ڪتاب جو نالو: ڪئمپس جا ڏينهڙا
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 18 سيپٽمبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 847 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 262 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب سفرنامي جي انداز ۾ لکيل يونيورسٽين ۽ ڪئمپس جي ڪالمن، سفرنامن، مضمونن ۽ اتان جي استادن ۽ شاگردن سان ٿيل ڪچهرين تي مشتمل آهي، جنهن جو ليکڪ ناميارو سفرناما نگار الطاف شيخ صاحب آهي. الطاف شيخ هڪ مضمون ۾ لکي ٿو:
”ملائيشيا جي هڪ پراڻي يونيورسٽي ”ملايا يونيورسٽي“ جو موٽو آهي: “Ilmu Punca Kemajuan” يعني ”علم ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي“. يونيورسٽي سائنس ملائيشيا جو موٽو آهي: “Kami Memimpin” يعني ”اسان ئي اڳواڻي ڪنداسين“. ۽ ”تُن حسين عون يونيورسٽي“ جو موٽو آهي: “Dengan Hikmah kita Meneroka” يعني عقل سان ئي حاصل ڪنداسين. “
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران
  • انتساب : شمس جعفراڻيءَ نالي
  • هي گيسٽ هائوس ڪهڙي يونيورسٽي جو ٿي سگهي ٿو؟!
  • پڙهائڻ جو شوق
  • اسانجو سُپر هاءِ وي ۽ بادل پالاري
  • سنڌ يونيورسٽي جي ڪجهه استادن سان ملاقات
  • اسانجا ڀيل مينگهواڙ ۽ سيد قريشي شاگرد
  • سنڌ يونيورسٽي جي ٻن اپاهج شاگردن سان ملاقات
  • سٺا تعليمي ادارا ۽ سٺا استاد
  • هڪ پوليس آفيسر سان سعيد آباد جو سير
  • ڪيڏي ڏک جهڙي ڳالهه آهي
  • اسانجا تعليمي ادارا ۽ ذات پات جو چڪر
  • اسانجا سنڌي هندو
  • اسانجا ذهين شاگرد
  • هندو ڌرم ۽ ميگھواڙن جون ڳالهيون
  • ڪجهه ننگر پارڪر جي ڪولهين بابت
  • هر ڳالهه کي هروڀرو مذهبي رنگ ڏيڻ
  • شاگردن جي ڀلي لاءِ
  • دائود ڪاليج جيڪو هاڻ يونيورسٽي آهي
  • سنڌ جا اعليٰ تعليم يافته استاد
  • سنڌين جو رومانس ناٽنگھام سان
  • ملائيشيا جي ناٽنگھام ۽ ڏهرڪي جي سنڌياڻي حِرا!
  • تعليمي ادارن جي بدنامي
  • يادون اهم ماڻهن جون
  • الطاف شيخ جو انٽرويو : ڊاڪٽر رام جواهراڻي

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا

    ڪتاب جو نالو: ڪئمپس جا ڏينهڙا
    موضوع : سفرنامو
    ليکڪ: الطاف شيخ
    ڇاپو : پهريون
    ڇپجڻ جي تاريخ: جون 2017ع
    پاران: نئون نياپو اڪيڊمي،
    C-4 سچل ڳوٺ گلشن اقبال ٽائون ڪراچي
    Cell # 0346-2103811

    ملهه : 400/= روپيا

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2017ع

    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڪئمپس جا ڏينهڙا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب سفرنامي جي انداز ۾ لکيل يونيورسٽين ۽ ڪئمپس جي ڪالمن، سفرنامن، مضمونن ۽ اتان جي استادن ۽ شاگردن سان ٿيل ڪچهرين تي مشتمل آهي، جنهن جو ليکڪ ناميارو سفرناما نگار الطاف شيخ صاحب آهي. الطاف شيخ هڪ مضمون ۾ لکي ٿو:
    ”ملائيشيا جي هڪ پراڻي يونيورسٽي ”ملايا يونيورسٽي“ جو موٽو آهي: “Ilmu Punca Kemajuan” يعني ”علم ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي“. يونيورسٽي سائنس ملائيشيا جو موٽو آهي: “Kami Memimpin” يعني ”اسان ئي اڳواڻي ڪنداسين“. ۽ ”تُن حسين عون يونيورسٽي“ جو موٽو آهي: “Dengan Hikmah kita Meneroka” يعني عقل سان ئي حاصل ڪنداسين.
    هتي اسان ناٽنگھام يونيورسٽي جي موٽو جي ڳالهه ڪنداسين ته انگلنڊ توڙي ملائيشيا ۽ چين جي ڪئمپسن جو ساڳيو موٽو آهي: “A City is built on wisdom” ننگبو (چين ۾ جيڪا ناٽنگھام يونيورسٽي آهي ان جي ڀت تي به اهوئي موٽو لکيل آهي پر هڪ هنڌ، شايد سائنس ڊپارٽمينٽ واري بلڊنگ تي هيٺيون موٽو پڻ نظر آيو: “Seeking truth from facts and applying knowledge to the service of the nation”.
    هي ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون سائين الطاف شيخ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    انتساب : شمس جعفراڻيءَ نالي

    يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن ۽ تعليم سان واسطو رکندڙ استادن ۽ شاگردن سان ملاقاتن جو هي ڪتاب هڪ پڙهيل لکيل انسان، هڪ محنتي، ذهين ۽ بااخلاق شاگرد ۽ هڏ ڏوکي ۽ انصاف پسند بيورو ڪريٽ شمس جعفراڻي نالي ڪريان ٿو جنهن سان منهنجي دوستي ۽ ڄاڻ سڃاڻ اڄ کان اڌ صدي اڳ 1964ع ۾ ڪراچيءَ جي ميٺارام هاسٽل ۾ ٿي.
    شمس جعفراڻي شاگرد ٿي رهيو، ننڍيون ننڍيون نوڪريون ڪيائين، پي سي ايس جو امتحان ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر کان وٺي پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ثقافت کاتي جو سيڪريٽري ٿي رهيو، پر حيرت آهي ته هن جي اسٽائيل ۾ ڪا تبديلي نه آئي. اڄڪلهه ڪو روينيو يا ڪسٽم جهڙي کاتي ۾ جونيئر ڪلارڪ ٿو ٿئي تڏهن به هو وڏي ٽون ڦان ۾ اچيو وڃي پر شمس کي آئون ننڍي هوندي کان ڏسندو اچان ته هو اهو ئي سادي طبيعت وارو، حقيقت پسند ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ وارو انسان آهي. ان جي شاهدي هن جا سخت مخالف به ڏيندا. منهنجي شروع جي سفرن ۾ هڪ جهاز تي، جنهن تي آئون جونيئر انجنيئر هوس، منهنجو چيف انجنيئر گورو انگريز هو. هو هر سٺي ماڻهوءَ سان ملائڻ وقت هن جو تعارف فقط هڪ جملي سان ڪرائيندو هو ته (He is gem of a person) هي ڪتاب شمس جعفراڻي نالي ڪندي آئون شمس لاءِ پنهنجي استاد گوري انگريز جو جملو استعمال ڪندس ته ”شمس از اي جيم آف اي پرسن“. واقعي شمس هڪ هيرو آهي.
    شمس جعفراڻي جي آتم ڪٿا ”ڪتيم سڀ ڄمار“ جي رونمائي تي پڻ ڪنهن صاحب اهو ئي چيو ته ”شمس جعفراڻي ماڻهن ۾ ’موتيءَ داڻو‘ آهي. شمس انسانيت، ثقافت، ٻولي، تهذيب ۽ تمدن سان انتها کان وڌيڪ پيار ڪندڙ سنڌ ڌرتي جو نهايت ئي مانائتو ۽ شانائتو ماڻهو آهي. هو فن ۽ ادب سان لاڳاپيل ماڻهن سان ننڍپڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڀرپور محبت ڪندو اچي. سندس پيار ۽ پاٻوهه ڪري هر ماڻهو هن کي پسند ڪري ٿو“.
    سچ اهو آهي ته شمس جعفراڻي جهڙي معصوم طبيعت جو، ننڍي هوندي مون ڏٺو اڄ به هو اهڙو ئي آهي. ڪئڊٽ ڪاليج مان انٽر ڪرڻ بعد مون مئرين انجنيئرنگ کنئي جنهن لاءِ ٻه سال چٽگانگ ۾ ٿيوري پڙهڻ بعد پرئڪٽيڪل لاءِ شپ يارڊ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ اچڻو پيو. هيءَ سال 65-1964 جي ڳالهه آهي. انهن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ شاگردن جي رهائش جو وڏو مسئلو هو. اڄ وانگر ڪراچي شهر نه ته پکڙيل هو ۽ نه وري فلئٽ سسٽم هو. ڪراچي جي پهرين فلئٽن واري ٽماڙ بلڊنگ ”الاعظم اسڪائر“ به بعد ۾ ٺهي. مون سان گڏ ٻين ڪلاس ميٽن جا ڪراچيءَ م گهر هئا يا مائٽ مٽ رهيا ٿي جن سان هو رهڻ لڳا. مون سال کن ميٺارام هاسٽل ۾ رهڻ لاءِ ”ڊي جي سائنس ڪاليج“ ۾ داخلا ورتي جو پاڪستان چوڪ وٽ اها ميٺارام هاسٽل ڊي جي ۽ اين اي ڊي ڪاليج وارن لاءِ هئي.
    ميٺارام هاسٽل ۾ مون ڏاڍو ”هوملي“ محسوس ڪيو جو اتي پيٽارو جا ڪيترائي ڪلاس ميٽ ۽ سال ٻه جونيئر واقفڪار هئا. ڪيترائي شاگرد سنڌ جي ڳوٺن جا پڻ هئا جيڪي هن وڏي شهر جي ماحول ۾ خاموش خاموش ۽ هيسيل رهيا ٿي. افعال ته اسان جا به اهڙائي هئا پر ڪئڊٽ ڪاليج ۾ رهڻ ڪري اسان هاڻ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ هوشيار ٿي لڳاسين بلڪه هاڻ ٿو سوچيان ته ڪجهه زياده ئي Over Smart ۽ ٽرڙا ٿي پيا هئاسين. ميس ۾ ٻين کي نظرانداز ڪري رڳو پاڻ ۾ پيا ڳالهائيندا هئاسين. ڳوٺن کان آيل شاگرد ڪجهه شرميلي طبيعت ۽ ڪجهه سٺي انگريزي نه ڳالهائڻ ڪري ڪڇندا ئي نه هئا. ميٺارام ۾ هڪ ٻيو ٽولو سنڌ جي وڏيرن سردارن جي ٻارن جو به هو جيئن ته منهنجي ڪمري جي قطار ۾ پ پ جو وزير مرحوم محمد خان سومرو، هاڻوڪو وزير هزار خان بجاراڻي، سابق وزيراعليٰ سيد مظفر حسين شاهه، مرحوم عاشق حسين جتوئي ۽ امام بخش جتوئي، هاڻوڪي وزيرمظفر شجرا جو چاچو ۽ ٻيا رهيا ٿي جن جي رهڻي ڪهڻي، ڊاڙن ٻٽاڪن کان آئون ڏسندو هوس ته اسان پيٽارو وارا به Impress رهياسين ٿي. ميس ۾ هو ڳالهائيندا هئا ته اسان به چپ ٿي ويندا هئاسين .... اتي ڳوٺن کان آيل شاگرد ڇا ڳالهائين. پر يارو ان سينئاريو ۾ مون ڏٺو ته هڪ شاگرد شمس جعفراڻي جيڪو سڀ ۾ ننڍو هو.... (مون کان ته گهٽ ۾ گهٽ پنج سال ننڍو هو) ۽ ٺٽي ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ کان هتي ڊي جي ڪاليج ۾ فرسٽ ييئر ۾ اچي داخلا ورتي هئي، اهو حيرت انگيز حد تائين سڀني کان مختلف هو. هن اردو ۽ انگريزي به سٺي ڳالهائي ٿي ته هن ۾ اعتماد به هو. هن جنهن کان جو سوال پڇيو ٿي يا ميس ۾ هلندڙ ڳالهه تي پنهنجي راءِ ڏني ٿي ان مان لڳو ٿي ته هو بيحد ذهين ۽ فضيلت وارو آهي. ڳوٺ جو ٿي ڪري هو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ چاهي ميس ۾ ويهي کائڻ پيئڻ جي Etiquette کان واقف لڳو ٿي.
    اهو به لکندو هلان ته شمس جو اڄ به ڳالهائڻ يا تقرير جو طريقو ٻڌڻ وارن کي هن ڏي ڌيان ڌرڻ لاءِ مجبور ڪريو ڇڏي. انهن ڏينهن ۾ NED ۾ سول، مڪينيڪل ۽ اليڪٽرڪ انجنيئرنگ پڙهايون ويون ٿي. منهنجي ”مئرين انجنيئرنگ“ هڪ نئين برانچ هجڻ ڪري شمس مون کان اڪثر ان برانچ ۽ چٽگانگ (هاڻ بنگلاديش جو شهر) بابت خبر چار پڇندو رهيو ٿي. سندس ڳالهائڻ جي نموني ۽ پڇيلsensible سوالن مان وڏن لاءِ ادب ۽ ڪم جي ڳالهه پڇڻ صاف ظاهر ٿيو ٿي. مزي جي ڳالهه اها ته هن جي طبيعت اڄ به اهڙي ئي آهي.
    آئون انهن ڏينهن ۾ هميشه اهو سوچيندو هوس ته شمس جعفراڻي ته هڪ ٻهراڙيءَ جو آهي (جتان هو سڌو ڪراچي آيو هو) ۽ ائين به ناهي ته هو ڪنهن پير، مير وڏيري يا رشوتخور ڪاموري يا سياستدان وزير جو پٽ آهي جنهن ڪري هو ولايتن ۾ رهيو هجي.... هو هڪ اسڪول ٽيچر جو فرزند هوندي ڪيڏو بردبار، ذهين ۽ سٺين Manners ۽ اخلاق (Etiquette) وارو آهي. سادگي ۾ رهي ٿو، سادا ڪپڙا پهري ٿو پر هن کي ذرو به احساس ڪمتري ناهي. بهرحال اها منهنجي تڏهن سوچ هئي پر اڄ تقريبن اڌ صديءَ بعد جهاز هلائڻ ۽ هڪ وڏو عرصو ماستري ڪرڻ ۽ دنيا جي مختلف شهرن ۾ اعليٰ تعليم ۽ وڏيون نوڪريون ڪندڙ هم وطنين سان ملڻ بعد ان نتيجي تي پهتو آهيان ته شمس کي توڙي سندس ڀائرن کي اخلاقي طرح ٺاهڻ ۽ تعليم يافته بنائڻ ۾ سندس والد محترم جو هٿ ۽ پرگهور هئي. منهنجا جپان، آمريڪا، ملائيشيا بابت ويجهڙائيءَ جا سفرناما پڙهي ڏسو جن ۾ مون جن اعليٰ تعليم يافته ۽ بااخلاق هم وطنين جو احوال لکيو آهي انهن ۾ نوي سيڪڙو غريبن جا ٻار آهن ۽ انهن ۾ اڌ کان وڌيڪ اهي آهن جن جا پيئر يا مائر ٽيچر رهيا جن پنهنجن توڙي پروان ٻارن کي دل سان پڙهايو.
    مون ته ميٺارام هاسٽل وارن ڏينهن ۾ ڪڏهن شمس کان پڇيو به ڪو نه ته سندس والد ڇا ٿو ڪري. هو پاڻ اخلاق وارو ۽ همدرد انسان لڳو ٿي اهو ئي ڪافي هو اسان جي دوستي ۽ هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ جي ڪجهه سالن بعد هڪ دفعو جهاز تان ڪجهه ڏينهن موڪلون ملڻ تي مڪلي (ٺٽي) ويس جتي منهنجو والد گل محمد شيخ ڪجهه سالن کان ڊپٽي ڪمشنر هو. اتي رهڻ دوران هڪ ڏينهن ساڪرو ۽ جاتي پاسي جا چڱا مڙس ويٺا هئا ته ان وقت مون پنهنجي پيءُ کي ٻڌايو ته ميٺارام هاسٽل ۾ مون سان گڏ ٺٽي جو فيض ميمڻ، محمد خان سومرو ۽ شمس جعفراڻي به رهيو ٿي. ان تي هنن شمس جي والد صاحب جي ڏاڍي تعريف ڪئي ته هو هنن جي ڳوٺ ۾ به پڙهائي چڪو آهي ۽ هنن جا ٻار هن کي محنتي ۽ ايماندار ٽيچر مڃين ٿا. مون کي به ان ڏينهن خبر پئي ته شمس جو والد ٽيچنگ ۾ آهي ۽ اها به خبر پئي ته ٺٽي ضلعي جي اسڪولن جي انيڪ ٽيچرن کي سائين محمد جمن جعفراڻيءَ ”فائنل“ پڙهائي آهي. انهن ڏينهن ۾ ماستر ٿيڻ لاءِ فائنل جو امتحان ڏيڻ ضروري هوندو هو جنهن جي شاگردن کي تياري فقط محنتي ٽيچر ئي ڪرائي سگهندا هئا. شمس جو والد انهن محنتي استادن مان هڪ هو جيڪو اڄ به ٺٽي ضلعي ۾ سٺن لفظن سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.
    هتي شمس جي والد صاحب جي ڳالهه ان ڪري به ڪري ويٺو آهيان اٿم ته جيئن درس تدريس جي پيشي سان واسطو رکندڙ اسان جا استاد اهو محسوس ڪري سگهن ته اڄ به قابل، محنتي، ايماندار ۽ Devoted ٽيچرن جو اسان جي معاشري ۾ مَانُ آهي. ان کي هميشه سٺن لفظن سان ياد ڪيو وڃي ٿو. سٺو استاد پنهنجن توڙي پروان ٻارن کي سنئين راهه تي آڻي ٿو. شمس جي والد سائين محمد جمن جعفراڻي سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهندي جتي بنيادي سهولتن جي به کوٽ رهي ٿي (هي گهارو، گجو، ساڪرو، جاتي، ميرپوربٺورو، گهوڙاٻاري وغيره هاڻ شهر ٿي پيا آهن نه ته 60 يا 70 سال اڳ، ڪٿي هئي اتي اليڪٽرڪ سٽي، سئي گئس يا پائيپ واٽر وغيره)، وڏي عيال ۽ گهٽ پگهار هوندي (انهن ڏينهن ۾ ته ماستر ٽيوشن به مفت ۾ پڙهائيندا هئا) سادگيءَ ۾ رهي هن پنهنجن ٻارن کي نه فقط سٺي ۽ صحيح تعليم ڏياري پر اخلاق به سيکاريو. شمس جو وڏو ڀاءَ عبدالعزيز جعفراڻيءَ ته ”سجاول جي تاريخ“ جهڙن ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آهي. ڊاڪٽر محمد جعفراڻي، شمس کان ننڍو ڀاءُ آمريڪا ۾ ڊرمئٽوسئڪاٽرسٽ آهي ۽ هو Psychodermatology جو ماهر آهي. آمريڪا ۾ جتي اسان جي ڊاڪٽرن کي Casualty يا بيهوشي ۾ جاب به ڏکيو ٿو ملي اتي ان قسم جي نت نئين علاجن جو ماهر ڊاڪٽر ٿيڻ وارو شخص ضرور محنتي ۽ تعليم يافته ئي هوندو. هن موقعي تي پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ اهو به ٻڌائيندو هلان ته هن نئين ميڊيڪل سائنس مطابق انسان کي خارش ٿيڻ جو ڪارڻ فقط چمڙيءَ جي بيماري ناهي پر مايوسي، Depression ،مونجهه، Stress، صدمو ۽ ٻيا نفسياتي مسئلا پڻ ان جو ڪارڻ آهن .... بقول شمس جعفراڻيءَ جي، جيڪو ڪافي عرصو آمريڪا ۾ رهي چڪو آهي، ” اتي ڪنهن ڇوڪريءَ جو ڪتو مرڻ تي به هوءَ اهڙي ڊپريشن ۾ هليو وڃي جو هن کي خارش ٿيو پوي“ .... ۽ اهڙي قسم جي بيمارين جي علاج لاءِ شمس جعفراڻي جي ڀاءَ جهڙا ڊاڪٽر آهن. خارش جي اهڙين بيمارين ۽ انهن جي ان قسم جي علاج بابت مونکي به ويجهڙائيءَ ۾ ڪراچيءَ جي هڪ سنڌي ڊرماٽولاجسٽ ڊاڪٽر گابا ٻڌايو ته “Psychodermatology is the treatment of skin disorders using psychological and psychiatric techniques. It is a controversial subspecialty of dermatology because it postulates that is variety of skin conditions can be healed by the mind” ۽ اهو به لکندو هلان ته ڊاڪٽر محمد جعفراڻي صاحب جا ان ميڊيڪل سبجيڪٽ تي ٻه ڪتاب پڻ لکيل آهن جيڪي آمريڪا ۾ ڇپيا آهن.
    شمس (سڄو نالو شمس الحق جعفراڻي) 16 آگسٽ 1949ع تي ڳوٺ ارباب غلام هنڱورجي، تعلقي جاتي، ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم هن سجاول مان حاصل ڪئي ان بعد هو ڪراچيءَ ۾ انٽر سائنس لاءِ آيو جتي منهنجي هن سان 1964ع ۾ ملاقات ٿي جو ساڳي هاسٽل ”ميٺارام“ ۾ رهندا هئاسين ۽ ساڳي ميس ”ولي محمد جي ميس“ ۾ ماني کائيندا هئاسين. ميس جي ڀرسان ئي مسجد هئي جتي ڪڏهن ڪڏهن مولانا احتشام الحق ٿانويءَ جهڙا عالم پڻ آيا ٿي جن جا واعظ ٻڌڻ لاءِ شمس جعفراڻي پڻ نظر ايندو هو.
    شمس جعفراڻي انٽر بعد ايل ايل بي ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي ۽ پنهنجي ڪئريئر جي شروعات حيدرآباد جي غزالي ڪاليج کان ڪئي جنهن کان پوءِ ڊيلي سنڌي اخبار مهراڻ ۾ پهرين سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيائين ۽ پوءِ 1967ع کان 1970ع تائين سجاول سب ڊويزن لاءِ هو هن اخبار جو نمائندو ٿي رهيو جتان اطلاعات کاتي ۾ انفارميشن آفيسر طور ڀرتي ٿيو ان دوران وزيراعليٰ سنڌ جو پروٽوڪول آفيسر به رهيو. منهنجو جهاز ڪراچي بندرگاهه ۾ ايندو هو ته منهنجي ڪڏهن ڪڏهن شمس سان ملاقات ٿي ويندي هئي پر شاباس شمس کي هجي جو آئون کڻي دنيا جي ڪهڙي به بندرگاهه ۾ هجان عيد ۽ نئين سال جي آمد تي هن جو مبارڪن جو ڪارڊ ملي ويندو هو.
    شمس جلدئي PCS جو امتحان پاس ڪيو ۽ سنڌ جي مختلف شهرن: سيوهڻ، حيدرآباد، شهدادپور ۽ عمرڪوٽ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ٿي رهيو. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مئجسٽريٽ به ٿي رهيو. ان بعد هو ٽي سال لاڙڪاڻي جو ڊپٽي ڪمشنر ٿيو ۽ نهايت ايمانداري ۽ سچائيءَ سان نوڪري ڪيائين. بقول رٽائرڊ جسٽس سيد ديدار حسين شاهه جي ”ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻي طور هئڻ شمس جعفراڻي لاءِ وڏو امتحان هو، ڇاڪاڻ ته ان وقت سياسي ڇڪتاڻ هئي پر هن هر ڳالهه ميرٽ ۽ انصاف مطابق ڪئي“. بقول حميد ڀٽو جي ”هو لاڙڪاڻي جو دبنگ ڊپٽي ڪمشنر ٿي رهيو ۽ ڪنهن به سياسي دٻاءَ ۾ نه آيو ۽ انتظامي معاملن ۾ خود ڪفيل ٿي رهيو“.
    شمس جعفراڻي ٻه ڀيرا ڪوٽڙي بئراج تي روينيو آفيسر ۽ پوءِ ”ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ“ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. پاڻ ”سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن“ جو سيڪريٽري، ”سنڌ سيڊ ڪارپوريشن“ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ ”ثقافت ۽ سياحت کاتي“ جو سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. سال 2009ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. جنهن بعد ڪجهه عرصي لاءِ ڪنسلٽنٽ طور ذميواريون سنڀاليائين.
    شمس جيتوڻيڪ پيشي (Profession) جي لحاظ کان بيورو ڪريٽ آهي پر عبدالقادر منگي، اڪبر لغاري، تاجل بيوس، قمر شهباز، ڪليم لاشاري، ڊاڪٽر بدر اڄڻ، جهڙن ڪامورن وانگر هن کي به پنهنجي سنڌي ادب ۽ ثقافت سان چاهه آهي. هو سنڌي ادب ۽ ادبي ادارن جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ خاص ڪوششون وٺندو رهيو آهي ۽ ادبي حلقن ۾ وڏو مان لهڻي ٿو. لاڙڪاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر هجڻ دوران هن ان وقت سنڌ جي فنڪارن جي لاءِ جاکوڙيندڙ اداري ”سنڌ ويلفيئر ٽرسٽ“ جي سرپرستي ڪئي“، ۽ بقول حميد ڀٽو چيئرمين سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ۽ صدر سنڌ روٽري ڪلب جي، ”هو مالي توڙي اخلاقي طور تي ڀرپور مدد ڪندو رهيو. فن ۽ ادب سان لاڳاپيل ماڻهن ماڻهن سان ننڍپڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين دل سان محبت ڪندو رهي ٿو. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻي کان وٺي سيڪريٽري ثقافت کاتي تائين هو فن ۽ ثقافت سان واسطو رکندڙ سوين ماڻهن جي مالي سهائتا کان ويندي سندن ڏک سک ۾ فوري طور اڳيان اڳيان رهندو آيو آهي. لاڙڪاڻي ۾ نوڪريءَ دوران هن سوين يادگار ثقافتي پروگرام، سيمينار ۽ ادبي گڏجاڻيون منعقد ڪرائڻ سميت مالي معاونت ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو.
    شمس جعفراڻيءَ سسئي پليجو وزير ثقافت سنڌ جي دور ۾ شاهه شناسي ۽ اياز شناسيءَ بابت هڪ رٿا هيٺ ڪتابن ڇپائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ ڊپارٽمينٽ جي مختلف پراجيڪٽن کي مڪمل ڪرائي محڪمي جي ساک کي برقرار رکيو. شمس سان سندس نوڪري جي آخري وارن سالن ۾ منهنجي جڏهن به ملاقات ٿيندي هئي ته آئون هن کي اهو ئي چوندو هوس ته تون اهو ماڻهو آهين جيڪو ڳوٺن جي زندگيءَ کان وٺي شهرن جي زندگيءَ ۾ رهيو آهين، ولايت ۾ رهيو آهين، ننڍي نوڪري ڪلارڪي کان وٺي صوبي جي وڏي نوڪري تائين ڪئي اٿئي، ڳوٺ جي ماڻهن کان وٺي اعليٰ عملدارن سان تنهنجي اٿڻي وهني رهي آهي، توکي کپي ته پنهنجي زندگيءَ جي آتم ڪٿا لک ته اڄ جي نوجوان لاءِ تنهنجي زندگي اتساهه پيدا ڪري جنهن کي تو جاکوڙ ڪري جوڙيو ۽ سنواريو آهي. هو هميشه ٿڌي نموني جي هائوڪار ڪندو هو جنهن مان لڳندو هو ته شايد ان ڳالهه لاءِ هن جي دل نٿي چاهي. پر پوءِ مون کي بيحد گهڻي حيرت ٿي جڏهن هڪ ڏينهن پنهنجي آتم ڪٿا جو ڪتاب ”ڪتيم سڀ ڄمار“ مونکي پوسٽ ذريعي مليو. ڏاڍي خوشي ٿي جڏهن ڪتاب جي ذخامت مان ئي اندازو لڳايم ته هن پنهنجي جيون ڪٿا ڀرپور نموني سان لکي آهي. ان سان گڏ اها خوشي ٿي ته ڊاڪٽر آفتاب ابڙو جي قائم ڪيل هڪ نئين ڇپائي جي اداري ”پيڪاڪ پرنٽرس ۽ پبلشرس، ڪراچي“ هي اٺ سئو کن صفحن جو ڪتاب تمام سهڻي نموني سان ڇپيو آهي.
    شمس جي آتم ڪٿا جتي ٻين لاءِ رهنمائي ۽ اتساهه ڏياريندڙ آهي اتي ان جي لکڻي لاجواب آهي. ۽ ڇو نه هجي! هو ننڍي لاڪون سنڌي ۽ سنڌي گرامر کان واقف رهيو آهي، هو ڪافي عرصو صحافت جي دنيا سان به وابسته رهيو آهي. بقول ناصر علي پنهور جي، ”هن اهي تجربا آتم ڪٿا لکڻ ۾ ضرور ڪم آندا هوندا. برطانوي راڄ دوران انگريز آفيسر گزيٽرس لکندا هئا، جن ۾ هو علائقي جي تاريخ، جاگرافي، معيشت، سماجي ۽ ثقافتي حالتن کي محفوظ ڪندا هئا. اهي گزيٽرس (Gazetteers) اڄ به سنڌ جي تاريخ ۾ اهم جاءِ والارين ٿا. ڪيترن انگريز آفيسرن سنڌ ۾ ڪيل نوڪريءَ جي حوالي سان پنهنجيون يادگيريون به لکيون آهن. هاڻ انهن ICS (انڊين سول سروس) جي جاءِ تي اسان جي سي ايس ايس ۽ پي سي ايس ورتي آهي. انگريزي آفيسر ڪيترن روايتن سان گڏ گزيٽر لکڻ جي روايت به ڄڻ ته پاڻ سان گڏ کڻي ويا ۽ اسان جي سول سروس ۾ ايندڙ آفيسرن ۾ لکڻ پڙهڻ جو رجحان گهٽ ٿي ويو. اهڙي ماحول ۾ شمس جعفراڻي پنهنجي آتم ڪٿا لکي نه رڳو پنهنجي زندگيءَ جي جدوجهد، تجربن، مشاهدن ۽ اهم واقعن کي قلم بند ڪيو آهي، پر هيءَ آتم ڪٿا لکي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ شاندار آتم ڪهاڻيءَ جو واڌارو ڪيو آهي. هونءَ ته اڄڪلهه جتي ڪٿي جيون ڪٿائون، زندگيءَ جون يادگيريون، آٽو بايوگرافيز سڀ کان گهڻو پسند ڪيون وڃن ٿيون پر آئون پنهنجي سنڌ جي نوجوانن کي، خاص ڪري سول سروس ۾ داخل ٿيڻ وارن کي مشورو ڏيندس ته هو اسان جي دوستن: شمس جعفراڻي، فضل قريشي، جسٽس ديدار حسين شاهه جهڙن سرڪاري آفيسرن جون آتم ڪٿائون ضرور پڙهن ۽ هنن جي نصيحتن، محنتن، ايمانداري ۽ انصاف سان ڪم ڪرڻ ۽ ٻين تجربن مان رهنمائي حاصل ڪن. شمس پاڻ به اهو ئي چوي ٿو ته هن ڪتاب لکڻ جو ڪارڻ ماضيءَ ۾ ٿيل تجربن کي ماڻهن آڏو آڻڻ آهي.
    شمس جعفراڻيءَ جون نوڪريءَ دوران سنڌ ۽ ان جي ماڻهن لاءِ ڪيل خذمتون ۽ هن قسم جي ڪتاب لکڻ جو تحفو اسان کي هميشه ياد رهندو مون کي پڪ آهي ۽ منهنجي دعا آهي ته اسان جو شمس لکڻ جو هي شوق جاري رکندو ۽ باقي رهيل ڳالهيون پنهنجي آتم ڪٿا جي ٻئي ۽ ٽئي حصي ۾ پڻ ڏيندو.

    دعاگو
    الطاف شيخ
    12 مئي 2017
    ڪراچي


    هي گيسٽ هائوس ڪهڙي يونيورسٽي جو ٿي سگهي ٿو؟!

    منهنجي رهائش جو بندوبست هن يونيورسٽي وارن به منهنجي خواهش مطابق يونيورسٽي اندر موجود گيسٽ هائوس ۾ ڪيو آهي. سنگاپور هجي يا ملائيشيا ويندي انڊيا ۾ به ممبئي يونيورسٽي ۾ ليڪچر دوران، مون اتي جي گيسٽ هائوس جي ڪمري ۾ رهڻ پسند ڪيو. ممبئي يونيورسٽي جو ڊين مونکي ان ڳالهه لاءِ زور ڀريندو رهيو ته سندن گيسٽ هائوس اهڙو ڪو سٺو ناهي. ”توهان ته ملائيشيا کان پيا اچو پر جيڪي پاڪستان کان وزٽنگ پروفيسر ايندا آهن اهي به يونيورسٽي جي گيسٽ هائوس ۾ رهڻ بدران هوٽل ۾ رهڻ پسند ڪندا آهن. توهان کي هوٽل جا ڪمرا سهوليت وارا لڳندا ۽ ان کان علاوه شهر ۾ هجڻ ڪري توهان ممبئي جو شهر گهمي سگهندائو.“
    پر منهنجو هميشه اهو فلسفو هوندو آهي ته جِتي ليڪچر لاءِ وڃجي اتي جي ئي تعليمي اداري جي ڪئمپس ۾ رهجي جيئن ليڪچر لاءِ توهان کي گهڻو فاصلو طئه نه ڪرڻو پوي ۽ ٻيو ته ڪئمپس ۾ رهڻ ڪري مونکي شامَ جي وقت ان اداري جي آس پاس واڪ ڪندي رستي تي ملندڙ شاگردن، استادن ويندي ڪم ڪار ڪندڙ ماڻهن سان خبر چار ڪري مزو هڪ طرف اچي ٿو ته ان تعليمي اداري ۽ ملڪ جي ماحول ۽ ماڻهن جي سوچ جي الڳ خبر پوي ٿي ۽ جنهن بابت آئون پنهنجي ڪالمن ذريعي پنهنجي پڙهندڙن کي معلومات ڏئي سگهان ٿو. ممبئي يونيورسٽي جي ته ٻهاري ڏيندڙ مرهٺي عورتن سان به هڪ دفعي ويهي ڪچهري ڪئي هيم جن جو فوٽو مون واري انڊيا جي سفرنامي ”بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾“ توهان کي نظر آيو هوندو. هو هڪ ٿَلهي تي پاسن کان ٻهارا رکي چانهه به پي رهيون هيون ته ڪچهري به ڪري رهيون هيون. منهنجي هنن ڀرسان وهڻ تي پهرين هنن گھٻرايو پر پوءِ مونکي قبول ڪري ڪچهريءَ ۾ شامل ڪيو ۽ جن چرچن تان کلي رهيون هيون اهي مونکي به ٻڌايائون. مون نه رڳو Enjoy ڪيو پر دل ۾ چيم ته اسان آفيسر (يعني پڙهائڻ وارا ٽيچر) چانهه جي رسيس ۾ به منهن سڄائي وهون ٿا ۽ هڪڙيون هي آهن جيڪي گرمي توڙي سردي ۾ پورهيو ڪري ٿڪجي پوڻ جي باوجود جڏهن هڪ هنڌ گڏ ويهن ٿيون ته پنهنجا ڏک غم وساري پاڻي جهڙي ڦنگي چانهه پيئندي به خوش ٿين ٿيون ۽ ٽهڪ ڏين ٿيون!
    احمد آباد (گجرات) جي يونيورسٽي ۾ به هڪ ڏينهن ڀنگياڻين جي ٽولي ۾ ويهي رهيو هوس. وائيس چانسلر ۽ پروفيسرن جي چانهه ته هرڪو ٿو پيئي پر ڳن ڀڳل مگ ۾ هنن گجراتي ڳالهائيندڙ ڀنگياڻين جي ڪوپ ۾ چانهه پيئندي سندن مونسان ڪيل هندي ۽ گجراتي مڪس خبرون واهه جون لڳيون هيون. هنن لاءِ لفظ ”ڀنگياڻيون“ مونکي لکڻ نه کپي جو ائين ته وڏو ڀنگي آئون به آهيان جو هر جهاز ۾ مون جهڙا مئرين انجنيئر جهاز جا Sewage پمپ اوورهال ڪن ٿا ۽ خراب ٿيڻ تي انهن جي رپيئر به ڪن ٿا. انهن پمپن مان جهاز جي سڀني ٽوائليٽن جو گند گذري سمنڊ ۾ وڃي ٿو.
    حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول جو چڪر ڏيندي ۽ اتي جي ماسترن ۽ ماسترياڻين، شاگردن ۽ شاگردياڻين سان فوٽو ڪڍرائيندي هڪ ڪنڊ ۾ ڪلاس رومن جي صفائي ڪرڻ واريون ٻه ٻهاري ڏيڻ واريون مايون نظر آيون. اسان وٽ پاڪستان ۾ پورهيت کي ڪينجھو ڏاڍو آهي. هن کي هر وقت پنهنجي اداري ۽ آفيسرن سان شڪايتون رهن ٿيون ۽ سندن چهرن تي خوشي گهٽ رهي ٿي پر هنن کي هڪ ڪنڊ ۾ هڪ ٻئي سان مرڪندي ڪچهري ڪندو ڏٺم. ٻهارا سندن ڪڇن ۾ هئا ۽ هو اسڪول طرفان مليل يونيفارم واري ائپرن ۾ شان سان بيٺيون هيون. پنهنجي دوست پبلڪ اسڪول جي پرنسپال يوسف صاحب کي چيم ته ڪچهري لاءِ ته وقت نه بچيو آهي پر توهان کي خراب نه لڳي ته آئون هنن سان گهٽ ۾ گهٽ فوٽو ڪڍرايان؟
    مونکي حيرت ٿي ته نه رڳو پرنسپال وڏي دل سان هائوڪار ڪئي پر هنن صفائي ڪندڙ ماين به مون سان گڏ فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ دل ۾ نه ڪيو. سامهون بيٺل گرلس سيڪشن جون ماسترياڻيون کلنديون رهيون. فوٽو ڪڍرائڻ وقت مون کانئن ٻيو نه پر ايترو ضرور پڇي ورتو ته هن مهانگائي جي دؤر ۾ جڏهن آفيسر به پيا دانهون ڪن توهان کي ڇا ٿو پگهار ملي؟ ٻنهي ڄڻين منهن تي مرڪ آڻي چيو ته ”شڪر آهي!“
    سنگاپور ۾ منهنجو هڪ پاڪستاني سڃاڻو ڪارخانيدار جيڪو پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي نوڪري ڏيڻ بدران انڊين ۽ بنگلاديشي پورهيتن کي وڌيڪَ ترجيح ڏئي ٿو اهو چوندو آهي ته پنهنجي پاڪستانيءَ کي کڻي ڪيترو به پگهار ڏي هن جي منهن تي نه مرڪ ايندي ۽ نه ڪم صحيح ڪندو.... ۽ هاڻ هنن ٻهاري ڏيڻ وارين عورتن جي منهن تي مرڪ ڏسي ۽ سندن سچائي سان ڪيل ڪم.... يعني چمڪندڙ ڪلاس روم ڏسي ڇا سوچيان ته هو انڊين آهن يا بنگلاديشي؟! ڪجهه به هجي هو اسلامي نقطي نظر کان صابر ۽ شاڪر هجڻ جو اظهار ڪري رهيون هيون. اسڪول جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي انچارج مئڊم سيده شگفتا کان بعد ۾ پڇيم ته اهي مايون ڪير آهن؟ هن ٻڌايو ته: ”اهي ’نان مسلم‘ آهن... هڪ هندو آهي ۽ هڪ عيسائي......“ اهو ٻڌي مونکي سئيڊن جي يونيورسٽي ۾ مون سان گڏ تعليم وٺندڙ مصر جو عرب ڪئپٽن حنفي ياد اچي ويو جيڪو سئيڊن جي مقامي ماڻهن جو (جيڪي عيسائي ۽ يهودي) هئا سٺو اخلاق ڏسي چوندو هو ته ”الطاف! هنن ملڪن ۾ اچي لڳي ٿو ته مسلمان سي پنهنجي ملڪن ۾ ضرور آهن پر اسلام هتي يورپ ۾ آهي.“
    بهرحال يونيورسٽين جي ڪئمپس ۾ اندر رهڻ ۾ مونکي خوشي ٿيندي آهي جو شام يا صبح ساجھر اتي جي رستن تي واڪ دوران ڪنهن شاگرد، بورچي يا بس ڊرائيور کي جھلي انٽرويو وٺي ڇڏيندو آهيان. سنگاپور ۽ سونگڪلا (ٿائلنڊ) يونيورسٽي جي پٽاني ڪئمپس ۾ ته شاگردن جي ڪمري ۾ رهڻ جو موقعو مليو جتي باٿ روم به ڪمري کان پري ڪامن هئي. ته به آئون خوش هوس. ۽ هاڻ هتي جڏهن هن گيسٽ روم جي ڪمري ۾ گهڙيو آهيان ته ڪا دير وائڙن وانگر چوڌاري ڀتين ڏي پيو ڏسان ته هي ته ڄڻ ڪنهن محل جو ڪمرو آهي جنهن ۾ گهڙڻ سان وڏو شاهي ڊرائنگ روم آهي جنهن ۾ صوفا سيٽ رکيا آهن. ان بعد ان کان وڏو بيڊ روم آهي. ان ۾ به ڊبل بيڊ کان علاوه ٽيبل ڪرسي ۽ ٻه صوفا رکيل آهن. ڪپڙن ٽنگڻ ۽ سامان رکڻ لاءِ ڪٻٽ، چوڌاري بلب ۽ ٽيوب لائيٽون.... ان کان علاوه ٽيبل لئمپ! هڪ ڪنڊ ۾ ٽي وي ته مٿي اسپلٽ جو ايئرڪنڊيشنر، ٻنهي جا رموٽ ٽيبل تي رکيل هئا. ٻئي کڻي ٻنهي شين کي چيڪ ڪيم جو سرڪاري ادارن ۾ _ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ اهي شيون ڪم ڪن ئي ڪونه. تازو سري لنڪا جي وڏي شهر ڪولمبو ۾ اهو حال ڏسي هتي پهتو آهيان..... پر سائين نه! ٽي وي به هلڻ لڳي ته ايئر ڪنڊيشنر به! باٿ روم ۾ ڪموٽ اڪثر ليڪ هوندو آهي ۽ واش بئسن جي ٻن نلڪن مان هڪ بند هوندو آهي ته ٻئي مان واري وٽي تي هوا ۽ پاڻي ايندو آهي...... ٻيو نه ته هانگ ڪانگ يونيورسٽي جي بئائز هاسٽل جي جنهن ڪمري ۾ آئون رهيو هوس ان جو اهو حال هو..... پر هتي ته نه ڪموٽ (Commode) ليڪ آهي ۽ نه نلڪن جو پاڻي بند آهي. واش بئسن توڙي وهنجڻ وارن ٻنهي نلڪن مان نه رڳو پاڻي اچي رهيو آهي پر فل پريشر سان اچي رهيو آهي.... ۽ جنهن نلڪي مٿان H لکيل آهي ان مان واقعي گرم پاڻي اچي رهيو آهي. بستر تي صاف سٿري وڇايل چادر، قيمتي بلاڪيٽ ۽ ڪرسيءَ تي رکيل ٽوال ۽ باٿ روم جي در وٽ چئمپل رکيل ڏسي دل ۾ چيم ته آئون اجايو ٽوال، چئمپل ۽ ٽائيم پيس جو بار ڍوئي آيو آهيان .... هتي ته بيڊ روم ۾ الڳ ته ڊرائنگ روم جي ڀت تي الڳ وال ڪلاڪ لڳو پيو آهي ۽ ٻئي ساڳيو ۽ صحيح ٽائيم پيا ڏيکارين.... سئيڊن جي شهر مالمو واري يونيورسٽي جي جنهن ڪمري ۾ رهيس اتي جو ٽنگيل گهڙيال سڄو سال هڪ ئي وقت ڏيکاريندو رهيو. ڪمپيوٽر جو پروفيسر چوندو هو ته وال ڪلاڪ ڪڏهن به صحيح ٽائيم نه ٻڌائيندا آهن.... اهي هر وقت منٽ ٻَه سِلو يا فاسٽ هلن ٿا. انهن کان بيٺل گهڙيال بهتر آهي.
    ”اهو ڀلا ڪيئن؟“ مون حيرت مان پڇيو هئومانس. ٽهڪ ڏيندي چيائين: ”آئون نٿو چوان پر ڪنهن ماڻهوءَ جڏهن ڪمپيوٽر کان سوال ڪيو ته ’هڪ گهڙيال هڪ ئي هنڌ بيٺو آهي ۽ ٻيو روزانو هڪ منٽ Slow آهي. انهن ٻنهي ۾ ڪهڙو بهتر آهي؟‘ ته ڪمپيوٽر وراڻيو ته اهو جيڪو بيٺو آهي. ڇو جو هڪ هنڌ بيٺل گهڙيال گهٽ ۾ گهٽ 24 ڪلاڪن ۾ ٻه دفعا ته صحيح وقت ٻڌائي ٿو. هڪ منٽ سلو وارو ته 1440 ڏينهن ۾ هڪ دفعو صحيح ٽائيم ٻڌائيندو“
    هي ڪالم پڙهڻ وارا ضرور سوچي رهيا هوندا ته آئون ڪهڙي يونيورسٽيءَ جي گيسٽ هائوس جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان! هي ڪالم دراصل ملائيشيا جي اخبار نيو اسٽرئٽ ٽائيمس لاءِ انگريزي ۾ لکڻ جو ارادو هوم.... ان صورت ۾ ان سوال جو جواب پڙهندڙ نه ڏئي سگهن ها. پر جيئن ته هي سنڌي ۾ آهي ان ڪري شايد ڪجهه پڙهندڙ صحيح جواب ڏئي سگهن ته هي گيسٽ هائوس ”سنڌ يونيورسٽي“ جو آهي جنهن جي ڪمري جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. پرديس ۾ رهندڙ اسان جي ملڪ جا ماڻهو جن لاءِ سنڌ يونيورسٽي فقط ڀڃ ڊاهه جو نالو وڃي رهيو آهي جنهن کي ٽوڪ طور ”بند يونيورسٽي“ سڏيو وڃي ٿو ان ۾ ڪجهه شيون بهترين ۽ Operational به نظر اچن ٿيون .... نه رڳو عمارتون پر هن ڀيري هتي جي تعليمي نظام به مونکي متاثر ڪيو.... شاگردن سان ڀريل ڪلاس روم، استادن جي موجودگي، امن امان..... ڪنهن ٻڌايو ته انٽري ٽيسٽن ڪري هاڻ يونيورسٽي ۾ فقط اهي شاگرد اچن ٿا جيڪي سلجھيل ۽ ذهين آهن ۽ اهي هن اداري ۾ تعليم جي غرض سان ئي اچن ٿا.... ڪنهن چيو ته سڪيورٽي جو نظام سخت هجڻ ڪري هاڻ ڪنهن کي لوفرپائي ڪرڻ جي همت نٿي ٿئي.... بهرحال ڪيئن به هجي.... ڪنهن ريت به تعليم جو ماحول ۽ امن امان هجڻ اسان لاءِ خوشي جي ڳالهه آهي.


    پڙهائڻ جو شوق

    تعليم مڪمل ڪرڻ بعد ٻارهن تيرهن سال پاڻيءَ جي جهازن تي رهيس. ”مئرين انجنيئرنگ“ يعني جهازن جي انجنيري سا کنئي هيم پر مونکي ننڍي هوندي کان ”ماستري“ جو شوق هو ۽ تعليم دوران پنهنجي هڪ ڪلاس ميٽ جنهن کي پڻ ٽيچنگ جو شوق هو يا شايد منهنجي شوق کي محسوس ڪري هو چرچن ۾ چوندو هو ته هو به ٽيچنگ ۾ اچڻ جو ارادو رکي ٿو ته مونکي اهو ٻڌي ٿوري مايوسي ٿي پوندي هئي. ”اها ته ڏاڍي ٿو ٻڌائين“. مون کيس چيو هو. اهو ان ڪري جو ان وقت اسانجي سڄي ملڪ ۾ فقط هڪ مئرين اڪيڊمي هئي جيڪا سڄي ايشيا ۾ ٽيون نمبر ٺهي هئي. اڄ ڪلهه ته ايشيا جي هر ملڪ ويندي سري لنڪا، ويٽنام ۽ مالديپ جهڙي ٻيٽ تي به مئرين اڪيڊمي موجود آهي پر انهن ڏينهن ۾ هڪ روس (ان وقت جي USSR) ۾ هئي ۽ ٻي انڊيا ۾. انگريزن جي راڄ دوران هنن اها اڪيڊمي بمبئي ۾ ”ڊفرن“ نالي هڪ جهاز تي کولي هئي. پاڪستان ٿيڻ وقت اسانجي نيوي جا سڀ آفيسر ان جا پڙهيل هئا. ان بعد ڪراچيءَ ۾ پاڪستان نيول اڪيڊمي ته ان ئي وقت کلي وئي پر مرچنٽ نيوي جي جهازن لاءِ مئرين انجنيئر ۽ نيويگيٽر تيار ڪرڻ لاءِ 15 سالن بعد سن 1962ع ۾ چٽگانگ ۾ مئرين اڪيڊمي کولي وئي. انهن ڏينهن ۾ چٽگانگ (جيڪو انگريزن جو رکيل نالو آهي ۽ اسان سنڌي ان کي ساڳي نالي سان سڏيون ٿا، اڙدو ۽ هنديءَ ۾ ”چاٽگام“ سڏيو وڃي ٿو پر اصلي زبان بنگاليءَ ۾ ”چتروگرام“ آهي) مشرقي پاڪستان ۾ هو جيڪو 1971ع کانپوءِ بنگلاديش ٿيو ۽ اها اڪيڊمي هاڻ ”بنگلاديش مئريٽائيم اڪيڊمي“ سڏجي ٿي.
    بهرحال ڪئڊٽ ڪاليج مان 1963ع ۾ انٽر ڪري اسان ان چٽگانگ واري ’پاڪستان مئرين اڪيڊميءَ‘ ۾ داخلا ورتي ۽ تعليم دوران جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته، مون ان اڪيڊمي ۾ ليڪچرر ٿي پڙهائڻ چاهيو ٿي جو انهن ڏينهن ۾ اها ئي هڪ واحد Choice هئي. انڊيا سان اسان جا تعلقات سٺا نه هئا ۽ انهن وٽ پنهنجي اڪيڊمي لاءِ سندن کوڙ گرئجوئيٽ هئا.... اسان جا ساڳيا تعلقات ۽ حال روس سان هئا. 1968ع ۾ جهاز جو مئرين انجنيئر ٿيڻ بعد خبر پيئي ته ڪنهن به مئرين اڪيڊمي ۾ چيف انجنيئر ٿيڻ بعد ئي پڙهائي سگهجي ٿو ۽ اڃان ته اسان جونئر انجنيئر ٿيا هئاسين. چيف انجنيئر ٿيڻ لاءِ 21 کان 27 مهينا جهاز هلائڻ جي ٻن وقفن بعد الڳ الڳ امتحان پاس ڪرڻا پون ٿا..... جنهن ۾ گهٽ ۾ گھٽ پنج ڇهه سال لڳيو وڃن.
    ۽ پوءِ جهاز هلائڻ دوران جهاز ۽ سمنڊ سان اهڙي دل لڳي وئي جو في الحال ماستري جو خواب وسري ويو. اهو وري تڏهن ياد آيو جڏهن چيف انجنيئر ٿيڻ جي ڪجهه سال بعد جڏهن مونسان گڏ جهاز تي رهندڙ ٻار وڏا ٿيا ۽ محسوس ڪيم ته ٻه چار درجا ته مون کين جهاز تي ئي پڙهائي ورتو پر هاڻ هنن جي صحيح تعليم لاءِ سمنڊ کي ’گڊ باءِ‘ چئي ڪناري جي نوڪري ڪرڻي پوندي. انهن ئي ڏينهن ۾ آمريڪا جي ٽائيم مئگزين جي هانگ ڪانگ واري ايڊيشن ۾ اشتهار پڙهيم ته ملائيشيا وارا مئرين اڪيڊمي کولڻ ٿا چاهين جنهن لاءِ هنن کي مرچنٽ نيوي جي جهازن جي چيف انجنيرن ۽ ڪئپٽنن جي ضرورت آهي جيئن هو مئرين انجنيئرنگ ۽ نيويگيشن جا سبجيڪٽ هلي پڙهائين. مون به apply ڪيو ۽ چونڊجي ويس ۽ ننڍپڻ کان پڙهائڻ جو شوق نه فقط ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ پورو ڪندو رهيس جِتي اها ”اڪيڊمي لائوت ملائيشيا“ (مئريٽائيم اڪيڊمي ملائيشيا) هئي پر اتي جي انتظاميه کي جڏهن به ڪو اڪيڊمي جو پروفيسر ملائيشيا جي ٻين شهرن جي ٽيڪنيڪل تعليمي ادارن ڏي يا سنگاپور ۽ ٻين ڏکڻ اوڀر ايشيا جي انجنيئرنگ ڪاليجن ڏي ليڪچر يا سيمينار لاءِ موڪلڻو پوندو هو ته ٻيو ڪو وڃي يا نه وڃي پر آئون خوشيءَ سان هليو ويندو هوس. T.A ۽ D.A کڻي ڪو خاص نه ملندو هو پر آئون ٽرين يا بس ۾ ويندي enjoy ڪندو هوس ۽ ڪوشش ڪري ان اداري جي گيسٽ هائوس يا هاسٽل ۾ رهندو هوس جيئن هتي سنڌ يونيورسٽي جي گيسٽ هائوس ۾ اچي رهيو آهيان. اهڙي طرح مونکي هڪ عدد سفرنامو لکڻ جو موقعو ملي ويندو هو. منهنجا سفرناما ”ممباسا شيدي باشا همباشا“ ۽ ”اي جرني ٽُو ٿائلنڊ“ اهڙن سفرنامن مان ڪجهه آهن.
    ملائيشيا جي ڪنهن تعليمي اداري ۾ ليڪچر ڏيندو هجان يا سنگاپور، انڊونيشيا، ٿائلنڊ جي .... شاگردن اڳيان انگريزيءَ ۾ ليڪچر ڏيندي منهنجي هميشه دل چوندي هئي ته هن بدران ڪا سنڌ جي يونيورسٽي يا ڪاليج هجي جتي آئون شاگردن سان انگريزي بدران سنڌي ۽ اڙدو ۾ ڳالهائي سگهان ۽ منهنجو ليڪچر ٻڌندڙ شاگرد ملئي، ٿائي يا ويسٽرن ڊريس پهريل هجڻ بدران شلوار قميص ۾ به هجن! ڪجهه سال اڳ ممبئي جي يونيورسٽي ۾ اتي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچر ڏيڻ جو موقعو مليو پر ويٺل شاگردن ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ کان علاوه گجراتي، مرهٺي، پالي ۽ ٻين ڊپارٽمينٽن جا به شاگرد هجڻ ڪري مونکي انگريزيءَ ۾ ليڪچر ڏيڻو پيو. هن وقت هڪ دلچسپ ڳالهه ياد اچي رهي آهي جيڪا توهان سان Share ڪندو هلان ته ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ سوال جواب واري حصي ۾ هڪ سنڌي شاگردياڻيءَ يا شايد مهمان خاتون اهو معلوم ڪري ته آئون سنڌ کان آيو آهيان جوش ۾ اچي انگريزيءَ بدران سنڌيءَ ۾ سوال ڪيو ته منهنجو دماغ ئي چڪرائجي ويو! منهنجي بيوسي محسوس ڪندي ممبئي يونيورسٽيءَ جي ان وقت جي هيڊ آف سنڌي ڊپارٽمينٽ ”ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ“ منهنجي مدد لاءِ عورت کان مائيڪ وٺي انائونس ڪيو ته: ”جيئن ته محترما جي سنڌيءَ ۾ هندي ۽ سنسڪرت جا تمام گهڻا لفظ اچي ويا آهن سو ان جو آسان سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿو ڪريان.“...... مونکي ان ڏينهن احساس ٿيو ته 65 سالن جي وڇوڙي ۾ اسان واري سنڌي وڌيڪَ فارسي ۽ عربي ٿي وئي آهي ۽ سيما (بارڊر) جي ٻي پار واري سنڌي وڌيڪَ هندي ۽ سنسڪرت ٿي وئي آهي. جيئن ملائيشيا ۾ رهندڙ ٻن پيڙهين کان سنڌي هندن جي سنڌي ٻولي ملئي ۽ تامل جو ”چئمپور“ (مڪسچر) ٿي وئي آهي. ان ڪري مون سنڌ جي ڪنهن يونيورسٽي خاص ڪري اندروني سنڌ جي ڪنهن تعليمي اداري ۾ ليڪچر ڏيڻ ۽ شاگردن سان ڳالهائڻ چاهيو ٿي.
    گذريل سال ادل سومري مشهور شاعر ۽ سنڌي ڊپارٽمينٽ جي هيڊ (اڃان هو رٽائرڊ نه ٿيو هو) ۽ ايازگل سنڌ جي هڪ ٻئي مشهور شاعر ۽ سچل چيئر جي چيئرمئن خيرپور جي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ غير سرڪاري طرح منهنجي ليڪچر جو بندوبست ڪيو ۽ آئون پنهنجو شوق پورو ڪرڻ لاءِ هوائي جهاز جي ٽڪيٽ ڀري سکر ۾ اچي رهيس جِتي لبِ مهراڻ کان معصوم شاهه جو منارو ۽ ستين جي آستان جهڙيون تاريخي شيون گهمندو رهيس. خيرپور جي يونيورسٽي ۾ منهنجو ليڪچر آخري ڏينهن تي هو جنهن بعد منهنجي ڪراچي موٽڻ جي اڏام هئي.
    سنڌ يونيورسٽي جي منهنجي ميزبانن پروفيسر يوسف پرديسي ۽ پروفيسر حفيظ ابڙو منهنجي ڳالهه کي ڪٽيندي چيو ته ”پوءِ ڀلا شاهه لطيف يونيورسٽي ويائو؟“ کلندي وراڻيو مان ته هو ڇا چوندا آهن ته: ”نڀاڳي مڱڻهار کي گھور مهل ٽورو لڳي“ سو جنهن ڏينهن مونکي سکر کان خيرپور وڃڻو هو ان کان هڪ رات اڳ ٻن فرقن جي وچ ۾ هنگامو ٿي پيو ۽ مون واري ليڪچر واري ڏينهن تي سڄي سکر ڊويزن ۾ ڦيٿا روڪ هڙتال ٿي وئي. شاهه لطيف يونيورسٽي ڏسڻ ۽ اتي جي شاگردن سان ڳالهائڻ بدران سڄو ڏينهن سکر جي واپڊا گيسٽ هائوس ۾ اتي جي بورچين ۽ ڇنڊ ڦوڪ ڪرڻ وارن سان خبرون ڪري شامَ جو PIA جهاز ۾ ڪراچيءَ موٽي آيس.
    هاڻ منهنجو ارادو سنڌ جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ وڃڻ جو نه هو ته هڪ ڏينهن اوچتو حيدرآباد کان پروفيسر قاضي خادم جو فون آيو. ڇوٽ ۾ ئي چيائين ته: ”الطاف ’نه‘ نه ڪجانءِ، منهنجو دوست پروفيسر يوسف پرديسي توسان ڳالهائيندو .... هو تو کي سنڌ يونيورسٽي ۾ اچڻ جي دعوت ڏئي رهيو آهي.“
    ڊاڪٽر يوسف پرديسي صاحب سان منهنجي گهڻو گهڻو اڳ انگلنڊ ۾ ملاقات ٿي هئي جڏهن هو اسڪالر تي اعليٰ تعليم لاءِ اتي آيو هو. اهو به ڪو زمانو هو..... خاص ڪري جڏهن غلام مصطفيٰ شاهه وائيس چانسلر هوندو هو ۽ سنڌ يونيورسٽي جا ڪيترائي شاگرد ۽ ليڪچرار اعليٰ تعليم لاءِ انگلنڊ ۽ آمريڪا ۾ نظر ايندا هئا. هاڻ ته ڪنهن ورلي لاءِ ٻڌجي ٿو ته هي سنڌ يونيورسٽي کان آيو آهي.
    ڊاڪٽر يوسف کي وراڻيم ته مون لاءِ اها خوشي جي ڳالهه آهي پر آئون هڪ ڏينهن اڳ شامَ جو ايندس ۽ ليڪچر وارو ڏينهن توهان وٽ رهي ٻئي ڏينهن صبح جو موٽڻ چاهيندس. منهنجي لاءِ ڪنهن وڏي بندوبست جي ضرورت ناهي شاگردن يا ٽيچرس هاسٽل جي ڪمري ۾ ئي مونکي رکجو.... ميس جو بندوبست هجي ته ٺيڪ آهي نه ته ڦاٽڪ واري پٺاڻ جي هوٽل تان پاڻهي ماني کايو پيو ايندس.... پر جڏهن هتي پهچي هي ٺاٺ ڏٺم ته پاڻ کي راجا سمجھيم .... ايشين ته ڇا پر يورپي معيار کان به هن گيسٽ هائوس جا ڪمرا اعليٰ نظر آيا. گيسٽ هائوس جي انچارج کوسي صاحب ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ هتي هڪ جپاني ڊيليگيشن به رهي ويو آهي جنهن کي پوءِ اهو ميرپور خاص وارو ڪئمپس ڏسڻ لاءِ روانو ٿي ويو. دل ۾ چيم ته پوءِ هن گيسٽ هائوس جو معيار هيڪاندو بلند چئبو جو يورپي ته دهلي ريلوي اسٽيشن جي ڀر وارين گهٽين جي 200 روپئي وارن ڪمرن جي هوٽلن ۾ به رهندي نظر اچن ٿا پر جپاني سڀ کان گهڻا مَک چَک وارا آهن.... هو اعليٰ کان اعليٰ شيءِ کي ئي ترجيح ڏين ٿا.... سو چڱو جو هي گيسٽ هائوس اسان جي سائينءَ مظهر حسين صديقيءَ پنهنجي وي سي وارن ڏينهن ۾ ٺهرايو ۽ جنهن جو نالو داخل ٿيڻ واري هنڌ تي پيڙهه جي پٿر تي لکيل ڏٺم ۽ ان جي اڳيان مشهور ڪهاڻيڪار شوڪت شورو سان گڏ بيهي فوٽو پڻ ڪڍرايم.


    اسانجو سُپر هاءِ وي ۽ بادل پالاري

    ڪراچي کان حيدرآباد آئي مونکي چار سال کن ٿي ويا هئا. چار سال وڏو عرصو آهي جنهن ۾ مڪي، مديني ۽ جدي کان ڪولمبو، ڪوالالمپور ۽ جڪارتا جهڙن شهرن ۾ ته تمام وڏي تبديلي ۽ ماڊرنائيزيشن اچيو وڃي ۽ ڪو زمانو هو جو چئبو هو ته پئرس جا رستا آرسيءَ جيان ٿا چمڪن.... اڄ ڪو ايشين يا آفريڪن اهڙي وائي نٿو واري جو ڪينيا، يوگنڊا ۽ تنزانيا جهڙا آفريڪي ملڪ هجن يا فلپين، سنگاپور ۽ ويٽنام جهڙا ايشيائي ملڪ.... ڪنهن به شهر کان ٻاهر نڪر ته ڇا سهڻا ۽ مضبوط رستا آهن..... ڀلي پيا مينهن وسن توهان بي ڊپا ٿي گاڏيون هلايو.... اسانجو هر ڳالهه ۾ مقابلو انڊيا سان رهي ٿو ۽ اسان جا اخبار وارا انڊيا جي ڪنهن روڊ حادثي يا ٽرئفڪ جئم جي خبر وڏن چَشڪن سان ڏين ٿا جنهن کي پڙهي اسان جا ماڻهو سمجھن ٿا ته انڊيا ۾ ڪا ڀينگ پئي وسي پر اڄ انڊيا جا به شهر توڙي روڊ رستا ماڊرن ملڪن جي مقابلي ۾ آهن. هنن جون وقت جون پابند ۽ هر سهوليت سان پُر ريل گاڏيون ۽ بسون ڏسو ۽ رستن تي ڳوٺ ڳوٺ ۾ ٺهيل انهن جا اسٽاپ ۽ اسٽيشنون ڏسو.... هڪ ميلو ۽ رونق هوندي آهي ۽ ماڻهو ڏينهن رات بي ڊپا ٿي سفر پيا ڪن. اسانجي جھانگارا باجاره، شاهه پنجو، سڪرنڊ ۽ باڊهه جهڙن هندوستاني ڳوٺن جون بس اسٽاپ واريون هوٽلون ڏسو ته اهي به بين الاقوامي سهولت واريون آهن تڏهن ته يورپي ۽ آمريڪن ٽوئرسٽ انڊيا گهمڻ ۽ موڪلون گذارڻ اچن ٿا....
    ممبئي، دهلي ۽ ڪلڪتي ۾ شهر جو شهر ۾ هلندڙ ٽرينون ۽ انڊر گرائونڊ گاڏيون هلن ٿيون. اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ ٽرام هلندي هئي اها به بند ٿي وئي... سرڪيولر ٽرين هلندي هئي اها به بند ٿي وئي.... نه رڳو بند ٿي وئي پر سرڪاري زمينن تي ئي قبضو ٿي ويو.... گهر، فلئٽ ۽ دڪان ٺهي ويا. اڄ ڪراچيءَ جي ڀڳل ۽ دونهون ڇڏيندڙ بسين ۾ ماڻهو جانورن وانگر ڀريل ٿين ٿا يا ڇت تي ڪڪڙن وانگر اوڪڙون ويٺل.... اڄ کان سٺ سال اڳ جڏهن بندر روڊ (ايم اي جناح روڊ) ايشيا جو ويڪرو ۽ سهڻو روڊ مڃيو ويندو هو، جڏهن ان تي ٽرامون ۽ وڪٽوريا بگيون هلنديون هيون.... ڪنهن سوچيو هو ته نئين صديءَ ۾ ڪراچيءَ جو سهڻو شهر هي ڏيک ڏيندو!
    ٽنڊو آدم کان پڊعيدن انگريزن جي ڏينهن جي ٺهيل ٽرين هلندي هئي جيڪا اسان جي ڳوٺَ هالا مان به لنگهندي هئي. ٻاڦ تي هلندڙ هن ٽرين جي ڇُڪ ڇُڪ ۽ سيٽي جي آواز ۾ ڇا ته رومانس هوندو هو. ڳوٺ جا ماڻهو هلي ملي ”بابِ نوح“ تائين ايندا هئا جيئن ان ريل گاڏيءَ جي اَچڻ يا وڃڻ جو نظارو پَسي سَگهن.... غريب غربي لاءِ هيءَ ٽرين وڏو سُک هئي جنهن ۾ ڳوٺ جا ماڻهو پاڻ سان گڏ رڍ ٻڪريءَ کي به ڍوئي ويا ٿي..... پر پوءِ هڪ مرڪزي حڪومت کي همدردي نه هئي ٻيو اسان جي ماڻهن کي.... جيڪي ريل جا پٽا ۽ سليپر به پٽي ويا. زميندارن ريل جي سرڪاري زمين تي قبضو ڪري خوشيون ملهائيون.... ڳوٺن جا غريب وري اهي سهولتون نه ماڻي سگهيا آهن.
    چون ٿا ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ وري به امن امان ۽ سٺا رستا آهن.... اسلام آباد ۾ ڪنهن سرڪاري ڪاموري يا شايد ٺيڪيدار پئي ڳالهه ڪئي ته سڀ کان گهڻو کائو سنڌ جا آفيسر آهن... هو ايڏو وڏو وات پٽي ٿا ويهن جو ڪهڙو رستو يا سرڪاري عمارت ٺهي سگهندي! اسان وٽ ڪراچي کان حيدرآباد واري هن رستي کي وڏي ناز سان سُپر هاءِ وي ٿو سڏجي. منهنجي خيال ۾ اهو ”هو“ .... اڄ کان اڌ صدي اڳ 1962ع ڌاري .... جڏهن اسان انٽر پڙهي رهيا هئاسين ته اٽلي وارن جي مدد سان هي روڊ ٺاهيو ويو هو. پر اڄ جي معيار موجب ان کي هاءِ وي چوندي به شرم جي ڳالهه آهي. ملائشيا، ٿائلنڊ، انڊونيشيا ويندي سعودي عرب ۽ ڪوريا جهڙا ملڪ جيڪي ٽيڪنالاجيءَ ۾ اسان کان گهڻو گهڻو پٺتي هئا اڄ انهن جي ڳوٺن جي رستن کي ڏسي اسان جي نوجوانن کي.... جيڪي اوڏانهن تعليم يا نوڪري لاءِ وڃن ٿا، شرم ٿو اچي ته اسانجو ملڪ ڪهڙي Reverse گيئر ۾ لڳي ويو آهي!
    جڏهن کان هي سپر هاءِ وي ٺهيو آهي پئي مرمت هلي!.... مرمت ڇا.... جنهن کي ٿُڪ ٿنڀڻ يا چونا پوچي سڏجي اهو پيو هلي.... اهو ئي حال سنڌ جي ٻين رستن جو آهي..... هر هڪ کي خبر آهي ته ترقياتي ڪمن لاءِ مقرر ڪيل بجيٽ سياستدان، ڪاموري ۽ ٺيڪيدار جي کيسي ۾ هليو ٿي وڃي.... رستا ۽ شهر سڌرن ته ڪيئن سڌرن! اسان رڳو ڌارين کي متاثر ڪرڻ لاءِ ۽ پاڻ کي سرخرو بنائڻ لاءِ چئون ٿا ته اسان عظيم قوم آهيون جنهن جو مثال موهن جو دڙو آهي.... جتي جون گهٽيون سڌيون ۽ جِتي بهترين Sewage سسٽم هو جنهن جهڙو سسٽم هزارين سالن بعد دنيا جي ٻين ملڪن ۾ رائج ٿيو..... بلڪل صحيح آهي..... اصفهان، استنبول کان لنڊن ۽ پئرس جهڙن شهرن ۾ به گهڻو پوءِ سڌارو آيو.... اهو به سچ آهي..... پر اهو به ته سچ آهي ته هيڏي بجيٽ هوندي ۽ هن ماڊرن دور ۾ اڄ لاڙڪاڻي سکر، دادو ۽ خيرپور جهڙا شهر به گٽر ٿيا پيا آهن! سال گذري ويا آهن پر اڃان تائين Sewage System نٿو ٺهي.... موهن جي دڙي جي مئل ماڻهن جا روح به منهن مٿو پٽيندا هوندا. ڪراچي حيدرآباد واري سپر هاءِ وي تان آئون ڪڏهن اکيون ٻوٽي سوچيندو وڃان پيو ته ڪڏهن اکيون کولي هيڏي هوڏي ڏسان ٿو... رستي تي ٺهيل پيٽرول پمپن، ڳوٺن ۽ زرعي فارمن جي نالن جا بورڊ پڙهان ٿو.
    • پاڪ ايشيا هزاره هوٽل
    • ڳوٺ حاجي ولي محمد شورو
    • توڪل پيٽروليم سروس
    • پاڪستان ٽرڪنگ اسٽيشن
    • دوحه ريسٽورنٽ
    • چڪوال پيٽرول پمپ
    • ڳوٺ لعل محمد کوسو
    • الجزيره هوٽل
    • ماشاءَ الله پيٽروليم.... وغيره وغيره
    انهن سان گڏ شهرن جا مفاصلا به پڙهندو رهان ٿو ته ڪهڙا شهر ڪيترو پري آهن.
    حيدرآباد 80 ڪلوميٽر .... راڻيپور 330 .... سکر 400 .... خيرپور 360 .... بهاولپور 750 .... شهيد بينظير آباد 180 .... ملتان 850ل .... لاهور 1150.... اسلام آباد 1430
    ڪيترا ماڻهو ڪراچيءَ کان يڪساهي لاهور تائين وڃن ٿا. مختلف بسون ته پشاور ۽ اسلام آباد تائين وينديون رهن ٿيون. ڪراچي کان لاهور ويندڙن جي واتان اڪثر ٻڌبو آهي ته ڪراچي صبح ساڻ ڇڏجي...... ڇو؟.... ان ڪري ته جيئن سنڌ جو بارڊر سج لٿي کان اڳ ٽپي پنجاب ۾ پهچجي. اهو ٻڌي ڪيڏو افسوس ٿيندو آهي جڏهن اسان جي ملڪ جا ماڻهو (ڌارين ٽوئرسٽن ته ڪڏهوڪو اچڻ ڇڏي ڏنو آهي) سنڌ جي خراب رستن سان گڏ اغوائن ۽ ڦرن جي ڳالهه ڪن ٿا.... ۽ اها حقيقت به آهي ته سنڌ جي امن امان جي حالت بيحد خراب آهي. ماڻهو بي چين ۽ پريشان آهن.... سنڌ ۽ پنجاب واري بارڊر جي هڪ طرف ڀڳل رستا ۽ سج لٿي کان اڳ ئي سناٽو ڇانيل نظر اچي ٿو ته ٻئي طرف پنجاب واري پاسي هر ڳالهه بدليل نظر اچي ٿي. آهي ته اسان جي سڄي ملڪ ۾ انڌير پر وري به سنڌ جي مقابلي ۾ پنجاب پاسي ساوڪ، سهڻا رستا، کليل اسڪول، اسپتالن ۾ دوائون ۽ ڊاڪٽر ۽ ماڻهن جي منهن تي رونق ۽ خوشحالي نظر اچي ٿي.
    ڄامشورو ويجھو اچڻ کان اڳ آئون ڊرائيور کي ”بادل پيٽروليم سروس“ نالي هڪ پيٽرول پمپ تي چانهه پيئڻ جي خيال کان بيهاريان ٿو. پيٽرول پمپ وٽ بيٺل شير علي پالارري نالي بيٺل نوجوان مون کي سڃاڻي وڏي حب سان اچي ٿو ملي. هو اڙدو جي هڪ اخبار ۾ منهنجا ڪالم شوق سان پڙهندو آهي. وڏي خلوص مان چانهه لاءِ سندس آفيس ۾ وهڻ لاءِ چوي ٿو. کيس مونسان ملي خوشي ٿي آهي ۽ ساڳئي وقت مونکي سندس آفيس ۾ ويٺل سندس مامي ”بادل پالاري“ جنهن جي نالي هي پيٽرول پمپ آهي، ان سان ملي خوشي ٿي. هو جيتوڻيڪ اسڪول جا چار درجا به پڙهيل نه آهي (جنهن جو پاڻ ئي اعتراف ڪيائين) پر سندس ڳالهيون عقل جون ۽ پڙهيلن کان وڌيڪَ سلجھيل لڳيون. هن کي ملڪ جي ڪرندڙ معاشيات ۽ اخلاق جو افسوس هو. هن جي اکين ۾ هن ملڪ جي سڌرڻ جا سپنا هئا. پاڻ ملڪ جي اعليٰ سياستدانن جا نالا ائين کڻي رهيو هو ڄڻ سندس دوست هجن..... ۽ پوءِ جلدي مونکي خبر پئي ته MRD تحريڪ دوران هن ڪيترائي مهينا مخدوم خليق الزمان، ممتاز ڀٽو، رضوان ڪيهر کان وٺي هزار خان بجاراڻي، تاج حيدر، قائم علي شاهه ۽ الطاف حسين سان گڏ حيدرآباد واري جيل ۾ گذاريا.
    ”الطاف حسين مون وٽ چانهه پي ويو آهي. ان بعد مونکي ڪراچي گهرائي وڏي ڪچهري ڪئي هئائين. هاڻ ته هو وڏي ڳالهه آهي. لنڊن ويٺو آهي.... وڏو عرصو ٿي ويو آهي.... هاڻ ڪو اسان ياد يا پاد.... جيڪي هِتي ويٺا آهن انهن کان به اسان جهڙا ماڻهو وسري ويا آهن. نه ته جيل مان نڪرڻ بعد مون قائم علي شاهه، هزار خان بجاراڻي، تاج حيدر ۽ ٻين کي وڏي دعوت ڪئي هئي ....“
    ايم آر ڊي تحريڪ وارن ڏينهن جون توڙي اڄ جي حالات حاضره جون بادل پالاريءَ وٽ ڏاڍيون خبرون ۽ قصا ڪهاڻيون هيون. دل چيو ته جيڪر ههڙي ماڻهوءَ سان هڪ ڏينهن گذارڻ ۾ به لکڻ لاءِ کوڙ مواد ملي وڃي. مونکي بادل جهڙن ماڻهن تي حيرت ٿيندي آهي جن اسڪول جو منهن به نه ڏٺو ۽ هنن ڪتابن بدران ماڻهن جي واتان ٻڌل ڳالهين ذريعي علم پرايو.... جيڪو هنن جي ياد داشت تکي هجڻ ڪري سيني سان سانڍيل رهي ٿو... موقعي ۽ مهل موجب ان کي ”ڪوٽ“ ۽ ”ان ڪوٽ“ ڪندا رهن ٿا.... هنن جون ڳالهيون زندگي جي تجربن ۽ مشاهدن تي جڙيل ٿين ٿيون..... ملائيشيا جي ڪجهه ڳوٺن ۾ اهڙا چيني ۽ تامل رهاڪو هئا جن سان منهنجي هر وقت ملاقات رهندي هئي ۽ هو ڇا ته پنهنجي وقت جون، خاص ڪري ٻي وڏي لڙائي وارن ڏينهن جون ڳالهيون ٻڌائيندا هئا....! بادل محنت ۽ ذهانت سان پنهنجي پيٽرول پمپ کي هلائي رهيو آهي. اڄ هو نه فقط بزنيس ۾ سٺو ۽ هوشيار ٿي ويو آهي پر هن جي نالي ”وليج بادل خان پالاري“ ڳوٺ به آهي جنهن جو هو هڪ قسم جو وڏيرو به ٿيو.... پر بادل هر انسان کي انسان سمجھي ٿو ۽ هو سياست کي عوام جي خذمت سمجھي ٿو. ”اسان جنهن کي ووٽ ڏئي اسيمبلي ۾ موڪليون ٿا ان جو ڪم آهي ته پنهنجي عوام جي ڀلائي ڪري .... چاهي هو وزير مشير ٿي وڃي......“ ۽ پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چيائين ته ”ادا اسان سنڌين لاءِ اهي فقط خوابي ڳالهيون ۽ خيالي قصا آهن.... اسان جو وڏيرو غريب کي ڀر ۾ به نه وهاريندو... هن جا مسئلا ٻڌڻ ۽ ڪم ڪرڻ ته ٿي پري جي ڳالهه.... هوڏانهن ”هنن“ ريڙهي وارن کي به وزير بڻائي ڇڏيو.“ هن جو اهو اشارو ايم ڪيو ايم وارن ڏي هو ته هنن جا ميمبر ته ڇا وزير مشير به عوام سان ملندا رهن ٿا ۽ مسئلا حل ڪندا رهن ٿا.
    ”اڪثر اهو ٻڌبو آهي ته حڪومت نوري آباد ۾ ڪارخانا هڻي ان کي سنڌ جو مانچسٽر ٿي ٺاهيو پر مقامي سنڌين نه صحيح طرح نوڪري ڪئي ۽ نه امن امان قائم رکيو.“ مون ان عام شڪايت جي ڳالهه بادل سان ڪئي.
    ”ادا! ڳالهه اها آهي“، بادل ٻڌايو، ”نوري آباد جا سنڌي سست ۽ بيڪار پنهنجي جاءِ تي پر ڪارخانيدارن جي به نيت صحيح نه هئي..... هنن بي ايمانيون ڪيون ۽ سرڪار کان رڳو فائدا ورتا.“
    ان ڏينهن بادل پالاريءَ جي ٻڌايل ڳالهين مان هن وقت هڪ اها ڳالهه به ياد اچي رهي آهي ته: ”اسان سنڌي ماڻهو.... گهڻو ڪري مسلمان، عقل کان ڪم نٿا وٺون. اسانجون عجيب ترجيحات آهن“.... هن جو مطلب هو ته اسان ٻاهرين ۽ کوکلي شان پٺيان ڏاڍو ٿا وڃون. ضرورت نه هوندي ته به شو خاطر ۽ پاڙي اوڙي ۽ سنگتين ساٿين تي لئه رکڻ ڪارڻ ٻارن کي وڏي گاڏي وٺي ڏيينداسين .... پئسو ڏوڪڙ بچت ۾ نه هوندو ته پلاٽ يا ابن ڏاڏن جي ڇڏيل زمين جا ٻه ايڪڙ وڪڻي اوچي گاڏي وٺڻ جهڙي شوبازي ڪبي ....
    ”قاسم آباد سڄو سومرن جو هو. پاڻ وٽ رکڻ يا ان تي عمارتون ۽ دڪان ٺاهي مسواڙ تي ڏيڻ بدران ويا کپائيندا..... اتي ڪي ڪارخانا يا ڪم جون شيون ٺاهي پنهنجن مٽن مائٽن کي سٺو روزگار مهيا ڪري نه ڏنائون.... ڦلن مٺ ۾ الهه تلهه وڪڻي ڇڏيائون.... اڄ به ڏسو ته سومرا پيا ڪپڙا ڌوئين!“
    ”ڀلا بادل ڄم جي ڪهڙي تاريخ اٿئي؟“ مون پڇيو.
    هن ٽهڪ ڏئي چيو: ”جنهن ماڻهوءَ هڪ درجو به نه پڙهيو ان کي ڄم جي تاريخ جي ڪهڙي خبر! مونکي ته سال جي به خبر ناهي.“
    ”ڀلا هوش سنڀالئي ته هي سپر هاءِ وي ٺهيل نظر آئي؟“ مون پڇيو.
    نه آئون ٽن چئن سالن جو هوس ته ان وقت هن رڻ پٽ تي رستو ٺهڻ ۽ جبلن جي ڪٽائي جو ڪم شروع ٿيندي ڏٺوسين.“ بادل چيو.
    ”چئبو ته توهان مونکان چوڏنهن پنڌرهن سال ننڍا آهيو.... يعني 56 سال کن جا آهيو.“ مون چيو.
    ”مونکي به ائين ئي لڳي ٿو.“ بادل چيو
    ڊرائيور اچي چيو ته: ”سائين پروفيسر يوسف پرديسي جو بار بار فون پيو اچي ته هو انتظار ڪري رهيو آهي.“ آئون ٽپ ڏئي اٿيس. ڊرائيور کي چيم ته جلدي اسان جا فوٽو ڪڍ ته هلون.
    ”بادل! حياتي رهي ته توسان ملڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ کان هلي ايندس.“ اهو چئي مون بادل کان موڪلايو ۽ واچ ۾ ڏٺو ته مونکي بادل وٽ ڪلاڪ کان مٿي ٿي ويو هو.... سنڌ يونيورسٽي جي ميزبانن جي حساب سان ان ڪلاڪ سوا ۾ آئون اتي هجان ها.


    سنڌ يونيورسٽي جي ڪجهه استادن سان ملاقات

    سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچر لاءِ مون هڪ ڏينهن اڳ اچي ڇو ٿي رهڻ چاهيو.....؟ اهو سوچي ته مونکي اتي خاموشي ۽ تنهائيءَ جو ماحول ملي ويندو. پر منهنجي ميزبانن کي منهنجو فڪر ٿيو ته هڪ ڏينهن اڳ اچي بور ٿيندس سو هو منهنجي وندر جو سوچي گڏجاڻين ۽ ماني ٽڪي جي دعوتن جو سوچڻ لڳا.... دل ۾ مون سوچيو ته اصولن ته مونکي صبح جو ڪراچي کان نڪرڻ کپي ۽ ڏهين بجي ڌاري ليڪچر ڏئي ڦُٽي وڃڻ کپي. يونيورسٽي وارا منهنجي پهچڻ تي چانهه پيارڻ ۽ وڌ ۾ وڌ ليڪچر بعد لنچ کارائڻ جا ذميوار ٿيا ..... ۽ مون به نٿي چاهيو ته آئون هنن لاءِ بار بڻجان ۽ هڪ ڏينهن اڳ اچڻ ۽ ليڪچر وارو ڏينهن رهي ٻئي ڏينهن وڃڻ واري ڏينهن جي ويتر مونکي مسواڙ ڏيڻ کپي.... جيڪا ڪن ملڪن ۾ ڏيڻي پوندي آهي ۽ ايڪسٽرا رهائش واري وقت جي ماني جو هتي مسئلو نه هو جو ڪالوني ۾ يا اڳيان ڦاٽڪ وٽ ڪيتريون ئي ٽرڪ هلائيندڙن ۽ بسين جي مسافرن جي سهولت لاءِ ٻوڙ مانيءَ جون هوٽلون آهن.
    منهنجي پروگرام پڪي ٿيڻ تي پروفيسر حفيظ ابڙو هڪ ڏينهن اڳ ۾ فون ڪيو ته: ”منجهند ۽ رات جي ماني اسان وٽ کائجو“.
    ”دراصل آئون منجھند جي ماني کائي نڪرندس ۽ رات جي نه کائيندو آهيان.... چانهه سان بسڪٽ کائي ڇڏيندس.“ مون چاهيو ٿي ته آئون ان فالتو رهائش واري ڏينهن جي ڪنهن کي به تڪليف نه ڏيان ۽ هونءَ به آئون اهو هڪ ڏينهن اڳ ۾ ان ڪري اچي رهيو هوس ته جيئن آئون هڪ ته ليڪچر واري ڏينهن سڪون سان ٻن منٽن جي ڊرائيو تي ليڪچر روم ۾ پهچي وڃان ۽ ٻيو ته اهو هڪ ڏينهن اڳ پهچڻ وارو آئون پنهنجو پاڻ حوالي هجان ۽ بنا ڪنهن جي ڊسٽرب ڪرڻ جي گهڻي کان گهڻو لکي وٺان. سو پروفيسر حفيظ کي مون بابت فڪر مند نه ٿيڻ ڪارڻ چيومانس: ”حفيظ! توهان مونکي رڳو اهو ٻڌائي ڇڏيو ته اهو گيسٽ هائوس ڪٿي آهي ۽ اتي جي چوڪيدار يا سنڀال ڪرڻ واري همراهه جو نالوڇا آهي جيئن پهچڻ سان هن سان ملان ۽ هو مونکي ڪمرو ڏيکاري سگهي. توهان ٻئي ڏينهن صبح جو مونکي اتان ليڪچر هال وٺي هلجو.“
    هن مونکي گيسٽ هائوس جي لوڪيشن سمجھائي ۽ چوڪيدار جو به نالو ٻڌايو. ليڪچر کان هڪ ڏينهن اڳ پروگرام موجب آئون نيرن ڪري سنڌ يونيورسٽي لاءِ نڪتس. پاڻ سان لکڻ پڙهڻ لاءِ پنا به کنيم ۽ منجھند جي مانيءَ جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ پاڻ سان ٻه سئنڊوچون ٺاهي کڻي نڪتس پر حفيظ کي ان ريت خبر پئجي وئي جو هن مونکي اڃان ڪراچي ۾ سمجھي لئنڊ لائين تي فون ڪيو ته منهنجي زال ٻڌايس ته آئون ته سوير ئي نڪري چڪو آهيان. اهڙي طرح منهنجو ڪوڙ پڪڙجي پيو ۽ حفيظ يڪدم موبائيل تي مونکي چيو ته ڇا به ٿئي پئي ته آئون هنن جي گهر پهچان.... ”توهان فڪر نه ڪريو توهان لاءِ ڪا خاص تڪليف نه ڪنداسين. منهنجي زال ۽ ٻار به توهان سان ملڻ لاءِ آتا آهن.“
    اهڙي ريت مونکي سڌو حفيظ جي گهر اچڻو پيو ۽ هونءَ به حفيظ سان پهريون دفعو هڪ اجنبي جي حيثيت ۾ فون تي ڳالهه ٻولهه شروع ٿي پر پوءِ خبرن چارن ۾ ڄاڻ ٿي ته حفيظ ۽ سندس زال عابده ته بلڪل پنهنجن مان آهن. حفيظ نه فقط منهنجي زال جي ڳوٺ دادو جو آهي پر ان ئي پاڙي جڳت آباد جو آهي. سڀ کان حيرت واري اها ڳالهه (جنهن جهڙين ڳالهين تي وات مان يڪدم نڪري ويندو آهي ته ”دِس ورلڊ از ويري سمال“) حفيظ جي مرحوما والده حَسينا ميمڻ ۽ منهنجي زال نه فقط هم عمر پر دادو جي اسڪول ۾ ڪلاس ميٽ به هيون ۽ حفيظ جي گهر واري عابده منهنجي ڳوٺ هالا ۾ اسانجي پاڙي ۾ رهندڙ منهنجي دوست محمد علي متقيءَ جي ڌيءَ آهي. مون هن کي ۽ ڀر ۾ رهندڙ حميد شهيد ۽ سندس ڀاءُ انيس جي ٻارن کي تڏهن ڏٺو هو جڏهن هو پرائمري اسڪول ۾ هئا.... هيءَ 1972ع جي ڳالهه آهي..... بلڪه مونکي لڳي ٿو عابده اڃان ڄائي نه هجي سندس وڏي ڀيڻ ساجده هجي جنهن بعد ۾ انجنيئرنگ B.E ڪئي. عابده ڪامرس ۾ M.A ڪئي آهي.
    حفيظ جا ڏاڏاڻا توڙي ناناڻا دادوءَ جا آهن. منهنجو به دادوءَ سان ننڍپڻ کان واسطو رهيو آهي ان ڪري نه ته منهنجي شادي اتان ٿي. اها ته 1971ع ۾ ٿي پر هوش سنڀالڻ کان وٺي موڪلن ۾ پنهنجي والده سان گڏ اتي ويندا هئاسين جو ماسيءَ جو گهر هو.... ۽ اهو اتي ئي جڳت آباد جي آخوند محلي ۾ هو جتي حفيظ جا ناناڻا ميمڻ رهن ٿا. اسان جي ماسڙ (ماسي جي مڙس) چاچا مظهر حسين گهلو جو هم عمر حفيظ جو نانو حاجي ڪوڙا خان ميمڻ هو جيڪو مختيارڪار ٿي رٽائرڊ ٿيو. حفيظ جو هڪ مامو عبدالقيوم ميمڻ پيپلز ميڊيڪل ڪاليج (هاڻ شايد يونيورسٽي هجي) ۾ ميڊيسن جو پروفيسر آهي ۽ ٻيو مامو مشتاق ميمڻ صاحب سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ٿي رٽائرڊ ٿيو.
    محمد حفيظ ابڙي 28 جولاءِ 1968ع تي عبدالحنيف ابڙو صاحب جي گهر ۾ جنم ورتو. حفيظ جو چاچو عبدالرسول دادو ضلعي جو پهريون مسلمان ڊاڪٽر هو. هن 1954ع ۾ سول سرجن دادو اسپتال جي پوسٽ تان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. حفيظ جو ڏاڏو انگريزن جي ڏينهن کان پوسٽ ماسٽر ٿي رهيو. حفيظ پاڻ مئٽرڪ دادو پائلٽ اسڪول مان 1982ع ۾ ۽ انٽر 1984ع ۾ حيدرآباد جي مسلم ڪاليج مان ڪئي .... ان بعد B.Com سنڌ ڪاليج آف ڪامرس مان ڪئي جيڪو ڪاليج حيدڙاباد ۾ ”فقير جي پڙ“ ڀرسان آهي.
    محمد حفيظ ذهين شاگردن مان هڪ ٿي رهيو آهي. هن هر امتحان سٺي پوزيشن سان پاس ڪيو. M.Com سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين جنهن ۾ هو فرسٽ ڪلاس فرسٽ (گولڊ ميڊلسٽ) رهيو .... اهو سال 1991ع جو هو.
    تعليم بعد هن پهرين پرائيويٽ کاتن ۾ نوڪري ڪئي. قاسم آباد ۾ جيڪو PACC (پاڪستان آمريڪن ڪلچر سينٽر) آهي ان کي 1994ع ۾ کولرائڻ جو اعزاز حفيظ کي آهي. هو ان جو ڏهه سال ڊائريڪٽر ٿي رهيو. ان دوران هن سنڌ يونيورسٽي جي ڪامرس ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهائڻ به شروع ڪيو ۽ اڄ ڪلهه هو ڊائريڪٽر Implementation ۽ Maintaince پڻ آهي. حفيظ ۽ عابده کي ٻه ٻار آهن: سارا ـــ جيڪا مهراڻ يونيورسٽي ۾ آرڪيٽيڪٽ ۾ B.E ڪري رهي آهي ۽ ننڍو محمد حسن او ليول يا شايد اي ليول ڪري رهيو آهي.
    ماني تي دادو جي پروفيسر سريش ماکيجاڻي ۽ محمد قاسم ماڪا سان به ملاقات ٿي. سريش، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم اي جرنلزم ۾ ڪرڻ بعد ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ”ماس ڪميونيڪيشن“ ۾ Ph.D ڪئي. پاڻ 1983ع کان سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهائي رهيو آهي. سندس ڄم جي تاريخ 15 مئي 1956ع آهي. محمد قاسم ماڪا سريش کان ٽي سال وڏو آهي (ڄم جي تاريخ 3 مئي 1953ع) ۽ گذريل سال رٽائرمينٽ حاصل ڪيائين. ماڪا سان منهنجي پهرين ملاقات ستر واري ڏهي ۾ ڪراچي جي ڪنهن سنڌي ثقافتي گڏجاڻي ۾ ٿي ۽ ان بعد به اهڙي طرح ڪڏهن ڪنهن ادبي محفل ۾ ته ڪڏهن ايوارڊ ورهائڻ جي فنڪشن ۾ ملاقات ٿيندي اچي..... يا وري ڪڏهن سندس ڪشش/يا شايد KTN ٽي وي تي ايندڙ پروگرام ”منچ رنگ“ ڏسي کيس فون ڪندو آهيان. هڪ ٻه دفعو دبئي ۽ ملائيشيا مان به ڪيو هئومانس..... پر سندس مونکي هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي سگهي آهي ته هو ڪڏهن ته وڏي حب ۽ اڪير سان ملندو ڪڏهن وري ائين لڳندو ڄڻ سڃاڻي به ڪونه ٿو.... اسان پيا هجائتا ٿيون.... هو بيزار بيزار! ٿي سگهي ٿو اها منهنجي غلط آبزرويشن هجي.... بهرحال هو هڪ سٺو آرٽسٽ ۽ سچو پورهيت آهي.... هن سنڌي موسيقيءَ کي وڏي تقويت رسائي آهي جنهن جو قدر تاج بلوچ جهڙو به ڪري ٿو .... ڇو جو تاج بلوچ اهو ماڻهو آهي جيڪو ورلي ڪنهن کي مڃيندو آهي. حفيظ جي گهر ماڪا کي گهڙندو ڏسي آئون پريشان ٿي ويس ته وڏي کيڪار ڪيانس يا Low profile رکان.... پر اڄ ماڪا جي منهن تي سرهائي هئي.... هو نه فقط مونسان چمي ڏئي مليو پر سڀني سان وڏي قرب سان مليو ۽ فوٽا به ڀاڪر پائي ڪڍراياسين.
    حفيظ جي گهر آيل مهمانن ۾ مرتضيٰ سيال به هو. سيال کي به گهمڻ ڦرڻ جو وڏو شوق آهي. ڪڏهن مشتاق ڦل سان گڏ پاڪستان جي ٽوئر پيو ڪندو آهي ته ڪڏهن هِن حفيظ ابڙي سان گڏ ٿائلنڊ ۾ ويٺو هوندو آهي. کيس آئون سفرنامو لکڻ لاءِ چوندو رهان ٿو. هن ڀيري هن پنهنجو ڇپرايل ڪتاب ”هڪ سڏڪو لکت ۾“ تحفي ۾ ڏنو پر اهو سندس ڪالمن جو مجموعو آهي. شايد هاڻ سفرنامو به لکي. مرتضيٰ سيال ۾ به هن دفعي هڪ ڳالهه نوٽ ڪيم. هو هميشه سامهون ملندو هو (يا فون تي) هر وقت چوندو هو ته: ”سائين عبرت مئگزين لاءِ به ڪجهه لکي ڏيو.“ هو ڪيترن سالن کان عبرت مئگزين جو ڪم سنڀاليندو اچي. شروع ۾ مون وڏي شوق ۽ محنت سان فوٽن سميت فيچر لکي موڪليا پر پوءِ مرتضيٰ جڏهن به چوندو هو ته مواد ڏيو ته آئون کلي چوندو هوسانس ته ”ڌوڙ ڏيان.... پنهنجي سيٺين کي چئي ڇپائيءَ جون مشينون ته صحيح لڳراءِ.... نه لکائي ٿي سٺي اچي نه فوٽن جي ڇپائي.“
    منهنجي اها ڳالهه ٻڌي مرتضيٰ مرڪندو هو ۽ چوندو هو ته: ”سائين! ڳالهه صحيح ٿا ڪريو.“
    اڄ مونکي حيرت ٿي ته اسان جي اٿڻ جو اچي وقت ٿيو پر مرتضيٰ مونکي سندس آنرري ادارت ۾ هلندڙ مئگزين لاءِ مواد جي گهر نه ڪئي. پنهنجي تجسس کي ختم ڪرڻ لاءِ مانيءَ بعد چيومانس ”ڪر خبر مرتضيٰ تنهنجي مئگزين جي“
    ٽهڪ ڏئي چيائين: ”سائين ڪڏهوڪو مون ڇڏي ڏني.... نه اسانجي محنت جو قدر ٿو ٿئي ۽ نه ڇپائيءَ جو معيار ٿو سڌري.“
    اهو ٻڌي مون به سُک جو ساههُ کنيو ته مرتضيٰ سان هاڻ ٻيون به ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون. مون کي ياد ٿو اچي ته مرتضيٰ جي اهو چوڻ تي ته ”اسان جي مئگزين لاءِ به ڪو مضمون ڏيو“ مون هڪ دفعي کيس سِک جو لطيفو به ٻڌايو هو. هڪ سک، آفريڪن ۽ چينيءَ کي انگلنڊ ۾ ڦاهي اچي رهي هئي. پهرين چينيءَ کي Gallows (مڪينيڪل سِرڪڻ) اڳيان وٺي آيا ۽ کانئس آخري خواهش پڇيائون. ان بعد سڙڪڻ جو بٽڻ دٻائڻ تي اها اڌ تي جئم ٿي پيئي ۽ چينيءَ کي آزاد ڪيو ويو. ان بعد آفريڪن کان سندس آخري خواهش پڇي سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪرڻ لاءِ سرڪڻ جي منهن ۾ وڌو ويو. بٽڻ دٻائڻ سان سرڪڻ جو ڪات ڪجهه فاصلي تائين هلي وري ڦاسي پيو ۽ آفريڪن به ڦاسيءَ کان ڇٽي ويو. ان بعد آخر ۾ سک جو وارو آيو ۽ هن کان به ساڳيو سوال ڪيو ويو ته: ”مرڻ کان اڳ تنهنجي ڪهـڙي خواهش آهي“.
    سک وراڻيو: ”منهنجي خواهش کي هڻو کڏ ۾. پهرين ته توهان پنهنجي سِرڪڻ جي مرمت ڪرايو.“
    سو منهنجو مرتضيٰ کي اهو ئي جواب هوندو هو ته منهنجي مضمون کي ته هڻو کڏ ۾ .... پهرين پنهنجي پرنٽنگ پريس کي ته صحيح ڪرايو .... جنهن ۾ ڊجيٽل ڪئميرا جون تصويرون به صحيح طرح نٿيون ڇپجن!
    مانيءَ لاءِ محمد حفيظ وعدو ڪيو ته دال ڀت ئي هوندو پر اهڙا وعدا فقط سئيڊ، ڊئنش ۽ نارويجن ماڻهو ئي پورا ڪري سگهن ٿا جن جي ملڪن سئيڊن، ڊئنمارڪ ۽ ناروي ۾ هر قسم جي دال ۽ ڀاڄي.... خاص ڪري واڱڻ جو اگهه به چڪن کان ڳرو آهي. اسان وٽ اڃان به دال کي هيٺاهون سمجھيو وڃي ٿو.... جيتوڻيڪ هاڻ اسان جي ايشيائي ملڪن ۾ به.... خاص ڪري دبئي، ڪويت، سنگاپور، جپان جهڙن ۾ به، دالين ۽ ڀاڄين جو اگهه آسمان سان ڳالهيون ٿو ڪري.... پر اسان وٽ مهمان کي مَانُ ڏيڻ لاءِ هڪ ڊش تيار ڪرڻ خراب سمجھيو وڃي ٿو. عابده دال سان گڏ ٻوڙ، چانور ۽ ڪا ڀاڄي شايد واڱڻ ۽ ساوا مرچ به تريا هئا.
    مون ٻوڙ ماني کاڌي. ٻوڙ جي هڳاءَ ۽ ٽيسٽ مان مون Rindu محسوس ڪئي.... هي وري ملئي لفظ استعمال ڪيو اٿم جو ”رِندو“ لفـظ جو سنڌي نعم البدل لفظ نه پيو مليم جنهن لاءِ انگريزيءَ ۾ Nostalgia آهي. ان مان منهنجو مطلب اهو نه آهي ته ملئي زبان لفظن جي معاملي ۾ امير آهي .... بنهه کٽل ۽ ڪنگلي آهي.... ڪو لٽريچر نه اٿس پر مڙيئي هڪ اڌ منجھس اهڙو ڪم جو لفظ نڪريو اچي .... تنهن جي به پڪ نه آهي ته اهو لفظ اصلي ملئي آهي يا يورپي.... ڇو جو ڊچن، پورچوگالين توڙي انگريزن سؤ سؤ سالن کان مٿي ملاڪا سلطنت (ملايا) تي راڄُ ڪيو. ان کان علاوه عرب واپاري ۽ انگريز راڄ ۾ چيني، تامل، پنجابي، پٺاڻ اچي رهيا .... ۽ انهن سڀني جي ٻولين جا لفظ ملئي ۾ آهن.
    هن ٻوڙ جي تعريف ٿي سگهي ٿو اڄ جو ڪو نوجوان نه ڪري جن لاءِ ڪو به ڊش معنيٰ ان ۾ مسالا ئي مسالا هجن. عابده هي ٻوڙ انهن بنا ٺاهيو هو جيڪو اسان جڏهن ننڍا هئاسين ته اسان جي گهرن ۾ ائين ٺهندو هو.... فقط بصر، لوڻ ۽ ڳاڙهن مرچن تي. اڄ به سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ائين ٺهي ٿو.... گهٽ ۾ گهٽ ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ۽ واپڊا گيسٽ هائوس سکر جي بورچين ته ائين ٺاهيو هو جتي سال ڏيڍ اڳ منهنجو هفتو کن رهڻ ٿيو هو.
    ماني بعد فون تي منهنجي خوش خير عافيت حفيظ جي سهري ... يعني عابده جي پيءُ سان به ٿي .... ۽ ڪجهه عرصي لاءِ آئون ماضيءَ جي دور ۾ هليو ويس. ڄڻ ڪالهوڪو ڏينهن هجي.... سال 1954 جڏهن سنڌي جا چار درجا پڙهي آئون مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا ۾ پهرين درجي ۾ داخل ٿيو هوس. انهن ڏينهن ۾ ان اسڪول ۾ انگريزيءَ جا ست درجا پڙهي مئٽرڪ ڏبي هئي.... رسيس ۾ ڇولا وٺي کائبا هئا .... پوءِ باقي ٽائيم اسڪول جي ميدان تي راند روند ۾ گذرندو هو. اسانکان ٽي سال سينيئر مخدوم امين فهيم، رسول بخش راهو وارا هوندا هئا ۽ انهن کان سال مٿي اسان جي پاڙي جو رهاڪو، عابده جي والد محمد علي متقي جو ٽولو هوندو هو. هالا ۾ نوي سيڪڙو ميمڻ هجڻ ڪري سڃاڻپ لاءِ ماڻهن جون Sub Castes به آهن.... جيئن ته گاجڻي، ڊُگا، آخوند، يونساڻي، موڏر، ڪنهاڙ .... ۽ اهڙي طرح محمد علي وارن جا ڏهه ٻارهن گهر..... شايد عبادت گذار هجڻ ڪري متقي سڏبا آهن. سندس ٻه چار پوڙها مائٽ: حاجي احمد، مير محمد (اهي پڪ عابده جي والده جا چاچا هئا) استو عبدالهادي ۽ سائين سراج متقي جهڙا ماڻهو مونکي پنج ئي وقت اسان جي پاڙي جي ’مسجد حافظ حيات‘ ۾ نظر ايندا هئا.
    محمد علي ميمڻ (متقي) ۽ ٻين هن جي هم عمر شاگردن جا ابا ڏاڏا جيتوڻيڪ انگريزي تعليم کان اڻ واقف هئا.... هنن جو گهڻو واسطو ڪپڙي اُڻڻ، واڍڪي ڪم يا طِب سان هو ۽ اسانجو ڳوٺ هالا هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو جنهن ۾ اڃان لائيٽ به نه آئي هئي. پر مونکي حيرت ٿي ٿئي ته هن ڳوٺ جي ٻارن کي ڇا ته پڙهائي جو شوق هو.... هن اسڪول جي انيڪ شاگردن تعليم ۾ نالو ڪڍيو ۽ ڪيترائي مختلف ڪاليجن جا پرنسپال، يونيورسٽين جا وائيس چانسلر قابل ۽ Specialist ڊاڪٽر ۽ انجنئير ٿيا ۽ هاڻ انهن جو اولاد ته هر فيلڊ ۾.... ويندي فوج ۾ نالو پئدا ڪري رهيو آهي.... ڪيترائي برگيڊيئر رئنڪ جا آهن ۽ هالا جون ڪيتريون ئي ڇوڪريون آرمي ۾ ڪئپٽن ۽ ميجر رئنڪ تي آهن.
    مون 1954ع جي ڳالهه پئي ڪئي يعني اڄ کان سٺ سال اڳ جي جڏهن اسان کان چار پنج سال وڏو هي محمد علي ميمڻ ۽ سندس ڪلاس ميٽ سائين وڏل شاهه، مسعود ارباب (چيف انجنيئر ٿيو)، عبدالقدوس علوي (NED يونيورسٽي جو وائيس چانسلر)، منور علي ارباب (يونائيٽيڊ بئنڪ جو صدر ٿيو) ۽ ٻيا شاگرد رسيس ۾ اسڪول جي ميدان تي ٽولو ٺاهي بيٺل نظر ايندا هئا. بقول محمد علي جي انهن سڀني جو ڪلاس ۾ پهريون نمبر کڻڻ جو مقابلو هوندو هو. محمد علي ۽ ٻيا ان وقت جا شاگرد تعليمي ميدان ۾ ڪاميابي ماڻڻ جو ڪريڊٽ سائين غلام رضا ڀٽو کي ڏين ٿا جيڪو ان وقت ان اسڪول جو هيڊماسٽر هو. هو بيحد قابل، محنتي ۽ سخت Discipline وارو ماڻهو ٿي گذريو آهي. انجنيئر محمد علي آڪٽوبر 1938ع ۾ حافظ احمد متقيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ هالا جي اسڪول مان ڪرڻ بعد انٽر ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي مان ڪئي ۽ NED مان B.E سول انجنيئرنگ ۾ پوزيشن کنئي. ماسٽرس آمريڪا مان ڪئي. محمد علي جو ڪافي وقت پاڪستان جي مشهور آرڪيٽيڪٽ ڪمپني ”ظهير الدين پٺاڻ“ سان گذريو. پاڻ SITE جو چيف انجنيئر به ٿي رهيو ۽ اڄ به پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ سول انجنيئرنگ جا مسئلا حل ڪندو رهي ٿو. سندس وڏي ڌيءَ ساجده کيس فالو ڪيو ۽ سول انجنيئرنگ ۾ B.E ڪئي، ٻي ڌيءَ عابده جنهن هينئر ٻوڙ رڌيو ڪامرس ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ پٽ شهباز ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر ڪرڻ بعد ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۾ انجنيئرنگ ڪئي ۽ وڏي عرصي کان لنڊن ۾ سافٽ ويئر انجنيئر آهي.


    اسانجا ڀيل مينگهواڙ ۽ سيد قريشي شاگرد

    سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچر دوران اهو محسوس ڪيم ته ليڪچر ٻڌڻ لاءِ ڪافي شاگرد ۽ شاگردياڻيون آيل هيون.... تقريباً سڄو هال ڀريل هو ۽ سڀ فضيلت وارا پئي لڳا. سنڌ يونيورسٽي بابت اهو Image جيڪو اڪثر ٻاهر جي دنيا ۾ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته غنڊا گردي گهڻي آهي.... ان جي جھلڪ به نظر نه آئي. سوالن جوابن مهل به ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون ذهين سوال پڇي رهيون هيون..... آئون، جنهن کي سنڌ جي شاگردن سان هميشه اها شڪايت رهي آهي ته هو انگريزيءَ ۾ ڪمزور آهن.... حيرت جي حد تائين مختلف نظر آيا! هر شاگرد نه فقط انگريزيءَ ۾ سوال ڪري رهيو هو پر تمام سٺي accent ۾ ڳالهائي رهيو هو. شامَ جو پروفيسر ڊاڪٽر يوسف پرديسيءَ جي گهر ڊنر تي هن ۽ ٻين مهمانن ٻڌايو ته هاڻ سنڌ يونيورسٽي جو ماحول بهتر ٿيندو وڃي ان جا ٻه اهم سبب اهي آهن جو هڪ ته داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ٿئي ٿو ۽ فقط اهي شاگرد اچن ٿا جيڪي پڙهائي جي معاملي ۾ سنجيده آهن ۽ گهڻن جا والدين غريب آهن ۽ انهن جي ٻارن کي اهو ئي فڪر رهي ٿو ته هو صحيح طرح تعيلم حاصل ڪري غريب مائٽن جو پئسو سجايو ڪن. ان کان علاوه رينجرس به ڪافي سختي ڪئي آهي ۽ وڏيرائپ ۽ داداگيري جي ڪلچر کي يونيورسٽي ۾ پلجڻ کان روڪيو آهي. بهرحال اها ڳالهه اسان لاءِ سٺي آهي ۽ اسان هن صوبي جا ماڻهو اهوئي چاهينداسين ته سنڌ يونيورسٽي تي ”بند يونيورسٽي“ يا ”غنڊه گرديءَ“ جو لڳل ٽِڪو ڌوپجي وڃي ۽ اها هڪ دفعو وري اهو اوج ماڻي جيڪو سندس پنجاهه سٺ واري ڏهاڪي ۾ هو جڏهن صحيح تعليم هئي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي تعليم يافته شاگردن پنهنجي ملڪ ۽ ولايت ۾ نالو پيدا ڪيو.... ملائيشيا، ايران ۽ عرب ملڪن جا شاگرد به تعليم لاءِ ڄامشورو آيا ٿي. رڳو فلسطيني، سوڊاني ۽ سومالي ۽ يمني ڪونه آيا ٿي.... پوءِ آهستي آهستي هن يونيورسٽي جو ماحول خراب ٿيڻ لڳو. شاگرد سياست، هنگاما، ڪاپي ڪلچر، بنا پڙهڻ جي ڊگري ملڻ ڪري في الحال شاگردن ته سمجھيو ته عيش ٿي ويو. ويندي اهي ڌارين ملڪن جا شاگرد جن ۾ پڙهڻ جو افعال نه هو اهي هن يونيورسٽي جو رخ رکڻ لڳا. پر ان جو نتيجو خراب ان ريت نڪتو جو ملائيشيا ۽ برونائي جي مختلف تعليمي ادارن لاءِ پاڪستان جي اميدوارن..... خاص ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ جي گرئجوئيٽ کي رکڻ لاءِ انهن ئي منع ڪئي ٿي جيڪي سنڌ يونيورسٽي مان پڙهي آيا هئا. اهڙي طرح هڪ ٻئي ايشيائي ترقي يافته ملڪ کي سنڌي پڙهائڻ لاءِ پروفيسر کتو ٿي هنن انڊيا جي ممبئي يونيورسٽي جو گرئجوئيٽ رکيو پر سنڌ يونيورسٽي جو نه. ڇو جو چونڊ ڪرڻ وارو واسطيدار جپاني سنڌ يونيورسٽي مان M.Phil ڪري ويو هو ۽ هو سنڌ يونيورسٽي جي پڙهائي ۽ ماحول کان واقف هو. افسوس جو ماضي قريب تائين سنڌ يونيورسٽي جو Image ڏاڍو خراب رهيو. پر هاڻ هن هال ۾ منهنجي ليڪچر کي ٻڌڻ وارن شاگردن کي فضيلت سان ليڪچر ٻڌندو ۽ ذهين سوال ڪندو ڏسي مونکي خوشي ٿي ته ويندي سنڌي ڊپارٽمينٽ جا شاگرد به سٺي انگريزي ڳالهائي رهيا آهن .... ملائيشيا ۾ ڪيترا سال آئون به سليڪشن بورڊ تي هوس ۽ آئون ڏسندو هوس ته اسان جي يونيورسٽين جا گرئجوئيٽ انجنيئر، ڊاڪٽر ۽ ٽيچر چونڊ واري ڪميٽي جي سوالن جا جواب سٺي انگريزيءَ ۾ نه ڏئي سگهندا هئا. ان جي مقابلي ۾ سري لنڪن، بنگلاديشي ۽ انڊين فر فر انگريزي ڳالهائي ججن کي متاثر ڪري وٺندا هئا.
    ليڪچر ختم ٿيڻ بعد مونکي گهڻي کان گهڻي شاگردن سان گڏ فوٽو ڪڍرائڻ جو شوق هو ۽ مونکي لڳو ته هنن کي به هو.... ۽ تمام گهڻن کي..... ان ڪري پيهه پيهان ۾ ڪي سٺا فوٽو نه اچي سگهيا. ڪاش ڪو همت ڪري شاگردن کي مختلف گروپن ۾ ورهائي سگهي ها ۽ پوءِ هر گروپ سان گڏ آرام سان فوٽو ڪڍرائي وٺجن ها. ساڳي ريت آٽوگراف وٺڻ جو به ڪافي شاگردن کي بلڪه تمام گهڻڻ کي شوق هو... وقت جي کوٽ ڪري کين اتي ان وقت ڏيڻ بدران سندن نالا لکرائي واندڪائي ۾ گهران لکي کين موڪليم. آٽوگراف ملڻ بعد ڪيترن شاگردن مونکي email ذريعي Thanks به ڪيو جيڪا اخلاقي طرح سٺي ڳالهه آهي پر هڪ ڳالهه نوٽ ڪيم ته انهن مهرباني جي خطن ۾ نوي سيڪڙو نان مسلم جا هئا. ان تان مونکي ياد آيو ته آمريڪا ۾ رهندڙ ڪجهه دوست سنڌ جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ پڙهندڙ شاگردياڻين کي هر مهيني منهنجي معرفت اسڪالر موڪيلندا هئا. منهنجو انهن شاگردياڻين کي چوڻ هو ته پئسا ملن ته پهچ جا ٻه اکر ضرور sms ڪنديون ڪريو. ڇهه مسلمان ڇوڪريون هيون ۽ ٻه هندو جن مان هڪ مٺيءَ جي ڄامشورو ۾ هئي ٻي ڪنڌڪوٽ جي چانڊڪا لاڙڪاڻي ۾ هئي.... اهي ٻئي باقاعدگيءَ سان اطلاع ڪنديون هيون بلڪه اسڪالر ڏيڻ وارن لاءِ مهرباني ۽ ڪڏهن ڪڏهن blessing به لکنديون هيون. باقي مسلمان ڇوڪرين کي هر دفعي فون ڪري مونکي پڇڻو پوندو هو ته بابا پئسا مليا يا نه؟ اطلاع ته ڪريو.
    سال کن گذرڻ بعد مونکي کين سمجھائڻو پيو ته اها سستي جي عادت نه فقط خراب آهي پر بد اخلاقي آهي. اڳتي هلي توهان ڊاڪٽر ٿينديون جتي پنهنجي اداري جي آفيسرن ۽ ٻين کاتن جي پروفيسرن سان واسطو ٿيندو ۽ ويندي ٻاهرين ملڪن ۾ نوڪري ڪرڻي پوي ته ڪجهه پنهنجي ذميواري به محسوس ڪري نڀائڻ کپي.... ۽ هيءَ ڳالهه ٻين شاگردن کي به educate ڪرڻ لاءِ هتي لکي رهيو آهيان.... ڪجهه ان قسم جون به ڳالهيون آهن جن ڪري ويندي عرب ملڪن ۾ به اسان جي ماڻهن کان وڌيڪَ انڊيا جي ماڻهن کي موقعو ڏنو وڃي ٿو جو هو اسان کان وڌيڪَ جوابداري محسوس ڪن ٿا ۽ هنن جي ڳالهائڻ ٻولهائڻ اٿڻ ويهڻ ۽ سلام دعا جو اسٽائيل ڌارين ملڪن جي ماڻهن کي موهي وجھي ٿو.
    آٽوگراف لاءِ پهتل لسٽ ۾ ڏٺم ته جتي سيدن شاهن جا نالا هئا اتي ڪيترائي مينگھواڙ ۽ ڀيلن جا به نالا هئا. مون لاءِ اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته اسان جو So Called هيٺاهيون ذاتيون نه فقط پڙهي رهيون آهن پر پنهنجي اصلي ذات کي به قائم رکنديون اچن. ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ مون سان گڏ ڪنڊياري جي ڪليڪٽر نارائڻ داس اوڏ جا پٽ پڙهندا هئا. ڪيترا اوڏ جيڪي ورهاڱي بعد دهلي هليا ويا ۽ سٺين نوڪرين ۾ آهن، هو پاڻ کي اوڏ سڏرائڻ بدران راجپوت سڏرائين ٿا. نارائڻ داس جا ڏهه کن پٽ هئا. سڀ وڏين نوڪرين تي رهيا..... ڪو انڪم ٽئڪس ڪمشنر ته ڪو ڪئناڊا ۾ سيني جو ماهر ڊاڪٽر. ڪو آمريڪا جي يونيورسٽي جو پروفيسر ته ڪو جهازن جو ڪئپٽن وغيره. اهي سڀ ۽ انهن جو اولاد پٽ توڙي ڌيئون پاڻ کي اوڏ سڏرائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿيون..... ان ننڍي ٽهيءَ جي ٻارن ۾ به ڪي ڊاڪٽر آهن ته ڪي انجنيئر ۽ پروفيسر ۽ ڌارين ملڪن ۾ به وڏن عهدن تي آهن. شري نارائڻ داس جي ڏهوٽين پوٽين مان ٽي ته فقط سئيڊن ۾ اهم عهدن تي آهن...... هن فئملي جو مون تفصيلي احوال پنهنجي انڊيا واري پهرين سفرنامي ”دهلي جو درشن“ ۾ لکيو آهي جو آئون پنهنجي پيٽارو جي ٻن اوڏ دوستن جي پٽن جون شاديون اٽينڊ ڪرڻ لاءِ مهيني کان مٿي دهلي ۽ احمد آباد بڙودا ۾ وڃي ٽڪيو هوس.
    سو سنڌ يونيورسٽي مان بيچلر ۽ ماسٽرس جي تعليم حاصل ڪندڙ ڪيترائي مينگهواڙ ۽ ڀيل ذاتين جا شاگرد پنهنجي اصلي ذات قائم رکڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا.
    ”ڏات ناهي ذات تي، جو وهي سو لهي“ وارو حساب آهي. پڙهائي يا پورهئي ۾ به جيڪو محنت ڪري ٿو اهو مٿانهون درجو ماڻي ٿو ۽ خوشحال زندگي گذاري ٿو. ڳوٺن ڏي ڏسندو آهيان ته باگڙي ماڻهو جن کي پڻ اسان جا ماڻهو گهٽ ٿا سمجھن، محنت ڪري ڦٽين جي چونڊي مان توڙي ڀاڄيون پوکڻ جهڙي ڏکئي پورهئي مان، وڏا پئسي وارا ٿي ويا آهن.... ويندي اسانجا ڪيترا مسلمان وڏيرا ۽ زميندار جيڪي اجاين خرچن ۽ کوکلا شان رکڻ ۾ ڪنگلا ٿي ويا آهن، ڏکئي وقت تي باگڙين کان پيا قرض کڻندا آهن.
    اهڙي طرح مونکي پڪ آهي ته منهنجي اوڏ دوستن ۽ انهن جي اولاد وانگر هي مينگهواڙ ۽ ڀيل قسم جي ذاتين جا شاگرد پڙهائي ۾ محنت ڪري مٿاهان درجا حاصل ڪري سگهندا جنهن جي Indication مونکي سندن لکيل مون ڏي اي ميل خطن جي سٺي ۽ صحيح گرامر واري انگريزيءَ مان ئي پئجي وئي آهي.
    هونءَ ذاتي طور ڪنهن به انسان کي ذات جي بنياد تي گهٽ نٿو سمجھان پر اسان جي سوسائٽي، ملڪ ۽ ماحول ۽ ماڻهن جون سوچون اڃان ان دائري کان نه نڪتيون آهن. اسان وٽ ان قسم جون هندو ذاتيون توڙي ڪجهه مسلمانن جون، هيٺائين درجي جون سمجھيون وڃن ٿيون ۽ انهن سان نفرت جو اظهار ڪيو وڃي ٿو.... منهنجو هالا جو مرحوم دوست ۽ مشهور شاعر ۽ تعليمدان عبدالحميد ميمڻ (حميد شهيد متقي) جيڪو سکر ۽ نواب شاهه جي ڪنهن ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ جو پرنسپال به ٿي رهيو تنهن ان وقت سکر جي ڳالهه ٻڌائي هئي ته هو ۽ هن جا ڪجهه دوست لبِ مهراڻ جي سير تي ٽانگي ۾ پئي ويا ته رستي تي ڪنهن پوليس واري ٽانگي واري مان چانهه پاڻي ڪڍڻ لاءِ هن کي ٽانگي جي انسپيڪشن لاءِ روڪيو. پر هن پنهنجو ٽانگو نه بيهاريو. پوليس وارو سيٽيون وڄائيندو رهيو. پوءِ پوليس واري کان جڏهن ڪافي اڳيان نڪري ويو ته پوليس واري کي گار ڏئي اسان پئسينجرن کي چيائين..... ”ڀيڻسان! سمجھي ڇا ٿو. اسان ڪي باگڙي ڀيل آهيون يا شيخ ميمڻ، جو اسان تي رعب ٿو رکي.....“
    اسان جي دوست حميد ميمڻ چيو ته اهو ٻڌي اسان کي باهه به ورتي ته کل به پئي آئي. بهرحال اسان مان هڪ ٽانگي واري کان پڇيو ته: ”ابا تون ڀلا ڪير آهين؟“
    ” سائين دايو آهيان دايو“ هن وراڻيو.
    سو اها حقيقت آهي ته اسان جي ملڪ يا سوسائٽي ۾ ڪم ائين ٿو هلي. پوليس وارن کي اڄ به پڪڙ ڌڪڙ ڪرڻي هوندي آهي يعني چالان ڪرڻا هوندا آهن ته هو تعداد ڏيکارڻ لاءِ هندن کان پوءِ شيخ، ميمڻ جهڙين ذاتين جا وڌيڪَ ڪندو آهي. ڪنهن شاهه، سيد، چانڊئي، مگسي ۾ هٿ وجھندي گھٻرائيندو آهي.... ۽ پوءِ اهڙين ناجائز ڳالهين ۽ نا انصافين ڪري وڃن پيا ذاتين جي بنياد تي اتحاد ٺهندا.... قابليت بدران ذاتين جي نالن تي جماعتون ٺهن ٿيون.... آئون انهن ڳالهين جي حق ۾ نه آهيان. ذاتيون فقط سڃاڻپ جو ذريعو هجڻ کپن.... اسان جي اونچ نيچ جو پئمانو نه..... مٿاهين درجي جو يا اتم انسان اهو آهي جيڪو محنت ڪري ڪنهن ڳالهه تي پهچي..... جيڪو ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري.... جيڪو غريبن ۽ ضرورت مندن جي مدد ڪري.... ۽ نه اهو جيڪو ڪنهن وڏي ذات سان تعلق رکي ٿو يا جنهن جو ڏاڏو پڙڏاڏو وڏي ڳالهه هو. اسان وٽ ڪيترا نوجوان پنهنجي اهميت جي پرچار ڪرڻ لاءِ پنهنجن وڏن جي ويٺا تاريخ ٻڌائيندا ته اهي بصري يا بخارا کان آيا هئا .... اهي وڏا عالم هئا .... اهي وڏا پهلوان ۽ جنگجو هئا .... اڙي بابا اسانجو واسطو ته توهان سان آهي تون پاڻ بابت ٻڌاءِ ته تو ۾ ڪهڙي قبليت آهي.... تون ڇا پڙهيل آهين.... ڪهڙو هنر اچئي ٿو ....؟ ان ڪري ته انگريزن وٽ اها چوڻي عام آهي ته:

    “It is a shame that you are proud of your family…. Your family should be proud of you”.
    بهرحال اها هڪ وڏي ڳالهه آهي جو منهنجي دوست اوڏن وانگر سنڌ يونيورسٽي جا انهن ذاتين وارا شاگرد پاڻ کي پنهنجي اصلي ذات ڀيل ۽ مينگھواڙ ٿا سڏرائين جيتوڻيڪ اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ اها عجيب پِٽَ آهي ته هر هڪ پنهنجو پاڻ کي ايران ۽ سعودي عرب جهڙن علائقن سان connected رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.... پوءِ سيد، شاهه، قريشي، صديقي نه ته بخاري، بغدادي، مشهدي، مڪي، مدني وغيره سڏرائي.
    آٽوگراف واري لسٽ ۾ نالا پڙهي دل ۾ خواهش ٿي ته هڪ ٻه تصوير سنڌي ڊپارٽمينٽ يا انگلش يا ڪنهن ٻئي جي ليڪچر روم ۾ شاگردن سان گڏ ويهي ڪڍرائجي ها جنهن ۾ هڪ پاسي چيتن ڪمار مينگھواڙ ۽ ريلومل ڀيل ويٺل هجي ها ته ٻئي پاسي ڪو سيد، قريشي يا مير ۽ ڪلهوڙو ويٺل هجي ها.... چئبو ته هاڻ سنڌ يونيورسٽي جي ڪلاس رومن جو حال بقول ڊاڪٽر اقبال مرحوم جي وڃي ٿيو آهي ته:
    ایک ہی صف میں کھَڑے ہوگئے محمود و ایاز
    نہ کوئی بندہ رہا نہ کوئی بندہ نواز
    منهنجي خيال ۾ هي ته ڪجهه ناهي. اڳيان هلي ڪجهه اهڙا نظارا نظر ايندا جو انگريزي يا سنڌي ڊپارٽمينٽ جو هيڊ سروپ چند ڀيل يا پريم ڪمار مينگھواڙ جهڙو ڪو شاگرد هوندو.... ۽ ڇو نه هجي .... ڏٺو وڃي ته اسان جي ڪيترن مسلمانن کان ”نان مسلم“ شاگرد وڌيڪَ هوشيار ۽ محنتي آهن.... جيئن اڄ ڪلهه گهڻي ڀاڱي ڇوڪرن کان وڌيڪَ ڇوڪريون پوزيشنون کڻن ٿيون. اسان جي ڏينهن ۾ نارائڻ داس اوڏ جا پٽ ڪافي اڳين نمبرن ۾ پاس ٿيندا هئا.... اسانجي ڪليگ نولراءِ اوڏ B.E ۾ فرسٽ ڪلاس کڻڻ بعد Law ۾ ٽاپ ڪيو.... ان بعد CSS جو امتحان ڏئي انڪم ٽئڪس ۾ آيو جتي ڪمشنر جي پوسٽ تي نوڪري دوران سندس ديهانت ٿيو. ائين به ٿي سگهي ٿو ته ڪو سجن مينگھواڙ جهڙو اسلاميات جو پروفيسر ٿي هن يونيورسٽي ۾ يا دنيا جي ڪنهن ٻي يونيورسٽي ۾ پڙهائي.... مون ڪيترا غير مسلم ڏٺا آهن جيڪي مسلمان نه هجڻ جي باوجود هنن کي اسلامي قانون ۽ اسلاميات جي تمام گهڻي ڄاڻَ آهي جو هنن تمام گهڻي محنت سان پڙهيو آهي ۽ معلومات حاصل ڪئي آهي. سئيڊن جي شهر مالمو جي يونيورسٽي جتان آئون پڙهيس، اتي اسان جي تنزانيا جي عيسائي ڪلاس ميٽ جي اسلام بابت ڄاڻ ايڏي ته وسيع هئي جو اسانجي سعودي عرب ۽ يمن جي عرب ڪلاس ميٽن سان معلومات جي ڏي وٺ ڪندو هو. اڙدو ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب ”عڪس سيرت“ جيڪو دنيا جي ڪيترين ئي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ان جو ليکڪ سعودي عرب ۾ رهندڙ رومانيا جو سفير هو. جيڪو پاڻ ته شايد آخر تائين مسلمان نه ٿيو پر هن جي اسلام بابت ڄاڻ، سعودي ۾ ويهه سال رهي حضور صلعم جن جي زندگي تي ڪيل ريسرچ، قرآن شريف جي مختلف سورن جي عربي زبان جي خيال کان انهن جي سونهن بابت هن جيڪي لکيو آهي اهو پڙهڻ سان تعلق رکي ٿو...... سعودي عرب مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد هن فرانس جي شهريت اختيار ڪئي ۽ هي ڪتاب هن اصل ۾ فرينچ زبان ۾ لکيو آهي. اڙدو ۾ هي ڪتاب ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏينهن ۾ ترجمو ٿيو هو جو بازار ۾ اچڻ تي هن ڪتاب بابت ان وقت جي وزير حج مولانا ڪوثر نيازيءَ ڪالم لکيو هو جيڪو پڙهي اسان به اهو ڪتاب خريد ڪيو هو.
    سو ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته ڪو به محنت ڪري اهم درجو حاصل ڪري سگهي ٿو. اسين محنت نه ڪنداسين ته ظاهر آهي ٻيا جيڪي محنت ڪندا اهي منزل ماڻيندا. هي اڄ جا ڀيل، مينگھواڙ ۽ ڪولي شاگرد جن تان اڄ ڀلي ڪو ٺٺوليون ڪري (جيئن آئون جڏهن پهرين سنڌي جي حيثيت ۾ مرچنٽ نيوي ۾ ويو هوس ته سڀ مون تان کلندا هئا ته هي سنڌي ٿي ڪري جهاز هلائيندو ۽ سمنڊ تي طوفانن کي منهن ڏيندو) تيئن جيڪڏهن ڪو هنن بابت ائين سوچي ٿو ته اها هن جي غلطي آهي .... اهو ڏينهن ڏور ناهي جو هو قابل ۽ ماهر سرجن، انجنيئر ۽ پروفيسر ٿي اسانکي پڙهائيندا. آخر راڻا ڀڳوانداس جيڪو جج ٿيو هن گرئجوئيشن ته اسلاميات ۾ ڪئي هئي.
    هونءَ آئون ذاتي طرح انهن ذات پات جي چڪرن کي صحيح نٿو سمجھان ۽ ملائيشيا وارن جي پاليسي بهتر ٿو سمجھان جن ملڪ جي ترقي ڪارڻ هڪ ته تعليم ڪمپلسري ڪئي... چاهي ڪو ڳوٺن ۽ جنگلن ۾ رهندو هجي پر هن کي ٻار پڙهائڻا آهن. جيڪو نه پڙهائيندو ان کي جيل ۾ وجھبو.... ۽ پوءِ هنن قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ وارن سان جيل ڀري ڇڏيا. اڄ ملائيشيا ۾ تقريباً سؤ سيڪڙو پڙهيل آهن. ٻيو ڪم هنن اهو ڪيو ته سڀني جون ذاتيون بند ڪرائي ڇڏيون. هر هڪ فلاڻو پٽ فلاڻي جو سڏجڻ لڳو. اڄ ملائيشيا ۾ ڪنهن لاءِ ڪو نٿو چئي سگهي ته فلاڻو نيچ ذات مان آهي يا اتم خاندان مان. ملائيشيا جي جنگلن ۾ جيڪي ڏکڻ هندستاني ڪم ڪندا هئا ۽ انهن کي مڪاني ملئي ماڻهو گهٽ ۽ ڪريل لفظن سان سڏيندا هئا، تعليم عام ٿيڻ ڪري اڄ انهن جي نوجوان ٽهي نه فقط CSP ٽائيپ آفيسر آهن پر وڪيل، جج ۽ فوج ۾ اعليٰ رئنڪن جا آفيسر آهن.... ۽ انهن مان ڪيترا انهن ملئي ماڻهن کان بهتر آهن جيڪي پاڻ کي سيد شاهه سڏائي پنهنجي لئه رکندا هئا.
    سو اسان وٽ اهڙيون ذاتيون (جيڪي ڏٺيون وڃن ته اصل سنڌي آهن) جن کي نه فقط اسان جا مسلمان پر هندو پڻ نيچ سمجھن ٿا انهن جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون محنت ڪري امتحانن ۾ مٿاهيون positions کڻي اعليٰ عهدن تي پهچي ويندا .... ۽ اهو زمانو ڄاڻ ته آيو .... سمجهو ته در تي بيٺو آهي .... ۽ ٿي سگهي ٿو ته اسان جا هي ڀيل، مينگهواڙ وغيره به ملائيشيا جي رهاڪو تامل، مليالم ۽ ڪنهڙ قومن جي نيچ ذاتين وانگر بيحد بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري ملڪ جي ترقيءَ ۾ وڏو ۽ اهم حصو سرانجام ڏين. ڄاڻ ته توهان کي اکين جو ماهر سرجن يا ليڊي گائناڪالاجسٽ ڪو مينگھواڙ مرد يا ڀيل عورت نظر اچي ۽ ان وٽ ڪم ڪندڙ ڪمپائونڊر يا نرس اسانجي مسلمانن جي So Called اعليٰ ذات وارو هجي .... ٿي سگهي ٿو ڪو مينگھواڙ يا ڪولهي قابل پائلٽ ٿي وڃي پوءِ هو کڻي پنهنجي پياري ملڪ پاڪستان جي قومي هوائي ڪمپني ۾، سندس ذات ڪري نوڪري حاصل نه ڪري سگهي ان بدران هو عرب امارات يا ٿائي ايئر لاننز جي هوائي جهاز جو پائلٽ هجي ۽ جهاز تي ڪم ڪندڙ اسٽيورڊ ۽ ايئر هوسٽس اسانجي ڪنهن سيد، پير، مخدوم جهڙي ڪنهن اتاهين ذات مان هجي. آخر ان ۾ تعجب جي ڪهڙي ڳالهه آهي.... گذريل ڏهه سالن کان نيوزيلئنڊ جي پاڻي جي جهازن جو قابل ڪئپٽن ۽ آمريڪا جي هوائي ڪمپني جا لائق پائلٽ ڪنڊيارو سنڌ جي اوڏن جا ٻار آهن.
    اهو لکڻ سان منهنجو ڪو مطلب پنهنجي مسلمان ڀائرن جي دل آزاري ڪرڻ ناهي پر منهنجو مطلب انهن حقيقتن کان آگاهه ڪرڻ آهي جيڪي مونکي محسوس ٿي رهيون آهن ۽ آئون پنهنجن کي خاص ڪري سنڌي نوجوانن کي اهو نياپو ڏيڻ ٿو چاهيان ته هنن کي اک پٽڻ کپي ۽ محنت ڪرڻ کپي جو ايندڙ زمانو ايڏو ڪٺور ۽ مقابلي جو اچي رهيو آهي جنهن ۾ ذات پات، پيري مريدي يا وزارت ۽ وڏيرپائي نه هلي سگهندي. ان ۾ فقط ۽ فقط ميرٽ هلندي .... ان ڳالهه لاءِ خاص ڪري اسانجي ڇوڪرن کي سوچڻ کپي .... وري به ڏٺو وڃي ته اسان جي ملڪ جون ڇوڪريون هر فيلڊ ۾ سٺو پيون وڃن. اسان جي ڳوٺ جون ته ڪيتريون ئي ميمڻ ڇوڪريون فوج ۾ ڪئپٽن ۽ ميجر رئنڪ تي به پهچي ويون آهن ۽ ولايت ۾ ته ڪيتريون ئي نه فقط Ph.D پيون ڪن پر اهم نوڪرين ۾ به آهن. ساڳي وقت نه وري ڪو مونکي ان ڳالهه جو ساڙ يا حسد آهي ته سنڌ جي هيٺاهين درجي جي قومن جا نوجوان اڳتي ڇو وڌي رهيا آهن. حقيقت اها آهي ته مونکي خوشي آهي ته جڏهن اڄ جي دؤر ۾ اسان جي ملڪ جي نوجوانن کي ولايت ۾ نوڪريون نه ملڻ جو اهو سبب ٻڌايو ٿو وڃي ته هو سست آهن، ڪم جي ڄاڻ نٿا رکن ۽ منهنجن `No Work` ڪلچر آهي اتي اها خوشي جي ڳالهه آهي ته سنڌ جا ڪيترائي ڪولهي، باگڙي، ڀيل، مينگھواڙ ۽ اوڏ عرب ملڪن ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ ڪم ڪري ملڪ ڏي ٻاهر جو ناڻو موڪلي رهيا آهن. دبئي ۾ هڪ ڪنسٽرڪشن ڪمپنيءَ جو پاڪستاني مالڪ جيڪو پنهنجي هم وطنين بدران بنگلاديشي، سري لنڪن ۽ سائوٿ انڊين کي پورهئي لاءِ رکي ٿو ان وٽ ٿرپارڪر پاسي جا ٽي چار ڪولهي ۽ ڀيل ٽيڪنيشن ۽ ويلڊر ڏسي حيرت مان پڇيومانس ته انهن کي ڪيئن رکيو اٿئي؟
    هن جو جواب: ”هن قوم جا ماڻهو دل لڳائي ڪم ڪن ٿا، محنتي آهن، اجايون سجايون موڪلون نٿا ڪن ۽ اسان مسلمانن وارو نخرو نه اٿن.... ڪڏهن ڪم وڌيو وڃي ته به هر هر واچ کي ڏسي موڪل جو سوچڻ بدران منهن تي مرڪ آڻي ڪم ۾ لڳا رهن ٿا.“


    سنڌ يونيورسٽي جي ٻن اپاهج شاگردن سان ملاقات

    رات جي ماني پروفيسر يوسف پرديسيءَ جي گهر هئي. جهاز هلائڻ دوران سنڌ يونيورسٽي جي ڪيترن ئي ليڪچرارن سان انگلنـڊ ۾ ۽ بعد ۾ ته آمريڪا ۾ به ملاقات ٿي جيڪي اعليٰ تعليم لاءِ اتي ايندا هئا. آخر ۾ جن سان ملاقات ٿي انهن مان پروفيسر اعجاز قريشي، پروفيسر قاسم ٻگھيو ياد اچي رهيا آهن ۽ پروفيسر محمد يوسف سان آمريڪا ۾ گهڻو پوءِ ملاقات ٿي هئي .... شايد واشنگٽن ۾ يا ورجينيا ۾.... هو ماسٽرس آف پبلڪ ائڊمنسٽريشن لاءِ پينسلوانيا اسٽيٽ يونيورسٽي ۾ پنهنجي خرچ تي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آيو هو. ان کان اڳ هو ايڊنبرو يونيورسٽي مان سوشل سائنس ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪري چڪو هو.
    پروفيسر محمد يوسف جيڪو نه فقط سنگت ۾ پر سڄي يونيورسٽي ۾ ”پرديسي“ لقب سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو بيحد محنتي انسان آهي ۽ هو نه فقط ذهين شاگرد هو پر قابل استاد پڻ ٿيو. سندس جنم 5 مئي 1947ع تي ’ڳوٺ جيئندل ڪوٽ‘ ۾ ميوو خان مڱڻيجو جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد پوليس کاتي ۾ ملازم هو. منهنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هن جي تعليم پويان سندس والده جي وڏي contribution آهي جو والد صاحب سرڪاري نوڪري ۾ هجڻ ڪري ڪڏهن ڪٿي بدلي ٿيندو رهيو ٿي ته ڪڏهن ڪٿي.
    محمد يوسف پرديسيءَ پرائمري تعليم مٽياريءَ ۾ حاصل ڪرڻ بعد حيدرآباد اچي نور محمد هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي جتان 1968ع ۾ مئٽرڪ ڪيائين جنهن بعد انٽر ۽ B.A مسلم ڪاليج (حيدرآباد) مان ڪيائين ۽ پهرين M.A پوليٽيڪل سائنس ۾ ان بعد پبلڪ ائڊمنسٽريشن ۾ ڊپلوما سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين..... نوڪريءَ جي شروعات 1976ع ۾ ليڪچرار جي حيثيت ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شروع ڪئي. پاڻ 2007ع ۾ پروفيسر جي حيثيت ۾ رٽائرمينٽ ورتائين جنهن دوران 16 سال کن پبلڪ ائڊمن ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين به ٿي رهيو ته ڪجهه عرصو ڪنٽرولر به رهيو.
    سندس گهر واري ڊاڪٽر ياسمين پڻ سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهائي ٿي. پاڻ پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم اي سنڌ يونيورسٽي مان ۽ 2010ع ۾ پي ايڇ ڊي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪئي. ڊاڪٽر ياسمين جو تعلق مورو شهر سان آهي ۽ سينيٽر ڄام قرار جي ڀاڻيجي ٿئي. سندس ٻارن: ٽن ڌيئن: ساران (ڊاڪٽر)، نثار (فارماسٽ)، هاجره ۽ هڪ پٽ علي رضا سان پڻ رات جي ماني تي ملاقات ٿي.
    پروفيسر يوسف پرديسي جو گهر يونيورسٽي جي ڪئمپس ۾ اندر هجڻ بدران يونيورسٽي واري مين روڊ جي ٻئي پاسي ان سوسائٽي ۾ آهي جيڪا سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن (Employers) جي سڏجي ٿي. اڄ کان ڏهه سال اڳ هي علائقو يعني هيءَ سوسائٽي ويران هئي. ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ گهر هو. اسانجو هڪ مائٽ نجف علي مرزا هتي اچي رهيو هو جنهن سان ملڻ ويو هوس. هن سوسائٽيءَ جو پلاننگ سسٽم ۽ location مونکي ايڏو ته متاثر ڪيو جو مون پنهنجي هڪ ڪالم ۾ هن سوسائٽي جي تعريف لکي هئي ته هن جو هر هڪ 600 والن جو پلاٽ ٽن طرفان کان کليل آهي ۽ هن ۾ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو ئي رهندا جو هي پلاٽُ يونيورسٽي جي پڙهائيندڙ کي ئي مليا آهن. اهي جي وڪڻندا ته انهن جي جاءِ تي به اهي ئي ايندا جن جو يا انهن جي اولاد جو تعليم سان واسطو هوندو. ان وقت منهنجي ان ڪالم تي ڪيترن پڙهندڙن اها ٽيڪا ٽپڻي ڪئي هئي ته هيءَ سوسائٽي ڪامياب نه ويندي جو هتي پاڻيءَ جو مسئلو آهي ۽ يونيورسٽي ويجھي هجڻ ڪري ”جئي سنڌ“ جا شاگرد ماحول کي خراب ڪري رکندا.... پر اڄ ڏسان پيو ته اها سڄي گهرن سان ڀرجي وئي آهي.... سهڻا سهڻا بنگلا، پڪا رستا، پارڪ ۽ مين روڊ تي دڪان.... رات جو ساڍي يارهين بجي اسان ماني کائي موٽياسين پئي ته ان وقت به ڪجهه دڪان کليا پيا هئا ۽ ڪافي رونق هئي. مرتضيٰ سيال جنهن جي ڪار ۾ آئون هوس ان ٻڌايو ته شهر ۾، خاص ڪري قاسم آباد جهڙن علائقن ۾ حالتون صحيح نه هجڻ ڪري ڪيترائي پڙهيل لکيل ماڻهو هيڏانهن هليا آيا آهن ۽ باقي بچيل پلاٽن جا اگهه آسمان سان ٿا ڳالهيون ڪن.
    هونءَ به منهنجي خيال ۾ جيڪي سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي ۽ ڄامشورو جي ٻين ادارن ۾ ڪم ڪن ٿا انهن لاءِ پنهنجي اداري جي ويجھو رهائش اختيار ڪرڻ وقت جي بچت ۽ سهولت آهي.... هو پري کان اچڻ ۽ شهر جي ٽرئفڪ جئم جي ٽينشن کان بچيل رهن ٿا. انگريزن جي خاص چوڻي آهي ته: One must live nearst to his/her job.
    آخري ڏينهن سنڌ يونيورسٽي ڇڏڻ وقت پروفيسر پرديسي جي ڊرائيور سپر هاءِ وي جي ڪپر وٽ مهراڻ يونيورسٽي جي ملازمن جي سوسائٽي پڻ ڏيکاري. هن جي پڻ ڪافي سٺي پلاٽنگ نظر اچي رهي آهي ۽ لوڪيشن جي خيال کان اها اڃان به بهتر آهي. دل ۾ مون سوچيو ته هن هنڌ تي رهڻ وارن لاءِ هڪ طرف ڄامشوري ۽ پيٽارو جهڙي بهتر آب هوا آهي .... در اصل هن پاسي اونهاري جون راتيون وڏي نعمت آهن ۽ ٻئي پاسي هتي جا رهندڙ جڏهن چاهين آساني سان بس ذريعي حيدرآباد توڙي ڪراچي پهچي سگهن ٿا.... هتي ڪجهه فارين جا شاگرد به نظر آيا جيڪي شايد مهراڻ يا سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندا هجن ۽ اندر هاسٽلن ۾ رهائش جي کوٽ ڪري هو ٽولن ۾ هتي جي ٺهيل گهرن ۾ رهن ٿا.
    بهرحال سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچر ڏيڻ ۽ ٻه ڏينهن اندر ۽ ٻاهر جو ماحول ڏسي اهو محسوس ٿيو ته حالتون اهڙيون به خراب ناهن جيڪي سنڌ يونيورسٽي بابت ولايت ۾ Portray ڪيون وڃن ٿيون.... گهٽ ۾ گهٽ مونکي ته نه لڳيون.... ڪيترن هنڌن تي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا ميڙاڪا نظر آيا جيڪي سينٽرل لئبرري يا ٻين عمارتن ڏي اچي وڃي رهيا هئا. ڪيترائي ته معذور شاگرد به نظر آيا جن مان ڪجهه ته منهنجي ليڪچر ۾ به ويٺل هئا. هڪ سان گڏ فوٽو ڪڍرائڻ وقت هن ٻڌايو ته هن جو نالو محراب علي ناپر آهي ۽ سنڌيءَ ۾ بي. اي آنرس ڪري رهيو آهي.
    محراب 15 فيبروري 1988ع تي سُعد الله ناپر نالي ڳوٺ ۾ ڄائو جتي پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ ۽ انٽر ڀر واري ڳوٺ ”لڪي غلام شاهه“ مان ڪيائين. لڪي غلام شاهه ٽائون شڪارپور ضلعي ۾ آهي جيڪو شڪارپور کان 17 ڪلوميٽر ۽ ڳوٺ سعد الله ناپر کان 7 ڪلوميٽر آهي. محراب علي اڄ ڪلهه سنڌ يونيورسٽي جي علامه اقبال هاسٽل جي روم نمبر 36 ۾ رهي ٿو جتان هو ويل چيئر ذريعي پنهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ اچي ٿو. هن ٻڌايو ته هو ننڍو هو ته هن کي پوليو ٿي پيو. محراب جهڙن نوجوانن کي ٿو ڏسجي ته افسوس ٿو ٿئي ته هنن اهڙي ملڪ ۾ جنم ورتو جنهن ۾ هن ماڊرن دور ۾ به پوليو، ٽائيفائيڊ ۽ مليريا جهڙين بيمارين جا جراثيم اڃان موجود آهن ۽ اسانجي حڪومتن جي نا اهلي ڪري انهن بيمارين تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو آهي ۽ ملڪ جا معصوم ٻار جن جو ان ۾ ڪو ڏوهه ناهي ههڙين بيمارين ۾ ڦاسيو پون. پوليو ته اهڙي بيماري آهي جنهن جو ڪو علاج ئي ناهي ۽ هن ۾ جسم جو ڪو عضوو خاص ڪري ٽنگ سڪيو وڃي ۽ ٻار ويچارو ننڍي هوندي کان جڏو ٿيو پوي.
    پوليو جي بيماري جنهن جو سڄو نالو Poliomyelitis آهي پوليو وائرس نالي جراثيمن ذريعي لڳي ٿي. اهي جراثيم وات ذريعي انسان جي جسم ۾ داخل ٿين ٿا ۽ آنڊي ۾ ديرو ڄمائين ٿا ۽ ٽئاليٽ ذريعي ٻين تائين پهچن ٿا. آئون رڳو پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي صوبي سنڌ جو ٿو سوچيان ته اسان گذريل اڌ صديءَ ۾ اڳيان وڌڻ بدران پٺتي هليا ويا آهيون. منهنجي عمر جي ماڻهن کان توهان پڇندائو ته هو توهانکي پنهنجي ڳوٺ جي گهٽين مان وهندڙ نالين بابت ٻڌائيندا ته اڄ کان سٺ پنجهٺ سال اڳ جڏهن اسين پنج ڇهه سالن جا ٻار هئاسين ته اهي ناليون صاف پاڻي.... يعني وهنجڻ يا هار وير يا مينهوڳي جي ڏينهن ۾ مينهن جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ هونديون هيون. هر گهر ۾ سنداس هوندو هو. ڏهين يارهين بجي ڌاري.... جڏهن ٻار اسڪول ۾ هوندا هئا ۽ مرد ماڻهو پنهنجن ڪمن بلي، ته ان وقت ڀنگياڻيون گهرن جو ٽئاليٽ کڻي وينديون هيون. وڏن شهرن: ڪراچي، حيدرآباد ۾ شئنڪ سسٽم ٿيو ته ان جي نيڪال (Sewage) لاءِ زمين دوز گٽر سسٽم ٺاهيو ويو. وقت گذرڻ تي اسان جي ڳوٺن جي ماڻهن پنهنجا ڪچا گهر ڊاهي شهرن وانگر پڪا گهر ٺاهيا ۽ انهن ۾ ڪموڊ هڻائي شهرن جهڙو شئنڪ سسٽم ته ٺهرايائون پر انهن لاءِ گٽر ٺهرائڻ بدران اهي کُليل تانگهيون ناليون استعمال ڪرڻ لڳا جيڪي مينهن جي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ آهن. اها پرئڪٽس وقت سان گڏ ايڏو وڌي وئي آهي جو سنڌ جي هر ڳوٺ جي ڪنهن به گهٽيءَ ۾ وڃي ڏسو ته اتي جون ناليون انساني فضلي (ڪرفتي) سان ڀريون پيون آهن ۽ معصوم ٻار انهن جي ڪنارن تي ويٺا رانديون ڪن. انهن ۾ ڪريل بال يا ٻيون شيون هٿ سان ڪڍن .... انهن ڀرسان ڪو ڇولا پيو وڪڻي ته رڌل بِهه پٽاٽا! اهو ئي حال آهي اسان جي شهرن: حيدرآباد توڙي لاڙڪاڻي، سکر، خيرپور، دادو وغيره جو .... جتي کڻي گٽر سسٽم آهي.... يا هو، پر هاڻ اهو چوڪ ٿي وڃڻ ڪري گٽرن جي ڪرفتي سان روڊ ڀريا پيا آهن. ڪٿي ته ناقص سادي مواد جون پائيپ لائينون جيڪي ليڪ ٿي چڪيون آهن انهن مان پيئڻ جي پاڻيءَ سان گڏ گٽر جو پاڻي به گهرن ۾ پيو اچي جنهن ڪري اسان وٽ پوليو يا ٽائيفائيڊ جهڙيون بيماريون جن جا جراثيم انساني ٽئاليٽ ذريعي ٻئي تائين پهچن ٿا، ختم ٿيڻ جو نالوئي نٿيون وٺن.
    ڏٺو وڃي ته ملائيشيا، انڊونيشيا، ٿائلنڊ جهڙا ملڪ جنگل ۽ گھاٽا ٻيلا آهن پر توهان کي حيرت ٿيندي ته اتي جي حڪومتن سختي ڪري پنهنجن ملڪن ۾ مليريا جهڙي بيماري جا جراثيم به ختم ڪري ڇڏيا جيڪي مڇرن ذريعي بيمار ماڻهن مان صحتمند ماڻهن ۾ ٽرانسفر ٿين ٿا. اڄ انهن ملڪن ۾ توڙي آمريڪا، انگلنڊ، جپان ۾ مڇر ته ضرور آهن ۽ توهان جي سج لٿي مهل ڪنهن اهڙي هنڌ تان هلندائو ته توهان کي چڪ به هڻندا..... يعني پنهنجي پيٽ جو گند توهان جي جسم ۾ داخل ڪري توهان جو رت چوسيندا پر توهان کي مليريا هرگز نه ٿيندي جو انهن ملڪن ۾ مڇرن جي پيٽ ۾ مليريا بيماري وارو جراثيم (Parasite) آهي ئي ڪونه. اچي به ڪٿان جڏهن هنن وٽ ڪو مليريا جو مريض ئي ناهي.... هنن اڄ کان ٽيهارو سال کن اڳ مليريا جي مريضن کي الڳ رکي، دوا درمل ڪري صحيح ڪري ڇڏيو. هنن کي اڄ به جي خبر ٿي پوي ته ڪو ٽوئرسٽ بخار ۾ هنن جي ملڪ ۾ گهڙيو آهي ته هن جي يڪدم چڪاس وٺن ٿا ته مليريا ته نه اٿس... ۽ اها متان مڇرن ذريعي ٻين تائين پهچي. پر افسوس ته اسان اڃان مليريا تي به ڪنٽرول نه ڪري سگهيا آهيون جنهن جو کاتو تڏهن ٺهيو جڏهن آئون اٺين ڪلاس ۾ هوس يعني 1958ع ۾ جو منهنجي ڳوٺ جي هڪ ڪلاس ميٽ ”يار محمد ڇڳي ميمڻ“، پڙهائي ڇڏي ان ۾ وڃي نوڪري ڪئي هئي..... اڄ ان کي اڌ صديءَ کان مٿي ٿي ويو آهي پر اڃان مليريا ختم نه ٿي آهي.... بلڪه وڌي وئي آهي. ۽ حيرت جي اها ڳالهه آهي ته ملڪ ته اسانجو ائٽامڪ طاقت وارو ٿو سڏجي پر صحت جو حال اهو آهي ته پوليو ۽ ٽائفائيڊ (مدي جي تپ) تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو آهي. پوليو کي روڪڻ لاءِ ته آمريڪا ۽ يورپ به پئسي ۽ دوائن ۾ مدد ٿو ڪري ۽ ويندي سريلنڪا، بنگلاديش، نيپال ۽ برما جهڙا ملڪ به پنهنجي ملڪ مان پوليو جا جراثيم ختم ڪري چڪا آهن پر اسان وٽ اڃان تائين معصوم جانيون ان جو شڪار ٿي رهيون آهن ۽ سڄي عمر اپاهجپڻي ۾ گذاري اسان جي حڪومتن جي خراب گورننس جي قيمت چُڪائي رهيون آهن. ڪيڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته هن وقت دنيا جي 190 ملڪن مان فقط ٽي ملڪ وڃي بچيا آهن جن ۾ اڃان پوليو جو جراثيم ختم نه ٿي سگهيو آهي.... اهي آهن نائيجيريا، افغانستان ۽ اسانجو پاڪستان.
    پوليو اها بيماري آهي جنهن جو جيتوڻيڪ ڪو علاج ناهي پر ان جو بچاءُ پوليو وئڪسين آهي. اها دوا ٻارن کي ٻه ٻه ڦڙا ڪري ٽي چار سالن ۾ ڏهاڪو دفعا پيارڻا پون ٿا. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي ملڪ ۾ ڪي ماڻهو ان دوا کي غير اسلامي يا حرام قرار ڏئي پروپئگنڊا ڪري رهيا آهن ۽ جيڪي عورتون گهر گهر وڃي ٻارن کي ڦڙا پيارڻ جي خذمت ادا ڪن ٿيون انهن کي قتل ڪيو وڃي ٿو .... انٽرنيٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي هن دور ۾ اهي خبرون سڄي دنيا ۾ پهچن ٿيون ۽ دنيا جا مسلمان توڙي غير مسلم تعجب کائين ٿا ته هي ڪهڙو ملڪ آهي جتي مئل ڪڪڙيون ته عام وڪامن ٿيون، ڳائي ۽ ٻاڪري گوشت جي نالي ۾ گڏهن ۽ ڪتن جو گوشت وڪامي ٿو، جتي شراب ڳوٺ ڳوٺ ۾ پيتو وڃي ٿو پر معصومن کي اپاهج ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ٻه ڦڙا Polio Vaccine جا پيارڻ اسلام جي خلاف سمجھيو وڃي ٿو. خبر ناهي اهي ڪهڙا مولوي آهن جيڪي ان قسم جي فتويٰ ڏين ٿا.... ۽ اها فتويٰ اسان وٽ قبول ڪئي وڃي ٿي..... آخرڪار دنيا ۾ سعودي عرب، ملائيشيا، ڪويت، مصر ۽ مراڪش جهڙا به انيڪ مسلمان ملڪ آهن اتي ته ان دوا لاءِ ڪو به اعتراض نٿو ڪري!
    سنڌ يونيورسٽي ۾ منهنجي ليڪچر بعد جيڪي سوال ڪري رهيا هئا انهن ۾ تنوير علي نالي هڪ اکين کان نابين به هو جنهن جي هٿ ۾ اڇي رنگ جي اسٽڪ (ڏنڊي) هئي. جيتوڻيڪ سنڌي ڊپارٽمينٽ جا شاگرد به انگريزي ۾ سوال ڪري رهيا هئا ۽ گرامر توڙي لهجي جي خيال کان هو سٺي انگريزي ڳالهائي رهيا هئا پر هن شاگرد جي پنهنجي انگلش تي ڏاڍي سٺي ڪمانڊ هئي ۽ سندس پڇيل سوال ۾ گهڻي clearity هئي يعني هن سٺي نموني پنهنجي ڳالهه جنهن جو جواب گهربل هوس، explain ڪئي.
    ليڪچر هال مان نڪرڻ بعد منهنجي هن سان به ملاقات ٿي. پاڻ ٻڌايائين ته هن جو جنم 17 سيپٽمبر 1995ع تي ڳوٺ کهاوڙ خان ڏهاڻي ۾ مظفر علي ڏهاڻي جي گهر ۾ ٿيو ۽ هن جي قدرتي طور ننڍي هوندي کان اکيون صحيح نه رهيون. تعليم خاطر هن کي چانڊڪا ايڊيوڪيشن سينٽر لاڙڪاڻا ۾ داخل ڪيو ويو جتي هن ست ڪلاس پڙهڻ بعد اسٽرئٿمور اسڪول لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتي جيڪو هڪ خانگي اسڪول آهي اتي هن مئٽرڪ ڪئي ۽ پوءِ عام ٻارن جي ڪاليج ”گورنمينٽ بئائز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي“ مان انٽر ڪئي. اڄ ڪلهه هو سنڌ يونيورسٽي جي زيڊ. اي هاسٽل ۾ رهي ٿو ۽ انٽرنيشنل رليشن ۾ گرئجوئيشن ڪري رهيو آهي.
    ”اهو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي پر توهان پنهنجي انگريزي ڪيئن سڌاري؟“ مون پڇيومانس.
    ”ان لاءِ ’ناليج سينٽر لاڙڪاڻي‘ ۾ مون داخلا ورتي.“ هن ٻڌايو ته اهو سينٽر مختيار سمون هلائي ٿو ۽ انگلش پڙهائڻ لاءِ اتي تمام قابل ٽيچر آهن.
    اهو ٻڌي مونکي خوشي ٿي ته ادبي ۽ علمي شخصيت مختيار سمون جو هي پرائيويٽ تعليمي ادارو جنهن مان اڄ تائين نه فقط ڪيترائي عام شاگرد پڙهي سرڪاري ڪامورا ۽ فوجي آفيسر ٿيا ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي پر اسان جي صوبي جا ’خاص ٻار‘ تنوير علي ڏهاڻي جهڙا به ان مان تعليم حاصل ڪن ٿا.
    تنوير اهو به ٻڌايو ته مختيار سمون عذر وارن ٻارن کان ڪا به في نه وٺندو آهي .... ڏٺو وڃي ته ان قسم جا ٻيا به پرائيويٽ تعليمي ادارا ۽ ٽيوشن سينٽر ٻين شهرن ۾ به وڏي خذمت ادا ڪري رهيا آهن جن جي مقابلي ۾ اسان جي سرڪاري تعليمي ادارن ’بجيٽ ۽ ماسترن جي گهڻائيءَ‘ باوجود، ڪو خاص ٻوٽو نه ٻاريو آهي. اهڙو ئي هڪ پرائيويٽ تعليمي ادارو هڪ ٻئي اديب ۽ تعليم دان قربان منگيءَ جو ”سنڌ چلڊرين اڪيڊمي“ نالي خيرپور ۾ آهي. خيرپور جو هڪ ٻيو ان قسم جو تعليمي ادارو ياد اچي رهيو آهي اهو ناز هاءِ اسڪول جي اولڊ بئائز طرفان آهي ۽ NOWA چائلڊ ڪيئر سينٽر جي نالي سان مشهور آهي جنهن سان وابسته اسان جا تعليمدان دوست پروفيسر سليم الحق عباسي ۽ پروفيسر لعل ڏنو خاصخيلي به آهن. هڪ هالا جي ٽيوشن سينٽر جي به وڏي هاڪ آهي جيڪو پروفيسر سائين مڄو هلائي ٿو.
    سنڌ يونيورسٽي جي هن نابين شاگرد تنوير عليءَ ٻڌايو ته هو نابينن جي ڪرڪيٽ ٽيم جو ميمبر آهي ۽ پاڪستان ائسوسيئيشن آف بلائينڊ، لاڙڪاڻا جو ايڊيوڪيشن سيڪريٽري پڻ آهي.


    سٺا تعليمي ادارا ۽ سٺا استاد

    1960ع ڌاري ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جو ڪجهه حصو ٺهي راس ٿيو ته اسان ڪئڊٽن (شاگردن) جون شروع واريون ٻه بئچون (اٽڪل سٺ کن ڪئڊٽ) ميرپور خاص کان پيٽارو آياسين. ميرپور خاص ۾ اسان هڪ ڪاليج (شايد هاڻ ان جو نالو شاهه لطيف ڪاليج آهي) ۾ ٻه سال عارضي طور رهياسين جنهن دوران پيٽارو ۾ ڪاليج بلڊنگ ۽ هڪ هاسٽل (جنهن جي اڌ جو نالو لياقت هائوس ۽ ٻئي اڌ جو نالو جناح هائوس رکيو ويو) ٺهندي رهي. سال کن پيٽارو ۾ مس گذاريوسين ته خبر پيئي ته اسان واري ڪئڊٽ ڪاليج جي مقابلي جو حيدرآباد ۾ پبلڪ اسڪول کليو آهي.
    ’پبلڪ اسڪول حيدرآباد‘ کي جنم ڏيڻ ۾ ان وقت جي ڪمشنر نياز حسن جو وڏو هٿ آهي. نياز حسن جنهن جي نالي حيدرآباد ۾ ” نياز اسٽئڊيم“ به آهي سنڌ جو هڪ طاقتور ڪمشنر رهي چڪو آهي جنهن جو ڀاءُ محمد شعيب پڻ جنرل ايوب خان جي ساڳي دور ۾ وزيرِ خزانا هو. هن اسڪول (PSH) جي ايوب خان 1961ع ۾ Opening Ceremony ڪئي .... اسڪول جي بلڊنگ شهر اندر ڪشادي ايراضيءَ ۾ هجڻ جي هاڪ جنهن تنهن ڪئي ٿي .... خاص ڪري سنڌ يونيورسٽي جي ليڪچرر رشيد کرل جيڪو پوءِ ائگريڪلچر ۽ هوم ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري ٿي رٽائرڊ ٿيو. هن جو هڪڙو ڀاءُ تسليم کرل اسانجي ڪاليج ۾ پڙهندو هو... مون کان ٽي سال جونئر هو ۽ لياقت جتوئي (سياستدان) ڪئپٽن رشيد ابڙو (هالا وارو)، مرحوم محسن پنهور DIG ۽ سيد پرويز شاهد (فوج مان جنرل ٿي رٽائرڊ ٿيو) جو ڪلاس ميٽ هو ۽ ٻيو ان کان ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر سليم کرل (مرحوم جناح هاسپيٽل ڪراچي ۾ پروفيسر هجڻ دوران شهيد ٿي ويو) پبلڪ اسڪول ۾ پڙهندو هو. رشيد کرل پيٽارو ۾ ڀاءُ سان ملڻ وقت مونسان ۽ منهنجي ڪلاس ميٽ ۽ سندس ڳوٺائي (خيرپور جي) شوڪت جماڻي سان به ملي ويندو هو ۽ هو هميشه پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي ڪلاس رومن، هاسٽل جي ڪمرن ۽ استادن جي تعريف ڪري ويندو هو. آئون هميشه اهو سوچيندو هوس ته اسانجي هن نئين نڪور ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو کان ڀلا ڪهڙو تعليمي ادارو بهتر ٿي سگهي ٿو!
    مونکي ان وقت کان پبلڪ اسڪول ڏسڻ جو شوق هو پر حيدرآباد پهچڻ تي مائٽ مٽ به کوڙ هئا ته سئنيما هال به جام هئا. مائٽن سان ملڻ ۽ فلمون ڏسڻ کان ڀلا فرصت ڪٿي؟ ۽ وقت جو پکيئڙو ائين تکو تکو اڏامندو رهيو جو ڪٿي اهي 1961ع ۽ 62 وارا سال ۽ ڪٿي 2014ع .... اڌ صدي کان به مٿي عرصو ٿي ويو. هن دفعي سنڌ يونيورسٽي آيس ته پبلڪ اسڪول جي نئين مقرر ٿيل پرنسپال سائين يوسف شيخ اسڪول ڏسڻ ۽ شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي دعوت ڏني .... اڃان سال کن اڳ جڏهن هو ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو پرنسپال هو ته آئون اتي پڻ ويو هوس.
    جن هي اسڪول نه ڏٺو آهي انهن کي اهو چوندس ته هي اسڪول ته نه يونيورسٽي آهي.... جيڪو تعليمي ادارو شهر اندر 110 ايڪڙن تي پکڙيل هجي جنهن ۾ اندر روڊ رستا ۽ رهائش لاءِ ڪالونيون، پانڊ (تالاب)، چڙيا گهر ۽ ڪئين باغيچا هجن... ان کي ڇا ٿو چئي سگهجي! اڃان ڪجهه مهينا اڳ ملائيشيا جي نئين ۽ بيحد وڏي ٺهيل Taylor يونيورسٽي مان ٿي آيو آهيان پر سچ پڇو ته اها به هن حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول اڳيان ائين آهي جيئن پوسٽ ڪارڊ تي لڳل ٽڪلي. آئون اڃان تائين هن اسڪول جي مقابلي جو گهٽ ۾ گهٽ ملائيشيا ۽ جپان جو ڪو تعليمي ادارو ياد ڪري رهيو آهيان جيئن هن اسڪول بابت اتي جي اخبار ۾انگريزيءَ ۾ ڪالم لکان ته ان جو مثال ڏئي سگهان.... ها هڪ ملائيشيا جو اسڪول ”سري ڪوالالمپور“ ڌيان ۾ اچي رهيو آهي پر ان ۾ به پنجاهه کن ڪارون مس ٿيون پارڪ ٿين... هتي حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول ۾ ته روڊ ٺهيا پيا آهن ۽ ڇوڪرن جي سيڪشن کان ڇوڪرين جي سيڪشن تائين پهچڻ لاءِ به سواري جي ضرورت ٿي پوي.... ها اهو ضرور آهي ته اسانجي حيدرآباد جي ريڊيو پاڪستان، ريلوي اسٽيشن، سرڪاري عمارتن واري شهباز بلڊنگ يا ٻين عمارتن وانگر هن اسڪول جون عمارتون به کنڊهر ٿينديون وڃن پر سوچيان ٿو ته اڄ کان اڌ صدي اڳ جڏهن هي اسڪول ٺهيو هو ته ڇا ته شيءِ هوندو!
    چون ٿا ته ان وقت جي ڪمشنر نياز صاحب هي اسڪول ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي مقابلي ۾ ٺاهيو جنهن لاءِ زمين 110 ايڪڙ (جيڪي اٽڪل هڪ هزار ڪئنال ٿا ٿين) مير علي مراد ٽالپر donate ڪيا جنهن جو پوٽو مير فتح علي ٽالپر پبلڪ اسڪول جي موجوده گورننگ باڊي جو ميمبر آهي. هونءَ ته اڪثر ائين ٿيندو آهي ته ڪنهن به نئين اسڪول يا ڪاليج جون شروعاتي بئچون ايڏيون قابل نه ٿينديون آهن ڇو جو نه عمارت مڪمل طرح سيٽ هوندي آهي نه ٽيچنگ اسٽاف مڪمل يا لائق هوندو آهي ۽ جيستائين هر شيءِ بهتر حالت ۾ پهچي ان ۾ ٻه ٽي سال لڳيو وڃن ۽ اهو عرصو شروع وارا شاگرد Suffer ڪن ٿا... پر حيدرآباد سنڌ جي هن پبلڪ اسڪول کي ٿو ڏسجي ته هن جي شروع جي شاگردن ئي Shine ڪيو... شفيق کوسو (جيڪو پوءِ حيدرآباد جو ڪمشنر ۽ بعد ۾ سيڪريٽري ٿي رٽائرڊ ٿيو)، علينواز وفائي صاحب جا فرزند اعجاز، آصف ۽ سليم وفائي، امينه خميساڻي جو فرزند طارق خميساڻي، اسانجي PNSC پ جهازران ڪمپني جو بهترين آفيسر پرويز نبي اوستو پيپلز پارٽي جو ايم اين اي رفيق مهيسر، پورٽ قاسم جو فائننس سيڪريٽري مرحوم بشير احمد عباسي، اسانجي هالن جو ڪمانڊر شفيق انصاري ۽ عبدالڪريم انصاري، سيکاٽ ڳوٺ جو بشير سمون، نذير سمون ۽ ٻيا، عبدالرحمان ٿهيم، الطاف رند ۽ PNSC جو چيف انجنيئر مئرين ۽ ڊائريڪٽر ٽيڪنيڪل ظهير بابر قريشي.... هي سڀ پهرين بئچن جا شاگرد هئا .... هڪ ٻه ٻيا به ياد پيا اچن: ڊاڪٽر سليم کرل، ميجر جنرل رضا حسين (اڳوڻو چيئرمين سپارڪو)، غلام مصطفيٰ جتوئي صاحب جو ڀاءُ امام بخش جتوئي، KTN ٽي وارو اسلم قاضي، سياستدان آغا شاهين، مشهور نيورو سرجن ڊاڪٽر احمد علي شاهه، هندو سياستدان مسٽر گوبند ۽ مسٽر رميش ۽ مسلم ليگ (ن) جو سياستدان سليم ضيا..... هي سڀ پهرين بئچ جا شاگرد آهن ۽ دادو واري مٿي ذڪر ڪيل چيف انجنيئر (مئرين) ظهير بابر جا ڪلاس ميٽ هئا جن بابت هن مونکي هي لکڻ لاءِ فون تي ٻڌايو. ظهير پنهنجي ڪلاس جو ٽاپ شاگرد ۽ رانديگر هجڻ جي باوجود سنڌي ۽ انگريزي جو ڪاليج جو بيسٽ ڊبيٽر به هو. اسڪول ڇڏڻ وقت کيس وائيس چانسلر قريشيءَ انعام طور ٽرافي ڏني هئي جيڪو فوٽو مون وٽ موجود آهي ۽ ٿي سگهي ٿو منهنجو هي مضمون اخبار ۽ بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ اچڻ وقت پبلشر اها تصوير به ڏئي سگهي.
    ظهير بابر ٻڌايو ته ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو، حسن ابدال ۽ فوجدارهٽ (مشرقي پاڪستان .... هاڻ بنگلاديش) وانگر پبلڪ اسڪول حيدرآباد جو به پهريون پرنسپال مسٽر ايس اي جونس نالي انگريز هو جيڪو پنهنجي ملڪ جو قابل تعليمدان هو. هن اسڪول جي شروع جي ٽن چئن سالن تائين ايندڙ شاگردن کي ان ڪري به فائدو رسيو ۽ هو ميهڙ، ٻيٽو جتوئي، ٺلهه ۽ سيکاٽ جهڙن ڳوٺن جا هجڻ جي باوجود سٺي انگريزي ڳالهائڻ لڳا جو انگريز پرنسپال مسٽر جونس نه فقط پاڻ ٻارن کي پڙهائيندو هو پر هن هڪ ٻيو انگريز مسٽر اي. آر. اسڪاٽ پڻ انگلنڊ مان گهرايو جيڪو هوئي انگلش ٽيچر. هي صاحب ۽ پرنسپال ٻئي فئملين سان رهيا ٿي جن جون زالون پڻ شاگردن جي انگريزي بهتر ڪرڻ ۾ مدد ڪنديون هيون... هتي اهو به لکندو هلان ته اهو ڪم اسان واري ڪئڊٽ ڪاليج جي پرنسپال ڪرنل ڪومبس به ڪيو. هن ته انگلئنڊ مان هڪ بدران ٽي انگلش ٽيچر گهرايا.... هڪ جيڪو اسانکي به پڙهائيندو هو ان جو نالو ڪئپٽن هارلي هو .... اسان کان ٽي سال جونئر لياقت جتوئي سياستدان ۽ ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي وارن جي ڪلاس کي ته ٽئي انگريز ٽيچر پڙهائيندا هئا ان ڪري انهن جي انگريزي سان توهانکي شڪايت نه هوندي. هادي بخش ته ٽي سال ڪئڊٽ ڪاليج ۾ پڙهڻ بعد باقي ٻه سال پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهيو .... بعد ۾، جڏهن ارباب رحيم (جيڪو پڻ لياقت جتوئيءَ وانگر سنڌ جو وزير اعليٰ ٿيو) ۽ ٻيا ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ آيا ته انهن کي اهڙي سهولت نه ملي سگهي جو سٺي انگريزي سکي سگهن.... جنهن ڪري فرق صاف ظاهر آهي.
    پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ اڄ تائين ڪيتريون ئي اهم شخصيتوپن پرنسپال ٿي رهيون آهن .... تعليمدان، مفڪر، اديب، فوجي وغيره. پبلڪ اسڪول جي پهرين ۽ انگريز پرنسپال وڃڻ بعد هي اسڪول خوش نصيب هو جو هن کي يڪدم مسٽر عبدالله خادم حسين جهڙو سٺو تعليمدان ۽ ائڊمنسٽريٽر پرنسپال ملي ويو ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي ديسي پرنسپاسل هجڻ جي باوجود هن تمام گهڻي محنت ڪئي ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪيو. حيدرآباد جي پبلڪ ۽ اسڪول کي جن ڪجهه پرنسپالن بهتر شڪل ڏني انهن مان عبدالله خادم حسين هڪ مڃيو وڃي ٿو .... منهنجي ۽ منهنجي ڪلاس ميٽن جي هي صاحب دلپسند شخصيت رهيو آهي. ان ڪري جو پبلڪ اسڪول جو پرنسپال ٿيڻ کان اڳ هو اسان جو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پنج سال انگلش ٽيچر ٿي رهيو....
    اڄ به سندس پڙهائڻ جو طريقو اکين اڳيان ڦري رهيو آهي.... هو اسانجو هائوس ماسٽر پڻ ٿي رهيو.... اسان ۾ پڙهڻ (مطالعي) جي عادت خادم صاحب به وڌي. هو نوان ناول پڙهي انهن جو تت ڪلاس روم ۾ ٻڌائيندو هو ۽ چوندو هو ته: ”فلاڻي ليکڪ ڇا ته زبردست شيءِ لکي آهي.... توهان سڀني کي اهو ناول پڙهڻ کپي“..... ۽ اسانجي ڪلاس ۾ ڪجهه شاگرد اهڙا هوندا هئا جيڪي خادم صاحب جي Suggest ڪيل ناولن ۾ هڪ به نه ڇڏيندا هئا... مرحوم خالد حسين مخدوم درٻيلي وارو ۽ سندس ڀاءُ ڪئپٽن احمد حسين، ڪموڊور اشفاق بيگ، ٽنڊو الهيار جو عالم هاليپوٽو، لاڙڪاڻي جو مرحوم علي رضا ميمڻ (سفير عبدالفتاح ميمڻ جو فرزند)، رفيع ڪاڇيلو مرحوم، شبير لغاري ٽيليفون کاتي وارو انهن مان ڪجهه آهن... اسان ٻئي نمبر تي هئاسين جو اسان اڙدو ۽ سنڌي جا ڪتاب پڻ پڙهندا هئاسين.
    پروفيسر عبدالله خادم حسين 17 جولاءِ 1931ع تي لکنؤ (يونائيٽيڊ انڊيا) ۾ ڄائو ۽ اتي جي مشهور تعليمي اداري ”گورنمينٽ جوبلي ڪاليج لکنؤ“ مان 1947ع ۾ مئٽرڪ ڪيائين. هندستان جي ورهاڱي بعد هنن جي فئملي ڪراچي ۾ اچي رهي. خادم صاحب انٽر ۽ بي اي سنڌ مدرسة الاسلام مان ڪئي. ان بعد هن ڪراچي جي ايس. ايم ڪاليج ۾ ۽ ان بعد گورنمينٽ ڪاليج ميرپورخاص ۾ ليڪچراري ڪئي ۽ گڏوگڏ ايم. اي جي ڊگري به حاصل ڪيائين ان ۾ هن سنڌ يونيورسٽي ۾ پوزيشن (فرسٽ ڪلاس فرسٽ) حاصل ڪئي. 1957ع ۾ جيئن ئي ڪئڊٽ ڪاليج کليو ته انهن ڏينهن جي ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن جيڪي پهريان پنج ٽيچر آندا خادم حسين صاحب انهن مان هڪ هو. هو ڪئڊٽ ڪاليج ۾ 9 سال رهيو ان بعد 1966ع ۾ پبلڪ اسڪول جو پرنسپال ٿيو... جتي ٽي سال نوڪري ڪرڻ بعد تعليم جي فيڊرل منسٽري ۾ آيو جتي ڊپٽي سيڪريٽري ۽ ان بعد جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدن تي پهتو ۽ 1990ع ۾ رٽائرمينٽ ورتي. ان بعد هن ”سوشل سيڪٽر سپورٽ سروس“ نالي 20 سال کن هڪ NGO هلائي ۽ زندگيءَ جا آخري ڏينهن هو غريب ۽ معذور ٻارن جي مفت تعليم لاءِ ڪراچي جي غريب علائقي لياريءَ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا اسڪول هلائيندو رهيو.... جتي ٻارن کي تعليم سان گڏ هنر سيکارڻ جو به بندوبست ڪيو هئائين. سندس وفات 15 مئي 2014ع تي آمريڪا ۾ ٿي جتي هو پنهنجن ٻارن سان ورجينيا (واشنگٽن DC ڀرسان) موڪلون گذارڻ ويو هو.
    خادم صاحب سان منهنجي آخري ملاقات 2013ع ۾ آرٽس ڪائونسل ۾ اليڪشن واري ڏينهن ٿي هئي. ان کان اڳ اڪثر پيٽارين (اسان جي اولد بئائز ائسوسيئيشن) جي فنڪشنن ۽ ڪراچي ۾ ٿيندڙ ادبي فنڪشنن ۾ ٿيندي رهي ٿي. کيس پنج ٻار تهنيت، فهمينا، نادر، امينا ۽ ڪلثوم آهن جن مان تقريبن سڀني جون شاديون اٽينڊ ڪرڻ جو مونکي پڻ موقعو مليو. خادم صاحب کي مون آخر تائين تدريسي ڪمن ۾ رُڌل ڏٺو. هن سڄي زندگي ايمانداريءَ سان پڙهايو ۽ سندس ڪيتريون ڳالهيون، مون پڻ، هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ اپنائيون (Follow) ڪيون. هتي هڪ ڳالهه اڄ جي استادن ۽ انهن نوجوانن لاءِ جيڪي ٽيچر ٿيڻ چاهين ٿا، لکڻ ضروري ٿو سمجھان ته ٽيچر (استاد) کي اسان وٽ کڻي ڇا به سمجھيو وڃي پر جيڪڏهن ڪو استاد سچي دل سان، محنت ۽ ايمانداريءَ سان پڙهائي ٿو ته هن کي سندس شاگرد سڄي عمر ياد ڪن ٿا. اهي شاگرد پوڙها ٿيو وڃن ته به انهن ٽيچرن جي تعريف ڪندا رهن ٿا.... پوءِ ٽيچر کڻي ساڳي زبان نه ڳالهائيندو هجي، ساڳيو مذهب جو نه هجي، ساڳي ملڪ جو نه هجي ته به هو شاگردن لاءِ پيارو ثابت ٿئي ٿو. ائين هرگز ناهي ته ڪو ٽيچر سمجھي ته آئون سنڌي آهيان.... اديب آهيان، شاعر آهيان... ان ڪري پڙهائيندس ته ڪون بلڪ اسڪول جو پئسو ڏوڪڙ غبن ڪندو رهندس ته به شاگرد جيئن ته ساڳي زبان ڳالهائين ٿا.... ساڳيو مذهب اٿن .... ان ڪري مون تي آڱر به نه کڻندا. هرگز نه. ..... ائين هجي ها ته اڄ اسين جيڪي ستر سالن کان به مٿي ٿي ويا آهيون پنهنجي غير ملڪي پرنسپال ڪرنل ڪومبس يا مسٽر S.A جونس کي، يا پٺاڻ ٽيچر عالم جان محسود کي يا الهه آباد ۾ جنم وٺندڙ ڪمانڊر اسرار الله کي يا لکنؤ ۾ ڄاول عبدالله خادم حسين کي ڇو ياد ڪريون ها!
    پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي سٺن پرنسپالن ۾ هڪ ٻئي جي _ جنهن جي پڻ هيڪاندي هاڪ آهي... اهو آهي حامد حسين بلگرامي.... جنهن جو قران جو تفسير. ”فيوز القرآن“ (ٻن جلدن تي مشتمل) مون جهڙا ڪيترائي پڙهي قرآن شريف کي سمجھڻ ۽ رهنمائي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. بلگرامي صاحب منهنجي پيٽارو جي ساٿي جنرل سيد پرويز شاهد (ايس پي شاهد) جو سهرو به ٿئي. هونءَ ته ايس پي شاهد جون خود ۽ هن جي والد پروفيسر شاهد جون به، هن صوبي جي شاگردن لاءِ خذمتون ۽ ٿورا آهن، جن سچي دل سان سنڌ جي شاگردن جي تعليم جي ڀلي لاءِ سوچيو. پروفيسر شاهد صاحب جيڪب آباد ۽ سنڌ جي جن شهرن جي ڪاليجن ۾ نوڪري ڪئي اتي امير توڙي غريب شاگردن کي بنا پئسن جي ٽيوشنون پڙهائيون. هڪ اهڙو وقت هو.... اسي واري ڏهي ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ جا ڪيترائي سنڌي آفيسر پروفيسر شاهد صاحب جا شاگرد هئا.... ايتريقدر جو جڏهن ايس پي شاهد ليفٽيننٽ جنرل ٿيو.... پيٽارو جو پهريون ڪئڊٽ ان وڏي پوسٽ تي پهتو، ته مون ان خوشي ۾ پنهنجو هڪ اڙدو جو سفرنامو (يورپ ڪي دن) هن کي منسوب ڪرڻ وقت چيو هئو ته اصولن هي ڪتاب تنهنجي والد نالي ڪرڻ کپي جو هن سنڌ جي شاگردن لاءِ تمام گهڻو پاڻ پتوڙيو... اڄ جڏهن ايس پي شاهد به اسان وانگر وڏي عمر جو ٿي چڪو آهي، ان هوندي به هن کي ڏسان پيو ته رٽائرمينٽ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، سنڌ ۾ تعليمي معيار وڌائڻ جو هن کي فڪر لڳو رهي ٿو. ڪالهه به هن جو فون آيو ته ”الطاف! جيسين ساهه آهي، اسان جو فرض آهي ان مسئلي تي awareness پيدا ڪريون“. هن اهو به چيو ته هن کان جيڪي پڄي ٿو هِتان هُتان ڪري اسڪولن جي حالت بهتر ڪرائڻ ۾ مدد ڪري ٿو.“ پر ڳالهه اها آهي ته اسان ان بابت اخبار ۾ مضمون لکي سگهون ٿا..... اسڪولن جون ڪريل ڀتيون ۽ ڏار پيل ڇتيون مرمت ڪرائي ڏئي سگهون ٿا پر اهو اسان جي سنڌي ٽيچر کي کپي ته هو ايمانداريءَ سان پڙهائي پگهار حلال ڪري“
    پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي هن پرنسپال پروفيسر حامد حسن بلگرامي لاءِ اسان جي پيٽارو جي مٿين دوست جنرل ايس پي شاهد ٻڌايو ته هن شروع جا 9 سال ديرادون جي اسڪول ۾ پڙهايو. ان کان علاوه اسلامي يونيورسٽي بهاولپور جو هو پهريون وائيس چانسلر ٿي رهيو. بلگرامي صاحب جا ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن جيئن ته تنوير سحر، نورمبين، تابانِ رحمت ندام حرم وغيره.
    منهنجي خيال ۾ پبلڪ اسڪول جا اهي شاگرد خوش نصيب چئبا جن ههڙن نيڪ انسانن وٽ تعليم حاصل ڪئي .... ڪاش اسانجا بدنام ٽيچر، پرنسپال ۽ وائيس چانسلر پنهنجو پاڻ کي خوشحال بنائڻ بدران هن غريب صوبي جي غريب شاگردن کي تعليم ۾ امير بنائين.
    شروع جي ڏينهن جو هي بهترين اسڪول هاڻ تباهيءَ جي ويجھو وڃي پهتو هو. ڀلو ٿئي هاڻوڪي سيڪريٽري تعليم فضل حسين پيچوهو جو جنهن ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي واري پرنسپال سائين يوسف شيخ صاحب جهڙي ايماندار، محنتي ۽ ڊسيپلين جي زندگي پسند ڪرڻ واري کي هن اسڪول جي حالت سڌارڻ لاءِ رکيو آهي. بقول يوسف صاحب جي جتي پنج يا وڌ ۾ وڌ ڏهه ڪلارڪن جي ضرورت آهي اتي سياسي طور چاليهه کن رکيا ويا آهن ۽ اهڙي طرح جتي بيحد سٺا پڙهائڻ وارا ٽيچر آهن اتي ڪيترائي سياسي طرح ڀرتي ڪيل بنهه بيڪار قسم جا به آهن. سائين يوسف صاحب هن اسڪول جو سورهون پرنسپال آهي.
    بهرحال يوسف صاحب جي اها ڳالهه صحيح آهي ته اڄ به هن اسڪول جا صحيح معنيٰ ۾ چونڊجي آيل ٽيچر تمام سٺا آهن .... ڇو جو مونکي اسڪول جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون تمام ذهين لڳيون. انهن جو هن پروگرام ۾ ڪيل تقريرن ۽ ٽئبلو ڊرامن مونکي بيحد متاثر ڪيو. جن ڇوڪرين تقريرن ڪيون انهن جا نالا هن ريت آهن: شفا چاچڙ، مهوش غلام نبي، تانيا، سحرش تنيو، آمنا چانڊيو، ارهم عمراڻي. وغيره.
    ٽئبلو ۽ پتيلن جي تماشي ۾ جن حصو ورتو انهن مان ڪجهه جا نالا هن ريت آهن: هني سيال، ثنا علي، عنبرين سنگراسي، ارم جتوئي ۽ شمس تنيو وغيره. انهن کي تقريرن يا ٽئبلوز لاءِ تيار ڪرڻ جو ڪريڊٽ هنن جي ٽيچرن ميڊم شگفته شاهه، مس شبنم پئنر، هيمون ڪالاڻي، مس حاڪم زادي لاءِ چيو وڃي ٿو. مون هنن سڀني جا نالا ان ڪري ڏنا آهن جو تقريرن ۽ ٽئبلو ۾ حصو وٺندڙن جو مون تصويرون پڻ ڪڍيون آهن .... ٿي سگهي ٿو اخبار يا ڪتاب ۾، جنهن ۾ هي مضمون اچي ان جو پبلشر تصويرون به ڏئي.
    هتي اهو به لکندو هلان ته پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ ڪيترن سالن تائين فقط ڇوڪرا پڙهيا ٿي. بعد ۾ ڇوڪرين جو ڌار سيڪشن _ ڪلاس ٻارهين تائين ٿيو جنهن جو ڪريڊٽ ان وقت جي حيدرآباد جي ڪمشنر ۽ هن اسڪول جي پهرين بئچ جي شاگرد شفيق کوسو کي ڏنو وڃي ٿو.
    پبلڪ اسڪول ۾ ٻه ڏينهن رهڻ دوران منهنجي جن استادن سان ملاقات ٿي انهن مان ڪجهه جا نالا هن ريت آهن. لعل بخش سهتو صاحب، فضل دين ميمڻ، شعبان وسطڙو، مير اسد ٽالپر، فوزيه صديقي صاحبه، مئڊم شگفتا سيد، مسز سائيمه آخوند، مسز ناهيد شاهه، مسز عاليا امتياز، مسز ماهه طلعت، پير محمد جوڻيجو صاحب وغيره.


    هڪ پوليس آفيسر سان سعيد آباد جو سير

    منهنجو والد صاحب گل محمد شيخ هڪ عجيب فقير طبيعت جو انسان هو. هو اسانجي ڏاڏي جو اڪيلو پٽ هو... زندگي جا شروع وارا سال هو ڪپڙي پوشاڪ جو شوقين رهيو.... اعليٰ عطر استعمال ڪندو هو، نيرن بعد اوچو سگريٽ وڏي شوق سان ڇڪيندو هو.... پوءِ آمريڪا جي ڪارنيل يونيورسٽي (نيو يارڪ) مان ائگريڪلچر سائنس ۾ M.Sc ڪرڻ بعد وڌيڪَ مغربي تهذيب کي فالو ڪرڻ بدران هن مذهبي رخ اختيار ڪيو ۽ بيحد سادگي جي زندگي گذاري .... ايتري قدر جو هن ان وقت کان جو کاڌي (هٿ جي اوڄي) جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا ته ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ جي باوجود هن اها ڊريس قائم رکي. پنهنجي گاڏي نه فقط پاڻ هلائيندو هو پر اسان پٽن سان گڏجي ان کي صاف به پاڻ ڪندو هو. نيڪ ۽ قابل ماڻهن جي هن هميشهه عزت ۽ احترام ڪيو ٿي پوءِ اهي ماڻهو سندس ڪلاس ميٽ سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙا هجن يا اسان جي ٻنيءَ جا غريب هاري الهه رکيو ۽ خانڻ ابڙيجو جهڙا. آچر واري موڪل تي نوڪري تان جڏهن ڳوٺ ايندو هو ته هو پنهنجي ٻني (زمين) تي اسانکي به وٺي هلندو هو..... چوندو هو ته زميندار کي ٻنيءَ تي گهڻي کان گهڻو وقت گذارڻ کپي ....کيتي سرسيتي .... ٻنيءَ لاءِ سڀ کان سٺو ڀاڻ زميندار جي جتيءَ جي دز آهي.... بهرحال اسان لاءِ انهن ڏينهن ۾ ڪار جو چڪر اهم هوندو هو. پنجين ڪلاس کان وٺي مون ٻنيءَ تي وڃڻ شروع ڪيو هو. ’گل فارم‘ نالي اسانجيون زمينون ۽ باغ هالا ۽ سعيد آباد جي وچ ۾ پڪي رستي تي ”ٻاروچي باغ“ ڳوٺ کان ميل کن اڳتي ”ونجھيرين“ جي بس اسٽاپ وٽ آهي. ٻنيءَ جي چڪر بعد بابو اڪثر ڀر وارن ڳوٺن جي وڏيرن، عالمن، ڏاهن ۽ بزرگ شخصيتن سان پاڻ به ملندو هو ۽ اسان پٽن کي به ملائيندو هو. سعيد آباد ڀرسان ”ڳوٺ پير جھنڊو“ ۾ رهندڙ راشدي پيرن وٽ به ترسندو هو جتي منهنجي ملاقات موجوده گادي نشين پير جھندو سائين عباد الله شاهه جي والد صاحب ”پير وهب الله شاهه راشدي“ سان ٿي هئي جيڪو منهنجي والد جو هم عمر هو.... اهڙي طرح ڀر وارن ٻين ڳوٺن: شهمير راهو، صابُو راهو، بکر جمالي (جتي جو اڄ ڪلهه وارو آئي جي پوليس غلام حيدر جمالي آهي)، ۽ ٻين ڳوٺن جي ڪن ڪن اهم ۽ والد صاحب جي پسنديده ماڻهن سان ٿيندڙ ملاقاتون اڄ به ياد اٿم. انهن ڏينهن ۾ نه مون وٽ ۽ نه منهنجي والد وٽ ڪئميرا هُئي جو کڻي فوٽو ڪڍجن. ابراهيم منشي نالي بابا جو هڪ دوست جيڪو ٻيلي کاتي جو آفيسر هو، مون فقط ان وٽ ڪئميرا ڏٺي جيڪو اسانجي هالا واري اوطاق تي ايندو هو ته اسان ٻارن جا فوٽو ڪڍندو هو.
    بابا جي ڏينهن وارا من پسند ماڻهو اڄ منهنجي پيءُ وانگر هن جهان ۾ نه رهيا آهن پر انهن جي اولاد سان اڄ به ملاقات ٿيندي رهي ٿي. هتي فقط هڪ ، بابا جهڙي سادي طبيعت ۽ نيڪ اخلاق واري انسان مولانا عبدالوارث دَل جو ذڪر ڪرڻ چاهيندس جنهن جي بابا تمام گهڻي تعريف ڪندو هو. آئون به اڄ ڏينهن تائين اهڙن کي نه فقط اهم ۽ نيڪ انسان سمجھان ٿو، بلڪه عظيم سمجھان ٿو ۽ اهو ئي سوچيان ٿو ته هن جهڙن ماڻهن کي جَسُ هُجي جن گهٽ پگهار ۽ وڏي عيال هوندي به پنهنجن ٻارن کي اعليٰ تعليم جهڙو زيور ۽ اخلاق ڏنو. مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي وانگر سعيد آباد جي هن مولانا ماستر عبدالوارث دَل صاحب پنهنجن پٽن سان گڏ نياڻين کي به پڙهايو. هو مولانا عبيدالله سنڌي جو وڏو معتقد هو جنهن جڏهن کيس چيو ته ٻارن کي انگريزي پڙهائڻ ضروري آهي ته هن نه فقط سڀني ٻارن کي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي اعليٰ تعليم ڏياري پر وڏن ٻن ٻارن (نياڻين) کي تعليم ڏيارڻ بعد گهر ۾ ڇوڪرين جو اسڪول هلائڻ لاءِ پڻ چيو. هو هڪ عجيب نيڪ انسان هو جنهن کي مون شروع جي سالن بعد وري سندس زندگي جي آخري سالن ۾ ڏٺو جڏهن سالن جا سال جهاز هلائي، ولايت ۾ نوڪريون ڪري پنهنجي وطن جي مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهائڻ آيس ۽ منهنجي رٽائرمينٽ ۾ يعني سٺ سال پورا ٿيڻ ۾ باقي ڪو هڪ سال وڃي بچيو هو. سائين عبدالوارث دَل صاحب هميشه وانگر مولانا عبيدالله سنڌي صاحب جي ڪيل قرآني تفسيرن ۽ ٻين ديني ڪتاب جا بنڊل مٿي تي رکي دڪانن ۽ گهرن ۾ ماڻهن تائين پهچايا ٿي.... هي ڪو هن ڪمائيءَ لاءِ نٿي ڪيو پر بقول اسانجي ڪتابن جي پبلشر علينواز گهانگهري ۽ سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر يوسف پرديسيءَ جي ماستر عبدالوارث دَل صاحب جو اهو جهاد يعني (Mission) مِشن هئي.... هو پاڻ به عالم، نيڪ ۽ قرآن جي تعليم جو ڄاڻو هو ۽ هن جي زندگيءَ جي خواهش به اها ئي هئي ته گهر گهر ۾ قرآن جو علم پهچايو وڃي. گهر گهر ۾ ديني تعليم عام ڪئي وڃي.
    هتي ڪجهه سٽون مولانا عبيد الله سنڌيءَ بابت لکڻ ضروري سمجھان ٿو جيئن اڄ جي نوجوانن کي اها ڄاڻ رهي ته هن سنڌي نه هجڻ جي باوجود سنڌ سان واسطو رکيو... هو ڪنهن پير، شاهه، گادي نشين جو فرزند نه هو جنهن جي ماڻهن سندس وڏن ڪري ادب، عزت ۽ فرمانبرداري ڪئي ٿي.... هو ته رام سنگهه زرگر نالي هڪ سک جو پٽ هو جنهن اسلام قبول ڪري ديني تعليم حاصل ڪئي ۽ اسلام جو پيغام ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايو...... دهلي، لکنؤ، بڙودا کان افغانستان روس تائين... ۽ هن پنهنجي زندگيءَ جو چڱو حصو ماستر عبدالوارث دَل جي ڳوٺ ”سعيد آباد“ ۾ پڻ گذاريو جتي پير جھنڊو ڳوٺ ۾ ”دارلارشاد“ نالي مدرسي جي خذمت ڪئي. اسان جي حڪومتن جي ڪاهلي آهي نه ته هي مدرسو اڄ قاهري ۽ ڪوالالمپور جهڙي اسلامي يونيورسٽي هجي ها.
    مولانا عبيدالله سنڌي سيالڪوٽ جي اُپل کتري سک فئملي ۾ 10 مارچ 1872ع تي ڄائو. سندس ڄمڻ کان 4 مهينا اڳ سندس والد گذاري ويو. ڏاڏي ۽ پوءِ ناني کيس نپائي وڏو ڪيو. اسڪول ۾ هو ته هن کي ”تفت الهند“ نالي هڪ ڪتاب ڪنهن هندو دوست پڙهڻ لاءِ ڏنو. اهو ڪتاب هندو مان مسلمان ٿيل هڪ اسڪالر ”مولانا عبيدالله مالرڪوٽلا“ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۽ ان بعد ڪجهه ٻين.... جهڙوڪ ”تقويت الايمان“ ۽ ”احوال الآخرين“ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ذهن تي وڏو اثر ڇڏيو ۽ پنڌرهن ورهين جي ڄمار ۾ سن 1887ع ۾ هو مسلمان ٿيو. ان ئي سال هو سيالڪوٽ کان سنڌ آيو جتي حافظ محمد صديق ڀَرچونڊيءَ جو شاگرد ٿي رهيو...... ان بعد دين پور ۾ مولانا غلام محمد کان ديني تعليم حاصل ڪئي ۽ پوءِ ”دار العلوم ديوبند“ ۾ داخلا ورتي جتي فقه، حديث، تفسير ۽ ٻين مذهبي مضمونن جي تعليم ورتي. 1891ع ۾ اتان گرئجوئيٽ ٿيڻ بعد هو سڌو سکر آيو جتي امروٽ شريف ۾ مولانا محمد صديق ڀرچونڊي جي نظر هيٺ.... ۽ ان جي وفات بعد مولانا تاج محمد امروٽي سان گڏ ٻارن کي پڙهائڻ لڳو.... 1901ع ۾ شاديءَ بعد مولانا عبيدالله سنڌي سعيد آباد جي پير جھنڊو ڳوٺ ۾ آيو جتي هن دارلارشاد نالي مدرسو قائم ڪيو ۽ لڳاتار ست سال رهيو. ان بعد هو وري ديوبند هليو ويو. ان بعد هن حڪيم اجمل خان ۽ ڊاڪٽر انصاريءَ سان گڏ دهليءَ ۾ پڻ ڪم ڪيو. پوءِ ڪيترا سال هو ترڪي، روس، افغانستان ۽ ٻين ملڪن ۾ اسلام جي تبليغ ڪندو رهيو ۽ ”تحريڪ ريشمي رومال“ ۾ به حصو ورتو. مولانا صاحب هڪ عرصو مديني ۾ به رهيو ۽ وچ وچ ۾ سنڌ جي شهرن: سکر، سعيد آباد ۽ ٻين ۾ به ايندو رهيو.... هي اهو دور هو جڏهن مولانا عبدالوارث جوان هو ۽ عبيدالله سنڌيءَ جو معتقد هجڻ ڪري هن سان ملندو رهيو ٿي. مولانا عبيدالله سنڌيءَ 1944ع ۾ وفات کان اڳ ماستر عبدالوارث دَل کي اها تلقين ڪئي ته هو ٻارن کي انگريزي پڙهائي ۽ اها ڳالهه پڻ ذهن نشين ڪرائي ته مسلمانن لاءِ دين سان گڏ جديد سائنسي علم حاصل ڪرڻ پڻ ضروري آهي.
    مٿي لکي آيو آهيان ته ماستر عبدالوارث دَل صاحب منهنجي پيءُ جو هم عمر هو ۽ سندن وڏي نياڻي ٻار منهنجي عمر جي لڳ ڀڳ هوندي. هي اهو زمانو هو جڏهن ماستر عبدالوارث جي ڳوٺ ”خدا بخش دَل“ (سعيد آباد کان 15 ڪلوميٽر) ۾ ته ڇوڪرين جو هاءِ اسڪول نه هو پر سعيد آباد يا هالا ۾ به نه هو.... سنڌي مسلمانن ۾ ان وقت به تعليم حاصل ڪرڻ جي ايڏي سجاڳي نه هئي جو ڇوڪريون ته ڇا ڪيترن گهرن جا ڇوڪرا به وڌيڪَ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ نه دلچسپي وٺندا هئا ۽ نه ضرورت محسوس ڪندا هئا. جن ڏينهن ۾ آئون هالا جي هاءِ اسڪول ۾ آيس ته ان سال اسانجي شهر جي پوسٽ آفيس جي پنجابي پوسٽ ماسٽر جي ڌيءَ پهريون ٻار هو جنهن اسان جي يعني ڇوڪرن جي اسڪول ۾ داخلا ورتي. اسان جي شهر جي سنڌي سرڪاري ڪامورن توڙي سکين ستابن جون نياڻيون به انگريزي نه پڙهنديون هيون... پڙهن به ڇا جڏهن ته ان وقت نه اسان جي شهر هالا ۾ گرلس اسڪول هئو ۽ نه وري اڄ واري ضلعي شهر مٽياريءَ ۾. حيدرآباد شهر ۾ البت هئا جيڪي هندستان جي ورهاڱي کان گهڻو اڳ انگريزن جي ڏينهن ۾ انگريزن ۽ سنڌي هندن ٺهرايا هئا. اڄ اهو ٿو سوچجي ته سائين عبدالوارث دَل صاحب کي شاباس هجي جنهن مولوي ٿي ڪري پنهنجي سڀني ٻارن خاص ڪري نياڻين کي به انگريزي پڙهائي. جيتوڻيڪ هو فقط هڪ گهٽ پگهار وارو ماستر ماڻهو هو.... ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جو نه پر هڪ هاريءَ جو پٽ هو..... پاڻ سائين عبدالوارث توڙي هن جو اولاد پنهنجي ڏاڏي محمد صالح دَل لاءِ اهو ٻڌائيندي عار نه محسوس ڪندا آهن ته هو هڪ ڪڙمي هو جنهن زمين ٽڪرو پاڻ ئي کيڙيو ٿي ۽ پاڻ ئي پوکيو ٿي.
    ماستر عبدالوارث دَل کي ڇهه نياڻين بعد ٽي پٽ ٿيا. هن جي وڏين نياڻين: حسن بانو ۽ ذوليخا جيئن ئي سعيد آباد مان پرائمري تعليم مڪمل ڪئي ته هن کين حيدرآباد جي ميران اسڪول ۾ داخل ڪرايو ۽ اتي ئي هاسٽل ۾ رکيو.... اهڙي طرح ٻين نياڻين کي پڻ. ميران اسڪول بعد هنن مڙني حيدرآباد جي زبيده گرلس ڪاليج ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪئي. وچ ۾ پئسي جي تنگي ڪري وڏين ٻن ڌيئن کي ڪجهه عرصي لاءِ پڙهائي ڇڏرائي ماستري به ڪرائي ۽ پاڻ به رٽائرمينٽ کانپوءِ مولانا عبيد الله سنڌي جي تفسير جا جُلد ۽ ٻيا اسلامي ڪتاب ڇپرائي وڪڻڻ لڳو. پاڻ ڪڏهن ڪڏهن سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ۾ پروفيسر يوسف پرديسي جي گهر اچي رهندو هو. انهن ڏينهن ۾ پرديسي صاحب ليڪچرار هو. هي مضمون لکڻ دوران پرديسيءَ کان پڇڻ تي هن مولانا عبدالوارث کي ياد ڪندي چيو ته هو ڇا ته نيڪ ۽ ايماندار ماڻهو هو. ”الطاف! مون مولانا عبدالوارث دَل جهڙو محنتي ماڻهو زندگي ۾ نه ڏٺو.“
    پرديسي جهڙي شخص کان، جيڪو پاڻ به ’سيلف ميڊ‘ ۽ ’هارڊ ورڪنگ‘ ماڻهو سڏيو وڃي ٿو... ٻئي لاءِ اهڙا رمارڪ ٻڌڻ وڏي ڳالهه آهي.... هن چيو ته: ”اڄ به سائين عبدالوارث جن هن جي اکين اڳيان ڦري رهيا آهن. هو مٿي تي پٽڪو ٻڌندا هئا، ان مٿان ڪتابن جي وڏي هڙ رکي مختلف آفيسن ۽ دڪانن تي ماڻهن وٽ پهچي ويندا هئا. پوءِ ڪي کيس ڪتابن جي قيمت ڏيندا هئا ته ڪن وٽ پئسو نه هوندو هو ته ماستر صاحب کين مفت ۾ ئي ڪتاب ڏئي ڇڏيندو هو.“
    سائين عبدالوارث سن 1922ع ۾ ڳوٺ ”خدا بخش دَل“ ۾ جنم ورتو. سنڌي فائنل پڙهي هو باگراڻي ڳوٺ ۾ ماستر ٿيو. کين ٻه ڀائر هئا: مٺا خان جيڪو سعيد آباد ۾ درزي هو ۽ ٻيو محمد هاشم جنهن کي شهدادپور ۾ ڪپڙي جو دڪان هوندو هو. سائين عبدالوارث جا مڙئي ٻار ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ پروفيسر ٿيا. سندن پهرين ٻار حسن بانوءَ پوليـٽيڪل سائنس ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ ٽيچنگ ۾ رهي ۽ ٻيو نمبر ڌيءَ پروفيسر ذواليخا ڪيمسٽري سبجيڪٽ ۾ M.Sc ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ئي پڙهايو. ٽيون نمبر خيرالنساءِ بئنڪنگ ۾ آهي ۽ اڄ ڪلهه شايد حيدرآباد ۾ ائگريڪلچر بئنڪ جي مئنيجر ۽ ائڊيشنل ڊائريڪٽر آهي. ان بعد ڊاڪٽر رضيه سلطانا حيدرآباد جي مينٽل اسپتال جي انچارج ميڊيڪل آفيسر آهي ۽ پنجون نمبر ڌيءَ جنهن فارميسي سبجيڪٽ ۾ ايم. فل ڪئي آهي اها مهراڻ يونيورسٽي ۾ نوڪري ڪري ٿي. کين هڪ ٻي به ڀيڻ هئي جيڪا ننڍي هوندي گذاري وئي.
    پوليس ڊپارٽمينٽ جو ڊي آءِ جي ولي الله دَل ڇهن ڀيڻن بعد ڄائو جنهن بعد حماد الله دل آهي جنهن ڪمپيوٽر انجنيئرنگ ۾ B.E ڪئي آهي ۽ آخري ٻار عبدالقادر دَل جيڪو ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ آهي ان مهراڻ يونيورسٽيءَ مان سِول ۾ بي. اي ڪئي هئي.
    هڪ ڳالهه آهي ته غربت ۾ رهي ڪري هر ٻار خوب محنت ڪئي ۽ پڙهائيءَ ۾ نالو روشن ڪيو. منهنجو گهڻو واسطو ولي الله دَل سان رهي ٿو جو هن کي منهنجيون لکڻيون ۽ مونکي هن جون ڳالهيون وڻنديون آهن. سعيد آباد ۾ سندن اباڻي گهر ڀرسان ٺهيل آڳاٽي ٽن قبن واري ڪلهوڙن جي دور جي مسجد ۽ سندس والد صاحب جي گهر ۾ قائم ڪيل مدرسو ۽ عبيد الله سنڌي لئبرري ڏسڻ لاءِ اسان ٻن ٽن سالن کان پروگرام ٺاهي رهيا هئاسين. هينئر جڏهن منهنجو سنڌ يونيورسٽي ۽ حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول ۾ اچڻ ٿيو ته خبر پيئي ته ولي الله به نه فقط حيدرآباد ۾ ئي آهي پر موڪل تي پڻ آهي. سو فون ڪري چيومانس ته موقعو سٺو آهي هلو ته سعيدآباد هلون. سعيدآباد هلندي هو پنهنجي فئملي جون مٿيون ڳالهيون ٻڌائيندو هليو ته ڪهڙو ڀاءُ ڇا پڙهيو ته ڪهڙي ڀيڻ ڇا پڙهي.
    ولي الله ڇهن ڀيڻن بعد پهريون پٽ ٻار هو پر اسان جي سنڌ جي روايتن موجب کيس سندس والد مولانا عبدالوارث صاحب لاڏلو بنائڻ بدران هن کي ۽ هن بعد باقي ڀائرن کي سخت ڊسيپلين واري زندگيءَ ۾ رکيو ۽ کين به ڀيڻن وانگر سائنسي تعليم ۽ دين جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي تلقين ڪندو رهيو. ولي الله 21 آڪٽوبر 1961ع تي جنم ورتو. سندس والد کيس ڊاڪٽري پڙهائي ۽ هو لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو مان ايم بي بي ايس ڪرڻ بعد اتي ئي فارماڪالاجي جو سال کن ليڪچرار ٿي رهيو جنهن دوران هن سول سروس جي امتحان جي تياري ڪئي ۽ ان ۾ ڪامياب ٿيڻ بعد هن کي 1990 ۾ پوليس کاتي ۾ رکيو ويو. پهريان ٻه چار سال هو ملتان ۽ پنجاب جي ٻين شهرن ۾ رهڻ بعد 1995ع ۾ يونائيٽيڊ نئشن طرفان ’هائتي‘ ۾ رکيو ويو. منهنجي خيال ۾ هي اهي ڏينهن هئا جڏهن آفريڪا ۾ رهندڙ ڊاڪٽر تميز جوڻيجي (اکين جي سرجن)، ولي الله دَل ۽ ٻين ڪيترن ئي نيٽ تي سنڌي اخبار ڪاوش پڙهندڙن سان منهنجو اي ميل ذريعي رابطو ٿيو هو... جيڪي اخبار ۾ منهنجو ڪالم پڙهي مونکي خط لکندا هئا.... خاص ڪري آفريڪا کنڊ ۽ ڏکڻ آمريڪا جي مختلف ملڪن: برازيل، ڪولمبيا، ڪيوبا، جئميڪا ۽ ٻين ٻيٽن تي رهندڙ سنڌي.
    ’هائتي‘ ڪئريبين سمنڊ جي هڪ ٻيٽ هسپانيولا جو هڪ حصو آهي ۽ ڪيوبا ٻيٽ جي ڀرسان آهي. اسان وٽ پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي رانديگرن ڪري ’ٽرنيڊاڊ‘ ۽ ’ٽباگو‘ ٻيٽ ۽ فڊل ڪاسٽرو ۽ سگارن ڪري ’ڪيوبا‘ ٻيٽ مشهور آهي. پاڻيءَ جي جهاز رستي آمريڪا ويندي جيئن ئي ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙجي ٿو ته ڏکڻ آمريڪا جي اوس پاس وارو سمنڊ ڪئريبين شروع ٿئي ٿو جيڪو دراصل ’ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ‘ جو هڪ ننڍڙو حصو آهي جيئن اسان وارو (يعني ڪراچي، گوادر، عدن، ممبئي وارو) عربي سمنڊ ’هندي وڏي سمنڊ‘ جو حصو آهي. ڪئريبين سمنڊ جا ڪيترائي ٻيٽ مشهور ۽ سهڻا آهن جهڙوڪ: برمودا، بهاما وغيره. بهرحال ان سمنڊ ۾ هڪ چئن ٻيٽن جو جھڳٽو ائنٽيليز (Great Antilles) ٿو سڏجي جنهن ۾ ڪيوبا، هسپانيولا، جئميڪا ۽ پورٽوريڪو ٻيٽ اچي وڃن ٿا. ڪرسٽافر ڪولمبس جڏهن 1492 ۾ پنهنجي پهرين سامونڊي سفر تي انڊيا بدران ڀلجي آمريڪا کان وڃي نڪتو هو ته هسپانيولا سندس پهرين منزل بڻي جتي اچي هن ٺڪاءُ ڪيو هو. هن ٻيٽ هسپانيولا جو سمجھو ته چوٿو حصو کن جنهن تي فرينچن جو قبضو هو ”هائتي“ ملڪ سڏجي ٿو. باقي وڏو حصو جنهن تي اسپيني ماڻهن جي حڪومت رهي ”ڊومنيڪن ريپبلڪ“ سڏجي ٿو. هن پاسي جا ٻيٽ موسم ۽ کاڌي پيتي جي شين کان مالا مال آهن. هائتي ۾ به سڀ ڪجهه آهي پر افسوس جو کيس آزادي ملڻ بعد سندس مقامي سياستدانن هن سهڻي ٻيٽ نما ملڪ جي هڻي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي. غربت ۽ جھيڙن جھٽن ڪري اڪثر يونائيٽيڊ نئشن طرفان مختلف ملڪن جي پوليس کي هتي امن امان رکڻ لاءِ گهرايو وڃي ٿو. ولي الله دل صاحب جي به ڪجهه عرصي لاءِ هن ملڪ ۾ ڊيوٽي لڳائي وئي جتان موٽڻ بعد هو سال کن نانڪاڻا صاحب ۾ رهيو. 1996ع کان 1998 تائين اسلام آباد ۾ ۽ بعد ۾ هو دادو، ٺٽي ۽ گھوٽڪي ۾ S.P رهيو. ان کان پوءِ هن کي هڪ دفعو وري يونائٽيڊ نئشن جي ڊيوٽي سونپي وئي ۽ هن ڀيري آمريڪا بدران آفريڪا جي هڪ ملڪ لائبيريا ۾ کيس ٻه سال (2004ع کان 2006ع تائين) رکيو ويو.
    لائيبيريا اولهه آفريڪا جو ملڪ آهي جنهن جي چوڌاري ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي. آفريڪا کنڊ جو ساڄو پاسو جيڪو ننڍي کنڊ جي سامهون آهي ۽ ڪينيا، سوماليا ۽ موزمبق جهڙا ملڪ اچي وڃن ٿا آفريڪا جو اوڀر وارو پاسو سڏجي ٿو. اسان واري پاسي اوڀر آفريڪا آهي جنهن کي هندي وڏو سمنڊ ڇهي ٿو جيڪو انڊيا بنگلاديش تائين آهي. لائيبيريا جا پاڙي وارا ملڪ آهن سيراليون، گني ۽ آئوري ڪوسٽ. لائيبيريا ڪو سکيو ستابو يا امن وارو ملڪ نه رهيو آهي. دو نمبري ۽ ٺڳ قسم جا ڪم اڄ به هن ملڪ ۾ جام هلن ٿا. اسان جهاز هلائڻ وارا ماڻهو لائبيريا کان ان ڪري واقف آهيون جو دنيا جا اهي جهاز جيڪي ناڪارا آهن يعني جن ۾سلامتي جو عنصر گهٽ آهي يا جهاز جا اهي مالڪ جيڪي ٺڳ آهن ۽ ٽئڪس نٿا ڏيڻ چاهين اهي پنهنجا جهاز هن ملڪ ۾ اچي رجسٽرڊ ڪرائين ٿا. ان ڪري هر سياڻو جهازي لائبيريا ۾ رجسٽرڊ ٿيل جهاز هلائڻ کان پاسو ڪري ٿو توڙي کڻي گهڻي پگهار جي آفر ٿئي ٿي.
    لائبيريا کي آمريڪن 1820 ۾ پنهنجي قبضي ۾ ڪيو ۽ آمريڪا ۾ آزاد ڪيل حبشي (آفريڪي) غلامن کي آزاد ڪرڻ بعد انهن کي لائبيريا ۾ رکيو ويو ٿي. 1847 ۾ هن ملڪ ۾ آمريڪا نموني جي حڪومت ٺاهي وئي ۽ گادي جي شهر جو نالو آمريڪي پنجين صدر جيمس مونرو تان مونروويا رکيو ويو. 150 سالن جي راڄ بعد ملڪ ۾ فوجي انقلاب آيو. پر ان بعد ويتر معاشي حالتون بدتر ٿي ويون. ٻن سِول جنگين ۾ اٽڪل ڇهه لک کن ماڻهو مري چڪا آهن ۽ امن امان قائم رکڻ لاءِ هن ملڪ ۾ هر وقت يو اين او مختلف ملڪن جي فوج ۽ پوليس رکندي اچي. اسان واري DIG ولي الله کي به ان سلسلي ۾ UN جي چوڻ تي پاڪستان حڪومت ٻن سالن لاءِ 2004ع کان 2006ع تائين لائبيريا ۾ رکيو. لائبيريا کان موٽڻ بعد هو ڪوئٽيا، لاهور ۽ ڪراچي، سکر هاءِ وي پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪندو اچي. اڄ ڪالهه موڪل تي هجڻ ڪري هن سان گڏ سندس ڳوٺ سعيد آباد ۾ سندس اباڻو گهر ۽ سندس والد صاحب طرفان کوليل مدرسو ڏسڻ جو موقعو ملي ويو. دراصل جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته ولي الله جي ڏاڏي محمد صالح دَل جو ڳوٺ ”خدا بخش دَل“ هو پر پوءِ سندس والد ماستر عبدالوارث اتان لڏي سعيد آباد اچي رهيو جتي ولي الله جو نانو ميان محمد خان قريشي رهيو ٿي. ولي الله جو وڏو مامو شمس الهدا قريشي جيڪو سانگھڙ جو وڏو وڪيل ٿي رهيو اهو 1981ع ۾ گذاري ويو .... باقي ٻن مامن مان ظفر قريشي ائگريڪلچر بئنڪ جو ڊائريڪٽر ٿي رٽائرڊ ٿيو ۽ شهريار قريشي انگلنڊ جي شهر مانچسٽر ۾ انجنيئر هوندو هو.
    ولي الله مٿي بيان ڪيل ملڪن کان علاوه آمريڪا (USA) ۽ ترڪي ۾ فارين اسٽڊي ٽوئر جي سلسلي ۾ رهي چڪو آهي. ولي الله مون سان جن دوستن جو اڪثر ذڪر ڪندو آهي اهي آهن واصف علي ميمڻ (آصف علي زرداري جو ڪزن) جيڪو بيسٽ گرئجوئيٽ رهيو آهي ۽ اڄ ڪلهه حيدرآباد ۾ ڪليڪٽر ڪسٽمس آهي.
    • ڊي آئي جي نجف علي مرزا..... جنهن جو ذڪر ”ايران ڏي اڏام“ سفرنامي ۾ ڪري چڪو آهيان.
    • عبدالڪريم نوراني صاحب جو فرزند خالد نوراني جيڪو ڪيترا سال ”ڪرزما“ نالي هڪ سنڌي ڊائجسٽ ڪڍندو رهيو. اڄ ڪلهه هو پاڪستان طرفان پولنڊ ۾ سفير آهي.
    • سعيد آباد جو ولي محمد سمون ۽ احسان علي عمراڻي جيڪو 30 سالن کان مديني ۾ آهي ۽ ڪپڙي جو ڪاروبار ڪري ٿو.
    • ولي الله جي دوستن ۾ سندس ماسات شاهه زمان شاهه به آهي جيڪو PIA ۾ هو پر هاڻ زمينداري ڪري ٿو. شاهه زمان غوث علي شاهه جو فرزند آهي ۽ سندس وڏو ڀاءُ بچل شاهه سعيد آباد جو چيئرمين پڻ ٿي رهيو آهي.
    • ڊاڪٽر نثار عباسي.... اڄ ڪلهه ڪنڊيارو جو سينيئر ميڊيڪل آفيسر آهي.

    ولي الله کي ٽي ٻار آهن. وڏو ٻار ڌيءَ حفصه ميڊيڪل جي آخري سال ۾ آهي. ان بعد پٽ صبغت الله ”اي“ ليول ڪري رهيو آهي ۽ ننڍي ڌيءَ ثوبيا ”او“ ليول جي شاگردياڻي آهي.


    ڪيڏي ڏک جهڙي ڳالهه آهي

    منهنجوروزانو ڪيترو وقت پنهنجي موبائل فون تي آيل ميسيجن کي پڙهڻ ۾ نه پر انهن کي ڊاهڻ Erase ڪرڻ ۾ لڳيو وڃي. اهي گهڻو ڪري انهن جا هوندا آهن جيڪي منهنجا ڪالم سنڌي ۽ اڙدو اخبارن ۾ پڙهن ٿا. ڪجهه شاگردن جا به هوندا آهن. انهن sms مان گهڻا تڻا ”صُبح جو سلام“ ۽ ”گڊنائيٽ“ جا هوندا آهن يا ايشيائي شاعرن ۽ مغربي فلاسافرن جي شعرن ۽ چوڻين (Quotations) جا هوندا آهن .... جن ۾ منهنجي ڪا دلچسپي نه هوندي آهي. لطيفن (Jokes) جا به sms هوندا آهن جن کي ڪڏهن ڪڏهن پڙهڻ تي دل چوندي آهي پر اهو ڏسي ڏک ٿيندو آهي ته اسان وٽ اهي لطيفا گهڻو ڪري پٺاڻن تي هوندا آهن. اها ڳالهه توهان به محسوس ڪندا هوندائو ۽ ٿي سگهي ٿو لطيفو پڙهي کلندا به هجو پر سچ پڇو ته مونکي ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي ۽ ائين لڳندو آهي ته ڪو ڄاڻي واڻي پٺاڻن جي دل آزاريءَ لاءِ ويٺو اهڙا چرچا ٺاهي .... بلڪه هر چرچي ۾ هروڀرو پٺاڻن کي ٽنبي. ان قسم جي چرچن تي بيوقوف ۽ جاهل ماڻهو ئي کلندا هوندا.... ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان وٽ گهٽ علم ۽ گهٽ ڄاڻ وارن ماڻهن جي تمام گهڻائي آهي.
    دراصل اسان کي اهو سوچڻ کپي ته هر قوم ۽ هر ملڪ ۾ هر قسم جا ماڻهو ٿين ٿا. ويندي هڪ ئي ماءُ جي ڄڻيل ٻارن ۾ به فرق ٿئي ٿو.... تڏهن ته چوڻي مشهور آهي ته ”ماءُ ڄڻيندي پٽڙا، ڀاڳ نه ڏيندي ونڊ“ يا ”پنجئي آڱريون برابر نٿيون ٿين.“
    سو پاڪستان جي ٻين صوبن جا اهو ڇو ٿا سمجھن ته هو وڏا قابل آهن، بيوقوف رڳو پٺاڻ آهن. آئون ته اهو ئي سوچيندو آهيان ته ڪنهن به لطيفي ۾ پٺاڻ بدران سنڌي، سرائڪي، بلوچ يا شيخ سيد جو به نالو ڏئي سگهجي ٿو جو اهي ساڳيا ڪم انهن سان به منسوب ڪري سگهجن ٿا. مثال طور هن وقت هڪ sms هن ريت آيو آهي...
    ماءٌ: اڄ اسڪول مان ايترو جلدي ڇوآيو آهين.
    پٺاڻ: مڇر ماريم ته ٽيچر ڪلاس مان ڪڍي ڇڏيو.
    ماءٌ: ائين ڇو؟
    پٺاڻ: مڇر ٽيچر جي ڳل تي ويٺو هو.
    هاڻ ان ساڳئي لطيفي ۾ پٺاڻ بدران سنڌي به ته ٿي سگهي ٿو. پر اسان جي پاڪستاني قوم به عجيب آهي هر هڪ پاڻ کي وڏو قابل ۽ پاڪ پوتر ٿو سمجھي باقي ٻين تي اجايا چرچا ۽ چٿرون. يا جيئن وري اسان وٽ سنڌ ۾ هر چرچو هندوءَ تي هوندو. دل تي هٿ رکو جي ان ۾ هندوءَ بدران مسلمان لکجي ته اسانجا مسلمان سخت ڪاوڙجي ويندا. پر سوال ٿو پيدا ٿئي ته اهي ساڳيون بيوقوفيون ڇا مسلمان نٿو ڪري سگهي ڇا؟ ۽ جيڪڏهن ”مسلمان“ يا ”سنڌي“ جو لفظ اچي ٿو ته اسان کي ڪاوڙ ۽ ڏک ٿئي ٿو، ته پوءِ اهو سوچڻ کپي ته ٻيا به ته انسان آهن انهن جي دل آزاري ڇو ٿي ڪئي وڃي. ڇا اهي عيب رڳو ٻين ۾ آهن اسان ۾ نه؟ هر خيالي غلطي، بيوقوفي يا عيب پٺاڻ نالي ڪري اسان گد گد ٿيون ٿا پر ڇا اهو نٿا سوچيون ته ان ڳالهه ۾ ڪنهن به قوم جو ماڻهو موزون ثابت ٿي سگهي ٿو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته اسان کي ڪنهن قوم يا مذهب جي ماڻهوءَ جي ائين دل آزاري نه ڪرڻ کپي.... توڙي کڻي ڪو عيب ڪنهن ۾ واقعي آهي ته به عيب جوئي ڪرڻ بد اخلاقي آهي جنهن لاءِ اسان کي مذهب به منع ڪري ٿو.
    پٺاڻن بابت اهڙا چرچا جن ۾ هنن کي نيچ يا بيوقوف ڏيکاريو وڃي ٿو پڙهي دل چوندي آهي ته موڪلڻ واري کي چوان ته ابا اهي پٺاڻ ئي آهن جيڪي گرمين توڙي سردين ۾ سخت پورهيا ٿا ڪن. ملائيشيا ۾ ته ڳوٺن جا ڳوٺ پٺاڻن جا آهن جن جا وڏا انگريزن جي فوج ۾ سپاهي هئا ۽ ٻي وڏي لڙائيءَ کان پوءِ اتي ئي ٽڪي پيا. هنن اتي به چوڪيداريون ۽ مزدوريون ڪري ٻار پاليا ۽ انهن کي پڙهايو جيڪي اڄ ملائيشيا ۾ هر فيلڊ ۾ وڏن عهدن تي آهن. 1982ع ۾ جڏهن آئون ملاڪا ۾ اچي رهيس ته انهن ڏينهن ۾ سڄي ملائيشيا جو پوليس ڪمشنر زمان خان نالي پاڪستاني پٺاڻ هو. اڄ به سڄي ’ڏور اوڀر‘ ۽ ’ڏکڻ اوڀر ايشيا‘ جي ملڪن جي مسجدن جا پيش امام پٺاڻ آهن. ٿائلنڊ جي سونگڪلا ۽ پٽاني شهرن کان ملائيشيا جي ’جوهوربارو‘ ۽ ’پينانگ‘ شهرن جي مدرسن ۾ پٺاڻ قرآن پڙهائين ٿا. آمريڪا توڙي يورپ جي ملڪن ۾ اسان جا پٺاڻ اهم ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ پروفيسر آهن .... ائين ته اسان جي پنجاب ۽ سنڌ صوبي جا به آهن پر پٺاڻ، جن کي توهان اهو ئي سمجھو ٿا جيڪو توهان لطيفن ۾ sms ڪيو ٿا ته توهان پاڻ وڏا بيوقوف آهيو. جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ هندن کي بيوقوف ۽ ڇسو سمجھي هر چرچو ان تي ٺاهيو وڃي ٿو پر توهان ٿورو دنيا جو به چڪر هڻي ڏسو ته اسان جا سنڌي مسلمان به اهم عهدن تي آهن پر هو سنڌي هندن سان مقابلو ڪري سگهندا! تعليم توڙي واپار ۾، محنت توڙي عقلمندي ۾، پئسي ڏوڪڙ توڙي وهنوار ۾، خير خيرات توڙي ثقافت ۾ هو اسان کان گهڻو گهڻو اڳيان آهن .... حقيقت اها آهي پوءِ ڀلي اسان کي ڳالهه نه وڻي. اهڙي طرح توهان چاهي ڪنهن به ملڪ ۾ هليا وڃو برما ۽ بنگلاديش کان نيويارڪ ۽ نيو اورلينس توهان کي پٺاڻ پورهيو ڪندي نظر ايندا ۽ هر ملڪ جا گهڻي ڀاڱي مڪاني ماڻهو هنن مان خوش نظر اچن ٿا. سو آئون ته اهو ئي چوندس ته هرڪو پاڻ کي ڏسي ۽ پاڻ کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪري ۽ ٻين جي فقط خوبين تي نهار ڪري _ ۽ اهي پاڻ ۾ پيدا ڪري.
    مونکي ماضي جو زمانو ٿو ياد اچي جڏهن انڊيا ۾ ته بنگالين کي شعرو شاعري، ادب، گيت سنگيتم، تعليم جو symbol سمجھيو ويو ٿي. ۽ اڄ تائين سمجھيو وڃي ٿو پر اسان وٽ هروڀرو هنن لاءِ گهٽ وڌ رمارڪ ڏنا ويا ٿي. ايتريقدر جو هنن کي ’بکيو بنگالي‘ سڏيو ويو ٿي! ڪيڏي ڏک جهڙي ڳالهه آهي! آخر ان نفرت وڃي دنگ ڪيو ۽ هو اسان کان الڳ ٿي ويا. ڌار ٿيڻ مهل هنن جو سڪو (ٽَڪو) اسان جي رپئي جي اڌ برابر هو اڄ هنن جو ٽڪو اسان جي رپئي کان مٿي آهي. اڄ هنن جي هوائي سروس اسان کان بهتر آهي.... پاڻي وارا مرچنٽ نيوي جا جهاز اسان کان گهڻا آهن. هنن جو سبيل ڪپڙو.... قميصون، گنجيون، پتلونون وغيره ۽ ٻيو سامان سڄي دنيا ۾ ايڪسپورٽ ٿئي ٿو. هنن جي پاسپورٽ جو اسانجي پاسپورٽ کان وڌيڪَ قدر آهي.... هو هر فيلڊ ۾ هئا ۽ ڪيترين شين ۾ ته اسان کان به هوشيار ۽ محنتي هُئا .... سڀ کان وڌيڪَ تعليم ۾ تڏهن به ۽ اڄ به هوشيار آهن ... ۽ اڄ به هنن جي گرئجوئيٽ کي اسان کان وڌيڪَ سولائيءَ سان دنيا جي انيڪ ملڪن ۾ نوڪريون مليو وڃن.


    اسانجا تعليمي ادارا ۽ ذات پات جو چڪر

    اسان وٽ ڪي ڪي عجيب روايتون ۽ کوکليون ڳالهيون عام آهن. پاڻ پڏائڻ جي به اسان ۾ ننڍي هوندي کان عادت آهي. هوندو اسان ۾ افعال ڪونه پر پنهنجي لئه رکڻ لاءِ وڏن جو پيا ذڪر ڪنداسين ته اسين انهن جو اولاد آهيون جيڪي هتي جا ديسي نه هئا پر ڪابل قنڌار جا جنگجو هئا يا سعودي عرب يا ايران جا وڏا عالم هئا. ڳالهه اها آهي ته هي پاسپورٽ، شناختي ڪارڊ يا ملڪن جي بائونڊرين جا چٽا ۽ مضبوط نشان هاڻ گذريل هڪ سؤ کن سالن اندر ٿيا آهن نه ته عربستان هجي يا ايران ۽ افغانستان..... اتي جا ماڻهو اسان ڏي يعني ننڍي کنڊ ۽ چين ڏي پئي آيا ويا ته اسان جا ماڻهو يمن، مصر ويندي جاوا سماترا کان پئي وڃي نڪتا. ۽ اها چُرپُر ڪا فقط اسلام پکيڙيندڙ عالمن بزرگن جي نه هئي پر ان ۾ سڀ شامل هئا..... سوداگر، گهمڻ جا شوقين، پورهيت، چور، ٺڳ، بشني.... هر قسم جا ماڻهو. اڄ ڪلهه بنا اجازت ڪنهن ڌارئين ملڪ ۾ داخل ٿيڻ ايترو آسان ناهي پر اڄ کان سؤ ٻه سؤ سال اڳ تائين اها هڪ عام ڳالهه هئي ته ڏوهاري هڪ صوبي، رياست يا ملڪ ۾ ڏوهه ڪري ٻئي ۾ ڀڄي ويندا هئا. هوائي جهاز ته هاڻ ٿيا آهن نه ته صدين تائين ماڻهن جي چرپر پيرين پنڌ يا ٻيڙين رستي ٿيندي هئي. ٻيڙيون هلائڻ وارا، جنهن ملڪ ۾ ٻيڙي ڀڄي پوندي هين اتي رهي پيا ٿي يا ڪنهن دوشيزه سان اکيون ملائڻ تي اَڪن ڇَڪن ٿي اتي ئي ٽِڪي پيا ٿي. سو سواءِ جپان جي، جنهن ڪنهن ڌارئين کي پاڻ وٽ اچڻ نٿي ڏنو باقي جتي ڪٿي ماڻهن جي اچ وڃ هئي. ٻي وڏي جنگ تائين اسان جا ماڻهو ملايا (اڄ واري ملائيشيا) ۽ سنگاپور تائين رهيل هئا جن مان وڏو انگ اڄ به اوڏانهن رهي ٿو. ستر جي ڏهي تائين به اسانجي ملڪ ۽ ماڻهن جو نالو هو ۽ ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن ۾ رهندڙ اسان جا ماڻهو پاڻ کي سنڌي، پٺاڻ، پنجابي، پاڪستاني يا بنگالي سڏائيندي فخر محسوس ڪندا هئا پر هاڻ ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ رهندڙ اسان جا ماڻهو اهو مڃڻ لاءِ ئي تيار نه آهن ته هو يا هنن جا وڏا ننڍي کنڊ کان آيا هئا. هو پاڻ کي مڪاني ماڻهن کان به وڌيڪَ ملئي، ٿائي يا سنگاپوري سمجھن ٿا جيئن عربستان ۾ رهندڙ اسان جا سنڌي اڌ صدي اڳ تائين وڏي فخر سان ”السندي“ سڏائيندا هئا پر هاڻ سعودي عرب، ڪويت يا دبئي جهڙا عرب ملڪ ترقي ڪري ويا آهن ته هو پاڻ کي سنڌي يا پاڪستاني سڏرائڻ کان لنوائيو وڃن.
    ولايتن ۾ رهندڙ اسان جا ماڻهو پاڻ کي پاڪستاني سڏرائيندي آخر فخر ڇو محسوس ڪن جڏهن ته اسان وٽ ستن پيڙهين کان رهندڙ به پاڻ کي هن ملڪ جو حصو سمجھڻ بدران ايراني، عرب، افغاني، شيرازي، يزداني، صديقي، قريشي، غوري، غزنوي وغيره وغيره سڏرائين ٿا.... مونکي لڳندو آهي ته سنڌ ۾ فقط ڪجهه ماڻهو مير بحر، اوڏ، شيخ، ميمڻ جهڙا اصل جا رهاڪو آهن.... شيخن جهڙي ذات جا به ڪيترائي ماڻهو اهو ٻڌائڻ بدران ته هنن جا وڏا هتي جا هندو يا ٻوڌي هئا ۽ اسلام قبول ڪري مسلمان ٿيا، ٻڌائيندا ته هنن جا وڏا عربستان کان آيا .... محمد بن قاسم فاتح جي لشڪر سان گڏ..... بادشاهه پير دستگير جو اولاد آهن وغيره وغيره.... سو اهي ۽ ٻيا پاڻ لاءِ ٻڌائيندا وتندا ته هو ايران ۽ عربستان جهڙن ملڪن مان آيا آهن يا وري هنن جو مغل، لوڌي، سومرن، سمن جهڙن بادشاهن ۽ حاڪمن جي ذات سان تعلق آهي. ڳالهه اها آهي ته اسان جي ملڪ ۾ گهڻو تڻو هر ڪو پنهنجي بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ بدران پنهنجي ذات پات، شهر ڳوٺ يا سياسي پارٽي يا فوج سان واسطو ڏيکارڻ ۾ لڳو رهي ٿو. گاڏي غلط هنڌ تي پارڪ ٿي پئي آهي مجال آهي جو ڪو پوليس وارو ان جي نوجوان مالڪ جو نالو وٺي جو ان ڪار تي ان سياسي پارٽي جو جھنڊو لڳو پيو آهي جنهن جي حڪومت آهي يا SDM يا MNA لکيو پيو آهي.... اها ٻي ڳالهه آهي ته اهو پاڻ ڊپٽي ڪمشنر يا اسيمبلي جو ميمبر کڻي نيڪ ۽ قانون جو پابند هجي پر سندس پٽ يا ڀائٽي ڀاڻيجي کي ته قانون ڀڃي لئه ڏيکارڻي آهي. ڪيترا ماڻهو ٻين کي متاثر ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڳوٺ جو نالو ٻڌائيندا آهن جيئن اڳلو سمجھي ته هي چيف منسٽر يا پرائيم منسٽر جي ڳوٺ جو ماڻهو آهي هن جو خيال رکڻ کپي. ڪيترا اسان وٽ پنهنجي اعليٰ ذات جي ڌاڪ رکڻ خاطر پنهنجي نالي کان وڌيڪَ ذات کي نمايان طور لکن ٿا..... صديقي، قريشي سان گڏ پير مخدوم به لکڻ ضروري سمجھيو وڃي ٿو. منهنجي خيال ۾ سيد عربي لفظ آهي ۽ شاهه فارسي..... اسان وٽ ٻئي لکيا وڃن ٿا.... اڳيان سيد ته پٺيان شاهه. سعودي عرب ۽ ايران وڃ ته اتي ته ڪو به اهڙي ذات وارو نظر نٿو اچي. مڪي جا رهاڪو به پاڻ کي حاجي نٿا سڏرائين... پر اسان وٽ حج ڪرڻ بعد اسانجو ماڻهو پاڻ کي ”حاجي“ سڏائي ٿو .... خاص ڪري تور ۾ کوٽ ڪرڻ ۽ وڏي اگهه تي مال وڪرو ڪرڻ وارا دڪاندار ڏاڙهيءَ رکائڻ سان گڏ ’حاجي‘ پڻ سڏرائڻ ضروري سمجهن ٿا جيئن گراهڪ تي ايمانداريءَ جي ڌاڪ ويهي سگهي! اصل ۾ حج ته هڪ فرضي عبادت آهي ۽ رب پاڪ توهان کي جي توفيق، همت ۽ پئسو ڏنو آهي ته ان فرض جي ادائگيءَ تي ٻين تي لئه رکڻ ڇا ضروري آهي؟! ايئن ته پوءِ نماز پڙهڻ وارو به پاڻ کي ”نمازي“ سڏرائي ۽ ذڪوات ڏيڻ وارو پاڻ ”ذڪواتي“ سڏرائي.
    اسان وٽ پاڻ کي ڪنهن وڏي ماڻهوءَ سان منسوب ڪرڻ ضروري سمجھيو وڃي ٿو ..... ته آئون فلاڻي جو ڀائٽيو ڀاڻيجو آهيان. ڏهه سال ملائيشيا جي نيول اڪيڊمي ۾ پڙهائڻ بعد ڪجهه سال پاڪستان جي مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهائڻ آيس ته اتي شروع وارن ڏينهن ۾ ڪو نه ڪو شاگرد اهاني بهاني مونکان پڇي ته سائين توهان ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان پڙهيا آهيو؟.... يا فلاڻي ڳوٺ جا آهيون؟.... يا فلاڻو صاحب توهان جو دوست آهي؟ ”جي ها“ چوڻ تي پوءِ يڪدم هنن ٻڌايو ٿي ته اهو منهنجو چاچو آهي يا مامو آهي.... يا آئون به ان ڳوٺ جو آهيان.... يا سر آئون به Petarian آهيان..... پوءِ مون سوچيو ته ’ٽيچر شاگرد‘ جو ان قسم جو تعلق ڪيڏو غلط آهي.... اڳلو محنت ڪرڻ بدران ڳوٺ، ڪاليج يا مائٽي جو واسطو ڏئي فائدي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري پر جي نٿو به ڪري ۽ هو پنهنجي مڙسي سان سٺي پوزيشن کڻي ٿو ته به ٻين شاگردن جي دل ۾ ته شڪ پيدا ڪري سگهي ٿو ته کيس سڃاڻپ جي ناتي ۾ Favour ڏنو ويو آهي.
    ان بعد جيئن ئي ڪئڊٽن جي نئين بئچ آئي ته پهرين شاگرد جي پڇڻ تي ته سر توهان به ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان پڙهيا آهيو... مون کيس دلشڪستو ڪرڻ ۽ ٻين کي صاف نياپو ڏيڻ لاءِ سڀني کي مخاطب ٿي چيو: ”مهرباني ڪري مون کي اهو ٻڌائڻ بدران ته: ”توهان ڪير آهيو“، اهڙي محنت سان پڙهو ۽ امتحان ۾ مٿاهين پوزيشن کڻي ڏيکاريو جو آئون توهان لاءِ پڇان ته ”هي شاگرد ڪهڙي ڪاليج مان انٽر ڪري آيو آهي يا ڪنهن جو مائٽ آهي؟“
    ان کان پوءِ مون کي ڪو شاگرد ڪلاس ۾ ڊسٽرب نه ڪندو هو. بهرحال هي سڀ ڪَمَ يعني سفارشون ۽ چوڻ چاڻ اسان جي ملڪ ۾ هلن ٿا نه ته ڏهه سال ملائيشيا ۾ پڙهائڻ دوران اتي ڪنهن به شاگرد پنهنجي اعليٰ ذات يا ڪنهن سان سياسي تعلق ڳنڍي Favour حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي .... ڪيترا دفعا اهو لکي چڪو آهيان ته جيئن انڊيا وارن ”نواب پائي“ ختم ڪري ڇڏي تيئن ملائيشيا وارن ملڪ کي خود مختياري ملڻ بعد سڄي ملڪ مان ”ذات سسٽم“ ختم ڪري ڇڏيو. هاڻ هر هڪ جو نالو فقط ’فلاڻو پٽ فلاڻي‘ جو تائين محدود ٿي ويو آهي.... چاهي مرد هجي يا عورت. اسان وٽ ڇوڪرين جي شاديءَ بعد سندن نالي سان گڏ مڙسن جو نالو يا ذات ڳنڍي ويندي آهي پر ملائيشيا ۾ هر عورت شاديءَ بعد به پيءُ جي نالي سان سڏجي ٿي يعني جيڪو هن جو نالو ميونسپالٽي جي رجسٽر تي ڄمڻ وقت لکيو وڃي ٿو اهو ئي نالو ۽ ان ئي Spellings سان مئٽرڪ جي سرٽيفڪيٽ تي به رهي ٿو ته مرڻ بعد سندس قبر جي ڪتبي يا ڊيٿ سرٽيفڪيٽ تي به لکيو وڃي ٿو ته ’فلاڻي بنتي فلاڻو‘. هونءَ ان سسٽم ۾ ملڪ ۽ قوم جو فائدو رهي ٿو. خبر ئي ڪانهَ ٿي پوي ته ساڳي ڪلاس ۾ سلطانن (جيڪي واري وٽي تي ملڪ جا بادشاهه ٿين ٿا) جا ڀائٽيا ڀاڻيجا ويٺا آهن يا ڀنگين ۽ شودرن جا ٻار. ڪنهن جي ڪا خبر نٿي پوي! استاد جي نظر ۾ سڀ شاگرد برابر رهن ٿا. ملائيشيا ۾ حڪومت مڪاني ماڻهن يعني ملئي مسلمانن جي آهي ۽ هو ڳوٺن ۾ رهن ٿا ان ڪري هنن لاءِ اسان سنڌين وانگر ڪوٽا سسٽم آهي يعني هر تعليمي اداري ۾ هنن جو تعداد ڪجهه وڌيڪَ رکيو وڃي ٿو پر حق جي ڳالهه ڪبي هنن ڪڏهن به پنهنجي قوم جي شاگردن کي وڌيڪَ مارڪون ڏياري پاس ڪرائڻ جي سفارش نه ڪئي.... آئون ڊپارٽمينٽ جو هيڊ هجڻ سان گڏ ممتحن (Examiner) به ٿي رهيس پر ڪڏهن به ڪنهن ملئي شاگرد جي لاءِ سفارش نه آئي. ملاڪا رياست جو وزير اعليٰ منهنجو ذاتي دوست هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن هن جي ويجھن عزيزن جا ٻار منهنجا شاگرد هوندا هئا پر هن ڪڏهن اشارتن به نه چيو ته هي منهنجو ڀائيٽيو يا ڀاڻيجو پڙهائي ۾ ڪمزور آهي ان کي ڪجهه مارڪون ڏيئي پاس ڪري ڇڏ.
    ان قسم جي ڳالهين جي ڪري ئي هن ملڪ ملائيشيا کي اهو فائدو رسيو ته هر شاگرد اهوئي سمجھي ٿو ته هن کي محنت ڪري پڙهڻو آهي ۽ ڪنهن جي به سفارش نه هلي سگهندي ساڳي وقت ملائيشيا جا تعليمي ادارا توڙي انهن جا سرپرست وزير ايتري سختي رکندا اچن جو اڄ هر ملڪ جا شاگرد ملائيشيا ۾ پڙهڻ لاءِ اچن ٿا. سٺ ۽ ستر واري ڏهاڪي ۾ ملائيشيا ۾ ڊاڪٽرن جي سخت کوٽَ هئي..... بلڪه اڄ ڏينهن تائين هو چاهين ته پنهنجي ڏڏ شاگردن کي جيڪي فيل ٿين ٿا، ڪجهه وڌيڪ مارڪون ڏياري ڊاڪٽر بنائي سگهن ٿا پر هو اهو هرگز نٿا ڪن.... هو تعليمي معيار بلند رکڻ لاءِ انهن کي فيل ڪري ڳرن پگهارن تي ڌارين کي نوڪري ڏيو ڇڏين.
    ڪراچيءَ ۾ پڙهائڻ دوران منٿلي امتحان ۾ فيل ٿيل هڪ شاگرد پنهنجي سفارش ڪرائڻ لاءِ منهنجو هڪ دوست ۽ بعد ۾ ڪنهن گاديءَ جو سجاده نشين پير وٺي آيو. منهنجي انڪار ڪرڻ تي سفارش ڪرڻ وارا ڏک ڪرڻ لڳا. مون هنن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ته توهان کي ان ڳالهه جو ڏک نٿو ٿئي ته هي سست ۽ ڪاهل شاگرد جيڪو پڙهائيءَ ۾ چٽ آهي سڀاڻي جهاز جو چيف انجنيئر يا ڪئپٽن ٿي جهاز کي ٻوڙي پنهنجي ۽ جهاز ۾ سوار ٻين جي زندگي تباهه ڪندو؟
    هتي اهو لکندو هلان ته اهڙن تعليمي ادارن ۾ اسانجا سنڌي شاگرد گهڻا فيل ٿا ٿين. ان جو وڏو سبب اهو آهي ته هو انٽر ۾ سڄو ڪتاب..... مثال طور فزڪس جو، پڙهڻ بدران ان جا چونڊ چئپٽر پڙهي انٽر ته پاس ڪري وٺن ٿا پر پوءِ مئرين انجنيئرنگ يا ٻين انجنيري يونيورسٽين ۾ هو اڳتي نٿا هلي سگهن. ڇو جو اتي جيڪي ڪجهه پڙهايو ٿو وڃي اهو انٽر کان اڳتي جو آهي. هاڻ هڪ شاگرد جيڪو انٽر ۾ پمپس، گيئرس جهڙا چئپٽر ڇڏي ايندو يعني هن کي Basic شين جي ڄاڻ نه هوندي ته ان کي ان جي advance پڙهائي ڪيئن سمجهه ۾ ايندي. اهڙين اڪيڊمين ۾ ڪو شام جو ٽيوشن به نٿو وٺي سگهي جو اتي ان ٽائيم ۾ توهان کي بوٽنگ يعني چپوئن يا سڙهن واريون ٻيڙيون هلائڻيون آهن، سئمنگ سکڻي آهي ۽ رانديون کيڏڻيون آهن .... جيڪي پڻ تعليم جو ضروري حصو آهن.
    پاڪستان جي مئرين اڪيڊمي ۾ جتي ملائيشيا، بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن جي مئرين اڪيڊمين وانگر انٽر سائنس بعد داخلا وٺندڙ اميدوارن مان هر سال فقط ٽيهه يا چاليهه کن ٽاپ جا شاگرد کنيا وڃن ٿا .... جن ۾ اڌ انجنيئرنگ برانچ ۾ رکيا وڃن ٿا جيڪي جهازن تي نوڪري ڪري ڪري ۽ بين الاقوامي قسمن جا امتحان ڏئي َآخر ۾ جهازن جا چيف انجنيئر ٿين ٿا. اهڙي طرح اڌ شاگرد ناٽيڪل برانچ ۾ رکيا وڃن ٿا جيڪي آخر ۾ اٽڪل ڇهه ست سالن بعد جهاز جا ڪئپٽن ٿين ٿا .... انٽر بعد اڪيڊمي ۾ پهچڻ تي هر مهيني يا ٻي مهيني ٿيل پڙهائي جو امتحان ورتو وڃي ٿو ۽ ڪنهن به اسٽيج تي فيل ٿيل شاگردن کي ڪڍيو وڃي ٿو. ان ڪري جو اهو شاگرد جيڪو اهي معمولي امتحان نٿو پاس ڪري سگهي اهو اڳتي جهاز هلائڻ دوران وڌيڪَ پروموشن جا بين الاقوامي امتحان ڪيئن پاس ڪري سگهندو جيڪي بيحد سخت ٿين ٿا ۽ جن ۾ جهازن کي Insurance ڪرڻ واريون ڪمپنيون به Involve ٿين ٿيون جيڪي ٺاهي ٺوڪي پڪ ڪن ٿيون ته شاگرد ذهني توڙي جسماني طرح هوشيار، ذهين ۽ قابل آهي يا نه. ڇو جو هڪ دفعو پاس ڪرڻ بعد هن کان جهاز جو حادثو ٿيڻ تي انشورنس ڪمپنيون جهاز جي مالڪ کي ڪروڙها رپين جو نقصان ڀري ڏين ٿيون. سو ههڙين نوڪرين ۾ کڻي ڪو جهاز جي مالڪ جو پٽ يا ڀائٽيو ڀاڻيجو هجي يا انشورنس ڪمپني جي چيئرمين جو ـــ قابليت ثابت ڪرڻ بنا هن کي ڪڏهن به پاس نٿو ڪيو وڃي يعني هو جهاز هلائي نٿو سگهي.
    ملائيشيا ۾ ڏهه سال کن اتي جي مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهائڻ بعد مون ڏهاڪو سال ڪراچي ۾ پڻ پڙهايو. اتي ڏسندو هوس ته جتي ڪنهن سال ڪو هڪ اڌ پنجاب يا خيبر پختونخواهه صوبي جو شاگرد فيل ٿي اڪيڊمي مان ڪڍيو ويو ٿي اتي سنڌ جي ڪاليجن مان انٽر ڪري آيل شاگردن مان هر سال هڪ يا ٻه ۽ هڪ ڀيري ته ٽي ڄڻا به ڪڍيا ويا. ڏاڍو افسوس ٿيندو هو ته هو ايڏا ڏڏ ڇو آهن جن کي مئٽرڪ يا فرسٽ ييئر ۽ انٽر جي پڙهيل فزڪس ۽ ڪيمسٽري به نٿي اچي. ٽرگنامينٽري جهڙو اهم سبجيڪٽ به سمجهه ۾ نٿو اچي ۽ انگريزيءَ ۾ ته بيحد ڪمزور آهن.... ايئن به نٿو چئي سگهجي ته سنڌي شاگرد ذهين نه آهن. ڪيترائي ڳوٺن جا شاگرد نه فقط پاڪستان جي ڪارگو جهازن تي پر ايران، ڪويت ۽ ملائيشيا جي آئل ٽئنڪرن ۽ ڪيميڪل جهازن تي.... جيڪي هلائڻ تمام خطرناڪ ڪم آهي، ڪاميابيءَ سان هلائي رهيا آهن.
    بهرحال اڪيڊمي مان پهرين ٽرم ۾ ئي ٿڏجي وڃڻ وارن کان پڇا ڳاڇا تي معلوم ٿيو ته اهي وڏن ماڻهن جا پٽ آهن جن مئٽرڪ ۽ انٽر ڪاپي ڪري يا بورڊ وارن کي ٻُڪ ناڻي جا ڏئي اي ون گريڊ (مٿاهين ڊويزن) ته حاصل ڪئي پر هاڻ هتي اڪيڊمي ۾ سفارش يا رشوت جو سلسلو نه هجڻ ڪري هو ٿاٻڙجي پيا آهن. هڪ ٻن جي والدين سان منهنجي ملاقات ٿي ۽ مون چيو مان ته: ”مونکي ڏاڍو ڏک آهي“.
    ”نه سائين مڙيئي خير آهي“، هنن يڪدم وراڻيو ٿي، ”ڇوڪري کي مهراڻ يا نواب شاهه ۾ داخلا وٺرائي ٿا ڏيون يا زمينداري/بزنيس ۾ ٿا لڳرايونس.... آخر خانداني ملڪيت کي ڪير سنڀاليندو...؟“
    ان تي مونکي کين explain ڪرڻو پيو ٿي ته مون کي توهان جي پٽ جو ڏک نه آهي پر ان غريب نينگر جو آهي جيڪو هوشيار هوندي هتي اچي نه سگهيو ۽ هن جو حق کسيو ويو.
    اڪيڊمي جو سال شروع ٿيڻ بعد جيڪي ڪئڊٽ ان ريت نڪرندا وڃن ٿا انهن جون جايون خالي ئي رهن ٿيون ۽ مونکي افسوس ٿيندو هو ته شروع کان لائق فائق اچن ها ته اهي اڳتي هلي جهازن جا ڪئپٽن يا چيف انجنيئر ٿي پنهنجو ۽ پنهنجي صوبي ۽ ملڪ جو نالو پيدا ڪن ها. پر ڪاپي ڪلچر هڻي اسان جي ملڪ خاص ڪري سنڌ صوبي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.


    اسانجا سنڌي هندو

    سنڌ يونيورسٽي طرفان ڇپيل مرزا قليچ بيگ جو ڪتاب ”ڏاڙهياري جبل جو سير“، مون ۽ منهنجي دوست ڊاڪٽر ديدار جوڻيجي، گذريل هفتي گڏ گڏ پڙهيو. 62 سالن جو ڊاڪٽر ديدار جناح اسپتال ڪراچي ۾ ٻارن جي (Neonatology/Gynea/Obst:) ڊپارٽمينٽ جو انچارج ٿي رهيو آهي. پاڻ شاعر به آهي ۽ مطالعي جو شوق به اٿس. اڪثر پڙهيل ڪتابن تي، خاص ڪري اسان ٻئي جي هڪ ئي وقت ساڳيو ڪتاب پڙهندا آهيون ته ان ۾ پڙهيل ڳالهين تي ٽيڪا ٽپڻي ضرور ڪندا آهيون.
    مٿيون ڪتاب سنڌ جي آڳاٽن سفرنامن مان هڪ آهي جنهن جو تازو ڇاپو ته 2012ع ۾ ڇپيو آهي پر ان جو پهريون ڇاپو هڪ صدي کان به گهڻو اڳ 1900ع ۾ شڪارپور مان ان وقت جي مشهور پبلشرس ”منشي پوڪرداس ٿانور داس“ وارن ڇپرايو هو. سفر جي بهتر سهولتن هوندي اڄ به هن جبل تي توڙي گورک هل جهڙن ماڳن تي، پهچڻ ڪو سولو ڪم ناهي. ان حساب سان مرزا قليچ بيگ جي شوق ۽ همٿ کي جس هجي جو هُنَ هي سفر 1885ع ۾ هڪ دفعو به نه پر ٻه ٽي دفعا ڪيو. ان وقت پاڻ شڪارپور ضلعي جي نصير آباد تعلقي جو مختيار ڪار هئو. هن جبل جون مٿانهون حصو (جِتي قليچ بيگ پهتو) سطح سمنڊ کان 6000 فوٽ مٿي آهي. ايتري اوچائي پيرين پنڌ يا خچرن تي ڪرڻ... يعني ان زماني ۾، ڪو سولو ڪم نه هو. اسان جي گهرن جون ڇتيون 12 فوٽ کن اتاهيون ٿين ٿيون. ان حساب سان سمجھو ته ڪراچيءَ ۾ سمنڊ جي ڪناري تي هڪ مٿان ٻيو گهر يا ڪمرو ٺاهجي ته جبل جي ان اتاهين حصي تي پهچڻ لاءِ هڪ ٻئي مٿان گهٽ ۾ گهٽ 500 ماڙيون ٺاهڻيون پونديون. ٻي ڳالهه ته 500 ماڙيون ڏاڪڻ ذريعي ۽ سڌو سڌو مٿي وڃڻ ته سولو ڪَمُ آهي پر جبل جي چوٽيءَ تي وڃڻ لاءِ ساڄي کاٻي، ويندي هڪ ٽڪريءَ کان ٻيءَ تائين وري اتان ٽينءَ تي وڃڻو پوي ٿو ۽ انهن ڏينهن ۾ ته ٿورو گهڻو به رستو ٺهيل نه هو.... گهڻو تَڻو پنڌُ ڪرڻو پيو ٿي. سفر جي انهن ڏاکڙن جو احوال مرزا قليچ بيگ پنهنجي هن ڪوهستاني سفرنامي ۾ لکيو آهي. هنن کي آخري منزل تائين پهچڻ ۾ ڇهه ست ڏينهن لڳي ويا ٿي. اتي ٻهراڙي جا ماڻهو رهيا ٿي جن جو گذر سفر پوک ۽ مال چارڻ تي هو. هيٺ جي زندگي ۽ موسم کان مٿي جي بلڪل مختلف هئي. ڏکين واهن ۽ واٽن ڪري نه ڪو سنڌ جو (يعني هيٺ جو) ماڻهو مٿي ويو ٿي ۽ نه جابلو ماڻهو پاڻ هيٺ لٿا ٿي. مرزا قليچ بيگ ان علائقي جو سمجھو ته حاڪم هو. هن سان گڏ ڪيترائي نوڪر چاڪر، سامان کڻڻ وارا، رڌ پچاءُ ڪرڻ وارا خذمتگار گڏ هليا ٿي..... پر ان هوندي به آئون چوندس ته کين شاباس هجي. ڇو جو اهڙن بندوبستن هجڻ جي باوجود ان زماني ۾ جڏهن نه ٽيليفون هو نه بجلي، اهڙو سفر خوف ۽ تڪليف کان خالي ٿي نٿو سگهي.
    هي سفرنامو پڙهڻ بعد ڊاڪٽر ديدار (۽ مون پاڻ به هڪ ٻئي سان) جنهن ڳالهه جو اظهار ڪيو اها هئي اتي هندو واپارين جي موجودگي جن ان زماني ۾ اهڙن هنڌن تي هَٽَ پئي هلايا. ۽ ان ڳالهه مرزا صاحب کي به حيرت ۾ وجھي ڇڏيو . لکن ٿا ته: ”تاريخ 10 جون 1885ع ڏينهن اربع.... فجر جو، ڪتا ساڻ وٺي، جيڪا حد واري ٽَڪرين جي قطار آهي، ان تي چڙهڻ لڳاسين ـــ رستي تي واڻين جا ٻه هٽ آهن. پنج ڇهه واڻيا، هٽ ڪڍيو ويٺا آهن. عجب آهي ته واڻيا ماڻهو، پنهنجي فائدي جي اميد تي، ڪٿي اچي نڪتا آهن! جيڪي پوک ڪندڙ آهن، تن کي، اهي واڻيا، پئسو پنجڙ به ڏين ۽ پوک لاءِ ٻج ڏين ۽ ڪپڙو گندي به اڌارو ڏين؛ پوءِ ڇهه مهينا، جيڪي سانوڻ جا، هتي رهندا آهن، سي گذاري، حساب ڪتاب صفا ڪري هليا وڃن. انهيءَ وچ ۾، پنهنجو واپار به پيا هلائين. هتي گيهه سهانگو آهي. هڪ رپئي ۾ ٻه سير گيهه ملي سو به وٺن، ڪڻڪ جو ٻج هڪ ڪاسو ڏين پوءِ فصل لٿي، اُن جي عيوض پنج ٽويا وٺن. تمام آسودا آهن .... چوڌاري رڳو ٽڪر ئي ٽَڪر آهن .... اولهه ڏي هيٺ گاج وهي ٿي .... “ وغيره وغيره.
    اسان وٽ اڄ ڪلهه سنڌ ۾ ”واڻيو“ لفظ derogatory انداز ۾ هندن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو پر مرزا قليچ بيگ جي ڏينهن ۾ توڙي اڄ به هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ جِتي هندو سنڌي رهن ٿا هو پنهنجي هندو دڪاندارن کي واڻيو ئي سڏين ٿا. هندو ڌرم يعني ويدن کي فالو ڪرڻ وارن لاءِ هاڻ ويجھڙائي کان ”هندو“ لفظ استعمال ٿيڻ لڳو آهي.... خاص ڪري انڊيا تي انگريزن جي راڄ دوران. نه ته ان کان اڳ ”هندو“ ڌرمي نه جاگرافيائي لفظ هو .... جيئن چين جو ماڻهو چيني سڏيو وڃي ٿو چاهي هو ٻوڌي هجي يا مسلمان، عيسائي هجي يا لادين .... يا عربستان جا ماڻهو عرب سڏجن ٿا تيئن هندستان جا رهاڪو ”هندو“ سڏيا ويا ٿي .... چاهي هنن جو واسطو ٻڌ ڌرم سان هجي يا ويدانيت سان، اسلام سان هجي يا جين ڌرم سان. سو هتي مرزا قليچ بيگ ”واڻيو“ لفظ ڪو هندن کي هيٺاهون ڪرڻ لاءِ نه استعمال ڪيو آهي.
    بهرحال سنڌي هندو واپارين جو بزنيس تي ايترو ڪنٽرول ۽ همت ۽ دليري ڏسي اسانجي دوست ڊاڪٽر ديدار جوڻيجي کي به اچرج لڳو. تڏهن ته مون جيئن ئي مرزا قليچ جي مٿيئين ڪتاب بابت پڇيومانس ته هن يڪدم مرزا قليچ جي بيان ڪيل اِن ڳالهه جي نشاندهي ڪئي.
    ”يار ڪمال آهي بزنيس خاطر هندو ڪٿان ڪٿان وڃي ٿي نڪتا.... اسان سنڌي مسلمانن ته پاڪستان ٿيڻ بعد به ڀر واري شهر ۾ وڃي پڙهڻ يا نوڪري ڪرڻ کان ڪيٻايو ٿي... ڇا توهانکي اها ڳالهه پڙهي حيرت نه ٿي؟“ هن مونکان پڇيو.
    ”مون اها ڳالهه پڙهي ٻين لاءِ ان کي هاءِ لائيٽ ضرور ڪيو پر حيرت نه ٿي.“ مون چيو.
    ”ڪمال آهي! ڇو ڀلا؟“ هن اچرج مان پڇيو.
    ”ان ڪري جو آئون پنهنجي سنڌي هندن جي واپاري قابليت، همت ۽ دليري جي ڪمن کان تڏهن ئي واقف ٿي ويس جڏهن مون جهاز تي قدم رکيو ۽ ڏورانهن بندرگاهن ۽ ٻيٽن تي وڃڻ شروع ڪيو.“
    ڪولمبو (سريلنڪا) بندرگاهه ۾، منهنجو پهرين سفر (1968ع) ۾ ئي وڃڻ ٿيو. اتي جي دڪاندارن کي سنڌي ڳالهائيندو ڏسي حيرت ٿي ته ”هي هِتي ڪڏهن آيا ۽ ڪيئن پير ڄمايائون.... اسين هالا جا ماڻهو مٽياري ۽ سڪرنڊ ۾ به نوڪري ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون.“ اڄ جو سنڌي نوجوان جيڪو هاڻ سخت مجبوري ڪري نوڪري خاطر پنجاب ۽ بلوچستان کان به وڃيو نڪري اهو شايد منهنجي مٿين ڳالهه تي يقين نه ڪري پر سٺ جي ڏهي تائين به اسان جو سنڌي مسلمان ڀر واري ڳوٺ ۾ ويو ٿي ته پاڻ کي ”پرديسي“ سڏرايو ٿي. مون کي ياد آهي ته انهن ڏينهن ۾ منڊيون ملنديون هيون جن تي لفظ ”پرديسي“ اُڪريل هوندو هو ۽ ڪيترا اهي پائي، ملول شڪل ٺاهي پاڻ کي همدردي جو مستحق سمجھندا هئا. 1960ع ۾ پيٽارو ۾ جڏهن مئٽرڪ ڪلاس ۾ هوس ته اها منڊي مون دادو پاسي جي هڪ ڪئڊٽ کي ڏٺي هئي جيڪا هو ميهڙ مان وٺي آيو هو.
    بهرحال ڪولمبو (سري لنڪا) جاگرافيائي طور تي اهڙي هنڌ تي آهي جو ڏور اوڀر جي ملڪن (چين، جپان، ڪوريا، فلپين وغيره) ڏي ويندي يا موٽندي اسان جي جهاز کي ڏينهن ٻن لاءِ ڪولمبو ۾ ترسڻو ئي پيو ٿي. ڪيترين ئي سنڌي هندو فئملين سان ڄاڻ سڃاڻ ٿي. هڪ ديوڪي نالي عورت جو احوال ان وقت جي سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان جيڪا گهـٽيءَ ۾ هڪ اتي جي مقامي سنهالي ٻار کي ٻئي ٻار کي ”سوئر“ چوڻ تي دڙڪو ڏئي سمجھائي ته گار نه ڏجي. مون چيومانس ته توهان هن پرائي ٻار کي ڇو پيون دڙڪا ڏيو .... هن جا مائٽ نه دل ۾ ڪن.
    ”دل ۾ ڪن ته ڀلي ڪن. ملڪ جي هر ٻار کي سڌريل هئڻ کپي .... ٿي سگهي ٿو سڀاڻي هو وڏو ٿي اسانجو وزير اعظم يا صدر ٿئي.“ هن وراڻيو.
    آئون اڄ ڏينهن تائين هن جي يا هن قسم جي ماڻهن جي اها سوچ appreciate ٿو ڪريان. هوءَ اسان جي ماءُ جي عمر کان به وڏي هوندي جو ان وقت آئون 24 سالن جو هوس ۽ سندس ننڍو پٽ به 28 سالن جو هو. هن جي انگريزي تمام سٺي هئي ۽ چوندي هئي ته ان کي سڌارڻ ۾ سندس ڏاڏيءَ جو هٿ هو. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو مسلمانن کان وڌيڪَ تعليم يافته هئا.... 1968ع تائين به حيدرآباد ضلعي جي وڏي شهر هالا ۾ به اڃان ڇوڪرين جو اسڪول نه کليو هو. اڄ تائين به اسانجي ڪنهن سنڌي مسلمان پير، مير، وڏيري، سردار يا وزير ڀوتار کي توفيق نٿي ٿئي جو کڻي همدرد، بقائي، سر سيد، حبيب، ضياء الدين، التمش جهڙي يونيورسٽي يا ڪو ڊينٽل يا ميڊيڪل ڪاليج کولي!
    ديوڪيءَ ٻڌايو هو ته هوءَ سنڌ ۾ (شهر جو نالو هن وقت ياد نه اٿم) ڄائي پر پوءِ ٽن چئن سالن جي ٿي ته هيڏانهن ڪولمبو ۾ اچي رهي جِتي سندس پيءُ جو ڪافي سالن کان ڪاروبار ڄميل هو. ڏٺو وڃي ته هن جي ڄم جو سال 1920ع جي آس پاس هجي ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته هن جو پيءُ ڪاروبار خاطر ان کان به اڳ .... ٿي سگهي ٿو 1910ع ڌاري پنهنجو ڳوٺ (سنڌ) ڇڏي، ان وقت جي ڪَلَ بنا ڪاٺائن ٻيڙن ۾ عربي سمنڊ جون مصيبتون سهي هتي پهتو هجي. يا خشڪي رستي گجرات، ممبئي ۽ تامل ناڊو وغيره لتاڙي پوءِ انڊيا جي آخري ڇيڙي وٽان ٻيڙين ۾ سري لنڪا پهتو هُجي.
    ڪوالالمپور جي مشهور دڪان ”گلوب سلڪ سينٽر“ جو مالڪ تانسري ڪِشو ۽ ملاڪا رياست جي شهر سُنگائي اُڊانگ جي سنڌي شاپ جو مالڪ پارواڻي منهنجا هم عمر آهن. هنن ٻڌايو ته هنن جي پيئرن 1937ع ڌاري هي دڪان کوليا..... ان کان اڳ هنن جو ڪاروبار ملائيشيا جي هڪ ٻئي شهر سيگامت ۾ هو جِتي هڪ سال مها ٻوڏ اچڻ ڪري هنن کي اهو شهر ڇڏڻو پيو. يعني هو به هندستان جي ورهاڱي کان گهڻو گهڻو اڳ 1920ع ڌاري هِتي ملائيشيا ۾ آيا. ڪوٽڙي جو هرڪشن ڀوڄواڻي جيڪو اسان کان ڏهه سال وڏو آهي ۽ سنگاپور جي امير واپارين مان هڪ آهي ان ٻڌايو ته هن جو پتا 1915ع ۾ سنگاپور ۾ آيو. هرڪشن ۽ سندس ڀائرن جو اولاد ۽ انهن جو اولاد هاڻ ته سنگاپور سول سروس ۾، ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ کاتن ۾ ۽ ٻين سرڪاري نوڪرين ۾ پڻ آهي. اڄ جيڪي ڀوڄواڻي توهان کي سنگاپور ۾ ملن ٿا اهي هن فئملي جو اولاد آهن. اهڙي طرح انڊونيشيا جا ٻيٽ جاوا، بالي، سماترا وغيره ته سنڌي هندو واپارين سان ڀريا پيا آهن. اهي انهن هنڌن تي ڪيئن پهتا جڏهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اسان جا سنڌي مسلمان تعليم لاءِ مٺي ۽ عمر ڪوٽ کان اٺن ذريعي يعني خشڪي ذريعي جھوناڳڙهه ۽ ممبئي مس مس ويهين صدي جي ٻي چوٿي کان پهچڻ شروع ٿيا.
    حيدرآباد جي ڀائيبندن تي سڀني کي ناز هو. جيئن شڪارپوري سنڌي هندو خشڪي.... يعني زميني رستي سمر قند، بخارا، ترڪستان، ايران ۽ ٻين ڏورانهن ڏيهن ڏي وڃي نڪرندا هئا تيئن حيدرآبادي وڻج واپار ۽ روزگار لاءِ سمنڊ جھاڳي سيام (ٿائلنڊ)، ملايا (اڄ وارو اولهه ملائيشيا)، سماترا، ڪمبوڊيا پهچي ويا ٿي.

    سودي خاطر سنبهي، جيڪي ويا جاوا،
    ڪري وڻج واپار، سي سگھو ٿيا ساوا،
    اَڻ ميو ڌن اتان، سو جو ڪمائين،
    پاڻ ته کائين، پر تن جا پويان پڻ کائين.

    هانگ ڪانگ جي واپاري سيتل ۽ هري ليلا جو تفصيلي احوال پنهنجي هانگ ڪانگ واري سفرنامي ”وايون وڻجارن جون“ ۾ ڏئي چڪو آهيان. هري ليلا اڄ ڪلهه دنيا جي امير ترين ماڻهن مان آهي. سندس پتا سيٺ نارو مل جو حيدرآباد ۾ جڏهن 1890ع ۾ جنم ٿيو ته هن جي وڏن جو چين ۽ هانگ ڪانگ ۾ گهڻو اڳ کان بزنيس ڄميل هو. هڪ وقت اهڙو به آيو جو ڪمپني جو ڏيوالو نڪري ويو ۽ نارومل کي خومچي ۾ شيون رکي هانگ ڪانگ جي گهٽين ۾ وڪڻڻيون پيون. ساڳي طرح اڳتي هلي جڏهن سندس پٽ هري ليلا وڏو ٿيو ته انهن ڏينهن ٻي عالمي جنگ ۾ هانگ ڪانگ تي جپانين جو قبضو ٿيڻ تي هڪ دفعو هيءَ سنڌي هندو فئملي غريب ٿي وئي ۽ هري ليلا ۽ سندس ڀائرن کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا. هي سڀ ڪجهه ان ڪري لکي رهيو آهيان ته بزنيس ۾ ڏورانهن ڏيهن ۾ رهندڙ اسانجي سنڌي هندن رڳو سٺا ڏينهن نه ڏٺا پر ڏکيا پڻ .... ۽ پوءِ ڏکين ڏينهن ۾ همت هارڻ بدران هنن وڏي دليري سان حالتن کي منهن ڏنو.
    سنڌي هندن جي دليري جو سڀ کان وڏو مثال منهنجي نظرن مان ان وقت گذريو جڏهن اسانجو جهاز سامونڊي طوفانن مان جان بچائي ڪيپ وردي ٻيٽ جي بندرگاهه ۾ اچي لنگر ڪيرايو. ڪيپ وردي ٻيٽ اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ آهي جنهن جي چوڌاري سوين ميلن تائين ڪا ڌرتي ناهي ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ جو هي حصو خراب سمنڊ ۽ طوفاني موسمن کان مشهور آهي. هي ٻيٽ پورچوگال جي قبضي ۾ آهي جيئن ڪنهن زماني ۾ هندستان جو حصو ”گوا“ پورچوگال حڪومت هيٺ هو. سمنڊ جي اتاهين ڇولين اڳيان اسانجو لوهه جو 30 هزار ٽن وزني ماڊرن جهازن ڇوڏي مثل لڏي رهيو هو. جيسين اسان هن ٻيٽ کي ڳولي بندرگاهه ۾ اندر اچي پناهه وٺون اسان جبرالٽر کان وٺي لڳاتار ٻه ڏينهن سي سڪنيس ڪري الٽيون ڪندا رهياسين. بهرحال هن ٻيٽ تي پهچڻ تي هرڪو اهوئي سوچي ٿو ههڙي ڏکئي هنڌ تي ڪهڙا ماڻهو رهن ٿا! جهاز کي فيول جي ۽ ڪجهه مرمت جي ضرورت هئي. انهن ڳالهين جو بندوبست ڪري پوءِ شهر جي چڪر تي نڪتاسين. پهرين دڪان تي ئي دڪاندار سيٺ کي پنهنجي مئنيجرسان سنڌي ۾ ڳالهائيندو ٻڌي حيرت ٿي. ويتر ان حيرت ۾ اضافو ان وقت ٿيو جڏهن هن ٻڌايو ته هو هِتي ئي ڄائو ۽ سندس پيءُ بارسلونا (اسپين) ۾ ڄائو هو. هن دڪاندار ٻڌايو ته سندس ڏاڏو 1905ع ۾ سنڌ ڇڏي لسبن (پورچوگال) آيو هو ۽ پوءِ بارسلونا (اسپين) ۾ بزنيس سيٽ اپ ڪيو ۽ پوءِ اتان سگهو ئي هن ٻيٽ تي اچي دڪان کوليو.
    هاڻ جي سوچجي ته ان زماني ۾ ڪي اهڙا مضبوط جهاز به نه هئا جن ۾ هنن سنڌ ڇڏي.... يعني ڪراچيءَ جو بندرگاهه ڇڏڻ بعد عربي سمنڊ، هندي سمنڊ ۽ ميڊيٽرينين سمنڊ لتاڙي ائٽلانٽڪ سمنڊ جي هن ڏورانهين ٻيٽ ”ڪيپ وردي“ تي پهتا.... ڪي ته سڄو ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي ڪئريبين سمنڊ جي برمودا ٻيٽ تائين به پهچي ويا! ان ڪري ته مونکي کل ايندي آهي جڏهن اسان وٽ سنڌي مسلمان هندن لاءِ چوندا آهن ته هو ڊڄڻا آهن! ڇا ڊڄڻا ماڻهو خوفناڪ سمنڊ لتاڙي موت ۽ زندگي جو مقابلو ڪري ڪيپ وردي يا برمودا جهڙن ڏورانهن ٻيٽن تائين پهچندا آهن؟!


    اسانجا ذهين شاگرد

    سنڌ يونيورسٽي ۾ منهنجي ليڪچر بعد جن شاگردن مونکان سوال پڇيا، مونکي حيرت ٿي ته انهن ۾ ڪيترا ڀيل ۽ مينگھواڙ ذاتين جا به هئا .... هو بيحد سٺي انگريزي ۾ وڏي اعتماد سان ڳالهائي رهيا هئا.
    ليڪچر بعد سنڌ يونيورسٽي جي گيسٽ هائوس ۾ لنچ دوران منهنجي ڀرسان ويٺل هڪ شاگرد نمائندي ۽ مشهور اديب شاعر عباس ڪوريجو کي چيم ته توهان وٽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شيڊول ڪاسٽ جا به شاگرد آهن. مون اهو چوڻ وقت شايد حيرت جو به اظهار ڪيو.
    ”سر! انهن قومن جا ماڻهو جن کي اسانجا ڪيترا مسلمان ۽ هندو هيٺاهيون ذاتيون ٿا سمجھن، انهن ۾ تعليم عام ٿيندي وڃي. مختلف ڪاليجن ۽ اسان وٽ يونيورسٽي ۾ ڪيترائي مينگھواڙ، باگڙي، ڀيل، ڪولهي ..... ويندي اوڏ به گرئجوئيشن ڪري رهيا آهن .....“ عباس هڪ ئي ساهيءَ ۾ ٻڌايو.
    دل ۾ مون سوچيو ته خبر ناهي آئون اها ڳالهه ڇو ڪري ويٺس. مونکان وڌيڪَ ڀلا ٻيو ڪنهن کي خبر آهي ته انهن ذاتين جا نوجوان ڪيڏو تعليم يافته ٿيندا وڃن. هڪ دفعو مون وري ائين ئي سوال ڪيو:
    ”ڀلا ڪو اوڏ، ڀيل يا مينگھواڙ Ph.D تائين به پهتو آهي؟“
    ”سر اها خبر ناهي. پر مونسان گڏ ڪيترائي M.A ته ڪري رهيا آهن.“ عباس ٻڌايو ۽ دل ۾ مون سوچيو ته ڪنهن ڏينهن آرام سان فون تي هن کي ٻڌائيندس ته منهنجي ويجهڙائيءَ ۾ هڪ اهڙي مينگھواڙ شاگرد سان مُلاقات ٿي آهي جيڪو Ph.D ته آهي پر هاڻ هو ملائيشيا جي آڳاٽي ۽ سڀ کان گهڻي عزت آبرو واري ”ملايا يونيورسٽي“ مان پوسٽ ڊاڪٽوريٽ ڪري رهيو آهي.
    ”ڀلا عباس! انهن ذاتين مان ڪا ڇوڪري به گرئجوئيشن ڪري رهي آهي؟“
    ”آئون نٿو سمجھان. ٿي سگهي ٿو ڪا ڇوڪري به هُجي. منهنجي M.A واري ڪلاس ۾ ته ڪا ڪانهي.“ هن ٻڌايو۽ مون کيس کلندي چيو: ”خبر اٿئي توهان ته اڄ جي ڳالهه ٿا ڪريو پر توهانکي حيرت ٿيندي ته آئون اڄ کان ڏهه ٻارنهن سالَ اڳ هڪ اوڏڻ ۽ هڪ مينگھواڙ ڇوڪريءَ کي جرمنيءَ مان Ph.D ڪندو ڏسي چڪو آهيان. ۽ هاڻ ته انهن ذاتين جون خبر ناهي ڪيتريون ڇوڪريون اعليٰ تعليم حاصل ڪري چڪيون هونديون.“
    سنڌ يونيورسٽي ۾ هي ليڪچر ڏيڻَ کان مهينو ڏيڍ اڳ آئون ملائيشيا جي شهرَ ڪوالالمپور ۾ هوس جِتي هڪ ڏينهن منهنجو هِتي جي پُراڻي ۽ اهم يونيورسٽيءَ ۾ وڃڻ ٿيو جنهن يونيورسٽيءَ مان مهاتير محمد، انور ابراهيم، موسيٰ حطام (اڳوڻو ڊپٽي وزير اعظم) ۽ عبدالله احمد بداوي (اڳوڻي وزير اعظم) جهڙن اهم ماڻهن تعليم حاصل ڪئي آهي. اڄ به اهي شاگرد خوش نصيب سمجھيا وڃن ٿا جن کي يونيورسٽي ملايا ۾ داخلا ملي ٿي. اسان جي ملڪ جا به ڪيترائي شاگرد Ph.D ڪري رهيا آهن جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
    اسرا يونيورسٽي جو ليڪچرار ڪامران خواجه جيڪو ڪمپيوٽر سائنس ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪري رهيو آهي. ملير جو رهاڪو ممتاز خاصخيلي انهن ڏينهن ۾ Ph.D ڪري چڪو هو ۽ هاڻ ڪوئيٽا ۾ پروفيسر آهي. عمر ڪوٽ جو اسلم ڀنڀرو، محمد عمير، جاويد لغاري ۽ حيدر آباد جو هڪ مغل (هن وقت نالو ياد نه اٿم) مختلف سبجيڪٽن ۾ Ph.D ڪري رهيا آهن .... ويندي سنڌ جون ڪيتريون ئي ڇوڪريون هن يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ تعليم پرائي رهيون هيون جيئن ته راحيلا شاهه نالي فزڪس ۾ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ليڪچرار فضا قريشي بزنيس ائڊمنسٽريشن ۾ هئي. مزي جي ڳالهه اها ته اهي سڀ هتان يا ٻين ملڪن مان ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪري هاڻ ڊاڪٽوريٽ يعني Ph.D ڪري رهيا آهن. پر هن يونيورسٽي ۾ هڪ اهڙو به شاگرد هو جيڪو Ph.D هو ۽ اڃان وڌيڪ پوسـٽ ڊاڪٽوريـٽ ڪري رهيو آهي. هو وزٽنگ ريسرچ فيلو جي حيثيت سان اُتي آهي .... ۽ اهو شاگرد سنڌ جي ڪنهن پير مير، وڏيري يا وزير سياستدان جو پٽ نه آهي پر ٽنڊو جان محمد جي هڪ ڏهاڙي تي پورهيو ڪندڙ ”سيروجي“ نالي غريب مينگهواڙ جو پٽ رامچند آهي. رامچند 6 اپريل 1977ع تي ٽنڊو جان محمد ۾ ڄائو جِتان هن مئٽرڪ ۽ انٽر ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي مان سال 2000ع ۾ فزڪس ۾ M.Sc ڪئي. هن ان ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪئي. ان بعد سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سال 2008ع تائين گورنمينٽ ڪاليج مٺي ۾ ليڪچرار ٿي رهيو. هن ٻڌايو ته انهن ڏينهن ۾ هن کي Ph.D ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي آف مساچُوسيٽ (University of Massachusetts) وارن اسڪالر جي آڇ ڪئي. هو آمريڪا جي سفارتخاني ۾ انٽرويو ڏئي ويزا وٺڻ لاءِ جنهن ڏينهن اسلام آباد پهتو ته ان ڏينهن اتي جي مئرٽ هوٽل ۾ ڌماڪو ٿيو ۽ في الحال ڪجهه ڏينهن لاءِ سڀ سفارت خانا بند ٿي ويا ۽ سندس اسڪالر ۽ ويزا رولڙي ۾ اچي وئي. ان بعد هن کي انگلنڊ طرفان هڪ اسڪالر جي آڇ ٿي. ”جنهن جي انٽرويو ۽ ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ مونکي جيڪا تاريخ لکي وئي اها هڪ ڏينهن جي گئپ تي هئي. سو ظاهر آهي ٽنڊو جان محمد کان اسلام آباد ان ئي ڏينهن ڪيئن ٿو پهچي سگهان!“ ڊاڪٽر رامچند مينگھواڙ ٻڌايو.
    ”پوءِ ڀلا Ph.D ڪٿان ڪيانوَ؟“ مون پڇيو.
    ”ان لاءِ بعد ۾ مونکي چين طرفان اسڪالر ملي وئي“، ڊاڪٽر رام چند ٻڌايو، ”تان جي بيجنگ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي مان 2012ع ۾ Ph.D ڪري فارغ ٿيس.“
    رام چند پهريون پاڪستاني آهي جنهن “Condensed Matter Physics” ۾ Ph.D ڪئي آهي. هن سائنس جو واسطو ٿري ڊي (3D Animation) ۽ وڊيو گيمس سان آهي ۽ اڄ ڪلهه ان فيلڊ ۾ ڏاڍي ضرورت آهي. آمريڪا، جرمني، چين ويندي انڊيا ۾ ته ڪيترائي اهڙا Ph.D آهن جن هن سبجيڪٽ ۾ تعليم حاصل ڪئي آهي پر اسان وٽ ڊاڪٽر رامچند مينگھواڙ پهريون آهي. سندس ان اهم سبجيڪٽ ڪري کيس ملائيشيا وارن نه فقط پاڻ وٽ وڌيڪَ پڙهڻ لاءِ اسڪالر ڏني آهي پر کيس اسسٽنٽ پروفيسر به ڪري رکيو آهي.
    دراصل اڄ ڪلهه نوڪري حاصل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي. جيڪڏهن ڪو سمجھي ٿو ته هو جهڙي تهڙي گريڊ ۾ MBBS يا B.E ڪري نوڪري حاصل ڪري سگهندو ته اهو هن جو خواب ئي سمجھو. اهي ڏينهن هليا ويا جڏهن گرئجوئيٽ کي رزلٽ نڪرڻ سان نوڪري ملندي هئي. هينئر ڪيترا ڊاڪٽر ۽ انجنيئر يعني فقط MBBS ۽ B.E وارا سالن کان بيروزگار ويٺا آهن. ڪيترا ته ڳوٺن ۾ پرائمري اسڪول جا ٽيچر يا ڪلارڪ ٿيو پيا هلن. ڪو اهـڙو وقت هو .... جڏهن مون 1954ع ۾ هالا جي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي هئي ته ان وقت مئٽرڪ پاس ڪندڙ کي ان ئي اسڪول ۾ پڙهائڻ لاءِ منٿون ڪيون وينديون هيون. انهن ڏينهن ۾ جيڪو شاگرد مئٽرڪ بعد فرسٽ ييئر پري انجنيئرنگ يا پري ميڊيڪل ۾ داخلا وٺندو هو ته ان جا مائٽ چوندا هئا ته ڇوڪرو انجنيري پيو پڙهي. يا ڊاڪٽري پيو پڙهي. هو صحيح چوندا هئا جو اهو شاگرد انٽر بعد انجنيئرنگ يا ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا وٺندو هو ۽ ڏڏ کان ڏڏ شاگرد به چئن سالن ۾ نه ته پنجن يا ڇهن سالن ۾ گرئجوئيٽ ٿي واپڊا، ايريگيشن يا ڪنهن ٻئي کاتي ۾ يا سرڪاري اسپتال ۾ نوڪري حاصل ڪري وٺندو هو پر هاڻ سڄي دنيا ۾ مختلف حالتون آهن.
    پينانگ ۾ هڪ ملئي دوست وٽ رهڻ ٿيو. هن جي پٽ STPM (اسان واري انٽر برابر) ڪري هاڻ انجنيئرنگ ڪاليج ۾ داخلا ورتي هئي. مون نينگر کي ڀاڪر پائي چيو ته:
    ? So you want to be an Engineer
    ڇوڪر کلندي چيو: ”انڪل اڃان ته منزل ڏور آهي. پهرين ته B.E ٿئي ۽ پوءِ M.E .... ان بعد دعا ڪريو ته انجنيئرنگ جي ڪنهن اهڙي فيلڊ ۾ Ph.D ڪريان جنهن جي Demand هجي ۽ مونکي بهتر نوڪري ملي سگهي.“
    منهنجي خيالَ ۾ هن جي اها سوچ صحيح هئي. اسان وٽ به ڪيترا ان دورانديشي کان ڪم وٺن ٿا. ملائيشيا، جپان يا يورپ پاسي جيڪي پاڪستاني شاگرد سٺين نوڪرين ۾ نظر ايندا آهن انهن ۾ ڪيترائي سنڌ جي ننڍڙن ڳوٺن جا هوندا آهن. ڇوڪريون پڻ هونديون آهن. هنن سڀني جي ڪاميابي جو راز اهو هوندو آهي ته هنن ڪنهن اهڙي ڏکئي سبجيڪٽ ۾ Ph.D ڪئي آهي جنهن جي اڄ جي دؤر ۾ ضرورت آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڊاڪٽر رامچند مينگھواڙ کي به نه فقط ملائيشيا وارا پر ساڳئي وقت جپان ۽ جرمني وارا به نوڪري ڏيڻ جي آفر ڪري رهيا آهن.
    ٻاهرن ملڪن ۾ ڪيترائي سنڌ جا اوڏ پڻ وڏين نوڪرين تي نظر اچن ٿا. نيوزيلئنـڊ جي مرچنٽ نيوي ۾ ڪنڊياري جو اوڏ ڪئپٽن امرچند بيحد مشهور آهي. تازو دادو پاسي جي هڪ ڳوٺ راڌڻ جي سريش ڪمار اوڏ نيوزيلئنڊ مان بزنيس جي ڪنهن اهم سبجيڪٽ ۾ Ph.D ڪئي آهي. ڪنڊرياري ۽ نواب شاهه پاسي جا ته ڪيترائي اوڏ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ وڏين نوڪرين ۾ آهن. مون سان گڏ رامچند اوڏ ۽ نولراءِ اوڏ ڪئڊٽ ڪاليج ۾پڙهندا هئا. ٻنهي NED مان انجنيئرنگ ڪئي ان بعد نول CSS جو امتحان ڏئي انڪم ٽئڪس کاتي ۾ ڪمشنر ٿيو ۽ رامچند Ph.D ڪري آمريڪا جي ڪولوراڊو يونيورسٽي ۾ پروفيسر ٿي رهيو. سندس پُٽَ هوائي جهازن جا پائلٽ آهن. رتو ديرو جي مهر چند اوڏ جون ٻه ڌيئون سئيڊن ۾ ۽ هڪ ڊئنمارڪ ۾ آهي جن مان هڪ Ph.D ڪري رهي آهي ۽ ٻه نوڪريون ٿيون ڪن. هي ڪجهه سال اڳ ڪراچيءَ ۾ هيون ته منهنجي جپان کان آيل ڏهٽن کي سائنس ۽ انگلش ۾ ٽيوشن پڙهائينديون هيون. ڇا ته هوشيار هيون. لڳو ٿي ته هنن ايمانداري ۽ محنت سان پڙهائي ڪري هر امتحان پاس ڪيو آهي. ايمانداريءَ سان ٽيوشن پڙهائڻ ڪري هر مائٽ هنن کي منٿون ڪندو هو.
    اهڙي طرح پنهنجي انڊيا واري سفرنامي ۾ ڪنڊياري جي پروفيسر بسنت اوڏ جي انجنيئر پٽ لاءِ لکيو اٿم ته اڄ کان 12 سال اڳ هو جڏهن ڪنهن جاب لاءِ انٽرويو ڏيڻ ويو ته انٽرويو وٺندڙ فائننس ڊائريڪٽر (جيڪو منهنجو سڃاڻو هو) کيس اهو چئي هن جو انٽرويو وٺڻ کان انڪار ڪيو ته هو ”مهراڻ يونيورسٽي“ جو گرئجوئيٽ آهي.
    ”توهان سرـ! منهنجو فقط انٽرويو وٺو. نوڪري ڀلي نه ڏيو.“ نينگر چيو.
    صاحب کي دل ۾ اچي ويو ۽ انٽرويو ورتائين ته ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ يڪدم نوڪري جي آڇ ڪيائينس. جنهن ايمانداري ۽ وقت جي پابندي سان هي نوڪري ڪندو رهيو ان مان سڀ آفيس وارا خوش هئا. سال کن کانپوءِ کيس سعودي عرب کان وڏي نوڪري جي آفر آئي ته هن ڪراچي واري نوڪري تان استعيفا ڏني. آفيس وارن سندس سٺي ڪم ڪري هن کي ڏاڍيون منٿون ڪيون. ايتريقدر جو ڊائريڪٽر صاحب مون وٽ هلي آيو ته ڪمپني وارا هن جو پگهار ٻيڻو ڪرڻ لاءِ به تيار آهن. بهرحال ڇوڪرو ته پنهنجي سٺي مستقبل خاطر سعودي عرب هليو ويو ۽ هينئر اڃان به بهتر Post تي آسٽريليا ۾ آهي پر مون دل ۾ سوچيو ته اهو ئي ڊائريڪٽر جنهن هن جو انٽرويو به نٿي ورتو سو هن کي پاڻ وٽ رکڻ لاءِ کيس ۽ اسان سڃاڻن کي منٿون ڪري رهيو آهي. ان جو سبب فقط محنت ۽ ايمانداري سان تعليم حاصل ڪرڻ ۽ پابندي ۽ سچائي سان ڊيوٽي ڏيڻ آهي. ولايت توڙي پنهنجي ملڪ ۾ اڄ انهن غريب اوڏن، ڀيلن، مينگھواڙن جي ٻارن جي زندگي ٿو ڏسان ته هنن جي اسان جي امير پيرن، وڏيرن، سردارن ۽ ڀوتارن جي ٻارن کان تمام بهتر، آسودي، مطمئن ۽ سڪون ڀري آهي. هنن ننڍپڻ ۾ سو محنت ڪئي هاڻ هو نه رڳو پاڻ خوشحال آهن پر پنهنجن ٻارن جي به صحيح طرح رهنمائي ڪري رهيا آهن.
    سال 2007ع وارو زمانو ٿو ياد اچي جڏهن اوڀر يورپ جي آسٽريا ملڪ جي گادي واري شهر ويئانا Vienna ۾ ”ڳوٺ مير جي لانڍي“ جو گورڌن داس نالي هڪ مينگھواڙ شاگرد رهيو ٿي، هو سنڌ يونيورسٽي مان ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي ۾ M.Sc ڪري ويانا پهتو هو جِتي هن 2006ع کان 2010ع تائين رهي Ph.D ڪئي سندس ڊاڪٽوريٽ جو سبجيڪٽ هو ”وائرليس ڪميونيڪيشن“. پاڻ اڄ ڪلهه ٻڌو اٿم ته ٽنڊو ڄام ائگريڪلچر يونيورسٽي ۾ ڊائريڪٽر انفارميشن ٽيڪنالاجي سينٽر (ITC) آهي. بهرحال اڄ ڪلهه ته ڪيترائي اهڙين ذاتين جا نه فقط شاگرد پر شاگردياڻيون ملن ٿيون جيڪي مختلف اهم سبجيڪٽن ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪري رهيون آهن. يا Ph.D بعد نوڪري ڪري رهيون آهن. ظاهر آهي ته هنن سنڌ يونيورسٽي ۾ B.Sc ۽ M.Sc ڪرڻ دوران پڪ Extraordinary پوزيشن کنئي هوندي تڏهن ته هنن کي ولايت مان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالر ملي هوندي نه ته هنن غريبن جي ڇا مجال يا ڇا اثر رسوخ. ان کان علاوه هي شاگرد ايڏا ته ذهين ۽ محنتي آهن جو ڳولي ڳولي ڏکي ۽ اهم سبجيڪٽ ۾ Ph.D ڪن ٿا. ان ڪري تعليم پوري ٿيڻ تي هنن کي مختلف ملڪن مان نوڪري لاءِ آڇون اچيو وڃن. مينگھواڙ، اوڏ ۽ ڀيل ڇوڪرا ته ڇا پر مونکي حيرت ٿيندي آهي ته انهن ذاتين جون ڇوڪريون به چونڊي چونڊي ڏکيو سبجيڪٽ کڻڻ ٿيون ۽ پوءِ ڏينهن رات پڙهائي ۾ مشغول رهن ٿيون.
    هِتي ان قسم جي ڇوڪرين مان هڪ شبنم مينگھواڙ جو ذڪر ڪندس جيڪا مٺي ۾ ڄائي. مئٽرڪ حيدرآباد جي زيل پاڪ اسڪول مان ۽ انٽر زبيده گرلس ڪاليج مان ڪيائين. ننڍي هوندي کان هوءَ هوشيار ۽ محنتياڻي هئي. ايتريقدر جو ٽنڊو ڄام ائگريڪلچر يونيورسٽي مان B.Sc. Hons ۾ هن ٻي پوزيشن حاصل ڪئي ۽ کيس چانديءَ جو ميڊل مليو. ايم ايس سي Soil Science ۾ ڪيائين ۽ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن آئي. 2007ع کان 2011ع تائين جرمني جي شهر Stuttgart ۾ رهي جِتي هن اتي جي هڪ آڳاٽي يونيورسٽي University of Hohenheim مان پي ايڇ ڊي ڪئي. سندس Ph.D ۾ به ساڳيو سبجيڪٽ Soil Science هو. جرمنيءَ جي هيءَ يونيورسٽي 1818 ۾ ٺهي يعني هيءَ يونيورسٽي ٻه سؤ سال کن پراڻي آهي. اميد ته هن يونيورسٽي بابت تفصيل لاڙڪاڻي جو پروفيسر مختيار سمون ضرور لکندو. هن يونيورسٽي جو هڪ ٻيو اهم گرئجوئيٽ عبدالغفار لڪن وال هن وقت ياد اچي رهيو آهي. افغاني سياستدان عبدالغفار جيڪو 1980ع واري افغان حڪومت ۾ وزير به ٿي رهيو اهو پڻ شبنم وانگر هڪ ڳوٺ جو رهاڪو هو جنهن ڪابل مان ائگريڪلچر سائنس ۾ M.Sc ڪرڻ بعد هن يونيورسٽي مان ڊاڪٽوريٽ ڪئي هئي.
    هي مضمون لکڻ مهل مون شبنم کان حال احوال وٺڻ ٿي چاهيو. سندس پتا گڻيش ٻالاڻي جنهن پنهنجي آتم ڪهاڻي ”منهنجي ڪهاڻي ـــ ڪجهه نئين ڪجهه پراڻي“ پڻ لکي آهي ۽ 120 کن صفحن جو ڪتاب حيدرآباد جي ڪويتا پبليڪيشن وارن ڇپيو آهي، اسانجي دوست وليرام ولڀ جو به واقفڪار آهي. مون وليرام کان فون نمبر وٺي گڻيش سان ڳالهايو ته هن مونکي ٻڌايو ته سندس ٻي ڌيءَ نمرتا ڪماري به جرمني ويل آهي. مون کانئس شبنم جو نمبر وٺڻ بدران نمرتا جو وٺي ساڻس جرمني ڳالهايو. هن ٻڌايو ته هوءَ ان يونيورسٽي ۾ نه آهي جِتي سندس وڏي ڀيڻ شبنم هوندي هئي پر هوءَ جرمنيءَ جي هڪ ٻي مشهور ۽ جرمني جي ٽاپ جي يونيورسٽي University of Tubingen ۾ آهي. هيءَ يونيورسٽي مشهور هجڻ کان علاوه بيحد پراڻي به آهي جيڪا 1477ع ۾ ٺهي .... يعني ساڍا پنج سئو سال پراڻي آهي ۽ هن يونيورسٽي بابت اهو به لکندو هلان ته هيءَ يونيورسٽي عام يونيورسٽين وانگر ڪئمپس جي شڪل ۾ ناهي پر سندس مختلف ڊپارٽمينٽ ۽ شاخون سڄي Tubingen شهر ۾ پکڙيل آهن ۽ توهان کي شهر جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ شاگرد نظر ايندو بقول نمرتا جي جرمنيءَ جي هن شهر جو هر ٽيون ماڻهو يونيورسٽيءَ جو شاگرد آهي. نمرتا ٻڌايو ته هوءَ اَٺن ڀاءُ ڀيڻن ۾ ڇهون نمبر آهي ۽ سڀني ۾ هوشيار مڃي وڃي ٿي. پاڻ سنڌ يونيورسٽي مان مائڪرو بايولاجي سبجيڪٽ ۾ M.Sc ڪيائين.
    ”اسان جي ڏينهن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هي ڊپارٽمينٽ نئون کليو هو جنهن جي پهرين بئچ ۾ آئون پڻ هيس.“ نمرتا فون تي جرمني کان ٻڌايو، ”ان وقت اسين ڪل 25 اسٽوڊنٽس هئاسين. ڪجهه ڇوڪريون به هيون جن مان بشرا پاٽولي ۽ عاتف پاٽولي سٺين نوڪرين ۾ آهن.“
    نمرتا پاڻ M.Sc بعد سنڌ يونيورسٽي ۾ ئي نوڪري ڪئي جتان هاڻ هوءَ جرمني ۾ “Microbiological Genetics” ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪرڻ پهتي آهي. سندس شادي ميرپور خاص جي هڪ وڪيل موهن سان ٿي. کين ٻه پٽ آهن. آخر ۾ پڙهندڙن جي معلومات لاـءِ لکندو هلان ته نمرتا مينگھواڙ خوش نصيب عورت آهي جيڪا جرمني جي هن تاريخي ۽ تمام مشهور يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪري رهي آهي جنهن يونيورسٽي جي گرئجوئيٽن سڀ کان گهڻا نوبل پرائيز حاصل ڪيا آهن. جِتي اسانجي سڄي ملڪ جي فقط هڪ ڄڻي ڊاڪٽر عبدالسلام کي فزڪس ۾ نوبل پرائيز مليو اتي هن University of Tubingen جي ٻن گرئجوئيٽن کي فزڪس ۾، پنجن کي ڪيمسٽري ۾ ۽ ٽن کي فزيالاجي (ميڊيسن) ۾ نوبل پرائيز ملي چڪو آهي. ان ۾ ڪو بعيد ناهي ته ڪنهن ڏينهن ٻڌڻ ۾ اچي ته نمرتا جهڙي مينگھواڙ، ڊاڪٽر مونيڪا جهڙي اوڏ يا ڪنهن ٻي ڀيل يا ڪولهي ڇوڪريءَ يا ڇوڪري کي نوبل پرائيز ملي رهيو آهي. آخر ته ڏات ناهي ذات تي. اسان قاديانين لاءِ گهـٽ وڌ لفظ چئون ٿا پر پهريون نوبل پرائيز حاصل ڪري جنهن شخص عبدالسلام پاڪستان جو مان وڌايو اهو ته قادياني هو. يا بنگالين لاءِ اسان وٽ حقارت ڪئي وڃي ٿي پر ننڍي کنڊ ۾ جنهن شخص سڀ کان پهريون نوبل پرائيز حاصل ڪيو اهو رابندر ناٿ ٺاڪور (ٽئگور) بنگالي ئي ته هو!.


    هندو ڌرم ۽ ميگھواڙن جون ڳالهيون

    جيستائين جهاز تي رهيس يعني سامونڊي نوڪري وارو عرصو تاريخ يا دين ڌرم بابت منهنجو مطالعو نه برابر هو. ملائيشيا ۾ جيئن ئي ڪناري جي نوڪري اختيار ڪيم ته انهن ڳالهين ڏي دلچسپي پيدا ٿي.
    ملائيشيا ۾ چيني ٻڌن، عيسائين ۽ انڊيا جي هندو ڌرم وارن سان واسطو پيو. ڪٿي به هندو ڌرم بابت ڪا ڳالهه لکيم ٿي ته سنگاپور ۾ رهندڙ مهاراج نهالچند شرما سان صلاح مشورو ڪيم ٿي يا لکيل ڳالهه جي کانئس درستي ڪرايم ٿي. جن ڏينهن ۾ منهنجو ملائيشيا ۾ رهڻ ٿيو انهن ئي ڏينهن ۾ سنگاپور جي هندو سنڌين پنهنجي مندر لاءِ روز مرهه جي رسم رواجن جي پورائي لاءِ اسلام ڪوٽ سنڌ مان مهاراج نهالچند کي گهرايو هو.
    دراصل ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ اسانجي ننڍي کنڊ جا جيڪي ماڻهو رهن ٿا .... بلڪه شروع ۾ رهيا ٿي اهي واپاري هئا يا مزور. هنن پنهنجين مسجدن، مندرن ۽ ٽڪاڻڻ لاءِ هندستان ۽ پاڪستان مان ئي مولوي، پنڊت، ٻاوا گهرايا ٿي. هاڻ هن نئين صدي جي شروعات کان ڏسان پيو ته مسجدن جا امام يا گرجا گهرن، مندرن، ٽڪاڻن جا پادري، پنڊت ۽ ٻاوا مڪاني آهن نه ته پينانگ، ڪوالالمپور توڙي سنگاپور .... ۽ ويندي هانگ ڪانگ ۽ جپان جي مسجدن جا امام ننڍي کنڊ مان بنگالي، پٺاڻ يا پنجابي گهرايا ويا ٿي.
    1960 ۽ 1970ع واري ڏهي ۾ ته اهي خطبو به اڙدو ۾ پڙهندا هئا .... ويندي بنگالي امام به. جنهن بابت آئون ملائيشيا جي شروعاتي سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان. بهرحال سنگاپور ۾ رهندڙ اسلام ڪوٽ جو هن هندو مهاراج نهالچند شرما اسان جو هم عمر ۽ هم خيال هو. دوستي ۾ پڻ سٺو هو. آئون سنگاپور ويندو هوس يا هو ملائيشيا ايندو هو ته اسانجي ملاقات ضرور ٿيندي هئي. وڏو قابل ۽ ڄاڻو ماڻهو هو. سنسڪرت ۽ ڌرمي ڪِتابن جي تمام گهڻي ڄاڻ هيس. سندس والد مهاراج پرڌان مل لاءِ به ٿرپارڪر جا ماڻهو ٻڌائين ٿا ته علم جي کاڻ هجڻ سان گڏ جوتشي به هو. مهاراج برهمڻ قوم مان هو. مون جڏهن ملائيشيا ڇڏي ته نهالچند به سنگاپور کي ڇڏي آمريڪا هليو ويو جِتي هن جي ننڍي عمر ۾ وفات ٿي.
    مهاراج نهالچند بعد منهنجي واقفيت من موهن گياڻي سان ٿي. هي همراهه به اسلام ڪوٽ جو هو. هن ڪراچيءَ ۾ ڪنهن ڪارخاني ۾ اڪائونٽ آفيسر جو ڪم ڪيو ٿي. ان بعد هن ڪافي عرصو عوامي آواز اخبار ۾ نوڪري ڪئي. هو پڻ ننڍي عمر ۾ اوچتو گذاري ويو. من موهن به وڏو قابل ماڻهو هو سندس ٿر بابت ڪيترائي مضمون عوامي آواز ۽ ٻين اخبارن ۾ ڇپيا. آئون جتي به هوندو هوس ته فون ڪري کانئس هندو ڌرم بابت پڇندو هوس ته انڊيا جي سفرنامي ۾ هي ڳالهيون لکي رهيو آهيان ڪنهن کي اعتراض يا ڪنهن هندوءَ جي دل آزاري ته نه ٿيندي. سنگاپور جي مهاراج نهالچند وانگر من موهن گياڻي به وڏي ڄاڻ وارو هو. سندس والد نانڪرام لاءِ چون ٿا ته هو گيتا جو تمام گهڻو ڄاڻو هو.
    من موهن گياڻي جي وفات بعد آئون ڪيترن ئي هندن کان فون تي سوال پڇندو رهيس پر جيڪو ماڻهو اڄ تائين انهن جا جلد جواب ڏئي ٿو يا جنهن کي سمجھائڻ جو آرٽ آهي اهو 81 ورهيه ڄمار جو اسلام ڪوٽ جو وشنداس پٻاڻي آهي. هي (وشنداس) ۽ عوامي آواز اخبار وارو موهن گياڻي ٻئي ٿرپارڪر جا لُهاڻا آهن جيڪي هندن جي اوتار شري رامچندر جي پٽ ”لَوَ“ جو اولاد سڏبا آهن جن جو واسطو سورج ونسي گهراڻي (خاندان) مان هو جنهن پنجاب ۽ سنڌ جي ڪافي حصي تي حڪومت ڪئي ۽ سندس نالي جو لڳل پٿر اڄ به لاهور جي قلعي ۾ موجود آهي.
    لُهاڻا جنگجو قوم هئي ۽ اهي تلوار هلائڻ ۾ ماهر هوندا هئا. ٽالپرن جي دور ۾ به ديوان آڌومل مشهور شمشيرزن هو. جڏهن کان لُهاڻن هٿيار ڦٽا ڪري واپار شروع ڪيو تڏهن کان هو ”وئش“ سڏجڻ لڳا آهن. لهاڻن نه فقط واپار ۾ ترقي ڪري سڄي دنيا ۾ نالو ڪڍيو آهي پر سنڌ ۾ سمن، سومرن، ٽالپرن ۽ انگريزن جي حڪومت ۾ پڻ وڏا عهدا ماڻيا.
    عيسوي ڏهين صدي ۾ نصرپور شهر ۾ رتن چند لهاڻي کي ٻالڪ ڄائو جيڪو وڏي هوندي اڏيرو لال، امر لال ۽ جھولي لال جي نالي سان مشهور ٿيو هندو هن کي اوَتار ڪري مڃين ٿا. سک ڌرم جو پايو وجھندڙ گرو نانڪ جو جنم به هڪ لهاڻي جي گهر ۾ ٿيو جنهن اڳتي هلي سک ڌرم جو بنياد رکيو.
    اڄ ڪلهه لُهاڻا قوم تعليم جي سلسلي ۾ به گهڻي ترقي ڪئي آهي. ڪيترائي مرد ۽ عورتون ڊاڪٽري، انجنيئرنگ ۽ ٻيون وڏيون وڏيون ڊگريون حاصل ڪري دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن يا نوڪري ڪري رهيا آهن.
    وشنداس مونکان 10 سال وڏو آهي هو سن 1934ع ۾ ڄائو. مئٽرڪ مٺيءَ مان ڪيائين، B.A مسلم ڪاليج مان. ايم. اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ۽ LL.B جناح لا ڪاليج مان. پاڻ ڪامريڊ روچي رام وانگر مشهور وڪيل آهي ۽ کيس هن وانگر ادب سان پڻ لڳاءُ آهي. سندس هن وقت چار ڪِتاب ڇپجي چُڪا آهن.
     اسلام ڪوٽ جي تاريخ
     ٿر پارڪر جا سياستدان
     ٿر پارڪر جا لوهاڻا، ۽
     ٿرپارڪر جا ڪولهي.
    وشنداس جو پتا سيٺ نهالچند ٿرپارڪر جي هڪ اهم شخصيت ٿي گذريو آهي. هو 25 سالن لاءِ اسلام ڪوٽ جي يونين ڪائونسل ۽ ٽائون ڪميٽي جو ناليوارو چيئرمئن ٿي رهيو ۽ هن اسلام ڪوٽ شهر کي ترقي ڏياري جديد بڻايو.
    هو ڇا چوندا آهن ته ”دس ورلڊ از ويري سمال“ (هيءَ دنيا بيحد ننڍڙي آهي) جو هتي اهو مثال ڏيندس ته منهنجي جڏهن وشنداس سان پهريون دفعو ملاقات ٿي ۽ هن ٻڌايو ته هو مٺيءَ مان پڙهيو آهي ته مون کيس ٻڌايو ته: ”اسان ڇهه ست سالن جا هئاسين ته اسان مٺيءَ جو لفظ ٻُڌو جو انهن ڏينهن ۾ منهنجو والد گل محمد شيخ مٺي ۾ مختيارڪار هو.“
    اهو ٻڌي وشنداس کي حيرت ٿي ۽ هن ٻڌايو ته هن کي اهي ڏينهن بلڪل ياد آهن. انهن ڏينهن ۾ هو 16 سالن جو هو ۽ هن جي منهنجي والد سان اڪثر ملاقات ٿيندي هئي جو منهنجو والد هن جي پيءُ سيٺ نهالچند جو سٺو دوست هو.
    وشنداس مونکي مٺي جي پروفيسر شيام داس جو ڪِتاب ”منهنجي ڪهاڻي منهنجي زباني“ موڪليو جنهن جي صفحي 44 تي منهنجي والد بابت هن جا سٺا ويچار لکڻ لاءِ ٿورائتو آهيان. هو لکي ٿو ته: ”سال 1951ع، جولاءِ جو مهينو هو. آئون ننگر پارڪر مان چارج ڇڏي مٺي آيس ۽ مٺيءَ ۾ مسٽر گل محمد شيخ مختيارڪار ٿي آيل هو تنهن وٽ هن جو شرشتيدار ٿي ڪم ڪرڻ لڳس. شيخ صاحب پاڻ هوشيار، ايماندار ۽ اصول پرست آفيسر هو ۽ مونکي گهڻو ڀائيندو هو.....“
    محترم پروفيسر شيام داس جوشي صاحب مٺي جي معزز پشڪرڻ برهمڻ جي گهر ۾ 1930ع ۾ ڄائو. خانداني روايتن موجب هو پهريون پاٺشالا ۾ هندي ۽ سنسڪرت پڙهيو پوءِ سنڌي پرائمري اسڪول ۾ داخلا ورتي. تنهن بعد مٺيءَ جي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو جِتان مئٽرڪ پاس ڪري ڪجهه سال سنڌ گورنمينٽ جي روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪئي. هن B.A پاس ڪرڻ کانپوءِ سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان ”زرعي معاش“ (Agriculture Economics) سبجيڪٽ ۾ ايم اي پاس ڪئي ۽ ان ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر مقرر ٿيو ۽ پوءِ مختلف ڪاليجن ۾ پرنسپال ٿي رٽائرڊ ٿيو.
    اسلام ڪوٽ جي وڪيل وشنداس پٻاڻي جي ڪِتابن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته هن جا چار ڪِتاب ڇپجي چڪا آهن. سندس پنجون ڪِتاب ”ٿرپارڪر جا ميگھواڙ“ پڻ جلد شايع ٿيڻ وارو آهي. جنهن جو ٽائيپ ٿيل مواد مون ويجھڙائي ۾ پڙهيو آهي. ٿرپارڪر ۾ رهندڙ ميگھواڙن بابت لکي ٿو ته اهي سنڌ جا اصلوڪا ۽ قديمي رهاڪو آهن جن جي مادري ٻولي ڍاٽڪي آهي جيڪا ٿرپارڪر ۾ رهندڙ مسلمانن ۽ خاص طور راجپوتن جي پڻ ساڳي آهي. انهن ميگھواڙن جون ڪيتريون نکون، راجپوتن واريون ساڳيون آهن، جيئن ته راٺوڙ، چوهاڻ، ڀٽي، سولنڪي ۽ پرمار وغيره.
    جڏهن سوڍا راجپوت نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ ٿر ۾ اچي آباد ٿيا تڏهن سوڍن جي هر هڪ ڳوٺ ۾ ميگھواڙن جا ٻه چار گهر ضرور هئا. هن وقت اهي ٿرپارڪر ضلعي جي چئني تعلقن ۾ ۽ علاوه سڄي سنڌ ۾ پکڙيل آهن. ميگھواڙ قوم فقط سنڌ صوبي تائين محدود نه آهي پر اهي مارواڙ (راجستان) ۽ ڪڇ صوبي ۾ به قديمي وقت کان آباد آهن. ڪڇ جي علائقي ۾ جيڪي ميگھواڙ رهن ٿا اهي ”مهيـشوري“ طور سڃاتا وڃن ٿا. جيئن ته آڳاٽي وقت ۾ ميگھواڙ مئل جانورن جو چمڙو لاهي، رنڱي انهيءَ مان چمڙي جو سامان ٺاهيندا هئا، تنهنڪري اوچ ذات جا هندو هنن سان نفرت ڪرڻ لڳا.
    سنڌي جي مشهور ڪتاب ”تاريخ ريگستان“ ۾ آهي ته ميگھواڙ ۽ ٻين اڇوتن کي ڪن ڪن ڳوٺن ۾ شاديءَ وقت دهل وڄائڻ، مڪٽ (موڙ) ٻڌڻ، گھوڙي تي چڙهي تورڻ تي اچڻ، ڄڃ لاءِ اٺن ۾ گھنگھرو ٻڌڻ، اٺن تي جھُل (ڪپڙي جي) وجھڻ وغيره جي منع هئي. ڪن ڪن هنڌن تي اڇوتن کي ريشمي يا ڪو ٻيو اوچو ڪپڙو پائڻ به نه ڏيندا هئا. اوچ ذات سڏائيندڙ هندو، اڇوتن کي هٿ لائڻ به پاپ سمجھندا هئا. گڏجڻ وقت ڪنهن به اڇوت سان هٿ نه ملائيندا هئا. اڇوتن کي کٽ تي ويهڻ نه ڏيندا هئا. کين مندرن ۾ اچڻ کان به منع هئي. اتفاق سان ڪنهن اڇوت جو هٿ يا ڪپڙي جو پلاند لڳي وڃڻ تي گهر وڃي سنان ڪندا هئا يا پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻندا هئا. ان قسم جو احوال ڊاڪٽر ڀيم راءِ امبيڊڪر به پنهنجي سوانح حيات ۾ ڪيو آهي ته ڪيئن هن کي ٻين شاگردن کان الڳ رکيو ويندو هو ۽ هنن کي ماسترن طرفان نه ڪو ڌيان ملندو هو نه ڪا مدد. هن کي ڪلاس روم ۾ اندر وهڻ جي به اجازت نه هوندي هئي. ايتريقدر جو هن کي اڃ لڳندي هئي ته ڪو مٿانهين ذات جو هندو گلاس مان پاڻي نائيندو هو ڇو جو هن کي نه گلاس کي هٿ لائڻ جي اجازت هئي ۽ نه پاڻيءَ کي.
    ڀيم راءِ امبيدڪر وڌيڪ لکي ٿو ته ڪاليج جي ڏينهن ۾ هن کي پٽيوالو (Peon) پاڻي پياريندو هو. جنهن ڏينهن پٽيوالو غير حاضر هوندو هو ته امبيدڪر کي اڃ ۾ ئي رهڻو پوندو هو جنهن حالت لاءِ هن لکيو آهي ته: “No Peon, No Water” امبيدڪر کي ٻين ٻارن وانگر ڪاٺ جي بينچ تي وهڻ بدران پٽ تي ڳوڻ وڇائي وهڻو پيو ٿي .... جيڪا ڳوڻ موڪل مهل هن کي پاڻ سان گهر کڻي وڃڻي پئي ٿي.
    هونءَ ننڍي کنڊ جي اڇوتن ۾ ڊاڪٽر ڀيم راءِ امبيدڪر (جيڪو بابا صاحب به سڏيو ويو ٿي) جو مثال بيحد حيرت انگيز آهي. هو ڪيئن ههڙي نفرت انگيز ماحول ۾ تعليم حاصل ڪري انڊيا جو اعليٰ قانوندان، ماهر معاشيات (economist)، سياستدان ۽ سماجي ورڪر ٿيو ۽ اڇوتن (دالتن) لاءِ نفرت خلاف پاڻ پتوڙيو. پاڻ انڊيا جو پهريون وزير قانون پڻ هو.
    ڀيم راء امبيدڪر 1891ع ۾ ”رام جي“ نالي اڇوت جي گهر ۾ ڄائو. پاڻ سندس چوڏهون ٻار هو. سندس والدين جو واسطو امباويد ڳوٺ سان هو جيڪو مهاراشترا رياست جي رتناگري ضلعي ۾ آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته ڀيم راءِ جي امبيدڪر ذات سندس ڳوٺ امباويد جي نالي تان آهي. مهاراشٽرا رياست جي مرهٺي ڳالهائڻ وارن ۾ اهو رواج عام آهي ته هنن مان ڪيترا پنهنجي ذات ڳوٺ جي نالي سان رکن ٿا. جنهن ۾ هو پنهنجي ڳوٺ جي نالي ۾ آخر ۾ ”ڪر“ لڳائين ٿا. جيئن لتا منگيشڪر جي پيءُ جو ڳوٺ منگيش هو ته هو پاڻ کي منگيشڪر سڏائڻ لڳي. اهڙي طرح ٽنڊلڪر، گواسڪر، ڪاشيڪر، ڪرليڪر ۽ ٻيون مرهٺي ڳالهائڻ وارن جون ذاتيون آهن جيڪي سندن شهرن تان آهن جيئن اسان وٽ سيف ٻنوي، راز يا وفا ناٿن شاهي، انور ڏنگڙائي، سوز هالائي، محمد عثمان ڏيپلائي.
    انهيءَ دور ۾ آسپاس جي ميونسپالٽي جي اسڪولن ۾ اڇوتن لاءِ داخلا ممنوع هئي ۽ جڏهن ”ڀيم جي“ جي پيءُ ”رام جي“ ڏٺو ته سندس ٻارن کي هتي اسڪولن ۾ داخلا نٿي ملي ته هو پنهنجي سڄي ڪٽنب سان لڏي ممبئي آيو جِتي هن کي فوجي ڇانوڻيءَ ۾ اسٽور ڪيپر جي ملازمت ملي. ڀيم راءِ سال 1900ع ۾ هاءِ اسڪول ۾ پهرين درجي ۾ داخلا ورتي. انهن ڏينهن ۾ مئٽرڪ جو امتحان تمام ڏکيو سمجھيو ويو ٿي. ڀيم راءِ، اڇوتن ۾ انهي خطي ۾ امتحان ڏيندڙ پهريون شاگرد هو. هن 1913ع ۾ بي اي جو امتحان پاس ڪرڻ بعد بڙودا جي مهاراجا کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا وڃڻ جي درخواست ڏني جيڪا هن منطور ڪئي ۽ بڙودا جي نائب وزير تعليم ڀيم راءِ کان ان جي بدلي ڏهه سال بڙودا رياست ۾ نوڪري ڪرڻ جو وعدو ورتو. هتي اهو به لکندو هلان ته بڙودا پاسي جا راجا مهاراجا پاڻ به تعليم يافته هئا ۽ هنن چاهيو ٿي ته عوام به تعليم حاصل ڪري. هنن ايتريقدر جو پنهنجا محل به ڏئي ڇڏيا ته انهن ۾ ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ٺاهيون وڃن. هنن نه فقط ڀيم راءِ کي پر ٻين به ڪيترن شاگردن کي ملڪ اندر يا ولايت ۾ پڙهڻ لاءِ خرچ ڏنا ٿي. اهو ئي سبب آهي جو ننڍي کنڊ مان سڀ کان گهڻا گجرات رياست جا ماڻهو انگلنڊ ۽ آمريڪا ۾ نظر اچن ٿا. هتي اها ڳالهه به ڌيان ۾ اچي ٿي ته جيتوڻيڪ گجرات رياست ۽ اسان وارو سنڌ صوبو ائين ڳنڍيا پيا آهن جيئن سکر روهڙي. پر تعليم جي معاملي ۾ ڏسو ته اڄ به اسان وٽ ورلي ڪنهن پير، مير سردار يا نواب کي ڪو تعليمي ادار ٺاهڻ جو خيال آيو هجي. اسان جي ڳوٺ هالا جي پيرن جي ان معاملي ۾ ڪافي contribution آهي ۽ اسان جي ڳوٺ جو هاءِ اسڪول جيڪو اڄ جي گادي نشين مخدوم امين فهيم جي ڏاڏي جي ڀاءُ مخدوم غلام حيدر ٺهرايو بيحد آڳاٽو قرار ڏنو وڃي ٿو ته به 1944ع ۾ٺهيو. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته گجرات (احمد آباد، بڙودا،.گوڌران) جا تعيلمي ادارا ڪيڏا آڳاٽا ۽ بلند معيار جا آهن. ۽ اسان وٽ ورلي ڪو اهڙو پير، مير، وزير ،نواب، مخير هجي جنهن پنهنجي ڳوٺ جي شاگردن کي ميڊيڪل يا انجنيئرنگ ڪاليج ۾ داخلا جو به خرچ ڏنو هجي. پر هوڏانهن بڙودا پاسي جا راجا ۽ نواب ڏسو ته اڇوتن کي به تعليم خاطر ولايت موڪليندا رهيا.
    امبيدڪر، نيويارڪ جي ڪولمبيا يونيورسٽي مان ايم اي ۽ بعد ۾ ايڪانامڪس ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ معاهدي مطابق بڙودا جي مهاراجا ڀيم راءِ امبيدڪر کي پنهنجو فوجي سيڪريٽري ڪري رکيو. پاڻ پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ لکي ٿو ته: ”منهنجي هيڏي وڏي ۽ اهم پوسٽ جي باوجود منهنجا زيردست ڪلارڪ، اردلي ۽ منشي وغيره مونکي اڇوت سمجھي آفيس جا فائيل مونکي هٿ ۾ ڏيڻ بدران پري کان اڇلائي ويندا هئا....“ هو لکي ٿو ته آفيس ۾ هن کي پاڻي به پيئڻ لاءِ نه ملندو هو. اهڙيون ذلتون سهندي به هو نوڪري ڪندو رهيو. نهايت مايوس ٿيندي هو دُکي دل سان سال 1917 ۾ واپس ممبئي آيو، جِتي ترت ئي کيس سڊنهم ڪاليج ۾ پروفيسر جي نوڪري ملي.
    شروع شروع ۾ شاگرد ڊاڪٽر امبيدڪر کي اڇوت سمجھي سندس ليڪچر ڌيان سان نه ٻڌندا هئا ۽ تمام گھٽ شاگردن جي حاضري هوندي هئي. پر آهستي آهستي شاگردن جو تعداد وڌندو ويو ۽ سندس ليڪچر به دلچسپي سان ٻڌڻ لڳا. ايتريقدر جو ٻين ڪاليجن جا شاگرد به سندس شهرت کان متاثر ٿيا.
    ڊاڪٽر امبيدڪر سال 1920ع ۾ لنڊن روانو ٿيو جِتي هن ايم ايس سي ۽ ڊي ايس سي جون ڊگريون پڻ حاصل ڪرڻ کان علاوه بئريسٽر جي ڊگري به ورتي ۽ روزگار خاطر پنهنجي ملڪ ۾ اچي وڪالت جو ڌنڌو شروع ڪيو. سال 1927ع ۾ ڊاڪٽر امبيدڪر، ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ هن سان گڏ ميگھواڙ برادري جو ڊاڪٽر سولنڪي به اڇوتن جي نمائنده حيثيت سان ميمبر مقرر ڪيو ويو.
    ڊاڪٽر امبيدڪر جا لکيل ٻه ڪتاب بيحد مشهور آهن: هڪ Annihilation of Caste جنهن ۾ هن هندن جي ڪٽر ڌرمي ليڊرن کي، خاص ڪري ذات سسٽم تي تنقيد ڪئي آهي ۽ ٻيو “Who were the Shudras” آهي جنهن ۾ هن اهو سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اسان جي معاشري ۾ اڇوتن جو وجود ڪيئن پيدا ٿيو.
    وشنداس پنهنجي ڪتاب ”ٿرپارڪر جا ميگھواڙ“ ۾ لکي ٿو ته جيتوڻيڪ هاڻي تعليم ۽ زماني جي تبديلي سبب اهي ڳالهيون ڪافي قدر گهٽجي ويون آهن پر عملي طور صفا ختم نه ٿيون آهن. ڪئين هزار سال اڳ وچ ايشيا مان آريا هندستان ۾ آيا ۽ سڄي ملڪ تي قبضو ڪري ويا. هُو پنهنجيون رسمون ۽ خيال هِتي جي رهاڪن مٿان مڙهيندا ويا ۽ پنهنجي فائدي واسطي هِتي جي ماڻهن کي استعمال ڪندا رهيا. کين ڪم ورهائي ڏنائون ۽ صفائي ڪندڙن، چمڙي جو ڪم ڪندڙن ۽ ٻين اهڙي قسم جي ڪم ڪندڙن کي گهٽ درجي جا ليکڻ لڳا ۽ ماڻهن کي اهو ئي ٻڌايو ويو ته هو جو اڇوت آهن، اهو سندن اڳين جنمن جو ڦل آهي. ڪي اڇوت انهي ذلت ۽ بي عزتي جي زندگي کان بچڻ لاءِ مسلمان يا عيسائي ٿيا. مگر اڄڪلهه ڪافي اڇوتن تعليم حاصل ڪري پاڻ ۾ سڌارو آندو آهي ۽ عزت وارو مقام حاصل ڪيو آهي.
    ملڪ جي ورهاڱي بعد ڪافي ميگھواڙ تعليم حاصل ڪري اسڪولن ۾ ماستر مقرر ٿيا. اوچ ذات جي هندو شاگردن جا مائٽ به پنهنجي اولاد جي پڙهائي جي مسئلن جي سلسلي ۾ ميگھواڙ ماسترن وٽ ايندا رهيا، انهي سان ڪافي حد تائين اڇوتپڻو گهٽجي ويو. اڄڪلهه ميگھواڙ قوم تعليم جي سلسلي ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي ۽ انهن ۾ ڪيترائي ڊاڪٽر، انجنيئر، پرائمري، سيڪنڊري اسڪولن ۾ ٽيچر، ڪاليجن ۾ ليڪچرر ۽ يونيورسٽين ۾ پروفيسر آهن. انهي کان علاوه انڪم ٽئڪس ۽ ٻين ڪيترن ئي ڊپارٽمينٽن ۾ به وڏن عهدن تي اعليٰ آفيسر آهن.
    جِتي ميگھواڙن تعليم ۾ ترقي ڪري اعليٰ مقام حاصل ڪيو آهي، اتي سياست ۾ پڻ پوئتي نه ويا آهن. ٿر جا سياستدان انجنيئر گيانچند ۽ ڀيرو مل ٻالاڻي سنڌ اسيمبلي جا ميمبر (ايم پي اي) ٿي رهيا. ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ اقليت هندو ۽ Reserve سيٽ تي چار پنج ڀيرا MNA چونڊيو ويو ۽ ڪجهه وقت لاءِ سينيٽر به رهيو.
    ميگھواڙن بابت وشنداس وڪيل اهو به ٻڌايو ته ٿرپارڪر پاسي جا ميگھواڙ گهڻو ڪري ”پير پٿوري“ جا پوڄاري آهن. مٺي، اسلام ڪوٽ، ڏيپلي ۽ ڇاڇري جي شهرن کانسواءِ ٻهراڙيءَ جي ڪافي ڳوٺن ۾ پير پٿوري جا آستان آهن ۽ ميگھواڙ قوم کيس پنهنجو ”مرشد“ مڃي ٿي. هر مهيني جي چنڊ جي نماشام جو سندس آستان تي جوهار ڪندا آهن ۽ رات جو ڀڄن ڀاوَ ۽ ستسنگ چالو رهندو آهي.
    ميگھواڙ ڪافي تعداد ۾ پير پٿوري جي ٻنهي ميلن تي هر سال بَڊي ۽ چيٽي چنڊ تي ٻارن ٻچن سان زيارت تي ويندا آهن، جيڪي ٻئي ميلا عمر ڪوٽ ضلعي جي پٿوري ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان سندس ”ماڙي“ واري آستان تي لڳندا آهن.
    ميگهواڙ قوم جا گهڻا ماڻهو ماتا ڪالي ديوي جا به پوڄاري آهن ۽ ديوي ماتا جا اهڙا ٿان (آستان) ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ آهن، جِتي اڪثر ڪري ڀوپا ڌونڻندا آهن ۽ ماڻهو انڌي وشواس سان انهن کان پنهنجيون ڪامنائون (پُٽ، مال ملڪيت ۽ ٻيون) پوريون ڪرڻ لاءِ وينتيون ڪندا آهن ۽ اهي ڀوپا کين انهن ڪامنائن جي پورو ٿيڻ يا نه ٿيڻ بابت ٻڌائيندا آهن.
    مهاتما گانڌيءَ لکيو آهي ته هندو ڌرم مختلف ذاتين ۽ قومن جي ماڻهن سان گڏ کائڻ جي ڪا به منع نه ڪئي آهي ۽ اها غلط ڳالهه هندو کي ڪمزور بڻائي رهي آهي. مهاتما گانڌي، اڇوتن کي ”هريجن“ (هري معنيٰ ”پرماتما“ ۽ جن معنيٰ ”ماڻهو“) ڪري سمجهيو ۽ سابرمتي آشرم ۾ هڪ اڇوت خاندان کي رهايو. آشرم جي عورتن، اڇوت مائين سان گڏ بورچي خاني ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائون ته رنڌڻي ۾ اڇوت عورت جي ڪري تيار ڪيل سارو کاڌو پليد ٿي ويو. ڪستوريا ٻائي جا پنهنجي مڙس (گانڌي) جي عادتن تي هريل هئي سا به اهو کاڌو کائڻ لاءِ تيار نه هئي، تڏهين گانڌي چيو ته ”چڱو اڇوت جو هٿ لڳل کاڌو کائڻ گناهه آهي ته مان انهيءَ لاءِ ذميوار آهيان، مان پتي جي حيثيت ۾ توکي چوان ٿو ته تون اهو کاڌو کاءُ ۽ پتيءَ جو حڪم مڃڻ استري جو ڌرمي فرض آهي.“ اها ڳالهه ڪستوريا ٻائي کي سمجهه ۾ آئي ۽ هن کاڌو کائڻ شروع ڪيو. جيتوڻيڪ عام ماڻهو گانڌيءَ کي ته پوڄيندا هئا، پر اڇوتن کي ڌڪاريندا ۽ نفرت ڪندا هئا. اوچ هندن جي انهي ذهنيت کي ڏسي گانڌيءَ کي سخت صدمو رسيو ۽ هن اڇوتن لاءِ نفرت ۽ انهن تي مڙهيل پابنديون ختم ڪرڻ ۽ سندن جائز حق ڏيارڻ لاءِ ”مرڻ ورت“ (مرڻ تائين بک هڙتال) جو فيصلو ڪيو. سندس مرڻ ورت ڪافي اثر ڪيو. هندو جماعتن ذات پات جو فرق ختم ڪرڻ جا ٺهراءَ پاس ڪري اخبارن ڏانهن موڪليا ته ”ڪنهن کي فقط پيدائش جي لحاظ کان اڇوت نه سمجھيو ويندو.“ وڏا وڏا برهمڻ ۽ پوڄاري جن جا هزارين چيلا هئا، تن به ٺاهه جي بيان تي صحيحون ڪيون. اهو ڏسي مهاتما گانڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ انهيءَ بعد هن پنهنجو ”مرڻ ورت“ ختم ڪيو. هن تاريخي ورت ڪري اڇوتن جي حالت ۾ ڪجهه بهتري آئي ۽ لکين انسانن جون غلامي واريون زنجيرون في الحال ٽُٽي ويون.


    ڪجهه ننگر پارڪر جي ڪولهين بابت

    گذريل مهيني آئون ڪجهه باگڙي، ڀيل، مينگھواڙ، ڪولهي ۽ اوڏ فئملين سان ملڻ لاءِ انهن جي جھوپڙن ۾ ويس. ساڻن گڏ فوٽو ڪڍرائڻ واري ڳالهه منهنجي فوٽوگرافر کي نه پئي وڻي ته آئون انهن جي وچ ۾ بيهي يا انهن سان گڏ کٽ تي ويهي فوٽو ڪڍرائي رهيو آهيان. هڪ ڳوٺ جي وڏيري ته اهي فوٽو ڏسي مونکان حيرت مان پڇيو: ”سائين! هنن جي ويجھو وهڻ سان توهان کي گِهن..... يعني دل ڪچي نه ٿي؟“
    آئون ملائيشيا ۾ 45 سالن کان ايندو ويندو رهيو آهيان جن مان ڏهه سال ته لڳاتار اتي جي ٻهراڙيءَ ۾ رهيو آهيان. اتي به هن قسم جون انڊيا کان آيل هيٺاهيون ذاتيون رهن ٿيون پر اتي ته انهن سڀني کي اتي جا باقي ماڻهو جن جو درجو اسان جي شاهن سيدن برابر سمجھيو وڃي ٿو، پاڻ جهـڙو سمجھن ٿا. انهن سان گڏ اٿن وهن ۽ کائين پيئن ٿا. پوءِ اسان وٽ اسان جا مسلمان انهن کان نفرت ڇو ٿا ڪن يا انهن کي گهٽ ڇو ٿا سمجھن؟ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته انهن هيٺين ذاتين جي ماڻهن سان اسانجي مسلمانن کان وڌيڪَ اوچي ذات جا هندو نفرت ڪن ٿا. صدين کان ڪولهي، ڀيل، ميگھواڙ جهڙين ذاتين کي هندو اوچ ذاتين طرفان اڇوت يعني جنهن کي نه ڇهجي، ليکيو وڃي ٿو. اسلام ڪوٽ جو جھونو وڪيل وشنداس نهالچند پٻاڻي ٻڌائي ٿو ته ان بابت هندو ڌرم جي ڪنهن به ڌرمي پستڪ ۾ لکيل ناهي. ٻين جي شيوا ڪرڻ شودرن جا ڪرم آهن. شودر جي معنيٰ اڇوت هرگز نه آهي. جڏهن ڪو جانور اڇوت نه آهي ته پوءِ انسان، جيڪو اشرف المخلوقات يا سڀني ساهوارن ۾ اُتم آهي اهو اڇوت ڪيئن ٿيو؟
    برهمڻ، کتري، وئش ۽ شودر ڪم ڪندڙن جا ورڻ، درجا يا ڪلاس آهن. جيڪو جهڙي ڪلاس جو ڪم ڪري ٿو اُهو انهي ورڻ، درجي يا ڪلاس جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ڄمڻ سان نه ڪو برهمڻ آهي، نه کتري، نه وئش ۽ نه وري ڪو سودر آهي. شريمد ڀڳود گيتا مطابق برهمڻ جو پٽ ڄمڻ سان برهمڻ ڪونهي: جيڪڏهن هو پيءُ وانگر ڌرمي شاستر پاڙهڻ يا وديا سيکارڻ جو ڪم ڪري ٿو ته برهمڻ آهي پر جيڪڏهن پاڙهڻ بدران واپار ڪري ٿو ته هو ”وئش“ يعني واپاري آهي. لهاڻا جيڪي سروج ونسي گهراڻي جي شري رامچندر جي پٽ لَو جا اولاد کتري هئا اهي جڏهن ڳئون پالڻ، پوک ۽ واپار ڪرڻ لڳا ته وئش سڏجڻ ۾ آيا. شودر هڪ ڪلاس جو نالو آهي جنهن جي غلط معنيٰ ٻڌائي هنن کي اڇوت بڻايو ويو آهي ۽ کانئن نفرت ڪئي وڃي ٿي، سا ڳالهه انسانيت ۽ ڌرم جي خلاف آهي. بقول وشنداس نهالچند جي اهي غلط خيال صدين کان مفاد پرست برهمڻن ۽ ٻين اوچ ذات جي ماڻهن پنهنجي فائدي خاطر اٻوجهه ماڻهن جي مغز ۾ ويهاري ڇڏيا آهن:
    هونءَ ڏٺو وڃي ته انڊيا جي ڀيٽ ۾ اسانوٽ يعني اسان جي ملڪ ۾ مسلمانن توڙي هندن جي سوچ ۾ هاڻي ڪافي تبديلي ۽ سڌارو اچي رهيو آهي. ويندي مٿي بيان ڪيل وڪيل صاحب وشنداس نهالچند جيڪو اوچي ذات جو هندو آهي هنن مظلوم قومن (ڀيل، ميگھواڙ، ڪولهي، باگڙي وغيره) سان دلي همدردي رکي ٿو ۽ هن هنن جي درد جا داستان پنهنجي مختلف ڪِتابن ۾ عوام اڳيان پيش ڪيا آهن. انهن سان گڏ گهڻي ڀاڱي اسان جي مسلمانن کي به هنن سان نفرت ناهي ۽ نه وري ڪا بُڇان محسوس ڪن ٿا. هو هنن سان گڏ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ گڏ ويهي تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ گڏ گڏ نوڪريون ڪن ٿا. مونکي حيرت ٿي جڏهن مون باگڙي، ڀيلن، ميگھواڙن سان گڏ ڪڍرايل تصويرون فيس بڪ تي ڏنيون ته ڪيترن ئي پڙهندڙن ۽ مٿانهين ذات جي هندن ۽ مسلمانن نفرت جو اظهار ڪرڻ بدران پازيٽو ڪمينٽس لکيا ۽ منهنجو انهن قومن جي ماڻهن سان گڏ هجڻ تي هنن خوشيءَ جو اظهار ڪيو. انهن comments ۾ ڪا هڪ به نيگيٽو راءِ انهن قومن خلاف نه هئي. ايتريقدر جو اسان وٽ ڪيترا مسلمان پنهنجن ٻارن جا نالا انهن ڪولهي ۽ ڀيلن تان به رکن ٿا جن هن ڌرتيءَ سان وفاداري ڪئي ۽ هن ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن جي بقا لاءِ پنهنجن جان به ڏئي ڇڏي پوءِ اهو ئي هيمون ڪالاڻي هندو هجي يا روپلو نالي ڪولهي هجي. اسان جي اديب دوست ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي سابق سيڪريٽري تاج جويو جي پٽ جو نالو پڻ روپلو آهي ... ”روپلو جويو“. تاج جويو کان پڇيم ته هن روپلو نالي جي چونڊ ڇو ڪئي؟ هن وراڻيو ته ان ڪري جو روپلو ڪولهي جو ڪردار منهنجي نظرن ۾ اسان جي ڪيترن سيدن، پيرن ۽ هندن جي برهمڻن، پنڊتن ۽ ٻاون کان وڌيڪَ بهتر ۽ ڌرتيءَ لاءِ وفادار رهيو آهي.
    ”پوءِ ڀلا ان نالي تي ته ڪيترن ئي اعتراض ڪيو هوندو.“ مون تاج جويو کان پڇيو.
    ”ٻين ته نه پر اسڪول ۾ داخلا وقت ڪجهه ماسترن اعتراض ڪيو. انهن کي مون چيو ته بابا هو منهنجو پٽ آهي. منهنجي مرضي ڪهڙو به نالو رکان. نالو ڪو هندو يا مسلمان نه ٿيندو آهي. ائين ته بادل، گل، لڌو، اقبال هندن ۽ عيسائين جا نالا آهن ته مسلمانن جا به.“
    روپلي ڪولهيءَ ننگر پارڪر کان 15 ڪلوميٽر اتر اوڀر طرف ڳوٺ ڪونڀاريءَ ۾ 1818ع ڌاري جنم ورتو. سندس پيءُ جو نالو شامتو ۽ ماءُ جو نالو ڪيسر ٻائي هو. انگريزن سنڌ تي قبضي ڪرڻ بعد ٿر ۽ پارڪر سميت سنڌ جي مختلف علائقن کي انتظامي حوالي سان حيدرآباد سان ملائي ڇڏيو پر پارڪر جي سوڍن ۽ ڪولهين انگريزي راڄ کي نه قبوليو. انگريزن کين آڻ مڃرائڻ ۽ مٿن انتظامي حڪم نافذ ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي. روپلي ننگر پارڪر جي راڻي ڪرنجي سان شامل ٿي انگريزن خلاف بهادري سان وڙهيو ۽ گرفتاري بعد انيڪ لالچن ۽ سختين باوجود کين راڻي ڪرنجي جو ڏس پتو نه ڏنو، جيتوڻيڪ ٻين سختين کانسواءِ سندس هٿن جي ترين تي تيل رکي ڪپهه جون وٽيون ٺاهي ڏيا ٻاريا ويا پر هن وفادار ڪولهيءَ انگريزن کي پنهنجي راڻي متعلق ڪجهه به نه ٻڌايو. انهي دور ۾ جڏهن اسان جي وڏن وڏن نوابن، رئيسن ۽ راڻن ڌارئين انگريز حاڪم سان مصلحت ڪري جاگيرون حاصل ڪيون اتي هن هڪ مسڪين ۽ غريب ڪولهيءَ اهڙي آڇ کي ٺوڪر هڻي پنهنجو نالو ملڪ جي باوقار وفادارن جي لسٽ ۾ هميشه لاءِ زندهه رکيو، جنهن تي اڄ به قوم فخر ڪري ٿي.
    ڪولهي قوم جا ماڻهو ٿر جي شهرن ۽ ڳوٺن کان علاوه بئريج ايريا ۾ ضلعي ميرپور خاص، عمر ڪوٽ، بدين ۽ حيدرآباد جي ٻهراڙين ۾ پوک ڪن ٿا ۽ اهي زميندارن وٽ هاري آهن. ڪڇ صوبي کان آيل ڪولهي وڌيڪَ سُکيا آهن. اهي اڏاوت جو به ڪم ڪن ته ڪاروبار به. ڪڇي ڪولهين مان ڏيپلي جي راما ٻائي مشهور ڀڳتڻ آهي جنهن کي ڪڇي ڪولهين کان علاوه ڪيتريون ئي ڏيپلي، مٺي، اسلام ڪوٽ شهرن جي لهاڻن جون عورتون گرو مڃين ٿيون.
    ٿرپارڪر جي مشهور ڪولهين مان عالمچند ڪولهي به هڪ آهي. هن 1922ع ۾ ننگرپارڪر ۾ جنم ورتو. سندس والد سروپچند ڪولهين جو چڱو مڙس ۽ انقلابي شخص هو ۽ سندس واسطو ڪانگريس پارٽي سان هو. هُو ڪانگريس جي هلچل ۾ ڪجهه عرصي لاءِ جيل به ويو. ننگر پارڪر ۾ ڪانگريس جي خرچ تي هريجن آشرم کليو، جِتي اڇوت قومن جا ٻار انگريزي پڙهڻ لڳا. عالمچند شروعاتي تعليم ننگر پارڪر جي مڊل اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ مئٽرڪ جو امتحان مٺي هاءِ اسڪول مان سال 1944ع ۾ پاس ڪيو. سال 1946ع ۾ عمر ڪوٽ ۾ انگلش ٽيچر مقرر ٿيو. سال 1963ع ۾ يونين ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو. فيلڊ مارشل ايوب خان جي صدارتي اليڪشن ۾ هن مس فاطمه جناح کي ووٽ ڏنو جنهن ڪري سرڪاري آفيسر هن جي خلاف ٿيا ۽ کيس جيل موڪليو ويو.
    سال 1966ع جي يونين ڪائونسل جي B.D اليڪشن ۾ عالمچند ڪولهي ميجارٽي سان چونڊجي ويو. چيئرمين جي چونڊ ۾ راڻو اچل سنگهه سندس حريف هو پر ڪولهي ميمبرن جو تعداد گهڻو هجڻ ڪري عالمچند چيئرمين چونڊجي ويو. 1971ع جي جنگ بعد هو ڀارت جي صوبي گجرات لڏي ويو. هن جي وڃڻ بعد سندس ناٺي ٽيڪم ڪولهي، ڪولهين جي اڳواڻي ڪئي ۽ سال 1985ع ۾ هندو اقليت صوبائي سيٽ تي ايم پي اي چونڊيو ويو بعد ۾ 2007ع ۾ هو چئن سالن لاءِ ناظم به رهيو.
    ننگر پارڪر جي ڪولهين: عالمچند ڪولهي ۽ ٽيڪم ڪولهي جي ڳالهه ٿي ڪجي ته هن ترجو هڪ ٻيو مشهور ڪولهي پارو مل ٿو ياد اچي. پارومل ڪولهي انٽر آرٽس جو امتحان پاس ڪري پرائمري ماستر ٿيو. نوڪريءَ مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد سال 1985ع ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر ٿيڻ لاءِ اقليت هندو سيٽ تي نامينيشن پيپر ڀريائين. ساڻس گڏ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ لاءِ سندس ساٿي ٽيڪم ڪولهي هو. ٻنهي جو اليڪشن نشان گلاس هو. ٻئي اميدوار اڪثريت ووٽن سان قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر بڻجي ويا. ٿر جي تاريخ ۾ اهو انوکو مثال هو جو پوئتي پيل ڪولهي قوم جا ٻه ميمبر قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ايوان تائين پهتا.
    پارومل ڪولهي 1985ع کان 1988ع تائين پاڪستان نئشنل اسيمبلي جو ميمبر (MNA) رهيو. بعد ۾ بيماري سبب چالاڻو ڪري ويو.


    هر ڳالهه کي هروڀرو مذهبي رنگ ڏيڻ

    ڪوالالمپور ۾ ناريل وڪڻڻ واري مونکي ناريل ڏيندي ملئي ۾ چيو ..... بلڪه عجيب سوال پڇيو ته آئون ”اورانگ ڪيلپا“ يعني ناريلن وارو ماڻهو آهيان؟
    ”ڇا مطلب؟“ مون ڪجهه حيرت مان ۽ ڪجهه چڙ مان پڇيو. اهو ته بعد ۾ ڌيان ۾ آيم ته هن شخص کان ناريل وٺڻ وارا سڀ هندو مرد توڙي عورتون هيون. آئون به شڪل ۾ ته هن لاءِ کڻي هندو به لڳي سگهيس ٿي جو ننڍي کنڊ ـــ پاڪستان توڙي انڊيا جا اسين سڀ ماڻهو هڪ مهانڊي جا آهيون ۽ اسانجي چهرن جو رنگ توڙي نقش يورپين، جپانين توڙي ملئي ماڻهن کان مختلف آهن پر ناريل خريد ڪرڻ وقت منهنجي مٿي تي ڄار واري ٽوپي، جنهن کي ملائيشيا ۾ ”حاجي ٽوپي“ (Songkok Haji) سڏين ٿا ۽ فقط ملئي مسلمان پائين ٿا، ڏسي هي دڪاندار منجھي پيو ته آيا آئون هندو آهيان يا مسلمان! جي هندو آهيان ته حاجين واري ٽوپي ڇو پاتي اٿم ۽ جي مسلمان آهيان ته ڀر ۾ باتو غارن جي مندر ۾ ديوتا کي پيش ڪرڻ لاـءِ ڇو ناريل خريد ڪيو اٿم. مون کيس اڇل مان چيو: ”ڇو مسلمان ناريل جو پاڻي نه پيئندا آهن ڇا؟“
    هو ڪجهه ڊپ کان ڪجهه پنهنجي غلطيءَ کان ڪڇي نه سگهيو. جواب ۾ هو فقط سامهون واري ريسٽورنٽ ڏي اشارو ڪندو رهيو. سندس ان اشاري جو مطلب به مونکي ڪجهه گهڙين بعد سمجهه ۾ آيو. پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ لکندو هلان ته هن جو مطلب هو ته ناريل جو پاڻي پيئڻ لاءِ ته ماڻهو ان ريسٽورنٽ ۾ وڃن ٿا. هن بلڪل صحيح ٿي چيو. حاجي عليءَ سان گڏ ڪئالالمپور شهر کان هن گمبوڪ واري علائقي ۾ باتو جون غارون، انهن اندر 272 ڏاڪا لهي هيٺ مندر ۽ ٻاهر دنيا جو وڏي ۾ وڏو هندو ديوتا مورگان (جنهن کي سبراهمنيام به چون ٿا) ڏسڻ لاءِ، اسين آياسين ته پهرين هن ريسٽورنٽ ۾ ويهي منهنجي ميزبان عليءَ چانهه پيتي ۽ مون داٻ (ڪچي ناريل) جو پاڻي پيتو.
    فٽ پاٿ تي هن سوين ناريل رکي وڪڻڻ واري کان فقط هندو تيرٿي ناريل وٺي غارن ڏي هليا ٿي جِتي مون ڏٺو ته اهو هنن اتي بيٺل ٻاون مان هڪ کي ڏنو ٿي جنهن ان کي ڀڃي پرارٿنا ڪئي ٿي. ۽ هاڻ موٽڻ مهل گهر هلي ناريل جو پاڻي وري پيئڻ ۽ منجھس موجود کوپرو کائڻ لاءِ مون هن دڪاندار کان خريد ڪرڻ چاهيو ته هو عجيب شش و پنج ۾ پئجي ويو. بهرحال مونکي اڄ خبر پيئي ته ملائيشيا جا ڪجهه ماڻهو، خاص ڪري هِتي جا رهاڪو تامل انڊين هندن لاءِ ملئي لفظ ”اورانگ ڪيلپا“ Orang Kelapa استعمال ڪن ٿا. اورانگ معنيٰ ”ماڻهو“ ۽ ڪيلپا معنيٰ ”ناريل“ يعني ”ناريل وارو ماڻهو“ ۽ مسلمانن لاءِ کجور وارو ماڻهو. کجور (Buah Kurma) وارو ان ڪري جو جِتي هندن جو واسطو ناريل سان پوي ٿو اتي مسلمان روزو ڪتل (کجور) سان کولين ٿا. حج يا عمري تان موٽڻ مهل کجور آڻين ٿا. صدين تائين عربستان جهڙي بيابان جي سوغات کجور ئي رهي ۽ اڄ به اتي جي کجور دنيا ۾ Best آهي .... خاص ڪري مديني پاسي جي. پر اسان وٽ هر شيءِ کي مذهبي رنگ ڏنو وڃي ٿو. خشڪ ميواجات (Dry Fruit) جيڪڏهن انسانن وانگر عقل ۽ سمجهه رکن ها ته اڄ هو به کلن ها ته ڏني نه ورتي کين مذهب ۽ ڌرم جي خانن ۾ ورهايو ويو آهي. هڪ کي هندو ته ٻئي کي مسلمان بنايو ويو آهي.
    مون اها ڳالهه پنهنجن پاڪستاني دوستن کي ٻڌائي ته هو به کلڻ لڳا ۽ هنن ٻڌايو ته جيئن آمريڪا ۾ گورا اسان ايشيائي مردن کان پڇڻ لاءِ ته اسان هندو آهيون يا مسلمان، نرڙ ڏي آڱر کڻي چوندا آهن ته ”ڊاٽ“ وارا آهيو. هنن لاءِ عورتن کي سڃاڻڻ ته سولو ڪم ٿئي ٿو..... جنهن جي نرڙ تي گول تلڪ (ٽِڪو) آهي اها هندو ٿي باقي مسلمان. هندو يا مسلمان مرد جي سڃاڻپ البت ڏکيو ڪم آهي. ان ڪري ان کان ’ڊاٽ‘ وارو سوال پڇيو وڃي ٿو. Racism فسادن ۾ جلدي موچڙا هڻڻا هوندا اٿن ته پوءِ بنا پڇڻ جي فقط ڏاڙهي ڏسي ان کي مسلمان سمجھندا آهن. پوءِ ان چڪر ۾، نائن اليون جهـڙن ڳنڀير واقعن ۾، مسلمانن بدران ڪيترن سکن جي به مار ڪٽائي ٿي وئي.
    مختلف شين کي مذهبي رنگ ڏيڻ ۾ هونءَ اسان ننڍي کنڊ جا ماڻهو وڌيڪَ هوشيار ۽ جذباتي آهيون. جيئن اسان جي دماغ ۾ سائو رنگ يا چنڊ ۽ تارو ڄڻ اسلامي رنگ ۽ شيون ٿيون. ڳاڙهو رنگ يا سج ڄڻ غير اسلامي ٿيا. اسانجو مشرقي پاڪستان وارو حصو جڏهن بنگلاديش ٿيو ته ان بعد پهريون دفعو پنهنجي بنگالي دوست ۽ ڪلاس ميـٽ سان منهنجي ملاقات جپان جي هڪ شپ يارڊ ۾ ٿي جِتي هو ان پراڻي جهاز کي مرامت لاءِ وٺي آيا هُئا جيڪو لڙائي ۽ علحيدگيءَ کان ڪجهه مهينا اڳ تائين اسان گڏ ٻنهي هلايو هو ۽ هاڻ اهو جهاز بنگالين جي قبضي ۾ هو. مون کانئس ان جهاز جو حال احوال پڇيو ته هن کلندي چيو: ”حال اهو ئي هيڻو اٿس جهڙو پهرين هوس پر هاڻ توهان جي حِسابَ سان اهو غير اسلامي ٿي ويو آهي.“
    ”اهو ڀلا ڪيئن؟“ مون حيرت مان پڇيو
    ”اهو ان ڪري جو توهان جي نظرن ۾ فقط چنڊ ۽ تارا اسلامي شيون آهن. سو هاڻ اسان جي جهاز تي توهان جي ملڪ جي چنڊ ۽ تاري واري جھنڊي بدران اسانجو سج وارو جھنڊو ڦڙڪي ٿو....
    مٿي ملائيشيا جي جن Batu Caves غارن جي ڳالهه ڪئي اٿم اهي ڪئالالمپور شهرَ کان 13 ڪلوميٽر (8 ميل) سلينگور رياست جي گومباڪ ضلعي ۾ چُنَ (Lime Stone) جي ٽڪرين ۾ آهن جِتي هندن جا آڳاٽا مندر آهن. ياد رهي ته هن پاسي يعني ملائيشيا توڙي انڊونيشيا جي رهاڪن جو هندو ڌرم سان واسطو هو. بعد ۾ هي سڀ مسلمان ٿيا آهن پر اڄ به انڊونيشيا جو هڪ سڄي ٻيٽ ”بالي“ ۾ هندو رهن ٿا ۽ اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته انڊيا کان علاوه ٻيو ڪو ملڪ جِتي سرڪاري طرح هندو ڌرم آهي ته اُهو بالي آهي.
    بهرحال هنن ٽڪرين جي غارن اندر ۽ ٻاهر مندر ۽ ڪيترائي هندو ڌرم جي ديوتائن ۽ ديويُن جا بُت آهن جن جي ديدار ۽ پوڄا پاٺ لاءِ دنيا جا ماڻهو اچن ٿا جيئن اسان وٽ حسن ابدال ۾ سک ياتري اچن ٿا ۽ ڪجهه ڪجهه هندو اڏيرو لعل ۽ ساڌ ٻيلو اچن ٿا. 1991ع تائين ته آئون لڳاتار ملائيشيا ۾ هوس. ان دوران نه پر ان بعد هِتي باتو غارن وٽ موروگن ديوتا جو هڪ تمام وڏو بت (Statue) ٺهرايو ويو آهي. ”موروگن“ هندو ديوتا جنهن کي ”سبرها منيم“ کان علاوه ڪارونا، ڪمارا سوامي ۽ ٻين نالن سان سڏيو وڃي ٿو، اُهو هندن جو لڙائي جو ديوتا آهي .... بلڪه ديوتائن جي فوج جو ڪمانڊر ان چيف آهي. موروگن لاءِ اڪثر چيو وڃي ٿو ته اُهو تامل ماڻهن جو ديوتا آهي.... ان ڪري هن کي ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي ويندي سري لنڪا، موريشس ۽ انڊونيشيا پاسي جِتي تمام گهڻي تامل آبادي رهي ٿي ”تامل ڪداول“ سڏجي ٿو.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي بت قداور، سون جهڙي رنگ ۽ نمايان هنڌ تي هُجڻ ڪري هر ٽوئرسٽ جي نظر ۾ رهي ٿو ۽ جيئن ”آزادي جو مجسمو“ Statue of Liberty نيويارڪ جي نشاني سمجھيو وڃي ٿو يا جل پري (Mermaid) ڪوپن هيگن جي ۽ Merlion مورتي جنهن جو سر شينهن جو ۽ ڌڙ مڇيءَ جو آهي سنگاپور جي نشاني ٿي پيو آهي تيئن هيءَ تاملن جي ديوتا موروگن جي مورتي ڪئالالمپور بلڪه سڄي ملائيشيا جي نشاني بڻجي پئي آهي ۽ جيڪو ڪئالالمپور اچي ٿو اُهو باتو غارن ڏي اچي هي آفت جيڏو بت ڏسي ٿو.
    هندو ديوتا مورگن جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو شِوَ ۽ پاروتي جو پٽ هو، ان جو باتو غارن وٽ هي مجسمو 43 ميٽر (140 فوٽ) اتاهون آهي. يعني ڪنهن ڪمري جي ڇت 14 فٽ سمجھي وڃي ته ان بت جي چوٽيءَ تائين ڏهه ماڙ ٿيندي. هي مجسمو انڊيا جي حڪومت ٺهرائي، ملائيشيا وارن کي گفٽ ڪيو هو ۽ ان وقت ان تي 3 ڪروڙ رپيا خرچ آيو هو. منجھس 1550 ڪيوب ميٽر ڪنڪريٽ، 250 ٽن اسٽيل جا گارڊر ۽ 300 لٽر سونهري پينٽ استعمال ٿي. هِتي هي سڄو قصو هن بت جي واکاڻ لاءِ نه لکي رهيو آهيان پر ان حيرت جو اظهار ڪري رهيو آهيان ته ملائيشيا هڪ مسلمانن جو ملڪ آهي اتي هڪ هندو ديوتا جو مجسمو رکيو ويو آهي. نه سرڪار نه عوام ...... ڪنهن به گوڙ گهمسان نه ڪيو. ڪنهن به ڀڃ ڊاهه نه ڪئي. نه هن بت کي ٽوڙيو نه ٻين ننڍن وڏن بتن کي جيڪي ملائيشيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين سوين هندو مندرن ۾ موجود آهن. اهڙي طرح ايران ويس ته اتي به امام خميني ۽ ٻين هن حڪومت جي ليڊرن جي بتن (Statues) کان وٺي زرتشت (باهه جي پوڄاري) حاڪمن جي دور جا مجسما جِتي ڪٿي نظر آيا. ايرانين لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو مذهب جي معاملي ۾ ڪٽر آهن پر هُو ته ان معاملي ۾ ڪا ڀڃ ڊاهه نٿا ڪن. اڄ به ايران ۾ عيسائين جا گرجا گهرَ ۽ پارسين جا آتش ڪده آهن. شايد هندن جا به مندر هجن پر اُتي ته ڪو به مسلمان ڀڃ ڊاهه نٿو ڪري جيئن اسان وٽ هندن جي مندرن ۽ عيسائين جي گرجا گهرن کي ساڙيو وڃي ٿو. اسان مذهب جي نالي ۾ جيڪو دماغ ۾ اچي ٿو اهو ڪريون ٿا. طالبان به اهو ئي ڪري رهيا آهن. هنن جي دماغ ۾ اچي ٿو ته ڇوڪرين لاءِ تعليم نه هجڻ کپي ته ڇوڪرين جي اسڪولن تي بم هڻي تباهه ڪن ٿا. کين دماغ ۾ آيو ته يڪدم ڇهين صدي جا ٺهيل گوتم ٻڌ جا مجسما ”بت هاي باميان“ (باميان جا ٻڌ) بمن ۽ ڊائنامائيٽ سان ڊاهي رکيائون. هي بت جيڪي 2500 ميٽرن جي بلنديءَ تي وچ افغانستان جي علائقي حضاراجات جي بامايان ماٿري ۾ ڪابل کان 230 ڪلوميٽر پري اتر اولهه ۾ 507ع ۽ 554ع جا ٺهيل هئا ۽ گنڌارا آرٽ جي نمائندگي ڪيائون ٿي، مارچ 2001ع ۾ ملا محمد عمر جي حڪم تي انهن کي تباهه ڪيو ويو. ان وقت جي افغان پرڏيهي وزير بيان ڏنو هو ته ملڪ مان بت پرستي کي تڙي ڪڍڻ لاءِ اهو ڪم ڪيو ويو آهي. اسان جهڙو گهٽ ڄاڻو اهو ئي چوندو ته صحيح آهي پر اسان کي اهو به ته سمجھايو ته انهن بتن کي ڊاهڻ بعد جپان ۽ سئٽزرلئنڊ حڪومتن کان ڇو خرچو پاڻي وٺي انهن جي repair پئي ڪرائي وڃي؟
    محمود غزنوي کي به اسان مسلمان وڏو نيڪ بادشاهه ٿا سمجھون جنهن غزني کان هلي ملي سڄو هندستان لتاڙي خليج ڪڇ وٽ ٺهيل سومناٿ مندر تي اچي حملا ڪيا ٿي ۽ ان ۾ رکيل سوني بت کي ڀڃي پاڻ کي بت شڪن سڏرايو ٿي. جاگرافي جي ڄاڻ ٿيڻ بعد اسانجي ذهن ۾ اهو ئي سوال پيدا ٿئي ٿو ته سومناٿ مندر تائين ڇا رستي تي ٻيو ڪو مندر ئي نه هو....؟ ڇا ٻئي ڪنهن مندر ۾ بت هئا ئي ڪونه جو هو هلي ملي هن مندر تي حملو ڪرڻ لاءِ آيو ٿي جيڪو پئسي ڏوڪڙ ۽ سون ۾ امير ترين هو. سوال اهو به ٿو پئدا ٿئي ته محمود غزنويءَ هن مندر مان مال ملڪيت، سون چانديءَ جون خرجينون ڀري پنهنجي وطن افغانستان ايران هليو ويو ٿي ..... ڇا رستي تي انڊيا ۾ غريب هندو يا مسلمان نه هئا. خير جو ڪم ڪرڻو هو ته اهو مال انهن ۾ ئي ورهايو وڃي ها ۽ جي بت ٽوڙڻا هئا ته سڄي هندستان ۾ پکڙيل احمد آباد بڙودا کان پشارو تائين هزارين مندرن جي بتن کي به کڻي ٽوڙي ها ..... جيڪي سومناٿ کان پهرين ٿي آيا. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هي ”باميان جي ٻڌن“ جا مجسما ڊاهي ها جيڪي سندس وطن ۾ اهڙي هنڌ تي آهن جِتان هن جو هر وقت اچڻ وڃڻ ٿيو ٿي.
    افغانستان جو هي علائقو ”باميان“ شاهراهه ريشم تي آهي جنهن مغربي دنيا کي چين سان ڳنڍيو ٿي ۽ ان روڊ تي اڄ تائين ڪيترائي قديمي ٻڌ خانقاهه موجود آهن. ۽ هي باميان جا ٻڌ مجسما ڪي ننڍا يا لڪل ته نه هئا. وڏو ٻڌ مجسمو جيڪو سول سول (Sol Sol) سڏجي ٿو 53 ميٽر ڊگهو هو ۽ ننڍو ٻڌ جيڪو ”شاهماما“ سڏجي ٿو اُهو به 35 ميٽر هو! خبر ناهي محمود غزنوي کي ايندي ويندي اهي بت نظر نه آيا ..... يا شايد اهي سون جا نه پر پٿر جا هُجڻ ڪري هن جي انهن ۾ دلچسپي نه هُئي!
    اها ڳالهه مون ممبئيءَ به نوٽ ڪئي ته هي جيڪي گل ٿين ٿا اهي به هندو ۽ مسلمان ٿي ويا آهن. هڪ بوهري دڪاندار سان آئون ”مولانا آزاد روڊ“ ڏئي چور بازار مان لنگهي رهيو هوس. ممبئي جي ’چور بازار‘ ائين آهي جيئن پاڻ وٽ ڪراچيءَ ۾ آچر يا جمع بازار.... بلڪه صحيح معنيٰ ۾ سمجھو ته KMC بلڊنگ جي ڀر واري لنڊا بازار آهي جتي مختلف ملڪن جون پراڻيون ۽ نيون شيون ملن ٿيون. ’مولانا شوڪت علي روڊ‘ جيڪو اڳتي هلي ’رام چندر ڀات روڊ‘ ٿئي ٿو ان کي جتي محمد علي روڊ ڪراس ڪري ٿو ان چوراهي تي هڪ ڇوڪرو گل وڪڻي رهيو هو. سندس هڪ هٿ ۾ گينڊي جا پيلا گل هئا ۽ ٻئي ۾ گلاب جا گل. مون ڪار جو شيشو هيٺ ڪري سندس هٿ جيڪو مون ڏي هو ان ۾ جهليل ٽوڪريءَ مان گينڊي جي گلن جي ٿيلهي کڻي قيمت پڇي. ڇوڪري جي جواب ڏيڻ کان اڳ بوهريءَ مونکي چيو ته ”هي ڪهڙا گل ورتا اٿانوَ؟ هي ته مندر ۾ رکبا آهن ۽ هندو وٺندا آهن. پاڻ ته مسلمان آهيون. ڇوڪري شايد توهانجي مٿي تي ٽوپي نه ڏسي توهان کي هندو سمجھيو نه ته هو توهان ڏي گينڊي جا گل وڌائڻ بدران گلاب جا گل ڏئي ها.“ اهو ٻڌي مونکي کل به آئي ته اسان ننڍي کنڊ جا ماڻهو به عجيب آهيون. هر ڳالهه ۾ مذهب ۽ ڌرم کي ٽنبيون ٿا.... گينڊي جا گل مندر ۾ ويندا ۽ گلاب جا گل ڪنهن مسلمان بزرگ اولياءَ جي مزارَ تي!
    ۽ هي مضمون لکي بس ڪرڻ تي حيرت اٿم ته رات ڄامشورو سنڌ کان ڪنهن واٽس اپ تي جيڪو مزاحيه شعر موڪليو آهي ان جو سڌو سنئون تعلق منهنجي هن مضمون سان آهي ۽ منهنجا پڙهندڙ اهو پڙهي ضرور محظوظ ٿيندا.
    نفرتوں کا اثر دیکھو، جانوروں کا بٹوارہ ہوگیا
    گائے ہندو ہوگئی اور بکرا مسلمان ہوگیا۔

    یہ پیڑ یہ پتے یہ شاخیں بھی پریشان ہوجائیں
    اگر پرندے بھی ہندو اور مسلمان ہوجائیں۔

    سوکھے میوے بھی یہ دیکھ کر حیران ہوگئے
    نہ جانے کب ناریل ہندو اور کھجور مسلمان ہوگئے۔

    جس طرح مذہب کے نام پر ہم رنگوں کو بانٹ رہے ہیں
    کہ ہرا مسلمان کا اور لال ہندو کا رنگ ہے

    تو وه دن دور نہیں جب ساری سبزیاں مسلمانوں کی ہوجائیں گی
    اور ہندؤں کے حصے بس ٹماٹر اور گاجر ہی آئیں گے۔

    ابھی یہ سمجھ میں نہیں آرہا کہ یہ تربوز کس کے حصے میں آئے گا
    یہ تو بیچارہ اوپر سے مسلمان اور اندر سے ہندو رہ جائے گا۔


    شاگردن جي ڀلي لاءِ

    سالن کانپوءِ دائود انجنيئرنگ ڪاليج (DCET) جيڪو ۽ هاڻ دائود يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ائنڊ ٽيڪنالاجي (Duet) سڏجي ٿو،گهمڻ ويس. اتي جي وائيس چانسلر صاحب چيو ته جيئن ته ڪيترائي شاگرد منهنجا پڙهندڙ آهن ۽ مون سان ملڻ ۽ مونکي ٻڌڻ ٿا چاهين. سو آئون هنن کي انجنيئرنگ بابت ليڪچر ڏيان.
    آئون هڪ مئرين انجنيئر يعني پاڻي جي جهازن جو انجنيئر آهيان. مئرين انجنيئرنگ ۾ مڪينيڪل، اليڪٽريڪل، اليڪٽرونڪ، آٽوميشن، انسٽرومينٽيشن ۽ ريفريجريشن جهڙيون انجنيئرنگ برانچون به اچيو وڃن جو جهاز تي بئالر، ٽربائين، جنريٽر، ايئرڪنڊيشن سسٽم ۽ ڪولڊ اسٽوريج، ڊيزل انجڻيون، پمپ وغيره ٿين ٿا جن جي سڄي ”ديک ڀال“ ڪرڻ مئرين انجينئر جو ڪم آهي. ايتريقدر جو سمنڊ تي ڪنهن پرزي جي ڀڄڻ ڀرڻ تي ان کي ٺاهي جهاز کي چالو رکڻ پڻ. سو مئرين انجنيئر لاءِ نه فقط ٿيوري ضروري آهي پر پرئڪٽيڪل پڻ. ان ڪري هر مئرين انجنيئر لاءِ ويلڊنگ کان ليٿ مشين تي ڪم ڪرڻ جي ڄاڻ به ضروري آهي جو جهاز جڏهن سمنڊ تي خراب ٿئي ٿو ته اتي ڪٿان آيو ورڪشاپ؟ جهاز جي مئرين انجنيئرن کي ئي ڪجهه ڪري جهاز کي بندرگاهه تائين پهچائڻ جوڳو بنائڻو پوي ٿو.
    15 سالن کن دنيا جي سمنڊن تي مختلف جهاز هلائڻ بعد مون ڪناري جي نوڪري شروع ڪئي جنهن ۾ وڏو عرصو ملائيشيا ۾ پڙهايم جتان ڀر وارن ملڪن جي ٽيڪنيڪل ادارن، ڪاليجن ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ به وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت سان پڙهائيندو رهيس. منهنجو گهڻو واسطو ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن جي چيني، ملئي ۽ اتي رهندڙ سائوٿ انڊين (خاص ڪري تامل، مليالم، تيلگو ۽ ڪنهڙ ڳالهائڻ وارن) سان رهيو ٿي. ٻاهرن ملڪن ۾ ليڪچر ڏيڻ دوران مونکي هميشه اها حسرت رهي ٿي ته پنهنجي ملڪ جي شاگردن کي به ڏسجي ته هو ملائيشيا، سنگاپور ۽ برونائي جهڙن ملڪن جي شاگردن جي مقابلي ۾ ڪيئن آهن. دل چوندي هئي ته هر وقت انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ يا ملئي ۾ سمجھائڻ بدران پنهنجي ملڪ جي شاگردن سان اڙدو ۽ سنڌي ۾ ڳالهائجي جنهن سان ظاهر آهي پنهنجائپ ۽ بي تڪلفيءَ جو احساس ٿئي ٿو.
    وائيس چانسلر صاحب جي چوڻ تي مونکي خوشي ٿي. ڪنهن انجنيئرنگ سبجيڪٽ تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ نه تياري ڪري آيو هوس نه ايترو وقت هو پر ائين ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو شوق پورو ٿي سگهيو ٿي. شاگرد، مون سان ملڻ جي شوق جو اظهار ڪن ٿا ته انهن کان وڌيڪَ مونکي ساڻن ملڻ ۽ ڳالهائڻ جو شوق رهي ٿو. منهنجي هنن سان ڪلاڪ کن جيڪا ڳالهه ٻولهه رهي يا جيڪو ليڪچر هو ۽ هنن سان سوال جواب ٿيا يونيورسٽي طرفان ٽيپ ٿيل ان ليڪچر جا ڪجهه حصا هتي ڏئي رهيو آهيان جيڪي نه فقط ٻين انجنيئرنگ تعليمي ادارن جي شاگردن لاءِ پر ميڊيڪل، سائنس ۽ IT جي شاگردن لاءِ به ڪارآمد ٿي سگهن ٿا ـــ خاص ڪري انهن لاءِ جيڪي ٻاهر جي ملڪن ۾ نوڪري يا وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهش رکن ٿا.
    • تعليم توڙي نوڪري دوران منهنجو گهڻو وقت ٻاهر ئي گذريو آهي. هينئر آئون 75 سالن جي ويجھو اچي پهتو آهيان پر وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ اڄ به منهنجو ٻاهر جي ملڪن جي تعليمي ادارن ۾ پڙهائڻ ٿيندو رهي ٿو. جنهن ڪري ملائيشيا ۾ ته منهنجي دل چوندي هئي ته ڪاش پنهنجي ملڪ جي نوجوانن کي خاص ڪري اهي جيڪي BE يا MBBS ڪري رهيا آهن، ڪجهه حقيقتن کان آگاهه ڪريان جيئن هنن کي اڳتي هلي نوڪري يا وڌيڪَ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي. ملائيشيا ۽ ان بعد 1984ع کان جيئن ئي برونائيءَ کي انگريزن کان خود مختياري ملي ته هنن کي تعليمي، ترقياتي ۽ ٻين ادارن ۾ پڙهيل ڳڙهيل ڌارين جي ضرورت پئي جيڪا اڄ به پوندي رهي ٿي.
    • ملائيشيا، برونائي توڙي سنگاپور ۾ نوڪريءَ لاءِ انگلنڊ ۽ يورپ جي ملڪن جا گرئجوئيٽ به وڏي شوق سان اچن ٿا جو هن پاسي جي موسم سٺي آهي، ماڊرن سهولتون آهن. اخلاق آهي ـــ خاص ڪري عربن جي مقابلي ۾ ۽ پگهار پڻ سٺا آهن (خاص ڪري شروع وارن سالن ۾ ته سٺا هئا). اسانجي ملڪن: انڊيا، پاڪستان، بنگلاديش، سري لنڪا، نيپال ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا پاسي جي ملڪن کان ته ڪيترائي ماڻهو نوڪري لاءِ آيا ٿي. منهنجي خواهش هوندي هئي ته اسانجي ملڪ جا سڀ کان گهڻا چونڊجن ۽ هن پاسي نوڪري ڪن. پر آئون ڏسندو هوس ته انٽرويو ۾ اسانجو ماڻهو ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ چونڊبو ٿي ۽ انهن ٿورن چونڊيل ماڻهن مان ڪي اڌ کن مس ٽن سالن جو مدو (Contract) پورو ڪندا هئا نه ته اسانجا ڪيترائي ڊاڪٽر، انجنيئر، ٽيڪنيشين سال اندر (بلڪ مهيني ٻن اندر) نوڪري ڇڏي پنهنجي ملڪ هليا ويا ٿي. انهن جي جاين تي جيڪي انڊيا جا آيا ٿي. اهي ته خوش خوش هڪ ڇا ٻه ٻه ٽي ٽي مدا، ٽن ٽن سالن جا پورا ڪيا ٿي.
    مونکي ملائيشيا حڪومت طرفان سِول ايوارڊ ملڻ بعد منهنجي جڏهن ڪجهه ٻُڌي وڃڻ لڳي ته آئون ملائيشيا توڙي برونائي جي واسطيدار ادارن سان (خاص ڪري جن جا اعليٰ آفيسر منهنجا دوست ۽ واقفڪار هئا)، انهن سان پنهنجي ڏک/شڪايت جو اظهار ڪرڻ لڳس ته توهان اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي گهٽ نوڪريون ڏيو ٿا. توهان جيتوڻيڪ سخت ميرٽ جي ڳالهه ڪريو ٿا پر هتي ته جهڙا فريش گرئجوئيٽ اسان جي ملڪن جا اچن ٿا تهڙا انڊيا ۽ سري لنڪا جا، يا بنگلاديش ۽ فلپين جا.
    هنن منهنجي ڳالهه کي مان ڏيندي مونکي ان چونڊ واري ڪميٽي ۾ رکيو جنهن ۾ ٽي چار سال رهيس ۽ انجنيئر، پروفيسر يا ڊاڪٽر جيڪي نوڪري لاءِ اميدوار هوندا هئا انهن کي پرکڻ جو مونکي به موقعو مليو. هتي ڪجهه Observations لکان ٿو:
    • اسانجا شاگرد ــــ يا کڻي چئجي ته گرئجوئيٽ، جيڪي نوڪريءَ جا اميدوار ٿين ٿا ۽ انٽرويو ڏين ٿا انگريزيءَ ۾ تمام ڪمزور آهن. ڪيترن کي بهتر لهجي (Accent) ۾ انگريزي ڳالهائي ته نٿي ٿئي پر سمجھي به نٿا سگهن ان حقيقت کان ڪو به منهن نٿو موڙي سگهي ته انگريزي بين الاقوامي ٻولي آهي. جڏهن ننڍي کنڊ تي مغلن جو راڄ هو ۽ پارسيءَ جو مان هو ته وڏا عهدا انهن کي مليا ٿي جن کي فارسي آئي ٿي مغل توڙي مير ٽالپر مسلمانن جي درٻار ۾ هندو اعليٰ عملدار هئا جو هو فارسيءَ جا ڄاڻو هئا. هنن سمجھيو ٿي ته اهو دور ”فارسي گھوڙي چاڙهسي“ جو هو. ان جو مطلب اهو ناهي ته فارسي سکڻ ۽ ڳالهائڻ سان هنن کان پنهنجي مادري ٻولي سنڌي يا هندوستان جي لهه وچڙ ۽ هڪ ٻي سان رابطو رکڻ جي ٻولي اڙدو وسري وئي ٿي.
    انٽرويو ۾ اسان جي ماڻهوءَ جو انگريزي ڳالهائڻ ۾ هٻڪڻ، سندس انٽرويو وٺندڙ ججن تي خراب اثر وجھي ٿو. چونڊ لاءِ ويٺل جج اهو ئي سوچين ٿا ته پنهنجي فيلڊ جي سبجيڪٽ جي ڄاڻ ته ٿي پوءِ جي ڳالهه هي جيڪو رابطي جي ٻولي (انگريزيءَ) ۾ ڪمزور آهي اهو عوام يا ڪمپني جي ٻين ساٿين، شاگردن، مريضن وغيره سان ڪيئن Communicate ڪري سگهندو، ڪيئن Discuss ڪري سگهندو، ڪيئن پڙهائي سگهندو ڪيئن مريض کان هسٽري وٺي ان کي علاج بابت ڄاڻ ڏئي سگهندو؟!
    ان جي مقابلي ۾ انڊيا، سري لنڪا توڙي بنگلاديش جا اميدوار انگريزي ڦر ڦر (Fluent) ڳالهائين ٿا جو هو عام زندگي ۾ به هڪ ٻئي سان انگريزي ڳالهائڻ جي پرئڪٽس ڪندا رهن ٿا. مون مٿين ٽنهي ملڪن جي تعليمي ادارن ۾ ڏٺو آهي. شاگرد پاڻ ۾ خبر چار ڪرڻ مهل به انگريزي ڳالهائين ٿا. ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي شاگردن کي به ڏٺم ته رسيس ۾ هڪ ٻئي سان ۽ مون سان Fluent انگريزيءَ ۾ ٿي ڳالهايو. دل ۾ ڪرڻ جي ڳالهه ناهي اسان وٽ جيڪو عربي ٻوليءَ ۾ M.A ٿو ڪري اهو به ڪنهن عرب سان عربيءَ ۾ ڳالهائي نٿو سگهي. يعني هيءَ هڪ جنرل ڳالهه آهي. ايڪڙ ٻيڪڙ ضرور ٿي سگهي ٿو. اسان وٽ جيڪو سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهي رهيو آهي ان لاءِ ته ڄڻ انگريزي سکڻ بلڪل معاف آهي. هاڻ مڙيئي (گذريل سال) سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر ڏيندي حيرت ٿي ته سنڌي ۽ اڙدو ڊپارٽمينٽ جا نوجوان شاگرد، جيڪي شايد B.A ڪري رهيا هئا ڏاڍي سٺي انگريزيءَ ۾ ڳالهائي رهيا هئا. هو مونکان سوال به انگريزيءَ ۾ ڪري رهيا هئا. ڏهاڪو کن سال اڳ جپان جي اوساڪا يونيورسٽي وارن Languages جو ڊپارٽمينٽ کوليو جنهن ۾ سنڌي به پڙهائي وئي ٿي. ان جو سربراهه ته هڪ جپاني پروفيسر ئي ٿيو جيڪو ڪنهن زماني ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ايم. فل ڪري ويو هو. پر هاڻ کين هڪ پروفيسر جي ضرورت هئي جيڪو سنڌي پڙهائي. انهن ڏينهن ۾ جپان ۾ اسانجي سفير (شايد عمرڪوٽ جو نور محمد جادماڻي هو)، ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته اوساڪا يونيورسٽي وارا سنڌي پڙهائڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪنهن ليڪچرر جي چونڊ ڪن ۽ هنن ٻه ڄڻا شارٽ لسٽ به ڪيا پر افسوس جو هنن مان ڪنهن جي به اهڙي سٺي انگريزي نه هئي. ظاهر آهي غير سنڌين (جپانين) کي ته انگريزي ٻوليءَ ۾ ئي ليڪچر ڏئي سنڌي سيکارڻي پوندي. نتيجي ۾ هو ممبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ مان هڪ ليڪچرر وٺي آيا. جنهن جي انگريزي سٺي هئي.
    اها ڳالهه ٻڌائڻ مان منهنجو مطلب اهو ناهي ته ڪو آئون توهان کي سنڌي يا اڙدو ڳالهائڻ ۽ پڙهڻ کان منع ڪري رهيو آهيان. آئون هتي توهان کي انگريزيءَ جي اهميت ٻڌائي رهيو آهيان ۽ حقيقت کان آگاهه ڪري رهيو آهيان ته ٻاهرن ملڪن ۾ انگريزي ڳالهائڻ ضروري سمجھيو وڃي ٿو. ٻاهر جا ملڪ ته ڇڏيو اسان وٽ به ڏسو ته زميني حقيقت ڇا آهي؟ پٽيوالي ۽ ايئر هوسٽس يعني بئري ٿيڻ جي نوڪريءَ لاءِ به انگريزيءَ ۾ درخواست ڏيڻي پوي ٿي. جھڏي کان ٽنڊو الهيار هلندڙ بس جي ٽڪيٽ به انگريزيءَ ۾ ڇپيل ٿئي ٿي. ٺُلهه ۽ ٺارو شاهه جا رهاڪو به شاديءَ جا ڪارڊ انگريزيءَ ۾ ڇپرائين ٿا.
    آئون جڏهن ڪنهن کي انگريزي سڌارڻ لاءِ چوان ٿو ته ڪيترا ان غلط فهمي ۾ پون ٿا ته آئون شايد سنڌي يا اڙدو سکڻ کان منع ڪريان ٿو. اسان ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ هوندا هئاسين ته ڪاليج جو ائڊجيوٽنٽ (آرمي طرفان مقرر ٿيل انچارج) ڪئپٽن عالم جان محسود، جيڪو پوءِ ليفٽيننٽ جنرل ٿي رٽائرڊ ٿيو ۽ پنهنجي محسود قبيلي جو سردار آهي، اهو اسان کي ڪلاس روم ۾ ته ڇا راند جي ميدان تي به هڪ ٻئي سان مادري زبان ۾ ڳالهائڻ بدران، انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ تي زور ڀريندو هو جيئن اسان مان شرميلو پن نڪري ۽ انگريزي ڳالهائڻ جا عادي ٿيون. هو چوندو هو ته توهان ڳوٺان چار درجا سنڌي ۽ اڙدو جا پڙهي آيا آهيو اهو ڪافي آهي. ڪو به پنهنجي مادري زبان کي وساري نٿو سگهي. انگلنڊ يا آمريڪا ته ڇا هتي جي ميڊيڪل يا انجنيئرنگ ڪاليج ۾ پڙهندائو ته توهان پنهنجي پروفيسر کان سنڌي يا اڙدو ۾ نه پر انگريزي ۾ سوال جواب ڪندائو. ۽ پوءِ جڏهن توهان ٻن دوستن سان انگريزي نٿا ڳالهائي سگهو ته پوءِ ڀريل ليڪچر هال ۾ توهان پنهنجي پروفيسر کان اهي ٽيڪنيڪل ڳالهيون ڪيئن ٿا پڇي پنهنجو مونجھارو دور ڪري سگهو؟
    بهرحال منهنجي توهان شاگردن کي اها ئي صلاح آهي ته انگريزيءَ تي عبور حاصل ڪيو هڪ ٻئي سان انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ جي پرئڪٽس ڪريو ۽ انگريزي اخبار پڙهو ۽ جي وقت ملانوَ ٿو ته انگريزي ناول پڙهو ۽ پنهنجي Vocabulary وڌايو. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچيءَ ۾ ٻه مهراڻ يونيورسٽي جا شاگرد مليا. هو ڏاڍا Excited لڳي رهيا هئا. هنن ٻڌايو ته هنن وٽ منهنجي ڪيترن ئي سفرنامن جي Collection آهي. منهنجي هڪ تازي ڇپيل سفرنامي بابت ٻڌايائون ته هو اڄ ڪلهه اهو پڙهي رهيا آهن.
    اهو ٻڌي مون کي دل ۾ خوشي ضرور ٿي ته پڙهيل ڳـڙهيل نوجوان منهنجي لکڻين کي پسند ڪن ٿا پر اها ڳالهه مونکي سٺي نه لڳي ته ٽئي سال جا شاگرد ائين وقت وڃائين. ان ڪري مون کين سمجھايو ته توهان ڪو B.A سنڌي ادب ۾ نه پيا ڪريو جو منهنجي يا ٻين سنڌي يا اڙدو اديبن جي ڪتابن کي وقت ڏيو ٿا. ميڊيڪل يا انجنيئرنگ جهڙا سبجيڪٽ فل ٽائيم گهرن ٿا. توهان کي کپي ته پنهنجي فيلڊ سان واسطو رکندڙ درسي ۽ ٻيا ڪتاب پڙهو. وقت ملانوَ ٿو ته کڻي ڪا انگريزي اخبار يا ناول پڙهو جيئن توهانجي انگريزي سڌري سگهي. هڪ دفعو انجنيئر يا ڊاڪٽر ٿي وڃو ته پوءِ فرصت ۾ پاڻ کي تازو رکڻ لاءِ ڀلي کڻي سنڌي يا اڙدو ناول، سفرناما يا شعر و شاعري پڙهجو. مئٽرڪ ۽ انٽر تائين جيترا توهان غير درسي ڪتاب پڙهيا اهو سٺو ڪيانوَ. هاڻ ٽيڪنيڪل ڪتابن کي وقت ڏيو.
    پر ڳالهه اها آهي ته اسانجي پروفيشنل ڪاليجن يا يونيورسٽي جي سائنس جا شاگرد پيا گهمن ڦرن. ملائيشيا يا جپان جهڙن ملڪن ۾ ته مونکي اتي جو B.A جو شاگرد به ائين واندو نظر نٿو اچي جو سڄو ڏينهن موبائيل فون تي ڳالهائيندو رهي يا فيس بڪ کوليو ويٺو هجي. اسان وٽ گهمڻ ڦرڻ وارا ۽ سڄو ڏينهن هوٽلن تي ويهي ڪچهري ڪرڻ وارا به ڪنهن نموني سان ڊگريون حاصل ڪريو وڃن. پر پوءِ اهي جڏهن پرئڪٽيڪل لائيف ۾ گهڙن ٿا ته ڄاڻ نه هجڻ ڪري لڙهيو وڃن.
    مٿي ٻڌائي چڪو آهيان ته اسان جي شاگردن جي انگريزي سٺي نه هجڻ ڪري هو نوڪري ڏيڻ واري اداري کي متاثر ۽ مطمئن ڪرڻ ۾ ڪامياب نٿا ٿين ۽ ٻي ڳالهه جيڪا مون نوٽ ڪئي ته اسان جي ڪيترن گرئجوئيٽس کي ڪاغذ جي ڊگري ته ضرور آهي پر ان سبجيڪٽ جي گهري ڄاڻ ناهي. ميڊيڪل يا انجنيئرنگ جي اميدوار کان کڻي سندس سبجيڪٽ تي سوال ڪر ته وائڙو ٿيو وڃي .... پڙهيو هُيس پر ياد ناهي .... هڪ ڊاڪٽر صاحب ته اهو به چيو ته جتان مون ڊگري حاصل ڪئي اتي پروفيسرن جي توڙي مُردن جي کوٽ هجڻ ڪري اسان ڪافي شيون نه پڙهي سگهياسين نه ڏسي سگهياسين.
    ياد رهي ته جيڪو نوڪريءَ لاءِ توهان کي ڀاڙا ۽ ويزا موڪلي گهرائي ٿو ۽ جنهن ڪم لاءِ هو توهان کي ٺيڪ ٺاڪ پگهار ڏيڻ لاءِ تيار آهي اهو توهان سان ليوڊو راند ته نه ويهي کيڏندو؟ ۽ جي توهان پنهنجي فيلڊ: ڊاڪٽري، انجنيري، ٽيچري يا ٻي کان چڱي طرح واقف نه آهيو ته پوءِ هو توهانکي نوڪري ڇو ڏئي؟ هتي ته ڏهن اميدوارن جي قطار لڳي پئي آهي ۽ پوءِ اسان جي ماڻهوءَ بدران ڪو انڊين يا سري لنڪن چونڊجيو وڃي. هي ائين آهي جيئن توهان ڀاڙو موڪلي عمرڪوٽ يا مٺيءَ مان بورچي گهرايو ۽ هو توهان وٽ پهچي چوي ته مونکان بصر نٿو ڪٽيو ٿئي، چلهه تي گهڻي دير بيهڻ سان گرمي ٿي لڳي، ماني پچائي سگهان ٿو پر اٽو ڪو ٻيو ڳوهي ڏئي ..... ته ظاهر آهي توهان اهڙي کي ڇو رکندائو جڏهن ان جي مقابلي ۾ کپري کان جيڪو نوڪري لاءِ آيو آهي اهو هر قسم جي ماني ته ٺاهيو وٺي پر ٿوري گهڻي ڊرائيوري به ڪريو وڃي.
    سچ پڇو ته انڊيا توڙي بنگلاديش کان اهڙا به اميدوار آيا ٿي جيڪي پنهنجي ڊيوٽي انجنيري يا ڊاڪٽري ته بهتر نموني سان سرانجام ڏئي سگهيا ٿي پر هو ڪمپيوٽر جي ڪم ۾ به ماهر هوندا هئا ۽ هر ڪم ڪمپيوٽرائيزڊ ڪري سگهيا ٿي. مونکي حيرت ٿيندي هئي ته انهن ۾ ڪي اهڙا به هوندا هئا جيڪي انگريزيءَ کان علاوه مقامي ٻولي ملئي به ٿوري گهڻي سکي آيا ٿي. نتيجي ۾ مونسان گڏ ويٺل ”سليڪشن بورڊ جو پينل“ اهڙي اميدوار/انجنيئر کي چونڊيندا هئا.... ڀلي کڻي هن جو واسطو سري لنڪا سان هجي يا هندو ڌرم سان هجي.
    ان ڪري توهان نوجوانن کي اها ئي نصيحت ڪندس ته مهرباني ڪري پنهنجي سبجيڪٽن تي محنت ڪريو انهن کي چڱي طرح پڙهو.... روزانو ڪلاس اٽينڊ ڪريو ۽ پنهنجن پروفيسرن جا ليڪچر غور سان ٻڌو جيئن توهان جڏهن ڊاڪٽر يا انجنيئر ٿيو ته توهان وٽ ڊگريءَ سان گڏ پنهنجي فيلڊ جي چڱي طرح ڄاڻ به هجي.
    اسان جي شاگرد جي دماغ ۾ اها ڳالهه ويٺل آهي ته هنن جا پڙهائڻ وارا استاد قابل نه آهن. يعني هو پنهنجي ڳالهه نٿا مڃين ته کانئن محنت نٿي پڄي، ڏوهه پنهنجن پروفيسرن تي هڻن ٿا. ڪيڏي بيوقوفيءَ جي ڳالهه آهي. تعليمي ادارو چاهي مهراڻ يونيورسٽي هجي يا سنڌ يونيورسٽي يا شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ـــ انهن جا پروفيسر ڏسو. هڪ هڪ اعليٰ تعليم يافته آهي. هر هڪ پنهنجي سبجڪيٽ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي .... ۽ Ph.D ڪرڻ ڪا چرچي جي ڳالهه ته نه آهي. اهي اسان جا Ph.D پروفيسر ئي ته آهن جيڪي ڪيترن ئي ملڪن جي اعليٰ يونيورسٽين ۾ پڙهائي رهيا آهن. منهنجي اڪثر پنهنجي ملڪ جي شاگردن سان مختلف ملڪن ۾ ملاقات ٿيندي آهي جيڪي اتي جي يونيورسٽين ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪن ٿا. گذريل صديءَ جي آخر تائين ته انهن جي گهڻائي فقط آمريڪا، انگلنڊ ۽ يورپ جي ملڪن ۾ نظر آئي ٿي پر هاڻ ته جپان، ڪوريا، هانگ ڪانگ، ملائيشيا ويندي چين ۾ به ڪيترائي نظر اچن ٿا. هو قابل ۽ محنتي آهن تڏهن ته ڌاريان ملڪ هنن کي پنهنجن ملڪن ۾ پڙهائڻ لاءِ منٿون ڪن ٿا.
    ملائيشيا ۾ هالا جي هڪ انجنيئر ڊاڪٽر رامچند کي Ph.D ڪرڻ بعد اتي جي هڪ يونيورسٽي جو پروفيسر بعد ۾ ڊين ڪري رکيائون. ٽنڊو آدم پاسي جو هڪ انجنيئر عبدالله ساند جڏهن ”جوهور“ ملائيشيا ۾ Ph.D ڪري رهيو هو ته هن کي پڙهائي دوران ئي ڪيترين نوڪرين جي آفر ٿي! هو ايڏو هوشيار هو جو هن جنهن گهٽ وقت ۾ Ph.D ڪئي اڄ ڏينهن تائين ان يونيورسٽيءَ مان ڪو ڪري نه سگهيو آهي. ان سلسلي ۾ نواب شاهه جي مسٽر زينت جمالي، راحيلا شاهه، فِضا قريشي، اسلم ڀنڀرو ۽ نياز گهمرو جهڙن جا ڏئي سگهجن ٿا جيڪي ملائيشيا ۾ جڏهن پي ايڇ ڊي ڪري رهيا هئا ته هنن ۽ هنن جهڙن ڪيترن شاگردن جي ذهانت، ڄاڻ ۽ محنتپڻو ڏسي هننکي تعليم دوران ملائيشيا، سنگاپور ۽ آسٽريليا ۾ نوڪرين جي آفر ٿي. پر هنن موٽي اچي پنهنجي ملڪ ۾ نوڪري ڪئي. هو اڄ مختلف تعليمي ادارن ۾ توهان شاگردن کي پڙهائي رهيا آهن. هنن جي ٺلهي رهنمائي به وڏي ڳالهه آهي. پر ڇا آهي جو اڄ جو شاگرد ـــ اسانجي ملڪ جو شاگرد، ايترو محنتي نه آهي. هو بيچلر جي بنيادي ڊگري سٺي ڄاڻ ۽ علم سان حاصل ڪرڻ لاءِ تعليم جا اهي چار پنج سال چلو ڪڍي پنهنجي فيلڊ جا ڪتاب پڙهڻ بدران ٽي وي جا به سڀ پروگرام ڏسڻ چاهي ٿو، فنڪشن ۽ دعوتون به اٽينڊ ڪرڻ چاهي ٿو، مائٽن ۽ دوستن سان ملڻ لاءِ مختلف شهرن ۾ به هليو وڃي ٿو، فيس بڪ ۽ واٽس ائپ تي به ڪلاڪ وڃائي ٿو ته موبائيل فون تي ميسيج ۽ عشق به ڪري ٿو پوءِ هن کان پڙهائي ڇا پڄندي؟ پر اهو به چوندس ته توهان ۾ ڪجهه شاگرد آهن جيڪي انهن ڳالهين کان منهن موڙي پڙهائي ۾ جوٽيل رهن ٿا ۽ اهي ئي اڳتي هلي پي. ايڇ ڊيون به ڪن ٿا. سو منهنجي توهان شاگردن کي اها ئي صلاح آهي ته پنهنجي بنيادي تعليم B.E يا MBBS وغيره ۾ دل لڳائي پڙهو ۽ پنهنجو وقت نه وڃايو. رڳو امتحان پاس ڪرڻ لاءِ امپارٽنٽ سوال رٽڻ ۽ اٽڪل بازيون نه ڪريو پر پنهنجي سبجيڪٽ جي چڱي طرح ڄاڻ حاصل ڪريو ـــ جيئن نوڪري لاءِ انٽرويو ڏيندي وقت اڳلي کي مڃرائي سگهو ته هو جي توهان کي سندس حڪومت ۾ يا پنهنجي فرم ۾ جاب ڏيندو ته هن کي پڇتاءُ نه ٿيندو. ۽ ياد رکو نوڪري ملڻ بعد توهان تڏهن صحيح طرح ڪم ڪري سگهو ٿا جڏهن توهان کي پنهنجي ڪم جي ڄاڻ هوندي ۽ پنهنجو پاڻ تي اعتماد هوندو ـــ ٺلهي ڪاڳر جي ڊگري ڪا حيثيت نٿي رکي.
    ملائيشيا ۾ هوس ته 1980ع واري ڏهاڪي ۾ اسانجي هڪ سفير پنهنجو اثر رسوخ هلائي اسانجي ملڪ جي ويهارو کن ڊاڪٽرن کي ملائيشيا ۾ نوڪري ڏيارائي. هن جي دل ۾ اهو هو ته پنهنجي ملڪ ۾ نوڪريون تمام گهٽ آهن خاص ڪري تازن گرئجوئيٽن لاءِ. هتي ملائيشيا ۾ هو جي هڪ ٽن سالن جو Contract به ڪندا ته ايترو پئسو بچائي سگهندا جو پوءِ پنهنجي ڳوٺ وڃي پنهنجي ڪلينڪ کولي سگهندا.
    ملائيشيا حڪومت اسانجي ڊاڪٽرن کي ٽڪيٽون موڪلي ڪوالالمپور گهرايو ۽ کين مختلف ڳوٺن جي اسپتالن ۾ رکيو ويو. مهيني اندر سڀ پڙ ڪڍي بيهي رهيا ته اسانکي واپس موڪليو اسان کان هتي جي نوڪري نه پڄندي. سبب پڇيو ويو ته سڀني اهو ئي ٻڌايو ته نوڪري سخت آهي ۽ اسان کان اڪيلي سر ڪم نٿو ٿئي ۽ ٻيو وڏو سبب اهو ته ايمرجنسي ۾ ڊليوري (ويم ڪرڻ) لاءِ به چون ٿا ۽ غلط دوا ڏيڻ تي ڪورٽ جا ڪيس ٿين ٿا. نيٺ هڪ هڪ ٿي هليو ويو. انهن جي جاءِ تي انڊيا جي سفارتخاني انڊيا جي ڪنهن ميڊيڪل ڪاليج مان ساڳيا فريش گرئجوئيٽ گهرايا پر هو وڏي اعتماد سان مريض به ڏسندا رهيا ته ويم به ڪندا رهيا. ياد رهي ته ملائيشيا ۾ اڄ به عام ويم مرد ڊاڪٽر ڪن ٿا. 1988ع تائين ته سڄي ملاڪا رياست ۾ ڪا ليڊي ڊاڪٽر نه هئي ان بعد ملاڪا جي جنرل اسپتال ۾ پهرين ليڊي ڊاڪٽر پاٽ جي ڊاڪٽر نرگس قاضي آئي. هينئر ملاڪا وڃڻ تي اتي جي جنرل اسپتال ۾ جنهن ليڊي ڊاڪٽر سان ملاقات ٿي اها به سنڌ جي هئي ـــ ٽنڊو ڄام جي پروفيسر سعيد ٽالپر جي زال ڪڙي ڳنهور جي ڊاڪٽر ارم ياسمين نظاماڻي! هنن بابت آئون ملائيشيا جي سفرنامي ”مونکي موهيو ملائيشيا“ ۾ تفصيل سان لکي چڪو آهيان.
    ڳالهه اها آهي ته ٻاهر ولايت ۾ توڙي اسانجي خانگي اسپتالن ۾ نوڪري سخت ٿي ٿئي ۽ اسان جو نوجوان جيڪو “No Work” ڪلچر جو عادي آهي ۽ پڙهائي به چڱي طرح نه ڪئي اٿس اهو جياليو نٿو سگهي. اهو هر وقت پنهنجي ملڪ ۾ ”سرڪاري نوڪريءَ“ جي ڳولا ۾ رهي ٿو جتي هن کي نه ڪم ڪرڻو پوي ۽ نه ڪو ڪم جو پڇيس.... بلڪه رشوت ۽ حرام جو پئسو کيسي ۾ ايندو رهي. پر هاڻ ڏينهون ڏينهن اهڙيون سرڪاري نوڪريون ختم ٿينديون وڃن ۽ رشوت خور سيڪريٽري به پيا جيلن جي هوا کائين ..... ان ڪري توهان شاگردن لاءِ بهتر آهي ته محنت ڪري چڱي طرح پڙهو ۽ ڊگري جي پَني حاصل ڪرڻ سان گڏ پنهنجي سبجيڪٽ جي چڱـي طرح ڄاڻ به حاصل ڪيو. وقت به وقت پنهنجن پروفيسرن کان رهنمائي وٺندا رهو. جو اهي به محنت ڪري ان منزل تي پهتا آهن.
    • توهانکي پنهنجي پڙهائيءَ مان جي واندڪائي ملي ٿي ته ڪمپيوٽر سکو ـــ يعني ان جي پروگرامن کي سکو، ڏهن ئي آڱرين سان ٽائيپنگ جي پرئڪٽس ڪيو، وغيره. ۽ ڪجهه ٽائيم ڪڍي ڪجهه رڌ پچاءُ ضرور سکو. ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ڀت رڌڻ، ٻوڙ ٺاهڻ وغيره. توهان کي ان ڳالهه تي کل ٿي اچي پر توهانکي ڏک جهڙي ڳالهه ٻڌايان ته اسان جا ڪيترا هم وطني ولايت ۾ سٺيون سٺيون نوڪريون ان ڪري ڇڏي آيا جو هنن کي ڊبل روٽي نٿي وڻي. هنن کي هر ويلي تي چپاتي يا چانور ٿي کتا .... رس وارو ٻوڙ ٿي کتو. منهنجي خيال ۾ مصالحا ٽي وي چئنل بعد اسان مردن لاءِ ٻه ٽي ڊش سکڻ ڪو ڏکيو ڪم نه هئڻ کپي.
    • هڪ دفعي سنگاپور جي تنجنگ پگار علائقي ۾ هڪ نئين آيل هم وطنيءَ سان ملاقات ٿي. هو شايد ڪنهن سبجيڪٽ ۾ سنگاپور جي نئشنل يونيورسٽي مان Ph.D ڪري رهيو هو يا شايد کيس اتي ٽيچنگ لاءِ رکيو ويو هو. ڪنڌ تي ٻه قميصون رکي هيڏانهن هوڏانهن وائڙن وانگر ڪنهن دڪان جي ڳولا ۾ هو. سندس رهنمائيءَ لاءِ مون پڇيومانس.
    ”سائين ڪنهن درزيءَ جو دڪان ڳولي رهيو آهيان ٻنهي قميصن جا مٿيان بٽڻ ٽٽي پيا آهن. ٽاءِ ٻڌڻ لاءِ ضروري آهن.“
    ملائيشيا توڙي سنگاپور جهڙن ملڪن ۾ گرمي پنهنجي جاءِ تي پر سرڪاري توڙي خانگي آفيسن ۾ ڪم ڪنڊڙ هر آفيسر لاءِ ٽاءِ ٻڌڻ ضروري آهي جيئن اسان وٽ بئنڪن ۾ آهي. ملائيشيا ۾ هفتي جي هڪ ڏينهن ڇنڇر تي، جيڪو اڌ ڏينهن ٿئي ٽاءِ بنا اچبو آهي پر ان ڏينهن تي هرڪو مڪاني ڊريس يعني باتڪ جي رنگين گلن واري قميص، اوڍي ٿو. بهرحال مون هن نئين آيل انجنيئر کي چيو ته ”درزيءَ جو دڪان ته آئون کڻي ٿو توکي ٻڌايان پر هتي جو ملئي درزي به ان ڳالهه تان توتي کلندو. تون هن کان ٻيڙا هڻائڻ آيو آهين!“ ياد رهي ته سنگاپور ۾ ٽي قومون رهن ٿيون: ملئي، چيني ۽ انڊين (جن ۾ گهڻا تامل ۽ تيلگو ڳالهائڻ وارا سائوٿ انڊين آهن). انهن ٽنهي قومن ۾ ملئي ڪم جا سست آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته هاڻ اهي به تيز ٿي ويا آهن..... پڙهائيءَ ۾، پورهئي ۾، نوڪري ۾ ۽ محنت ۾ پڻ ـــ خاص ڪري ملائيشيا جي مقابلي ۾ سنگاپور جا ملئي ماڻهو. سنگاپور ۾ هر نوجوان کي ٻه سال فوج ۾ رهڻ جي قانون به کين چست ۽ ڊسپلينڊ بنائي ڇڏيو آهي.
    بهرحال هتي توهان نوجوانن کي آئون اهو ئي ميسيج ڏيڻ چاهيان ٿو ته قميص ۾ ٻيڙا ٽانڪڻ، ٽيبل لئمپ جي پلگ ۾ تارون ڳنڍڻ، ڪموڊ جي سيٽ بدلائڻ يا دريءَ جي ڇنل ڄاري ڪڍي نئين هڻڻ جهڙن ڪمن لاءِ ڪنهن راڪيٽ سائنس جي ضرورت ناهي. اهڙا ڪم پنهنجو پاڻ ڪرڻ جي پاڻ ۾ قابليت پيدا ڪريو. سڌريل ملڪن ۾ ۽ اڄ جي مهانگائي واري دور ۾ ان قسم جا ڪم امير توڙي غريب پاڻ ئي ڪن ٿا ..... ان لاءِ ڪو به درزي، واڍي يا اليڪٽريشن پٺيان ٽائيم ۽ پئسو نٿو وڃائي.
    هن موقعي تي توهان نوجوانن کي اها به نصيحت ڪندو هلان ته توهان مان ڪيترن کي انشاءَ الله ٻاهرين ملڪن ۾ به نوڪريون ملنديون يا وڌيڪَ پڙهڻ لاءِ موقعا ملندا پر ٻاهرين ملڪن ۾ رهڻ دوران توهان جو ڌيان پنهنجي تعليم يا نوڪريءَ ۾ هجڻ کپي. مقامي سياست، مذهب يا ڪلچر تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ کان گريز ڪجي. ڪيترا ملڪ آهن جن ۾ مختلف قومون رهن ٿيون. اهي ڀلي پاڻ ۾ بحث ڪنديون رهن پر توهان جو ڪنهن به ڌر جو پاسو کڻڻ تي ٻيون ته ٺهيو پر اها پاسو کڻڻ واري ڌر به توهان کي پسند نه ڪندي. مثال طور ملائيشيا ۾ ملئي مسلمان، انڊين هندو ۽ چيني ٻڌ رهن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن هو پاڻ ۾ مذهب يا ٻوليءَ تي ٽيڪا ٽپڻي ڪن ٿا. اسان جا پاڪستاني هروڀرو اهو سوچي ملئي ماڻهن جو پاسو کڻن ٿا جو اهي مسلمان آهن. پر يقين ڪريو ملئي ماڻهن کي اسان جهڙن ڌارين مسلمانن کان سندن پنهنجا انڊين تامل وڌيڪ مٺا آهن جو اهي هنن جي ملڪ جي قوميت رکن ٿا. پر اها ڳالهه ڏسان پيو ته اسانجي پاڪستانين کي ڏکيو سمجهه ۾ ٿي اچي ڇو جو اهو اسانجو ملڪ آهي جيڪو ”مسلمان“ جي ناتي هر ڌارئين کي گهرڻ ڏئي ٿو.... ڀلي اهو برمي هجي يا بنگالي ايراني هجي يا افغاني، ازبڪ هجي يا هندوستاني. ڀلي ڪو بيروزگار هجي يا ڏوهاري .... هو ڀلي پوءِ بم بلاسٽ ڪندو رهي .... دهشتگردي ڪندو وتي، هن کي شناختي ڪارڊ به مليو وڃي ته پاسپورٽ به! پر ٻين ملڪن ۾ ائين هرگز ناهي. سعودي عرب جهڙو پکيڙ ۾ وڏو ۽ امير ملڪ به اسان کي ته ڇا پنهنجي فلسطيني عرب ڀائرن کي به پاڻ وٽ نٿو رهائي. سو ان غلط فهميءَ ۾ هرگز نه رهجو ته مسلمان هجڻ ڪري ملائيشيا، انڊونيشيا، دبئي يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ توهان جا ڏوهه گناهه بخش ڪيا ويندا. ان ڪري ڌارين ملڪن ۾ فضيلت سان رهجي ۽ اتي جي ماڻهن جي بحثن کان هميشه پاسو ڪجي ۽ پاڻ ۾ برداشت جو مادو پيدا ڪجي.
    هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته جنهن ملڪ ۾ توهان تعليم وٺو يا نوڪري ڪريو ان ملڪ جي ماڻهن ۾ پنهنجو پاڻ کي نمايان نه ڪريو. نه پنهنجي برتري ٿاڦيو..... ٻين لفظن ۾ Low Profile رکڻ سان توهان جو پرديس ۾ سڪون سان وقت گذرندو. ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن يا لفظ اهڙا آهن جيڪي ڌارئين ملڪن ۾ نا پسند ڪيا وڃن ٿا. اسان ڌارين جو ڪم آهي ته ان جوخيال رکون ...... هو ڇا انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته:
    “While in Rome, Do as Romans Do”
    اسان وٽ سنڌيءَ ۾ به چوڻي آهي ته: ”هڪ ٽنگي جي ملڪ ۾ وڃجي ته ٻي ٽنگ ورائي ڪلهي تي رکجي.“
    هڪ دفعي ڪئالالمپور جي هڪ طارق روڊ جهڙي روڊ ”جالان بُڪتِ بِنتانگ“ (Jalan Bukit Bintang) تي ٽي هم وطني شاگرد ڏٺم. هو سٿڻ قميص ۾ هئا ۽ هڪ ٻئي جي ڳلي ۾ ٻانهن ورائي چرچا ڀوڳ ڪندا پئي ويا. اوسي پاسي جي ڪيترن ماڻهن جون هنن تي نظرون هيون. مون کانئن سندن ڳوٺن جا نالا ۽ تعليم بابت پڇيو.
    هنن جي انٽر سائنس ۾ سٺي پوزيشن نه اچڻ ڪري ڄامشوري يا نواب شاهه جي انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ به داخلا نه ملڻ تي مائٽن قرض کڻي هنن کي ملائيشيا پڙهڻ لاءِ موڪليو هو. ان قسم جي شاگردن کي ائين وقت وڃائيندو ڏسي آئون کين اڪثر پڙهڻ لاءِ ۽ وقت ضايع نه ڪرڻ لاءِ نصيحت ڪندو آهيان. مون کين شلوار قميص ۾ هجڻ تي حيرت ڪئي ته هو چوڻ لڳا: ”سائين اسان جي ملڪ جي ثقافت آهي ان کي اجاگر ڪري رهيا آهيون.“
    بلڪل صحيح آهي پر آئون چوندو آهيان ته هر ملڪ جي ماحول ۽ حالتن تي به نظر رکجي. 1990ع کان اڳ ملائيشيا ۾ شلوار قميص کي سکن جي ڊريس سمجھيو ويو ٿي خاص ڪري سک عورتون شلوار ۾ نظر اينديون هيون. باقي انڊين توڙي پاڪستاني ٻين يورپين يا ملئي ۽ چينين وانگر پتلونن ۾ هوندا هئا. ڪڏهن ڪو شلوار پائيندو هو ته هن تي سک ـــ يعني غير مسلم جو گمان ڪيو ويندو هو. ان ڪري ملائيشيا ۾ سالن کان رهندڙ اسان جا پنجابي ۽ پٺاڻ مسلمان ..... ويندي اسانجي سفارتخاني جا ماڻهو شهر ۾ شلوار پائڻ کان پاسو ڪندا هئا.
    1990ع ۾ ڪيترا دربدر افغاني ملائيشيا ۾ آيا. هو شلوار قميص ۾ هئا.... ايتريقدر جو شلوار قميص افغانين جي سڃاڻپ ٿي وئي. هو چندو وٺندا رهيا ۽ ملائيشيا جي ماڻهن وڏي دل سان سندن مدد شروع ڪئي. ڪيترا ته موٽي ويا ٿي ڪجهه ملائيشيا جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ غير قانوني رهي ننڍو وڏو بزنيس ڪرڻ لڳا. پر آهستي آهستي.... ٻن ٽن سالن اندر ملائيشيا وارن کي اها ڄاڻ ٿي وئي ته انهن افغانين ۾ ڪيترا غير قانوني طرح رهي پيا آهن، ڪيترا چندو وٺي پنهنجي ملڪ جي غريبن جي مدد ڪرڻ بدران ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ جي جواخانن ۽ چڪلن ۾ عيش پيا ڪن....جن جا فوٽو هر ايندڙ ڏينهن اخبارن ۽ ٽي وي تي اچڻ لڳا. ان کان علاوه مسواڙ تي گهر وٺي نه صحيح وقت تي مسواڙ ڏين ٿا ۽ نه بجلي جو بل چڪتو ڪن ٿا. چورين، ڌاڙن ۽ قتل جي ڪيسن ۾ به ايترو اچڻ لڳا جو ملائيشيا جا ماڻهو کين چندا ۽ امداد ڏيڻ بدران بيزاريءَ جو اظهار ڪرڻ لڳا. سٿڻ قميص واري تي نظر پوڻ سان هتي جي ماڻهن کي هنن لاءِ نفرت ٿيڻ لڳي جو هنن هن ملڪ جو امن تباهه ڪري ڇڏيو. هر ٽئڪسي واري يا هوٽل واري ڪنهن افغاني .... يعني شلوار قميص واري کي پنهنجي ويجھو اچڻ کان روڪيو ٿي. اها ڳالهه محسوس ڪري هاڻ ڪيترا افغاني روپ بدلائي يعني پتلون ۾ ملائيشيا اچن ٿا پر اڄ به شلوار قميص پهريل معنيٰ افغاني ماڻهو .... معنيٰ خراب ماڻهو .... ٻي جي ڌرتيءَ تي ڏوهه ڪرڻ وارو. هاڻ اهڙي تناظر ۾ ڪو اسانجي ملڪ جو يا ڪوايراني يا بنگالي شلوار قميص پائي هلندو ته هن کي مقامي ماڻهو افغاني ئي سمجھندا..... خاص ڪري پاڪستاني ته پنهنجي ملڪ جو پاسپورٽ ٿو ڏيکاري ته به هن تي افغاني هجڻ جو شڪ ڪيو وڃي ٿو جو سچي ڳالهه اها آهي ته ڪيترن ڏوهاري افغانين وٽ پاڪستاني پاسپورٽ هئا ۽ اها ته اسان سڀني کي خبر آهي ته اسانجي ملڪ ۾ ڪرپشن هجڻ ڪري هر ڌارئين لاءِ اسان جي ملڪ جو پاسپورٽ يا شناختي ڪارڊ هٿ ڪرڻ ڪو مشڪل نه رهيو آهي.
    بهرحال هي سڀ ڪجهه ٻڌائڻ جو مطلب اهو آهي ته چوڌاري حالتن جو به جائزو وٺو ۽ ڌارئين ملڪ ۾ ڪوشش ڪري جنهن ڪم ــــ پڙهائي يا نوڪرريءَ لاءِ وڃو ٿا ان تي ئي توجهه ڏيو .... ملڪ جي ثقافت يا پرچار ڪرڻ لاءِ اسانجي سفارتخاني جا ماڻهو آهن جيڪي ان قسم جي ڳالهين .... يعني پنهنجي ملڪ جي ثقافت ۽ ڪلچر کي روشناس ڪرائڻ جهڙين ڳالهين جو پگهار وٺن ٿا.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسانجي ملڪ جو ٻاهر جي دنيا ۾ اميج سٺو نه هجڻ ڪري ۽ اسان جي ملڪ ۾ تعليم جو معيار ڪرڻ ڪري اسان جي نوجوانن لاءِ ٻاهرين ملڪن ۾ سٺيون نوڪريون حاصل ڪرڻ ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي. پر ان هوندي به يورپ توڙي آمريڪا ۾، عرب ملڪن توڙي ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر جي ملڪن ۾ ڏسان ٿو ته اسان جا ڪيترائي گرئجوئيٽ ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون نوڪري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا رهن ٿا. پر افسوس تڏهن ٿيندو آهي جڏهن اسانجو نوجوان چڱي خاصي آفر ٿيل نوڪري ڇڏي ڏئي ٿو يا نوڪريءَ تي چڙهي نئين ملڪ ۾ درپيش آيل معمولي مسئلن کان پريشان ٿي هلندڙ نوڪري (Contract) کي ختم ڪري پنهنجي ملڪ موٽيو اچي ۽ پوءِ پنهنجي ملڪ ۾ اهي سک ۽ سهولتون نه ڏسي جلد پڇتائڻ به لڳي ٿو ۽ واپس موٽڻ لاءِ منٿون ڪري ٿو.
    توهان کي جي ٻاهر جي ملڪن ۾ نوڪريءَ جي آفر ٿي آهي ته ان کي قبول ڪرڻ کان اڳ نوڪري ڏيڻ واري کان يا انهن وٽ ڪم ڪندڙ توهان جو ڪو واقفڪار آهي ته ان کان نوڪري يا ڪم جي نوعيت ضرور پڇو ۽ ٽائيم پڻ. جپان جهڙن ملڪن ۾ صبح جو مقرر وقت تي آفيس پهچڻ ضروري آهي پر موڪل جي وقت گهر وڃڻ ضروري ناهي. ڪم جي گهڻائيءَ ڪري شام جو دير تائين به آفيس ۾ وهڻو پوي ٿو. ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ ڇنڇر ۽ آچر موڪل ٿيڻ بدران فقط آچر جو ڏينهن موڪل ٿئي. ڇنڇر اڌ ڏينهن ٿئي باقي ڏينهن صبح جو 8 کان ساڍي چئين تائين آفيس ٿئي. سعودي عرب ۾ صبح جو 8 کان اڳين نماز تائين ڊيوٽي ٿئي ان بعد ٻه ٽي ڪلاڪ آرام ڪرڻ بعد عصر نماز کان عشا نماز تائين ڊيوٽي ٿئي ٿي. يعني توهان سڄو هفتو آفيس يا فئڪٽري بِلي رهو ٿا. توهان جا اهي خواب پورا نٿا ٿين ته شام جو دوستن وٽ وڃبو يا ڀر واري ڳوٺ ۾ رهندڙ مائٽن وٽ وڃبو. توهان جي جيڪڏهن مڪي يا مديني جي آسپاس نوڪري آهي ته ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته توهان جي جڏهن دل چاهيندي ته حج يا عمرو ڪندا رهندا يا ان لاءِ آيل پنهنجن مائٽن/دوستن سان ملڻ ويندا رهندا. اسان جا ـــ يعني پاڪستان جا (انڊيا يا سريلنڪا جهڙن ملڪن جا هرگز نه) ان پابنديءَ ڪري دل شڪستا ٿيو پون. ياد رکو ته توهان کي ڪو به پگهار تي رکي ٿو ته توهان جو فرض آهي هن جو ڪم ڪرڻ ۽ نوڪري ڏيڻ واري جو چيو مڃڻ ۽ گسائڻ کان گريز ڪرڻ. اسان ماڻهن لاءِ عام شڪايت اها ئي آهي ته هڪ ته پنهنجي ڪم جي (پوءِ اها چاهي ڊاڪٽري هجي، انجنيري يا ٽيچنگ) گهڻي ڄاڻ نٿا رکون ۽ ٻيو ننڍي ننڍي ڳالهه تي موڪلون ڪري مالڪ جي ڪاروبار کي نقصان پهچايون ٿا.
    هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته ڌارئين ملڪ مان جڏهن توهانکي نوڪريءَ جي آفر ٿئي ٿي ته هو ٻين Terms & Conditions سان گڏ پگهار جو به ٻڌائين ٿا. قبول ڪرڻ بعد Contract تي صحيح ڪئي وڃي ٿي. پر جي توهان سمجھو ٿا ته پگهار گهٽ آهي ته نوڪري جو رضامندو ڪرڻ کان اڳ هنن کي ٻڌايو وڃي ۽ ٿي سگهي ٿو هو توهان کان پڇن ته توهان ڪيترو چاهيو ٿا. پر اهڙي حالت ۾ توهان کي پنهنجي تعليم، هنر ۽ تجربي جو ملهه ڪٿي پوءِ لکڻ کپي. مثال طور توهان ڪنهن اهڙي سبجيڪٽ جا پروفيسر، انجنيئر يا سرجن آهيو جنهن ۾ ٻيو ماڻهو ملڻ ڪو آسان ناهي ته پوءِ توهان جي خواهش جو پورائو ٿي سگهي ٿو نه ته گهڻو ڪري ٻه ٽي ماڻهو Stand By هوندا آهن. ڏسندا آهن ته ڪو پاڪستاني ان پگهار تي راضي نٿو ٿئي ته انڊيا جي اميدوار کي نوڪري جي آفر ڪندا، اهو به نه ته بنگلاديشي ۽ سري لنڪا واري کي گهرايو وڃي ٿو. ان ڪري پنهنجي مرضي جو پگهار يا ڳالهه مڃرائڻ لاءِ سوچي قدم کڻجي. ۽ هڪ دفعو شرط شروط قبول ڪرڻ بعد اتي پهچي پوءِ تبديل نٿا ٿي سگهن ۽ هڪ سال يا وڌيڪَ طيءِ ٿيل مدي جي مڪمل ٿيڻ بعد نئين Contract ۾ تبديليءَ جي ڪوشش يا آسرو ڪري سگهجي ٿو. اهو به ضروري نٿو ٿئي ته ڪويت جي ڪنهن اسپتال جي هر عام ڊاڪٽر جو يا سنگاپور جي ڪنهن فرم ۾ ڪم ڪندڙ هر انجنيئر جو ساڳيو پگهار هجي. اهو سرڪاري آفيسن ۾ ٿئي ٿو. پرائيويٽ ڪمپنين ۽ ادارن ۾ وقت ۽ حالتن مطابق هرهڪ کي الڳ الڳ پگهارن جي آفر ڏني وڃي ٿي.
    منهنجي توهان کي اها ئي نصيحت آهي ته انجنيئرنگ جي بنيادي تعليم B.E. کان وٺي توهان هر چئپٽر چڱي طرح پڙهو ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ اڳتي هلي انجنيئرنگ (۽ اهڙي طرح ميڊيڪل جا شاگرد) ڪنهن اهڙي خاص برانچ ۾ ماهر ٿيو جنهن جي ايندڙ وقت ۾ گهڻي Demand (ضرورت) محسوس ڪئي ويندي هجي ته پوءِ توهان کي جتان ڪٿان نوڪريءَ لاءِ سڏ ٿيندو رهندو.
    اسانجي پاڙي جي هڪ شاگرد MBBS آعا خان يونيورسٽيءَ مان ڪئي. ان بعد آرٿوپيڊڪ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪئي ۽ هاڻ اسلام آباد ۾ آرٿوپيڊڪ جي خاص برانچ Spinal Cord ۾ Specialization ڪري رهيو آهي. ظاهر آهي هن کي هينئر کان ڪيترن هنڌن تي نوڪريءَ جون آفرون ٿي رهيون آهن.
    شروع ۾ توهان مان هڪ شاگرد پڇيو ته B.E بعد نوڪري ملي وڃي ته ڪجي يا نه؟ جواب آهي نوڪري ملي ٿي ته ڇو نه ڪجي پر مونکي ٻڌايو ته B.E وارن لاءِ نوڪريون آهن ڪٿي؟ ڪراچيءَ ۾ هڪ دوست وٽ ويس جنهن جي پٽ گذريل سال B.E ڪئي هئي. مون کيس مبارڪ ڏيندي چيو ته هاڻ تون انجنيئر ٿي وئين!
    مرڪندي وراڻيائين ”انڪل اڃان ڪٿي! آئون M.E ڪري رهيو آهيان. دعا ڪريو ته ڪنهن سٺي برانچ ۾ Ph.D ڪرڻ جو موقعو ملي وڃي ته ڪنهن بهتر نوڪريءَ جو آسرو ٿئي.....“
    منهنجي خيال ۾ هن جي صحيح سوچ آهي ۽ هو هينئر کان ٽانءَ ۾ اچڻ بدران پنهنجو پاڻ کي هڪ غريب شاگرد تصور ڪري محنت ۾ لڳو پيو آهي.....
    توهان مان ڪجهه شاگردن اهو به پڇيو هو ته B.E ڪرڻ بعد هنن کي ملائيشيا، جپان، چين يا ٻين ملڪن ۾ وڌيڪَ پڙهڻ لاءِ اسڪالرون ملي سگهن ٿيون؟ ٻاهرن ملڪن جي ڪيترين ئي يونيورسٽين ۾ آئون پنهنجي ملڪ جي شاگردن کي اسڪالر تي پڙهندو ڏسان ٿو.... اسان جي شهر ۽ ان جي پسگردائي وارن ڳوٺن جا به شاگرد توڙي شاگردياڻيون نظر اچن ٿيون پر آئون نٿو سمجھان ته ڪو MBBS يا B.E بعد اسڪالر ملي ٿي .... يعني ماسٽرس ڊگري بعد ئي اسڪالر حاصل ڪري سگهجي ٿي. مونکي جيڪي به ملن ٿا اهي Ph.D ڪندي نظر اچن ٿا جن کي پنهنجي يا پرائي حڪومت يا بين الاقوامي ادارن طرفان ماسٽرس ڪرڻ بعد اسڪالر ملي ..... جنهن جي ڳولا لاءِ هو نيٽ تي ۽ سنئون سڌو بين الاقوامي ادارن ۽ يونيورسٽين کان لڳاتار معلوم ڪندا رهيا ۽ هنن کي پنهنجي اعليٰ ڪارڪردگيءَ کان آگاهه ڪندا رهيا. دعا آهي ته توهان پوري ڌيان ۽ محنت سان تعليم جاري رکندائو ۽ جتي به نوڪري ملندانوَ ته ڪم ۽ ڄاڻ ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائي ملڪ ۽ قوم جو نالو پيدا ڪندائو.


    دائود ڪاليج جيڪو هاڻ يونيورسٽي آهي

    منهنجو ڀاڻيجو ڊاڪٽر مشتاق ميمڻ ڏهه ڏينهن کن موڪلن جا گذاري اڄ رات واپس جپان وڃي رهيو هو. منجھند ڌاري هن پنهنجي انجنيئر دوست پير جھنڊي (سعيد آباد) جي ڊاڪٽر روشن علي شاهه راشديءَ سان دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي (DUET) ۾ ملڻ ٿي چاهيو. هن مونکي به هيءَ يونيورسٽي ڏسڻ لاءِ چيو جيڪا تازو 2013ع ۾ انجنيئرنگ ڪاليج (DCET) مان يونيورسٽي ٿي آهي ۽ سندس قابل وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فيض الله عباسيءَ ان کي ملڪ جي اعليٰ تعليمي ادارن مان هڪ بڻائي ڇڏيو آهي.
    ”آئون به هلڻ ٿو چاهيان.“ مون خوشيءَ مان چيو. هونءَ هن عمر ۾ ٻاهر نڪرڻ تي مونکي سستي چڙهي ٿي جو دل چوندي آهي ته سمورو وقت هڪ هنڌ ويهي لکجي يا پڙهجي. پر هن ڀيري يڪدم تيار ٿي ويس. ”آئون ٻنهي کي ڏسڻ ٿو چاهيان....... 50 سالن کان به مٿي ٿي ويو آهي کين ڏٺي“. مون چيو ۽ ڊاڪٽر مشتاق حيرانيءَ مان مونکي ڏسڻ لڳو. مون کيس يڪدم ٻڌايو ته منهنجو مطلب دائود يونيورسٽي ۽ تنهنجي دوست ڊاڪٽر روشن علي شاهه راشديءَ سان آهي. هن کان اڳ مون ٻنهي کي 1965ع ڌاري ڏٺو هو جڏهن روشن ست اٺ سالن جو ٻار هو ۽ آئون چٽگانگ مان مئرين انجنيئرنگ ڪري مهيني کن لاءِ ڳوٺ اچي رهيو هوس.
    1962ع ۾ جڏهن اسان ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ فرسٽ ييئر (يارهون ڪلاس) پورو ڪري ٻارهين (انٽر) ۾ پهتاسين ته اها خوشخبري ٻڌيسين ته NED انجنيئرنگ ڪاليج کان علاوه ٻه ٻيا ڪاليج ڄامشوري ۾ مهراڻ ڪاليج ۽ ڪراچيءَ ۾ دائود انجنيئرنگ ڪاليج کليا آهن يعني انجنيري پڙهڻ جا وڌيڪَ موقعا پيدا ٿيا آهن. انٽر بعد مون به نيوي جي چونڊ جا امتحان ڏيڻ سان گڏ مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج (هاڻ يونيورسٽي) لاءِ پڻ Apply ڪيو جيئن نيويءَ ۾ چونڊ نه ٿئي ته هن نئين ڪاليج مان ئي انجنيئرنگ (B.E) پڙهجي. منهنجي ان لاءِ چونڊ ٿي وئي پر پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد جڏهن مئرين اڪيدمي چٽگانگ جي چونڊ جو ليٽر مليو ته آئون ڄامشورو ڇڏي چٽگانگ (مشرقي پاڪستان) پهچي ويس جو مونکي سول، مڪينيڪل يا اليڪٽريڪل کان وڌيڪَ مئرين انجنيئرنگ جو شوق هو جيڪا هينئر کڻي نه پاپيولر رهي آهي ۽ نه ڪو اسڪوپ آهي پر تن ڏينهن ۾ نئين نئين ٽيڪنالاجي هئي ۽ پيٽارو جي ڏينهن ۾ سمنڊ ۽ بحري جهاز ڏسي ڏسي سامونڊي زندگيءَ سان چاهه پيدا ٿي چڪو هو.
    جتي مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي حڪومت طرفان ٺهرائي وئي اتي آئون سيٺ احمد دائود کي قدر جي نگاهه سان ڏسان ٿو جنهن پنهنجي کيسي مان ڪراچيءَ شهر جي وچ ۾ مهانگي زمين خريد ڪري ان تي دائود انجنيرنگ ڪاليج ٺهرايو. اڄ ڪلهه ته ڪو پرائمري اسڪول ٿو کولي ته ان پٺيان هن جي نيت ڪمائي ڪرڻ آهي جيڪا هو ڳريون فيون رکي حاصل ڪري ٿو. پر يقينن دائود فئملي وارن جو هن ڪاليج کولڻ پٺيان سنڌ صوبي جي خدمت ڪرڻ هو جنهن ۾ اڄ به ڪيترا سنڌ ۽ بلوچستان جي ڳوٺن جا شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ هزارين ڪري چڪا آهن .... جگديش آهوجا، شير محمد سومرو، منظور ڪانڌڙو، عبدالغفور شيخ، مختيار شيخ، زاهد ميان ڀٽو، محمد سليم منگي، مسرور احمد مهر، ساجن حسين سيال، عمران انڙ، خالد وهاب پهوڙ..... ڪهڙن جا نالا کڻي ڪهڙن جا کڻجن جن هن ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي. جيئن اسان جي انڊيا لڏي ويل مخير هندو سيٺين ۽ تعليم يافته ماڻهن تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ بمبئي، پوني، احمد آباد، بڙودا، بنارس ۽ الهاسنگر، ڪلياڻ ۾ اسڪول ۽ ڪاليج کوليا تيئن وليڪا، آدمجي ۽ دائود خاندان پاڪستان ٿيڻ تي انڊيا کان لڏي ڪراچي ۽ مشرقي پاڪستان (هاڻ بنگلاديش) پاسي فئڪٽريون ۽ ڪارخانا کولڻ سان گڏ تعليمي ادارا ۽ اسپتالون پڻ کوليون. مونکي ته هر وقت اهائي حسرت رهندي آهي ۽ سمجهه ۾ ڳالهه نه ايندي آهي ته پاڪستان ٺهي به منو صدي ٿيڻ تي آهي پر ڇا اسان جي سنڌي مسلمان کي ايتري توفيق نه آهي جو کڻي پنهنجن ڀائرن جي ڀلي لاءِ تعليمي ادارا قائم ڪري ۽ ڳوٺن ۾ ڪارخانا لڳرائي جيئن مقامي ماڻهو روزگار کي لڳي وڃن!
    اڄ کان 300 سال اڳ هڪ انگريز ڊاڪٽر انڊيا اچي ان وقت جي مغل بادشاهه جو علاج ڪيو ته بادشاهه سلامت طرفان هن کي انعام طور سندس تور جو سون ڏنو ٿي ويو ته هن وٺڻ کان انڪار ڪندي چيو ته ”ان بدران منهنجي ملڪ انگلستان جي ماڻهن کي توهان جي ملڪ هندوستان ۾ واپار جي اجازت ڏني وڃي.“
    ڪيڏي تعجب جي ڳالهه آهي ته اهو جذبو اسان وٽ اڄ به پيدا نه ٿي سگهيو آهي. اسان جو حاڪم ۽ ڀوتار پنهنجي کيسي مان ته پنهنجي ماڻهن جي ڀلي لاءِ ڪجهه نٿو ڏئي پر جڏهن ڪو رشوت ۾ کانئس Choice پڇي ٿو ته هو عوام کي پڙهيل ڳڙهيل بنائڻ لاءِ هن کان يونيورسٽي ٺهرائڻ بدران پنهنجي محل نما گهرن ۾ هڪ بئي محل جو واڌارو آڻن چاهي ٿو! ڪيڏي ڏک جي ڳالهه آهي ۽ ايڪهين صديءَ جي حقيقت آهي ته اسان وٽ وزير تعليم ئي تعليم تباهه ڪري ٿو ۽ ”سنڌي مسلمان“ اوس پاس جي ماڻهن ۾ اڄ به ”ڄٽ“ تصور ڪيو وڃي ٿو. عام ماڻهوءَ ۾ ان جهالت مان نڪرڻ لاءِ همت ۽ motivation پيدا ڪرڻ بدران هن کان ٺينگ ٽپا ڏيارائي خوش ڪيو وڃي ٿو ته تون ئي تهذيب يافته آهين تون ئي عالم اڪابر آهين. ڪوڙي تعريف ۾ هو گـٽڪن واري نشي جو سرور محسوس ڪري ٿو ۽ اسانجا چونڊيل نمائندا، اسان جا حاڪم اوطاقون، گدام ۽ واڙا بڻيل اسڪول به کولرائي نٿا سگهن .... نوان ۽ اعليٰ قسم جا اسڪول کولڻ ته ٿي پري جي ڳالهه! پر ڳالهه اها آهي ته هنن کي پنهنجي وطن جي ٻارن جي تعليم جو فڪر هجڻ به ڇو کپي؟ هنن جا ٻار پيا ٻاهر پڙهن، هنن جي کنگهه ٿڌ جو علاج به پيو ولايت ۾ ٿئي سو هنن کي ڪهڙو فڪر ته غريب جي ٻار سان ڇا ويڌن آهي. هتي اسان وٽ ڪو ملائيشيا جهڙو مهاتير محمد ته آهي ڪونه جيڪو وزير اعظم ٿي ڪري دل جي آپريشن ولائت بدران پنهنجي ملڪ ۾ ڪرائي، جيڪو پنهنجن ٻارن کي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهائي ۽ رٽائرڊ ٿيڻ بعد اوباما وانگر پنهنجي ڳوٺاڻي گهر ۾ وڃي رهي ..... سو ڪجهه به آهي آئون دائود، آغا خان، بواني، همدرد، آدمجي جهڙن کي قدر جي نگاهه سان ڏسان ٿو جن پنهنجي ڪميونٽي سان گڏ سنڌ جي عوام لاءِ به ڪجهه ڪيو. هنن ته سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ڪارخانا هڻي مڪاني ماڻهن جو ڀلو ڪرڻ ٿي چاهيو پر اسان سڀني کي ڄاڻ آهي ته اسانجي ئي وڏيرن، ڀوتارن جن پاڻ ته ڪجهه نه ڪيو هنن ٻين کي به اهڙي ڪم کان دل شڪستو ڪيو.
    سيٺ احمد دائود 97 ورهين جي ڄمار ۾ سال 2002ع ۾ ڪراچيءَ ۾ گذاري ويو. هو شهيد ملت روڊ تي سندس نالي تي ٺهيل ”دائود ڪالوني“ جي 5 نمبر بنگلو ۾ رهندو هو. پاڻ سال 1905ع ۾ ڪاٺياواڙ (گجرات) جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ بانٽوا ۾ ڄائو جنهن نالي سندن ميمڻ ڪميونٽي مشهور آهي. سندس پيءُ توڙي ڏاڏو ننڍڙا دڪاندار هئا ۽ اوس پاس جي شهرن ۾ سندن واپار هليو ٿي. 1920ع ڌاري هنن جي فئملي بانٽوا کان بمبئي شفٽ ٿي جتي انگريز راڄ ۾ هنن پنهنجو ڪاروبار ۽ ڪارخانا وڌايا. انڊيا جي ورهاڱي وقت هنن جي ملڪي ۽ بين الاقوامي واپار تي ڪافي پهچ ٿي وئي. قائدِ اعظم جي چوڻ تي هو انڊيا ڇڏي پاڪستان آيا ۽ ڪراچي، ڍاڪا ۽ چٽگانگ پاسي واپار ۽ فئڪٽريون ڄمايون. هنن جو اهم ٽريڊ ٽيڪسٽائيل، سوٽي ڌاڳو ۽ سڻي (Jute) رهيو. ڪراچي ۾ هنن جون دائود ڪاٽن ملز ۽ مشرقي پاڪستان ۾ ڪرنا ڦلي پيپر ملز ناليريون فئڪٽريون رهيون آهن. کين تعليم سان شروع کان دلچسپي رهي آهي ۽ هنن جي اها ئي سوچ آهي ته ڀلي ڪو زميندار، جاگيردار يا ڪارخانيدار ٿي ڪروڙها ڪمائي پر تعليم بنا هو جاهل ۽ غريب آهي. سيٺ احمد دائود جنهن دائود انجنيئرنگ ڪاليج ٺهرايو ان کي ٻه پٽ عزيز ۽ حسين ۽ هڪ ڌيءَ آهي. سندس ننڍو پٽ حسين اسانجو همعمر آهي هو پاڪستان ٿيڻ کان اڳ 1943ع ۾ انڊيا ۾ ڄائو. وڏو ٿيڻ تي بنيادي تعليم ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين. ان بعد انگلنڊ جي شيفيلڊ يونيورستيءَ مان ميٽلرجي ۽ آمريڪا جي نارٿ ويسٽرن يونيورسٽي مان بزنيس ۽ ائڊمنسٽريشن ۾ ماسٽرس ڪيائين. دلچسپ ڳالهه اها ته دائود يونيورسٽي جي هاڻوڪي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فيض الله عباسيءَ به ساڳي يونيورسٽي شيفيلڊ مان ساڳي سبجيڪٽ Metallurgy ۾ Ph.D ڪئي آهي. هو اسان کان ست اٺ سال ننڍو آهي. حسين دائود کي چار ٻار آهن: عظيمه دائود، شهزاد دائود، سئبرينا دائود ۽ عبدالصمد دائود.
    ائين به ناهي ته دائود فئمليءَ سياست نه ڪئي رڳو بزنيس ۽ ڪارخانا هلايا. هو سياست ۾ به آيا ۽ عوام جو پئسو ڦٻائڻ ۽ پنهنجن کي ورسائڻ بدران هنن پنهنجي کيسي مان عوام جي خذمت ڪئي. سيٺ احمد دائود جي ڀائٽي عبدالرزاق دائود کان ڪير واقف نه هوندو جنهن جي ”لارينسپور وولن ملز“ جو ڪپڙو 1968 کان سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. مونکي ياد آهي ته انهن ڏينهن ۾ اسان انگلنڊ ۽ اسپين جي دڪانن تان ڪمپليٽ سوٽ لاءِ بهتر ڪپڙي جو پڇندا هئاسين ته اسان کي پاڪستان جي هنن ملز جي ڪپڙي لاءِ ٻڌايو ويندو هو. ياد رهي ته انهن ڏينهن ۾ اڄ وانگر هرڪو ريڊي ميڊ سوٽ نه خريد ڪندو هو. پهرين ڪنهن ملڪ مان پينٽ يا ڪوٽ لاءِ ڪچو ڪپڙو وٺبو هو پوءِ هانگ ڪانگ يا ٿائلنڊ جهڙي ملڪ ۾ ڪنهن درزيءَ کي سبڻ لاءِ ڏبو هو. ان کان علاوه عبدالرزاق دائود ”هرڪيولس ڪيميڪلز لميٽيڊ“ جو MD به رهيو. پاڻ سياست ۾ به حصو ورتائين ۽ 1999ع کان 2002ع تائين ڪامرس ۽ انڊسٽريز جو فيڊرل وزير ٿي رهيو ۽ هن ڪيترن ئي تعليمي ادارن ۽ ڪارخانن جي پٺڀرائي ڪري سڌارو آندو. پاڻ ڪاپي ڪري يا ڪنهن مدرسي مان BA جي ڪوڙي ڊگري نه ورتي هئائين پر انگلنڊ جي نيو ڪئسل يونيورسٽي مان Mining يعني کاڻين جي انجنيئرنگ ۾ گرئجوئيشن ڪئي. ان بعد نيو يارڪ (آمريڪا) جي ڪولمبيا يونيورسٽي مان 1968ع ۾ بزنيس ائڊمنسٽريشن ۾ ماسٽرس ڪئي (جنهن بعد هو لارينسپور وولن ملز جو اچي MD ٿيو). اڄ ڪلهه هو Descon ڪمپنيءَ جو چيئرمين آهي جنهن ۾ انجنيئرنگ ۽ ڪنسٽرڪشن، ڪيميڪلز ۽ پاور جهڙا ڪاروبار اچي وڃن ٿا. ڊيسڪان ڪمپنيءَ جون پنجن ملڪن ۾ برانچون آهن جن ۾ 14000 کان وڌيڪَ پورهيت ڪم ڪن ٿا. پاڻ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو ڊائريڪٽر به ٿي رهيو آهي. سندس تعليم سان شروع کان وڏو واسطو رهندو اچي. 1975ع کان 1984ع تائين هو ”يونيورسٽي آف پنجاب“ جي بزنيس ائنڊ ائڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ سان سلهاڙيل رهيو. ان کان علاوه لاهور يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز (LUMS) ۾ به ان جي شروع ٿيڻ واري وقت کان واسطي ۾ رهيو ۽ 1986ع ۾ ان جو ريڪٽر (Rector) به ٿي رهيو. ميانوالي جي نمل ڪاليج (Namal College Mianwali) جي ٺهڻ ۾ عبدالرزاق دائود جو هٿ آهي. پاڻ شوڪت خانم ميموريل اسپتال جو به ڏهه سال ٽرسٽي ٿي رهيو..... هي سڀ ڪجهه هاءِ لائيٽ ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته منهنجي پڙهندڙن جن فقط بکيا ۽ ڦرلٽ ڪرڻ وارا سياستدان ڏٺا انهن کي ڄاڻ پوي ته ههڙا تعليم يافته ۽ مخير (Philanthropist) سياستدان به آهن جيڪي عوام کي فقط ڏيڻ ۽ ڏيڻ جو سوچين ٿا..... کسڻ جو هرگز نه. ساڳي وقت اسان جي اسٽيريو ٽائيپ سياستدانن، پيرن ڀوتارن کي به Inspiration ملي سگهي ته هو پنهنجي اولاد کي موروثي سياستدان يا گادي نشين بنائڻ کان وڌيڪَ هنن کي اخلاق ۽ تعليم ڏياري اعليٰ انسان بنائڻ جي ڪوشش ڪن.
    دائود يونيورسٽي (DUET) جو سنگِ بنياد ”دائود ڪاليج آف انجنيئرنگ ائنڊ ٽيڪنالاجي“ (DCET) جي نالي سان ان وقت جي صدر مرحوم ايوب خان 1962ع ۾ رکيو ۽ 1964ع کان پڙهائي شروع ٿي. هن ۾ شروع کان آرڪيٽيڪچر تي وڏو زور ڏنو ويو. اڄ ڏينهن تائين هن مان ڪيترائي آرڪيٽيڪٽ انجنيئر پيدا ٿي چڪا آهن جن مان ڪيترائي ناليوارا ۽ مشهور آهن. نارٿ ناظم آباد، گلشن اقبال ۽ ڪراچيءَ جي ٻين نون علائقن جي گهرن جي خوبصورت ڊيزائين جي شروعات ڪندڙ هن دائود ڪاليج جا گرئجوئيٽ ٻڌبا هئا. خود اسانجو ڪراچي ڊفينس وارو گهر ۽ ساڳي گهٽيءَ ۾ چار ٻيا گهر دائود ڪاليج جي سابق پروفيسر ميان نصير احمد جا ڊيزائين ڪيل آهن. هڪ گهر سيد اڪبر شاهه جو ڊيزائين ڪيل آهي جنهن ۾ هو پاڻ رهي ٿو. نه ته ان کان اڳ گهرن جي ڊيزائين گهر ٺاهڻ وارا سِول انجنيئر ئي ڪندا هئا.
    هن ڪاليج کي يونيورسٽيءَ جو درجو حڪومت سنڌ جي طرفان مارچ 2013ع ۾ مليو. هن يونيورسٽي جا ٻه ڪئمپس آهن: هڪ شهر جي وچ وارو، قائدِ اعظم جي مقبري جي ڀر وارو جنهن جي سامهون ڪراچي جو پراڻو ۽ مشهور ڪاليج ”اسلاميه ڪاليج“ آهي ۽ ٻيو ”اقبال ڪئمپس“ گلشنِ اقبال جي سترهين بلاڪ ۾ آهي. يونيورسٽي ۾ انجنيئرنگ فيلڊ لاءِ چئن سالن جو ڪورس آهي ۽ آرڪيٽيچڪر لاءِ پنجن سالن جو. انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ اليڪٽرانڪس، ڪيميڪل، انڊسٽريل ۽ مئنيجمينٽ، ميٽلرجي ۽ مٽيريلس به اچي وڃن ٿا. ڪجهه سالن کان دائود يونيورسٽي وارن چار ٻيا ڊپارٽمينٽ به شروع ڪيا آهن، جيئن ته: انرجي ۽ Environment، پيٽروليم ۽ گئس، ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽ ”ڪمپيوٽر سسٽم انجنيئرنگ“.
    دائود يونيورسٽيءَ جو گلشن اقبال وارو ڪئمپس مون نه ڏٺو آهي. پنجاهه سالن بعد هينئر به آئون هن شهر واري ڪئمپس ۾ آيس. ڪڏهن ڪڏهن ڪراچي اچڻ ٿيندو هو ۽ دائود ڪاليج واري روڊ تان لنگهبو به هو ته اڪثر شاگرد احتجاج ڪندي نظر ايندا هئا، شاگردن جا جلوس نعري بازي ۽ بئنر نظر ايندا هئا. هڪ تعليمي اداري جي حيثيت ۾ هي ڪاليج پنهنجو وقار وڌائي نه سگهيو هو. ڪيترا ماڻهو هن روڊ تان لنگهڻ کان لنوائيندا هئا. پر هاڻ جڏهن يونيورسٽي بڻيل دائود ڪاليج ۾ گهڙيس ته ماحول ۾ نيراني هير جهڙي سڳنڌ محسوس ڪيم. ڪا ڀڃ ڊاهه نظر نه آئي لوساٽيل ۽ اکڙيل گاهه بدران چوڌاري سائي سائي ڇٻر ۽ گلن جا ٻوٽا ڏٺم. سڀ کان وڏي ڳالهه فضيلت سان هلندڙ چلندڙ شاگرد ڏٺم نه ته هن ڪاليج ۾ اڪثر شاگردن جي جھيڙن جا احوال ٻڌبا هئا. پر هاڻ چوڌاري ٽولن ۾ ويٺل ۽ سانت ۾ بيٺل شاگردن کي ڏسي مونکي هڪ گهڙيءَ لاءِ اهو ئي گمان ٿيو ڄڻ آئون ممبئي يونيورسٽي ۾ آيو هجان. ممبئي يونيورسٽي توڙي بنارس جي هندو يونيورسٽي جتي منهنجو وڃڻ ٿئي ٿو، ان جي پر سڪون ماحول کي ڏسي آئون هميشه اها تمنا ڪندو آهيان ته شل ههڙو واءُ اسان جي يونيورسٽين ۾ به وري. هن تبديلي جو راز هڪ ٻن کان پنهنجي منهن پڇيم ته هنن ان جو ڪريڊٽ نئين آيل وائيس چانسلر ڊاڪٽر فيض الله عباسي ۽ هن جي ٽيم جي انصاف پسند رويي، اڻٿڪ ڪوشش ۽ سخت ڊسيپلين قائم ڪرڻ کي ڏنو ۽ اهو پڻ ته هاڻ داخلا لاءِ شاگردن جو ”انٽري ٽيسٽ“ ٿئي ٿو يعني فقط اهي شاگرد اچن ٿا جيڪي پاڙهو آهن جن کي پڙهائي سان دلچسپي آهي.


    سنڌ جا اعليٰ تعليم يافته استاد

    ڪراچيءَ جي دائود يونيورسٽي (DUET) ۾ پهچڻ تي اسانجو آڌر ڀاءُ هڪ نوجوان انجنيئر ڊاڪٽر سليم ڦل ڪيو. سندس ذات ”ڦل“ تان مونکي اسانجو يار سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري ڊاڪٽر مشتاق ڦل ياد آيو. پاڻ خيرپور ميرس ۾ ٻارن جو ڊاڪٽر آهي. اسانجي انجنيئر پروفيسر سليم ڦل ٻڌايو ته هو ڊاڪٽر مشتاق کي سڃاڻي ضرور ٿو پر هن جو ڳوٺ ڪوٽڏيجي ڀرسان ڪنب آهي ۽ سليم پاڻ نوشهرو فيروز جي هڪ ڳوٺ ”ابراهو“ جو رهاڪو آهي.
    ڊاڪٽر سليم 12 فيبروري 1981ع تي غلام رسول ڦل صاحب جي گهر ۾ ڄائو. سندس والد جو جيتوڻيڪ واپار سان تعلق هو ۽ هو هڪ ننڍڙي ڳوٺ جو هو پر هن سڀني ٻارن کي پڙهايو. ۽ تعليم خاطر ڳوٺ ڇڏي حيدرآباد ۾ اچي رهيا جتان جي پبلڪ اسڪول مان 1977ع ۾ سليم مئٽرڪ ڪئي ان بعد گورنمينٽ ڪاليج قاسم آباد مان انٽر ڪئي. ”ڪمپيوٽر سسٽم انجنيئرنگ“ ۾ BE نوابشاهه جي قائدِ عوام يونيورسٽيءَ مان ڪئي. گرئجوئيشن بعد هن ابنِ خلدون سسٽم سافٽ ويئر ڪمپنيءَ ۾ سال کن ڪم ڪيو ان بعد اسڪالر ملڻ تي هن ماسٽرس جي ڊگري سيول (سائوٿ ڪوريا) جي Myongji يونيورسٽي مان ڪئي. سائوٿ ڪوريا جي هيءَ يونيورسٽي پاڪستان ٺهڻ وارن ڏينهن جي آهي يعني 1947ع جي لڳ ڀڳ جي. هيءَ يونيورسٽي سائوٿ ڪوريا جي گاديءَ واري شهر سيول ۾ هجڻ ڪري ڌاريان ماڻهو هن کان واقف رهيا آهن پر جيئن ته اسان ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي انگلنڊ ۽ آمريڪا جي يونيورسٽين جون اسڪالرون ملي ويون ٿي ان ڪري اسان آسٽريليا، نيوزيلئنڊ ۽ ڪئناڊا جهڙن انگريزي ڳالهائڻ وارن ملڪن کي به ترجيح نٿي ڏني. پر هاڻ گذريل ويهارو سالن کان ڏسان پيو ته اسان جي ملڪ جا نوجوان جتي ڪٿي نظر اچن ٿا. ظاهر آهي ته هنن کي جتي به اسڪالر جو آسرو ملي ٿو اتي وڃن ٿا. امير ماڻهو ته پنهنجي خرچ تي اڄ به انگلنڊ ۽ آمريڪا وڃن ٿا.
    هن يونيورسٽي (ميونگجي) ۾ اڄ به ڪيترن قابل شاگردن کي اسڪالر مليو وڃي جيئن هن انجنيئر سليم ڦل کي ملي وئي. Myongji يونيورسٽي ۾ انجنيئرنگ، سائنس ۽ هيومئنٽيز ۾ اعليٰ تعليم ڏني وڃي ٿي. دائود يونيورسٽيءَ وانگر هن يونيورسٽيءَ جا ٻه ڪئمپس آهن. هڪ سيول شهر ۾ جتي سوشل سائنسز پڙهايون وڃن ٿيون ۽ ٻيو ويهه کن ڪلو ميٽر پري يان جن (Yongin) ۾ آهي جتي نئچرل سائنسز پڙهايون وڃن ٿيون. هن يونيورسٽيءَ سان 10 ڪاليج، 42 ڊپارٽمينٽ، 7 فئڪلٽيون ۽ 28 خاص پوسٽ گرئجوئيٽ پروگرام سلهاڙيل آهن. ڊاڪٽر سليم ڦل سيول واري ڪئمپس ۾ ٻه سال رهيو. ماسٽرس ڪرڻ بعد هن Comsat ڪمپنيءَ وٽ ائبٽ آباد ۾ ڪم ڪيو ان بعد ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت کيس وري Ph.D لاءِ اسڪالر ڏني جيڪا هن ڏکڻ ڪوريا جي Chonbuk نئشنل يونيورسٽيءَ مان ڪئي. هيءَ يونيورسٽي سيول شهر کان پري جيولا (Jeolla) صوبي جي گادي واري شهر جيونجو (Jeonju) ۾ آهي. هي شهر واهه جو خوبصورت آهي ۽ هميشه سياحن جو مرڪز رهيو آهي. آئون اهو ضرور چوندس ته ڊاڪٽر سليم ڦل خوش نصيب آهي جو هو هن پئرس جهڙي شهر ۾ رهيو جتي ٻارهوئي دنيا جا ٽوئرسٽ ايندا رهن ٿا. اسانجو جهاز سائوٿ ڪوريا جي پوسان يا انچان بندرگاهه ۾ لنگر انداز ٿيندو هو ته ڪڏهن ڪڏهن ڏينهن ٻن لاءِ ’جيونجو‘ ويندا هئاسين. پر اهي 30 ـــ 35 سال اڳ جون ڳالهيون آهن. ان بعد ته سڄو ڏکڻ ڪوريا ايڏو ته سڌريو ۽ ماڊرن ٿيو آهي جو جپان جو مقابلو ٿو ڪري. نه ته 1980ع کان اڳ تائين به جپان جي بندرگاهن مان ٿي ڏکڻ ڪوريا پهچبو هو ته ان جو هر شهر گدلو لڳندو هو. اوستائين به اسانجي ملڪ جو ڪو حال هو .... سونهن ۾ به ته معاشي حالتن ۾ به. ڪراچي هڪ صاف سٿرو ۽ ماڊرن شهر سمجھيو ويو ٿي ۽ اسانجي ملڪ جا ادارا ايڏو قابل ۽ مضبوط هئا جو ڏکڻ ڪوريا جهڙن ملڪن جا ايڪانامسٽ پنهنجي ملڪ جي ترقيءَ لاءِ اسانجي ماهرن کان صلاحون وٺڻ ايندا هئا.
    ڏکڻ ڪوريا جي هيءَ يونيورسٽي (چون بڪ نئشنل يونيورسٽي) جنهن مان ڊاڪٽر سليم اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ Ph.D ڪئي پڻ مٿين يونيورسٽي جيتري پراڻي آهي. منجھس هن سال به 27 هزار کن شاگرد انجنيئرنگ جي مختلف سبجيڪٽن ۾ B.E ۽ 5 هزار کن ماسٽرس ۽ ڊاڪٽوريٽ ڪري رهيا آهن. يونيورسٽيءَ جو اڪيڊمڪ اسٽاف 980 ۽ ائڊمن اسٽاف 600 جي لڳ ڀڳ آهي. جن شاگردن انجنيئرنگ جي ڪنهن فيلڊ ۾ ماسٽرس ڪئي آهي انهن کي کپي ته هو وڌيڪ پڙهائيءَ لاءِ هن قسم جي يونيورسٽين ۾ اسڪالر لاءِ ضرور قسمت آزمائين جن ۾ پڙهائيءَ لاءِ يورپ جي ملڪن کان به بهتر ماحول آهي .... ڪوريا جي موسم البت ڪافي ٿڌي رهي ٿي پر ان سان شاگرد جو ڪهڙو واسطو! هنن کي ته ڪمري ۾ ويهي پڙهڻو آهي .... کلئي ميدان تي ڪو هر نه هلائڻو آهي ۽ نه پاڻي ورائڻو آهي.
    اسان جي ڏينهن ۾ يعني 40 سال کن اڳ ههڙن ملڪن توڙي فنلئنڊ، سئيڊن ۽ ناروي پاسي جي يونيورسٽين ۾ آفريڪا جا شاگرد جام نظر ايندا هئا. پاڪستان جي پنجاب صوبي جا البت ڪجهه شاگرد هوندا هئا پر هاڻ ته حيرت ٿي ٿئي ته اسانجي صوبي سنڌ جا به ڪيترائي شاگرد ـــ نه فقط وڏن شهرن جا پر ٻهراڙي وارن علائقن جا به..... ۽ شاگردياڻيون پڻ، جتي ڪٿي نظر اچن ٿيون جيڪي سڀ نج ميرٽ تي اسڪالر لاءِ چونڊجي اچن ٿا.
    ڊاڪٽر سليم ڦل ٻڌايو ته هن 2015ع ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ بعد 6 مهينا کن پوسٽ ڊاڪٽوريٽ تي ڪم ڪيو ان بعد 2016ع کان هتي دائود يونيورسٽي ۾ آهي. هن ٻڌايو ته هن سان گڏ هن جا ٻيا دوست به ڏکڻ ڪوريا جي يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا هئا، جيئن ته: عبدالستار چنو، عبدالوحيد ڀٽو، شيراز ميمڻ ـــ مهراڻ يونيورسٽي وارو ۽ ثاقب ڀٽي وغيره ۽ سندس ڳوٺ جو هڪ نوجوان هاليپوٽو هانگ ڪانگ ۾ ڪمپيوٽر انجنيئرنگ ۾ Ph.D ڪري رهيو هو.
    ڊاڪٽر سليم ڦل اسان کي وائيس چانسلر جي ڪمري ۾ وٺي آيو. هڪ همراهه ڪمري ۾ واڪ ڪرڻ سان گڏ بيحد مزي سان سگريٽ مان به مزو وٺي رهيو هو. اسان جي ڀاڻيجي تي نظر پوڻ تي هن سڃاتو ۽ ٻڌايو ته وي سي صبح کان نون اميدوار ليڪچرارن جو انٽرويو وٺڻ ۾ بزي آهي. ”آئون به هن سان گڏ هوس پر هاڻ مڙيئي ٻن منٽن جي گهت هڻي نڪتس ته سگريٽ ڇڪي فريش ٿي وڃان“. اهو چئي هن وري هڪ ڪش هنيو. مونکي هن جي ڳالهائڻ سان گڏ مرڪڻ ۽ سگريٽ ڇڪڻ جو اسٽائيل ڏاڍو وڻيو. هڪ سگريٽ جيڪڏهن ڪنهن فنڪار، تخليقڪار، پروفيسر، اديب شاعر يا سرجن کي فريش ٿو ڪري ڇڏي ته ان کان وڏي ڪهڙي ڊيل! هڪ سگريٽ جيڪڏهن ڪنهن پيچيده انگي حساب جي منجھيل سٽ کي سلجھائي ٿو سگهي ته اهو سودو ڪو مهانگو ته نه چئبو. مونکي سنڌ جو مشهور شاعر، اديب ۽ مفڪر مرحوم شمشير حيدري ياد اچي ويو. ڪنهن زماني ۾ هو مهراڻ اخبار جو ايڊيٽر هو جنهن جي ٽنڊو ولي محمد ۾ آفيس هئي. منهنجو جهاز ڪراچيءَ آيو هو ۽ سمنڊ تي لکيل سفرنامو کڻي حيدراباد ۾ ڇپرائڻ لاءِ آيو هوس. ان لاءِ مونکي ”پيش لفظ“ جي ضرورت هئي. آئون شمشير وٽ آيس.
    ”شمشير پيش لفظ لکي ڏيندين؟“ مون پڇيومانس.
    ”ڇو نه. خوشيءَ سان.“ هن وراڻيو.
    ”پر سائين اڄوڪي ڏينهن اندر. سڀاڻي صبح سان ڪراچي موٽڻو اٿم.“
    ”اها ڪهڙي وڏي ڳالهه،“ شمشير وڏي هائوڪار ڪندي چيو، ”آئون هينئر جو هينئر لکي ٿو ڏيانءِ“. تون رڳو مونکي ٻاهران مانڊڻيءَ تان سگريٽن جو پاڪيٽ آڻي ڏي.“
    شمشير ٻه چار سگريٽ ضرور دکايا پر ٻن ڪلاڪن ۾ هن منهنجي ڪتاب جي مواد کي سرسري پڙهڻ سان ڳالهه سمجھي ٽن چئن صفحن جو مهاڳ لکي ڏنو.
    جنهن پهرين جهاز تي آئون جونئر انجنيئر جي حيثيت سان چڙهيس هڪ رات انجڻ جي مسئلي ڪري بيهي رهيو. آئون ان جهاز جي گوري (برٽش) چيف انجنيئر سان ڊيوٽي ڪري رهيو هوس. هو ڪلاڪ کن انجڻ تي مٿا ڪٽ ڪندو رهيو پر ڪجهه سمجهه ۾ نه آيس. آخر اسٽول تي ويهي کيسي مان پاڪيٽ ۽ لائيٽر ڪڍي سگريٽ دکايو ۽ سوچيندو رهيو. سگريٽ ختم ڪري اٿيو ۽ پهرين ٽراءِ ۾ ئي انجڻ اسٽارٽ ڪري ويو. مون کان پڇيائين ته ”تون سگريٽ نه ڇڪين ڇا؟“
    ”نو سر!“ جواب ڏنو مانس.
    ”ته پوءِ ٿڪاوٽ ڪيئن دور ڪندو هوندين؟“
    هن جو مطلب هو ته پوءِ فريش ٿي مسئلو ڪيئن حل ڪري سگهندين.
    ڳالهه ته هن واهه جي ڪئي هئي. سگريٽ ڇڪڻ واري کي سگريٽ پيئڻ سان نيون نيون آئيڊيائون اچيو وڃن ـــ جن کان ”نان سموڪر“ محروم رهي ٿو. سگريٽ ڇڪڻ مان نقصان پنهنجي جاءِ تي پر جڏهن هڪ دل جو مريض ڊاڪٽر وٽ پهچي ٿو ۽ ڊاڪٽر هن کي چوي ته: ”بابا! جي جان پياري اٿئي ته سگريٽ ڇڪڻ ڇڏي ڏي. بچي ويندين.“
    سموڪر ته سگريٽ ڇڪڻ ڇڏي ڏيندو پر جي اهو مريض سموڪر بدران ”نان سموڪر“ آهي ته هن لاءِ ته ڪا اميد نه رهي!
    ڊاڪٽر مشتاق منهنجو ساڻس تعارف ڪرائي هن لاءِ مون کي ٻڌايو ته هي ڊاڪٽر روشن شاهه راشدي پرو وائيس چانسلر آهي. آئون ساڻس هٿ ملائي کيس غور سان ڏسڻ لڳس. وقت ڪيئن ٿو تيز ڊوڙيو وڃي! پير جھنڊي ڳوٺ ۾ جن ٽن چئن ٻارن سان فوٽو ڪڍرايو هوم انهن ۾ هڪ هي به هو. اهو سال 1966ع يا 1967ع هو ۽ ان وقت روشن ست اٺ سالن جو مس هو.
    دراصل سعيد آباد جتي ڊاڪٽر روشن وارن جو ڳوٺ پير جھنڊو آهي ان ۽ اسان جي ڳوٺ هالا ۾ ڪو 10 ميلن جو فاصلو آهي ۽ اسان جون زمينون سعيد آباد جي اڃان به ويجھو هجڻ ڪري اسان جو ننڍي هوندي کان پير جھنڊي وڃڻ ٿيندو رهي ٿو. آئون ننڍو هوس هالا ۾ پڙهندو هوس يا پيٽارو کان موڪلن ۾ ڳوٺ اچبو هو ته والد سان گڏ ٻنيءَ جي چڪر بعد ڪڏهن ڪڏهن پير جھنڊو به وڃبو هو. انهن ڏينهن ۾ اڄ جي گادي نشين ’پير عباد الله شاهه راشدي‘ جو والد صاحب پير وهب الله شاهه راشدي، ڇهون گادي نشين هو. سندن ننڍو ڀاءُ پير حامد شاهه منهنجي ننڍي ڀاءُ حاجي اشفاق احمد جو ويجھو دوست رهيو ۽ سندن وفات تائين اسانجو هڪ ٻئي وٽ اچڻ وڃڻ لڳو رهيو. ڊاڪٽر روشن وارا ۽ هاڻوڪو جھنڊي وارو پير سنڌ يونيورسٽي جو پروفيسر پير عباد الله شاهه سمجھو ته سوٽاڻي سوٽ ۽ هم عمر آهن. منهنجا ڪئڊٽ ڪاليج جا ڪلاس ميٽ ۽ همعمر سرهاريءَ جا امام شاهه راشدي ۽ سندس ننڍو ڀاءُ سيف الله شاهه راشدي هنن جهنڊي وارن پيرن جا پڦاٽ ماروٽ ٿيا. منهنجو پير جھنڊو ۾ امام شاهه وارن سان گڏ به اچڻ ٿيندو هو. ڊاڪٽر روشن توڙي پير عباد الله وارا اسان کان 14-15 سال ننڍا ٿيندا.
    پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ هتي اهو ٻڌائڻ به ضروري ٿو سمجھان ته پير پاڳاري ۽ پير جھنڊي وارن جو هڪ ئي خاندان آهي ۽ پير محمد راشد جو اولاد سڏجي ٿو جيڪو ”روضي ڌڻي“ جي نالي سان مشهور آهي. سندن وڏي پٽ صبغت الله شاهه اول جي اولاد مان موجوده پير پاڳارو آهي ۽ چوٿين نمبر پٽ پير ياسين شاهه جنهن کي تبليغ لاءِ جھنڊو ڏنو ويو، هي جھنڊي وارا پير آهن.
    پير ياسين بعد سندن فرزند پير فضل شاهه ۽ ان بعد سندن ڀاءُ پير رشيد جھنڊي وارن پيرن جو ٽيون پڳدار ٿيو. ڊاڪٽر روشن شاهه راشدي جو ڏاڏو محمود شاهه راشدي جيڪو مشهور شاعر به ٿي گذريو ۽ ”ساحل راشدي“ تخلص هوس امام الدين شاهه جو پٽ ۽ مٿي بيان ڪيل پير جھنڊي جي ٽئين گادي نشين پير رشيد الدين جو پوٽو هو.
    ساحل راشدي نه فقط سنڌيءَ ۾ پر عربي ۽ فارسي ۾ به شاعري ڪئي. سندن وفات واري سال 1977ع ۾ آئون هالا ۾ هوس. مون سندن شاعريءَ جي واکاڻ مخدوم طالب الموليٰ وٽ ٻڌي. هاڻوڪي پير جھنڊو پروفيسر عباد الله راشدي جو چاچو پير فضل الحق (جنهن کي منهنجو انڊيا جو سفرنامو بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾ منسوب ٿيل آهي) ٻڌائين ٿا ته ساحل راشدي جي ڪافين جا رڪارڊ به آهن جيڪي گراموفون وارن ڏينهن ۾ وڏي شوق سان ٻڌا ويا ٿي.
    ”ساحل راشدي“ جو فرزند عبدالحئي شاهه راشدي پاڻ شاعر يا اديب ته نه ٿيو پر هن پنهنجن پنجن ئي پٽن (ڊاڪٽر روشن شاهه سميت) کي خوب پڙهايو. مون جڏهن چانهه تي ڊاڪٽر روشن سان حيرت جو اظهار ڪيو ته هو پيراڻا ٻار ٿي ڪري ايڏو ڪيئن پڙهيا ـــ يعني ان پٺيان ڪهڙي Inspiration يا Driving Force هو ته هن مرڪندي ٻڌايو ته ”بابا سڄو زور اسان جي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر مصطفيٰ تي لڳايو پوءِ اسان سڀ ننڍا ڀائر هن کي فالو ڪندا وياسين.“
    اها هڪ اهڙي حقيقت آهي جنهن بابت ٻيا به ڪيترائي ٻڌائين ٿا. ان ڪري آئون پنهنجن پڙهندڙن سان اهو ئي گوش گذار ڪندس ته هو پنهنجي پهرين ٻار ـــ خاص ڪري پٽ ٻار کي لاڏلو هرگز نه بنائين بلڪه هن تي سخت نظر رکي هن کي پاڙهو ۽ محنتي پٽ بنائين. تعليمدانن جو اهو ئي چوڻ آهي ته پنهنجي وڏي ٻار کي گهٽ ۾ گهٽ اٺين ڪلاس تائين پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکو..... کيس پڙهڻ ۽ محنت جي عادت وجھو، اخلاق سيکاريو، هن جو هرناز ۽ نخرو کڻڻ بدران هنکي سخت جان ۽ سادگي پسند بڻايو .... ۽ توهان ڏسندائو ته ان کان پوءِ هو پاڻ ئي ان سانچي ۾ اچي ويندو ۽ اڳتي توهان جي مدد بنا به هو بهتر راهه ڏي وڌندو ويندو ان سان گڏ هن جا ننڍا ڀائر ۽ ڀينرون به هن کي فالو ڪندا ويندا.
    اسانجي انجنيئر پروفيسر روشن شاهه جي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر مصطفيٰ شاهه راشديءَ لياقت يونيورسٽي ڄام شورو مان ايم بي بي ايس ڪئي .... يعني هو ميڊيڪل جو ڊاڪٽر آهي ان بعد ڊاڪٽر روشن جنهن انجنيئرنگ ۾ Ph.D ڪئي ان بعد ٽيون ڀاءُ اڪبر اعظم راشدي آهي جنهن پڻ مهراڻ يونيورسٽي مان BE ڪئي ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر آهي. اڄ ڪلهه هو سيڊا کاتي ۾ آهي. سندن چوٿون ڀاءُ جهانگير راشدي به ميڊيڪل جو ڊاڪٽر آهي جنهن پڻ لياقت يونيورسٽي ڄامشورو مان MBBS ڪئي ۽ اڄ ڪلهه مديني ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي. سندن سڀ کان ننڍو ڀاءُ عرفان راشدي انجنيئر آهي ۽ اڄ ڪلهه انگلنڊ ۾ M.Phil ڪري رهيو آهي.
    چانهه تي دائود يونيورسٽيءَ جا ڪجهه ٻيا پروفيسر به ويٺا هئا ته مون کين چيو ته مونکي ڊاڪٽر روشن شاهه راشدي جي Ph.D ڪرڻ جي بيحد خوشي آهي. ڊاڪٽر سليم ڦل کلندي چيو ته: ”اسان به ته ڊاڪٽوريٽ ڪئي آهي“.
    ”بلڪل صحيح ٿا چئو نه رڳو توهان پر دنيا جي ملڪن ۾ ڏسان پيو ته اسانجي ٻهراڙيءَ جي عام ماڻهن جا به ٻار ــــ ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون ـــ ۽ ويندي مينگھواڙ، ڀيل ۽ اوڏن جا ٻار اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. ٻين ملڪن ۾، ويندي ملائيشيا جهڙي ۾ سلطانن، وڏيرن، جاگيردارن ۽ پيرن جا ٻار فوج ۾ به وڃن ٿا ته اعليٰ تعليم حاصل ڪري ميرٽ تي اعليٰ عهدن تي نوڪري به ڪن ٿا. ان معاملي ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي پيرن، سردارن ۽ چوڌرين جا ٻار به فوج ۾ توڙي تعليم ۾ اڳيان اڳيان آهن پر اسان وٽ سنڌ ۾ اهڙا مثال تمام گهٽ آهن. بقول ملائيشيا ۾ رهندڙ اسان جي هڪ سنڌي ڊاڪٽر جي ”اسان جي پيرن، ميرن وڏيرن جو رڳو اهو زور آهي ته پيري مريدي يا سياست ذريعي وزير بڻجي پئسو ڪمائجي يا اهڙا بل پاس ڪرائجن جن ذريعي سندن ٻار بنا ڪنهن مقابلي ۽ امتحان جي اسسٽنٽ ڪمشنر، اي ايس پي ۽ مئجسٽريٽ بڻجي وڃن ۽ عوام تي حڪومت ڪن.“
    اهڙي تناظر ۾ مٽياري جي ڄاموٽن، پير جھنڊي جي راشدي پيرن ۽ چند ٻين اهڙين پيراڻين فئملين جي ٻارن بابت ٻڌان ٿو ته هو فوج ۾ اعليٰ آفيسر ٿي ويا آهن يا دنيا جي يونيورسٽين مان مختلف فيلڊن ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪري هو ميرٽ تي اعليٰ نوڪريون ڪري رهيا آهن ته خوشي ٿي ٿئي ته هو ٻين لاءِ به مثال پيدا ڪري رهيا آهن ته پيري مريدي يا پئسي ۽ داداگيري جي زور تي هر خواهش پوري ڪرڻ يا وڏا عهدا حاصل ڪرڻ بدران محنت ۽ پورهيو ڪري، علم ۽ تجربو حاصل ڪري پنهنجي بهتر ڪارڪردگي ۽ علم مطابق achieve ڪريو جيئن ملائيشيا ۽ برونائي جي سلطانن جا ٻار ڪن ٿا يا ٿائلنڊ ۽ انڊونيشيا جي راجائن جا ٻار ڪن ٿا يا جيئن جپان جا فيوڊل لارڊ پنهنجي ٻارن کي تعليم ۽ تربيت يافته بنائين ٿا ۽ پوءِ اهي سياست ۾ اچن ٿا ته به پڙهيل لکيل هجڻ ڪري عوام جي بهتري جو سوچين ٿا ۽ هو مال ملڪيت هٿ ڪرڻ بدران ماڻهن جون دعائون، عزت ۽ ناموس حاصل ڪن ٿا. ڪاش اسان وٽ به سمورا پير، مير، سردار، ڀوتار جيڪڏهن پنهنجن ٻارن کي سياست ۾ آڻين ٿا ته هنن کي گهڻي کان گهڻو تعليم جو زيور ڏين، ڊسيپلينڊ رکڻ لاءِ فوج ۾ موڪلين جيئن هنن کي گهٽ ۾ گهٽ سوير اٿڻ جي عادت ٿئي، محنت جي عادت ٿئي، آفيس ۾ وهڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي عادت ٿئي ۽ غريب عوام جي جذبن، اميدن ۽ ضرورتن جي ڄاڻ ٿئي جيئن سياست ۾ رهي هنن جي خذمت ڪري سگهن.
    ڊاڪٽر پير روشن شاهه راشديءَ کي چيم ته مونکي ان ڪري به خوشي آهي جو توهان ڳوٺ ۾ رهي ڪري به تعليم کي نه ڇڏيو آهي. هينئر به ڪوالالمپور ۾ توهانجي گادي نشين پير عباد الله شاهه راشدي جي پٽ عبيد راشدي کي Ph.D ڪندو ڏسي خوشي ٿي. پاڻ پير عباد الله شاهه به اعليٰ تعليم يافته آهي ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ آهي ـــ هونءَ اصولن پير جھنڊي جا ماڻهو سڀ کان اعليٰ تعليم يافته ۽ سلجھيل هئڻ کپن جو ڪو زمانو هو جو توهانجو ڳوٺ مدرسن ۽ تعليمي ادارن کان ڄاتو سڃاتو ويو ٿي. جھنڊي وارن پيرن جي چوٿين گادي نشين پير رشد الله شاهه جنهن جي شاعري جو ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپرايو آهي، ستر کن ڪتابن جو مصنف آهي. سندن ولادت 1860ع ۾ ٿي ۽ پاڻ سنڌ جي جڳ مشهور مدرسي (دارالارشاد) جا باني هئا. هن مدرسي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان کان ته ڇا هندوستان، ايران ۽ وچ ايشيا کان شاگرد ايندا هئا. هن مدرسي ۾ مولانا عبيد الله سنڌي، مولانا عبدالله لغاري، مولانا محمد احمداڻي ۽ مولانا نجم الدين جھلم واري جهڙا عالم پڙهائيندا رهيا. هتي جو ڪتب خانو هندوستان جي معياري ڪتب خانن مان هڪ شمار ڪيو ويو ٿي. سنڌ جي مشهور اخبار ”الوحيد“ به پير رشد الله شاهه ۽ مولانا تاج محمد جي ڪوششن سان 1919ع ۾ شروع ٿي.
    اسان جو ڊاڪٽر پير روشن شاهه راشدي 12 سيپٽمبر 1958ع ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ۽ مئٽرڪ نيو سعيد آباد مان ڪيائين ۽ انٽر حيدرآباد جي ڪئنٽومنيٽ سائنس ڪاليج مان ڪرڻ بعد B.E مهراڻ يونيورسٽيءَ مان 1983ع ۾ ڪيائين. ان بعد ماسٽرس، Ph.D ۽ پوسٽ ڊاڪٽوريٽ مختلف وقتن تي انگلنڊ جي ناٽنگھام يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. سندس اهم انجنيئرنگ سبجيڪٽ Industrial Mangement رهيو آهي.
    ڊاڪٽر روشن B.E ڪرڻ بعد مهراڻ يونيورسٽي ۾ ئي مڪينيڪل انجنيئرنگ جو ليڪچرر ٿيو. ان بعد جيئن جيئن اعليٰ تعليم حاصل ڪندو ويو ته 1999ع ۾ مهراڻ يونيورسٽي انسٽيٽيوٽ آف سائنس ٽيڪنالاجي ائنڊ ڊيولپمينٽ جو ڊائريڪٽر ٿيو. 2012ع ۾ ڊين آف سائنس ٽيڪنالاجي ٿيو. هاڻ گذريل سال 2016ع ۾ هو مهراڻ يونيورسٽي ڇڏي هتي دائود يونيورسٽيءَ ۾ آيو آهي ۽ سندس نئين پوسٽ ”پرو ـــ وائيس چانسلر“ آهي.
    ڊاڪٽر روشن کان پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هن کي هڪ ته ڪرڪيٽ کيڏڻ جو شوق آهي. ٻيو مطالعي ۽ رڌ پچاءَ جو. رڌ پچاءَ واري ڳالهه مونکي حيرت ۾ ضرور وڌو ۽ کلندي چيومانس ته ”روشن تون پيراڻو ٻار ٿي ڪري اهي رڌ پچاءَ جهڙا ڪم ڪيئن سکئين؟“
    ”سائين ماٺ اٿانو ڀلي! اسان جي ڏينهن ۾ ڪٿي هئا برگر ۽ پيزا، اسپاگھيٽي ۽ نوڊلز جنهن جا اڄ جا ٻار ننڍپڻ کان عادي ٿي ويا آهن. اسان ته پير جھنڊو ڳوٺ ۾ ڊبل روٽي کائڻ به پسند نه ڪندا هئاسين. فقط ماني ۽ ڀت جا عادي هئاسين. جنهن سان گڏ بصر جي داڳ سان رس وارو ٻوڙ ضرور هوندو هو. انگلنڊ ۾ اچي پهرين ته سخت منجھي پيس. پوءِ سوچيم ته ڊگري مٿان ڊگري حاصل ڪرڻي آهي ته ان مسئلي کي منهن ڏيان. انهن ڏينهن ۾ ”مصالحا“ جهڙو رڌ پچاءَ جو ڪو ٽي وي چئنل نه هو سو هِنَ هُنَ کان پڇي پڇي ..... پوءِ ڪڏهن ڪچو ڪڏهن پڪو ڀت ۽ ٻوڙ ٺاهي ٺاهي ماهر ٿي ويس .... يعني پسند جا ڪجهه ڊش ٺاهڻ سکي ويس. آچر ڏينهن تي ڳنڌڻ ٺاهي فريز ڪري ڇڏيندو هوس ۽ پوءِ ڪنهن ڏينهن ڀت ته ڪنهن ڏينهن ماني ٺاهي سڄو هفتو گذارو ڪندو هوس.
    پير روشن جي اها رڌ پچاءَ واري ڳالهه اڄ جي نوجوان لاءِ سٺو ميسيج آهي جيڪي ولايت ۾ پڙهڻ يا نوڪري دوران رڌ پچاءَ کان قميص ۾ ٻيڙو ٽانڪڻ جو روئڻ روئندا رهن ٿا.
    ڊاڪٽر روشن کان سندس ٻارن جو به پڇيم ته اهي پڙهائي ۾ ڪيئن آهن. اسان جا ڪيترائي ڳوٺاڻا غربت ۽ گهٽ سهولتن هوندي به محنت ڪري نه رڳو اعليٰ تعليم حاصل ڪن ٿا پر مقابلي جا امتحان پاس ڪري اعليٰ نوڪريون به حاصل ڪن ٿا. پر ٽرئجڊي اها آهي ته ڪيترن اهڙن ماڻهن جو اولاد آرام ۽ سهولتن جي موجودگي ۾ به ڪجهه ڪري نٿو ڏيکاري ان جو هڪ اهو به سبب آهي ته ماءُ، جنهن کي ان ڳالهه ڏي ڌيان ڏيڻ کپي، اها ڪجهه نٿي ڪري ۽ اها اهو ئي چاهي ٿي ته پيءُ نوڪري ڪري گهر جو خرچ به پورو ڪري ته شامَ جو اچي هنن کي پاڙهڻ جو ڪم به ڪري جيڪا ڳالهه اڄ ڪلهه جي ڏکي نوڪري ۽ مشغول زندگي ڪري ناممڪن آهي. اهو ئي حال ملائيشيا ۾ به ڏسان پيو. ملئي ٻار ٻين جي مقابلي ۾ سست سمجھيا وڃن ٿا. انهن جي والدين غربت جو وقت ڏٺو ۽ محنت ڪري اعليٰ عهدا حاصل ڪيا. هاڻ (خاص ڪري مائرون) اهو ئي چاهين ٿيون ته سندن ٻارن کي هر ان شيءِ سان Pamper ڪيو وڃي جنهن لاءِ هو جڏهن ٻار هئا، سڪندا رهيا ٿي. ملئي مائرن جو سڄو زور پنهنجن ٻارن کي ـــ خاص ڪري پٽ ٻارن کي هڪ طرف چاڪليٽ ۽ آئس ڪريمون وٺي ڏيڻ ته ٻي طرف اوچا موبائيل فون ۽ آئي پيڊ خريد ڪري ڏيڻ تي آهي. ها البت انهن ڪجهه ملئي مردن جا ٻار هوشيار ۽ سڌريل نظر ايندا آهن جن جون زالون چينياڻيون يا انڊين نسل جون هونديون آهن. اسان وٽ به ڪجهه اهوئي حال هو پر هاڻ ڏسان پيو ته ويندي سنڌ جي ڳوٺن جون زالون پاڻ پڙهيل نه هوندي به ٻارن تي ڌيان ڏئي رهيون آهن ۽ هنن تي نظر رکن ٿيون ته پڙهائي ڪري رهيا آهن يا نه. ٽي وي ۽ ڪمپيوٽر تي گهڻو وقت ضايع ته نه پيا ڪن ۽ کين اجايا سجايا مٺا کاڌا ۽ مشروب کارائي ڦيڦو ۽ شگر جو مريض نٿيون بڻائين.
    مون ڊاڪٽر روشن شاهه راشديءَ کان سندس ٻارن جو پڇيو ته اهي پڙهائيءَ ۾ ڪيئن آهن. اهو ٻڌي خوشي ٿي ته سندن نه فقط پٽ ٻار پر ڌيئرون به پڙهائيءَ ۾ اڳيان اڳيان آهن. وڏو پٽ يا شايد ڌيءَ جنهن مهراڻ يونيورسٽي مان BE ۽ ماسٽرس ڪئي اهو اعليٰ تعليم لاءِ هن وقت جرمني جي ڪنهن يونيورسٽي ۾ آهي. سندس ڌيءَ BBA ۽ MSc ڪئي آهي هن وقت مهراڻ يونيورسٽي ۾ آهي. هڪ ٻئي پٽ به BE ڪئي آهي. ان بعد ٻيا ننڍا آهن جيڪي مئٽرڪ انٽر تائين پهتا آهن.
    ”پوءِ سائين هنن تي نظر رکڻ لاءِ توهان کي ڪيئن ٿو ٽائيم ملي؟“ مون پڇيومانس.
    ”سچي ڳالهه اها آهي ته ان ۾ منهنجو ڪريڊٽ ناهي. آئون ته رڳو ٻارن جي ڳالهه ٻڌي ته مون هن ۾ نمبر کنيو يا فلاڻي Assignment پوري ڪئي..... هنن کي واهه واهه ڪيان ٿو. اها منهنجي زال آهي جيڪا روز مغز ماري ڪري ٿي ۽ هوءَ اهو به ڏسي ٿي ته هو جيڪي ڪلاس روم ۾ پڙهي آيا ان جو دور ڪن ٿا يا نه، هوم ورڪ سڀ ڪيائون يا نه.....“
    ”بلڪل ائين ئي هئڻ کپي. توهان جي گهر واريءَ کي شاباس هجي. هوءَ بيحد عقلمند ۽ پورهيت ٿي لڳي.“ مون داد ڏنو.
    جھنڊي وارن پيرن جون شاديون گهڻيون ڪري پنهنجن ۾ ئي ٿين ٿيون پر اڄ ڪلهه هڪ ٻن ٻاهر به شاديون ڪيون آهن. خاص ڪري ڊاڪٽر روشن جي هڪ ڪزن (پير عباد الله شاهه راشدي جي ڀائٽي) ڊاڪٽر عارف الله شاهه راشدي جيڪو نيفرالاجسٽ آهي يعني بڪين (Kidneys) جي بيمارين جو ماهر.
    ”لڳي ٿو ته توهان به ڊاڪٽر عارف وانگر ڌارين مان شادي ڪئي آهي؟“ مون ڊاڪٽر روشن کان پڇيو ۽ هن وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو: ”نه سائين مون ڳوٺان ئي شادي ڪئي آهي ـــ نور مصطفيٰ شاهه جي گهران“.
    اهو ٻڌي مونکي اڃان به خوشي ٿي ته ڪن ڪن هنڌن تي ـــ ويندي ڳوٺن ۾ به سجاڳي تيزيءَ سان اچي رهي آهي ۽ اتي جون نياڻيون پنهنجي اولاد جي مستقبل ٺاهڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيون آهن.هتي اهو به لکندو هلان ته نور مصطفيٰ شاهه ڊاڪٽر روشن جي والد عبدالحي شاهه راشدي جو ماسات ٿئي.


    سنڌين جو رومانس ناٽنگھام سان

    انگلنڊ جي نقشي جي وچ ۾ ناٽنگهام شائر نالي ڪائونٽي ائين آهي جيئن سمجھو ته اسان وٽ پاڪستان ۾ ملتان ضلعو آهي. ناٽنگھام شائر ”ڪائونٽي“ جيڪا کڻي سمجھو ته هڪ ننڍڙو صوبو آهي ان جو وڏو شهر يا گاديءَ وارو شهر ناٽنگھام آهي جتي انگلنڊ جي ٻي نمبر تي وڏي (آڪسفورڊ يونيورسٽي بعد) ناٽنگھام يونيورسٽي آهي. هن يونيورسٽي جي بلڊنگ ۽ اردگرد ته بيحد خوبصورت آهي پر سڄو ناٽنگھام شهر پارڪن ۽ گل گلڪارين سان ڀريو پيو آهي. ڪراچي جي دائود يونيورسٽي واري احوال ۾ لکيو اٿم ته اتي جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر پير روشن شاه راشديءَ هن ناٽنگھام يونيورسٽيءَ مان Ph.D ڪئي آهي. ڳالهين ڪندي هن رکي رکي ناٽنگھام يونيورسٽي ۽ شهر جي تعريف ڪئي ٿي. هو پنهنجي پراڻي تعليم گاهه لاءِ هڪ قسم جي Nostalgia محسوس ڪري رهيو هو. هن جي ڳالهين مان انگلنڊ جي هن ناٽنگھام يونيورسٽي لاءِ سڪ صاف محسوس ٿي رهي هئي.
    ڳالهه اها آهي ته نه فقط پير جھنڊي ڳوٺ جي پروفيسر روشن شاهه راشدي لاءِ ناٽنگھام يونيورسٽي Love Affair جو درجو رکي ٿي پر اسان جي ٻين به ڪيترن لاءِ ان جو ساڳيو مقام آهي. ڪو زمانو هو 1960ع ۽ 1970ع وارو ڏهاڪو جڏهن سنڌ يونيورسٽي جا ڪيترائي ليڪچرار Ph.D لاءِ انگلنڊ جي مختلف شهرن ۾ نظر ايندا هئا. اسانجو جهاز لنڊن، ڊنڊي هل کان لورپول، ڊوور، سوان سِي، سائوٿمپٽن يا ائوَن مائوٿ ۾ لنگر انداز ٿيندو هو ته اسان هلي ملي ڪنهن ويجھي يونيورسٽي ۾ وڃي پنهنجن جو پڇائي انهن سان ملندا هئاسين يا کين جهاز تي اچي پاڪستاني ڊش کائڻ جي دعوت ڏيندا هئاسين. پوءِ آهستي آهستي ولايت ۾ پڙهڻ لاءِ ملندڙ اسڪالرن جو سلسلو گهٽ ٿي ويو. ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو، ڊاڪٽر خاصخيلي، ڊاڪٽر اعجاز قريشي سنڌ يونيورسٽيءَ کان آيل ڪجهه هئا جن سان آخر ۾ ملاقات ٿي.
    هاڻ گذريل ڏهاڪو سالن کان ڏسان پيو ته هڪ دفعو وري شاگردن جو تعداد وڌي رهيو آهي سنڌ يونيورسٽي، لياقت يونيورسٽي کان مهراڻ يونيورسٽي جا Ph.D لاءِ انگلنڊ اچن پيا ـــ خاص ڪري ناٽنگھام يونيورسٽي ۾ جنهن جي هڪ گرئجوئيٽ ڊاڪٽر اظهر علي شاهه ٻڌايو ته ان جو وڏو سبب اهو آهي ته ناٽنگھام يونيورسٽي ٽيوشن في ۾ اسان سنڌ يونيورسٽي وارن کي 25 سيڪڙو ڇوٽ ڏئي ٿي ۽ ڪيترن کي ته فل اسڪالرشپ به ڏئي ٿي.
    ڊاڪٽر اظهار علي شاهه جيڪو IT جو پروفيسر آهي ۽ سنڌ يونيورسٽي ٽيچرس ائسوسيئيشن (SUTA) جو صدر پڻ آهي 2006ع کان 2011ع تائين ناٽنگھام يونيورسٽي ۾ رهيو ۽ سندس Ph.D جو سبجيڪٽ هو: “Bio Informatics & Distributed Computing”
    اظهر شاهه صاحب جو 1976ع ۾ دادو ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”بامبيا“ ۾ جنم ٿيو. سندن والد صاحب حافظ غلام مصطفيٰ شاهه قرآن جا حافظ آهن ۽ سندن ڳوٺ ڀرسان ”مڏ شريف ڳوٺ“ جي مدرسي ۾ پڙهائين ٿا.
    منهنجو هڪ جهازران ايراني شاگرد سامونڊي نوڪري ڇڏي ڪافي سالن کان ناٽنگھام شهر ۾ غاليچن جو ڪاروبار ڪري رهيو آهي ۽ ناٽنگھام يونيورسٽي ڀرسان هن جو ڪنفيڪشنري جو دڪان پڻ آهي. هن کان جڏهن پڇيو هوم ته کيس پاڪستاني شاگرد نظر ايندا آهن ته هن کلي چيو ته پاڪستاني ڇا، رڳو توهانجي سنڌ صوبي جا، ٻه ڊزن ٿيندا.
    ”توکي ڪهڙي خبر ته هنن جو سنڌ سان تعلق آهي؟“ مون حيرت مان پڇيومانس. ان تي ٽهڪ ڏئي چيائين ته ”عيد واري ڏينهن اهي تو واريون اجرڪون پائي پيا هلندا آهن جيڪا تو مونکي سئيڊن ۾ ڏني هئي.“
    اهو چرچو نه پر حقيقت آهي جڏهن واڻڪي وسي جي ڊاڪٽر ذوالفقار علي لغاريءَ ان جي تصديق ڪئي. پاڻ 2006ع کان 2011ع تائين ناٽنگھام يونيورسٽي ۾ رهيو. سندس Ph.D جو سبجيڪٽ هو: “Institute of Genetics School of Biology” پاڻ 1973ع ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول مان ڪئي ۽ انٽر مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد مان ڪرڻ بعد B.Sc ۽ M.Sc سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين ان بعد 6 سال کن اتي ئي ليڪچرر ٿي رهيو. ان بعد ناٽنگھام يونيورسٽي مان ڊاڪٽوريٽ ڪيائين. سندس والد جو ڳوٺ ۾ ننڍڙو ڪاروبار هو....... هتي اهو ان ڪري لکي رهيو آهيان ته اسانجي سنڌ جي اها عجيب تاريخ آهي ته ٻاهرين ملڪن ۾ اعليٰ تعليم لاءِ مونکي جيڪي شاگرد ملن ٿا يا وڏين نوڪرين تي آهن ـــ اهي ڪي وڏن جاگيردارن، ڪارخانيدارن، پيرن، وڏيرن، وزيرن جا ٻار نه آهن...... 95 سيڪڙو کان مٿي ماسترن، هارين نارين، ننڍڙن دڪاندارن ۽ ننڍڙين نوڪرين وارن آفيسرن جا ٻار نظر اچن ٿا ۽ اسانجي سنڌ جي ڳوٺن ۾ بنيادي سهولتن ۽ ڄاڻ جي کوٽ جي باوجود اتي جا شاگرد ذهين ۽ محنتي ثابت ٿيا آهن. نه فقط ڇوڪرا پر ڇوڪريون پڻ.... ۽ آسان سبجيڪٽ کڻڻ بدران ڏکيا ۽ اهڙا کڻن ٿا جن جي ڊمانڊ آهي. ڪجهه ڇوڪرين جا نالا ڌيان تي آهن جن گذريل ڏهاڪو سالن ۾ هن يونيورسٽي ناٽنگھام مان ڊاڪٽوريٽ ڪئي ۽ هاڻ پنهنجي ملڪ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ نوڪري ڪري رهيون آهن:
    - ڊاڪٽر بنفشان سيد جيڪا هاڻ لياقت يونيورسٽي LUMS ۾ ڊائريڪٽر آهي.
    - ڊاڪٽر سمرين پڻ لياقت يونيورسٽيءَ ۾ آهي.
    - ڊاڪٽر شائسته ميمڻ جيڪا نواب شاهه جي آهي. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان B.Sc ۽ M.Sc مائڪرو بايولاجيءَ ۾ ڪئي ان بعد 2006ع ۾ Ph.D لاءِ ناٽنگھام يونيورسٽي وئي. پاڻ اڄ ڪلهه مائڪرو بايولاجي ڊپارٽمينٽ (سنڌ يونيورسٽي) ۾ پروفيسر آهي جتي سندس گهر وارو ڊاڪٽر سرفراز تنيو پڻ ساڳي سبجيڪٽ جو پروفيسر آهي.
    ڊاڪٽر سرفراز تنيو 1977ع ۾ قمبر جي هڪ ڳوٺ ”ٺوڙي بجارخان“ ۾ جنم ورتو. سندن والد ڳوٺ ۾ حڪيم هو. ڊاڪٽر سرفراز سنڌ يونيورسٽيءَ جو هڪ ذهين ترين شاگرد آهي جنهن گولڊ ميڊل پڻ حاصل ڪيو. سرفراز مئٽرڪ ڀر واري ڳوٺ ٻيهر شريف مان ڪئي ۽ انٽر قمبر مان. B.Sc ۽ M.Sc سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪرڻ بعد هو اتي 2002ع کان 2006ع تائين ليڪچرار ٿي رهيو. ان بعد 2006ع ۾ ئي هن کي ناٽنگھام يونيورسٽيءَ مان Ph.D لاءِ اسڪالر ملي جتي هو 2010ع تائين رهيو. سندس گهر واري ڊاڪٽر شائسته ميمڻ کي به ان سال ئي ناٽنگھام يونيورسٽيءَ جي اسڪالر ملي هئي. سندس شادي اتي وڃڻ بعد 2007ع ۾ ٿي.
    اهڙي طرح ناٽنگھام يونيورسٽي جي تعليم يافته ڊاڪٽر بشرا شيخ (هاڻ پاٽولي) آهي جنهن ۽ ساڻس گڏ سندس گهر واري ڊاڪٽر عاطف پاٽوليءَ مائڪرو بايولاجيءَ ۾ Ph.D ڪئي. اها حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته اڄ ڪلهه جا نوجوان مائڪروبايولاجي جهڙن ڏکين سبجيڪٽن ۾ Ph.D ڪري رهيا آهن. مونکي ياد ٿو اچي ته 1960ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ مائڪرو بايولاجي ڊپارٽمينٽ کليو هو جنهن ۾ منهنجي هڪ دوست اڪبر منگيءَ داخلا ورتي هئي. هو ۽ سندس ٻيا ڪلاس ميٽ جن مان هڪ ڪراچيءَ جي صبيحا ياد اچي رهي آهي ان سبجيڪٽ جي ڏکئي هجڻ جي ڳالهه ڪندا هئا. ظاهر آهي انهن ڏينهن ۾ عام طرح هر هڪ اڙدو، سنڌي، هسٽري، اسلامڪ اسٽڊيز يا وڌ ۾ وڌ پوليٽيڪل سائنس يا ايڪانامڪس ۾ B.A ڪندو هو. منهنجو دوست فقط B.Sc ڪرڻ بعد ٿڪجي پيو ۽ جيئن ئي نوڪري مليس ته ماسٽرس ڪرڻ تان هٿ کڻي ڇڏيائين. بهرحال اهي سٺا وقت هئا جڏهن B.A وارن کي به وڏيون نوڪريون ملي ويون ٿي.
    ڊاڪٽر عاطف ٻڌايو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مائڪرو بايولاجي ڊپارٽمينٽ 1996ع ڌاري کليو ۽ سال کن باٽني ڊپارٽمينٽ سان گڏ هو جنهن جو هيڊ پروفيسر عبدالقيوم سومرو صاحب رهيو. سال ڏيڍ بعد هي دپارٽمينٽ الڳ ٿيو جنهن جو پهريون چيئرمين ڊاڪٽر بشير چنڙ ٿيو. ڊاڪٽر عاطف ۽ سندس گهر واري ڊاڪٽر بشرا پاٽولي پهرين بئچ مان آهي. ڊاڪٽر بشرا شيخ (پاٽوليءَ) جو هالا پراڻا سان تعلق آهي. ڊاڪٽر عاطف جو اصل ڳوٺ ته ٽنڊو الهيار آهي پر سندس جنم 1976ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿيو ۽ اتي جي نور محمد هاءِ اسڪول ۽ مسلم ڪاليج مان مئٽرڪ ۽ انٽر ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽيءَ مان B.Sc ۽ M.Sc ڪئي. سندن شادي 2006ع ۾ ٿي ان بعد 2007ع کان 2012ع تائين هو ناٽنگھام يونيورسٽيءَ ۾ رهيا. Ph.D لاءِ ٻنهي جو سبجيڪٽ Genetics هو.
    انهن ساڳين سالن ۾ نصرپور جو ڊاڪٽر ظهير عالماڻي جيڪو اڄ ڪلهه مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي ۽ اتي جو ئي ڊاڪٽر تنوير ڦلپوٽو، نوابشاهه جي سٺ ميل ڳوٺ جو امان الله مري پڻ جيڪو هاڻ NED يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي، ڊاڪٽر فهيم چاچڙ جيڪو IBA يونيورسٽيءَ سکر ۾ ۽ ڊاڪٽر قاسم ميمڻ پڻ جيڪو هاڻ LUMS (لياقت يونيورسٽي) ڄامشورو ۾ پروفيسر آهي ـــ ناٽنگھام يونيورسٽي ۾ رهيا.
    توهانکي حيرت ٿيندي ته ناٽنگھام يونيورسٽيءَ مان اسان جا شاگرد نه فقط سائنس جي سبجيڪٽن ۾ Ph.D ڪن ٿا پر مذهب ۾ پڻ. مٿين شاگردن جي ڏينهن ۾ شڪارپور جو هڪ ڊاڪٽر مختيار ڪانڌڙو به هو جيڪو اڄ ڪلهه سنڌ يونيورسٽيءَ جي اسلامڪ ڪلچر ۾ پروفيسر آهي، ناٽنگھام يونيورسٽيءَ مان هن ”ٿيولاجي ۽ اسلامڪ اسٽڊيز“ ۾ Ph.D ڪئي. سندس ڄم جو سال 1975ع آهي.
    آخر ۾ ناٽنگهام يونيورسٽي انگلنڊ جي گرئجيوئيٽن ۾ هڪ پنهنجي ڳوٺائي مائٽ قاضي عبدالقيوم جي فرزند ”ڊاڪٽر قاضي معين“ جو نالو به ڳڻائي ڇڏيان جنهن نوابشاه جي قائدِ عوام انجنيرنگ يونيورسٽي مان سِول انجنيرنگ ۾ B.E. ڪرڻ بعد انگلئنڊ جي يونيورسٽي سسيڪس (University of Sussex) مان M.E ڪئي جنهن ۾ سندس اهم سبجيڪٽ “Technology & Innovation Management” رهيو. ان بعد مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائڻ دوران هن کي ناٽنگهام يونيورسٽي ۾ Ph. D. ڪرڻ لاءِ اسڪالر ملي وئي جتي هو 2005ع کان 2009ع تائين رهيو. پي ايڇ ڊي ۾ سندس سبجيڪٽ “Business & Administration” هو. Ph.D ڪرڻ بعد هن چار سال کن مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهايو. اڄ ڪلهه هو مهراڻ يونيورسٽي طرفان (يعني Lien تي) سعودي عرب جي مشهور يونيورسٽي ”ڪنگ سعود يونيورسٽي، رياض“ ۾ پروفيسر آهي جتي هو ”بزنيس ائنڊ مئنيجمينٽ“ پڙهائي ٿو. ڊاڪٽر معين ماشا الله پاڻ ته اهم شخصيت آهي پر هن تي جنهن جو نالو آهي اهو هالا جو هڪ مشهور حڪيم ۽ نبض شناس ٿي گذريو آهي. هو اسانجي ڏاڏي مرحوم محمد رحيم جو ڀيڻويو هو. منهنجو ننڍي هوندي هن سان سندس گهر ۾ توڙي مطب ۾ ملڻ ٿيندو هو جتي شام جي وقت منهنجو والد ۽ پاڙي جا ٻيا ڪچهري لاءِ اچي وهندا هئا. سندس گذاري وڃڻ بعد سندس فرزند علي احمد (ماما گلو) ۽ ان جي فرزند قاضي عبدالقيوم ڪجهه عرصو دواخانو هلايو پر پوءِ هنن جو گهڻو وقت مذهبي رسومات (نڪاح پڙهائڻ، جنازي نماز پڙهائڻ، مسجد ۾ امامت ڪرڻ) ۾ گذريو ٿي. ان دوران هالا ۾ ايلوپئٿي جا ڊاڪٽر: ڊاڪٽر اشرف متقي، ڊاڪٽر عابد ميمڻ وغيره انگريزي تعليم حاصل ڪري اچي ويا. هيءَ سال 1956 ـــ 1955 جي ڳالهه آهي.
    اسان وارو Ph. D وارو ڊاڪٽر معين، حڪيم معين قاضي جو پڙ پوٽو آهي. ڊاڪٽر معين جو ڏاڏو علي احمد قاضي شاعر پڻ هو. سندس تخلص هو ’گل چين‘. ڊاڪٽر معين جي ڏاڏي ۽ والد مولانا عبدالقيوم کي هڪ اهو به ڪريڊٽ ڏنو ٿو وڃي ته هنن هڪ شربت جي recipe تيار ڪئي جيڪو شربت گذريل 30 سالن کان شربت ”گل چيني“ جي نالي سان مشهور آهي ۽ اسلام آباد ۽ دبئي تائين نظر اچي ٿو. ڊاڪٽر معين جي والد مولانا عبدالقيوم جو ننڍي عمر ۾ انتقال ٿي ويو پر ڊاڪٽر معين جا ڀائر ان شربت ”گل چيني“ جو اعلي معيار ۽ سواد اڄ تائين قائم رکندا اچن. ڊاڪٽر معين جي ڄم جو سال 1974 آهي.


    ملائيشيا جي ناٽنگھام ۽ ڏهرڪي جي سنڌياڻي حِرا!

    يونيورسٽي آف ناٽنگھام هڪ ريسرچ قسم جي يونيورسٽي آهي جيڪا انگلنڊ جي شهر ناٽنگھام ۾ آهي. شروعات ۾ هيءَ يونيورسٽي ”ڪاليج آف ناٽنگھام“ جي نالي سان 1881ع ۾ کوليو ويو جيڪو پوءِ اڳتي هلي يونيورسٽي بڻيو. سندس مين ڪئمپس ”يونيورسٽي پارڪ“ ۽ ٽيچنگ اسپتال Queen’s Medical Center شهر جي پسگردائي ۾ ئي آهي. ان کان علاوه ٻيا ننڍا ننڍا ڪئمپس هن ساڳي ڪائونٽي ناٽنگھام شائر، ڊربي، ڊربي شائر ۽ لنڪن ۾ آهن. انگلند کان ٻاهر هن يونيورسٽي جا ڪئمپس ملائشيا ۽ چين ۾ آهن.
    انگلنڊ واري ناٽنگھام يونيورسٽيءَ ۾ 50 کان مٿي اسڪول، ڊپارٽمينٽ، انسٽيٽيوشن ۽ ريسرچ سينٽر آهن. شاگردن جو تعداد 44000 چيو وڃي ٿو ۽ اسٽاف جو تعداد 9000 جي لڳ ڀڳ آهي. هونءَ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن جو تعداد اڄ ڪلهه ماشاءَالله 30000 چيو وڃي ٿو ۽ ڪيترائي پروفيسر Ph.D آهن.
    ”ناٽنگھام يونيورسٽي“ انگلنڊ ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي بعد ٻئي نمبر تي آهي ۽ دنيا ۾ تيرهين نمبر تي. هن يونيورسٽي جو مين ڪئمپس ـــ يعني پارڪ ڪئمپس 330 ايڪڙن تي پکڙيل آهي. عمارت سازي ۽ ساوڪ کان هي ڪئمپس پوري انگلنڊ ۾ بهترين مڃيو وڃي ٿو.
    ان کان علاوه ٻيو ڪئمپس جيڪو ”جوبلي ڪئمپس“ سڏجي ٿو جنهن جو افتتاح 1999ع ۾ راڻي ايلزبيٿ ڪيو، تقريبن ايڏو ئي وڏو آهي. ان کان علاوه ”سٽي هاسپيٽل ڪئمپس“ بيسٽ ووڊ جي علائقي ۾ آهي جتي شاگرد ـــ دم، اسٽروڪ، Oncology، فزيوٿِراپي ۽ پبلڪ هيلٿ جهڙن سبجيڪٽن، بيمارين ۽ انهن جي علاج تي پوسٽ گرئجوئيشن ڪن ٿا. اڄ ڪلهه ان ۾ تماڪ تي ريسرچ جو به ادارو قائم ڪيو ويو آهي.
    ناٽنگھام شهر کان ٻارهن ميلن جي فاصلي تي Sutton Bonington نالي ڪئمپس پڻ آهي جتي بايو سائنس ۽ Veterinary Medicine جا ڊپارٽمينٽ آهن. انهن ڪئمپسن کان علاوه 2005ع ۾ King’s Meadow ڪئمپس پڻ کوليو ويو.
    ملائيشيا کي انگريزن کان خودمختياري ملڻ وقت ٽي يونيورسٽيون مس هيون. پوءِ به سالن جا سال ملائيشيا جا شاگرد اعليٰ تعليم لاءِ نيوزيلئنڊ، آسٽريليا، انگلنڊ ۽ آمريڪا ويندا رهيا. 1990ع کانپوءِ ملائيشيا ۾ تعليمي ادارن جو وڏو انقلاب آيو. هنن اهو محسوس ڪيو ته جيڪڏهن مختلف ملڪن جي نامور يونيورسٽين جا ڪئمپس ملائيشيا ۾ کوليا وڃن ته نه فقط سندن ملڪ جي شاگردن کي گهر ويٺي سستي تعليم حاصل ٿي سگهندي پر ساڳي وقت تعليم سان گڏ امن امان جو معيار بلند رکڻ تي ڀر وارن ملڪن کان علاوه عرب ملڪن ۽ آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن جا به ڪيترائي شاگرد اچي ويندا ۽ ملڪ جي ڪمائي ٿي ويندي. انهن شاگردن کي يورپ ۽ آمريڪا کان هتي وڌيڪَ سستي رهائش ۽ ٽيوشن في لڳندي. هاڻ ڏسندي ئي ڏسندي ملائيشيا ٽوئرسٽن ۽ شاگردن سان ڀرجي ويو آهي. ننڍن ننڍن انيڪ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کان علاوه مٿاهين درجي جون به ڪيتريون ئي يونيورسٽيون قائم ٿي چڪيون آهن، جهڙوڪ: ٽيلرز يونيورسٽي، موناش، ڪرٽن، سيگي، سن وي، KDU، ايشيا، پئسفڪ، UCSI، ملٽي ميڊيا، پترا ملائيشيا وغيره. پر توهان کي حيرت ٿيندي ته پهرين فارين يونيورسٽي جيڪا ملائيشيا ۾ کلي اها ناٽنگھام يونيورسٽي آهي. ساڳي وقت ناٽنگھام يونيورسٽي جو ملڪ کان ٻاهر پهريون ڪئمپس ملائيشيا ۾ کليو. هاڻ ته چين ۾ به کلي ويو آهي ۽ ٻين ملڪن ۾ کُلڻ جو به پيو ٻڌجي.
    ملائيشيا حڪومت ۾ جيڪي تعليم ۽ پلاننگ جهڙن ادارن ۾ آهن انهن کي شاباس هجي. ڇا ته هنن ويچار کان ڪم وٺي، ايندڙ وقتن جو سوچي پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن جي ڀلي لاءِ ڪم ڪيا آهن. ناٽنگھام يونيورسٽي وڃي ڏسو يا ٽيلرز يا سن وي ..... هر هڪ تعليمي ادارو ماڊرن شهر جو ڏيک ٿو ڏئي. هنن هر يونيورسٽي لاءِ بحريا ٽائون وانگر رڻ پٽ ۽ جنگلن ۾ اڏاوتون، روڊ رستا ۽ زندگي جون سهولتون ٺاهيون آهن. هر يونيورسٽيِ ڪوالالمپور، ملاڪا يا ”جوهوربارو“ جهڙن وڏن شهرن کان الڳ به آهي ته انهن جو حصو به. هر يونيورسٽي جي چوڌاري هزارين فلئٽ بنگلا، شاپنگ سينٽر ٺاهيا ويا آهن جن ۾ ٻاهرين ملڪن کان آيل شاگرد پنهنجي حيثيت آهر رهن ٿا ۽ خريد و فروخت ڪن ٿا. نه فقط شاگرد پر انهن جا مائٽ ۽ دوست به هنن سان ملڻ لاءِ ملائيشيا گهمڻ اچن ٿا ۽ ڏينهون ڏينهن هن ملڪ جي ٽوئرزم وڌي رهي آهي. سوچيو ته هيڏي وڏي ڪنسٽرڪشن هلڻ تي ڪيترا روزگار کي لڳا هوندا. عمارتون ٺهڻ بعد انهن جي صفائين ۽ ٻين ڪم ڪارين لاءِ انيڪ ماڻهو ٿا گهرجن. سندن ملڪ جا پڙهيل ڳڙهيل ۽ هاري ناري ته روزگار کي لڳا پيا آهن پر ڀر واري ملڪ انڊونيشيا ۽ اسانجي ننڍي کنڊ جا ماڻهو به گهرايا وڃن ٿا. هڪ دفعي ڪوالالمپور جي ايئرپورٽ واري هوٽل تي هڪ رات لاءِ ترسڻ ٿيو. ڪمري جي صفائي لاءِ هڪ ٻهراڙي جي ڳوٺاڻي عورت هئي. سمجھو ته ڪراچيءَ يا اسلام آباد جي ڪنهن وڏي هوٽل ۾ ڪا مِٺي يا عمر ڪوٽ پاسي جي ڏورانهين ڳوٺ جي ٿري عورت هجي، يا کڻي سمجهو ته ڪچي جي ڪنهن اهڙي علائقي جي جتي پهچڻ لاءِ ڪو ڍڳي گاڏيءَ جو به رستو نه هجي. ٻين ڪم ڪندڙ ڇوڪرين وانگر هوءَ به هوٽل جي يونيفارم ۾ هئي پر آئون هتي جو پراڻو رهاڪو هجڻ ڪري سندس شڪل مان سمجھي ويس ته هيءَ ٻهراڙيءَ جي آهي. انگريزيءَ ۾ پڇي رهي هئي ته ”چئنج ٽاولز؟“ ”وانٽ ٽي؟“ ”ڪلوٿس فار واش؟“، ٿئنڪ يو، ايڪسڪيوز مي .... وغيره وغيره.
    ملئيءَ ۾ پڇيومانس ”ڊي مانا اواڪ داتنگ“ تون ڪٿان آئي آهين؟
    هن سامونڊي ڪناري وارو جيڪو مهاڻن جو ڳوٺڙوٻڌايو، اهو ڪئالالمپور جي ٻئي پاسي ـــ يعني ڪئالالمپور، اپوح ۽ ملاڪا وغيره ”ملاڪا ڳچي سمنڊ“ جي ڪناري تي آهن ته هن جو ڳوٺ ترنگانو رياست ۾ ”سائوٿ چائنا سي“ سمنڊ پاسي آهي جتي جي گھاٽن جھنگلن ۾ ڏينهن جو به اونداهه رهي ٿي. مون چيومانس ته ”تون ايترو پري کان آئي آهين!؟“
    ان ڪري جو ”ڪِرجا سِني گاجي لبيح“ (هتي ڪم جو وڏو پگهار ملي ٿو).
    ”توهان جي ڳوٺ پاسي به ته توهان لاءِ هارپو ۽ مڇين مارڻ جو سٺو ڪم آهي“. مون چيومانس.
    ”بلڪل صحيح ٿو چئين. اتي به اسانجي ڪٽنب جا پوک لاءِ چار کن ايڪڙ ۽ ڪولام اِڪان (مڇين جو تالاب) آهي پر هتي جي هوٽلن ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽورن ۾ ايئر ڪنڊيشن ماحول ۽ وڏو پگهار هجڻ ڪري اسان جي ڳوٺ جون ڪيتريون ئي عورتون ـــ منهنجي ڀيڻن ۽ پڦين سميت هتي ڪم ڪن ٿيون.“
    ”پوءِ ڀلا مڇين ۽ سارين جي فصل کي ڪير ڏسي؟“ مون پڇيومانس.
    ”ان لاءِ اسان کي هن پار جا سستا مزدور ڏهاڙيءَ تي مليو وڃن“. هن انڊونيشيا ڏي اشارو ڪندي چيو..... آئون سمجھي ويس ته جيتوڻيڪ ملائيشيا ۽ انڊونيشيا هڪ ٻئي جي ڀرسان ائين آهن جيئن انڊيا ۽ پاڪستان ــــ انڊيا پاڪستان جي موسم ۽ Soil ۾ وري به ڪجهه فرق آهي پر انڊونيشيا ۽ ملائيشيا جي پوک لاءِ ڌرتي (Soil) به ساڳيو، موسم به ساڳي مينهوڳي واري، فصل ۽ ميوا به ساڳيا ٿين، پيوٽر، ٽن کان ٽامو پتل به ٻنهي ملڪن جي جبلن مان نڪري ٿو .... ماڻهن جو قد بت ۽ ٻولي به ساڳي ـــ بلڪه انڊونيشيا مان ته پيٽرول به نڪري ٿو. ملائيشيا وٽ ناهي .... ان هوندي به هڪ ملڪ (ملائيشيا) جو عوام بيحد خوشحال آهي ته ٻئي (انڊونيشيا) جو عوام غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيو آهي..... هن کي روزگار جي ڳولا ۾ ملائيشيا ۾ اچي در در ڀٽڪڻو پوي ٿو ۽ پورهئي لاءِ منٿون ڪرڻيون پون ٿيون. سندن ملڪ جي ناڻي جو وڏو حصو چند طاقتور سياستدانن، وڏيرن، ڀوتارن، فوجين ۽ سرڪاري ڪامورن جي هٿ ۾ آهي ۽ هوڏانهن ملائيشيا ۽ سنگاپور جي مهاتير ۽ لي ڪئان يو جهڙن سياستدانن پنهنجي ملڪن کي يورپ بڻائي ڇڏيو آهي. هاڻ ملائيشيا جي هارياڻين کي ڏکئي ڪمن لاءِ انڊونيشي ماين کي لڳائڻو پوي ٿو جيئن اسان جي سنڌ جو هاري هر هلائڻ لاءِ ڀاڙي تي ٽرئڪٽر يا چونڊي لاءِ باگڙي، ڪولهي يا ڪو ڏهاڙيءَ تي مزور رکي ٿو. فرق فقط اهو آهي ته ملائيشيا جا هاري/هارياڻيون ٻين کان ان قسم جا پورهئي وارا ڪم ان ڪري ڪرائين ٿا جو کين بهتر نوڪريون وڏي پگهار سان مليو وڃن..... پر اسان جو سنڌي هاري پورهئي کان ان ڪري ڪيٻائي ٿو جو هن جي هاڻ صبح ساجھر اک نٿي کلي جو هو رات جو جلدي سمهڻ بدران آڌي رات تائين چانهه جي هوٽلن تي ٽي وي يا فلمن جا VCR ڏسي ٿو.
    ڪوالالمپور ايئرپورٽ جي هن هوٽل ۾ ڪمرن جا بستر ٺاهڻ ۽ چانهه پاڻي آڻڻ واري هن ڳوٺاڻي ”روم گرل“ کان پڇيم ته هوءَ هڪ درجو به پڙهيل ناهي پوءِ انگريزي ڪيئن سکي؟
    ”انچڪ! (جناب!) انگريزي وري ڪهڙي؟!“ هن ٽهڪ ڏيندي چيو، ”مونکي جيڪا پڦي هتي وٺي آئي ان مونکي ڳوٺ ۾ ئي اهي ييس، نو، ايڪسڪيوز مِي، يو نيڊ ٽاول.... وغيره جهڙا ڏهاڪو کن لفظ رٽائي ڇڏيا باقي ٻيا اهڙا ڏهاڪو کن لفظ سال اندر هتي سکي ورتا اٿم.
    بهرحال ملائيشيا جي حڪومت سڄي ملڪ ۾ ڪارخانن، فئڪٽرين، تعليمي ادارن، ڊپارٽمينٽل اسٽورن جي ڄار وڇائي ملڪ جي هڪ هڪ ماڻهوءَ کي روزگار سان لڳائي ڇڏيو آهي. اسان جهڙن ملڪن ۾ جتي گهر جي فقط هڪ ڀاتيءَ کي روزگار آهي ته ان خاندان کي خوش نصيب ٿو سمجھجي اتي ملائيشيا ۾ گهر جو هڪ هڪ ڀاتي ـــ مرد توڙي عورتون، ويندي پوڙها ڏاڏا نانا ايئرڪنڊيشن ڪارخانن ۾ اسيمبلي ورڪ جهڙي نوڪري ـــ يعني ڪمپيوٽر، ٽي وي، ٽرانسسٽر، موٽر سائيڪل جا ساڳيا ساڳيا پرزا ملائيندي ڪن ٿا ته ڪچهري به ڪندا رهن ٿا. اهڙي طرح هڪ طرف سندن وقت سٺو گذري ٿو ته ٻئي طرف چڱو خاصو پگهار حاصل ڪري کيسا فل ڪريو هلن. اسان وٽ نه نوڪريون آهن نه ڳوٺن ۾ ڪارخانا ۽ فئڪٽريون. مس مس ڪنهن ٺلهه، ڏوڪري، يا باڊهه، ڇلگرين جي ڪنهن بيروزگار کي ڪراچيءَ جي ڪنهن ڪارخاني يا عمارت ۾ چوڪيداري جي نوڪري ملي ٿي ته مائٽ مٽ خوش ٿين ٿا پر اهو سوچيو ته اهو غريب ڇا ٿو بچائي سگهي؟ پرديس ۾ رهي رهائش جي مسواڙ ڏئي، بس جا ڀاڙا ڀري ڊيوٽي تي وڃي، ٻه ويلا اڻڀا سڻڀا کائڻ کان پوءِ باقي هن وٽ پگهار مان ڇا بچندو؟
    ان معاملي ۾ ملائيشيا جي حڪومت ۽ ملائيشيا جا وڏيرا، سلطان سياڻا چئبا جن پنهنجن ٺارو شاهه، ڀاڻوٺ، ٽنڊو حيدر، ٻيٽو ۽ شاهه پنجو جهڙن ڳوٺن ۾ به ڪارخانا ۽ فئڪٽريون کولي ڇڏيون آهن. پاڻ به پيا ڪمائين ته ڳوٺ جو غريب غربو به خوش! تعليمي ۽ هنري ادارا کولڻ ڪري هر هڪ تعليم يافته ٿي ويو آهي ۽ انهن تعليمي ادارن ۾ تعليم جو بلند معيار، سختي ۽ ڊسيپلين رکڻ ڪري ايران، ڪينيا، ويٽنام، سوڊان جهڙن ايشيائي ۽ آفريڪي ملڪن جا به تعليم لاءِ ملائيشيا ۾ اچن ٿا. ان کان علاوه انگلنڊ، آمريڪا ۽ يورپ جا ملڪ پنهنجي تعليمي ادارن جا ڪئمپس ملائيشيا ۾ کوليندي خوشي محسوس ڪن ٿا.
    ناٽنگھام يونيورسٽي وارو ڪئمپس 1999ع ۾ ملائيشيا ۾ شروع ٿيو. ڪوالالمپور شهر کان 30 کن ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ گھوڙاٻاري يا سيکاٽ جهڙي هڪ ڳوٺڙي Semenyih ۾ کوليو ويو. اڄ اهو ڳوٺ يورپ جو ماڊرن شهر ٿو لڳي. چين ۾ ناٽنگھام يونيورسٽي ڪجهه سالن بعد، 2004ع ۾ زهيجيانگ صوبي جي ننگبو (Ningbo) شهر ۾ کولي وئي جنهن جي بلڊنگ جو سرڪاري افتتاح 2005ع ۾ انگلنڊ جي ڊپٽي پرائيم منسٽر جان پريسڪاٽ ڪيو.
    ملائيشيا وارو ڪئمپس 101 ايڪڙن تي پکڙيل آهي. ملائيشيا ۾ ساوڪ ۽ مينهن جي کوٽ ته آهي ڪانه ۽ هن ڪئمپس جي عمارتن جي ڪجهه ڪجهه ڊيزائين انگلنڊ جي ”يونيورسٽي پارڪ“ واري ڪئمپس سان ملي ٿي. ڪئمپس ۾ هاسٽلن کان علاوه شاگردن جي رهائش لاءِ ٻاهر به سوين فلئٽ آهن. هن ڪئمپس ۾ اٽڪل 5000 کن شاگرد آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملائيشيا وارن هن ڪئمپس ۾ نه فقط رهائش جون بهترين سهولتون رکيون آهن پر تعليم ۽ ريسرچ جو به اعليٰ بندوبست ٿيل آهي. يونيورسٽي طرفان شاگردن لاءِ ويجھن بس اسٽاپن ۽ ريلوي اسٽيشنن تائين پهچڻ لاءِ ٽرانسپورٽ جو مفت بندوبست آهي جيئن هو اڌ ڪلاڪ اندر ڪوالالمپور پهچي سگهن. هونءَ پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ اهو به لکندو هلان ته ڪوالالمپور فيڊرل ڪئپيٽل آهي جيئن پاڪستان جو اسلام آباد. ناٽنگھام يونيورسٽي سلينگور رياست جي Hulu Langat ضلعي جي سيمينح ڳوٺ ۾ آهي ـــ ائين سمجھو ڄڻ پنجاب صوبي جي راولپنڊي ضلعي جو ڪو ڳوٺ هجي جيڪو اسلام آباد کان 30 کن ڪلوميٽر جي فاصلي تي هجي.
    ڪجهه مهينا اڳ جڏهن ڪوالالمپور هوس ته هڪ ملئي پروفيسر سان گڏ ناٽنگھام يونيورسٽي به ويس. ملائيشيا جي هن ناٽنگھام يونيورسٽي ۾ پڻ اسانجي ملڪ جا ڪيترائي اسٽوڊنٽس آهن. ڪي اعليٰ تعليم لاءِ آيل آهن ته ڪيترا اهڙا شاگرد جن جا والدين ملائيشيا ۾ نوڪري يا بزنيس ڪن ٿا ۽ سالن کان هتي رهيل آهن.
    IT ڊپارٽمينٽ ۾ جيڪا پهرين پاڪستاني ڇوڪري ملي اها منهنجي مرحوم دوست سيد روشن علي شاهه جي ڏوهٽي حِرا منور هئي. حِرا جو والد سيد منور علي شاهه بخاري مونکان 20 سال کن ننڍو ٿيندو. هو مون واري جهازران ڪمپني پاڪستان نئشنل شپنگ ڪارپوريشن (PNSC) ۾ اليڪٽريڪل انجنيئر رهيو ۽ موهن جو دڙو، لالا زار ۽ شمس جهڙا جهاز هلايا. ان بعد سمنڊ جي نوڪري ڇڏي ڪناري جي نوڪري ”ماري پيٽرول گئس“ ڪمپني ۾ ڪئي ۽ 2012ع تائين ڏهرڪي ۾ رهيو. ان بعد جنرل اليڪٽرڪ ڪمپني سان گڏجي ملائيشيا ۾ مختلف پروجيڪٽن تي ڪم ڪيو. هن ملائيشيا ۾ ڪم ڪرڻ کان ٻه سال اڳ پنهنجي فئملي کي 2010ع ۾ ئي ملائيشيا موڪلي ڇڏيو هو. منور اڃان تائين ملائيشيا ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. ان وچ ۾ هن نائيجيريا ۾ به هڪ پروجيڪٽ مڪمل ڪيو. ملائيشيا ۾ رهڻ دوران منور شاهه جي گهر واريءَ بتيڪ جو دڪان به کوليو پر بقول منور جي شروع ۾ سٺو هليو پر هاڻ جتي ڪٿي ڪپڙن جا دڪان عام ٿي ويا آهن. هلي ڪنهنجو به ڪونه ٿو.
    حرا ٻڌايو ته هن مئٽرڪ ڏهرڪي جي اسڪول ”ماري گئس اسڪول“ مان ڪئي ان بعد ڪوالالمپور اچي ”انٽرنيشنل عربڪ اسڪول“ ۾ داخلا ورتي ۽ هاڻ ناٽنگھام يونيورسٽي ۾ پڙهي رهي آهي. حرا جو نانو سيد روشن شاهه بخاري (خيرپور جي سيد گل شاهه بخاري جو فرزند) اسانجو هم عمر هو. سندس ننڍي عمر ۾ ئي نوڪري دوران انتقال ٿيو. پاڻ بيحد پيارو انسان ۽ هر هڪ جي مدد ڪرڻ وارو هو. منهنجو جهاز ناروي ۽ سئيڊن جي بندرگاهن ۾ هو ته هڪ دفعو هن جو به انهن ملڪن ۾ ٽريننگ طور اچڻ ٿيو هو. پاڻ هڪ وقت منهنجو، بلڪه منهنجي جهازران ڪمپنيءَ جو باس به رهيو جڏهن هو ”پورٽس ۽ شپنگ“ ڊپارٽمينٽ جو ڊائريڪٽر ٿيو. ان بعد هو اسلام آباد ۾ ڊپٽي سيڪريٽري رهيو. غوث علي شاهه جي ڏينهن ۾ ”ائڊيشنل سيڪريٽري چيف منسٽر سيڪريٽريٽ“ رهيو. ان بعد فشريز کاتي جو M.D ۽ پوءِ فائننس ۽ سيڪيورٽي پرنٽنگ پريس جو ڊائريڪٽر هو جتي سندس وفات ٿي. منهنجو جهاز جڏهن به ڪراچي ايندو هو ته آئون هن سان ملڻ لاـءِ سندس گهر ايندو هوس جيڪو گارڊن روڊ تي تاجل بيوس جي گهر ڀرسان هو. ان وقت حرا جي والده (يعني روشن جي ڌيءَ) حرا کان به ننڍي هوندي هئي. وقت ڪيئن ٿو تيزي سان گذري. 25 سالن جا هئاسين ته اسانجي دوستي ٿي. اڄ جي روشن شاهه حيات هجي ها ته هو به اسان وانگر 74 ـــ 75 سالن جو هجي ها. ۽ هو ڇا چوندا آهن ته This is a Small World. حرا جي والد منور علي شاهه 1987ع ۾ جهازن جي نوڪري ڇڏي ته وري خبر به نه پئي ته هو ڪٿي آهي. اڄ هن جي ڌيءَ ٻڌائي رهي آهي ته هو به هتي هن شهر ڪئالالمپور ۾ آهي!


    تعليمي ادارن جي بدنامي

    تعليمي ادارا ڪيئن ٿا بدنام ٿين؟ انهن تي خراب هجڻ جي ليبل ڪيئن ٿي لڳيو وڃي؟ سنڌ يونيورسٽي علامه آءِ آءِ قاضي جي ڏينهن ۾ نئين نئين کلي هئي پر تعليم ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيل ماهر پروفيسرن ۽ سخت ڊسپلين ڪري ان جي هاڪ ڏينهون ڏينهن وڌندي وئي. سنڌ يونيورسٽي جو گرئجوئيٽ پنهنجي سبجيڪٽ جو ماهر سمجھيو ويو ٿي هن کي پنهنجي ملڪ توڙي ولايت ۾ نوڪري يڪدم ملي وئي ٿي. سنڌ يونيورسٽي جو اهو بلند معيار ڪافي سالن تائين رهيو جيڪو هاڻ وري ڏسان پيو ته ساڳي اوج تي گامزن آهي. وچ ۾ هڪ اهڙو دور به رهيو جنهن ۾ هيءَ يونيورسٽي سخت بدنام ٿيندي رهي. سياست ۽ پوءِ غنڊه گرديءَ هن يونيورسٽيءَ جي ساک خراب ڪري رکي. نه صحيح طرح پڙهائي قائم رهي ٿي نه ڊسيپلين. ليڪچر اٽينڊ ڪرڻ کان شاگرد غائب پر جي ڪجهه موجود ته ٽيچر ناپيد. سياستدان شاگردن کي پنهنجن غرضن لاءِ Explioit ڪندا رهيا. شاگردن جي ڪمرن مان هٿيار ملڻ لڳا. صوبي جا ڌاڙيل ۽ ڏوهاري شاگردن جي ڪمرن ۾ رهڻ لڳا. هاسٽلن ۾ شراب ۽ چرس جو واهپو وڌڻ لڳو. بنا امتحان ڏيڻ جي يا کلئي عام ڪاپي ڪري امتحان پاس ڪرڻ عام ڳالهه ٿي وئي. نقلي ڊگريون وڪامڻ لڳيون. نوڪري لاءِ ملائيشيا ۾ ايندڙ سنڌ يونيورسٽي جي ڪيترن گرئجوئيٽن وٽ مون پاڻ به ڏٺيون جيڪي هوبهو اصل جهڙيون لڳيون ٿي ! بنا ليڪچر اٽينڊ ڪرڻ جي ڪاپي ڪري امتحان پاس ڪري ڊگريون حاصل ڪرڻ کان سنڌ يونيورسٽي ايترو ته مشهور ٿي ـــ جي ها مشهور ٿي ـــ جو ڪيترن عرب ۽ آفريڪا جي ملڪن جي ٺڳ ماڻهن لاءِ اها خوشيءَ جي ڳالهه ٿي پئي ته سندن نڪمو ۽ ناڪارو اولاد هن يونيورسٽي مان ڊگري حاصل ڪري سگهي ٿو. جيئن اسان جي ڪيترن ڏسڻن وائسڻن سياستدانن لاءِ ٻڌڻ ۾ ايندو رهي ٿو ته هنن دنيا جي اهڙين يونيورسٽين مان پئسا ڏئي گهر ويٺي نقلي ڊگريون حاصل ڪيون آهن. آمريڪا ۾ هڪ هم وطني ڊاڪٽر مليو جنهن لياقت يونيورسٽي (LMC) مان MBBS ڪئي. پڙهائي ته هن ڪا خاص نه ڪئي پر ڊگري حاصل ڪري ورتائين. پنهنجي فيلڊ جي سبجيڪٽ جي ڄاڻ نه هجڻ ڪري نوڪري (ڊاڪٽري) ملڻ تي به هن همٿ نه ساري. ان ڪري هن ڪجهه سال پيٽرول پمپ تي ڪم ڪيو ان بعد هو دڪان کولي ويهي رهيو.
    هن ڊاڪٽر صاحب ڪجهه پنهنجن جي دعوت ڪئي جنهن ۾ مونکي به گهرائين. سياست جون ڳالهيون هليون ته صوبي جي هڪ اهم وزير جو نالو وٺي هن ٻڌايو ته هو سندس ڪلاس ميٽ هو. ”هن تي منهنجا وڏا ٿورا آهن جو هن کي ڊاڪٽر بنائڻ ۾ منهنجو هٿ آهي“.
    ظاهر آهي اهو پڙهي توهان کي به حيرت لڳي هوندي سو اسان مان به ڪنهن ان جو راز پڇيس. وراڻيائين: ”هو ليڪچر ورلي اٽينڊ ڪندو هو آئون هن جي حاضري هڻائيندو رهيس ٿي. امتحانن ۾ کيس پاس ڪرائڻ جو به مون بندوبست ڪيو.......“ هوندو جو انهن ڏينهن ۾ سواءِ ڊاڪٽر عالماڻيءَ جي گهڻا تڻا پروفيسر به شاگردن کان ڊڄندا وتندا هئا. ڊاڪٽر عالماڻي پڪو ٻروچ ٿي ڏيکاريو. پاڻ به ذهين ۽ محنتي شاگرد ۽ قابل ڊاڪٽر ۽ پروفيسر هو. هن ۽ هن جهڙن ٻين ڪجهه پروفيسرن سنڌ جي تعليمي ادارن مان شاگردن جي داداگيري ختم ڪرڻ لاءِ جان جي بازي ضرور لڳائي. ماحول کي سڌارڻ جي وڏي همت ڪئي پر اسان جي تعليمي ادارن کي غنڊا گردي جي اڏوهيءَ کائي کوکلو ڪري ڇڏيو هو. ايتريقدر جو ڪئنٽين جو بئرو مانيءَ جي بل جي گهر ڪندو هو ته کائڻ وارو شاگرد ليڊر ٻٽونءَ مان نوٽ ڪڍي ٽيبل تي رکڻ بدران ور مان ڇرو ڪڍي ڪاٺ جي ٽيبل ۾ هڻندو هئو جيئن بئرو سمجھي وڃي ته داداگير شاگردن کان مانيءَ جو بل نه گهربو آهي.
    اها ڳالهه به ٻڌڻ ۾ آئي ته بئري جي بل پيش ڪرڻ تي هڪ اسٽوڊنٽ ليڊر جيڪو ٻين جي مقابلي ۾ ”شريف“ هو کيسي مان پستول يا خنجر ڪڍڻ بدران ڪئنٽين جي مئنيجر کي چيو ته ”بل منهنجي حساب ۾ لکي ڇڏ“.
    ان تي ڪئنٽين واري چيس: ”سائين توهان جي نالي تي پهرين به ڪيترا بل ٿي ويا آهن“.
    شاگرد سگريٽ جو سوٽو هڻندي رعب سان چيس ته ”پوءِ اهي مٽائي هي نئون لک.“
    انهن ڏينهن ۾ اها چوڻي مشهور ٿي ته ڪو زمانو هو جو ڪو شاگرد پرنسپال جي آفيس ٻاهران نظر ايندو هو ته چئبو هو ته ”شاگرد جو خير نه آهي“ پر هاڻ ڪنهن شاگرد کي پرنسپال جي آفيس ٻاهران ٿو ڏسجي ته خيال ٿو اچي ته ”پرنسپال جو خير ناهي“.
    معمولي معمولي ڳالهين تي جھيڙا فساد ان بعد يونيورسٽي جو ڏينهن جا ڏينهن بند ٿيڻ هڪ اهڙي عام ڳالهه ٿي پئي جو ”سنڌ يونيورسٽي“ بند يونيورسٽي سڏجڻ لڳي.
    گلف جي هڪ تعليمي اداري جي اعليٰ عملدار سان ملاقات ٿي جنهن ان دور ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊگري حاصل ڪئي هئي. سندس سنڌ يونيورسٽي سان واسطو رهڻ ڪري مون هن کي چيو ته ان صورت ۾ توکي کپي ته تون پنهنجي اداري ۾ گهڻي کان گهڻا سنڌ يوينورسٽي جا گرئجوئيٽ رک.
    ”هرگز نه“ هن بنا لحاظ جي اڦٽ جواب ڏنو. شڪي ٿيڻ جي باوجود نڪ جو پڪو ٿي کانئس ان جو سبب پڇيم.
    ”ان ڪري جو“، هن وراڻيو، ”اتي تعليم جو ڪو نالو نشان نه هو. رڳو ڊگرين جي ورهاست هئي. اهو ئي سبب آهي جو ان بعد مون ساڳي ڊگريءَ لاءِ ممبئي يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي هئي“.
    هڪ ٻئي خوش حال ملڪ جو مثال ٿو ڌيان ۾ اچي. ملڪ يا ماڻهن جا نالا نٿو لکان. ان دور جا پراڻا ماڻهو تصديق ڪندا. ان امير ملڪ (عرب ملڪ نه پر ٻيو) کي ڪجهه گرئجوئيٽ جي ضرورت پئي. واسطيدار عملدار سنڌ يونيورسٽي جو گرئجوئيٽ هو. مون کيس ان ناتي سنڌ يونيورسٽي جي گرئجوئيٽ اميدوارن کي نوڪريون ڏيڻ لاءِ صلاح ڏني ته هن صاف صاف انڪاري ڪري ڇڏيو. مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو. سال ٻن بعد واشنگٽن ۾ مون ان ڏک جو اظهار اتي رهندڙ پروفيسر جاويد ڀٽو صاحب سان ڪيو جيڪو ان دور ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪنهن ڊپارٽمينٽ جو هيڊ رهيو هو. هن ٻڌايو ته ان فارين شاگرد جو اهو نفرت آموز احساس هڪ نارمل ڳالهه آهي. ان ۾ هن جو نه پر اسان جو ڏوهه آهي. هو هڪ سنجيده ۽ علم حاصل ڪرڻ وارن شاگردن مان هو. هن جا باقي ٻه ساٿي اڙدو ۽ هنديءَ ۾ M.Phil ڪرڻ لاءِ لاهور ۽ دهليءَ جي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ ويا. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪرڻ کي ترجيح ڏني جتي انهن ڏينهن ۾ ڪلاس ته صحيح نٿي هليا پر هاسٽل ۾ به شاگردن جو گوڙ فساد لڳل رهيو ٿي. هڪ عجيب ماحول هو جنهن کي هو پنهنجي ملڪ جي يونيورسٽين سان ڀيٽي حيرت کائيندو هو. انهن ڏينهن ۾ اغوائن جون وارداتون به عام هيون. جيڪب آباد ۽ گھوٽڪي ڪشمور ته ڇا سپر هاءِ وي تان به ماڻهو اغوا ٿي رهيا هئا. ڪجهه چيني انجنيئر به اغوا ٿيا جن لاءِ اهو مشهور ٿيو ته صوبي جي حاڪم جنهن جي ان وقت جي لائق چانڊئي، ڪولهي ۽ ٻين اغواڪارن سان ياري هئي، ان جي مرضي تي کڻايا ويا ۽ ڇڏڻ لاءِ حڪومت جي خزاني مان ڀُنگ جا پئسا ڪڍيا ويا. انهن ڏينهن ۾ مٿين شاگرد کي ڀٽ شاهه جي ميلي تان کڻائڻ جا افواه گرم ٿيا. ان راز جي ڄاڻ پوڻ سان هن ڌارئين ملڪ جي شاگرد ميلي تي وڃڻ بدران پنهنجي ملڪ ۾ اچي ساهه پٽيو ۽ پڇتائيندو رهيو ته هن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ ۾ M.Phil ڪرڻ جو ڇو ارادو ڪيو. ان کان ته مرهٺي، بنگالي، تامل يا ڪنهن ٻي زبان ۾ انڊيا يا بنگلاديش جي ڪنهن يونيورسٽيءَ مان ڪري ها.
    سو ان قسم جون غلط ڳالهيون ۽ حرڪتون اسانجي تعليمي ادارن کي تباهه ڪن ٿيون ۽ انهن جي گرئجوئيٽن کي دنيا گهٽ نظر سان ڏسي ٿي. هرڪو سوچي ٿو ته اها يونيورسٽي جنهن ۾ سڄو سال شاگردن جا هنگاما هلندا رهن، ڪلاس روم بند هجن، استاد پڙهائڻ کان نٽائين يا Motivation پيدا نه ڪن، امتحانن ۾ ڪاپي هلندي هجي..... اتان جيڪو گرئجوئيشن ڪندو اهو ڪهڙو لائق فائق هوندو؟ بهرحال شڪر آهي جو ڪجهه زماني لاءِ بدنام ٿيل سنڌ يونيورسٽي هاڻ وري پيرن تي بيٺي آهي. شاگرد ۽ استاد نه فقط روزانو اچي رهيا آهن پر وقت جي پابنديءَ سان. ويتر هاڻوڪو وائيس چانسلر فتح محمد برفت هن يونيورسٽي لاءِ نعمت کان گهٽ ناهي هو هڪ غيرتمند، بااخلاق، محنتي، ايماندار ۽ ڄاڻو پروفيسر آهي. هن هميشه ڪم وارن جو قدر ڪيو آهي ۽ چمچن کي پري رکيو آهي. مونکي پڪ آهي ته سنڌ يونيورسٽي نه فقط تعليم ۾ پر امن امان ۾ به اڃا بهتر ٿيندي. ڪنهن به ڏوهاريءَ جي ماحول کي خراب ڪرڻ جي همت نه ٿيندي ـــ فتح محمد ماهر به ان ئي سبجيڪٽ ۾ آهي ـــ يعني ”ڪرمنالاجي“ ۾. هو اهڙين حالتن کي اسرڻ هرگز نه ڏيندو جيڪي هن تعليمي اداري جي بدنامي ۽ بدامني جو سبب بڻجن.
    ناٽنگھام يونيورسٽي جي پر سڪون ماحول ۾ سال 2008ع ۾ ٿورو وڳوڙ ضرور پيدا ٿيو هو جڏهن اسٽاف جو هڪ ميمبر ”هچام ييزا“ ۽ هڪ پوسٽ گرئجوئيشن جو مسلم شاگرد ”رضوان صابر“ 14 مئي 2008ع تي يونيورسٽي مان گرفتار ڪيا ويا ۽ هنن کي دهشتگردي جي ائڪٽ هيٺ ڇهه ڏينهن جيل ۾ رکيو ويو. ناٽنگھام يونيورسٽيءَ پوليس کي رضوان خلاف شڪايت درج ڪئي هئي ته هن وٽ القاعده جي ٽريننگ جو مينوئل موجود آهي جيڪو هو پنهنجي پوسٽ گرئجوئيشن جي ريسرچ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. پوليس جي تفتيش بعد هنن تي ڪو به ڏوهه ثابت نه ٿيو ۽ ٻنهي کي بنا ڪنهن دهشتگرديءَ جي ڏوهه جي آزاد ڪيو ويو. ٽن سالن بعد 2011ع ۾ رضوان صابر کي ڪوڙي الزام هيٺ 6 ڏينهن جيل ڪاٽڻ جو ازالو ڪرڻ لاءِ ناٽنگھام پوليس 20 هزار پائونڊ (اٽڪل 34 لک رپيا) معاوضو ڏنو.
    ان ڪوڙي واردات بعد ناٽنگھام يونيورسٽي تي ڏاڍي تنقيد هلي ايتريقدر جو دهشتگردي جا سبجيڪٽ پڙهائڻ واري هڪ ٻئي پروفيسر ”راڊ ٿورنٽن“ آئندي ان سبجيڪٽ کي پڙهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڇو ته هن گرفتار ٿيڻ جو جوکم مٿي تي نٿي کنيو جو يونيورسٽي خبر ناهي ڪهڙي خيال يا موڊ تحت هن کي به ٻڌرائي ڇڏي. نتيجي ۾ اڄ ناٽنگھام يونيورسٽي ۾ دهشتگردي بابت ڪا به تعليم نٿي ڏني وڃي ۽ نه ان بابت ريسرچ ڪئي وڃي ٿي.


    يادون اهم ماڻهن جون

    اڪثر هر ڪاليج، يونيورسٽي يا اداري جو ڪو نه ڪو Motto يعني متو، چوڻي، سلوگن ٿئي ٿو جيڪو ان اداري جي عڪاسي ڪري ٿو يا اهو ادارو ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. جيئن اسانجي ”ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو“ جو موٽو عربي ۾ العلم قوة (علم طاقت آهي) آهي. بنارس يونيورسٽي جو ياد اٿم ته ان جو موٽو هو: “Be Immortal Through Knowledge” اهڙي طرح پوني ويو هوس ته اتي جي يونيورسٽي جي بلڊنگ تي ان جو موٽو ڏٺم: “He who is industrious is learned” اهڙي طرح گوا جي يونيورسٽي جو آهي: “True knowledge Liberates”. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مختلف تعليمي ادارن جا ان قسم جا مَتا (Motto) دلچسپ ٿين ٿا ۽ هر ادارو پنهنجو موٽو وڏي سوچ ويچار ڪري ٺاهي ٿو. ڪي ته اهڙا سٺا ٿين ٿا ۽ ادارا ان موجب هلي دنيا کي ڏيکارين ٿا ته اسان واقعي جيڪو نعرو هڻون ٿا اهو ڪري ڏيکاريون ٿا. جيئن 1960ع واري ڏهاڪي جو PIA جو موٽو: ”باڪمال لوگ، لاجواب پرواز“. Great People to Fly with ڪي ڏهاڪا دنيا ۾ مشهور رهيو. مونکي ياد آهي ته PIA جي هوائي جهاز ۾ سفر ڪرڻ واقعي وڏي شان ۽ مان جي ڳالهه سمجھي وئي ٿي. پاڪستانين کان وڌيڪَ گورا چڙهندا هئا. هونءَ به 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ڪٿي هئا ايترا پاڪستاني آمريڪا ۾. نيويارڪ کان جهاز هلندو هو ته سواءِ چند سيٽن جي باقي سڀ آمريڪن ۽ يورپين سان ڀريل هونديون هيون. اسان جي ماڻهن کي PIA جو موٽو اهڙو ته وڻندو هو جو ويندي ٽرڪ ڊرائيور به پنهنجي ٽرڪ جي پٺيان هوائي جهاز ٺاهي ان مٿان لکرائي ڇڏيندا هئا ته ”باڪمال لوگ لاجواب پرواز“ يا وري بعد ۾ ايوب خان جي وفات بعد ٽرڪن پويان هن جو فوٽو ٺهرائي لکرائيندا هئا: ”....... جاني ڪي بعد تيري ياد آئي“.
    بهرحال اڄ PIA توڙي ان جو اهو موٽو اسان لاءِ شرمساريءَ جو باعث آهي. اهڙي طرح پوليس جو ادارو جيڪو انگريزن قائم ڪيو ۽ ڪئناڊا، نيوزيلئنڊ، آسٽريليا توڙي نائيجيريا، سائوٿ آفريڪا ۾ هن کي عوام جي خذمت ۽ بچاءَ لاءِ قائم ڪيو ان جو اسان وٽ به ساڳيو ڪم ۽ موٽو آهي يعني: “Serve & Protect” يا “Striving to Serve” يعني ”پوليس ڪا ڪام هي عوام ڪي خذمت“ پر اسان جهڙن ملڪن ۾ زميني حقائق ڪجهه ٻيو ئي ٻڌائين ٿا. بس دعا آهي ته اسان جي ملڪ جون به حالتون بدلنديون ۽ اسان جي پوليس به ملائيشيا، سنگاپور، جپان جهڙي ٿي ويندي.
    موٽو رکڻ جي معاملي ۾ ملائيشيا وارا به خوب آهن ننڍي کان ننڍي اسڪول جو به ڪو موٽو هوندو. ”اسلامڪ يونيورسٽي ملائيشيا“ جو ملئي ٻوليءَ جو موٽو آهي: “Taman Ilomu dan Budi” يعني ”علم ۽ نيڪين جو چمن“
    ملائيشيا جي هڪ پراڻي يونيورسٽي ”ملايا يونيورسٽي“ جو موٽو آهي: “Ilmu Punca Kemajuan” يعني ”علم ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي“. يونيورسٽي سائنس ملائيشيا جو موٽو آهي: “Kami Memimpin” يعني ”اسان ئي اڳواڻي ڪنداسين“. ۽ ”تُن حسين عون يونيورسٽي“ جو موٽو آهي: “Dengan Hikmah kita Meneroka” يعني عقل سان ئي حاصل ڪنداسين.
    هتي اسان ناٽنگھام يونيورسٽي جي موٽو جي ڳالهه ڪنداسين ته انگلنڊ توڙي ملائيشيا ۽ چين جي ڪئمپسن جو ساڳيو موٽو آهي: “A City is built on wisdom” ننگبو (چين ۾ جيڪا ناٽنگھام يونيورسٽي آهي ان جي ڀت تي به اهوئي موٽو لکيل آهي پر هڪ هنڌ، شايد سائنس ڊپارٽمينٽ واري بلڊنگ تي هيٺيون موٽو پڻ نظر آيو: “Seeking truth from facts and applying knowledge to the service of the nation”.
    هن مضمون ۾ مون اهو ٿي ٻڌائڻ چاهيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ جا ڪيترائي شاگرد انگلنڊ جي ناٽنگھام يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ۽ هن وقت به ڏهن کان مٿي Ph.D ڪري رهيا آهن پر ڏٺو وڃي ته ناٽنگھام يونيورسٽي سان سڀ کان گهڻو چاهه ملائيشيا وارن جو آهي جن جي هن وقت به انگلنڊ ۾ ”ناٽنگھام ملائيشيا سوسائٽي“ آهي جنهن جا 500 کان مٿي ميمبر آهن. ملائيشيا جا شاگرد، خاص ڪري ملئي شاگرد وڏي عرصي کان انگلنڊ جي پارڪ ڪئمپس واري ناٽنگھام يونيورسٽيءَ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪندا اچن. نه فقط غريب شاگرد اسڪالرشپ تي پر امير ملئي وڏيرن، پيرن (سلطانن)، واپارين، زميندارن جا پٽ توڙي ڌيئون پنهنجي خرچ تي هن يونيورسٽي مان پوسٽ گرئجوئيشن ڪنديون اچن. دراصل اهو لکي اسان جي ۽ ملائيشين جي وڏن ماڻهن ۾ موجود فرق کي پڻ هاءِ لائيٽ ڪرڻ چاهيان ٿو. جتي فوج توڙي اعليٰ تعليم ڏي اسانجي پير، مير، وڏيري ڀوتار جو اولاد وڃڻ کان ڀڄي ٿو اتي ملائيشيا جا ماڻهو جن جي سست رويي، آرام پسندي ۽ توڪل کي اسان سنڌين جي عادتن سان کڻي ڪيڏو به ملايون پر ملئي تعليم توڙي فوج ۾ وڃڻ ۾ تمام تيز آهن جيتوڻيڪ هو قد ۾ به ڪي ڊگها نه آهن ۽ عام طرح دماغ جا به ڳرا آهن ـــ اهو به چئي سگهان ٿو جو مون هنن کي وڏو عرصو پڙهايو آهي. پر يارو! هو محنتي آهن، هنن کي علم حاصل ڪرڻ جو شوق آهي ۽ هو ڪاپي ڪرڻ جهڙين منفي ڳالهين کان پري رهن ٿا. هتي ڪجهه دلچسپ شخصيتن جو مختصر احوال ڏيان ٿو جن بابت مونکي خبر آهي ته انهن ناٽنگھام يونيورسٽيءَ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. ظاهر آهي ان کان اڳ هنن پنهنجي ملڪ مان به تعليم ورتي هوندي.
    اسانجو ملائيشيا 1968ع کان وڃڻ شروع ٿيو. چين، جپان، ڪوريا ڏي ويندي يا موٽنڊي سنگاپور ۽ ملايئشيا جي بندرگاهن: پينانگ ۽ پورٽ ڪلانگ (ڪئالالمپور) جهاز ضرور ترسندو هو. منهنجي خيال ۾ ته 1973ع جو سال هو يا 1974ع جو، اسانجو جهاز رمضان جي آخري روزن کان عيد کان هفتو کن پوءِ تائين ڪئالالمپور ۾ يعني پورٽ ڪلانگ ۾ لنگر انداز هو. دراصل ڪئالالمپور ڪراچي يا ممبئي وانگر سمنڊ جي ڪناري تي ناهي. ان جي ويجھو وارو بندرگاهه پورٽ ڪلانگ آهي جنهن جو انگريزن جي ڏينهن ۾ توڙي اسان جي شروعاتي سالن ۾ ”پورٽ سُئيٽنهام“ نالو هو. عيد واري ڏينهن ملائيشيا ۾ وڏن ماڻهن: وزيرن، سلطانن کان بادشاهه جي گهر ۾ عوام لاءِ عام دعوت ٿئي جنهن کي هو ”اوپن هائوس“ سڏين ٿا. اسان ڪجهه جهاز جا آفيسر عيد نماز بعد ان وقت جي ملائيشيا جي بادشاهه تئانڪو عبدالحليم جي محل تي وياسين. عيد نماز بعد اسان وانگر ٻيا به ڌاريان توڙي مقامي ماڻهو، امير توڙي غريب اتا ايندا رهيا جن کي بادشاهه پاڻ ۽ سندس راڻي ”باهيا بنت تئانڪو عبدالرحمان“ آڌر ڀاءُ ڪندي رهي. امن امان وارا ڏينهن هئا. دهشتگردي ۽ بم ڦاٽڻ جهڙا فئشن اڃان شروع نه ٿيا هئا. بلڪه 1990ع تائين مون ڏٺو ته اسان بنا ڪنهن سيڪيورٽي جي گورنر، وزير اعليٰ ۽ ٻين جي آفيسن ۾ ۽ عيد وارن ڏينهن تي سندس گهرن ۾ ملڻ لاءِ ويندا رهياسين ٿي. ملائيشيا ۾ ان بعد سختيون ۽ خبرداريون ٿيون آهن.
    1974ع واري عيد تي اسان جنهن بادشاهه تئانڪو عبدالحليم جي محل ۾ وياسين اهو ملائيشيا کي انگريزن کان خودمختياري ملڻ بعد پنجون بادشاهه هو. پنهنجي پڙهندڙن خاص ڪري جيڪي ملائيشيا ۾ رهن ٿا يا ملائيشيا سان واسطو رکن ٿا انهن جي ڄاڻ لاءِ اهو لکڻ ضروري ٿو سمجھان ته ملائيشيا ۾ بادشاهت جو نظام نرالو آهي جنهن کي ڪن ڳالهين ۾ بهتر به چئي سگهون ٿا. جيئن اسان وٽ چار صوبا آهن تيئن ملائيشيا ۾ تيرهن رياستون آهن جن مان چئن جو والي مرشد گورنر آهي باقي نون رياستن مان هر هڪ جو حاڪم اتي جو سلطان آهي. ڪنهن به رياست جو سلطان (راڄ ڌڻي) وفات ڪري ٿو ته ورثي مطابق سندس وڏو پٽ يا ڀاءُ يا ڀائٽيو ان رياست جو سلطان ٿئي ٿو ـــ جيئن سعودي عرب، ڪويت، جپان يا ٿائلنڊ وغيره ۾ بادشاهه جي مرڻ تي ان جو پٽ يا ڀاءُ ڀائٽيو تخت تي ويهي ٿو. سو ملائيشيا ۾ به هر رياست جو نئون سلطان ائين ٿئي ٿو پر سڄي ملڪ جي بادشاهه لاءِ نَون ئي رياستن جا سلطان گڏ ويهي پنهنجو پاڻ مان واري وٽيءَ تي هڪ چونڊين ٿا جيڪو فقط پنجن سالن لاءِ ملڪ جو بادشاهه ٿئي ٿو. 5 سال پورا ٿيڻ تي يا ان کان اڳ راهه رباني وٺڻ تي وري ٻي ڪنهن رياست جي سلطان کي ملڪ جو بادشاهه بڻايو وڃي ٿو.
    انهن ڏينهن ۾ ڪيداح رياست جو مٿيون سلطان 1970ع کان 1975ع تائين بادشاهه چونڊيل هو جنهن جي گهر اسان دعوت کائڻ ويا هئاسين. هي بادشاهه 1927ع ۾ ڄائو ۽ ان وقت هن جي عمر 47 سال هئي. هو هن وقت به حيات آهي ۽ سندس عمر 90 جي لڳ ڀڳ آهي. جيڪي ملائيشيا ۾ رهن ٿا اهي توهان کي ٻڌائيندا ته سلطان عبدالحليم ته هينئر به ملائيشيا جو 2011ع کان 2016ع تائين بادشاهه هو. جي ها. اسانجي ڏينهن ۾ (1970ع کان 1975ع تائين) هو پنجون بادشاهه هو. ان بعد هر رياست (يعني نون ئي رياستن) جي هرهڪ سلطان کي بادشاهه بنجڻ جو موقعو مليو ان بعد وري جڏهن ڪيداح رياست جو وارو آيو ته هن جي جيئري هجڻ ڪري هن کي وري بادشاهه بڻايو ويو ۽ هن دفعي هن ملائيشيا جي پنڌرهين بادشاهه جي حيثيت ۾ ملڪ جون واڳون سنڀاليون. ٿائلنڊ جو بادشاهه ڀوميدل ته گذريل سال گذاري ويو ان ڪري انگلنڊ جي راڻي ايلزبيٿ بعد ۾ هي ٻئي نمبر تي دنيا جو سينئر موسٽ بادشاهه چئي سگهجي ٿو. سندس شادي سندس ڏاڏي پوٽي جي ڇوڪري سلطانا باهيا Bahiya بنت المرحوم تئانڪو عبدالرحمان سان 1956ع ۾ ٿي جڏهن هوءَ 26 سالن جي هئي. راڻي باهيا جو پيءُ نيگري سيمبيلان رياست جو سلطان هو جيڪو پوءِ ملائيشيا کي آزادي ملڻ بعد سال 1957ع ۾ ملائيشيا جو پهريون بادشاهه ٿيو جنهن جي نالي ڪئالالمپور جي وچ شهر ۾ روڊ ”جالان تئانڪو عبدالرحمان“ آهي. ڪئالالمپور جو هي پهريون روڊ آهي جيڪو پٿرن سان ٺاهيو ويو ــــ ان ڪري هن روڊ کي اڄ به پراڻي نالي ”جالان باتو“ يعني پٿرن واري روڊ سان سڏيو وڃي ٿو. هن ٻه ڪلوميٽر روڊ تي ڪيترائي مشهور پراڻا ۽ نوان دڪان نظر اچن ٿا جهڙوڪ: G.S Gill هڪ سک جو دڪان، سنڌي هندن جو ڇهه ماڙ گلوب سلڪ اسٽور ۽ چوٽرمل اسٽور، P.Lal ۽ PH Henry، جپاني اسٽور Sogo، ريسٽورنٽ بلال، روشني بازار، ڪوليسم سئنيما، انصاف ريسٽورينٽ وغيره.
    بهرحال منهنجي هي لکڻ جو مقصد اهو آهي ته ملئي ماڻهن کي کڻي اسان پاڻ وانگر سادو سمجھون پر هو اهڙا سادا ۽ بيوقوف نه آهن. هو محنت ۽ تعليم جي اهميت سمجھن ٿا ۽ نه فقط عام ماڻهو پر سلطانن ۽ بادشاهن جا ٻار به تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ توهان غور سان جائزو وٺندائو ته ملائيشيا ۾ وڏن ماڻهن جا ٻار عام ٻارن کان وڌيڪ محنت ڪن ٿا ۽ تعليم حاصل ڪن ٿا. اسان وٽ وڏن ماڻهن يا اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن جا ٻار سڀ سهولتون هجڻ جي باوجود ڪاپي ڪري ڊگريون ۽ سفارش تي نوڪريون حاصل ڪرڻ جا خواهشمند رهن ٿا. مون هن ڪيداح جي سلطان عبدالحليم جي ”راڻي باهيا“ جو مثال به ان ڪري ڏنو آهي جنهن جو پيءُ به بادشاهه هو. پر هن پنهنجي ”ڳوٺ سري مينانتي“ مان پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ بعد سريمبان جي ڪانوينٽ اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي. ان بعد اعليٰ تعليم لاءِ هن کي انگلنڊ موڪليو ويو جتي هوءَ ناٽنگھام يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻي ٿي رهي. جيڪي مون وانگر ملائيشيا ۾ رهيا هوندا انهن کي خبر آهي ته ملائيشيا ۾ تعليمي درسگاهن ۾ ڪيڏي سختي ۽ ڊسيپلين آهي. پيرن، ميرن، وڏيرن، وزيرن جا ٻار هجن يا غريب هارين مهاڻن جا سڀ پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهن ٿا ۽ سڄي ملائيشيا جي اسڪولن جو ساڳيو معيار ۽ قاعدو قانون آهي. راڻي باهيا ڀلي کڻي بادشاهه جي ڌيءَ هئي پر هن عام ٻارن وانگر چڱي طرح تعليم حاصل ڪئي هوندي. ۽ اها به حقيقت آهي ته هڪ عام سرڪاري اسڪول ۾ وڏن ماڻهن جي ٻارن جي هجڻ ڪري ان اسڪول جو معيار وڌي ٿو. اهڙي طرح وڏا ماڻهو ساڳي پبلڪ بس ۾ سفر ڪن ٿا يا ساڳي عام اسپتال ۾ وڃن ٿا ته بسين ۽ اسپتالن جو معيار به وڌي ٿو. اسانجي ڏينهن ۾ ملڪ جي وزير اعظم مهاتير کي ڊاڪٽر دل جي آپريشن لاءِ ولايت وڃڻ جي صلاح ڏني ته پاڻ چيائين ته ”هرگز نه ويندس. آئون پنهنجي ملڪ ۾ ئي علاج ڪرائيندس“. ۽ پوءِ پنهنجي ملڪ ۾ ئي ڪرايائين. ۽ جڏهن وزير اعظم پنهنجو علاج هالا، گمبٽ، ڏوڪري جهڙي شهر جي سرڪاري اسپتال ۾ ڪرائي ٿو ته ان جي وزيرن يا سرڪاري ڪامورن جي ڪهڙي مجال جو ولايت جو رخ اختيار ڪن.. اسان وٽ ته يورين يا هومو گلوبن ٽيسٽ لاءِ به اسان جا حاڪم ولايت ڀڄن ٿا. عجيب آهن اسانجا سياستدان ۽ عجيب آهي انهن جي صحت جو نظام! هو حڪومت ۾ آهن ته ڏٽا مٽا ٿيو پيا هلن پر جنهن وقت ڪرپشن ۾ سوگھا ٿيڻ وارا ٿين ٿا ته هنن جي هٿ ۾ لٺ ۽ ڪنڌ ۾ ڪالر لڳيو وڃي ۽ ولايت جي ڪنهن اسپتال جي ICU وارڊ ۾ پهچيو وڃن! اعلان ڪيو ويندو آهي ته صاحب موصوف Open Heart Surgery (دل جي آپريشن) ڪرائي آهي ۽ ٻئي ڏينهن هائيڊ پارڪ ۾ واڪ ڪندي نظر ايندا آهن.
    بهرحال هتي اسان ناٽنگھام يونيورسٽي جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون جنهن مان راڻي باهيا پڻ تعليم حاصل ڪئي. پاڻ 73 ورهين جي ڄمار ۾ 2003ع ۾ وفات ڪيائين. هينئر جڏهن سندس مڙس سلطان عبدالحليم سن 2011ع کان 2016ع تائين بادشاهه ٿيو هو ته سندس ٻي زال حاجا حَمينا بنت حميدون راڻي صاحبه هئي. ملئي ٻوليءَ ۾ حاجياڻيءَ کي حاجا سڏجي ٿو. بادشاهه جي هيءَ زال شاهي خاندان مان نه پر هڪ ڪامنر آهي يعني عام رعيت مان آهي. هن به ملائيشيا جي ئي اسڪولن ۽ ڪاليجن مان تعليم حاصل ڪئي. هتي اهو به لکندو هلان ته بادشاهه عبدالحليم پڻ اعليٰ تعليم يافته آهي ۽ ملڪ جي مختلف ديسي اسڪولن ۽ ڪاليجن مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد هن اعليٰ تعليم آڪسفورڊ (انگلنڊ) جي Wadham ڪاليج مان ورتي. ياد رهي ته ملائيشيا ۾ هيءَ يونيورسٽين جي ڄار هاڻ نظر اچي ٿي نه ته 1980ع واري ڏهاڪي تائين به ملائيشيا ۾ انگريزن جي ڏينهن واريون فقط ٽي يونيورسٽيون هيون ۽ شاگردن کي مختلف سبجيڪٽن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انڊيا، پاڪستان، سنگاپور کان انگلنڊ، آسٽريليا ۽ نيوزيلئنڊ جهڙن ملڪن ۾ وڃڻو پيو ٿي.
    ملائيشيا جي ملئي سلطانن، پيرن، شهزادن، شهزادين توڙي جاگيردارن، ڪارخانيدارن، سياستدانن، وزيرن ـــ يعني هن ملڪ جي مٿئين طبقي جي اميرن جي اها ڳالهه غور طلب آهي ته هو صحيح معنيٰ ۾ تعليم علم حاصل ڪرڻ لاءِ وٺن ٿا ۽ اعليٰ تعليم لاءِ هر هڪ کي جستجو رهي ٿي. هو دنيا جي انهن يونيورسٽين مان پڙهن ٿا جتي ڊسپلين ۽ پڙهائي تي سختي آهي ۽ ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته هر وڏو ماڻهو عام ماڻهوءَ وانگر پنج درجا يعني پرائمري تعليم پنهنجي مادري ٻولي ملئي ۾ پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ملائيشيا جا وزير هجن يا وزير اعظم، سلطان هجن يا بادشاهه سلامت، گورنر ڪمشنر هجن يا سيڪريٽري ـــ سڀ انگريزيءَ کان علاوه پنهنجي مادري ٻولي ـــ ملئي کان واقف آهن. هو نه فقط ملئي ٻولي جي اخبار ۽ ڪتاب شوق سان پڙهن ٿا پر هنن کي پنهنجي ٻولي لاءِ پيار آهي، هنن کي هورا کورا رهي ٿي ۽ هنن جي خواهش رهي ٿي ته ملئيءَ ۾ گهڻي کان گهڻا ڪتاب ڇپجن ـــ اهو ئي سبب آهي جو ملائيشيا جو سنڌي ادبي بورڊ جهڙو ادارو ”ديوان بَهاسا پُستڪا“ جنهن جي بجيٽ اسان جي سنڌي ادبي بورڊ کان گهٽ آهي، اسٽاف گهٽ آهي، مهانگائي آهي ان هوندي به هو اسانجي ادبي بورڊ کان گهڻا ڪتاب ۽ وقت تي رسالا ڪڍندا رهن ٿا. اسان وٽ ڪجهه آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ممتاز ڀٽو ۽ ذوالفقار ڀٽو جهڙن کڻي ولايت جي يونيورسٽين مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي آهي پر ملائيشيا جي وزيرن، سلطانن، بادشاهن وانگر ڪٿي پڙهيا آهن پنهنجي مادري زبان سنڌي؟ مون کي ته حيرت ٿي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي سنڌي وائيس چانسلر محترما به سنڌي پڙهيل نه هئي!
    ناٽنگھام يونيورسٽي مان ملائيشيا جي تعليم يافته هاڻوڪي وزير اعظم نجيب رزاق تي به ٻه چار سٽون لکڻ ضروري ٿو سمجھان. نجيب ملائيشيا جي ٻئي وزير اعظم تن حاجي عبدالرزاق جو وڏو پٽ آهي. تُن، تُئان، داتو، داتڪ، تانسري ملائِيشيا جا سرڪاري خطاب آهن جيئن اسان وٽ خانبهادر، راءِ بهادر وغيره آهن. نجيب جو مامو حُسين عون ملائيشيا جو ٽيون وزير اعظم ٿي رهيو. ان بعد مهاتير رهيو. پنجون احمد بداوي ۽ هاڻ نجيب بن عبدالرزاق ڇهون وزير اعظم آهي. نجيب پنهنجي رياست پهانگ مان پڙهڻ بعد انگلنڊ جي شهر وورڪيسٽر شائر جي سينٽ جان ڪاليج مان پڙهيو ۽ ان بعد ناٽنگھام يونيورسٽيءَ مان اعلا تعليم حاصل ڪيائين. نجيب جو والد حاجي عبدالرزاق جيڪو وزير اعظم ٿيڻ کان اڳ مشهور وڪيل هو ۽ سنگاپور جي رئفلس ڪاليج ۾ پڙهڻ بعد انگلنڊ جي ”لنڪن ان“ مان بئريسٽري پڙهيو ـــ سندس نالي ملائيشيا ۾ ڪيتريون عمارتون، روڊ ۽ تعليمي ادارا آهن خاص ڪري ”يونيورسٽي تن عبدالرزاق“ (UNITAR).
    نجيب مون کان ڏهه سال کن ننڍو آهي ـــ منهنجيون هن سان ملاقاتون 1982ع کان ملاڪا جي مئرين اڪيڊمي ۾ شروع ٿيون جتي آئون ۽ ڪجهه ٻين ملڪن جا جهازران سامونڊي نوڪري ڇڏي ڪناري جي نوڪري لاءِ آيا هئاسين. نجيب فوٽ بال جو شوقين هو ۽ اسانجي ڪمانڊنٽ جي دعوت تي هو ۽ ٻيا دوست ۽ سياستيدان اڪيڊمي ۾ ايندا رهيا ٿي. پورٽ ڊڪسن واري رستي کان اسان جي اڪيڊمي ڪئالالمپور کان اڌ ڪلاڪ جي پنڌ تي مس هئي. بعد ۾ نجيب راندين جو وزير به ٿيو تڏهن به کيڏڻ لاءِ ايندو رهيو ٿي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٻين ملئي ماڻهن وانگر هي به فٽ بال جو سٺو رانديگر رهيو آهي. اتي نوڪري ڪندڙ اسان ڌاريان خاص ڪري پاڪستاني ـــ ڪئپٽن ايس ايم سليم، ڪئپٽن عرفان فاروقي يا چيف انجنيئر آصف غيور هنن جي مقابلي ۾ ڪجهه نه هئاسين. مون ته پنهنجي باس (ڪمانڊنٽ) ڪئپٽن حمزي جي خوشيءَ خاطر فوٽ بال کيڏي ٿي ۽ هميشه گول ڪيپر ٿي رهڻ ۾ پنهنجي عافيت سمجھي ٿي. هڪ دفعي مون کي ياد آهي ته نجيب گول جي ويجھو پهچي اهڙي ته زور سان ڪڪ هنئي جو بال گوليءَ وانگر زوزاٽ ڪندو منهنجي کليل ٽنگن جي وچ مان نڪري گول ۾ هليو ويو. اهي راند جا آخري منٽ هئا ۽ اسانجون ٻئي ٽيمون برابر برابر پئي ويون. اچي اچي آخر ۾ گول ٿيڻ ته منهنجي ٽيم جي رانديگرن کي ڏاڍو ڏک ۽ ڪاوڙ ٿي. سڀ ان جو ڏوهه مون تي هڻڻ لڳا ته ”مسٽر الطاف! رڳو ٽنگون کڻي بند رکين ها ته به گول نه ٿئي ها“. هو ڇا چوندا آهن ته هر هڪ کي جان پياري آهي. دل ۾ آئون اهو ئي سوچيندو رهيس ته جيڪي وڻانوَ چئو شڪر آهي جو منهنجيون ٽنگون کليل هيون نه ته جنهن گوليءَ جي رفتار سان بال آيو پئي منهنجا گوڏا ڀڃي رکي ها. انهن ڏينهن ۾ مون وٽ ”هم چئنل“ جي مئڊم سلطانا صديقي جي ڀيڻ نورجهان ۽ سندس گهر وارو انيس شيخ ملاڪا آيل هئا. اهي پڻ هيءَ راند ڏسي رهيا هئا. بعد ۾ چانهه تي انيس به نجيب رزاق جي واهه واهه ڪئي هئي. هن کي ان وقت ڪهڙي خبر ته هي گول مٽول ٽيهن ورهين جو نوجوان اڳتي هلي ملڪ جو وزير اعظم ٿيندو. انهن ئي ڏينهن ۾ جڏهن مون کي ملائيشيا حڪومت طرفان سول ايوارڊ مليو ته هڪ ڏينهن ملاڪا آيل نجيب فوٽ بال گرائونڊ جي ڪناري تي منهنجي ڀر ۾ پٽ تي ويهي مونکي چرچي ۾ چيو ته ”ملائيشيا جي ڳالهين (سفرنامن) ۾ منهنجو به ڪو ذڪر ڪيو اٿئي؟“ مون ٽهڪ ڏئي چيو ”ڇا لکان ته نجيب خطرناڪ رانديگر آهي. ڪنهن کي گوڏا ڀڃائڻا هجن ته هن سان کيڏي“ اڄ جڏهن ناٽنگھام يونيورسٽي جي ڳالهه نڪتي آهي. ته نجيب ياد اچي ويو آهي جيڪو ڪچهري دوران پير جھنڊي جي پروفيسر روشن علي راشدي وانگر ناٽنگھام کي ڏاڍو ساريندو هو. هاڻ جڏهن اسان 74 کن سالن جا ٿي ويا آهيون ته نجيب به سٺ ٽپي چڪو آهي. هو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ نهٺو ۽ اخلاق ۾ اعليٰ هو. ظاهر آهي نيڪ مائٽن جو اولاد هو. نماز روزي جو پابند هو. خانداني ملڪيت ۽ پئسو ڇا هنن وٽ گهٽ هو جو هن کي ٺڳيون ڪرڻ جي ضرورت پوي. پر يارو اڄ ملائيشيا جي وزير اعظم نجيب عبدالرزاق جي ڪرپشن جون ڳالهيون ٿيون ٻڌجن ته يقين ئي نٿو اچي ته ڇا ائين به ٿي سگهي ٿو ته نيڪ ماڻهن جو نيڪ اولاد ائين ڀٽڪي به سگهي ٿو! اهڙيون ئي منهنجون سوچون نجيب جي عمر جيڏي منهنجي پيٽارين ڪليگ ڊاڪٽر عاصم بابت آهي. جنهن تي ڪرپشن جا الزام هلي رهيا آهن مون جڏهن هن کي ننڍي هوندي ڏٺو ۽ جهڙا نيڪ هن جا وڏا آهن ڇا مٿس لڳل الزام صحيح آهن؟ ۽ جي صحيح آهن ته اهي ڪهڙا فئڪٽر آهن جيڪي هڪ نيڪ خاندان جي معصوم نينگر کي وڏو ٿيڻ تي ڀٽڪايو ٿا رکن؟ ان جي ذميوار ڇا خراب سنگت آهي؟ پئسي جي چمڪ آهي؟ هٿ ٺوڪيو ائڊوينچر آهي؟ مهاتير چوندو هو ته ”ڪو به شاگرد فيل ٿيندو ته معنيٰ توهان صحيح طرح نه پيا پڙهايو. ۽ جي ملئي رنگٽ (ڊالر) جو قدر ڪري ٿو پوي ته معنا آئون صحيح ڪم نه پيو ڪريان.“
    ملئي رنگٽ جيڪو هميشه چڙهندو رهيو اهو نجيب جي وزير اعظم ٿيڻ بعد روزانو ٿاٻا کائي کائي هيڪاندو گڪو ٿي ويو آهي!
    انگلنڊ جي ناٽنگھام يونيورسٽيءَ مان گرئجوئيٽ ملائيشيا جون کوڙ ساريون دلچسپ شخصيتون آهن پر هتي آخر ۾ هڪ ”سلطانا زارا سليم“ جو به ذڪر ڪريان ٿو جيڪا پيراق رياست جي سلطان ”راجا ڊاڪٽر نظرين شاهه“ جي زال آهي. وارو اچڻ تي سندس مڙس جي بادشاهه ٿيڻ تي پاڻ به پنجن سالن لاءِ راڻي ٿيندي. زارا انٽر تائين ملائيشيا ۾ پڙهڻ بعد 1992ع ۾ انگلنڊ رواني ٿي جتي هن ناٽنگھام يونيورسٽيءَ مان انجنيئرنگ B.E ڪئي. پاڻ ڪيميڪل انجنيئر آهي ۽ سلطانا هجڻ جي باوجود هوءَ گئس ائنڊ آئل ڪنسلٽنسي جي هيڊ آهي. اهو به لکندو هلان ته ناٽنگھام يونيورسٽي ۾ هن کي سندس فائينل ييئر پروجيڪٽ تي ”ٽاپ اسٽوڊنٽ“ ايوارڊ مليو هو.
    زارا جي سهري سلطان اذلان شاهه به ناٽنگھام يونيورسٽيءَ مان 1953ع ۾ قانون جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ 1954ع ۾ انگلش بار ۾ داخلا ورتي. بعد ۾ هن ملائيشيا ۾ اچي وڪالت ڪئي ۽ جج ٿيو. 1982ع ۾ هو فيڊرل ڪورٽ جو لارڊ پريزيڊنٽ ٿيو. 1984ع ۾ سندس چاچي جي وفات تي هو پيراق رياست جو سلطان ٿيو ۽ 1989ع ۾ پنجن سالن لاءِ ملائيشيا جو بادشاهه چونڊيو ويو. اذلان شاهه هاڪي راند جي حوالي سان اسان جي ملڪ ۾ به مشهور آهي. ملائيشيا ۾ انگريز رهيا پر هر وقت جي بارش ڪري اتي ڪرڪيٽ توڙي هاڪي ايترو مشهور نه ٿي جيتري اسان جي ملڪن انڊيا، پاڪستان، برما، سري لنڪا وغيره ۾ ملائيشيا ۽ انڊونيشيا پاسي ننڍو وڏو فوٽ بال جو وڏو شوقين آهي پر اذلان شاهه کي ننڍي هوندي کان هاڪيءَ جو شوق هو. هن انگلنڊ ۾ به هاڪي کيڏي ٿي. واپس اچي هن پنهنجي رياست پيراق جي هاڪي ٽيم ٺاهي ۽ بادشاهه ٿيڻ دوران به هن جو هاڪيءَ سان شوق قائم رهيو ۽ هن هاڪيءَ کي پنهنجي ملڪ توڙي ٻاهر ترقي ڏياري. کيس فادر آف ملائيشن هاڪي سڏيو وڃي ٿو. سندس جج ٿيڻ، سلطان ٿيڻ ۽ بعد ۾ ملڪ جو بادشاهه ٿيڻ وارا ڏهاڪو سال اسان به اتي هئاسين ۽ ڏسندي ئي ڏسندي جتي ڪٿي (اسان جي ملاڪا واري مئرين اڪيڊمي ۾ به) هاڪي شروع ٿي وئي هاڪيءَ جون بين الاقوامي مئچون ڪوالالمپور ۾ ٿيڻ لڳيون ۽ آخري سالن ۾ اسانجي ملڪ جون هاڪي ٽيمون پڻ ملائيشيا ۾ نظر آيون. ملائيشيا هميشه هاڪيءَ ۾ هارائيندو رهيو پر هاڻ 25 سالن بعد ڏسان پيو ته ملائيشيا جي ٽيم نه فقط ٻين ملڪن جي ٽيمن کي ٽف ٽائيم ڏئي رهي آهي پر کٽي به رهي آهي. بهرحال هاڪيءَ جي ڪري اسان پاڪستانين کي خوشي ٿي جو فوٽ بال راند ۾ ته اسان هميشه موچڙا ٿي کاڌا ۽ گوڏا ٿي ڀڃراياسين پر هاڪيءَ ۾ اسان مقامي رانديگرن مان باهيون ٿي ڪڍيون ـــ خاص ڪري اسان ٽن پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جي پروفيسرن: ڪئپٽن احمد حسين مخدوم ۽ ڪئپٽن سيد محمد سليم سميت.
    ڪئپٽن سليم نه فقط هاڪيءَ جو عاشق رهيو آهي پر ملئي بادشاهه اذلان شاهه جي ملائيشيا ۾ هاڪي مشهور ڪرڻ تي هن جو به عاشق ٿي پيو ۽ پٽ ڄمڻ تي ان جو نالو اذلان رکيائين. هينئر اذلان يعني ڪئپٽن سليم جو پٽ 25 سالن جو آهي. باقي ملائيشيا جو جج ۽ بادشاهه اذلان 86 ورهين جي ڄمار ۾ 2014ع ۾ ڪوالالمپور جي اسپتال ۾ گذاري ويو. يارو هو بادشاهه هو پيراق رياست جو والي وارث هو، امير ترين ماڻهو هو ـــ هو چاهي ها ته نيويارڪ، لنڊن، پئرس جي اعليٰ اسپتالن ۾ علاج لاءِ وڃي سگهيو ٿي پر هو ڪوالالمپور جي ”نئشنل هارٽ اسپتال“ ۾ علاج لاءِ داخل رهيو جتي اسان جي ڳوٺ جو هڪ نوجوان ڊاڪٽر شڪيل ميمڻ پڻ هارٽ اسپيشلسٽ آهي. بهرحال بادشاهن ۾ اذلان شاهه جهڙو صورت ۾ سهڻو هو اهڙو سيرت ۾. سندس وفات بعد سندس وڏو پٽ راجا ڊاڪٽر نظرين شاهه تخت تي ويٺو. هتي اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا جي ڪن رياسيتن جا سلطان پاڻ کي ”راجا“ سڏائين ٿا. ۽ ٻي ڳالهه ته اذلان شاهه جو پٽ ڊاڪٽر نظرين به سندس زال زارا سليم ۽ پيءُ وانگر پڙهيل ڳڙهيل آهي. ڊاڪٽر نظرين پرائمري تعليم پنهنجي شهر ڪئالاڪنگسار جي ملئي ڪاليج مان حاصل ڪرڻ بعد آڪسفورڊ ۽ ان بعد هارورڊ يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽوريٽ ڪئي سندس Ph.D جو سبجيڪٽ هو ”پوليٽيڪل ايڪانامي ائنڊ گورنمينٽ“
    پڪ اٿم ته ملئي بادشاهن، سلطانن، سيدن، پيرن، وڏيرن ۽ وزيرن جون اهي ڳالهيون ٻڌي توهان کي به هاڻ اهو احساس ٿي ويو هوندو ته ملئي ماڻهو ڏسڻ ۾ کڻي آلا ڀولا نظر اچن ٿا پر وڏا قابل، سياڻا ۽ تعليم يافته آهن. ۽ هر هڪ کي اهو جذبو ته آهي ئي آهي ته هن جو ڳوٺ ڳوٺ سڌري ۽ ان جا ماڻهو تعليم يافته ۽ خوشحال ٿين. ان ڪري غيبات واري ملڪ ملائيشيا ۾ ڪو هڪ به غيباتي اسڪول ناهي ۽ نه وري غيباتي (Ghost) ٽيچر. ۽ ان ۾ هنن جي ترقيءَ جوراز آهي.


    الطاف شيخ جو انٽرويو : ڊاڪٽر رام جواهراڻي

    رام جواهراڻي: توهانجو سنڌ جي ڪهڙي ڳوٺ سان واسطو آهي؟
    الطاف شيخ: منهنجو مٽياري ضلعي جي ڳوٺ هالا نوان ۾ 14 نومبر 1944ع تي جنم ٿيو جِتي منهنجو والد ۽ ڏاڏو پڻ ڄائو. هالا نوان جيڪو هاڻ هڪ شهر جي حيثيت رکي ٿو حيدرآباد کان 65 کن ڪلوميٽر اتر ۾ نئشنل هاءِ وي تي آهي. سندس اولهه ۾ 3 ڪلوميٽر پري سنڌو ندي جي ڪناري تي هالا پراڻا آهي.

    رام جواهراڻي: منهنجي خيال ۾ توهان جو ڳوٺ هالانوان ٽوئرزم ۽ تعليمي ادارن کان مشهور آهي.
    الطاف شيخ: جي ها. صحيح ٿا چئو. هالا تاريخي شهر آهي جِتي سنڌ جي مشهور بزرگ ۽ شاعر مخدوم نوح عليه جي درگاهه آهي. هالا دلڪش جنڊي، سوسي، ڀرت ۽ هٿ جي ٺهيل ڪپڙي کان به مشهور آهي. سنڌ جو هي واحد شهر آهي جِتي انگريزن جي ڏينهن کان خانگي هاءِ اسڪول شروع ٿيو. ان ڪري هن شهر ۾ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو تعداد تمام گهڻو آهي.

    رام جواهراڻي: پوءِ توهان جي ڪراچيءَ ۾ ڪيئن رهائش ٿي؟
    الطاف شيخ: دراصل آئون ڪراچيءَ گهڻو گهڻو پوءِ اچي رهيس. تيرهن سالن جو هوس ته مون تعليم لاءِ هالا ڇڏيو ۽ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر ڪري چٽگانگ مشرقي پاڪستان (هاڻ بنگلاديش) پهتس جِتي مئرين انجنيئرنگ (پاڻي جا جهاز هلائڻ جي انجنيئري) پڙهي. ان بعد دنيا جي سمنڊن تي مختلف جهاز هلائيندو رهيس. ان دوران ڪڏهن ڪڏهن جهاز ڪراچي ايندو هو ته به منهنجي رهائش جهاز تي هوندي هئي. بعد ۾ سامونڊي نوڪري ڇڏڻ بعد جڏهن مونکي پاڪستان مئرين اڪيڊمي ۾ رکيو ويو ته منهنجي رهائش ڪراچيءَ ۾ ٿي.

    رام جواهراڻي: توهان بنيادي تعليم هالا بدران ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان ڇو ورتي؟
    الطاف شيخ: انهن ڏينهن ۾ 1950ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ هي پنهنجي نوعيت جو ڪاليج سنڌ ۾ کليو هو جِتي عام تعليم سان گڏ فوجي سکيا، گهوڙي سواري، ترڻ، باڪسنگ، رانديون ۽ تقريرن جو پڻ بندوبست هو. هنن هر سال سڄي پاڪستان مان 30 ڪئڊٽ چونڊيا ٿي. مون به ٽيسٽ ۽ انٽرويو ڏنو ۽ چونڊجي ويس. 1958ع کان 1963ع تائين آئون پيٽارو ۾ پڙهيس.

    رام جواهراڻي: ان وقت جا ڪجهه ساٿي جيڪي نامور ٿيا؟
    الطاف شيخ: لياقت جتوئي سنڌ جو وزير اعليٰ ۽ فيڊرل منسٽر، ايس پي شاهد فوجي جنرل، فاروق رشيد، اظهر حسين، انيس الرحمان سڀ ائڊمرل ٿيا، انبن جو شهنشاهه رفيع ڪاڇيلو، پيٽرول پمپن جو بادشاهه شوڪت جماڻي، ماڊرن ائگريڪلچر رسالي جو ايڊيٽر نور احمد نظاماڻي، مشهور ڊراما ائڪٽر اورنگزيب لغاري ۽ اڪبر بگٽي جيڪو انڪم ٽئڪس ڪمشنر به رهيو، ڪولوراڊو يونيورسٽي جو ڊين ڊاڪٽر رامچند اوڏ وغيره وغيره منهنجا ڪلاس ميٽ هئا يا سال ٻه جونئر.

    رام جواهراڻي: توهان ڇا ۾ گرئجوئيشن ڪئي؟
    الطاف شيخ: منهنجو اهم ۽ پروفيشنل سبجيڪٽ مئرين انجنيئرنگ هو جنهن ۾ چٽگانگ مان گرئجوئيشن ڪرڻ بعد ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي، مالمو (سئيڊن) مان پوسٽ گرئجوئيشن ڪئي. ان کان علاوه سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي سنڌي ۾ ۽ LL.B پڻ ڪئي.

    رام جواهراڻي: توهان مئرين انجيئرنگ جي چونڊ ڇو ڪئي؟
    الطاف شيخ: ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ڏينهن ۾ اسان کي موڪلن ۾ ڪياماڙي ۽ منهوڙو گهمائڻ وٺي ويندا هئا. ڪياماڙي ڪراچي جي، بلڪه سڄي پاڪستان جي آخري ڪنڊ آهي. ان بعد عربي سمنڊ شروع ٿئي ٿو. منهوڙو ڪياماڙيءَ کي ٽي چار ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ ٻيٽ آهي. اتي بيٺل دنيا جا سهڻن رنگن وارا جهاز ۽ انهن تي موجود سفيد يونيفارم ۾ سمارٽ نيويگيٽر ۽ مئرين انجنيئر ڏسي آئون بيحد متاثر ٿيس ۽ دنيا ڏسڻ جي شوق ۾ مئرين انجنيئرنگ ۾ آيس. انهن ڏينهن ۾ (1963ع) ۾ چٽگانگ ۾ ممبئي جي ڊفرن مئريٽائيم اڪيڊمي جي طرز جي اڪيڊمي کلي هئي. برٽش راڄ ۾ بمبئي ۾ ڊفرن اڪيڊمي 1927ع ۾ کلي هئي جيڪا پوءِ 1972ع ۾ راجندر جهاز تي شفٽ ڪئي وئي ۽ هاڻ 1993ع کان انڊيا وارن هڪ ٻيو وڏو جهاز ”ٽي ايس ڇناڪيا“ کي ڪناري تي هميشه لاءِ رکي ان تي اها اڪيڊمي قائم ڪئي آهي. اهو ممبئي جي بيچ روڊ وٽ آهي. جڏهن آئون چٽگانگ ۾ پڙهندو هوس ته منهنجا ان وقت جا سڀ پاڪستاني نيول آفيسر ڊفرن اڪيڊمي جا پڙهيل هئا جِتان هنن پاڪستان ٿيڻ کان اڳ گرئجوئيشن ڪئي هئي. هِتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته ڊفرن اڪيڊمي کان اڳ انڊيا جا نوجوان جهازراني ۽ جهاز سازي جي سکيا ۽ تعليم لاءِ انگلنڊ ويندا هئا. پوءِ هڪ عظيم انڊين دور انديش سر پي. ايس (Pazhamaneri Sundaram) سواسوامي جي ڪوشش سان ممبئي ۾ اها ڊفرن اڪيڊمي کولي وئي. سر سواسوامي 1864ع ۾ ڄائو. هو هڪ ناليرو وڪيل، ائڊمنسٽريٽر ۽ Statesman هو جيڪو 1907ع کان 1911ع تائين مدراس پريزيڊنسي جو ”ائڊوڪيٽ جنرل“ ٿي رهيو.

    رام جواهراڻي: پنهنجي پهرين نوڪري بابت ٻڌائجو.
    الطاف شيخ: 1968ع ۾ گرئجوئيشن مڪمل ڪرڻ بعد مونکي پنهنجي ملڪ جي جهازران ڪمپني ”پاڪستان نئشنل شپنگ ڪارپوريشن“ ۾ نوڪري ملي. ان وقت هن ڪمپنيءَ کي ويهارو کن جهاز هئا. مونکي 400 رپيا ماهوار پگهار تي ايم. وي اباسين نالي جهاز تي ”ففٿ انجنيئر“ طور رکيو ويو. رهائش ۽ کاڌو پيتو هر جهاز تي مفت آهي ان ڪري منهنجي لاءِ اهو پگهار تمام گهڻو هو جڏهن ته ان وقت سون جو اگهه هڪ هزار رپيا تولو هو ۽ ڊالر جو اگهه چار رپيا هو. هر جهاز تي ”ڊيوٽي فري شاپ“ هو جنهن دڪان تي ڪيتريون ئي شيون: سگريٽ، چاڪليٽ، عطر، بسڪيٽ ۽ هر قسم جي ڊرنڪ فئڪٽري جي اگهه تي ملي ٿي. انهن ڏينهن ۾ ڪوڪ ۽ پيپسي جا دٻا نڪتا هئا جن جو هڪ درجن وارو پئڪ ساڍي ڇهين رپئي (ڏيڍ ڊالر) ۾ مليو ٿي ۽ ڏهين رپئي ۾ بيئر جو ڪريٽ يعني 24 بوتلون هونديون هيون. 8 رپئي (ٻن ڊالرن) جي بليڪ ليبل وسڪي جي بوتل هئي.

    رام جواهراڻي: پر مونکي خبر آهي ته توهان ڪنهن به قسم جي شراب کي هٿ نٿا لاهيو. هڪ Sailor لاءِ اها ڳالهه حيرت انگيز نه آهي؟
    الطاف شيخ: سائين بلڪل صحيح ٿا چئو. انهن ڏينهن ۾ هن نوڪريءَ ۾ ماڻهو ورلڊ (دنيا گهمڻ) کان وڌيڪَ سستي وائين (شراب) لاءِ آيا ٿي. تعليم دوران جڏهن هر هفتي ڇنڇر ڏينهن چٽگانگ جي بندرگاهه ۾ بيٺل ڪنهن جهاز جي Visit تي ويندا هئاسين ته ان جهاز جي آفيسرن کي ڏسي اسان به دل ئي دل ۾ سَڌون ڪندا هئاسين ته اسان به هنن وانگر ٽرپل فائو سگريٽن جو گول دٻو هٿ ۾ کڻي جهاز جي اَنديءَ (Gunwale) تي بيهي سگريٽ جا ڪش هڻنداسين، يا جهاز جي ڊرائنگ روم ۾ ويهي ٿڌي بيئر جون چشڪيون ڀرينداسين. پر تعليم بعد پهرين ئي جهاز تي منهنجا جيڪي ٻه ڪئبن ميٽ مونکان هڪ سال سينيئر ففٿ انجنيئر هئا اهي صوفي قسم جا هئا. انهن اجائي سجائي چانهه پيئڻ کان به گريز ڪئي ٿي. منهنجي دلچسپي ڏيکارڻ تي هنن مونکي سمجھايو ته سگريٽ ڇڪڻ توڙي ڪنهن قسم جو شراب پيئڻ ۾ نقصان گهڻا آهن ۽ اهي شيون صحت ۽ اخلاق لاءِ هاڃيڪار آهن. دنيا جي ڪا به سڌريل سوسائٽي ان کي سٺو نٿي سمجھي .... وغيره. پهرين ته مونکي سندن ڳالهيون عجيب لڳيون ۽ اهو ئي دماغ ۾ آيو ته پوءِ ماڻهو سامونڊي نوڪري ۾ اچن ئي ڇو ٿا! پر پوءِ آهستي آهستي مونکي هنن جي ليڪچرن ۾ Sense نظر آيو. بهرحال هِتي ڪو آئون Preacher بنجڻ جي ڪوشش نٿو ڪريان ته نشي جي شين کان پري رهو ۽ شراب جهڙين شين کي هٿ نه لايو. اهو هر هڪ جو پنهنجو عمل آهي جنهن لاءِ هو آزاد آهي ته جنهن کي جيڪي بهتر لڳي اهو ڪري. هڪ خوبصورت شعر ياد اچي رهيو آهي:

    کون ہے جس نے مئہ نہیں چھوئی
    کون جھوٹی قسم اٹھاتا ہے
    مئخانے سے جو بچ نکلتا ہے
    تیری آنکھوں میں ڈوب جاتا ہے

    رام جواهراڻي: ڀلا لکڻ پڙهڻ جي ”ڪِينئين“ توهان کي ڪيئن ڏنگيو جنهن جي نتيجي ۾ توهان هيڏا ويهي سفرناما لکيا آهن؟
    الطاف شيخ: مطالعي جو مونکي ننڍپڻ کان شوق هو. منهنجي ماءُ پي کي به ڪِتابن رسالن پڙهڻ جي عادت هئي ۽ هو مون تي پڙهڻ لاءِ زور ڀريندا رهندا هئا. منهنجو پيءُ جنهن پوني (انڊيا) جي ائگريڪلچر ڪاليج (هاڻ يونيورسٽي) مان B.Sc ڪئي ۽ اٿاڪا (نيويارڪ) جي ڪارنيل يونيورسٽي مان M.Sc ڪئي ۽ جنهن جو ائنٿراپالاجي ۽ Insects دلپسند سبجيڪٽ هئو، اهو پڻ ڪجهه ڪِتابن جو مصنف هو، جهڙوڪ: ماکيءَ جي مک، ماڪوڙي، ڪوريئڙو وغيره. ان کان علاوه هڪ مزاحيه ڪتاب ”گڏهه“ پاڻ ۽ سندس ٽن دوستن: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ جلباڻي صاحب گڏجي لکيو هو. منهنجو والد مونکي هر وقت سمجھائيندو هو ته: ”فرصت جون گهڙيون لکڻ پڙهڻ ۾ لڳائجن ۽ ان جهڙي ٻي بهتر هابي (وندر) آهي ئي ڪونه.“ سچ اهو آهي ته انهن ڏينهن 1940، 50 ۽ ويندي 60 واري ڏهاڪي ۾، نه هيون ٽي ويون ۽ نه ڪمپيوٽر. اسانجي سڄي شهر ۾ فقط هڪ مهاڻن جي گهٽيءَ ۾ خدا ڏني ميربحر جو ٻيڙيون ٻڌڻ جو دڪان هوندو هو جنهن تي پهريون دفعو چاٻيءَ تي هلندڙ ”فونو“ (گرامو فون) ڏٺوسين جنهن تي اڪثر چندر، جيوڻي ٻائي، الهڏني نوناري، ڀڳت ڪنور رام ۽ ڀڳت جاڙو مل جا رڪارڊ پيا هلندا هئا. پوءِ جڏهن آئون ٻارهن کن سالن جو ٿيس ته اسانجي گهر ۾ ريڊيو آيو جيڪو ڪار جي بيٽري تي هليو ٿي. منهنجو هي سڀ ٻڌائڻ جو مطلب اهو آهي ته اسان جي ننڍپڻ جي ڏينهن ۾ ٻارن جو وقت ڪِتاب ۽ رسالا پڙهڻ ۾ گذريو ٿي.

    رام جواهراڻي: پوءِ ڀلا توهان لکڻ ڪڏهن کان شروع ڪيو؟
    الطاف شيخ: ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ جڏهن آئون مئٽرڪ ۾ پهتس ته پنهنجي ڪاليج جي مئگزين ۽ سنڌي اخبارن جي ٻارن جي صفحي ۽ حيدرآباد مان مقبول ڀٽيءَ جي رسالي ”گلستان“ ۾ ننڍا ننڍا مضمون لکڻ لڳس. انٽر ۾ پهچي آئون پنهنجي ڪاليج جي مئگزين جو ايڊيٽر به ٿيس. سچي ڳالهه اها آهي ته اسانجي ڪاليج جي پرنسپال جو به ان ۾ وڏو هٿ هو. هو (ڪرنل J.H.H ڪومبس) برٽش آرمي جو رٽائرڊ ڪرنل ۽ ٻي جنگ عظيم جو جپاني قيدي (P.O.W) رهيو هو. هو اسان کي هر وقت اها ئي نصيحت ڪندو هو، بلڪه سختيءَ سان ان تي عمل ڪرائيندو هو ته اسان گهڻي کان گهڻا ڪِتابَ پڙهون. هو چوندو هو ته: ”مطالعو ئي هڪ اهڙي هابي آهي جيڪا ماڻهو پيريءَ ۾ به قائم رکي ٿو.“ هو اهو به چوندو هو ته جنهن ماڻهوءَ کي پڙهڻ سان چاهه آهي اهو جنگل ۾ به اڪيلو محسوس نه ڪندو Books are best companions”.

    رام جواهراڻي: ڀلا اهو ته ٻڌايو ته توهانکي جهاز تي لکڻ لاءِ وقت ڪيئن مليو؟
    الطاف شيخ: توهان بلڪل صحيح ٿا چئو. جهاز تي واندڪائي ملڻ ڏاڍو مشڪل آهي ۽ نه وري لڳاتار سڪون جي زندگي ملي ٿي. روز هڪ جهڙي زندگي ۽ روٽين هجڻ بدران ڪڏهن ماڻهو سمنڊ تي جهاز جي انجڻين جي جهنجھٽن ۾ ورتل رهي ٿو ته ڪڏهن ڪناري جي رونقن ۽ پُر سحر نظارن ۾ ڦاٿل رهي ٿو. بندرگاهه جي مشغول زندگي بعد سمنڊ تي اڃان ٻه چار ڏينهن ٿڪ ٿو ڀڃجي ته ٻيو بندرگاهه اچيو وڃي. مونکي سامونڊي نوڪري ۾ لکڻ جو ڪو ارادو نه هو پر مونسان مختلف ڳالهه درپيش آئي. مون جڏهن سامونڊي نوڪري جي شروعات ڪئي ته منهنجي ڪلاس ميٽ ساٿين کي ته ”گلف“ ۽ ”ڏور اوڀر“ جي روٽ جا جهاز مليا جن ۾ بندرگاهه سگها سگها اچن ٿا .... ٻن ٽن ڏينهن ۾. مثال طور ڪراچي کان ڪوريا وڃڻ دوران ڏيڍ ڏينهن بعد ممبئي ٿو اچي پر جي ممبئي ناهي وڃڻو ته وڌ ۾ وڌ ٽن ڏينهن بعد ڪولمبو (سري لنڪا جو بندرگاهه) اچيو ٿو وڃي. ۽ پوءِ اهڙن ٽن ڏينهن بعد ڪولڪتا يا چٽگانگ ، ۽ پوءِ ٽن چئن ڏينهن بعد پينانگ. ان بعد هڪ ڏيڍ ڏينهن بعد پورٽ ڪلانگ (ڪوالالمپور) ۽ اهڙن ٻن ڏينهن بعد سنگاپور .... پوءِ هڪ ٻئي پويان بئنڪاڪ، هانگ ڪانگ، شنگھائي، دائرين (چين)، ٽوڪيو، نگويا ۽ ڪوريا جا بندرگاهه: پوسان ۽ سيول وغيره. پر شروع وارا سال مونکي U.K ۽ يورپ روٽ تي رکيو ويو ٿي يا USA ڪئناڊا روٽ تي .... اهي ٻئي ڊگهن سامونڊي سفرن واريون routes آهن. ويتر انهن ڏينهن ۾ سئيز ڪئنال (جنهن اسان جي ايشيائي سمنڊ بحر احمر (Red Sea) کي يورپ جي ڀؤنچ سمنڊ (Mediterranean Sea) سان ڳنڍيو ٿي، اهو ڪئنال) اسرائيل ۽ مصرين جي لڙائيءَ ڪري پاڻي جي جهازن لاءِ بند ڪيو ويو هو. ۽ اسان کي ڪراچيءَ مان يورپ يا آمريڪا ڏي هلڻ لاءِ سڄي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪرڻو پيو ٿي. ان ۾ اسان کي 15 ڏينهن کن وڌيڪَ سامونڊي سفر ڪرڻ ۾ لڳي ويا ٿي. يعني ڪراچي کان ڪوپن هيگن ۾ 30 کن ته ڪراچي کان ڪئناڊا 40 ڏينهن راتيون سمنڊ تي جهاز هلائڻو پيو ٿي.
    جهاز تي وقت پاس ڪرڻ لاءِ مون به ٻين ساٿين سان برج پتي راند کيڏڻ شروع ڪئي پر جيئن ته آئون ان ۾ هوشيار نه هوس ان ڪري ڪو به مونکي پنهنجو پارٽنر ٺاهڻ لاءِ راضي نٿي ٿيو. سو جهاز هلائڻ بعد مون پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ڪئبن تائين محدود رکيو ۽ وقت پاس ڪرڻ لاءِ ناول پڙهڻ لڳس يا پنهنجن دوستن کي پنهنجي ۽ ٻين جي سفر جا مشاهدا ۽ تجربا لکڻ لڳس. منهنجو پهريون سفرنامو ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ اهڙن خطن جو مجموعو آهي جيڪو ان ئي سال 1969ع ۾ پاڪستان جي رائيٽرس گلڊ طرفان “Best Book of the year” قرار ڏنو ويو. ان ايوارڊ ۽ عبرت اخبار ۾ ڇپجندڙ ڪالمن جي موٽ ۾ ايندڙ خطن مونکي وڌيڪَ لکڻ لاءِ همٿايو ۽ سمنڊ جي ڊگهن سفرن دوران وقت پاس ڪرڻ لا ءِ اها منهنجي مجبوري به هئي.

    رام جواهراڻي: ۽ پوءِ ڪجهه سالن بعد توهانکي ڏور اوڀر ۽ گلف جي route تي رکيو ويو. ان بعد ڪناري جي نوڪري شروع ڪيانوَ ته به توهان لکندا رهيائو.
    الطاف شيخ: دراصل ڪيترائي سال ڏينهن رات لڳاتار لکڻ مونکي لکڻ جو عادي بڻائي ڇڏيو. آمريڪا روٽ تي وقت پاس ڪرڻ خاطر لکڻ منهنجي مجبوري هئي. جپان روٽ تي مشغول هجڻ ۽ وقت جي کوٽ باوجود لکڻ عادت کان مجبوري هئي جو بنا لکڻ جي مزو نٿي آيو. جپان، چين، ڪوريا، سنگاپور، ٿائلنڊ پاسي قصا ڪهاڻيون به کوڙ هيون جن مان ڪجهه جيستائين لکيم نٿي تيستائين مزو نٿي آيو. لکڻ لاءِ وقت نٿي مليو ته گهٽ سمهي به لکڻ جي هابي پوري ڪيم ٿي. ۽ هاڻ ته لکڻ جي عادت اهڙو اونهو گهر ڪري وئي آهي جو جيئن ڪو موالي بنا نشي جي رهي نه سگهي تيئن اسان بنا لکڻ جي رهي نٿا سگهون. اڄ جڏهن آئون ستر سالن جو ڏاڪو به ٽپي ويو آهيان ته به لکڻ خاطر وقت ڪڍڻ لاءِ ماڻهن سان ملڻ جلڻ، دعوتون اٽينڊ ڪرڻ ۽ ٽي وي ڏسڻ جهڙا ڪم به ڇڏي ڏنا اٿم.

    رام جواهراڻي: توهان جا دلپسند ليکڪ ڪير آهن؟
    الطاف شيخ: مختلف دورن ۾ مختلف ليکڪ فئوريٽ رهيا آهن. ڪاليج وارن ڏينهن ۾ ۽ سامونڊي نوڪري دوران سمنڊ تي مونکي گهڻي کان گهڻا ڪِتاب پڙهڻ جو موقعو مليو ۽ ڪيترن اديبن جا ته مون سمورا سيٽ پڙهيا. جيئن ته: رچرڊ گارڊن (ڊاڪٽر سيريز)، ارنيسٽ هيمنگوي، سمرسيٽ ماهم، گرهام گريني، وي ايس. نائپال، جان اپڊائيڪ، البرٽ ڪاموز، وغيره وغيره.

    رام جواهراڻي: ڪو اهڙو ڪتاب جنهن جون يادگيريون توهانجي دماغ ۾ اڄ به تازيون هجن؟
    الطاف شيخ: اوه! رام ڪيترائي ڪِتاب ..... جيڪي مون شاگردي جي ڏينهن ۾ پڙهيا انهن جي سڳنڌ مون کي اڄ به محسوس ٿئي ٿي. دل چوندي آهي ته انهن کي هڪ دفعو وري پڙهان. دل چوندي آهي ته اڄ جا شاگرد يا مطالعي جا شوقين اهي ڪتاب ضرور پڙهن ..... خبر ناهي انهن کي به ايترو مزو ايندو يا نه. انهن ڪتابن مان ڪجهه هن ريت آهن: پرلس ايس بڪ جو Good Earth، والاد مير نبوڪو جو Lolita، بورس پاسٽرناڪ جو ”ڊاڪٽر زهواگو“، ايملي برونٽي جو ”ودرنگ هائيٽس“، هرمن جو ”موبي ڊِڪ“، چارلس ڊڪنس جو ”گريٽ ايڪس پيڪٽيشن“، جين آسٽين جو ”پرائيڊ ائنڊ پريجوڊائس“، ايرڪا جونگ جو Fear of Flight، ۽ خاص ڪري ”باواني جنڪشن“ جيڪو 1954ع ۾ جان ماسٽرس لکيو جنهن جي بنياد تي 1956ع ۾ ڪامياب فلم ٺهي. اها فلم ان هنگاما خيز دور ۾ ٺهي جڏهن انگريز ننڍي کنڊ کي ڇڏي رهيا هئا. ان ۾ يوريشين (Anglo – Indians) جي پريشاني قابلِ ديد آهي. انهن جون وفاداريون هڪ طرف ڇڏي ويندڙ انگريز سان هيون ته ٻئي طرف انڊيا جي اڪثريت آدم شماري سان هيون. فلم ۾ ان وقت جي مشهور ائڪٽريس ”ائوا گارڊنر“ ائنگلو انڊين عورت ”وڪٽوريا“ ٿي آهي جيڪا انڊين آرمي ۾ نوڪري ڪري رهي هئي ۽ فلم ائڪٽر ”اسٽيو وارٽ گرانگر“ ڪرنل روڊني ٿيو آهي. هن فلم جي ڪجهه حصي جي شوٽنگ لاهور ۾ به ٿي هئي جِتي جي هڪ ٻارهن سالن جي ڇوڪريءَ پڻ ان فلم ۾ حصو ورتو هو. بعد ۾ اها ڇوڪري پاڪستان فلم انڊسٽري جي ”نِيلو“ نالي مشهور فلم ائڪٽريس ٿي. نيلو جو اصل نالو ”سنٿيا“ هو جنهن بعد ۾ هڪ پاڪستاني فلمون ٺاهيندڙ ۽ جرنلسٽ رياض شاهد سان شادي ڪئي ۽ پنهنجو اسلامي نالو ”عابده رياض“ رکرايو.
    1965ع جي ڳالهه آهي ته شهنشاهه ايران جي پاڪستان ۾ وزٽ تي ان وقت جي مغربي پاڪستان جي گورنر امير محمد خان نيلو کي خاص مهمان اڳيان ڊانس ڪرڻ لاءِ گهرايو. نيلو جي انڪار تي هن کي threat ڏئي ڊيڄاريو ويو ۽ کيس گورنر هائوس ۾ پهچائڻ دوران هن رستي تي خوش ڪشي جي ڪوشش ڪئي ۽ کيس يڪدم اسپتال آندو ويو جِتي ڊاڪٽرن هن جي جان بچائي ورتي. کاٻي ڌر جي مشهور شاعر حبيب جالب ان ظلم تي پنهنجي غم ۽ غصي جو اظهار هن شعر ذريعي ڪيو:

    تو کہ نا واقفِ آدابِ غلامی ہے ابھی
    رقص زنجیر پہن کر بھی کیا جاتا ہے
    بعد ۾ هن جو هي شعر ڪجهه معمولي تبديلين سان فلم ”زرقا“ ۾ استعمال ڪيو ويو.

    رام جواهراڻي: ڀلا انهن انڊين ليکڪن بابت ٻڌايو جيڪي انگريزيءَ ۾ لکن ٿا؟ توهان کي ڪهڙو پسند آهي؟
    الطاف شيخ: حقيقت اها آهي ته ڪاليج جي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين مون لاءِ بهترين افسانوي يا غير افسانوي انگريزي ناول اهي آهن جيڪي ننڍي کنڊ جي ماڻهن لکيا آهن يا انهن انگريزن جيڪي انڊيا ۾ ڄاوا يا اتي وڏو عرصو گذاريائون. جيئن ته E.M Foster (ايڊورڊ مورگن فاسٽر) جنهن جو ناول A Passage to India آهي، يا رڊيارڊ ڪپلنگ آهي جنهن جا ڪتاب. منڊالي، ڪِم، گنگادين ۽ Plain Tales from the hill آهن.... جان ماسٽرس جو ڀاواني جنڪشن، وئلري جو ”زميندار“ يا J.G Farrell جو The Siege of Krishanapur آهي.
    انڊيا جي رهاڪن مان ڪجهه جن جا ناول مونکي تمام گهڻا وڻيا، هن ريت آهن: انيتا ڊيسائي ۽ سندس ڌيءَ ڪرن ڊيسائي، وڪرم سيٺ (A Suitable Boy)، روهنٽن مستري (ٽيلس فرام فيروز شاهه باغ) ۽ (Such a Long Journey) ان کان علاوه ارونڌاتي راءِ جنهن جا سنڌي ترجما سنڌ ۾ تمام مشهور آهن.... مون سندس فقط هڪ ڪتاب The God of Small Things پڙهيو آهي، آر. ڪي ناراين ـــ منهنجو تمام گهڻو دلپسند ليکڪ آهي جنهن جو ڏکڻ هندستان جي شهر ”مال گودي“ جي پس منظر ۾ ناول بيحد مشهور آهي.... نراد چوڌري جنهن جي لکيل هڪ اڻ ڄاتل انڊين جي آتم ڪهاڻي the Autobiography of an Unknown Indian جنهن ۾ دراصل سندس ذات جا ئي تجربا ۽ مشاهدا آهن.

    رام جواهراڻي: ڀلا انڊين انگريزي شاعرن بابت ڇا خيال آهي؟
    الطاف شيخ: منهنجي شاعريءَ ۾ شروع کان ڪا گهڻي دلچسپي نه رهي آهي. بس ڪڏهن ڪڏهن، خاص ڪري سمنڊ تي جڏهن مون وٽ پڙهڻ لاءِ ٻيو ڪجهه نه هوندو هو ته پوءِ شاعري تي به نظر ڦيريندو رهيس ٿي ..... ڪجهه انڊين شاعر جن جي مون انگريزي شاعري پڙهي ۽ ٿوري سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي هن ريت آهن: آرون ڪولاتڪار، Nissim Ezekiel، ڪملا داس، دليپ چتري ۽ انهن ۾ توهان رابندر ناٿ ٽئگور کي به شامل ڪري سگهو ٿا.

    رام جواهراڻي: منهنجي خيال ۾ توهان ملئي ۽ جپاني ادب به ڪافي پڙهيو آهي.
    الطاف شيخ: آئون ملائيشيا ۾ تمام وڏو عرصو رهيو آهيان پر افسوس جو ملئي ادب انگريزي، اڙدو يا فارسي وانگر ڪو مالا مال ناهي. ملئي شاعري (Pantuns) پڙهڻ جوڳيون آهن. ۽ جيڪڏهن توهان ملئي ٻولي کان واقف آهيو ته وڌيڪَ Enjoy ڪري سگهو ٿا. پنتون ملئي شاعريءَ جو قسم آهي جيئن رباعي يا چؤسٽو. هن ۾ چار سٽون ٿين ٿيون جن جو رديف قافيو “abab” فارم ۾ ٿئي ٿو. مثال طور
    Singapura negri baharu,
    Tuan Raffles menjadi raja,
    Bunga melur, Cempaka biru,
    Kembang sekuntum di mulult naga.
    سنگاپور هڪ نئون ملڪ آهي
    جنهن جو حاڪم جناب رئفلز بڻيو
    جاسمين جو گل ۽ فرنگي پاني
    ازدها جي منهن ۾ مکڙي مان گل ٿيو.

    رام جواهراڻي: ۽ جپاني ادب بابت ڇا خيال آهي؟
    الطاف شيخ: جي ها. جپاني ٻولي ادب ۾ تمام امير آهي. جپان سان واسطو قائم ٿيڻ کان پهرين آئون اهو ئي سمجھندو هوس ته جپاني ماڻهو Robots وانگر آهن جيڪي فقط ڪَلَ جو سامان ٺاهي سگهن ٿا. هنن کي ڪي به لطيف جذبات يا احساسات نه آهن. پر هاڻ آئون ادب جي شاگردن کي اها ئي صلاح ڏيندو رهان ٿو ته هو جپاني نثر توڙي نظمَ جا ترجما پڙهن. مون پهرين جپاني ناول جو انگريزي ترجمو “A Sailor who fell from Grace with the Sea” پڙهيو هو. مشيما يوڪيو جي هن ناول منهنجي اندر ۾ سندس ۽ ٻين جپاني ليکڪن جي ڪِتاب پڙهڻ جي تانگهه پئدا ڪئي.

    رام جواهراڻي: توهان جا favourite جپاني ليکڪ ڪير آهن جن لاـءِ ٻين کي به پڙهڻ لاءِ Suggest ڪندائو؟
    الطاف شيخ: ”مشيما يوڪيو“ سميت منهنجا ڪيترائي دلپسند جپاني ليکڪ آهن. مشيما جا ڪجهه ٻيا انگريزيءَ ۾ ٽاپ ڪلاس ناول آهن: فاربڊن ڪلرس، “The Temple of the Golden Pavilion”، دي سائونڊ ويوز وغيره. اهڙي طرح نتسومي سوسيڪي (1868-1912) به جپان جو بهترين ناول نِگار آهي جنهن جا ناول ”ڪوڪورو“ (Heart)، ڪُوساما ڪُورا (Three Cornered wall) ۽ خاص ڪري 900 کن صفحن جو ناول واگاهائي وا نيڪو دي اَرُو (I am a Cat) جپاني سوسائٽي تي طنز وارو ناول پڙهڻ وٽان آهي.
    ڪجهه ٻين جپاني ليکڪن جا انگريزي ۾ ترجما ٿيل ناول جن کي پڙهڻ جي صلاح ڏيندس، هن ريت آهن جپان جي نوبل پرائيز جيتڻ واري ياسوناري ڪواباتا ليکڪ جا ناول: سين با زورو (Thousand Cranes)، ياما نو اوتو (The Sound of the Mountain)، ڪيوٽو (The Old Capital)، جوني چيرو تاني زاڪي ليکڪ جا ڪِتاب:The Key ۽ Diary of Old Man ، تيتسو مِي يورا جا ڪِتابَ: Kafka on Shore، نارويجن ووڊ، اي وائلڊ شيپ چيس، The Elephant Vanishes...... وغيره وغيره.

    رام جواهراڻي: ۽ جپاني شاعري بابت ڇا خيالُ آهي؟
    الطاف شيخ: جپاني شاعري وري به مونکي پسند آهي خاص ڪري ”هائيڪو“. هائيڪو (haiku)جپاني شاعريءَ جو مختصر فارم آهي جيڪو اسانجي ٽيڙو يا ٽه سٽو جيئن ٽن سٽن جو ٿئي ٿو پر هائيڪو ۾ مقرر 17 ماترائون ٿين ٿيون. پهرين سِٽَ ۾ 5، ٻيءَ ۾ 7 ۽ ٽينءَ ۾ 5. مثال طور ماتسو باشو جو هڪ مشهور هائيڪو آهي ته:
    Furuike Ya (فُو ـــ رُو ـــ اِي ـــ ڪي ـــ يا) = 5
    Kawazu tobi Komu (ڪا ـــ وا ـــ زو ـــ تو ـــ بي ـــ ڪو ـــ مو) =7
    Mizu no oto (مي ـــ زو ـــ نو ـــ او ـــ تو) = 5 ماترائون
    (هڪ جھونو حوض
    هڪ ڏيڏر ان ۾ ٽٻي ٿو هڻي
    پاڻيءَ جي ڇلڪڻ جو آوازُ)
    رام جواهراڻي: ڪجهه اهم جپاني شاعر جن جي شاعري انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿي هُجي؟
    الطاف شيخ: توهان کي ڪيترن ئي شاعرن جا ترجما ملندا. متسو باشو، ڪوباياشي اِسما ۽ يوسا بُوسن .... اهي ٽي جيڪي ايڊو دور جا شاعر آهن بيحد مشهور آهن. انهن جي شاعري اسان وٽ سنڌي ۽ اڙدو ۾ به ترجمو ٿي آهي ۽ انڊيا ۾ ته ڪيترن ئي ٻولين ۾. انهن کان علاوه ڪجهه ٻيا جپاني شاعر جن جو مون انگريزي ترجمو پڙهيو آهي، هن ريت آهي: فُوڪُودا چِيو ني ـــ هائيڪو جي مشهور شاعره تاڪاموري اتسو ـــ هيءَ خاتون شاعره سان گڏ ترقي پسند ليکڪا، تاريخدان ۽ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪندڙ به آهي. سائيگيو هوشي، مورا ڪامي ڪيجو ۽ هڪ عورت شاعره جنهن کي جپاني توڙي ڌاريان تمام گهڻو پسند ڪن ٿا اها آهي ”اونو نو ڪوماچي“. مون پنهنجن جپان جي سفرنامن ۾ ڪوماچي ۽ ان جي شاعريءَ بابت تمام گهڻو لکيو آهي. هوءَ ”وَڪا“ جي شاعره هئي. وَڪا (Waka)سيدوڪا، تانڪا، چوڪا، ڪاتا اوتا جپاني شاعري جا قسم آهن جيئن اسان وٽ بيت، ٽيڙو، غزل، ڪافي، رباعي وغيره. وَڪا شعر ۾ 5 سٽون ٿين ٿيون. جن ۾ 5،7،5،7 ۽ 7 ماترائون (Syllables) ٿين. مثال طور:
    Omoitsutse هن جو ئي سوچي رهي آهيان.
    Nureba Ya Hito no هن سان ملڻ ڪارڻ، مون ننڊ ڪئي.
    Meitsuramu هو منهنجي اڳيان ظاهر ٿيو.
    Yume to Shiriseba منهنجي ڌيان مان نڪري ويو ته اهو خوابُ آهي.
    Samezara mashi wo نه ته آئون ننڊ مان هرگز سجاڳ نه ٿيان ها....

    جپاني معاشرو مائي ڪوماچي جي محبت جي قصن سان ڀريو پيو آهي. سڀ کان عام قصو سندس فوڪا ڪوسا نالي هڪ شهنشاهي درٻار جي ڪاموري سان عشق جو آهي. ڪوماچيءَ هن سان وعدو ڪيو ته جيڪڏهن هو ساڻس لڳاتار سؤ راتين تائين هم بستري جاري رکندو ته پوءِ هوءَ هن کي سچو عاشق مڃيندي. فوڪا ڪوسو هن وٽ باقاعدگيءَ سان هر رات ايندو رهيو پر اچي اچي آخري راتين ۾ همت هاري ويٺو. ان جي ڏک ۾ هو اهـڙو بيمار ٿيو جو وڃي کٽ تي داخل ٿيو ۽ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. هن جي جواني جي موت تي، چون ٿا ته ڪوماچيءَ به ٽي ڏينهن کن سوڳ ملهايو ۽ اهي ٽي ڏينهن هن ٻي ڪنهن مرد جي ويجھو وڃڻ کان گريز ڪئي.
    ڪوماچيءَ جو شاعريءَ جي دنيا ۾ وڏو مقام آهي ۽ کيس عزت بخشڻ لاءِ جپاني حڪومت جپاني چانورن جي هڪ خاص جنس جو نالو سندس نالي پٺيان ”اڪيٽا ڪوماچي“ رکيو آهي. ساڳي وقت جپان جي اڪيٽا شنڪانسين (بليٽ ٽرين) کي پڻ پيار مان ”ڪوماچي“ سڏيو وڃي ٿو.

    رام جواهراڻي: انڊو پاڪ کان علاوه توهان ٻيا ڪهڙا ملڪ ڏٺا آهن.
    الطاف شيخ: اڄ ڪلهه جهاز هلائيندڙن کي بندرگاهه ۾ رهڻ جا تمام گهٽ موقعا ملن ٿا. اهو ان ڪري جو جتي جهاز ماڊرن ٿي ويا آهن اتي بندرگاهن ۾ ڪارگو لاهڻ ۽ چاڙهڻ جو طور طريقا به ايڏو تيز رفتار ۽ ماڊرن ٿي ويا آهن جو سڄي ڀريل جهاز کي هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ خالي ڪريو وٺن ۽ جهاز اهو بندرگاهه ڇڏي ٻي منزل ڏي روانو ٿيو وڃي. ان نتيجي ۾ جهاز هلائڻ وارن کي بندرگاهه گهمڻ جو موقعو ئي نٿو ملي. اسان جي ڏينهن ۾ يعني 1960ع ۽ 1970ع وارن ڏهاڪن تائين جهاز ته ماڊرن ٿي چڪا هئا پر بندرگاهن جا حالَ پورا سارا هئا. ڪنٽينر سروس شروع ٿي رهي هئي پر جِتي ڪٿي خاص ڪري آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ ڊاڪ لئبر (مزدور) ان جي مخالفت ڪري رهيا هئا جو ٽرڪن مان سامان لاهڻ چاڙهڻ ۾ هنن کي ڏينهن ٿي لڳا ۽ اوور ٽائيم ٺهيو ٿي. ان کان علاوه هنن کاڌي پيتي جي شين جي چوري الڳ ڪئي ٿي. ڪنٽينر بند بند هجڻ ڪري سامان جي چوري نٿي ٿئي ۽ جهاز تي جلد ئي چڙهيو وڃن. سو اسان جي ڏينهن ۾ جهاز کي بندرگاهن ۾ هفتا ڇا ڪڏهن ته جدي، ڊڪار، دبئي، لاگوس جهڙن بندرگاهن ۾ مهينو ڏيڍ به لڳي ويو ٿي ۽ اسان جهاز هلائڻ وارن کي اهو بندرگاهه وارو شهر ۽ ڀر وارا شهر گهمڻ لاءِ ملي ويا ٿي. جيئن جهاز يوڪوهاما ۾ بيٺو هوندو هو ته باءِ بس يا ٽرين ٽوڪيو هليا ويندا هئاسين. يا ڪوبي ۾ هوندو هو ته ٽرين ذريعي اوساڪا ۽ ڪيوٽو به پهچي ويندا هئاسين. سو اسان جهاز هلائڻ وارن کي انهن ڏينهن ۾ گهمڻ ڦرڻ جا خوب مزا هئا ۽ اها چوڻي صحيح ثابت ٿيندي هئي ته Join the Navy, See the World. آئون ان معاملي ۾ به خوش نصيب رهيس جو مون سڄي نوڪري هڪ روٽ تي نه گذاري. سال ٻه آمريڪا ڪئناڊا روٽ تي هوس ته سال ٻه يورپ ۽ يوڪي روٽ تي. ڪڏهن گلف مڊل ايسٽ ۽ آفريڪا روٽ تي ته ڪڏهن پئسفڪ ۽ فار ايسٽ (جپان، چين، ڪوريا، فلپين ملائيشيا وغيره) تي. اهڙي طرح مونکي هر سمنڊ جا گهڻي کان گهڻا بندرگاهه ڏسڻ جو موقعو مليو ۽ ان سان گڏ ننڍڙا ننڍڙا ٻيٽ پڻ، جيئن ته برمودا، بهاما، مالديپ، ٽرنيڊاڊ، توباگو، ڪيپ وردي، لاس پاماس (ڪَناري) وغيره. اهڙي ريت مونکي لکڻ لاءِ گهڻي کان گهڻو مواد ملندو رهيو.

    رام جواهراڻي: اڄ تائين توهان ڪيترا سفرناما لکيا هوندا؟
    الطاف شيخ: هيستائين منهنجا 82 ڪِتابَ ڇپجي چڪا آهن جن مان 70 کن سفرناما آهن باقي مضمون ۽ ترجما آهن. ٻه ڪِتابَ پهاڪن جا آهن. هڪ انگريزي ۾ Proverbs of Far –East ۽ ٻيو سنڌيءَ ۾ ”رٺي آهي گھوٽَ سان“ انهن ۾ سنڌ ۾ استعمال ٿيندڙ پهاڪن سان گڏ ملئي، چيني ۽ جپاني ٻولين جا به پهاڪا آهن. انهن ٻولين وارا ملڪ: ملائيشيا، چين، هانگ ڪانگ ۽ جپان اهي آهن جِتي منهنجو تمام گهڻو وڃڻ ٿيو.

    رام جواهراڻي: توهان جي نظرن ۾ توهان جو سڀ کان بهترين ڪِتاب ڪهڙو آهي ۽ ڇو؟
    الطاف شيخ: هر ليکڪ کي پنهنجا سڀ ڪِتابَ پنهنجي ٻارن وانگر سٺا لڳن ٿا. پر منهنجي خيالَ ۾ ايران جو سفرنامو، سعودي عرب جا ٻه سفرناما (”اي روڊ ٽه مدينه“ ۽ ”ڀلي پار تان ڀيرو“) ۽ انڊيا جا ٽي سفرناما (”دهلي جو درشن“، ”هلي ڏسجي هندستان“ ۽ ”بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾“) شايد بهترين هجن جو انهن جا ڪيترائي ڇاپا اچي چڪا آهن. مون ملائيشيا ۽ جپان تي به ڪيترائي سفرناما لکيا آهن... گهٽ ۾ گهٽ پنج پنج هر ملڪ تي .... اهي شايد ان ڪري پسند ڪيا وڃن ٿا جو اسانجي ماڻهن جو انهن ملڪن ڏي وڃڻ جو گهڻو رجحان آهي. منهنجي ڪجهه ڪِتابن جون گهڻيون ايڊيشنون شايد ان ڪري به نڪرن ٿيون جو اهي مختلف يونيورسٽين جي B.A ۽ M.A ڪورسن لاءِ رکيل آهن. جيئن ته ”دنگي منجهه درياهه“ ڪراچي يونيورسٽي ۾، ”هي ٻيٽ هي ڪنارا“ سنڌ يونيورسٽي ۾ ۽ ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾. منهنجو ڪِتاب ”موج نه سهي مڪڙي“ انهن سامونڊي سفرن جو آهي جن ۾ طوفان آيا، خراب سمنڊ مليو، جهازن جا حادثا ٿيا، راهه ڀٽڪي وياسين ۽ ٻيون Tragedies آهن. ٻه سفرناما جن تي مونکي ڪافي محنت ڪرڻي پئي اهي آمريڪا جا آهن: ”نيو هالا کان نيويارڪ“ ۽ ”بخشو لغاري کان بالٽيمور“. هنن ۾ مون انهن بندرگاهن ۽ شهرن جو احوال لکيو آهي جن ۾ 35 سال اڳ آئون جهاز ذريعي ايندو هوس. هنن سفرنامن ۾ ماضي جي حالتن ۽ ماڻهن سان حال جي ڀيٽ ڪئي اٿم.

    رام جواهراڻي: انهن مهماتي حادثن بابت ٻڌايو جيڪي توهان کي سامونڊي زندگي ۾ پيش آيا.
    الطاف شيخ: سامونڊي زندگي اڄ به گلن جي سيڄ ناهي. جهاز کڻي ڪهڙا به ماڊرن ٿي ويا آهن پر ته به سامونڊي طوفانن ۽ حادثن جي سَٽ نٿا جھليو سگهن. ۽ جڏهن توهان ڏينهن رات لڳاتار ٻارهن سال دنيا جي مختلف سمنڊن تي جهاز هلائيندا رهو ۽ اهو ئي سوچيو ته توهان کي هر وقت Smooth Sailing ملندي، نا ممڪن ڳالهه آهي. سمنڊ تي جِتي بَهاري وارا ڏينهن ملن ٿا ۽ دل باغ باغ ٿيو وڃي اتي سخت ڏکيا ڏينهن ۽ مايوسيءَ واريون حالتون به اچن ٿيون. ڏٺو وڃي ته اسانکي پگهار اهڙن مشڪلن کي دليري، عقلمندي ۽ تجربي جي آڌار تي منهن ڏيڻ جو ئي ملي ٿو. منهنجا سڀ سفرناما اهڙن کٽن مٺن تجربن جو مجموعو آهن. هاڻ جيتوڻيڪ آئون رٽائرڊ زندگي گذاري رهيو آهيان ۽ جهاز هلائڻ ڇڏي ڏنو اٿم پر پراڻن ڏينهن جون ڳالهيون هر وقت ياد اينديون رهن ٿيون جن کي مختلف رسالن ۽ اخبارن لاءِ لکندو رهان ٿو.

    رام جواهراڻي: انسانيت جي لحاظ کان توهان کي ڪهڙي ملڪ جا ماڻهو بهترين لڳا؟
    الطاف شيخ: هون! ترسو ته ان بابت سوچيان! دراصل اسان ايشين، خاص ڪري ننڍي کنڊ جا رهاڪو هر ڳالهه ۾ بيحد حساس آهيون .... هر ڳالهه ۾ اسان پنهنجو پاڻ کي اعليٰ سمجھون ٿا. اسان کي بنا ڪنهن سبب جي هروڀرو مغرب وارن سان ساڙ ۽ چڙ آهي. هر وقت هنن تي ڏمريا وتون. پر منهنجي خيال ۾ سچائي اها آهي ته مغرب جا گهڻا ماڻهو بهترين آهن. ٻئي جو خيال ڪرڻ ۽ انسان ذات لاءِ عزت ڪرڻ هنن جي اولين ترجيح آهي. ايترقدر جو اسان جهڙا ايشيائي يا آفريڪن ملڪن جا سياح يا پناهه گزين مغرب جي ملڪن ۾ پاڻ کي با حفاظت ۽ آزاد سمجھن ٿا. انهن ملڪن جي امن امان جي حالت توڙي انصاف هر هڪ لاءِ آهي ... ويندي جانورن لاءِ به آهي. ڌارين ملڪن ۾ رهائش دوران سئيڊن، ناروي، ڊئنمارڪ، فنلنڊ .... ۽ ويندي انگلنڊ، هالنڊ ۽ بيلجم جهڙن ملڪن ۾، مون بيحد گهڻو سڪون ۽ شانتي محسوس ڪئي. ان خيال کان اسانجو ايشيائي ملڪ ”جپان“ به هڪ بهترين ملڪ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ ڪلهه نسل پرستي جو ڀوت جِتي ڪٿي پنهنجو ڳاٽ مٿي ڪري رهيو آهي. پر ان ۾ به آئون ڏسان پيو ته اسان ايشين ۽ آفريڪن جو ڏوهه آهي جنهن ڪري مڪاني ماڻهو اسان سان نفرت ڪن ٿا. اسان جي غير قانوني حرڪتن ۽ منفي سوچن ميزبان ملڪن کي ڊسٽرب ڪري رکيو آهي. اسان جڏهن مغرب جي ملڪن ۾ رهڻ لاءِ پهچون ٿا ته ان وقت اهو ئي بهانو ڪريون ٿا ته اسان پنهنجي ملڪ جي سسٽم ۽ ڪلچر مان خوش نه آهيون .... ٻئي جي ملڪ ۾ رهائش حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترا ته ويندي پنهنجي دين ڌرم جي به شڪايت ڪن ٿا پر پوءِ ڌارئين ملڪ جي شهريت/پاسپورٽ ۽ بنيادي حق حاصل ڪرڻ بعد اسان پنهنجو ڪلچر، رسم و رواج ۽ سوچون مقامي ماڻهن تي ٿاڦڻ شروع ڪريون ٿا.

    رام جواهراڻي: هڪ دفعي توهان اسپين جي هڪ سنڌي دڪاندار جو احوال لکيو هو ته هن ڪيئن توهان کي بيوقوف ٿي بڻايو. اها ڳالهه وري ٻڌائجو.
    الطاف شيخ: منهنجي خيال ۾ اهو ڪَناري (Canary) ٻيٽن جي هڪ مشهور ٻيٽ لاس پاماس (Las Palmas)جو واقعو هو. اسپين ۽ پورچوگال بعد اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ شروع ٿئي ٿو جيڪو نيويارڪ ۽ ڪئناڊا تائين هليو وڃي ٿو. ڪَناري ٻيٽن جو جھڳٽو هن سمنڊ ۾ آهي جِتي جي سٺي موسم ۽ هر شيءِ ٽئڪس فري هجڻ ڪري ٻارهوئي سياح (ٽوئرسٽ) ايندا رهن ٿا .... خاص ڪري لاس پاماس ٻيٽ تي جيڪو سڀ ۾ وڏو ٻيٽ ۽ بندرگاهه پڻ آهي. اسان به يورپ کان واپس ڪراچي ايندي يا اڳتي آمريڪا ۽ ڪئناڊا ڏي ويندي سفر جو سيڌو سامان ۽ جهاز لاءِ تيل ۽ پاڻي وٺڻ لاءِ پنهنجي جهاز کي لاس پاماس ۾ ضرور لنگر انداز ڪندا آهيون. هن پاسي اچڻ کان اسان پنهنجن سينئر جهازين کان هن بندرگاهه بابت ٻڌو هو ته لاس پاماس خريدارن لاءِ جنت آهي جيئن ڪنهن زماني ۾ (جڏهن اسان اسٽوڊنٽ هئاسين) ته يمن جي بندرگاهه عدن لاءِ اهي جملا ٻڌبا هئا.
    لاس پاماس گهمڻ مهل مون ۽ منهنجي دوستن سڀ کان پهريون ڪپڙو خريد ڪرڻ ٿي چاهيو. Esclaeritas ايوينيو تي ”ڪُئين وڪٽوريا“ اسپتال جي ڀرسان جيڪو پهريون وڏو دڪان هو ان ۾ گهڙياسين. دڪاندار اسان کي دڪان ۾ ويلڪم ڪندي پڇيو ته آيا اسين ٽوئرسٽ آهيون ياSailor (جهازي)؟ هن اسان کي اسٽولن تي وهاري ڪول ڊرنڪ آفر ڪئي جيئن اسان آرام سان ويهي ڪپڙي جي چونڊ ڪريون. اسان جي گفتگو انگريزي ۾ هلي رهي هئي ۽ اسان ٿڌي ٿڌي ڪولڊ ڊرنڪ ۽ دڪندار جون مٺيون مٺيون ڳالهيون ٻڌي ٺري رهيا هئاسين. ائين ٿي لڳو ته دنيا جي تختي تي هن جهڙو ڪو ٻيو اسان جو همدرد ٿي نٿو سگهي. اسان ڪجهه ساڙهين ۽ ڪچي ڪپڙي جي چونڊ ڪئي ۽ هاڻ جڏهن اسان اگهه کي فائنل ٿي ڪيو ته دڪان جو مالڪ جيڪو اسان کي منهن ڏئي رهيو هو, ٽيليفون جي گهنٽي وڄڻ تي ڪائونٽر تي رکيل فون کي کڻڻ لاءِ اٿيو. ان دوران هن پنهنجي هڪ سيلز مئن کي اشارو ڪيو ته اسان کي ڏسي ۽ پاڻ اسپيني زبان ۾ فون تي پنهنجي ڪنهن پراڻي دوست سان ڪچهريءَ ۾ مَحو ٿي ويو. اسان کي دل ۾ اهو ئي آيو ته هن سيلز مئن کي اسان سان ڪهڙي همدردي .... اهو ته مالڪ هئو جيڪو اسان سان مِٺو مِٺو ڳالهائي رهيو هو ۽ اسان کي اميد هئي ته هو اسان کي ضرور ڊسڪائونٽ اگهه تي بل ڏيندو. اسان هن سيلز مئن مان بلڪل غير مطمئن هئاسين ۽ اسان مان هڪ دوست ته رڙ ڪري باس کي چيو ته “It will be nice if you let us know the final price” (بهتر اهو ٿيندو جي آخري اگهه جو تون ئي فيصلو ڪر.) اها اسان لاءِ بلڪه فقط مون لاءِ بيحد حيرت انگيز ڳالهه ٿي جڏهن دڪان جو مالڪ جيڪو اسان سان صاف انگريزي لهجي ۾ ڳالهائي رهيو هو ۽ پنهنجي دوست يا ساهيڙيءَ سان فون تي اسپيني ۾ گفتگو ڪري رهيو هو تنهن فون تي هٿ رکي اسان جي خذمت ۾ بيٺل سيلز مئن کي نج سنڌيءَ ۾ چيو: ”اڙي لڇو! هي چريا سيلر (Sailors) اٿئي. پئسو جام هوندن ٻه چار پسيتا (اسپيني رپيا) وڌيڪَ ئي هڻجان.“ پنهنجي سيلزمئن کي اهو چوڻ بعد اسان کي انگريزيءَ ۾ چيو:
    Sir you don’t worry. I have instructed my man to charge you the lowest possible.
    هن جي اهو چوڻ تي مونکان ٽهڪ نڪري ويو ۽ کيس سنڌيءَ ۾ چيم ته ”سرڪار مون توهان جا راز وارا ڳجھا انسٽرڪشن decipher ڪري ورتا.“
    اهو ٻڌي هو تمام گهڻو پريشان ٿي ويو. آخر منٿون ميڙيون ۽ بهانا گهڙي معافيون وٺي اسان کي جنهن آخري اگهه تي وڪيائين اهو واقعي discount اگهه هو. ساڳي وقت هن پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ته آئون سنڌ کان آيو آهيان. هو ڪا دير مونکان پنهنجي ڏاڏاڻي ڏيهه سکر ۽ شڪارپور جون خبرون پڇندو رهيو. هن ٻڌايو ته هي پهريون دفعو آهي جو هن جي ڪنهن سنڌي جهازي آفيسر سان ملاقات ٿي آهي. دراصل اها مون لاءِ به خوشگوار حيرت هئي ته سنڌ جا ماڻهو واپار خاطر ڏورانهن ڏيهن کان اچي نڪتا آهن. لاس پاماس جهڙي هڪ ڏورانهين ٻيٽ تي پنهنجو ڌنڌو ڄمائڻ ڪا سولي ڳالهه ته نه آهي.
    بعد ۾ ان ساڳي سفر (Sea Voyage) جي واپسي تي ائٽلانٽڪ سمنڊ جي هڪ ٻئي ڏورانهين ٻيٽ ”ڪيپ وردي“ تي پڻ منهنجي هڪ سنڌي دڪاندار سان ملاقات ٿي. هي هڪ پورچو گالي ٻيٽ آهي يعني پورچوگال جي قبضي ۾ آهي جيڪو ائٽلانٽڪ سمنڊ جي بالڪل خطرناڪ هنڌ تي آهي جنهن جي ائپروچ به ڏکي آهي يعني بندرگاهه ۾ گهڙڻ واري هنڌ تي سمنڊ اندر ٽڪريون آهن جن سان بيخياليءَ ۾ جهاز ٽڪرائي پرزا پرزا ٿي سگهي ٿو. اسان به امرجنسي جي حالت ۾ هن ٻيٽ ۾ اچي لنگر انداز ٿياسين. اتي جي هڪ سنڌي دڪاندار کان اهو ٻڌي حيرت ٿي ته هن جا وڏا 1930ع ڌاري هن ٻيٽ تي اچي رهيا. انهن ڏينهن ۾ ڪاٺ جي ٻيڙن ۾ هن هنڌ تي پهچڻ وڏي دل گردي جي ڳالهه آهي .... ڇو جو هتي پهچڻ اڄ به خطرناڪ ۽ جوکم جو ڪم سمجھيو وڃي ٿو.
    بهرحال مٿيان ٻئي ٻيٽ لاس پاماس ۽ ڪيپ وردي وري به يورپ جي ويجھو آهن. انگريزن جي انڊيا تي حڪومت هجڻ ڪري انگلينڊ ۽ يورپ ڏي جهازراني عام هئي. پر حيرت ٿي ٿئي ته ان دور ۾ ڪيترا سنڌي هندو دڪاندار بزنيس خاطر سڄو ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي آمريڪا ۽ ڪئريبين سمنڊ جي ٻيٽن تي اچي نڪتا هئا. ان ساڳي سفر دوران نيو اورلينس (آمريڪا) کان برازيل ڏي ويندي اسانجو جهاز برمودا واري ٽڪنڊي ۾ خراب ٿي پيو ۽ اسان ان کي برمودا ٻيٽ جي بندرگاهه هئملٽن ۾ وٺي ويا هئاسين. اتي هڪ سنڌي فئملي سان ملاقات ٿيڻ تي مون اچرج جو اظهار ڪيو ته هو واپار خاطر ڪيترو ته پري کان اچي نڪتا آهن. بصرو ۽ بخارا ته وري به ويجھا آهن پر برمودا ۽ بهاما جهڙا ٻيٽ ته ڄڻ دنيا جي ٻي ڪنڊ تي ٿيا! ان تي هن فئملي جي ڪراڙي چيو ته: ”بابا! سنڌي هندو واپاري توهانکي جتي ڪٿي ملندا. هو سمنڊ جي ڇولين ۽ طوفانن کان نٿا ڊڄن.“.
    ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪجهه سالن اندر مختلف جهازن ۽ مختلف سمنڊن تي رهڻ بعد مون ڏٺو ته ڪولمبو، هانگ ڪانگ، پينانگ ۽ سنگاپور ۾ ڪراچيءَ کان به وڌيڪَ سنڌي دڪاندار نظر آيا. سامونڊي نوڪري دوران منهنجي ڪيترن ئي وڏن وڏن واپارين: هردراني، قيمتراءِ، پوهومل برادرس، چوٽڙمل، چيلارام، واتو مل ۽ ٻين سان جاوا، جپان، جبرالٽر، سوٽا، قبرص، فجي، بالي ۽ برما ۾ ملاقاتون ٿيون.

    رام جواهراڻي: توهان ان وقت جي اهم سنڌي واپارين جا انٽرويو نه ورتا؟
    الطاف شيخ: نه ان وقت اهڙي ڳالهه ڌيان ۾ نه آئي. هينئر توهانجو سنڌي اهم شخصيتن جي انٽرويوئن جو ڪتاب Global Sindhisپڙهي سوچيان پيو ته ان وقت جي همت ڪري ويهه پنجويهه اهم واپارين جا انٽرويو وٺان ها ته اڄ اها Collection بيحد دلچسيپ ۽ تاريخي ثابت ٿئي ها. بهرحال ائين مختلف سفرنامن ۾ ڪجهه جو احوال ضرور اچي ويو آهي جيئن هانگ ڪانگ جي ”ڪي ـــ سيتل“ ۽ ”هري نارومل هريليلا“ جو، ملاڪا جي ”پارواڻي“ ۽ ڪوالالمپور جي ”تان سري ڪِشو“ جو، سنگاپور جي ”هرڪشن ڀوڄواڻي“ ۽ يوڪوهاما (جپان) جي ڪپڙي جي واپاري ”پمو مل“ جو.

    رام جواهراڻي: توهانجا ڪيترائي دوست مختلف ملڪن ۾ سفير ٿي رهيا آهن. ڇا توهان کي ڪڏهن اهو شوق نه ٿيو ته توهان به مختلف ملڪن ۾ سفير ٿي رهو ها.
    الطاف شيخ: نه آئون اڄ به Sailor جي حيثيت ۾ دنيا جا ملڪ گهمڻ کي ترجيح ڏيان ٿو. اهو ان ڪري جو سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهمڻ ڦرڻ ۽ لکڻ جي آزادي نٿي رهي. اڳتي هلي مون ٽيچنگ اختيار ڪئي .... ان ۾ ته مونکي لکڻ پڙهڻ لاءِ اڃان به وڌيڪ وقت ۽ موقعا مليا.

    رام جواهراڻي: توهان جڏهن به سفر تي نڪرو ٿا ته سفرنامو لکڻ تي محنت ڪريو ٿو. ڪڏهن توهان سفر دوران آرام ۽ Enjoy ڪرڻ لاءِ به وقت ڪڍيو؟
    الطاف شيخ: سچ پڇو ته سفر دوران مون لاءِ اها ئي مزيدار ڳالهه آهي ۽ ان کي enjoyment ٿو سمجھان ته مختلف ماڻهن کان خبر چار پڇندو رهان، تاريخي جاين ۽ مقامي ڪلچر بابت ڄاڻ وٺندو رهان جيئن وطن پهچي سفرنامو لکڻ لاءِ مون وٽ گهڻي کان گهڻو مواد هجي. هڪ دفعي آئون بيمار ٿي پيس ته ڊاڪٽر مونکي مڪمل آرام ڪرڻ لاءِ چيو .... ايتريقدر جو هن مونکي لکڻ پڙهڻ کان به منع ڪئي. پر پوءِ مون ڏٺو ته ائين ڪرڻ سان مونکي وڌيڪَ تڪليف ۽ بيچيني محسوس ٿيڻ لڳي. سو لکڻ پڙهڻ مون لاءِ سزا نه پر خوشي ۽ فرحت آهي.

    رام جواهراڻي: توهانجي خيالَ ۾ دنيا جا ڪهڙا ملڪ آهن جيڪي رهائش لاءِ بهترين آهن؟
    الطاف شيخ: 1963ع ۾ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر ڪرڻ بعد مون پنهنجو سنڌ صوبو ڇڏيو ته اڄ تائين آئون مختلف ملڪن ۾ رهندو اچان يا گهمڻ لاءِ ويندو رهان ٿو. منهنجي تجربي ۽ سوچ مطابق اُهي ملڪ بهترين آهن جِتي قانون جي بالادستي آهي جِتي هڪ امير توڙي غريب کي انصاف يڪدم مليو وڃي. ڪئناڊا، آمريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾، خاص ڪري Scandinavian ملڪن: جهڙوڪ ناروي، سئيڊن، ڊئنمارڪ ۾ رهندڙ، اسانجي ايشيائي ملڪن جا رهاڪو immigrants توڙي کڻي هنن جو ڪهڙي به مذهب، ٻولي يا ڪلچر سان واسطو هجي، هو پنهنجي ملڪ کان وڌيڪَ پُرسڪون زندگي گذارين ٿا. هو آزاد محسوس ڪن ٿا. ائين ته ڏٺو وڃي ته سخت قانونن ڪري ڪيترن ئي عرب ملڪن جهڙوڪ دبئي، سعودي عرب، ڪويت وغيره ۾ اسان جا ماڻهو خوف بنا زندگي بسر ڪن ٿا. رستي هلندي ڪو هنن جو پرس نٿو ڦري، رات جو ڪو ڀت ٽپي گهر کي صاف نٿو ڪري، اغوائن ۽ قتلن جون وارداتون ائين عام نه آهن جيئن اسان وٽ آهن .... ان ڪري اسانجي ملڪ جو پورهيت توڙي واپاري پنهنجي ملڪ کان وڌيڪَ عرب ملڪن ۾ سڪون محسوس ڪري ٿو. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اعليٰ قسمَ جو انصاف نه آهي. عرب ملڪن ۾ اسان جا ايشيائي ماڻهو ..... خاص ڪري ننڍي کنڊ جا مقامي عربن کان نيچ سمجھيا وڃن ٿا. عربن لاءِ اڇي کل وارا يورپي، انگريز، آمريڪن وري به اتم آهن .... بلڪه ڪجهه زياده ئي اتم آهن.
    ايشيا جا ٻيا ملڪ: جپان، ملائيشيا، سنگاپور ۽ وڌيڪَ ڏکڻ ۾ آسٽريليا ۽ نيوزيلئنڊ رهائش لاءِ بهتر ملڪ آهن. پر اڄ ڪلهه جِتي ڪٿي وڌندڙ دهشتگردي بيروزگاري، مهانگائي ۽ ثقافتي تعصب ڪري هنن ملڪن ۾ نسل پرستي ڪَرَ کڻي رهي آهي ۽ ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي گهٽ سَٺو وڃي ٿو.
    اڄ کان اڌ صدي اڳ ڪيترن ئي يورپي ملڪن ويندي آمريڪا ۽ انگلنڊ ۾ هميشه لاءِ رهائش اختيار ڪرڻ پاڪستان ۽ هندوستان جي ماڻهن لاءِ آسان ڪم هو. پر هاڻ ته اسان جي ماڻهن کي بنگلاديش ۽ نيپال وارا به رهڻ نٿا ڏين. گهمڻ لاءِ به اڳواٽ ويزا وٺڻي پوي ٿي. ڪيترا ملڪ ته اها به تڏهن ڏين ٿا جڏهن هنن جو پنهنجو ماڻهو اسانکي اسپانسر ڪري .... يعني ذمو کڻي ته هو اسانجي هر ڳالهه لاءِ جوابدار رهندو. هونءَ اسان ماڻهن لاءِ گهمڻ توڙي بزنيس لاءِ وري به ايران ۽ ڪجهه حد تائين انڊيا بهترين ۽ سستا ملڪ آهن. انهن ملڪن ۾ تعليم ۽ ميڊيڪل جو معيار به تمام اتاهون آهي. کاڌي پيتي ۽ سواريءَ جا اگهه به تمام گهٽ آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انڊيا ۾ ڪجهه علائقا آهن جِتي بدامني آهي ۽ هندو مسلم فسادن جون خبرون اچن ٿيون، سرڪاري ڪامورا خاص ڪري پوليس رشوت به وٺي ٿي پر گذريل ڪجهه سالن کان هندستان جي حڪومت انهن براين کي گهٽائڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آهي ۽ ڪافي حد تائين ڪاميابي به حاصل ڪئي آهي. مون جهڙو هڪڙو سياح ان جي شاهدي ڏئي سگهي ٿو ته انڊيا گذريل ڏهاڪي اندر تمام گهڻي معاشي ۽ سماجي ترقي ڪئي آهي. دهلي، ممبئي، بنارس، آگره، لکنؤ، امرتسر، پوني ۽ بڙودا جهڙن شهرن ۾ ان ترقي ۽ جديدپڻي جي جھلڪ صاف نظر اچي ٿي.

    رام جواهراڻي: توهان ويجھڙائيءَ ۾ پوني ۽ ممبئي ۾ رهي چڪا آهيو. توهان جو ان بابت ڇا تجربو آهي؟
    الطاف شيخ: آئون پوني واري ٽرپ ڪڏهن به وساري نه سگهندس. ننڍپڻ کان وٺي اسان هن شهر (پوني) جو نالو پنهنجي ڏاڏيءَ کان ٻڌوسين جنهن پنهنجو اڪيلو پٽ (منهنجو والد گل محمد شيخ) پوني جي ائگريڪلچر ڪاليج (هاڻ يونيورسٽي) مانB.Sc ڪرڻ لاءِ موڪليو هو. مونکي خوشي آهي ته مونکي پوني جهڙو تاريخي ۽ تعليمي شهر ڏسڻ جو موقعو مليو .... ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پوني کي Oxford of the East يا ”آڪسفورڊ آف انڊيا“ سڏجي ٿو ڇو جو هِتي تمام گهڻا تعليمي ادارا آهن جن جو تعليمي معيار تمام بلند آهي. آٽو موبائيل ڪارخانن ڪري هي شهر (پوني) Detroit of India پڻ سڏجي ٿو. ۽ هاڻ وڌندڙ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪري پوني شهر کي “Queen of Deccan” به سڏجي ٿو.
    منهنجي لاءِ اها به خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته پوني شهر ۾ دادا جشن جو مهمان ٿي رهيس جنهن جا ليڪچر آئون اڪثر سوني T.V تان ٻڌندو آهيان. انهن ڏينهن ۾ پوني ۾ ”صوفي ازم“ تي سيمينار هلي رهيو هو جنهن جي صدارت لاءِ مونکي عزت بخشي وئي. هي پهريون موقعو هو جِتي منهنجي گهڻي کان گهڻن سنڌي اديبن ۽ شاعرن سان ملاقات ٿي جيڪي انڊيا ۾ رهن ٿا ..... جيئن ته: مئڊم ريٽا شاهاڻي، ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي، نند ڇڳاڻي، تارا ميراچنداڻي، مڌن جماڻي، ڪملا بوٽاڻي، ڪيولرام گلراجاڻي، وينا شرنگي، اندرا شبنم، نند لال خوبچنداڻي، ڀڳوان بابلاڻي، هري پنکج، گوبند خوشحالاڻي، ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، دادي ساوتري آڏواڻي (مشهور وڪيل هوتچند آڏواڻي جي زال)، ٽيڪچند مست، پروفيسر ايشوري جوتاڻي، ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي .... ويندي رام ڄيٺملاڻي صاحب سان ملاقات ٿي.
    ممبئي ۾ هفتو کن رهڻ دوران آئون پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي ۽ جئه موتياڻي طرفان وڏي دل سان پيش ڪيل ميزباني وساري نٿو سگهان. ممبئي يونيورسٽي ۾ هڪ ڏينهن منهنجو ”گلوبل سوسائٽي ائنڊ سنڌي“ عنوان تي ليڪچر جو پڻ بندوبست ڪيو ويو هو.
    ممبئي ۾ رهڻ دوران مونکي ڪيتريون تاريخي جايون ڏسڻ جو موقعو مليو جيئن ته گيٽ وي آف انڊيا، چرچ گيٽ ريلوي اسٽيسن ڀرسان ڪرافرڊ مارڪيٽ، مٽن روڊ تي شافي مسجد جي سامهون هِتي جي مشهور ”چور بازار“، جُوهو ۽ مئرين ڊرائيو چوپاٽي جا سامونڊي ڪنارا (Beaches) ، مهالڪشمي ڌوٻي گھاٽ، داٻا والا (جيڪي هزارين ماڻهن کي آفيسن ۾ سندن گهران آندل لنچ پهچائين ٿا)، وورلي ڪوسٽ تي حاجي علي جي درگاهه، ايليفنٽا ٻيٽ، فلورا ڦوهارو (دادا ڀائي نائوروجي روڊ تي)، راجا ٻائي ڪلاڪ ٽاور ۽ ڪجهه ٻيون انگريزن جي دور جون آڳاٽيون ۽ تاريخي عمارتون جيئن ته پرنس آف ويلس ميوزيم، ساسون لئبرري، مشهور وڪٽوريا ٽرمينس (V.T) جيڪو اڄ ڪلهه CST يعني چتراپتي شيواجي ٽرمينس سڏجي ٿو، بمبئي هاءِ ڪورٽ وغيره. هي اهي عمارتون، جايون ۽ روڊ رستا آهن جن جا نالا آئون هميشه انگريزي ناولن ۾ پڙهندو هوس يا اڄ به بالي وڊ جي فلمن ۾ ٻڌجن ٿا. منهنجا انڊيا جي سفر تي تازا لکيل ٻه ڪِتاب: ”هلي ڏسجي هندوستان“ ۽ ”بمبئي منهنجي ڀاڪُرَ ۾“ اهڙين جاين بابت تفصيلي احوال آهن.

    رام جواهراڻي: سنڌ اندر جيڪو وڏيرا راڄ هو، ان ۾ پاڪستان ٿيڻ بعد ڪا تبديلي آئي آهي؟
    الطاف شيخ: آئون نٿو سمجھان ته ڪا بهتري آئي آهي. اڄ به عام ماڻهو سورن ۾ آهي ۽ وڏيرن جي رحم ڪرم تي آهي .... ويتر وڏيرا شاهي پهرين کان مضبوط ۽ هاڃيڪار ٿي پئي آهي. هونءَ ته وڏيرا شاهي ايڏو خراب شيءِ به نه آهي .... آخر جپان ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ به فيوڊلز آهي .... اسان کان به وڌيڪَ .... پر اتي جا وڏيرا پنهنجي ڳوٺ ۽ پنهنجي ماڻهن جو خيال ڪن ٿا. سندن ٻار اعليٰ تعليم يافته ٿين ٿا ۽ هو عوام جي به تعليم، صحت، امن امان جو خيال رکن ٿا. اسيمبلين جا ميمبر وڏيرا پنهنجي تر جي ماڻهن جي سک ۽ سهولت لاءِ هر وقت آواز اٿاريندا رهن ٿا. پر هيڏانهن اسان وٽ سنڌ ۾ اسان جي بدنصيبي آهي جو اسان جي لالچي وڏيرن کي فقط پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جو فڪر رهي ٿو. هو هر سک پنهنجي لاءِ چاهين ٿا. هو اهو ئي چاهين ٿا ته سندن ٻار بنا ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ جي يونيورسٽين جون ڊگريون حاصل ڪن، هو اهو چاهين ٿا ته هنن جا ٻار بنا قابليت جي اعليٰ نوڪريون حاصل ڪن .... ۽ ڪامورا شاهي ۾ به سندن ٻار هجن، اسيمبلين جا ميمبر به اهي هجن، ڪارخانن جا مالڪ به اهي هجن باقي عوام ڀلي بکيو، بيروزگار ۽ بيمار پيو هلي .... هو ڏينهون ڏينهن غربت جي گھاڻي ۾ پيو پيڙهجي .... اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌ جهڙي جاهليت، غربت ۽ بدحالي آفريڪا جي گئمبيا، ڪانگو، ملاوي ۽ برقينا فاسو جهڙن ملڪن ۾ به نه هوندي.

    رام جواهراڻي: انگريز راڄ ۾ سنڌ جي سرڪاري ٻولي سنڌي هئي. ورهاڱي بعد اڙدو ٿاڦي وئي آهي. ڇا ان خلاف سنڌين ڪا مخافت ڪئي؟
    الطاف شيخ: اڙدو پاڪستان جي سڀني صوبن جي ڪامن ٻولي آهي ويندي چترال، اسڪردو يا گلگت ۾ ڪو پٺاڻ ۽ هزاروي ملي ٿو ته هڪ ٻئي سان اڙدو ۾ گفتگو ڪن ٿا. بلڪه اڙدو جيڪا انڊيا ۾ هندي سڏي وڃي ٿي سڄي ننڍي کنڊ بنگال کان راجستان تائين ۽ تامل نادو کان ڪشمير تائين ته عام طرح ڳالهائي وڃي ٿي پر دبئي، ايران جي ڪنارن وارن شهرن، مالديپ ۽ نيپال ۾ به ڳالهائي وڃي ٿي. سنڌي سنڌ صوبي جي صوبائي ٻولي ليکي وڃي ٿي ۽ اسان وٽ نه رڳو توهان کان پر اسانجي باقي صوبن جي ٻين ٻولين پنجابي، پشتو ۽ بلوچي کان به وڌيڪَ سنڌيءَ ترقي ڪئي آهي جنهن جي Idea سنڌ مان شايع ٿيندڙ سنڌي رسالن، ڪِتابن ۽ ٽي وي چئنلن مان لڳائي سگهجي ٿي. ڪجهه سال اڳ تائين سنڌ ۾ اڙدو ۽ سنڌي جي وچ ۾ رساڪشي لڳي رهي ٿي ته اسڪولن ۾ فقط سنڌي پڙهائي وڃي يا اڙدو پڙهائي وڃي جيئن گذريل صديءَ جي سٺ واري ڏهاڪي ۾ سنگاپور ۾ رهندڙ ملئي، تامل ۽ چيني وڙهندا رهيا ٿي ته سنگاپور جي اسڪولن ۾ فقط ملئي پڙهائي وڃي.... تامل پڙهائي وڃي.... چيني پڙهائي وڃي.... وغيره. پوءِ سنگاپور جي وزير اعظم ’لي ڪُئان يُو‘ چيو ته توهان سڀني جون ڳالهيون اکين تي چيني، ملئي، تامل ۽ انگريزي ميڊيم جا اسڪول کوليا وڃن جنهن کي جيڪا ٻولي وڻي پنهنجي ٻارن کي ان اسڪول ۾ داخل ڪري ..... ۽ پوءِ ڏٺو ويو ته هر هڪ کي پياري ته پنهنجي مادري زبان هئي پر ان کان وڌيڪَ هنن کي پنهنجي ٻارن جو مستقبل هو. انگريزي ٻوليءَ جي اهميت سمجهي هنن سڀني پنهنجن ٻارن کي کڻي انگريزي اسڪولن ۾ داخل ڪرايو .... ويندي انهن تاملن ۽ چينين جيڪي ٻهراڙي ۽ جنگلن ۾ رهيا ٿي .... انهن ڏٺو ته پنهنجي ملڪ توڙي دنيا ۾ نوڪريون يا پورهيا انهن کي ٿا ملن جن کي انگريزي جي ڄاڻَ آهي. سو اڄ ڪلهه آئون ڏسان پيو ته سنڌ جي ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ به مينهن جي کنڀين وانگر جِتي ڪٿي ٽاين وارا (يعني انگريزي) اسڪول اڀري پيا آهن ۽ هرڪو غريب غربو اهو ٿو چاهي ته هن جا ٻار به اهـڙن اسڪولن مان پڙهي پروفيشنل ڪاليجن ۾ داخلا وٺي سگهن .... ولايت ۾ نوڪريون حاصل ڪري سگهن.

    رام جواهراڻي: جي ايم سيد جي تحريڪ آزادي بابت ڇا چوندائو؟
    الطاف شيخ: افسوس جو مون ’جي ايم سيد‘ بابت گهڻو نه پڙهيو آهي ۽ نه هن جون تقريرون ۽ جلسا اٽينڊ ڪيا آهن. مون مئٽرڪ ۽ انٽر 1963ع ۾ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان ڪري سنڌ ڇڏي. وچ ۾ هڪ دفعو 1987ع ۾ ٽن مهينن جي موڪل تي سنڌ آيو هوس ته ٻين سياستدانن، اديبن شاعرن ۽ اهم ماڻهن کان انٽرويو وٺڻ لاءِ مليو هوس ته سائينءَ سان به ملاقات ڪيم. پر خبر ناهي ڇو آئون گهڻو متاثر نه ٿي سگهيس .... يا شايد منهنجي expectation گهڻي هئي. اسان سڪرنڊ موري پاسي کان درياهه ٽپي سائينءَ جي ڳوٺ سَن پهتاسين. سن پهچڻ کان اڳ منهنجي دماغَ ۾ اهو هو ته جيئن ته سائين هڪ طاقتور پير جو درجو رکي ٿو، باعزت ۽ اعليٰ ذات مان آهي، تر جو وڏو ۽ پئسي وارو زميندار آهي، سياست ۾ سندن درجو مٿڀرو آهي ۽ ملڪ جا اهم ماڻهو سياستدانن کان فوجين تائين، سرڪاري ڪامورن کان ڪارخانيدارن تائين سندن عزت ڪن ٿا سو سندن ڳوٺ ”سن“ هڪ مثالي ۽ خوشحال هوندو جِتي گهڙڻ سان انگلنڊ جي شهر مانچسٽر يا ملائيشيا جي شهر ملاڪا وانگر ڪارخانن جون چمنيون نظر اينديون جن مان ڪارو دونهون نڪري رهيو هوندو. ملائيشيا جي وڏيرن وانگر سيد صاحب جي هن ڳوٺ ۾ به اسڪولن، ڪاليجن ۽ اسپتالن جون عمارتون هونديون. ماڻهن جي چهرن تي مرڪ هوندي. پر مونکي اهو ڏسي ڏک ٿيو ته ويجھڙائيءَ ۾ گهمي آيل غريب آفريڪي ملڪن: سوماليا، جبوتي، لائبيريا جهڙي اداسي ۽ لاچاري هئي .... آئون اهو ئي سوچيندو رهيس ته جڏهن اسان جي صوبي جو ڳوٺ سَن ئي اهو اوج نه ماڻي سگهيو آهي ته ٻين ڳوٺن جو ڇا حال هوندو جن جا وڏيرا ۽ ڪرتا ڌرتا ظالم ۽ جاهل آهن. مون ان جو اظهار سائينءَ سان به ڪيو. هن دل ۾ ڪرڻ بدران وڏي دل سان منهنجيون ڳالهيون ٻڌيون. هو مونکي بيحد سخي انسان ۽ عوام لاءِ درد رکندڙ لڳو. ٻين وڏيرن ۽ سردارن وانگر سخت مزاج نه پر بيحد سافٽ اسپوڪن هو.

    رام جواهراڻي: سنڌ ۾ ايتري بدامني ڇو آهي؟ جو ڪو عزت وارو ماڻهو رات جو اڪيلو گهمڻ لاءِ نٿو نڪري سگهي. هر وقت ڦر ۽ اغوا ٿيڻ جو خوف رهي ٿو.
    الطاف شيخ: بدامني جو اهو ئي سبب آهي جو قانون جي بالادستي ناهي ۽ ڪجهه حڪومت جي خراب governance ڪري به آهي. سنڌ جي مقابلي ۾ پنجاب صوبي ۾ حالتون بهتر آهن. اتي آئون ڏسان پيو ته ٽوئرسٽ رات جو به لاهور، اسلام آباد، ڪوهه مري، راولپنڊي، فيصل آباد ۾ هلن چلن پيا جيئن انڊيا ۾ ممبئي، دهلي، لکنؤ، آگرو، پوني مدراس آهي. باقي اسان وٽ گھوٽڪي، قمبر، شهدادڪوٽ، ڪشمور، جيڪب آباد ائين آهن جيئن توهان وٽ منيپور، ميزورام، ميگھاليا ۽ ناگا لئنڊ _ جيڏانهن ورلي ڪو ٽوئرسٽ رخ ڪري ٿو.
    رام جواهراڻي: وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏينهن کان شاگرد امتحان ڪاپي ڪري پاس ڪن ٿا. ڇا اها ڳالهه ملڪ ۽ قوم لاءِ نقصانڪار نه آهي؟
    الطاف شيخ: بلڪل صحيح ٿا چئو. هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ ته آئون ان کي اڃان به وڌيڪَ خراب ٿو سمجان جو ان ڪري سٺا شاگرد به دلشڪستا ٿيو پون ۽ محنت ڪرڻ ڇڏيو ڏين. ان کان علاوه اسان جي شاگرد کي هر ڪو شڪ جي نِگاهه سان ڏسي ٿوته هن ڪاپي ڪري ڊگري حاصل ڪئي آهي. ان ئي سبب ڪري اسان جي گرئجوئيٽ کي ولايت ۾ نوڪري به ڏکي ملي ٿي.

    رام جواهراڻي: انڊيا ۽ پاڪستان جا تعلق سڌارڻ لاءِ توهان ڇا suggest ڪندائو؟
    الطاف شيخ : اسان ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي حق ۾ بهتري ان ڳالهه ۾ آهي ته اسان جا پاڻ ۾ سٺا تعلق رهن. ناروي ۽ سئيڊن يا اسپين ۽ پورچوگال وانگر انڊيا ۽ پاڪستان جي ماڻهن ۾ ڪيتريون ئي ساڳيون ڳالهيون آهن، کاڌو پيتو، ڪپڙو لٽو، ٻولي ۽ ڪلچر وغيره. ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ولايت ۾ پاڪستاني ماڻهو جيترو انڊيا جي ماڻهن سان ويجھڙائي محسوس ڪري ٿو اهڙي هو عربن ۽ ايرانين سان به نٿو ڪري. ٻنهي ملڪن جي حڪومتن کي کپي ته هو تعلقات سڌارڻ جي ڪوشش ڪن ۽ هڪ ٻئي جي ماڻهن کي اچڻ وڃڻ جون سهولتون مهيا ڪن جيئن ٻنهي ملڪن جي ماڻهن کي گهمڻ ۽ واپار جي سهوليت سان گڏ تعليم ۽ صحت جو به فائدو رسي سگهي.

    رام جواهراڻي: توهان انڊيا ڪيترائي دفعا آيا آهيو. سياسي ۽ سماجي طرح توهان کي انڊيا ڪيئن ٿو لڳي؟
    الطاف شيخ: گذريل ڏهن سالن اندر انڊيا ۾ وڏي تبديلي آئي آهي. انڊيا سماجي ۽ معاشي طرح تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي .... گهٽ ۾ گهٽ اسانجي ملڪ کان ته گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي .... نه ته سالن تائين پاڪستاني ۽ انڊين رپيو برابر هو. اڄ انڊيا جو رپيو مضبوط نظر اچي ٿو. جِتي اسانکي هڪ ڊالر خريد ڪرڻ لاءِ 103 رپيا ڏيڻا پون ٿا اتي انڊيا وارا اڄ به 60 رپين ۾ ڊالر خريد ڪن ٿا. انڊيا جون يونيورسٽيون ۽ اسپتالون ڏينهون ڏينهن اعليٰ معيار جون ٿينديون وڃن. ايتريقدر جو يورپين ملڪن ۾ رهندڙ انڊين توڙي ايران ۽ ملائيشيا جهڙن بهتر ملڪن جا ماڻهو به پنهنجا ٻار اعليٰ تعليم لاءِ انڊيا موڪلين ٿا. ڪيترا عرب ۽ يورپي علاج لاءِ انڊيا اچن ٿا. امن امان جي حالت به ڏينهون ڏينهن بهتر نظر اچي رهي آهي ۽ ويندي جپاني ٽوئرسٽ، جيڪي تمام گهڻو خبرداريءَ کان ڪم وٺن ٿا اهي به انڊيا ۾ نظر اچن ٿا. منهنجي خيال ۾ ان معاملي ۾ اسانجي ملڪ پاڪستان کي انڊيا کي فالو ڪرڻ کپي ته هو ڪيئن تعليم ۽ علاج جو معيار وڌائي رهيا آهن .... جيئن 20 سال کن اڳ ملائيشيا وارن سنگاپور کي فالو ڪري پنهنجو معيار وڌايو.

    رام جواهراڻي: اڄ ڪلهه ڀلا ڪهڙو ڪتاب پڙهي رهيا آهيو؟
    الطاف شيخ: اڄڪلهه آئون جپاني ليکڪ ”هائوڪي مُوراڪامي“ جي ناول “Noruwei no Mori” جو انگريزي ترجمو “Norweigian Wood” پڙهي رهيو آهيان. مون هن ليکڪ جا ڪيترائي ناول پڙهيا آهن جن مان هڪ يا ٻن کن سنڌي ۽ اڙدو ۾ ترجمو ڪرڻ جو سوچي رهيو آهيان جيئن اُهي ماڻهو جيڪي جپاني ۽ انگريزي ٻولين کان اڻواقف آهن اهي جپاني ادب جي سونهن ۽ اونهائي کان واقف ٿي سگهن ـــ خاص ڪري هن ليکڪ مُوراڪامي جي لکڻين کان، جنهن جا ڪتاب لکن جي تعداد ۾ ڇپجن ٿا ۽ تامل ۽ عربي ٻولين سميت پنجاهه ٻولين ۾ ترجمو ٿين ٿا. 1980ع تائين به اسانکي هن جپاني اديب جي تخليق ۽ ڏات جو ڪو اهڙو قدر نه هو. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن آئون جهازن تي هوس ته هن همراهه سان ڪوبي ۽ اوساڪا ۾ ٿيندڙ ”يوٿ لٽرري گئدرنگ“ ۾ ڪيترائي دفعا ملاقات ٿي . ان بعد ٽوڪيو ۾ جڏهن هن ”ڪَوڪو بُنجي“ علائقي ۾ Peter Cat نالي ڪافي شاپ کوليو ته اتي پڻ عليڪ سليڪ ٿيندي رهي ٿي. انهن ڏينهن ۾(1979ع ۽ 1980ع واري عرصي ۾) آئون به ٽوڪيو ۾ رهيل هوس جِتي مونکي IHI شپ يارڊ ۾ اسانجي جهازران ڪمپني جي نئين ٺهندڙ جهاز جي نگهباني ۽ بعد ۾ ان کي چيف انجنيئر جي حيثيت سان هلائڻ جي ڪم تي رکيو ويو هو. هي شپ يارڊ ٽوڪيو جي بلڪل صدر واري علائقي گنزا ۾ آهي. هروڪي ماروڪامي عمر ۾ مون کان ٻه سال ننڍو آهي. هو جيتوڻيڪ ڪيوٽو ۾ ڄائو پر هن زندگيءَ جو وڏو عرصو اوساڪا ۾ گذريو جِتي هن جو نانو واپاري هو. هن جا والدين .... ماءُ ۽ پيءُ ٻئي پروفيسر هئا جن ”جپاني ادب“ پڙهايو ٿي. هن جو پاڻ به ٽوڪيو جي وسيدا يونيورسٽي ۾ ”ڊراما“ ميجر سبجيڪٽ هو. تعليم دوران هن جي ملاقات مس يوڪو سان ٿي ۽ گرئجوئيشن کان اڳ شادي ڪئي ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ هنن زال مڙسن مٿيون ڪافي شاپ کوليو .... پر پوءِ 1981ع ڌاري هو آمريڪا لڏي ويا.
    دراصل هن جپاني اديب مُوراڪامي کي جنهن ڪتاب رات اندر سُپر اسٽار بنائي ڇڏيو اهو هي ڪتاب ”نارويجن ووڊ“ هو. ويجھڙائيءَ ۾ مون هن ناول تي ٺهيل فلم ڪوالالمپور (ملائيشيا) ۾ ڏٺي. اها 2010ع ۾ رليز ٿي هئي جنهن جي ڊئريڪشن فرانس ۾ رهندڙ هڪ ويٽنامي ”ٽران آح هنگ“ ڏني. مُوراڪاميءَ جو پهريون جپاني ناول “Kaze no Uta O Kike” سال 1979ع ۾ ۽ انگريزي ترجمو “Hear the Wind Song” سال 1987ع ۾ ڇپيو. موراڪامي جا ناول جپان توڙي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ Best Sellers هوندا آهن. 1970ع واري ڏهاڪي جي شروع وارن سالن ۾ منهنجي هن سان پهرين ملاقات ٿي ته هي به مون وانگر جپاني ليکڪ ”مشيما يوڪيو“ جو پرستار هو. مشيما يوڪيو جنهن ننڍي عمر ۾ هاراڪِري ڪئي (پيٽ چيري) پنهنجو انت آندو ان وقت تائين جپاني ادب ۾ مشيما يوڪيو جوئي وڏو نالو هو. ڪنهن ٿي ڄاتو ته ڏهه ٻارهن سالن بعد مشيما جو هي عاشق ڇوڪرو موراڪامي ايڏو ته مشهور ٿي ويندو جو مشيما به پٺتي رهجي ويندو.

    رام جواهراڻي: آخر ۾ هي انٽرويو ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن لاءِ ڪو نياپو؟
    الطاف شيخ: منهنجي خيال ۾ ته اسان کي پنهنجن ٻارن ۾ ڪِتاب پڙهڻ جي عادت وجھڻ کپي. مطالعو هڪ اهڙي هابي آهي جيڪا اسان پيريءَ ۾ به enjoy ڪري سگهون ٿا. ڪِتاب اسان جا سٺا ساٿي آهن.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566194
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215636
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ