا (USA) ۽ ڏکڻ آمريڪا ۾ رهن ٿا. ديپڪ کي سنڌي، هندي ۽ انگريزي کان علاوه فرنيچ، هسپانوي ۽ پورچوگالي ٻوليون به اچن ٿيون. دراصل پاڙيسري ملڪن اسپين ۽ پورچوگال جون ٻوليون هڪ جهڙيون ئي سمجھڻ کپن جيئن هندي ۽ اڙدو آهي. ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جون ٻوليون به هڪ جهڙيون ئي آهن جيئن پنجابي ۽ سرائڪي آهن.
    سنڌي هندن جي سنڌ ڇڏي انڊيا يا ٻين ملڪن ڏي وڃڻ جو دلچسپ احوال ويجھڙائيءَ ۾ ساز اگروال پنهنجي ڪتاب Sindh – Stories from a Vanished Homeland ۾ پڻ لکيو آهي. ساز اگروال جي ماءُ ”سيتو ساور“ ورهاڱي وقت 13 سالن جي هئي جڏهن هن سنڌ ڇڏي بمبئي ۾ قدم رکيو. 65 سالن جي خاموشيءَ بعد ساز پنهنجي ماءُ کان سنڌ جي يادگيرين جو پڇيو. ان کان علاوه ساز ٻين کان به سنڌ جو حال احوال پڇي هي ڪتاب جوڙيو آهي. ڪتاب جي شروعات سيتو جي گفتگو سان ڪئي وئي آهي جيڪا سنڌ بابت ٻڌائي رهي آهي ته سنڌ اهو ديس آهي جتي ٻارن سال جا ٻارهن مهينا لغڙ اڏايا ٿي ڇو جو اتي بمبئي وانگر بارشون نٿي پيون. هن پهريون دفعو ڌوپ ڇٽي (Umbrella) بمبئيءَ ۾ اچي ڏٺي.... وغيره. ساز جي ڪتاب جي رونمائي ”آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس“ وارن ڪراچي لٽريچر فيسٽيول ۾ ڪئي.
    ڏکڻ آمريڪا ـــ خاص ڪري چليءَ جو احوال لکندي هتي جي مشهور شاعر، سفارتڪار ۽ سياستدان پئبلو نرودا بابت ڪجهه نه لکڻ نا انصافي ٿيندو. سندس شاعري جو اڙدو ۽ سنڌي ترجمو اڪثر پاڪستان جي اخبارن ۽ رسالن ۾ نظر اچي ٿو. پئبلو جو اصل نالو ”رڪارڊو اليسر نيفتالي رئيس باسوئالتو“ هو. پورچوگالين جي نالن بابت پنهنجي سئيڊن واري سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته هو ان ۾ پنهنجي پيءُ، ماءُ ۽ ڳوٺ جو نالو به هڻن ٿا. پئبلو نرودا پنهنجو هي قلمي نالو چيڪ ريپبلڪ جي شاعر ”جان نرودا“ کان متاثر ٿي رکيو. پئبلو کي 1971ع ۾ ”ادبي نوبل پرائيز“ مليو.
    پئبلو نرودا 1904ع ۾ ڄائو. ڏهن سالن جو هو ته هن شاعري شروع ڪئي. هن ڪيترن قسمن جي شاعري ڪئي جيئن ته سياسي، تاريخي، عشقيه وغيره. نرودا ”چلي ڪميونسٽ پارٽي“ طرفان سينيٽر به ٿي رهيو. 1948ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ تي بندش لڳڻ بعد نرودا کي گرفتار ڪرڻ لاءِ وارنٽ جاري ڪيو ويو پر کيس دوستن پنهنجي گهرن جي تهه خانن ۾ مهينن جا مهينا رکيو ان بعد موقعو ملڻ تي هن کي ارجنٽائنا ڀڄايو ويو. ڪجهه سالن بعد هو سوشلسٽ صدر ”سالوَ دور“ جو ويجھو صلاحڪار ٿي رهيو. بعد ۾ جڏهن آگسٽو پِنوشي انقلاب آڻي چلي ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي، نرودا ڪئنسر جي تڪليف کان اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتي چون ٿا ته پنوشي جي حڪم تي نرودا کي پيٽ ۾ زهر جي سئي هڻي کيس قتل ڪيو ويو. پنوشي فوجين جي پٺڀرائيءَ سان نرودا جي جنازي تي گڏجڻ تي سخت پابندي وڌي پر تنهن هوندي به پئبلو جا هزارين عاشق اچي گڏ ٿيا.
    پئبلو نرودا جا ڪيترائي مشهور ڪتاب آهن جيڪي انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن. جيئن ته:
    100 Love Sonnets
    20 Love Poems
    World’s End
    The Hands of the Day.
    The Yellow Heart.
    Stones of thy sky.
    The Sea & the Bells.
    On the Blue Shore of Silence.
    پئبلو جون ڪجهه چوڻيون جيڪي تمام گهڻو مشهور آهن:
    You can cut all the flowers but cannot keep spring from coming.
    I want to do you what spring does with the cherry trees.
    Love is so short, forgetting is so long.
    ***


    ڏکڻ آمريڪا جو سڀ کان وڏو ملڪ برازيل

    برازيل ڏکڻ آمريڪا جو نه فقط خوشحال ملڪ آهي پر هڪ عجيب ۽ حيرتناڪ پڻ! بيحد وڏو هجڻ کان علاوه سڄو ملڪ هوائي اڏن سان ۽ سامونڊي ڪنارو بندرگاهن سان ڀريو پيو آهي. آئون نٿو سمجھان ته آمريڪا (USA) کان علاوه ڪو ٻيو ملڪ هوندو جنهن ۾ 4 هزار ايئرپورٽ هجن. ننڍن ايئرپورٽس کي الڳ ڪجي ته به برازيل ۾ اڍائي هزار اهم هوائي اڏا (Airports) ٿين ٿا. اهڙي طرح برازيل جو ڏکڻ ائٽلانٽڪ سمنڊ وارو ڪنارو بندرگاهن سان ڀريو پيو آهي. آفريڪا کنڊ جي اولهه واري ڪناري کان لنگر کڻي ائٽلانٽڪ سمنڊ ٽپ ته پهرين هي ملڪ برازيل منهن ۾ اچي ٿو. برازيل کي لتاڙيندي ٻه ڏينهن کن لڳيو وڃن پر جهاز هلائڻ وارن جي دل بهادر رهي ٿي جو هن کي اها آٿت آهي ته ڪنهن اوچتي طوفان يا انجڻ جي بريڪ ڊائون تي هر وقت برازيل جو ڪو نه ڪو بندرگاهه سامهون بيٺو آهي. آمريڪا (USA) جي هيوسٽن، نيو اورلينس، بالٽيمور، فلڊلفيا ۽ نيويارڪ بندرگاهن ۾ وڃڻ کان اڳ برازيل جي هڪ ٻن بندرگاهن ۾ اسان کي سامان کڻڻ يا لاهڻ، يا وري راشن پاڻيءَ لاءِ وڃڻو پوي ٿو ـــ خاص ڪري سانتوس، ريوگرانڊي، اتاجائي، پاراناگئا، ريوڊي جينرو يا ويٽوريا بندرگاهه ۾.
    برازيل فوٽ بال راند ڪري به دنيا ۾ مشهور آهي جيئن سندس ڀر وارا ٻيٽ ٽرنيڊاڊ، ٽباگو ۽ جئميڪا دنيا جي بهترين ڪرڪيٽ رانديگرن کان آهن. برازيل جي ماڻهن جو فوٽ بال راند لاءِ عشق يا جنون جو ان ڳالهه مان به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته برازيل جي هر وڏي شهر ۾ فٽ بال راند جو اسٽئڊيم آهي. پر مون لاءِ برازيل ملڪ حيرت جو سبب ان وقت ٿيو جڏهن جپان ۾ مون پهريون دفعو ڪيترن ئي جپانين کان اهو ٻڌو ته هو جپاني نه پر ٽوئرسٽ آهن .... يعني ڌاريان آهن، ٻئي ملڪ جا آهن.
    ”اهو ڀلا ڪيئن؟ توهان لڳو ته جپاني ٿا ۽ ڳالهايو به جپاني ٿا ۽ پوءِ توهان ٽوئرسٽ (ڌاريان ماڻهو) ڪيئن ٿيائو“ مون کانئن تعجب مان پڇيو هو. هنن مان ڪجهه ته اهو ٻڌايو ته هو زندگيءَ ۾ پهريون دفعو جپان گهمڻ آيا آهن.
    ”اهو ان ڪري جو اسان برازيل جا شهري آهيون ۽ اسان وٽ ان ملڪ جو پاسپورٽ آهي. اسان اتي ڄاوا نپنا آهيون ۽ مادري زبان جپانيءَ کان علاوه اتي جي قومي ٻولي پورچوگالي ڳالهايون ٿا ۽ اسان جپانين جي انگريزي جپان جي جپانين کان سٺي آهي.“
    شروع ۾ ته آئون کلندو رهندو هوس. جپان ۾ چيني ۽ ڪورين مهانڊن وارا ملندا آهن جن جا وڏا چين ۽ ڪوريا کان پنهنجي خوشيءَ سان جپان ۾ اچي رهيا يا جپان وارن سستي مزدوريءَ لاءِ سندن يعني اڄ جپان ۾ رهندڙ ڪورين جي بابن ڏاڏن کي سندن ملڪ مان زوريءَ جپان وٺي آيا جتي پوءِ هو هميشه لاءِ رهي پيا. اها ڳالهه ته سمجهه جوڳي آهي جو ڪوريا ۽ چين، جپان سان ڳنڍيا پيا آهن. ايران، سعودي عرب، يمن وغيره ننڍي کنڊ جي ويجھو هجڻ ڪري ڪيترائي پاڪستاني هندوستاني انهن ملڪن ۾ نظر اچن ٿا ۽ انهن ملڪن جا انڊيا پاڪستان ۾. ڪنهن زماني ۾ سنڌ ۽ عدن (يمن) بامبي پريزيڊنسي سان لاڳاپيل هئا (جيئن سنگاپور مدارس پريزيڊنسي سان) سو ڪيترائي يمني بمبئي ۽ ڪراچي ۾ نظر اچن ٿا جن جا وڏا انگريز راڄ ۾ آيا ويا پئي. اهڙي طرح توهان کي ڪيترا عرب سعودي عرب ۾ ملندا جيڪي ”السنڌي“ سڏائين ٿا جن جا وڏا سنڌ کان سعودي عرب وڃي رهيا ـــ ايتريقدر جو جدي ۾ هڪ گهٽيءَ جو نالو ئي ”السنڌي“ آهي. اهو ئي حال ايرانين جو آهي. اسان وٽ ڪيترائي شيرازي، همداني، مشهدي ، ڪرماني، يزداني وغيره ملندا. توهان شايد چئو ته اسان وٽ عرب ته نظر ئي نٿا اچن؟ هي سيد، قريشي، صديقي وغيرهه ڪير ٿي سگهن ٿا .... بلڪ لڳي ٿو ته سنڌ جي سواءِ چند ذاتين جي ٻيا سڀ عرب آهن. ايترا سيد، قريشي، صديقي، انصاري سڏائڻ وارا ته سعودي عرب ۾ به نظر نٿا اچن. بهرحال تاريخ ۾ اها چرپر رهندي آئي آهي خاص ڪري انهن ڏينهن تائين جيستائين پاسپورٽ ۽ ويزائن جا قانون سخت نه ٿيا هئا.
    جڏهن جپان ۽ برازيل کي ٿو ڏسجي ته اهي ڪي پاڙي وارا ملڪ ته نه آهن. ڪٿي جپان ڪٿي برازيل ـــ دنيا جي ڏورانهن ڪنڊن تي آهن. ٻي ڳالهه ته جپاني ته برازيل جا رهاڪو ٿي ويا پر برازيل جو ڪو پورچوگالي گورو يا حبشي ته جپان ۾ نظر نٿو اچي! ها البت برازيل جي ميون ۽ ڀاڄين کان ـــ ڪيلي کان گل گوبيءَ تائين، جپان جون مارڪيٽون ڀريون پيون آهن. يورپ جي ملڪن ۾ حلال گوشت گهڻو ڪري آسٽريليا مان اچي ٿو پر جپان ۾ جنهن به دڪان تي حلال گوشت جو پڇ ته هو ٻڌائيندو ته اهو برازيل کان آيو آهي. ان ڪاروبار ۾ ايران کان علاوه اسانجا پاڪستاني به ڪافي آهن جيڪي جپان يا برازيل ۾ رهن ٿا جن جون زالون جپان جون جپاني يا برازيل جون جپاني آهن.
    برازيل ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن ۾ سڀ کان وڏو ملڪ آهي ۽ دنيا ۾ ايراضي توڙي آدمشماريءَ ۾ پنجين نمبر تي آهي سندس ايراضي 8514210 چورس ڪلوميٽر آهي يعني اسان جو ملڪ پاڪستان جيڪو ڪو اهڙو ننڍو ناهي ـــ گهڻن ئي جي مقابلي ۾ وڏو سمجھيو وڃي ٿو ۽ جنهن جي پکيڙ 882000 کن چورس ڪلوميٽر آهي، اهڙا برازيل مان ڏهه نڪرن ۽ جرمنيءَ جهڙا ته ويهه ٻاويهه ملڪ نڪرن. هونءَ ايراضيءَ جي حساب سان برازيل جي ايڏي آدمشماري ناهي. اسانجي ملڪ جي 185 ملين آدمشماري آهي ان کان کڻي 15 ملين مٿي اٿس يعني 200 ملين اٿس. برازيل جي هڪ پاسي ته ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي باقي ٽن پاسن کان سواءِ چلي ۽ اڪيڊار جي ڏکڻ آمريڪا جي باقي سڀني ملڪن جو بارڊر هن سان ملي ٿو جيئن ته يوراگئي، ارجنٽائنا، پيراگئي، بوليويا، پيرو، ڪولمبيا، وينزوئلا، گائنا، گيانا ۽ سُري نام. هيڏي وڏي ملڪ جي هڪ طرف جيڪو سمنڊ جو ڪنارو هجي، اهو ڪنارو ڇا ته وڏو ٿي سگهي ٿو! برازيل جو ڪنارو (Coastline) 7500 ڪلوميٽر آهي. اڄ ڪلهه جي ماڊرن ۽ تيز رفتار جهاز جي اسپيڊ جيڪڏهن 30 کن ڪلوميٽر سارجي يعني 24 ڪلاڪن ۾ اهو جيڪڏهن 750 ڪلوميٽر سفر طي ڪري ته ان کي برازيل جو 7500 ڪلوميٽر سفر طي ڪرڻ ۾ ڏهه ڏينهن ۽ راتيون لڳنديون. اسان کي جيڪڏهن برازيل جي ڪنهن بندرگاهه ۾ نه وڃڻو هوندو آهي ته پوءِ سائوٿ آفريڪا يا آفريڪا جو ڪو ٻيو ملڪ: نميبيا، ائنگولا، گئبن يا گھانا ڇڏڻ وقت برازيل جي مٿين ڪنڊ ڏي رخ ڪندا آهيون ۽ ائٽلانٽڪ ٽپڻ تي برازيل جي ڀر واري ملڪ سري نام کان اچي نڪرندا آهيون. ”سري نام“ کان اسانجا پاڪستاني جهازران ڀلي ڀت واقف آهن جو اتي تمام گهڻا انڊين هجڻ ڪري ڪيترين ئي ريڊيو اسٽيشنن تان اڙدو/هندي گانا نشر ٿيندا آهن. ۽ جيئن ئي ريڊيو تان هندي گانا اچڻ شروع ٿيندا آهن. ته اسان سمجهي ويندا آهيون ته هاڻ ائٽلانٽڪ سمنڊ اچي ختم ٿيو آهي ۽ ڄاڻ سري نام پهتاسين. جتان پوءِ ڪجهه ڪوسٽنگ بعد اتر جو رخ رکندا آهيون. رستي تي ڪڏهن ڪيوبا يا ٽرنيڊاڊ ترسندا آهيون نه ته سڌو اچي بالٽيمور يا نيويارڪ لنگر ڪيرائيندا آهيون.
    پنڌرهين صديءَ جي آخر تائين يورپ جا ملڪ ڪي امير نه هئا. سخت سيءَ هئا جيڪي کڻي اڄ به آهن پر انهن ڏينهن ۾ ڪٿي هئي اليڪٽرسٽي؟ موج مزا سڀ ننڍي کنڊ، ايران، مصر ۽ چين پاسي هئا. يورپ وارن کي خشڪي رستي (شاهراهه ريشم) ذريعي چين، انڊيا يا وچ ايشيا جي ملڪن تائين پهچڻ جي ته ڄاڻ هئي پر جيئن ته دنيا جي نقشي جي ڪنهن کي به خبر نه هئي سو يورپي پريشان هئا ته سمنڊ رستي ڪيئن انڊيا، ملايا، چين پهچجي. ان وقت تائين اها ئي دنيا سمجھي وئي ٿي. آمريڪا واري پاسي جي ڄاڻ ته ڪنهن کي خواب خيال ۾ به نه هئي. پوءِ اسپين طرفان 1492ع ۾ موڪليل جهازران ڪولمبس انڊيا پهچڻ جي چڪر ۾ نئين دنيا (آمريڪا) کان وڃي نڪتو ۽ انڊيا پاسي جا مال ميڙڻ بدران آمريڪا کي لٽڻ ۾ لڳي ويو.
    سمنڊ رستي انڊيا پهچڻ ۽ هن نئين دنيا ۾ پهچي لٽ ڦر ۾ حصو وٺڻ لاءِ يورپ جا ٻيا ملڪ به لڳا رهيا ۽ پوءِ انگريز، ڊچ، فرينچ، اطالوي وغيره به ڪامياب ٿيا پر اهي سڀ گهڻو گهڻو پوءِ ـــ پورچوگال وارا گهڻا خوش نصيب چئبا جيڪي مختلف هنڌن تي سڀ کان اڳ پهتا. مثال طور پورچوگال وارا (واسڪوڊا گاما وارا) 1498 ۾ انڊيا پهتا. انگريز به انڊيا پهتا پر پوري هڪ صديءَ بعد. پورچوگال جو انهن ڏينهن ۾ بادشاهه مئنيوئل ”ون“ هو جيڪو پاڻ کي سڏائيندو ئي ”ڀاڳن وارو“ (The Fortunate) هو. هي 1469 ۾ ڄائو ۽ 1521ع مرڻ تائين بادشاهه رهيو. هن جي حڪومت جي ڏينهن ۾ پورچوگال نون نون ملڪن تائين نه فقط سامونڊي رستا ڳوليا پر انهن تي قبضو ڪرڻ ۾ به ڪامياب ٿيو. ٺيڪ آهي آمريڪا تائين جو رستو کڻي اسپين وارن جي همراهه ڳولي لڌو پر پورچوگال جو واسڪوڊا گاما سڀ کان اڳ آفريڪا کنـڊ جو ڦيرو ڪري هندي سمنڊ ۾ پهچي ويو ۽ ممباسا بعد انڊيا جي بندرگاهه ڪاليڪٽ کان اچي نڪتو. نه فقط پهچي ويو پر گوا تي اهڙو قبضو ڪيائين جو ساڍا چار سؤ سال سندن حوالي رهيو. واسڪو ڊا گاما جي وڃڻ کانپوءِ پورچوگال جي بادشاهه مئنيوئل ”ون“ هڪ ٻئي جهازران پيڊرو الواريس ڪابرال (Pedro Alvares Cabral) کي آمريڪا ڏي موڪليو جيڪو اچي برازيل کان نڪتو..... بعد ۾ مقامي قبيلن سان جنگيون وڙهي برازيل تي قبضو ڪيو.
    پورچوگال جي هن بادشاهه ”مئنيوئل ون“ جي ئي ڏينهن ۾ 1511 ۾ سندس سپاهين ملاڪا سلطنت فتح ڪئي. انهن سڀني ڳالهين ڪري پورچوگال ۾ وڏي دولت آئي ۽ هن بادشاهه ان مان عمارتسازي ۽ آرٽس کي به ترقي ڏياري. پورچوگالي عوام اڄ به هن کي ياد ڪن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته هن پُرسڪون ملڪن جي ڀينگ ڪري ڇڏي. ملاڪا سطلنت سؤ کن سال پورچوگالين جي قبضي ۾ رهي. ان بعد ڊچن قبضو ڪيو ۽ پوءِ انگريز ٺهي ٺڪي ويهي رهيا ۽ 1965 ڌاري ڌرتيءَ جي مالڪن ”ملئي ماڻهن“ کي واپس ملي.
    برازيل به 1808ع تائين پورچوگالين جي بيٺڪ (ڪالوني) رهيو ۽ پوءِ هن جي گاديءَ جو هنڌ لسبن بدران برازيل جو شهر ”ريو ڊي جينرو“ ٿيو. پر انهن ٽن صدين ۾ سڄو برازيل يورپي گورن سان ڀرجي ويو ۽ هينئر به اهي ئي قابض آهن ۽ برازيل جا باقي بچيل مقامي قبيلا اڄ به گھاٽن ٻيلن ۾ لڪندا وتن. ڏکڻ آمريڪا جي ڪجهه ٻين ملڪن وانگر برازيل تي به فوجي راڄ (ملٽري جنتا) 1964ع کان 1985ع تائين رهيو جنهن کان پوءِ مس مس سويلين حڪومت آئي. برازيل 26 رياستن ۽ اسلام آباد جهڙي هڪ فيڊرل ڊسٽرڪٽ ۾ ورهايل آهي. برازيل ملڪ ’کنڊ ۽ ڪافي‘ ايڪسپورٽ ڪرڻ ۽ آفريڪا کان کيتيءَ جي ڪم لاءِ ’شيدي غلام‘ امپورٽ ڪرڻ کان مشهور رهيو آهي. برازيل جي سرڪاري ٻولي پورچوگالي آهي.
    ***


    مختصر طور برازيل بابت حقيقتون

    برازيل ڏکڻ آمريڪا ۾ وڏي ۾ وڏو ۽ دنيا ۾ پنجون نمبر وڏو ملڪ آهي. پکيڙ جي لحاظ کان برازيل کان وڏا چار ملڪ آهن: روس، ڪئناڊا، USA ۽ چين. برازيل کانپوءِ آهن: آسٽريليا، انڊيا، ارجنٽائنا، قزاخستان ۽ ڏهين نمبر تي آلجيريا. پاڪستان پنجٽيهين نمبر تي اچي ٿو.
    برازيل آدمشماريءَ جي حساب سان به دنيا ۾ پنجون نمبر وڏو ملڪ آهي. ان کان شروع وارا چار ملڪ آهن: چين، انڊيا، USA ۽ انڊونيشيا. برازيل کان پوءِ جا ملڪ آهن: پاڪستان، بنگلاديش، نائيجيريا، روس ۽ ڏهين نمبر تي جپان.
    برازيل جي پکيڙ 8514000 چورس ڪلوميٽر ۽ آدمشماري 20 ڪروڙ آهي.
    هونءَ ته دنيا جي گهڻي ڀاڱي ملڪن کي سمنڊ آهن جتان هنن جو ڳرو سامان پاڻيءَ جي جهازن رستي ٻين ملڪن ڏي اچي وڃي ٿو. پر نيپال، افغانستان، سئٽزرلئنڊ جهڙا به ڪجهه ملڪ آهن جن جي چوڌاري سمنڊ جو هڪ ميل به نه آهي. اهي ”لئنڊ لاڪڊ“ ملڪ سڏجن ٿا. پاڪستان کي گوادر پسني کان ڪراچي بدين تائين ڪافي سامونڊي ڪنارو آهي. برازيل کي به ڪافي ڪنارو (Coastline) آهي ـــ اٽڪل 7500 ڪلوميٽر جنهن تي ڪيترائي بندرگاهه آهن. هونءَ اهي ملڪ جيڪي ڪئناڊا وانگر چچريل آهن يا اهي ملڪ جيڪي ٻيٽن تي مشتمل آهن جيئن ته فلپين، انڊونيشيا (جاوا، سماترا، بالي، بورنيو وغيره) انهن جو ڪنارو گهڻو ٿو ٿئي جو سمنڊ انهن جي چوڌاري ڦري ٿو. جيئن اسانجو ملڪ پاڪستان هڪ پيس ۾ هجڻ بدران هر صوبو ٻئي کان ٿورو پري هجي ها ۽ چوڌاري عربي سمنڊ هجي ها ته ڪنارو تمام گهڻو وڌي وڃي ها. جپان ائين آهي جتي سمنڊ نه فقط مختلف صوبن هڪيدو، هونشو، ڪيوشو، شڪاڪو، اوڪيناوا وغيره جي چوڌاري ڦري ٿو پر هر صوبي ۾ سمنڊ ڪيترن شهرن جي به چوڌاري آهي. سو وڏي ڪناري جي حساب سان ڪئناڊا پهرين نمبر تي آهي. ان بعد آهن: انڊونيشيا، گرين لئنڊ، روس، فلپين، جپان آسٽريليا، ناروي، USA، نيوزيلئنڊ وغيره.
    برازيل جو نالو ”برازيل ووڊ“ نالي وڻ تان پيو آهي جيئن ملائيشيا جي شهر ملاڪا جو نالو ملاڪا وڻ (Pokok Melaka) تان پيو آهي. پورچوگالي زبان ۾ اهو وڻ (Pau Brasil) سڏجي ٿو. هن وڻ مان ڳاڙهي رنگ جي dye (رنڱ) ٺهي ٿو جنهن جي سورهين صديءَ ۾ يورپ ۾ وڏي ڊمانڊ هئي. هونءَ برازيل (براسيل) لفظ جي معنيٰ آهي ”ٽانڊي جهڙو ڳاڙهو“.
    سائوٿ آمريڪا ۾ برازيل ئي هڪڙو ملڪ آهي جتي پورچوگالي ڳالهائي وڃي ٿي. ٻين ۾ هسپانوي ڳالهائي وڃي ٿي. بهرحال انهن مان هڪ زبان ڳالهائڻ وارو ٻي به سمجھي سگهي ٿو. جيئن پنجابي ڳالهائڻ وارو سرائڪي به سمجھي سگهي ٿو. جيئن ناروي جو همراهه سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ جي ٻولي به سمجھي سگهي ٿو. لاڙي ۽ اترادي سنڌيءَ وانگر ڪٿي ڪٿي ٽون ۽ ٽان جو فرق اچي ٿو. کٽون کٽان، ڄنگھون ڄنگھان. يا هڪ هنڌ ’هوٽل‘ ۽ ’پگهار‘ مونث آهي ته ٻئي هنڌ مذڪر. يا ڪٿي اهو ميوو ڇانهين آهي ته ڪٿي هنداڻو. يا ڪٿي آچار سڏيو وڃي ٿو ته ڪٿي سانڌاڻو.
    برازيل ۾ ڳالهائي ويندڙ پورچوگالي ٻولي 16 هين صديءَ جي لسبن واري ٻوليءَ سان گهڻو ملي ٿي. جيئن ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ رهندڙ سورهين صديءَ جي پورچوگالين جي اولاد جي پورچوگالي لسبن ۾ رهندڙن کان گهڻي مختلف آهي.
    برازيل جو 1960ع کان گاديءَ جو شهر براسيلا آهي ۽ سائو پائولو (Sau Paulo) وڏي ۾ وڏو شهر آهي.
    برازيل جا ٻيا وڏا شهر آهن: ريو ڊي جنيرو، سالِوَ ڊور ۽ فور تليزا.
    برازيل ۾ آمريڪا (USA) وانگر گاڏيون روڊ جي ساڄي پاسي کان هلايون وڃن ٿيون. پر انگلنڊ ۽ اسان وٽ ليفٽ هئنڊ سائيڊ ڊرائيو ٿئي ٿي. اهي ملڪ جن تي انگريزن جو راڄ رهيو انهن ۾ به انگلنڊ وانگر ڪار هلائيندڙ روڊ جو کاٻو پاسو وٺي هلن جيئن ته آسٽريليا، هانگ ڪانگ، ملائيشيا، ڪينيا، ويندي ڪئريبين ٻيٽ (ٽرنيڊاڊ، جئميڪا وغيره ۾). ان پويان تاريخ جي ڳالهه آهي. ڪارون بسون ايجاد ٿيڻ کان اڳ انگلنڊ جي پوليس توڙي عام ماڻهو گھوڙي تي سواري ڪندا هئا. هو رستي تي کاٻو پاسو وٺي هلندا هئا جيئن سامهون ايندڙ کي ساڄي هٿ سان سلام ڪري سگهن يا ضرورت وقت تلوار به ڪڍي سگهن. بعد ۾ جڏهن انجڻيون ايجاد ٿيون ۽ ڪارون هليون ته انهن لاءِ به اهو قائدو ٺاهيو ويو. هوڏانهن آمريڪا ۾ ڪارن جي ايجاد کا اڳ چئن يا ڇهن ڦيٿن وارا گاڏا (Wagon) هلندا هئا جن کي گھوڙن ڇڪيو ٿي. ان وئگن ۾ هلائڻ وارو گھوڙي جي کاٻي پاسي وهندو هو جيئن ساڄي هٿ سان گھوڙي کي چهبڪ هڻي سگهي. پر هنن کي روڊ جو ساڄو پاسو وٺي هلڻو پيو ٿي جيئن سامهون ايندڙ وئگن جا ڦيٿا چڱيءَ طرح نظر اچي سگهن ۽ پنهنجي وئگن جي ڦيٿن سان ٽڪرائڻ کان بچي وڃن.
    برازيل سميت ڏکڻ آمريڪا ۾ تيرنهن ملڪ آهن. برازيل ايڏو وڏو ۽ اهڙي هنڌ تي آهي جو سواءِ ٻن ملڪن چلي ۽ اڪيڊار جي ٻيا سڀ ملڪ برازيل سان بارڊر ٺاهين ٿا.
    برازيل ايڏو وڏو ملڪ آهي جو اتي اسان وانگر سڄي ملڪ ۾ هڪ وقت بدران ٽي وقت آهن.... يعني ٽي ٽائيم زون.
    دنيا جي ٻيو نمبر ڊگهي ندي (نيل نديءَ بعد) ”اميزان“ برازيل مان گذري ٿي. نيل نديءَ جي ڊيگهه 6853 ڪلوميٽر آهي ۽ اميزان جي 6400 ڪلوميٽر. اسان جي سنڌو ندي (Indus) 2880 ڪلوميٽر آهي ۽ دنيا ۾ ٻاويهين نمبر تي آهي. اميزان ندي ائنڊيز (Andies) نالي جبلن جي قطار مان شروع ٿئي ٿي ۽ ڏکڻ آمريڪا جي چئن ملڪن: اڪيڊار، پيرو، ڪولمبيا ۽ برازيل مان ٿيندي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ائنڊيز دنيا جي ڊگهي ۾ ڊگهي جبلن جي قطار آهي جيڪا پٺيءَ جي ڪنڊي وانگر ڏکڻ آمريڪا جي الهندي ڪناري سان گڏ گڏ 7000 ڪلوميٽر آهي. اها وينزوئلا کان شروع ٿئي ٿي ته اڪيڊار، پيرو، بوليويا، چلي ۽ ارجنٽائنا تائين هلندي هلي. سندس ويڪر 200 کان 700 ڪلوميٽر آهي.
    برازيل انيڪ جانورن ۽ خوبصورت پکين جو ملڪ آهي جن ۾ آرماڊيلو، تاپير، جاگور ۽ پُوما به اچيو وڃن ٿا.
    برازيل ۾ هر سال لکها سياح گهمڻ لاءِ اچن ٿا ۽ سڄي ملڪ جا ڪيترائي ايئرپورٽ آهن جن مان 2500 اهم هوائي اڏا آهن جن تي ملڪي ۽ غير ملڪي ٽوئرسٽ اچن ٿا. ائين ته ڏسڻ لاءِ اسانجي ملڪ ۾ به گهڻو ئي ڪي ڪجهه آهي پر موهن جو دڙو ايئرپروٽ تي به ڪو ڪڏهن ڪڏهن ڀليل ڀٽڪيل سياح مس نظر اچي ٿو.
    برازيل ۾ فٽ بال (ساڪر) راند وڏي شوق سان کيڏي وڃي ٿي ۽ قومي ٽيم دنيا جي بهترين ٽيمن مان آهي ۽ هيستائين پنج ڇهه دفعا ورلڊ ڪپ کٽي چڪا آهن. برازيل جي هر وڏي شهر ۾ فٽ بال راند جو اسٽئڊيم آهي.
    برازيل جي سرڪاري ٻولي ته پورچوگالي آهي پر هتي جيئن ته هزارين سالن کان ماڻهن جي رهائش هئي ان ڪري اڄ به 180 ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون ۽ اڄ به 67 اهڙا جھنگلن ۾ رهندڙ قبيلا آهن جن جو اڄ جي ماڊرن ماڻهوءَ سان واسطو نٿو پوي.
    سائنسدانن جو اهو چوڻ آهي ته آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا هڪ ئي زمين جا ٽڪرا هئا جيڪي پوءِ ٽُٽي الڳ الڳ ٿيا. گهٽ ۾ گهٽ نقشي مان اڄ به ائين لڳي ٿو.
    برازيل مان لوهه، ٽامو، سون ۽ هيرا ملن ٿا.
    برازيل ۽ پاراگئي جي بارڊر تي اتئپو (Itaipu) ڊئم دنيا جي ٻيو نمبر وڏي اليڪٽرسٽي پيدا ڪرڻ واري هئڊرواليڪٽرڪ ڊئم آهي. اها پوڻا اٺ ڪلو ميٽر ڊگهي ۽ 196 ميٽر اتاهين آهي.
    برازيل جو پورچوگالي ٻوليءَ ۾ موٽو آهي:Ordem e Progresso ۽ انگريزيءَ ۾: Order and Progress .
    سائو پائولو جي ڀر وارو شهر Sao Vicente برازيل جو آڳاٽو ترين شهر آهي جتي پورچوگالين آمريڪا پهچڻ تي 1532 ۾ پهريون هيڊ ڪوارٽر ٺاهيو. دنيا جو مشهور فوٽ بال رانديگر روبينهو (Robinho) هن شهر ۾ ڄائو هو.
    برازيل جي گاديءَ وارو شهر هوائي جهاز ۾ مٿان ڏسجي ٿو ته هوائي جهاز جي شڪل جو لڳي ٿو.
    ريو ڊي جينرو جو مشهور بُت (Statue) جيڪو Christ the Redeemer سڏجي ٿو 83 ميٽر اتاهون آهي ۽ سندس وزن 635 ٽن آهي. هن کي دنيا جي ماڊرن ستن عجوبن مان هڪ سمجھيو وڃي ٿو. گذريل سال هن تي کنوڻ ڪرڻ ڪري هن جو ڪجهه حصو باهه جي گرمائش ڪري ڪاراٽجي ويو آهي.
    برازيل ۾ 15 کان 25 لک جپاني رهن ٿا. هي جڏهن جپان کان لڏي برازيل آيا ته پاڻ سان چيري گلن جا ٻوٽا به آندائون ۽ اڪثر هر جپانيءَ جي گهر ٻاهران چيري گلن جو وڻ نظر اچي ٿو.
    ڀولڙا ته انڊيا ۽ ملائيشيا ۾ به جام نظر اچن ٿا پر آئون نٿو سمجھان ته برازيل جيترا ڀولڙا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هوندا.
    ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ به گھاٽا ٻيلا آهن پر اميزان نديءَ ڪري برازيل ۾ جھنگل (Rain Forest) تمام گهڻا آهن.
    برازيل ۾ ڪجهه ته مقامي قبيلن جا ماڻهو هئا، ٻيا پورچوگالي ۽ ڀر وارن يورپي ملڪن جا گورا اچي رهيا ان بعد جپان جا ماڻهو لڏي آيا ۽ ڪيترائي ايشيائي اڄ ڪلهه رهيل آهن پر وڏي تعداد (آدمشماريءَ جو اٽڪل 82 سيڪڙو) انهن ماڻهن جو آهي جن جي وڏن کي غلامن طور آفريڪا کان آندو ويو. ايتري قدر جو برازيل جي شهر سلوَدور (Salvador) ۾ ته ايترا شيدي نسل جا ماڻهو رهن ٿا جو هن شهر ”سلوادور“ لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته اهو آفريڪا کنڊ کان ٻاهر وڏي ۾ وڏو آفريڪي شهر آهي.
    برازيل جي جھنڊي جو سائو رنگ برازيل جي گھاٽن ٻيلن جي نمائندگي ڪري ٿو. ان مٿان هئڊي رنگ جي چؤنڪڙي (Rhombus) ملڪ جي معدنيات جي عڪاسي ڪري ٿي. ان جي وچ ۾ بلو رنگ جو گولو جنهن ۾ 27 رياستن لاءِ اڇي رنگ جا تارا ريو ڊي جينرو مٿان 15 نومبر 1889 جو آسمان ڏيکارين ٿا جڏهن برازيل هڪ آزاد ملڪ (ريپبلڪ) هجڻ جو اعلان ڪيو. بلو رنگ جي انهي دنيا جي گولي تي خط استوا واري جاءِ تي اڇي پٽي آهي جنهن تي برازيل جو پورچوگالي ۾ قومي موٽو (Motto) لکيل آهي:
    “Ordem e Progresso” (Order of Progress)
    پورچوگالي ناکئو پيڊرو الوريس ڪابرال انڊيا ڏي ويندي 22 اپريل 1500 تي برازيل جي ڪناري تي اچي پهتو ۽ هن ان وقت کان هي ملڪ پورچوگال جي ملڪيت هجڻ جو اعلان ڪيو. ڇا ته سهڻا ڏينهن هئا! ڪنگلا جهازران ڦاٽل سڙهن ۽ ڀڳل جهازن سان - جن وٽ اڳتي جي سفر لاءِ نه راشن بچندو هو نه پاڻي، اهي جتي پهتا ٿي مقامي ماڻهن انهن کي مانيون ۽ ميوا کارائي هوش ۾ آندو ٿي. ان جي عيوض هنن پهريون ڪم ان ملڪ تي قبضي جو اعلان ڪيو ٿي. مقامي ماڻهن کي مارون ۽ موچڙا هڻي پنهنجي مطيع ڪيو ٿي.
    برازيل ڏکڻ آمريڪا جو پهريون ملڪ آهي جنهن فوج ۾ ڇوڪرين کي به ڀرتي ڪيو. هي ڪم 1980ع کان شروع ڪيو ويو.
    دلما رئوسيف برازيل جي پهرين عورت آهي جيڪا 30 آڪٽوبر 2010 تي ملڪ جي صدر چونڊي وئي.
    آفيم ۽ ڏوڏي (Cocaine) جي وڪري کان برازيل دنيا جو نمبر ون ملڪ آهي.
    ندي اميزان جيڪا اڌ کان وڌيڪَ برازيل مان گذري ٿي پاڻيءَ جي مقدار کان دنيا جي وڏي ۾ وڏي ندي آهي. ڪن ڪن هنڌن تي هن جو پيٽ ــ خاص ڪري مينهوڳيءَ جي موسم ۾ 118 ميل (190 ڪلوميٽرن) تائين به رهي ٿو.
    دنيا ۾ سڀ کان گهڻا ڪئٿولڪ عيسائي برازيل ۾ رهن ٿا. ملڪ جي آدمشماريءَ جو 75 سيڪڙو ڪئٿولڪ آهن.
    برازيل جو قومي مشروب چائپرنها (Caipirinha) آهي جيڪو ڪاجاس نالي هتي جي مشهور شراب ۾ کنڊ، برف ۽ ليمي جون ڦاڪون ملائي ٺاهيو وڃي ٿو. ڪاجاس شراب ڪمند جي رس مان ٺهي ٿو. برازيل ۾ ڪمند تمام گهڻو پوکيو وڃي ٿو ۽ ڪاجاس شراب برازيل جي ائين خاص شيءِ (Speciality) آهي جيئن جپان ۾ ”ساڪي“ شراب جيڪو چانورن مان ٺاهيو وڃي ٿو.
    دنيا جو وڏي ۾ وڏو تازي (مٺي) پاڻيءَ جو ٻيٽ ”اِلاها دو بنانال“ “ilaha do Bananal” آهي جيڪو برازيل مان وهندڙ ندي اراگئائيا (Araguaia) جي وچ ۾ آهي. هي ٻيٽ ڪو ’بکر‘ يا ’ساڌ ٻيلي‘ جيڏو نه پر 330 ڪلوميٽر ڊگهو ۽ 42 ڪلوميٽر ويڪرو آهي.
    مٿي لکي چڪو آهيان ته برازيل جا ماڻهو فٽ بال راند جا وڏا شوقين آهن. برازيل جي هر شهر ۾ فٽ بال مئچن لاءِ اسٽئڊيم آهي. سڀ کان وڏو اسٽئڊيم ماسراسانا (Maracana) ريو ڊي جنيرو شهر ۾ آهي جنهن ۾ هڪ ئي وقت 180000 ماڻهو ويهي سگهن ٿا.
    انگريزي ڪتاب ”چائلد آف دي ڊارڪ“ ڪئرولينا ماريا جي پورچوگالي ڪتاب Quarto de Despejo جو ترجمو آهي. اهو ڪتاب اڄ تائين برازيل ۾ ڇپيل ڪتابن ۾ سڀ کان گهڻو شيع ٿيو. اهو ڪتاب ليکڪا جي هڪ اڪيلي ماءُ (Single Parent) جي حيثيت ۾ سائو پائولو (Sao Paolo) جي جهڳين ۾ گذريل زندگيءَ جي ڊائري آهي.
    ***


    برازيل ۾ سئو سالن کان رهندڙ جپاني

    برازيل جهڙن ڏکڻ يا اتر آمريڪا جي ملڪن ۾ هڪ ته يورپي نظر اچن ٿا جن دنيا جي هن حصي تائين پهچڻ جا سامونڊي رستا ڳوليا ۽ مڪاني اڻ سڌريل ماڻهن کي ماري ڪٽي، قتل ڪري هنن جي ڌرتيءَ تي قبضو ڪيو. جيتريقدر ٿي سگهين هنن پنهنجي ملڪ ۽ قوم جا يا وري پاڙي وارن يورپي ملڪن جا ماڻهو گهرائي انهن کي ڪم ڪار ۾ لڳايو. پر کيتي ٻاڙيءَ جهڙي ڏکي ڪم لاءِ مزدورن جو وڏو اٽالو ٿي کتو. ان لاءِ هنن آفريڪا کنڊ جي ماڻهن کي جھلي، غلام بنائي آمريڪا آندو ٿي. انهن غلامن مان ڪيترا ته گهڻي پورهئي ۽ گهٽ کاڌي خوراڪ ۽ بيمارين ڪري ننڍي عمر ۾ ئي مري ويا ٿي جيڪي بچيا انهن جو اولاد آمريڪا جي گڏيل رياستن (USA) کان هيٺ ڏکڻ آمريڪا جي چلي ۽ پيرو ملڪن تائين نظر اچي ٿو. يعني آمريڪا جي هر شهر ۾ قداور گورا توڙي ڪارا نظر اچن ٿا. گورا يورپ جي ملڪن کان آيا ۽ ڪوئلي جهڙي ڪاري کان چاڪليٽي رنگ جي مختلف شيڊن ۽ گهنڊي وارن وارا شيدي آفريڪا جي مختلف ملڪن مان آيا. آمريڪا ۾ ايشيا جا چيني، ملئي، انڊين، عرب به نظر اچن ٿا پر اٽي ۾ لوڻ برابر. جپاني ته اڃان به گهٽ نظر اچن ٿا جو هو طبيعتن ٻين ملڪن ڏي وڃڻ ۾ بيحد حساس آهن. ملائيشيا ۾ به هاڻ جپاني ٽوئرسٽ نظر اچن ٿا جڏهن امن امان جي حالت بهتر ٿي آهي نه ته هو سنگاپور مان چڪر ڏئي هليا ويا ٿي. آمريڪا (USA) جا نيويارڪ، واشنگٽن، لاس اينجلس وغيره اهڙا شهر آهن جتي سفارتخانا، هوائي ۽ بحري ڪمپنيون، بين الاقوامي ادارا آهن جتي جپاني ڪجهه وڌيڪَ ملن ٿا.... سو به سون جي تعداد ۾ هوندا. اسان مان ڪيترن کي شايد اها ڄاڻ نه هجي ته ڏکڻ آمريڪا جو برازيل هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي تمام گهڻا جپاني آهن..... برازيل جي ڪنهن ڪنهن شهر ۾ ايئن لڳي ٿو ڄڻ اهو ڏکڻ آمريڪا جو نه پر جپان جو شهر هجي. سڄي برازيل ۾ 25 کان 30 لک جپاني رهن ٿا جيڪي برازيل جا شهري آهن، برازيل جو پاسپورٽ رکن ٿا ۽ پنهنجي مادري ٻولي جپانيءَ کان علاوه پورچوگالي ڳالهائين ٿا. بلڪه اڄ جي انهن ”جپاني برازيلن“ جي چوٿين ٽهي جپانيءَ کان وڌيڪَ پورچوگالي سٺي ڳالهائي ٿي.
    دراصل مونکي به شروع جي سفرن ۾ ڌيان ۾ نه آيو. جهاز جپان توڙي برازيل جي بندرگاهن ۾ ايندو رهيو پر شروع جي سالن ۾ نه ان ڳالهه جو احساس ٿيو ۽ نه تاريخ يا سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن کان واقفيت هئي. دنيا جي ڪنهن به بندرگاهه ۾ اچي جهاز لنگر ڪيرائيندو هو ته اڳيان پويان بيٺل مختلف ملڪن جي جهازن جي ماڻهن سان ”هيلو هاءِ“ ڪرڻ بعد دڪانن تي شاپنگ لاءِ چڙهندا هئاسين يا سئنيما هالن ۾ گهڙندا هئاسين ڪڏهن ڪڏهن ڪا مقامي ڇوڪري حبشڻ يا يورپي، نڪ ڦٿل ملئي يا چوچين اکين واري چيني، پنهنجن ماڻن سان اسان جهازرانن کي موهت ڪري پاڻ غائب ٿي ويندي هئي ۽ اسان ٽرڪ جي بتيءَ پويان چاڪيءَ جي ڍڳي وانگر پيا هلندا هئاسين. پوءِ جهاز هلڻ تي جهاز وارن دوستن کي عشق جا ڪوڙا قصا ٻڌائي گد گد ٿيندا هئاسين. بهرحال گهڻي اچ وڃ بعد اهو سمجھي وياسين ته ساڳي ملندڙ شڪل وارن ۾ ڪهڙا ملئي آهن ڪهڙا انڊونيشي ۽ ڪهڙا ٿائي. جپان ۾ نظر ايندڙ جپاني ڇوڪرين ۾ ڪهڙيون چيني ڇوڪريون آهن ۽ ڪهڙيون ڪورين. جپاني ڇوڪرين انگريزي ايندي به ڳالهائڻ ۾ شرمايو ٿي ۽ جپانيءَ ۾ جواب ڏنو ٿي. پر پوءِ رستي هلندي، دڪانن تي، پارڪن ۽ تاريخي جايُن تي اهڙيون به جپاني ڇوڪريون مليون جن نه رڳو انگريزي سٺي ٿي ڳالهائي پر پاڻ ۾ پورچوگالي ۾ گفتگو ڪئي ٿي. هنن ٻڌايو ته هو جپاني هجڻ جي باوجود ڌاريون آهن ۽ هو ڏکڻ آمريڪا کان گهمڻ لاءِ جپان آيون آهن .... ۽ جتي جپاني ڇوڪريون عام طرح مرڪڻ مهل شرم کان پنهنجي وات تي پيون هٿ رکنديون ته ڪٿي اڳلو سندن هئڊا ڦڪا يا چٻا ڏند نه ڏسي وٺي اتي هي ڏکڻ آمريڪا جون جپاني ڇوڪريون سگريٽ ڇڪيندي نظر آيون. اسان کي حيرت ٿيندي هئي ته جپاني ماڻهو جيڪي ٻئي کي پاڻ برابر نه سمجھن انهن ڪوريا، چين يا فلپين ۾ رهڻ بدران ايڏو ڏور يورپي ۽ آفريڪي شيدين جي ملڪ برازيل ۾ رهڻ کي ڇو ترجيح ڏني. بهرحال اسان جي ساڻن ڪا گهڻي ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي هئي پر اهو آهي ته ان بعد برازيل جي ڪنهن هڪ ٻن شهرن ۾ وڃڻ تي معلوم ٿيو ته برازيل ۾ جيڪي جپان مان جپاني لڏي اچي رهيا آهن انهن کي هڪ سؤ سالن کان به مٿي عرصو ٿي ويو آهي.
    سن 711 ۾ جڏهن طارق بن زياد مسلمان ڪمانڊر آفريڪا کان سمنـڊ ٽپي جبرالٽر پهتو ته اسپين جو بادشاهه لذريق (King Roderick) هو جنهن جي انتظاميا سخت ڪمزور ٿي چڪي هئي. مسلمن آرگنائيزڊ ۽ دليرهئا. هنن اڄ واري سڄي اسپين ۽ پورچوگال تي قبضو ڪري ورتو. يورپ جا هي علائقا .... ويندي فرانس جو ڪجهه حصو مسلمانن جي قبضي ۾ سال ٻن لاءِ نه پر 780 سال رهيو. ان بعد مسلمانن جي ڪمزور ۽ عياش ٿيڻ تي اسپين جا عيسائي زور ٿي ويا ۽ مسلمان جا فتح ڪيل سندن علائقا هڪ هڪ ڪري واپس حاصل ڪيا. آخر ۾ 1492 ۾ مسلمان حاڪم ”امير محمد ٻارهين“ قشتاله جي راڻي اسابيلا اڳيان آڻ مڃي. ڪاردوبا (قرطبه)، گرناڊا (غرناطا) ۽ اڄ واري پورچوگال جي ڏکڻ ۾ ننڍڙي رياست Algarve (الغرب) سڀ مسلمانن جي هٿن مان هليا ويا. اسپيني حاڪمن 1499 ڌاري اسپين ۾ رهندڙ مسلمانن کي زوريءَ عيسائي بنايو ۽ پوءِ سڄي صدي رهجي ويل مسلمانن (مدجن) ۽ واپس عيسائي ٿيلن (موريسڪو) جو قتل عام ڪندا رهيا يا کين ڏيهه نيڪالي ڏيندا رهيا. هو درياهه جي ٻي پار واري ملڪ موراڪو ڏي ڀڄڻ لڳا يا ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي برازيل ۽ پيرو کان وڃي نڪتا.
    جن ڏينهن ۾ آخري مسلمان حاڪم امير محمد اسپين مان ٽپڙ ٻڌي رهيو هو ـــ يعني 1492 ۾، هي اهو سال هو جو اسپين جي راڻي اسابيلا (جنهن اڳيان مسلمان حاڪم هٿيار ڦٽا ڪري آڻ مڃي ۽ جان جي امان حاصل ڪئي) هڪ اطالوي جهازران ڪرسٽافر ڪولمبس جي حوالي ٽي جهاز ڪيا ته هو مصالحن جي ٻيٽن جاوا سماترا ۽ انڊيا ڏي وڃڻ لاءِ ڪا نئين سامونڊي راهه ڳولي. هو ”ڪناري ٻيٽن“ (Canary Islands)کان ٿيندو بهاما ۽ هسپانيولا ٻيٽن کان اچي نڪتو ۽ ماڻهن کي ڄاڻ ڏني ته ائٽلانٽڪ سمنڊ وٺي وڃڻ سان فلپين، ملايا يا انڊيا پهچڻ کان اڳ هڪ ٻي دنيا (آمريڪا) به موجود آهي جنهن ۾ ڦرلٽ لاءِ خوب مال متاع آهن.
    انهن ئي ڏينهن ۾ 1498 ۾ اسپين جي ڀر واري ملڪ پورچوگال جي بادشاهه ”مينوئل اول“ جهازن ۽ ماڻهن جو جٿو پنهنجي ملڪ جي مشهور ناکئي ”واسڪوڊا گاما“ حوالي ڪيو جنهن انڊيا تائين پهچڻ جو سامونڊي رستو ڳولي ورتو.
    ڪولمبس جي نئين دنيا جي خبر آڻڻ تي پورچوگال جي مٿئين بادشاهه هڪ ٻئي ڪئپٽن ”پيڊرو الواريس ڪابرال“ حوالي 13 جهاز ۽ هزار کن ماڻهو ڪيا ته هو پورچوگال لاءِ نئين ڌرتي ڳولي. پيڊرو ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ اولهه ڏي رخ رکيو ۽ اچي برازيل کان نڪتو. هن جو جهاز برازيل جي ان هنڌ تي پهتو جتي اڄ ڪلهه ”پورٽو سيگورو“ بندرگاهه آهي جنهن کي انگريزيءَ ۾ Safe Harbour سڏين ٿا.
    پورچوگالين جا سٺا ڀاڳ هئا جو هڪ طرف برازيل تي قبضو ڪري ورتائون ته ٻي طرف انڊيا جي گوا وغيره تي. يعني هي اهو زمانو هو جو انڊيا ۾ اڃان مغل سلطنت شروع نه ٿي هئي. بابر جي حڪومت 28 سالن بعد 1526 ۾ انڊيا جي مٿين حصي دهلي آگري پاسي ٿي. هيڏانهن ڏکڻ ۾ هنن پورچوگالين ديرو ڄمايو. انهن ئي ڏينهن ۾ ـــ سال 1511 ۾ پورچوگالين ملايا جي ”ملاڪا سلطنت“ تي قبضو ڪيو ۽ پورچوگالي ائڊمرل البقريق (Albuqurque) هندي وڏي سمنڊ ۽ ايراني نار واري سمنڊ تي هڪ هٺي لڳائي ڏني. اتان لنگهڻ لاءِ چينين ۽ عربن کي به گوا، عدن ۽ ملاڪا جي پورچوگالي حاڪمن کان اجازت وٺڻي پئي ٿي. هر طرف کان پورچوگالين ناڻو، مال ملڪيت، سون چانديون هٿ ڪري پنهنجي ملڪ موڪلي ان کي امير ۽ خوشحال بنائي ڇڏيو.
    آمريڪا کنڊ جي مختلف ملڪن ۾ مختلف قسم جا مقامي قبيلا هئا جن کي يورپي ملڪن جي فاتحن ريڊ انڊين سڏيو ٿي. انهن ڌرتي جي رهواسين يعني ريڊ انڊين جي سمجهه ۽ عقل جي پنهنجي پنهنجي ليول هئي. انهن ۾ ماڊرن ته ڪير به نه هو. ظاهر آهي ماڊرن هجن ها، هٿيار هجنن ها ته هنن يورپين کي ماڳهين پاڻ وٽ قيدي بنائي ڇڏين ها. نه رڳو ايترو پر جي کين يورپين کان وڌيڪ ماڊرن جهاز هجن ها ته انهن يورپين کي انهن ۾ وهاري چون ها ته اڙي هلو واپس ۽ اسان کي پنهنجا ملڪ ڏيکاريو ته انهن تي اسان بم بارود هڻي قبضو ڪيون. ذرا تصور ڪريو پورچوگال جي بادشاهه کي برازيل حاصل ڪرڻ جي خوشخبري ٻڌائڻ بدران اهو اطلاع ملي ها ته پنهنجي جان بچاءِ برازيل جي خوفناڪ قبيلي جو سردار پورچوگال تي قبضو ڪرڻ لاءِ پهچي ويو اٿئي. پنهنجو تخت، تاج ۽ محل خالي ڪر نه ته هنن وٽ اهڙا ائٽمي بم اٿئي جو سڄو لسبن منٽن ۾ تباهه ڪري ڇڏيندئي. ۽ اهو ئي حال انگريزن جو ٿئي ها جيڪڏهن مغل بادشاهن يا سنڌ جي ميرن ۾ حال هجي ها.
    پر ائين نه ٿيو برازيل جا ريڊ انڊين ته آمريڪا جي ٻين ملڪن جي اصلي ماڻهن کان به ڄٽ هئا. انهن کي ته پوک جي به ڄاڻ نه هئي. اگھاڙا ٿي پئي هليا. رڳو مڇي ۽ جانورن جي شڪار جي ڄاڻ هين.
    پورچوگالين ڀليون زمينون ڏسي ڪمند، ڪافي، ڪپهه ۽ تماڪ جهڙين شين جي پوک ڪرڻ چاهي ٿي پر مڪاني ريڊ انڊين کي هڪ ته پوک نٿي آئي ۽ ٻيو ته هنن ۾ يورپين جي بيمارين لاءِ resistance نه هو. معمولي بيماري لڳڻ تي هو جلدي مري ويا ٿي. ياد رهي ته اهو به هڪ مسئلو هو يعني هڪ ٻئي جي ملڪ جي بيمارين کي برداشت نٿي ڪيو ويو. اڄ به اسان جا جهاز آفريڪا جي ڪنهن بندرگاهه ۾ وڃن ٿا ته ان ۾ سوار سڀني کي هيڊي بخار(Yellow Fever) جي بچاءَ جون سيون لڳايون وڃن ٿيون. اتي جا رهواسي شيدي ته برداشت ڪريو وڃن پر اسان ايشين يا يورپين جو ان بخار ۾ موت ٿيو وڃي.
    پوک ۽ کاڻين مان معدنيات ڪڍڻ لاءِ پورچوگالين پنهنجا پورچوگالي ۽ ٻيا گورا ڀائر يورپ کان گهرائڻ شروع ڪيا. پر ڪم ايترا گهڻا هئا جو اهي پوري نٿي پيا ۽ ٻي ڳالهه ته انهن ۾ ڪجهه يورپي خاص ڪري ’فرينچ‘ پورچوگالين تي سڙڻ لڳا ته هنن هيڏو وڏو ملڪ هٿ ڪري ورتو آهي سو هو ان جي ڪجهه حصن تي قبضو ڪرڻ لڳا. ان بعد پورچوگالين کي، توڙي هسپانين کي اهو نظر آيو ته ان جو علاج آفريڪا مان شيدين کي غلام بڻائي پورهئي لاءِ آڻجي. غلام نه پگهار گهرندا نه ڪا ٻي سهوليت. هنن لاءِ جهڙي تهڙي ماني ڪافي آهي سا به ايتري جو هو جيئرا رهي سگهن ۽ ڪم ۾ لڳا رهن. پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي غلامن جو سلسلو شروع ٿي ويو جنهن ۾ سڀني حصو ورتو. آفريڪا جي ڳوٺن جي وڏيرن کان وٺي انهن ملڪن جي يورپي حاڪمن توڙي عرب ۽ مسلمان ملڪن جي واپارين! مقامي غنڊن ۽ ڀوتارن آفريڪا جي نوجوان شيدين کي اٽڪلون ڪري، نشو پياري يا ماري ڪٽي بيهوش ڪري، رسن سان سوگھو ڪري مقامي واپارين کي وڪيو ٿي جتان پوءِ زنجبار، ممباسا، لئانڊا، ڊڪار جهڙن بندرگاهن ۾ آندو ويو ٿي. جتي انهن کي ٻاهر موڪلڻ لاءِ مزيد وڪرو ڪيو ويو ٿي. گهڻي ڀاڱي آمريڪا ويا ٿي جتي کانئن پوک جو ڪم ورتو ويو ٿي. ترڪي ۽ عرب ملڪن ڏي به ويا ٿي...... ويندي ميرن جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ به انهن جو وڪرو ٿيو ٿي جن مان سنڌ جي مشهور اديب، شاعر ۽ ٽيچر محمد صديق ’مسافر‘ جو والد صاحب ”گلاب“ به هڪ هو جيڪو سنڌ ۾ وڪرو ٿيو.
    آمريڪا جي سفر ۾ سڄي واٽ کانئن چَپُو هلايا ويا ٿي. جهڙي تهڙي پاروٿي ماني ڏني وئي ٿي. ايتريقدر جو ڪو حبشي غلام مري ويو ٿي ته ان جو مالڪن کي ڏک ضرور ٿيو ٿي جيئن ڪنهن جي رڍ ٻڪري وڪري کان اڳ مري وڃي پر پوءِ ان مئل ماڻهوءَ جو گوشت رڌي ٻين غلامن کي کارايو ويو ٿي ته ٻين جو ڪجهه پيٽ ڀرجي ۽ آمريڪا تائين جيئرا رهي سگهن بک وگهي مري نه وڃن. پوءِ آمريڪا جي سرزمين تي پهتل جيئرن شيدين جو يورپي جاگيردارن اڳيان واڪ لڳو ٿي ۽ انهن خريدارن هڪ هڪ اگھاڙي غلام جي جسم جو جائزو وٺي ان حساب سان اگهه ڪٿيو ٿي. خريداريءَ بعد هنن ڪوشش ڪري هنن کان گهڻي کان گهڻو ڪم ورتو ٿي. بيماريءَ جي حالت ۾ به هنن کان ڪم ورتو ويو ٿي. هر هڪ يورپيءَ جي اها خواهش هوندي هئي ته هن جيتري ۾ اهو غلام خريد ڪيو آهي ان مان ٻيڻ ٽيڻ جي ڪمائي ڪڍي وٺجي. جيئن ئي هو بيماريءَ ڪري ڏٻرو ٿي ٿيو يا ڪم ڪرڻ جي طاقت گهٽ ٿي ٿي ته يورپين هن کان وڌيڪَ ڪم وٺي ماري ٿي ڇڏيو جيئن سندس کاڌي جي چٽيءَ کان بچي وڃجي. اهو به ياد رهي ته آفريڪا جا هي شيدي غلام آمريڪا جي ريڊ انڊين وانگر جاهل، ڄٽ ۽ جھنگلي حالت وارا نه هئا. ڪيترائي سٺن خاندانن جا پڙهيل ڳڙهيل، هنر مند، مسلمان ۽ عيسائي هئا. ڇو جو هي سلسلو ته آمريڪا کنڊ جي ڳولا بعد 1500ع کان پوءِ شروع ٿيو. اسلام ته ان کان گهڻو گهڻو اڳ آفريڪا ۾ پکڙجي چڪو هو تڏهن ته موراڪو (المغرب) جهڙي آفريڪي ملڪ مان مسلمان سپهه سالار طارق بن زياد سمنڊ ٽپي اڄ واري اسپين ۽ پورچوگال تي قبضو ڪيو ۽ پوءِ 1492 تائين مسلمانن جي حڪومت رهي.
    بهرحال آمريڪا ۾ پوک جو ڪم ڪري پئسو ڪمائڻ وارن يورپي جاگيردارن، وڏيرن، ڀوتارن کي ان سان ڪو سروڪار نه هو ته هنن وٽ وڪرو ٿي آيل شيدي غلام عيسائي آهن يا مسلمان، هو پنهنجي وطن ۾ واڍا درزي هئا يا ماستر مولوي، هنن جا ننڍا ٻچا بک پيا مرن ۽ مائرون سندن اغوا ٿي وڃڻ جي غم ۾ انڌيون ٿي ويون آهن. بس هنن جو ڪم غلامن کان سخت پورهيو ڪرائڻو هو جو هنن کين رڍن ٻڪرين وانگر پڙيءَ ۾ واڪ ڏئي خريد ڪيو ٿي.
    هر دفعي ائٽلانٽڪ ڪراس ڪندي انهن ڏينهن جو سوچي مونکي اکين ۾ ڳوڙها تري ايندا آهن. اڄ جي ماڊرن دؤر ۾ جڏهن اسان جهاز هلائڻ وارن لاءِ جهاز تي فائو اسٽار هوٽل واريون سهولتون آهن ان هوندي به ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ لڳندڙ طوفانن ۽ ڇتيين ڇولين ۾ حالت خراب ٿيو وڃي. اهڙي موسم ۽ سمنڊ تي هڪ هڪ ڪلاڪ تڪليف ۾ گذري ٿو. اتي ان وقت جي ننڍن جهازن ۾ جيڪي ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙڻ ۾ اسان جي جهازن کان ٽيڻو چئوڻو وقت وٺندا هئا، انهن غلامن جي ڇا حالت ٿيندي هوندي جيڪي ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي ٻچن ٻارن سان خوش گذاري رهيا هئا ته کين رستي تان يا ڪنهن دڪان تان اغوا ڪيو ويو ۽ رسن سان ٻڌي زنجبار يا ڊڪار جهڙي بندرگاهه ۾ وڪرو ڪري آمريڪا موڪليو پيو وڃي جتي پهچڻ سان پڻ کانئن سخت پورهيو ورتو ويندو ۽ هنن جي زندگي انهن سورن ۾ ئي گذري ويندي.... ۽ هي سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو هو جيئن مقامي شيدي وڏيرا، ڀوتار، سردار ۽ هيڏانهن آمريڪا ڏي يورپي عيش جي زندگي گذارين.
    هڪ دفعو ڪنهن جهاز تي مونسان گڏ درٻيلي جو منهنجو پيٽارو جو ڪلاس ميٽ ڪئپٽن احمد حسين مخدوم به هو اسانجو جهاز آفريڪا جي ائنگولا ملڪ جي بندرگاهه لئناڊا کان ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪري نيويارڪ ڏي وڃي رهيو هو. برازيل تي قبضو ڪرڻ کان اڳ پورچوگالين آفريڪا جي هن ملڪ ائنگولا ۽ ڀرواري ملڪ نميبيا تي قبضو ڪيو هو ۽ ٻئي پاسي ڪينيا ۽ تنزانيا جي ڀر واري ملڪ موزمبق تي قبضو ڪري انهن ملڪن کي ائين پنهنجيون ڪالونيون (بيٺڪون) ٺاهيون هيون جيئن بعد ۾ اسان پاسي انڊيا، سلون، ملايا وغيره انگريزن جي قبضي ۾ رهيو. ائنگولا جو هي بندرگاهه لئانڊا جتان اسان لنگر کنيو، پورچوگالين برازيل تي قبضو ڪرڻ بعد ٺاهيو (ڊيولپ ڪيو) هو. هن بندرگاهه ۾ ٻه اڍائي سؤ سال غلامن جي وڪري جي مشهور منڊي رهي. هتي وڪرو ٿيل غلام گهڻو ڪري برازيل ۽ آمريڪا جي ٻين ملڪن ڏي موڪليا ويا ٿي. ائٽلانٽڪ سمنڊ ٽپڻ بعد جيڪي بچيا ٿي انهن کي وڏي اگهه تي وڪرو ڪيو ويو ٿي. ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪرڻ دوران هڪ دفعو وري اهي ڏينهن ياد ڪري مون احمد حسين مخدوم کي چيو ته اڄ يورپي هيومن رائيٽس جي ڳالهه ڪن ٿا پر کين انهن ڏينهن ۾ انسانن کي گڏهن خچرن کان به بدتر سمجھي ظلم ڪندي ڪو رحم آيو ٿي؟ اسلام ته ان کان منع ٿو ڪري پر ان هوندي به اسان جي عرب مسلمانن به ان ڪم کان گريز نٿي ڪئي. ان زماني ۾ هي ڪهڙي قسم جا ماڻهو هئا جن انسانن کي جيت جڻيا ٿي سمجيو!
    احمد حسين ٿڌو ساهه کڻي چيو تون ان وقت جي مسلمانن جي ڇو ٿو ڳالهه ڪرين! اڄ جي مسلمانن - بلڪ پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي صوبي جي مسلمانن جي ڇو نه؟ هڪڙا پاڻ کي حاڪم سمجھيو ويٺا آهن جيڪي عام ماڻهن کي غلام سمجھن ٿا. عوام کي بنيادي سهولتون به نٿيون ڏنيون وڃن. هن ماڊرن دؤر ۾ پاڪستان جهڙي ائٽمي طاقت واري ملڪ جي هر شهر ۾ بجلي تڪ ناهي. ماڻهو هٿ ۾ پنکا جھليو پيا لوڏين. پيٽ سان زالون سرڪاري اسپتالن ۾ تڙڦيو تڙڦيو مريو وڃن. نه آهن اسپتالون ۽ نه ڊاڪٽر. رستا ڀڳا پيا آهن جن تي روزانو حادثا ٿين ٿا ۽ سوين جانيون معذور ٿيو وڃن، بيروزگاري ۽ بي انصافيءَ جي حد ناهي. غريب ماڻهو ٻه ويلا مانيءَ لاءِ پريشان آهي ۽ حاڪم عوام جي ٽئڪس تي ست رڇيون پيا کائين ۽ هوائي جهازن ۾ سير شڪار ڪن. مانيءَ ڳڀو ته ڇا پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ناهي. ڪراچي جي ڪڊني سينٽر ۾ هلي ڏس ته ٿرپارڪر پاسي جا ٻار خراب پاڻيءَ ڪري گردن ۾ پٿر ٿيڻ جي سور ۾ تڙڦي رهيا آهن. اهو آهي ته يورپي وري به سڌري ويا آهن ۽ اڄ هنن وٽ جانورن لاءِ به نرم دل آهي. پر اسان وٽ ان جي ابتڙ آهي.
    بهرحال 1492 ۾ ڪولمبس جي آمريڪا ڳولڻ بعد ٽي صديون کن لکين شيدي غلام آمريڪا پهچايا ويا. پوءِ 1833 ۾ انگلنڊ وارن آمريڪا ڏي غلام موڪلڻ تي بندش وڌي. ان هوندي به ڏهه سال کن پورچوگالي آفريڪا کان برازيل لاءِ ٿورا گهڻا غلام گهرائيندا رهيا. انهن ٿورن جو تعداد به چار لک کان مٿي چيو وڃي ٿو. سختيءَ ڪري ۽ غلامن جي آمدرفت گهٽجڻ ڪري غلامن جو اگهه چڙهي ويو ۽ پوءِ نيٺ برازيل وارن به غلامن جي خريداري گهٽائي جو هنن کي پوک جي حساب سان وڏو فائدو نٿي ٿيو خاص ڪري ڪافيءَ جي پوک مان. آخرڪار انگلنڊ جي نيويءَ وارن 1888 ۾ اهو غلامن جي ڪاروبار جو سلسلو سختيءَ سان بند ڪرايو.
    غلامن جي اچڻ تي بندش ڪري آمريڪا جي ملڪن تي قابض يورپين کي معاشي نقصان رسيو. برازيل وارن برازيل کي اڇو بنائڻ لاءِ پنهنجي يورپي هارين کي گهرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿيا. ۽ هي اهو زمانو آهي يعني 1890 کان 1900 تائين جنهن ۾ برازيل جي پورچوگالين هارپي لاءِ جپانين کي اميگريشن لاءِ سهولتون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. جپان ۾ غربت ۽ بيروزگاري هئي ۽ هنن ڪنهن خوش حال ملڪ ۾ وڃي پورهيو ڪرڻ چاهيو ٿي جيئن ڪجهه عرصي کان اسان جي ملڪ جا ماڻهو سعودي عرب، دبئي، ملائيشيا يا ڪئناڊا آسٽريليا ويندا رهن ٿا.
    اڄ جو نوجوان شايد ان تان حيرت کائي ته دنيا جو ههڙو ماڊرن ۽ امير ملڪ جپان ڪنهن دور ۾ غريب به هو ڇا!. جپان جي هيءَ ترقي ٻي وڏي لڙائيءَ بعد جي آهي نه ته جپان ۾ نه ائگريڪلچر هو ۽ نه وڏي پئماني تي انڊسٽري. اهو ئي حال يورپ جي ملڪن جو هو تڏهن ته هو پئسي ڏوڪڙ ۽ خوشحالي لاءِ ايشيا، آفريڪا ۽ آمريڪا جي ملڪن تي قبضو ڪري لٽ ڦُر ڪرڻ لڳا. ٻي عالمي لڙائيءَ دوران اهو ئي ڪم جپان ٿي شروع ڪيو ۽ ملايا، سنگاپور کان برما تائين اچي پهتو هو. آمريڪا وٽ جي ائٽم بمن جي ايجاد نه هجي ها ته جپان سڄي ايشيا ـــ انڊيا، عرب ملڪن ۽ ايران ترڪيءَ کي ڀيلي يورپ تائين وڃي پهچي ها. پر آمريڪا جي بمن ڪري جپانين کان فتح ڪيل ملڪ ته هٿن مان هليا ويا پر سندن جپان به بي وس ۽ لاچار ٿي ويو! تڏهن ته چوان ٿو ته جي مغلن ۽ ميرن وٽ شعر و شاعري، نشي پتي، ڪبوتر پالڻ عشق ۽ عياشيءَ بدران ڪا فوج، ڪي بم گولا ۽ بارود، ڪا ماڊرن ٽيڪنالاجي هجي ها ته انگريزن کي انڊيا يا سنڌ مٿان قابض ٿيڻ ئي نه ڏين ها ۽ ان بدران هنن جي انگلنڊ جون وايون بتال ڪري ڇڏين ها. جيئن طارق بن زياد جي ڏينهن ۾ عربن ۾ ٻڌي، همٿ ۽ نيويگيشن (سامونڊي رستن) جي ڄاڻ هئي ته اسپين ۽ پورچوگال تي قبضو ڪري ويا ۽ اٺ صديون حڪومت ڪيائون ۽ پوءِ جڏهن عيش جي زندگيءَ ۾ آيا ۽ ڪمزور ٿي ويا ته غرناطا جي آخري حاڪم ابو عبدالله محمد الثاني عشر (محمد ٻارهين) جي ماءُ اسپين جي راڻي ايسابيلا کي ايلاز منٿون ڪندي رهي ته آڻ مڃڻ (Surrender ڪرڻ) واري رسم ۾ سندس پٽ کي گهڻو ذليل نه ڪيو وڃي. هيءَ اها راڻي آهي جنهن جي صلاح مشوري سان ڪرسٽافر ڪولمبس آمريڪا جي سفر تي نڪتو هو. چون ٿا ته اسپين جي آخري مسلمان ”حاڪم امير محمد 12“ جي آڻ مڃڻ واري رسم وقت ڪولمبس به موجود هو ۽ هن ان بابت پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو آهي ته 2 جنوري 1492 تي آڻ مڃڻ بعد اسپين جي شهر غرناطا ۽ اندلس وغيره تي هن عيسائي راڻيءَ جي حڪومت جا بئنر ۽ جھنڊا ڦڙڪايا ويا.
    جپان جنهن جي ٻي جنگ عظيم ۾ آمريڪن اها تعدي ڪئي جو کين تباهه ڪري رکيائين پر پوءِ هو محنت سان معاشي طرح سڄي دنيا ۾ مٿاهان ٿي ويا. ان سلسلي ۾ ڪنهن دوست واهه جو SMS ڪيو آهي ته جاپان جا ماڻهو آمريڪا خلاف نعري بازي يعني ”آمريڪا مرده باد“ يا ”مرگ بر آمريڪا“ ڇو نٿا چون جيتوڻيڪ جپان دنيا جو واحد ملڪ آهي جنهن تي آمريڪا ائٽم بم ڪيرايو هو ۽ ان حساب سان جپان آمريڪا جو وڏو دشمن هجڻ کتو ٿي. هي اهو سوال آهي جيڪو هڪ شخص جپانيءَ کان پڇيو هو. جپانيءَ چپن تي مرڪ آڻي وراڻيو: ”نعري بازي ڪمزور ماڻهن جو ڪم آهي جيڪي عملي طرح ڪجهه نٿا ڪن. اڄ آمريڪي صدر جي آفيس (وائيٽ هائوس) ۾ پيناسونڪ جو ٽيليفون ۽ سوني (Sony) جي ٽي وي رکيل آهي. اها ئي اسان جي سوڀ آهي ۽ اهو ئي اسانجو بدلو آهي.“
    بهرحال پاڻ جپانين جي ڳالهه ٿي ڪئي ته اهي ڪي امير نه هئا. سندن آڳاٽي ادب ۽ شعر و شاعريءَ مان به احساس ٿئي ٿو ته هنن جو پاڻي پُسئي ڀت تي گذر ٿيو ٿي. ملڪ ۾ نه ڌاتو آهي ۽ نه پوک لاءِ ڌرتي. ۽ جڏهن برازيل کي ڪافي پوکڻ لاءِ هارين جي ضرورت پئي ته ان وقت جپانين کي به روزگار جي سخت ڳولا هئي.
    سن 1907ع ۾ برازيل ۽ جپان جي حڪومتن اهو معاهدو ڪيو ته جپانين کي برازيل لڏي هلي هارپو ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. 1908 ۾ ڪاساتو مارُو (Kasato Maru) بحري جهاز ذريعي ڪوبي کان 790 ماڻهن جو وفد جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي هاري هئا، ڏکڻ آفريڪا جي ڪيپ آف گڊ هوپ کان ڦرندا برازيل جي بندرگاهه سانتوس (Santos) ۾ پهتا. هي بندرگاهه سائو پائولو کان 60 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ آهي.
    مٿيان جپاني هاري جيڪي جپان جي 14 ضلعن (اوڪيناوا، ڪاگو شيما ۽ ڪُوما موتو سميت) مان هئي برازيل جي هڪ ايجنسي ذريعي ڪافيءَ جي پوک جي ڪم جو ڪنٽرئڪٽ ڪري چڪا هئا. سو برازيل پهچڻ سان ڪم ۾ جنبي ويا. ان بعد هر سال جپان کان ڪيترائي پورهيت خاص ڪري بيروزگار اڪيلا يا ٻارن سان برازيل ايندا رهيا. ٻي عالمي جنگ شروع ٿيڻ تائين يعني 1941ع تائين ٻه لک جپاني برازيل ۾ رهائش اختيار ڪري چڪا هئا ـــ جن مان 75 سيڪڙو سائو پائولا ۾ رهيا ٿي.
    جپان کان برازيل ايندڙ جپانين مان گهڻن جي اها خواهش هئي ته برازيل ۾ ڪجهه سال هارپو ڪري خوب پئسو بچائي، امير ٿي وطن وربو. بهرحال امير ٿيڻ وارو خواب اهڙو هو جنهن جي ساڀيان نه ٿي سگهي. برازيل جا مالڪ يورپي وڏيرا ۽ جاگيردار جيڪي شيدي غلامن تي هريل هئا اهي جپانين کي به انهن جهڙو سمجھڻ لڳا. هنن کي بنهه گهٽ پگهار تي رکيو ويو ۽ هنن کان صبح کان شام تائين سخت پورهيو ورتو وڃڻ لڳو. جپاني هارين لاءِ هر خريداري پنهنجي مالڪ جي دڪان تان ڪرڻ ضروري ڪئي وئي. نتيجي ۾ هو ويا قرضي ٿيندا. شيدي غلامن وانگر هنن کي به ڪڏهن ڪڏهن مار موچڙو ڪيو ويو ٿي. نتيجي ۾ ڪيترا جپاني ذهني طرح پريشان ٿي هڙتالون ڪرڻ لڳا يا خودڪشيون! برازيل ۾ هنن لاءِ سخت پورهئي کان علاوه ٻولي جو مسئلو، مختلف موسم ۽ کاڌو پيتو، مختلف مذهب ۽ لائيف اسٽائيل ۽ ٻيون ڳالهيون هيون جن ڪيترن جپانين کي بيزار ڪري رکيو. واپس ورڻ لاءِ هنن وٽ ڀاڙو نه هو ان کان علاوه زمينن جي مالڪن/ وڏيرن هنن کي مدو پورو ڪرڻ کان اڳ وڃڻ نٿي ڏنو. پر پوءِ ڪجهه جپاني ته حالتن سان سمجھوتو ڪري زميندارن وٽ ڪافيءَ جي پوک ۾ لڳا رهيا ٻيا ڀڄي ويا ۽ وڃي ٻين شهرن ۾ مختلف پورهيا ڪيا. جن پئسو بچائي ورتو هو انهن پنهنجي زمين وٺي ان تي تماڪ، چانهه ۽ اسٽابيري پوکڻ لڳا. هتي اهو به لکندو هلان ته جپانين مان هرهڪ جپان ڇڏڻ وقت، پاڻ سان اسٽابيريءَ جو ٻوٽو کڻي نڪتو هو جنهن کي برازيل ۾ اچي پوکيو. اڄ به هر جپانيءَ جي گهر اڳيان توهان کي اسٽابيري جو وڻ نظر ايندو. برازيل جي مارڪيٽن ۾ جيڪا توهان کي اسٽابيري نظر اچي ٿي اها جپانين جي اچڻ بعد شروع ٿي. برازيل يعني نئين دنيا اسٽابيريءَ کان اڻ واقف هئي جيئن ڪولمبس جي آمريڪا ڳولڻ بعد اسان وٽ پٽاٽا ۽ ٽماٽا شروع ٿيا جن جو ٻج برازيل، پيرو ۽ گئاٽمالا کان ايشيا، آفريڪا ۽ يورپ ۾ آيو.
    اڄ برازيل ۾ جپانين جي چوٿين ٽهي رهي ٿي ۽ سندن آدمشماري 30 لکن جي لڳ ڀڳ آهي. اڳتي هلي جڏهن جپان پنهنجي پيرن تي بيٺو ۽ هن کي پورهيتن جي کوٽ ٿي ته جپاني حڪومت برازيل ۾ رهندڙ جپانين کي جپان ۾ رهڻ جي اجازت ڏني. هن وقت چيو وڃي ٿو ته جپان ۾ اٽڪل ٽي لک برازيل جا اهي شهري رهن ٿا جيڪي جپانين جو اولاد آهن.
    برازيل ۾ جيڪي جپاني رهن ٿا انهن کان اڄ جڏهن پڇيو وڃي ٿو ته توهانجو ڪهڙو مائٽ 1908 ۾ برازيل آيو ته هي اهو ئي ٻڌائين ٿا ته سندن تڙڏاڏو آيو هو يعني سندن ڏاڏي جو به ڏاڏو. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته برازيل ۾ رهندڙ اڄ جي نوجوان ٽهي چوٿين ٽهي (جنريشن) آهي بلڪه ڪي ته پنجين جنريشن ۾ اچيو وڃن ٿا. 1908 ۾ جڏهن جپان جي بندرگاهه ڪوبي کان جن جپانين سان جيڪو پهريون جهاز ڀرجي برازيل پهتو هو ان ۾ سڀ غريب هاري هئا. سڀني جو تعلق ٻهراڙيءَ سان هو. ڪجهه سالن بعد انهن مان ڪجهه هاري هارپو ڇڏي شهرن ڏي وڃي رهيا پر اتي به هو مزدوري ئي ڪرڻ لڳا. پوءِ انهن جو اولاد ڪجهه بهتر ٿيو. برازيل ۾ جپاني اسڪول کلي ويا جن مان هنن جو اولاد پڙهيو. ۽ پوءِ انهن جي ٽي جنريشن مان ڪن نوجوانن يونيورسٽين مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي ۽ ڪن پنهنجن جپانين سان شادي ڪرڻ بدران برازيل جي پورچوگالي ڳالهائيندڙ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان شادي ڪئي. اڄ ڏٺو وڃي ته جپانين جي نئين ٽهي هر فيلڊ ۾ آهي. ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل، پروفيسر، فوجي ويندي سياست، فلم، ٽي وي، ميوزڪ ۾ اڳيان اڳيان اچي ويا آهن. هي ائين آهي جيئن 1960 واري ڏهي ۾ جڏهن اسانجي جهازن پهريون دفعو ملائيشيا ۽ سنگاپور وڃڻ شروع ڪيو ته انهن ڏينهن ۾ اتي جيڪي انگريزن جي ڏينهن جا غريب سک پنجابي ۽ پٺاڻ رهيا ٿي اهي سڀ بئنڪن ۽ هوٽلن اڳيان چوڪيدار ۽ گارڊ هئا يا هنن ڍڳيون چاريون ٿي. پوءِ اسان جي اڳيان انهن جو اولاد پڙهي سرڪاري ۽ خانگي نوڪرين ۾ آيو. هاڻ ته سندن ٽي پيڙهي (جنريشن) وڏين سرڪاري نوڪرين ۾ آهي، فوج ۾ اعليٰ آفيسر آهن، وڪيل، سرجن، پروفيسر ۽ وڏن ڊپارٽمينٽل اسٽورن جا مالڪ آهن. اهو ئي حال برازيل ۾ رهندڙ نوجوان جپاني ٽهيءَ جو آهي. هن وقت انهن جپانين مان ڪجهه جا نالا ڌيان ۾ اچي رهيا آهن جيڪي نه فقط برازيل ۾ پر سڄي دنيا ۾ مشهور آهن.
    سڀ کان پهريون ”پوئو ڪامي يا“ برازيل جو جپاني ليکڪ آهي جنهن جا پورچوگاليءَ ۾ لکيل ڪيترائي ناول جپاني ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن، جيئن ته: No Game, No Life جيڪو بيسٽ سيلر به ٿيو. پاڻ 1984 ۾ برازيل ۾ ڄائو ۽ سندس زال ماشيرو هيئراگا جيڪا پڻ برازيل جي جپاني آهي مشهور آرٽسٽ آهي ۽ ڪارٽونن جا ڪتاب (جن کي جپانيءَ ۾ ”مَنگا“ سڏجي ٿو) ٺاهي ٿي.
    رُوئي اوهتاڪي پڻ برازيل جو جپاني آهي جنهن جو عمارتسازيءَ ۾ سڄي دنيا ۾ نالو آهي. Ruy Ohtake ـــ 1938 ۾ برازيل جي شهر Sao Paulo ۾ ڄائو ۽ هن شهر جي يونيورسٽيءَ مان 1960 ۾ آرڪيٽيڪچر ۾ گرئجوئيشن ڪئي.
    هونءَ برازيل ۾ سڀ کان گهڻا جپاني سائو پائولو شهر ۾ رهن ٿا. ايتريقدر جو پورچوگالي ڳالهائيندڙ ملڪ جي هن شهر Sao Paulo مان ٻه جپاني اخبارون نڪرن ٿيون. ”سائو پائولو شمبون“ ۽ ”نِڪي شمبون“. انهن مان هڪ 1946 کان ۽ ٻي 1998 کان شايع ٿي رهي آهي. هن شهر ۾ هڪ جپاني ميڊيم انٽرنيشنل اسڪول (Escola Japonesa de Sau Paulo) پڻ آهي جيڪو 1967ع ۾ کليو هو.
    مشهور ڳائڻي ليزا اونو (Lisa Ono) پڻ برازيل جي جپاني عورت آهي جيڪا 1962ع ۾ Sau Paulo شهر ۾ ڄائي. هوءَ سال جا ڇهه مهينا جپان ۾ ۽ ڇهه مهينا برازيل جي شهر ”ريو ڊي جنيرو“ ۾ رهي ٿي. اهڙي طرح دنيا جو مشهور فٽ بال رانديگر Ruy Ramos برازيل جو جپاني آهي. هي 1957 ۾ برازيل جي شهر ريو ڊي جنيرو ۾ ڄائو. اهڙي طرح هڪ ٻيو فٽ بال رانديگر ”برنو سوزوڪي“ (Bruno Suzuki) پڻ برازيل جو جپاني آهي.
    مشهور سومو پهلوان ”رڪارڊو سُوگانو“ برازيل ۾ رهندڙ جپانين جي ٽي پيڙهيءَ مان آهي. سُو گانو 1986ع ۾ برازيل ۾ ڄائو. هي ڪو پهريون برازيلن جپاني سومو ملهه (رڪيشي) ناهي پر هن کان اڳ به برازيل جا ٽي جپاني ”رڪيشي“ ٿي چڪا آهن، (سومو پهلوان کي جپانيءَ ٻوليءَ ۾ Rikishi سڏين ٿا) جيڪي آهن: ريوڪو، ڪونيازوما ۽ واڪا ازوما.
    اڄ جي هڪ مشهور نوجوان ماڊل ڇوڪري ”برونا تينوريو“ (Bruna Tenorio) جيڪا شئنل، ڪريسچن ڊايور ۽ Dolce & Gabbana جهڙن اشتهار ۾ اچي ٿي برازيل جي آهي جنهن جي ماءُ جپاني ۽ پيءُ پورچوگالي ڳالهائڻ وارو آهي.
    ڪيترين ئي فلمن ۽ ٽي وي ۾ ڪم ڪندڙ مزاحيه اداڪارا ”سئبرينا ساتو“ پڻ برازيل جي جپانڻ آهي جيڪا 1981ع ۾ برازيل جي شهر پينا پولس ۾ ڄائي. برازيل جو هڪ وزير “Luiz Gushiken” جيڪو 2013ع ۾ گذاري ويو جپانين جي پهرين ٽهيءَ مان آهي. پاڻ 1950 ۾ برازيل ۾ ڄائو جتي سندس ماءُ پيءُ جي شادي ٿي هئي. اهي جپان جي ڏکڻ واري علائقي اوڪيناوا کان برازيل لڏي آيا هئا. گوشيڪين جو سندس ماءُ پيءُ وانگر ٻڌ ڌرم سان تعلق هو پر پوـءِ سڄي زندگي بهائي ڌرم سان واسطو رکيو ۽ مرڻ کان ڪجهه سال اڳ هن پاڻ لاءِ اعلان ڪيو ته هو بَهائي آهي وفات بعد هن کي سائو پائولا شهر جي ”بهائي قبرستان“ ۾ دفن ڪيو ويو.
    هتي اهو لکندو هلان ته بهائي مذهب جا مبلغ ۽ عبادت گهر نه فقط دهليءَ جهڙن ايشيائي شهرن ۾ آهن پر يورپ ۽ آمريڪا جي به ڪيترن ئي شهرن ۾ آهن. برازيل ۾ بهائي مذهب 1919ع کان شروع ٿيو ۽ اڳتي هلي 1961ع ڌاري هتي جي رهاڪن جي ”بَهائي ڪميونٽي“ مضبوط ٿي. 1992ع ۾ جيڪا برازيل ۾ “Earth Summit” ڪانفرنس ٿي ان جو مقامي ۽ بين الاقوامي انتظام هتي جي بهائي ڪميونٽي ڪيو. ان بعد برازيل ۾ بهائي مذهب وارن جو اثر رسوخ ڪافي وڌي ويو. برازيل جي 2005ع واري آدمشماريءَ مطابق برازيل ۾ اڌ لک کان مٿي بهائي رهن ٿا. 1980ع ۾ برازيل جي شهر براسيلا ۾ انگريزي ۽ پورچوگاليءَ ۾ تعليم ڏيڻ وارو انٽرنيشنل بهائي اسڪول “Escola das Nacoes” کوليو ويو هو. اڄ ڪلهه هن اسڪول ۾ هڪ هزار کن شاگرد ۽ سؤ کان وڌيڪَ ٽيچر ۽ ٻيو اسٽاف عملو آهي. ملڪ جا ڪيترائي آرٽسٽ ۽ پروفيشنل بهائي آهن. برازيل جي جئز سنگر ”فلورا پورم“ جيڪا ايوارڊ به حاصل ڪري چڪي آهي ۽ اڄ ڪلهه USA ۾ رهي ٿي بهائي آهي.
    بهائي مذهب جو سلسلو ايران کان شروع ٿيو. اهو توحيد جي بنياد تي چيو وڃي ٿو جيڪو انسان ذات جي روحاني ايڪي تي زور ڏئي ٿو. بهائيت جون ٽي اهم تعليمات آهن: توحيد...... يعني الله هڪ آهي جنهن هيءَ سموري ڪائنات خلقي آهي، سڀ وڏن مذهبن جو روحاني بنياد ان هستيءَ طرفان آهي ۽ سڀ انسان برابر خلقيا ويا آهن.
    بهائي مذهب جو بنياد اوڻهين صديءَ ۾ بها الله نالي شخص رکيو. سندس انهن تعليمات ڪري کيس ايران (پرشيا) مان ڏيهه نيڪالي ڏئي سلطنت عثمانيه ڏي موڪليو ويو جتي جي سرڪاري جيل ۾ رهڻ دوران وفات ڪيائين. بهاء الدين جي گذاري وڃڻ بعد، سندس پٽ عبدل بهاءِ جي قيادت ۾ هي مذهب پرشيا (ايران) ۽ ترڪي کان يورپ ۽ آمريڪا تائين پکڙيو. ايران ۾ هن مذهب جي پوئلڳن سان سختيون ٿيڻ ته هنن مان ڪيترا بهائي ملڪ ڇڏي ڀر وارن ملڪن (پاڪستان سميت) ڏي لڏي ويا. اسان ننڍا هئاسين ته هنن بهائي مذهب وارن جون ڪراچيءَ ۾ ڪيتريون ئي چانهه بسڪيٽن جون ايراني ريسٽورنٽون هونديون هيون جن ۾ دخل (ڪائونٽر) وٽ فريم لڳل هوندو هو جنهن تي ”يا بهاء الابهي“ لکيل هوندو هو. ٿي سگهي ٿو انهن هوٽلن مان هينئر به ڪا ڪراچيءَ يا حيدرآباد، لاهور ۾ هجي.
    ***


    برازيل ۾ ننڍي کنڊ جا ماڻهو

    برازيل ۾ شروع شروع ۾ انڊيا جا گهڻو ڪري خلاصي (Seamen) ايندا رهيا. خلاصين يعني Seamen کي اڄ به جهازن تي لاسڪر (Lascars) سڏيو وڃي ٿو. جيڪو پورچوگالي لفظ Lascarm مان نڪتل آهي. انگريز سٺا جهازران ضرور هئا پر پورچوگالي انهن کان به ٻه هٿ اڳيان هئا. انگريز اسان وٽ انڊيا يا ملايا پهتا، پورچوگالي انهن کان سؤ سال اڳ ٺٽي، گوا، ممبئي ۽ ملاڪا کان اچي نڪتا هئا. هنن 1490 ۽ 1500 واري ڏهاڪي ۾ هڪ طرف انڊيا جي علائقن تي قبضو ڪري ورتو ته ٻئي طرف برازيل تي ته ٽئي طرف ملايا جي ”ملاڪا سلطنت“ تي. هنن جا جهاز هڪڙن هنڌن کان ٻين ڏي ويندا رهيا ٿي. فقط انڊيا جا ماڻهو ئي ذهين ۽ هوشيار هئا جن کي پورچوگالي ۽ بعد ۾ (اٽڪل سؤ سوا سؤ سالن بعد) انگريز مختلف ڪمن لاءِ وٺيو پئي هليا. سو اهڙي طرح دِيو، دامان، گوا، ممبئي، ٿانا، ڪوچين ۽ ڪجهه ڪجهه هگلي (ڪولڪتا) پاسي جا خلاصي برازيل ايندا ۽ واپس ويندا رهيا ۽ ڪي ته ٽڪي پيا پر انهن جو ڪو رڪارڊ ناهي. انهيءَ زماني ۾ نه پاسپورٽ هئا نه شناختي ڪارڊ ۽ نه وري ويزا جا فيشن...... جيڪو جيڏانهن ٿي ويو اتي رهي پيو ٿي ۽ ان جو اولاد مقامي ٻولي ۽ ڪلچر ۾ سمائجي ويو ٿي.
    بعد ۾ جڏهن پورچوگالي ايشيا، آفريڪا ۽ آمريڪا جي ملڪ برازيل ۾ ڄمي ويا ته انڊيا کان گورنر، وائسراءِ، عيسائي مبلغ ۽ سپاهي پنهنجن ايشيائي زالن، ڪنيزائن، نوڪرن، نوڪرياڻين ۽ غلامن سان برازيل اچي رهيا يا انهن جي ٽرانسفر ٿيندي رهي جيئن هڪ سؤ سال بعد جڏهن انڊيا ۾ انگريزن جي حڪومت شروع ٿي ته اهي به پنهنجن انگريز آفيسرن جي انڊيا کان ملايا، هانگ ڪانگ، ڪينيا وغيره بدلي ڪندا رهيا ٿي.
    صحيح معنيٰ ۾ انڊيا جي ماڻهن جي برازيل ڏي لڏي اچڻ جي لهر ويهين صديءَ ۾ ٿي جڏهن ڪجهه سنڌي هندو واپارين برازيل جي ڀر وارن ملڪن پاناما، سُري نام وغيره کان لڏي برازيل ۾ اچي دڪان کوليا. هو پاناما ۾ اوڻهين صديءَ جي آخر ۾ ئي اچي ويا هئا جن بابت شروع ۾ لکي چڪو آهيان. ان بعد ٻي لهر 1960ع بعد آئي جڏهن انڊيا جا ڪيترائي پروفيسر، ڊاڪٽر، انجنيئر ـــ خاص ڪري گوا پاسي جا، جن کي ٿوري گهڻي پورچوگالي به آئي ٿي برازيل جي شهر ”ريو ڊي جنيرو“ ۾ اچي رهيا. آفريڪا ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ پورچوگالين جون ڪيتريون ڪالونيون هيون جيئن ته ائنگولا، لئانڊا، موزمبق، ڪيپ وردي ٻيٽ وغيره جتي ڪيترائي انڊين رهيا ٿي. 1970ع کانپوءِ انهن ملڪن ۽ ٻيٽن جي ڪجهه انڊين ”برازيل“ جي خوشحاليءَ جون خبرون ٻڌي برازيل ڏي لڏ پلاڻ شروع ڪئي. اڄ برازيل ۾ ڪيترائي انڊين رهن ٿا جن ۾ ويهه هزار کن ته رڳو سنڌي هندو آهن جن مان ڪيترائي مقامي ماڻهن سان مڪس ٿي وڃڻ ڪري اڄ انهن جو اولاد پورچوگالي به ڳالهائي ٿو. ايتريقدر جو نئين ٽهيءَ جا ڪيترائي نوجوان سندن مادري زبان، سنڌي، گجراتي، هندي کان اڻواقف ٿي ويا آهن.
    انڊيا جي نسل جي نوجوان ٽهي پنهنجن وڏن وانگر واپار ۽ ٻني ٻاري ڪرڻ بدران مختلف فيلڊن ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪري رهي آهي. برازيل ۾ رهندڙ ڪجهه انڊين جو نالو ڪافي عام آهي. انهن مان هڪ ”ڪرنل سريش بسواس“ جو نالو ٻڌو وڃي ٿو. سريش 1861 ۾ بنگال جي شهر ناٿپور ۾ ڄائو. پڙهائي سان کيس دلچسپي نه هئي. 15 سالن جو هو ته پاڻيءَ جي جهاز ۾ لڪچوريءَ انگلنڊ پهتو جتي جي شهر ڪينٽ ۾ ڪنهن سرڪس ۾ جانورن کي ڪرتب سيکارڻ جو ڪم شروع ڪيو. ان بعد ان سرڪس سان گڏ جرمني جي شهر هئمبرگ ۾ اچي رهيو جتان برازيل لڏي ويو ۽ اتي جي فوج ۾ وڏي بهادريءَ سان مختلف محاذن تي ويڙهه ڪيائين ۽ ڪرنل ٿي رٽائرڊ ٿيو. پاڻ برازيل ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو ۽ بنگالين لاءِ باعث فخر ثابت ٿيو. ايتري قدر جو مشهور بنگالي ليکڪ ۽ فلم ڊائريڪٽر ستيجت ري پنهنجي هڪ بنگالي ناول ۾ ڪرنل سريش بسواس جو ذڪر ڪيو آهي. هن ناول جو انگريزي ترجمو The Curse of the Godders جي نالي سان ڇپجي چڪو آهي.
    ڪرنل سريش جي زندگيءَ جي ڪهاڻي هڪ ٻئي بنگالي ليکڪ ”اپيندرا ڪرشنا بينرجيءَ“ پڻ لکي جيڪا 1909 ۾ ڪلڪتي ۾ ڇپي هئي. ڪرنل سريش 44 سالن جي ڄمار ۾ برازيل ۾ وفات ڪئي.
    انڊيا جو سابق ڪرڪيٽ رانديگر اشوڪ گانڊوترا جنهن 1969 ۾ ٻه ٽيسٽ مئچون کيڏيون، برازيل جو شهري آهي. پاڻ 1948ع ۾ برازيل جي شهر ريو ڊي جنيرو ۾ ڄائو.
    سائنس ۽ ميڊيڪل جي دنيا ۾ ”فروئيلانو ڊي ميلو“ جو وڏو نالو آهي جيڪو گوا انڊيا ۾ 1887ع ۾ ڄائو ۽ اتي جي ميڊيڪل ڪاليج مانMBBS ڪيائين ان بعد پئرس جي يونيورسٽي ۽ پورچوگال جي پورٽو يونيورسٽيءَ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪيائين. پاڻ دنيا جو مشهور مائڪرو بايولاجسٽ، ميڊيڪل سائنٽسٽ، پروفيسر ۽ ڪيترن سائنسي ڪتابن ۽ مقالن جو ليکڪ ٿي گذريو آهي. پاڻ گوا (انڊيا) جي اسيمبلي جو ميمبر ۽ ”پنجم“ شهر جو ميئر به ٿيو. ٻه شاديون ڪيائين. سندس پهرين زال مئري (Marie. E. Caillat) سئٽزرلئنڊ جي شهر جينوا جي هئي. شاديءَ بعد اها به پنجم اچي رهي. مئري پهرين عورت آهي جنهن رابندر ناٿ ٽئگور جا ڪتاب فرينچ ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيا. برازيل جي شهر سائو پئالو ۾ لڏي وڃڻ بعد هن جو ’اسپينش فلو‘ وگھي موت ٿيو. کيس ڪو ٻار نه ٿيو. پروفيسر ميلو ٻي شادي به سئٽزرلئنڊ جي ڇوڪري هيڊوگ سان ڪئي جنهن مان هن کي ڇهه ٻار ٿيا. هيڊوگ ”انڊيا جي عورتن ۽ ذات پات جي چڪرن“ تي هڪ ڪتاب On the Soul of the Indian Woman لکيو. سندس هڪ پٽ پڻ ليکڪ ٿيو جنهن جو From Goa to Patagonia سفرنامو مشهور آهي. دراصل هي احوال لکڻ کان اڳ مون هي ڪتاب پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پر حاصل ڪري نه سگهيس. پروفيسر ميلو 1955ع ۾ وفات ڪئي.
    بالي ووڊ جي فلمن جو شوق رکندڙ اسانجو نوجوان طبقو مٿين ماڻهن مان ڪنهن کي سڃاڻي يا نه پر ”نٿاليا ڪور“ سِکڻيءَ کي ضرور سڃاڻندو هوندو جنهن انڊيا جي تيلگو ۽ ڪنهڙ زبانن کان علاوه هندي جي به ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي، جيئن ته:
    راڪي هئنڊسم
    جسم
    گنس آف بنارس
    ڊپارٽمينٽ، وغيره.
    پاڻ انڊيا جي ٽي وي پروگرام ”خطرون ڪي کلاڙي“ (Fear Factor) ۾ به ڪم ڪري چڪي آهي.
    نٿاليا ڪور 1990ع ۾ برازيل جي شهر ’ريو ڊي جنيرو‘ ۾ ڄائي. سندس پيءُ پنجاب (انڊيا) جو سک ۽ ماءُ پورچوگالي ڳالهائيندڙ برازيل جي آهي.
    پاڻ برازيل مان قانون پڙهڻ دوران ماڊلنگ شروع ڪئي. انڊيا ۾ ماڊلنگ ۽ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي آفر ملڻ تي هوءَ هاڻ گهڻو وقت انڊيا ۾رهي ٿي. گذريل سال 2015ع ۾ برازيل ۾ حسن جي مقابلي ۾ هوءَ ”مِس برازيل“ به ٿي.
    ***


    برازيل ۾ مسلمان

    برازيل هڪ ڏورانهون ملڪ آهي جنهن تي پورچوگال يعني يورپ جي ماڻهن جو قبـضو آهي. ظاهر آهي نئين دنيا جو هي ملڪ پهرين هنن (يورپين) ڳولي لڌو ۽ ان تي قبضو ڪيو. ملڪ ۾ جيڪي ان ڌرتيءَ جا اصلوڪا باشندا هئا اهي جهنگلي حالتن ۾ هئا جن کي پوک جي به خبر نه هئي ـــ ۽ نه وري هنن ضروررت محسوس ڪئي ٿي. دنيا جي وڏين ندين مان هڪ اميزان اتان وهي ٿي، مينهن به وسيا ٿي چوڌاري گھاٽا ٻيلا ۽ ميون جا وڻ هئا. جيڪي کين وڻيو ٿي انهن مان پٽي کاڌو ٿي. وڌ ۾ وڌ مڇي ۽ جانورن جو شڪار ڪيو ٿي. هنن ته جسم ڍڪڻ به ضروري نٿي سمجھيو. پورچوگالي گورن جي پهچڻ تي هنن مان جن مزاحمت ڪئي ٿي انهن کي يورپين ختم ڪري ٿي ڇڏيو.... يورپين وٽ بم بارود هئا، اٽڪلن سان ڀريل دماغ هو.... ان سان مقامي ماڻهو ڪهڙو مقابلو ڪري سگهيا ٿي. يورپين ته اسان جهڙن يعني ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي به قبضي ۾ ڪري ڇڏيو، ملئي ۽ عرب ماڻهن تي ئي حاوي ٿي ويا نه ته جيستائين عرب سگھارا هئا، منظم هئا، عقل کان ڪم ورتائون ٿي ۽ خبردار هئا ته اهي ساڳيا يورپي هنن جي هٿ هيٺ هئا ۽ عربن پورچوگالين ۽ هسپانين تي ست اٺ سال نه پر ست اٺ صديون حڪومت ڪئي. مون ڄاڻي واڻي عرب لکيو آهي ۽ مسلمان نه...... ان ڪري جو سئيڊن جي يونيورسٽيءَ ۾ جتي مون سان گڏ هڪ سؤ کن ملڪن جا شاگرد پڙهيا ٿي جن ۾ عرب، انڊين پاڪستاني، آفريڪن ۽ يورپي به هئا. هڪ دفعي ڪئنٽين ۾ يورپين سان بحث ڪندي اسان جي تر جي هڪ شاگرد چيو ته اسان مسلمانن توهانجي يورپي ملڪن تي اٺ سؤ سال حڪومت ڪئي. ان تي هڪ سعودي عرب جي شاگرد ٽهڪ ڏيندي اسان کي چيو ”توهان مسلمانن؟“ توهان هندي مسلمانن (يعني انڊيا ننڍي کنڊ جي مسلمانن) ۾ ته ايتري همت نه هئي ته کڻي پنهنجو بچاءُ ڪريو.... ڪڏهن ڪو افغانستان کان بابر پئي آيو ته ڪڏهن ايران کان نادر شاهه .... توهان کي موچڙا هڪ طرف ٿي هنيائون ته توهان جي ننڍي کنڊ تي قبضو الڳ ٿي ڪيائون ۽ توهان رڳو ڪبوتر پالڻ ۾ مشغول هئائو.... توهان مان ڪير اسپين ۽ پورچوگال آيو هو... اهي اسان عرب هئاسين جن يورپين تي حڪومت ڪئي....“ وغيره. سو ان وقت ان سعودي عرب جي شاگرد جي ڳالهه ٻڌي اسان پاڪستان ۽ بنگلاديش جي شاگردن کي ڪافي باهه لڳي پر پوءِ سگهوئي محسوس ڪيوسين ته ڳالهه ته صحيح ٿو ڪري.
    بهرحال مقامي ماڻهن کي ماري ڪٽي ۽ ٻين کي آرسين، ڪئنچين، ڇرين جهڙا تحفا ڏئي هنن کي ۽ هنن جي ملڪ کي قبضي ۾ ڪيو. آهستي آهستي هو پورچوگال کان پنهنجا وڌيڪَ گورا گهرائيندا برازيل ۾ آباد ڪندا ويا. پورچوگال جي سامهون موراڪو، ماريطانيا ۽ مالي جهڙا آفريڪي ملڪ آهن هو اتي جي ماڻهن کي به گهرائي سگهيا ٿي پر مسلمان هجڻ ڪري پورچوگالين هنن کي گهرائڻ نٿي چاهيو جو هنن کي سندن مٿان عرب ۽ بربر مسلمانن جي حڪومت جون يادون اڃان تازيون هيون وڌ ۾ وڌ هنن پنهنجي يورپ جي ملڪن: فرانس، اسپين، جرمني، اٽلي وغيره جي عيسائين کي رهڻ ڏنو ٿي. اهو ئي سبب آهي جو دنيا ۾ برازيل اهو ملڪ آهي جنهن ۾ سڀ کان گهڻا ڪئٿولڪ عيسائي آهن.
    اسان ته جڏهن گذريل صديءَ جي سٺ ۽ ستر واري ڏهاڪي ۾ برازيل جي بندرگاهن: سانتوس، ريو گرانڊي، ريوڊي جنيرو وغيره ۾ وڃڻ شروع ڪيو ته برازيل جي شهرن کي پئرس، لنڊن، هئمبرگ کان وڌيڪَ ماڊرن ۽ آزاد ڏٺو.... ايتريقدر جو سامونڊي ڪناري وارن شهرن جي گهٽين ۾ يورپي گورين ڇوڪرين کي بڪنين ۾ هلندو ڏٺو. ۽ پوءِ ڏهاڪو کن سالن بعد جڏهن اسانجو جهاز وري برازيل اچڻ لڳو ۽ بندرگاهه ۾ گهڻا ڏينهن ترسيو ته اسان کي هن ملڪ جي ماڻهن، ثقافت، ڪلچر ۽ ٻهراڙي کي وڌيڪَ غور سان ڏسڻ ۽ جائزو لڳائڻ جو موقعو مليو. اهو پسي حيرت ٿي ته جن گهٽين ۾ عورتون مختصر ڊريس ۾ ٺينگ ٽپا ڏئي رهيون آهن اتي رکي رکي عبايا ۽ حجاب ۾ به ڪا گوري شڪل واري مسلمان نظر آئي ٿي. ڪيترن وڏن شهرن ۾ مسجدون به ڏسڻ ۾ اچڻ لڳيون جن جي ڊگهن منارن ڪري اهي پري کان ظاهر هيون. هونءَ ته انگلنڊ جي شهرن جي مسجدن ۾ وڃبو هو ته گهڻي ڀاڱي اسان جي شڪلين جا هوندا هئا... يعني، انڊين، پاڪستاني، بنگلاديشي وغيره پر سئيڊن ۽ ناروي جي مسجدن وانگر هتي برازيل ۾ به ننڍي کنڊ جو ماڻهو ڪو ورلي نظر ٿي آيو. گهڻي ڀاڱي مقامي گورا نظر ٿي آيا. چون ٿا ته نائن اليون واري واقعي کان پوءِ مقامي گورن جي مسلمان ٿيڻ جو تعداد تمام گهڻو وڌي ويو آهي ۽ 1980ع واري ڏهاڪي تائين جتي برازيل ۾ ڏهه کن مسجدون مس هيون اتي هاڻ انهن جو تعداد ٻه سؤ کان مٿي ٿي ويو آهي. برازيل عيسائين جو ملڪ آهي ۽ آدمشماريءَ دوران مذهب جي خانن ۾ پروٽسٽنٽ ۽ ڪئٿولڪ يعني عيسائي فرقن جا ته ڪالم آهن پر برازيل ۾ ڪيترا مسلمان، هندو، ٻڌ، سک رهن ٿا انهن لاءِ هڪ ئي ڪالم ”متفرقه“ آهي سو سرڪاري طرح ته خبر نٿي پوي ته برازيل ۾ ڪيترا مسلمان آهن پر برازيل جي مسجدن ۽ اسلامي سينٽرن جي امامن، انچارجن ۽ مولوين کان خبر پوي ٿي ته برازيل ۾ اڄ ڪلهه ويهن کان ٽيهه لک مسلمان رهن ٿا.
    برازيل ۾ اسلام ڪڏهن کان آيو ان جي تاريخ بابت ڄاڻ مقامي مسلمانن کان ئي پوي ٿي. ان بابت ڪيترائي مضمون به ڇپجي چڪا آهن. برازيل ۾ جي مسلمانن جي تاريخ ڏسجي ته ان وقت کان شروع ٿي ٿئي جڏهن کان برازيل ۾ آفريڪا کان غلام امپورٽ ڪيا ويا. يورپ جي گورن (پورچوگالين) کي برازيل ته هٿ لڳي ويو ۽ ڏٺائون ته زمينون به ڀليون آهن ته پاڻي به جام آهي پر پوک لاءِ هاري ناري مزدور ڪٿان اچن. برازيل جي اصلوڪن ماڻهن کي موچڙو مار ۽ قتل عام ڪري هنن کي نه رڳو چپ ڪرائي ڇڏيائون پر هنن کي نوڪري ۽ غلامن جي حد تي بيهاري ڇڏيائون. پر ڳالهه اها هئي ته برازيل جا اهي اصلي ماڻهو (جن کي کڻي ريڊ انڊين سڏجي) بنهه پٺتي پيل هئا ۽ نه وري ڪو هو عقل ۾ اڪابر هئا جن کان پورهيو ورتو وڃي ۽ هو ڳالهه سمجھي وڃن ته زمين ڪيئن ٺاهجي، هر ڪيئن ڏجي، ٻج ڪيئن ڇٽجي.... وغيره وغيره. ان ڪم لاءِ هلندڙ ٽرينڊ مطابق هنن به آفريڪا مان شيدي غلام گهرائڻ شروع ڪيا. نوجوانن ۽ صحتمند شيدي مردن توڙي عورتن کي سندن ڳوٺن، ٻهراڙين ۽ مارڪيٽن مان ڌتاري يا بندوق جي زور تي اڏن تي آڻڻ ۽ انهن کي نشو ڏئي هٿ پير ٻڌي زئنزبار يا لئانڊا جهڙن ساحلي شهرن ۾ آندو ويو ٿي جتي وڏن ٺيڪيدارن خريد ڪري وري ٻاهران آيل واپارين کي وڏي اگهه ۾ وڪيو ٿي هنن جهازن ذريعي ڪجهه ڪجهه ايشيا ۽ ڪجهه يورپ جي ملڪن ڏي موڪليا ٿي باقي گهڻا غلام خاص ڪري صحتمند ۽ متارا پهلوان پوک جي ڪمن لاءِ آمريڪا موڪليا ٿي. آمريڪا پهچڻ تي هڪ هڪ غلام کي اگھاڙو ڪري ڏيکاريو ويو ٿي ته هن جا هٿ پير سلامت آهن ۽ هنن جو جسم ڪنهن هنڌ به زخميل ناهي. ان بعد واڪ هليو ٿي ۽ هر هڪ غلام کي نئين مالڪ کي تين وال ڪيو ويو ٿي. هن ڪم ۾ ـــ غلامن کي سندن گهرن ۽ ڳوٺن کان اغوا ڪرڻ کان آمريڪا ۾ اچي نيلام ڪرڻ ۾ سڀ شامل هئا. ائين نه ته اهو ڪم فقط يورپين ڪيو ٿي پر ان ۾ عرب توڙي آفريڪي ڳوٺن جا شيدي وڏيرا ۽ ڀوتار شامل هئا. ۽ نه فقط عيسائي ۽ لا مذهب پر انهن غلامن ۽ اغوا ڪارن ٻنهي ۾ مسلمان به شامل هئا. اسلام جيتوڻيڪ انسان کي رڍ ٻڪري وانگر وڪڻڻ، اغوا ڪرڻ ۽ اجوري بنا پورهيو وٺڻ کان منع ڪري ٿو پر اهو ڪم آفريڪا کنڊ جي چوڌاري لڳو رهيو ٿي.... جيئن اڄ به اسان جي مسلمان ملڪ ۾ مسلمان شراب خانا ۽ چڪلا پيا هلائين، اغوائون ۽ چوريون ڌاڙا پيا هڻائين. امير توڙي غريب جو ٻار حفاظت ۾ نه آهي. ڪچي شراب وڪڻڻ ۽ پيئڻ ڪري سوين ماڻهو پيا مرن. هينئر ويجھڙائيءَ ۾ ٽنڊو محمد خان پاسي جيڪي 53 ماڻهو شراب وگھي مري ويا ان ۾ اڌ کان وڌيڪَ مسلمان هئا. جن ۾ عورتون به شامل هيون! اهو ئي حال پنج صديون اڳ انهن مسلمانن جو هو جن پنهنجي ڳوٺ جي مسلمان نوجوانن کي اغوا ڪري زنجبار ۽ ممباسا موڪليو ٿي جتي انهن جو عرب ۽ يورپي واپارين کي وڪرو ڪيو ويو ٿي. سندن دلين ۾ ڪو قهڪاء نٿي پيدا ٿيو.
    سڙيل سوپارين ۽ گٽڪن ڪري اسان وٽ ڪيترا ٻار ڪئنسر جي مرض ۾ مبتلا ٿا ٿين. بئنڪاڪ ۾ اسانجي جهاز تي ڪراچيءَ لاءِ لوڊ ڪرائيندڙ انهن سڙيل سوپارين جي هڪ مسلمان ٿائي واپاريءَ کي چيم ته ڇو ٿا هي موت اسانجي ملڪ ڏي موڪلي اسانجي ننڍي ٽهيءَ جو خانو خراب ڪريو؟ هڪ مسلمان جي حيثيت ۾ توهان کي مسلمانن تي ظلم ڪندي ڪو خيال به نٿو ٿئي؟ هن چيو ته ”پوءِ توهان گهرايو ڇو ٿا؟ آئون جي نه وڪڻندس ته اسانجي ملڪ (ٿائلنڊ) جو ڪو ٻيو وڪڻندو.“
    اها ڳالهه 1975ع ڌاري جي آهي جيڪا مون ان وقت پنهنجي سفرنامي ۾ لکي هئي. اڄ ان کي چاليهه سال ٿي ويا آهن اڄ به انهن سوپارين ۽ گهٽڪن جو اسانجي شهر شهر، گهٽي گهٽي ۾ ڪاروبار جاري آهي. ويندي اسان جي پوليس جيڪا پڻ مسلمان آهي چار پئسا خرچيءَ جا وٺيو اکيون پوريو ڇڏي ۽ اسان مسلمانن جون وڃن پيڙهيون تباهه ٿينديون.... نه واپارين کي نه وڪڻڻ وارن کي اهو قياس ٿئي ٿو ته ان جي ڪري بيمار ٻار جي گهر ۾ ڪهڙي ويڌن هوندي. اهو ئي حال ان وقت غلامن جي ڪاروبار ڪرڻ وارن جو هو. هنن کي پئسو ڪمائڻ سان هو.... اغوا ٿيل شيدي نوجوانن جي گهرن ۾ ڇا قهرام ٿيو ٿي ان سان هنن جو ڪو واسطو نه هو.
    آمريڪا ڏي جيڪي غلام پهتا ٿي ان جو 37 سيڪڙو برازيل خريد ڪيو ٿي. شروع شروع ۾ ڪمند جي پوک لاءِ 1550 کان برازيل گهٽ ۾ گهٽ ٽيهه لک آفريڪي غلام امپورٽ ڪيا ۽ ريسرچ ڪرڻ وارن اسڪالرن جو چوڻ آهي ته جيترا مسلمان شيدي غلام برازيل خريد ڪيا اوترا آمريڪا جي ڪنهن ٻئي نه ڪيا. آمريڪا ۾ غلامن جي عمر ڪا وڏي نٿي رهي جو هنن کان سنڌ جي ميرن يا ترڪن جي حرمن وانگر آسان ڪم نٿي ورتو ويو. آمريڪا ۾ خريد ڪيل غلامن کي اڻ پوري کاڌي تي تمام سخت پورهيو ڪرڻو پيو ٿي. جيئن اسان وٽ ڪيترا زخمي ٿيل گڏهه به بار کڻندا رهن ٿا تيئن هنن زخمي غلامن مان به ڇڪي ڪم ورتو ٿي. هڪ عمر پورهيو وٺڻ بعد مالڪن جڏهن ڏٺو ٿي ته هي غلام هاڻ ڪو ڪار آمد نه رهيو آهي ته هن کي بکيو اڃيو ڇڏيو ويو ٿي ته مري وڃي يا وڃي پاڻ پنهنجو گذر سفر ڪري. اهو ڪم صديون هلندو رهيو. دنيا جون اکيون تڏهن کليون جڏهن مسلمانن (يعني آفريڪي نسل جي برازيلين جيڪي آفريڪا کان آيل شيدي غلامن جو اولاد هئا) 1835 ۾ برازيل جي باهيا (Bahia) رياست ۾ بغاوت ڪئي. ڪيترن آفريڪن نسل جي مسلمانن باهيا جي گادي واري شهر ”سل و دور“ جي گهٽين ۾ رستا روڪ ڪري ڇڏي ۽ اهو سلسلو ٽن ڪلاڪن کان وڌيڪَ نه هليو پر شهري ۽ سپاهي في الحال ته پريشان ٿي ويا ته اها بغاوت يا بلوو وري به ٿي سگهي ٿو. پر برازيل ۽ سڄي آمريڪا جي تاريخ ۾ غلامن طرفان اهو هڪ وڏو بلوو (Revolt) چئي سگهجي ٿو. هن ۾ اٽڪل 300 کن آفريڪي شيدي مسلمانن حصو ورتو جن مان 100 کن مارجي ويا، ٻيا زخمي ٿيا. ڪيترن کي قيدي بنائي جيل حوالي ڪيو ويو، ڪن کي ڦاهي ڏني وئي ۽ ڪن کي آفريڪا روانو ڪيو ويو. هن هنگامي برازيل ۾ رهندڙ يورپين کي خوف ۽ هراس ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. ان کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ برازيل ۾ رهندڙ شيدي مسلمانن تي سخت نظر رکي وئي ۽ ايندڙ سالن ۾ سخت ڪوششون ڪري انهن کي زبردستي عيسائي بنايو ويو ۽ هنن جي اولاد جي دلين تان اسلام لاءِ پيار يا يادون ڪڍڻ جون ڪوششون جاري رکيون ويون. پر وقت ثابت ڪيو ته ان ۾پورچوگالين کي ڪا خاص ڪاميابي نه ٿي. 1910 ۾ جڏهن ڳڻپ ڪئي وئي ته برازيل ۾ هڪ لک کان مٿي آفريڪن مسلمان هئا.
    برازيل ۾مسلمانن جو هڪ ٻيو ريلو تڏهن آيو جڏهن پهرين جنگ عظيم ۾ ترڪي جي عثمانيه سلطنت ڪمزور ٿي ۽ شام ۽ لبنان جا عرب (جن ۾ عيسائين سان گڏ مسلمان به هئا) لڏي برازيل ۾ اچي رهيا. انهن مسلمان عربن جي اڄ به گهڻائي Sau Paulo واري علائقي ۾ رهي ٿي. هنن جا جپانين وانگر پنهنجا عربي نموني جا کاڌا پيتا ۽ ويس وڳا آهن. هنن جي گهرن جي عمارتسازي (Architect) مشرقي نموني جو آهي. هنن جي دڪانن تي اهي شيون وڪامن ٿيون جيڪي عربن ۾ پاپيولر آهن. ايتريقدر جو برازيل ۾ مئڪڊونالڊ بعد فاسٽ فوڊ جي ٻيو نمبر چين هنن عربن جي ”الحبيب“ آهي. سائو پائو شهر جو سٽي ناظم قونصلر محمد مراد نالي هڪ مسلمان عرب وڪيل آهي. هن علائقي ۾ مسجدون به گهڻيون نظر اچن ٿيون سڀ کان آڳاٽي ”دو استادو ايونيو“ تي آهي.
    ان مسجد جي ڀرسان قرآني تعليم جو اسڪول به آهي. برازيل جي مسجدن تي برازيل جي مسلمانن (جن ۾ پورچوگالي گورا به آهن جيڪي عيسائيت مان مسلمان ٿيا)، وڏو خرچ ڪيو آهي. مٿين شهر کان علاوه سانتوس شهر (جيڪو بندرگاهه به آهي) پارانا (Parana) ڪُوري تيبا (Curitiba) ۽ فوز (Foz do lguacu) شهرن جون مسجدون ڏسڻ وٽان آهن. ”نائن اليون“ واري واقعي کان پوءِ برازيل ۾ رهندڙ پورچوگالي گورن کي اسلام جي ڄاڻ رکڻ جي هورا کورا پيدا ٿي ۽ وڏي انگ ۾ اسلام قبول ڪري رهيا آهن. ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته قرآن شريف جا پورچوگالي ٻوليءَ ۾ ٽي کن ترجما برازيل ۾ موجود آهن جن جا ترجميڪار هتي جا مقامي پورچوگالي گورا آهن. برازيل جي ڪيترين مسجدن جا امام عرب ملڪن کان گهرايا وڃن ٿا جن جو خرچ پکو اتي جون حڪومتون ڏين ٿيون جيئن سئيڊن ۾ تعليم دوران اتي جي مسجدن ۾ ڏسندو هوس ته ترڪي ۽ ڏکڻ آفريڪا کان امام ۽ عالم ايندا هئا. برازيل جي شهر ”ڪئمپيناس“ جي خوبصورت مسجد، ”اسماعيل هاتيا“ نالي هڪ سائوٿ آفريڪن مسلمان ٺهرائي جيڪو 1956 ۾ برازيل آيو هو. هاتيا هڪ اسلامي اسڪول به هلائي ٿو. مسجد کي پورچوگالي ٻوليءَ ۾ ميسقتا Mesquita سڏين ٿا. جيئن سائو پائولو جي هڪ آڳاٽي مسجد ٻاهران ان جو پورچوگالي ٻوليءَ ۾ Mesquita Do Brasil لکيل آهي. اها مسجد 1929ع جي ٺهيل آهي.
    برازيل ۾ مسلمانن کي ان قسم جي دهشتگردي جي خطابن سان نٿو نوازيو وڃي جيڪو يورپ ۽ آمريڪا ۾ اسان مسلمانن لاءِ عام ٿيندا وڃن. ڪيترائي مسلمان، ملڪ جي ٻين ڪمن سان گڏ سياست ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ به آهن. عرب نسل جو ابراهيم ابي عاقل جسٽس منسٽر (وزير قانون) رهي چڪو آهي. عثمار شفي فارين افيئرس جو ڊپٽي وزير رهي چڪو آهي. سليم مولوف نالي هڪ مسلمان جيڪو سائو پائولو جو گورنر هو پر ڪرپشن ڪري اڄ ڪلهه جيل ۾ آهي. ڪيترائي رانديگر مسلمان آهن جن ۾ ڪجهه آفريڪي شيدين جو اولاد آهن ته ڪجهه مقامي يورپي گورن جو - جن اسلام قبول ڪيو. انهن مان ڪجهه مشهور هن ريت آهن:
    جهاد خودر ـــ تارو ۽ سرفر
    جوروان ـــ فٽ بال ڪوچ
    مارسيو سوزا ـــ فٽ بال رانديگر
    فابيو ڪاروالهو ـــ فٽ بال رانديگر
    جيدل گريگوريو ـــ لانگ جمپر
    وليد اسماعيل ـــ جوڊي ڪراٽي جو ماهر..... وغيره
    برازيل ۾ گهڻي ڀاڱي سني مسلمان آهن پر عراق ۽ ايران جي لڙائين ۽ انقلاب بعد اتي جا ڪافي شيعا برازيل ۾ اچي رهيا. برازيل جي ڏاکڻي شهر ”ڪوري تيبا“ جي مسجد جيڪا ”مسجد امام علي ابن ابي طالب“ نالي سان آهي اها هنن شيعن ٺهرائي پر هن ۾ شيعا ۽ سني سڀ گڏ نماز پڙهن ٿا. برازيل ۾ مسلمانن جي مختلف فرقن ۽ ٻين مذهبن جي ماڻهن کي هڪ ٻئي لاءِ ڪافي سهپ ۽ خيال رهي ٿو. هن مسجد ۾ يحيٰ ابن آدر ذتا Adir Zatta نالي 28 سالن جو هڪ نوجوان گورو مسلمان به نماز پڙهي ٿو جيڪو پاڻ کي شيعو سڏائي ٿو جيتوڻيڪ جنهن هن کي مسلمان بنايو اهو سني هو. يحيٰ جو چوڻ آهي ته ”مونکي ڪا به پريشاني نٿي ٿئي جڏهن هن مسجد ۾ منهنجي ڀر ۾ سني بيهي نماز پڙهي ٿو ۽ پريشاني ٿئي به ڇو جڏهن اسان جو الله هڪ آهي، رسول ساڳيو آهي ۽ قرآن ساڳيو آهي“.
    هن مسجد کي روزانو ٽيهه هزار ٽوئرسٽ ڏسڻ لاءِ اچن ٿا. هن مسجد سان گڏ هن سال کان اسلامي آرٽ ۽ ڪلچر جو ميوزيم پڻ شروع ڪيو ويو آهي جنهن جو افتتاح امام خمينيءَ جي پوٽي سيد حسن خميني ۽ ايران جي سفير محمد علي غني زادي ڪيو. مسجد جي انتظاميه ڪميٽيءَ کي اميد آهي ته جلد ٽوئرسٽن (سياحن) جو تعداد هڪ لک ساليانو ٿي ويندو ۽ گهڻي کان گهڻن ماڻهن کي هن ميوزيم ذريعي اسلام جي ڄاڻ ٿي سگهندي.
    برازيل جو هي شهر ڪوري تيبا 25 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي دنيا جي ڏکڻ اڌ گول ۾ آهي. سمجھو ته خط استوا کان ايترو پري ۽ ڏکڻ ۾ آهي. جيترو حيدرآباد (سنڌ) خط استوا کان اتر ۾ آهي. اڄ ڪلهه جولاءِ جي مهيني ۾ جڏهن اسان وٽ اونهاري جون سخت گرميون آهن ته ڪُوري تيبا شهر ڏکڻ اڌ گول ۾هجڻ ڪري اتي سيارو آهي ۽ ايتري سردي هوندي جيتري ڊسمبر جي مهيني ۾ حيدرآباد ۾ ٿئي ٿي. اڄ ڪلهه (يعني جولاءِ ۾) سج ستين بجي اڀري ٿو ۽ پوڻي ڇهين لهڻ تي هتي جي مٿين مسجد ۾ مغرب نماز ٿئي ٿي. مسجد جي ٻاهران باقي نمازن جا ٽائيم هن ريت لکيل آهن:
    فجر ــــ 5:45 (پوڻي ڇهين وڳي)
    ظهر ــــ 12:30 (ساڍي ٻارهين وڳي)
    عصر ــــ 03:30 (ساڍي ٽين وڳي)
    عشاء ــــ 07:00 (ستين وڳي).
    ***


    پورچوگالي لفظن جو اسان وٽ استعمال

    اسان جي سنڌي يا اڙدو تي عربي ۽ فارسيءَ جو تمام گهڻو اثر آهي. ڪيترائي اهڙا لفظ جن کي اڄ اسان پنهنجي ٻوليءَ جا سمجھون ٿا اهي دراصل عربي يا فارسي جا آهن. قرآن پڙهڻ ڪري اسان کي ڪيترن ئي عربي لفظن سان واقفيت ٿئي ٿي ۽ احساس ٿو ٿئي ته اسان جي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي عربي جا لفظ آهن. اسڪول جي ڏينهن ۾ فارسي منهنجو سبجيڪٽ نه رهيو. رٽائرمينٽ بعد يعني 60 سالن جوٿيڻ بعد جڏهن پهريون دفعو ايران گهمڻ ويس ته مونکي سخت حيرت ٿي ته فارسيءَ جو پڻ اسان جي ٻوليءَ تي تمام گهڻو اثر آهي. ويندي ”ڪاشي“ جهڙو لفظ جنهن کي آئون نج سنڌيءَ جو سمجھندو هوس ۽ ننڍي هوندي کان ڪاشي پنهنجي ڳوٺ هالا ۾ ٺهندي ڏسي مون اهو ئي ٿي سمجھيو ته ”ڪاشي“ لفظ توڙي هنر جو واسطو سنڌ سان بلڪه اسان جي ڳوٺ سان آهي. پر ايران پهچي خبر پئي ته ڪاشي نه فقط فارسيءَ جو لفظ آهي پر اهو هنر ايران کان اسان وٽ پهتو.
    اهڙي طرح ڪيترا لفظ انگريزيءَ جا اسان جي ٻوليءَ ۾ آهن جن لاءِ اهو احساس ئي نٿو ٿئي ته ڪو ڪنهن ڌارئين ٻولي ـــ انگريزيءَ جا آهن... جيئن ته گلاس، ريل، فلم، پين، هال، هوٽل، واچ، بوتل، بس، روڊ، وغيره. اهڙا سوين بلڪ هزارين لفظ اسانجي ٻوليءَ ۾ آهن. ظاهر آهي ٻه سؤ سالن کان مٿي انگريزن اسان جي ملڪ تي حڪومت ڪئي سو انهن جي ٻوليءَ جو اسان جي ٻوليءَ تي اثر ڇو نه ٿيندو. ٻيو ته ٺهيو پر ترڪن جي زبان جا به ڪيترا لفظ اڙدو توڙي سنڌيءَ ۾ اچي ويا آهن. ترڪن جي سلطنت عثمانيه (Ottomon Empire) جي ته عرب ملڪن تي به حڪومت رهي سو ترڪن جي ٻوليءَ جا لفظ عربي ۽ فارسي ۾ به اچي ويا آهن. اسان وٽ ترڪ ٻوليءَ جا لفظ جيڪي اسان وٽ عام استعمال ٿين ٿا ڪجهه هن ريت آهن: دريا، ديوار (ڀت)، چقمق، ڪئنچي، يلغار، ايلچي، اتاشي، زنجير، آپا، باجي، جانم .... ويندي ڇت ۽ ويلڻ، تمغو، ڪربوز (خربوزه)، پهلوان، آرزو (خواهش)، باروت (بارود)، عڪس، عدالت.... وغيره وغيره.
    اسان جڏهن انگريزن ۽ سندن زبان انگريزيءَ جي ڳالهه ٿا ڪريون ته اسان کان اهو وسريو وڃي ته انگريز ته اسان وٽ 1600 ڌاري اچڻ شروع ٿيا پر پورچوگالي ته 1498 ۾ واسڪوڊا گاما جي انڊيا پهچڻ سان اچڻ شروع ٿي ويا ۽ گوا، گجرات، ممبئي ويندي ٺٽي تائين جنهن پهرين يورپي قوم جو اسان وٽ اثر رسوخ رهيو اها پورچوگالي هئي. انگريزي ٻوليءَ جا لفظ ته اسان جي سنڌي يا اڙدو ۾ پوءِ آيا ان کان اڳ هڪ صدي ته پورچوگالي ٻولي ٻڌي وئي ٿي. پورچوگالي ٻوليءَ جا لفظ نه فقط اسان جي ٻولين ۾ اچي ويا هئا پر انگريزيءَ ۾ پڻ! ايتريقدر جو پورچوگالين جي ملايا ۽ مڪائو (چين) ۾ حڪومت هجڻ ڪري ملئي ۽ چيني ٻولين ۾ به ڪيترائي پورچوگالي لفظ اچي ويا. ملئيءَ ۾ انگريزيءَ جا به انيڪ لفظ شامل آهن پر اهي اٽڪل سؤ سالن بعد انگريزن جي حڪومت دوران آيا.
    پورچوگالي لفظن جو ٿو سوچجي ته حيرت ٿي ٿئي جو اهي لفظ ايڏو ته اسان جي ٻولين جو حصو ٿي ويا آهن جو يقين ئي نٿو اچي ته اهي ڪي ڌارين ٻولين جا لفظ آهن ـــ خاص ڪري پورچوگالي زبان جا!
    نموني خاطر ڪجهه پورچوگالي لفظ هتي لکان ٿو:
    الماري ـــ پورچوگالي لفظ آرماريو مان نڪتو آهي.
    ميز ـــ ميسا
    پادري ـــ پادري Padre
    اسڪول ـــ ايسڪولا
    ٽانڪي ـــ ٽانڪي Tanque
    ٽوال ـــ تاليا ـــ تولها Toalha
    سپاٽو (چپل) ـــ سپاٽو
    ڦيٿ (ماپڻ جي) ـــ فيتا
    ورانڊو ـــ ورانڊا Varanda
    ڪوبرا (واسينگ نانگ) ـــ پورچوگالي لفظ ”ڪوبرا ڊي ڪاپيلو“ (ڦڻ وارو نانگ) جو شارٽ فارم آهي. انگريزي جو لفظ لانچ (ٻيڙي) پورچوگالي لفظ Lancha مان نڪتل آهي.
    انگريزي لفظ Mangoپورچوگالي لفظ Manga مان نڪتل آهي جيڪو ملايا حڪومت دوران پورچوگاليءَ ۾ ملئي ٻوليءَ مان آيو جو ملئي ماڻهو انب کي Mangga سڏين ٿا. ويندي انگريزيءَ جو لفظ Mosquito پورچوگالي لفظ مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ ”ننڍڙي مک“ آهي.
    ڪيترن کي حيرت ٿيندي ته سنڌيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ ٻٽاٽا (پٽاٽا) پورچوگالي لفظ Batata مان آهي جنهن مان انگريزي لفظ Potato ٿيو. ياد رهي ته پٽاٽا ۽ ٽماٽا ايشيا، آفريڪا يا يورپ جي ڀاڄي ناهي پر ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ برازيل جي آهي جتان پورچوگالين سورهين صديءَ ۾ اسان وٽ آندي.
    ”نيگرو“ جيڪولفظ اسانوٽ يا انگريزيءَ ۾ آفريڪا جي شيديءَ لاءِ استعمال ٿئي ٿو پورچوگالي آهي جنهن جي معنيٰ ”ڪارو“ آهي. انناس (Pineapple) ميوو سائوٿ آمريڪا کان اسان وٽ پهرين ملايا ۾ ۽ پوءِ انڊيا ۾ پهتو. انناس کي برازيل جي اصلي باشندن ”نانا“ سڏيو ٿي جنهن کي پورچوگالين اناناس سڏيو ۽ اسان جي ماڻهن پورچوگالين کان اهو نالو ٻڌي ”انناس“ سڏيو ۽ ملئي ماڻهن ”ناناس“ سڏيو. هڪ ٻيو ميوو جنهن کي سنڌي يا اڙدوءَ ۾ سنگتڙو سڏجي ٿو اهو ميوو پڻ انڊيا ۾ پورچوگالين آندو جنهن کي هنن سنترا (Cintra) سڏيو ٿي. پورچوگالين ڏکڻ آمريڪا جي ان ميوي جو نالو پورچوگال جي هڪ شهر ”سنترا“ تان رکيو (جيڪو پورچوگال جي گادي واري شهر ”لسبن“ جي ڀرسان آهي) جتي اهو ميوو تمام گهڻو پوکيو ويو ٿي. اهو ائين آهي جيئن اسان وٽ هڪ قسم جو ڏاڙهون ”قنڌاري“ سڏجي، اهڙي طرح چڻا (ڇولا) ”ڪابلي“ سڏجن ٿا. انب دسهڙي (انڊيا جي شهر نالي) سڏجي ٿو. پپيو جنهن کي اڙدوءَ ۾ پپيتو سڏجي ٿو، اهو ميوو پڻ ڏکڻ آمريڪا خاص ڪري ڪئريبين سمنڊ واري ٻيٽن جو آهي جنهن کي پورچوگالين گوا (انڊيا) ۽ ملاڪا (ملايا) ۾ آندو جتي سندن حڪومت هئي ۽ پورچوگالي ٻوليءَ ۾ ان کي ”پپيا“ سڏين.
    الماري ته پورچوگالي لفظ آهي پر چاٻي (ڪنجي) پڻ جيڪو پورچوگالي لفظ ”چاوي“ (Chave) مان آهي. گجراتيءَ ۾ ته ان کي چون ئي چاوي. ڪپڙن کي لسو ڪرڻ واري ”استري“ پڻ پورچوگالي لفظ استرار (Estirar) مان آهي. بالٽي (Bucket) لفظ به پورچوگالي لفظ ”بالدي“ مان نڪتل آهي. سنڌيءَ ۾ ته سڏين ئي باردي. اهڙي طرح عيسائين جي عبادت گهرَ (Church) لاءِ اسان وٽ ”گرجا“ پورچوگالين مشهور ڪيو جنهن کي هنن Igreja سڏيو ٿي. اهڙي طرح ساسر يا پليٽ لاءِ جيڪو لفظ ”پرچ“ اسان استعمال ڪريون ٿا اهو پورچوگالي لفظ پيريس (Pires) مان آهي. اسان وٽ سنڌيءَ ۾ ڊرم لاءِ استعمال ٿيندڙ لفظ پِيپ آهي يا اڙدوءَ ۾ پيپا جيڪو پورچوگالي لفظ Pipa تان ورتل آهي. اهڙي طرح اسان وٽ استعمال ٿيندڙ لفظ نيلام، پگهار ۽ فالتو (Extra) لفظ پڻ پورچوگالي ٻوليءَ جا آهن.
    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566193
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215636
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ