ڪتاب جو نالو: گهاتو گهر نه آئيا
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 08 سيپٽمبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 480 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 149 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب سمنڊ ۽ سامونڊي جيون سان گڏ آبي جيون تي لکيل ڪالمن، سفرنامن، مضمونن ۽ ڄاڻ تي مشتمل آهي، جنهن جو ليکڪ ناميارو سفرناما نگار الطاف شيخ صاحب آهي.
ڪتاب ۾ کوڙ دلچسپ ۽ معلوماتي مضمون شامل آهن، جيئن شارڪ مڇي لذيذ ڇو آهي، خطرناڪ ڇو آهي؟ وهيل مڇي جا قسم، ان جا فائدا ۽ اها وهيل جنهن جي عنبر سبب اسپيني مهاڻا ڪروڙ پتي ٿي ويا. گانگٽ، اسپنج ۽ ٻين آبي جيون بابت دلچسپ معلومات. سنڌو نديءَ جي انڊس ڊولفن يا انڌي ٻلهڻ بابت تفصيلي ڄاڻ. سنڌوءَ جي لذيذ ترين پلي مڇيءَ بابت تفصيلي ۽ دلچسپ مضمون. ڳاڙهي، نيري، اڇي ۽ ڪاري سمنڊ بابت معلومات. کاري ۽ مٺي سمنڊ بابت حقيقتون ۽ معلومات ۽ ٻيا به کوڙ پڙهڻ جهڙا ليک شامل آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران
  • انتساب ڏيپلي جينيول آفيسر ڪموڊور اقبال احمد ميمڻ نالي
  • الطاف شيخ جو ادبي ۽ سامونڊي سفر : محمد سليمان وساڻ
  • وهيل مڇي ڪيڏي ٿي سگهي ٿي؟
  • اسپيني مهاڻي جو ٽن ڏينهن بعد مڇيءَ جي پيٽ مان نڪرڻ
  • صاحب الحوت (مڇيءَ وارو)
  • ”موبي ڊڪ“ ـــ وهيل مڇي مشهور ناول ۽ فلم
  • ماڳهين پاڻ آدمخور بڻجي ويا
  • وهيل مڇين پويان دنيا ڇو چري رهي آهي؟
  • ڪجهه سٽون هرڻ جي ”مشڪ“ بابت
  • اوٻارا عنبير جا، جَر مان اچن جال
  • وهيل مڇيءَ جي اُلٽيءَ عمان جي مهاڻن کي ڪروڙ پتي بڻائي ڇڏيو
  • ڇا شارڪ ۽ وهيل ساڳي جنس جون مڇيون آهن؟
  • شارڪ مڇي خوفائتي ڇو آهي؟
  • خطرناڪ پر لذيذ خوراڪ
  • ڪجهه بنيادي ڳالهيون، مڇين بابت
  • لابسٽر (وڏو گانگٽ) ۽ ڪرئب (کيکڙو)
  • سِي گلس Sea gulls ـــ سامونڊي ڪبوتر
  • عام مڇيون
  • دنيا جون مڇيون
  • مڇيءَ جي بائلاجي
  • سمنڊ مان ڇا حاصل ڪري سگهو ٿا
  • سارو سمونڊ سهيڙ
  • سامونڊي جانيون
  • سمنڊ ۽ زمين تي رهائش ۾ فرق
  • جهاز تان نظر ايندڙ مڇيون
  • اونهي سمنڊ جي دنيا
  • سمنڊ جي تري ۾ برف نٿي ڄمي
  • پاڻي سڀ کان نرالي شيءِ
  • مينهن جو وسڻ ۽ ڪي سمنڊ
  • اوندهه ۽ ٿڌ ۾ حياتي
  • پلينڪتان
  • اسپنج
  • هيٺاهين ذات جا جانور
  • اڻ تارو به تري سگهن ٿا
  • مَتو آهين مڇ
  • سنڌو نديءَ جي ڊولفن
  • پَلي سان اَٿم پيار اَديون
  • ساهڙ! سِير لنگهاءِ تون
  • ست سمنڊ ڏوري ڏوري
  • ڪارو، ڳاڙهو ۽ اڇو سمنڊ
  • دنيا جو سڀ کان کارو ۽ سڀ کان مِٺو سمنڊ

  • حق ۽ واسطا

    گهاتو گهر نه آئيا
    سفرنامو
    الطاف شيخ
    انگ: هڪ هزار
    ڇاپو پهريون: فيبروري 2017
    پاران: نئون نياپو اڪيڊمي،
    سي-4، سچل ڳوٺ گلشن اقبال ڪراچي
    Ph: 021-332624153, 34690389
    Cell # 0333-2311582

    مُلهه:400رپي

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2017ع

    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”گهاتو گهر نه آئيا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب سمنڊ ۽ سامونڊي جيون سان گڏ آبي جيون تي لکيل ڪالمن، سفرنامن، مضمونن ۽ ڄاڻ تي مشتمل آهي، جنهن جو ليکڪ ناميارو سفرناما نگار الطاف شيخ صاحب آهي.
    ڪتاب ۾ کوڙ دلچسپ ۽ معلوماتي مضمون شامل آهن، جيئن شارڪ مڇي لذيذ ڇو آهي، خطرناڪ ڇو آهي؟ وهيل مڇي جا قسم، ان جا فائدا ۽ اها وهيل جنهن جي عنبر سبب اسپيني مهاڻا ڪروڙ پتي ٿي ويا. گانگٽ، اسپنج ۽ ٻين آبي جيون بابت دلچسپ معلومات. سنڌو نديءَ جي انڊس ڊولفن يا انڌي ٻلهڻ بابت تفصيلي ڄاڻ. سنڌوءَ جي لذيذ ترين پلي مڇيءَ بابت تفصيلي ۽ دلچسپ مضمون. ڳاڙهي، نيري، اڇي ۽ ڪاري سمنڊ بابت معلومات. کاري ۽ مٺي سمنڊ بابت حقيقتون ۽ معلومات ۽ ٻيا به کوڙ پڙهڻ جهڙا ليک شامل آهن.
    هي ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون سائين الطاف شيخ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    انتساب ڏيپلي جينيول آفيسر ڪموڊور اقبال احمد ميمڻ نالي

    انتساب
    ڏيپلي جي هڪ قا بل ۽ ذهين نيول آفيسر ڪموڊور
    اقبال احمد ميمڻ نالي

    ڏيپلي ۾ جنم وٺندڙ، ڪموڊر اقبال ميمڻ جي وفات جو ڏاڍو ڏک اٿم بلڪه صدمو رسيو اٿم. هن ڪجهه عرصي کان چاق نه هجڻ جي ڳالهه ڪئي پئي پر بيمار ڪير نٿو ٿئي. دل جون آپريشنون ڪرايو به پيا هلن چلن. سندس اوچتي وفات جي خبر کي ذهن قبول ئي نٿي ڪيو ته اڄ اقبال جيڪو اسان کان به ڏهه سال ننڍو هو اسانکي ڇڏي ويو. ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جتي ڇهه سال رهي ننڍڌي هوندي کان اها ڳالهه دماغ ۾ کُپي وئي ته هر ڳالهه ”واري“ تي ٿيڻي آهي. پهرين سينيئر پوءِ جونئر. تقريبن انهي سيريز ۾ ڪاليج مان پاس آئوٽ ٿياسين، سول يا مليـٽري اڪيڊمين ۾ وياسين، نوڪريون ڪيونسين شاديون ڪيونسين ۽ هر بئچ هڪ ئي وقت 60 سالن جي ٿيڻ تي، رٽائرڊ ٿياسين ۽ دماغ ۾ ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ اهو وهم ويٺل آهي ته ڪئڊٽ ڪاليج ڇڏڻ جيان هي جهان به واري تي ڇڏڻو آهي يعني پهرين سينيئر بئچ جا پوءِ جونئر بئچن جا. پر نه. موت سان اهو فارمولو هرگز نٿو لڳي. موت برحق آهي ۽ موت جو وقت ۽ جاءِ هر انسان لاءِ مقرر آهي ۽ اهو به مڃون ٿا ته گلن جهڙا ٻارڙا هليا ٿا وڃن ته ڪٿي بيحد وڏي عمر جا به پيا جيئن. اهي قانون قدرت جا ئي آهن جو ڪٿي جڏا به پيا جيئن ته ڪٿي مرڪندا موت جي منهن ۾ هليا وڃن. هڪ مسلمان جي حيثيت ۾ اهو سڀ ڪجهه سمجھندي به خبر ناهي ڇو اقبال جهڙن عظيم انسانن جي موت تي دل چوي ٿي ته:
    ڇني گل گلاب جا ڪيئي ڌارون ڌار
    ساڙي موت ميار، ايڏو ساڙ سڳنڌ سان
    مٿيون شعر شيخ اياز جو آهي. هن وقت منهنجي دل تي ساڳي مفهوم تي شاهه جو شعر به تري آيو آهي:
    ”مون ڀانيو مون وٽ، هميشه هوندا پرين،
    ويڙهو ڏيئي ويڪرو، پهري ويا پَٽِ
    ساهه جنين جي سَٽِ، وڪيم ٿي وڻڪار ۾“
    اقبال ننڍي هوندي کان هڪ نرالو انسان رهيو. جنهن تعليم توڙي نوڪريءَ دوران پنهنجي قابليت جي بنياد تي ٻين کي حيرت ۾ وجھي پئي ڇڏيو. ڇا اها حيرت جي ڳالهه ناهي ته اڄ کان چاليهه پنجيتاليهه سال اڳ جڏهن اسان وٽ نه ٽي وي هئي نه ڪمپيوٽر، نه موبائيل فون هئا نه وڊيو گيم.... معلومات حاصل ڪرڻ ۽ وندر لاءِ فقط سرڪاري قومي ريڊيو اسٽيشن ۽ بي بي سي، ايران زاهدان ۽ ڀر واري ملڪ جي ”احمد آباد بـڙودا“ ريڊيو اسٽيشن هئي، سنڌي جي هڪ ڏورانهين ڳوٺ ”ڏيپلو“ جو 13 سالن جو ڇوڪرو معلومات، انگريزي ۽ حسابن جو انٽري ٽيسٽ ۽ انٽرويو پاس ڪري ڪئڊت ڪاليج ۾ چونڊجي اچي جتي انهن ڏينهن ۾ سڄي پاڪستان مان شاگرد کنيا ويا ٿي ۽ گهڻا تڻا وڏن شهرن جي گرامر ۽ ڪانوينٽ (مِشنري) اسڪولن جا شاگرد هوندا هئا جيڪي ڳالهائڻ ۾، خاص ڪري انگريزيءَ ۾ اهڙو تيز هوندا هئا جو اسان جهڙا هالا، دادو، خيرپور، ميرپور جهڙن سنڌ جي شهرن جا به هيسجي ويندا هئاسين. اهڙي ماحول ۽ مقابلي ۾ اقبال هميشه نمبر کنيو..... پڙهائي ۾ توڙي تقريرن ۽ راندين ۾. اسان جي ڳوٺن ۾ والي بال، فٽ بال ۽ ڪرڪيٽ ته کيڏي وڃي ٿي پر هاڪي هرگز نه. اقبال ٻين راندين ۾ ته نالو پئدا ڪيو پر هاڪيءَ ۾ پڻ ايتري قدر جو ڪاڪول ۾، پاڪستان مليٽري اڪيڊمي خلاف هاڪي کيڏي. هو نيول اڪيڊمي ۾ به هاڪي ٽيم جو ميمبر ٿي رهيو ۽ هڪ دفعو ته هنن پيٽارو وارن سان به هاڪي مئچ کيڏي هئي جنهن ۾ اقبال ٻه گول ڪيا هئا.
    اسانجي ڏينهن جي انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس کي هر وقت اهو اونو هوندو هو ته ڳوٺن کان آيل شاگردن جي انگريزي بهتر بڻائي وڃي جيئن هو پاڪستان جي فوجي ڪاليجن ۾ وڃي بحث مباحثن ۾ انعام کٽي اچن. مٿين ڪلاس، يعني انٽر ۾ پهچي مون هڪ ڏينهن پنهنجي پرنسپال صاحب کي چيو ته: ”توهان فقط وڏن شهرن جي ڪانوينٽ اسڪولن مان پيٽارو لاءِ شاگرد ڇو نه ٿا کڻو جڏهن ته سنڌ جي ڳوٺن جي ٻارن جي انگريزي سٺي ناهي ۽ هو توهان لاءِ پريشانيءَ جو باعث بڻجن ٿا؟
    هن يڪدم چيو ته ”ائين ناهي ڳوٺن جا ڇوڪرا کڻي انگريزي ڳالهائڻ ۾ ڪمزور آهن پر هنن جي هئنڊ رائيٽنگ ۽ گرامر ٻين کان سٺي آهي. ان کان علاوه هو مئٿس ۽ ٻين سبجيڪٽن ۾ ذهين ٿين ٿا“..... ۽ پوءِ جڏهن اسان انٽر جو امتحان ڏنو ته ڳوٺ وليد (لاڙڪاڻي) جو اختر عباسي سڄي بورد ۾ پهريون نمبر آيو..... اسان کان هڪ سال جونئر شاهه پنهنجو سلطان (دادو) جو غلام محمد سومرو نه فقط انٽر ۾ مٿانهين نمبر سان پاس ٿيو پر B.E جي امتحان ۾ به فرسٽ ڪلاس فرسٽ آيو. ان بعد جهانگارا باجارا جو اقبال ترڪ انٽر جي امتحان ۾ سڄي بورڊ ۾ پهريون نمبر آيو. ڏيپلي جو اقبال ميمڻ مون کان گهڻو گهڻو ننڍو آهي اٽڪل ڏهه سال کن پر اڄ آئون اهو سوچي حيرت زده ٿيو وڃان ته ڏيپلي جو اقبال ميمڻ مون کان گهڻو گهڻو ننڍو آهي اٽڪل ڏهه سال کن پر اڄ آئون اهو سوچي حيرت زده ٿيو وڃان ته ڏيپلي جي هڪ ننڍڙي سرڪاري اسڪول مان پيٽارو ۾ آيل ٻار نه فقط پيٽارو ۾ نالو پئدا ڪيو پر اڳتي هلي نيول اڪيـڊميءَ ۾ به جتي آخري سال ۾ هن کي ڪئڊٽ ڪئپٽن بڻايو ويو هو. اقبال 1976ع ۾ نيول اڪيڊميءَ مان مڪينيڪل انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد لنڊن جي مشهور انجنيئرنگ يونيورسٽي مان نيول آرڪيٽيڪچر ۾ پوسٽ گرئجوئيشن ڪئي ۽ بعد ۾ پاڪستان مان War Studies ۾ به گرئجوئيشن ڪئي.
    اقبال اهو نيوي جو انجنيئر آهي جنهن ڪيترائي بحري جهاز خاص ڪري آب دوز (Submarines) ٺاهيون. هي پاڪستان جو واحد نيول آفيسر آهي جنهن هر قسم جي جهاز ۽ سب مئرين جي ڪنسٽرڪشن ۾ حصو ورتو.
    اقبال 10 اپريل 1954ع ۾ ڏيپلي جي هڪ پڙهيل ڳـڙهيل فئملي ميان محمد موسيٰ ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. اقبال جو ڏاڏو احمد علي ميمڻ صاحب ڏيپلي جو وڏو حڪيم هو ۽ والد صاحب جو واسطو روينيو سان هو. هن فئمليءَ جو ادب سان وڏو واسطو رهيو آهي. اقبال هي هڪ ننڍي ڀيڻ ڊاڪٽر پروين ميمڻ تعليمي ادارن ۾ هڪ اهم شخصيت آهي پاڻ سنڌيءَ ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪيائين ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جي مصنفه آهي.
    جيئن ته: سنڌي ادب جو جائزو، 2 ـــ سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس، 3 – آديسين ادب آهي اکڙين ۾، 4 – اٿي رائو ريل، سون ورنيون سوڍيون، 6- اخلاقي قدر، 7- وس سو وهاءِ ۽ 8- سنڌي ادب: تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو. سندس پي. ايڇ. ڊي ۾ سبجيڪٽ هو ”سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ عورتن جو حصو.“
    اقبال جو وڏو ڀاءُ آفتاب ميمڻ به ”پيٽارين“ آهي يعني پيٽارو مان پڙهيو. سندس ڪٽ نمبر 467 آهي ۽ هو پيٽارو ۾ ان سال آيو جنهن سال آئون انٽر ڪري پيٽارو ڇڏي رهيو هوس.... يعني 1963 ۾ آفتاب به ماشاءَالله هر فن مولا رهيو آهي. هن مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾ گرئجوئيشن ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي مان قانون (LL.B) جي ڊگري حاصل ڪئي. ان بعد سي ايس ايس جو امتحان ڏيڻ بعد هو مختلف کاتن ۾ ڊائريڪٽر، سيڪريٽري ۽ ضلعن جو ڊپٽي ڪمشنر رهيو. مون کي اها خبر ناهي ته هن جي مختلف ادارن ۾ ڪهڙي ڪارڪردگي رهي پر اسان پيٽارين هن کي جنهن پوسٽ ـــ ”صدر پيٽارو ايسوسيئيشن“ لاءِ چونڊيو اها هن خوب نباهي. پيٽارو اولڊ بئائز جن ۾ نه فقط سرڪاري ڪامورا پر فوجي، سياستدان ۽ بزنيس مين ۽ زميندار به آهن، انهن کي منهن ڏيڻ ڪا آسان ڳالهه ناهي پر جنهن چٽ ۽ لٺ سان، ڪڙڪي ۽ پيار محبت سان هو سڀني کي ريجھائيندو، پرچائيندو ۽ گڏ کڻي هلائيندو رهيو ان لاءِ هن کي Credit هجي ۽ هو نه فقط هڪ دفعو، پر ٻه دفعا ”صدر“ چونڊيو ويو. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود جيڪا ڳالهه اقبال جي هن ڀاءُ آفتاب ۾ هئي ۽ جنهن جو گهڻو قدر ڪريان ٿو اها آهي هن جي طاقتور لکڻي. آفتاب سرڪاري نوڪريءَ ۾ اچڻ کان اڳ به هن اخبارن ۾ لکيو خاص ڪري هلال پاڪستان ۽ ميرپور خاص مان نڪرندڙ اخبار خادم وطن ۾ جيڪا اتي جو رهاڪو سردار لطف الله دل ڪڍندو هو. 2010ع ۾ سرڪاري نوڪريءَ مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد هن وري لکڻ پڙهڻ جو ڪم شروع ڪيو آهي. سندس هر اربع ڏينهن سنڌي ۽ اڙدو اخبارن ۾ ڪالم اچي ٿو ۽ سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن جيئن ته: (1) هر پل صليب ٿي، (2) نيل نديءَ ڪناري (3) نيٺ ته ڊهندي، (4) قابلِ رحم قوم (اڙدو) ۽ (5) حيڪر آئون هياس.
    اقبال ڇهه ڪلاس ڏيپلي ۾ ئي پڙهيا. جڏهن پيٽارو ۾ ستين ڪلاس ۾ داخلا ورتي ته ان وقت هن کي اها ڪهڙي خبر ته سندس هڪ ڪلاس ميٽ ۽ روم ميٽ آصف علي زرداري اڳتي هلي هڪ اهم شخصيت آ ۽ ملڪ جو صدر بنبو. هي ٻئي ڄڻا داخلا لاءِ پيٽارو ۾ ساڳي ڏينهن تي آيا هئا. اقبال جلدي پنهنجو نالو پڙهائي ۽ راند روند ۾ نمايان ڪيو. ٻارهين ڪلاس ۾ هو قاسم هائوس جو ”سيڪشن ليڊر“ ٿي رهيو.
    هتي اهو لکندو هلان ته آصف کي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ ڇڏڻ لاءِ منهنجو والد گل محمد شيخ آيو هو. منهنجو والد ۽ حاڪم علي زرداري سٺا دوست هئا. انهن ڏينهن ۾ منهنجو والد ٺٽي ۾ ڊپٽي ڪمشنر هو ۽ هو ڪنهن ڪنهن آچر تي ڪراچيءَ حاڪم زرداري وٽ بامبينو سئنيما ايندو هو جتي سندن ٻه ٻيا دوست علي نواز وفائي صاحب ۽ ڪئپيٽل هوشل جو مالڪ محمد علي به ايندو هو. مون آصف کي پهريون دفعو 1965ع ۾ ڏٺو جڏهن هو ڪلاس ڇهين يا ستين جو شاگرد هو. حاڪم علي صاحب جي صلاح مشوري سان هن کي ٻئي سال 1966ع ۾ منهنجو والد ڪراچيءَ کان ڳوٺ هالا ايندي، رستي تي پيٽارو ۾ ڇڏيندو آيو ۽ جيڪو ڪمرو آصف کي مليو هو اهو اقبال کي به مليو هو جيڪو پنهنجي والد موسيٰ صاحب سان آيو هو.
    هتي اهو به لکندو هلان ته پيٽارو ۾ هر سال اقبال، جاويد ۽ خالد جهـڙن نالن وارو هڪ يا ٻه ڪئڊٽ اچي ويا ٿي ۽ اسان لاءِ ”اقبال ميمڻ“ معنيٰ ڏيپلي جو پاڪستان نيوي وارو ڪموڊور اقبال. پر ڏيپلي جي رهاڪن لاءِ فقط ”اقبال ميمڻ“ سان هن جي سڃاڻپ ٿيڻ ڏاڍي ڏکي آهي جو ڏيپلي ۾ اقبال، آفتاب، نثار جهـڙن نالن وارا توهان کي ويهه ٽيهن کان به مٿي ملندا ۽ تقريبن سڄي شهر جي ذات ميمڻ آهي. سو ڏيپلي جي ميمڻن ۾ ”سب ڪاسٽ“ به آهي جيئن هالا جا ميمڻ يونساڻي، گاجڻي، تورپاڻي، باجھواڻي، عيساڻي ويندي بنگالي، جپاني، موڏر، ڪنهاڙ ڊگا جهڙين Sub castes ۾ ورهايل آهن تيئن اسان وارو ڪموڊور اقبال ميمڻ يا هعنج جا ڀائر ڀينر: آفتاب، نثر، پروين، شييرين، شاهد، خالد ۽ طارق وغيره قاسماڻي سڏجن ٿا. سندس گهر واري مسز ممتاز (غلام حسين ميمڻ صاحب جي ڌيءَ) ”طاهراڻي“ سڏجي ٿي. اسانجو ڪلاس ميٽ انجنيئر محمد موسيٰ ميمڻ ۽ سندس وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر الهورايو ”محمداڻاني“ سڏجن ٿا. ڏيپلي جي مشهور ڊاڪٽر مرحوم محمد صالح ميمڻ جي Sub Caste ”ڪمناڻي“ هئي ۽ ڊاڪٽر سڄڻ جي ”الهه ڏتاڻي“. اهڙي طرح پيٽارو ۾ اسان کان هڪ سال جونئر علي نواز ميمڻ ڏيپلي ۾ ”ڀليڏناڻي“ ۽ عبدالرحمان عمر ”مهراڻي“ آهي.
    انٽر بعد اقبال پاڪستان نيوي Join ڪئي. وڌيڪَ تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ گڏ هو نيويءَ جي مختلف جهازن تي رهيو جن مان هڪ فريگيٽ پي اين ايس ”عالمگير“ ۽ سب مئرين ”حرمت“ پڻ آهن. 1981ع کان 1985ع تائين هو پاڪستان نيوي جي ڊاڪيارڊ جو آفيسر انچارج رهيو ۽ نارمل مرمت کان علاوه هن جي ڏينهن ۾ ڊاڪيارڊ ۾ ڪيترائي ٽگ، فيريون، فلوٽنگ ڊاڪ، واٽر بارجز ۽ Demagnetizer جهاز ٺهيا. 1988ع ۾ هن ”مڊ گيٽ سب مئرين“ جي ڪنسٽرڪشن جي ڊاڪ يارڊ ۾ سهولت قائم ڪئي ۽ اٽلي وارن جي سهڪار سان هن سب مئرين ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيو.
    1994ع ۾ جڏهن هو پاڪستان جي پهرين ٺهيل جنگي جهاز جو انچارج هو ته هن کي صدارتي ايوارڊ ”تمغه امتياز“ مليو. نوڪري دوران ڪموڊور اقبال کي صلاحڪار جي حيثيت ۾ ٻن سالن لاءِ عرب امارات جي نيويءَ لاءِ موڪليو ويو هو. ان بعد انگلنڊ، فرانس ۽ اٽليءَ ۾ هلندڙ مختلف پروجيڪٽن ۽ ڪورسن لاءِ پڻ موڪليو ويو. سال 2005ع ۾ ڪموڊور (جيڪا آرمي جي برگئڊيئر رئنڪ برابر آهي) ٿيڻ تي، عرب امارت حڪومت جي سخت ضررورت تي، هن کي پاڪستان نيويءَ مان رٽائرمينٽ وٺي ابو ڌابي وڃڻو پيو جتي جي ڊفينس منسٽريءَ هن کي ماڊرن ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ لاءِ فرانس ۾ رکيو.
    ڪموڊور اقبال ميمڻ 2005ع ۾ انگلنڊ جي RINA (رايل انسٽيٽيوٽ شآف نيول آرڪيٽيڪٽس) جو ميمبر پڻ چونڊيو ويو. پاڪستان نيوي اسٽاف ڪاليج ۾ هن پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. پنهنجي وڏي ڀاءُ آفتاب ميمڻ وانگر هن به اسانجي پيٽارين ائسوسيئيشن جي تمام گهڻي خذمت ڪئي. هو ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران ڪيترائي دفعا پيٽارين جي مئنيجنگ ڪميٽي جو ميمبر رهيو. جتي آفتاب چڙ جو تکو ۽ ڳالهائڻ جو ڪڙڪ آهي اتي هي م رحُم تمام ٿڌي طبيعت جو ۽ هر هڪ سان مٺو ڳالهائڻ وارو هو. سندس انهن ئي خوبين جي ڪري اسان سينئرن هن کي تمام گهڻو ڀانئيو ٿي ۽ جونئرن هن جي بيحد گهڻي عزت ڪئي ٿي. بقول اسان جي هڪ پيٽارين ساٿي قاضي زوالقدر صديقي جي.
    “Iqbal was a very humble & thoroughly gently person and it was a great pleasure to have known to him”
    هونءَ ته ڪموڊور اقبال ميمڻ زندگي جي هر جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪندو رهيو چاهي تعليم هجي يا راند روند، جهازراني هجي يا جهاز سازي پر بقول سندس وڏي ڀاءَ آفتاب ميمڻ جي آڪٽوبر 2015ع تي شام جو ٽي وڳي هو ڪئنسر جي موذي مرض سان وڙهندي پنهنجي جنگهارائي ويٺو.... پر ائين نه چوندس ته هن هارايو آهي. هن هارايو ناهي پر فتح جي لاءِ هو اسان جي اکين کان پري ٿي ويو آهي. هن جي اصل فتح انشاءَالله العزيز جنت الفردوس جا اهي اعليٰ درجا آهن جيڪي اهڙن مومنن ۽ ثوم وصلواة جي پابند انسانن لاءِ مقرر آهن جن ڪڏهن ڪنهن جي دل نه رنجائي....“
    مرحوم اقبال جي 31 آگسٽ 1979ع تي ڏيپلي ۾ شادي ٿي ۽ اولاد ۾ ٽي پٽ: آصف، سلمان ۽ حارث آهن جيڪي دبئي ۽ ابوڌابي ۾ رهن ٿا جتي سندن والد صاحب زندگي جا آخري سال نوڪري ڪئي.

    الطاف شيخ
    14 نومبر 2015ع


    الطاف شيخ جو ادبي ۽ سامونڊي سفر : محمد سليمان وساڻ

    سرزمين هالا ۾ 14 نومبر 1944ع تي ڄمڻ واري هن سفرناما نگار جو پورو نالو الطاف احمد شيخ ۽ قلمي نالو ’الطاف شيخ‘ آهي. الطاف شيخ جي والد جو نالو گل محمد شيخ ۽ والده جو شريفان آهي جن جو تعلق پڙهيل لکيل خاندانن سان هو. الطاف شيخ جو والد اڃان ڪلاس ٻئي ۾ هو ته انهن جي والد يعني الطاف شيخ جي ڏاڏي عبدالرحيم شيخ جي وفات ٿي وئي. ان بعد کين والده مريم ۽ مامي ماستر محمد وريل نپايو. هنن نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ۽ انٽر سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان پاس ڪرڻ بعد ائگريڪلچر سائنس ۾ B.Sc پوني (انڊيا جي اڄ جي رياست مهاراشٽرا جي شهر) جي يونيورسٽي مان ڪئي ۽ بعد ۾ M.Sc آمريڪا جي ڪارنيل يونيورسٽي (اٿيڪا شهر) مان ڪئي جيڪو شهر نيويارڪ رياست ۾ آهي. B.Sc ڪرڻ بعد الطاف جي والد ڪراچيءَ مان شيخ اياز (مشهور شاعر) سان گڏ مسلم لا ڪاليج ڪراچي مان قانون جي ڊگري LL.B پڻ حاصل ڪئي ۽ ڪجهه عرصو جسٽس عبدالرحمان مرزا (جسٽس حامد علي مرزا جو والد ۽ الطاف جي نانيءَ جو وڏو ڀاءُ) وٽ وڪالت ڪئي ان بعد PCS جو امتحان ڏئي مختيار ڪار ٿي رهيا. 1955ع ڌاري آمريڪا طرفان ٽنڊو ڄام ۾ کوليل ’وليج ايڊ ڪاليج‘ جا هو پرنسپال ٿيا. وليج ايڊ کاتو بند ٿيڻ تي پاڻ وري روينيو کاتي ۾ آيا ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي پوسٽ تان رٽائرڊ ٿيا. کين پڙهڻ لکڻ جو تمام گهڻو شوق هو جنهن لاءِ هو پنهنجن ٻارن جي به هر وقت همت افزائي ڪندو هو. ايتريقدر جو الطاف جيتوڻيڪ اسڪول يا ڪاليج ۾ اڙدو نه پڙهيو پر کيس گهر ۾ اڙدو پڙهڻ سيکاريو ويو. پاڻ کيس هميشه اهو چوندا هئا ته اڙدو اهم زبان آهي جنهن ۾ تمام گهڻا اسلامي ڪتاب آهن جن کي پڙهڻ لاءِ اڙدو سکڻ ضروري آهي. الطاف جي والد جا خاص سبجيڪٽ ائگريڪلچر ۽ ائنٿروپالاجي هئا ۽ پاڻ مختلف موضوعن تي ڪڏهن ڪڏهن اخبارن ۾ ڪالم به لکيا ۽ سنڌيءَ ۾ سندن چار ڪتاب پڻ ڇپيل آهن، جهڙوڪ: ماڪوڙي، ماکيءَ جي مک، ڪوريئڙو ۽ گڏهه. ”گڏهه“ ڪتاب الطاف جي والد گل محمد شيخ پنهنجن دوستن ۽ ڪلاس ميٽن: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اڳوڻي VC ، سيد غلام مصطفيٰ شاهه سابق وي سي ۽ جلباڻي صاحب سان گڏ لکيو.
    الطاف شيخ جو نانو سيٺ محمد حسن سومرو جيتوڻيڪ بزنيس مئن هو. هن حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشن ڀرسان تاريخي هوٽل ”سنڌ زميندار“، هلائي ٿي پر کيس ادب سان به شوق هو ۽ پنهنجن ڏوهٽن پوٽن کي پنهنجي گهر جي لئبرري مان ڪتاب کڻي ڏيندو هو ته هو پڙهن. الطاف سندس ڏوهٽن پوٽن ۾ وڏو آهي جنهن تي هن گهڻو زور ڏنو. ان کان علاوه الطاف جڏهن پنهنجي ناني جي گهر حيدرآباد ويندو هو ته هن جي اتي مشهور مزاحيه ليکڪ حليم بروهيءَ ۽ عرض محمد شيخ سان به ملاقات ۽ ادبي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي جيڪي سندس ناني جي وڏين ڀيڻين غلام فاطمه بروهي ۽ زينت شيخ جا پٽ هئا.
    الطاف شيخ پرائمري تعليم جا چار درجا هالا جي سرڪاري اسڪول ۾ پڙهيا جتي جي استادن جي الطاف وقت بوقت پنهنجي ڪالمن ۾ تعريف ڪئي آهي ته اهي محنتي، ايماندار ۽ Devoted هئا ۽ هنن پنهنجن شاگردن جي تعليم سان گڏ تربيت ۽ اخلاق تي پڻ ڌيان ڏنو ٿي. انهن ۾ هڪ ته الطاف جي والد جو مامو ماستر ڄام محمد وريل ميمڻ هو ۽ ٻيا هئا سائين محمد بچل قريشي، محمد اشرف قريشي، يار محمد تورپيو، عبدالهادي شيخ وغيره..... جن لاءِ الطاف لکيو آهي ته هنن درس تدريس کي پيغمبري پيشو سمجھي نڀايو ٿي.
    پرائمريءَ جا چار درجا پڙهي الطاف پنهنجي ڳوٺ هالا جي جھوني اسڪول مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي. انهن ڏينهن ۾ ڏهن ڪلاسن بعد نه پر يارهين ڪلاسن بعد مئٽرڪ ٿيندي هئي. چار درجا پرائمري جا جن ۾ صبح جو 8 کان 12 تائين ۽ وري شامَ جو ٻيو دفعو 2 بجي کان 5 تائين اسڪول وڃڻو پوندو هو ان بعد هاءِ اسڪول ۾ پهرين درجي انگريزيءَ ۾ داخلا وٺبي هئي ۽ اتي ست سال يعني ستين درجي (مئٽرڪ) تائين پڙهڻو پوندو هو. الطاف انگريزي اسڪول جي ٻئي درجي ۾ پهتو ته ڪئڊٽ ڪاليج کلڻ جو اعلان ٿيو جنهن ۾ چوٿين درجي ۾ داخلا لاءِ اخبارن ۾ اشتهار آيا هئا. هالا جي هن اسڪول مان الطاف کان هڪ سال سينيئر شاگرد شفيق الرحمان چنا ان ۾ داخلا ورتي جنهن کان موڪلن ۾ ڪئڊٽ ڪاليج جون ڳالهيون ٻڌي الطاف شيخ کي به شوق ٿيو ۽ ٻئي سال ٽيون درجو پاس ڪرڻ بعد ڪئڊٽ ڪاليج ۾ داخلا ورتي. انهن ڏينهن ۾ جيئن ته اڄ واري ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي عمارت اڃان نه ٺهي هئي ان ڪري الطاف ٻه سال ڪئڊٽ ڪاليج جي ميرپورخاص واري عمارت ۾ تعليم حاصل ڪئي، جنهن بعد 1960ع ۾ هي ڪاليج ميرپور خاص کان پيٽارو شفٽ ٿي ويو ۽ الطاف 1961ع ۾ مئٽرڪ ۽ 1963ع ۾ انٽر پاس ڪئي. 1960ع تائين جيئن ته سنڌ ۾ سيڪنڊري بورڊ آف ايڊيوڪيشن وارو سسٽم اڃان شروع نه ٿيو هو ان ڪري الطاف ۽ سنڌ جي ٻين شاگردن کي ان وقت تائين مئٽرڪ جو سرٽيفڪيٽ سنڌ يونيورسٽي طرفان ئي ملندو رهيو. انٽر پاس ڪرڻ تائين حيدرآباد ۾ بورڊ جي وجود اچڻ ڪري 1963ع ۾ انٽر جو سرٽيفڪيٽ ”سيڪنڊري بورڊ آف ايڊيوڪيشن“ طرفان ڏنو ويو. سکر وارو بورڊ گهڻو گهڻو پوءِ ٺهيو.
    الطاف شيخ کي هالا جي هاءِ اسڪول ۾ به بهترين استاد مليا ۽ بقول سندس جي ته ”انهن جهڙا اڄ به فقط اڌ معيار جهڙا استاد ٿي پون ته سنڌ جي قسمت بدلجي وڃي“. سائين غلام رضا ڀٽو (جيڪو هيڊ ماستر هو ۽ بعد ۾ ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن ۽ ٻين عهدن تي رهيو)، سائين محمود ابڙيجو، عبدالرحيم ارباب، ظفر علي ارباب، دادوءَ جو باغ علي سهاڳ ۽ سائين الله بخش انصاري انهن مان ڪجهه هئا. هالا جو هي اسڪول 1944ع ۾ قائم ٿيو جنهن جو تعليمي معيار اڄ به بهتر سمجهيو وڃي ٿو .... هن اسڪول مان ملڪ جا ڪيترائي مشهور تعليمدان (عبدالرحمان ميمڻ مهراڻ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر، عبدالقدوس علوي NED يونيورسٽي جو VC، ڊاڪٽر حسن ميمڻ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسپال، عبدالرزاق ميمڻ اليڪٽرانڪس ۾ Ph.D ۽ دائود انجنيئرنگ ڪاليج جو پرنسپال، ڊاڪٽر الطاف گاجڻي ميمڻ نيويارڪ جي يونيورسٽي جو ڊين ۽ ٻيا) ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان ۽ فوجي تعليم حاصل ڪري نڪتا ۽ هن شهر لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن جي هر گهٽيءَ ۾ هڪ کان وڌيڪَ Ph.D رهي ٿو.
    اهڙي طرح الطاف خوش نصيب آهي جو هن کي ڪئڊٽ ڪاليج ۾ به سٺا استاد مليا جن الطاف کي groom ڪيو ۽ ادبي دنيا ۾ آڻڻ لاءِ تيار ڪيو. خاص ڪري ڪاليج جي انگريز پرنسپال ڪرنل جي ايڇ ايڇ ڪومبس، ايڊجيوٽنٽ ڪئپٽن عالم جان محسود (جيڪو فوج ۾ جنرل جي پوسٽ تي پهچي رٽائرڊ ٿيو)، انگريزي جو ٽيچر عبدالله خادم حسين جيڪو اڳتي هلي تعليم کاتي جو فيڊرل سيڪريٽري ٿيو ۽ ڪمانڊر اسرار الله وغيرهه جن الطاف ۽ ٻين شاگردن کي گهڻي کان گهڻا ڪتاب پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ زور ڏنو. الطاف مئٽرڪ کان وٺي ان وقت هلال پاڪستان، گلستان، بادل، ڳوٺ سڌار جهڙن رسالن ۾ هلڪا ڦلڪا مضمون لکڻ شروع ڪيا ۽ ڪاليج جي مئگزين جي سنڌي سيڪشن جو ايڊيٽر ٿيو.
    ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر ڪرڻ بعد جتي الطاف جي ٻين ڪلاس ميٽن ’پاڪستان نيوي‘ يعني جنگي جهاز جي تربيت لاءِ ڪراچيءَ جي ”پاڪستان نيول اڪيڊميءَ“ ۾ داخلا ورتي اتي هن مرچنٽ نيويءَ (مال برادر ۽ مسافر کڻندڙ جهازن کي هلائڻ) لاءِ ان وقت چٽگانگ (چاٽگام) ۾ نئين کليل ”پاڪستان مئرين اڪيڊميءَ“ ۾ داخلا ورتي. چٽگانگ بندرگاهه بنگلاديش ۾ آهي جيڪو ان وقت مشرقي پاڪستان سڏيو ويو ٿي.
    الطاف کي چٽگانگ (بنگال صوبي) جي موسم ۽ ماحول سنڌ کان بيحد مختلف لڳو.... چوڌاري ساوڪ ۽ وڻ وڻڪار.... هر وقت جهڙ ۽ مينهوڳي.... جتي ڪٿي درياهه ۽ نهرون جن ۾ هلندڙ آگبوٽ ۽ ٻيڙيون. الطاف پنهنجي بنگالي دوستن کان يڪدم ٿوري گهڻي بنگالي ٻولي سکي ورتي ۽ موڪلن ۾ سندن ڳوٺن ۾ به وڃڻ لڳو. ان بابت هو دلچسپ ڳالهيون ”دريائن جي ديس مان“ هر هفتي مهراڻ اخبار ۽ هلال پاڪستان رسالي ڏي موڪلڻ لڳو. انهن ڏينهن ۾ هلال پاڪستان روزنامه اخبار نه پر ماهوار رسالو هئي.
    چٽگانگ ۾ الطاف کي ڪيترائي سنڌ جا سنڌي ڳالهائڻ وارا به ملي ويا. هڪ ته سندس ڳوٺائي هالا جو عبدالغفار انصاري انجنيئر هو جنهن جي 1971ع واري لڙائي ۾ گمشدگي اڃان تائين معمو بڻيل آهي. مٽيارين جو صابر شاهه ۽ خاص ڪري چٽگانگ ميڊيڪل ڪاليج جو شاگرد نعيم دريشاڻي جنهن ان وقت کان شاعري ڪئي ٿي ۽ سندس شاعري سهڻي ۽ روح رهاڻ رسالن ۾ ڇپبي هئي. شڪارپور جي هن ڊاڪٽر نعيم دريشاڻيءَ (جيڪو اڳتي هلي ”ڪن نڪ ۽ گلي“ جو ماهر سرجن ۽ پروفيسر ٿيو) الطاف کي مٿين رسالن جي ايڊيٽرن طارق اشرف ۽ حميد سنڌي سان متعارف ڪرايو ۽ اڳتي هلي جڏهن الطاف جهاز هلائڻ شروع ڪيا ته سامونڊي سفرن جو احوال ۽ ڪهاڻيون عبرت اخبار کان علاوه سهڻي ۽ روح رهاڻ رسالي ۾ پڻ ڏيندو رهيو. سندس سفرنامي جو پهريون ڪتاب ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ سهڻي پبليڪيشن وارن سن 1969ع ۾ ڇپرايو جنهن کي ”پاڪستان رائيٽرس گلڊ طرفان“ بيسٽ بڪ آف دي ييئر قرار ڏنو ويو. هن ڪتاب کان اڳ الطاف جو ”اناميڪا“ نالي بنگالي ڪهاڻين جو ترجمو 1965ع ۾ تڏهن ڇپيو جڏهن هو مئرين انجنيئرنگ جي ورڪ شاپ ٽريننگ ڪراچي شپ يارڊ ۾ وٺي رهيو هو.
    مرچنٽ نيوي جي جهازن هلائڻ ۽ ٺاهڻ جي تعليم لاءِ دنيا جي مئرين اڪيڊمين (يا ميريٽائيم اڪيڊمين) ۾ چونڊيل ڪئڊٽن (شاگردن) جون ٻه برانچون ٿين ٿيون: هڪ ناٽيڪل ۽ ٻي انجنيئرنگ. ناٽيڪل برانچ وارا ڪئڊٽ نيويگيشن، Astronomy ، ڪارگو ورڪ، چارٽ ورڪ، Spherical ٽرگناميٽري، Ship Stability جهڙا سبجيڪٽ پڙهن ٿا ۽ مختلف پوسٽن تان ٿيندا آخر جهاز جا ڪئپٽن ٿين ٿا ۽ انجنيئرنگ ڪئڊٽ نيول آرڪيٽيڪٽر، شپ ڪنسٽرڪشن، فيول ٽيڪنالاجي، ٿرموڊائنامڪس، مشين ڊرائنگ جهڙا سبجيڪٽ پڙهن ٿا. تعليم ۽ ورڪ شاپ ٽريننگ بعد هو جهاز تي جونئر انجنيئر (ففٿ انجنيئر) جي رئنڪ سان چڙهن ٿا ۽ هر دفعي مختلف مدي لاءِ (اٽڪل 21 مهينا) لڳاتار سمنڊ تي جهاز هلائڻ بعد ترقي لاءِ مقرر امتحان ڏين ٿا جيڪي دنيا جي ڪيترن ئي بندرگاهن ۾ ورتا وڃن ٿا ۽ هو مختلف ڏاڪا طئه ڪري آخرڪار جهاز جا چيف انجنيئر ٿين ٿا. گهڻو ڪري دنيا جي هر جهاز تي چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن جو ساڳيو يونيفارم ۽ پگهار آهي پر چيف انجنيئر پنهنجي انجنيئرنگ برانچ جو هيڊ آهي ۽ ڪئپٽن نه فقط پنهنجي ڊپارٽمينٽ (ناٽيڪل) جو هيڊ آهي پر هو جهاز جي مالڪ جي به نمائندگي ڪري ٿو.
    ناٽيڪل ڪئڊٽ ٻه سال مئرين اڪيڊمي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بعد باقي ٻه سال کن جهاز تي ٽريننگ وٺن ٿا ۽ انجنيئرنگ ڪئڊٽ ٻه سال مئرين اڪيڊمي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بعد باقي ٽي سال دنيا جي ڪنهن شپ يارڊ ۾ جتي جهاز ٺهندا هجن يا مرمت ٿيندا هجن، اتي پرئڪٽيڪل ڪن ٿا. چٽگانگ جي ٻن سالن جي تعليم بعد الطاف شيخ جا ڪلاس ميٽ جيڪي ناٽيڪل برانچ جا هئا انهن کي مختلف جهازن تي ”ڊيڪ ڪئڊٽ“ ڪري رکيو ويو انهن ۾ جهانگير حبيب نالي هڪ بنگالي ڪلاس ميٽ الطاف جو دوست به هو. هو تعليم دوران ترڻ جي مقابلي ۾ هميشه پهريون نمبر ايندو هو پر قدرت الاهي اها ٿي جو هن جو جهاز هڪ سفر پورو ڪري جڏهن چالنا بندرگاهه (چٽگانگ جي ويجھو) ۾ پهتو ۽ هو موڪل تي وڃڻ لاءِ جهاز جي ڏاڪڻ تان لهي رهيو هو ته هن جو پير ترڪي ويو ۽ سمنڊ ۾ ڪري پيو. هونءَ ته جهانگير تارو به سٺو هو ۽ سندس مدد لاءِ مٿان لائيف بئاءِ (Buoy) به اڇلايا ويا پر خليج بنگال جي خطرناڪ سامونڊي ڪُنن جو هو مقابلو نه ڪندي دم ڏئي ويٺو. سندس ياد خاطر الطاف شيخ ترجمو ڪيل افسانن جو هي ڪتاب ”اناميڪا“ جهانگير حبيب کي منسوب ڪيو آهي.
    الطاف کي پنهنجي گهر، ڳوٺ جي اسڪول، ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ ته لکڻ پڙهڻ لاءِ سٺو ماحول مليو پر هن کي نوڪري (سمنڊ تي جهاز) هلائڻ دوران به اهـڙو ئي ڪجهه ماحول مليو.... بلڪه ان کان به بهتر. الطاف جڏهن تعليم ختم ڪري 1968ع ۾ جهاز Join ڪيو ته ان وقت ڪنهن ورلي جهاز تي ڪو پاڪستاني آفيسر هو. هر جهاز تي سڀ گورا (يورپي) هئا. هونءَ ته پاڻي واري جهاز هلائيندڙن کي لکڻ پڙهڻ جهڙين شين لاءِ وقت گهٽ ئي ملي ٿو جو هڪ طرف ڪراچي کان ڪولمبو، چٽگانگ، پينانگ، پورٽ ڪلانگ (ڪوالالمپور) سنگاپور، بئنڪاڪ، هانگ ڪانگ، ٽوڪيو، يوڪوهاما، اوساڪا، نگويا، موجي، پوسان ۽ سيول (يعني پاڪستان کان ڪوريا تائين) ۽ ٻئي طرف ڪراچي کان بندر عباس، عدن، دبئي، دوحا، ڪويت، جدو بندرگاهه وغيره ٻن ٻن يا ٽن ٽن ڏينهن جي سفر تي اچن ٿا ۽ بندرگاهه ۾ جهاز کڻي ٻه چار ڏينهن رهي يا هفتو ٻه.... جهاز جي اٺ ڪلاڪ ڊيوٽي بعد ماڻهو ڪناري جو ئي رخ ڪري ٿو ۽ خريداري نه ته ان بندگاهه جا روڊ رستا، پارڪ سئنيمائون ۽ مشهور جايون گهمڻ ۾ لڳو رهي ٿو.... بندرگاهه ۾ جهاز جي مکيه انجڻ جيڪا جهاز کي هلائي ٿي اها کڻي بند رهي ٿي پر جنريٽر، پمپ، بئائلر ۽ ٻيون مشينون هلنديون رهن ٿيون جن جي ڪري جهاز تي بجلي، ايئر ڪنڊيشن، پاڻي، رڌ پچاءَ لاءِ چلها ۽ سامان لاهڻ چاڙهڻ جي ڪم لاءِ جهاز جون ڊيرڪون (ڪرينون) هلن ٿيون. ان کان علاوه بندرگاهه واري ڊيوٽي ۾ مئرين انجنيئرن کي جهاز جي مقرر مرمت (Routine Maintenance) به ڪرڻي پوي ٿي. سو لکڻ پڙهڻ جهڙن ڪمن لاءِ بندرگاهه ۾ وقت ملڻ مشڪل ٿئي ٿو. سمنڊ تي جڏهن جهاز هلي ٿو ته اتي يڪا 8 ڪلاڪ ڊيوٽي ڪرڻ بدران هر انجنيئر ۽ نيويگيشن آفيسر کي چار ڪلاڪ ڏينهن جو چار ڪلاڪ رات جو ڊيوٽي ڪرڻي پوي ٿي. سمنڊ تي ڊيوٽي بعد البت ڪجهه وقت مليو وڃي پر بندرگاهه ڇڏڻ بعد پهريان ٽي چار ڏينهن بندرگاهه وارو اهڙو ٿڪ رهي ٿو جو هر هڪ ننڊون پوريون ڪرڻ جي چڪر ۾ رهي ٿو ۽ پوءِ جيئن ٿڪ ڀڄي ٿو ته ٻيو بندرگاهه اچيو وڃي ۽ وري ساڳي هل هلان. هر جهازي (جهاز هلائڻ وارو) اهو ئي چاهي ٿو ته هن جو جهاز هر وقت بندرگاهه ۾ رهي ڇو جو سمنڊ تي جهاز هلائڻ جي ڏکي ذميواري واري ۽ جسماني ۽ ذهني طرح پريشان ڪندڙ ڊيوٽي هڪ طرف آهي ته سمنڊ جا لوڏا ۽ سي سڪنيس بيماري ٻي طرف آهي.
    الطاف ان معاملي ۾ خوش نصيب نه رهيو جو الطاف شروع وارا سال جنهن به جهاز تي بدلي ٿي ويو ٿي ان جهاز جي ڊگهي روٽ رهي ٿي.... ڪراچي کان لنڊن، ڪراچي کان ڪيوبا، ٽوڪيو کان لاس اينجلس جنهن ۾ هنجي جهاز کي هندي وڏي سمنڊ، ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ جهڙا وڏا سمنڊ ڪراس ڪرڻا پيا ٿي.... يا وري سندس جهاز روس رومانيا مان سامان کڻي جدي يا دبئي آيو ٿي جيڪو سفر اڄ ڪلهه سئيز ڪئنال کليل هجڻ ڪري هفتي سوا جو آهي پر انهن ڏينهن ۾ يعني سٺ واري ڏهي جي آخري سالن ۽ ستر جي ڏهاڪي جي شروع وارن سالن ۾ سئيز ڪئنال بند هجڻ ڪري الطاف جي جهاز کي سڄي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪرڻو پيو ٿي ۽ هن کي هر سفر ۾ ٽيهن کان چاليهه ڏينهن سمنڊ تي گذارڻو پيو ٿي. الطاف ٻڌائي ٿو ته: ”بندرگاهه ڇڏڻ بعد پهريان ٻه ٽي ڏينهن ته ٿڪ ڀڃڻ لاءِ هر جهازي ننڊون ڪندو هو پوءِ هر هڪ منجھيل رهيو ٿي ته وقت ڪئين گذارجي. جهاز جا گورا آفيسر جيڪي اسان جا سينيئر هئا انهن جا سمنڊ تي ٻه شوق هئا. هو جهاز هلائڻ بعد واندڪائيءَ ۾ يا پتي راند کيڏندا هئا يا بيئر يا وسڪي پي سمهي رهندا هئا.“
    الطاف هڪ هنڌ لکيو آهي ته هو جڏهن مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ ڪئڊٽ (شاگرد) هو ۽ بندرگاهه ۾ بيٺل جهاز تي هلندڙ ڪم ڏسڻ لاءِ هنن کي اڪيڊمي طرفان جهازن تي وٺي ويندا هئا ته اتي جي آفيسرن کي ’ٽرپل فائو‘ جي دٻي مان سگريٽ ڪڍي ڇڪيندو ڏسي يا بيئر جي بوتل پيئندو ڏسي دل چوندي هئي ته هو به جهاز جي نوڪري شروع ڪندا ته ائين ڪندا پر الطاف جي جنهن پهرين جهاز تي پوسٽنگ ٿي ان تي گوهر رحمان نالي اليڪٽريڪل انجنيئر هڪ نيڪ انسان اڳهين موجود هو جنهن کيس پهرين ڏينهن ئي نصيحت ڪئي ته ڇا به ٿي پوي ته سگريٽ يا شراب کي هٿ لائڻو نه آهي.
    الطاف ٻڌائي ٿو ته ان ڳالهه تان سندس يورپي آفيسرن کي ڏاڍي چڙ ايندي هئي، ايتري قدر جو سمنڊ تي هڪ رات هنن الطاف ۽ گوهر کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو ته صبح تائين هي ٽي چار بوتلون بيئر جون ختم نه ڪندائو ته توهان کي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيو ويندو پر هي پنهنجي عزم تي اٽل رهيا.... ۽ نيٺ گورن آفيسرن هنن کي ڇڏي ڏنو.
    الطاف ٻڌائي ٿو ته جهاز تي جهازين (جهاز هلائڻ وارن آفيسرن) جي ٻي وندر برج نالي پتي راند هئي جيڪا الطاف کي سمجهه ۾ نٿي آئي جنهن ڪري هن کي ڪنهن به پنهنجو پارٽنر نٿي ڪيو. ٺلهو ڏسڻ لاءِ هو اچي ويٺو ٿي ته ڪنهن سينئر نيويگيشن آفيسر يا انجنيئر کيس بئري کي چانهه آڻن لاءِ ڊوڙايو ٿي يا پنو پين کڻي هنن جي راند ۾ کٽيل Points لکڻ لاءِ چيو ٿي. ان ڪري الطاف انهن ڳالهين کان بيزار ٿي وقت پاس ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪئبن ۾ ويهي ڪتاب پڙهڻ لڳو ۽ بندرگاهن جون ڳالهيون. خطن ذريعي پهرين دوستن کي ۽ پوءِ عبرت اخبار ڏي موڪلڻ لڳو. هو ٻڌائي ٿو ته هن جي پهرين سفر جي خطن جو مجموعو جڏهن ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ نالي ڪتابي صورت ۾ آيو ته ان کي پاڪستان رائيٽرس گلڊ لاهور طرفان Best Book جو ايوارڊ ڏنو ويو. ان وقت هن جي عمر 28 سالَ هئي ۽ هن کي نه فقط ان جي خوشي ٿي پر هن جي همت افزائي به ٿي. پوءِ الطاف لڳاتار لکندو رهيو ۽ سمنڊ تي وقت گذارڻ لاءِ هن ان کي سٺي وندر سمجھيو. اهو ئي سبب آهي جو الطاف کي جڏهن ڪو چوندو آهي ته توهان جا سنڌي ادب تي ٿورا آهن جو توهان ايترو گهڻو لکيو آهي ته هو کلي چوندو آهي ته ”ٿورا ٻورا ڪجهه نه آهن اها منهنجي مجبوري هئي. هيڏن ڊگهن سامونڊي سفرن ۾ جي اهو ڪم نه ڪريان ها ته چريو ٿيان ها يا شرابي موالي.“
    سامونڊي نوڪري جي ڪجهه سالن بعد الطاف جي 1971ع ۾ شادي ٿي ۽ انهن ڏينهن ۾ فئملي سان گڏ جهاز تي رهڻ جي اجازت هجڻ ڪري هن جي زال ۽ پوءِ ٻار ٿيڻ تي اهي به لڳاتار 8 سال جهاز تي رهيا ۽ ساڳي وقت الطاف جن جن جهازن تي بدلي ٿيندو ويو انهن جي روٽ ۾ بندرگاهه گهڻا ۽ سمنڊ وارا ڏينهن گهٽ آيا ٿي پر ته به هو هر صورت ۾ لکڻ لاءِ وقت ڪڍندو رهيو ٿي ۽ اڄ ڏينهن تائين جڏهن ته هو پنهنجي عمر جا ستر سالَ ٽپي چڪو آهي، لڳاتار لکندو اچي. بقول سندس پهرين هن وقت پاس ڪرڻ جي مجبوري کان لکيو ٿي پر هاڻ هو ان ڪري لکي ٿو جو هو ان جو addicted (عادي) ٿي چڪو آهي. هن کي هن عمر ۾ نه ڪنهن سان ملڻ جلڻ وڻي ٿو نه ٽي وي ريڊيو پسند آهي..... ”هر وقت دل چوي ٿي ته ڪجهه لکندو رهان“.
    جهاز جي سفرن ۾ الطاف ان خيال کان ڀاڳ وارو رهيو جو هو جنهن به جهاز تي بدلي ٿيو ٿي ان جي روٽ مختلف رهي ٿي ان ڪري هن کي نه فقط ڪيترن ئي ملڪن جي بندرگاهن گهمڻ جو موقعو ملي ويو پر هن کي ڪيترن ئي ڏورانهن ٻيٽن: ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪيپ وردي ۽ لاس پاماس کان ميڊيٽريئين جي مالٽا، سسلي ۽ سائپرس (قبرص) تائين.... پئسفڪ سمنڊ جي فجي، مارشل ۽ هونو لولو کان ڪئريبين سمنڊ جي ڪيوبا، برمودا، ٽرنيڊاڊ ۽ جئمئڪا ٻيٽن تائين هن جو وڃڻ ٿيو ۽ انهن بابت هن ڪيتريون ئي معلوماتي ۽ دلچسپ ڳالهيون لکيون آهن.
    الطاف کي سامونڊي زندگي جي شروع وارن ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ سي سڪنيس ٿيڻ ڪري مزو نه آيو پر پوءِ جلد ئي هن جي هن زندگيءَ سان اهڙي ته دل لڳي وئي جو هن پاڻ ته جهازن جي نوڪري نٿي ڇڏڻ چاهي پر ٻارن جي وڏو ٿيڻ ۽ اسڪول ۾ داخل ڪرڻ خاطر هن کي پڻ ٻين جهاز هلائڻ وارن وانگر ڪناري جي نوڪري ڏي رخ ڪرڻو پيو. گذريل ڏهاڪو سالن کان نئين قانون موجب پاڻي جي جهازن تي جهاز هلائيندڙن کي لڳاتار جهاز تي رهڻ جي اجازت نٿي ملي پر الطاف جي ڏينهن ۾ جهاز جي سڀني سينئر آفيسرن: ڪئپٽن، چيف انجنيئر، سيڪنڊ انجنيئر ويندي ريڊيو آفيسر کي فئملي سان رهڻ جي موڪل هوندي هئي .... پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترين عورتن کان سي سڪنيس برداشت نه ٿيڻ تي سندن مڙسن لاءِ مسئلو ٿي پوندو هو ته هو جهاز کي ڏسن يا زالن جو خيال ڪن. الطاف جي فئملي ساڻس گڏ لڳاتار اٺ سال جهاز تي رهي پر هو ان جهنجهٽ کان بچيل رهيو جو قدرتي هن زال ۽ ٻارن کي ڪڏهن به ’سي سڪنيس‘ نه ٿي. الطاف جي شادي 21 مئي 1971ع تي دادوءَ ۾ پنهنجي ماسات مستوران گهلوءَ سان ٿي.
    پاڻي جي جهاز تي سفر ڪرڻ واري هر ماڻهوءَ کي ٿورو يا گهڻو سي سڪنيس جو اثر ٿئي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هيءَ بيماري ڪن کي قدرتن نٿي ٿئي ۽ ڪيترن کي برداشت ڪرڻ جي همت ٿئي ٿي. سي سڪنيس ۾ دل ڪچي ٿئي ٿي ۽ اٻڙاڪ ۽ الٽيون اينديون رهن ٿيون. ڪا شيءِ کائڻ تي دل نٿي چوي جيتوڻيڪ Sea Sickness جي حالت ۾ پيٽ خالي نه رکڻ کپي توڙي کڻي کاڌل شيءِ ان وقت ئي الٽي ۾ نڪري وڃي. ڇو جو خالي پيٽ تي اٻڙاڪ (الٽيون) محسوس ٿيڻ تي ڪڏهن ڪڏهن رت به اچي ٿو. گهڻو وقت سي سڪنيس ٿيڻ تي.... يعني ڏينهن ٻه هلڻ تي انسان مايوسيءَ جو به شڪار ٿئي ٿو ۽ هو چاهي ٿو ته ان زندگيءَ کان ته موت بهتر آهي.
    سي سڪنيس واري حالت سمنڊ تي ڪا روز روز نٿي ٿئي. جڏهن سمنڊ خراب ٿئي ٿو يا طوفاني موسم ٿئي ٿي ته جهاز جي اڳيان پويان يا ساڄي کاٻي لڏڻ ڪري جهاز ۾ سفر ڪندڙ ماڻهن جي اها حالت ٿئي ٿي.... پوءِ اها حالت ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ڪلاڪن لاءِ رهي ٿي ته ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻه ڏينهن به رهي ٿي جيسين اهو سامونڊي طوفان وڃي ماٺو ٿئي.
    سمنڊ جي حالت سڌرڻ سان سي سڪنيس جو شڪار ٿيل ماڻهو ان گهڙي ئي نارمل ٿيو وڃي ڄڻ هن کي ڪجهه نه هو ۽ هو ساڳي صحت ۽ سمنڊ جو سهانو سفر enjoy ڪرڻ لڳي ٿو. الطاف ان عنوان تي به گهڻو ئي لکيو آهي ۽ هو ٻڌائي ٿو ته سمنڊ تي اهڙا ڏکيا ڏينهن ڪڏهن ڪڏهن اچن ٿا. ڪڏهن ته پنج ڇهه مهينن جي ڊگهي سفر ۾ ٽي چار سمنڊ لتاڙڻ دوران هڪ ڏينهن به خراب موسم يا خراب سمنڊ نٿو ملي.
    الطاف سامونڊي نوڪري وارن ٻارنهن تيرهن سالن ۾ چڱو خاصو لکيو، پوءِ ڪنهن سفر ۾ گهٽ ته ڪنهن ۾ وڌيڪَ ان جو مدار موسم ۽ سمنڊ جي حالت ۽ جهاز جي ڪارڪردگي تي رهيو. ايم وي چناب ۽ ايم وي پدما جهڙن پراڻن جهازن لاءِ الطاف ٻڌائي ٿو ته انهن جي انجڻين سان هر وقت اهڙو مسئلو لڳل هو جو هڪ ٿي صحيح ڪئيسين ته ٻي ٿي خراب ٿي ۽ سمنڊ تي هر روز جهڙي ايمرجنسي جي حالت لڳل هوندي هئي ۽ هر انجنيئر کي روزانو نارمل اٺن ڪلاڪن کان وڌيڪَ ڪم ڪرڻو پيو ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته باهه لڳڻ ڪري يا سنگاپور يا جبرالٽر جهڙن سوڙهن سامونڊي لنگهن وٽان گذرڻ وقت (جتي تمام گهڻي ٽرئفڪ رهي ٿي) ستل انجنيئرن ۽ نيويگيشن آفيسرن کي به اٿارڻو پيو ٿي جيئن هو ڊيوٽي تي مقرر جهاز هلائيندڙن جا ٻانهن ٻيلي ٿي هنن جي مدد ڪري سگهن. ساڳي حالت ايم وي شالامار ۽ ايم وي سندر بنس جهڙن نون جهازن تي به ڪنهن ڪنهن سفر ۾ رهي ٿي.... ۽ ڪنهن ڪنهن سفر ۾ جيتوڻيڪ ايم وي پسر ۽ ايم وي رنگامَٽي جهڙا پراڻا جهاز هئا پر موسم ۽ جهاز جون انجڻيون اهڙيون ته پر سڪون رهيون ٿي جو ڪراچي کان لنڊن تائين يا چٽگانگ کان ٽوڪيو تائين هڪ ڏينهن به پريشانيءَ ۾ نه گذريو.... جهاز ڄڻ آرسيءَ مٿان ترڪندو ٿي ويو. اهڙن ڏينهن تي جهاز تي سوار ماڻهن جي ڪيفيت مايوسيءَ ۽ پريشانيءَ بدران 180 ڊگريون مخالف طرف يعني پُراميد ۽ خوشحال (Elevated) رهي ٿي ۽ الطاف ٻڌائي ٿو ته هن اهڙن ڏينهن مان ڀرپور فائدو وٺي تمام گهڻو لکيو. انهن سامونڊي سفرن جا گهڻي ڀاڱي ڪتاب تن ڏينهن جي مشهور پبلشر فيروز ميمڻ حيدرآباد مان ’نيو فيلڊس پبليڪيشن‘ طرفان ڇپرايا. جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
    وايون وڻجارن جون، سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين، سمونڊ جي سيوين، بندر ديسان ديس، ڇا جو ديس ڇا جو وديس، جاني ته جهاز ۾، دنيا آهي ڪاڪ محل، سانڀاهو سمونڊ جو، دنگي منجهه درياهه وغيره.
    الطاف ٻڌائي ٿو ته سندس شروع جي سامونڊي سفرنامن ۾ هن گهڻو ڪري گهمڻ ڦرڻ ۽ موج مزن جون ڳالهيون لکيون جيئن پڙهندڙ اهوئي سمجهي ته سمنڊ جي نوڪريءَ ۾ مزا ئي مزا آهن. ”اهو ان ڪري جيئن اسان جي سنڌ صوبي جا نوجوان جيڪي چوڌاري سمنڊ هجڻ جي باوجود هن فيلڊ ۾ نٿي آيا اهي ڪشش محسوس ڪن ۽ پاڪستان نيوي ۽ مرچنٽ نيوي جهڙن ادارن ۾ اچن“.
    الطاف جي اها ڪوشش رائگان نه وئي ۽ تمام گهڻا سنڌي جيڪي طبيعتن ڀر واري ڳوٺ ۾ نوڪري ڪرڻ کان به ڪيٻائيندا هئا سي هن زندگي ۾ آيا ۽ اڄ ڪيترا ئي سنڌي جهازن جا ڪئپٽن ۽ انجنيئر آهن. هونءَ حقيقت اها آهي ته اڄ جا جهاز جيتوڻيڪ تمام گهڻو ماڊرن ٿي ويا آهن. انهن تي رهائش جو به هر سک آهي .... اهي ڄڻ ته فائو اسٽار هوٽلون لڳن ٿيون پر سمنڊ جا سور اڄ به ساڳيا آهن. اڄ به سامونڊي ڪُنن ۽ ڇتين ڇولين جي مقابلي ۾ هي آفت جيڏا لوهي جهاز ڇوڏن مثال آهن ۽ ان کي هلائيندڙ سخت سي سڪنيس محسوس ڪن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن وچ سمنڊ تي بي يارو مددگار محسوس ڪن ٿا. جهازن جي ٽڪرائڻ ۽ باهين لڳڻ کان علاوه ٻيا به ڪيترا حادثا سامونڊي زندگيءَ ۾ درپيش اچن ٿا جن جو سربستو احوال الطاف سڀ کان پهرين ”موج نه سهي مڪڙي“ ڪتاب ۾ ڏنو آهي. ان کان علاوه سمنڊ جي صعوبتن جا ڪجهه قصا هن پنهنجي سفرنامن: بوتلن جو سفر، هي ٻيٽ هي ڪنارا، وغيره ۾ پڻ ڪيو آهي.
    الطاف ڪناري جي نوڪري لاءِ 1975ع ڌاري ڪوشش ڪئي. کيس ڪويت بندرگاهه ۾ چيف انجنيئر جهڙي اعليٰ نوڪري ملي وئي ۽ الطاف پنهنجي ڪمپني PNSC مان سال کن جي موڪل وٺي ڪويت پهتو پر بقول هن جي هن کي عرب دنيا ۾ ڪم ڪرڻ ۾ مزو نه آيو. پنهنجي ڪتاب ’ڪويت ڪنارا‘ ۾ لکي ٿو ته: ”جيتوڻيڪ آئون ڏسي رهيو آهيان ته هتي ڪويت ۾ اسان جا ڪيترائي پاڪستاني ننڍين نوڪرين ۾ به خوش آهن پر اهو شايد ان ڪري جو هو پاڪستان کان سڌو هتي آيا آهن پر آئون جڏهن هتي جي گهٽيل ماحول ۽ عربن جي ڄٽپڻي ۽ اجائي احساس برتري کي جپان، انگلنڊ، آمريڪا جهڙن ملڪن جي کليل ماحول۽ اتي موجود انساني حقن سان ڀيٽيان ٿو ته آئون ڪويت ۾ ذهني طرح پاڻ کي آزاد نٿو محسوس ڪريان.“
    الطاف ڪويت ۾ اهي ٽي چار مهينا رهڻ دوران پڻ عبرت اخبار ۾ هفتيوار ڪالم لکندو رهيو جيڪي بعد ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي ورسٽي پبليڪيشن پاران ”ڪويت ڪنارا“ نالي ڪتاب ۾ شامل ڪري ڇپايا ويا. هي ڪتاب الطاف شيخ ڪئڊٽ ڪاليج جي پنهنجي استاد ۽ ائڊجيوٽنٽ ڪئپٽن (هاڻ جنرل جي پوسٽ تان رٽائرڊ ٿيل) عالم جان محسوس کي منسوب ڪيو.
    الطاف ٽن چئن مهينن جي نوڪري بعد ڪويت کان موٽي اچي وري پنهنجي ڪمپني جا جهاز هلايا 1979ع ڌاري سندس ڪمپنيءَ جپان کي آٽوميٽڪ جهاز ٺاهڻ جو آرڊر ڏنو ۽ الطاف کي ٽوڪيو (جپان) جي IHI (اشيڪاوا جيما هريما هيوي انڊسٽريز) شپ يارڊ ۾ موڪليو ويو جتي ڪمپني جو پهريون آٽوميٽڪ جهاز ”ايم. وي. مالا ڪنڊ“ نالي ٺهي رهيو هو. جهاز کي ٺهڻ ۾ ٽي چار مهينا لڳي ويا ان بعد ڪراچيءَ مان جهاز کي هلائڻ لاءِ ٻيو اسٽاف گهرايو ويو ۽ الطاف شيخ ان جهاز کي چيف انجنيئر جي حيثيت سان سال کن هلائيندو رهيو. ان جهاز جي ٺهڻ دوران الطاف جپان جي آئوئي شهر (اوساڪا ڀرسان) مان تيرساڪي ڪمپني طرفان آٽوميشن جو ڊپلوما ڪورس به ڪري ورتو جنهن ڪري هن کي هي جهاز هلائڻ ۾ ڪا خاص دقت پيش نه آئي ۽ بعد ۾ ملائيشيا ۽ پاڪستان جي مئرين اڪيڊمين ۾ نوجوان جهاز هلائيندڙن کي ٻين سبجيڪٽن سان گڏ اهو سبجيڪٽ “Automation & Instrumentation” پڻ پڙهائيندو رهيو.
    الطاف جي هر جهاز جي جپان ۾ گهڻي اچ وڃ ڪري هو ڪم هلائڻ جهڙي جپاني سکي ويو. ان کان علاوه هو شروع کان جپان جي نيول آرڪيٽيڪچر سوسائٽي ۽ جپان جي مئرين انجنيئرس انسٽيٽيوٽ جو ميمبر پڻ رهيو. سو ٽوڪيو جي شپ يارڊ (IHI) ۾ پنهنجي ملڪ جي جهاز ٺهڻ تي نگهباني دوران هن کي ان شپ يارڊ ۾ نوڪري جي آفر ڪئي وئي ۽ الطاف پاڻ به اهو چاهيو ٿي ته ”هاڻ سمنڊ تي ڌڪا کائڻ بدران هڪ هنڌ رهي پئجي جيئن صبح جو اک کلي ته ساڳي موسم هجي جيڪا سمهڻ مهل هئي ۽ ٻار ٿيلها ڳچيءَ ۾ وجھي اسڪول وڃن“. پر هن ٻڌايو ته اهو جاب هڪ ته فل ٽائيم ڪناري جو نه هو. ان ۾ پنج ڇهه مهينا ٽوڪيو ۾ رهڻو پيو ٿي جنهن دوران نئون جهاز ٺهي راس ٿيو ٿي ۽ پوءِ سال جا باقي ست مهينا گئرنٽي انجنيئر جي حيثيت سان جهاز تي رهڻو پيو ٿي. ٻي ڳالهه ته هن اهو چاهيو ٿي ته ڪنهن اهڙي ملڪ ۾ رهجي جتي اسلامي طريقي جو (حلال) کاڌو ملي ۽ ٻارن کي اسلامي ماحول ملي سگهي. بهرحال سندس ڪمپني جو جهاز ”مالا ڪنڊ“ جيئن ئي تيار ٿيو ته ان تي هن چيف انجنيئر جي حيثيت سان سال کن Sail ڪيو جنهن ۾ هن کي اهو جهاز ايشيا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ وٺي وڃڻو پيو. هيءَ 1980ع جي ڳالهه آهي. هي جهاز جيتوڻيڪ ڏهه پندرهن سالن جي مدي لاءِ ٺاهيو ويو هو پر بهتر رکواليءَ ڪري پاڪستان جا انجنيئر هن کي 25 سال کن هلائيندا رهيا. ان بعد هن جهاز کي اسڪريپ لاءِ ڪراچي آندو ويو. بلوچستان جو سامونڊي علائقو گڊاني جهازن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ان مان لوهه، پتل، ٽامي ۽ ڪاٺ جو سامان الڳ ڪرڻ کان مشهور آهي. اتفاق اهڙو جو جنهن ڏينهن هي جهاز جيڪو الطاف شيخ جي نظر اڳيان Keel (هيٺاهين ۽ پهرين لوهي تختي) کان وٺي سڄو مڪمل تيار ٿيو ۽ پوءِ ان کي هلايو.... ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ لاءِ ڪراچي بندرگاهه کان گڊاني ڏي وڃي رهيو هو. الطاف جي KPT پل وٽان ڪار هلائيندي ان تي نظر پيئي ۽ ان نظاري تي هن بيحد Touchyمضمون ”وري يادين ورايو اسان کي“ انگريزي ۽ سنڌي اخبار ۾ لکيو جيڪو بعد ۾ سندس ڪتاب ”ڏيهه پرڏيهه جو سفر“ ۾ پڻ ڏنو ويو جيڪو ڪتاب ناز سنائيءَ ”سنڌي ساهت گهر“ طرفان حيدرآباد مان ڇپرايو آهي.
    الطاف شيخ هونءَ ته جپان بابت احوال پنهنجن ڪيترن ئي سامونڊي سفرنامن ۾ لکندو رهيو پر هن ڀيري ٽوڪيو جي شپ يارڊ ۾ ڊگهو عرصو رهڻ ڪري هن هڪ سڄو ڪتاب ”جپان جن جي جيءَ سان“ نالي جپان بابت لکيو. ان کان علاوه جپاني گيشسا سان هڪ آمريڪن انجنيئر جي عشق جو ناول پڻ ترجمو ڪيو جيڪو بيحد پسند آيو ۽ ان ترجمي جا ڪيترائي ايڊيشن”ٽوڪيو جي گيشا گرل“ ۽ ”مس سدا بهار چنبيلي“ نالن سان ڇپجي چڪا آهن. ان کان علاوه جپاني ادب سان واسطو رکندڙ جپاني افسانن ۽ جپاني ڳالهين جا الطاف جا ٻه ڪتاب: ”جپان رس“ ۽ ”ڳالهيون تنهن جپان جون“ نيو فيلڊ پبليڪيشن ۽ ”نئين روشني“ پبليڪيشن وارن ڇپيا. ان بعد الطاف هڪ ڊگهي عرصي لاءِ جپان نه وڃي سگهيو. هو ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي پڙهائيندو رهيو يا پاڪستان جي مئرين اڪيڊمي يا سئيڊن ۽ ناروي پاسي رهيو. ان بعد الطاف جو هڪ دفعو وري جپان وڃڻ ٿيو جنهن سفر جو احوال هن پنهنجي ڪتاب ”جپان 25 سالن بعد“ ۾ لکيو آهي. الطاف جي وڏي ڌيءَ مريم گذريل 20 ويهن سالن کان اتي رهي ٿي ان ڪري هن جو اڄ تائين هن سان ۽ پنهنجن ڏوهٽن سان ملڻ لاءِ جپان وڃڻ هڪ طرف ٿيندو رهي ٿو ته ٻي طرف هو وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ مئرين انجنيئرنگ ۽ نيول آرڪيٽيڪچر تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ پڻ ويندو رهي ٿو. انهن سفرن دوران هن ٽي کن ٻيا به جپان تي سفرناما لکيا آهن: ”ڪراچي کان ڪوڪورا“، ”گيشائون ڪي ديس مين“ ۽ ”جپان ڪي دن“. جيڪي ’روشني پبليڪيشن‘ حيدرآباد مان، ’ويلڪم بڪ مارٽ‘ ڪراچيءَ مان ۽ ’جهانگير بڪ ڊپو‘ وارن لاهور مان ڇپايا آهن.
    مالاڪنڊ جهاز تي سفر دوران هانگ ڪانگ مان نڪرندڙ آمريڪي رسالي ۾ الطاف کي ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ مئرين اڪيڊمي کلڻ جي خبر پيئي جنهن لاءِ مرچنٽ نيوي جي جهازن جي چيف انجنيئرن ۽ ڪئپٽنن جي ضرورت هئي جيڪي ملائيشيا جي نوجوان ڪئڊٽن کي پڙهائين. انهن ئي ڏينهن ۾ ايران وارن به پنهنجي بندرگاهه ”ڇابهار“ ۾ اهڙي اڪيڊمي کولي. الطاف کي ڪناري جي نوڪريءَ جي ضرورت هئي ۽ هن ٽيچنگ جاب شروع کان پسند ڪيو ٿي. هن ٻنهي هنڌن تي apply ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن مان کيس نوڪري جو آفر ليٽر مليو. الطاف ملائيشيا وڃڻ کي ترجيح ڏني جو هو پاڻ ۽ سندس ٻار ملائيشيا جي بندرگاهن ۾ بار بار اچي ملئي زبان کان واقف ٿي ويا هئا. ان کان علاوه انڊونيشيا، برونائي ۽ فلپين ۽ ٿائلنڊ جي ڏکڻ وارن بندرگاهن ۾ به ملئي ٻولي هلي ٿي جتي پڻ هنن جي جهازن جو وڃڻ ٿيندو رهيو ٿي. ان ڪري هن کي ملائيشيا رهڻ وڌيڪ آسان لڳو.
    اتفاق اهڙو جو سڄي سامونڊي زندگي ۾ هن جي جهاز جو ڪڏهن به پاڙي واري ملڪ ايران جي ڪنهن به بندرگاهه ۾ وڃڻ نه ٿيو ۽ نه ڪڏهن اسڪول يا ڪاليج ۾ هن فارسي زبان پڙهي هئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ملئي زبان ۾نه برابر لٽريچر آهي ۽ الطاف کي ملائيشيا ۾ رهڻ دوران ان جي کوٽ ضرور محسوس ٿي.... ۽ گهڻو گهڻو پوءِ، رٽائرڊ ٿيڻ بعد هو جڏهن هوائي جهاز رستي پهريون دفعو ايران گهمڻ ويو ته فارسي زبان ۾ بيحد گهڻو ادب ۽ شعر و شاعري ڏسي ۽ اهو پڻ معلوم ڪري ته فارسي زبان ته ڪا اهڙي ڏکي ناهي جو اسان جي سنڌي توڙي اڙدو جا اڌ کان وڌيڪَ لفظ فارسي جا آهن، هن کي افسوس ٿيو ته ملائيشيا بدران ايران ۾ نوڪري ڪريان ها ۽ ملئي بدران فارسي سکجي ها. ان ڳالهه جو اظهار هن پنهنجي سفرنامي ”ايران ڏي اڏام“ ۾ ڪيو آهي جيڪو اردوءَ ۾ پڻ ڇپيو آهي.
    هتي اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا وارن طرفان الطاف جي چونڊ جيتوڻيڪ 1981ع ۾ ٿي وئي پر بقول الطاف جي هن کي ملائيشيا گهرائيندي گهرائيندي ڏيڍ سال کن لڳي ويو. ان سلسلي ۾ الطاف ٻڌائي ٿو ته: ”ملئي ماڻهو ان معاملي ۾ شروع کان بيحد سست ثابت ٿيا آهن ۽ اڄ جيتوڻيڪ ملائيشيا ٻي ترقيءَ ۾ يورپ ۽ آمريڪا جو مقابلو ٿو ڪري پر ڪنهن به ڳالهه ۾ فيصلو ڪرڻ ۽ ان کي پلاننگ موجب تڪڙو مڪمل ڪرڻ ۾ اڄ به هنن جي اها ئي سست چال آهي. يورپ يا جپان جهڙن ملڪن ۾ توهان نوڪري لاءِ درخواست موڪليندائو ته يڪدم ها يا نه (Regrets) ۾ جواب اچي ويندو پر ملائيشيا جي سرڪاري توڙي ڪنهن خانگي اداري کي خط لکندائو ته توهان کي موٽ ۾ هو اها به ورندي نه ڏيندا ته توهان جو خط مليل آهي اسان ان تي غور ڪري رهيا آهيون. جيڪڏهن هنن کي ڪنهن اداري ۾ ڊاڪٽر يا انجنيئر رکڻ جي ضرورت هوندي آهي ته به ڪو وقت خاموش ويٺا هوندا ۽ پوءِ جڏهن نوڪري جي پڪ (Confirmation) جو خط لکندا ته سگهوئي ٽڪيٽ موڪلي گهرائڻ بدران وري ڊگهي ڪوما ۾ هليا ويندا.... اها ٻي ڳالهه آهي ته ملائيشيا ۾ نوڪري شروع ڪرڻ بعد هنن کي ڪنهن کي نوڪريءَ مان ڪڍڻ ۾ به وقت ٿو لڳي. بهرحال وقت سان گڏ حالتون بدلجي رهيون آهن. ترقي ۽ پئسو اچڻ ڪري ملائيشيا جو ڪلچر ۽ ماڻهپو به بدلجي پهرين کان بهتر ئي رهيو آهي. ۽ ساڳي وقت هنن ۾ مغروري ۽ ملڪ ۾ بد اخلاقي ۽ بد امني وڌي رهي آهي“.
    ملائيشيا وڃڻ کان اڳ الطاف پنهنجي جهازران ڪمپني PNSC طرفان کوليل ”PNSC مئرين ڪاليج“ ۾ پڙهايو ۽ ان ڪاليج جو پرنسپال پڻ ٿي رهيو. جهازن جي نوڪريءَ لاءِ ٻن قسمن جي تعليم ۽ ٽريننگ ٿئي ٿي هڪ Pre-Sea جيڪا ”مئرين اڪيڊمين“ ۾ انٽر بعد ملڪ جا چونڊيل نوجوان ڪئڊٽ حاصل ڪن ٿا ۽ ٻي Post Sea ٿئي ٿي جنهن لاءِ جهاز جا آفيسر جهازن تي سامونڊي نوڪري جو مدو پورو ڪري (اهو مدو گهڻو ڪري 21 مهينا سمنڊ جا ٿين) امتحان ڏيڻ کان اڳ مختلف ڪورس ڪن ٿا جن لاءِ اسان جي ملڪ جا جهازي آفيسر هن ڪاليج کلڻ کان اڳ انگلنڊ يا ٻين ملڪن ۾ ويا ٿي پر هاڻ اهي ڪورس ۽ سبجيڪٽ هن ڪاليج ۾ پڙهائڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو. الطاف ٻڌائي ٿو ته:
    ”آئون هن ڪاليج ۾ پڙهائڻ دوران بيحد خوش هوس. ٻارن کي به ڪراچي جي DHA ماڊل اسڪول ۽ بعد ۾ ڪلفٽن واري سينٽ پيٽر اسڪول ۾ داخلا وٺرائي ڏني هيم ۽ ملائيشيا وڃڻ جي ڳالهه ڪڏهوڪو وسري وئي هئي ته اتي هڪ ڏينهن.... اٽڪل سال سوا بعد ملائيشيا مان خط آيو ته ٽڪيٽ موڪلي رهيا آهيون توهان ايندڙ هفتي ئي هليا اچو. مون سان گڏ منهنجي هڪ ٻئي ڪلاس ميٽ دوست مرحوم آصف غيور به اتي جي نوڪري لاءِ apply ڪيو هو جيڪو حاجين جي مشهور جهاز سفينه حجاج جو به چيف انجنيئر رهي چڪو هو. هن به ملائيشيا وڃڻ جي ڳالهه وساري سامونڊي زندگي ڇڏي ڪراچي جي مئرين اڪيڊمي (جتي Pre Sea ٽريننگ ٿي ٿي) ۾ پڙهائڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ۽ هو به خوش هو ۽ ڪراچي جي زندگي سان Adjust ٿي چڪو هو. سو ظاهر آهي ملائيشيا پهچڻ جي خط هن کي به منجھائي رکيو. اسان ٻئي ڄڻا ان بابت سوچيندا رهياسين ته هاڻ وري ٻارن کي اسڪولن مان ڪڍرائي، لڏو پٽي ڌارئين ملڪ ۾ ڇا هلي ڪجي..... منهنجي دل سست ٿي رهي هئي پر آصف غيور چيو ته ”جي نه هلبو ته ملائيشيا وارا چوندا ته هي پاڪستاني ڪي وڏا ذليل آهن _ دوکو ڏئي ويا .... هنن کان پنهنجون ڪوتاهيون وسري وينديون، سڄو ڏوهه اسان تي ٿاڦيندا.“
    آصف جي ڳالهه سمجهه ۾ ضرور آئي پر تنهن هوندي به مون پنهنجي ڪمپني PNSC جي انتظاميه سان صلاح مشورو ڪيو تن اهو سوچي اسان کي ملائيشيا وڃڻ لاءِ همٿايو ته اسان جي وڃڻ ڪري ٻين پاڪستانين لاءِ به راهون کلي وينديون.... ۽ واقعي اڳتي هلي ائين ئي ٿيو.... نه رڳو ملائيشيا جي تعليمي اداري’مئريٽائيم اڪيڊمي‘ ۾ پر سندن جهازران ڪمپني MISC ۾ به اسان جا ڪيترائي جهازي آفيسر اچڻ شروع ٿي ويا.“
    بهرحال ملائيشيا ۾ نو سال کن رهڻ دوران الطاف نه رڳو ملائيشيا تي چار پنج ڪتاب (مڪلي کان ملاڪا، ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه، جت جر وهي ٿو جال، ڳالهيون آهن ڳچ..... وغيره) لکيا پر ڀر وارن ملڪن: سنگاپور ۽ ٿائلنڊ باءِ روڊ ڪيل سفرن تي پڻ ڪجهه ڪتاب (سنگاپور ويندي ويندي، سنگاپور ٿو سڏ ڪري، آل ابائوٽ سنگاپور ۽ اي جرني ٽو ٿائلنڊ) سفرناما لکيا. پاڪستان جي سنڌي اخبارن سان گڏ هو ملائيشيا جي انگريزي اخبار ”نيو اسٽرئٽ ٽائيمس“ ۾ به ڪالم لکڻ لڳو ۽ سندس انهن خدمتن ڪري 1989ع ۾ ملائيشيا جي حڪومت کيس PJK (پنگت جاسا ڪَ بَڪتيئان) ايوارڊ ڏنو.
    الطاف شيخ ملائيشيا تي مٿيان ڪتاب لکيا پر جيئن ته هن جو اڄ ڏينهن تائين وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ ملائيشيا اچڻ وڃڻ لڳو رهي ٿو سو هن ملائيشيا تي بعد ۾ ڪجهه ٻيا به ڪتاب لکيا آهن جيئن: ”اوهريا جي عميق ڏي“، ”ملائيشيا منهنجي من ۾“، ”ملائيشيا 12 سالن بعد“، ”جت جر وهي ٿو جال“، ”هليو آ هليو آ ملائيشيا“، ”مونکي موهيو ملائيشيا“ ۽ اڙدوءَ ۾ ”ملائيشيا ڪي دن“ وغيرهه.
    الطاف ملائيشيا جيڪو وقت رهيو اهو هو پنهنجي جهازران ڪمپني کان اجازت وٺي Lien تي ئي رهيو. ان ڪري 1991ع ۾ هن کي واپس ڪراچي آفيس ۾ رپورٽ ڪرڻي پئي جتي هن کي جهازن جي مشينري مسئلن کي منهن ڏين لاءِ پهرين ڊپٽي مئنيجر ان بعد مئنيجر جي پوسٽ تي رکيو ويو. ان دوران جهازن جي ٻين ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيئرن وانگر الطاف شيخ کي بهM.Sc ڪرڻ لاءِ جهازين لاءِ يونائيٽيڊ نئشنز طرفان ٺهيل خاص يونيورسٽي ”ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي“ موڪليو ويو.هيءَ يونيورسٽي UN جي سمنڊ سان واسطو رکندڙ برانچ IMO (انٽرنيشنل ميريٽائيم آرگنائيزيشن) طرفان مالمو سئيڊن ۾ ٺاهي وئي آهي.
    الطاف جڏهن جهازن تي هو ته ان وقت به هن جا جهاز نه فقط سئيڊن جي هن ڏاکڻي بندرگاهه مالمو توڙي گادي واري شهر اسٽاڪهوم ۾ ايندا رهيا ٿي پر ڀر وارن ملڪن ناروي، ڊئنمارڪ ۽ فنلئنڊ جي بندرگاهن ۾ به ايندا رهيا ٿي. ۽ هاڻ سئيڊن جي يونيورسٽي طرفان هن کي فيلڊ ورڪ لاءِ انهن ساڳين بندرگاهن ۾ باءِ روڊ يا باءِ ايئر وڃڻو پيو ٿي. الطاف انهن ڏينهن جا قصا بيحد مزاحيه انداز ۾ لکيا آهن جيڪي سندس هنن سفرنامن ۾ ڇپيل آهن:
    1. اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا.
    2. ملير کان مالمو
    3. يورپ جا ڏينهن، يورپ جون راتيون
    4. جت برف پوي ٿي جام.
    5. ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن
    ڊسمبر 1993ع ۾ مالمو (سئيڊن) مان موٽڻ بعد الطاف کي سندس ڪمپني PNSC وري درس تدريس جي ڪم تي رکيو. پاڻ به اهوئي چاهيائين ٿي جو بقول هن جي ٽيچنگ جاب ۾ کيس لکڻ پڙهڻ جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت ملي ويو ٿي. ساڳي وقت پاڪستان جي مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهائڻ لاءِ جهازن جي ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيئرن جي ضرورت هئي جيڪا کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ وقت بوقت قومي جهازران ڪمپني PNSC پنهنجا آفيسر موڪليا ٿي. الطاف کي ٽيچنگ جو پراڻو تجربو هجڻ ڪري کيس اتي جي مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو هيڊ مقرر ڪيو ويو.
    الطاف شيخ مئرين اڪيڊمي ڪراچي جي هن نوڪري دوران ٽن مهينن جي موڪل تي 1995ع ۾ پنهنجي عرب دوست ۽ سئيڊن يونيورسٽي جي ڪلاس ميٽ حسن الحاربي وٽ سندس ڳوٺ ينبوع ۾ پڻ وڃي رهيو. ينبوع سعودي عرب جو آڳاٽو بندرگاهه آهي .... بلڪه گذريل صديءَ جي شروع وارن سالن تائين جڏهن اڃان جدو صحيح طرح ماڊرن بندرگاهه نه ٿيو هو ته انڊيا جي سورت ۽ ڪلڪتي بندرگاهن کان اسان جي ننڍي کنڊ جا توڙي آفريڪا ۽ ايشيا جي ٻين ملڪن جا حاجي پاڻي جي جهازن ذريعي ينبو بندرگاهه ۾ ايندا هئا جتان مدينو ايترو سڏ پنڌ تي آهي جيترو هاڻ مڪو شريف جدي بندرگاهه کان.
    الطاف جي هن عرب دوست کي سئيڊن ۾ گڏ تعليم حاصل ڪرڻ دوران پنهنجي شهر ينبوع ۾ پائيپن جي فئڪٽري لڳرائڻ جو شوق هو. جنهن سلسلي ۾ هن جي ان وقت کان الطاف معرفت جرمني وارن سان ڳالهه ٻولهه جاري هئي. اها هاڻ جرمني کان سعودي عرب پهچي وئي هئي ۽ جيئن ته پاڻ انجنيئر نه پر فائننس جو ماڻهو هو سو ان ڪم ۾ مدد حاصل ڪرڻ لاءِ هن پنهنجي دوست الطاف کي پاڻ وٽ گهرايو. فئڪٽري لڳڻ بعد هن الطاف کي ينبوع ۾ پاڻ وٽ نوڪري ڪرڻ لاءِ ڏاڍو چيو پر الطاف هڪ ته پنهنجي ڪمپني PNSC نٿي ڇڏي ۽ ٻيو ته بقول سندس اتان لکيل اخباري ڪالمن موجب هن کي عربن سان ڪم ڪرڻ تي دل نٿي چاهيو جيتوڻيڪ سندس عرب دوست حسن سندس ايڏو خيال ڪيو جو هن کي پنهنجي گهر ۾ فئملي سان گڏ رهايو هئائين ۽ پگهار به دل وٽان ڏيڻ چاهيس ٿي. ان بابت الطاف جو اهو ئي چوڻ آهي ته جنهن کلئي دماغ ۽ آزادي سان ماڻهو جپان، انگلند، سئيڊن ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ نوڪري يا ڌنڌو ڪري سگهي ٿو اهو عرب ملڪن ۾ هرگز نه. مجبوري جي ٻي ڳالهه آهي نه ته عرب ملڪن ۾ فقط عبادت لاءِ وڃجي.
    الطاف شيخ ينبوع جي هن ٽن مهينن جي رهائش دوران جيڪي سنڌ جي اخبارن ۽ رسالن ڏي ڪالم موڪليا اهي فيروز ميمڻ صاحب پنهنجي اداري ”نيو فيلڊس پبليڪيشن“ طرفان ”اي روڊ ٽو مدينا“ نالي ڪتاب ۾ ڏنا آهن. پاڪستان مئرين اڪيڊمي ۾ نوڪري دوران سن 2000ع ۾ الطاف کي حج ڪرڻ جي سعادت پڻ نصيب ٿي جنهن جو احوال هن ”ڀلي پار تان ڀيرو“ نالي سفرنامي ۾ ڏنو جيڪو ڪتاب ’روشني پبليڪيشن‘ جي علي نواز گهانگهري ۽ بعد ۾ امير ابڙو صاحب ’انڊس پبليڪيشن‘ طرفان ڇپرايو.
    سال 2004ع ۾ الطاف صاحب سٺ سالن جي ڄمار تي پهچڻ تي PNSC کان جنرل مئنيجر جي پوسٽ تان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. ياد رهي ته هو PNSC طرفان ڊپوٽيشن تي پاڪستان مئرين اڪيڊمي ۾ هيڊ آف مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو هو. رٽائرمينٽ کان اڄ تائين ڪڏهن ڪڏهن الطاف شيخ پنهنجي ملڪ ۾ يا ملائيشيا، انڊيا ۽ سنگاپور ۾ وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ ويندو رهي ٿو. ليڪچر ڏيڻ کان علاوه هو هڪ دفعي انڊيا پنهنجي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي اوڏ دوستن جي پٽن جي شادين تي دهلي، آگري، احمد آباد ۽ بڙودا وغيره ۾ اٽڪل ٻه مهينا کن رهيو. ان بعد هو ساڌو واسواڻي جي اداري SVM طرفان پوني ۽ ممبئي يونيورسٽي طرفان ممبئيءَ ۾ هفتو هفتو رهي آيو. انڊيا جي انهن مختلف سفرنامن تي هن جا چار ڪتاب: ”دهليءَ جو درشن“، ”هلي ڏسجي هندستان“، ”بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾“ ۽ ”بنارس کان برمودا“ ڇپجي چڪا آهن. رٽائرڊ ٿيڻ بعد 2005ع ۾ الطاف ڪجهه مهينن لاءِ آمريڪا ۾ پڻ رهيو. هو انهن ساڳين بندرگاهن ۾ ريل ۽ ڪار رستي هليو ويو جتي اڄ کان 45 سال کن اڳ 1968ع کان 1973ع تائين هو پاڻيءَ جي جهازن کي وٺي ويندو هو. ان سفر جو احوال الطاف شيخ ”نيو هالا کان نيويارڪ“ ۽ ”بخشو لغاري کان بالٽيمور“ ڪتابن ۾ لکيو آهي. ان سفر جي باقي حصي جو احوال ”آمريڪا ڙي آمريڪا“ ڪتاب ۾ مڪمل ڪري رهيو آهي.
    الطاف جو سامونڊي ۽ ڪناري جي نوڪري دوران ڏور اوڀر جي ملڪن مان سڀ کان گهڻو رهڻ يا اچڻ وڃڻ جپان، ملائيشيا ۽ چين ۾ ٿيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته الطاف هانگ ڪانگ بابت گهڻو ئي لکيو آهي، بلڪه هڪ ڪتاب ”وايون وڻجارن جون“ ته سڄو هانگ ڪانگ ۽ سندس ٻئي پاسي ڪولون بابت آهي پر انهن ڏينهن ۾ هانگ ڪانگ ملڪ برطانيه جي حڪومت هيٺ هو. الطاف چين جي سفر تي ايترو گهڻو نه لکيو آهي جيترو جپان ۽ ملائيشيا تي پر هن انهن ٽنهي ملڪن جي ٻولين: جپاني، ملئي ۽ چيني جي پهاڪن جا ٻه ڪتاب: هڪ انگريزيءَ ۾ “Proverbs of Far East” نالي ۽ ٻيو سنڌي ۾ ”رٺي آهي گھوٽ سان“ لکيو آهي. الطاف ٻڌائي ٿو ته هن کي ننڍي هوندي کان پهاڪن پڙهڻ جو شوق هو. هن پهاڪن جو پهريون ڪتاب ”گل شڪر“ پنهنجي والد جي لئبرري مان کڻي تڏهن پڙهيو جڏهن هو پرائمري اسڪول جي چوٿين ڪلاس ۾ هو.
    الطاف ٻڌائي ٿو ته هن جو اڙدو ۾ لکڻ به هڪ حادثو هو. اڄ کان 15 سال کن اڳ سن 2000ع ڌاري سندس هڪ سنڌي اخبار جو ڪالم ڪنهن ترجمو ڪري انهن ڏينهن ۾ نئين شايع ٿيندڙ روزنامه اڙدو اخبار ’امت‘ ۾ ڏنو جنهن کي بيحد ساراهيو ويو ۽ الطاف کي ان ئي ڏينهن سندس هيڊ آفيس PNSC مان ڪيترن ئي دوستن جا فون اچي ويا. هي اهي دوست هئا جن کي سنڌي پڙهڻ نٿي آئي ۽ هو هميشه الطاف کان پڇندا رهيا ٿي ته هو ڪهڙي موضوع ۽ مواد بابت سنڌيءَ ۾ ڪالم لکي ٿو. الطاف ان بابت چيو ته: ”اڙدو اخبار ۾ مضمون ڇپجڻ تي مونکي ڏاڍي خوشي ٿي. اخبار وارن منهنجي ڪالم کي ايڊيٽوريل صفحي تي بيحد نمايان نموني سان ڏنو هو.... پر مونکي ائين لڳو ڄڻ مون جيڪي ڳالهيون هن ڪالم ۾ لکيون آهن اهي سڀ اڙدو ۾ ان ڀرپور انداز ۾ ترجمو نه ٿيون هجن. ائين محسوس ٿيو ڄڻ ترجمي واري کي سمنڊ ۽ جهازراني جي معلومات نه هجڻ ڪري هو منهنجيون ڪجهه ڳالهيون صحيح طرح سمجھائي نه سگهيو آهي. بهرحال مون ان اخبار جي ايڊيٽر رفيق افغان صاحب کي فون ڪيو ته مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي جو منهنجو ڪالم اڙدو اخبار ۾ ڇپيو آهي ۽ اڙدو اخبار جي گهڻي ريڊرشپ هجڻ ڪري مونکي اڄوڪي ڏينهن ۾ ئي ڪيترا فون آيا آهن پر.....
    ”پر ڇا؟ چئو پليز“ رفيق افغان چيو.
    ” ... اهوئي ته ترجمي واري ڪجهه ڳالهيون رهائي ڇڏيون آهن“
    ”ته پوءِ ڏسو نه مسٽر الطاف! توهان پاڻ سنئون سڌو کڻي اڙدو ۾ لکو“
    ”پر آئون ته سنڌي جو اديب آهيان“ مون چيو.
    ”ڏسو سائين اديب اديب آهي پوءِ هو ڀلي کڻي ڪهڙي ٻوليءَ ۾ به لکي“
    ”پر آئون اڙدو ۾ ڪمزور آهيان جو ڪاليج ۽ اسڪول ۾ فقط سنڌي ۽ انگريزي پڙهيو آهيان.“
    الطاف ٻڌائي ٿو ته ان تي رفيق افغان هن جي همٿ افزائي ڪندي چيو ته هو جيئن ڳالهائي رهيو آهي ائين ڪالم لکي موڪلي درستگيون هو ڪرائيندو.
    ۽ پوءِ اهڙي طرح الطاف شيخ اڙدو ۾ لکڻ شروع ڪيو ته اڄ ڏينهن تائين لکندو اچي ۽ هن جا ڪالم ۽ مضمون نه فقط امت اخبار ۾ پر اڙدو ڊائجسٽ، سرگزشت ڊائجسٽ، اخبار جهان، پاڪستان پوسٽ، دستڪ ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ به ايندا رهن ٿا. اڄ به الطاف کِلي چوندو آهي ته ”مونکي سنڌيءَ جو اديب آفريڪا کنڊ جي ڊگهن سامونڊي سفرن ڪيو ۽ اڙدو جو اديب ’اُمت‘ اخبار جي ايڊيٽر رفيق افغان ڪيو“.
    الطاف جا هيستائين ڪيترائي اڙدو ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جهڙوڪ: سمندر ڪي دن، يورپ ڪي دن، ملائيشيا ڪي دن، ايران ڪي دن، ڪراچي سي ڪوپن هيگن، گيشائون ڪي ديس مين ۽ هاڻ تازو ڪتاب ’مين چلا ممباسا‘، ’جهاز چلاني ڪي دن‘، ’جپان ڪي دن‘ ۽ ’چلو چلين هندوستان‘ وغيرهه ڪراچي جي ويلڪم بڪ پورٽ طرفان ڇپجي چڪا آهن ۽ ٽي ٻيا اڙدو ۾ ۽ چار سنڌيءَ ۾ ڇپجي رهيا آهن. اُنهن مان هڪ ’برونائيءَ کان برازيل‘ خيرپور جي پوپٽ پبليڪيشن طرفان جلد اچڻ وارو آهي.
    سنڌي ڪتابن جي تعداد ۾ مرزا قليچ بيگ جا کڻي گهڻا ڪتاب آهن پر بقول امر جليل جي صفحن جو تعداد ٿو ڏسجي ته الطاف شيخ سڀني کان گهڻو، بلڪ تمام گهڻو لکيو آهي.
    الطاف شيخ اڄڪلهه سال جو وڏو حصو ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ گذاري ٿو. هو هر وقت واندڪائيءَ جي ڳولا ۾ رهي ٿو جيئن گهڻي کان گهڻو لکي سگهي. لکڻ کان علاوهه هن جو خاص شغل تعليمي ادارن ۾ ليڪچر ڏيڻ آهي.
    الطاف شيخ جي هڪ ٻي خوبي آهي فوٽوگرافي هو جتي به ويندو، جنهن سان به ملندو ته سڀ کان اڳ تصوير ڪڍندو ۽ پاڻ به بيهي تصوير ڪڍرائيندو. فيسبوڪ، سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ تي سندس گڏ ڪيل هزارين تصويرون مختلف البمس جي صورت ۾ محفوظ آهن، جنهن تائين هر ڪنهن کي آسان رسائي به حاصل آهي.

    محمد سليمان وساڻ
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

    http://books.sindhsalamat.com/author.php?id=10
    الطاف شيخ جا ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي مٿي ڏنل لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪرڻ سان گڏ آنلائين به پڙهي سگهجن ٿا.
    نوٽ : هي مضمون الطاف شيخ جي ڪالمن، ڪتابن، انٽرويوز ۽ ذاتي طور ساڻس ڪيل ڪيترين ئي ڪچهرين ۾ ڪيل سوالن جوابن ذريعي جوڙيو ويو آهي.


    وهيل مڇي ڪيڏي ٿي سگهي ٿي؟

    اسپين جي هڪ همراهه کي وهيل مڇي ڳڙڪائي وئي.... اها خبر گذريل هفتي دنيا جي هر ملڪ ۾ عام هئي. هو ٽي ڏينهن هن جي پيٽ ۾ رهڻ بعد زندهه سلامت ٻاهر نڪري آيو. ان خبر جو تفصيل ۽ ٽيڪا ٽپڻي پوءِ ٿا ڪريون. هن پهرين حصي ۾ فقط وهيل مڇين بابت ٿا لکون ته اهي ڪيڏيون وڏيون آهن ....؟ انهن جي اهم حيثيت ڇو آهي ...؟ انهن جا ڪيترا قسم آهن....؟ هو ڪيئن ٿيون زندگي گذارين...؟ وغيره.
    سمنڊ سان واسطو هجڻ ڪري اڪثر ماڻهو (خاص ڪري ٻار) مون کان پڇندا آهن ته اسان کي ڪڏهن وهيل يا ٻيون مڇيون نظر آيون....؟ ڪنهن مڇيءَ اسان جي جهاز تي حملو ڪيو...؟ ۽ هاڻ هن خبر بعد ڪنهن اهو به پڇيو ته ڇا وهيل مڇيءَ جو وات ايڏو وڏو ٿئي ٿو جنهن ذريعي هوءَ سڄو ماڻهو ڳڙڪائي سگهي؟
    وهيل جو وات ايڏو وڏو ٿئي ٿو جو سڄو ماڻهو هڪ ئي ڳت ۾ هن جي پيٽ ۾ ته داخل ٿيو وڃي پر جي ڪو چاهي ته هن جي وات مان واڪ ڪري پيٽ اندر داخل ٿي سگهي ٿو. ماڻهو ته ڇا موٽر ڪار ـــ بلڪه ٽرڪ به ان مان داخل ٿي سگهي ٿي. ڇو جو وهيل مڇي دنيا جو تمام وڏو جانور آهي. ايڏو وڏو جو هن جي ڄڀ (زبان) بالغ هاٿيءَ جيڏي آهي جنهن جي مٿان شير مير بحر، بکر شيديءَ جهڙا ڏهه پهلوان ملهه بيهي سگهن. سندس دل اسان جي مهراڻ يا سوزوڪي سئفٽ ڪار کان وڏي آهي. بلو وهيل جي Aorta (دل ڏي رت کڻي ويندڙ شريان) ايڏي موڪري آهي جو انساني ٻار ان مان مونڙيون پائي هلي سگهي ٿو. وهيل مڇين جي ڪن جنسن جي نرن جا آنوڙا (Testicles) ايڏا وڏا ٿين ٿا جو هڪ جوڙي جي تور هڪ ٽن (25 مڻن) جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿي.... يعني هڪ آنوڙي جو وزن 500 ڪلو ـــ پنجن ٻڪرين جيترو ٿيو ۽ خاص عضوو 8 فٽ يعني ماڻهوءَ جي قد کان به ڏيڍوڻو ٿئي.
    ماڻهو پڇندا آهن ته سمنڊ تي اسان کي مڇيون نظر اينديون آهن؟ جهاز جڏهن ڪنهن بندرگاهه ۾ گهڙڻ کان اڳ کلئي سمنڊ تي ائنڪر ڪيرائي اندر گهڙڻ جو انتظار ڪندو آهي ۽ جهاز جون انجڻيون بند هجڻ ڪري خاموشي تاري هوندي آهي ته پوءِ شفاف پاڻيءَ ۾ رکي رکي مڇين جا ولر گذرندي نظر ايندا آهن. باقي جهاز جڏهن هلي ٿو ته فقط هن جي پروپيلر کي هلائڻ واري انجڻ 16 هزار هارس پاور طاقت جي ٿئي ٿي جنهن جو آواز تمام گهڻو ٿئي ٿو. اهڙي ڌڌڪي واري هلندڙ لوهي جهاز جي ويجھو ڪهڙي مڇي ايندي. ها البت کلئي اونهي سمنڊ ۾ ڪٿي جي وهيل مڇيون هونديون آهن ته اهي پري کان ضرور نظر اينديون آهن جو وهيل مڇي انسانن ۽ جانورن وانگر ڦڦڙن ذريعي ساهه کڻي ٿي. هن جي مٿي تي هڪ (۽ ڪن تي ٻه) سوراخ ٿين. اهي ڄڻ ته وهيل جي نڪ جون ناسون آهن جن ذريعي هوءَ سمنڊ جي سطح تي اچي ساهه کڻي ٿي ۽ پوءِ ساهه ڪڍڻ مهل هوا سان گڏ پاڻيءَ جا ڦڙا به وڏي پريشر سان اسپري جي شڪل ۾ ائين ٻاهر ڪڍي ٿي ڄڻ ڪنهن باغ ۾ لڳل ڦوهاري مان پاڻي نڪري ـــ ان سان گڏ ان ڦوهاري جو آواز به پري پري تائين ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. دنيا جي باقي مڇين کي سمنڊ اندر پاڻيءَ مان ئي آڪسيجن ملي ٿي ۽ هنن کي ٻاهر نڪرڻ جي ضرورت نٿي پوي. هنن جي ڪلين (Gills) ۾ جيڪو سامونڊي پاڻي داخل ٿئي ٿو ان مان مڇيءَ جو جسم آڪسيجن چوسي وٺي ٿو.
    هڪ دفعي ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ فرانس يا اٽليءَ جي ڪنهن بندرگاهه ٻاهران لنگر ڪيرائي، جهاز جي انجڻ بند ڪري اندر داخل ٿيڻ جي سڏ جو انتظار ڪري رهيا هئاسين ته ڪا زخمي وهيل مڇي ڪٿان ٿڙندي ٿاٻڙندي اچي اسان جي جهاز جي ٻاهرين حصي سان لڳي. في الحال ته ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪنهن ٻئي جهاز اچي ٿونو هنيو هجي..... جهاز ست اٺ دفعا ساڄي کاٻي رول ڪندو رهيو. اسان سڀني لاءِ اها نئين ڳالهه هئي ته خاموش موسم ۽ ماٺيڻي سمنڊ ۾ هي ڇا ٿي ويو. اندر بندرگاهه ۾ گهڙڻ بعد اتي جي هڪ جھوني جهازيءَ ٻڌايو ته هتي هن علائقي ۾ ”وهيلر جهاز“ وهيل مڇين جو شڪار ڪن ٿا. ضرور ڪنهن وهيلر ۾ سوار مهاڻن ان وهيل مڇيءَ کي ڀالا ۽ ڀڙڇيون هڻي زخمي ڪيو هوندو يا وري سندس ٻچي کي ماريو هوندو جنهن جي ڪاوڙ ڪڍڻ لاءِ هن وهيل مڇيءَ اسان جي جهاز کي ٽڪر هنيو. اهو ٻڌي مونکي احساس ٿيو ته اڳوڻن وقتن ۾ جڏهن جهاز ڪاٺ جا هوندا هئا ۽ سڙهن ذريعي هلندا هئا، وهيل مڇين جي شڪار دوران ڪڏهن ڪڏهن ههڙي بگڙيل وهيل انهن هوڙهن ۾ سوار ماڻهن ۽ هوڙهن کي ٿونا هڻي تباهه ڪري رکندي هئي. دنيا جي مشهور ناول ”موبي ڊڪ“ ۾ به ته وهيل مڇي اهو ئي حال ڪري ٿي.
    وهيل مڇي اونهي سمنڊ جو جانور آهي. هوءَ سڄي زندگي ڄمڻ کان وٺي بالغ ٿيڻ، ملڻ، ڦر ڏيڻ، ان جي پالنا ڪرڻ سمنڊ اندر ئي ڪري ٿي. ڪا زخمي ٿيل وهيل هوش وڃائي ڪناري تي اچي پئي هجي ته اها ٻي ڳالهه آهي نه ته هوءَ هميشه ڪناري کان پري کلئي سمنڊ ۾ گذاري ٿي. اهڙي زخمي يا مُئل وهيل يا ان جو ٻچو ڪڏهن ڪڏهن ڪراچيءَ جي ڪناري کان به اچي نڪرندو آهي ۽ ان جي خبر فوٽي سميت اسانجي اخبارن جي زينت ٿيندي آهي.
    وهيل مڇيون گھوڙي گڏهه يا دريائي گھوڙي وانگر هڪ ئي جنس جون نه آهن. وهيل مڇين جون سندن شڪل، رنگ، قد بت ۽ عادتن مطابق ڪيتريون ئي جنسون آهن جيئن ته گري وهيل، اسپرم وهيل، پائلٽ وهيل، بوهيڊ وهيل، فِن وهيل، بلو وهيل، ڪِلر وهيل (جيڪا اورڪا به سڏجي ٿي)، بيلوگا وهيل (جيڪا سفيد وهيل به سڏجي ٿي)، وغيره.
    وهيل مڇيون تمام وڏيون ٿين ٿيون. ڪي ته ننڍين جنس جون به آهن پر اهي به ماڻهوءَ جي قد کان وڏيون اٽڪل 9 فٽ ٿين ٿيون جن جو وزن ٻن ماڻهن برابر اٽڪل 140 ڪِلو ٿئي ٿو. اهي ننڍي قد جون وهيل مڇيون ”ڄامڙيون اسپرم وهيل“ سڏجن ٿيون. گهڻيون تڻيون وڏيون ٿين ٿيون جيئن بلو وهيل مڇيون 112 فٽ کن ڊگهيون يعني انهن کي ڪرين ذريعي اُڀو جهلجي ته ٻارهن ماڙ بلڊنگ جيڏيون ٿين ۽ سندن وزن 200 کن ٽن ٿئي ٿو. ان تور جو اندازو ان مان لڳايو ته هڪ ٽن 25 مڻن برابر آهي يعني هڪ هڪ وهيل پنج هزار مڻن جي ٿي! ۽ جي ڪِلو ۾ حساب لڳائجي ته ان جو وزن ٻه لک ڪلو ٿيو.
    وهيل مڇين کي ٿلهي ليکي ٻن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ ڏندن واريون جن جو گهڻي ڀاڱي کاڄ اِسڪڊ (Squid) جهڙيون مڇيون آهن (اِسڪڊ مڇيون اونهي سمنڊ ۾ ٿين ٿيون جن کي هي وهيلون ميل ڏيڍ هيٺ غوطو هڻي جھلين). ٻيون جھالر واريون (Baleen) وهيلون آهن. هنن جي منهن ۾ ڏندن بدران هڪ خاص قسم جي مواد جون جھالرون ٿين ٿيون. هي مواد اهو آهي جنهن مان اسان جا وار يا ننهن ٺهيل آهن. هي مڇيون سامونڊي گاهه ۽ آڱرين جهڙيون Krill مڇيون کائين ٿيون. هو وڏو وات پٽي سمنڊ جو پاڻي اندر ڪري پوءِ وات ڀيڪوڙي يعني اڳيان جھالر (بئلين) ڏئي پاڻي ٻاهر ڪڍن. پاڻيءَ ۾ موجود سامونڊي گاهه، ڪرل ۽ ٻيون ان قسم جون ننڍيون مڇيون بئلين جهڙي ڇاڻيءَ مان لنگهندي ان جي اندرين پاسي ڦاسيو پون جن کي وهيل مڇي چٽي صاف ڪندي آهي ۽ وري ٻيو پاڻي وات اندر ڪندي آهي. هن قسم جي وهيل اڳيان ڪو ماڻهو به اچي وڃي ته هو سڄو ئي سڄو وهيل جي وات ۾ چوسجي (Suck ٿي) سندس پيٽ اندر داخل ٿي سگهي ٿو. انهن قسمن جي وهيل کي ڏند نه هجڻ ڪري ماڻهو زخمي نٿو ٿئي.
    • ڏندن وارين وهيل مڇين کي قدرت طرفان ٻڌڻ جي وڏي طاقت مليل آهي. ايتريقدر جو هو انڌيون ٿي وڃن ته به ٻڌڻ جي طاقت ذريعي شڪار کي ڦاسائي گذارو ڪريو وٺن. جھالر وارين وهيل مڇين کي وري سونگھڻ جي وڏي سگهه مليل آهي.
    • هتي اهو به لکندو هلان ته وهيل مڇيون ”گرم خون“ (Warm Blooded) ٿين ٿيون. ماڻهو، پکي ۽ جانورن جو ان ڪئٽيگريءَ سان تعلق آهي. گرم خون وارا جن کي بايولاجي ۾ Homoeothermic سڏجي ٿو، اهي ساهه وارا آهن جن جي جسم جي گرمائش هميشه ساڳي رهي ٿي چاهي ٻاهر جو ٽيمپريچر ڇا به هجي. جيئن اسان انسانن جو نارمل ٽيمپريچر (Normothermia) 36.8 ڊگريون سيلسيس (يعني 98.2 ڊگريون فهرنائيٽ) رهي ٿو. چاهي ٻاهر ڪهڙي به موسم هجي اسانجي جسم جو سسٽم ساڳيو ٽيمپريچر قائم رکي ٿو. پر مڇيون، نانگ بلائون يا واڳون ”ٿڌي خون وارا“ Cold Blooded ٿين ٿا. انهن جو ٽيمپريچر خود به خود ساڳيو نٿو رهي. اهو ئي سبب آهي جو رات جو ٿڌ ٿيڻ تي درياهه جا واڳون ليڙا (Sluggish) ٿي پوندا آهن ۽ سج اڀرڻ تي هو درياهه مان ٻاهر نڪري پنهنجو پاڻ کي اس ۾ سيڪيندا آهن. جيڪا مڇي جنهن ٽيمپريچر تي قدرت خلقي آهي اها ان گرمائش واري سمنڊ ۾ ئي رهي سگهي ٿي. توهان نارٿ سي (جرمني، ڊئنمارڪ، بيلجيم) پاسي جون مڇيون کڻي خط استوا واري سمنڊ ۾ يعني ملائيشيا، سنگاپور، سري لنڪا واري سمنڊ ۾ اچي وجھندائو ته هو مري وينديون. اهڙي طرح گهر ۾ به اهي مڇيون پالي سگهجن ٿيون جيڪي ان گرمائش تي جيئريون رهي سگهن ٿيون. پاڪستان يا دبئيءَ مان خريد ڪيل مڇين کي ناروي، سئيڊن ۾ رکڻ لاءِ توهان کي انهن جي اڪيورم (گهر) ۾ هيٽر هڻڻو پوندو. چڙيا گهرن ۾ دنيا جي مڇين کي رکڻ لاءِ انهن جي جياپي وارو ٽيمپريچر قائم ڪرڻو پوي ٿو.
    • هاڻ جڏهن توهان کي وهيل بابت مٿيون ڳالهيون سمجھه ۾ اچي ويون آهن ته هن اسٽيج تي توهان کي اهو سمجهڻ ۾ ڏکيائي نه ٿيندي ته وهيل جنهن کي اسان ’مڇي‘ سڏيندا اچون مڇيءَ جي شڪل جي ضرور آهي، مڇيءَ وانگر سمند ۾ به رهي ٿي ۽ مڇيءَ وانگر تري ۽ ٽٻيون به هڻي سگهي ٿي پر حقيقت ۾ اها مڇي ناهي. اها ٿڻائتن جانورن (Mammals) جو قسم آهي. قدرت جي هن ڪارخاني ۾ ههڙيون ڪئين شيون نظراچن ٿيون جيئن اٺ پکي (شتر مرغ) کنڀن هوندي به اڏامي نٿو سگهي. چمڙو ”پکي“ هوندي ٻچن کي ٿڃ پياري ٿو، وغيره.

    مڇيءَ ۽ وهيل ۾ فرق:
    - مڇي ڪلين (Gills) ذريعي ساهه کڻي ٿي. هر انسان، جانور، پکي پکڻ کي آڪسيجن جي ضرورت آهي جيڪا رت سان ملي ان کي صاف ٿي رکي ۽ اسان زندهه رهون ٿا. وهيل مڇيءَ کي منهن جي مٿين حصي ۾ نڪ آهي جيڪو Blow Hole ٿو سڏجي. ڪن وهيلن کي هڪ ناڪوٽي (ناس) ٿئي، ڪن کي ٻه. وهيل مڇي ٿوري ٿوري دير کان پوءِ سمنڊ جي سطح تي اچي اسان وانگر ساهه کڻي هوا کي اندر ڦڦڙن ڏي موڪلي ٿي جتي ان هوا مان آڪسيجن رت کي ملي ٿي. مڇيون ڪلين ذريعي سمنڊ جي پاڻيءَ مان آڪسيجن حاصل ڪن ٿيون. مڇيون سمنڊ جو پاڻي وات ذريعي جسم ۾ داخل ڪري ڪلين مان ڪڍن ٿيون جتي پاڻيءَ ۾ مليل آڪسيجن چوسي وڃي ٿي.
    - هر مڇي توڙي وهيل جو پُڇ سهي جي ٻن ڪنن وانگر ٿئي ٿو جيڪي Flukes سڏجن ٿا. اهي مڇيءَ کي اڳيان هلڻ ۾ مدد ڏين ٿا. اڳيان وڌڻ لاءِ هر مڇي انهن کي کاٻي ساڄي موڙيندي رهي ٿي پر وهيل مڇي ساڄي کاٻي موڙڻ بدران هيٺ مٿي ڪري ٿي.
    - هر مڇيءَ جي ٻاهرين کل تي ڇلر ٿين ٿا پر وهيل مڇيءَ جي جسم تي جانورن جي کل وانگر وار ٿين ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته عمر سان گڏ ۽ سمنڊ ۾ گهڻو ترڻ ڪري اُهي وار ڇڻيو وڃن.
    - مڇيون آنا ڏين ٿيون. اسان مان گهڻن اها آني ضرور کاڌي هوندي. وقت پوري ٿيڻ تي هر مڇي اهي آنا سمنڊ ۾ لاهي ٿي جن جي ڦاٽڻ تي ان مان ٻچا نڪرن ٿا. جيڪي پوءِ پنهنجي مدد پاڻ ڪريو جي حساب سان ان ئي وقت ماءُ کان جُدا ٿي ٽڙيو پکڙيو وڃن ۽ انهن هزارين ڦٽل مڇين مان ڪي ته انهي وقت ئي وڏين مڇين جي پيٽ ۾ هليون وڃن ڪي ڪجهه ڏينهن اندر ۽ فقط هڪ حصو جواني ماڻي.
    وهيل مڇيون خشڪي جي جانورن وانگر ٻار ڄڻين. گهڻو ڪري هڪ وقت تي هڪ ڦر. ڄمڻ بعد ان کي آزاد ڇڏي ڏيڻ بدران هن کي سال کن پاڻ سان گڏ رکي ٿڃ پيارين، حفاظت ڪن، جيئڻ ۽ شڪار ڪرڻ جون اٽڪلون سيکارين.
    - جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته مڇيون ٿڌي رت واريون ٿين ٿيون ۽ هو ڪوشش ڪري سڄي عمر ساڳي گرمائش واري سمنڊ ۾ زندگي گذارين ٿيون پر وهيل مڇيون گرم رت واريون هجڻ ڪري ٿڌي توڙي گرم پاڻي ۾ رهي سگهن ٿيون. هو ساهه کڻڻ جي سهوليت ڪري سطح سمنڊ جي ويجھو رهن ٿيون ۽ شڪار کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻه ميل اونهون غوطو هڻي سمنڊ جي تري کان به وڃيو نڪرن.
    - هر مڇي سمنڊ اندر ئي رهي ساهه کڻي ٿي پر وهيل کي ساهه کڻڻ لاءِ سمنڊ کان ٻاهر نڪرڻو پوي ٿو ـــ گهٽ ۾ گهٽ مٿي واري حصي کي ٻاهر ڪڍڻو پوي ٿو جيئن نڪ سمنڊ جي پاڻيءَ کان ٻاهر رهي ۽ هوا ڇڪي سگهي.

    وهيلن بابت حيرتناڪ حدون:
    شروع ۾ لکي آيو آهيان ته وهيلن جون ڪيتريون ئي جنسون آهن جيئن کڻي چئجي ته اسان وٽ ٻڪرين جون انهن جي شڪلين، سونهن، قد بت جي حساب سان آهن: ڪاموري، بَري، جابلو، ٽيڊي، پٺ وغيره.
    - سڀ کان وڏيون وهيلون نيريون (Blue) وهيلون آهن. اهي دنيا ۾ رهندڙ هر جانور کان وڏيون آهن ـــ ڪنهن زماني ۾ رهندڙ آفت جيڏن ڊائنا سورسن کان به وڏيون آهن. هنن جي وات ۾ ڏندن بدران ڦڻيءَ جهڙي سنهي جھالر (Baleen) ٿئي ٿي. ان ڪري هي بئلين وهيلن جو قسم آهن. هيءَ وهيل 110 فٽن تائين ڊگهي ٿئي ٿي. ان کان پوءِ ٻئي نمبر تي وڏي فِن (Fin) وهيل ٿئي ٿي. ڏندن وارين وهيل مڇين ۾ اسپرم (Sperm) وهيل وڏي ٿئي ٿي ـــ اٽڪل 50 فٽ جنهن جو وزن 43 ٽن ٿئي ٿو.
    - سڀ کان گهڻو گوڙ ڪرڻ واري پڻ ”بلو وهيل“ آهي. آواز جي ليول ڊيسيبل ۾ ماپي وڃي ٿي. انسان جي رڙين جي ليول 70 ڊيسيبل (Decibles) ٿئي ٿي. 120 کان مٿي واري ليول جو گوڙ انسان جي ڪنن لاءِ سخت تڪليف وارو ٿئي ٿو. جيٽ هوائي جهاز جو آواز 140 ڊيسيبل آهي. بلو وهيل جو آواز ان کان به وڏو 188 ڊيسيبل آهي بلو وهيل جيڪا پنهنجي ڦر کي سڏڻ لاءِ سيٽيءَ جي صورت ۾ آواز ڏئي ٿي اهو سوين ميلن تائين ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.
    - پائلٽ وهيل ۽ ڪِلر وهيل (جيڪي Orcas سڏجن ٿيون) رفتار ۾ سڀ کان تکيون آهن. شڪار کي جھلڻ لاءِ هو 50 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي حساب سان هن جي پويان لُوههَ پائي سگهن ٿيون.
    - سڀ کان گهڻي خطرناڪ ڪِلر وهيل (اورڪا) آهي. هر روز هن کي سوين ڪلوگرام مڇين، اسڪڊن، سامونڊي پکين (Sea Gills وغيره) ۽ سامونڊي جانورن (لڌڙن، آبي ڳؤئن ۽ ننڍين وهيلن) جي ضرورت پوي ٿي. هو پنهنجي شڪار کي چٻاڙي نٿيون سگهن ان ڪري هو هر شيءِ کي ڳڙڪائينديون (ڳهنديون) وڃن ٿيون. ڪلر وهيلون وڏيون قابل شڪاري آهن. هو اڪيلي سر يا ٽولي ۾ مختلف نموني سان مڇين جي جھڳٽن کي وڪوڙي هضم ڪريو وڃن.
    - اسپرم وهيلون سڀ کان اونهو غوطو هڻي سگهن ٿيون هنن جو گهڻو گذارو آڪٽوپس ۽ گانگٽ جهڙين مڇين (Squids) تي ٿئي ٿو جيڪي سمنڊ جي تري ۾ رهن ٿيون. انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسپرم وهيل 3000 ميٽر (يعني 3 ڪلوميٽرن) تائين به ٽٻي هڻي سگهي ٿي ۽ هيءَ ٽٻي 40 منٽن تائين بنا ساهه کڻڻ جي هڻي سگهي ٿي. ان بعد هن کي وري سمنڊ جي سطح تي اچي ڏهن منٽن لاءِ آرام ڪرڻو پوي ٿو.
    - نر وهيلون راڳ ڳائڻ کان مشهور آهن. سندن اهي راڳ عجيب کهري قسم جي آواز ۾ ٿين ٿا. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته نر وهيلون اهي راڳ ميلاپ جي موسم ۾ مادين کي پاڻ وڻائڻ ۽ قرب حاصل ڪرڻ لاءِ آلاپين ٿا.
    - سڀ کان گهڻو مغز اٽڪل 9 ڪلو اسپرم مڇيءَ کي ٿئي ٿو.
    - وهيل مڇيون ڍُڪيون ٿيڻ لاءِ ٿڌن پاڻين ڏي وڃن ٿيون ۽ ڦر ڏيڻ لاءِ گرم پاڻيءَ ڏي ـــ يعني خط استوا ڏي موٽن ٿيون. سڀ کان وڏو سفر ڀوري (Gray) وهيل ڪري ٿي. هوءَ هر سال ”آرڪٽڪ سمنڊ“ (الاسڪا جي اتر) کان ميڪسيڪو تائين اچي وڃي ٿي يعني 20 هزار ڪلوميٽر تري ٿي.
    - سڀ کان گهڻو وزن بلو وهيل جو ٿئي ٿو. هوءَ ڊيگهه ۾ به وڏي بوئنگ 737 جيڏي ٿئي ٿي ۽ وزن ۾ 150 ٽنن کان مٿي ٿئي ٿي. مون جهڙي هڪ ماڻهوءَ جي تور جي 80 ڪلو ٻڌجي ته بلو وهيل جو 2000 ماڻهن جيترو وزن ٿيو.
    - وهيل جيڪو ڦر ڏئي ٿي اهو ڪيڏو وڏو ٿئي ٿو؟
    بلو وهيل ڏهن کان ٻارهن مهينن تائين پيٽ سان رهي ٿي ان بعد جيڪو ڦر ڄمي ٿو ان جي ڊيگهه 8 ميٽر ٿئي ٿي يعني 24 فٽ کن. هڪ ماڻهوءَ جي 6 فٽ ڊيگهه سمجھي وڃي ته بلو وهيل جو تازو ڄاول ٻار به چئن ماڻهن جيڏو ڊگهو ٿئي ٿو. هيءَ بيبي وهيل روزانو ماءُ جو 225 ليٽر کير پيئي ٿو جنهن ۾ تمام گهڻي چرٻي ٿئي ٿي. هر ڪلاڪ بعد هن بيبيءَ جي چار ڪلو تور وڌي ٿي يعني سڄي ڏينهن ۾ نوي ڪلو (هڪ ٿلهي ماڻهوءَ جيترو) وزن وڌي ٿو. اهو سلسلو 8 مهينن تائين هلي ٿو جيستائين اها بيبي 15 ميٽر (45 فٽ کن) ڊگهي ۽ 23 کن ٽن جي ٿئي. يعني 23000 ڪلو گرام! وهيل جو ڦر ۽ ماءُ سال کن يا ڪجهه وڌيڪَ گڏ رهن ان بعد پنهنجو پنهنجو رستو اختيار ڪن.
    - اسپرم وهيل جو سڀ کان وڏو مٿو ٿئي ٿو جيڪو سندس جسم جي ڊيگهه جي ٽئين حصي برابر ٿئي. هن ۾ موجود مغز بابت لکي آيو آهيان ته ان جي تور 9 ڪلو ٿئي ٿي. مٿي ۾ هڪ خال (Cavity) به اٿس جيڪو ايڏو وڏو آهي جو ان ۾ ڪار پارڪ ٿي سگهي. هن خال ۾ هئڊي رنگ جي ميڻ جهڙي شيءِ ٿئي ٿي جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پراڻي زماني جا شڪاري جدوجهد ۾ هوندا هئا.
    - وهيل مڇيءَ جي چڱي خاصي عمر ٿئي ٿي ۽ ڪيتريون ته 200 سال به جيئريون رهن ٿيون.
    - اسان کي پنهنجن وڏي لوهي جهازن تان پري کان وهيل مڇيءَ کي ساهه کڻندو بلڪه پاڻيءَ جي ڦوهاري وانگر ساهه خارج ڪندو ڏسي مزو اچي ٿو. ڪنهن به وهيل جو آفت جيڏن لوهي جهازن کي ٿونو هڻڻ معنيٰ پنهنجو مٿو ڀت سان هڻڻ آهي. باقي ڪاٺ جي ٻيڙي ۾ سوارن کي وهيل مڇيءَ کي پاڻ ڏي ايندو ڏسي ساهه سڪيو وڃي جو ڪهڙي خبر ته هن جو موڊ بگڙجي وڃي ۽ پنهنجو گس ڇڏي ٻيڙيءَ کي اچي ٽڪر هڻي ۽ ٻيڙي ۽ ان ۾ سوار ويهارو کن ماڻهن کي اونڌو ڪري ڇڏي. هونءَ وهيل انسان جي ڪا دشمن ناهي. اها هپو (دريائي گھوڙي) جي طبيعت جي آهي. اها شارڪ مڇي آهي جيڪا خونخوار جانورن وانگر انسان ۽ هر شيءِ تي حملو ڪري ٿي. اها شڪار ڪري کائي ٿي. وهيل پنهنجي دنيا ۾ مست رهي ٿي پر هن کي جڏهن احساس ٿئي ٿو (ڪوڙو يا سچو) ته ڪو هن کي مارڻ جي ڪري رهيو آهي يا هن جي کير پياڪ ڦر کي نقصان پهچائي رهيو آهي ته پوءِ اها ڇتي ٿي سڄي ٻيڙيءَ کي ٽڪر هڻي ٿي ۽ ان مان ڪريل ماڻهوءَ کي ڳهيو به وڃي. پر جي اها ڏندن واري جنس جي وهيل آهي ته اها چڪي به رکي ٿي. ان ويڙهاند ۾ وهيل جي ڪيترن شڪاري مهاڻن جا هٿ پير يا ٽنگون ٻانهون ڪپجيو وڃن.


    اسپيني مهاڻي جو ٽن ڏينهن بعد مڇيءَ جي پيٽ مان نڪرڻ

    هاڻ پاڻ اسپين جي رهاڪو ”لوگي مارڪيز“(Luigi Marquez) جي ڳالهه ڪري سگهون ٿا جنهن جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ تي هڪ ”بلو وهيل“ کيس ڳڙڪائي وئي. اهو ته توهان هاڻ سمجهي ويا هوندائو ته ڪنهن انسان کي ڳڙڪائي وڃڻ ڪنهن وهيل لاءِ وڏي ڳالهه ناهي ـــ خاص ڪري بلو وهيل لاءِ جنهن جي وات ذريعي بس يا ٽرڪ به سندس پيٽ اندر داخل ٿي سگهي ٿي.
    گذريل مهيني ان خبر دنيا جي ماڻهن کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو ته ”اسپين جو مهاڻو ٽي ڏينهن مڇيءَ جي پيٽ ۾ رهي جيئرو جاڳندو نڪري آيو.“ اها خبر مون به سعودي عرب ۽ انڊيا جي اخبار Deccan Chronicle ۾ نيٽ تي پڙهي. خبر جا سب ٽائيٽل هئا: ”56 سالن جي اسپيني مهاڻي لوگي مارڪيز ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته ٻيڙي جي اٿلڻ بعد بلو وهيل هن کي ڳڙڪائي وئي. ٽن ڏينهن بعد جڏهن وهيل الٽيءَ ۾ هن کي ٻاهر ڪناري تي ڦٽو ڪيو ته هن جي حالت نازڪ هئي. آبي ماهرين جو چوڻ آهي ته هن کان اڳ به ڪيترائي ماڻهو وهيل مڇين جي پيٽ مان جيئرا نڪتا آهن. آفت جيڏي هن مڇيءَ جي پيٽ جو ٽيمپريچر قابلِ برداشت ٿئي ٿو.
    قرآن ڪريم ۾ حضرت يونس عليه والسلام جو مڇيءَ جي پيٽ ۾ چاليهه ڏينهن بعد جيئرو نڪرڻ جو ذڪر ٿيل آهي. اهڙو ئي واقعو اسپين ۾ به ٿيو آهي. جنهن ۾ هڪ مهاڻو ٽي ڏينهن مڇيءَ جي پيٽ ۾ رهڻ بعد جيئرو جاڳندو نڪري آيو آهي. مٿين اخبارن مطابق اسپين جي هڪ ڳوٺ پيورٽو ريئل (Pureto Real) جو هڪ 56 سالن جو مهاڻو، لوگي مارڪيز گذريل هفتي مڇين جو شڪار ڪندي سمنڊ ۾ گم ٿي ويو. هو پنهنجي دوستن سان گڏ مڇين جو شڪار ڪري رهيو هو ته سخت طوفان لڳڻ ڪري هن جي ٻيڙي اونڌي ٿي وئي. لوگيءَ جا ٻيا دوست ته پنهنجين ٻيڙين سميت ڪناري تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پر لوگيءَ جي ڪا خبر نه پئجي سگهي. مهاڻن جي اطلاع تي اسپيني ڪوسٽ گارڊ جي سپاهين ڪيترائي ڪلاڪ لوگيءَ جي ڳولا ڪئي پر کين لوگي زندهه يا لاش جي صورت ۾ نه ملي سگهيو. آخر هو مايوس ٿي ڳولا جو ڪم ختم ڪري موٽي آيا. ٻي طرف جڏهن لوگي مارڪيز جي زال ”پيني لوپ“ (Penelope) کي سندس مڙس جي گم ٿيڻ جي خبر پيئي ته هوءَ ۽ هن جا ٻار لوگيءَ جي زندهه سلامت موٽڻ لاءِ دعائن ۾ مصروف ٿي ويا. پيني لوپ مقامي مذهبي پادرين ۽ پنهنجن مائٽن مٽن کي به دعائن لاءِ عرض ڪيو. پر ٽي ڏينهن گذّرڻ بعد به لوگيءَ جي ڪا خبر نه پيئي ته پوءِ سڀني کي يقين ٿي ويو ته لوگي مري چڪو آهي ۽ سندس جسم کي شارڪ جهڙين مڇين چچري کائي ڇڏيو هوندو. پر چون ٿا ته هي لوگيءَ جي زال ۽ ٻارن جي دعائن جو حيرت انگيز ڪرشمو چئبو جو ان ڏينهن شام ڌاري لوگي صحيح سلامت اچي گهران نڪتو. هن جيڪو پنهنجي جيئري بچڻ جو داستان ٻڌايو اهو ٻڌي دنيا دنگ رهجي وئي. لوگي مارڪيز جڏهن زندهه سلامت پنهنجي گهر پهتو ته مقامي اخباري نمائندن جو هن جي گهر ميلو مچي ويو.
    ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي لوگيءَ ٻڌايو ته..... ”جمعي ڏينهن صبح جو اسان ڪجهه دوست سمنڊ ۾ مڇين جو شڪار ڪري رهيا هئاسين ته اوچتو طوفاني هوائون شروع ٿي ويون ۽ منهنجي ٻيڙي اونڌي ٿي وئي. مڇريل لهرون مونکي پاڻ سان گڏ وهائي خبر ناهي ڪٿان کان ڪيڏانهن گهلي ويون. پوءِ هڪ آفت جيڏي ”بِلو وهيل“ مڇي مون کي ڳرڪائي وئي. ايندڙ ٽي ڏينهن آئون هن وهيل جي پيٽ ۾ رهيس. ٽن ڏينهن بعد هن مڇيءَ مونکي سمنڊ جي ڪناري تي الٽي ڪري ٿوڪاري ڇڏيو.“
    لوگيءَ جو چوڻ هو ته ”وهيل مڇيءَ“ جي پيٽ ۾ رات جهڙي اونداهي هئي ۽ مريل سڙيل مڇين جي ايڏي ته ڌپ هئي جو مونکي لڳو ٿي ته آئون ان ڍونڍ وگھي مري ويندس. مونکي بلو وهيل جي پيٽ ۾ گندي ڌپ کان علاوه سخت سيءُ به لڳي رهيو هو. جنهن وقت وهيل ٻاهر جو برف جهڙو پاڻي اندر ٿي اوتيو ته ڏڪڻي وٺي وئي ٿي. ان دوران آئون وهيل جي پيٽ ۾ موجود ننڍڙيون مڇيون کائي زندهه رهيس ۽ منهنجي واٽر پروف ٽارچ روشنيءَ جو واحد ذريعو هئي......“
    لوگيءَ ميڊيا کي وڌيڪ ٻڌايو ته ”جڏهن مونکي وهيل مڇيءَ سمنڊ جي ڪناري تي اٻڙاڪ ڏئي ڪڍيو ته منهنجي حالت بلڪل مرڻ جهڙي هئي پر ڪنارو ويجھو هجڻ ڪري آئون پنهنجي زندگيءَ جي باري ۾ پر اميد هوس. مون ۾ ترڻ جي بلڪل سگهه نه رهي هئي پر ڪنهن نموني سان ٻه چار هٿ هنيم ۽ باقي تانگهي پاڻيءَ مان مونڙيون پائي ڪناري تي غشيءَ جي حالت ۾ ليٽي پيس.“
    لوگيءَ ٻڌايو ته وهيل مڇيءَ جي پيٽ مان ٻاهر نڪرڻ بعد هو ڪا دير پاڻ کي ڌوئندو رهيو پر هن جي جسم مان ڍونڍ جي ڌپ ختم ٿي نه سگهي. ان موقعي تي لوگيءَ جي زال ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته ..... ”خدا پاڪ منهنجي دعائن جي برڪت سان هي معجزو رونما ڪيو.“ هن زارو قطار روئندي ٻڌايو ته ”جيئن ئي مونکي مڙس جي سمنڊ ۾ ٻڏڻ جو اطلاع مليو ته مون ان يقين سان گڏ پنهنجي رب کي ٻاڏايو ته هو ضرور منهنجي دعا ٻڌندو ۽ هن منهنجي دعا ٻڌي منهنجو عرض اگھائي ورتو ۽ منهنجو مڙس جيئرو ۽ سلامت گهر پهچي ويو.“
    ٻئي طرف ”سامونڊي جيوت“ جي ماهرين جو چوڻ آهي ته لوگيءَ جي هيءَ ڪهاڻي حيرت انگيز ۽ ناقابل يقين ضرور آهي پر هيءَ هن قسم جي پهرين ڪهاڻي ناهي. يونيورسٽي آف پيٽرينا (San Petrina) جي پروفيسر ۽ ”آبي جيوت“ جي ماهر ”جئان ڪرسٽوبل ميگئل“ (Juan Cristobal Migual) جو چوڻ آهي ته گذريل سال ڀر واري ملڪ پورچوگال جي ڪناري ويجھو ٻن ٽوٻن (غوطا خورن) کي وهيل مڇيءَ ڳهي ورتو پر خوش قسمتيءَ سان وهيل هنن کي يڪدم ٻاهر ٿوڪاري ڇڏيو. سامونڊي جيوت جي ماهرين جو اهو به چوڻ آهي ته اها ناممڪن ڳالهه ناهي ڇو جو آفت جيڏي وهيل مڇي جنهن جو قد سؤ کن فٽ ٿئي ٿو يعني جيڪا پندرنهن کن ماڻهن جيتري ڊگهي ٿئي ٿي ان جي سامهون هڪ ماڻهو ننڍي مڇيءَ برابر آهي جنهن کي هوءَ ٻين مڇين سان گڏ ڳڙڪائي سگهي ٿي. پر ڪنهنجو جيئرو بچڻ ان وقت ممڪن آهي جڏهن هو وهيل جي ڏندن کان بچي هن جي معدي ۾ سڌو هليو وڃي. يا اها بلو وهيل جهڙي مڇي هجي جنهن کي ڏندن بدران جھالرون ٿين جيڪا هر شيءَ وات اندر ڪري پوءِ پاڻيءَ کي انهن جھالر (ڇاڻين) معرفت ٻاهر ڪڍي ٿي جيئن اندر آيل پاڻي ته ٻاهر خارج ٿي وڃي پر ٻي هر شيءِ ـــ ويندي سنهو سنهو سامونڊي گاه ۽ چيچ جيڏيون مڇيون اندرئين پاسي رهجي وڃن جن کي هوءَ زبان سان چٽي معدي ۾ داخل ڪري ٿي. وهيل مڇي دنيا جو وڏي کان وڏو جانور آهي.... ڊائنا سورس کان به وڏو..... جنهن جو وزن ڏيڍ سؤ کان ٻه سؤ ٽن ۽ قد سؤ فٽن تائين ٿي سگهي ٿو. حضرت يونس عليه السلام جي معجزي متعلق ڪوئنز ڪاليج آڪسفورڊ جي ڊاڪٽر جان ولسن هڪ تحقيقي مقالو لکيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته وهيل مڇيءَ جي پيٽ ۾ ساهه کڻڻ لاءِ ڪافي آڪسيجن ٿئي ٿي ۽ هن جي پيٽ جو ٽيمپريچر (درجه حرارت) 104 ڊگريون فارن هائيٽ ٿئي ٿو جيڪو انسان لاءِ قابلِ برداشت آهي. 1992ع ۾ آسٽريليا جو اوڻونجاهه سالن جو هڪ مهاڻو گيرٽو هڪ وهيل مڇيءَ جي پيٽ ۾ 8 ڪلاڪ رهڻ بعد معجزاني طور تي جيئرو ٻاهر نڪري آيو هو. 1890 ۾ فاڪ لئنڊ ٻيٽ جي ويجھو هڪ جهاز وهيل مڇين جو شڪار ڪري رهيو هو ته ان جهاز تان جيمس نالي هڪ شڪاري سمنڊ ۾ ڪري پيو جنهن کي ان ئي وقت وهيل مڇي ڳهي وئي. سخت جدوجهد ڪري ٻن ڏينهن بعد ان وهيل کي جھليو ويو. جڏهن هن جو پيٽ چيريو ويو ته شڪاري (جيمس) جيئرو نڪري آيو البت هن جو سڄو جسم، وهيل جي اندروني تپش ۽ تيزابيت ڪري سفيد ٿي ويو هو. اٽڪل ڏهن ڏينهن جي علاج بعد هو وڃي صحتياب ٿيو. ان کان اڳ 1858ع ۾ فاڪ لئنڊ ۾ بارجڪلي نالي هڪ مهاڻي کي وهيل مڇيءَ ڳهي ورتو. اتفاق سان ڦاسايل مڇين ۾ هڪ اها به اچي وئي. عملي جي ماڻهن ڪهاڙيل سان ان کي ڪپڻ شروع ڪيو. ٻئي ڏينهن به هي ڪم جاري هو ته مئل مڇيءَ جي پيٽ ۾ چرپر محسوس ڪئي وئي. مهاڻن سمجھيو ته ان اندر ڪا جيئري مڇي هوندي جڏهن پيٽ چيريو ويو ته ان مان هنن جو گم ٿيل ساٿي بارڪلي نڪتو جيڪو تيل ۽ چرٻيءَ ۾ پيسيل هو. بارڪلي ٻن هفتن جي علاج بعد هوش ۾ آيو. اها خبر ان وقت جي اخبارن ۾ آئي ته سائنس جي دنيا ۾ ٽاڪوڙو مچي ويو ۽ ڪيترن ئي مشهور صحافين بارڪلي کان انٽرويو ورتو. هڪ مشهور سائنسي جرنل جي ايڊيٽر ”ايم ڊي پاول“ تحقيق بعد هن واقعي جي تصديق ڪئي ۽ لکيو ته: ”هن حقيقت جي ظاهر ٿيڻ تي آئون قبول ٿو ڪريان ته حضرت يونس عليه السلام جي باري ۾ آسماني ڪتابن ۾ جيڪو واقعو بيان ڪيو ويو آهي اهو لفظ بلفظ صحيح آهي ۽ ان ۾ شڪ ڪرڻ هڪ زندهه حقيقت کان منهن موڙڻ آهي......“


    صاحب الحوت (مڇيءَ وارو)

    مسافرن سان ڀريل ٻيڙي سمنڊ ۾ وڃي رهي هئي. سمنڊ جي لهرن ۾ تمام گهڻي تيک پيدا ٿي رهي هئي ..... مسافرن جو تعداد به ڪجهه گهڻو هو. ناکئي چيو ته هيءَ ٻيڙي ڄاڻ ته ٻڏي. مسافرن چيو: ”جلدي ٻڌاءِ ته ڇا ڪيو وڃي؟“ ناکئي چيو....... ”ٻيڙيءَ مان بار گهٽ ڪرڻ ضروري آهي. گهٽ ۾ گهٽ هڪ مسافر کي لاٿو وڃي!“
    وچ سمنڊ ۾ ڪنهن مسافر کي ڪيئن ٿو لاهي سگهجي. مجبورن سڀني گڏجي اهو فيصلو ڪيو ته ڪنهن هڪ مسافر کي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيو وڃي. هڪ مسافر جي موت جي بدلي ۾ جيڪڏهن ڪيتريون ئي جانيون بچي سگهن ٿيون ته اها ڪا خراب ڳالهه ناهي. سڀني مسافرن ان ڳالهه تي رضامندو ڏيکاريو. هاڻ سوال هي پيدا ٿيو ته هيترن مسافرن مان ڪنهن کي سمنڊ ۾ اڇليو وڃي. هر هڪ کي پنهنجي جان پياري هئي .... ڪو به ائين بي موت مرڻ لاءِ تيار نه هو. آخر اهو فيصلو ٿيو ته سڀني مسافرن جي نالن جون پرچيون ٺاهي ڪُڻو ڪڍيو وڃي. جنهن جو نالو نڪري ان کي سمنڊ ۾ اڇليو وڃي. ان ڳالهه تي سڀ راضي ٿيا ۽ جنهن جو ڪُڻو نڪتو ان کي سمنڊ ۾ اڇليو ويو. هڪ وڏي وهيل مڇي ان ٻيڙيءَ جي آس پاس گهمي رهي هئي. هن ڏٺو ته ٻيڙيءَ مان هڪ ماڻهوءَ کي سمنڊ ۾ اڇليو ويو آهي. هن کي ڄڻ بنا محنت جي گهر ويٺي شڪار ملي ويو. هوءَ هڪدم هن ڏي وڌي ۽ هن کي هڪ ئي ڳت ۾ هڙپ ڪري وئي.... اهو هزارها سال اڳ جو واقعو آهي.
    هن کان اڳ به اهو واقعو لکي چڪو آهيان ته 1891ع ۾ ڪجهه مهاڻا وهيل جي شڪار لاءِ روانا ٿيا. هنن جي جهاز جو نالو ”اسٽار آف دي ايسٽ“ (Star of the East) هو. هنن مهاڻن هڪ وهيل جو گهيراءُ ڪيو. هوءَ ڪا سٺ ستر فٽ ڊگهي ۽ پندرنهن فٽ کن ويڪري هئي. هنن مهاڻن چهنبائتن تيرن، بڙڇين ۽ گرزن سان هن مڇيءَ کي چڱو طرح زخمي ڪري وڌو. اڃان مهاڻن جي هن بلا سان جنگ جاري هئي ته هڪ مهاڻو جنهن جو نالو ”جيمس هارٽلي“ هو پاڻيءَ ۾ ڪري پيو. وهيل سخت ڪاوڙ ۾ هئي. هن ماڻهوءَ کي هيٺ ڪرندو ڏٺو ته کيس سڄو ئي سڄو ڳهي وئي. باقي مهاڻا جهاز تان هي سانحو ڏسندا رهيا پر ڪجهه نه ڪري سگهيا. شاهه لطيف جو سر گھاتو جو هڪ بيت آهي:
    جيڪي جھليا مَڇ، گھاتو گهر نه آئيا،
    ڪاهي وڃو، ناکئا! ڪريو بُري تي بَڇ
    پر سائين! هتي هڪ مڇ گهڻن مهاڻن کي ساڻو ڪري رکيو ـــ جيتوڻيڪ وهيل بنا هٿيارن جي هئي ۽ هي نيزن، ڀالن، ڀڻڇين سان! سخت افسوس جي حالت ۾ هو ملول ٿي گهرن ڏي موٽيا. ٽئي ڏينهن هي ملاح مهاڻا وري ان ساڳي مهم تي نڪتا ۽ ان طرف جو رخ ڪيائون جتي هو وهيل کي زخمي ڪري موٽيا هئا. پري کان ئي هنن کي ڪا شيءِ سطح سمنڊ تي ترندي نظر آئي. ويجھا پهتا ته معلوم ٿين ته هيءَ اها ئي زخمي وهيل هئي جيڪا مري چڪي هئي ۽ پاڻيءَ مٿان تري رهي هئي. هنن جيئن تيئن ڪري هن آفت کي جهاز جي عرشي تي پهچايو ۽ هن جو پيٽ چيريو ته هر هڪ جون اکيون حيرت مان ڦاٽي ويون! ڍير سارين ننڍين وڏين مڇين سان گڏ هنن جو ساٿي ”جيمس هارٽلي“ به نيم غشيءَ جي حالت ۾ ڦٿڪي رهيو هو. هن کي وهيل جي پيٽ ۾ 60 ڪلاڪ ٿي چڪا هئا پر ان هوندي به هو زندهه سلامت هو. جنهن ڏٺو اهو حيرتزده ٿي ويو جنهن ٻڌو ان جي وات مان اهو ئي نڪتو ته..... مارڻ واري کان بچائڻ وارو بيشڪ وڏو آهي.
    قرآن ڪريم جي سورة صافات ۾ آهي ته جنهن ٻيڙيءَ جي مُسافرن ڪُڻا وجھي جنهن پنهنجي هڪ ساٿيءَ کي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيو هو اهو حضرت يونس هو. قرآن فرمائي ٿو ته: ترجمو: بي شڪ يونس الله جي رسولن مان هڪ رسول هو.
    حضرت يونس بن متيٰ عليه السلام الله رب العزت جي جليل القدر نبين مان هڪ هو. قرآن ڪريم ۾ هن جو ڪيترن ئي هنڌن تي ذڪر آيو آهي. هڪ مڪمل سورة ”يونس“ سندن نالي سان آهي. الله رب العزت کين عراق جي مشهور شهر ”نينوا“ ـــ جنهن جو اڄ ڪلهه نالو ”موصل“ آهي ۽ داعش وارن جي راڄ ڌاڻي آهي، جي طرف کان مبعوث فرمايو. پاڻ پنهنجي قوم کي هڪ ڊگهي عرصي تائين توحيد جي دعوت ڏيندا رهيا پر سندن قوم نهايت سرڪش ۽ نافرمان هئي، جو سندن لڳاتار بي ادبي ۽ ٺٺول ڪندي رهي. آخرڪار هن پنهنجي قوم لاءِ بد دعا فرمائي ۽ کين ايندڙ سخت عذاب جي خبر ٻڌائي وحيءَ ذريعي الله جي حڪم جو انتظار ڪرڻ بنا شهر مان نڪري ويو. ان بعد پاڻ سمنڊ جي ڪناري تي پهتو ۽ هڪ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي ويو. اڃان ٻيڙي ٿورو ڪو اڳتي مس هلي ته اها سامونڊي ڪُنن ۾ ڦاسڻ ڪري لڏڻ لمڻ لڳي. ان ٻيڙي وارن جي عقيدي مطابق جڏهن ٻيڙي ائين لڏڻ لڳي ته ان جو مطلب اهو آهي ته ان ٻيڙيءَ ۾ ڪو غلام پنهنجي آقا کي بنا ٻڌائڻ جي ڀڄي رهيو آهي.... جنهن کي يڪدم سمنڊ ۾ اڇلايو ويو ٿي. حضرت يونس عليه السلام کي هنن جي عقيدي جي ڄاڻ هئي. جيئن ئي ٻيڙيءَ لڏڻ شروع ڪيو ته پاڻ فرمايائون ته ٻيڙيءَ ۾ هڪ غلام پنهنجي مالڪ جي اجازت بنا ڀڄي آيو آهي. ماڻهن جي زور ڀرڻ تي هن ٻڌايو ته اهو غلام آئون آهيان ان ڪري توهان مونکي ئي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪريو ۽ هن مصيبت کان نجات حاصل ڪريو. ماڻهن سندس عزت ۽ احترام ڪيو ٿي ان ڪري هن کي ڦٽو ڪرڻ کان انڪار ڪيو. پر حضرت يونس عليه السلام پنهنجي ڳالهه تي ضد ڪندو رهيو. آخرڪار پاڻ صلاح ڏني ته پُکا (ڪُڻا) ڪڍيا وڃن جنهن جو نالو نڪري ان کي سمنڊ ۾ اڇليو وڃي. اها تجويز سڀني کي پسند آئي ۽ ان تي ڪيترائي دفعا عمل ڪيو ويو پر هر دفعي سندن ئي نالو نڪتو ٿي. نه چاهيندي به آخر ماڻهن حضرت يونس عليه السلام کي کڻي سمنڊ حوالي ڪيو. جيئن ئي کين سمنڊ ۾ اڇلايو ويو ته هڪ وڏي مڇي جيڪا پهرين ئي الله جي حڪم سان وات کولي انتظار ۾ هئي، حضرت يونس کي ڳهي ورتو ۽ پوءِ سمنڊ اندر غائب ٿي وئي.
    هوڏانهن علائقي جي ماڻهن جڏهن ايندڙ عذاب جا آثار ڏٺا ته سمجھي ويا ته اسان تي مصيبت اچڻ واري آهي. هنن سچي دل سان توبه زاري ڪئي ۽ حضرت يونس عليه السلام جي ڳولا ۾ نڪري پيا. حضرت يونس عليه السلام چاليهن ڏينهن تائين مڇيءَ جي پيٽ ۾ رهيو. ذڪر ڪندو رهيو ۽ رب پاڪ کان پنهنجي غلطيءَ جي معافي گهرندو رهيو، ”لا اِلٰه الا انت سبحانڪ اني ڪُنت من الظالمين“ جو ورد ڪندو رهيو. آخرڪار رب پاڪ مڇيءَ کي حڪم ڪيو ته هن کي ٻاهر ڪڍ. هن مڇيءَ پنهنجي رب جي حڪم جي تعميل ڪئي ۽ کين ٻاهر ڪڍيو. جڏهن پاڻ مڇيءَ جي پيٽ مان ٻاهر آيا ته تمام ڪمزور ٿي چڪا هئا ۽ جنهن هنڌ تي مڇيءَ کين ٻاهر ڪڍيو اتي ڇانوَ به نه هئي. الله رب العزت جي حڪم سان اتي هڪ ڪدو يا انگور جي ول ڦُٽي آئي جنهن حضرت يونس عليه السلام مٿان ڇانوَ مهيا ڪئي. هڪ جابلو ٻڪري يا هرڻي کڻي چئجي، آئي ٿي جنهن جو کير سندس ڀريل ٿڻن مان ٽپڪيو ٿي. پاڻ روزانو ان جي کير مان پنهنجي بک مِٽائي ٿي ۽ ول جي هيٺان آرام ڪيو ٿي. مڇيءَ جي ان واقعي ڪري کين ”ذوالنون“ ۽ ”صاحب الحوت“ يعني مڇيءَ واري جو لقب الله تعاليٰ طرفان ڏنو ويو آهي. ’نون‘ ۽ ’حوت‘ ٻنهي جي معنيٰ ’مڇي‘ آهي. اڄ جي جديد سائنس ۽ عام مشاهدي ايڏي وڏي مڇيءَ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ۽ اڄ جي زماني ۾ به ڪجهه ماڻهن کي مڇي جي پيٽ مان جيئرو نڪرڻ جون خبرون پڙهڻ ۾ اچن ٿيون.
    خير جڏهن حضرت يونس عليه السلام جي طبيعت بهتر ٿي ۽ ڪمزوري لٿي ته هڪ ڏينهن رب پاڪ جي حڪم سان سج جي تکي روشنيءَ ۾ اها ول سڙي وئي. حضرت يونس عليه السلام جڏهن اهو معاملو ڏٺو ته کين تمام گهڻو ڏک ٿيو ۽ پاڻ ان غم کان روئڻ لڳا. الله تعاليٰ حضرت جبرائيل عليه السلام کي موڪليو ۽ انهن اچي فرمايو: ”توهان هڪ وڻ لاءِ روئي رهيا آهيو جنهن کي رب پاڪ توهان لاءِ پيدا ڪيو هو، پر ان هڪ لک کان مٿي انسانن جي لاءِ نٿا ڏک ڪريو جن جي موت لاءِ توهان بد دعا ڏني هئي.“
    ان تي حضرت يونس عليه السلام کي تمام گهڻي پشيماني ٿي ۽ پاڻ آهه و زاري ڪري رب پاڪ کان معافي گهري ۽ رب پاڪ کين معاف ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ هڪ دفعو وري پنهنجي قوم وٽ پهتو ته اها کيس ڏسي ڏاڍي خوش ٿي ۽ سندن هر ڳالهه مڃڻ لڳي.
    (حضرت يونس عليه السلام جو احوال ڪيترن ئي ڪتابن ۾ ملي ٿو. مٿيون احوال مون ٻن مشهور ليکڪن جي مضمونن مان ورتو آهي. هڪ شاهه بليغ الدين جي مضمون ”مڇلي ڪا لقما“ مان جيڪو ڏهه سال کن اڳ ڇپيو هو ۽ ٻيو ”ڊاڪٽر شيخ ولي خان المظفر“ جي مضمون ”مڇلي والي“ مان آهي).


    ”موبي ڊڪ“ ـــ وهيل مڇي مشهور ناول ۽ فلم

    وهيل مڇيءَ جو ٻڌي ناول پڙهڻ جي شوقينن کي آمريڪن ناول نويس ”هرمان ميلويل“ جو ناول ”موبي ڊڪ“ ضرور ياد ايندو هوندو. اڄ ڪلهه جي شاگردن کي مطالعي جو خبر ناهي ڪيترو شوق آهي پر اسان جي ڏينهن ۾ يعني 1960ع ۾، جڏهن اسان ڪئڊٽ ڪاليج ۾ مئٽرڪ جا شاگرد هئاسين ته انهن ڏينهن ۾ نه ٽي وي هئي ۽ نه ڪمپيوٽر. ٽرانسسٽر ريڊيو به عام نه ٿيو هو. هاسٽل جي ائنٽي روم ۾ هڪ وڏو گرنڊنگ جو ريڊيو هوندو هو جنهن تان آچر ڏينهن ريڊيو سلون تان گانا ٻڌڻ لاءِ ان ڪمري ۾ وڃي وهڻو پوندو هو. ان کان علاوه ٻي واحد وندر ناول پڙهڻ هوندو هو. هرمان ميلويل جو مٿيون ناول ”موبي ڊِڪ“ - سڄو نالو Mobi Dick-The Whale مون ٽي دفعا پڙهيو. پهريون دفعو پيٽارو ۾. ان بعد مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ ۽ ٽيون دفعو جهاز جي هڪ ڊگهي سفر (ڪراچيءَ کان ٽرنيڊاڊ 29 ڏينهن راتين جي لڳاتار سفر) ۾. هرمان ميلويل نه فقط ناول نويس آهي پر شاعر ۽ ڪهاڻيڪار پڻ آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب آهن. ان سفر ۾ مون سندس هڪ ٻيو ڪتاب Typee به پڙهيو هو جنهن ۾ هن ڏکڻ پئسفڪ سمنڊ جي ٻيٽن تي رهندڙن جو احوال لکيو آهي ـــ بلڪه ان ڪتاب جو سڄو نالو ئي آهي: Typee – Peep in Polynesian Life هرمان جو ”موبي ڊڪ“ ناول آمريڪي ادب جو هڪ زبردست ڪلاسڪ آهي جيڪو هن 1851ع ۾ لکيو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي ناول تمام ڊگهو آهي پر انهن ڏينهن ۾ نسيم حجازيءَ جو ”اور تلوار ٽوٽ گئي“ هجي يا محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو ”سانگھڙ“ـــ ناول وڏا ئي هوندا هئا. پڙهڻ وارن کي به ٻي ڪا وندر نه هوندي هئي ڏينهن رات صفحا اٿلائيندا رهندا هئا. بهرحال هي موبي ڊڪ ناول ڊگهو ضرور آهي پر اڄ به ماڻهو ان کي شوق سان پڙهن ٿا..... ڇا ته ان ۾ ائڊوينچر جي ڪهاڻي آهي، فلسفو آهي، انسان جي جذبن ۽ تجربن جي ڳالهه آهي! ظاهري طرح ته ”موبي ڊڪ“ نالي هڪ سفيد وهيل مڇيءَ جي ڳولا آهي پر ان سان گڏ ڪيتريون ٻيون حيرت انگيز ڳالهيون ظاهر ٿينديون وڃن ٿيون.
    موبي ڊڪ جو مصنف هرمان ميلويل (Herman Meliville) نيويارڪ ۾ 1819ع ۾ ڄائو. هي سن مونکي ان ڪري به ياد آهي جو سنگاپور ٻيٽ جيڪو اڄ ڪلهه يورپ جي ماڊرن شهر لنڊن، پئرس، بارسلونا جو ڏيک ڏئي ٿو انگريز آفيسر ”سر اسٽئمفورڊ رئفلس“ اڄ واري ملائيشيا جي رياست ”جوهور“ جي ملئي راجا سلطان حسين شاهه کان 1819ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني لاءِ حاصل ڪيو هو جتي ان وقت سواءِ جھنگ، ڀڏن ۽ ڌٻڻ جي ڪجهه نه هو.
    ”موبي ڊڪ“ ناول ۾ هڪ وهيلر ۽ ان ۾ سفر ڪندڙن جي ڪهاڻي آهي. ”وهيلر“ دراصل اهي وڏا ٻيڙا (۽ هاڻ ته انجڻين تي هلندڙ لوهي جهاز) آهن جيڪي وهيل (وڏين مڇين) جي شڪار لاءِ استعمال ٿين ٿا. هنن جهازن تي وهيل مڇين کي مارڻ لاءِ ڀالا، بڻڇيون، تير ڪمان، نيزا ۽ پري تائين رسو ٻڌل ڀالو يا تير هڻڻ لاءِ توبچيون ٿين ٿيون. ان کان علاوه وڏين مڇين کي مٿي کڻي جهاز جي عرشي تي رکڻ لاءِ رسا ۽ ڪرينون، وڍ ڪٽ لاءِ ڪاتيون ڪهاڙيون، تيل نپوڙي ڪڍڻ لاءِ ڪيفون ۽ ڊرم ٿين ٿا. صدين کان وهيل مڇين کي مارڻ جو هي ڪاروبار هلي رهيو آهي جو هن مڇيءَ مان گوشت ۽ تيل کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي شيون: چرٻي، بام ويندي هڏا ۽ ڪجهه جسماني عضوا وڏي اگهه تي وڪرو ٿين ٿا. هنن وڏين مڇين (وهيلن) کي مارڻ وارا به خاص مهاڻا ٿين ٿا جن کي وهيل کي ٿڪائي ٿڪائي ساڻو ڪري مارڻ جون اٽڪلون اچن ٿيون. سٺا سٺا نشاني باز ٿين ٿا جيڪي ”هارپونر“ سڏجن ٿا. اڄ ڪلهه وهيل مڇين جي مارڻ تي سختي آهي پر ان هوندي به جپان ۽ آئسلئنڊ جهڙن ملڪن جا ماڻهو ظاهر ظهور يا لڪ چوريءَ وهيلن جو قتل ڪندا رهن ٿا. مٿيون ناول جنهن زماني جو آهي انهن ڏينهن ۾ وهيل مڇيون مارڻ نه رڳو بزنيس پر بهادريءَ جو ڪم سمجھيو ويو ٿي. انهن ڏينهن ۾ ڪاٺ جا ٻيڙا هئا جن تي ننڍيون ٻيڙيون رکيون ويون ٿي جيئن ضرورت وقت اهي لاهي وهيل جو گهيراءُ ڪري مٿس حملو ڪيو ويو ٿي. پوءِ ڪٿي شڪاري ڪامياب ٿيا ٿي ته ڪٿي پاڻ به شڪار ٿي ويا ٿي. مڇريل يا ڦٽيل وهيل، ڪاوڙ ۾ اچي سندن ٻيڙي يا سڄي جهاز کي اونڌو ڪري رکيو ٿي. شروع ۾ ٻڌائي آيو آهيان ته ٻن قسمن جون وهيلون آهن. جھالر واريون ۽ ڏندن واريون. ڏندن واري وهيل جنهن جو هڪ هڪ ڏند ڏهه انچ ٿئي ٿو، هڪ ئي چڪ سان ٽنگ يا ٻانهن کي جسم کان ٻاهر ڪري ڇڏي ٿي.
    موبي ڊڪ ناول ۾ جنهن وهيلر (مڇيون مارڻ واري جهاز) جو ذڪر آهي ان جو نالو ”پيقئاد“ Pequod آهي ۽ جهاز جي ڪئپٽن اهاب (Ahab) جي هڪ ٽنگ ڪاٺ جي آهي. سندس هن کان اڳ واري سفر ۾ جنهن وهيل (موبي ڊڪ) سان مهاڏو ٿيو هو نه فقط سندس جهاز ٻوڙي ڇڏيو پر سندس ٽنگ به چڪي کيس منڊو بنائي ڇڏيو هو. سال اڌ علاج ۽ ڪاٺ جي ٽنگ ٺهرائڻ بعد هاڻ هو واپار جي خيال (يعني وهيل مڇين کي ماري ان جو تيل ۽ عضوا وڪڻڻ) کان نه پر ان وهيل مڇي (موبي ڊڪ) جي ڳولا ۽ ان کان بدلو وٺڻ جي مهم تي نڪتو هو جنهن گذريل سال هن جو جهاز ٻوڙي کيس مهاڻا قوم ۾ خوار هڪ طرف ڪيو هو ته منڊو ٻئي طرف بنائي رکيو.
    هي ناول جيتوڻيڪ هرمان ميلويل پاڻ لکيو آهي پر هن روداد جي ڪهاڻي پاڻ ٻڌائڻ بدران اشماعيل (Ishmael) نالي هن جهاز جو هڪ خلاصي کان ٻڌرائي آهي جيڪو وهيل مڇين کي شڪار ڪري پئسو ڪمائڻ جي خيال کان ”پيقئاد جهاز“ کي هڪ عام وهيلر جهاز سمجھي نوڪري تي چڙهيو هو. پر پوءِ جڏهن جهاز لنگر کڻي بندرگاهه ڇڏي کلئي سمنڊ ۾ داخل ٿيو ته هن کي پنهنجي ڪاٺ جي ٽنگ واري ڪئپٽن جي مالاخولين جي خبر پئي ته هو ٻين مڇين کي ڇڏي ان وهيل (موبي ڊڪ) جي ڳولا ۾ آهي ۽ هن جي دماغ تي هر وقت بدلي وٺڻ جو ڀوت سوار آهي.
    ”موبي ڊڪ وهيل“ جي ڳولا ۾ هفتن جا هفتا گذري ويا. ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي، هو هندي وڏي سمنڊ ۾ آيا جتان پوءِ ڏکڻ پئسفڪ سمنڊ ۾. ڪئپٽن اهب جهاز جي سڄي عملي کي صاف صاف ٻڌائي ڇڏيو ته هن سفر جو مقصد فقط ۽ فقط موبي ڊڪ (سفيد وهيل مڇي) کي مارڻ آهي ۽ هن هڪ سونو ٻلو انعام طور به رکيو ته جيڪو ان شڪل شبيهه واري سفيد وهيل جنهن کيس چَڪي منڊو ڪيو، پهرين ڳوليندو ان کي ڏنو ويندو.
    ڳولها دوران هڪ ٻه دفعا طوفان به لڳا ۽ سندن جهاز کي ڪافي نقصان رسيو پر ڪئپٽن اهب جي مٿي تي اهو ئي ڀوت سوار هو ته ان مڇيءَ کي ڳولي بدلو وٺڻو آهي. رستي تي هڪ ٻه اهڙا وهيلر جهاز به مليا جن کي اسان جي مدد جي ضرورت هئي پر ڪئپٽن اهاب ڪنهن ڏي به ڌيان نه ڌريو. آخرڪار موبي ڊڪ نظر اچي وئي. جهاز ۾ سوار ملاحن پنهنجا تير ڪمان ۽ ڀالا بڙڇيون استعمال ڪيون پر وهيل کي ڄڻ ته ڪو ڪک پن لڳو. هوءَ جهاز کي ٿوڻا هڻي نڪري وئي. ٻئي ڏينهن وري ان سان مهاڏو ٿيو جنهن ۾ جهاز جو هڪ خلاصي سمنڊ ۾ ڪري پيو. ٽئي ڏينهن وري مقابلو جاري رهيو پر موبي ڊڪ وڏي طاقت واري هئي. جهاز جو ڪئپٽن ته ڀالا هڻندي هڪ رسيءَ ۾ اٽڪي پيو ۽ آخرڪار موبي ڊڪ جي ٿونن سان جهاز ته اونڌو ٿي ويو پر منجھس موجود سڀ ملاح ۽ خلاصي به ٻڏي ويا سواءِ اشماعيل جي جيڪو هن قصي جو سربستو احوال ٻڌائي ٿو ۽ هن ناول جي شروعات ئي هن جملي سان ڪئي وئي آهي ته: “Call me Ishmael”
    هرمان ”موبي ڊڪ“ ناول 1851ع ۾ لکيو ان کان اڳ به سندس چار پنج ڪتاب ڇپجي چڪا هئا. اهڙي طرح بعد ۾ پڻ 1891ع ۾ مرڻ تائين هو لڳاتار ناول، ڪهاڻيون ۽ شعر لکندو رهيو. سندس گهڻي ڀاڱي لکڻيون سندس ۽ ٻين جي زندگي سان وابسته سامونڊي ڪهاڻيون آهن.
    هرمان ڪا گهڻي تعليم به حاصل نه ڪري سگهيو. ننڍو هو ته سندس پيءُ گذاري ويو پٺيان وڏا قرض ڇڏي ويو. هو ڪجهه وقت پرائمري اسڪول جو ٽيچر پڻ ٿي رهيو ان بعد 1839 ۾ مرچنٽ نيوي جي مال بردار جهاز تي خلاصيءَ جي حيثيت ۾ نوڪري شروع ڪئي. 1840ع ۾ هڪ وهيلر (وهيل مڇيون مارڻ واري جهاز) تي Sail ڪيائين جيڪو جهاز جڏهن ”مارڪئيساس“ ٻيٽ تي پهتو ته جهاز کي ڇڏي ان ٻيٽ تي رهي پيو ۽ پوءِ ٽي چار سال مختلف جهازن تي ”پورهيو ڪندڙ پئسينجر“ جي حيثيت ۾ هيڏانهن هوڏانهن پئسفڪ سمنڊ جي ٻيٽن ۽ بندرگاهن ۾ گهمندو ڦرندو 1844ع ۾ آمريڪا (USA) جي بوسٽن شهر ۾ اچي رهيو جتي 1945ع ۾ Typee نالي پئسفڪ سمنڊ جي ٻيٽن بابت رومانوي ناول لکيائين جيڪو ايڏو ته Best Seller ثابت ٿيو جو هن جا خرچ پکا ۽ قرض لهي ويا. ان بعد هن لڳاتار لکڻ شروع ڪيو. 1847ع ۾ Omoo ناول لکيو جنهن ۾ پڻ ڏکڻ سمنڊ تي گذاريل ڏينهن جو احوال آهي. اهڙي طرح Red Burn سندس پهرين سامونڊي سفر جي ڪٿا آهي. سندس شاعريءَ جا به ڪيترائي ڪتاب ڇپيا آهن جيئن ته: John Marr & Other Sailors (1888) سندس شاعريءَ جو آخري ڪتاب Billy, Budd, Sailor آهي جيڪو سندس وفات کان 33 سال بعد 1924ع ۾ ڇپيو.
    سندس ”موبي ڊڪ“ ڪتاب جي اها ٽرئجڊي آهي جو سندس جيئري اهو ڪتاب ڪو خاص مشهور نه ٿيو. سندس وفات بعد هن ڪتاب جا پڙهندڙ ايترا ته نڪري پيا جو اڄ ڏينهن تائين اهو ڪتاب ڇپجي رهيو آهي. هن ناول جي آڌار تي ”موبي ڊڪ“ نالي ٻه آمريڪن فلمون به ٺهيون آهن. هڪ 1956ع ۾ جنهن ۾ ڪاٺ جي ٽنگ وارو ڪئپٽن اهاب اسان جي جوانيءَ جي ڏينهن جو مشهور هالي ووڊ ائڪٽر ”گريگوري پيڪ“ ٿيو هو ۽ ڪهاڻي ٻڌائڻ وارو اڪيلو جيئرو بچيل خلاصي اشماعيل ”رچرڊ بيسهارٽ“ ٿيو هو. منهنجي هم عمر ماڻهن کي گريگوري پيڪ جون ڪجهه فلمون ضرور ياد هونديون جيئن ته ”گنز آف نيوران“، ”دي بئائز فرام برازيل“، ”رومن هاليڊي“، ”ڪيپ فيئر“، وغيره وغيره.
    ٻي ”موبي ڊڪ“ نالي فلم 2010ع ۾ ٺهي جنهن ۾ ڪئپٽن اهاب آمريڪن ائڪٽر ”بئري بوسٽوِڪ“ ٿيو.
    موبي ڊڪ ناول جو ليکڪ هرمان ميلويل 1863ع کان نيويارڪ ۾ پارڪ اوينيو تي اچي رهيو جتان 26 هين گهٽي ڪراس ڪري ٿي. پاڻ 1891ع ۾ وفات تائين اتي ئي رهيو. هرمان جي ياد ۾ ان چوراهي کي هرمان ميلويل چوراهو (Herman Melville Square) سڏين ٿا. 1960ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ اسانجو پيٽارو جو ٽنڊو قيصر وارو ڪلاس ميٽ نور احمد نظاماڻي جھڏي جو مرحوم مير مبارڪ ٽالپر، وي سي نذير مغل جو وڏو ڀاءُ بشير مغل ۽ ٽنڊو جان محمد جو يوسف ڏاهري ۽ سندس ڀاءُ بابو نيويارڪ ۾ هڪ ئي فلئٽ ۾ اچي رهيا. اسانجو جهاز نيويارڪ ايندو هو ته اسان هنن سان ملڻ لاءِ بندرگاهه مان بس ذريعي ميڊيسن ايوينيو تي، ميڊيسن اسڪائر پارڪ وٽ لهندا هئاسين جتان پوءِ 26 گهٽيءَ مان واڪ ڪري هنن جي گهر ڏي ويندڙ بس ۾ چڙهندا هئاسين. نور احمد نظاماڻيءَ جو ڪاليج جي ڏينهن ۾ ”موبي ڊڪ“ ناول پڙهيل هجڻ ڪري ”هرمان ميلويل چوراهي“ تي لڳل هن ليکڪ جو بورڊ پڙهي پهرين ڏينهن ئي اسان سمجھي وياسين ته هي ”موبي ڊڪ“ ناول وارو همراهه آهي ۽ اسان اڪثر هن چوراهي وٽان واڪ ڪندي ان ناول تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندا هئاسين.


    ماڳهين پاڻ آدمخور بڻجي ويا

    ڪيترائي افسانا ۽ ناول کڻي خيالي هجن پر انهن پٺيان ڪا نه ڪا حقيقت يا سچي ڪهاڻي ضرور ٿئي ٿي جنهن مان ليکڪ اثر وٺي اهو افسانو يا ناول لکي ٿو. مثال طور ڪرشن چندر جي ڪتاب ”هم وحشي هين“ هن هندستان جي ورهاڱي وقت ٿيندڙ وارداتن کي نظر ۾ رکي لکيو. سنڌيءَ جي مشهور ڪهاڻيڪار نسيم کرل جي ڪهاڻي ”پهرين مراد“ يا ”چوٽيهون دروازو“ حقيقت ۾ پيش آيل واقعن جي عڪاسي ڪن ٿيون جيڪي ليکڪ جي ذهن تي اثر انداز ٿيون. اهڙيءَ طرح اڙدو سنڌي ۽ انگريزيءَ جي مشهور موجوده ليکڪ امر جليل جي هر افساني پويان سچو واقعو آهي جنهن بابت هو هر وقت پنهنجن دوستن کي نجي ڪچهرين ۾ ٻڌائيندو رهي ٿو ۽ اسان کي وڏي عمر ۽ گهٽ حافظو هجڻ ڪري کڻي سڀ ياد نه هجن پر اسانجو دوست، ڪراچي يونيورسٽي جو پروفيسر سليم ميمڻ صاحب اهو سڄاڻ انسان آهي جنهن کي امر جليل جي ٻڌايل هڪ هڪ ڪهاڻيءَ جو پس منظر ياد آهي ۽ هو هميشه امر جليل کان سندس نين ڪهاڻين بابت پڇندو رهي ٿو ۽ پوءِ اهي چاهي سماجي هجن يا عشقيه، رومانوي هجن يا الميه.
    اهڙيءَ طرح ”هرمان ميلويل“ جي ناول ”موبي ڊڪ“ جي ڪهاڻي توڙي ان جا ڪردار ڪئپٽن اهب ۽ چيف ميٽ (ڪئپٽن کان پوءِ ٻئي نمبر تي نيويگيٽر) اسٽاربَڪ کان اشماعيل (واحد خلاصي جيڪو هن حادثي ۾ بچي ٿو وڃي ۽ حادثي جو احوال ٻڌائي ٿو) ۽ شيدي ڪئبن بئاءِ ڇوڪرو پِپ (Pip) کڻي فرضي هجن پر ان جهڙي واردات ٿي گذري جنهن مان موبي ڊڪ ناول جي ليکڪ هرمان متاثر ٿي موبي ڊڪ ناول لکيو. ان سچي ڪهاڻي جي ڪردارن جو به لڳ ڀڳ ساڳيو حال رهيو. ان ڪهاڻيءَ بابت هرمان پاڻ ئي ڪيترن هنڌن تي لکيو ۽ دوستن کي ٻڌايو ته سندس ناول جي بئڪ گرائونڊ ۾ 1820ع جو واقعو آهي جنهن ۾ Essex نالي وهيلر (وهيل مڇين جي شڪار واري جهاز) تي هڪ ”اسپرم وهيل“ حملو ڪيو ۽ جهاز کي ته ٻوڙي رکيو پر ان جهاز جو ڪئپٽن 29 ورهين جي ڄمار جو جارج پولارڊ (Captain George Pollard) بچي ويو ۽ موٽي پنهنجي ڳوٺ Nantucket ٻيٽ تي آيو. ”نانٽڪيٽ ٻيٽ“ آمريڪن (USA) رياست ”مسيچوسيٽ“ جو حصو آهي ۽ ڪيپ ڪاڊ (Cape Cod) کان 50 ڪلوميٽر پري آهي. سندس اڄ به آدم شماري ڪا 15000 ماڻهو مس هوندي پر هي ٻيٽ دنيا ۾ وهيل مڇين جي شڪار کان مشهور رهيو آهي. دنيا ۾ جيڪي به وهيل مڇين جا سٺا ۽ تجربيڪار شڪاري آهن انهن مان اڌ کان وڌيڪَ هن ٻيٽ جا رهاڪو آهن. نانٽڪيٽرن لاءِ هرمان به هڪ هنڌ لکيو آهي ته:
    “For Nantucketer sea is his; he owns it, as Emperors own Empires”.
    ايتريقدر جو هرمان ميلويل پنهنجي ناول ”موبي ڊڪ“ جا ٻه ڪردار: ڪئپٽن اهب ۽ اسٽار بڪ هن ٻيٽ جا رهاڪو ڏيکاريا آهن..... شايد ان ڪري جو مٿين 1820ع واري واقعي جو ڪئپٽن جارج پولارڊ به نانٽڪيٽ ٻيٽ جو هو. موبي ڊڪ ناول ۾ جيتوڻيڪ هرمان ٻنهي جهازن جي حادثي بعد انهن جي ڪئپٽن اهب کي مئل ڏيکاري ٿو پر اصل واقعي ۾ ڪئپٽن پولارڊ بچي ويو هو. هو پنهنجي ڳوٺ ۾ يعني نانٽڪيٽ ٻيٽ تي نڀاڳو ماڻهو سمجھيو ويو ٿي. هن جي پهرين جهاز کي وهيل مڇيءَ ٻوڙي رکيو پاڻ بچي ويو ۽ جڏهن ٻيٽ تي موٽي آيو ته کيس هڪ ٻئي سيٺ پنهنجي ”ٽو بردرس“ نالي وهيلر جهاز تي وري ڪئپٽن ڪري رکيو ته وهيل مڇين جو شڪار ڪري اچي. پر ٻن سالن بعد جڏهن زمين دوز ٽڪري (Coral Reef) سان هن جو اهو جهاز به ٽڪرائي ٻڏي ويو ته هن کي هرڪو نڀاڳو تصور ڪرڻ لڳو ۽ ان بعد کيس ڪنهن به جهازن جي مالڪ پنهنجو جهاز هلائڻ لاءِ نه ڏنو. ڪئپٽن پولارڊ ان بعد سڄي زندگي ان ٻيٽ تي رات جو چوڪيداري ڪري Night Watchman) ٿي) گذاري.
    هرمان ميلويل جڏهن 1851ع ۾ موبي ڊڪ ڪتاب ڇپرايو ته ان وقت ڪئپٽن پولارڊ جي عمر 60 سال هئي. ڪتاب ڇپجڻ بعد هرمان پهريون دفعو نانٽڪيٽ ٻيٽ تي آيو ۽ ڪئپٽن پولارڊ سان اچي مليو جنهن جي وهيل مڇيءَ سان ٿيل حادثي مان اثر وٺي هن ”موبي ڊڪ“ ناول لکيو هو.
    Essex جهاز جي خوفناڪ حادثي بعد ان مان زندهه بچي آيل ڪئپٽن پولارڊ پنهنجي ٻيٽ نانٽڪيٽ تي پهچي ڪجهه ڏينهن بعد رات جي مانيءَ تي موجود ٻين وهيلر جهازن جي ڪئپٽنن کي ساڻس درپيش آيل مصيبتن جو سربستو احوال ٻڌايو هو. هن اها ڳالهه ٻيٽ جي پادريءَ سان به ڪئي ۽ بقول پادريءَ جي ڪئپٽن پولارڊ جو ٻڌايل اهو احوال هڪ Confession (گناهن بابت قبوليت) وانگر ئي هو. بنا ڪنهن شڪ جي اهو بيحد هيبتناڪ قصو هو: هن پنهنجن ملاحن سميت 92 ڏينهن ۽ 92 ننڊن بنا راتيون هڪ سوراخيل ٻيڙيءَ ۾ گذاريون، جنهن جي سوراخن مان سمنڊ جو پاڻي لڳاتار ٻيڙيءَ ۾ پئي آيو ۽ هنن ڌمڻ وارا هٿ جا پمپ هلائي ان پاڻيءَ کي ٻاهر پئي ڪڍيو ۽ ان ٻيڙيءَ ۾ کاڌو به کٽي ويو هو. ڏينهن جو سج جي سخت تپش ۾ ملاح پاڳل ٿي ٿيا ۽ نيٺ بک ۾ پاهه ٿي آدمخوريءَ تي لهي پيا ۽ هڪ مئل ملاح کي ته وڍي ڪٽي کاڌو ويو پر ٻن نوجوان ڇوڪرن کي به ڪهي کاڌو ويو. جن ۾ هڪ ته پولارڊ جو سوٽ هو جنهن جي ماءُ لنگر کڻڻ مهل پولارڊ کي ڏاڍيون پارتون ڪيون هيون ته هو ننڍي عمر جو آهي ۽ پهريون دفعو سمنڊ تي وڃي رهيو آهي هن جو خيال ڪجانءِ. پر پولارڊ مڇريل ۽ بکايل ملاحن اڳيان بيوس ٿي پيو.
    پادريءَ چيو ته اهي ڳالهيون ٻڌائيندي پولارڊ چپ ٿي ويو. ”پادري صاحب! آئون توهانکي وڌيڪَ ٻڌائي نٿو سگهان..... منهنجو مٿو ٿو گھوماٽجي“، پولارڊ چيو، ”مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته آئون ڇا پيو بڪان“.
    ”موبي ڊڪ“ ناول جي ليکڪ ”هرمان ميلويل“ مطابق ڪئپٽن پولارڊ جيئن ئي پنهنجو ”اسيڪس“ جهاز هوم پورٽ (نانٽڪيٽ ٻيٽ) مان 14 آگسٽ تي وهيل مڇين جي شڪار لاءِ ڪڍيو ته پورن ٻن ڏينهن بعد کيس مسئلو پيش آيو. هو وهيل مڇين کي ماري ان مان تيل، چرٻي ۽ گوشت ڪڍڻ ۽ وڪڻڻ لاءِ پنهنجو ٻيٽ اڍائي سالن لاءِ ڇڏڻ جو پروگرام ٺاهي نڪتا هئا ته ٻئي ڏينهن سندن 87 فٽ ڊگهو جهاز سخت طوفان ۾ اچي ويو جنهن ۾ سندن وڏو سڙهه (Topgallant Sail) تباهه ٿي ويو ۽ جهاز ذري گهٽ ٻڏڻ تي هو. پر ڪئپٽن پولارڊ پٺتي موٽڻ بدران باقي سڙهن ذريعي پنڌ کي اڳيان ڇڪيو ۽ پورن پنجن هفتن بعد هو ”ڪيپ هارن“ کان اچي نڪتا. پڙهندڙن لاءِ هتي لکندو هلان ته هو سمجھو ته نيويارڪ، بالٽيمور يا مياميءَ کان نڪري ڏکڻ ڏي وڃي رهيا هئا. يعني USA لتاڙي ان بعد وچ آمريڪا جي ملڪن گئاٽمالا، ميڪسيڪو، نڪراگئا ۽ پاناما وغيره وٽان لنگهي ڏکڻ آمريڪا وٽان ٿيندا بلڪل هيٺ ارجنٽائين ۽ چلي ملڪن جي ڏاکڻي پوڇڙ تي اچي پهتا هئا جيڪو سمنڊـ وارو علائقو ”ڪيپ هارن“ سڏجي ٿو. جيئن آفريڪا کنڊ جي ڏاکڻي پوڇڙ وارو سمنڊ ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ سڏجي ٿو. ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ وانگر ”ڪيپ آف هارن“ سمنڊ ۾ به ڪافي سامونڊي ڪُنون ۽ وڏيون ويرون رهن ٿيون جو هتي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ پئسفڪ سمنڊ ملن ٿا. طوفاني موسم ۽ پاڻيءَ ۾ جوش ڏسي ڪئپٽن پولارڊ جي جهاز Essex تي موجود ويهن ئي ملاحن (خلاصين) ڏکڻ آمريڪا جي هن ڇيڙي واري سمنڊ ۾ وهيل مڇين جي موجودگي نه برابر سمجھي ڪئپٽن پولارڊ کي ساڄي پاسي اولهه جو رخ ڪرڻ لاءِ چيو جيئن ڏکڻ پئسفڪ سمنڊ ۾ جتي پري پري تائين ڌرتيءَ جو نالو نشان نه آهي اتي وهيل مڇين جا انبار ٿي سگهن ٿا. (ڏکڻ آمريڪا جي هيٺين ڇيڙي يعني ”ڪيپ هارن“ کان اولهه ڏي پيو وڃجي ته اڳيان وڃي آسٽريليا کنڊ کان نڪرجي ٿو. وچ ۾ ننڍا ننڍا انيڪ ٻيٽ نظر اچن ٿا. ڪي ته فجي، سموئا، ٽونگا، ونوتئو، تووالو، پٽڪرين ۽ سولومن ٻيٽن جهڙا مشهور ۽ آباد ٻيٽ آهن ته ڪي تمام ننڍا ۽ ويران به.
    جهاز تي کاڌي جي بندوبست لاءِ هنن چارلس ٻيٽ تي لنگر ڪيرايو جتي کين ٻيو ڪجهه ته نه مليو پر جهاز جي خلاصين اتي هلندڙ پنجاهه پنجاهه ڪلو وزن جون 60 کن ڪميون جھليون. واپسيءَ تي مستي ۾ اچي ڪجهه خلاصين کڻي ٻيٽ تي باهه دکائي. گرم ۽ خشڪ موسم هجڻ ڪري باهه چوڌاري وڪوڙي وئي. ايتريقدر جو ايسيڪس جهاز جي باقي خلاصين باهه جي اُلن مان لنگهي پنهنجي جان بچائي ۽ اچي جهاز ڀيڙا ٿيا ۽ جهاز لنگر کنيو. هنن کي ٻئي ڏينهن به پري کان ان ٻيٽ مٿان دونهين جا ڪڪر ٺهندا نظر آيا. ڪئپٽن پولارڊ ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ قسم کڻندو رهيو ته اهو باهه ڏيڻ وارو غلط ڪم جنهن به ڪيو آهي ان کي هو ڏسي رهندو. ڳالهه ٿا ڪن ته ان واقعي کان ڪيترا سال پوءِ به ان ٻيٽ تي وڻ ٽڻ ڪوئلو بڻيل هئا ۽ چون ٿا ته هن باهه جي ڪري هن ٻيٽ جون فلورينا نالي ڪميون ۽ ماڪنگ پکي سڀ ختم ٿي ويا.
    20 نومبر 1820ع ڌاري هي ڏکڻ آمريڪا کان هزارين ميل پري پئسفڪ سمنڊ جي اهڙي حصي ۾ اچي رسيا جتي هنن کي پڪ هئي ته ههڙن هنڌن تي وهيل مڇيون جام نظر اچن ٿيون. ڪئپٽن پولارڊ جهاز جو لنگر ڪيرائي 23 سالن جي فرسٽ ميٽ (يعني ڪئپٽن کان پوءِ ٽئي نمبر تي نيويگيٽر) ”اوون چيس“ کي جهاز تي ڇڏيو ۽ پاڻ جهاز تان هڪ ٻيڙي سمنڊ تي لهرائي ڪجهه ملاحن سان گڏ وهيل جي شڪار لاءِ نڪتو. هن فرسٽ ميٽ کي چيو ته تيسين هو ڪجهه ماڻهن سان گڏ جهاز جي مرمت ۽ ٺاهه جوڙ کي لڳي. ضرورت پئي ته ڀالن ۽ ڀڙڇين سان ڪجهه ٻيا ملاح ٻي ٻيڙيءَ ۾ مدد لاءِ اچجو.
    ياد رهي ته هر وڏي جهاز تي ماڻهن مطابق ٻه يا ٽي چار ننڍيون ٻيڙيون به ٿين ٿيون جيڪي لائيف بوٽ سڏجن ٿيون. جهاز جي ٻڏڻ يا باهه ۾ سڙڻ وقت جان بچائڻ لاءِ هنن ٻيڙين ذريعي جهاز کي ڇڏي جان بچائڻي پوي ٿي. وهيل جي شڪار وارن هنن جهازن جي ٻيڙين ۾ وهيل کي مارڻ لاءِ ڀالا، نيزا، تير ڪمان به ٿين ٿا. هونءَ به وهيل يا ٻيون مڇيون ڀلي ڪيڏيون به وڏيون هجن وڏي جهاز کان پري ڀڄن ٿيون ننڍين ٻيڙين تي حملي ڪرڻ لاءِ انهن ڏي وڌن ٿيون ۽ ننڍين ٻيڙين ۾ سوار ملاح موقعو ۽ مهل ڏسي وهيل مڇين تي تيرن جو وسڪارو ڪن ٿا ۽ ڀالن سان هن کي زخمي ڪري پوءِ رسي ذريعي ڇڪي وڏي جهاز ڏي اچن ٿا جتي هن کي ڪرين ذريعي جهاز جي ڊيڪ تي آندو وڃي ٿو.
    بهرحال جيئن ئي ڪئپٽن پولارڊ ڪجهه خلاصي ساڻ ڪري ننڍي ٻيڙيءَ ۾ روانو ٿيو ته پٺيان هڪ وڏي وهيل مڇي بقول فرسٽ ميٽ اوون چيس (Oven Chase) جي 85 فٽ کن ڊگهي (يعني سندن جهاز جي ڊيگهه جيڏي) سامهون نظر آئي. ”پهرين ته اها پري کان چپ چاپ ليٽي رهي. سندس منهن اسان ڏي هو. پوءِ ڪجهه گهڙين کانپوءِ نڪ (Blow Hole) مان ٽي دفعا وڏي ڦوهاري جي شڪل ۾ ساهه ڪڍيو ۽ پوءِ هن بلا سڌو اسان جي جهاز ڏي لُوهه پاتي..... گهٽ ۾ گهٽ ٽن ناٽن (3 Knots معنيٰ ٽي ناٽيڪل ميل في ڪلاڪ. سمنڊ جو ناٽيڪل ميل زمين جي ميل کان ڪجهه وڏو ٿئي ٿو) جي رفتار سان اسان جي جهاز کي اچي ٿونو هنيو. جهاز اهڙو ته لڏي ويو جو اسان سڀ ذري گهٽ اڇلجي سمنڊ ۾ ڪرياسين ٿي. پر اسان يڪدم پاڻُ سنڀالي ورتو.“
    فرسٽ ميٽ ”اوون چَيس“ وڌيڪَ ٻڌايو ته وهيل سندن جهاز کي ٽڪر هڻي هيٺان نڪري وئي. ”آئون هن جون ڄاڙون چٽي طرح ڏسي رهيو هوس ته هوءَ ڪاوڙ مان ڏند پيهي رهي هئي.“ چَيس ٻُڌايو، ”ان بعد اها وهيل غائب ٿي وئي، سندس ٽڪر ڪري جهاز ۾ هِتان هُتان سوراخ ٿي پيا ۽ خلاصي اهي بند ڪرڻ لاءِ ڪٿي ڪاٺ جا تختا ٺوڪڻ لڳا ته ڪٿي چپڙيون هڻڻ لڳا. هڪ ٻه همراهه هٿ جو پمپ ڌمي سمنڊ جي پاڻيءَ کي ٻيڙيءَ مان ڪڍڻ لڳا جو جهاز ۾ پاڻيءَ جي ليول وڌڻ ڪري ان جي ٻڏڻ جو خطرو هو. بهرحال جهاز جا خلاصي ڪم ۾ رڌل هئا ته اتي هڪ رڙ ڪري چيو ته هو ڏسو! وهيل مڇي وري اسان ڏي پئي اچي. ”مون ڏٺو ته ساڳي وهيل پر پهرين کان ٻيڻي رفتار تي اسان ڏي ڌوڪي رهي هئي. هن ڀيري هن جهاز جي Bow (اڳئين حصي) تي اهڙو ته زور سان ٽڪر هنيو جو ان حصي جا تختا ئي اڏامي ويا. وهيل ته هڪ دفعو وري غائب ٿي وئي پر سمنڊ جو پاڻي اسان جي جهاز ۾ تکو تکو داخل ٿيڻ لڳو. ايتريقدر جو خلاصي پمپ سان پاڻي ڪڍڻ ۾ ناڪام ٿي، جان بچائڻ لاءِ ٻيڙيون هيٺ لاهڻ لڳا جيئن جهاز جي ٻڏڻ کان اڳ ٻيڙين ذريعي جان بچائي وڃي. جهاز جي هيٺ وڃڻ کان اڳ اسان جلدي جلدي جهاز مان نيويگيشن (سمنڊ تي رستو ڳولڻ) جا اوزار، ڊبل روٽيون، پاڻي ۽ ٻيو کاڌي جو سامان ڪڍي اڃان ٻيڙين ۾ مس رکيو ته اسان جو جهاز اسان جي اکين اڳيان اونڌو ٿي ويو.“
    ڪئپٽن پولارڊ جيڪو ڪجهه خلاصين سان هڪ ٻيڙيءَ ۾ وهيل جي شڪار لاءِ تمام گهڻو گهڻو پري نڪري ويو هو اهو به اتان کان پنهنجي جهاز جي ابتڙ حالت ڏسي وائڙو ٿي ويو ۽ يڪدم جهاز ڏي وڌيو. هن پري کان ڏٺو ته جهاز اونڌو ٿي ٻڏي ويو ۽ ان تي موجود خلاصين باقي بچيل ٻن ٻيڙين کي لاهي پنهنجي جان بچائي ورتي. جهاز وٽ پهچي هن فرسٽ ميٽ ”چَيس“ کان پڇيو ته سندس جهاز سان هيءَ ويڌن ڪنهن ڪئي؟ ”چَيس“ هن کي مٿيون سڄو احوال سربستو ٻڌايو. ڪئپٽن پولارڊ مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهيو ته هاڻ ڇا ڪجي! وهيل مڇيءَ ساڻن تعدي به تعدين جهڙي ڪئي هئي.
    خلاصين جي دل نٿي چاهيو ته ڪو Essex جهاز کي ڇڏجي پر ٻڏندڙ جهاز هاڻ سندن ڪهڙي ڪم اچي سگهيو ٿي. پولارڊ وٽ ٽي ٻيڙيون ۽ ويهه خلاصي هئا. جهاز ته وڏو هو جنهن ۾ ڪمرا به هئا ۽ کاڌي پيتي جو سامان ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي به جام هو. ٻيڙين ۾ هو کلئي آسمان هيٺان هئا. مينهن توڙي اونهاري جي اس جي تپش کان ڪو بچاءُ نه هو. ياد رهي ته اهي نومبر، ڊسمبر جا مهينا هئا جن ۾ دنيا جي اتر اڌ گول ۾ (يعني اسان وٽ) سيارو ٿو ٿئي ته ڏکڻ اڌ گول ۾ (جتي پولارڊ وارا هئا) گرمين جا ڏينهن هئا. ڪئپٽن پولارڊ هڪ ٻن جھونن خلاصين سان حساب ڪتاب لڳايو ته جتي هنن جون ٻيڙيون هيون اتان کان ٻن ٽن ڏينهن جي پنڌ تي مارقئاساس ۽ سوسائٽي ٻيٽ ويجھي کان ويجھا آهن. پولارڊ انهن ٻيٽن ڏي هلڻ ۾ عافيت سمجھي، پر منهنجي خيال ۾ ناٽيڪل تاريخ ۾ اهو خراب ترين فيصلو هو جيڪو ”اوون چَيس“ ۽ ٻين خلاصين ڪيو ۽ ڪئپٽن پولارڊ کي به مڃرايو ته ”انهن ويجھن ٻيٽن تي هلڻ بدران پاڻ کي ڏکڻ جو رخ ڪرڻ کپي. هنن ڪنهن کان ٻڌو هو ته انهن ٻيٽن جا رهاڪو آدم خور آهن ۽ ڌارين ماڻهن کي رڌي يا ڪچو ئي کايو وڃن. ان ڪري جي زندگي بچائڻي آهي ته انهن ٻيٽن ڏي هلڻ بدران اڳتي ڏکڻ ڏي وڃجي ۽ رستي تي اسان کي Trade Winds جو فائدو ملي سگهي ٿو يا ڪو وهيلر جهاز اسان کي ڏسي اسان جي مدد ڪري“. (ياد رهي ته انهن ڏينهن ۾ اڃان آگبوٽ يعني ٻاڦ تي هلندڙ جهاز ايجاد نه ٿيا هئا. وڏا وڏا ٻيڙا به سڙهن تي هليا ٿي ۽ هوائن جي رخ مطابق اڳتي وڌيا ٿي. جيئن اسان واري پاسي عربي سمنڊ ۽ هندي وڏي سمنڊ ۾ سياري ۾ اتر جون هوائون لڳيون ٿي ۽ اونهاري ۾ ڏکڻ کان چؤماسي جون تيئن ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ سمنڊ ۾ هڪ قسم جي لڳندڙ هوائن کي ”ٽريڊ ونڊس“ سڏجي ٿو). مٿين جهاز Essex جي ٽرئجڊيءَ بابت هڪ ٻئي ليکڪ ”نٿانيل فلبرڪ“ In the Heart of Sea نالي ڪتاب لکيو آهي جنهن ۾ هن لکيو آهي ته مٿين ٻن ٻيٽن بابت آدمخور ماڻهن هجڻ جا افواهه ضرور هئا پر اهڙي ڪا ڳالهه نه هئي ۽ مسافر، ملاح، واپاري هنن ٻيٽن تي آيا ويا پئي ۽ ڪنهن سان به ڪا اهڙي واردات نه ٿي هئي.
    بهرحال هو 20 فٽ ڊگهين ٽن ٻيڙين ۾ اڳتي وڌڻ لڳا. ٻيڙي ۽ جهاز جي سفر ۾ وڏو فرق آهي. ٻيڙي ننڍي هجڻ ڪري سمنڊ تي وڌيڪ ڪڏي ٿي ان ڪري منجھس سوار ماڻهن کي سخت تڪليف ٿئي ٿي. سمنڊ جي ڇولين جو پاڻي ٻيڙيءَ ۾ اچي هنن جي ڊبل روٽي ۽ ٻي راشن کي به خراب ڪري وڌو ۽ اهو ايڏو کارو ٿي پيو جو کائڻ لائق نه رهيو. ڏينهن جو سخت تپش ۽ پيڻ واري پاڻيءَ جي اڻاٺ ڪري سڀني سان ڊي هائڊريشن جو مسئلو ٿي پيو. ڪئپٽن پولارڊ واري ٻيڙي تي رکي رکي ڪِلر وهيل حملو ڪندي رهي. مطلب ته سڀني کي نه ڏينهن جو فرحت نه رات جو سڪون .... ننڊون ئي حرام ٿي وين. ٻن هفتن جي سفر بعد هنن کي هڪ ٻيٽ نظر آيو ـــ هينڊرسن ٻيٽ! ڏاڍو خوش ٿيا ته ڪجهه کاڌي پيتي ۽ پاڻيءَ جو بندوبست ٿي ويندو پر ان تي لهي جانچ ڪيائون ته اهو ويران ئي ويران هو...... رڳو واريءَ جون ڊٻون هيون..... نه پکي نه پکڻ نه وڻ ٽڻ نه ڍنڍ ڍورو. هفتو کن ان ٻيٽ تي گذاري هنن وري ٻيڙين ڏي رخ ڪيو. ان هوندي به ٽن چئن ماڻهن ٻيٽ تي ئي ترسي پوڻ ۾ عافيت سمجھي ـــ شايد اهو سوچي ته من ڪو جهاز اچي لانگھائو ٿئي ۽ هنن جي مدد ڪري. ساڳئي وقت ٻيڙين تي موٽڻ وارن به شڪر ڪيو ته ڪجهه ماڻهو ته گهٽيا جو ٻيڙيءَ ۾ راشن وارو کاڌو ڪو ٿورو وڃي بچيو هو.
    هنن ٻيڙيون ڌڪي سمنڊ ۾ لاٿيون ۽ هڪ دفعو وري سفر شروع ڪيو. بهرحال قصو مختصر هن ريت ته اڳتي طوفان لڳڻ تي هي ٽئي ٻيڙيون هڪ ٻئي کان وڇڙي ويون. پاڻ رڳو ان ٻيڙيءَ جي ڳالهه ڪنداسين جنهن ۾ ڪئپٽن پولارڊ هو جيڪو بچي گهر موٽيو ۽ پنهنجو قصو ٻڌايو. باقي ٻن ٻيڙين جو ڇا ٿيو.... ٻڏي ويون..... يا هلنديون رهيون ۽ منجھن سوار ماڻهو بک ۾ پاهه ٿي مري ويا...... ڪا خبر نٿي پوي جو انهن مان ڪو هڪ به موٽي ماڳ تي نه پهتو.
    پولارڊ واري ٻيڙيءَ ۾ به هفتي ٻن کان پوءِ حالت سخت خراب ٿي وئي. کاڌي پيتي لاءِ ڪجهه نه بچيو. اوجاڳن ۽ بکن سڀني کي جسماني توڙي ذهني طرح سخت ڪمزور ڪري ڇڏيو. مختصر طور هن ريت ته هنن ۾ هڪ خلاصي پاڳل ٿي پيو ۽ ٻين کي مارڻ لڳو. سڀني گڏجي هن کي ٻڌو پر هن کي سڄي رات دورا پوندا رهيا. صبح جو هن کي ڏٺائون ته مري ويو هو. بک انسان کي ڪيئن جھنگلي جانور بڻائي ٿي، ان بابت ڪئپٽن پولارڊ ٻڌايو ته ”اسان سڀ مرڻ جي ڪنڌيءَ تي هئاسين جو ڪيترن ڏينهن کان کائڻ لاءِ نه مليو هو. هن خلاصيءَ جي مرڻ تي سڀني هن جي جسم جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري فلئٽ پٿر تي سيڪي کاڌو. اهڙي طرح ايندڙ ٻن هفتن ۾ ڪُڻن ذريعي ٻن وڌيڪ خلاصين کي ڪٺو ويو ۽ انهن جو گوشت کاڌو ويو...... وغيره وغيره.
    هي اهڙي ڪهاڻي آهي جيڪا پراڻي زماني جي سامونڊي سفرن ۾ عام هئي. بيان ڪندي به دل نٿي چوي ته انسان حيوانيت ۽ وحشي پڻي جي ڪهڙي ته کاهيءَ ۾ ڪريو پوي. هنن کي آخرڪار هڪ انگريزن جو جهاز ”انڊين“ نالي ملي ويو جنهن هنن مان بچيلن کي ٻيڙيءَ مان ڪڍي پنهنجي جهاز ۾ سوار ڪيو ۽ آفريڪا جي ڪنهن بندرگاهه ۾ لاٿو. جتان پوءِ ڪئپٽن پولارڊ ٻئي جهاز ذريعي آمريڪا پنهنجي ڳوٺ (نانٽڪيٽ ٻيٽ) تي پهچي ويو. اهو سال 1821ع هو. ان وقت ”موبي ڊڪ“ ناول جو ليکڪ هارمن فقط ٻن سالن جو هو ۽ ڪئپٽن پولارڊ ٽيهه ايڪٽيهه سالن جو. هن قصي جون خبرون ۽ ڳالهيون ان وقت ۽ بعد ۾ به اخبارن رسالن ۾ اينديون رهيون. هارمن ميلويل وڏو ٿي اهي ڪئپٽن پولارڊ جي سفر جون ڪهاڻيون پڙهيون ۽ 32 ورهين جي ڄمار ۾ 1851ع ۾ هن ”موبي ڊڪ“ ناول لکيو. (جنهن بعد هو ڪئپٽن پولارڊ سان ملڻ آيو هو).
    Essex جهاز جا خلاصي جن ٻيٽن تي آدمخورن جي موجودگي سمجھي نه ويا ڪاش ڪئپٽن پولارڊ جو چيو مڃي وڃن ها ته هنن جي جان بچي پوي ها جو اتي آدم خور ماڻهو ته نه هئا پر سلجھيل هئا ۽ کائڻ پيئڻ لاءِ به انهن ٻيٽن تي جام هو پر غلط فيصلي ڪري هو اهڙن ٻيٽن ۽ اوڙاه ۾ ڀٽڪندا رهيا جو ماڳهين پاڻ آدمخور بڻجي ويا......


    وهيل مڇين پويان دنيا ڇو چري رهي آهي؟

    وهيل مڇين جي شڪار کي “Whaling” سڏجي ٿو ۽ اهي جهاز جن ۾ مهاڻا چڙهي هنن مڇين جو شڪار ڪن ٿا، اهي “Whalers” سڏجن ٿا. وهيل مڇيءَ جي شڪار جو شوق ڪو هاڻ جو ناهي پر تمام آڳاٽو آهي. فرعون جي زماني کان به اڳ جو آهي. ڪي ته چون ٿا ته اهو ڪم 5000 ق.م کان هلندو اچي پر 3000 ق.م کان جي ته پڪ چئي وڃي ٿي جنهن جا آثار وهيل مڇين جي هڏن مان ٺهيل شيون ۽ پٿرن تي ٽڪيل شڪليون آمريڪا جي سامونڊي ڪنارن تي به ملن ٿيون.
    پيٽرول ۽ انجڻيون هاڻ نڪتيون آهن نه ته 1850ع تائين به جهاز ڪاٺ جا هئا ۽ سڙهن تي هليا ٿي ـــ يعني هوا جي زور تي هليا ٿي. وهيل مڇي ڪا ننڍي ناهي جيڪا ڪناري جي ويجھو ترندي هجي. جمبو جيٽ جيڏي وهيل جنهن جي دل جي سائيز هاٿيءَ جيڏي آهي اها اونهي سمنڊ ۾ ئي رهي سگهي ٿي. ڏندن وارين وهيل مڇين جو کاڌو اِسڪڊ مڇيون آهن جيڪي سمنڊ جي تري ۾ رهن ٿيون انهن کي ڦاسائڻ لاءِ وهيل مڇي ميل ڏيڊ هيٺ سمنڊ ۾ ٽٻي هڻي ٿي. منهنجو مطلب آهي ته وهيل مڇين جو شڪار ٻين عام مڇين وانگر آسان ناهي جن کي ڦاسائڻ لاءِ اسانجا مهاڻا ڄاريون ۽ رڇ کڻي سمنڊ ۾ وڃن ٿا ۽ ٻئي ڏينهن نه ته ٽي يا چوٿين ڏينهن ڪناري تي موٽيو اچن.
    وهيل مڇين جي شڪار لاءِ مهاڻن کي جان جي بازي لڳائڻي پوي ٿي. هنن کي ڪناري کان سوين هزارين ميل پري کلئي سمنڊ ۾ وڃڻو پوي ٿو. ڪڏهن اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ ڏي ته ڪڏهن ڏکڻ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ هنن کي وهيل مڇين جي ڳولا ڪرڻي پوي ٿي. ڪڏهن ته ”ڪيپ آف هارن“ لتاڙي پئسفڪ سمنڊ ۾ پهتا ٿي. ان مهم ۾ هنن کي سال ڏيڍ به لڳي ويو ٿي. پراڻي دؤر ۾ يعني جڏهن اڃان انجڻين وارا جهاز ايجاد نه ٿيا هئا ۽ وهيل مڇين کي مارڻ جا طريقا به ماڊرن نه ٿيا هئا، هن شڪار ۾ وڏا جوکا (Risk) هئا جيئن انگريزي ناول ”موبي ڊڪ“ ۾ آهي يا ڪئپٽن پولارڊ جي ڪهاڻيءَ مان ظاهر آهي.
    هاڻ ته ڪَل جا جهاز يعني انجڻ وارا جهاز ٿي پيا آهن هوا جو رخ کڻي ڪهڙو به هجي پر اڄ جا جهاز مرضي مطابق هلائي سگهجن ٿا. انهن ۾ ڇهه ڇهه مهينن جو کاڌو ڪولڊ اسٽوريج (ٿڌن ڪمرن) ۾ رکي سگهجي ٿو ۽ هزارين ٽن پيئڻ جو پاڻي ٽانڪين ۾ کڻي سگهجي ٿو. هر جهاز تي ”فريش واٽر ايووپريٽر پلانٽ“ به ٿئي ٿو جيڪو روزانو سمنڊ جي کاري پاڻيءَ مان ويهه پنجويهه ٽن مٺو پاڻي ٺاهي ٿو. اڳئين زماني ۾ وهيلرن (وهيل جي شڪار لاءِ سڙهن ذريعي هلندڙ ڪاٺ جي جهازن) ۾ کاڌي پيتي جا وڏا مسئلا هئا ۽ ڊگهي سفر ۾ يا جهاز جي توائي ٿيڻ تي، بک ۾ پاهه ملاح، آخرڪار آدمخور بڻجي پيا ٿي. مڇين مارڻ جا طريقا به اڃان ماڊرن نه ٿيا هئا. وهيل مڇي اهڙي آهي جيڪا هڪ ڀالي يا خنجر جي هڪ ڌڪ سان ته مريو نٿي سگهي. هن جي ٻاهرين کل هيٺان فٽ ڏيڍ فٽ جو ٿلهو چرٻي (Blubber) جو تهه ٿئي ٿو ان بعد هن جو گوشت ۽ جسماني سسٽم شروع ٿئي ٿو. يعني توهان جو ڀالو هن جي جسم ۾ جي فٽ کن وڃي ٿو ته ان جو هن تي ڪو اثر نٿو ٿئي جو اهو سندس چرٻي به نٿو ڪراس ڪري. ۽ جي توهان ڪنهن ننڍي ٻيڙيءَ ۾ آهيو ته ڪي وهيلون ڀالو لڳڻ تي ڀڄڻ بدران مقابلو ڪن ٿيون ۽ مهاڻن سميت ٻيڙيءَ کي اوندهو ڪريو ڇڏين. ڪاٺ جا وڏا وهيلر (ٻيڙا) پاڻ سان ٽي چار ننڍيون ٻيڙيون به کڻي نڪتا ٿي. وهيل جي نظر اچڻ تي مهاڻا انهن ٻيڙين ۾ چڙهي وهيل مڇيءَ جو گھيراءُ ڪري هن تي تيرن، ڀالن ۽ ڀڙڇين جو وسڪارو ڪيو ٿي. ڪن دلير مهاڻن ته ٻيڙيءَ مان ٽپ ڏئي وهيل جي مٿي تي اچي هن جي Blow Hole نڪ ۾ ڪاٺ جو ٻُوچ (Plug) ٺوڪيو ٿي جيئن هوءَ ساهه نه کڻي سگهي. هن جي ساڻو ٿيڻ تي، هن کي ڇڪي ڇڪي وهيلر (وڏي ٻيڙي) تي آندو ٿي. پر اڄ جي ماڊرن وهيلرن تي ڊيڪ تي رکيل ڪرين ذريعي وهيل کي مٿي ڊيڪ تي آندو وڃي ٿو. اڄ ڪلهه وهيلر جهازن تي هارپون ۽ ان کي شوٽ ڪرڻ لاءِ توبچيون آهن. وهيل جي ويجھو وڃي ڀالا هڻڻ بدران هن کي پري کان توب ذريعي هارپون هنيا وڃن ٿا. هارپون ڀالي يا کڻي چئجي ته تير وانگر آهي جنهن سان گڏ رسو به ٿئي ٿو جنهن جو پوڇڙ جهاز تي رهجيو وڃي ۽ تير وهيل جي جسم ۾ ڪافي اندر هليو وڃي ٿو ۽ هن جي زخمي ۽ ساڻي ٿيڻ تي هن کي رسيءَ ذريعي جهاز ڏي ڇڪيو وڃي ٿو. ان بعد ان کي جهاز تي مٿي چاڙهي وڏن ڇُرن يا مشينن سان ٽڪرا ٽڪرا ڪري ان جو تيل، گوشت ۽ ٻيون شيون ڌار ڌار پئڪنگ ڪيون وڃن ٿيون. ان ڪم لاءِ اڄ ڪلهه جي هر وهيلر جهاز تي فئڪٽري آهي ۽ هن قسم جا جهاز ”وهيل فئڪٽري شپ“ سڏجن ٿا. اڄ ڪلهه جي ڪن وهيلر جهازن تي استعمال ٿيندڙ هارپونن ۾ بارود به ٿئي ٿو. وهيل مڇيءَ کي اهڙو هارپون لڳڻ سان ان ۾ موجود بارود ڦاٽي پوي ٿو ۽ هڪ ئي هارپون سان آفت جيڏي وهيل ڍيري ٿيو پوي.
    زماني کان ماڻهو وهيل پٺيان ڇو آهن؟
    ماضيءَ ۾ توڙي اڄ وهيل جو شڪار گوشت لاءِ ڪيو وڃي ٿو. اڳ زماني ۾ ته ڪناري جي ڳوٺن ۾ کائڻ لاءِ ٻيو نه ته وهيل مڇيءَ جو گوشت هو. اڄ فارمي ڪڪڙين، رڍن، ٻڪرين، شتر مرغن جي ڌڻن جي باوجود جپان جهڙن ملڪن ۾ وهيل مڇيءَ جو گوشت خاص ڊش (Delicacy) طور استعمال ٿئي ٿو. جپان ۾ ساشيمي طور وهيل جي گوشت جا پاپڙن جهڙا سنها Slice ٺاهي ڪچا کاڌا وڃن ٿا. وهيل جي گوشت جو سواد ڳائي گوشت جهڙو چيو وڃي ٿو..... هونءَ به ڏٺو وڃي ته وهيل ”مڇي“ ته نه آهي. اها هڪ ”جانور“ آهي جيڪا جانورن وانگر ساهه کڻي ٿي، ڦر ڏئي ٿي، ان کي ٿڃ پياري ٿي. بهرحال جپان ۾ ڳائي گوشت جو اگهه ته تمام گهڻو آهي پر وهيل مان جيڪي اسٽيڪ ٺاهيون وڃن ٿيون انهن جي قيمت به گهٽ ناهي. اهي Steaks ڳائي گوشت وانگر ٽانڊن تي Grill ڪري مختلف چٽڻين ۽ ساسن ۾ ٻوڙي کاڌيون وڃن ٿيون.
    ناروي ۽ آئسلئنڊ پاسي ـــ يعني اتر قطب جي ملڪن ۾ اها چوڻي عام آهي ته: “Eat Whale Meat & Blubber, and grow tall & strong”. انهن ٿڌن ملڪن ۾ جتي تقريبن سال جا ڏهه مهينا برف ئي برف رهي ٿي..... جتي نه ڀاڄيون ٿي سگهن ٿيون نه ڪا رڍ ٻڪري پالي سگهجي ٿي ..... (خاص ڪري انجڻ وارن جهازن جي ايجاد کان اڳ تائين)...... اتي وهيل مڇيءَ جي گوشت ۽ چرٻيءَ (Blubber) نه فقط ماڻهن جو پيٽ ڀريو ٿي پر ضروري وٽامن ۽ پروٽين به مهيا ڪيون ٿي. هڪ عام سائيز جي وهيل جيڪا 60 کان 70 ٽن وزن جي ٿئي ٿي 25 ٽن گوشت ۽ 15 ٽن چرٻي ڏئي ٿي. بلو وهيل مڇيون جيڪي وڏي قد بت جون 100 فٽ کن ڊگهيون ٿين ٿيون انهن جو وزن 180 کن ٽن ٿئي ٿو. منجھائن 90 ٽن گوشت ۽ 50 ٽن چرٻي نڪري ٿي. هڪ ٽن وزن معنيٰ 1000 ڪلو...... اٽڪل 25 کن مڻ ٿيو. يعني هڪ وڏي بلو وهيل مڇيءَ مان ٻه هزار ٻڪرن جو گوشت نڪري ٿو جنهن ۾ 25 سيڪڙو ته پروٽين آهي. ان کان علاوه وهيل جي گوشت ۾ ڪافي مقدار ۾ آئرن، ڪارنيٽائين، وٽامن اي ۽ وٽامن ڊي آهي. منجھس Unsaturated فئٽي ائسڊ آهي جيڪو دل جي بيمارين لاءِ بهترين علاج ۽ بچاءُ آهي.
    وهيل مڇيءَ جي چرٻي جنهن کي گرم ڪري تيل ٺاهيو وڃي ٿو اتر قطب جي ماڻهن کي جن وٽ نه ڀاڄيون آهن ۽ نه اس.... جتي سال جا ڇهه مهينا ته لڳاتار رات ٿي رهي ۽ سخت سيءُ ۽ باقي ڇهه مهينا ڏينهن وارا به اسان کان وڌيڪَ ٿڌو سيارو ٿئي ٿو، صحتمند ۽ توانو رکي ٿو. هر وهيل مان ايترو ته گهڻو تيل (Blubber) نڪري ٿو جو وهيل مڇي سمجھو ته هلندڙ چلندڙ تيل جو ٽئنڪر آهي. بلو وهيل جنهن مان 50 ٽن تيل نڪري ٿو سمجھو ته انهن چئن پنجن ٽئنڪرن برابر آهي جن ۾ ٻن کان اڍائي هزار گئلن تيل اچي ٿو. اڄ ڪلهه زمين تي ٺهيل ڪارخانن جو گند ڪچرو سمنڊ ۾ وڃڻ ڪري ڪجهه وهيل مڇين جي گوشت ۽ تيل ۾ پاري (Mercury) ۽ PCB جهڙيون خراب شيون به ملي ويون آهن.
    وهيل مڇيءَ جي چوڌاري ٿلهي چرٻيءَ جو ڇڙهيل تهه هن کي ٿڌن سمنڊن ۾ گرم رکي ٿو. وهيل مڇيءَ کي جهاز جي عرشي تي ليٽائي پهرين سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪيو وڃي ٿو. ان بعد کل لاهي چرٻي ڪڍي وڃي ٿي. جيئن کير جي ملائيءَ کي سنهي باهه تي ڪافي دير گرم ڪري گهريچي گيهه ٺاهيو وڃي ٿو تيئن وهيل مڇيءَ جي چرٻيءَ کي گرم ڪري تيل ٺاهيو وڃي ٿو. جيڪو ”وهيل آئل“ سڏجي ٿو. گذريل زماني ۾ اهي ڪم ڪناري تي ڪيا ويا ٿي. اڄ ڪلهه جي ماڊرن ”فئڪٽري جهازن“ ۾ اهي سڀ ڪم، گوشت جي ڪٽائي ۽ لوهي دٻين ۾ Seal ڪرڻ جو بندوبست جهاز تي ئي ٿئي ٿو.
    وهيل مڇيءَ جو گوشت سڀ کان گهڻو جپان ۾ کاڌو وڃي ٿو. آدمشماري جي حساب سان جپان تمام ننڍڙو ملڪ آهي ۽ ان جو به 85 سيڪڙو پهاڙي علائقو آهي. هيڏي وڏي آدمشماريءَ جي مقابلي ۾ پوک نه برابر ٿئي ملڪ ۾ رڍ ٻڪري ۽ ڍڳي ڍور جي سخت قلت آهي. ڇا سان پيٽ پارين؟ ان ڪري جپاني ماڻهن جو سڄو زور سمنڊ ڏي آهي. هو مڇين گانگٽن کان سامونڊي گاهه تائين هر شيءِ کائين ٿا. گذريل زماني ۾ وهيل جهڙين وڏين مڇين جو شڪار ڏاڍو ڏکيو هو پر جپاني هزارين سالن کان وهيل جي شڪار جا شوقين رهيا آهن. اهو انهن جو ڪلچر رهيو آهي جيئن اسان وٽ گھوڙا پالڻ، ملهه وڙهڻ، ڪڪڙن جي، سوئر ڪتي جي ويڙهه، وغيره. چون ٿا ته گوشت خاطر وهيل جي اهميت 800ع ڌاري کان ٿي. جپانين وهيل جو گوشت کائڻ شروع ڪيو پر ڪڏهن ڪڏهن ۽ ٿوري مقدار ۾..... سو به انهن ڳوٺن جي ماڻهن جيڪي سمنڊ جي ڪناري تي هئا. پوءِ ٻي جنگ عظيم بعد جڏهن سڄي دنيا ۾ کاڌي جي سخت کوٽ ٿي وئي ۽ جپان ۾ ته بک وگھي ماڻهو پئي مئا يا معذور پئي ٿيا، ان وقت آمريڪا جي صدر جنرل ڊوگلس مڪارٿر ”فئڪٽري وهيلر“ جهاز شروع ڪرايا ۽ جپانين کي وهيل کائڻ جي ترغيب ڏني جيئن هنن جي جسم کي گهربل پروٽين ملي سگهن.
    هاڻ ته جپان جا ماڻهو وهيل مڇين پويان اهڙا ته اچي چريا ٿيا آهن جو وهيل مڇين جي ڪيترن جنسن جي دنيا ۾ کوٽ ٿي وئي آهي ۽ دنيا وهيل مڇيءَ جي شڪار تي سختيءَ سان بندش هڻي ڇڏي آهي ته به مختلف سمنڊن تي جپاني وهيل مڇيون ماريندي نظر اچن ٿا. دنيا جي عالمي ادارن جي زور ڀرڻ تي هو اهي ئي بهانا ڏين ٿا ته ”اسان وهيل مڇين تي سائنسي تجربا ڪرڻ لاءِ انهن کي جھليون ٿا.“ آمريڪا ۾ وهيل مڇيءَ جي گوشت جي قيمت ”جيل“ آهي. پر جپان جي هوٽلن ۾ هر وقت وهيل جي گوشت جا مختلف ڊش نظر اچن ٿا. پڇڻ تي هو اهو ئي چون ٿا ته هنن سائنسي لئبارٽريز مان تجربي بعد ان مڇيءَ جو ڪلو ٻه ڪلو گوشت خريد ڪيو آهي پر توهان ٽوڪيو جي تسوڪِيجي Tsukiji مڇي مارڪيٽ ۾ ته وڃي ڏسو. دنيا جي ڪهڙي مڇي آهي جيڪا نٿي ملي. وهيل جي ڳالهه ڪريو ته ان لاءِ به توهان کان پڇندا ته ڪهڙي حصي جو گوشت کپي ۽ ڪيترو....؟ جيئن ٻڪري يا ڍڳي جي گوشت لاءِ ڪاسائي پڇي ٿو ته منڍي کپي يا چاپون، دستي کپي يا ران، انڊر ڪٽ بيف کپي يا اسٽيڪ.... يا جيئن ساٽي پڇن ٿا سڄي مڇي کپي يا ان جون منڍيون....پيٽارو کپي يا ڪنهڙ.... ويندي ڪِٽ ڪِٽ لاءِ جيرا بڪيون کپن يا کِيري ۽ ڪپورا؟ سڄي وهيل مڇي ته ٿي ٻه هزار ٻڪرن برابر، پر ان جي مختلف حصن جو گوشت وڪامي ٿو. مڇيءَ جي پوڇڙ ۽ ڪنهڙ يعني ڪنن جي پاسن واري حصي ۾ ته ڪنڊا ٿين ۽ سستو ٿئي ٿو پر وهيل جو پڇ (Fluke) يا فِن (کنڀڙاٽي) واري حصي جو گوشت سڀ کان مهانگو ملي ٿو.
    وهيل مڇيءَ جي هيٺين ڄاڙيءَ کان دُن تائين وارو گوشت (Belly meat) جون جپان جي هوٽلن ۾ ”فراءِ“ يا ”باربي ڪيو“ ٿيل ڊگهيون پٽيون (Strips) عام طرح ملن ٿيون جن کي جپاني ماڻهو يونيسُو (Unesu) سڏين ٿا. اهڙيون ئي پٽيون (فش فنگر کڻي چئون) وهيل مڇيءَ جي پڇ (Fluke) جون پڻ ملن ٿيون جيڪي اونومي (Onomi) يا اوني ڪُو (Oniku) سڏجن ٿيون. وهيل مڇيءَ جي پڇ وارو گوشت تمام لذيذ چون ٿا ۽ قيمت ۾ پڻ مهانگو آهي. اڄ ڪلهه وهيل مڇيءَ جي گوشت جو اگهه ڪافي ڪري پيو آهي ان هوندي به سندس پيٽ واري گوشت جي قيمت 6000 يين يعني 6000 رپيا ڪلو آهي ته پڇ وارو گوشت ويهه هزار رپيا ڪلو آهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته وهيل مڇي جو گوشت پئمفريٽ ۽ گانگٽن کان به مهانگو آهي. اڄ ڪلهه هڪ نارمل وهيل مڇيءَ جي قيمت پنجاهه لک (اڌ ڪروڙ) رپين جي لڳ ڀڳ آهي پر مزي جي ڳالهه اها ته جيترا ڏينهن وهيلر (مڇين جي شڪار واري جهاز) کي وهيل جي ڳولا ۽ شڪار ڪرڻ ۾ لڳن ٿا انهن ڏينهن جو جهاز جو خرچ پکو لڳايو وڃي ته ايتري قيمت تي وهيل کي وڪڻڻ ۾ به جهاز جي مالڪ کي نقصان رهي ٿو. هينئر تيل کڻي سستو ٿيو آهي ته به هڪ مهيني جي سفر ۽ ڳولها ۾ ڪافي سڙي ٿو. جهاز جي مشينن جي اوورهال ۽ اسپيئر پارٽس، جهاز هلائيندڙ ۽ وهيل جو شڪار ڪندڙ عملي جي رهائش، کاڌي پيتي جو خرچ ۽ پگهار..... آسمان سان ڳالهيون ٿا ڪن وهيلر جهاز جي ڪئپٽن جو پگهار ست اٺ لک رپين کان گهٽ ناهي. ۽ جهاز کي فقط هڪ نيويگيٽر (ڪئپٽن) ته نٿو هلائي. ٿورا ٿورا تڏهن به ڪئپٽن کان پوءِ ٽي چار ٻيا نيويگيٽر (چيف ميٽ، سيڪنڊ ميٽ ۽ ٿرڊ ميٽ وغيره) ٿين ٿا ۽ اهڙي طرح چيف انجنيئر ۽ ٽي چار ٻيا مئرين انجنيئر ضروري آهن. ماڻهن ۽ جهاز مڙني جي انشورنس، بندرگاهه ۾ اچي بيهڻ جي پارڪنگ في...... انهن سڀني خرچن جو حساب لڳايو وڃي ته ان ڪم ۾ لڳل ڪيترا نقصان ۾ وڃن ٿا. وري به هوٽل وارا ايڏو مهانگو گوشت وٺڻ جي باوجود ڪمايو وڃن جو جپاني وهيل کائڻ جا شوقين آهن ۽ ان جي ڪنهن به ڊش تي دل وڏي ڪري خرچ ڪن ٿا ۽ ماسانوري هاتا (قلمي نالو متسوگورو) جهڙي مشهور جپاني ليکڪ به وهيل مڇيءَ جي گوشت جي تعريف ۾ صفحا ڪارا ڪري ڇڏيا آهن ــــ خاص ڪري ”اونومي“ ۽ ”اوني ڪو“ (پڇ واري گوشت) جي حق ۾. وهيل جي ٻين حصن وارو گوشت جيڪو ”ڳاڙهو گوشت“ يا “Lean” گوشت سڏجي ٿو گهٽ اگهه تي ملي ٿو ۽ جپانيءَ ۾ ان کي ”اڪا نِيڪو“ سڏين. لوڻيل گوشت کي ”ساراشي ڪُوجِيرا“ سڏين. ان کان علاوه جپاني ريسٽورنٽن ۾ جپاني ماڻهو وهيل مڇيءَ جي فراءِ ٿيل زبان (ساءِ زوري ڊش) ۽ کل (ڪورو) آنڊا، اوجھري، ٿڻ ۽ ٻيا خاص عضوا وڏي شوق سان کائين. انگلنڊ، آمريڪا، آسٽريليا جهڙا ملڪ وهيل جي بچاءَ لاءِ ڀلي رڙيون ڪري رهيا آهن پر جپاني ڪن لاٽار ڪري پيا هلن. ”بين الاقوامي وهيل مڇين جي ڪميشن“ جو جپاني ڪمشنر ”جوجي موري شيتا“ پنهنجي رپورٽ ۾ صاف لکي ٿو ته جپاني ماڻهن لاءِ وهيل کائڻ “is a matter of national pride”. هن جپاني ماڻهن لاءِ وهيل کائڻ کي ڪمونو (جپاني قومي لباس) سان مشابهت ڏني آهي. هو لکي ٿو ته سڀاڻي انڊيا ڳائي گوشت نه کائڻ جي مهم هلائي ته ڇا انگلنڊ ۽ آمريڪا وارا بيف کائڻ بند ڪري ڇڏيندا!؟
    وهيل مڇيءَ جي گوشت وانگر هن مان نڪرندڙ تيل به سالن کان ڪم ايندو رهي ٿو. گاسليٽ جي ايجاد کان اڳ سڄي دنيا جي گهرن ۽ گهٽين جا ڏيا ۽ فانوس وهيل جي تيل مان ٻريا ٿي. وهيل مڇيءَ جو تيل رڌ پچاءَ کان علاوه صابڻ ۽ ميڪ اپ جي سامان ۾ به استعمال ٿئي ٿو. چرٻيءَ مان نڪتل ميڻ مان ميڻ بتيون ٺاهيون وڃن ٿيون. اڄ به هي ميڻ بتيون سڀ ۾ مهانگيون آهن جو وهيل مڇيءَ جو تيل توڙي ميڻ جڏهن ٻري ٿو ته بيحد شفاف روشني ڏئي ٿو ۽ دونهون بلڪل نه برابر ڪڍي ٿو.
    وهيل مڇيءَ مان نڪتل تيل ”وهيل آئل“ يا ”ٽرين آئل“ (Train Oil) سڏجي ٿو. هن تيل جي اها خاصيت آهي ته ايترو چڪڻ ناهي يعني Viscosity تمام گهٽ اٿس.... زيتون (Olive) جي تيل کان به گهٽ اٿس. هاڻ گهڙيال ۽ واچون اليڪٽرڪ (بيٽري تي هلندڙ) ٿي پيا آهن نه ته سالن تائين چاٻيءَ وارين واچن ۾ چڪنائيءَ (Lubricating) خاطر ”وهيل آئل“ استعمال ٿيو ٿي. اهڙي طرح سلائي جي مشينن ۽ ٻين اهم مشينن ۾ هي تيل استعمال ٿئي ٿو. هن تيل جي Spreadibility (مشين جي حصن ۾ پهچي وڃڻ جي خاصيت) پڻ گهڻي آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن جي ڄمڻ جو پڌ(Freezing Point) تمام هيٺاهون آهي. ٻيا رڌ پچاءَ جا يا مشينن ۾ استعمال ٿيندڙ تيل ٿوري ئي ٿڌ ۾ ڄميو وڃن پر هي تيل ڪاٽو ويهه يا ڪاٽو ٽيهه ڊگريون ٿڌاڻ ۾ به ساڳيو رهي ٿو. جهاز جو رخ بدلائڻ لاءِ اسٽيئرنگ انجڻ جا جيڪي ٽرانسميشن پائيپ ٿين ٿا انهن ۾ هن قسم جو تيل استعمال ٿئي ٿو. اسٽرينگ انجڻ جهاز جي پٺ تي جتي سکاڻ (Rudder) ٿئي ٿو هوندي آهي. ان کي هئڊرالڪ پريشر ذريعي کاٻي يا ساڄي موڙڻ لاءِ پتل جا پائيپ هي تيل کڻي ڪنٽرول روم (برج تي) ”اسٽيرنگ ويل“ تائين پهچن ٿا. ان ڦيٿي کي ساڄي يا کاٻي موڙڻ سان اسان دٻاءُ (Hydraulic Pressure) بپا ڪيون ٿا ۽ جهاز جو سکاڻ ساڄي يا کاٻي مڙي جهاز کي ان طرف موڙي ٿو. اڳئين زماني ۾ ان کي موڙڻ لاءِ لوهه جي زنجير هوندي هئي پر هاڻ آفت جيڏن جهازن کي موڙڻ لاءِ اسٽيرنگ وهيل ذريعي اها زنجير گهمائڻ ٽن ماڻهن جي به وس جي ڳالهه نه آهي. ان ڪري هاڻ اهو ڪم هئڊرالڪ ذريعي ورتو وڃي ٿو. هي ائين آهي جيئن هئڊرالڪ پريشر ذّريعي سڄي ڪار مٿي کنئي وڃي ٿي. هتي اهو ٻڌائڻ چاهيان ته اهي تيل جا پائيپ سڄو ڊيڪ (جهاز جو عرشو) لتاڙي ڪنٽرول روم ۾ پهچن ٿا. ٿڌن ملڪن جي سمنڊن تان لنگهڻ مهل ڪنٽرول روم ته کڻي هيٽنگ ذريعي گرم رهي ٿي پر کلئي آسمان هيٺ ڊيڪ تان لنگهندڙ پائيپن ۾ موجود تيل ته موسم مطابق منفي 30 ٿڌاڻ تي رهي ٿو ۽ اهو وهيل آئل ئي آهي جو ايتري ٿڌ ۾ به پنهنجي اصلي Liquid واري حالت ۾ رهي ٿو نه ته ٻيا تيل ته ڄمي سخت ٿي وڃن – جيئن پاڻي برف ٿيو وڃي ٿو.
    هڪ جمبو جيٽ جيڏي وهيل مڇيءَ جا هڏا به ايڏا وڏا ٿين ٿا جو انهن مان ڪيتريون ئي ڪمائتيون شيون ٺاهيون وڃن ٿيون..... لڪڻ جي مٿئين ڳن ۽ استري جي ٽيبل کان وٺي ڪيترائي اوزار ٺاهيا وڃن ٿا. وهيل جي ڏندن مان به ڪيتيريون ئي شيون ٺهن ٿيون.
    هتي اهو به لکندو هلان ته قدرت طرفان وهيل مڇي ـــ خاص ڪري اسپرم وهيل مڇي، جيڪا چهنبدار هڏن واريون وڏيون اسڪڊ (Squid) مڇيون کائي ٿي ان جي هاضمي واري رستي تي (آنڊي جي شروع کان نيڪال واري جاءِ (Anus)تائين) ائمبرگرس (Ambergris) جو تهه چڙهيل آهي جيڪو تهه اسڪڊ جي چهنبن ۽ ٻين سخت لوهي شين کان آنڊي کي بچائي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن اهو تهه سخت ۽ چهنبدار شين جي ڪري آنڊي تان روڙجي ويندو آهي ۽ وهيل جي ڦوڳ (ڪاڪوس) سان گڏ کوندن جي صورت ۾ ٻاهر سمنڊ ۾ اچي ڪرندو آهي. ان بعد قدرت طرفان وهيل جي آنڊي تي Ambergris جو نئون تهه وري چڙهي ويندو آهي پر وهيل جا شڪاري وهيل جي خارج ڪيل هن تهه جي سخت ڳولا ۾ هوندا آهن جو ان ۾ تمام مِٺي ۽ وڻندڙ خوشبوءِ ٿئي ٿي ۽ اها شيءِ (Ambergris) اعليٰ قسم جي عطرن ۾ جن جي خوشبوءِ گهڻي دير قائم رهي سگهي، ڪم اچي ٿي ۽ اها شيءِ تمام مهانگي وڪامي ٿي.
    ڪراچيءَ جي آچر بازار ۾ دنيا جي مختلف برانڊن جا ولائتي عطر وڪڻڻ واري چيو ته هي سستا ان ڪري آهن جو هي نقلي آهن ۽ پاڪستان ۾ ٺاهيا ويا آهن. مون هڪ ٻن جي خوشبوءِ سونگهيندي چيو ته انهن جي خوشبوءِ ته اصلي عطرن جهڙي آهي. ان تي دڪاندار ٻڌايو ته اهي اهڙي طرح نقل ٿيل آهن جو هر ڳالهه ۾ اصلي لڳن ٿا پر خوشبوءِ به ساڳي اٿن پر ان خوشبوءِ کي قائم رکڻ واريءِ شيءِ جيڪا تمام مهانگي ملي ٿي اها نه وجھڻ ڪري هنن جي خوشبوءِ چند منٽ به مس ٿي رهي .... ۽ اها شيءِ آهي وهيل جي ائمبرگرس.
    سو وهيل مڇيءَ جي گوشت، چرٻي، کل، هڏن، ڏندن سان گڏ ائمبرگرس به ائين ڪمائتي شيءِ آهي جيئن هرڻ جي پيٽ مان نڪرندڙ مُشڪ.


    ڪجهه سٽون هرڻ جي ”مشڪ“ بابت

    وهيل مڇيءَ جي آنڊي کي جانورن جي سڱن، هڏن، اسڪڊ مڇين جي چهنبدار چهنبن ۽ ٻين پيٽ ۾ هضم نه ٿيندڙ لوهي شين کان بچاءَ لاءِ ان جي اندرين پاسي جيڪو تهه Ambergris آهي اهو اعليٰ قسم جي خوشبوءِ ڪري عطر ٺاهڻ ۾ ڪم اچي ٿو ۽ تمام مهانگو وڪامي ٿو. جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته هي تهه جيڪو وهيل جي آنڊي جي آخري حصي ۾ ڪرفتي واري جاءِ تائين ٿئي جنهن مان هر وقت وهيل جو بدبودار ڪاڪوس گذرندو رهي ٿو. ان ۾ قدرت طرفان زبردست خوشبوءِ جي خاصيت رکيل آهي. اها ”امبرگريس“ دنيا جي اعليٰ ترين عطرن ۾ پوي ٿي ۽ دنيا جون اهم ۽ حسين عورتون انهن عطرن کي جسم تي هڻن ٿيون.
    ائين ناهي ته اها اعليٰ شيءِ فقط وهيل ۾ آهي. ڪيترا ئي ٻيا به پکي، جانور ۽ ٻوٽا آهن جن ۾ ان قسم جا خوشبودار مادا آهن. دنيا ۾ سڀ کان گهڻو خوشبودار مادو ”مشڪ“ آهي جيڪو هرڻ جي ڌن هيٺان ٿئي ٿو. ائين ته ڪجهه جانورن جو ڪي شيون تمام مهانگيون ٿين ٿيون جيئن ته گينڊي (Rhino) جو سڱ جيڪو سون جي تور تي وڪامي ٿو جنهن جي چين ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ تمام گهڻي ڊمانڊ آهي جو اتي جي ماڻهن کي اهو وهم آهي ته ان جي ذرڙي کائڻ سان شهوت وڌي ٿي. جيتوڻيڪ سائنسي طرح ڏٺو وڃي ته ان جو سڱ يا انسان جا وار ۽ ننهن ساڳي ڪيميڪل جا آهن. يا اسان وٽ سچا هيرا تمام مهانگا ٿين ٿا جن لاءِ ماڻهن کي اهو وهم آهي ته انهن کي پيهي پوڙهي، ڪمزور يا بيمار ماڻهوءَ کي کارائڻ سان هن ۾ جسماني ۽ ذهني سگهه اچيو وڃي. پر سائنسي طرح سپن مان نڪتل انهن سچن موتين کي جاچيو وڃي ته انهن ۾ اهو ئي ڪئلشيم ڪيميڪل آهي جيڪو عام طرح سپن (کوپن) ۽ ڪوڏن ۾ ٿئي ٿو. انهن کي پيهڻ سان به اهو ئي پائوڊر نڪري ٿو جيڪو سچن موتين کي پيهڻ مان ٺهي ٿو.
    مٿين شين جي ڀيٽ ۾ وهيل مان نڪرندڙ ”ائمبرگريس“ يا هرڻ جي پيٽ مان نڪرندڙ ”مشڪ“ (Musk) مِٿ (Myth) نه پر حقيقتون آهن. انهن ۾ تمام گهڻي خوشبوءِ آهي ۽ ائمبرگريس جي مقابلي ۾ مشڪ تمام ٿوري نڪري ٿي. هڪ ڪلو مشڪ لاءِ چاليهن کان پنجاهه کن هرڻن جي ضرورت پوي ٿي. ان ڪري ”مشڪ“ زعفران کان به مهانگي آهي.
    جيئن ته اسان وٽ يعني انڊيا، پاڪستان ۽ بنگلاديش پاسي هينئر يا آڳاٽي زماني ۾ وهيل جو شڪار عام نه هو ان ڪري اسان جو ماڻهو ائمبرگريس کان واقف ناهي پر مشڪ کان هر عام ۽ خاص ماڻهو واقف آهي جو اهو هرڻ (مَسڪ هرڻ) جنهن کي انڊيا ۾ ”ڪستوري“ سڏيو وڃي ٿو چين، نيپال، منگوليا، هماليا، انڊيا ۽ پاڪستان جي اتراهن علائقن ۾ ئي ٿئي ٿو. نر هرڻ مان نڪتل هيءَ خوشبوءِ (مشڪ) آڳاٽي زماني کان خوشبوءِ طور استعمال ٿيندي اچي ۽ هن جي خوشبوءِ ايتري ته وڻندڙ، گهڻو وقت هلندڙ ۽ پري تائين محسوس ٿيندڙ آهي جو هن تان عام چوڻي مشهور ٿي ته ”عشق ۽ مشڪ“ لڪي نه لڪائي سگهجي.
    مشڪ لفظ اصل ۾ سنسڪرت جي لفظ مُسڪا مان نڪتو جيڪو ايران ۾ ”مشڪ“ يعني هرڻ جو ڌُن ٿيو. آڳاٽين هندستاني دوائن (آيور ويدڪ) ۾ مشڪ دل جي بيمارين کان علاوه ذهني ۽ تنتي سرشتي جي گڙ ٻڙ کي صحيح ڪرڻ لاءِ لاءِ دوائن ۾ استعمال ٿيو ٿي. اڄ به مُشڪَ دوائن ۽ عطرن ۾ استعمال ٿئي ٿي.
    مغرب جي دنيا وڏي عرصي تائين مُشڪَ کان اڻ واقف رهي جو ان پاسي نه اهو هرڻ هو ۽ نه اها انڊيا ۽ چين کان اوڏانهن پهتي ٿي. پنجين صديءَ بعد ان جي ڳالهه تلموڊ ۾ ڏني وئي، ڇهين صديءَ ۾ يونانين کي ان جي خبر پيئي. ان بعد عربن خوشبوءِ خاطر ان کي عطرن ۾ ۽ مردانگي جي علاج لا دوائن ۾ استعمال ڪيو. عباسي دور حڪومت ۾ عربن وٽ مشڪ جي وڏي ڊمانڊ رهي ۽ بغداد جي خليفن ان جو دل کولي استعمال ڪيو ٿي. الڪنديءَ (عباسي دور جي مشهور فلاسافر، فزيشن، ميوزيشن، حسابدان ۽ عطر جي موجد ابو يوسف يعقوب بن اسحاق الصباح الڪندي) مشڪ کي عطرن ۾ شامل ڪيو جنهن سان هن شيءِ جي ڊمانڊ ايڏي ته وڌي وئي جو اها اهم لگزري آئٽم ۾ شمار ٿي وئي ۽ مشرق (چين، انڊيا) کان بغداد ايندڙ عربن جي جهازن ۾ مشڪ جو هجڻ ضروري هوندو هو. هتي اهو به لکندو هلان ته ”الڪندي“ عرب دنيا جو وڏو قابل ماڻهو ٿي گذريو آهي. پاڻ 801ع ۾ بصري ۾ ڄائو ۽ بغداد ۾ تعليم حاصل ڪيائين سندس والد اسحاق ڪوفي جو گورنر هو. تعليم دوران ان وقت جي عباسي خليفي المامون سندس وڏو خيال ڪيو ۽ پنهنجي درٻار ۾ رکيو. المامون جي 833ع ۾ وفات بعد سندس ڀاءُ متعصم خليفو ٿيو جنهن الڪنديءَ کي ترقي ڏئي پنهنجي پٽ جو استاد ڪري رکيو. الڪندي مٿين ڳالهين کان علاوه ٻين به ڪيترن سبجيڪٽن ۾ ڀڙ هو جيئن ته علم فلڪيات (Astronomy)، يوناني فلسفي جي ڪتابن جو عربي ترجمو ڪرڻ، نفسيات، علم نجوم (Astrology)، ميڊيسن، فارماڪالاجي، عطر ۽ آرسيون ٺاهڻ ۽ زلزلن جي ڄاڻ..... وغيره. پاڻ 72 سالن جي ڄمار ۾ 873ع ۾ وفات ڪيائين.
    مشڪ تيار ڪرڻ لاءِ هن جنس جي نر هرڻ جو شڪار ڪري هن جي پيٽ (ڌن ۽ پولڙيون لاهڻ واري هنڌ Rectal Area جي وچ) مان اهو مشڪ وارو غدود (Gland) جيڪو “Musk Pod” سڏجي ٿو ڪڍيو وڃي ٿو. ان بعد ان کي اس ۾ سڪايو وڃي ٿو يا گرم تيل ما ٽٻي ڏياري ڪڍيو وڃي ٿو. خشڪ ٿيڻ تي ناسي رنگ جي ڳاڙهسري پيسٽ ڪاري رنگ جي داڻن ۾ تبديل ٿيو وڃي ـــ جيڪي Musk Grain سڏجن ٿا. اهي الڪوحلڪ سالوشن ۾ وجھڻ سان ۽ ڪجهه عرصو بند ڪري رکڻ سان خوشبودار ٿيو وڃي. اڄ ڪلهه سڀ کان بهترين مشڪ ويٽنام جي چئي وڃي ٿي ۽ ٻئي نمبر تي آسام ۽ نيپال جي آهي. ان بعد روس ۽ چين جي هماليا جبلن وارن علائقن جي آهي.


    اوٻارا عنبير جا، جَر مان اچن جال

    پاڻ جتي دنيا جي هڪ اعليٰ خوشبوءِ ”مشڪ“ جي ڳالهه ڪئي آهي اتي ڪجھه ”ائمبر گرس“ بابت به لکڻ ضروري سمجهان ٿو جيڪا پڻ مشڪ وانگر دنيا جي بهترين ۽ مهانگي خوشبوءِ آهي. مشڪ کان اسانجي ننڍي کنڊ جا ماڻهو چڱي طرح واقف آهن جو اها جنهن هرڻ جي جنس مان نڪري ٿي اهو اسان پاسي ٿئي ٿو ـــ يعني پاڪستان ۽ هندوستان جي اتراهن علائقن۾، نيپال، چين ۽ ويٽنام وغيرهه ۾. ۽ مشڪ جو لفظ اسان جي سنڌي، اردو، فارسي ۽ عربي ادب .... شعرو شاعريءَ ۾ خوب استعمال ٿئي ٿو. اهڙي طرح ائمبرگرس آهي. مڃيان ٿو ته اسان جي ماڻهن کي ــــ يعني پاڪستان، هندوستان، بنگلاديش ويندي ايران ۽ عرب ملڪن جي گهڻي ڀاڱي عوام کي خبر نه هجي ته ائمبرگرس هڪ خوشبودار مادو آهي جيڪو خاص نسل جي وهيل مڇي (Sperm whale) مان نڪري ٿو ۽ اهو به اهڙي هنڌ تان جتان هن جو ڪاڪوس گذري ٿو. پر ان جو نالو اسان جي نثر توڙي نظم ۾ خوشبوءِ طور استعمال ٿئي ٿو. ويندي شاهه لطيف کان وٺي اڄ جي نوجوان شاعر احسان دانش اُن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيو آهي.
    گذريل مضمونن ۾ لکي چڪو آهيان ته وهيل مڇي جيڪا جيتوڻيڪ مڇيءَ جي شڪل جي ضرور آهي ۽ مڇيءَ وانگر تري به ٿي دراصل مڇي نه پر دنيا جو هڪ تمام وڏو ٿڻائتو جانور آهي. هوءَ ڦر کي ڏهه مهينا پيٽ ۾ سانڍي پوءِ ڄڻي ٿي ۽ ان بعد به هوءَ هُن کي اٺ مهينا کن ٿڃ پياري ٿي ۽ پرگهور لهي ٿي. اهڙي طرح ڊولفن به ٿڻائتو جانور آهي ۽ وهيل جي خاندان مان ئي چئي سگهجي ٿو.
    وهيل جون ڪيتريون ئي جنسون آهن جن جو ذڪر ڪري چڪا آهيون. انهن ۾ هڪ Sperm whale به آهي جنهن جو پيٽ گذر اسڪڊ مڇين تي ٿئي ٿو. اسڪڊ (Squid) کي مڇي ضرور سڏجي ٿو پر اسان جي ڏنڀري، کڳي يا پلي جي شڪل جي نه آهي. شڪل ۾ هوءَ آڪٽوپس سان ملي ٿي جنهن کي نانگن جهڙيون ٽنگون ۽ ٽوپلي جهڙو مٿو آهي ۽ وات ۾ ڳجھه جهڙي چهنب اٿس جنهن سان ننڍين مڇين جو شڪار ڪري ٿي. اسڪڊ مڇيون ڪيترين ئي سائيزن جون ٿين ٿيون. ننڍيون ته سمنڊ جي مٿانهن تهن تي ئي هلن ٿيون پر آفت جيڏيون اسپرم وهيلون جيڪي ڏهه ڏهه فٽ وڏيون اسڪڊ مڇيون کائين ٿيون اهي سمنڊ جي تري ۾ رهن.
    ”وهيل“ جانورن يا انسانن وانگر کاڌو چٻاڙي نٿي سگهي. هوءَ هر شي ڳهندي وڃي ٿي ۽ پوءِ هن جي پيٽ ۾ پيدا ٿيندڙ تيزاب ۽ انزائيم کاڌي کي ڳارين ٿا ۽ ڦوڳ آنڊي ذريعي ٻاهر خارج ٿئي ٿو. اسڪڊ مڇيون جيتوڻيڪ هن جي پيٽ ۾ هضم ٿيو وڃن پر هنن جون چهنبون (beaks) سخت هجڻ ڪري پيٽ ۾ رهجيو وڃن ۽ هفتي ٻن کان پوءِ وهيل الٽي ڪري هنن چهنبن يا ٻين لوهه، پٿر جهڙين سخت اڻ هضم ٿيل شين کي ٻاهر ڪڍيو ڇڏي. ان هوندي به ڪي شيون ـــ خاص ڪري اسڪڊ مڇيءَ جون ڪجھه چهنبون آنڊي مان گذر به ڪريو وڃن. هونءَ نارمل حالتن ۾ اهي شيون آنڊي مان گذرڻ ڪري آنڊي کي روڙي رکن يا ڪٽي به وجهن پر قدرت طرفان فقط هن جنس sperm وهيل جي آنڊي جي چوڌاري اندران هڪ ميڻ جو تهه ٿئي ٿو جيڪو ائمبرگرس (Ambergris) سڏجي ٿو. ڪا به سخت شيءِ ــــ خاص ڪري اسڪڊ مڇيءَ جون چهنبون آنڊي مان لنگهي پٺيان خارج ٿيڻ وقت هن ميڻ جهڙي تهه ائمبرگرس کي ئي زخمي ڪن ٿيون ۽ اهو گهڻو زخمي ٿيڻ تي ڪجھه سالن بعد وهيل ڪاڪوس سان گڏ پٺيان خارج ڪري ڇڏي ٿي يا وري وات ذريعي الٽي ڪري ٻاهر ڪڍي ٿي. ڪاڪوس سان گڏ مليلهجڻ ڪري ان ڦوڳ ۾ سخت بدبوءِ ٿئي ٿي پر پوءِ ڪجھه هفتن بعد ٻيون شيون سمنڊ ۾ هليون وڃن باقي ائمبرگرس رهجيو وڃي ۽ هيءَ اها شيءِ آهي جيڪا دنيا جي اعليٰ عطرن ۾ استعمال ٿئي ٿي ۽ مشڪ وانگر تمام مهانگي ٿئي ٿي.
    مون گذريل مضمون ۾ به هن شيءِ جو نالو اهو ئي انگريزي ’ائمبرگرس‘ لکيو آهي پر ڪالهه نيٽ تي عمان جي انگريزي اخبار ۾ هڪ خبر پڙهي حيرت ٿي ته ”ائمبر گرس“ جو جيڪو عربي نالو آهي اهو اسان وٽ سنڌي، اردو، فارسيءَ ۾ به عام آهي . عمان واري دلچسپ خبر ته اڳتي هلي ڏيان ٿو جتي جي ٻن غريب مهاڻن کي اسپرم وهيل جي ائمبرگرس ملي وئي ۽ هو رات اندر ڪروڙ پتي ٿي ويا ۽ مونکي به هاڻ خبر پئي ته انگريزيءَ جو اهو لفظ Ambergris در اصل فرينچ ٻولي جي لفظ Amber Gris تان جڙيو آهي ۽ فرينچن اهو لفظ ائمبر عربي زبان جي عنبر تان کنيو آهي جيڪو اسان وٽ عنبر، عنبير يا عبير طور استعمال ٿئي ٿو. شاهه لطيف سُر مومل راڻو ۾ چوي ٿو:
    ”عطر ۽ عبير سين، تازا ڪيائون تن،
    مڙهيا گهڻو مشڪ سين، چوٽا ساڻ چندن
    يا سر سهڻيءَ جي هڪ بيت ۾ آهي
    اوٻارا عبير جا، جر مان اچن جال
    يا سرمارئيءَ ۾ آهي:
    آرَمَ هڏِ مَ اوڍيان، ارغچ ۽ عبير...“

    سنڌي جي هڪ نوجوان شاعر پروفيسر احسان دانش جو شعر آهي:
    ”جون جي ڪنهن تتل ڏينهن ۾
    جنوريءَ جي ٿڌي هير آن تون،
    آءُ خوشبو جي ڳولا ۾ آهيان
    تون عطر آهين عنبير آن تون“.
    ميين شاهه عنايت ’ميان نصير محمد ڪلهوڙي‘ جي تعريف ڪندي لکيو آهي.
    ”نسرئو نصير، چانڊڪي ۾ چنڊ ٿي،
    ڪاڇو ڪوڙي ۾ ڪري، ملي ويٺو مير
    خاصي خداباد منجھه عطر ۽ عنبير،
    جان جان ندي نير، تان طبل تنهنجي تجلو.“
    در اصل عرب توڙي ايراني عطر ٺاهڻ جا ماهر رهيا آهن. هنن کي گهڻو اڳ کان خبر هئي ته مشڪ ۽ عنبر جي خوشبوءِ هاءِ ڪلاس ۽ جٽادار آهي. عربن بابت شروع جي مضمونن ۾ به لکي چڪو آهيان ته عرب علمِ فلڪيات (Astronomy) يعني تارن جي اڀرڻ، لهڻ، چرپر جي رفتار، روشني وغيره ۽ نيويگشن (سمنڊ تي توڙي رڻ پٽ بيابان ۾ رستو ڳولڻ) جا ماهر هئا. هنن جا ٻيڙا اسلام کان به اڳ چين، ملايا، انڊونيشيا تائين واپار لاءِ ايندا ويندا رهيا ٿي. چين، لنڪا (سلون) ۽ انڊيا کان جيڪو عربستان وکر پهتو ٿي ان ۾ مشڪ جو هجڻ ضروري سمجهيو ويو ٿي جيڪا شيءِ اسلام کان پوءِ به اميه ۽ عباسي خليفن جي درٻار ۾ اعليٰ ترين سمجهي وئي ٿي. اهڙي طرح وهيل Sperm whale مان نڪتل عنبر جي هنن کي ڄاڻ هئي. ايتري قدر جو هن وهيل (Sperm whale) جو منجهانئس عنبر نڪرڻ ڪري عربي نالوئي ”حوت العنبر“ رکيو عرب توڙي ايراني خوشبودار شين جا قدردان ۽ عطرن ٺاهڻ جا ماهر هئا. گهڻو گهڻو پوءِ عنبر ۽ مشڪ مان عطر ٺاهڻ جي ٽيڪنالاجي عربن کان فرانس وارن وٽ پهتي جن عنبر (Anbar) کي فرينچ ٻوليءَ ۾ ”امبر“ (Amber –Gris) سڏيو.
    سچ ڳالهه اها ته اسان اڄ ڪلهه عطر سان گڏ عنبير لفظ استعمال ضرور ڪيون ٿا پر ڪيترن کي خبر ئي ناهي ته عنبر الڳ شيءِ آهي. هو عطر سان گڏ ٻٽي لفظ طور عنبر جو لفظ استعمال ڪن ٿا جيئن اسان ”ماني ٽڪي“ يا ”ماڻهو ڇيڻو“ چئون ٿا. ڪالهه عماني مهاڻن جي خبر پڙهي مونکي به ڌيان ۾ آيو ته وهيل جي پيٽ مان نڪتل جنهن خوشبودار مادي کي اسان انگريزيءَ ۾ Amber سڏيون ٿا اهو دراصل عربي لفظ عنبر مان نڪتل آهي ۽ مشڪ وانگر الڳ شيءِ جو نالو آهي..
    هي مضمون ختم ڪندي ڪندي هڪ ٻي ڳالهه ڌيان ۾ اچي وئي آهي جيڪا ادب جي شاگردن لاءِ ضروري ٿو سمجھان. دراصل اڄ ڪلهه اسان وٽ عنبير (عنبر) لفظ ڀراءَ لاءِ عطر سان گڏ ٻيلهه اچي ٿو. نثر توڙي نظم ۾ عطر و عنبير يا عطر عنبير چيو وڃي ٿو ـــ جيئن ماني ٽڪي، پاڻي ٻاڻي وغيره. جيئن ته اسان جي ماڻهن کي عنبير جي خبر ناهي ان ڪري ڪنهن کان به کڻي پڇ ته عنبير ڇا آهي ته وراڻيندو عطر آهي جيتوڻيڪ موتيو، چنبيلي، گلاب جهڙن گلن جا مختلف عطر ٻي شيءِ آهن..... مشڪ ۽ عنبر ٻي شيءِ آهن. عطر پاڻي (۽ اڄ ڪلهه الڪوحل) ملائي ٺاهيا وڃن ٿا پر مشڪ ۽ عنبر (عنبير، عبير) نج خوشبوئدار مادا آهن جيڪي هڪ خاص قسم جي هرڻ (Musk Dear) ۽ وهيل (Sperm Whale) جي پيٽ مان نڪرن ٿا. صدين تائين امير ماڻهو، بادشاهه راجا ـــ ويندي اميه، عباسي ۽ سلطنت عثمانيه جي درٻار ۾ خوشبوءِ خاطر عنبر جا ٽڪرا استعمال ٿيندا رهيا ۽ مشڪ ۽ عنبر جهڙي شيءِ رکڻ Status Symbol سمجيو ويندو هو جيئن اسان وٽ ڪو اعليٰ قسم جو عطر هڻي هلي. عنبر کي حڪيمن دوائن ۽ ڪشتن معجونن ۾ به استعمال ڪيو ٿي. هاڻ سؤ سال کن ٿيندا ته فرانس جديد ٽيڪنالاجيءَ مان فائدو وٺي عطر ٺاهڻ ۾ عنبر جو ذرو ذرو ملائڻ شروع ڪيو آهي جو هنن تجربو ڪري ڏٺو ته ائين ڪرڻ سان عطر جي خوشبوءِ ڊگهو عرصو هلي ٿي. ۽ ٻي ڳالهه ته عنبر جو اگهه ايترو ته وڌي ويو آهي جو ڪو به نج عنبر نٿو رکي. ويندي دنيا جا اهي اعلي عطر (JAR جنهن جي بوتل جي قيمت 75000 روپيه آهي JOY 80000 روپيه، Shalini 90000 روپيه Hermes ڏيڍ لک روپيه، Chanel no 5 پوڻا ٻه لک روپيه في بوتل وغيرهه) جن ۾ عنبر جي ذري پيل آهي اهي به ان عنبر جي ڪري ئي تمام گهڻا مهانگا وڪامن ٿا. بهرحال اڄ ڪلهه خوشبوءِ لاءِ نج عنبر يا مشڪ ته ورلي ئي ڪو افورڊ ڪري سگهي ٿو. هر هڪ مختلف عطر ئي وٺي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو سالن کان هاڻ عام ماڻهو عنبر کان اڻ واقف ٿي ويو آهي جيڪڏهن ڪنهن کي ڄاڻ آهي ته هو ان کي پسارڪي شيءِ سمجھي ٿو پر هن کي اها خبر ناهي ته اها ڳاڙهي ڪاري رنگ جي داڻن واري خوشبودار شيءِ ڪٿان اچي ٿي. پر شاهه لطيف جي بيتن مان صاف لڳي ٿو ته هو عنبر کان چڱي طرح واقف هو. شاهه لطيف پيرين پنڌ ۽ ٻيڙين ۾ تمام گهڻو سفر ڪيو ۽ هن جي ڄاڻ تي اسان جهازرانن کي به حيرت ٿئي ٿي. هو نه فقط نيويگيشن، جاگرافي ۽ ائسٽرانامي کان واقف هو پر انهن ٻيڙين هلائڻ وارن ۽ انهن جي ونين جي Feelings کان به واقف هو جنهن جو ذڪر هن پنهنجن بيتن ۾ ڪيو آهي. هن کي عنبر بابت ڄاڻ ضرور انهن عرب ۽ ايراني ملاحن ۽ خلاصين کان پئي هوندي جن جو ديبل، ڀنڀور ۽ ٺٽي اچڻ ٿيو ٿي.
    شاهه لطيف 1689 ۾ ڄائو ۽ 1752 ۾ وفات ڪيائين. هي اهو زمانو هو جڏهن پورچوگالي، ڊچ ۽ انگريز انڊيا تائين سامونڊي رستا ڳولي چڪا هئا ۽ ننڍي کنڊ توڙي آفريڪا ۽ ايشيا کنڊ جي ڪيترن ئي ملڪن تي قبضو ڪري چڪا هئا. جتي هنن ايشيا کان مصالحا ۽ ٻيون شيون خريد ڪري يورپ موڪليون ٿي اتي يورپي مهاڻن کي هٿ آيل حوت العنبر (Sperm Whale) جي عنبر (Amber Gras) هنن ايران ۽ عرب ملڪن ۾ وڪڻي ٿي جتي جا ماڻهو عطر ٺاهڻ جا ماهر هئا. اهو علم بعد ۾ عربن کان سکيو. سو شاهه لطيف جڏهن عنبر (عنبير يا عبير) جو ذڪر ڪيو آهي ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن جو مطلب کڻي خوشبوءِ سان آهي پر هن جي ذهن ۾ ڪو ٻيو عطر يا ان جي خوشبوءِ نه پر اسپرم وهيل جي آنڊي مان نڪتل ائمبرگراس (عنبر) آهي جنهن جي خوشبوءِ دنيا جي مڙني عطرن کان اعليٰ آهي. شاهه لطيف ڪٿي به عنبر کي ٻٽي لفظ طور عطر سان ملائي نه لکيو آهي .... ۽ اهو پڻ ته عنبر وهيل جي پيٽ مان نڪري پاڻيءَ ۾ منجھيل سٽ (کوندن) وانگر ترندو رهي ٿو ـــ جنهن کان شاهه لطيف چڱيءَ طرح واقف رهيو آهي جنهن جي Idea سندن سر سهڻي جي بيت مان ئي لڳائي سگهجي ٿي:
    اوٻارا عبير جا، جَرَ مان اچن جال......


    وهيل مڇيءَ جي اُلٽيءَ عمان جي مهاڻن کي ڪروڙ پتي بڻائي ڇڏيو

    ”وهيل مڇيءَ جي اُلٽيءَ عمان جي مهاڻن کي ڪروڙ پتي بڻائي ڇڏيو.“

    عماني اخبار جي هڪ خبر

    (خالد پنهنجي ڀاءَ ۽ دوستَ سان گڏ مڇين جي شڪار لاءِ نڪتو هو. ”حوت العنبر“ (Sperm Whale) ٻه مڻ قيمتي ترين مواد ”عنبر“ (Amber Gris) پيٽ مان ڪڍي هنن جي اڳيان ڦٽو ڪيو جنهن جي هن وقت تائين پاڪستاني 26 ڪروڙ روپيه قيمت لڳي چڪي آهي. مهانگي ترين عطرن ۾ استعمال ٿيندڙ عنبر 125000 ڊالر يعني سوا ڪروڙ روپيه في ڪلو وڪامي ٿو.)
    عرب ملڪ عمان جي ٻن غريب مهاڻن ڀائرن جي وهم و گمان ۾ نه هو ته هڪ ڏينهن هو اوچتو ڪروڙ پتي ٿي ويندا. دعا جي برڪت سان ”حوت العنبر“ نسل جي وهيل کي قدرت هنن تي ايڏو مهربان ڪيو جو اُن ٻن مڻن کان وڌيڪَ قيمتي ترين مواد ”عنبر“ پنهنجي پيٽ مان ڪڍي هنن جي اڳيان ڦٽو ڪيو. دنيا جي مهانگن عطرن ۾ استعمال ٿيندڙ عنبر (Amber Gris) سوا لک ڊالر في ڪلو جي حساب سان وڪامي ٿو. اهڙي طرح هي غريب مهاڻا چند لمحن ۾ ڪروڙ پتي بڻجي ويا.
    عربي اخبار ”الوطن“ جي رپورٽ مطابق عمان جي صوبي قرايات سان تعلق رکڻ وارو خالد بن سلطان گذريل ويهن سالن کان سمنڊ تان مڇيون ماري پنهنجو ۽ پنهنجي گهر جي ڀاتين جو پيٽ پاليندو رهيو آهي. گهڻو ڪري هو روزانو ڪناري جي ڀر واري سمنڊ تي پنهنجي قسمت آزمائيندو آهي جتي هن کي ٽونا مڇي ايتري مقدار ۾ ملي وئي ٿي جنهن مان هن جي گهر جي پورت ٿي ٿي ۽ وڪري لاءِ پڻ بچي وئي ٿي.
    خالد روزانو پنهنجي ڀاءُ راشد ۽ دوست سعيد سان گڏ هڪ ننڍڙي ٻيڙي کڻي سمنڊ ڏي نڪرندو هو. گذريل هفتي (30 آڪٽوبر تي) مهاڻن جو هي ٽولو دير سان سمنڊ تي پهتو ان ڪري هنن کي ٽونا جهڙيون مهانگيون مڇيون ملڻ جي اميد گهٽ هئي. هنن جو ارادو هو ته هو عوما جهڙيون سستيون مڇيون ڦاسائي ڪناري جو رخ ڪندا.
    خالد جي چوڻ مطابق مايوسيءَ جي هن ڪيفيت ۾ هو رب پاڪ کا دعا گهرندا سمنڊ ڏي وڌندا رهيا. هنن جي خواب و خيال ۾ به نه هو ته اڄ پروردگار هنن جي دعا قبول ڪري هنن جا ڏينهن بدلڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي. بهرحال هو ته جهڙي تهڙي مڇيءَ جي ڳولا ۾ ئي لڳا رهيا ۽ ڪناري کان ڇهن ڪلوميٽرن جو سفر طيءِ ڪري چڱي خاصي اونهي سمنڊ ۾ پهچي چڪا هئا. ايتري ۾ هنن کي سمنڊ مان هڪ جبل جيڏي مڇي نڪرندي نظر آئي. ان کي ڏسي هنن جا ته هوش حواس ئي خطا ٿي ويا. سطح سمنڊ کان هن مڇيءَ جي ٿورو ٻاهر نڪرڻ سان ئي سمنڊ ۾ جهڙي اٿل پٿل اچي وئي ۽ پيدا ٿيل ويرن ۾ هنن جي ٻيڙي ساڄي کاٻي لُڏڻ لڳي. ان کانپوءِ هنن کي چوڌاري سخت بدبوءِ محسوس ٿي. ۽ هنن ڏٺو ته ان وهيل مڇيءَ سطح سمنڊ تي اچي وڏي مقدار ۾ الٽي ڪڍي آهي جنهن جي ڌپ هر طرف پکڙجي وئي آهي. هيءَ حوت العنبر يعني Sperm Whale هئي جيڪا وهيل مڇين جي اها جنس آهي جيڪا آنڊي جي اندر لڳل عنبر جو تهه ڪڏهن ڪڏهن الٽي يا ڪاڪوس ذريعي خارج ڪري ٿي.
    عماني مهاڻي خالد جو چوڻ آهي ته: ”مونکي سمنڊ تي مڇين جو شڪار ڪندي ويهه سال ٿي ويا آهن. ان دوران آئون لڳاتار حوت العنبر مڇيءَ جي الٽي جي ـــ جنهن کي عنبر سڏجي ٿو، ڳولا ڪندو رهيس، پر اڄ منهنجي قسمت جو تارو چمڪي پيو ۽ مونکي منهنجي گهربل شيءِ ملي وئي. اسان ٽنهي ڄڻن ـــ منهنجي ڀاءُ راشد ۽ اسانجي دوست سعيد گڏجي جلدي جلدي ان الٽيءَ (عنبر) کي پنهنجي ٻيڙيءَ ۾ ڀرڻ شروع ڪيو. حوت العنبر (اسپرم وهيل) جي هيءَ الٽي ڪارسري ۽ چرٻيءَ جهڙي شيءِ جي ٿئي ٿي. مون پنهنجن ساٿين سان گڏ عنبر کي ٻيڙيءَ ۾ وڌو ـــ جنهن جو وزن اسي ڪلوگرام هو. پهرين ته هن جي ڌپ ساهه ٿي ڪڍيو جو ان جي عنبر سان گڏ سندس آنڊي ۾ موجود اوجهه (ڪاڪوس) پڻ هو. پر پوءِ آهستي آهستي عنبر جي خوشبوءِ اچڻ لڳي جنهن تي اسان کي ڏاڍي خوشي ٿي ته اسان کي صحيح شيءِ ملي وئي آهي ۽ اسان خوش خوش ڪناري جو رخ اختيار ڪيو. بندرگاهه ۾ پهچي اسان دٻا هٿ ڪيا جن ۾ عنبر ڀري گهر کڻي آياسين. گهر پهچڻ تائين به مونکي يقين نه هو ته هيءَ ڪاري رنگ جي چرٻيءَ جهڙي شيءِ جيڪا اسان سمنڊ مان آندي آهي واقعي عنبر آهي يا نه. گهر پهچي اسان عطر ۽ پرفيوم جي ماهرن کي ڏيکاريو ته سڀني هن جي عنبر هجڻ جي پڪ ڪئي. عطر جي ڄاڻن ٻڌايو ته عنبر جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ان کي اس ۾ سڪايو وڃي ٿو جيئن هن ۾ موجود چرٻيءَ جا جزا وٽڙي ڌار ٿي وڃن.“
    رپورٽ مطابق عماني مهاڻي خالد کي حاصل ٿيل هن عنبر جي خبر جيئن ئي ”خليج آن لائين“ اخبار ۾ ڇپي ته عطر ۽ پرفيوم ٺاهڻ وارن ڪيترن واپارين ان جي خريداريءَ لاءِ خالد سان رابطو ڪيو. خالد ٻڌايو ته هيستائين هن عنبر جي قيمت اڍائي ملين ڊالر (26 ڪروڙ پاڪستاني رپيا) لڳي چڪي آهي. جيئن ئي ڪو سٺو سودو لڳو ته هن کي وڪڻي ڇڏينداسين. واضح رهي ته حوت العنبر (Sperm Whale) نالي مڇيءَ جو ذڪر حديث شريف ۾ به آيو آهي جنهن وهيل مڇيءَ جو قد سٺ فوٽ ڊگهو ٻڌايو ويو آهي. ڪيترن ڏينهن کان سمنڊ جي ڪناري تي ڪافرن جي قافلي جي تاڙ ۾ اصحاب سڳورن جو وڏو لشڪر ويٺل هو. جڏهن لشڪر وٽ کائڻ پيئڻ جون سڀ شيون ختم ٿي ويون ته رب پاڪ سمنڊ مان ”عنبر مڇي“ جو تحفو هنن لاءِ موڪليو جنهن کي هو نه فقط ارڙهن ڏينهن تائين کائيندا رهيا پر ان جي گوشت جو ڪجهه حصو واپسي تي مديني منوره به کڻي آيا هئا جنهن مان نبي ڪريم صلعم جن به تناول فرمايو (بخاري شريف، ڪتاب المغازي).
    انگريزيءَ جي هڪ مشهور ڪتاب “Floating Gold – a Natural & Unnatural History of Amber Gris” (ترندڙ سون ـــ عنبر جي فطري ۽ غير فطري تاريخ) جي مصنف ”ڪرسٽوفر ڪيمپ“ CNN ٽي وي وارن کي ٻڌايو ته ”عنبر خوشبوئدار مادو مڇيءَ جي بلڪل ڦوڳ (ڪاڪوس) سان مليل نظر اچي ٿو ۽ هي خارج به مڇيءَ جي هيٺان Anus مان ٿئي ٿو جيڪو دراصل وهيل جا اسپرمز ٿين ٿا ۽ هوءَ بدهضميءَ جي نتيجي ۾ خارج ڪري ٿي“.
    ڪرسٽوفر ڪيمپ جو چوڻ آهي ته عنبر ميڻ جهڙي محسوس ٿئي ٿي ۽ جنهن وقت وهيل هن کي ڪاڪوس ذريعي هيٺان يا الٽيءَ ذريعي وات مان خارج ڪري ٿي ته هن جي بوءِ ڦوڳ (فضلي)، سمنڊ جي پاڻيءَ، پراڻي ڪاٺ، تماڪ ۽ آلي زمين جي ڌپن جو مڪسچر ٿئي ٿي ۽ اهو ڪيترائي ڏينهن سمنڊ جي مٿاڇري تي ترڻ بعد ساحل تي پهچي ٿو ۽ ڪنهن ڀاڳن واري کي نصيب ٿئي ٿو“.
    عمان جي اخبار ۾ مٿين خبر جنهن ۾ حديث جو به ذڪر آهي پڙهي منهنجي ڌيان ۾ آيو ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته مڇين وانگر وهيل به (جيڪا جيتوڻيڪ مڇي نه پر Mammal يعني ٿڻائتو جانور آهي) حلال چئي سگهجي ٿي ۽ هوندو به. پر اسان وٽ هند سنڌ ۾ وهيل مڇي نه عام نظر اچي ٿي ۽ نه ان جو گوشت وڪامي ٿو ان ڪري کائڻ جي حساب سان اها اوپري سمجھي وڃي ٿي .... جيئن گڏهه يا گھوڙي جو گوشت ـــ جنهن لاءِ ڪن جو چوڻ آهي ته ڪن حالتن ۾ کاڌو ويو آهي پر اسان وٽ ان لاءِ اڻ پسنديدگي جو اظهار ڪيو وڃي ٿو.
    هڪ ٻي ڳالهه ته وهيل مڇي (جانور) حلال آهي ته پوءِ ڊولفن (ٻلهڻ) به حلال چئي سگهجي ٿي جو اها به ان ئي جنس مان آهي. ۽ جي واقعي حلال آهي ته شڪر ڪجي ته سنڌ جي رهاڪن کي ٻلهڻ مان ڪراهت اچي ٿي ۽ ان جو گوشت نٿا کائين. جيڪڏهن هنن جي به جپانين وانگر ڊولفن ۽ وهيل جي گوشت تي ڏاٺ هيرائي وڃي ها ته اڄ گڊو ۽ سکر جي وچ ۾ جيڪي 300 کن انڌيون ٻلهڻيون (انڊس ڊالفنون) وڃي بچيون آهن انهن جو نالو نشان به نه هجي ها. هي سٽون لکڻ کان اڳ خيرپور ميرس جي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي هڪ پروفيسر ڊاڪٽر مهر خادم کي فون ڪيم جنهن کي ماشاءَالله اسلام ۽ آبي جيوت جي ڪافي ڄاڻ آهي. هن کان ڊولفن جو پڇڻ تي هن به ساڳي مٿين عمان اخبار ۾ آيل حديث جو حوالو ڏيندي ان خيال جو اظهار ڪيو ته ڊولفن ضرور حلال هوندي.


    ڇا شارڪ ۽ وهيل ساڳي جنس جون مڇيون آهن؟

    نه. هرگز نه. ٻنهي ۾ وڏو فرق آهي. طبيعت ۾ سمجھو ته هڪ بگھڙ آهي ته ٻي اُٺ آهي. اسانجو جهاز جڏهن ڪنهن به بندرگاهه ڏي ويندو آهي ته اسان ان ۾ يڪدم گهڙڻ بدران ويهارو کن ميل پري کلئي سمنڊ ۾ اچي لنگر ڪيرائيندا آهيون ۽ پوءِ انتظار ڪندا آهيون ته ڪڏهن ٿا بندرگاهه وارا اسانجي جهاز کي اندر گهرائين. بندرگاهه کان ٻاهر جتي اچي لنگر (Anchor) ڪيرائيندا آهيون اهو انتظار گاهه ”ائنڪريج“ سڏجي ٿو. ائنڪريج تي جيئن ته نه جهاز هلائڻ يا ان جي مرمت جو ڪم هوندو آهي ۽ نه ٻيڙيءَ ۾ چڙهي بندرگاهه گهمڻ جي اجازت هوندي آهي. ان ڪري جهاز ۾ سوار آفيسرن جي خاص وندر جهاز جي ڏاڪڻ تان هيٺ لهي سمنڊ ۾ ترڻ ۽ ٽٻيون هڻڻ هوندو آهي. پوءِ ڪن ڪن بندرگاهن جي ائنڪريجن تي جهاز ۾ موجود جھونن خلاصين جا ترڻ وارن کي دڙڪا هوندا آهن ته ”بابا سمنڊ ۾ نه گهڙو هن علائقي ۾ شارڪ مڇيون آهن“. هو هميشه شارڪ مڇيءَ لاءِ چتاءُ ڏيندا آهن..... ڪڏهن به ڪو وهيل مڇيءَ لاءِ نه چوندو آهي. اهو ان ڪري جو وهيل مڇي يا ٻيو ڪو سامونڊي جانور يا مڇي انسانن تي حملو نٿي ڪري پر شارڪ مڇي بگھڙ يا ڪنهن ٻئي خونخوار جھنگلي جانور وانگر حملو ڪري ٿي. هلندڙ جهاز مان ڪو ڪري پوندو آهي ته باقي عملو هن کي ٻڏڻ کان وڌيڪَ شارڪ مڇيءَ جي ڊپ کان جلدي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو زخمي حالت ۾ ڪري ٿو ته شارڪ مڇي پهچڻ ۾ ويرم ئي نٿي ڪري. هن کي انساني رت جي خوشبوءِ پري کان پهچيو وڃي. جيتوڻيڪ وهيل جانور آهي ۽ تمام وڏو جانور آهي.... بلو وهيل ته 110 فٽ ڊگهي ۽ وزن ۾ 100 ٽن به ٿئي ٿي ۽ شارڪ جيڪا مڇيءَ جو قسم آهي ۽ وهيل کان گهڻو ننڍي 20 فٽ کن ٿئي ٿي. ۽ وزن ۾ ٻَه ٽَن (ٻَه هزار ڪلوگرام) مس ٿيندي پر اها ماڻهو يا ٻين سامونڊي جانورن تي حملو ڪري انهن کي کائي ٿي. وهيل کي شڪار ڪرڻ جي عادت ناهي. هوءَ وات ذريعي سمنڊ جو پاڻي اندر داخل ڪري پوءِ منهن ۾ لڳل ڇاڻين ذريعي پاڻي واپس ڪڍي ٿي ۽ سامونڊي گاهه ۽ سنهيون سنهيون مڇيون جيڪي اندر اٽڪيو پون انهن کي چَٽي کائي ٿي. وهيل جي ٻي جنس ڏندن واري آهي پر اهي به هڪ خاص قسم جي مڇي اسڪڊ سمنڊ جي تري مان ڪڍي ڳڙڪائي ٿي. بس ڪڏهن ڪڏهن حملي مهل وهيل مڇي مهاڻن جي ٻيڙي اونڌي ڪري ٿي يا ڏندن سان ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٿي. پر شارڪ جو ڪم ئي حملو ڪري شڪار کي ڏندن سان جھلڻ آهي. شارڪ جا ڏند خطرناڪ قسم جا ٿين ٿا پر هوءَ انهن سان چٻاڙي نٿي سگهي. انهن سان شڪار کي فقط ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٿي ۽ انهن ٽڪرن کي پيٽ اندر داخل ڪري ٿي.
    شارڪ جيئن ته مڇيءَ جو قسم آهي، اها ٻين عام مڇين وانگر آنا ڏئي ٿي...... وهيل مڇي جانورن وانگر ڦر ڏئي ٿي. شارڪ مڇيون پنهنجا آنا سمنڊ ۾ خارج ڪري گهمنديون ڦرنديون رهن ٿيون.... پٺيان اهي بچن يا مرن شارڪ کي ٻين مڇين وانگر پرواهه نٿي رهي. وهيل مڇي هڪ ڦر ڏئي ٿي پر اها مينهن ٻڪريءَ کان به وڏو عرصو ان کي پالي تاتي ٿي ۽ ٿڃ پياري ٿي.
    شارڪ جي جسم ۾ ٻين مڇين وانگر ڪنڊا (Cartilage) ٿين. وهيل کي جانورن وانگر هڏا ٿين. اها ٻي ڳالهه آهي ته اهي وزن جي حساب سان بيحد هلڪا ٿين ٿا..... گهٽ density وارا..... جيئن هن کي ترڻ ۾ سهوليت رهي. پر اهو آهي جو اهي بيحد مضبوط ٿين ٿا ۽ انهن مان ڪيترائي اوزار ٺهن ٿا. وهيل جي سائيز وڏي هجڻ ڪري سندس هڏا به ايڏا ڊگها ۽ موڪرا ٿين ٿا جو انهن مان استري لاءِ ٽيبلون پڻ ٺهن ٿيون.
    شروع ۾ به لکي آيو آهيان ته شارڪ هڪ شڪاري ۽ حملو ڪندڙ جانور آهي ۽ سمنڊ ۾ ڪرندڙ ملاح/خلاصيءَ کي ٿڌي پاڻيءَ کان وڌيڪَ شارڪ جو خوف رهي ٿو. ٻئي پاسي وهيل کڻي ڏهوڻي وڏي آهي پر منجھس شڪار ڪرڻ جي صلاحيت ناهي. هن جو گهڻو گذر سفر سامونڊي گاهه (Plankton) ۽ ننڍڙين مڇين (Krill) تي آهي جيڪي سوين گئلن پاڻيءَ سان گڏ سندس وات ۾ پاڻهي داخل ٿين ٿيون.
    شارڪ مڇي بک ۾ ٻين شارڪ مڇين کي به نٿي ڇڏي. پر وهيل مڇي پنهنجي جنس جي مڇيءَ جو نالو هرگز نٿي وٺي...
    وهيل مڇي آوازن ذريعي ٻين وهيلن ۽ پنهنجي ٻچي سان رابطي ۾ رهي ٿي. هوءَ ڪيترن ئي قسمن جا آواز ڪڍي سگهي ٿي.... ويندي ڳائيندي به آهي. پر شارڪ مڇيءَ ۾ ڪا اهڙي قابليت نه آهي.
    وهيل مڇي انسان ذات سان دوستي به ڪري ٿي خاص ڪري ڊولفن جيڪا ترندڙ سان گڏ تري به ٿي ۽ سيکارڻ سان ڪيترائي کيل تماشا ۽ ڪرتب به ڪري ٿي پر شارڪ مڇيون ڪنهن جون دوست نه آهن ۽ نه انهن ۾ ڪرتب سکڻ جي توفيق آهي.
    شارڪ مڇيون ٽولن ۾ رهن ٿيون. وهيل مڇي اڪيلي رهي ٿي سواءِ ميلاپ (Mating) جي موسم ۾ يا جڏهن هو هڪ سمنڊ کان ٻئي ڏي لڏپلاڻ (Migration) ڪن ٿيون.
    شارڪ ساهه کڻڻ لاءِ سمنڊ جي پاڻيءَ مان ڪلين (Gills) ذريعي آڪسيجن ڇڪي ٿي. وهيل ٻين جانورن وانگر نڪ ذريعي هوا ڦڦڙن ۾ داخل ڪري ٿي.
    وهيل سمنڊ اندر 5 منٽن کان ڏيڍ ڪلاڪ تائين ٽٻي هڻي سگهي ٿي. ان بعد هن کي ساهه کڻڻ لاءِ سمنڊ جي مٿاڇري تي اچڻو پوي ٿو. شارڪ مڇي سڄي زندگي سمنڊ اندر گذاريو ڇڏي. سمنڊ مان ٻاهر نڪرڻ هن لاءِ موت آهي جو ساهه کڻڻ لاءِ هن کي ڦڦڙ نه آهن.
    شارڪ مڇيءَ جون 400 کن جنسون چيون وڃن ٿيون. وهيل جون اسي نوي کن مس آهن. شارڪ مڇي ترڻ مهل پنهنجو پڇ نانگ وانگر کاٻي کان ساڄي ڦٿڪائي ٿي. وهيل پنهنجو پڇ هيٺ مٿي لوڏي ٿي.


    شارڪ مڇي خوفائتي ڇو آهي؟

    سامونڊي دنيا ۾ ”شارڪ“ مڇي سڀ کان خطرناڪ ساهوارو سمجھيو وڃي ٿو جنهن کان انسان توڙي سامونڊي مخلوق ڊڄي ٿي. هي مڇيون کڻي وهيل جيڏيون 100 فٽ کن ڊگهيون نه آهن ۽ عام طرح اهي 20 فٽ آهن پر ان قد جو ساهوارو ـــ يعني انسان جي قد کان ٽيڻو چئوڻو، ويڙهاڪ ۽ خونخوار جانور، ڪو معمولي ته نه چئبو. شارڪ مڇيءَ کي خوفناڪ سندس ڀوائتا ڏند بڻائين ٿا ۽ ڏند به انسان وانگر يا ٻين جھنگلي جانورن وانگر هڪ ئي ڄاڙين جي سيٽ ۾ ٽيهه ٻٽيهه ڏند نه آهن بلڪه شارڪ کي ڄاڙيون ئي ڄاڙيون آهن ۽ هر ڄاڙيءَ ۾ انيڪ ڏند آهن. هڪڙا اڳيان ڀڄن ٿا ته انهن جي جاءِ تي ٻي نمبر قطار جو ڏند وڏي سائيز جو ٿي اڳيان هليو اچي ۽ هڪ ئي وقت شارڪ جي وات ۾ ننڍا وڏا ٽي هزار ڏند ٿين ٿا. هڪڙي اندازي مطابق شارڪ جي زندگيءَ ۾ ٽيهه هزار کن ڏند ڇڻن ٿا. ٻي ڳالهه ته هن جون ڄاڙيون اسان جي ڄاڙين وانگر Skelton ۾ فڪس نه آهن. اهي اڳيان پويان ٿي سگهن ٿيون ۽ جيئن سانڊي جهڙو جانور پنهنجي ڄڀ ٻاهر ڪڍي ڪنهن اڏامندڙ جيت کي جھلي پيٽ اندر ڪري ٿو تيئن شارڪ مڇي به ضرورت پوڻ تي پنهنجي ڄاڙي اڳيان ڪري ترندڙ مڇي يا جانور کي پاڻ ڏي ڇڪي سگهي ٿي.
    شارڪ مڇيءَ جي اها ڳالهه به انسان لاءِ ڀوائتي آهي ته هوءَ سخت پيٽو آهي. هوءَ هر وقت بکايل رهي ٿي. يعني شارڪ مڇين جون سڀئي جنسون! پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪجهه جنسن جو چونڊ شڪار آهي.... يعني هو فقط مڇيون، سامونڊي جانور ۽ انسان ئي کائين ٿيون. ٻيون ڪيتريون جنسون اهڙيون آهن جيڪي هر شيءِ ڳرڪايو وڃن. گند ڪچرو.... جيڪا شيءِ سمنڊ تي ترندي نظر ايندن اها في الحال پيٽ اندر ڪري ڇڏينديون. پوءِ ڏينهن ٻن بعد اڻ هضم ٿيندڙ شيون الٽي ڪري يا پيٽ کي ٻاهرين طرف وارئي خارج ڪري ڇڏينديون. شڪار ڪيل شارڪ مڇين جي پيٽ کي چيرڻ سان ان مان عجيب شيون نڪتيون آهن.... جيئن ته ڪار جي نمبر پليٽ، ٽائر، رسي سميت سڄو ”بل ڊاگ“ (ڪتو)، شراب جون بوتلون جيڪي شايد ڪنهن جهاز تان اڇليون ويون ۽ شارڪ جي پيٽ ۾ موجود مختلف تيزابَ انهن کي ڳاري نه سگهيا. هڪ يارهن فٽ ڊگهي شارڪ جي پيٽ مان گهوڙي جي منڍي ملي. گرين لئنڊ جي هڪ شارڪ جي پيٽ مان ٻارهن سڱي جي مٿي جو ڍانچو سڱن سوڌو مليو.... توهان يورپ جي مڇي مارڪيٽن ۾ اتي جي مهاڻن کان ان بابت ڪيتريون ئي عجيب ڳالهيون ٻڌندائو. بقول جهاز جي هڪ مڪراني خلاصيءَ جي جيئن ڳجھون آسماني ڀنگياڻيون آهن تيئن شارڪ مڇيون سامونڊي ڀنگياڻيون آهن جيڪي مئل جانورن کي هڏن سوڌو پيٽ ۾ غائب ڪريو ڇڏين.
    شارڪ مڇي وهيل وانگر ايڏي وڏي ناهي جيڪا سڄو ماڻهو يا پاڏو گڏهه ڳرڪائي وڃي. هوءَ پنهنجي وات جي سائيز مطابق ننڍيون شيون هڪ ئي ڳت سان ڳهيو وڃي يا باقي وڏين شين کي پنهنجي ڪات ڪهاڙن جهڙن وڏن ۽ تکن ڏندن سان ٽڪرا ڪري پوءِ پيٽ اندر داخل ڪري ٿي. شارڪ مڇي اسان وانگر کاڌي کي ڏندن سان چٻاڙي پيٽ ۾ نٿي وجھي پر هن جو ڳرڪايل کاڌو پيٽ اندر موجود طاقتور تيزابن ۽ Enzymes سان ملي ڏينهن ٻن ۾ ڳري پس ٿيو وڃي جيڪو پوءِ آنڊي اندر داخل ٿي پٺيان پاڻيٺ جي صورت ۾ خارج ٿئي ٿو. باقي اڻ ڳريل شيون جيئن ته هڏا، جانورن جا سڱ ۽ کر، ٻيون لوهه ۽ پٿر جون شيون پيٽ ۾ رهجيو وڃن جيڪي هوءَ الٽيءَ ذريعي ٻاهر ڪڍي ٿي.
    شارڪ مڇيءَ کي اسان ان ڪري به خوفناڪ ۽ خطرناڪ سمجھون ٿا جو هوءَ ڊڄڻي ناهي. بلڪه سخت ويڙهاڪ آهي. جهاز تان ڪنهن ماڻهوءَ جي ڪرڻ تي ان جي پيدا ٿيل پاڻيءَ جي شپڪي تي وهيل جهڙيون وڏيون مڇيون به في الحال ڀڄيو وڃن پر شارڪ مڇي ان ٻڏندڙ تي يڪدم حملو ڪري ٿي. ۽ جي اهو جهاز تان ڪريل ماڻهو يا رڍ ٻڪري زخمي حالت ۾ آهي ته پوءِ شارڪ ڀلي کڻي پنج ميل پري هجي رت جي خوشبوءِ تي يڪدم پهچيو وڃي. بندرگاهه ۾ گهڙڻ کان اڳ کلئي سمنڊ ۾ انتظار ڪرڻ وقت يا وچ سمنڊ ۾ جهاز جي خراب ٿي ويل انجڻ کي مرمت ڪرڻ وقت جڏهن جهاز ٻه ٻه ڏينهن بيٺو رهي ٿو ته ترڻ جا شوقين جهاز وارا ڪڇا پائي سمنڊ ۾ لهي پوندا آهن. پر لهڻ کان اڳ هو هڪ ٻئي کي خبردار به ڪندا آهن ته پنهنجي جسم کي چڱيءَ طرح جاچيندا رهو ته ڪٿي ڪنهن رهنڊ يا ڪَڙي لهڻ تي رت ته نه نڪري رهيو آهي. ڇو جو اهڙي صورت ۾ شارڪ مڇي پهچڻ ۾ ويرم ئي نٿي ڪري.
    شارڪ مڇي جا انسان وارا پنج ئي حواس سونگھڻ، چکڻ، ڇهڻ، ڏسڻ ۽ ٻڌڻ.... تمام تکا آهن. ايتري قدر جو ڪيترين مڇين مان نڪرندڙ هلڪي درجي جي اليڪٽرسٽي يا انهن جي چرپر ڪري پيدا ٿيل ڌوڻ (Vibration) هوءَ ميلن تي پاڻيءَ ۾ محسوس ڪريو وٺن.
    اکين جو نور ته اهڙو چٽو اٿس جو هلڪي روشني يا ميرانجھڙي پاڻيءَ ۾ به چٽو ڏسي سگهي ٿي. ٻين مڇين ۾ اها خاصيت ناهي پر شارڪ مڇيءَ جي اکين جون ماڻڪيون (Pupils) روشنيءَ مطابق ننڍيون وڏيون ٿين ٿيون ۽ هوءَ ٻليءَ وانگر رات جو به شڪار کي چڱي طرح ڏسي سگهي ٿي. شارڪ مڇيءَ جي سونگهڻ جو حواس ته تمام طاقتور آهي. سائنسدانن ان تي ڪئين تجربا ڪيا آهن ۽ انهن جو چوڻ آهي ته شارڪ مڇي ڏهه لک پاڻيءَ جي ڦڙن ۾ رت جي فقط هڪ ڦڙي کي اڌ ڪلوميٽر جي فاصلي تان سونگهي سگهي ٿي. شارڪ کي نڪ جون ناسون (Nostrils) ضرور آهن پر انهن جو واسطو انسانن وانگر يا وهيل وانگر ساهه کڻڻ سان نه آهي. اهي ويندي وات سان به مليل ناهن. سمنڊ جو پاڻي لڳاتار انهن ناسن مان گذرندو رهي ٿو. انهن جو ڪم فقط سونگهڻ آهي.
    دنيا ۾ اڄ تائين جيڪو پراڻي کان پراڻو ساهوارو اڃان جيئرو آهي ان لاءِ سائنسدانن جو چوڻ آهي ته چچي (ڪرڙي) آهي ۽ ان کان به آڳاٽي شارڪ مڇي آهي. ڌرتيءَ تي موسمي تبديليون اچڻ ڪري شروع جي ڪيترن ئي ننڍن وڏن جانورن جا نسل ختم ٿي ويا.... يا نين حالتن مطابق اهي پاڻ ۾ تبديلي نه آڻي سگهيا. پر شارڪ مڇيءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها هر لحاظ کان ايترو ته مڪمل ۽ سگهاري آهي جو اها هر قسم جي حالتن ۽ تبديلين جو مقابلو ڪندي رهي آهي.
    شارڪ مڇي ٻين مڇين کان ان ڳالهه ۾ به نرالي آهي ته سندس سڄو جسم، سواءِ ڏندن جي، چم ۽ گوشت آهي. منجھس ڪو هڏائون پڃرو يا ڪو ٿلهو ٿنڀرو ڪنڊو ناهي جيڪو ايامن بعد پٿراڻي صورت (Fossils واري حالت) ۾ ڪٿي نظر آيو هجي. ڪيترا ماڻهو ان تي به بحث ڪندا آهن ته شارڪ مڇيءَ کي مڇي چئجي يا نه.... ڇو جو هن کي ٻين مڇين وانگر ڪنڊا ۽ هڏا ته آهن ئي ڪونه.
    انسان جڏهن ساهه کڻي ٿو ته هو نڪ يا وات ذريعي هوا کي ڇڪي ڦڦڙن ۾ داخل ڪري ٿو جتي هوا ۾ موجود آڪسيجن رت کي صاف ڪري ٿي ۽ خراب هوا، ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي صورت ۾ ٻاهر نڪري ٿي. مڇين کي به جياپي لاءِ آڪسيجن جي ضرورت آهي جيڪا اهي انسانن وانگر هوا مان نٿيون حاصل ڪن ۽ نه کين ڦڦڙ آهن. هو پيٽ ۾ اوتيل پاڻيءَ مان آڪسيجن حاصل ڪن ٿيون. اهو پاڻي جڏهن مڇين جي ڪَلين (Gills) مان گذري ٿو ته ان ۾ موجود آڪسيجن سندن رت ۾ جذب ٿيو وڃي.
    سمنڊ تي ڏهڪاءُ پيدا ڪرڻ لاءِ قدرت طرفان شارڪ کي ڪيتريون ئي طاقتون مليل آهن پر هن سان اهو ويل آهي ته هوءَ ٻين ننڍين وڏين مڇين وانگر بيٺي بيٺي..... يعني هڪ هنڌ ترسندي پاڻيءَ کي پيٽ اندر اوتي نٿي سگهي. ان لاءِ هن کي لڳاتار تکو تکو ڊوڙڻو..... يعني ترڻو پوي ٿو جيئن پاڻي هن جي جسم ۾ ويندو رهي ۽ جياپي لاءِ ڪلين ذّريعي هن کي آڪسيجن ملندي رهي. ان ڪري شارڪ مڇيءَ لاءِ ضروري آهي ته اها هر وقت ترندي رهي. ٻين مڇين کي ته توهان هنن جي مرضيءَ جو کارو يا مٺو پاڻي ڏئي هنن جي جسم مطابق پاڻيءَ جي گرمائش رکي کين ڪنهن دٻي يا شيشي جي وڏي ڪنٽينر ۾ نمائش طور رکي سگهو ٿا. پر شارڪ مڇيءَ لاءِ اهڙو ماحول جنهن ۾ هوءَ لڳاتار تري نه سگهي موت جو ڪارڻ آهي. اهو ئي سبب آهي دنيا جي چڙيا گهرن ۾ توهان کي ٻيا جانور، نانگ بلائون ۽ مڇيون ضرور نظر اينديون پر شارڪ مڇي ورلي ڪنهن Zoo ۾ نظر ايندي. ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ سنگاپور اڪيلو ملڪ آهي جنهن جي چڙيا گهر ۾ شارڪ مڇي آهي ۽ توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته هنن شارڪ مڇيءَ کي لڳاتار ترڻ لاءِ ڪيڏو وڏو چئنل ٺاهي ڏنو هوندو.
    شارڪ مڇي هونءَ ته وڏي داداگير ۽ غنڊي سمجهي وڃي ٿي پر هن سان ٻيو وڏو ويل اهو آهي جو اها تکو ترڻ مهل پاڻ کي يڪدم روڪي نٿي سگهي. سندس کنڀڙاٽيون (Fins) جيڪي هونءَ ته تمام لذيذ ٿين ٿا ۽ ”شارڪ فِن سوپ“ سڄي دنيا ۾ مشهور آهي، اهي Fins شارڪ مڇي ٻين مڇين وانگر چوري پوري نٿي سگهي. شارڪ مڇيءَ جون اهي کنڀڙاٽيون لچڪيدار هجڻ بدران سوٽَ ٿين ٿيون جنهن ڪري شارڪ مڇي انهن ذريعي فقط ٿوري چرپر ڪري سگهي ٿي ۽ معمولي طرح مڙي سگهي ٿي. ٻيون مڇيون نرم ۽ Elastic کنڀڙاٽين ڪري نه فقط تڪڙي تڪڙي چُر پُر ڪري سگهن ٿيون پر انهن کي بريڪ طور به استعمال ڪن ٿيون سو ان خاميءَ ڪري شارڪ مڇي نه يڪدم پٺتي مڙي سگهي ٿي ۽ نه يڪدم بيهي سگهي ٿي. سندس رخ اڳيان ڪو لوهي جهاز يا ڪا ٻي وڏي شيءِ اوچتو اچيو وڃي ته هوءَ ان سان ٽڪرجڻ کان پاڻ کي بچايو نٿي سگهي. شارڪ مڇي ڦاسائڻ وارا مهاڻا سندس ان ڪمزوريءَ مان فائدو وٺي سامونڊي ڪناري وٽ، جتي ماڻهو ترن ۽ پڪنڪ ملهائين ٿا، ڄاريون ٻڌيو ڇڏين. انهن ڄارين ڪري هڪ ته ماڻهن جو بچاءُ ٿيو وڃي ۽ شارڪ مڇيءَ جي کاڄ ٿيڻ کان بچيو وڃن. ساڳي وقت پٺيان مڙڻ جي صلاحيت نه هجڻ ڪري شارڪ مڇي انهن ڄارين ۾ سوگھي ٿيو وڃي ۽ سندس ترڻ بند ٿيڻ ڪري سندس ساهه آهستي آهستي ٿي گهٽجڻ لڳي ٿو... ڇو جو شارڪ مڇي فقط تڏهن جيئري رهي سگهي ٿي جڏهن هوءَ لڳاتار ترندي رهي.
    شارڪ مڇيءَ جي ٻاهرين کل به ٻين مڇين کان نرالي ٿئي ٿي. هن جي کل تي ٻين مڇين وانگر ڇلر نه پر ننڍيون ننڍيون سخت ۽ چهنبدار ڳوڙهيون ٿين جن کي سندس کل جا ڏند به سڏبو آهي. پراڻي زماني ۾ جڏهن اڃان روات (Smoothening File) يا ڪَت (Sand Paper) ايجاد نه ٿيو هو ته هن مڇيءَ کي سندس کل ڪري ڦاسايو ويندو هو ۽ دنيا جا واڍا ڪاٺ جي فرنيچر کي لسو ڪرڻ لاءِ ان کي هن مڇيءَ جي کل سان گهندا هئا ۽ اها شيءِ (Shark Skin) واڍڪي اوزارن ۾ شامل هئي.
    مٿي لکي آيو آهيان ته شارڪ مڇيءَ کي ساهه کڻڻ لاءِ هن جو لڳاتار ترڻ ضروري آهي. سندس اهو عمل هڪ ٻي ڳالهه کان به ضروري آهي.... اهو ان ڪري جو ٻين مڇين کي گئس سان ڀريل ڦوڪڻا (Swim Bladders) ٿين ٿا جيڪي هنن کي ٻڏڻ کان بچائين ٿا پرشارڪ مڇيءَ کي اهي نه آهن. ان ڪري شارڪ مڇيءَ لاءِ هر وقت ترڻ ضروري آهي. ترڻ بند ڪرڻ سان هوءَ وڃيو سمنڊ جو ترو کڻي.
    هونءَ شارڪ مڇيءَ جي جسم ۾ انهن گئس جي ڦوڪڻن بدران تمام وڏو جيرو آهي جيڪو سندس سڄي تور جو چوٿون حصو ٿئي ٿو. هن جيري ۾ تيل ئي تيل ٿئي ٿو. جيئن ته تيل پاڻيءَ کان هلڪو آهي.... خاص ڪري سمنڊ جي کاري پاڻيءَ کان ته تمام گهڻو هلڪو آهي.... ان ڪري اهو Buoyancy پيدا ڪري ٿو. پر اها ايتري ناهي جو شارڪ کي Float ڪري سگهي.... جيئن ٿلها ماڻهو بنا هٿ پير هڻڻ جي پاڻيءَ جي سطح تي ترندا (Float ٿيندا) رهن ٿا ۽ ٻڏڻ کان بچيو وڃن. تيل سان ڀريل وڏي جيري ڪري ايترو ضرور آهي جو اهو شارڪ مڇيءَ کي ترڻ يا ٿوري دير لاءِ ساهي پٽڻ ۾ ڪجهه مدد ڪري ٿو. هونءَ هڪ اڍائي سؤ (250) ڪلو وزن واري شارڪ مڇيءَ جي پاڻيءَ ۾.... خاص ڪري سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ Buoyancy ڪري تور ڪجهه سير (ڪِلو) مس ٿئي ٿي.... ڇو جو هوءَ جهاز وانگر چڱو خاصو پاڻي Displace ڪري ٿي..... ۽ هر اها شيءِ جيڪا پنهنجي تور کان وڌيڪَ تور جي پاڻيءَ ۾ جاءِ والاري ٿي اها بيٺل جهاز وانگر تري (Float ڪري) سگهي ٿي.... ٻي صورت ۾ اها سئيءَ وانگر ٻڏيو وڃي.
    شارڪ مڇيءَ ۾ هڪ ٻي به خامي آهي ته سندس جسم جي حساب سان مغز (ميڄالو) تمام ننڍو آهي. شارڪ جو دماغ انسانن ۽ ٻين جانورن وانگر گول نه پر سنهو ۽ ڊگهو ٿئي ٿو. ننڍي مغز ڪري هوءَ ايترو سوچ فڪر جو سلسلو نٿي رکي جيترو ٻيون ڪنڊن واريون مڇيون رکن ٿيون. باقي سندس تنتي سرشتو (Nervous System) بيحد سگهارو آهي. کاڌي خوراڪ لاءِ پنهنجي شڪار کي پري کان محسوس ڪري وٺي ٿي. خاص ڪري زخميل مڇي، ماڻهو يا ٻئي ساهواري جي کيس پري تائين خبر پئجيو وڃي. انسان، پکي پکڻ يا ڪنهن جانور مان ٽمندڙ رت جي رنگ ۽ پوءِ سونگهڻ تي ته ڄڻ پاڳل ٿيو پوي. شل نه ڪو ماڻهو زخمي حالت ۾ جهاز تان ڪري پوي..... شارڪ مڇين واري سمنڊ ۾ سندس بچڻ جو ڪو به چانس نه رهندو آهي. شارڪ مڇين جا ڪيترائي قسم آهن پر سڀ ۾ خطرناڪ سفيد شارڪ آهي. کيس ان ڪري سفيد موت(White Death) به چيو وڃي ٿو. اها مڇي ڇهه ست فٽن جي Seal مڇي توڙي سڄو انسان ڳڙڪايو وڃي.
    سفيد شارڪ هجي يا چٽڪمري شارڪ، مترڪي مهانڊي واري شارڪ هجي يا نيري (Blue) رنگ واري شارڪ.... انهن سڀني کي سندن ڄاڙيون (Jaws) ۽ ڏند خوفناڪ بنائين ٿا. سندن ڏندن جي عجيب ۽ نرالي سسٽم بابت شروع ۾ پڻ ڪجهه لکي چڪو آهيان ته شارڪ مڇيءَ جي ٻچن جو وات آني مان ڦٽڻ سان ڏندن سان ڀريل رهي ٿو. پوءِ هن جا هڪڙا ڀڄن ٿا يا ٻاهر نڪريو اچن ته انهن جي جاين تي پويان وارا ڏند اڳيان رڙهيو اچن ۽ آخر واري قطار ۾ نوان ڄميو وڃن. هوءَ پنهنجن ڏندن کي ڄاڙين سميت اڳيان ڪري سگهي ٿي. اهڙو نظام ٻئي ڪنهن به جانور، پکي پکڻ يا مڇي مانگر مڇ ۾ ناهي. ان کان علاوه شارڪ مڇيءَ جو پيٽ ڪجهه اهڙي قسم جو آهي جنهن کي هوءَ اڳيان وات مان ائين ٻاهر ڪڍي سگهي ٿي جيئن ڪو پنهنجي پينٽ جو يا پهراڻ جو پاسي وارو کيسو ٻاهر ڪڍي ڏيکاري ته ڪجهه به نه اٿم.
    شارڪ مڇي في الحال هر شيءِ پيٽ اندر داخل ڪريو ڇڏي پوءِ مهيني اڌ بعد سڄو پيٽ ٻاهر ڪڍي پيٽ ۾ گڏ ٿيل هڏا، ٺڪر، پٿر، لوهي تارون ۽ اڻ هضم ٿيل سامان ٻاهر ڦٽو ڪري ٿي.


    خطرناڪ پر لذيذ خوراڪ

    جپان دنيا جي انهن ملڪن مان آهي جتي ماڻهن جي حساب سان ڌرتيءَ تي اَنَ ڪڻو نه برابر ٿئي ٿو. پيٽ ڀرڻ لاءِ هنن جو صدين کان سمنڊ ڏي منهن رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو جپانين کي مڇين جي معلومات، ڦاسائڻ جي ڄاڻ ۽ رڌڻ پچائڻ جا ته ڪيترائي طريقا اچن ٿا پر مڇيءَ کي رکو ۽ ڪچو کائڻ جا به! ڪي مڇيون وري اهڙيون زهريليون آهن جن کي جپان جا فقط قابل بورچي ئي وڍي، ڪٽي ۽ رڌي سگهن ٿا. ۽ ان ڪم ۾ ماهر ٿيڻ لاءِ هنن بورچين کي تعليم ۽ سکيا وٺڻي پوي ٿي ۽ ان ڪم جا امتحان پاس ڪري سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻا پون ٿا. ان بعد ئي هو هوٽلن ۾ شيف ٿين ٿا ۽ حڪومت طرفان کين گراهڪن لاءِ اهي مڇيون پچائڻ جي اجازت ملي ٿي. اهو ائين آهي جيئن اسان وٽ اليڪٽرسٽي ۾ ڊپلوما يا سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ بعد ئي ڪنهن گهر يا ڪارخاني ۾ بجليءَ جي وائرنگ ڪري سگهي ٿو.
    انهن زهريلي مڇين مان ”پفر مڇي“ (Puffer Fish) هڪ آهي جنهن کي جپاني فوگو (Fugu) سڏين ٿا. ڪن ملڪن ۾ پفر کي ”بلو فش“ به سڏين. هن مڇي ـــ فُوگو جون ڪيتريون ئي جنسون آهن جن مان سڀ ۾ مشهور ۽ گهڻي زهريلي ”تورافوگو“ (Torafugu) آهي. هيءَ مڇي جپان جي ندين ۽ اوسي پاسي جي سمنڊ مان به ڦاسائي وڃي ٿي. کائڻ وارا ٻڌائين ٿا ته فوگو مڇي کائڻ ۾ بيحد لذيذ ٿئي ٿي ۽ مهانگي هجڻ ڪري دنيا جا امير ماڻهو ئي اها عياشي ڪري سگهن ٿا. سڄي جپان ۾ 3000 کن ريسٽورنٽون اهڙيون آهن جن ۾ هيءَ مڇي Serve ٿئي ٿي. گهڻو ڪري ڪاغذ جهڙيون سلائيسون ڪري ڪچي کاڌي وڃي ٿي. هن مڇيءَ جي آنڊن، ٻچي داني (Ovaries) ۽ جيري ۾ زهر ٿئي ٿو جيڪو tetrodotoxin سڏجي ٿو ـــ اهو زهر سائينائيد کان 1200 دفعا وڌيڪَ خطرناڪ آهي. هڪ معمولي هوٽل ۾ به فوگو مڇيءَ جي ڊش جي قيمت 200 ڊالر.... يعني ويهه هزار رپيا آهي ۽ جپاني فوگو کائڻ جا ايڏا شوقين آهن جو جپان ۾ هر سال ڏهه هزار ٽن ان مڇيءَ جا کاڌا وڃن ٿا. ڪن شوقينن کي هن مڇيءَ جي ڊش لاءِ ان کان به وڌيڪَ قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي. جپان ۾ وڃڻ وارن شروع جي سالن ۾ جڏهن نه فقط جپانين جو پر اسان ڌارين جو به ”بانڊو مستوگورو“ نالي جپاني فلم ائڪٽر فئوريٽ هو، 1975ع ۾ فوگو مڇي کائڻ بعد هوٽل ۾ ئي مري ويو. وڏن ماڻهن کي مارڻ لاءِ هن مڇيءَ جي رڌ پچاءَ واري بورچيءَ کي رشوتون ڏئي برغلايو وڃي ٿو جيئن هو هن مڇيءَ ۾ ڪجهه زهريات ملائي ڇڏي. هن مڇيءَ جو زهر لڳل گوشت ”هڻ کڻ“ جو ڪم ڪري ٿو. اها مڇي جيڪا دنيا جي سڀني مڇين ۾ لذيذ ترين سمجھي وڃي ٿي ان جو زهريلو اثر ايترو ته خطرناڪ حد تائين ايذائيندڙ ۽ تيز آهي جو هوٽل ۾ ويٺل گراهڪ هن مڇيءَ کي کائيندي ئي مريو وڃي. وات ۾ چٻاڙيندي هن جا هٿ ڏڪڻ شروع ٿين ٿا ۽ ڳالهائڻ بند ٿيو وڃي ۽ ڊاڪٽر حڪيم جي پهچڻ کان اڳ هو هن جهان مان روانو ٿيو وڃي.
    هڪ جپاني ”راڪوگو“ (Rakugo) يعني ”مزاحيه افسانو“ مشهور آهي ته ٽن ماڻهن گڏجي فوگو مڇي تيار ڪئي پر هنن کي پڪ نه هئي ته اها صحيح طرح صاف ٿي يا ڪو زهر ذرو رهجي ويو. هر ڪو ڀانئي ته پهرين ٻيو ڪو چکي ته پوءِ هو کائي. نيٺ ان ڊش جي خاطري ڪرڻ لاءِ ته اهو زهريلو ناهي هنن ڪجهه مڇيءَ جا ڳترا پليٽ ۾ وجھي سامهون وڻ هيٺان ويٺل فقير کي ڏنا. ٿوري دير بعد فقير کين خالي پليٽ واپس ڪري ويو. هنن جڏهن ڏٺو ته فقير کي ڪجهه نه ٿيو ته سڀ کائڻ ۾ جنبي ويا. ماني کائي هو فقير کي هڪ دفعو وري ڏسڻ لاءِ هن وٽ آيا ۽ فقير کي چاق چوبند ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا. فقير جي به جيئن ئي هنن تي نظر پئي ته هن جي چهري تي مرڪ تري آئي ۽ هنن طرفان کيس ڏنل مڇي جيڪا هن کائڻ بدران پني ۾ ويڙهي رکي هئي، اها ڪڍي مزي سان کائڻ لڳو. ان وقت هنن ٽنهي کي احساس ٿيو ته فقير ته ڪو وڏو عقلمند هو جنهن هنن کي بيوقوف بڻايو. ۽ چڱو جو مڇيءَ ۾ زهر جو اثر نه هو نه ته فقير ته بچي وڃي ها، هي ٽئي مري وڃن ها.
    جپان ۾ مئيجي گهراڻي جي دورِ حڪومت ۾...... يعني 1868ع کان 1912ع تائين، جپان جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ هن مڇيءَ جي کائڻ تي بندش لڳل هئي جيڪا هاڻ نه رهي آهي. هن مڇيءَ بابت تفصيل سان ڳالهيون پنهنجن جپاني سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان.


    ڪجهه بنيادي ڳالهيون، مڇين بابت

    دنيا جا ساهوارا ٻن وڏن گروپن ۾ ورهائي سگهجن ٿا هڪ اهي جن کي پٺيءَ جو ڪنڊو يعني ڪرنگھو آهي جيڪي Vertebrates سڏجن ٿا. انهن ۾ شارڪ مڇي، گولڊ فش يا پامفريٽ جهڙيون مڇيون، ڏيڏر، ناگ، چچيون، پکي ۽ کير پياريندڙ جانور: ٻلي، چمڙو، ڪوئو، رڍ ٻڪري، هاٿي ويندي انسان اچي وڃن ٿا.
    بنا ڪرنگھي وارا ساهوارا Invertebrates سڏجن ٿا. ڪجهه سامونڊي شيون ان گروپ ۾ به اچن ٿيون. جهڙوڪ: جيلي فش، اسٽار فش، لابسٽر، گانگٽ، کيکڙا، ڪٽل فش، آڪٽوپس....... ويندي ڪوريئڙو!
    هر قسم جي مڇي ”ٿڌي رت“ وارن جانورن ۾ شمار ٿئي ٿي. ڏيڏر، نانگ، ڪمي، ڪڇون، مانگر مڇ ۽ واڳون وغيره پڻ ٿڌي رت جا جانور آهن يعني انهن جي جسم جو ٽيمپريچر پسگردائيءَ جي گرميءَ سرديءَ مطابق رهي ٿو. ٿڻائتا يعني کير پياريندڙ جانور (Mammals) ۽ پکي انسانن وانگر ”ڪوسي رات“ وارا جانور آهن. هنن جي جسم جو ٽيمپريچر هر وقت گرم رهي ٿو ـــ چاهي سندن چوڌاري پاڻي هجي يا برف. مثال طور انسان جي جسم جي نارمل گرمائش جو درجو هميشه 94.8 ڊگريون فهرنهائيٽ رهي ٿو ـــ چاهي ڪيتري به ٿڌ هجي.
    پٺيءَ جي ڪنڊي وارن(vertebrates) جانورن ۾ هي ڳالهيون عام نظر اينديون:
    • جسماني ڍانچو (Skeleton) ۽ پٺيءَ جو ڪنڊو: جيڪو ننڍين هڏين (Vertebrae) کي ڳنڍي ٺاهيو ويو آهي.
    • هڪ جهڙائي: انهن جانورن جا ٻئي پاسا يعني کاٻو توڙي ساڄو پاسو هڪ جهڙو ٿئي ٿو. انسان ۽ ڍڳي ڍور وانگر مڇيءَ جو به ساڄو ۽ کاٻو پاسو هڪ جهڙو نظر ايندو.
    • منجھن دماغ ۽ تنتي سرشو Nervous Sytem ٿئي ٿو.
    • هٿ پير: کين ٻه هٿ ٻانهون ۽ ٻه پير ٽنگون ٿين. مڇيءَ کي هٿن پيرن بدران Fins (کنڀڙاٽيون) ٿين.
    • هنن کي ڏسڻ، ٻڌڻ، سونگھڻ جهڙا حواس ٿين.
    • پيٽ قُوتَ لاءِ مڇين جا ڪجهه قسم پاڻ کان ننڍين مڇين کي ڳرڪائين..... ڪي سمنڊ يا درياهه ۾ ٿيندڙ گاهه ٻوٽا کائين. ڪي وري ٻئي کائين. ڪيترين وڏين مڇين جو پيٽ چيرڻ تي ان مان جيڪي مڇيون نڪرن انهن مڇين جي پيٽ مان وري اڃان به ننڍيون مڇيون نڪرن ٿيون.
    • مڇين کي نڪ ۽ ناسون (Nostrils) ٿين پر اهي ساهه کڻڻ بدران سونگھڻ جو ڪم ڪن. مڇيءَ لاءِ سونگھڻ جي قوت تمام اهم ۽ ضروري ٿئي ٿي.
    • مڇين جي وڏي ڀاڱي کي ڇهڻ جو حواس تمام سٺو ٿئي ٿو ـــ ڪن مڇين کي..... جهڙوڪ ”ڪئٽ فش“ کي ڪاڪروچ وانگر وار (Feelers) به ٿين جيڪي پري کان ايندڙ بوءِ کي جهٽي هن کي اطلاع ڏين.
    • مڇيءَ جو سواد وارو حواس ايترو طاقتور نٿو ٿئي. ان ڪري هوءَ کاڌي جي چونڊ سواد موجب نه پر سونگھڻ سان ڪري.
    • مڇيون ٻچا پئدا ڪرڻ لاءِ آنا ڏين. ڪجهه مڇيون سمنڊ جي ٽاڪرو حصن ۾ آکيرا ٺاهي ان ۾ آنا لاهين ۽ ڦوٽاڙي تائين انهن جي سار سنڀال لهن پر ڪيتريون مڇيون ائين نه ڪن..... ۽ نه وري پنهنجن ٻچن جو خيال رکن. ڪيتريون ٽراپيڪل ننڍيون مڇيون آنن بدران ٻچا ڄڻين. هو آنيءَ جي صورت ۾ هزارين لکين بيضا پنهنجي اندر ئي رکن. ٻچن جي صورت اختيار ڪرڻ وقت انهن کي خارج ڪن. ننڍن ٻچن کي پنهنجي بچاءَ جو ڪو طريقو نه هوندو آهي ۽ اڪثر وڏين مڇين جو کاڄ ٿي ويندا آهن. اهو ته چڱو آهي جو مڇيون لکن جي حساب سان آنا ڏين ٿيون نه ته هي سمنڊ ڪڏهن کان مڇين کان خالي ٿي وڃن ها..... يا کڻي ائين چئجي ته چڱو جو مڇيون هڪ ٻئي کي کايو پنهنجو شمار پاڻ گهٽايو ڇڏين نه ته سمنڊن ۾ ڪنهن ٻيڙي يا جهاز هلڻ جي جاءِ نه هجي ها.
    • مڇيءَ جي نرم جسم جي بچاءَ لاءِ هن جي چوڌاري ٿلهي ۽ سخت قسم جا ڇلر ٿين ٿا. ڪجهه مڇين کي پنهنجي بچاءَ ۽ حملي ڪرڻ لاءِ هٿيار پڻ آهن. ”خنجر مڇي“ (Sword Fish) انهن مان هڪ آهي جنهن جو وات اهڙي طرح چهنبائتو آهي جو هوءَ ان کي حملي وقت ترار وانگر استعمال ڪري ٿي.
    • ڪيترين مڇين کي بچاءَ وارا رنگ آهن، جهڙوڪ مٿيون اڌ ڪارو يا ٻئي تکي رنگ جو ٿئي ٿو جيئن مٿان (سطح سمنڊ) کان هيٺ ڏسڻ واري کي سمنڊ جي تري وارو اونداهو رنگ لڳي. سندن هيٺيون اڌ وري اڇسرو ٿئي ۽ هيٺان ڏسڻ واري کي مٿان ايندڙ روشنيءَ ۾ مڇيءَ کي ڳولڻ ڏکيو ڪم ٿيو پوي.
    • اهي مڇيون جيڪي ٽاڪرو هنڌن (Coral Reef) تي رهن ٿيون انهن کي قدرت اهڙا ذاتيرا رنگ ڏنا آهن جيڪي رنگين ڪورال، سامونڊي گاهه ۽ اسپنجن سان مئچ ڪن ۽ ڏسڻ واري کي خبر ئي نٿي پوي ته مڇي ڪٿي آهي. گهڻي گاهه ۽ ڪکن پنن واري سمنڊ ۾ رهندڙ مڇين تي رنگين ليڪون اهڙي طرح هونديون آهن ڄڻ گاهه هجي. ڪجهه مڇيون وري سانڊي وانگر رنگ بدلائين. اهو رنگ سمنڊ جي تري مطابق بدلائين. سمنڊ جي تري ۾ رهندڙ مڇين جو رنگ گپ جهڙو ميرانجھڙو ٿئي جيئن ”ڪئٽ فش“ ۽ ”ري فش“ آهن.
    • مڇيون انسان ذات لاءِ اهم کاڌو آهي. اهي ڀاڻ (Fertilizers) ۽ دوائن ۾ پڻ ڪم اچن ٿيون ڇو جو منجھن تمام گهڻو مقدار وٽامن جو آهي.
    • مڇين کي ڪنڊن ۽ غير ڪنڊن وارن ڀاڱن ۾ پڻ ورهائي سگهجي ٿو. ڪنڊن وارين مڇين (Teleosts) ۾ گولڊ فش، ڪارپ، مئڪرل، پامفريت، Anchovy ۽ ڪاڊ (جنهن مان ڪاڊ ـــ ليور آئل ملي ٿو) اچي وڃن ٿيون. بنا ڪنڊن واريون يعني Cartilaginous مڇين ۾ شارڪ، ڊاگ فش ۽ Sting – Ray اچي وڃن ٿيون. انهن مڇين جو جسم هڏن يا ڪنڊن بدران ڪارٽليج. (Cartilage) جو ٺهيل ٿئي ٿو.... يعني نرم هڏين جو ٿئي ـــ جيڪي ماءُ جي پيٽ ۾ ٻار جون ٿين. کين ڏندن جهڙا تکا ڇلر ٿين ٿا.
    • ڪنڊن واريون مڇيون سمنڊ جي کاري پاڻيءَ ۾ به ملن ٿيون ته درياهه جي مٺي پاڻيءَ ۾ به. پر Cartilaginous مڇين جا سڀ قسم سمنڊ ۾ رهن.
    • مڇيون ڪيئن ٿيون ساهه کڻن؟ اهو شروع ۾ به لکي چڪو آهيان. مڇين کي ڏسبو ته هو هر وقت پاڻي پيئنديون رهن ٿيون. پاڻي مڇين جي وات مان داخل ٿي انهن جي ڪلين (Gills) مان خارج ٿئي ٿو. اهڙي ريت ڪلين ۾ جيڪي وارن جهڙيون سنهڙيون نليون (Capillaries) آهن انهن تان هر وقت پاڻي لنگهندو رهي ٿو. ڪلين ۾ موجود رت پاڻيءَ ۾ مليل آڪسيجن کي ڇڪيو وٺي ۽ ساڳي وقت جسم جي خراب گئس (ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ) ٻاهر نيڪال ڪريو وٺي.
    • ڪن مڇين جي جسم تي ريڊيم جهڙو ڌاتو لڳل ٿئي ٿو جيڪو اونهي سمنڊ جي اونداهه ۾ چلڪي ٿو.
    • مڇين بابت هڪ ٻي دلچسپ ڳالهه هتي لکڻ ضروري سمجھان ٿو ته اونهي سمنڊ جون مڇيون.... جن جو کائڻ پيئڻ ۽ رهڻ مرڻ اونهي سمنڊ جي هيٺانهن ترن ۾ ٿئي ٿو، ايتريون مضبوط نٿيون ٿين. سندن جسم ڍرڙو ۽ ليڙو ٿئي ٿو. هڏا نرم ۽ لچڪ وارا ۽ سندن ماس (گوشت) ”جيلي فِش“ جهڙو ٿئي ٿو.
    • سمنڊ جي هيٺ اونهين کاهين ۾ جتي هي مڇيون رهن ٿيون اتي خاموش ۽ ماٺ مٺوڙو آهي ۽ هنن کي سمنڊ جي تکن وهڪرن، ڇتين ڇولين، لوڏيندڙ لهرن ۽ ڪپيندڙ ڪُنن (Under Currents) سان مقابلو ڪرڻو نٿو پوي..... جن خطرن جو مقابلو اهي مڇيون ڪن ٿيون جيڪي سمنڊ جي مٿين تهن تي رهن ٿيون. انهن جو جسم سخت ٿئي ٿو. انهن جي کل تي موجود ڇلر توڙي اندر جا ڪنڊا ۽ هڏا حالتن مطابق بيحد مضبوط ٿين ٿا.
    • سمنڊ جي هيٺين تهن تي پاڻيءَ جو تمام گهڻو دٻاءُ (Pressure) ٿئي ٿو. ايتري قدر جو مٿين تهن واريون يا اسانجي دريائن ڍنڍن جون مڇيون يا ڪناري جو ڪو جانور.... ڏيڏر، کيکڙو ايترو اونهو وٺي وڃجي ته چوڌاري پکڙيل پاڻيءَ جي دٻاءَ ۾ هو ائين چيڀاٽجي وڃي جيئن ڪنهن نرم گدري يا پپئي کي اسان ٻنهي هٿن جي وچ ۾ جھلي زور سان اندر دٻايون. اونهي سمنڊ ۾ رهندڙ مڇين کي قدرت اهڙي ساخت جو ٺاهيو آهي جو اهي اهڙي دٻاءَ تي به زندهه سلامت رهن ٿيون. هنن جي اندر جي رتوبتن ۽ جسم جو اندريون دٻاءُ به ايترو ئي ٿئي ٿو جيترو ٻاهر جو آهي. ان ڪري هنن جو حساب ڪتاب برابر ٿيو وڃي.
    • هڏن کي جوڙڻ ۽ سگھارو رکڻ لاءِ ڪئلشيم جي ضرورت پوي ٿي. اونهي سمنڊ جي مڇين ۾ ڪئلشيم تمام گهٽ ٿئي ٿو. ان ڪري هنن جا هڏا مضبوط نٿا ٿين. ان کان علاوه وٽامن اِي پڻ گهٽ اٿن ـــ جيڪا ايتري اونهي سمنڊ ۾ نٿي ٺهي ـــ جتي سج جو تڙڪو به ڏسڻ ۾ نٿو اچي.... جتي هلڪي روشني به نٿي پهچي.
    • سمنڊ جا تمام اونها حصا ائين آهن جيئن ايوريسٽ جبل جي چوٽيءَ تان هيٺ زمين جو ترو ڏسجي. سمنڊ جي ايتري اونهائيءَ ۾ ٺپ اونداهه ڪانڀار رهي ٿي ۽ ڪجهه به نظر نٿو اچي. اهڙي حالت ۾ اتي رهندڙ مڇين کي جي اکيون نه هجن ته به فرق نٿو پوي. قدرت جو ڪجهه اهڙو حساب رکيل آهي جو سمنڊ جي تري ۾ رهندڙ ڪجهه قسمن جي مڇين کي اکيون ٿين ئي ڪونه. ڪي وري ڄائي ڄم کان انڌيون آهن. ڪن کي وري ايتريون ته ننڍڙيون اکيون آهن جو اهي ڪنهن به ڪم جون نه آهن. ۽ انهن اکين ۾ سهائي گڏ ٿي نٿي سگهي.
    • ڪن مڇين جي اکين ۾ وري Cones نه آهن (جيڪي نظر جا گهرڙا شيءِ جي رنگ ۽ تکائي تي ڪنٽرول ڪن ٿا) پر طاقتور قسم جون RODS (اهي گهرڙا جيڪي روشني ڏسي ته نه پر محسوس ڪري سگهن ٿا) آهن. ڪن مڇين جي هڪ چورس ملي ميٽر ماڻڪيءَ ۾ ويهه کن ملين Rods ٿين ٿيون ۽ هو هلڪي کان هلڪي روشنيءَ جو ڪِرڻو به محسوس ڪريو وٺن. هنن کي سامهون لنگهندڙ شيءِ جي شڪل، صورت يا رنگ نظر نه ايندو باقي اهو محسوس ڪري وٺنديون ته ڪا شيءِ لنگهي پئي ـــ اهڙي شيءِ جنهن کان ڀڄي ڀري ٿجي يا اهڙي شيءِ جيڪا کائڻ جوڳي آهي ۽ جھلي وٺجيس.
    • اونهي سمند جي ڪجهه مڇين کي وري هيڪانديون وڏيون اکيون ٿين ٿيون. ڪن جون ته ٽينس بال وانگر ٻاهر نڪتل ٿين. ڪن جون ڊگهن ٽيوبن وانگر گهڻو ٻاهر نڪتل ٿين جن ذريعي هو چوڌاري چڱي طرح نظارو ڪري سگهن.
    • اونهي سمنڊ ۾ جيڪي به مڇيون رهن ٿيون اهي گوشت خور آهن ۽ هونءَ به سمنڊ جي ان اونهائيءَ تي جتي سج جي اس ته ڇا هلڪي روشني به ناهي، ڪنهن به قسم جي گاهه (پلينڪٽون) جا چراگاهه موجود نه آهن جيڪي هو چَري سگهن. بس ائين سمجھڻ کپي ته گهڻو اونهو سمنڊ معنا گهڻو گھاٽو جھنگل جنهن ۾ رڳو شينهن، چيتن، بگھڙن۽ سوئرن جهڙا خوفناڪ جانور رهندا هجن. پر سڀ اکين کان انڌا هجن ۽ شڪار جي ڳولا لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڦرندا وتن. اونهي سمنڊ جي مڇين جو به اهو حال آهي. هنن جي منهن ۾ پنهنجي جنس جي مڇي اچيو وڃي ته ان کي به نٿيون ڇڏين. يڪدم چيريو ڦاڙيو پنهنجي پيٽ اندر داخل ڪن ٿيون. وڏيون مڇيون ننڍين کي کائين ۽ ننڍيون اڃان به ننڍين کي کائين. هر مڇي هر وقت وات کولي ڪنهن جي ڪڍ هوندي يا انتظار ۾ ـــ جيئن سامهون کان ايندڙ مڇي سندن وات ۾ هلي وڃي. پوءِ ڪڏهن ڀُل چُڪ ۾ سندن وات کان وڏي مڇي به وات ۾ گهڙيو اچي جنهن کي ڳهڻ ۾ ننڍي مڇيءَ کي جتن ڪرڻا پون ٿا. اونهي سمنڊ جي به عجيب دنيا آهي جتي نظر کان لاچار بکايل مڇين جي سڄي زندگي پيٽ پوڄا ۾ گذري ٿي ـــ سواءِ ڪجهه اهڙن ڏينهن جي جن ۾ هو نرن جي ور چڙهن، يا نر هنن کي ريجھائڻ پٺيان خوار ٿين ۽ پاڻ جهڙي مخلوق جو واڌارو ڪرڻ لاءِ آنن کي سنڀالين ۽ مقرر وقت تي انهن کي ڦوڙجڻ لاءِ خارج ڪن.


    لابسٽر (وڏو گانگٽ) ۽ ڪرئب (کيکڙو)

    اسان وٽ سنڌ ۾ يا سڄي پاڪستان ۾ ڪٿي آهي ايڏو لابسٽر ۽ ڪرئب (کيکڙو).....؟
    منهنجو مطلب آهي ته اسانجي سمنڊ ۾ ته جام آهي پر ڪنهن جي به رڌڻي ۾ کائڻ لاءِ تيار نٿو ٿئي. ننڍي هوندي کان گانگٽ ضرور ڏسندا اچون. لابسٽر گانگٽ سان ڪافي ملي ٿو پر گانگٽ کان چڱو وڏو آهي ــ فٽ کان ڏيڍ فٽ تائين. سچ ته اهو آهي ته لابسٽر جنهن جو اڄ ڪلهه دنيا ۾ وڏو مان ٿي پيو آهي ۽ مارڪيٽ ۾ سندس ملهه تمام گهڻو آهي ۽ سندس ڊش لذيذ چيو وڃي ٿو، ٻي عالمي لڙائيءَ تائين يورپ ۽ آمريڪا ۾ به ان جو قدر نه هو. لابسٽر غريب ماڻهوءَ جو کاڌو سمجھيو ويو ٿي. ايتريقدر جو اهو قيدين کي کارايو ويو ٿي.
    اسان کي ته اها به خبر نه هئي ته لابسٽر ۽ ڪرئب حلال ٿين ٿا. سمنڊ جي نوڪري ڇڏي ملائيشيا جي جنهن سامونڊي ڪناري واري ڳوٺ ۾ نوڪريءَ لاءِ اٺ ڏهه سال کن وڃڻ ٿيو اهو هڪ ”فشنگ وليج“ (مهاڻن جو ڳوٺ) آهي جتي هر قسم جي سامونڊي شيءِ تمام گهڻي مقدار ۾ ڦاسائي وڃي ٿي ۽ ان جو وڪرو سنگاپور ۽ ڪوالالمپور تائين ٿئي ٿو. هن ڳوٺ ۾ ملئي مسلمانن کي کيکڙا ۽ لابسٽر کائيندو ڏسي اسان کي حيرت ٿي ته مسلمان ٿي هي ڇا ٿا کائين!
    ”ڇو توهان جو مڇي ۽ گانگٽ کائو ٿا؟“ هو ويتر اسان کان پڇندا هئا. ”۽ جي اهي حلال آهن ته هي به حلال آهن. ڇا توهان کي خبرناهي ته پاڻيءَ جي هر شيءِ حلال آهي“.
    اسان ان بعد مقامي ماڻهن کان ان بابت پڇڻ ئي ڇڏي ڏنو.
    منهنجي هڪ ملئي ڪئپٽن دوست ـــ جنهن جو سامونڊي نوڪري دوران سندس جهاز ڪيترائي دفعا ڪراچي آيو هو ان ٻڌايو ته ڪراچيءَ ۾ هن لاءِ وڏي عياشي کيکڙا کائڻ هوندو هو. دنيا ۾ سڀ کان سستو کيکڙو ڪراچيءَ ۾ ملي ٿو.
    ”ان ڪري جو ڪراچيءَ ۾ اهي ڪير نٿو کائي.“ مون کيس ٻڌايو.
    ”جهاز تي ڪم لاءِ مقامي ماڻهن مان ڪنهن کي ڪجهه پئسا ڏبا هئا ته هو وڃي سئنڊس پٽ يا هاڪس بي واري سمنڊ جي ڪناري تان کيکڙا جھلي ايندا هئا“. هن ٻڌايو.
    ان تان مونکي ياد آيو ته سال 1994ع ۾ آئون ڪراچيءَ جي مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهائڻ لاءِ آيس ته هڪ ڏينهن سئنڊس پٽ ڏي ويندي يونس آباد وٽ ڏٺم ته ٽي چار ڄڻا جيڪي شڪل مان ملئي ٿي لڳا، ڇٻا هٿ ۾ کڻي پنڌ ئي پنڌ وڃي رهيا هئا. سندن زمين ۾ کُتل نظرون ڪجهه ڳولي رهيون هيون. شايد تيز هوا ۾ سندن نوٽ هيڏانهن هوڏانهن اڏامي ويا هجن جيڪي ڳولي رهيا هجن. آئون سمجھي ويس ته هي ڪراچيءَ جي ڪنهن مدرسي جا شاگرد آهن جو ملائيشيا ۽ ڏکڻ ٿائلنڊ جا ڪيترا ماڻهو ديني تعليم لاءِ پنهنجن ٻارن کي پاڪستان موڪلين ٿا جتي ڪيترائي مدرسا آهن جن ۾ عربي به پڙهائي وڃي ٿي. مون سندن ويجھو اچي ڪار روڪي ــــ ان خيال کان ته کانئن پڇان ته هنن کي جي لفٽ کپي ته ائون پنجن ئي کي ته نه پر ٻن يا ٽن کي پاڻ سان کڻي هلان. پر کانئن اهو پڇڻ کان اڳ مون پڇيو مان Apa Yang awak Cari? (توهان ڇا پيا ڳوليو؟) ملئي ٻوليءَ ۾ ”آپا“ معنيٰ ”ڇا“. جيئن ملئي ماڻهو ملڻ تي خير عافيت پڇڻ لاءِ چوندا آهن ”آپا خبر“ معنيٰ ”ڇا خبر آهي ـــ يعني ڪهڙو حال آهي“. ۽ ”چاري“ معنا ڳوليو پيا. ملئي رومن ۾ چ جي اچار لاءِ فقط “C” لکڻي پوي ٿي (اسان وٽ “Ch” آهي).
    منهنجي پڇڻ تي هو ڏاڍو شڪي ٿيا. ڪا گهڙي چپ ۾ رهيا. شايد ٻڌائيندي شرم ٿي آين. پر پوءِ پري کان ئي جواب ڏيڻ بدران هڪڙو ڄڻو ڪچو روڊ ٽپي، گاڏيءَ جي دريءَ اندر ٿورو منهن وجھي آهستي چيو: “Encik! Kami Menangkap Ketam”
    (جناب! اسين کيکڙا پيا ڦاسايون)
    مونکان کل نڪري وئي. منهنجي ڀر ۾ ويٺل جهازران دوست کي چيم ته ملئي ماڻهو کيکڙن جا عاشق آهن ۽ هتي ههڙي مفت جي عياشي ڪا ٻي؟ کيکڙي کي جھلڻ لاءِ نه ڪنڍي جي ضرورت نه ڄار جي. وڏير وير لهڻ تي ڪناري تي اهي منڊڪائيندا رهن ٿا. هنن جي ٽنگن جي ڦڏي شيپ ڪري هو سڌو هلڻ بدران شطرنج راند جي گھوڙي وانگر آڏو ڦڏو هلن ۽ هو نه تکو ڊوڙي سگهن نه تکو تري سگهن. پاڻ بچائڻ لاءِ ڪنهن وڏي پٿر هيٺان لڪن يا کڏو کوٽي زمين اندر هليا وڃن. سو کين رڳو هٿ سان پٽ تان کڻي ڇٻي يا ٽوڪريءَ ۾ وجھڻو هوندو آهي. ٽوڪريءَ مان نڪري رستي تي ڪري پوڻ جي ڊپ کان ڪي مهاڻا يا شوقين هنن جون ٽنگون موڙي کين سوتليءَ سان ٻڌي ڇڏين.
    Adakah anda suka mereka?
    (ڇا توهان کي اهي پسند آهن؟) مون کين نارمل حالت ۾ آڻڻ لاءِ ائين ئي پڇيو ۽ گاڏي اسٽارٽ ڪئي. “Terlalu Banyak” (تمام گهڻو) هنن جو جواب ٻڌم.
    ملئي ماڻهن وٽ Sea Food تمام گهڻو آهي ۽ کين پسند به ڏاڍو آهي. ايتريقدر جو ملائيشيا جي ڪيترن ڳوٺن جا نالا مڇين، گانگٽن ۽ کيکڙن سان آهن. ملائيشيا جي جنهن ڳوٺ ۾ اسانجي نيول اڪيڊمي هئي ان جو نالو ”ڪئالا سنگائي بَارو“ هو..... معنيٰ ”نئين نديءَ جو ڇوڙ“. ڪجهه اڳيان واري شهر جو نالو ”مسجد تاناح“ يعني ”مسجد واري ڌرتي“ هو ۽ ان بعد واري شهر جو نالو ”سُنگائي اڊانگ“ (گانگٽن واري ندي) هو. ڪئالالمپور کان اڳيان سامونڊي کاڌي کان مشهور ٻيٽ جو نالو ”پلائو ڪيتام“ آهي. ملئي ٻوليءَ ۾ ٻيٽ کي Pulau چون ۽ کيکڙي کي Ketam.
    ڳالهه اها آهي ته ڀلي کڻي کيکڙو ۽ لابسٽر حلال هجن، ڀلي کڻي انهن جو گوشت لذيذ هجي پر جيئن ته اسان جي دماغ ۾ اها ڳالهه ويٺل هئي ته اهي نه کائبا آهن ته اڄ به کائڻ تي دل نٿي چوي. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته انهن جي شڪل گولڊ فش وانگر ڪا سهڻي ۽ من موهڻي به ته نه آهي. گانگٽ (جھينگو) جيڪو وڏي شوق سان کائون ٿا، شڪل ۾ ته انهن جو ئي سوٽ ماسات آهي پر ننڍي هوندي کان ان کي کائڻ ڪري هن جي خوفناڪ شڪل ڊيڄاري نٿي. هانگ ڪانگ ۽ ويٽنام پاسي جا چيني ۽ ويٽنامي جيئن ته ننڍي هوندي کان لابسٽر ۽ کيکڙا کائيندا اچن ان ڪري اهي انهن لاءِ تتر ٻٽير آهن. ڏور اوڀر جي ملڪن جي هوٽلن ۾ ته لابسٽر جيئرا رکيا وڃن ٿا. ۽ ويندي گراهڪ ڇوڪريون ريسٽورنٽ جي در وٽ رکيل پاڻيءَ جي شيشي جي ٽئنڪ مان پنهنجي پسند جو جيئرو لابسٽر ڪڍي بئري حوالي ڪن ٿيون جيئن اهو بورچيءَ کان ترائي يا رڌرائي مانواري مهمان (گراهڪ) کي پيش ڪري. ان سلسلي ۾ هڪ دلچسپ ڪارٽون ٻڌائي چڪو آهيان ته هڪ پوڙهو ويٽنامي پنهنجي ڏنگي ۽ جھيڙاڪ زال سان هڪ اهڙي ريسٽورنٽ ۾ آيو. سندس زال شيشي جي ٽئنڪ ۾ هٿ وجھي لابسٽر ڪڍڻ تي دير ڪري رهي هئي ۽ ڊڄڻ جو نخرو ڪري رهي هئي. مڙس کي جو بک ستايو هو ۽ دير ٿي رهي هيس تنهن ڪاوڙ مان زال کي چيو: ”هاڻ جلدي ڪر! ڪو نه ٿو کائئي. تو جهڙي رن کي چڪ هڻڻ لاءِ هو ٻه دفعا سوچيندو“.
    لابسٽر ٻين ڏهه پيرن واري سامونڊي مخلوق وانگر سڄي عمر قد بت ۾ وڌندو رهي ٿو. هڪ اندازي مطابق سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ڪمي (ڪڇونءَ) جي عمر 100 سال آهي ته لابسٽر جي 70 سال آهي. ڪنهن ڪنهن هنڌ ته لابسٽر انسانن ۽ سامونڊي سگھارن کان بچيو وڃن ۽ وڏي عمر ماڻين. ”گنيز بڪ آف دي ورلڊ رڪارڊس“ واري ڪتاب ۾ هو ته نووا سڪوشا (ڪئناڊا) جي بندرگاهه مان دنيا جو وڏي ۾ وڏو لابسٽر ڦاسايو ويو جنهن جي تور 20 ڪلو (سير) هئي ـــ يعني ڇيلي جيڏو ٿيو!
    ڪمين، ڪڇوئن، کيکڙن ۽ لابسٽرن جهڙن ساهوارن جي بچاءَ لاءِ قدرت سندن مٿان سخت پٿر جهڙي کل رکي آهي ۽ لابسٽر وڌندڙ جانور هجڻ ڪري هڪ مدت بعد جيئن ئي هن جو قد بت هڪ حد تي پهچي ٿو ته هن جو اهو مٿيون کوپو ٽڙڪي لهيو وڃي ۽ سال اڌ اندر نئون تيار ٿيو وڃي. اهو عرصو جيڪو مٿين کوپي(Shell) بنا يا نئين ڄاول ڪچڙي کوپي ۾ گذاري ٿو هو بيوسيءَ جي زندگيءَ ۾ رهي ٿو جو ان وقت هن کي ڪو به سامونڊي ساهوارو آرام سان کائي سگهي ٿو. اهو عرصو هو پٿرن جي سوراخن ۾ يا سمنڊ جي تري ۾ موجود گپ يا واريءَ ۾ لڪندو رهي ٿو. لابسٽرن جي ڪن جنسن کي قدرت سانڍي وانگر رنگ بدلائڻ جي خاصيت پڻ ڏني آهي ۽ هو پنهنجو پاڻ کي آس پاس جي رنگن مطابق ڪئموفليج ڪندا رهن ٿا جيئن دشمن مڇيون ۽ ٻيا سامونڊي ساهه وارا هنن کي ڏسي نه سگهن.
    لابسٽرن بابت هڪ ٻي ڳالهه ته هو دنيا جي هر سمنڊ ۾ ملن ٿا ۽ ڪنارن وٽ سمنڊ جي تري ۾ جتي پٿر، واري يا گپ هجي اتي رهن ٿا. گينگن (Snails) ۽ ڪوريئڙن وانگر هنن جي رت جو رنگ به بلو (نيرو) آهي..... انڪري جو هنن جي رت ۾ Hemocyanin موجود آهي جنهن ۾ ٽامو (Copper) ٿئي ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ انسانن ۽ ٻين جانورن ۽ پکين جو رنگ هيموگلوبن جي ڪري ڳاڙهو ٿئي ٿو. Hemoglobin لوهه (Iron) جي جزن سان ڀرپور رهي ٿي.
    لابسٽرن کي ڦاسائڻ لاءِ هڪ خاص قسم جو کارو ٺاهيو وڃي ٿو جيڪو ”لابسٽر پاٽ“ يا ”ڪوڙڪو“ سڏجي ٿو. هن ۾ اندر گهڙڻ لاءِ پلاسٽڪ يا لوهه جي تارن جو منهن ٺاهبو آهي جنهن مان لابسٽر اندر گهڙي ته وڃي ٿو پر ٻاهر نڪري نٿو سگهي جئين ڪوئامار ۾ ڪوئا ڦاسيو پون. مهاڻا ماڻهو ان قسم جا ڏهه ويهه ڪوڙڪا ٺاهي انهن ۾ لابسٽرن لاءِ ڪو کاڌو (ڳاهه) وجھي سمنڊ جي ان هنڌ تي هيٺ تري ۾ لاهي ڇڏيندا آهن جتي اهي گهڻي تعداد ۾ هجن. ان جاءِ تي نشانيءَ خاطر ڪو Bouy يا جھنڊو کوڙي ڇڏين. اهو ڪم سج لٿي مهل ڪن ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن صبح جو اچي اهي کاريون (Pots/traps) ٻاهر ڪڍن. لابسٽر چمڙي ۽ چٻري وانگر رات جو چرپر ڪرڻ وارو آهي.
    لابسٽر به ڳجهه وانگر هر قسم جو ڪن ڪچرو کائي ٿو. وير لهڻ تي جيڪي مئل مڇيون ۽ ٻيو گند پهڻن جي وچ ۾ رهجي وڃي ٿو، لابسٽر لاءِ اها بهترين خوراڪ آهي. لابسٽرن کي ڏهه ٽنگون ٿين جن مان اڳين ٽن ٽنگن ۾ بادام کي ڀڃڻ جهڙا Claws (چنبا) ٿين ٿا. پهرين ٽنگ جا چنبا اڃان به وڏا ٿين. انهن ٽنگن سان هو چنبن ذريعي پٽ تان ڪا شيءِ کڻي کائي به سگهن ته سخت شيءِ کي ڀڃي ٻه اڌ به ڪري سگهن.
    لابسٽرن وانگر کيکڙن کي به ڏهه ٽنگون ٿين پر هنن جي فقط هڪ ٽنگ ۾ Claws (چنبا) ٿين. کيکڙا نه فقط دنيا جي سڀني سمنڊن تي ٿين پر دريائن ۽ خشڪيءَ تي به ٿين. لابسٽر وانگر کيکڙي جي بچاءَ لاءِ به ٻاهرين کل پٿر جهڙي سخت آهي جيڪا سندس ٻاهريون ڍانچو (Exoskeleton) سڏجي ٿو.
    کيکڙن جي اڪثر پاڻ ۾ ويڙهه لڳي رهي ٿي خاص ڪري نرن جي ـــ مادين تي بالا دستي حاصل ڪرڻ لاءِ. جابلو سامونڊي ڪنارن تي جتي کيکڙن جي لڪڻ جا سڀئي سوراخ ۽ چير ڀريل رهن ٿا اتي اڪثر نر کيکڙا پهرين موجود کيکڙي کي ڇڪي ٻاهر ڪڍي پاڻ ان سوراخ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ڪجهه کيکڙا آرام ڪرڻ، پاڻ کي لڪائڻ، ماديءَ سان ميلاپ ڪرڻ يا پنهنجو پاڻ کي شڪاري جانورن کان بچائڻ خاطر واريءَ ۾ کڏ کوٽي اندر هليا وڃن ٿا.
    دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ـــ خاص ڪري ڏور اوڀر جي ملڪن: چين، جپان، ڪوريا، هانگ ڪانگ، ملائيشيا، سنگاپور پاسي کيکڙي جي گوشت جا ڪيترائي ڊش ٺهن ٿا. کيکڙي جو گوشت نرم، نازڪ ۽ مٺي سڳنڌ جو هجڻ ڪري تمام مهانگو وڪامي ٿو ـــ خاص ڪري ڀوري ۽ بلو کيکڙن جو.
    ڏور اوڀر جي ڪجهه چيني هوٽلن ۾ ڪجهه Crabs سان ملندڙ جانورن جو گوشت تيار ٿئي ٿو جيڪو دراصل صحيح قسم جي کيکڙن جو گوشت ناهي جيئن ته هرمٽ ڪرئب، ڪنگ ڪرئب، هارس شو ڪرئب، Porcelain ڪرئب وغيره.
    کيکڙا Omnivores جانور آهن..... يعني هو گاهه به کائين ٿا ته گوشت به. کيکڙي کي ڏند منهن ۾ نه پر پيٽ ۾ ٿين. هو وات ذريعي هر شيءِ پيٽ ۾ داخل ڪري ٿو جتي هن جا ڏند کاڌي کي چٻاڙي سنهو ڪن ٿا.
    دنيا جي هر سمنڊ ۾ سج ۽ چنڊ جي چرپر ڪري 24 ڪلاڪن ۾ ٻه دفعا وير چڙهي ٿي ۽ ٻه دفعا لهي ٿي. جنهن وقت وير لهي ٿي ته ڪيڪڙا ڪناري تي گهمڻ ڦرڻ لڳن ٿا. وير چڙهڻ تي هو ريتيءَ ۾ گهر (ڏرڙو) ٺاهي لڪي وڃن ٿا ۽ ڇهه ڪلاڪ کن ماٺ ڪري هڪ هنڌ ويهي رهن ٿا ۽ وير لهڻ جو انتظار ڪن ٿا.
    وير چڙهڻ ۽ لهڻ جي کيکڙي کي ڪيئن ٿي خبر پوي؟
    ڏٺو وڃي ته وير چڙهڻ مهل هو زمين اندر ايترو ته هيٺ هليو وڃي ٿو جو مٿان لنگهندڙ پاڻي هن کي نظر نه ٿو اچي ۽ نه ان جو آواز ٻڌي سگهي ٿو. پوءِ هو ڪيئن پوري وقت تي جڏهن وير لهي ٿي ته ٻاهر نڪريو اچي؟ ان بابت سائنسدان/بايولاجسٽ ٻڌائين ٿا ته جهڙي طرح عورت جي بائلاجي اهڙي آهي جو پوري مقرر مدي (28 يا 29 ڏينهن) بعد هن کي ماهواري اچي ٿي.... اهڙي طرح قدرت کيکڙي جي جسم ۾ به اهڙو گهڙيال/ڪمپيوٽر Set ڪيو آهي جو اٽڪل ڇهه ڪلاڪن جي ساهيءَ بعد هن کي محسوس ڪرائي ٿو ته هاڻ وير لهي وئي آهي ۽ سوراخ مان ٻاهر نڪر. ايتري قدر جو کيکڙي کي سمنڊ کان پري ڪنهن گهر ۾ تجربي خاطر ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ رکيو ويو. ان هوندي به هن کي محسوس ٿي ويو ته اڄ هن وقت وير چڙهي آهي ۽ هو هلڻ چلڻ بند ڪري هڪ هنڌ دَتُ هڻي ويهي رهيو ٿي. مقرر ٽائيم بعد جڏهن هوڏانهن سمنڊ تي وير لهڻ لڳي ته هن پيتيءَ اندر چرپر شروع ڪري ڏني.
    دنيا ۾ سڀ کان گهڻو کيکڙو ”جپاني بلو ڪرئب“ کاڌو وڃي ٿو ــــ جنهن جي عام کيکڙي کان وڏي عمر ٿئي ٿي. کيکڙن کي ”سمنڊ جا ڪوريئڙا“ به چون ڇو جو کيکڙي وانگر ڪوريئڙي جون ٽنگون به ڳنڍ وٽ مڙي سگهن ٿيون.
    Crab کي ته اسان وٽ اڙدوءَ ۾ ڪيڪڙو ۽ سنڌيءَ ۾ کيکڙو سڏين. اهو اسان وٽ هند سنڌ ۾ آهي ان ڪري ان جو مقامي نالو آهي ۽ پنهنجي ڦڏي ۽ لوڏن واري چال کان مشهور آهي ۽ ڪنهن زماني ۾ جڏهن ٿرپارڪر پاسي صحيح رستا نه هئا ۽ انهن تان جيڪي بسون لڏي لمي هليون ٿي اهي کيکڙا سڏيون ويون ٿي. لابسٽر اسان وٽ نه برابر هجڻ ڪري ان کي اسان جا ماڻهو انگريزي نالي لابسٽر سان ئي سڏين ٿا. لابسٽر بحر احمر، ايراني نار ۽ عرب ملڪن ۽ ڪئسپين سمنڊ پاسي (جتي جي ملڪن ۾ فارسي هلي ٿي) هجڻ ڪري لابسٽر جو مقامي عربي ۽ فارسي نالو ضرور آهي. کيس فارسيءَ ۾ ”شاهه ميگو“ سڏين ٿا ۽ عرب ملڪن ۾ ان کي ”ڪرڪند“ به سڏين ته ”جراد البحر“ به.
    اهڙي طرح کيکڙي کي فارسيءَ ۾ ”خرچنگ“ سڏين ۽ عربيءَ ۾ ”سرطان“ (حيوان).


    سِي گلس Sea gulls ـــ سامونڊي ڪبوتر

    سِي گل (Sea – Gull) ڪجهه ڪجهه ڪبوتر جهڙو پر ان کان ٿورو وڏو ۽ ٿلهو پکي آهي جيڪو سمنڊ جي ڪنارن تي نظر اچي ٿو. ’سِي گل‘ سمنڊ مان مڇيون ڪڍي کائي ٿو. سامونڊي شين کان علاوه هو هر قسم جو ڪن ڪچرو پڻ ڳڙڪايو وڃي.
    دنيا ۾ اهڙا پکي يا جانور تمام گهٽ ملندا جيڪي ’سِيگل‘ وانگر ڪيترن ئي قسمن جون شيون کائي وڃن. جڏهن ڀنڍاري (جهاز تي ڀاڄيون ڇلڻ وارو) جهاز تان گند جي ٽوڪري اڇلائيندو آهي تڏهن هي سامونڊي ڪبوتر ڏسڻ وٽان هوندا آهن. لامارا هڻي هر شيءِ پنهنجي چهنب ذريعي پيٽ ۾ ڪندا آهن ـــ ويندي مئل ڪوئا، گوگڙو ۽ ڇانهينءَ جون ککڙيون، سامونڊي سپون ۽ گينگا به نه ڇڏيندا آهن. مضبوط هجڻ کان علاوه سندن گجي ۽ نڙگهٽ ايتري موڪري ماپ جو آهي جو هي پکي پنهنجي تور جي ٽئين حصي جيترو کاڄ چٽ ڪريو وڃي.
    سمنڊ جو کارو پاڻي پيئڻ ڪنهن به ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه ناهي ۽ نه وري ڪو پکي يا جانور ان کي پي سگهي ٿو. پر قدرت هن پکيءَ Seagull جي مٿي ۾ ڪجهه اهڙيون ڳوٿريون Glands رکيون آهن. جيڪي پيتل کاري پاڻيءَ مان هڪدم لوڻ ڇڪي چهنب وٽان ٻاهر ڪڍيو ڇڏين. انهيءَ ڪري هن پکيءَ کي مٺي پاڻيءَ لاءِ زمين ڏي ڀڄڻو نٿو پوي. وچ سمنڊ تي ترندڙ تختي يا Bouy (جهاز ٻڌڻ جي گنبذ) تي ئي رات گذاريو ڇڏي.
    سامونڊي ڪناري يا بندرگاهه ڀرسان رهندڙن کي ڪڏهن ڪڏهن سي گل پکي قطار ۾ سامونڊي ڇول سان گڏ اڳيان پويان ٿيندي ضرور نظر آيا هوندا. سي گل اها واڪ سامونڊي ڇولين تي تري آيل سامونڊي جيت جڙن ۽ کيکڙن کي ڦاسائڻ لاءِ ڪن ٿا.
    سي ـــ گل پکي چڱو خاصو سياڻو پڻ ٿئي ٿو. بند ٿيل سپ مان ڪيئنون ڀلا ڪيئن ڪڍي کائجي؟ ان لاءِ هن وٽ بهترين طريقو آهي. سپ کي چهنب ۾ جھلي چڱو مٿي پهچي پوءِ سپ کي اتان هيٺ پٿرئين ڪناري يا ڪنهن ٽاڪرين هنڌ تي ڦٽو ڪري ٿو. ايترو مٿان ڪرڻ تي سپ کليو پوي ۽ ان مان نڪتل ڪينئين کي هي لامارو ڏيئي کڻي وٺندو آهي.
    سِيگل پکي بهار جي موسم ۾ هڪ ٻئي سان ملي پنهنجو تعداد وڌائين. ان لاءِ هو ڪو ويران سامونڊي ڪنارو يا ٻيٽ ڳولهي، جتي سڀ اچي گڏ ٿين. منجھن هڪ ٻئي جي حفاظت جو ڏاڍو اونو ٿئي. ان ڪري اڪيلو رهڻ بدران هميشه ڪالوني ٺاهي رهن. هر هڪ پنهنجي حد ۽ حصي ۾ آيل زمين ڀور کان چڱيءَ طرح واقف هوندو آهي. ان تي روز جھيڙا به ٿيندا آهن ۽ سندن دانهون ڪوڪون ٻڌڻ وٽان هونديون آهن. اهو جهيڙو زمين تان ته ضرور ٿئي ٿو پر زن تان يعني زال تان هرگز نه. هيترن هزارين پکين ۾ هر هڪ جو جوڙيوال ـــ نر يا مادي مقرر هوندو آهي. ۽ هر سال اهي ان چونڊيل جاءِ تي پهچي پنهنجي گذريل سال جي ساٿيءَ کي ڳولي لهندو آهي. ڪنهن جو ساٿي مري ويندو آهي ته اهو پکي تيسين انتظار ڪندو آهي جيسين پراڻا هڪ ٻئي سان ملي وڃن. پوءِ بچيل پاڻ ۾ جوڙا جوڙا ٺاهين. ساڳي طرح نوان بالغ ٿيل پڻ هڪ ٻئي جي چونڊ ڪري گڏ گڏ رهن. وڻ تي آکيرو يا پهڻن جي وچ ۾ گهر ٺاهي آنا لاهڻ بدران ماديون ڪناري تي ئي کڏ کوٽي بيضا ان ۾ وجھن.
    عام ماڻهن توڙي سائنسدانن کي زماني کان هن پکيءَ جي ان ڳالهه ڏاڍو تعجب ۾ وڌو آهي ته هر سال هي پکي پنهنجي ڀيچي (ساٿيءَ) کي ڪيئن ٿو ڳولهي لهي. هڪ شڪ البت هي اٿن ته سي گل جي اکين جي چوڌاري ٺهيل رنگين ڇلو سڃاڻپ جي نشاني ٿي سگهي ٿو. جنهن کي تجربي طور جڏهن هٿ سان ٻيو رنگ ڏنو ويو ته ڪيترن ئي سالن جي شادي شده جوڙن ۾ جدايون اچي ويون.
    سيگلن جي ميلاپ ۾ مادي اڳرائي ڪري ٿي. هوءَ نر پکيءَ جي اڳيان پويان ”غون غون“ جو راڳ آلاپيندي رهي ٿي. رکي رکي نر پکيءَ جي چهنب هيٺان ٺونگا هڻندي. فلمي هيرو وانگر پهرين پهرين نر کيس ڌڪاريندو آهي پر پوءِ نيٺ پنهجو پاڻ هن مٿان کڻي ڇڏيندو آهي. ٽن هفتن بعد مادي ٽي کن آنا لاهيندي آهي. مهيني بعد انهن آنن مان ٻچا نڪرن. اهو مهينو ۽ جيسين ٻچا وڏيرا ٿين، تيسين، کين ڪيترن ئي واٽهڙن جو ڊپ هوندو آهي. جهڙوڪ: ڪانگن، سرڻن، لومڙن، ڄاهن، نانگن ـــ ويندي ڪڏهن ڪڏهن سندن ذات سي گل پکين جو ـــ جيڪي بيضن ۽ ننڍن ٻچن جا جاني دشمن هوندا آهن. پر تنهن هوندي به ٽيهه سيڪڙو پکي بچيو وڃن ۽ اهي پوءِ جلد ئي بالغ ٿيڻ تي کين ڪو به هٿ لاهي نه سگهندو آهي. هي پکي وڏي عمر تائين جيئرو رهي ٿو.
    سڄي دنيا ۾ هن پکيءَ جي شڪار تي بندش پيل آهي. ان ڪري ڪو به ماڻهو هن پکيءَ کي هٿ نٿو لاهي. ڪناري ڏي ايندڙ جهاز اڃان سوين ميل پري هوندا آهن ته هي پکي ڪناري کان اڏامي انهن جي آڌر ڀاءَ ۽ کاڌو حاصل ڪرڻ لاءِ پهچيو وڃن. هن پکيءَ کي ڏسي ڀٽڪيل مسافر کي آٿت ٿئي ٿي ته ڪنارو ويجھو آهي ۽ اهو ڪهڙي پاسي آهي.
    هي پکي گند ڪچرو ۽ جيت جڙا کائڻ ڪري اسانجو سڄو سامونڊي ڪناري وارو علائقو صاف سٿرو ڪريو ڇڏين. ڪناري جي ڀر واري علائقي ۾ وري سندن لٿل وٺيون ڀاڻ جو ڪم ڏين ٿيون ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ سامونڊي ڪناري ڀرسان سٺا پارڪ آهن. باقي جي سمنڊ جي ڀر ۾ ڪو هوائي اڏو آهي ـــ جيئن سنگاپور، هانگ ڪانگ، بمبئي جهڙن هنڌن تي آهي ـــ ته پوءِ هي پکي اتي لاءِ نقصان ڪار ثابت ٿين ٿا. هو هوائي جهازن جي جيٽ انجڻ ۾ اچي يا ڪاڪ ــ پٽ جي شيشن سان ٽڪرائجي جهاز کي ڇيهو رسائين ٿا ۽ ڪيترن ئي حادثن جو سبب بڻيا آهن.


    عام مڇيون

    • مڇي پاڻيءَ جو جانور آهي هوءَ پاڻي ۾ ئي رهي سگهي ٿي. پاڻيءَ مان ٻاهر ڪڍڻ تي هوءَ ڦٿڪي ڦٿڪي نيٺ مري وڃي ٿي.
    • ڪجهه مڇيون فقط مٺي پاڻيءَ ۾ رهي سگهن ٿيون يعني دريائن، ڍنڍن ڍورن ۾ ۽ ڪجهه مڇيون فقط کاري پاڻيءَ ۾ ـــ يعني سمنڊ ۾. ڪي مڇيون وري ٻنهي نمونن جي پاڻيءَ ۾ جيئريون رهي سگهن ٿيون. نه ته عام طرح مٺي پاڻيءَ جي مڇيءَ کي کاري پاڻيءَ ۾ يا کاري واريءَ کي مٺي ۾ وجھبو ته هوءَ گهڻو ڪري مري ويندي.
    • جيئن ته مڇيءَ کي هر وقت پاڻيءَ ۾ رهڻو پوي ٿو ان ڪري هن جي جسم جي بناوت قدرت اهڙي نموني جي ٺاهي آهي جو هوءَ پاڻيءَ اندر تري ۽ ساهه کڻي سگهي ٿي.
    • مڇيءَ جو جسم ڊگهو ٿئي ٿو. سندس منڍيءَ وارو حصو ڪنڊائتو، وچ سڌو ۽ چپترو ۽ پڇ (پوڇڙي) گهڻو ڪري وچ مان چيريل ٿئي ٿو. مڇي پڇ کي ٻيڙيءَ جي سکان (Rudder) وانگر هيڏانهن هوڏانهن موڙڻ سان پاڻ کي ساڄي کاٻي مٿي هيٺ يا پويان ورائي سگهي ٿي. مڇيءَ کي ڳچي نه ٿئي. مختلف مڇين کي مختلف تعداد ۾ کنڀڙيون (Fins) ٿين جن کان هوءَ چپن (Oars) جو ڪم وٺي ڪمال ڦڙتي ۽ رفتار سان اڳيان پويان تري سگهي ٿي. ڍنڍن نالن جو پاڻي اوچتو سڪي وڃڻ تي مڇي انهن کنڀڙاٽين ذريعي گپ يا سڪيءَ ۾ ٿورو هلي به سگهي ٿي.
    • مڇي پاڻيءَ جي مٿاهين تهه تي توڙي هيٺ اونهو، ڪافي رفتار سان تري سگهي ٿي. سالمن مڇي ته ضرورت وقت پنجويهه ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي حساب سان ڀڄي سگهي ٿي.
    • مڇيءَ جي اک (ماڻڪي) ٻين ڪرنگھي وارن جانورن جي ڀيٽ ۾ وڏي ٿئي ٿي، جيئن پاڻيءَ اندر وڌ ۾ وڌ روشني اک جي اندر داخل ٿي سگهي. مڇيءَ جون اکيون ٿوريون ٻاهر نڪتل ٿين ٿيون. اکين جي ڍڪڻ لاءِ مڇيءَ کي اسان وانگر ڇپر نه ٿين ان ڪري ننڊ ۾ به سندس اکيون کليل نظر اچن ٿيون. البت بچاءَ ڪارڻ قدرت ان کي اک مٿان سنهو ۽ مضبوط وکو بخشيو آهي جيڪو نهايت صاف ۽ شفاف ٿئي ٿو.
    • گهڻين مڇين کي هڪ اک مٿي جي هڪ پاسي ٿئي ٿي ته ٻي ٻئي پاسي. پر ڪن ڪن مڇين کي جيڪي پاسيريون ٿي ترن ٿيون، ٻئي اکيون مٿي جي مٿين حصي ۾ ٿين.
    • اهي مڇيون جيڪي اونهي سمنڊ جي تري ۾ رهن ۽ ترن ٿيون ـــ جتي ڏينهن رات گهگهه اونداهه آهي، اهي انڌيون ٿين. سنڌو نديءَ جي ميري پاڻيءَ ۾ به جيڪا ٻلهڻ (Dolphin) مڇي رهي ٿي ان لاءِ به چيو وڃي ٿو ته انڌي آهي جيتوڻيڪ سندس ٻيون ڀينرون جيڪي دنيا جي شفاف سمنڊن ۽ تلائن ۾ رهن ٿيون انهن جو نور ۽ نظر بلڪل چٽو آهي.
    • اکين اڳيان مڇيءَ کي جيڪي ٻه ننڍڙا سوراخ آهن اهي سندس نڪ جون ناسون آهن. انسان جي نڪ وانگر مڇيءَ جو نڪ وات سان نٿو ملي ۽ نه مڇي انهن ناسن ذريعي ساهه کڻي سگهي ٿي.
    • مڇيءَ جو نڪ فقط سونگهڻ جي ڪم ۾ اچي ٿو جنهن حواس جي هن کي تمام گهڻي ضرورت آهي. مڇي گهڻو ڪري ڪا به شيءِ ڇهڻ، چکڻ يا ڏسڻ بدران سونگهي کائي ٿي.
    • ڪن مڇين کي اسان وانگر ڏند ٿين پر اهي پٺيان مڙيل ٿين. ڪن مڇين کي ڏند بنهه نه ٿين. ڏندن جي جاءِ تي سخت هڏيءَ جهڙيون مهاڙون هيٺينءَ ۽ مٿينءَ ڄاڙيءَ ۾ ٿين.
    • مڇيءَ کي ٻين جانورن جهڙي کل يا وار نه ٿين پر سڄو جسم ڇلرن سان ڀريل ٿئي ٿو جيڪي سنها، سخت ۽ ڪجهه لچڪڻا ٿين. منهن کان وٺي پڇ تائين، مڇين کي هڪ قطار خاص ڇلرن جي پڻ ٿئي جنهن ذريعي هو پاڻيءَ جو دٻاءُ محسوس ڪري سگهن ٿيون.
    • ڪن وڏين مڇين کي بچاءَ لاءِ هٿيار به ٿين جن سان هو پنهنجو بچاءُ ڪري سگهن يا حملو ڪن ٿيون. تلوار مڇي Sword Fish ان جو هڪ مثال آهي جنهن جو وات اڳيان سنهو ۽ ڊگهو خنجر وانگر ٺهيل آهي. جنهن سان هوءَ دشمن کي ڀڄائي ۽ ڪمزور کي شڪار لاءِ ڪيرائي سگهي ٿي.
    • ڪن پکين ۽ جانورن وانگر مڇين جا رنگ به قدرت اهڙا نرالا رکيا آهن جو اهي سولائيءَ سان پاڻ کي دشمن کان لڪل رکي سگهن ٿيون.
    • مڇيون ٻن درجن ۾ ورهائي سگهجن ٿيون: هڪ ڪنڊن واريون جيئن ته سونهري Gold Fish، کڳو، ڪرڙو، ماڪرل Mackeral، ڪاڊ Cod مڇي، ڄرڪو، پلو وغيره جيڪي مٺي پاڻيءَ جون به آهن ته کاري جون به. شارڪ مڇي، ڪتو مڇي Dog Fish ۽ Sting Ray مڇيون ڪارٽيليجينس مڇيون Cartilaginous Fishes سڏائين ٿيون. اهي فقط کاري پاڻيءَ (سمنڊ) جون مڇيون آهن.
    • مڇين جو ڳاڻيٽو ٿڌي رت وارن Cold – Blooded جانورن ۾ ٿئي ٿو. هنن جي جسم جو ٽيمپريچر اوس پاس جي پاڻيءَ جيترو گهٽ ٿئي ٿو.
    • مڇيون گهڻن ئي قسمن جو کاڌو کائين ٿيون. ڪي مڇيون پاڻيءَ ۾ ترندڙ سنهو گاهه کائين ته ڪي وري مٺي يا کاري پاڻيءَ ۾ ٿيندڙ پن ٻوٽا کائين ـــ اهي مڇيون هربيورس Herbivorous سڏجن ٿيون. ٻيون مڇيون جيت، پسو ۽ ننڍڙيون مڇيون کائين. اهي ڪارنيورس Carnivorous سڏجن. ڪي مڇيون وري ٻنهي قسمن جي خوراڪ کائين.
    • مڇي پاڻيءَ ۾ رهڻ ڪري اسان وانگر نڪ مان ساهه ڪانه کڻي. مڇيءَ جي ساهه کڻڻ جي عضون کي ڪليون Gills سڏجي ٿو. اهي هوا ۾ موجود آڪسيجن بدران پاڻيءَ سان مليل آڪسيجن چُهن ٿيون. ساهه کڻڻ مهل مڇي سڄو وات پاڻيءَ سان ڀريندي آهي. جتان اهو پاڻي پيٽ ۾ وڃڻ بدران سنهڙن سوراخن ذريعي مڇيءَ جي ڪلين ڏي روانو ٿيندو آهي. جتي مڇيءَ جي رت جون ڳوٿريون ان پاڻيءَ مان آڪسيجن چوسي ڪڍن ٿيون. آڪسيجن نڪرڻ بعد اهو پاڻي ڊگهين نلين ذريعي اکين هيٺان ٺهيل سوراخن مان ٻاهر خارج ٿيو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو مڇي فقط صاف پاڻيءَ ۾ رهي سگهي ٿي جنهن ۾ آڪسيجن موجود هجي. گندي پاڻيءَ ۾ هڪدم مريو وڃي. مڇيون پاليندڙ هر وقت دٻن جو پاڻي بدلائيندا رهن ٿا يا نڙانڍيءَ ذريعي پاڻيءَ اندر تازي هوا موڪلڻ جو بندوبست ڪن ٿا.
    • اوٻاريل پاڻيءَ ۾ مڇي جيئري رهي نٿي سگهي جو اوٻارڻ سان پاڻيءَ مان آڪسيجن نڪريو وڃي.
    • هڪڙين مان ٻيون مڇيون آنن ذريعي ٿين ٿيون. مڇيون پنهنجا آنا سمنڊ ۾ ئي لاهين جيڪي ڪجهه عرصي بعد پاڻهي ڦٽن. ڪي ڪي مڇيون پنهنجا آنا سمنڊ جي ڪناري تي تري ۾ آکيرا ٺاهي ان ۾ لاهين ۽ ٻچا ڦٽڻ تائين انهن جي باقاعدي سار سنڀال لهن.
    • ڪي ڪي ٽراپيڪل مڇيون ـــ جهڙوڪ عربي سمنڊ، هندي سمنڊ ۽ ڪرنا ڦلي، گنگا، اراودي ۽ سنڌو ندي وغيره جون آنن بدران ٻچا ڏين. هو ٻاهر آنا لاهڻ بدران پنهنجي پيٽ ۾ ئي رکن جيڪي پوءِ ٻاهر نڪري ٻچا ٿين.
    • مڇيءَ جي ننڍن ٻچن لاءِ قدرت ڪو خاص بچاءُ نه رکيو آهي. ايندڙ ويندڙ وڏي مڇي انهن کي هڙپ ڪري پنهنجو پيٽ قوت ڪندي رهي ٿي. قدرت ان جي بدلي شايد اهو نظام رکيو آهي ته هر هڪ مڇي ايترا ته لکين آنا ڏئي ٿو جو سمنڊ مڇيءَ کان خالي ئي نٿا ٿين. پلي جي آني دراصل ان جا لکين ننڍڙا ننڍڙا آنا (بيضا) آهن جيڪي هڪ ٻئي سان مليل صورت ۾ نظر اچن ٿا. ڪي ڪي سامونڊي مڇيون هڪ ئي وقت ٻه ٻه ڪروڙ به آنا ڏين ٿيون.
    • مڇين مان ڪيترائي فائدا آهن. مڇي کاڌ خوراڪ پهچائڻ لاءِ تمام اهم ساهه واري آهي. سندس گوشت ۾ ڪيتريون ئي طاقتون Proteins موجود آهن جيڪي اسانجو معدو جلد هضم ڪري سگهي ٿو.
    • مڇيءَ جي جيري مان ڪارائتو تيل ملي ٿو جنهن ۾ وٽامن اي ۽ ڊي گهڻي مقدار ۾ ٿئي ٿي. ان ڪري ڊاڪٽر انهن وٽامن جي کوٽ جي پورائي لاءِ پنهنجن مريضن ـــ خاص ڪري ٻارن کي مڇيءَ جي جيري جو تيل استعمال ڪرڻ لاءِ چوندا آهن.
    • آڪسيجن جي کوٽ يا پاڻيءَ جي گندي ٿيڻ ڪري ڪناري وٽ جيڪي مئل مڇيون نظر اچن ٿيون اهي انسان توڙي جانورن کي کائڻ نه کپن. البت اهي مڇيون ڀاڻ طور زمين کي ڏئي سگهجن ٿيون.
    • نادين، تالابن، کوهن ۽ ندين ۾ موجود ڪن ڪچرو مڇيون کايو وڃن ۽ پاڻي صاف ڪن ٿيون. ان کان علاوه پاڻيءَ ۾ موجود مليريائي مڇرن جا آنا پڻ کايو وڃن. انهن فائدن کان علاوه مڇين جا ڪيترائي ڪارج آهن.


    دنيا جون مڇيون

    دنيا ۾ ڪرنگھي وارين (Vertebrate) مڇين جا چاليهه هزارن کان به مٿي قسم (جنسون) آهن. دنيا ۾ جيڪي به جانور، پکي ۽ نانگ بلائن جا قسم آهن اهي مڙيئي هڪ هنڌ گڏ ڪجن ته به مڇين جي مڙني نمونن جيترا نه ٿيندا. اڄ ڏينهن تائين ڪيترين مڇين جي بائلاجي ۽ عادتن جي صحيح طرح ڄاڻ نه پئجي سگهي آهي.
    مڇين کي عام طرح هنن ٽولن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:
    1. پراڻي زماني جون ڄاڙين بنا مڇيون Subphylum Agnatha
    2. ڪرنگھي واريون ڄاڙيون سان Subphylum Gnathostomata
    3. تمام جھوني زماني جون مڇيون جيڪي اڍائي سؤ ملين سال اڳ ختم ٿي چڪيون Class Osteichthyes
    4. دماغي تند Cartilaginous واريون مڇيون Class Chondrichthyes.
    5. ڪنڊن واريون مڇيون Class Osteichthyes
    ڪرنگھي وارين مڇين ۾ ٻيون ائمفيبين (Amphibians) مڇيون آهن، ڪي نانگ بلائن جهڙيون، ڪجهه پکين ۽ ٿڻائتن جانورن جهڙيون.
    مٺي پاڻيءَ جون سڀ مڇيون ڪنڊن واريون ٿين.


    مڇيءَ جي بائلاجي

    • هونءَ اسان لاءِ مڇي معنيٰ پاڻيءَ ۾ هلندڙ ڊگهي شيءِ جنهن کي منهن ۽ پُڇ آهي جسم تي ڇلر ۽ اندر گوشت سان گڏ ڪنڊا آهن. جنهن جي آئيڊيل شڪل پلو، ڏنڀرو، ڄرڪو، ڪرڙو ٿيئري، پامفريٽ، ڏاهي، پوپري، هيرنگ، ڪارپ، رابسورا، مئريڪ، بارب، سارڊين ۽ توني وغيره آهي. اهي مڇيون اسان روز مرهه جي زندگيءَ ۾ مڇي مارڪيٽن ۽ هوٽلن ۾ ڏسون ٿا.
    • ڪي مڇيون وهندڙ پاڻيءَ ۾ رهن ٿيون ته ڪي بيٺل ۾. ڪي ننڍن ٽولن ۾ هلن ته ڪي وڏن ڌڻن ۾. ۽ سندن جسم جي بناوٽ به ان حساب سان آهي. کلئي سمنڊ ۾ رهندڙ مڇيءَ ۽ سامونڊي گاهه واري علائقي ۾ رهندڙ مڇيءَ جي جسم ۾ فرق ٿئي ٿو. اهڙي طرح گپ يا تري جي واريءَ ۾ رهندڙ مڇين ۽ سمنڊ جي ڪناري تي پٿرن جي سيرن ۽ چُرن ۾ رهندڙ مڇين جي بدني بناوٽ ۾ فرق ٿئي ٿو.
    • اهي مڇيون جيڪي سمنڊ جي تري ۾ هر وقت ويٺيون ئي رهن ٿيون انهن جو هيٺيون حصو ويٺل ۽ چپترو ٿئي ۽ هر وقت ترندڙ مڇيون پاسن کان چيڀاٽيل ٿين ٿيون ۽ اهي هيٺان مٿان ڪپ وانگر ٿين. سوراخن ۽ پٿرن جي سيرن ۾ رهندڙ مڇيون نانگ يا ڪينئين جهڙيون سنهيون ٿين ٿيون جيئن اهي سنهن سيرن ۽ سوراخن مان لنگهي سگهن. اونهي سمنڊن ۾ هيٺ رهندڙ مڇيون شڪل ۾ هيبت ناڪ ۽ ڊيڄاريندڙ ٿين ٿيون. سندن اکيون وڏيون ۽ نڪتل، ڏند ڊگها ۽ ڦڏا سڏا ۽ جسم بي ڊولو ٿئين.
    • شڪل سان گڏ مختلف مڇين جون کنڀڙيون (Fins) مختلف نمونن ۽ نمبرن جون ٿين. اهڙي طرح ٻاهرين کل جو رنگ ۽ ڊيزائين پڻ جدا جدا ٿئي. مڇيءَ جا ڇلر سندس جسم جي حفاطت لاءِ آهن. ڇلر هڏن جا چٿر ٿين ۽ هڪ ٻئي مٿان ائين چڙهيل ٿين ٿا جيئن پاسيري ڇت تي هڪ ٻئي مٿان سرون رکيل هونديون آهن.
    • ڇلرن جا ٻه بنيادي قسم آهن: (الف) گول Cycloid ۽ (ب) ڦڻيءَ جهڙا Ctenoid.
    ڇلر مڇيءَ جي سڄي جسم کي ڍڪين ٿا. ڪن مڇين کي، ڪن هنڌن تي اهي گهٽ به ٿين. (مثال طور ڪئٽ فش Cat Fish کي. جنهن جي خاندان جو پاڻ وارو کڳو آهي). ڪن مڇين کي ته بنهه ايترا گهٽ ۽ ننڍا ٿين جو عام طرح نظر نٿا اچن. جيئن ته عيل ــ مڇي EEL Fish جنهن جي خاندان جي پاڻ وٽ گوج آهي. ڪن مڇين کي وري عام ڇلرن بدران وڏا يا ننڍا ڪنڊن جهڙا هڏا ٿين جيڪي مڇيءَ جي ڪجهه حصي يا سڄي حصي کي ڍڪين. جيئن باڪس مڇي يا Armored Cat Fish. سيڙهه مڇي (Porcupine Fish) کي اهي ڪنڊا سيڙهه وانگر اڀا ۽ جسم کان ٻاهر نڪتل ٿين.
    • مڇين جا مختلف رنگ ۽ بيهڪون کين بچاءَ ۽ لڪڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. جيئن طوطي جو رنگ سائو هئڻ ڪري وڻ جي ساون پنن ۾ لڪي وڃي ٿو. يا ڀوري رنگ جو نانگ ڀوري ڌرتيءَ تي پري کان ڏسڻ ۾ نٿو اچي. ڪن مڇين جا رنگ سندن عمر سان گڏ بدلبا ويندا آهن. ڪن جو رنگ پيٽ ٿيڻ سان بدلجيو وڃي. ڪي مڇيون سانڍي وانگر رنگ بدلائي ڏک، خوشي يا چڙ جو سگنل ڏين ٿيون.
    • کاري (سمنڊ جي) ۽ مٺي (درياهه جي) پاڻيءَ جون مڇيون ڌار ڌار ٿين. مڇين جا ڪي چند قسم آهن جي ٻنهي پاڻين ۾ رهي سگهن. ڪي مڇيون ڪن سببن کان ڪجهه مدي لاءِ هڪ پاڻيءَ کان ٻئي ۾ وڃي رهنديون آهن. اهي سبب ڪيترائي ٿي سگهن ٿا. جهڙوڪ جسماني تبديلي، جواني اچڻ، پيٽ سان ٿيڻ، آنا ڏيڻ يا ڪنهن بيماريءَ جي علاج ڪارڻ. جيئن جانور بيمارين ۾جدا نموني جو گاهه ۽ ٻوٽا کائين. گوج EEL مڇي ڄمڻ وقت ۽ بالغ ٿيڻ مهل سمنڊ تي رهي ٿي. باقي عرصو مٺي پاڻي، شاخ، گٽر يا ڪارخانن مان خارج ٿيندڙ پاڻيءَ جي ڇوڙ ۾. اهڙي طرح هر سال آنا لاهڻ لاءِ سالمن مڇيون سمنڊ جا سوين ميل لتاڙي مختلف ندين ۾ اچن ٿيون ۽ پوءِ ٻچا ڏيڻ بعد واپس هليون وڃن. انهن مڇين مان ڪجهه جيڪي مرڻ جي ويجھو هونديون آهن اتي ئي ترسيو پون. هو کاڌو کائڻ ڇڏيو ڏين ۽ ڪجهه ڏينهن اندر ڪمزور ٿي مريو وڃن.
    • ان لڏ پلاڻ جو اسان لاءِ وڏو مثال پلو ـــ مڇي آهي جنهن کي سيلاني مڇي پڻ سڏيو وڃي ٿو. پلو دراصل سامونڊي مڇي آهي جيڪا سڄو سال سمنڊ ۾ رهي ٿي پر بيضا ڏيڻ لاءِ هميشه سنڌو نديءَ جو رخ رکي ٿي. سالمن مڇي سمنڊ ۾ وهڪري سامهون يا درياهه منجهه اوڀاري چاليهه ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي سگهي ٿي. اهڙي لڏ پلاڻ ڪندڙ مڇيون پنهنجي زندگيءَ ۾ تمام وڏا سفر ڪن ٿيون.
    • مڇيءَ جي چرپر يا هلڻ چلڻ ائين ئي ناهي. پر جسم جي جدا جدا عضون کان ملندڙ مختلف اشارن ۽ سگنلن موجب آهي. جيئن ته پيار محبت ۽ لڳ ڪرڻ کان وٺي آنا لاهڻ ۽ ٻچن جي سنڀال ڪرڻ جا اشارا يا وري موسمن جي ڦير گير سمنڊ مان ملندڙ کاڌي ۽ هارمون مطابق مڇيءَ ۾ چرپر اچي ٿي.


    سمنڊ مان ڇا حاصل ڪري سگهو ٿا

    هزارين سالن کان انسان سمنڊ مان کاڌي خوراڪ جون شيون: مڇي، پلو، گانگٽ سپون وغيره ڦسائي رهيو آهي ۽ ڏينهون ڏينهن دنيا جي آدمشماري جيئن وڌي رهي آهي تيئن انسان سامونڊي شين جي وڌيڪَ ڳولا ۾ لڳي ويو آهي ۽ اڄ دنيا جي لکين ماڻهن جو ڌنڌو سمنڊ سان وابسته آهي ۽ لکين ڪروڙين ماڻهن جو کاڌو مڇي آهي. خاص ڪري جپاني، چيني، بنگالي، ملئي، ٿائي ۽ روسي ماڻهن جو ـــ جيڪي ماڻهو دنيا جي آدمشماريءَ جو وڏو اڌ آهن. باقي دنيا جا ماڻهو به ـــ خاص ڪري آمريڪا، يورپ، ڪئناڊا وغيره جا جيتوڻيڪ پاڻ مڇين کان وڌيڪَ ڳائو ٻاڪرو گوشت کائين ٿا پر هو پنهنجن وهٽن ۽ ڪڪڙين بدڪن کي مڇيءَ جو ڏارو تمام گهڻو کارائين ٿا.
    ۽ جهڙي طرح زمين تي ٻني ٻاري جو جيت جڙي کان بچاءُ ڪرڻ سان فصل وڌيڪَ حاصل ڪري سگهجي ٿو اهڙي طرح سمنڊ تي پڻ مڇين جو خيال رکڻ ۽ کين سندن دشمنن کان بچائڻ سان سندن ويجهه ۽ نسل ۾ واڌارو ڪري سگهجي ٿو. کيکڙا، اسٽار مڇيون ۽ ڪجهه قسمن جا گينگا (Boring Snails) وغيره. جيڪي هڪ ته پاڻ ڪا خاص اهميت نٿا رکن ٻيو هر سال لکين مڇيون کايو چٽ ڪريو ڇڏين. جيڪڏهن ڪناري واري سمنڊ کي ٻنيءَ وانگر ورهائي باقي سمنڊ ٻنوڙي ذريعي الڳ ڪري رکجي ۽ منجھائس مٿين قسم جون نقصانڪار سامونڊي شيون ڪڍي ڇڏجن ته مڇين ۾ ايڏي ويجهه ۽ ويم آهي جو عام حالت کان ڪيترائي دفعا وڌيڪَ مڇي حاصل ٿي سگهي ٿي. مثال طور عام حالت ۾ سڄي سال ۾ هڪ ايڪڙ ۾ هڪ سؤ کان ٻه سؤ سيرن تائين مڇي ڦاسي ٿي پر مڇين جا فارم ٺاهڻ سان هڪ ايڪڙ سمنڊ مان هڪ سال ۾ سٺ هزار کان ٻه لک مڻن تائين مڇي حاصل ڪري سگهجي ٿي. ۽ اهڙا تجربا گذريل ڏهن سالن کان جپان ۾ ته ٿي رهيا آهن جنهن ملڪ جو سڄو بارڊر سامونڊي ڪنارو آهي ۽ ايامن کان سندن گهڻو گذر سفر مڇيءَ تي هلندو اچي.
    ايل (EEL) ـــ يعني گوج مڇيون ڊگهيون ۽ نانگن وانگر سنهيون ٿين جن جو گوشت چڱو لذيذ آهي. جپان ۾ انهن مڇين جا هزار کن مختلف فارم آهن جن ۾ هنن جي واڌ جو خيال رکيو وڃي ٿو. انهن مڙني فارمن مان هر سال ويهه ملين سير گوج مڇي حاصل ٿئي ٿي. يعني پنج لک مڻ کن. اهڙي طرح ايتري ئي مقدار ۾ اوسٽر Oyesters ٿين ٿا. ساڳي طرح ٻنوڙو ڏيڻ سان گانگٽن جو هڪڙو فارم کلئي سمنڊ کان پنج هزار دفعا وڌيڪَ گانگٽ پيدا ڪري ٿو.
    جينيٽڪس ـــ نسلن جي سائنس ــــ ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهي آهي ۽ سڄي دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾مڇين جا بهتر نسل ۽ قسم پيدا ڪرڻ لاءِ تجربا ٿي رهيا آهن ـــ ان کان علاوه اونهي سمنڊ ۾ تمام گهڻي مڇي آهي. خاص ڪري ڪئي جي پڇ جهڙي (Rai – Tail) مڇي، اها کائڻ ۾ به چڱي لذيذ آهي. پر شڪل جي ايڏي ڪوجھي ۽ ڪراهت واري ٿئي ٿي جو ڏسڻ کانپوءِ کائڻ تي دل هرگز نٿي چوي. پر ان جو گوشت ڌار ڪري وڪيو وڃي ته ڏڪار ۾ ماڻهو گذر ڪري سگهي ٿو يا ان ۾ ايتري ته ايف ـــ پي ـــ سي Fish Protein Concentrate آهي (ستر اسي سيڪڙو کن) جو اهڙيءَ مڇيءَ جو ٻورو (پائوڊر) ڪري کير ٺاهي طاقت خاطر پي سگهجي ٿو يا ان پائوڊر کي اٽي سان ڳوهي ماني پچائي سگهجي ٿي.
    اهڙي طرح سمنڊ تي ترندڙ سنهو گاهه پلينڪٽن جيڪو دوربين سان ئي ڏسي سگهجي ٿو. ان مان پڻ انسان فائدو وٺي سگهي ٿو. اهي پلينڪٽن ـــ سامونڊي ترندڙ چراگاهه اهڙا ته طاقتور آهن جو انهن کي کائڻ سان ”بلو وهيل“ مڇي ڏينهن ۾ پورو هڪ مڻ تور ۾ وڌي ٿي ۽ ٻن سالن اندر هن جي ڊيگهه پنجهٺ فٽ ٿيو وڃي. ٿي سگهي ٿو اڳتي هلي ڇاڻڻ جا بهتر ۽ سستا طريقا ايجاد ٿين جنهن ذريعي سمنڊ جو پاڻي ڇاڻي منجھائس پلينڪٽن حاصل ڪري وٺجي جيڪو عام حالتن ۾ تمام گهڻو سنهو آهي ۽ پاڻيءَ سان گڏ ڇڻيو/وهيو وڃي. هونءَ تجربي خاطر ڏيڍ لک مڻ پاڻي جڏهن ململ جهڙي سنهي ڪپڙي ذريعي ڇاڻيو وڃي ٿو ته ان مان فقط پنج سير پلينڪٽن حاصل ٿي سگهي ٿو. سو به اهڙي هنڌ جي پاڻيءَ مان جيڪو ان گاهه پلينڪٽن سان تمام گهڻو گھاٽو هجي. سو اهڙين حالتن ۾ في الحال پلينڪٽن ڪڪڙ يا ڳائي گوشت کان به مهانگو پوندو.
    سمنڊ اندر جيڪي کاڻيون آهن انهن جي کوٽائيءَ مان انسان ذات کي چڱو فائدو رسي سگهي ٿو. اڃان تائين معدنيات ۾ سمنڊ مان فقط لوڻ حاصل ڪريون ٿا. باقي ٻيا سڀ ڌاتو ائين جو تيئن پيا آهن. ڪيترائي ملين بلين ٽن مختلف ڌاتو ته رڳو پاڻيءَ سان مليل آهن: ڪلورين، سوڊيم، مئگنيشيم، سلفر، ريڊيم، آئيوڊين، ٽامو، شيهو، جست، ٽين، گندرف، شورو، سون وغيره ـــ چند ڌاتن جا نالا آهن جيڪي سمنڊ مان حاصل ٿي سگهن ٿا. سامونڊي جيت جڙا ۽ جانور انهن مان ڪي ڌاتو پنهنجي ضرورت لاءِ ڪڍندا رهن ٿا. جيئن سِنيل، اوسٽر ۽ ڪورال پنهنجا گهر ٺاهڻ لاءِ ڪئلشيم ڪڍي استعمال ڪن ٿا. خود سامونڊي گاهه جي ڦٽڻ لاءِ جنهن آئيوڊين جي ضرورت آهي سا پاڻيءَ مان ملي ٿي. پلينڪٽن جا ٻوٽا پڻ پاڻيءَ مان فاسفيٽ ۽ نائٽريٽ حاصل ڪن ٿا. انهن مان ڪي ڪمائتيون شيون اسان سيڪنڊ هئنڊ حاصل ڪريون ٿا ـــ يعني سَنئون سڌو سامونڊي پاڻيءَ يا کاڻين مان نه پر سامونڊي ٻوٽن ۽ سامونڊي جانورن مان. جيئن دنيا جي گهڻي ۾ گهڻي آئيوڊين سامونڊي گاهه کي ساڙي حاصل ڪئي وڃي ٿي يا وري آڳاٽي زماني جي سڪل سمنڊ واري حصي ۾ دفن ٿيل سامونڊي گاهه جا لاهه ڪڍي ان مان حاصل ڪري سگهجي ٿي. ٽيڪساز آمريڪا ۾ هڪ ڪمپني آهي جيڪا سامونڊي پاڻيءَ مان مئگنيشيم ڪڍي ٿي. اهو بيحد هلڪو ۽ ڪمائتو ڌاتو ٿئي. هڪ ڪعب ميل سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ڇهه ملين ٽن کن موجود ٿئي ٿو. اهو ڌاتو هوائي جهاز ۽ راڪيٽن جي ٺهڻ ۾ ڪتب اچي ٿو. ان کان علاوه مئگنيشم دوائن، ٽٿ پيسٽن ۽ ڇپائيءَ جي مس ۾ پڻ استعمال ٿئي ٿو. ساڳي ڪمپني سمنڊ جي پاڻيءَ مان برومين Bromine پڻ ڪڍي ٿي. جيڪا شيءِ پڻ دوائن ۾ ڪم اچي ٿي ۽ پيٽرول جي صفائيءَ لاءِ پڻ فائديمند آهي. بهرحال اهي شيون سمنڊ سان ايتريون ته مليل آهن جو الڳ ڪرڻ ۾ ڪافي محنت ۽ خرچ اچي ٿو. خاص ڪري سون جو ٻورو ته ايترو ڇڍي طرح پاڻيءَ سان مليل آهي جو جيترو خرچ پاڻيءَ مان سون ڪڍڻ تي اچي ٿو ان کان سستو ته حيدرآباد جي تلڪ چاڙهيءَ جي ”جويلري پئلس“ دڪان تي هالا جو حاجي اسماعيل ميمڻ ويٺو وڪڻي. ٿي سگهي ٿو اڳتي هلي سائنس اڃان به ترقي ڪري ۽ اهڙيون شيون ۽ طريقا ايجاد ٿي وڃن جن ذريعي سمنڊ مان اهي ڌاتو گهٽ خرچ ۽ گهٽ محنت سان حاصل ٿي سگهن.
    دراصل سمنڊ جي اونهن تهن ۾ انسان اڃان هاڻ گهڙڻ شروع ڪيو آهي جيئن خلا ۾ راڪيٽ ڪافي ترقي بعد وڃڻ شروع ٿيا تيئن سمنڊ جي ترن (Bathy Scaphes) ۽ اونهي پاڻيءَ ۾ هاڻ آب دوز جهازن (Sub-Marines) اڻ ڏٺل اڻ وائٺل علائقي جي کوجنا لاءِ وڃڻ شروع ڪيو آهي. ۽ اميد ته اسان مان ڪيترا ان وقت تائين جيئرا هوندا جيڪي انهن سامونڊي جهازن کي سلامتيءَ سان سمنڊ جي تري ۾ لهندي ۽ چڙهندي ٻڌندا. ائين جيئن اڄ ڪلهه جيٽ هوائي جهاز هڪ هوائي اڏي کان ٻي هوائي اڏي تائين اڏامندو رهي ٿو. ۽ انهن خاص داٻ وارن سامونڊي جهازن ۾ نظارو ڪندڙ مسافر سمنڊ جي تري ۽ کاهين (Abyss) ۾ وڃي عجيب قسم جون مڇيون، ڪراهت ڏياريندڙ حيوان ۽ ننڍا وڏا جيت جڙا پڻ ڏسي سگهندا.


    سارو سمونڊ سهيڙ

    دنيا جا ٽي حصا زمين آهي ته پنج حصا پاڻي ـــ يعني ڌرتيءَ جي گولي تي اڌ کان وڌيڪَ پاڻي آهي.
    جهڙي نموني سان زمين تي جبل ٽڪريون پکي پکڻ، جيت جانور ۽ گاهه ٻوٽا آهن اهڙي ئي طرح هڪ وسيع دنيا سمنڊ اندر پڻ موجود آهي – هڪ اهڙو سنهو ۽ ننڍڙو گاهه (جيڪو فقط مائڪرو اسڪوپ جي شيشي هيٺ ڏسي سگهجي) کان وٺي ٻيٽن جيڏيون وهيل ۽ شارڪ مڇيون سمنڊ اندر موجود آهن. سمنڊ اندر پڻ جبل ۽ ماٿريون آهن. ٻيو ته ٺهيو پر سمنڊ اندر پاڻيءَ جون نديون وهن ٿيون. ڪيترن ئي هنڌن تي سمنڊ جي مٿاڇري تي ڏسبو ته پاڻيءَ جون لهرون اوڀر کان اولهه پيون لڳن پر ٿوروهيٺ غوطو هڻبو ته تيز رفتاريءَ سان پاڻيءَ جا درياهه ابتي پاسي ـــ يعني اولهه کان اوڀر ڏي وهندي ملندا جن هنڌن تي ڪريل ماڻهو يا ٻيڙي بتيلو ان ۾ جيڪر لڙهي وڃي. ان کان علاوه سمنڊ اندر ڪُنَ ٿين جيڪي تارو ماڻهوءَ کي به گهوماٽيون ڏيو ڇڏين. ۽ سمنڊ ۾ گهڙندي وڏا وڏا جهازران اڄ به اهي ئي دعائون گهرن ٿا جن جي عڪاسي اڄ کان ٻه اڍائي سوءَ سال اڳ شاهه لطيفَ ان وقت جي غريباڻن غورابن لاءِ ڪئي:
    ”لڙ لهريون، لس، ليٽ، جتي انت نه آب جو،
    الله! ات ۾ اوليئن، ٻيڙا مٿي ٻيٽ،
    جوکو ٿئي مَ جهاز کي، ڦرهي اچي مَ ڦيٽ،
    لڳي ڪامَ لپيٽ، هن غاريبي غراب کي“
    انهن مڙني ڊپن ڊائن هوندي انسان انهن ڪُنن ۽ مانگر مڇن جا مقابلا ڪندو اچي ۽ ڪنهن به دؤر ۾ دنيا جي ڪنهن به ماڇي، مهاڻي، ناکئي، سونهين، جهازيءَ، وڻجاري همت نه هاري آهي. بقول تاجل بيوس جي:
    ”تنهن تڙ هلو ناکئا! جنهن تڙ مانگر مارُ
    ڪري ٿو جو ڪن ۾، گھاتوئڙن کي گارُ
    ساري هن سماج تي، برو آهي بارُ
    ڄاڻو! کڻي ڄار ـــ ڪاهي هلو ڪُنَ تي“
    سمنڊ جي سيسرن، مانگر مڇن، بتيلن غورابن ۽ ڪُنن گردابن کان وٺي جهازن ۽ جهازرانن جي مشڪلاتن ۽ سمنڊ تي پيش ايندڙ طوفانن، ڪناري تي رهجي ويل اداسي ۽ ويراني، وڻجارن جي واپار جي چنتا ۽ سندن وهين جي انتظار ۽ فڪر جي ڪيفيت جي اسانجي سنڌي شاعرن تمام اثرائتي نموني پنهنجن شعرن ۾ چٽسالي ڪئي آهي. سمنڊ ۽ سامونڊين بابت ايتري شاعري انگريزي، هندي، اڙدو، جپانيءَ ۾ به نه آهي. بنگاليءَ ۾ ڪافي آهي پر تڏهن به ايتري گهڻي Collection نه ملندي جيتري سنڌيءَ ۾ آهي. جنهن چٽي ۽ اثرائتي نموني سان سامونڊي زندگيءَ جي سنڌي شاعر بياني ڪئي آهي ان لاءِ سندن مشاهدي/مطالعي/سوچ کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. ”هو جي پهڻ پٻ جا“ ۾ مشتاق باگاڻيءَ پڻ اهڙي ڳالهه ڪئي آهي ته شاهه جي بيتن ۾ سامونڊي سفر تي اسهڻ ويل سڙهن جي سبجڻ، کوهن جي کڄڻ، اونهي ۾ اهرڻ ۽ سڻاوا وار جانچڻ ۽ ٻيڙا پار ۾ وجھي پڳهه ڇوڙڻ جون چٽيون پٽيون تصويرون آهن. سمونڊ جا ساندارا، سفر ۾ سامونڊي تڪليفون، عميق جا آڇاڙا، سامونڊي بلائن جا ذڪر، طوفانن ۽ اوچتي آفتن جا احوال ۽ پراڻن سڙهن جي سٽ نه سهڻ جون پچارون جام ڪيل آهن. هوڏانهن وري انهن وڻجارن جون وهون، ورن جي اوسيئڙي ۾ ڏيکاريل آهن. سندن سکائون ڏيڻ، دعائون گهرڻ، وڻ ٽڻ وائٽيون ٻڌڻ ۽ جر تڙ جاٽيون ڏيڻ جا منظر پڻ ٻڌايل آهن.
    شاهه لطيف کان علاوه سمنڊ بابت شيخ اياز، عنايت بلوچ، تاجل بيوس ۽ ٻين ڪيترن شاعرن اثرائتي شاعري ڪئي آهي. منهنجي مختلف جهازن جي ڪئبنن، آفيسن، جن جن ملڪن ۾ رهيو آهيان انهن جي هاسٽلن ۽ گهرن جي ڀتين کان وٺي ذاتي ڊائريون اهڙن شعرن سان سينگاريل رهيون آهن. انهن شعرن ۽ سٽن مان ڪجهه هتي ڏيڻ منهنجي خيال ۾ بي محل نه ٿيندو:
    • ”هلو هلو ڪُنَ تي، ڄار کڻي ڄاڻو
    ڪجي مگر مڇ کي، سائر ۾ ساڻو
    ٽريو جي ٽاڻو، بُرو ايندو بود ۾“.
    • سٻر رَڇُ سمونڊ تي، ککيءَ هاڻا کول
    • سا مهون رک سکان کي، جيڏا وڃ نه جھول.
    • گهر تڙ گھاتن گھوريا، ڪڙ تي ڪنگ رڙن.
    • جاري رک جھاج تي، ورهين تائين ويڙهه.
    • نه سي دؤر درياهه جا، نه سي سِڙهه سُکان.
    • ”آيل! ويا اوهري، ٻڌي ڪڪڙن دس
    ويٺي پوڄيان وچ تي، غورابن جا گس
    لنگهي لهرون لس، موٽي ايندا مون گهرين.“
    • ”وڏا ٻيڙا وڻج جا، ڪاهي ڪالهه ويام
    کاري کيڙائن جا، اچي پور پيام
    واڳون ٿي وريام، سنجھي سور پرين جا.“
    • اٿي جَرَ سان جھيڙ، سوگھو ٻڌي سندرو“.
    • سارو سمونڊ سهيڙ، موتين وانگر مٺ ۾.
    • ڀري ٻيڙا ٻاجهه جا
    امڙ! آڻيندا،
    اورانگھي اوڙاهه کي
    • وير چڙهي آ، ڳالهه ڳري آ،
    چاڙهه چڪڻ جي مند چري آ،
    ڪارا ڪارونڀار.
    • ساريو سامونڊين کي نيڻن چاڙهيا نار.
    • مک پراڻي مڪڙي ـــ ساڳيا سڙهه سباءِ،
    پرکي منهنجي پيار کي
    • رک پير اسانجي ٻيڙيءَ تي ـــ هن پار اڪاري هلڻو آ
    جنهن سير سکان کي لوڏيو هو ـــ تنهن سير سهاري هلڻو آ.
    • مان ٿو توسان پيار ڪريان، تون اڇلين مونتي ڄار.
    • لوچي لهبو، نيٺ ته چڙهبو چاڙهه چڪڻ مان پار
    ٻَل اسانجو ٻيڻو آ، ڀل موج ڪري مجھدار

    • ناوَ هلائي آئون نه ڄاڻان، ڪيئن پڄان هن پار
    واڳون ڦاڙي وات ورن ٿا، ساهه ڪڍن سيسار.
    تاجل بيوس (جڏهن ڀونءِ بڻي).

    • انگ اگھاڙا ٻارڙا، ڪنڌيءَ تي ڪنبن
    گھاتو گهر نه آئيا، وهون وايون ڪن
    ڏيل پيا ڏهڪن، مڙس پيا ڪنهن مامري.
    • الا متي مڇ جي ساري جَر تي جاڙ
    ڇرڪ ڀرن ٿيون ڇوليون، ڏسي پڇ پڇاڙ
    ماڻهو ڪهڙي ماڙ، پهچي واڳونءَ وات ۾.
    • هو جي مئا ماڳ ۾، سي ڪيئن وساريون!
    ساڳيا ٿيندا ڪينڪي، بندر بازاريون،
    جن ۾ گذاريون، گهڙيون تن سان گھاتو ئو!
    • ماريندي هن مڇ کي ڇا ڇا وس ڪيام!
    ڇنيون ڇيهون ٿي ويون، ڇڄي رڇ پيام،
    وڙهندي ورهيه ٿيام، اچي وار اڇا ٿيا.
    • سنجھا وير سمونڊ تي، رَتا رائن رنگ.
    • گهاتو! اچو گھير تي، وَهون وساري
    • منهنجو ساهه سمنڊ، لهر لهر ۾ تون،
    ڪڏهن نه ڀانئيو مون، پري توکي پاڻ کان.
    شيخ اياز (سر گھاتو)

    • سامونڊي سار، ماءُ! منهنجو جنڊڙو
    بَندر ويچاري، وڃي لاٿا ڏينهڙا.
    • سامونڊيڪو سَڱ، آهي گوندر گاڏئون
    انگن چاڙهي اڱ، ويو وڻجارو اوهري.
    • الوڙڻ نه ڏئي، ور وڌائين ونجهه کي
    راهه اڄوڪي راتڙي، لالن! مون لائي،
    وَڃُ مَ ڦوڙائي، ايڏي سفر، سپرين.
    • ٻيڙي جي ڀڻن نينهن نه ڪجي تن سين.
    • نه سي تڙ هوڙاڪ، نه وايون وڻجارن جون.
    • سيئي جوڀن ڏينهن جڏهن سڄڻ سفر هليا!
    • پڳهه پاسي گھار، آيل سامونڊين جي.
    • ڪري سامونڊي سيڻ، جسي جار پرائيو!
    • اڄ پڻ وايون ڪن وڻجارا وڃڻ جون.
    • سڙهه سڃاڻيو چوءِ، ماءِ! سامونڊي آئيا
    مانَ منهنجو هوءِ، جاني هن جهاز ۾!
    • کاري کيڙائو، مٿي مِٺي موٽيا،
    سودو ڪن نه سون جو وڏا وِهائو
    موتي جي مهراڻ جا، تن جا طاماعو.
    سامونڊي سائو، لنڪا لوڀي آئيا.
    • ساٿي سفر هليا، ڀري جَنگ جھاج
    • آڏو چڪڻ چاڙ، منهنجي موج نه سهي مڪڙي.
    ميڙي مَٺايُن جو، بيحد چاڙهيم بار
    چوڻ چارو ناهه ڪو، بديون بيشمار
    ڪَپَرُ ڪارونڀارُ، اڪارئين احسان سين.
    • تنهن واحد کي واههُ، جو سُتڙ سڀيئي ڪري.
    • وکر، وڻجارا! پاڻ پرائو چاڙهيو
    اچي لهريون لڳيون، ٻيڙيءَ ٻپار
    جاڳو جي يار! ته تڙ توائي نه ٿئي.
    • جهاز ضعيفن جو پاڻيءَ ۾ پرتوءِ.
    • ڪپر ٿو ڪُن ڪري جيئن ماٽيءَ منجهه مهي.
    • سونهان سڌيون ڏين هن ديواني درياهه جون.
    • جي ڇوهي ڇوڙيائون، سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين.
    • تران ٿي تار گهڻو، تنهنجي، بحر! بکي.
    • اٿي آسارا! وير وڙهنديءَ ويسرا!
    • توبهه جي تاثير سان ٽري ويا طوفان.
    • سامونڊي ٿو سنبهين، ساڄو جهل سُکاڻ.
    • ٻوڙين، چاڙهين تون ڌڻي! ٻئي جي دعويٰ رسي نه دم.
    شاهه لطيف (شاهه جو رسالو)


    سامونڊي جانيون

    اسان جي ملڪ جي جاگرافي اهڙي آهي جو تمام گهٽ ماڻهن جو سمنڊ سان واسطو آهي. سنڌو درياءَ ۾ هاڻ گهڻو پاڻي نه وهڻ ڪري ۽ جهازرانيءَ جي قابل نه هجڻ ڪري سمنڊ سان واسطو فقط ڪراچيءَ جي رهاڪن جو يا ٿورو گهڻو بلوچستان جي ڪناري وارن ماڻهن جو وڃي رهيو آهي. هونءَ جيتوڻيڪ عربي سمنڊ هيٺ ٺٽي، بدين تائين هليو وڃي ٿو پر دلدلي زمين ڪري ٺٽي، بدين يا ٿرپارڪار ضلعي جي ماڻهن جو هاڻ اهو لاڳاپو نه رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسانجي ماڻهن جو جهازسازي توڙي جهازرانيءَ سان ڪو ٿورو تعلق وڃي بچيو آهي ۽ سمنڊ جي اندرين دنيا سان پڻ - مڇين ۽ گانگٽن ڦاسائڻ تائين محدود آهي.
    پر جپان يا چين جي ڪناري وارن شهرن کي ٿو ڏسجي ته تعجب ٿو ٿئي ته ماڻهو ڪهڙي ڪهڙي قسم جون مڇيون، گانگٽ، کيکڙا، سپون ۽ سامونڊي گاهه کائيندا رهن ٿا. جيئن اسان وٽ ڪوٽڙي اسٽيشن تي رڌل ڪُهر ۽ تريل پڪوڙا ۽ سموسا عام طرح وڪامن ٿا تيئن هانگ ڪانگ جي ڪولون ريلوي اسٽيشن تي اوٻاريل آڪٽوپس مڇي ۽ رڌل کيکڙا وڪامندي نظر ايندا. ڪوبي (جپان) جي بندرگاهه وٽ گاڏي وارا رڌل سپون رکيو ويٺا هوندا. سنگاپور جي ڪلفرڊ پيئر ۽ تنجم پگار وٽ چيني ۽ ملئي گانگٽن ۽ مڇين جا ڪيترائي قسم ڪيلن جي پنن تي رکي پيا وڪڻندا. ڏکڻ ڪوريا جي سامونڊي ڪنارن وٽ پوڙهيون زالون سامونڊي سنهو گاهه رڌي کائڻ لاءِ پيون هوڪا ڏينديون. چٽگانگ ۽ نواکلي (بنگلاديش) ۾ ته جتي به پاڻيءَ جو ڪو دُٻو هوندو ته اتي بنگالي ڌاڳن جي سنهي ڄار وجھي خبر ناهي ڪهڙي قسم جون مڇيون ويٺو ڦاسائيندو.
    اسانجي ملڪ ۾ سمنڊ کان پري يا ويجھو رهندڙ ماڻهو رڳو ڪلفٽن جو ”مڇي ـــ گهر“ (ماهيخانو) ڏسي قدرت جي واکاڻ ڪن ٿا ته سمنڊ اندر پروردگار ڇا ته عجيب دنيا قائم ڪئي آهي. ڪراچيءَ جي مڇي گهر کان علاوه اسانجا ماڻهو اڄ ڪلهه ٽي ويءَ تي ايندڙ پروگرام Animal World يا نئشل جاگرافڪ رسالي ۾ مختلف قسم جون مڇيون ڏسي تعجيب ضرور کائين ٿا. ڪجهه شاگرد يونيورسٽي ۾ Marine Biology جو سبجيڪٽ شروع ٿيڻ ڪري سامونڊي ساهوارن بابت پڙهن ٿا.


    سمنڊ ۽ زمين تي رهائش ۾ فرق

    هڪ ته زمين پکيڙ ۾ سمنڊ کان ننڍي آهي. (سمنڊ 140 ملين چورس ميل ايراضيءَ ۾ آهي ۽ زمين جي پکيڙ فقط سٺ ملين چورس ميل ٿيندي). ۽ ٻيو ته زمين تي فقط هڪ سطح تي ئي ماڻهون جانور رهي سگهن ٿا. وڌ ۾ وڌ ڪجهه پکي يا جيت وڻن جي ڏارن ۽ چوٽين تي يا ڪجهه ڪينئان، سُرا، نانگ، بلائون زمين اندر ڏرڙن ۾ رهن ٿا. پر سمنڊ تي ائين ناهي. ڪي مڇيون، سپون، گانگٽ سمنڊ جي بلڪل تري ۾ رهن ٿا ته ڪي مٿاهين سطح تي ترندا رهن ٿا. باقي هڪ وڏي دنيا ان جي وچ ۾ پکڙي پيئي آهي. اهڙي طرح سامونڊي گاهه ٻوٽا پڻ ڪي بلڪل تري ۾ ڦاٿل ملندا ته ڪي مٿي سطح تي ترندا نظر ايندا. ڪي وري ڪنارن وٽ پٿريلن علائقن ۾ جتي ڪڏهن وڏي وير ۾ پاڻي آهي ته ڪڏهن نه.
    ان جو مثال هن مان وٺي سگهجي ٿو ته ٻه جايون هڪ هڪ هزار چورس وال ايراضيءَ تي هجن. هڪ بنگلو نمونو فقط پٽ تائين محدود هجي ۽ ٻي جاءِ فلئٽ نمونو ويهه پنجويهه ماڙ هجي. ظاهر آهي ٻي قسم واري جاءِ ۾ گهڻا ماڻهو رهي سگهندا. سو سمنڊ ۾ رهائش ان فلئٽ واري عمارت وانگيان آهي. ڪجهه مڇيون مٿاهن طبقن (ماڙين) تي آهن ـــ يعني پاڻيءَ جي مٿاڇري تي آهن جتي پاڻيءَ جو دٻاءُ گهٽ آهي، روشني ۽ گرمي سردي پڻ مٿاهين آب هوا مطابق آهي. ڪي مڇيون هيٺين ماڙين تي ـــ يعني سمنڊ جي هيٺاهن تهن ۽ ترن ۾ آهن جتي پاڻيءَ جو دٻاءُ تمام گهڻو آهي. جتي روشني گهٽ يا نه برابر آهي.
    بهرحال ان حساب سان ڏٺو وڃي ته جيتوڻيڪ ٻئي عمارتون هڪ ٻئي برابر ايراضيءَ جون ٿيون پر گهڻ ماڙ واري جاءِ ۾ گهڻا ماڻهو رهي سگهن ٿا. اهڙي طرح زمين جي مقابلي ۾ سمنڊ ۾ جيت جڙن، مڇين مانگرن لاءِ تمام گهڻي جاءِ آهي. (هڪ اندازي مطابق اها ٽي سؤ دفعا گهڻي آهي). اسانجي دنيا ـــ يعني زمين ٻِه وٿي آهي. 2-Dimensional آهي. پر سمنڊ 3-Dimensional ٿيو جو سمنڊ جي نه فقط تري ۾ ساهه وارا رهن ٿا پر هر تهه تي ڪجهه نه ڪجهه زندگي آهي ۽ سمنڊ ڪٿي ڪٿي ته چار پنج ميل به اونهو آهي ۽ سراسري طرح تيرهن هزار فٽ اونهو آهي ـــ يعني اڍائي ميل کن.
    ڏٺو وڃي ته سمنڊ جي ڪناري تي پير به مس پيا پسندا پر ٿورو ئي اڳيان وڌڻ سان سمنڊ يڪو هيٺ اونهو ٿيو وڃي ۽ سمنڊ اندر ڪٿي ته ايڏا وڏا ۽ اونها کڏا ۽ ماٿريون آهن جو اسانجو ايوريسٽ جبل به ان ۾ ٻڏي وڃي. سمنڊ اندر ڪيتريون ئي ٽڪريون ۽ جبل ايڏا وڏا آهن جو اهي زمين تي هجن ها ته انهن جون چوٽيون ايوريسٽ جبل جي چوٽيءَ کان به مٿاهيون نظر اچن ها.


    جهاز تان نظر ايندڙ مڇيون

    بندرگاهه ۾ اسانجي بيٺل جهاز تي گهمڻ لاءِ آيل مهمان اسان جهاز وارن کان اڪثر سوال ڪندا آهن ته سامونڊي جهاز ۾ سفر ڪندي اسانکي سمنڊ تي ڪهڙا ساهوارا نظر اچن ٿا.
    اڄ ڪلهه جا سامونڊي جهاز هڪ ته تمام وڏا آهن ۽ ٻيو انجڻين جي گوڙ ڪري اوسي پاسي جون مڇيون، مانگر مڇ جهاز جي ويجھو اچڻ کان اڳ ڀڄيو وڃن. ان ڪري منگھو پير وارا واڳون يا ڪلفٽن جي ماهي خاني Aqarium ۾ نظر ايندڙ خوبصورت مڇيون ۽ گاهه ٻوٽا هلندڙ جهاز جي عرشي تي بيهي ڏسي نٿا سگهجن. پر ان هوندي به اڄ جي جهازن جا سوار ڪي مڇيون ۽ ترندڙ سامونڊي گاهه ڏسي سگهن ٿا.
    سڀ کان گهڻي مڇي جيڪا جهاز مان ڏسڻ ۾ اچي ٿي اها آهي اڏامندڙ مڇي. ڪولبمو کان سنگاپور ويندي خليج بنگال ۽ ملاڪا نار ۾ انهن مڇين جا ڌڻ ڏينهن جا ڏينهن لڳاتار نظر ايندا. انهن مڇين کي کنڀ ٿين ۽ جهاز جڏهن سندن ويجھو پهچي ٿو ته هڪ ٻئي پويان ٽپ ڏيئي اڏامي ڪافي پري سمنڊ ۾ وڃي ٽٻي هڻن ٿيون. ڪي ڀل يا مونجھاري ۾ جهاز کان پري اڏامڻ بدران جهاز جي ڊيڪ تي اچي ڪرنديون آهن. خاص ڪري خراب سمنڊ ۽ وڏين ويرن ۾ جڏهن جهاز جو عرشو جهاز جي لڏڻ ـــ پچنگ ۽ رولنگ ڪري سمنڊ جي مٿاڇري واري سطح تي اچي ويندو آهي.
    اڏامندڙ مڇيءَ کان علاوه ٻي ڊولفن مڇي (ٻلهڻ) نظر ايندي آهي. هوءَ ايترو ڊڄي ڪا نه ٿي ۽ جهاز وارا به کيس هروڀرو ماريندا نه آهن جو چيو وڃي ٿو ته اها انسان جي دوست آهي ۽ ٻڏندڙ يا رستو منجھيل جي مدد ڪري ٿي.
    ڳاڙهي سمنڊ ۾ عدن کان سئيز تائين اڪثر شارڪ ۽ وهيل مڇيون به نظر اچن ٿيون. اهو علائقو صدين کان شارڪ مڇين کان بدنام آهي. ۽ جهاز تان ڪرندڙ ماڻهو انهن جو شڪار ٿيو وڃي. شارڪ مڇيءَ کي انسان جي رت جي خوشبوءِ پري کان اچي ٿي ۽ ماڻهوءَ کي ڳڙڪايو وڃي.
    اڏامندڙ مڇي، ڊولفن توڙي شارڪ ۽ وهيل جو چڱيءَ طرح ذڪر اڳيان هلي ڏيان ٿو.


    اونهي سمنڊ جي دنيا

    ڪراچيءَ ۾ ڪلفٽن، هاڪس بي، سئنڊس پٽ يا منوڙي ڏي وڃبو ته سمنڊ جي ڪناري تي ڪيترائي سپن جا کوپا، مڇين جا ڀڳل ڪنڊا، ننڍڙا کيکڙا ۽ ٻيا مئل ۽ جيئرا سامونڊي ساهوارا، سپون گاهه نظر ايندو. اهي سڀ ڪناري جي ويجهو تانگھي سمنڊ ۾ رهن ٿا جتي سج جي روشني ۽ هوا جو اثر موجود آهي. پر گهڻو هيٺ اونهي سمنڊ جي تري ۾ ٻي زندگي آهي جيڪا اونداهي، خاموشي ۽ خوف جي زندگي آهي. اتي سج جي روشني نه پهچڻ ڪري هر وقت اونداهه ڪانڀار رهي ٿي. اتي نه هوائون آهن نه پاڻيءَ جي چرپر. ماٺ مٺوڙو لڳو پيو آهي. مٿان ڪو پاڻيءَ جو جهاز لنگهي ٿو ته هيٺ آواز به ٻڌڻ ۾ نٿو اچي. ڇو جو سمنڊ جي مٿاڇري ۽ تري ۾ ٻن ٽن ميلن جو فاصلو ٿئي ٿو ۽ اهڙن اونهن هنڌن تي قدرت جو نظارو ڪرڻ لاءِ ماڻهو سب مئرين ذريعي هيٺ وڃن يا غوطاخور (ٽوٻو) ماڻهو خاص ڪپڙا پائي، ساهه کڻڻ لاءِ آڪيسيجن جو سلينڊر، روشني لاءِ طاقتور ٽارچون، مڇين سان مقابلو ڪرڻ لاءِ پستول يا خنجر، ۽ فوٽو ڪڍڻ لاءِ ڪئميرائون کڻي پوءِ هيٺ لهن.
    دنيا جي مختلف سمنڊن تي مختلف سامونڊي زندگي (آبي جيوت) آهي ۽ عام نظر ايندڙ مڇين ۽ سامونڊي ساهوارن کان علاوه ڪئين عجيب قسمَ جا جيوَ نظر اچن ٿا. جتي سهڻن رنگن ۽ شڪلين جون مڇيون آهن ته خوفناڪ شڪل جون زهريليون مڇيون پڻ. ڪي بنا ڪنڊن جي ته ڪي ڪنڊن سان. ڪي جيليءَ وانگر ساهوارا نظر ايندا ته ڪي اسپنج جهڙا. هڪ ڏيڍ صدي اڳ سائنسدانن کي خبر نه هئي ته ڪو سمنڊ اندر ايڏي وسيع دنيا آهي پر هاڻ اونهي سمنڊ ۾ وڃڻ جي جهازن Bathyscaphe، ساهه کڻڻ ۽ مڇين سان مقابلي ڪرڻ جي طريقن، تکين ڪئميرائن ۽ مائڪرو اسڪوپن ڪيتريون ئي ڳالهيون پڌريون ڪري ورتيون آهن نه ته 1934ع تائين انسان سمنڊ ۾ هيٺ فقط اڌ ميل تائين مس وڃي سگهيو ٿي.


    سمنڊ جي تري ۾ برف نٿي ڄمي

    خط استوا توڙي قطمن وٽ هيٺ وڃڻ سان سمنڊ جي پاڻيءَ جي گرمائش آهستي آهستي گهٽجي ٿي. سمنڊ جي مٿاڇري تي سج جي گرمائش مطابق گرمي رهي ٿي. پوءِ ڪٿي سج جا ڪرڻا/روشني سئو فٽن تائين مس پهچي ٿي ته ڪٿي پاڻي جيڪڏهن گهڻو شفاف آهي ته پنج ڇهه سؤ فوٽن تائين به روشني پهچيو وڃي. بهرحال هر صورت ۾ هڪ اهڙي حد اچي ٿي جنهن کانپوءِ سج جي روشني هيٺ بلڪل نٿي وڃي. ان بائونڊري لائين کي Thermocline سڏجي ٿو. ان کان پوءِ هيٺ پاڻيءَ جو ٽيمپريچر تکو تکو گهٽجيو وڃي. ڪن هنڌن تي ته زيرو ڊگري سينٽي گريڊ تائين به پهچيو وڃي جيڪو برف جيترو ٿڌو ٿيو. پر سمنڊ جي تري ۾ برف نٿي رهي سگهي. اهو ان ڪري جو برف پاڻيءَ کان هلڪي آهي ۽ تري ۾ جيئن ئي ڪا برف ڄمي ٿي ته هلڪي ٿيڻ ڪري مٿي چڙهيو اچي جتي هيٺان کان وڌيڪَ گرمي آهي. گرميءَ ۾ اها برف ڳريو وري پاڻي ٿيو پوي. فقط قطبن وٽ ٿڌاڻ هجڻ ڪري اها برف ندين جي شڪل ۾ خط استوا ڏي وڌي ٿي. برف جي وهندڙ ندين کي گليشر Glacier سڏجي ٿو.
    اونهي سمنڊ ۾ هيٺ تري ۾ لڳاتار برف ڄمڻ ۽ وري مٿي چڙهڻ ڪري وهڪرا پڻ پئدا ٿين ٿا.


    پاڻي سڀ کان نرالي شيءِ

    دنيا ۾ هر ڪا شيءِ ٿڌي ٿيڻ تي سُسي ٿي ـــ چاهي لوهه هجي يا گئس. پر پاڻي هڪ اهڙي شيءِ آهي جنهن کي ٿڌو ڪر ته سسڻ بدران ماپ (Volume) ۾ وڌي ٿو.
    تجربي خاطر پاڻيءَ سان شيشو ڀري ريفريجريٽر جي چئمبر ۾ رکبو ته ڪجهه دير کانپوءِ پاڻي جيئن ئي برف ٿيندو ته شيشو ڀڄي پوندو. اهو ان ڪري جو پاڻي برف ٿيڻ تي پنهنجي ماپ کان وڌيو وڃي ۽ کيس پهرين والاريل جاءِ کان وڌيڪَ جاءِ جي ضرورت پوي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو ڪوئيٽا يا ٻين ٿڌن شهرن ۾ سياري ۾ جڏهن گهڻي ٿڌ پوي ٿي ته پاڻيءَ جا لوهي نلڪا يا پائيپ ڦاٽيو پون.


    مينهن جو وسڻ ۽ ڪي سمنڊ

    مينهن ڪيئن ٿو وسي؟ سمنڊ جو پاڻي گرميءَ ڪري ٻاڦ جي شڪل اختيار ڪندو رهي ٿو. اهي بخار پوءِ ڪڪرن جي صورت اختيار ڪري مينهن وسائين ٿا. سمنڊ تان روز ايترو ته پاڻي ٻاڦ جي صورت ۾ نڪريو وڃي جو ڪيترا سمنڊ ڏينهون ڏينهن کارا ٿيندا وڃن. مثال طور ڀؤنچ سمنڊ مان هر سيڪنڊ ۾ هڪ لک ٽن پاڻي ٻاڦ جي صورت ۾ نڪريو وڃي ۽ پٺيان لوڻ رهجيو وڃي. ڀؤنچ سمنڊ هڪ ٽب وانگر آهي. جيئن ئي اهو پاڻي ٻاڦ ذريعي نڪري ٿو ته پاڻيءَ جي ليول گهٽجيو وڃي. ليول برابر ڪرڻ لاءِ ڀر واري وڏي سمنڊ ائٽلانٽڪ جو پاڻي جبرالٽر وٽان ڌوڪي اندر اچي ٿو جو اها ئي کليل جاءِ آهي. نتيجي ۾ جبرالٽر وٽ پاڻيءَ جو وهڪرو هميشه ساڳيو ۽ هڪ طرفو رهيٿو ۽ اهو وهڪرو ايڏو تکو آهي جو سانوڻي جي موسم ۾ سنڌو ندي جهڙين ڏهن ندين برابر ٿئي. مينهن جو پاڻي به موٽي سمنڊ ۾ اچي ٿو پر اهو ايترو گهڻو نٿو اچي جو ڀؤنچ سمنڊ جي کاراڻ ساڳي پهرين جيتري ڪري سگهي. ان ڪري ڀؤنچ سمنڊ جو پاڻي ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ کان وڌيڪَ کارو ۽ گھاٽو آهي. مردار سمنڊ Dead Sea جو پاڻي ته هيڪاندو کارو ۽ گھاٽو آهي. جو ان مان روز بروز پاڻي گهٽبو وڃي. سندس چوڌاري زمين آهي ۽ ٻيو ڪو به وڏو سمنڊ ان سان ڳنڍيل نه آهي جيڪو پاڻيءَ جي کوٽ پوري ڪري.


    اوندهه ۽ ٿڌ ۾ حياتي

    اوائلي دؤر کان وٺي انسان سمنڊ لاءِ دلچسپي پئي ڏيکاري آهي. شروع جي دؤر جي انسان سمنڊ جي ڪناري تي بيهي فقط خوف ۽ تعجب ٿي کاڌو. پر پوءِ جيئن ٻيڙيون ۽ جهاز وجود ۾ آيا ته ماڻهو ڪجهه اڳتي وڌڻ لڳا. هن رسيءَ ذّريعي سمنڊ جي اونهائي ماپي جيئن جهازرانيءَ ۾ سهوليت ٿئي.
    سائنسي انداز ۾ سمنڊ جي کوجنا پراڻين يونانين جي ڏينهن ۾، عيسوي سن کان به چار سؤ سال کن اڳ کان شروع ٿي ۽ چيو وڃي ٿو ته مشهور فلاسافر ارسطو پهريون مئرين بائلاجسٽ هو جيڪو تانگھي پاڻيءَ ۾ ٻيڙيءَ کي بيهاري پاسن کان سامونڊي ساهوارن جي چرپر، عادتون ۽ ڏيڏر وانگر جدا جدا شڪليون مٽائڻ کي غور سان ڏسندو هو. هن سامونڊي ساهه وارن کي ٻن حصن ۾ ورهايو هو. هڪ ڪرنگھي (پٺيءَجي ڪنڊي) وارا ــ جيئن مڇيون وغيره. ٻيا بنا ڪرنگھي وارا ـــ جيئن ڪينئان، پسون، جيلي مڇي وغيره. ارسطو ان ڳالهه جو به جائزو ورتو ته ڊولفن ۽ وهيل مڇيون هوا ۾ اچي ساهه کڻن ٿيون ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته هو ٻين مڇين وانگر آنا نٿيون لاهين پر ٻار ٿيون ڄڻين ۽ کين پنهنجن ٿڻن مان کير ٿيون پيارين. ارسطو جو دل وٽان شاگرد مقدونيا جو حاڪم سڪندر اعظم هو ۽ سڪندر دنيا جو پهريون ماڻهو هو جنهن غوطو کائيندڙ مشين ۾ ويهي سمنڊ جو اندران جائزو ورتو. اها مشين هڪ وڏي پائيپ وانگر هئي جنهن جي پاسن کان شيشا لڳل هئا جيئن ان ۾ اندر ويهي ماڻهو شيشي مان ڏسي سگهي ۽ ڊگهي پائيپ مان ٻاهران هوا اچي سگهي. انهن يونانين جي انهن ايڪڙ ٻيڪڙ کوجنائن بعد يڪو هزار سال کن ماٺ ٿي ويئي.
    پنڌرهين صديءَ ڌاري پورچوگالين آفريڪا ڏي وڃڻ جو رخ رکيو ۽ ڪجهه سالن بعد پورچوگالين کان علاوه ٻيا اوسي پاسي وارا يورپي به نوان ملڪ ڳولڻ نڪري پيا. ڪي وري سمنڊ بابت ئي کوجنا ڪندا رهيا ته ڪيڏو اونهو آهي. منجھس ڪهڙا ساهوارا رهن ٿا، وغيره وغيره.
    اوڻهينءَ صديءَ ڌاري ايڊورڊ فوربس نالي هڪ همراهه پنهنجي ڄار چوڏهن سؤ فٽ کن هيٺ سمنڊ ۾ اڇلائڻ جو بندوبست ڪيو. هن کي فقط ٻارهن سؤ فوٽن تائين اسٽار فش ۽ ڪجهه ڪرنگھي واريون مڇيون مليون جن تي غور ڪرڻ بعد هن 1843 ۾ اهو اعلان ڪيو ته ڇهه سئو فوٽن بعد هيٺ ڪو به ٻني ٻوٽو ناهي جو اوستائين سج جي ئي روشني نٿي پهچي جنهن تي وڻ ٽڻ يا گاهه ٻوٽي جي زندگيءَ جو مدار آهي. ۽ اهي ساهوارا جيڪي سامونڊي ٻوٽن ۽ گاهن تي پلجن ٿا اهي به ظاهر آهي ته ان بعد نظر نٿا اچن. سج جي روشني ختم ٿيڻ بعد هيٺ سمنڊ ۾ فقط اهي مڇيون آهن جن جو کاڄ پاڻ کان ننڍيون مڇيون آهي ۽ اهو سلسلو به وڌ ۾ وڌ 1800 فوٽن تائين آهي ان بعد هيٺ گهگهه اونداهيءَ جو Azoid علائقو اچي ٿو جتي ڪنهن به ساهواري شيءِ جو تصور ڪري نٿو سگهجي.
    اها ڳالهه سڀني کي دل سان لڳي. سائنسدانن به مڃيو ته واقعي پاڻي کڻي ڪيڏو به شفاف هجي پر ڇهه سؤ فوٽن بعد هيٺ سج جي روشني نٿي پهچي. ۽ پوءِ جيترو هيٺ وڃ ته سيءُ شروع ٿيو وڃي جنهن ۾ ڪهڙو ساهوارو جيئرو رهي سگهندو. ۽ ٻي ڳالهه ته سمنڊ اندر جيترو هيٺ وڃبو اوترو پاڻيءَ جو داٻ Pressure وڌندو ويندو. مثال طور ڪناري وٽ ـــ يعني سمنڊ جي سطح تي اسانجي جسم يا ڪنهن ٻي شيءِ جي في چورس انچ تي پندرهن کن پائونڊ (ست سير کن) دٻاءُ ٿئي ٿو ـــ جيڪو اسان کي ان ڪري محسوس نٿو ٿئي جو انسان جي جسم جي اندرين رتوبتن جو به ذري گهٽ اوترو ئي دٻاءُ آهي. سو ٻاهريون ۽ اندريون پريشر برابر ٿيو وڃي. پر جيترو هيٺ وڃو ته ٻاهريون دٻاءُ وڌندو ويندو. ٽيٽيهن فوٽن تي اهو اٽڪل ٻيڻو ٿيو وڃي ۽ ٻه هزار فوٽ هيٺ ـــ فوربس جي ازوئڪ گهگهه اونداهي واري علائقي ۾ اهو دٻاءُ وڌي هزار پائونڊ في چورس انچ ٿيو وڃي جيڪو دٻاءُ ڪو ساهوارو ڪيئن ٿو برداشت ڪري سگهي! ايترو هيٺ ٽيمپريچر معلوم ڪرڻ لاءِ جڏهن عام ٿرماميٽر موڪليا ويا ته اهي به ان دٻاءَ جي سٽ نه جھلي ڇيتيون ڇيتيون ٿي پيا. ۽ پوءِ اهو به چيو ويو ته هيٺ ڄار اڇلي جيڪي مڇيون ڪڍيون ويون هيون سي پڪ ايترو هيٺان نه پر مٿاهين ليول تان آيون هونديون. بهرحال اهي ڳالهيون مڃي، سڀ سياڻا سانت ٿي ويا.
    فوربس جي مرڻ بعد پورن ڇهن سالن کانپوءِ هن جي مٿين ٿيوري (سوچ) غلط قرار ڏني ويئي. هينئن ٿيو جو 1860ع ۾ ”تار کاتي“ وارن جي تار (Cable) جيڪا فرانس کان سارڊينا ٻيٽ تائين سمنڊ مان لنگهي ٿي ويئي سا وچ تان ڇڄي پيئي ۽ ڳنڍڻ لاءِ سمنڊ جي تري مان ان کي ڇڪي ڪڍيو ويو. ان هنڌ سمنڊ ست هزار فوٽ اونهو آهي. جڏهن ان تار کي ڪڍيو ويو ته سڀني کي تعجب لڳو ته ان تار جي چوڌاري جيئرو ڪورالCoral (سامونڊي ساهوارا) چهٽيو پيو هو. ۽ اهو ڪورال ظاهر آهي تار ڇڪڻ وقت ته نه چهٽيو هوندو جو ڪورال ڪنهن به شيءِ کي چنبڙڻ ۾ ڏينهن ٿو لڳائي. تنهن جي معنا ته فوربس جي ڳالهه غلط ٿي جو هن ته چيو ٿي ته ارڙهن سؤ فوٽن بعد سمنڊ هيٺ ڪا به حياتي ناهي. پر هي ڪورال ته ان کان به چؤڻو هيٺ سمنڊ جي تري ۾ تار کي چهٽيو. ڪورال کان علاوه تار جي ٻين حصن ۾ ڪيترائي قسمين قسمين ڪينئان، پسون، مولسڪ Mollusk ۽ ٻيا سامونڊي سُرا ۽ ساهوارا نظر آيا جيڪي پنهنجي جسم مان نڪتل کونئر سان تار ۾ چنبڙيل هئا. اهو ڏسي سڀ سائنسدان به وائڙا ٿي ويا هئا. فوربس جي هڪ شاگرد پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو آهي: ”سمنڊ اندر ايڏو اونهو هيٺ ڪنهن ساهواري لاءِ رهڻ ايترو ڏکيو ڪم آهي جيترو باهه يا خلا ۾ رهڻ. ڇو ته ايترو هيٺ پاڻيءَ جي زبردست پريشر (دٻاءَ) ۾ ڪيئن ٿي ڪا شيءِ جيئري رهي سگهي!“
    پر پوءِ سائنسدانن غور ڪري ان راءِ تي پهتا ته سمنڊ اندر رهندڙ ساهوارن جي جسم اندر قدرت ايترو ئي داٻ رکيو آهي. جيترو ٻاهر جو آهي. انڪري کين تر جيترو به نقصان نٿو رسي. هڪ مڇي جيڪا سمنڊ اندر ٽي هزار فوٽ هيٺ رهي ٿي يعني هن جي جسم جي ٻاهران پاڻيءَ جو دٻاءُ ڏيڍ هزار کن پائونڊ آهي جنهن ۾ انسان ته مري وڃي پر ان مڇيءَ کي ڪجهه به محسوس نٿو ٿئي جو ساڳي وقت هن جي اندر جي رتوبتن جو دٻاءُ به اوترو ئي آهي. پر جي اها مڇي اڃان به هيٺ وڃڻ جي ڪوشش ڪندي ته مري ويندي. يعني مثال طور هوءَ ٻيا به ٽي هزار فوٽ هيٺ سمنڊ ۾ ويندي ته ٻاهر جو وڌندڙ دٻاءُ هن کي چيڀاٽي رکندو ۽ ساڳي طرح وري اها مڇي پنهنجي ليول کان مٿي ڪناري تي ايندي ته سندس اندر جو دٻاءُ کيس ڦاڙي رکندو. ان ڪري هن کي پنهنجي ليول جي آس پاس رهڻو پوي ٿو.
    بهرحال سائنسدان اها ڳالهه ته کڻي سمجھي ويا آهن پر اڄ ڏينهن تائين قدرت جي ان ڪرشمي کي سمجھي نه سگهيا آهن ته روشني ۽ گرمائش بنا ڪا شيءِ ڪيئن جيئري رهي سگهي ٿي. ۽ هيٺ اونهي سمنڊ ۾ نه روشني آهي ۽ نه گرمائش! سائنسدان ۽ ان سان گڏ اسين عام ماڻهو روز بروز اونهي سمنڊ جون اهي نيون ساهه واريون شيون عجائب گهرن، فوٽن ۽ فلمن ۾ ڏسي وائڙا ٿيو وڃون.


    پلينڪتان

    سمنڊ جي مٿاڇري تي هڪ سنهي شيءِ ڪروڙن ۽ اربن جي تعداد ۾ ترندي رهي ٿي جيڪا سامونڊي دنيا ۾ تمام اهم آهي پر ايتري ننڍڙي آهي جو دوربين سان ئي نظر اچي ٿي. سندس نالو آهي پلينڪٽان Plankton.
    پلينڪٽان انگريزن لاءِ به اهڙو ئي اوپرو لفظ آهي جهڙو اسان لاءِ جو اهو دراصل يوناني ٻوليءَ مان نڪتل آهي جنهن جي معنا آهي: ”اها شيءِ جيڪا ٻي جي رحم ڪرم تي هلندي رهي“. پلينڪتان هڪ گهرڙي وارا ٻوٽا آهن جيڪي پائوڊر (ٻُوري) وانگر هوا ۽ سامونڊي لهرن جي رخ تي هيڏانهن هوڏانهن ترندا رهن ٿا. انهن کي ننڍڙيون مڇيون، گانگٽ، کيکڙا کائي پنهنجو پيٽ ڀرين ٿا. هونءَ سڄي سمنڊ جو نظام ڪجهه اهڙو آهي جو هڪڙو ٻئي کي کائيندو رهي ٿو. يعني طاقتور ۽ وڏو پنهنجي پيٽ پوڄا لاءِ ننڍي ۽ ڪمزور کي ڳرڪائيندو رهي ٿو. ۽ آخر ۾ هي ننڍڙا پلينڪتان ٻوٽا آهن جيڪي سامونڊي دنيا ۾ بنيادي کاڌو مهيا ڪن ٿا.
    سڄي سمنڊ ۾ پکڙيل هي گاهه پلينڪٽان ائين آهي جيئن اسان وٽ زمين تي جانورن جي کائڻ لاءِ چراگاهه. پلينڪٽان ۾ سڀ کان اهم گاهه ڊاءِ ٽوم آهي. اهي ويهه هزارن کان مٿي نمونن جا آهن. ڊاءِ ٽوم جي چوڌاري شفاف شيشي (سليڪان) جو تهه هوندو آهي جنهن اندر پاڻ هڪ ننڍڙي ذرڙي وانگر نظر ايندو. ان ڊاءِ ٽوم جو ٻاهريون گهر بيحد مضبوط ۽ خوبصورت ٿئي. ڪٿي کڏ کوٻا هوندس ته ڪٿي ٻر ٻر. ڪٿي چهنبدار آهي ته ڪٿي لسو.


    اسپنج

    سمنڊ جا ڪي ساهوارا اهڙا آهن جن کي ڏسي تعجب ٿو لڳي ته هي ڪهڙي قسم جا ساهوارا آهن. اسپنج هڪ ”گهڻ گهرڙو“ جانور آهي جنهن کي نه پيٽ آهي نه مٿو. نه آنڊا ڦڦڙ اٿس ۽ نه وري تنتي سرشتو. پاڻي چهڻ جو اسپنج جيڪو گهرن ۾ استعمال ٿئي ٿو ان سان هن سامونڊي اسپنج جي شڪل گهڻي ملي ٿي. پر سندس هڪ نه پر پنج هزار کن نرالا قسم آهن. ڪي ڪهڙن سمنڊن ۾ ملندا ته ڪي ڪهڙن ۾. ڪي ”اسپنج“ سمنڊ جي مٿاهن تهن ۾ ٿين ته ڪي وري بلڪل هيٺ اونهي تر ۾. ڪي اسپنج ڪئلشيم ۽ ڪاربونيٽ ڌاتوءَ جا سخت آهن ته ڪي وري ڪجهه نرم. ماپ ۾ به ڪي ته چيچ جي ننهن جيڏا آهن ته ڪي وري ماڻهوءَ جي قد جيڏا. ۽ رنگ به سندن جدا جدا آهن. خاص ڪري اڇي، پيلي ۽ ڳاڙهيسري رنگ جا عام ٿين.
    اسپنج ترندي نظر نه اچن پر اهي سمنڊ جي تري ۾ ڦاٿل ٿين يا ڪنهن شيءِ کي چهٽيل ملندا . ڪڏهن جهاز هڪ هنڌ مهينن جا مهينا بيٺو هوندو آهي ته سندس تري ۽ پاسن تي بارناڪلس، ڪورال ۽ ٻيا ڪيترن ئي قسمن جا سامونڊي ساهوارا Sea Growth چهٽي پوندا آهن. اسپنج پڻ انهن مان هڪ آهي. اهي اسپنج جھڳٽي جي شڪل ۾ چهٽيل هوندا آهن يا وڻ وانگر ٽاريون ٽاريون ٿيل ۽ شل نه ڪو جهاز ڀڄي پوي. سال ڏيڍ بعد ان ٻڏل جهاز جو سمنڊ جي تري مان جيڪو ٽڪرو کڻبو ته اصلي شڪل ۾ هرگز نه ملندو. پر اسپنج جهڙيون شيون سندس چوڌاري چنبڙيون پيون هونديون جيڪي ڪهاڙي يا ڪپ سان ئي کرڙي لاهي سگهجن ٿيون.
    هلندڙ چلندڙ جهاز جي لوهي جسم تان پڻ اهي سامونڊي ساهوارا اهڙي طرح لاهيا وڃن ٿا جيڪي بندرگاهه ۾ بيهڻ دوران چنٻڙيو وڃن. خشڪ گودي Dry-Dock ۾ جهاز کي بيهاري پوءِ سوين مزور انبيون، کرپيون۽ ڇيڻيون کڻي ان سڄي ٻاهرين کل کي کرڙي صاف ڪن. پوءِ تيل جو مَکُ ڏيئي رنگ روغن ڪن. جپان، جرمني، آمريڪا جهڙن سائنسي ترقي يافته ملڪن ۾ اها صفائي لوهي رنبين ۽ کرپين سان ڪرڻ بدران ريتيءَ جي ڦوهاري سان ڪئي وڃي ٿي جنهن کي Sand Blasting سڏجي ٿو. اها ريتي هوا جي پريشر سان ڦوهارن ذريعي جهاز جي جسم تي هڻبي آهي. ان ريتيءَ جي ذرڙن ۾ بندوق جي گولين وانگر ايڏي ته رفتار هوندي آهي جو هٿن ۾ سوراخ ڪري رکن. بهرحال ان طريقي سان جهاز جي ٿورا ماڻهو جھٽ پٽ صفائي ڪريو وٺن.
    اسپنج گهڻو ڪري ٽيوب وانگر ٿين. هيٺان بند پر مٿان کليل ٿين جن مان پاڻي اندر ايندو ويندو رهي ٿو. ڪي گول بالن جهڙا ڪي ماکيءَ جي مانارن جهڙا پڻ ٿين. اسپنجن ۾ وري ننڍڙا کيکڙا، ڪينئان ۽ سامونڊي سُرا اچي وهن/لڪن. اسپنجن جا ڪي قسم وهنجڻ ۾ ڪم ايندا آهن يورپ ۽ آمريڪا پاسي ماڻهو گهڻو ڪري انهن سان پنهنجن پيرن جون کڙيون ۽ ٺونٺون کرڙي صاف ڪن. اسان وٽ سنڌ ۾ به ڪٿي ڪٿي اهي اسپنج استعمال ٿين. ڪٿي وري پکين جا آکيرا يا ڪنڀار جا ٺهيل سامونڊي اسپنج جهڙا ٺڪر جا اسپنج ڪم ۾ آڻين.
    سامونڊي اسپنج جي هڪ قسم ـــ گلاس اسپنج کي ولائتي ڀوري ڀاڻ ۾ ملائي زمينن ۾ استعمال ڪبو آهي. جيڪو فصل لاءِ تمام ڪارائتو ثابت ٿئي ٿو. اسپنج بابت هڪ اهم ڳالهه ته هو جيتوڻيڪ ساهواري شيءِ سڏيو وڃي ٿو پر سوال آهي ته اسپنج جانور يا جيت جڙو آهي يا ڀاڄي گاهه!؟ اهو سوال ارسطو جي ڏينهن کان وٺي هلندو اچي. ارسطوءَ جهڙي فيلسوف به پنهنجي خيال جو اظهار ڪرڻ بدران جوابن ۾ پنهنجن همعصرن جا رايا ڏيئي ڇڏيا هئا.
    بهرحال اڄ جي ماڊرن زولاجيڪل کوجنائن اسپنج کي جانورن Zoophytes جي صف ۾ بيهاريو آهي جن کي پٺيءَ جو ڪنڊو ناهي. اسپنج سليڪا ۽ ڪئلشيم جي تهن جو ٿئي ٿو. پاڻيءَ ۾ موجود اهي شيون هو پاڻ ۾ جذب ڪري وڏو ٿيندو رهي ٿو. اسپنج جي سڄي جسم تي گول سوراخ ٿين جن ذريعي اسپنج جو جسم کاڌو حاصل ڪري ٿو ۽ خارج ڪري ٿو. اسپنج لاءِ کاڌو کائڻ ۽ ساهه کڻڻ هڪڙو ئي ڪم آهي ــ جيڪو هو سمنڊ جي پاڻيءَ مان حاصل ڪري ٿو. ڇو جو سمنڊ جي پاڻيءَ منجهه هوا توڙي کاڌي جا جزا موجود آهن.
    اسپنج مڇيءَ وانگر پاڻيءَ ۾ تري نٿو پر هميشه ڪنهن هڪڙي ٽڪري يا وڏي پٿر تي پنهنجي جسم مان ڪڍيل کونئر ذريعي چنبڙيل رهي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن اسپنج ڪناري جي ايترو ويجھو رهن جو وير لهڻ تي انهن پٿرن تي ڪيترائي ڪلاڪ پاڻي نه هوندو آهي. ان مان ظاهر ٿو ٿئي ته اسپنج عارضي طور پاڻيءَ بنان به جيئرو رهي سگهي ٿو. بهرحال ان جو مدو مختلف قسمن جي اسپنجن لاءِ مختلف آهي.


    هيٺاهين ذات جا جانور

    جن مون وانگر اسڪول/ڪاليج جي ڏينهن ۾ بائلاجي، باٽني ۽ زولاجي جهڙا سبجيڪٽ نه پڙهيا آهن انهن لاءِ ايترو لکڻ ضروري ٿو سمجھان ته دنيا ۾ ڪيترا اهڙا ساهوارا آهن جن کي انسان جي جسم وانگر هر شيءِ نه آهي. مثال طور دل، دماغ، رت جون نليون، تنتي سرشتو وغيره وغيره. خاص ڪري سمنڊ اندر ڪيترائي ساهوارا اهڙا آهن جن جي شڪل مان لڳندو ته ڪو ڇوڏو آهي (جيئن ڪورال)، يا لڳندو ته پٿر ٺڪر يا وڻ جي پاڙ آهي (جيئن سامونڊي اسپنج) يا ڪي جيليءَ جهڙيون لِئه دار شيون ٿين (جيئن جيلي مڇي يا مولسڪ وغيره) پر اهي حقيقت ۾ ساهواريون شيون آهن ۽ اهي ٻين جاندار شين وانگر اس جي روشني نه ملڻ تي، کاڌي نه ملڻ تي يا پاڻيءَ مان گهڻو وقت ٻاهر نڪرڻ تي مري به سگهن ٿيون.
    ڪي وري اهڙيون سامونڊي شيون آهن ـــ جيڪي اسان کي وير لهڻ تي سمنڊ جي ڪناري تي ملن ٿيون ـــ يا ڪلفٽن وٽ دڪانن تي وڪامندي نظر اينديون. مثال طور ڪوڏ، ڪوڏيون، ستيون، سپون، سنک وغيره. اهي دراصل پاڻ ساهواريون شيون نه هيون پر اهي ساهه وارين شين جي رهڻ جا گهر يا اڏاوتون، ڍڪ ۽ ڍالون هيون. جيئن ڪمي/ڪڇونءَ مٿان مضبوط پٿر جهڙو پڙ ـــ جنهن اندر خطري وقت هو پنهنجي ڳچي۽ هٿ پير لڪائي سگهي ٿو. اهڙي طرح سپن جي ٻن پڙن جي وچ ۾ جيڪو ڪينئون رهي ٿو اهو جيستائين جيئرو آهي ته انهن ٻن پڙن اندر رهي پنهنجي مرضي سان کولي بند ڪري ٿو. ۽ بند ايڏو مضبوط رهي ٿو جو ٻئي لاءِ کولڻ جو سؤلو طريقو اهو ئي آهي ته ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ وڌو وڃي جيئن اندريون ڪينئون مري/رڌجي وڃي. سپن اندر رهندڙ اهو ڪينئون/سُرو بيحد لذيذ چيو وڃي ٿو ۽ جپان ۽ چين جهڙن ملڪن کان علاوه ملائيشيا، سنگاپور ۽ انڊونيشيا جهڙن ملڪن جا مسلمان پڻ کائين.

    ڪورال (Coral)
    ڪورال ڏسڻ ۾ ڪجهه ڪجهه ماکيءَ جي مکين جي ماناري جهڙو لڳي ٿو. ڪورال سخت شين تي چنبڙيل هوندو آهي. سندس رنگ اڇو، پيلو، هئڊو ۽ سائي صوف جهڙو ٿئي. ڪڏهن ڪڏهن ڳارهو يا آسماني پڻ ٿئي. ڪورال ڪڏهن ڪڏهن ايڏو وڌي وڃي ٿو جو هڪ ٻيٽ وانگر لڳي ٿو.
    1780ع ۾ ڪئپٽن ڪڪ سان گڏ فارسٽر به سامونڊي سفر ڪيو هو. اهو لکي ٿو ته هن ڏکڻ سمند جا ڪيترائي ننڍا ٻيٽ ڏٺا جيڪي دراصل ڪورال جا وڏا دڙا هئا. اهي ٻيٽ اڄ به ان نالي Coral Islands سان مشهور آهن. ڪورال سمنڊ مان ڪئلشيم چوسيندو رهي ٿو جنهن مان ريشا Cells ٺهي ٺهي هڪ وڏو ٽڪر ٺهيو پوي. وقت گذرڻ تي اهو پهڻ جهڙو سخت پڻ ٿيو پوي. ڪورال مان اسان جهڙا جهازران سخت بيزار هوندا آهن جو اهو جهازن جي ٻاهرين جسم (Hull) تي چنبڙيو پوي ۽ کهرو هجڻ ڪري جهاز پاڻيءَ ۾ لسو تري نٿو سگهي ۽ جهاز جي ڏينهون ڏينهن رفتار گهٽجي وڃي ٿي - ۽ ڳوٺ (يعني هوم پورٽ) ۾ پهچڻ ۾ ڏينهن ٻن جو سفر وڌيو وڃي. جهاز سان اها مصيبت رهي ٿي جيسين سال ڏيڍ بعد ڊراءِ ڊاڪنگ ٿئيس. ڊراءِ ڊاڪنگ ۾ جهاز جي ٻاهرين کل کي کرڙي وري لسو ڪيو ويندو آهي.

    جيلي مڇي
    جيلي فش شڪل ۾ ڇٽيءَ وانگر پر ليئه دار شيءِ ٿئي ٿي. سندس گهنڊ Bell يا بال جهڙو مٿانهون حصو پاڻيءَ ۾ ترندو نظر اچي ٿو جنهن جي هيٺان ڪينئين جهڙو ساهوارو ٿئي ٿو. سندس جسم نرم ۽ اڇي رنگ جو ٿئي ـــ ڪڏهن ڪڏهن گلابي رنگ جو پڻ. جيلي مڇي سمنڊ تي هوائن ۽ وهڪرن جي زور تي هيڏانهن هوڏانهن هلندي رهي ٿي. هنن ۾ پنهنجي طاقت نه ٿئي جو مرضيءَ مطابق تري سگهن. تکين لهرن ۽ هوائن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪنارن تي به اچيو نڪري. ڪيتريون ئي مئل جيلي مڇيون تانگھن ڪنارن ۽ بندرگاهن تي ڏسڻ ۾ اينديون. ڪڏهن ڪڏهن جهاز جي پمپن ۾ ڇڪجي فلٽرن کي به ڀري ڇڏينديون آهن. جيلي مڇيءَ کي ڪڏهن به هٿ نه لائجي جو خارش ٿيو پوي. اهڙي طرح ڪن سامونڊي ٻوٽن پنن کي پڻ هٿ نه لاهجي جو انهن جا سوين سنها سنها ڪنڊا هٿ ۾ گهڙيو وڃن. اهڙي ئي قسم جا ڪنڊا جيلي مڇيءَ ۾ پڻ ٿين ٿا.
    جيلي مڇيءَ ۾ ڪو به ساهه کڻڻ جو عضوو نه ٿئي ۽ نه وري پٺيءَ جو ڪنڊو يا ڇهڻ جو حواس وغيره. منجھس کاڌي کائڻ ۽ هضم ڪرڻ لاءِ هڪڙو ئي وڏو خال آهي ـــ بلڪه اهو ئي خال سندس جسم آهي. جيلي مڇي سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ موجود سنهو گاهه، سنها ڪينئان ۽ تمام ننڍڙيون مڇيون کائي ٿي. هي مڇيون دنيا جي هر سمنڊ ۾ نظر اينديون. ڪي ايتريون ننڍيون ٿين ٿيون جو مائڪرو اسڪوپ سان ئي ڏسڻ ۾ اچن. ڪي وري تمام وڏيون ٿين. ڪي ته چئن کان پنجن فوٽن تائين به ٿين ۽ تور ۾ ويهه ٽيهه سير کن ٿين. مرڻ تي اهي Phosphorescent ٿيو پون.
    جيلي مڇي آنا ڏئي ٿي جيڪي هڪ عرصي تائين سندس جسم جي هڪ پور ۾ ئي رهن. مدو پورو ٿيڻ بعد اهي ٻچن جي صورت ۾ ٻاهر نڪرن. هي ٻچا ڏيڏر جي ٻچن وانگر ڪيتريون ئي شڪليون بدلائين ۽ ڄمڻ وقت ڄڻيندڙ ماءُ جهڙا هرگز نه لڳن.

    سامونڊي ڄاها
    سامونڊي ڄاهي Sea-Urchin جي شڪل گول ٿئي ٿي ۽ سندس چوڌاري ڄاهي وانگر ڪنڊا ٿين. اهي ڪنڊا سندس بچاءَ لاءِ به ڪم اچن ۽ ساڳي وقت انهن ذريعي هو سمنڊ ۾هلي پڻ سگهي ٿو. سندس وات جسم جي هيٺين تري ۾ وچ تي ٿئي جنهن ۾ پنج طاقتور ڏند ٿين. کيس کاڌي هضم ڪرڻ ۽ خارج ڪرڻ لاءِ آنڊو پڻ ٿئي. سندس Vascular سسٽم لاءِ چيو وڃي ٿو ته تمام منجھيل قسم جو آهي. کيس پنج ٻچي دانيون Ovaries ٿين جيڪي خاص سوراخن مان آنا خارج ڪن.
    سامونڊي ڄاهو تمام آهستي هلي/تري ٿو. هو ننڍين لِئه دار شين (Mollusks) ۽ سامونڊي گاهه تي گذارو ڪري. چون ٿا ته سامونڊي ڄاهي کي موسم خراب ٿيڻ جي اڳواٽ خبر پئجيو وڃي ۽ طوفان ويجھو اچڻ تي هو پاڻ کي بچائڻ لاءِ سامونڊي گاهه کي ڏندن سان سوگھو جھلي بيهندو آهي.
    سامونڊي ڄاهن جا ڪيترائي قسم آهن. هڪ ته واڱڻائي رنگ جو ٿئي ٿو جنهن کي ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو کائين. کيس ننڍا ۽ مڏا سوئا ٿين. ان کان علاوه هڪ سائيري رنگ جو ٿئي جنهن کي ڊگها ناسي سوئا ٿين ۽ اهو پٿرن ۽ پهڻن جي وچ ۾ لڪي وهندو آهي. ٻيا به ڪيترا قسم آهن جيڪي سوئن/ڪنڊن جي نمونن سان پرکيا وڃن ٿا. سندس مرڻ تي اهي سڀ سوئا ڪريو پون.

    سامونڊي ٻوٽا Sea Anemone
    سمنڊ اندر پٿرن جي وچ ۾ هي للي گل جي ٻوٽي وانگر ٻوٽي نما Zoophytes ٿين. منجھن هڪ ئي خال Cavity ٿئي جيڪو پيٽ، وات ۽ کاڌي هضم ڪرڻ جو ڪم ڏئي. هو سمنڊ اندر ترندڙ ننڍا ڪينئان کائين ۽ پنهنجن ڊگهن پرن/پنن ذريعي شڪار کي پاڻ ڏي ڇڪين. سمنڊ ۾ جڏهن جوش هوندو آهي ته هي اهي پر پنهنجي چوڌاري ويڙهي بال وانگر يا کنڀيءَ وانگر ٿيو وڃن.


    اڻ تارو به تري سگهن ٿا

    سائنس جا ڄاڻو ۽ کوجنائون ڪندڙ وقت بوقت سمنڊ ۽ ان جي جزن بابت نت نيون ڄاڻون ۽ عجيب عجيب حقيقتون اسان تائين پهچائيندا رهن ٿا. هي هڪ اهڙو سبجيڪٽ آهي جيڪو هميشه دلچسپيءَ جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.
    سمنڊ ڪيترو کارو آهي ...؟ منجھس ڪيترو لوڻ آهي ...؟
    عام طرح سمنڊ جي پاڻي ۾ لوڻ جو مقدار 34000PPM چيو وڃي ٿو. يعني هڪ ملين پاڻيءَ جي جزن ۾ چوٽيهه هزار جزا خشڪ لوڻ جا آهن. يا ٻين انگن ۾ پاڻيءَ جي هزار حصن ۾ چوٽيهه حصا لوڻ آهي. بهرحال اهو لوڻ ڪن سمنڊن ۾ گهٽ آهي ته ڪن ۾ ججھو. مثال طور قطبن وٽ فقط پنجويهه حصا لوڻ آهي ڇو جو اتي گرمي نه هجڻ ڪري پاڻي ٻاڦ ٿي سمنڊ مان نٿو وڃي ۽ خط استوا (ڀون چڪر) وٽ اٺٽيهه حصا لوڻ آهي جو اتي سخت گرميءَ ڪري هر وقت سمنڊ جي مٿاڇري جو پاڻي Evaporate (ٻاڦ) ٿيڻ ڪري سمنڊ مان نج پاڻي نڪرندو رهي ٿو ۽ پٺيان لوڻ رهجيو وڃي. ڪي ڪي سمنڊ جن جي چوڌاري زمين هجڻ ڪري بند ٿيل آهن، انهن جو پاڻي اڃان به وڌيڪَ کارو ٿئي ٿو. مثال طور ڳاڙهي سمنڊ جي هزار جزن پاڻيءَ ۾ ايڪيتاليهن کان به مٿي جزا لوڻ آهي. هي سمنڊ اهو آهي جنهن جي مٿئين پاسي عدن، يمن، سعودي عرب ۽ مصر آهي ته هيٺين پاسي جبوتي، حبش ۽ سوڊان آهي. هتي هڪ ته گرمي گهڻي آهي ۽ ٻيو ته مينهن نه برابر پوي ٿو نتيجي ۾ سمنڊ مان نج پاڻيءَ جا بخار رڳو مٿي اڏامندا رهن ٿا. واپسيءَ ۾ نج پاڻي نڪو مينهن جي صورت ۾ موٽي ٿو ۽ نه وري ٻنهي پاسن کان ڪا ندي آهي جيڪا ٻي ڪنهن هنڌ وسيل مينهن جو پاڻي کڻي اچي پورائو ڪري.
    بالٽڪ سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ وري ڪٿي ٽيهه کن جزا لوڻ مس آهي ته ڪٿي لوڻ بنهه ناهي. قطبن وارن سمنڊن کان ايندڙ برف جون ڇپون Icebergs هر وقت منجھس ڳرنديون رهن ٿيون ۽ اهڙيءَ طرح بالٽڪ سمنڊ جي اتراهين پاسن وارن حصن ۾ پاڻي بلڪل نج رهي ٿو.
    ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ جي به ڪجهه حصن ۾ پاڻي بلڪل نج رهي ٿو. اهو وري ان ڪري جو ڪيتريون ئي وڏيون وڏيون نديون اتي اچي ڇوڙ ڪن ٿيون. مثال طور آمريڪا جي اميزان نديءَ جو مٺو پاڻي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ سؤ ميلن تائين پکڙيل رهي ٿو. ۽ نه فقط ندين جي ڇوڙ وٽ پر ڪٿي ڪٿي ته وچ سمنڊ تي به مٺو پاڻي ملي ٿو. شروع جي زماني ۾ ماڻهن کي ڏاڍو تعجب لڳندو هو ته اهو ڀلا ڪيئن آهي ته چوڌاري هزارين ميلن تائين کارو ئي کارو پاڻي پر ڪنهن ڪنهن هنڌ ميل ڏيڍ جي قطر ۾ نج شفاف ۽ مٺو پاڻي! پوءِ خبر پيئي ته جيئن اسان وٽ ڌرتيءَ تي جبل، ٽڪريون ۽ انهن مان ڦٽندڙ چشما Springs آهن تيئن سمنڊ ۾ پڻ اهڙن جبلن مان ڪٿي ڪٿي مٺي پاڻيءَ جا چشما ڦٽندا رهن ٿا. ۽ گندرف، شوري، سوڍا ۽ ڪئلشيم وغيره جي جبلن مان نڪرندڙ چشمن جو پاڻي سواد ۾ به مختلف آهي جيئن پاڻ وٽ منگھو پير، لڪي ۽ ٻين ڪيترن هنڌن تان چشمن مان نڪرندڙ پاڻيءَ ۾ ان جبل ۾ موجود ڌاتوءَ جو ميلاپ آهي. اهو ئي سبب آهي جو چشمن جو پاڻي چمڙيءَ جي ڪن خاص بيمارين ۽ ڦٽ ڦرڙين لاءِ ڪارگر ثابت ٿئي ٿو. چمڙيءَ جا بيمار شفا حاصل ڪرڻ لاءِ اڪثر اهڙن چشمن جي پاڻيءَ سان وهجندا رهن ٿا. پوءِ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن بيماريءَ کي لڪي جبل جي چشمي جو پاڻي اثر نه ڪندو آهي پر منگھو پير يا ڪنهن ٻئي ڌاتوءَ واري جبل جو پاڻي يڪ ٽڪ اثر ڪندو آهي. اهڙي طرح ڪن بيمارن کي وري لڪي جبل واري چشمي جي پاڻيءَ مان اثر ٿيندو آهي. بهرحال قدرت طرفان مختلف ڌاتن سان مليل پاڻيءَ ۾ بيمارين لاءِ شفا رکي آهي پر ڪيترا ماڻهو اتي ويٺل مجاور جو ڪرشمو سمجھندا آهن يا ڪريڊٽ اتي دفن ٿيل اصلي يا نقلي پير کي ڏيندا آهن.
    چشمن جي پاڻيءَ ذريعي مختلف بيمارين جو علاج تمام جھونو آهي ۽ نه فقط اسان وٽ سنڌ ۾ پر ملائيشيا، جپان کان برازيل ۽ چليءَ جهڙن ملڪن تائين اڃان به هلندو اچي. سمنڊ مان نڪرندڙ چشما ڪئريبين سمنڊ ۾ تمام گهڻا آهن. (ڪئريبين سمنڊ ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ جو اهو ننڍو حصو آهي جنهن ۾ ڪيوبا، جئميڪا، ٽرنيڊاڊ جهڙا ٻيٽ ۽ وينزوئلا جهڙي ملڪ جو ڪنارو اچي ٿو وڃي.
    جن ڏينهن ۾ سنڌو نديءَ تي بئراجون نه هيون ۽ هميشه ڪناتار وهندي هئي تڏهن عربي سمنڊ جي ڳپل حصي جو پاڻي ـــ سنڌو نديءَ جي ڇوڙ واري هنڌ کان، مٺو ۽ نج هوندو هو. عربستان پاسي کان يا لنڪا پاسي کان ايندڙ جهاز، تن ڏينهن ۾ رڊار، سئٽلائيٽ نيويگيٽر يا ڊي ـــ ايف جهڙا اوزار نه هجڻ ڪري سنڌونديءَ جي ڇوڙ واري پکڙيل پاڻيءَ مان اندازو لڳائيندا هئا ته ڪنارو ويجھو اچي ويو آهي ۽ ديبل بندر، لاري بندر يا ٺٽي پهچڻ ۾ باقي ڪو ڏينهن ٻه رهيو آهي. کاري کان مٺي پاڻيءَ ۾ پهچڻ جو ذڪر شاهه لطيف پڻ پنهنجن بيتن ۾ ڪيو آهي.
    مردار سمنڊ (Dead – Sea) کي ڇو ان نالي سان سڏيون ٿا؟
    دراصل مردار سمنڊ ڍنڍ وانگر آهي. جنهن جي چوڌاري زمين ئي زمين آهي. هو ٻين سمنڊن وانگر ڪنهن وڏي يا ننڍي سمنڊ سان نٿو ملي۔ منجھس جيتوڻيڪ جارڊن ندي اچيو ڇوڙ ڪري ٿي ۽ جنهن مان کيس هر روز ڇهه ملين ٽن مٺو پاڻي ملي ٿو. پر بخار ذريعي منجھائس ان کان به وڌيڪَ رفتار سان مٺو پاڻي خارج ٿيندو رهي ٿو ۽ منجھس لوڻياٺ جا جزا وڌندا رهن ٿا. ان ڪري هي سمنڊ هٿ لاهڻ سان به گھاٽو لڳي ٿو. هونءَ ته ان خيال کان هر سمنڊ جو پاڻي کوهه جي مٺي پاڻيءَ کان گھاٽو ٿئي ٿو ۽ اهو ئي سبب آهي ته جيڪو ماڻهو سئمنگ پول ۾ تري سگهي ٿو اهو سمنڊ ۾ ته هيڪاندو سولائيءَ سان تري سگهي ٿو ڇو جو سئمنگ پول جو پاڻي نج هجڻ ڪري هلڪو ٿئي ٿو ۽ ماڻهوءَ کي ترڻ ۽ هيٺ ٻڏڻ کان پاڻ بچائڻ لاءِ گهڻا هٿ پير هڻڻا پون ٿا۔ مردار سمنڊ جو پاڻي ته تمام گهڻن لوڻن ڪري ايڏو گھاٽو آهي جو جنهن کي ترڻ نٿو اچي اهو به هن مردار سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ سولائيءَ سان تري سگهي ٿو.
    هونءَ ته صحيح معنا ۾ بحر اسود (ڪاري سمنڊ) کي به مردار سمنڊ سڏي سگهجي ٿو جو هن ۾ ڪجهه اونهائيءَ بعد ـــ اٽڪل اسي فئدمن Fathoms بعد، ڪا به زندگي ناهي. هن سمنڊ ۾ گندرف مليل هئڊروجن گئس هجڻ ڪري ڪا به مڇي، گانگٽ يا گاهه پسون جيئرو رهي نٿو سگهي. (ڪاري سمنڊ Black Sea جي چوڌاري ترڪي، روس، رومانيا ۽ بلغاريا ملڪ آهن).


    مَتو آهين مڇ

    ملائيشيا جي چوڌاري سمنڊ ئي سمنڊ آهي. ان کان علاوه مينهن ايترو ته وسي ٿو جو سڄو ملڪ ننڍين وڏين ندين، نالن، واهن ۽ وهڪرن سان ڀريو پيو آهي. پاڻيءَ جا جيت جڙا ۽ جانور ـــ مڇين، ڪيڪڙن ۽ سپن کان وڏا تارو نانگ، خوفناڪ واڳون ۽ چڪيندڙ ۽ زهريلون مڇيون جتي ڪٿي ملنديون.
    پينانگ ۾ هڪ دفعي هوٽل جي اڳيان وهندڙ ”سنگائي نيپاح“ نديءَ ۾ وهنجي ٻاهر نڪتس ته ڪناري تي ملئي ۽ چيني ڇوڪرن کي تعجب مان پاڻ ڏي گھوريندو ڏٺم. ساڻن هٿ ملائي چرچي مان پڇيم:
    ”هن نديءَ ۾ زهريليون مڇيون يا نانگ ته نه آهن؟“ سڀ کان اڳيان بيٺل چيني ڇوڪري کِلي جواب ڏنو:
    ”Tiada“ ــ يعني بلڪل نه. مون به اهو ئي ٻڌڻ ٿي چاهيو ڇو جو ڪجهه سال اڳ تائين هيءَ ندي ڏنگيندڙ نانگن، زهريلن ڪيڪڙن ۽ جيلي مڇين کان بدنام هئي. مون وري پڪ ڪرڻ لاءِ کانئن ملئيءَ ۾ پڇيو: “Adakah anda pasti” (ڇا توهانکي پڪ آهي؟) ڪجهه سيڪنڊن جي ساهيءَ بعد ملئي ڇوڪري وراڻيو:
    ”هائو. جڏهن کان هن نديءَ ۾ واڳن (Crocodiles) اچي واسو ڪيو آهي تڏهن کان ڪو به اهڙو نانگ يا مڇي بچي ناهي جيڪا هنن جي پيٽ حوالي نه ٿي هجي.“
    ”واڳون!“ مون کان رڙ نڪري ويئي. ”هن نديءَ ۾ واڳون آهن ڇا؟“ مون تعجب مان پڇيو. ۽ پوءِ ٻارن جي جواب ٻڌڻ بنا پنهنجو ٽوال ۽ سپاٽو کڻي اچي پنهنجي هوٽل کان نڪتس. ٻئي ڏينهن هوٽل جي اسٽاف کان خبر پيئي ته واقعي اها حقيقت آهي ته ملائيشيا جي ٻين ڪيترن ندين وانگر ان ندي ـــ سنگائي نيپاح ۾ پڻ ڪجهه عرصي کان واڳن جو تعداد وڌي ويو آهي ۽ مون لاءِ اهڙي قسم جي درياءَ جي ڪپر تي وڃڻ به صحيح نه هو.
    چون ٿا ته دنيا ۾ سڀ کان گهڻو ڀوائتو ۽ نفرت آموز جانور واڳون آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسانجي ملڪ ۾ نه ايترا درياءَ، دلدلي علائقا ۽ سامونڊي ڪنارا آهن ۽ نه وري انهن ۾ رهندڙ واڳون جن جو اسان کي احساس ٿئي. پر اها حقيقت آهي جيڪا هڪ دفعو ريڊرس ڊائجيسٽ ۾ به ڏنل هئي ته دنيا ۾ جيترا ماڻهو شينهن، بگھڙ ۽ نانگ مارين ٿا، انهن مڙني کان وڌيڪَ موت واڳونءَ کان ٿين ٿا. آفريڪا هليا وڃو. اتي نيل توڙي نائيجر نديءَ جي ڪپرن تي رهندڙن کان پڇي ڏسو. يا زئمبيزي ندي يا ڪنهن ٻي ڍنڍ يا سامونڊي ڪناري جي ڳوٺاڻن کان حال احوال وٺو ته توهان کي خبر پوندي ته دنيا ۾ جيتري واڳونءَ دانهن ڪڍائي آهي اوتري ڪنهن ٻئي جانور هرگز نه.
    شاهه لطيف کان شيخ اياز تائين، عنايت بلوچ کان تاجل بيوس تائين اسان جي سنڌي شاعرن پڻ ان مانگر مڇ (واڳونءَ) جي ارڏاين جو احوال پنهنجن شعرن ۾ ڏنو آهي ۽ کيس، ظلم، هٺ، ۽ هيڻن تي هٿ کڻڻ واري علامت سمجھيو آهي.
    الا متي مڇ جي ساري جر تي جاڙ،
    ڇرڪ ڀرن ٿيون ڇوليون، ڏسي پڇ پڇاڙ،
    ماڻهو ڪهڙي مَاڙ، پهچي واڳونءَ وات ۾
    (شيخ اياز)

    هلو هلو ڪُن تي ڄار کڻي ڄاڻو
    ڪجي ماگر مڇ کي سائر ۾ ساڻو
    ٽريو جي ٽاڻو، برو ايندو بود ۾
    (تاجل بيوس)

    يا شاهه لطيف جو بيحد مشهور شعر:
    متو آهين مڇ ٿلها ٿو ٿونا هڻين
    جا تو ڀانئي اڇ تنهن پلاريندي ڏينهڙا

    منهنجي خيال ۾ هتي واڳونءَ (Crocodile) جي جسماني بناوت ۽ زندگي بابت ٻه چار اهم ڳالهيون لکڻ بي محل نه ٿيندو:
    • دنيا ۾ گهڻا واڳون وچ آمريڪا، ڏکڻ آفريڪا ۽ ايشيا جي گرم ۽ گهميل ملڪن، اتر آسٽريليا ۽ پئسفڪي ٻيٽن تي ٿين ٿا. واڳون چچين ۽ سانڍن جي خاندان جو ئي همراهه سمجھڻ کپي.
    • سندس ڏندن جي بناوٽ قدرت نرالي ٺاهي آهي. سندس ڪو به ڏند ڀڄڻ تي ان جاءِ تي يڪدم نئون ڏند نڪريو اچي. اهو سلسلو سڄي ڄمار هلندو رهي ٿو. پر ساڳي وقت قدرت اها ڳالهه سندس فائدي ۾ نه رکي آهي ته هو انهن ڏندن سان چٻاڙي سگهي. واڳونءَ جا مڙيئي ڏند فقط شڪار کي جھلڻ لاءِ ٿين ٿا. ننڍو وڏو شڪاري هنجي چڪ ۾ ائين سوگھو ٿيو وڃي ڄڻ سندس وات لوهي وائسر Vise هجي.
    • واڳون هر شيءِ ڳرڪايو وڃي. سندس آنڊو/پيٽ ايڏو سخت آهي جو ”پٿر هضم، لڪڙ هضم“! سندس پيٽ ۾ کاڌي خوراڪ کي هضم ڪرڻ واريون رسون هئڊرو ڪلورڪ ائسڊ سان ايترو ته ڀريل آهن جو مهنن اندر لوهي ڀالا ۽ ڪُنڍا ڪڙا سڀ ڳاريو ڇڏين.
    • ساڳي وقت واڳونءَ ۾ اها به خاصيت آهي ته هن کي کاڌو گهٽ ملي ته به گذارو ڪري سگهي ٿو. ڪراچيءَ جي منگھو پير تي پيل واڳون ـــ جن کي ڪنهن زماني ۾ ته ماڻهو تمام گهڻوکارائيندا هئا ـــ ويندي سڄا سڄا ٻڪرا کين اڇلي ڏيندا هئا پر هاڻ عقيدي گهٽجڻ ڪري (يا شايد ٻاڪرو گوشت مهانگو ٿيڻ ڪري، ماڻهو ٽي ويءَ ۽V.C.R پٺيان مشغول ٿيڻ ڪري) منگھو پير ڏي هاڻ ڪو ورلي رخ ڪري ٿو ۽ ويچارا واڳون ـــ ”پيرن مرشدن جيان پوڄڻ وارا“ هاڻ ”نڌڻڪن ۽ يتيم ٻارن وانگر“ اڀ ۾ اکيون هڻيو ويٺا آهن ته من ڪو تلهار جي کوجي دڪاندار جو فائدو ٿئي يا قمبر جي وڏيري کي پٽ ڄمي ته اچي سکا پوري ڪري وڃي. ۽ سڄي ڏينهن ۾ سير اڌ سير هڏين ڇيڇڙن وارو گوشت ڪو مس ٿو ملين. پر اهو آهي ته ان تي به سالن کان جيئرا آهن. نه ته اهڙي ڳري قسم جي ٻئي ڪنهن جانور کي ايترو گهٽ کاڌو ملي ته يا ته پاڻ لاڏاڻو ڪري يا ڪنهن ٻئي آيل تماشبين جو لاڏاڻو ڪرائي.
    • واڳونءَ کي شڪار تي حملو ڪرڻ لاءِ ٻه هٿيار آهن. هڪ سندس خوفناڪ ڄاڙيون ۽ ٻيو پڇ. واڳونءَ جي پڇ جو خوني وار ڍڳي يا سانَ جهڙي وڏي جانور يا ماڻهوءَ کي به ڍيري ڪريو رکي.
    • شڪار کي جھلڻ لاءِ واڳونءَ کي هڪ ٻيو به طريقو آهي. هو پاڻيءَ ۾ سب ـــ مئرين (آب دوز ٻيڙي) وانگر هيٺ وڃي پوءِ آهستي آهستي شڪار جي ويجھو پهچي کيس اهڙو کڻي سوگھو ڪري ٿو جو پوءِ هُو چُري پُري به نٿو سگهي.
    • ٻيا جانور ماڻهوءَ تي گهٽ حملو ڪن ٿا يا جيسين هنن جي کُند نٿي کڻجي. پر دنيا ۾ واڳون هڪ اهڙو نرجو جانور آهي جيڪو ماڻهو تي هروڀرو ۽ هميشه حملو ڪندو اچي.
    • انهن هنڌن تي جتي واڳون پير ڪري پوڄيا وڃن ٿا ۽ کين هڪ هنڌ ستي ستي کاڌو ملندو رهي ٿو، يا انهن ڍنڍن ۾ جتي مڇيون تمام گهڻيون ۽ اڻ کٽندڙ آهن. اتي هو ماڻهوءَ تي حملو نٿا ڪن. پر واڳونءَ جو جيئن ئي قدرتي شڪار ـــ مڇي ختم ٿئي ٿي ته پوءِ ماڻهوءَ تي به حملو شروع ڪريو وٺي. انساني ماس تي هڪ دفعو ڏاٺ هرڻ بعد هو سڄي ڳوٺ لاءِ مسئلو ٿيو پوي.
    • سندس شڪار مردن کان وڌيڪَ عورتون ٿين ٿيون جيڪي آفريڪا جهڙن غريب ملڪن ۾ نديءَ تي پاڻي ڀرڻ، وهنجڻ، يا ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ وڃن ٿيون. يا ننڍا ٻار ٿين ٿا. ڪجهه آفريڪن ۽ پئسفڪي ٻيٽن جون عورتون سندن بيوقوفي ۽ جاهليت ڪري به واڳونءَ جو شڪار ٿين ٿيون. هو ڪوڙن ويڄن، حڪيمن، جادوگرن ۽ فقيرن کان واڳون خلاف منتر، تعويذ يا شوڪاريل خاڪ بدن کي ملي سمجھن ٿيون ته ان جي اثر ڪري واڳون سندن وار به ونگو نه ڪندو.
    • ”سانباهو سمونڊ جو“ ڪتاب ۾ به واڳونءَ بابت لکي آيو آهيان ته هو گوشت چٻاڙي نٿو سگهي. ان ڪري جھليل شڪار جي ننڍو ڪتو ٻلو آهي ته پوءِ ان کي سڄو ئي ڳرڪايو ڇڏي. باقي جي اهو وڏو ـــ جانور يا ماڻهو آهي ته ان کي اتي جو اتي نٿو ڳهي پر پهرين هن جو ساهه ڪڍڻ لاءِ هن کي گهلي گهلي اونهي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ٿو پوءِ ڪجهه ڏينهن لاءِ اتي پاڻيءَ ۾ ئي ڇڏي ڏئيس ٿو جيئن ان جو جسم سڙي ۽ ڳري. ان بعد ان جا ٽڪرا ٽڪرا ڇڪي، پٽي، پوءِ انهن کي ڳهي ٿو.
    • هونءَ دنيا جي واڳن کي ڪو پڇندو به نه هو. ماڻهو کانئس پاسو ڪندا رهندا هئا. ويڙهاڪ يا چرپر ڪندڙ واڳونءَ کي ڳوٺ جا گڏجي ماري اتي جو اتي درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيندا هئا يا ڪناري تي ڪانگن ۽ ڳجھن حوالي ڪندا هئا. ڀلو ٿئي پئرس جي عورتن جو جن کي سڀ کان پهرين خيال آيو ته واڳونءَ جي کل مان شيون ٺهرائجن. وڏي لڙائيءَ کانپوءِ آهستي آهستي واڳونءَ جي کل جا پرس، بئگون، سليپر سپاٽا فئشن ۾ اچي ويا. واڳونءَ جي مٿين کل ته تمام کهري ۽ سخت ٿي ٿئي پر پيٽ هيٺان وارو ٿورو حصو ان ڪم لاءِ ڪتب اچي ٿو. واڳونءَ کي ماريندڙ هزار سوا هزار کن ڊالر ان کل مان ڪمايو وٺي. ۽ ان کل جو سامان ڏهه هزار ڊالرن ۾ وڪامي ٿو. سو اڄ ڪلهه جيتوڻيڪ هاٿين ۽ گينڊن وانگر واڳن کي مارڻ جي به بندش آهي پر تنهن هوندي به جنهن کي جتي ٿو جھٽ لڳي اتي واڳونءَ جو انت ٿو آڻي. جيئن سنڌ ۾ تترن ۽ آڙين سان حشر آهي. ڏسندي ئي ڏسندي دنيا جون ڍنڍون ۽ درياءَ، واڳن کان خالي ٿي رهيا آهن. ۽ جيئن دنيا مان ڪيترن ئي جانورن جو نسل بنهه نابود ٿي چڪو آهي، اهڙي طرح بائلاجسٽن کي ڊپ آهي ته ڪٿي واڳونءَ جو نسل به ختم نه ٿي وڃي، نيل نديءَ ۾ رهندڙ واڳن جي جنس ته ذري گهٽ غائب ٿي وئي آهي.
    تازو ملائيشيا جي گورنمينٽ پڻ قانون جاري ڪيو آهي ته بنا ڪنهن سبب جي ڪو به ماڻهو هروڀرو واڳونءَ کي ماريندو ته هن کي سزا طور هڪ هزار ملائيشي ڊالر (ٽيهه هزار رپيه کن) ڏنڊ يا ۽ سال جيل ملندو. بهرحال اسان ته پڙهيل ڳڙهيل آهيون ۽ اهو قاعدو اخبار ۾ پڙهي ان تي عمل ڪري رهيا آهيون. هئڻ ته ساڳيو قانون هئڻ ته واڳن لاءِ به کپي ته هو اسان کي به هٿ نه لائين. بهرحال انهن لاءِ قانون آهي يا نه. ان تي عمل ڪن ٿا يا نه پر ان ڏينهن ٻليءَ وانگر آئون نئين حياتي ماڻي اچي هوٽل کان نڪتس ۽ اڳتي ائين درياهن ۽ واهن ۾ وهنجڻ جي ٽرڙپائي کان توبنهن ڪري ڇڏيم.


    سنڌو نديءَ جي ڊولفن

    ساموندي مخلوق بابت گذريل ٽيهارو سالن کان لکندو اچان. هاڻ انهن مضمونن کي سموهي ڪتابي صورت ٿي ڏنم ته ڌيان ۾ آيو ته ٻه پاڻيءَ جون شيون جن جي سڃاڻپ اسانجي سنڌو ندي (انڊس) سان آهي ۽ جيڪي پنهنجي نوعيت جون نراليون شيون آهن.... جيڪي سڄي دنيا ۾ مشهور آهن جن جا مقامي سنڌي نالا آهن.... ڇو جو شارڪ، وهيل، لوبسٽر وغيره ته کليل سمنڊن جون شيون آهن جيڪي ٻين ملڪن ۽ انهن جي ڪلچر سان وابسته آهن.... ايتريقدر جو ڪمي، ڪڇون، گانگٽ جهڙا اسان وٽ نالا آهن ته اهي فقط اسان تائين محدود آهن..... توهانکي نيٽ يا انسائڪلوپيڊيا ۾ اهي سنڌي نالا رومن انگريزيءَ ۾ لکڻ سان انهن جو احوال يا تصويرون نه ملنديون. ان لاءِ توهان کي Turtle يا Prawn انگريزي نالا لکڻا پوندا..... پر سنڌو نديءَ جون ٻه شيون جن جا سنڌي نالا رومن انگريزيءَ ۾ لکڻ سان توهان کي معلومات ملي ويندي جو دنيا ۾ اهي شيون اسان جي سنڌي نالن سان سڃاتيون وڃن ٿيون. اهي آهن: ٻلهڻ جنهن کي انگريزيءَ ۾ ”انڊس ڊولفن“ سڏجي ٿو ۽ ٻيو پلو (Pala) ـــ جنهن کي بنگالي ”هلسا“ سڏين ٿا. پلي جهري شڪل ۽ سواد جي مڇي آمريڪا جي به ڪجهه دريائن ۾ ملي ٿي جنهن کي هو Shad سڏين ٿا ۽ USA ۾ رهندڙ اسان جا سنڌي دوست ان ”شاد“ مڇيءَ مان مهراڻ جي پلي جون سڪون لاهين ٿا.
    هتي پهرين ڊولفن (Dolphin) مڇيءَ جو ذڪر ڪنداسين ـــ جنهن بابت سڀ کان پهرين اهو ٻڌايان ته اها ”شارڪ“ وانگر مڇي ناهي پر ”وهيل“ وانگر کير پياريندڙ جانور (Mammal) آهي ـــ بلڪه ڊولفن جو وهيل جي فئملي سان ئي تعلق آهي.... پر ”ڊولفن“ وهيل يا شارڪ مڇيءَ وانگر خوفناڪ جانور نه آهي. نه ئي طبيعت ۾ ويڙهاڪ آهي. ڊولفن جهڙي شڪل ۾ سٺي آهي اهڙي ئي فطرت ۾ بيحد ذهين، شرارتي، ڪرتب سکي ٻين کي وندرائڻ واري ۽ انسان ذات سان دوستي ڪرڻ واري آهي. اسان جي برادريءَ جا ماڻهو يعني جهاز هلائيندڙ ڊولفن جي عزت ڪن ٿا ۽ هن جي شڪار کان دنيا جا ماڻهو پرهيز ڪن ٿا ڇو جو جهاز مان ڪو ماڻهو سمنڊ ۾ ڪري ٿو ته جتي شارڪ جهڙيون مڇيون هن کي هڙپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون اتي ڊولفن جيڪي گروپ ۾ هلن ٿيون، هن جو بچاءُ ڪن ٿيون. ڀٽڪيل تاروءَ کي ڪناري ڏي ڌڪي اچن ٿيون.
    دنيا جو شايد ئي ڪو چڙيا گهر (Zoo) هجي جنهن ۾ مهمانن کي وندرائڻ لاءِ ڊولفن جا ڪرتب نه ڏيکاريا ويندا هجن. اها پاڻيءَ مان ٻاهر نڪري گول رنگ مان ٽپي سگهي ٿي. توهان سان والي بال کيڏي سگهي ٿي. توهان کي پاڻ تي گهوڙي وانگر سوار ڪري هلي ٿي..... دنيا جي ڊولفنن کي ٽرين ڪرڻ سان هو ڪيترائي کيل تماشا ڏيکاري سگهن ٿيون پر افسوس جو اسانجي سنڌ جي ڊولفن (ٻلهڻ) ان قسم جا ڪم ڪرڻ کان لاچار آهي جو اها نابين آهي.
    ڊولفن جي شڪل کڻي مڇيءَ جهڙي آهي. هن جو جسم، پڇ، کنڀڙاٽيون (Flappers) وغيره مڇين جهڙا آهن.... هو مڇين وانگر تري سگهي ٿي.... مڇيءَ وانگر پاڻيءَ ۾ ڄمي ٿي پاڻيءَ ۾ مري ٿي پر آهي جانور. ان جي کل تي مڇيءَ وانگر ڇلر نٿا ٿين..... هن کي مڇيءَ وانگر ڪليون (Gills) هجڻ بدران انسانن ۽ جانورن وانگر ڦڦڙ آهن ان ڪري هوءَ مڇيءَ وانگر پاڻيءَ مان آڪسيجن حاصل ڪرڻ بدران پاڻيءَ جي Surface تي اچي نڪ (ناسوٽيءَ) ذريعي ساهه کڻي هوا کي ڦڦڙن ۾ داخل ڪري ٿي جتي سندس رت کي هوا مان آڪسيجن ملي ٿي. مڇيون هزارين آنا ڏئي هليون وڃن ٿيون پٺيان انهن آنن مان ڦٽندڙ ٻچا مرن، بچن، وڏا ٿين..... اها انهن جي قسمت. اتي ڊولفن جانورن وانگر فقط هڪ ٻار ڄڻي ٿي جنهن کي هوءَ ڏهه مهينا کن پيٽ ۾ سانڍي جڏهن ڄڻي ٿي ته ان جي گهٽ ۾ گهٽ ڇهه اٺ مهينا پرگهور لهي ٿي.... هن کي پاڻ سان وٺي هلي ٿي.... وقت تي کير پياري ٿي.... وغيره.
    ڊولفن لاءِ سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هن کي ٻن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ دريائي ڊولفن ۽ ٻي سامونڊي ڊولفن.
    سامونڊي ڊولفن جون ٻه يا ٽي نه پر 32 جنسون آهن جيڪي سڀ دنيا جي ذري گهٽ سڀني سمنڊن تي نظر اچن ٿيون...... يعني توهان دنيا جي ڪنهن به سمنڊ تي وڃو ڊولفن توهان کي نظر ايندي. هونءَ ڊولفن گهڻو ڪري ڪناري جي ويجھو ئي رهي ٿي. هڪ اهو به سبب آهي جو ڊولفنن ۽ ”سي گل“ پکين کي ڏسي جهازرانن کي خوشي ٿيندي آهي ته هاڻ ڪنارو ويجھو آهي.... سمنڊ جي ويرين ۽ طوفاني راتين کان جان ڇٽي.
    ڊولفن جون اهي جنسون 3 فٽن کان 30 فٽ ڊيگهه جون ٿين ۽ وزن 45 ڪلو کان 9000 ڪلوگرام (9 ٽن) ٿئين. انهن جنسن ۾ ٻه تمام مشهور آهن. هڪ ٻاٽلي (بوتل) جهڙي نڪ واري ڊولفن ۽ ٻي عام (ڪامن) ڊولفن. ٻاٽليءَ جي نڪ جهڙي ڊولفن پنهنجي شڪل مان کلمک لڳي ٿي. دنيا جي چڙيا گهرن ۽ ماهي خانن ۾ اسان جو هيءَ ڊولفن آڌر ڀاءُ ڪري ٿي. هن جو مٿيون حصو ڪارسرو ٿئي ٿو ۽ هيٺيون اڇيرو (سفيد). هن رنگ جي اسڪيم سان هن جو پينگئن وانگر وڏن جانورن کان بچاءُ ٿيو وڃي جن کي ڊولفن چٽيءَ طرح نظر نٿي اچي. هن جي وات ۾ اٽڪل 160 ڏند ٿين ٿا. هن قسم جون ڊولفنون ائٽلانٽڪ، پئسفڪ ۽ هندي وڏي سمنڊ (Indian Ocean) جي گرم حصن ۾ جام نظر اچن ٿيون. هي ڊولفن 20 کان 50 جي ٽولي ۾ رهن ۽ ملي جلي مڇين جو شڪار ڪن. سندن پسنديده کاڌو مڇي آهي. مڇين جي شڪار لاءِ ڊولفن کي وڏي ڀڄ ڊڪ ڪرڻي پوي ٿي ڇو جو شڪار پنهنجو پاڻ ته هنجي وات ۾ داخل نه ٿيندو. ان ڪري ڊولفن 20 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان ڊوڙي ٿي. هوءَ 26 کان 30 ڊگريون سينٽي گريڊ جي گرمائش ۾ خوش رهن ٿيون.
    مادي ڊولفن هڪ دفعي ۾ فقط هڪ ڦر ڏئي ٿي جيڪو ڄمڻ وقت 3 کان 4 فٽن تائين ڊگهو ٿئي ٿو. هرڻيءَ جي ٻچي وانگر ڊولفن جو نئون ڄاول ٻار به بيحد شرارتي ۽ کيڏڻ ٽپڻ وارو ٿئي ٿو. ڊولفن هميشهه جهازن ۽ ٻيڙين جي پٺيان اچي ٿي ڇو جو هوءَ انسان دوست آهي جن سان هوءَ محبت ڪري ٿي.
    ”عام“ ڊولفن جا به ڪيترائي قسم آهن. دنيا جي مختلف سمنڊن ۾ تعداد، رنگ، جسامت، ڊيگهه ۽ سونڍ جهڙي منهن جي حساب سان هن جا مختلف قسم آهن. هن ڊولفن جي وات ۾ 200 کن ڏند ٿين ٿا. هن قسم جون ڊولفنون فقط اتر قطب ۽ ڏکڻ قطب جي سمنڊن ۾ نه پر ميڊيٽرينين (بحرِ روم) ۽ ڪاري سمنڊ (بحر اسود) ۾ به وڏي تعداد ۾ ٿين ٿيون. هي ڊولفن به سامونڊي ڪناري ويجھو رهڻ پسند ڪن ٿيون پر ڪڏهن کليل سمنڊ جي سير لاءِ به نڪريو وڃن.
    هي ”عام“ نسل جون ڊولفنون ڏهن کان هڪ سؤ جي ٽولي ۾ نظر اچن ٿيون.... ويندي هڪ هزار جو گروهه يا کڻي چئجي ته سڄي قبيلي سان گڏ گڏ نظر اچن ٿيون. ٻيا لڏ پلاڻ ڪرڻ وارا پکي يا جانور ته فقط خاص موسمن ۾ دنيا جي هڪ حصي کان ٻئي ڏي وڃن ٿا.... جيئن ڪونج يا آڙي سياري جي موسم ۾ خط استوائي گرم ملڪن ڏي لڏي اچي ٿي ۽ پوءِ اونهارو ٿيڻ تي واپس اتر جو رخ اختيار ڪري ٿي. پر ڊولفنون ٻارهوئي پيون چڪر هڻن هڪ سمنڊ مان ٿي وري ٻئي ۾..... اتان پوءِ ٽئي ڏي يا وري موٽي پهرين ۾ اچن.... يعني کين سير و تفريح ڪرڻ جو وڏو شوق آهي. ميڊيٽرينين سمنڊ کان ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ پيون اينديون.... اتان پوءِ هندي وڏي سمنڊ جو رخ ڪنديون يا پئسفڪ سمنڊ ڏي هليون وينديون يا آمريڪا جي ڪنارن تي گهمنديون وتنديون ـــ هي ”عام“ نسل جون ڊولفنون 25 ناٽ (يعني 25 ناٽيڪل ميل في ڪلاڪ) جي رفتار سان تري سگهن. هي به ٻاٽلي مهانڊي واري ڊولفن (يعني کلمک ڊولفن) وانگر جهاز ۽ ٻيڙين جي پويان پويان هلن ٿيون. دراصل ڊولفن انسانن سان بلڪل ان ريت محبت ڪري ٿي جيئن توهان جا ٻيا پالتو جانور. ان ڪري هن کي تفريح گاهن ۾ به پاليو وڃي ٿو. عام طور تي هي ڊولفن به مڇيون کائين ٿيون. توهان ڏٺو هوندو ته ڪرتب ڏيکارڻ وارين ڊولفنن کي سندن هر ڪرتب سرانجام ڏيڻ بعد هنن جو ٽرينر هڪ هڪ مڇي وات ۾ وجھي ٿو. ڪرتب شروع ڪرائڻ کان اڳ هنن کي ٻه ٽي ڪلاڪ بکيو رکيو وڃي ٿو جيئن هوءَ خوراڪ (مڇيءَ) جي شوق ۾ صحيح طرح ڪرتب ڪري.
    ڊولفن جي هن جنس جي مادي پڻ هڪ وقت ۾ هڪ ئي ڦر ڏئي ٿي جيڪو سوا ٽن کان چار فٽ ڊگهو ٿئي ٿو. هر ڊولفن ٽن کان چئن سالن جي عمر تائين جوان ٿيو وڃي ۽ اها 25 کان 30 سال جيئري رهي ٿي.
    ڊولفنن جي خاندان جي هڪ ٻي جنس ”رِسو ڊولفن“ سڏجي ٿي. رسو (Risso) ڊولفن پنهنجن ڊگهن ڏندن کان مشهور آهي. هن جا ڏند اٽڪل سوا انچ ڊگها ٿين ٿا. پر مزي جي ڳالهه اها آهي ته هن جي مٿين ڄاڙيءَ ۾ هڪ ڏند به نه ٿئي. هيٺين ڄاڙيءَ ۾ به ڪي گهڻا ڏند نه ٿين..... بس ٻنهي پاسن کان ست ڏند ٿين. پر انهن ڊگهن ۽ تکن ڏندن ڪري هيءَ زبردست شڪاري ڊولفن آهي. هن جو قد 13 فٽ ۽ وزن 700 ڪلو گرام ٿئي..... يعني ڪافي وڏي ٿئي ٿي ۽ اسان جهڙي 75 ڪلو وزن جهڙي ڏهن ماڻهن جي تور برابر ٿئي ٿي. هوءَ 40 کان 50 ڊولفنن جو ٽولو ٺاهي رهي ٿي. هيءَ گهڻو تکو نٿي تري سگهي پر هن کي برداشت جي وڏي قوت آهي ۽ اڌ ڪلاڪ تائين بنا ساهه کڻڻ جي..... يعني سمنڊ جي مٿاڇري تي اچڻ جي سمنڊ اندر شڪار جي ڳولا ڪري سگهي ٿي. ياد رهي ته هيءَ مڇين وانگر پاڻيءَ مان آڪسيجن کڻڻ بدران سمنڊ جي سطح تي منهن مٿي ڪري ساهه کڻي ٿي. ان ڪم لاءِ ڊولفنن کي به وهيل وانگر ٿوري ٿوري دير بعد پاڻيءَ جي مٿاڇري تي اچڻو پوي ٿو. هن جنس جي ڊولفن جي هونءَ خاص غذا ڪٽل فش آهي.
    ريسو ڊولفن (Risso’s Dolphin) کي تائيوان جا مهاڻا (Monk Dolphin) ”ٻائو ڊولفن“ به سڏين ٿا. هيءَ ڊولفن فرينچ سائنسدان ائنٽونيو رِيسو (1845 – 1777) جي نالي آهي. هڪ ٻي مڇي (Lantern Fish) جي هڪ جنس پڻ هن ريسو جي نالي آهي. ريسو جا مڇين بابت فرينچ ۽ انگريزيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب آهن.
    ڊولفن جي هڪ بيحد ڳري جنس به ٿئي ٿي جيڪا ”اوراڪا“ سڏجي ٿي.... هن کي ”قاتل وهيل“ به ڪوٺيو وڃي ٿو. دراصل هيءَ آهي ته ڊولفن پر هن جي وڏي سائيز ۽ شڪاري عادتن جي ڪري مهاڻا هن کي وهيل سڏين ٿا. هيءَ 30 فٽ ڊگهي ۽ وزن ۾ اٺ نو هزار ڪلوگرام ٿئي ٿي..... يعني سؤ کن ماڻهن جي وزن برابر. هن جي وات ۾ 50 کن ڏند ٿين ۽ اهي ٽڪنڊي شڪل جا آهن. هيءَ خطرناڪ ڊولفن دنيا جي سڀني سمنڊن ۾ نظر اچي ٿي پر گهڻي تعداد ۾ اتر ۽ ڏکڻ قطبن ۽ ائنٽارڪٽڪا ۾ نظر اچي ٿي ۽ گهڻو ڪري ڪناري جي ويجھو رهي ٿي. هيءَ ڊولفن عام طرح ٻن کان اٺن جو ٽولو ٺاهي هلي. ڪڏهن ڪڏهن 30 کان 40 جو لشڪر به ٿيو وڃي. اوراڪا ڊولفن پيٽ قوت لاءِ پينگوئن، سِيل ۽ ننڍڙين وهيل مڇين جو شڪار ڪري ٿي.
    اوراڪا ڊولفن تمام تکي يعني 57 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان تري ٿي. ساهه کڻڻ لاءِ هوءَ هر هر پاڻيءَ جي سطح (مٿاڇري) تي اچي ٿي ۽ 15 ميٽر اتاهون ۽ 13 ميٽر ڊگهو بُل (Jump) ڏئي ٿي. هيءَ ڊولفن تمام طاقتور ٿئي ٿي ايتري قدر جو سمنڊ ۾ ترندڙ هڪ ميٽر برف جي ٿلهي ڇپ (Ice berg) کي ٿونو (مٿو) هڻي ڀڃي سگهي ٿي. مزي جي ڳالهه ته هيءَ ڊولفن ڪڏهن ڪڏهن تفريح خاطر سمنڊ جي ڇولين تي پاڻ کي چرپر ڪرڻ بنا ڇڏي ڏيندي آهي جيئن ڪو ٿلهو ماڻهو پيٽ مٿي ڪري بنا چرپر جي پاڻ کي سئمنگ پول جي مٿاڇري تي ليٽيل رکندو آهي. اهڙيءَ ريت هيءَ ڊولفن لهرن جي رحم و ڪرم تي ترندي رهندي آهي. هن مڇيءَ کي قدرت اهو عقل ڏنو آهي ته هوءَ ان حالت ۾ به پنهنجو مٿو پاڻيءَ مان ٻاهر ڪڍي رکي ٿي جيئن هوءَ نڪ ذريعي ساهه کڻندي رهي.
    سائنسدان چون ٿا ته ڊولفن هڪ ذهين مخلوق آهي. هن جي ذهانت ڪُتي ۽ چمپانزي بندر جي عقل جيتري آهي. کلمک ڊولفن ته وڏي سيلاني ٿئي ٿي. روزانو 100 ميلن جي علائقي ۾ چڪر هڻيو وٺي. فلوريڊا (USA) جي ڪناري تي ملندڙ ڊولفن جپان ۽ ناروي تائين جو چڪر هڻيو اچن. ڏکڻ آفريڪا جي ڪناري واريون ڊولفن نيوزيلئنڊ ۽ ارجنٽائين تائين ٿيو اچن.
    ڊولفن جي سڀني جنسن جي ڊزائين (ساخت) تارپيڊو جهڙي ٿئي ٿي. هنن کي پيڊلن جيان ٻه اڳيان کنڀڙاٽيون ٿين جن کي توهان ڊولفن جا هٿ سڏي سگهو ٿا جن ذريعي هوءَ تري ٿي. پر هن کي پٺيون کنڀڙاٽيون يا ڄنگهون نه ٿين. هن جو پڇ بيحد مضبوط ٿئي ٿو ۽ اهو ئي ڪم ڪري ٿو جيڪو ڪنهن جهاز يا ٻيڙي ۾ سکان (Rudder) ڪري ٿو.
    ڊولفن جي چمڙي (کَلَ) نرم، لسي ۽ رٻڙ جهڙي ٿئي ٿي جنهن جي هيٺان چرٻيءَ جو تهه ٿئي ٿو جيڪو هن کي سرد موسم يا سرد علائقن ۾ سيءَ کان بچائي ٿو..... يعني هن کي قدرتي اوورڪوٽ آهي، اهو ئي ”اوور ڪوٽ“ ضرورت پوڻ تي يعني بک جي حالت ۾ هوءَ کاڌي تور استعمال ڪري ٿي. چرٻي پاڻيءَ کان هلڪي هجڻ ڪري ڊولفن کي ترڻ ۽ فلوٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي.
    ڊولفنن کي قدرت طرفان ٻُڌڻ جي صلاحيت به تمام اعليٰ درجي جي مليل آهي. بلڪه ڪيترا آواز جيڪي اسان (انسانن) جا ڪن ٻڌي نٿا سگهن اهي ڊولفن ٻڌي ٿي. پاڻيءَ ۾ ڪنهن هلڪي شيءِ جي ڪرڻ يا پاڻيءَ ۾ هلڪي چرپر ٿيڻ جو آواز به ڊولفن جھٽيو وٺي.
    اسان جي انڊس ڊولفن (ٻلهڻ) کان علاوه سمنڊ تي رهندڙ باقي ڊولفنن جي بصارت يعني نظر به سٺي آهي. ڊولفن جي جسم جي ٻاهرين کل بيحد حساس ٿئي ٿي ۽ هوءَ ان ذريعي هر آواز کي محسوس ڪري سمجھيو وڃي ته سندس علائقي ۾ ڪجهه گڙ ٻڙ آهي..
    ها، ڊولفن سان هڪ ڪمزوري ضرور آهي ته هوءَ سونگهي نٿي سگهي. سندس نڪ جون ناسون فقط ساهه کڻڻ لاءِ آهن. قدرت طرفان هن کي هڪ ٻي صلاحيت ضرور مليل آهي. جنهن کي پاڻ رڊار (Radar) چئي سگهون ٿا جنهن جي مدد سان ڊولفن سفر جي دوران سامهون ايندڙ شيون يا پاسي اوسي کان رڪاوٽ يا دشمن کان خبردار ٿي سگهي ٿي. ڊولفن اسان وانگر هڪ ئي وقت ڇهه ست ڪلاڪ سمهي نٿي سگهي. هوءَ فقط ٽيهه سيڪنڊن، يعني اڌ منٽ لاءِ سمهي سگهي ٿي پر اها ٻي ڳالهه آهي ته هوءَ ڏينهن رات ۾ ڪيترائي دفعا ٽيهه ٽيهه سيڪنڊن لاءِ سمهي ٿي.
    سنڌو نديءَ ۾ موجود ڊولفن جي جنس فقط ۽ فقط سنڌو نديءَ ۾ ٿئي ٿي. افسوس جي اها ڳالهه آهي ته اها ڊولفن جيڪا دنيا لاءِ حيرت جو باعث آهي جنهن تي هڪ طرف دنيا جا سائنسدان/بايولاجسٽ کيس اهم سمجھي تجربا ڪن ٿا ۽ بين الاقوامي ادارا هن دريائي جانور جي بچاءَ ۽ ان جي نسل وڌڻ لاءِ وڏو خرچ ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف اسان وٽ ڪيترن کي اها به خبر ناهي ته سنڌو نديءَ ۾ هڪ خاص قسم جي ڊولفن آهي جيڪا انڊس ڊولفن، انڌي ڊولفن، ٻلهڻ، پاسيرو ترندڙ ڊالفن جهڙن نالن سان سڏي وڃي ٿي. ڪيترن کي ته اها به خبر ناهي ته ڊولفن مڇيءَ جو قسم آهي يا لڌڙي وانگر پاڻيءَ جي جانور جو! بهرحال ان آخري حصي بابت شروع ۾ ڪافي ذڪر ٿي چڪو آهي ته ڊالفن وهيل وانگر جانور آهي جنهن جي مادي انسانن وانگر ٻچو ڄڻي ٿي ۽ ان کي پاڻ سان گڏ رکي کير پياري ٿي. ڊولفن کي مڇيءَ وانگر نه ڇلر ٿين ۽ نه ڪليون..... ان ڪري هوءَ هر هر پاڻيءَ مان ٻاهر منهن ڪڍي نڪ مان ساهه کڻي ٿي. بهرحال هتي پاڻ ڊولفن جي فقط ان جنس بابت ڳالهه ڪنداسين جيڪا اسان جي انڊس نديءَ ۾ سوين هزارين سالن کان موجود آهي ۽ جيستائين سنڌو نديءَ تي ڊئمون ۽ بئراجون نه ٺهيون هيون تيستائين هيءَ ٻلهڻ (انڊس ڊولفن) سنڌو نديءَ جي ڇوڙ کان اتر ڏي ستلج بياس ندين تائين پئي هلي چلي پر هاڻ مختلف حصن ۾ ورهائجي وئي آهي. هوءَ ڄامشورو (غلام محمد بئراج) يعني ڪوٽڙيءَ کان درياهه جي ڇوڙ تائين ورلي ڪا نظر اچي ٿي جو سياري جي موسم ۾ اتي پاڻي ئي نه آهي. البت سکر ۽ گڊو بئراج جي وچ وارو سنڌو نديءَ جو اهو حصو آهي جتي هيءَ ٻلهڻ ملي ٿي ۽ سنڌ حڪومت طرفان ان جي بچاءَ لاءِ اُپاءَ ورتا پيا وڃن جيئن هيءَ منفرد قسم جي ڊولفن زندهه سلامت رهي ۽ اسانجو ايندڙ نسل به ان کي ڏسي سگهي.
    سنڌو نديءَ ۾ موجود هن ڊولفن جو سائنسي نالو Platanista Indi ۽ Platanista Gangetica آهي. عام طرح انگريز به هن کي Bhulan (جيڪو سنڌي لفظ ٻلهڻ مان آهي) ۽ ”انڊس ڊالفن“ سڏين ٿا. هيءَ ڊيگهه ۾ 7 کان 10 فوٽ ٿئي ۽ کيس ٻاتليءَ جهڙو ڊگهو منهن ٿئي هن کي هر ڄاڙيءَ ۾ 28 کان 29 ڏند ٿين. رنگ گلابي مائل خاڪي برائون اٿس. کل بيحد نازڪ ۽ نرم ٿئيس ٿي. ڊولفن جو مغز وڏو هجڻ ڪري هوءَ بيحد ذهين ٿئي ٿي ۽ عام طرح ننڍي عمر جي ڊولفن کي ڪرتب سيکاريا وڃن ٿا.... سواءِ انڊس ڊولفن جي جيڪا تقريبن انڌي آهي. هونءَ دنيا جي ڪا به ڊولفن ڄاڻي واڻي انسان جي لاءِ نقصانڪار ناهي..... بلڪه ڊولفن لاءِ مشهور آهي ته هو انسان ذات جون دوست آهن ۽ هو هميشه انهن هنڌن تي نظر اچن ٿيون جتي ٻيڙيون ۽ ماڻهو موجود آهن.
    ڊولفن لاءِ شروع ۾ به لکي چڪو آهيان ته هوءَ دنيا جي هر سمنڊ ۾ نظر اچي ٿي..... پوءِ ڪي جنسون ٽراپڪس جي گرم سمنڊ ۾ نظر اچن ٿيون ته ڪي ائنٽارڪٽڪ جي برفاني سمنڊن ۾. جيتوڻيڪ Cetacean فئملي جا ساهوارا سمنڊ ۾ ئي رهن ٿا جيئن ته وهيلون وغيره..... ڊولفن جون به انيڪ جنسون سمنڊ ۾ ئي رهن ٿيون پر پنج اهڙيون جنسيون آهن جيڪي مٺي پاڻيءَ جون آهن ۽ دنيا جي پنج مختلف درياهن ۾ نظر اچن ٿيون. انڊس ڊولفن انهن مان هڪ آهي.
    1960ع تائين اهو سمجھيو ويو ٿي ته گنگا ۽ برهمپترا ندين ۾ موجود سُوسُو (Susu) نالي ڊولفن ۽ سنڌو ندي جي ٻلهڻ هڪ ئي جنس جون آهن پر پوءِ سئٽزرلئنڊ جي پروفيسر پليريءَ (George Pilleri) برن شهر ۾ تجربن دوران اندازو لڳايو ته ”انڊس ڊولفن“ بلڪل نرالي شيءِ آهي جيڪا فقط ۽ فقط سنڌو نديءَ ۾ ئي رهي ٿي. ان جنس جي ڪا به ڊولفن گنگا يا ٻين دريائن يا سمنڊن ۾ ناهي. اها جڏهن مچي مڙس ٿئي ٿي ته 6 فٽ قد ۽ 60 ڪلو وزن ڪري ٿي.
    دنيا جي ٻين ڊولفنن جو نظر بيحد چٽو ٿئي ٿو پر انڊس ڊولفن کي تمام ننڍيون اکيون ٿين جن ۾ به لينس (A crystalline Eye Lens) نه ٿئي معنيٰ هوءَ نابين ئي سمجھو پر ان هوندي به ايترو آهي ته هوءَ اوندهه ۽ روشنيءَ ۾ فرق پرکي سگهي ٿي. هونءَ ته نور بنا هڪ ساهوارو لاچار ۽ بيوس ٿيو وڃي پر ٻلهڻ (انڊس ڊولفن) جنهن لٽ ۽ مٽِيءَ واري پاڻيءَ ۾ رهي ٿي اتي اکين واري کي به ڇا نظر ايندو؟ باقي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڏسڻ بنا هوءَ ڪيئن ٿي هلي چلي (Navigate) ڪري يا کائڻ لاءِ شڪار کي جھلي؟ ان لاءِ هوءَ ”ايڪو لوڪيشن“ (Echolocation) کان ڪم وٺي ٿي. اکين جو نور نه هجڻ ڪري هنن مڇين اندر Sonar سسٽم ڊيولپ ٿئي ٿو جنهن ذريعي هو ننڍي کان ننڍي مڇي به محسوس ڪريو وٺن ته اها کانئن ڪيڏو پري آهي.... ڪهڙي رفتار سان ۽ ڪهڙي طرف وڌي رهي آهي. هي ائين آهي جيئن اسان ”ايڪو سائونڊر“ يا ”سونار“ ذريعي هلندڙ جهاز جي بند ڪمري (چارٽ روم) ۾ ويهي معلوم ڪريو وٺون ته هيٺ سمنڊ جو ترو ڪيتري فاصلي تي آهي يا سامهون سمنڊ جي مٿاڇري تي ڪيترا ۽ ڪيڏا وڏا جهاز آهن ۽ اهي اسان کان ڪيترو پري آهن ۽ ڪهڙي رفتار سان ڪهڙي طرف وڃي رهيا آهن .... ڀلي کڻي ڪيترو به ڌنڌ هجي ۽ اکين سان يا ڪنهن دوربين سان ڪجهه به نظر نه اچي. ۽ اهو به معلوم ٿيو وڃي ته سمنڊ هيٺ ڪا ٽڪري يا تري ۾ ڪو ٻڏل جهاز ته نه آهي. مون کي ياد آهي ته 1960ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن مون جهاز جي نوڪري شروع ڪئي ته انهن ڏينهن ۾ بندرگاهه ۾ يا کلئي سمنڊ ۾ ان جي اونهائي معلوم ڪرڻ لاءِ ”چپي“ (جهاز جو واڍو) وڏي رسي کڻندو هو جنهن جي پوڇڙ ۾ لوهه جو ٽڪرو ٻڌل هوندو هو. ان کي سمنڊ ۾ ڇڏيندو هو جيسين اهو لوهه جو ٽڪرو سمنڊ جي تري کي ڇهي. ان بعد ان رسيءَ کي ٻاهر ڪڍي ان جي آلي حصي جي ماپ ڪندو هو ته ڪيترا فٽ سمنڊ آهي. پر پوءِ سگهو ئي 1970ع کان Sonar جهڙا ڪيترائي ايڪو سائونڊر ايجاد ٿي ويا جنهن ذريعي هر وقت سمنڊ جي اونهائيءَ جي خبر پوندي رهي ٿي. اهي اوزار ان اصول تي ڪم ڪن ٿا ته اهي هڪ قسم جو آواز اڇلين ٿا جيڪو سمنڊ جي تري سان ٽڪرائي جڏهن واپس اچي ٿو ته ٽائيم مفاصلي جي عڪاسي ڪري ٿو. ڊولفن به پنهنجي آواز جي موٽ (پڙاڏو) مان اندازو لڳائي ٿي ته اهو جلد آيو ته معنيٰ اها شيءِ سندس ويجھو ئي آهي جنهن سان سندس اڇليل آواز ٽڪرائي يڪدم موٽيو آهي. ايڪولوڪيشن وانگر سونار (Sonar) به آهي. سونار دراصل شارٽ فارم آهي Sound Navigation and Ringing جو. سونار به پاڻيءَ اندر آواز جون لهرون اڇلي ٿو ۽ انهن جو پڙاڏو اسڪرين تي شڪلين ۾ نظر اچي ٿو ته سمنڊ اندر ڪا ٽڪري يا ٻڏل جهاز ته نه آهي. اڄ ڪلهه ته مڇين جو شڪار به سونار ذريعي ٿئي ٿو. سونار مهاڻن کي ڄاڻ ڏئي ٿو ته سمنڊ اندر ڪهڙي پاسي ۽ ڪيڏي تعداد ۾ مڇيون آهن ۽ اهي ڪهڙي طرف وڌي رهيون آهن. سنڌو نديءَ جي نابين ٻلهڻ (Dolphin) کي به قدرت سونار جهڙي صلاحيت ڏني آهي ۽ هوءَ مختلف سڏن ذريعي آئيڊيا لڳايو وڃي ته سندس خوراڪ لاءِ سندس سامهون شڪار ـــ يعني ننڍيون مڇيون آهن (جن کي هڙپ ڪجي) يا ڪا آفت آهي جنهن کان ڀڄي پاسو ڪجي.
    سنڌو ندي جي ڊولفن جي هڪ ٻي ڳالهه به نرالي آهي جيڪا هن کي دنيا جي ٻين ڊولفنن ۽ سندس فئملي ـــ يعني وهيل مڇين کان نرالو ڪري ٿي. انڊس ڊولفن هميشه پاسيري ٿي تري ٿي جيتوڻيڪ ٻيون ڊولفن ۽ مڇيون نارمل طريقي سان ترن ٿيون. سندن پٺيءَ تي ٺهيل کنڀراٽي جيڪا Dorsal fin سڏجي ٿي. هميشه مٿي هوندي آهي ۽ سندن پيٽ سمنڊ يا درياهه جي تري ڏي. انڊس ڊولفن پاسيري ٿي تري ٿي باقي ساهه کڻڻ مهل جڏهن درياهه جي سطح تي اچي ٿي ته ان وقت نارمل پوزيشن اختيار ڪري ٿي. سنڌو نديءَ جي مٽي ۽ ڌوڙ سان لٽيل پاڻيءَ اندر ڊولفنن کي ترندو ڏسي نٿو سگهجي. پر کيس وڏي نادي (Tank) ۾ صاف پاڻي ۾ پاسيرو ترندو ڏسي سگهجي ٿو. هوءَ اکين کان نابين هجڻ ڪري پاسيرو ترڻ سان پنهنجين کنڀراٽين ذريعي درياهه جي تري ۾ شڪار جي ڳولا ڪري ٿي ـــ خاص ڪري سنگھاري مڇين (Cat Fish) جي جيڪي هن جي دلپسند خوراڪ آهن.
    انڊس ڊولفن جي جيڪڏهن سندس سامونڊي سؤٽ ماسات ڊولفن سان ڀيٽ ڪئي وڃي ته اسان جي ٻلهڻ ايڏو خوش مزاج طبيعت جي نه آهي. ٻيون ڊولفنون ۽ وهيلون ساهه کڻڻ مهل پاڻيءَ جي سطح مٿان بازولي پائينديون يا جمپ ڏينديون پر اسان واري سنڌونديءَ واري ڊولفن ساهه کڻڻ مهل فقط ڪنڌ ٻاهر ڪڍي ٿي...... ڪڏهن ڪڏهن ته فقط نڪ جو حصو ٻاهر ڪڍي هوا ڇڪي ٿي ۽ هيٺ درياهه اندر هليو وڃي. انڊس ڊولفن لاءِ اهو البت چيو وڃي ٿو ته اها پهريان چار پنج مهينا هرڻيءَ وانگر خوب ٺينگ ٽپا ڏئي ٿي ۽ ڪجهه ڪجهه سيڪنڊن بعد درياهه جي مٿاڇري مان نڪري تڪڙا تڪڙا ساهه کڻي ٿي جڏهن ته بالغ ڊولفنون اڌ اڌ منٽ جي ساهيءَ کانپوءِ فقط ٿورو مٿي اچي ساهه کڻن ٿيون.
    ڪو زمانو هو، يعني سنڌو نديءَ تي بئراجن ٺهڻ کان اڳ (يعني 1850ع کان اڳ تائين) انڊس ڊولفن سنڌو نديءَ جي ڇوڙ کان وٺي مٿي جهلم ستلج ندين تائين نظر آيون ٿي پر هاڻ هنن جو وڏو تعداد گڊو ۽ سکر جي وچ ۾ رهجي ويو آهي. ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ گڊوءَ کان مٿي نطر اچي ٿي. ڄامشورو جي غلام محمد بئراج کان پوءَ هيٺ ته پاڻيءَ جي به سخت کوٽ آهي ان ڪري هيٺ ڏکڻ ۾ ورلي ڪا ڊولفن نطر اچي ٿي. ٻوڏ جي ڏينهن ۾ اخبار ۾ پڙهيو هوم ته سجاول جي مهاڻن کي سجاول پل (ٺٽي وٽ) ڊولفن (انڌي ٻلهڻ) نظر آئي هئي. پر ان خبر بابت ڪو خاطري نه ڏئي سگهيو. سکر ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ ڪجهه ڊولفن ضرور ڏسڻ ۾ آيون جيڪي ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ سکر بئراج جي کليل دروازن مان نڪري آيل لڳن ٿيون.
    هونءَ ڏٺو وڃي ته سڄي سنڌو نديءَ ۾ جيڪو ڊولفن جو تعداد وڃي بچيو آهي اهو فڪر جوڳو آهي. بين الاقوامي ادارو WWF ۽ سنڌ حڪومت سخت ڪوششن ۾ آهي ته هن جانور کي بچايو وڃي ٻي صورت ۾ اسان جو ايندڙ نسل انهن کي ڏسڻ کان محروم رهجي ويندو.
    1972ع کان پاڪستان ۾ پاس ڪيل قانون مطابق انڊس ڊولفن (انڌي ٻلهڻ) کي حڪومت طرفان حفاظت مليل آهي ۽ ڪنهن کي به هن کي مارڻ جي اجازت ناهي ۽ سرڪار طرفان گڊو کان سکر (90 ميلن جي فاصلي) تائين سخت پهرو رکيل آهي. 1977ع ۾ جيڪا ڊولفن جي ڳڻپ ٿي ان موجب 170 جانور نظر آيا جيڪو تعداد تمام گهٽ آهي.
    سنڌو نديءَ ۾ ٻلهڻ (ڊولفن) جي تعداد جي گهٽجڻ جو سڀني کي فڪر آهي جيتوڻيڪ سنڌو نديءَ ۾ اها پالوشن ناهي يعني سنڌو نديءَ جي ڪنارن تي ڪارخانا ۽ فئڪٽريون ناهن جن مان زهريلو مواد درياهه ۾ ايندو هجي جنهن گند ڪري دنيا جي ٻين ندين ۾ ڪيترائي جانور مرن ٿا. اسلام ۾ ٻلهڻ حلال جانور آهي يا نه پر ان جي گوشت کي اسان وٽ کائڻ جو ڪلچر نه هجڻ ڪري ٻلهڻ جي تعداد ۾ کوٽ نه ٿيڻ کپي. ان بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ WWF جي هڪ يورپي آفيسرياڻي جينٽ نالي سکر ۾ ڪجهه عرصو اچي رهي هئي. ان ٻاهر جي اخبار ۾ اهو لکيو ته انڊس ڊولفن جي تعداد ۾ کوٽ اچڻ جو اهو سبب آهي جو سنڌ ۾هڪ ”جبرس“ نالي ذات آهي اهي ڊولفن کي جھلي انهن جو گوشت کائين ٿا ۽ انهن مان نڪرندڙ تيل وڏي اگهه تي وڪڻن ٿا جو ڪجهه ماڻهن کي اهو وهم آهي ته اهو تيل شهوت/مردانگي وڌائي ٿو جيتوڻيڪ اها هڪ فئنٽسي آهي ۽ ان ۾ ڪا حقيقت ناهي.
    ڏوڪري (سنڌ) ۾ رهندڙ اسانجي هڪ اديب دوست ۽ شاهه لطيف جي پارکو انور ڏنگڙائيءَ کي فون ڪري پڇيم ته مئڊم جينٽ انگريزي مضمون ۾ Jubbers ڪهڙي ذات لکي آهي. آيا ڪا اهڙي ذات آهي يا نه. هن ڪجهه دير سوچ ويچار بعد ٻڌايو ته ”ان محترمه جو اشارو شايد جھٻير ذات جي ماڻهن سان آهي جيڪي درياهه جي ڪناري تي رهن ٿا ۽ جن کي شاهه لطيف ”ڄٻير“ سڏيو آهي.“ شاهه لطيف جو بيت آهي ته:

    ”سميون ڪري سينگار، راءُ ريجهائڻ آئيون،
    ڄامَ هٿ ۾ ڄارُ، ڄُلي ڄٻيرن وچ ۾.“

    جينٽ لکي ٿي ته جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ”ڄٻير“ ڪي گهڻا نه آهن پر ان هوندي به جيڪڏهن هنن جون پنج ٻيڙيون سال ۾ ڏهه ڊولفن ڦاسائين ته به ڪجهه سالن ۾ انڊس ڊولفن (انڌي ٻلهڻ) جو نسل ختم ٿيڻ جو خطرو آهي. ڄٻيرن بابت هڪ ٻيو شعر ياد اچي رهيو آهي جيڪو سنڌ جي شاعر غلام علي ’عاقل‘ جو آهي:

    ڄام هن ڄٻير ۾، گهڻيون گهٽتائيون،
    مون ۾ بوءِ مڇيءَ جي، لِيءَ وتان لايون،
    ڪٿي ڪچايون، منهن نه تماچي مٽجان.“


    پَلي سان اَٿم پيار اَديون

    سنڌ ۾ پلي مڇيءَ جو وڏو مان آهي، وڏو شان آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پلو بيحد لذيذ آهي. اسان جڏهن ننڍا هئاسين ته پلي کي مارڪيٽ توڙي گهرن ۾ عام جام ڏٺوسين جو اسانجو ڳوٺ هالا ڪوٽڙي ۽ ڄامشوري کي ويجھو آهي جتان پلو آيو ٿي..... پر انهن ڏينهن ۾ اهو احساس نه هو ته مڇيءَ جو هي نسل هڪ اعليٰ قسم جو آهي جنهن کي هڪ دفعو کائڻ وارا به ياد ڪن ٿا. پلي جي مان جي مونکي خبر سامونڊي سفر شروع ڪرڻ تي ٿي. منهنجو جهاز جڏهن به هانگ ڪانگ، ملائيشيا يا انڊونيشيا جي بندرگاهن ۾ آيو ٿي يا آمريڪا جي ڏورانهن ٻيٽن برمودا، بهاما، ڪوراسائي پهتو ٿي ته اتي جا سنڌي هندو واپاري جن هندوستان جي ورهاڱي وقت يا ان کان به گهڻو گهڻو اڳ هتي اچي رهائش اختيار ڪئي هئي مونکان سنڌ جون خبرون پڇندا هئا. سنڌ جي اها شيءِ جنهن کي هو گهڻو ياد ڪندا هئا ۽ جتي ڪٿي مونکان ان بابت پڇندا هئا اها سنڌ جي ”پلو“ مڇي هئي. ڪيترا ته پوڙها پوڙها مونکي منٿون ڪندا هئا ته ٻئي دفعي اسان جو جهاز هنن جي بندرگاهه ممباسا، ڪيپ وردي، لاس پاماس، برمودا يا هيوسٽن يا ٽرنيڊاڊ وغيره اچي ته هنن لاءِ ڪوٽڙيءَ مان هڪ ٻه پلا وٺي اچان. آئون انهن ڏينهن ۾ کلندو هوس ۽ حيرت کائيندو هوس ته هي الائي سچ ٿا چون يا چرچو ٿا ڪن.
    هڪ ٻه دفعا سنگاپور ۾ رهندڙ سنڌي هندن هنن جي ڪلب سنڌ هائوس ۾ مونکي پلو کارائيندي چيو ته ”هي بنگلاديش جو پلو آهي (يا بصري کان باءِ ايئر گهرايو اٿئون) پر سائين سنڌ جي پلي جي ڳالهه ئي ٻي آهي“.
    هونءَ پلو جنهن ”مڇيءَ“ جي جنس آهي اها نه فقط سنڌو ندي ۾ پر سمنڊ ۾ به ٿئي ٿي ۽ اسان جي ڇهن مهينن جي راشن ۾ جتي ڪٺل ٻڪريون ۽ ڍڳيون وغيره جهاز تي چڙهنديون هيون اتي مختلف مڇين سان گڏ هي پلا مڇيون به هونديون هيون. هڪ دفعي اسان جو جهاز آفريڪا جي ”عابد جان“ بندرگاهه ۾ پهتو ته اتي رهندڙ هڪ سنڌي واپاريءَ کي مون جهاز جي بٽلر کي چئي انهن پلن مان کيس ٻه ڏياريا. ٻئي ڏينهن چيائين سائين اهي ڪوٽڙيءَ (سنڌو نديءَ) جا پلا نه هئا.... نه رنگ ۾ نه سواد ۾!
    اهي سڀ ڳالهيون ٻڌي آئون تعجب کائيندو هوس ۽ ڪجهه ڪجهه مونجھاري جو به شڪار ٿيندو هوس. هڪ ٻيو ويجهڙائيءَ جو مثال به ياد اچي ويو. ڏهاڪو سال اڳ آمريڪا ويس ته نيو جرسيءَ ۾ رهندڙ پيٽارو جي هڪ دوست فلڪ شير هڪ هوٽل تي مڇي کارائي ۽ چيو ته اها پنهنجي سنڌو نديءَ وارو پلو مڇي آهي جنهن کي آمريڪن ”شاد“ سڏين ٿا. آئون سندس منهن تڪيندو رهيس ته هوڏانهن ته چون ٿا ته پلو فقط پاڪستان ۾ ٿئي ٿو ۽ سو به ڪراچي واري عربي سمنڊ ۾ به نه .... فقط ۽ فقط سنڌو نديءَ ۾ ۽ هاڻ هي خيرپور جو رهاڪو فلڪ شير آمريڪا ۾ پيو چوي ته هي نيو جرسي جي درياهه مان جهليل پلو آهي ـــ سنڌو ندي واري پلي جهڙو! ۽ جي فلڪ شير ٿو چوي ته ائين ئي هوندو جو فلڪ شير سنڌو نديءَ وارا پلا به کاڌا هوندا. ۽ هي آمريڪن شاد اسان جي پلي جهڙو نه هجي ها ته هو عابد جان بندرگاهه ۾ رهندڙ سنڌي هندو وانگر ضرور چوي ها ته هن ۾ پلي جو سواد ناهي.
    بهرحال گذريل ڏهن سالن کان ”سمنڊن“ ۽ ”سامونڊي حيات“ بابت معلومات حاصل ڪندي ۽ لکندي پلي بابت جيڪي سمجھي سگهيو آهيان اهو هن ريت آهي:
    سنڌ ۾ پلو ۽ مڇي ٻه جدا جدا جنسون ليکيون وڃن ٿيون. جيتوڻيڪ نسل جي لحاظ سان پلو به مڇي آهي. پر پلو ائين آهي جيئن سنڌ ۾ انب. انب جيتوڻيڪ ميوو آهي پر هن کي ٻئي ميوي کان الڳ سمجھيو وڃي ٿو. انب جو جيئن وڏو مان آهي تيئن سنڌ جي ريت رسم مطابق پلي جو مانُ مٿانهون آهي. پلي کي سنڌ جا ماڻهو ”ميوو“ ڪري ليکين ٿا ان ڪري پلي کي ٻي مڇيءَ کان جدا ڪيو وڃي ٿو.
    ڏٺو وڃي ته پلو ڪو ڊولفن يا وهيل جي نسل جو ناهي جيڪي ٿڻائتا جانور سڏجن ٿا ۽ اسان وانگر هوا مان ساهه کڻن ٿا. انهن جانورن کي ڪَلين بدران ڦڦڙ ٿين ٿا. سندن جسم تي جانورن جهڙي کل ٿئي ٿي. پر پلو ته سؤ سيڪڙو مڇي آهي هو شڪل ۾ به ٻين مڇين جهڙو ٿئي ٿو. سندس جسم تي ٻين مڇين وانگر ڇلر آهن .... هو ٻين مڇين وانگر ڪلين ذريعي پاڻيءَ مان آڪسيجن حاصل ڪري ٿو..... آنن ذريعي ٻچا ڏئي ٿو.... وغيره وغيره پر سنڌ جا ماڻهو چوندا ته ”سائين! پلو پلو آهي ۽ مڇي مڇي“. سنڌ جي شهرن ۾ ساٽين کان پلو وٺبو ته نالو وٺي پڇبو ته ”پلو اٿئي؟ ”پر جي چئبو ته ”مڇي اٿئي؟“ ته هو مختلف مڇيون ڏيکاريندا، پلو هرگز نه! صحيح سنڌي ٻوليءَ ۾ پلي کي فقط ”پلو“ ئي سڏيو وڃي ٿو، ”پلو مڇي“ هرگز نه. اها اسان لاءِ ته نارمل ڳالهه آهي پر ڌاريان ماڻهو ضرور حيرت کائيندا هوندا. جپان جي مارڪيٽن ۾ جڏهن ڪو وهيل جو گوشت پڇي ٿو ته هن کي دڪاندار مڇيءَ جو گوشت نٿو ڏيکاري ڇو جو وهيل جانور آهي. شارڪ کان کڳو، ڏنڀرو، پوئڪي، ٿيري وغيره سڀ مَڇيون آهن. اڃان به گانگٽ کي توهان مڇيءَ کان الڳ ڪري سگهو ٿا پر پلو ته دراصل مڇيءَ جي ئي نسل جو آهي ۽ هڪ قسم جي مڇي آهي پر سنڌي ماڻهن جي پلي سان چاهت هجڻ ڪري اها شيءِ ئي الڳ سمجھي وڃي ٿي ۽ ان جي ايڏي ڊمانڊ آهي جو گانگٽن کان به مهانگو ملي ٿو. سکر جي اسلاميه ڪاليج جي ليڪچرار دوست عبداللطيف انصاريءَ ٻڌايو ته سکر ۾ پلو تور تي نه پر في نگ ٽي هزار رپئي ملي ٿو ۽ اهو به ڪلو ڏيڍ ڪلو وزن جو مس.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ”پلو“ سنڌ جي مشهور مڇي آهي. هيءَ اصل ۾ آهي ته سمنڊ جي مڇي پر سنڌوءَ ۾ گهڙڻ بعد پلو ٿئي ٿي. شيخ اياز جو شعر آهي:
    ڪير چوي ٿو سمنڊ لتاڙي، پلو مري ٿو پوهَ،
    ايڏو پنڌ ڪري سنڌوءَ ۾، ڪهڙي موه!
    سمنڊ جون ڪجهه مڇيون آنا ڏيڻ لاءِ گرم پاڻيءَ کان سفر ڪري ٿڌي پاڻيءَ ڏي وڃن ٿيون يا ٿڌي پاڻيءَ کي ڇڏي گرم پاڻيءَ ۾ پهچن ٿيون. اهڙي طرح سمنڊ جي اها مڇي جيڪا آنا ۽ ٻچا ڏيڻ لاءِ مٺي پاڻيءَ ـــ يعني اسان واري سنڌو نديءَ ۾ اچي ٿي ان کي اسان پلو چئون ٿا. ۽ اهو ناهي ته هيءَ مڇي فقط سنڌو نديءَ ۾ اچي ٿي. دنيا جي ڪيترين ئي ندين ۾ جيڪي سمنڊن ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون، انهن ۾ پڻ هي مڇيون آنا ڏيڻ لاءِ داخل ٿين ٿيون. هيءَ مڇي ـــ يعني پلو جنهن جو سائنسي نالو Tenualosa Ilisha آهي اتر آمريڪا جي اوڀر واري ڪناري کان اسان وٽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ گلف پاسي جام نظر اچي ٿي. خليج بنگال ۾ جيڪي پدما، ميگهنا ۽ جمنا نديون ڇوڙ ڪن ٿيون انهن ندين ۾ به هي پلو ٿئي ٿو ۽ بنگالي هن کي ”اِلش“ سڏين ٿا. اهڙي طرح هيءَ مڇي انڊيا جي درياهن: گنگا، مها ندي، چلڪا ڍنڍ، نرمادا ۽ گوداوري ندين ۾ به ٿئي ٿي. يعني اها آنا لاهڻ لاءِ درياهه جي مٺي پاڻيءَ ۾ اچي ٿي ۽ هلشا، پولاسا (تيلگو ٻولي ۾)، الام (تامل ٻولي ۾) ۽ نرمادا ۽ گوداوري ندين جي هن پلي مڇيءَ کي گجراتي ٻوليءَ ۾ ’پَلوا‘ سڏجي ٿو. ايتري قدر جو عراق جي دجله ۽ فرات ندين ۾ به ملي ٿي جتي اها ’صبور‘ سڏجي ٿي ۽ آمريڪا ۾ ملندڙ پلي لاءِ ته لکي چڪو آهيان ته اتي اهو ”شاد“ سڏجي ٿو.
    ڳالهه اها آهي ته اهي مڇيون سمنڊ مان به ڦاسائي سگهجن ٿيون پر انهن جو اهو سواد نٿو رهي. Tenualosa مڇي سوادي تڏهن ٿئي ٿي جڏهن اها آنا لاهڻ لاءِ سمنڊ جو کارو پاڻي ڇڏي سنڌو ندي، پدما، ميگهنا، نرماندا، گوداوري، فرات يا دجله يا ڪنهن ٻي نديءَ جي مٺي پاڻيءَ ۾ پهچي پاڻ کي پلو، هلشا، اِلش، پولاسا، الام، پلوا يا صبور سڏائي ٿي.
    هتي اهو به لکندو هلان ته اها مڇي جيڪا کاري پاڻي يعني سمنڊ کان هجرت ڪري مٺي پاڻي يعني درياهه ۾ اچي ٿي. سندس ان لڏ پلاڻ کي Anadromous (ايناڊرامس) هجرت چيو وڃي ٿو. اهڙي طرح مڇيءَ جي ڪا به جنس مٺي پاڻيءَ کان کاري پاڻي ڏي لڏ پلاڻ ڪري ٿي ته ان کي Catadromous (ڪئٽاڊرامس) هجرت چيو وڃي ٿو. پلو ايناڊرامس هجرت ڪرڻ واري مڇي آهي. سنڌ جو پلو خاص ڪري عربي سمنڊ ۾ رهي ٿو. پلو سنڌ کان علاوه انڊيا، بنگلاديش، برما، ايران، عراق ۽ سري لنڪا جي ندين ۾ پڻ ملي ٿو پر اها ٻي ڳالهه آهي ته سنڌ جي پلي جو سواد ٻين ملڪن جي پلن کان بهتر آهي..... يا شايد اسان کي لڳي ٿو جو اسان ان جي سواد سان ننڍي هوندي کان مانوس آهيون.
    پلو سنڌو درياهه ۾ مئي کان سيپٽمبر مهيني ڌاري اچي ٿو جڏهن درياهه ۾ گهڻو تيز وهڪرو ۽ چاڙهه آهي. پلو درياهه ۾ آنا لاهڻ لاءِ ئي اچي ٿو. آنيءَ وارو پلو مادي هوندو آهي ۽ هڪ اندازي مطابق اڍائي ڪلو وزن جي ماديءَ جي آنيءَ ۾ چاليهه کان پنجاهه لک آنا ٿين ٿا. جنهن کي اسان کيرو پلو چئون ٿا اهو دراصل نر هوندو آهي. مادي آنا لاهيندي ويندي آهي، پويان نر پنهنجا ”تخمي جيوَ“ (Sperm) ڇڏيندو ويندو آهي، ان کان پوءِ آنن جي واڌ وارو عمل پلي جي جسم کان ٻاهر پاڻيءَ ۾ مڪمل ٿيندو اهي. اٽڪل 18 کان 26 ڪلاڪن کان پوءِ آنن مان ٻچا ڦٽڻ لڳندا آهن، جيڪي درياهه جي تيز وهڪري سبب وهي وڃي سمنڊ ۾ پوندا آهن ۽ وري جڏهن بالغ ٿيندا آهن تڏهن اهي سمنڊ کان مٺي پاڻيءَ ۾ ايندا آهن ضروري ناهي ته اهي ان ئي درياهه ۾ موٽن جتي هنن جنم ورتو. ڪراچي وارو عربي سمند هيٺ ممبئي ۽ ڪولمبو تائين هليو وڃي ٿو ۽ اتر اولهه ۾ ايراني نار تائين ـــ ڪويت ۽ عراق جي ڪنارن تائين ڦهليل آهي..... سو هي ٻچا بالغ ٿي ٻچا ڏيڻ لاءِ نه فقط سنڌو نديءَ ۾ گهڙن ٿا پر هيٺ انڊيا (گجرات، ڪڇ ۽ مهاراشٽرا) جي درياهن ڏي ۽ عراق ۽ ايران جي ندين ۾ به وڃن ٿا.
    هڪ ٻي ڳالهه ته پلو جڏهن درياهه ۾ آني ڏيڻ لاءِ ايندو آهي ته ان وقت اهو پنهنجي جسم ۾ چرٻي يا سانڍيل خوراڪ جمع ڪري ايندو آهي ۽ پوءِ درياهه ۾ جيترو عرصو رهندو آهي، ڪجهه نه کائيندو آهي. آنا لاهڻ کانپوءِ واپس سمنڊ ۾ وڃي ٻيهر کاڌ خوراڪ کائيندو آهي. عام طرح ماڻهن جو اهو چوڻ آهي ته پلو واري کائي ٿو. پر ائين نه آهي. هو پاڻيءَ جا ننڍڙا جاندار ”پلئنڪٽان“ (Plankton) کائيندو آهي. تنهنڪري پلي کي Planktivorous مڇي به چيو وڃي ٿو.
    پلو درياهه ۾ آنا ان ڪري لاهڻ ايندو آهي، جو درياهه جو پاڻي لڙاٽيل هجڻ ڪري ٿڌو آهي ۽ ٿڌي پاڻيءَ ۾، گرم پاڻيءَ کان گهڻي آڪسيجن ٿئي ٿي. پلي جا آنا پلئجڪ (Pleagic) قسم جا ٿين ٿا ۽ انهن ۾ تيل (Oil Globule) جو مقدار گهڻو هجڻ ڪري اهي پاڻيءَ جي سطح تي ترندا رهن ٿا. ان ڪري قدرت پلي کي اها خاصيت ڏني آهي ته اهو آنن لاهڻ لاءِ مٺي پاڻيءَ ڏانهن هجرت ڪري، پنهنجو نسل اڳتي وڌائي سگهي، ڇو جو سمنڊ جو پاڻي شفاف ۽ صاف هجڻ ڪري ۽ ان ۾ سج جي روشني گهڻي گهرائيءَ تائين وڃڻ ڪري اهو پاڻي مٿي سطح تي گرم رهي ٿو ۽ پلي جي آنن لاءِ، جيڪي تمام نازڪ ٿين ٿا، نقصانڪار ثابت ٿئي ٿو.
    هونءَ پلو ملتان تائين به نظر ايندو هو. بئراجن کان اڳ پلو ٿوري وقت ۾ سمنڊ مان سکر تائين پهچندو هو ۽ اڃان به اڳتي هليو ويندو هو. 1932ع ۾ سکر بئراج ٺهي ته پلي لاءِ اڳتي وڌڻ ۾ رڪاوٽ اچي وئي. 1954ع ۾ ڪوٽڙي بئراج ٺهڻ بعد پلو فقط ڄامشوري تائين محدود ٿي ويو آهي.
    پلو مڇيءَ جو اهو نازڪ قسم آهي جيڪو پاڻيءَ کان ٻاهر نڪرڻ تي جلدي مري وڃي ٿو. پلي جو جسم ٻين مڇين وانگر وچ ۾ ٿلهو ۽ منڍيءَ ۽ پڇ وٽ سنهو ٿئي ٿو. پلي جو منهن گول ۽ ننڍو ٿئي ٿو. ٻين مڇين وانگر پلي کي ڏند نه ٿين. پلو ٻن سالن جي عمر ۾ آنا ڏئي ٿو. پلا ڊونڊين، بتيلن، هوڙن، تنبن ۽ ماٽين جي مدد سان ماريا وڃن ٿا. پلي مارڻ واري رڇ کي سَنڍ يا سُنبهي چون. پلي جي ڊمانڊ ڪري اهو مهانگو ملي ٿو. هاڻ ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي گهٽ هجڻ ڪري ايڏو پلو نظر نٿو اچي ۽ سنڌ ۾ اڪثر ايران ۽ گوادر جا پلا وڪامندي نظر اچن ٿا ـــ جن جي سواد ۾ ڪافي فرق آهي. ڪنهن زماني ۾ جڏهن درياهه تار هوندو هو ته ماڻهو ڄامشوري جي المنظر هوٽل وٽ درياهه جو نظارو ڪرڻ ۽ پلو کائڻ لاءِ پري پري کان هلي ايندا هئا. خاص ڪري يونيورسٽي جي شاگردن جا ته ميلا متل هوندا هئا..... نظم مشهور آهي ته:
    ورسٽي جي روڊن تي ڪونجن قطارون
    هوائن جي جھوٽن تي زلفن اڏارون
    من موهي وجھي ڪوڙ ناهي ڪچ
    ڄامشوري ته اچ ڄامشوري اچ
    پوءِ اچين نه اچين، هڪ ڀيرو ته اچ
    المنظر تي کائون سنڌو پلو آ
    آني وارو يا کيرو ڀلو پلو آ
    ڄامشوري ته اچ ڄامشوري ته اچ
    پوءِ اچين نه اچين هڪ ڀيرو ته اچ.....

    شروع جي ڏينهن ۾ منهنجو جهاز ڪراچيءَ اچي لنگر انداز ٿيندو هو ته ننڍپڻ جون يادون تازيون ڪرڻ لاءِ جهاز جي ڪجهه دوستن کي خاص پلو کارائڻ لاءِ ڄامشورو وٺي ايندو هوس پر پوءِ مون جلد ئي محسوس ڪيو ته منهنجي ڪراچي توڙي ٻاهر جي دوستن کي پلي کائڻ ۾ مزو نٿو اچي جو پلو مڇيءَ جو اهو قسم آهي جنهن ۾ ڪنڊا نه فقط گهڻا ٿين ٿا پر ننڍا ۽ سنها به ٿين ٿا..... جيڪي نئين ماڻهوءَ کي منجھايو رکن.
    سنڌ ۾ ڪو ايترو پلو يا مڇي نٿي ٿئي جيتري بنگال يا ملائيشيا ۾ پر سنڌي ادب ۾ ان بابت تمام گهڻي شاعري ملي ٿي. سنڌ ۾ ميئن مهاڻن آڳاٽي وقت کان مڇي جي معاشري کي مانائتو ڪيو. سنڌ سان لاڳو سمنڊ ۾ به سنڌ جي گھاتوئن ۽ گھوريندڙن مڇيءَ جي شڪار ۾ پاڻ ملهايو ۽ مانگر مڇن سان مقابلا ڪيا، جنهن جو يادگار ”شاهه جي رسالي“ جو ”سر گھاتو“ آهي. اندروني ڍنڍ ڍورن جي غريب ميئن مهاڻن کي به قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويو جنهنجو يادگار ”سر ڪاموڏ“ آهي جنهن ۾ مڇي جي ڌنڌي جي اهڃاڻن جو دلپذير ذڪر موجود آهي.
    ”ڄاريون کاريون ڇڄ ڇپريون
    جن جي محبت مڇي سان“
    شاهه صاحب کان علاوه ٻين به نوري جي مڇيءَ واري ماحول کي ڳايو آهي:
    پادر ناهيس پير ۾، انگ تي نه اڳڙي
    ناپو کائي نِپني ترن تي تڳڙي
    دجيا دَرڙا گانگٽ گوجون هُن جي کاريءَ ۾ کڳڙي
    جيڪا سام سمي لڳڙي، تنهن تان لٿا حرف حساب جا
    (دَجا، درڙا، گانگٽ ۽ کڳڙي سڀ مڇيءَ جون جدا جدا جنسون آهن).
    ڄام تماچي جي نوريءَ سان محبت ڪري ڪينجھر جو وڏو مانُ ٿيو.... هڪ مشهور ڪافي آهي:
    ”ٻنهي ڪپين ڪينجھر جي، لڳڙا رنگ رهاڻيون وو“.
    شيخ اياز جو هڪ هائڪو آهي:
    نوري نه ڀر تي
    سڪل مڇيءَ کاريون
    رڳو ڪينجهر تي.
    سن 1249هه ۾ جڏهن ڪابل جي لشڪر ۽ سنڌ جي لشڪر جي وچ ۾ کرڙي واري جنگ لڳي ته ان ۾ سنڌ جا گهڻا سورهيه شهيد ٿيا پر ڪابلي پٺاڻ به اڳتي وڌڻ جو آسرو لاهي، ميدان ڇڏي پوئتي روانا ٿيا. ان وقت مڇين جي مشابهت سان هيٺين چوڻي مشهور ٿي:
    هن ڀر جي مور مڇي، هن ڀر جا کڳا
    مير مراد علي سوڀ کٽي، پئي پٺاڻ ڀڳا
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي مڇي“ ۾ گھوٽڪي جي سگھڙ عثمان کٽي جي هڪ مزاحيه ڪافي لکي آهي جنهن جون ڪجهه سٽون هن ريت آهن:
    ٿلهه: ڏاڍو پلي سان اٿم پيار اديون
    سهڻي، ڏاهي هجي، توڙي سينگار اديون.....

    الف: پوئڪي مون سمجھيو صاف چٽو
    ڏاڍو ڦندڻيءَ ۾ مون فرق ڏٺو
    گندري گندڻ توکي لڳو آهي سٺو
    ڪيم کڳي کي کيڪار اديون..............

    ب: ”عثمان“ هلو هڙ ڇڏ گونج گذر
    گياني گيان گانگٽ رک خاص خبر
    رک موري موراکي مهر نظر
    وڻي شاڪر جو ته شڪار اديون.......
    پوئڪي، سهڻي، ڏاهي، کڳو، گوج، گانگٽ، موري، موراکي، شاڪر، ڪرڙي، مڪر وغيره سنڌ جي مڇين جا نالا آهن. آڳاٽي وقت کان ”ڏاهي“ مڇيءَ کي هوشيار ۽ عقلمند سمجھيو وڃي ٿو. پر ڪن جي خيال ۾ اهو رڳو نالو آهي باقي ”ڏاهي“ مڇي ايتري ڏاهي ڪانهي. ڪن جي خيال ۾ ڄرڪو ۽ ڪرڙو مڇيون وڌيڪَ ڏاهيون آهن. ٻئي نمبر تي ٿيري ۽ موراکيءَ جهڙيون مڇيون آهن.
    مڇيءَ بابت ڪيترائي لوڪ گيت به آهن. جيئن ته:
    مور مڇي، ادا مون کي آڻي ڏي
    ڀائو مون کي آڻي ڏي، لاڙ واري مڇي

    ڄرڪو ته وائي بادي
    گندڻ، تان گوڙ ڪري
    مور مڇي، ادا مون کي آڻي ڏي.

    پوپري ته ڏاڍي ڀلي
    کڳي کي سائين پلي
    مور مڇي، ادا مون کي آڻي ڏي.

    اهڙي طرح هڪ ٻيو مشهور لوڪ گيت آهي ته:
    ناري جي مڇي، جھينگو
    ناري جا کڳا، جھينگو
    ناري جا پلا، جھينگو
    ناري جا گندڻ، جھينگو
    ناري جو ڪُرڙيون، جھينگو
    هڪ ٻيو مزاحيه لوڪ گيت آهي:
    گندڻ گنديءَ مان رات ڪُتو کڻي ويو
    رات ڪُتو کڻي ويو، رات ڪُتو کڻي ويو
    اهڙي طرح شاهه جي رسالي مان سر گھاتو، سر سامونڊي، سر سريراڳ، ۽ سر ڪاموڏ ۾ شاهه لطيف وڻجارن ۽ مڇي ماريندڙن جو ذڪر پنهنجي ڪلام ۾ ڪيو آهي. ڪراچي جيڪا ڪلاچيءَ جي نالي سان مهاڻن جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو. تنهن ۾ مورڙي ميربحر جي سورهيائي هنڌين ماڳين مشهور آهي. مورڙي جي پيءُ جو نالو اوباهيو هو ۽ کيس ڇهه ڀائر هئا. مورڙو سڀني ۾ ننڍو هو سندس ڀائرن کي ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾ موجود مانگر مڇ ڳڙڪائي ويو. مورڙي ان مانگر مڇ کان بدلو ورتو. مانگر مڇ کي وڏي حرفت سان ماري ان جي پيٽ مان پنهنجن ڀائرن جا لاش ٻاهر ڪڍيائين. سندس اها سورهيائي ۽ ڏاهپ اڃان تائين ڳائجي پئي.
    جيڪس جھليا مڇ، گھاتو گهر نه آئيا
    • ڪاهي وڃو ناکئا، ڪريو بُري تي ڀڇ
    گھاتو گھر نه آئيا.......

    • ڪاٿي سندن ڪنڍيون، ڪاٿي سندن رَڇ
    گھاتو گھر نه آئيا.......

    هتي اهو به لکندو هلان ته سمنڊ جي ڀيٽ ۾، درياءَ جي مڇي وڌيڪَ مجبور ۽ ويچاري آهي. درياءَ بيشڪ وڏو ڊگهو آهي پر ساليانو پيو لهي ۽ چڙهي، ان جا ڍورا، واهڙ ۽ ڍنڍون به پيون هيٺ مٿي ٿين. انهيءَ ڪري مڇي سدائين ان فڪر ۾ آهي ته شال پاڻي نه کٽي! ڪن سگھڙن مڇيءَ تي ميارَ رکي چيو ته:
    ”مڇي ڌوپي پاڻيءَ ۾، مڇي ڪني ڪوهه؟
    اٿس ايءُ اندوهه، ته پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا“
    يعني ته باجود سدائين پاڻيءَ ۾ رهڻ جي ۽ ڌوپڻ جي، مڇي انهيءَ ڪري ککي آهي جو ان کي اها اون آهي ته متان پاڻي کُٽي نه وڃي! سگھڙ ايئن سمجھيو ته مڇيءَ جي اها ڳڻتي اجائي ۽ ناشڪري واري آهي، پر حقيقت ۾ مڇيءَ کي پنهنجي بچاءُ ۽ حفاظت خاطر فطري اون آهي. پاڻي مڇيءَ جو گهر آهي ۽ هوءَ پنهنجي گهر کي وڌيڪَ سڃاڻي ٿي. پاڻي جي لاهي چاڙهي جي خبر جيتري جلد مڇيءَ کي پوي ٿي اوتري ماڻهوءَ کي به نٿي پوي. درياهه، ڍوري، واهه توڙي ننڍي نالي يا ڪَسي ۾ پاڻي مٿي لاهه ڏيندو ۽ ٿورو ٿيندو ته مڇي يڪدم سجاڳ ٿي وهڪري جي ابتڙ مٿي اڀو چڙهندي ۽ ڀڄندي ته جيئن مٿي وڏي پاڻيءَ ۾ پهچي.
    پاڻي گهٽجڻ تي مڇي مٿي وڏي پاڻيءَ ڏي وڃي ٿي..... اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي پر اهو به نظر آيو آهي ته ڍنڍن ڍورن جو پاڻي سڪڻ تي مڇيون اتي ئي ڦٿڪي ڦٿڪي انت آڻين ٿيون. ان ڪري ته ڪبير ڀڳت مڇيءَ جي واکاڻ ڪندي چيو ته مڇيءَ کي پاڻيءَ سان پيار آهي.... پاڻي سڪڻ تي هوءَ پاڻ کي به ماريو ڇڏي.....
    ”پريت نه ڪريو پنڇي جيسي، جل سوکي اڙجائي،
    پريت تو ڪريو مڇلي جيسي، جل سوکي مرجائي“
    پر هڪ هنڌ ڪبير ڀڳت انسان کي پنهنجو اندر اجارڻ جي تلقين ڪندي مڇيءَ جو واهه جو مثال ڏنو آهي ته اندر اجارڻ بدران رڳو ٻاهر جي ميڪ اپ مان ڪهڙو فائدو؟ مڇي ته ڏينهن رات پاڻ کي پاڻيءَ ۾ پئي ڌوئي پر منجھائنس کِکاڻ (ڌپ) ته مور نٿي نڪري. ڪبير جو هي دوهو سنڌيءَ ۾ لکان ٿو جيڪو پروفيسر عطا الله ابڙو صاحب ترجمو ڪيو آهي:
    ”وهنجڻ ڌوئڻ ڪهڙي ڪم جو، وڃي نه من جو مير
    مڇي سدا رهي پاڻيءَ ۾ ڌپ نه ڇڏي مور“
    جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته بنگلاديش يا ملائيشيا وانگر سنڌ ۾ نه بارشون آهن ۽ نه درياهه جن ڪري مڇي گهڻي ٿي سگهي. هڪڙي ئي ندي آهي ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون ڍنڍون ڍورا پر سنڌي شاعريءَ ۾ مڇي پلي جو تمام گهڻو ذڪر اچي ٿو. رشيد احمد لاشاريءَ جو شعر آهي:
    ”خوش گذارن ٿا سُڪر ۾ تنهنجا دهقاني لطيف
    سنڌ وارن کان نه گهٽ ٿيندي مڇي ماني لطيف“
    هڪ گمنام شاعر جو شعر آهي:
    ”سمندر جي تر ۾ مِلي لئه ڪريون ها،
    لڇون ها مڇي پئي ڳهي ها،
    هماليه جي چوٽيءَ تي پهچي نچون ها،
    پَچون ها ته بيرو شمشان آهي “.

    حسن درس جي هڪ نظم مان چند سٽون آهن ته:
    ”وڻن تي ڪانگ ها ويٺل، ڳليءَ مان ڳئون پئي آيون،
    پرائو ڳوٺ هو ليڪن، پرين جي پار وانگي هو،
    مڇي جي اک ۾ اٽڪيل، ڏٺو مون هر ڏهاڙي هو،
    لڙاٽيل وقت ۾ لمحو، لڳل ڪنهن ڄار وانگر هو“.
    استاد غلام رسول ناطق جو هڪ آزاد نظم آهي:
    خالي ککيءَ جي کاري آ،
    بک سان پاهه ويچاري آ،
    ڏاڏو، ڏاڏي ٻه پوڙها ساٿي،
    گهر ۾ ناهي مرد ڪو ڀاتي،
    پيٽ جي باهه اُجھائڻ خاطر،
    مڇي مارڻ لئه نڪتي آهي،
    پر اڃان تائين هٿن ۾،
    ڪجهه بي ته ناهي آيو.
    لڳي ٿو ڪا ڇڪ آ آئي،
    منهن ۾ ٿي آهي سرهائي،
    ڄار آيو پاڻيءَ کان ٻاهر،
    مڇي ته ڪا به ٿي نه ظاهر
    سر ڪاموڏ جو هڪ مشهور بيت آهي ته:
    مي مَڇي ۾ هَٿڙا، وَيٺِي ڪَرَي وَرَنَ
    راءِ اَڳِهِم رَکِيي، مُهاڻي، مَنجهه مَن
    تماچِيَ جَي تَنَ، ڳالِيُون چَيُسِ ڳُجِهُيون
    (مي معنيٰ مهاڻي يعني نوري، وَرَنَ معنيٰ رنگ روپ، ناز انداز، ادائون، راءِ معنيٰ راجا، بادشاهه، ڄام تماچي، اڳهم معنيٰ اڳهين، اڳئي، اصل کان، ازل کان. رکيي معنيٰ رکي هئي، سانڍيل هئي، سمايل هئي. منجهه مَن معنيٰ دل ۾، من ۾ سيني ۾. تن معنيٰ بدن جسم.....)
    هٿن ۾ مڇي هوندي (مهاڻي هوندي) نوريءَ جا ناز انداز ڏسڻ وٽان آهن. ڄام تماچيءَ جي روح ۾ الست واري وعدي کان ئي نوري سمايل هئي. (نوريءَ جو لکيو ڪنهن مهاڻي سان نه پر وقت جي حاڪم ڄام تماچيءَ سان ٿيڻو هيو. جڏهن نوريءَ جو نڪاح ڄام تماچيءَ سان ٿيو ته جُڳن ۽ صدين جا سڪايل سرير هڪ ٻئي ۾ سمائجي ويا....
    صابر نالي هڪ شاعر پنهنجي وطن جي هر شيءِ جي واکاڻ ڪندي لکيو آهي ته: دريائن ۾ سنڌو درياءَ، ڪوٽن ۾ رني ڪوٽ، پکين ۾ مور، جانورن ۾ روجهه، جيتن ۾ پدم نانگ، پٿرن ۾ ڪوهه نور هيرو، جبلن ۾ ڪارونجھر، ڍنڍن ۾ ڪينجھر، مڇين ۾ پلو، اناج ۾ سڳداسي چانور، ڪتابن ۾ شاهه جو رسالو، ڪپڙن ۾ اجرڪ، سواريءَ ۾ ڏاند گاڏي، شهرن ۾ ٺٽو، مقامن ۾ مڪلي، ساحل ۾ مُلاچ نگر، گلن ۾ موتيو. مان ته ائين چوندس ته:
    سونهن سڄي سنسار جي سوا سنڌ نه هوءِ،
    پلا مورکا ڏنڀرا ساڳ سمورا سوءِ
    ڪونهي اهڙو لوءِ، جهڙو ”صابر“ سنڌ جو
    (صابر)
    مڇي پلي تي اسان وٽ سنڌ ۾ ڪيترائي مثال، اصطلاح ۽ چوڻيون مشهور آهن. سکئي ستابي لاءِ اڪثر چيو ويندو آهي ته هو مڇي مانيءَ وارو آهي. شيخ اياز جو هڪ ٽِسٽو آهي؛
    ڪير چوندو ڳوٺ ۾،
    آهن لڳا مانيءَ مڇيءَ!
    سڀ اُٻهرا پاٽ تي.
    اسانجي اديب انجنيئر دوست عبدالوهاب سهتو صاحب هڪ ٻه ٻيا به ڳڻايا آهن.... جيئن ته:
    جن کاڌا پلن جا پيٽارا، تن جا هينئڙا به ويچارا
    (دراصل پلي جو پيٽارو ۽ مڇيءَ جو ڪنهڙ مشهور آهن).
    • مڇي ته شاڪرين، پکي ته تترين، گوشت ته ٻاڪرين
    • ڌيئون ۽ مڇيون، ناهن رکڻ جون شيون.
    • چيٽ، لڱن ميٺ، ننڍي وڏي پيٽ
    (چيٽ، هندي پهريون مهينو آهي. هن مهيني ۾، هر ننڍي وڏي مڇي، آنيءَ سان هوندي آهي ـــ يعني پيٽ سان هوندي آهي.)
    دنيا جي ٻين ٻولين ۾ به مڇيءَ بابت ڪيتريون ئي چوڻيون ۽ پهاڪا آهن.
    جرمن ٻوليءَ ۾ آهي ته: مڇي اها کائجي جيڪا تازي هجي، شادي ان ڇوڪريءَ سان ڪجي جيڪا ننڍي نيٽي هجي.
    • ”مڇيءَ کي ڪير ترڻ سيکاري سگهيو آهي“ (آفريڪن پهاڪو).
    • فقط مئل مڇي لهوارو ويندي نظر ايندي.
    • مهمان ۽ مڇي ٽن ڏينهن بعد زهر لڳن ٿا.
    • درياهه جي ڪپر تي بيهي مڇيءَ جي خواهش ڪرڻ کان بهتر آهي ته گهر وڃي ان کي ڦاسائڻ لاءِ ڄار اُڻجي. (چيني پهاڪو).
    آخر ۾ سنڌ جي پلي بابت هڪ ٻي مزيدار ڳالهه لکندو هلان. مون سان گڏ سئيڊن جي ”ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي“ مان گرئجوئيشن ڪيل يوناني ڪئپٽن 1995ع ۾ جڏهن مون وٽ ڪراچيءَ آيو ته آئون هن کي ڳوٺ هالا به وٺي ويس. هو تاريخ جو شاگرد رهيو آهي ۽ هن جي هند سنڌ جي تاريخ سان ڪافي دلچسپي رهي آهي. کيس خدا آباد، مٽياري، سيوهڻ ۽ ٺٽو به ڏيکاريم. جهازران هجڻ ڪري هو سنڌ جي قديم بندرگاهن ديبل ۽ ڀنڀور کان به ڀلي ڀت واقف هو. آخري ڏينهن ڪراچي موٽندي آئون هن کي سنڌ جي سوغات پلو کارائڻ لاءِ ڄامشوري المنظر تي وٺي آيس. مون کيس پلي بابت ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته هيءَ سامونڊي مڇي Tenualosa Ilisha آهي جيڪا آنا ڏيڻ ۽ ٻچا ڄڻڻ لاءِ جڏهن ڊيلٽا کان هيڏانهن سنڌو نديءَ ڏي ايندي آهي ته نه فقط شڪل ۾ سهڻي ٿي پوندي آهي پر کائڻ ۾ به لذيذ ٿي پوندي آهي..... هن منهنجي ڳالهه کي ڪٽيندي چيو ”ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پلو لذيذ ٿئي ٿو پر آئون نه کائيندس مونکي خبر آهي ته ان ۾ بيحد سنها ڪنڊا ٿين ٿا.“
    ”يار ڪمال ٿو ڪرين؟“ مون حيرت جو اظهار ڪندي چيو“ سنڌ ۾ اچي سنڌ جي سوغات نٿو کائين؟ پلو ۽ انب ته سنڌ جون بهترين سوکڙيون آهن“.
    يوناني جهازن جي ڪئپٽن ٽهڪ ڏيندي چيو: ”ڇڏ يار! تنهنجي انهن سوغاتن ته تنهنجي ۽ اسانجي حاڪم کي مارايو.“
    ”ڇا مطلب؟“
    ”مطلب اهو ئي ته جنرل ضياالحق انبن جون پيٽيون قبول نه ڪري ها ته ايڏو جلد نه مري ها ۽ اسانجو سڪندر اعظم سنڌ ۽ ملتان اچي پلو نه کائي ها ته باقي رهيل دنيا به فتح ڪري وڃي ها.“
    آئون کلندو رهيس. ڪجهه مهينن بعد اسانجو هڪ پاڪستاني ڪلاس ميٽ ڪئپٽن احمد حسين مخدوم جيڪو انهن ڏينهن ۾ يونان جي جهازن تي نوڪري ڪري رهيو هو ان کي مٿين يوناني ڪئپٽن سان گڏ Sail ڪرڻ جو موقعو مليو هو. هڪ ڏينهن ڳالهين ڪندي مون ڪئپٽن مخدوم کي چيو ته توهانجي جهاز وارو فلاڻو يوناني ڪئپٽن پلي لاءِ هيئن ٿو چوي ته ان سڪندر اعظم کي ماريو.
    ”جيڪڏهن هو ائين ٿو چوي،“ مخدوم چيو، ”ته پڪ صحيح هوندو جو هو وڏو قابل ۽ تاريخ جو ڄاڻو آهي.“
    گهڻو گهڻو پوءِ شبير احمد تابش جو جنگ مئگزين ۾ سنڌ بابت هڪ مضمون پڙهيم جنهن ۾ هن آڳاٽن ڪتابن جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته ”سڪندرِ اعظم سنڌ ۾ اچي پلي کائڻ جو وڏو شوقين ٿي پيو. هو جڏهن شهر بابل پهتو ته نڙيءَ ۾ ڦاٿل پلي جي ڪنڊي سخت انفيڪشن پيدا ڪري وڌو جنهن وگھي هن جو موت ٿيو.“ هونءَ ڪن هنڌن تي اهو به لکيل آهي ته سڪندرِ اعظم جو موت جسم ۾ زهر پکڙڻ ۽ بخار ڪري ٿيو.
    بهرحال مٿين ڳالهه صحيح آهي ته ان جو مطلب اهو ئي ٿيو ته پلو اڄ نه پر اڄ کان اڍائي هزار سال اڳ به ايترو ئي مشهور هيو ۽ ماڻهن پسند ڪيو ٿي.... ڇو ته سڪندر اعظم حضرت عيسيٰ عليه السلام جن جي جنم کان به ٽي سؤ سال اڳ، سنڌ ڏي آيو هو.


    ساهڙ! سِير لنگهاءِ تون

    پهرين سامونڊي سفر بعد ئي منهنجا دوست ۽ مائٽ پڇڻ لڳا ته دنيا جي ستن سمنڊن تان لنگهه ٿيو؟
    ان سوال جو اهم حصو اهو آهي ته ڇا دنيا ۾ ست سمنڊ آهن؟ گهٽ ۾ گهٽ اسان وٽ مشرق ۾ اهو ئي سمجھيو وڃي ٿو ته دنيا ۾ ست سمنڊ آهن يا دنيا جي مختلف کنڊن (ايشيا، آفريڪا، يورپ، آمريڪا، آسٽريليا وغيره) جي چوڌاري جيڪو پاڻي آهي اهو ستن حصن ۾ ورهايل آهي. پر ائين نه آهي. ڪنهن به پاڻي جي جهاز هلائڻ واري کان پڇندائو ته هو ويهه کن نه ته ڏهن سمنڊن جا نالا ته يڪدم ٻڌائي ويندو. دراصل ڏٺو وڃي ته هندي وڏي سمنڊ ۽ پئسفڪ وڏي سمنڊ (Ocean) کان ملاڪا ڳچي سمنڊ (Malacca Straits) ايراني نار (Persian Gulf) ۽ خليج بنگال (Bay of Bengal) جهڙن سمنڊن تائين هڪ سؤ کان به مٿي وڏا ننڍا سمنڊ آهن. مثال طور اسانجو بندرگاهه ڪراچي جنهن سمنڊ جي ڪناري تي آهي ان جو نالو عربي سمنڊ آهي. ان جي ڪناري تي انڊيا، ايران، ۽ ٻيا ملڪ اچي وڃن ٿا، ۽ اهو سمنڊ هندي وڏي سمنڊ (Indian Ocean) جو هڪ اتراهون حصو آهي. دنيا جي ڪنهن ٻي ڪنڊ ميڪسيڪو يا برازيل جو ڪو ماڻهو پڇي ته عري سمنڊ ڪٿي آهي ته ان کي اهوئي ٻڌائي سگهجي ٿو ته هندي وڏي سمنڊ ۾ آهي.
    ويسٽ انڊيز جتي جا ڪرڪيٽ رانديگر دنيا ۾ مشهور آهن انهن جا ٻيٽ ٽرنيڊاڊ ۽ ٽوباگويا جئميڪا، باربادوس، هئتي، پورٽوريڪو ۽ ڪيوبا جهڙا ٻيٽ ڪئريبين سمنڊ ۾ آهن ۽ ڪئريبين ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ جو حصو آهي. ڪئريبين سمنڊ جي ڀر وارو سمنڊ ”ميڪسيڪو نار“ (Gulf of Mexico) پڻ ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ (Atlantic Ocean) جو هڪ ڏاکڻو حصو آهي. گلف آف ميڪسيڪو وارو سمنڊ پکيڙ ۾ ننڍو ننڍو ته به 15 لک چورس ڪلوميٽر آهي يعني ان ۾ اسانجي ملڪ پاڪستان جيڏا ٻه ملڪ اچي سگهن ٿا. تمپا، نيو اورلينس، بئٽن روج، هيوسٽن ۽ گئلوسٽن جهڙا آمريڪا جا اهم بندرگاهه هن سمنڊ (Gulf of Mexico) ۾ آهن.
    ’هندي وڏي سمنڊ‘ ۾ به فقط اسان وارو ’عربي سمنڊ‘ نٿو اچي. بنگلاديش وارو ”خليج بنگال“ ۽ ڪاري پاڻي وارن ٻيٽن جي ”انڊمان سمنڊ“ کان وٺي هيڏي اوڀر ڏي ”ڳاڙهو سمنڊ“ (بحرِ احمر)، ”ايراني نار“ ۽ ”عماني نار“ تائين ۽ هيٺ ڏکڻ ۾ ”موزمبق چئنل“، ”تمور سمنڊ“ وغيره سڀ هندي وڏي سمند ۾ اچي وڃن ٿا. جيتوڻيڪ انهن سمنڊن جو پاڻي هڪ ٻئي سان مليو پيو آهي ۽ سڀ گڏجي هندي وڏو سمنڊ ٺاهين ٿا پر هر سمند جي پنهنجي جاگرافي ۽ مزاج آهي! جتي خليجِ بنگال ۾ هر وقت طوفان ۽ سائڪلون لڳندا رهن ٿا اتي عدن جي نار ۽ عماني نار ماٺا سمنڊ آهن ۽ جون، جولاءِ، آگسٽ جي مهينن ۾ اسان واري عربي سمنڊ اڳيان جپاني ۽ انگريز جهازران به هٿ ٻڌن ٿا. سانوڻيءَ جي موسم (مون سُون) ۾ هن سمنڊ (عربي سمنڊ) جي اندر جيڪي رکي رکي ڪُنون ٺهن ٿيون يا جنهن نموني سان هي سمنڊ وَٽ کائي ٿو، ان ۾ اڄ وارا لوهي جهاز به ٻڏيو وڃن ۽ وڏن وڏن ناخدائن (ناکئن) جون به متيون منجھيو وڃن. تڏهن ته شاهه لطيف هن عربي سمنڊ ۽ مهراڻ لاءِ چيو ته:
    دَهشَتَ دَمَّ دَرياهَ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جو ڪَڙڪو؛
    آهيم اُنَهِين پارَ جو، دِلِ اندرِ دَڙڪو؛
    ڀَڃي سِڪ، سَيَّدَ چَئي، سِيرَ سَندو سَڙڪو؛
    والِي! ڪَج وَڙُ ڪو، ته ٻارِ لَنگھيان ٻاجھ سين.
    هڪ ٻئي هنڌ فرمائين ٿا:
    سَڄا ٻيڙا ٻارِ ۾، هَليا هيٺ وَڃَنِ؛
    پُرزو پئدا نه ٿِـئي، تَختو مَنجھان تَنِ؛
    ڪو جو قَهرُ ڪُنَنِ، ويا ڪِينَ وَرَنِ؛
    اُتي اَڻتارُنِ، ساهَڙَ! سِيرَ لَنگھاءِ تُون.
    ڪراچيءَ جي ٻاهران هن عربي سمنڊ ۾ پيدا ٿيندڙ پنهنجي نوعيت جي Under Currents ۽ ڪُنن بابت سر گھاتوءَ ۾ شاهه لطيف هڪ هنڌ چوي ٿو:
    ڪو جو قَهرُ ڪَلاچَ ۾، گهڙي سو نِئي
    خبر ڪون ڏئي، ته رڇ ڪڄاڙي رنڊيا؟
    يعني ڪلاچيءَ (ڪراچي) واري سمنڊ جي ڪنن ۾ اهڙو ڪو قهر پيو وسي، جيڪو ٿو اندر گهڙي، تنهن کي ٿو کڻي.
    هونءَ دنيا جا وڏا سمنڊ پنج آهن جيڪي انگريزيءَ ۾ Oceans سڏجن ٿا. پئسفڪ سمنڊ سڀ ۾ وڏو آهي. دنيا جي گولي کان جيڪڏهن توهان واقف آهيو ته سمجھو ته جپان، فلپين، پاپاءِ نيوگني ۽ آسٽريليا جي اوڀر واري پاسي کان وٺي آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي اولهه پاسي وارن بندرگاهن وئنڪوئر، سئن فرانسڪو، لاس ائنجلس ۽ هيٺ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن پيرو (Peru) ۽ چليءَ سان هي سمنڊ وڃيو ٿو ملي. سندس پکيڙ ساڍا 16 ڪروڙ چورس ڪلوميٽر آهي يعني ٻئي نمبر تي وڏي سمنڊ ائٽلانٽڪ کان ٻيڻو آهي. جپان يا هانگ ڪانگ کان جڏهن به وئنڪوئر (ڪئناڊا) يا لاس اينجلس (USA) ويندا آهيون ته اوڀر جو رخ ڪندا آهيون يعني پئسفڪ سمنڊ لتاڙي منزل تي پهچندا آهيون. هونءَ آمريڪا يا ڪئناڊا وڃڻ لاءِ اولهه جو رخ به ڪري سگهون ٿا يعني پنهنجي ملڪ اچي، پوءِ ڪيپ ٽائون (آفريڪا) وٽان ٿي آمريڪا پهچي پوءِ پاناما ڪئنال مان نڪري وئنڪوئر ۽ لاس اينجلس پهچي سگهون ٿا. پر اهو مفاصلو تمام وڏو ٿيندو ۽ اسانکي هندي وڏو سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙڻو پوندو.
    پئسفڪ سمنڊ دنيا جو وڏي ۾ وڏو سمنڊ ضرور آهي پر منجھس اها خوبي آهي ته اهو بيحد ماٺو (Pacified) آهي شايد سندس ان خاصيت ڪري انگريزن هن جو نالو پئسفڪ رکيو آهي ۽ عرب دنيا ۽ پرشيا (ايران) ۾ ان سمنڊ کي ”بحرِ الڪاهل“ سڏين ٿا. پئسفڪ سمنڊ جي مقابلي ۾ هندي وڏو سمنڊ (انڊين اوشن) ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ جهاز هلائڻ وارن لاءِ خراب آهي. سندن ڪي ڪي حصا ڏکڻ چيني سمنڊ، موزمبق چئنل، ڪيپ آف گڊ هوپ، خليجِ بنگال، برمودا ٽڪنڊي وارو حصو، سياري توڙي اونهاري ۾ پيٽ ۾ وَڍَ ٿو وجھي ۽ وَٽ کائيندڙ ڇولين ۽ طوفاني هوائن ۾ جهاز چيچاٽ ۽ ٽڙڪاٽ ڪندو گذري ٿو. ههڙن هنڌن تان گذرندي دهرين کي به رب ياد اچيو وڃي ۽ هو سمجھيو وڃن ته انسان کي تارڻ ۽ ٻوڙڻ واري اها ئي هستي آهي. اهڙن واٽن تي ٻي ڪنهن جي هجت يا حيلو نٿو هلي. بقول شاهه لطيف جي:
    ٻوڙِئين، چاڙِهئين، تُون ڌَڻِي!
    ٻِئي جو دعوىٰ رَسي نه دَمُ؛
    هِن مُنهِنجي حالَ جو، ميهَرَ تي مَعۡلَمُ؛
    رَکُ ڀيلي جو ڀَـرَمُ، جو اَچِي پِيو اَجھور ۾.

    پئسفڪ سمنڊ ماٺو هجڻ ڪري جهازرانن يا هنن جي جهاز کي جھوري نٿو پر پئسفڪ سمنڊ آفريڪا جي صحرا رڻ پٽ وانگر آهي جتي رڃ ۽ سڃ جو واسو آهي. ٻين سمنڊن تي ڏينهن ٻن جي پنڌ تي ڪو ملڪ يا بندرگاهه مليو وڃي جتي ايمرجنسيءَ ۾ جهاز جي مرمت ٿي سگهي ٿي يا جهاز هلائيندڙ جي اوچتي بيمار ٿيڻ تي علاج ٿي سگهي ٿو پر پئسفڪ سمنڊ ۾ جهازين جو ڪم وارو بندرگاهه فقط ”هونو لولو“ اچي ٿو. هونولولو آمريڪا جي ٻيٽن واري رياست ”هوائي“ جو بندرگاهه آهي. ائين ته پئسفڪ سمنڊ ۾ ڪيترائي مشهور ٻيٽ آهن جهڙوڪ ڪُڪُ آئلنڊ، گئام، واناتو، پاگو پاگو، نائورو (Nauru)، تو والُو، ڪريباتي وغيره پر اهي سڀ ائين آهن جيئن سڄي سئمنگ پول جي فقط هڪ ڪنڊ پاسي ۾ چانورن جا چند ڪَڻا!
    چنڊ تان يا خلا مان ڌرتيءَ ڏي نظر ڪبي ته ان جي گولي تي موجود مختلف سمنڊ ڍنڍن وانگر نظر نه ايندا يعني هر سمند جي چوڌاري ڌرتي ناهي پر دنيا جي گولي تي موجود زمين (Land) ٻيٽن وانگر آهي. يعني زمين جي چوڌاري پاڻي آهي. آسٽريليا، سري لنڪا، انگلنڊ جهڙا ملڪ ته اسانکي ٻيٽ لڳن ئي ٿا پر ويندي آفريڪا، ايشيا، آمريڪا يا يورپ جهڙو کنڊ به ٻيٽ لڳي ٿو جو ان جي چوڌاري سمنڊ جو پاڻي آهي. ائين جي نه هجي ها ته اسان هڪ ملڪ کان ٻئي ڏورانهين ملڪ ۾ ڪيئن پهچون ها. اهو ان ڪري جو هر سمنڊ ٻئي سان مليو پيو آهي. جپان کان چاهي ساڄي پاسي پئسفڪ سمنڊ لتاڙي وڃون يا کاٻي پاسي کان هندي ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙيون، ڳالهه ساڳي آهي جو سڀ سمنڊ مليا پيا آهن. پر سمنڊ جي ڍنڍن وانگر هجن ها ته پوءِ سفر ۾ وڏو مسئلو ٿئي ها. جيڪو جهاز جنهن سمنڊ جي ڪناري تي ٺهي ها اهو فقط ان سمنڊ جي بندرگاهن ۾ ئي هلندو رهي ها. ٻئي سمنڊ جي ڪنهن بندرگاهه ۾ پهچڻ لاءِ وري زمين جو ڪجهه حصو اٺن، گھوڙن يا لارين موٽرن ۾ طئه ڪري ان ٻئي سمنڊ جي ڪناري تي پهچي، ان سمنڊ ۾ هلندڙ جهاز ۾ چڙهڻو پوي ها.
    ڪي سمنڊ ذري گهٽ چوڌاري بند آهن ۽ وڏي ڍنڍ لڳن ٿا جيئن يورپ، آفريڪا ۽ ايشيا جي وچ ۾ موجود ميڊيٽرينين (ڀؤنچ) سمنڊ جنهن ۾ طرابلس، بيروت، ازمير، استنبول، اٿينس، رائيڪا، بارسلونا، جبرالٽر، سيوٽا ۽ ٽيونس جهڙا اهم بندرگاهه آهن. آمريڪا ايجاد ٿيڻ کان اڳ تائين سڀني هن سمنڊ کي دنيا جو وچ سمجھيو ٿي. ظاهر آهي صاف نظر اچي رهيو هو ته هن سمنڊ جي هڪ پاسي يورپ آهي ته ٻئي پاسي ايشيا ۽ ٽي پاسي آفريڪا. چوٿين پاسي ائٽلانٽڪ سمنڊ هو. ماڻهن کي اها خبر نه هئي ته انهيءَ چوٿين پاسي يعني اولهه ڏي اهو سمنڊ جھاڳي هلبو ته يورپ ۽ آفريڪا کان به وڏي دنيا آمريڪا کنڊن جي صورت ۾ نظر ايندي. بهرحال ڪولمبس جي آمريڪا پهچڻ تائين هر هڪ کي اهو ئي يقين هو ته هي سمنڊ ميڊي معنيٰ وچ ۽ ٽرينين معنيٰ ڌرتي جو آهي. ٻين زبانن ۾ به هن سمنڊ جو اهو ئي نالو رکيو ويو جيئن سنسڪرت ۽ سنڌيءَ ۾ اهو ڀؤنچ (ڀونء + وچ) سمنڊ سڏجي ٿو.
    ڀؤنچ سمنڊ (Mediterranean Sea) ڪو ننڍو سمنڊ ناهي. ايراضيءَ جي حساب سان 25 لک چورس ڪلوميٽر آهي. يعني اسان جهڙا 3 ملڪ ان ۾ سمائجي وڃن. مٿان خلا مان ڏسبو يا سئٽلائيٽ ذريعي يڪي سمنڊ جو فوٽو ڪڍبو ته عام فوٽو ۾ به ائين لڳندو ته هي سمنڊ ڍنڍ وانگر آهي يعني هن جي چوڌاري زمين آهي. جيڪي جهاز اندر آهن اهي فقط اندر هلي سگهن ٿا، ٻاهر نڪرڻ جو ڪو گس ناهي. پر ڪلوز اپ فوٽو ۾ يا سرزمين تي پهچبو ته معلوم ٿيندو ته ائين نه آهي. جتي يورپ کنڊ جو ملڪ اسپين آفريڪا کنڊ جي موراڪو ملڪ سان ملي ٿو اتي هڪ سنهي سامونڊي ڳچي ضرور ٺهيل آهي جتان جهاز ميڊيٽرينين ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ اچي وڃي سگهن ٿا. هي اهو ئي هنڌ آهي جتي جبرالٽر (جبل الطارق) آهي ان ڪري هن سوڙهي سامونڊي گهٽيءَ جو نالو Strait of Gibraltar رکيو ويو آهي. رستو سوڙهو ۽ اڄ ڪلهه جا لوهي جهاز وڏي هجڻ ڪري هن هنڌ تان لنگهڻ وارا ٽي چار ڪلاڪ، جهاز هلائيندڙن لاءِ سخت ٽينشن وارا هوندا آهن. هن سوڙهي سامونڊي موريءَ جي وچ تي نشان لڳل نه آهن جو ايندڙ ويندڙ جهاز ان پنهنجي حصي مان هلن. ڏينهن هجي يا رات، ماٺو سمنڊ هجي يا مانڊاڻ متل، ڏيک چٽو هجي يا سخت ڌُنڌُ، جهاز هلائڻ وارن کي ئي حساب ڪتاب رکڻو آهي ته ان سوڙهي سامونڊي پيچڙي ۾ هن جو ڪيترو حصو آهي. ان کان علاوه سامهون ايندڙ جهازن توڙي اڳيان ويندڙن ۽ پٺيان ايندڙن جي رفتار جو به حساب ڪتاب ڪرڻو پوي ٿو. ان حساب سان پنهنجي جهاز جي رفتار سيٽ ڪرڻي پوي ٿي جو ائين نه ٿئي جو اڳيان ويندڙ جهاز سان ٽڪر ٿي پوي ۽ هي سوڙهو رستو سڀني لاءِ بلاڪ ٿي وڃي. بقول هڪ جهازيءَ جي جيڪڏهن سمنڊ تي رستا ٺهيل هجن ها ۽ پاڻيءَ جي جهاز کي موٽر لارين وانگر بريڪون هجن ها ته پوءِ ڪا tension ئي نه هجي ها.


    ست سمنڊ ڏوري ڏوري

    اسان وٽ هند سنڌ ۾ توڙي يورپ ۽ عرب ملڪن ۾ ماڻهو اڪثر ”ست سمنڊ“ پار ڪرڻ جي ڳالهه ڪن ٿا. يورپي وچئين دور جي ادب ۾ به ڪيترن هنڌن تي Sail the Seven Seas جو محاورو استعمال ٿيو آهي. يورپين جو ستن سمنڊن مان مطلب هو:
    1. ميڊيٽرينين سمنڊ ـــ جنهنکي عرب ۽ ايراني بحرِ ابيض (اڇو سمنڊ) يا بحرِ روم سڏين ٿا، اسان وٽ اهو سمنڊ ڀؤنچ سمنڊ سڏجي ٿو.
    2. اڊرياٽڪ سمنڊ ـــ جيڪو دراصل ميڊيٽرينين سمنڊ جو ئي حصو آهي ۽ البانيا، بوزنيا، ڪروشيا ۽ اٽليءَ جي وچ ۾ آهي.
    3. بحر اسود ـــ Black Sea جنهن جي چوڌاري روس، يوڪرين، مولدووا، رومانيا، بلغاريا ۽ ترڪي جهڙا ملڪ آهن.
    4. بحرِ احمر ـــ Red Sea، جنهن جي چوڌاري، يمن، سعودي عرب، مصر، سوڊان، اريٽيريا، جبوتي ۽ سوماليا ملڪ آهن.
    5. اسان وارو عربي سمنڊ جنهن جي ڪناري تي چاه بهار، گوادر، ڪراچي ۽ ممبئي جهڙا بندرگاهه اچيو وڃن ٿا. ڏٺو وڃي ته عربي سمنڊ هندي وڏي سمنڊ جو هڪ حصو يا کڻي چئجي ته هڪ ڪنڊ آهي.
    6. ايراني نار Persian Gulf جنهن کي عرب عربي گلف سڏين ٿا. ايراني نار سمنڊ جي هڪ پاسي ايران آهي ته ٻئي طرف عمان، دبئي، قطر، بحرين، ڪويت ۽ عراق آهن.
    7. ڪئسپين سمنڊ: جنهن جي چوڌاري ايران، روس، قزاخستان، آذر بائيجان ۽ ترڪمنستان ملڪ آهن. هن سمنڊ جا، دنيا ۾ ڪيترائي نالا مشهور آهن جيڪي سندس ڀر وارن ملڪن جي ٻولين، فارسي، روسي، عربي، ترڪي جا آهن. جيئن ته درياهِه خزر، بحر قزوين، درياهِ مازندان، زيزر دينزي..... وغيره.
    بهرحال اهي جھوني زماني جون ڳالهيون آهن جڏهن عام ماڻهن توڙي مهاڻن، ناکئن ۽ ڪشتي بانن کي دنيا جي خبر نه هئي. هنن رڳو پنهنجي آسپاس جي سمنڊن جي ڳالهه ٿي ڪئي. هڪ طرف يورپي ائٽلانٽڪ سمنڊ ڏي اڳيان ويندي ڊڄندا هئا ته ٻئي طرف جپاني ۽ چيني پئسفڪ جو رخ ڪندي گهٻرائيندا هئا. هر هڪ اهو سمجھندو هو ته دنيا رومال وانگر فلئٽ آهي جنهن تي گهڻو اڳيان وڌبو ته ان جي اَندين (بارڊر) اچڻ بعد هيٺ خلا ۾ ڦهڪو وڃي ڪبو! پوءِ ته ڀلو ٿئي متين موڙهيل ڪولمبس جو جيڪو رستو ڀلجي ملائيشيا ۽ انڊونيشيا بدران وڃي ڪئريبين سمنڊ ۽ آمريڪا کان نڪتو. اڄ جي دؤر ۾ ڪو ڪئپٽن اهڙو غلط ڪم ڪري ته نه رڳو سندس جهازران ڪمپني جو مالڪ ۽ مئنيجمينٽ کيس سئڪ ڪري پر کانئس جهاز هلائڻ جو سرٽيفڪيٽ به کسي وٺي. اڄ جي هر شاگرد کي خبر آهي ته دنيا جي گولي تي ننڍا وڏا هڪ سئو کان به مٿي سمنڊ آهن جن کي روزانو انيڪ جهاز ۽ ٻيڙيون ڪراس ڪن ٿيون.
    ستن سمنڊن جو گهڻو ذڪر عرب ڪهاڻين، سفرنامن ۽ شاعريءَ ۾ نظر اچي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسلام جي دؤر شروع ٿيڻ سان عربن جو سمنڊن ۽ جهازرانيءَ تي وڏو ڪنٽرول رهيو ۽ هونءَ به عرب نيويگيشن ۽ ائسٽرانامي ۾ هوشيار هئا. اڄ سمنڊ تي رستو ڳولڻ لاءِ جن تارن جي مدد وٺون ٿا انهن جا انگريزي نالا عربيءَ تان کنيل آهن.
    عربن کي يورپ جا ماڻهو کڻي ڇا به سمجھن پر هو اهڙا به چريا نه هئا جو هنن کي دنيا جي سمنڊن جي خبر نه هجي. منهنجي خيال ۾ اها ئي ڳالهه آهي ته عرب جڏهن ”ست سمنڊن“ جي ڳالهه ڪن ٿا ته هنن جو ان سان مطلب ”تمام گهڻا سمنڊ“ آهي. جيئن اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ ڪنهن کي دعائون ڏيندي چوندا آهن ته توکي ست پٽ ڄمن معنيٰ تمام گهڻا پٽ ڄمن.
    هڪ عرب ليکڪ يعقوبي (سڄو نالو احمد ابن ابو يعقوب ابن جعفر ابن وادح) جي هڪ سفرنامي جو انگريزيءَ ۾ ترجمو پڙهيو هوم. هن جي ڏاڏي وادح ”خليفي منصور“ جي درٻار ۾ آزاد ٿيل غلام جي حيثيت سان ڪم ڪيو ٿي. يعقوبي جا ٻه ڪتاب عرب دنيا ۾ تمام مشهور چيا وڃن ٿا: ”تاريخ ابن وادح“ ۽ ”ڪتاب البلدان“. يعقوبي ڪجهه عرصو آرمينا ۽ خراسان ۾ رهڻ بعد زندگيءَ جا آخري سال انڊيا، مصر ۽ مراقش ۾ گذاريا ۽ 897 ۾ وفات ڪيائين. هن جي ڏينهن ۾ عربن توڙي ايرانين جو سمنڊ رستي چين وڃڻ ٿيندو هو. هو ايراني نار واري سمنڊ مان نڪرندا هئا ۽ اسان وارو عربي سمنڊ، سري لنڪا، خليج بنگال، ملائيشيا، سنگاپور وارو پاسو ڏئي چين پهچندا هئا. تن ڏينهن ۾ پينانگ، پورٽ ڪلانگ (ملائيشيا جو اڄ وارو بندرگاهه) يا سنگاپور وغيره ته نه هئا. انهن ڏينهن ۾ ملائيشيا ۾ فقط ملاڪا بندرگاهه هو. هيڏانهن اسان ڏي عربي سمنڊ ۾ ممبئي جهڙن بندرگاهن جو ته اڃان وجود نه هو. گجرات، ڪاٺياواڙ يا ملبار ڪناري تي ننڍا ننڍا بندرگاهه هئا ۽ تن ڏينهن ۾ هي ٻيڙا به ننڍا هئا جيڪي ڪنارو وٺي هلندا هئا. هتي مان يعقوبيءَ جو ستن سمنڊن بابت لکيل هڪ دلچسپ پئراگراف هوبهو لکان ٿو. ٽيڪا ٽپڻي يا سمجھائڻ خاطر ڪي ڳالهيون ڏنگين (Brackets) ۾ لکان ٿو......
    ”جيڪڏهن ڪو چين وڃڻ چاهي ٿو ته هن کي پورا ست سمنڊ اڪرڻا پون ٿا. هر سمنڊ جو پنهنجو رنگ آهي، پنهنجي قسم جي هوا ۽ مڇيون آهن. (اونهي سمنڊ مان جتان اڄ اسانجا وڏا جهاز هلن ٿا، سمنڊ جو رنگ بلو نظر اچي ٿو پر جيئن ئي جهاز ڪناري جي ويجھو اچي ٿو ته سمنڊ جي اونهائيءَ مطابق ۽ هيٺ تري ۾ موجود مٽي، واري ريتي يا گاهه مطابق سمنڊ جو رنگ هلڪي بلو کان سائي جي مختلف شيڊن ۽ هئڊي ميرانجھڙي رنگ مان ڪو نه ڪو ٿيو پوي. انهن ڏينهن ۾ هي ٻيڙا هر ملڪ جو ڪنارو ڏئي هلندا هئا). ”سيراف“ بندرگاهه کان شروع ٿيڻ مهل پهريون سمنڊ فارس اڪرڻو پوي ٿو. (سيراف بندرگاهه جيڪو تاريخ ۾ ”بندرِ طاهري“ به سڏبو هو ساسانين جي دؤرِ حڪومت ۾ ايران جو مشهور بندرگاهه هو جيڪو پوءِ 970ع ڌاري تباهه ٿي ويو. هي بندرگاهه ايران جي صوبي ”بوشهر“ ۾ هو ۽ اڄ جي ايراني بندرگاهه بندر عباس کان 380 ڪلوميٽر اولهه ۾ هو. ايراني نار ۽ عربي سمنڊ واري روٽ تي هي اهم ۽ مشغول بندرگاهه هو. جنهن ”سمنڊ فارس“ جو يعقوبيءَ ذڪر ڪيو آهي اهو Persian Gulf آهي جنهن کي اسان ”ايراني نار“ سڏيون ٿا. هي سمنڊ مڇين جي قسمن ۽ سچن موتين (Pearls) کان اڄ به مشهور آهي. عراق جي دجلا ۽ فراط ندين جو پاڻي هن سمنڊ ۾ اچيو ٿو ڇوڙ ڪري. دبئي ۽ دوحا جهڙا بندرگاهه به هن سمنڊ م آهن).
    ”هي سمنڊ راس الجمه ۾ اچيو ختم ٿئي جتان پوءِ دنيا جو ٻيو سمنڊ لاروي (Larwi) شروع ٿئي ٿو. هي تمام وڏو سمنڊ آهي جنهن ۾ ”وق وق“ جو ٻيٽ ۽ ٻيا ٻيٽ آهن جيڪي زنج (Zanj) جا آهن. هنن ٻيٽن کي پنهنجا پنهنجا بادشاهه آهن. هن سمنڊ ۾ ناکئا رات جي وقت فقط تارن ذريعي ٻيڙيون هلائي سگهن ٿا. هن سمنڊ ۾ تمام گهڻي مڇي آهي ۽ هن سمنڊ ۾ اهڙيون ته عجيب شيون آهن جن جو ڇا ويهي ذڪر ڪجي! (يعقوبيءَ جو هن ٻئي نمبر سمنڊ ”لاروي“ مان مراد کمڀات وارو سمنڊ Gulf of Khambat آهي جيڪو ڪئمبي وارو سمنڊ به سڏبو هو. هي سمنڊ جيڪو 80 کن ميل ڊگهو آهي اسان واري عربي سمنڊ ۾ ڪراچيءَ کان هيٺ ڏکڻ ۾، هندستان جي صوبي گجرات جو حصو آهي جيڪوگجرات جي اوڀر کي ڪاٺياواڙ کان الڳ ڪري ٿو. گجرات جون نرمادا ۽ تاپتي نديون هن سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون. تانگھي سمنڊ ڪري اڄ جا وڏا جهاز هن طرف رخ نٿا رکن نه ته شاهه لطيف جي ڏينهن ۾ گجرات جو هي علائقو ”بلي بلي“ هو جتي لنڪا ۽ ديبل ٺٽي کان ٻيڙا ايندا ويندا رهيا ٿي ۽ هن سمنڊ جو بندرگاهه کنڀات جنهن جي نالي شاهه لطيف جي بيتن جو هڪ سُر پڻ آهي، ان زماني ۾ دبئي، هانگ ڪانگ ۽ لاس پاماس کان گهٽ نه هو. ايران کان سري لنڪا ۽ ملايا ڏي ويندڙ ٻيڙا ڪراچي ۽ ٺٽي وارو ڪنارو ڏئي ڪنڊالا، نولکي، اوکا، پوربندر، ويراوال (جتان سومناٿ مندر تمام ويجھو آهي) ۽ ڀاوَ نگر مان ٿيندا کنڀات پهتا ٿي. اڳتي هلي مغلن جي دؤر ۾ کنڀات بندرگاهه گپ ۽ Slit سان ڀرجي ويو ۽ پوءِ ”سورت“ مشهور ٿيو ۽ پوءِ انگريزن جيئن ئي ممبئيءَ جي بندرگاهه کي ٺاهيو ته سورت بندرگاهه به گمناميءَ ۾ هليو ويو. بهرحال يعقوبي پنهنجي دور يعني نائين صديءَ جي ڳالهه پيو ڪري جڏهن سمنڊ جو هي حصو ۽ کنڀات بندرگاهه هڪ رنگين، رونق وارو، امير ۽ سهڻو بندرگاهه هو جتي هر وقت جهازن جي اچ وڃ لڳي رهي ٿي. 915ع ۾ هڪ عرب سياح المسعودي کنڀات گهمڻ بعد لکي ٿو ته هي هڪ زبردست ڪامياب بندرگاهه آهي. 1293 ۾ مارڪوپولو هن بندرگاهه لاءِ لکي ٿو ته هي هڪ سخت مشغول بندرگاهه آهي. جنهن کي پنهنجو بادشاهه آهي. هتي انڊيگو ۽ بڪرم تمام گهڻو ٿئي ٿو. ڪپهه ۽ چمڙو به هن بندرگاهه مان ايران ۽ لنڪا ڏي ويندو رهي ٿو.
    يعقوبيءَ لکيو آهي ته هي وڏو سمنڊ آهي جنهن ۾ وق وق (Waqwaq) جو ٻيٽ آهي. ايراني نار جي مقابلي ۾ عربي سمنڊ جيڪو هندي وڏي سمنڊ جو حصو آهي، تمام وڏو آهي جيڪو هڪ پاسي آفريڪا جي اوڀر ڪناري تائين وڃي ٿو جتي ”زنج“ هو جيڪو هاڻ ”زئنزيبار“ سڏجي ٿو ۽ ٻئي پاسي ملايا تائين هليو وڃي ۽ ان سان ئي ملندڙ ڏکڻ چيني سمنڊ ۽ پئسفڪ سمنڊ آهي جنهن ۾ جپان آهي. جپان هڪ ٻيٽن جو جھڳٽو آهي ۽ توهان کي اهو معلوم ڪري حيرت ٿيندي ته جپان کي آڳاٽي چيني زبان (ڪئنٽونيز) ۾ Wo-kwok سڏين ٿا. عرب سوداگر چينين کان اهو لفظ ٻڌي هو به جپان کي ”وق وق“ سڏڻ لڳا جنهن جو ذڪر يعقوبيءَ مٿي ڪيو آهي)
    ”ٽيون سمنڊ ”هرکنڊ“ آهي جنهن ۾ ”سرانديپ جو ٻيٽ“ آهي جنهن ٻيٽ تي قميتي پٿر، لعل ۽ ربيون آهن.“
    (يعقوبيءَ جنهن هرکنڊ سمنڊ جو ذڪر ڪيو آهي اهو خليجِ بنگال آهي جيڪو سري لنڪا کان بنگلاديش تائين ڦهليل آهي ۽ سرانديپ اڄ جي سري لنڪا ٻيٽ جو آڳاٽو نالو آهي. سري لنڪا ماضيءَ ۾ مختلف نالن سان سڏيو ويو آهي جهڙوڪ: سلون، سيلان، زيلان، لنڪا، سرانديپ، ٽئپروبين وغيرهه. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سري لنڪا جو ٻيٽ اهم جاگرافيائي پوزيشن تي هجڻ ڪري بحري جهاز هلائڻ وارن لاءِ اهم بندرگاهه آهي ۽ ماضيءَ ۾ لنڪا ۽ يمن جو بندرگاهه ”عدن“ ڪاروبار، واپار وڙي ۽ مال ملڪيت کان مشهور هو. تڏهن ته شاهه لطيف به پنهنجن بيتن ۾ لکيو آهي ته:

    کاري کيڙائُو، مَٿي مِٺي موٽيا؛
    سَودو ڪَنِ نه سونَ جو، وَڏا وِهائُو؛
    موتِي جي مَهراڻَ جا، تِن جا طاماعُو؛
    سامُونڊِي سائُو، لَنڪا لوپي آئِيا.
    يعقوبيءَ پنهنجي سفرنامي ۾ چوٿون سمنڊ ڪالاح (Kalah) جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو بلڪل تانگھو آهي، جنهن ۾ تمام گهڻا نانگ بلائون ۽ وڏا سامونڊي مانگر مڇ آهن جيڪي هوائن جي زور تي ٻيڙن سان ٽڪرائي انهن کي ڇيتيون ڇيتيون ڪريو ڇڏين. هن پاسي جيڪي ٻيٽ آهن انهن تي خوشبودار ڪافور جا وڻ ٿين ٿا.
    (يعقوبيءَ جو بيان ڪيل ”ڪالاح سمنڊ“ ملاڪا ڳچي سمنڊ (Malacca Strait) آهي. انڊونيشيا واري ٻيٽ سماترا ۽ ملايا (اڄ واري اولهه ملائيشيا) جي وچ ۾ سمنڊ جي سنهي پَٽي (ڳچي سمنڊ) آهي جنهن کي انگريزيءَ ۾ Strait سڏجي ٿو. ملاڪا وارو هي ڳچي سمنڊ جيڪو آڳاٽي زماني ۾ ڪالاح سمنڊ سڏبو هو اڄ تائين هڪ اهم سمنڊ آهي. فرق فقط اهو آهي ته يعقوبيءَ جي ڏينهن وارو ملاڪا بندرگاهه اڄ جي وڏن جهازن لاءِ ننڍو آهي پر انهن ڏينهن ۾ ملاڪا اهم بندرگاهه ۽ گاديءَ جو شهر هو جتي هڪ هندو بادشاهه راجا پرميشور مسلمان ٿيو ۽ ان پويان سڄو ملايا اسلام جي دائري ۾ آيو. هن سمنڊ جي پٽي 800 کن ڪلوميٽر آهي ۽ تمام سوڙهي هجڻ ڪري اڄ جا وڏا جهاز هتان گهٽ رفتار ۾ اڪرن ٿا ۽ پينانگ کان سنگاپور (هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين) ٻه ڏينهن لڳائين ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن سمنڊ ۾ ڪيترن ئي قسمن جون مڇيون آهن جن مان ڪجهه نانگن جهڙيون ڊگهون Eel مڇيون به آهن. ان کان علاوه اهڙا نانگ بلائون به آهن جيڪي سمنڊ ۾ تريو وڃن. هونءَ به ملائيشيا نانگن، بلائن، ازدهن جو ملڪ آهي. مانگر مڇ به آهن جيڪي ان وقت جي ننڍين ۽ ڪمزور ٻيڙين کي نقصان رسائيندا هوندا. پر ان وقت جي ڪيترن سفرنامن ۾ وڌاءَ کان به ڪم ورتو ويو آهي جو ان وقت جي مسافر جي پنهنجي ڄاڻ به محدود هئي ۽ ٻڌڻ وارا به هر ڳالهه تي ڪنڌ ڌوڻي واهه واهه ڪندا هئا ڪو به رد ڪد ڏيڻ وارو نه هو. بهرحال گهڻيون تڻيون ڳالهيون هنن پنهنجي مشاهدي ۽ تجربي موجب صحيح لکيون آهن.
    ملاڪا وارو هي ڳچي سمنڊ دنيا جي ٻن وڏن سمنڊن: هندي سمنڊ ۽ پئسفڪ سمنڊ کي ڳنڍي ٿو. يورپين توڙي عربن جو چين، جپان، ڪوريا ڏي ويندي هتان لنگهه ٿئي ٿو. اسان به انهن ملڪن ڏي وڃڻ لاءِ Malacca Strait جو سمنڊ لتاڙي سنگاپور پهچندا آهيون جتان پوءِ هانگ ڪانگ، چين يا جپان لاءِ اتر جو رخ اختيار ڪندا آهيون هن سمنڊ جي چواڌري انڊونيشيا جا سوين ٻيٽ آهن جتي سامونڊي ڌاڙيل (قزاق) رهن ٿا ۽ اهي اڳئين زماني ۾ توڙي اڄ جي دؤر ۾ به جهازن تي چڙهي ڦرلٽ ڪن ٿا. جيئن هن مسلمان سياح لکيو آهي ته هتي ڪافور جا وڻ ٿين ٿا، اها حقيقت آهي. ان دؤر جي عرب، ايراني، آفريڪي ۽ ڏکڻ هندستان جي سلطنتن جا سوداگر هن سمنڊ جي منهن واري بندرگاهه ڪيداح ۾ پهتا ٿي. اٽڪل 800 سالن کان پوءِ پينانگ جو بندرگاهه وجود ۾ آيو نه ته ملايا جي منهن ۾ ڪيداح هندن جي مندرن، واپار ۽ جهازرانيءَ کان مشهور بندرگاهه هو. هن بندرگاهه ۾ ڪپهه، ڪافور، شيشي جي شين، بروڪيڊ، عاج، سندل وڊ، عطر ۽ قيمتي پٿرن جو سودو هليو ٿي. چؤماسي وارين هوائن ۾ ايران، عربستان، هندوستان ۽ آفريڪا کان (جون ۽ نومبر جي وچ ۾) ٻيڙا ڪيداح پهتا ٿي ۽ ڊسمبر ۽ مئي جي اندر روانا ٿي ويا ٿي. ڪيداح ۾ جهاز (ٻيڙا) هلائيندڙن توڙي مسافرن، سوداگردن جي رهائش لاءِ انتظام، نوڪر چاڪر، بار کڻڻ وارا مزدور، ننڍيون ٻيڙيون ۽ raft، گھوڙا، هاٿي ۽ اندروني ملڪ مال موڪلڻ وارا ٽرانسپورٽر هر وقت موجود رهندا هئا).
    يعقوبي پنهنجي سفرنامي ۾ وڌيڪَ لکي ٿو ته: ”چين پهچڻ لاءِ پنجون سمنڊ سلاهت (Salahat) هو. هي سمنڊ تمام وڏو آهي ۽ ان جي عجيب شين جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي...!“
    (يعقوبيءَ جنهن سمند ”سلاهت“ جي ڳالهه ڪئي آهي ان کي اڄ ڪلهه سنگاپور جو ڳچي سمنڊ سڏجي ٿو جيڪو 105 ڪلوميٽر ڊگهو ۽ 16 ڪلوميٽر ويڪرو آهي جنهن جي اولهه ۾ ملاڪا جو ڳچي سمنڊ آهي ۽ اوڀر ۾ ڏکڻ چيني سمنڊ آهي. اتر ۾ سنگاپور ٻيٽ آهي ۽ ڏکڻ ۾ ريائو نالي ملئي ٻيٽ آهي.)
    ”ڇهون سمنڊ ڪاردنج (Kardanj) آهي جتي هر وقت بارش ٿيندي رهي ٿي ۽ ستون سمنڊ سانجي (Sanji) آهي جيڪو ڪانجلي به سڏجي ٿو. هي چين جو سمنڊ آهي جنهن ۾ پهچڻ سان هوائون ٻيڙن کي ڪناري ڏي ڌڪين ٿيون ۽ اڳتي مٺي پاڻي جي خليج ۾ پهچيو وڃجي جتان پوءِ قلعا، عمارتون ۽ شهر نظر اچن ٿا ۽ آخر خانفو (Khanfu) بندرگاهه ۾ پهچيو وڃجي....“
    (يعقوبيءَ پنهنجي نائين صدي واري سفرنامي ۾ جنهن ”ڪاردنج“ نالي سمنڊ جو ذڪر ڪيو آهي اهو خليجِ سيام آهي جيڪو هاڻ خليج ٿائلنڊ سڏجي ٿو. هن سمنڊ جي چوڌاري ڪمبوڊيا، ٿائلنڊ ۽ ويٽنام اچي وڃن ٿا. هن خليج (سمنڊ) جو اتراهون حصو خليجِ بئنڪاڪ سڏجي ٿو جيڪو چائو فرايا ندي (Chao Phraya) جي ڇوڙ وارو حصو آهي. ٿائلنڊ جي گاديءَ جو شهر ۽ وڏو بندرگاهه بئنڪاڪ هن نديءَ اندر ائين آهي جيئن سنڌو نديءَ اندر ڪوٽڙي جو بندرگاهه آهي ـــ يعني هو، جڏهن سنڌو نديءَ ۾ پاڻي هو ۽ هيءَ ندي ملتان تائين Navigiable (آمدرفت لائق) هئي. ايراني نار کان چين پهچڻ لاءِ يعقوبيءَ جنهن ستين سمنڊ جو نالو کنيو آهي اهو سانجي سمنڊ آهي جيڪو دراصل ڏکڻ چيني سمنڊ (South China Sea) آهي. ڏکڻ چيني سمنڊ پئسفڪ وڏي سمنڊ جو ائين حصو آهي جيئن اسانجو ڪراچي وارو عربي سمنڊ هندي وڏي سمنڊ جو حصو آهي. جنهن بندرگاهه ”خانفو“ جو يعقوبيءَ ذڪر ڪيو آهي اهو اڄ وارو شهر ”ڪئنٽن“ آهي. جنهن تي خانفو نالو عربن رکيو. يورپين پهريان پوچوگالي هئا جيڪي سمنڊ رستي هن شهر ڪئنٽن (Guangzhou) 1511 ۾ پهتا. بلڪه هنن ئي هن چيني بندرگاهه گئانگاهو جو پنهنجي زبان ۾ نالو Cantao (ڪئنٽائو) رکيو جيڪو پوءِ ڪئنٽن ٿيو. بهرحال پورچوگالي يا ٻيا يورپي ۽ انگريز هن پاسي سورهين صديءَ ۾ آيا پر عرب سوداگر سليمان ۽ مشهور مسلمان ناکئي ابوزيد جي احوال مان اهو ئي معلوم ٿئي ٿو ته عرب ۽ ايراني ناکئا ۽ واپاري اٺين صديءَ کان وٺي چين پهچڻ لڳا هئا. هنن جا ٻيڙا ايراني بندرگاهه سيراف ۽ عراقي بندرگاهه بصري مان نڪرندا هئا ۽ يعقوبيءَ وارا مٿي بيان ڪيل ”ست سمنڊ“ اورانگھي چين جي هن اڄ واري بندرگاهه ”ڪئنٽن“ ۾ پهچندا هئا جيڪو ان وقت خانفو (Khanfu) سڏبو هو.دراصل چيني ماڻهو هن بندرگاهه کي ”پان يو“ يا ”فان يو“ سڏيندا هئا پر پوءِ عربن جي زبان تي ”خان فو“ ئي اچڻ لڳو. ڪن عرب تاريخدانن چين جي هڪ ٻئي شهر خومدا جو به ذڪر ڪيو آهي ته عرب نه فقط خانفو شهر لاءِ سامان آڻيندا هئا پر اندروني چين جي شهر خومدا لاءِ پڻ، جيڪو خانفو کان ٻن مهينن جي پنڌ تي هو. ٿي سگهي ٿو هي شهر اڄ وارو پيڪنگ هجي يا شنگھائي..... يا وري دئرين به ٿي سگهي ٿو جتي پڻ ان زماني کان مسلمان رهن ٿا. ايتريقدر جو هن شهر دئرين ۾ مسلمانن لاءِ حلال گوشت جي مارڪيٽ ئي الڳ آهي ۽ اسان جا جهاز جپان ۽ ڪوريا وڃڻ کان اڳ ڪوشش ڪري چين جي هن بندرگاهه مان جهاز وارن جي راشن لاءِ حلال گوشت کڻن ٿا. هتي جي يونيورسٽين ۾ ڪيترن ئي مسلمان ملڪن جا شاگرد نظر اچن ٿا.


    ڪارو، ڳاڙهو ۽ اڇو سمنڊ

    گذريل مضمون ۾ پاڻ ميڊيٽرينين سمنڊ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته اهو جيتوڻيڪ ڍنڍ وانگر بند نظر اچي ٿو پر جبرالٽر وٽ ان ۾ ايترو گس آهي جو هڪ ئي وقت ٻه ٽي جهاز هلي سگهن ٿا ۽ ميڊيٽرينين سمنڊ (جنهن کي ڀونءِ وچ ۽ بحر روم به سڏجي ٿو) ان جي پاڻيءَ جي ليول ۽ لوڻ جي کاراڻ Maintain رکڻ لاءِ هن سمنڊ جو پاڻي ان سامونڊي گس ذريعي ائٽلانٽڪ سمنڊ جي پاڻيءَ سان ملندو رهي ٿو.
    نقشي ۾ ڏسندائو ته ميڊيٽرينين سمنڊ جي بلڪل اوڀر ۾ دنيا جو هڪ ٻيو اهم سمنڊ ”بحر اسود“ (بلئڪ سي) آهي جيڪو ته بنهه بند بند لڳي ٿو. پر ائين ناهي. ترڪيءَ جي بندرگاهه استنبول وٽ هڪ تمام سنهي سامونڊي نالي ٺهيل آهي جتان جهاز ”بلئڪ سِي“ (Black Sea) ۾ داخل ٿي سگهن ٿا. سمنڊ جي اها سنهي پٽي ”باسفورس“ سڏجي ٿي جنهن تي ترڪيءَ جو هٿ آهي. روس هونءَ کڻي طاقتور ملڪ آهي ۽ جڏهن USSR هو تڏهن ته اڃان به وڌيڪَ پهلوان مڙس هو پر هن سامونڊي راهداري باسفورس ڪري هن جي هر جهاز کي اچڻ وڃڻ وقت ترڪيءَ کان موڪل وٺڻي پوي ٿي.
    روس جا جيڪي اتراهان بندرگاهه آهن اهي سال جو ڪو مهينو ٻه مس کليل رهن ٿا باقي سڄو سال برف سان ڄميل آهن. ان ڪري سندن ڪم جو فقط ”اوڊيسا“ بندرگاهه آهي جيڪو Black Sea ۾ آهي. افسوس جي اها ڳالهه ته اوڊيسا بندرگاهه واري سمنڊ ۾ به سياري ۾ برف جون ڇپون ٺهيو وڃن جنهن بابت آئون پنهنجي پهرين سفرنامي ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ ۾ لکي چڪو آهيان ته اوڊيسا ۾ رات جي وقت ٺار ٿيڻ ڪري صبح جو جهاز برف جي ٿلهي تهه ۾ ڦاٿل رهيو ٿي. بهرحال روس کي جهاز ته کڻي هڪ کان هڪ ماڊرن ۽ انيڪ آهن پر سمنڊ ۽ بندرگاهه جي معاملي ۾ هن جو ڀاڳ سٺو ناهي. اهو ئي سبب آهي جو هن کي ڇتائي کڻي ٿي ۽ اسان واري عربي سمنڊ جي ڪجهه حصي کي حاصل ڪرڻ لاءِ رومانيا ۽ پولنڊ وانگر افغانستان تي قبضو ڪري بلوچستان حاصل ڪرڻ جا خواب ڏسي ٿو جيئن گوادر يا ايراني بندرگاهه چهابهار کي پنهنجو ڪري سگهي جتي هن جا جهاز ٻارهوئي ايندا رهن ۽ ائين ايندي ويندي ڪنهن کان موڪل نه وٺڻي پوي جيڪا هينئر هن کي ترڪيءَ کان وٺڻي پوي ٿي.
    هي بحر اسود (Black Sea) جيتوڻيڪ ميڊيٽرينين سمنڊ کان ننڍو آهي پر تڏهن به سندس پکيڙ چار لک چورس ڪلوميٽرن کان مٿي آهي ۽ اسانجي وڏي ۾ وڏي صوبي بلوچستان (جنهن جي پکيڙ ساڍا ٽي لک کن چورس ڪلوميٽر آهي) کان به وڏو ٿيو. هن سمنڊ جي ڪناري تي روس، بلغاريا، رومانيا، جارجيا، يوڪرين ۽ ترڪي جي سر زمين لڳي ٿي. منهنجي شروع وارن سامونڊي سفرن ۾، خاص ڪري يوگوسلاويا جي ٺهيل نئين جهاز ”سندر بنس“ تي نوڪري دوران هن سمنڊ جي روسي بندرگاهه ”اوڊيسا“، رومانيا جي بندرگاهه ”ڪانستنزا“ ۽ بلغاريا جي بندرگاهه ”ورنا“ ۾ تمام گهڻو وڃڻ ٿيو. اسان انهن بندرگاهن مان بيروت، دبئي، دوحا ۽ ڪراچي جي بندرگاهن لاءِ مختلف سامان آڻيندا هئاسين.
    بحر اسود (ڪارو سمنڊ) جيتوڻيڪ ننڍو ۽ چوڌاري زمين هجڻ ڪري بند بند لڳي ٿو جنهن حساب سان هن سمنڊ ۾ نه وڏيون ويرون ۽ ڪُن هجڻ کپن نه خوفناڪ طوفان پر اها ڳالهه ناهي. هن سمنڊ جي سختين جي جھونا جهازي به سڌيون ٻڌائين ٿا. ان جو تجربو هڪ دفعو اسان کي به ٿيو جڏهن اسانجي جهاز ڪانستنزا (رومانيا جي بندرگاهه) کان ورنا (بلغاريا جي بندرگاهه) ڏي سفر ڪيو. چئن ڪلاڪن جي هن رات جي سفر اسان جهاز هلائڻ وارن کي ته هيڻو ڪري ڇڏيو پر 6 مهينا اڳ جي ورتل نئين جهاز جي به صورت ۽ رنگ روپ اهڙو ڪري ڇڏيو جو مونکي پهريون دفعو احساس ٿيو ته انهن سامونڊي ڇولين جو ڪيڏو سخت هائڊرالڪ پريشر ٿئي ٿو جنهن ۾ جهاز جو رنگ روغن ته لهي ويو پر اڳئين حصي تي اهڙا گِهٻ (Dent) پئجي ويا جيئن ڪنهن موٽر ڪار جي ٻاهرين باڊيءَ کي بانٺن سان سَٽي رکيو هجي. سو ڪو به جهازران اهو نه سمجھي ته هن سمنڊ ۾ رڳو Smooth Sailing آهي. هتي ٻارهوئي سخت سردي، ڪُنون (Under Currents)، طوفان ۽ تيز هوائون ۽ ڌنڌ رهي ٿو. جيڪو حال ميڊيٽرينين سمنڊ جو به آهي. پر بحر اسود ۾ سامهون جو ڏيک Visibility سراسري 5 ميٽر مس رهي ٿي جيڪا ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ 35 ميٽرن جي لڳ ڀڳ آهي. شايد انهن ڳالهين ڪري بحر اسود کي وڏي عرصي تائين بي رحم، بي ترس ۽ بي فيض (Inhospitable) سمنڊ سڏيو ويو ٿي.
    بحر اسود جي بندرگاهن ۾ هجڻ دوران مڪاني ماڻهن کان آئون اڪثر اهو پڇندو هوس ته هن سمنڊ کي ان نالي سان ڇو ٿو سڏيو وڃي ۽ نه فقط انگريزي ۽ عربي زبانن ۾ پر ترڪي جي زبان ۾ به هن سمنڊ کي ڪارا دينز (ڪارو سمنڊ) ۽ رومانيا جي ٻوليءَ ۾ به ماريا نياگرا (سمنڊ ڪارو) سڏيو وڃي ٿو.
    ڪن جو چوڻ آهي ته هن سمنڊ تي ٻارهوئي گھاٽو ڌنڌ ۽ اوندهه انڌوڪار هجڻ ڪري هن سمنڊ جو نالو ”ڪارو“ پيو آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته اونهي هجڻ ڪري هن سمنڊ جو اهو نالو آهي. ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته بحر اسود تمام اونهو سمنڊ آهي. ڪن هنڌن تي ته اهو ٻه هزار ميٽرن کان به اونهو آهي يعني سمنڊ ۾ جي ٽٻي هڻجي ته ٻن ڪلوميٽرن کان پوءِ سمنڊ جو ترو نظر اچي. هن سمنڊ تي اهو نالو پوڻ پٺيان اها به حقيقت آهي ته آڳاٽي زماني ۾ چئني طرفن لاءِ مختلف رنگ مقرر ٿيل هئا. اتر لاءِ ڪارو ڏکڻ لاءِ ڳاڙهو ۽ اوڀر لاءِ هئڊو وغيره. هيروڊوٽس هڪ هنڌ بحر احمر (ڳاڙهي سمنڊ) کي ڏکڻ سمنڊ به سڏيو آهي. ترڪن جي تهذيب ۽ حڪومت جو به ايشيا ۽ يورپ جي ڳپل حصي ۾ واسطو رهيو آهي. هنن وٽ به طرفن لاءِ رنگ مقرر آهن جيئن ترڪي جو لفظ “Kara” (ڪارو) اتر لاءِ آهي ۽ AK (سفيد) ڏکڻ لاءِ آهي. بحر اسود اتر ۾ هجڻ ڪري ان تي اهو نالو پيو ۽ ميڊيٽرينين سمنڊ (بحر روم) ڏکڻ ۾ هجڻ ڪري نه رڳو ترڪ دنيا ۾ اڇو سمنڊ سڏيو وڃي ٿو پر عرب به ميڊيٽرينين سمنڊ کي ”بحر ابيض متوسط“ سڏين ٿا. هتي اهو به لکندو هلان ته جتي بحر اسود سمنڊ طبيعت ۾ ڏنگو آهي اتي سندس ڪنارو بيحد خوبصورت آهي ۽ رومانيا، بلغاريا، جارجيا جي ڪنارن تي بيحد خوبصورت هوٽلون (Resort) ٺهيل آهن جن ۾ يورپ جا امير ماڻهو عياشيءَ لاءِ اچن ٿا.
    ”بحر اسود“ سمنڊ جي اتر ۾ هن کان به هڪ ننڍو سمنڊ آهي جيڪو Sea of Azov انگريزيءَ ۾ ۽ ”ازووسڪي موري“ روسي زبانن ۾ سڏجي ٿو. هي سمنڊ هڪ طرف بحر اسود سان ملي ٿو ته ٻئي طرف کان Don ندي هن ۾ ڇوڙ ڪري سمنڊ جي ليول برقرار رکي ٿي. تمام ننڍڙو سمنڊ آهي پر ننڍو هجڻ جي باوجود ڊيگهه ۾ ڪراچيءَ کان خيرپور تائين ٿيندو. تانگهو هجڻ ڪري منجھس فقط ٻيڙيون هلي سگهن ٿيون. بلڪه هن سمنڊ لاءِ چيو وڃي ٿو ته دنيا ۾ تانگھي ۾ تانگھو سمنڊ آهي جنهن جي سراسري اونهائي 13 ميٽر آهي. تانگهو ۽ گهٽ کارو هجڻ ڪري سال جو وڏو عرصو ڄميل (Freeze) رهي ٿو. ڪن ڪن هنڌن تي جتي ڊان ندي ڇوڙ ڪري ٿي، هن سمنڊ جو پاڻي چڱو مِٺو ۽ پيئڻ جوڳو آهي.
    سو دنيا جا مڙيئي سمنڊ، (سواءِ ڪجهه آڱرين تي ڳڻڻ جيترا) هڪ ٻئي سان سوڙهن ڳچي سمنڊن ذريعي مليا پيا آهن جن جو پاڻي هڪ ٻئي ڏي ايندو ويندو رهي ٿو ۽ ساڳي وقت پاڻيءَ جا جهاز به هڪ سمنڊ مان نڪري ٻئي ۾ پهچيو وڃن. ڪن هنڌن تي ته ڪنهن هڪ وڏي سمنڊ کي ٻئي وڏي سمنڊ سان ملائڻ لاءِ هٿرادو ڪئنال کوٽايل آهن. جيئن ميڊيٽرينين هڪ طرف بحر اسود سان ته ٻئي طرف ائٽلانٽڪ سمنڊ سان استنبول ۽ جبرالٽر وٽ مليو پيو آهي پر هن کي ڳاڙهي سمنڊ (Red Sea) سان ملائڻ لاءِ مصر ۾ سئيز ڪئنال کوٽيو ويو آهي. مصر جو پورٽ سعيد بندرگاهه ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ آهي ۽ پورٽ توفيق بحر احمر (ڳاڙهي سمنڊ) ۾ آهي. ٻنهي جي وچ ۾ جيڪو مختصر فاصلو آهي ان ۾ به ٽي کن ڍنڍون آهن: Lake Timsah، گريٽ بِٽر ڍنڍ ۽ لِٽل بٽر ڍنڍ. سو ان حصي جي کوٽائي ڪري سئيز ڪئنال ٺاهيو ويو آهي جيئن جهاز جدي، پورٽ سوڍان، عدن ۽ مساوا پهچڻ لاءِ سڄي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪرڻ بدران هن سئيز ڪئنال مان ئي لنگهي وڃن. اهڙي طرح ”پاناما ڪئنال“ نالي هٿرادو کوٽايل ڪئنال پاناما ملڪ ۾ آهي جيڪو ڪئنال ائٽلانٽڪ سمنڊ کي پئسفڪ سمنڊ سان ملائي ٿو. هن ڪئنال ذريعي جهاز هڪ سمنڊ کان ٻئي سمنڊ ۾ پهچيو وڃن پر سندن پاڻيءَ جو فري فلو يعني آزاد وهڪرو ناهي جو ٻنهي سمنڊن جي ليول (سطح) ۾ وڏو فرق آهي. جهاز کي اڪارڻ لاءِ ڪئنال کي ڪجهه حصن ۾ ورهايو ويو آهي جن کي لاڪَ سڏجي ٿو. جهاز کي هر لاڪ ۾ آڻي پوءِ ان ۾ وڌيڪَ پاڻي ڀري پاڻي جي ليول کي وڌايو وڃي ٿو. مقرر ليول تي پهچڻ بعد جهاز کي اڳتي وڌڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. اڳتي هلي هن کي وري ٻئي لاڪ ۾ بند ڪيو وڃي ٿو. جتي اڃان به ليول وڌائي وڃي ٿي. ائين ڪندي آخر ۾ جهاز ڪئنال جي ان ليول تي اچي ٿو جنهن تي ان سمنڊ جي ليول آهي ۽ واپسي تي مختلف لاڪن ۾ پاڻي جي ليول گهٽائي گهٽائي جهاز کي هيٺ آندو وڃي ٿو. اهو ساڳيو طريقو جرمني جي ڪِيل (Kiel) ڪئنال مان لنگهندڙ جهازن سان اختيار ڪيو وڃي ٿو جيڪو ڪئنال ”نارٿ سِي“ کي ”بالٽڪ سمنڊ“ سان ملائي ٿو.
    ائين به نه آهي ته هر سمنڊ ٻئي سان مليو پيو آهي. دنيا ۾ ڪجهه اهڙا سمنڊ به آهن جن جي چوڌاري خشڪي ئي خشڪي آهي يعني اهي سمنڊ Land Locked سڏجن ٿا. اهڙن سمنڊن جي عجيب حالت ۽ زندگي آهي جن جو ذڪر اڳتي هلي ڪنداسين.


    دنيا جو سڀ کان کارو ۽ سڀ کان مِٺو سمنڊ

    پاڻ دنيا جي سمنڊن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته دنيا جا سمنڊ هڪ ٻئي سان مليا پيا آهن ۽ هڪڙن سمنڊن جو پاڻي ۽ ان ۾ هلندڙ جهاز ٻين سمنڊن ڏي ايندا ويندا رهن ٿا. اهڙي طرح دنيا جي سمنڊن جي پاڻيءَ جي کاراڻ ۽ منجھن موجود ڪيميڪل تقريباً برابر رهن ٿا. پر هتي اهو لکڻ به ضروري سمجھان ٿو ته دنيا جا ڪي اهڙا به سمنڊ آهن جن جي چوڌاري زمين ئي زمين آهي. هنن سمنڊن جي ليول ندين جو ڇوڙ ڪيل ۽ بارش جو پاڻي برابر رکي ٿو. بارش جي گهٽجڻ ۽ دنيا جي آدم شماري وڌڻ، ۽ ڊئمون ٺهڻ ڪري ندين جا پوڇڙ سُڪندا وڃن. نتيجي ۾ هي سمنڊ ڏينهون ڏينهن وڃن سوڙها ۽ تانگھا ٿيندا. هنن سمنڊن ۾ اهي ئي جهاز هلن ٿا جيڪي هنن سمنڊن جي بندرگاهن ۾ ٺهن ٿا. يعني اهي جهاز اتي ئي ٺهن ٿا ۽ اتي ئي مريو کپيو وڃن. انهن سمنڊن جي ڪنارن تي رهندڙ جهازران ڪمپنين جا مالڪ نه فرانس، جرمني يا جپان مان نئين جهاز جي خريداري جو آرڊر ڏئي گهرائي سگهن ٿا ۽ نه وري جهاز جي جھوني ٿيڻ تي ان کي گڊاني (پاڪستان) يا ممبئي جي اسڪريپ يارڊ ڏي موڪلي سگهن ٿا. انهن سمنڊن ۾ ڪي اهڙا به جهاز آهن جيڪي پراڻا ۽ بيڪار ٿيڻ تي ڪنهن ڪٻاڙيءَ انهن کي ڳاري لوهه ٺاهڻ لاءِ خريد نه ڪيو. اهي اتي ئي بيٺا رهيا. ڪجهه سالن کان پوءِ سمنڊ جو اهو حصو سڪڻ تي اهڙا جهاز اڌ زمين ۾ اڌ ٻاهر ڦاٿل حالت ۾ ڏسڻ وارن لاءِ عبرت جو منظر پيش ڪن ٿا. اهڙا سمنڊ جيڪي ٻين سمنڊن سان ڳنڍيل نه آهن “Land Locked” سمنڊ سڏجن ٿا.
    اهڙن سمنڊن مان سڀ کان گهڻو مشهور ۽ اهم سمنڊ ”مردار سمنڊ“ آهي جنهن کي نه فقط انگريزيءَ ۾ Dead Sea سڏيو وڃي ٿو پر ٻين زبانن ۾ به مئل سمنڊ سڏجي ٿو. عرب ان کي ”البحر الميت“ سڏين ٿا، اسرائيلي پنهنجي هيبريو زبان ۾ ”يوم ها مويت“ (Sea of Death) ۽ ”يوم ها ميلاح“ (Sea of Salt) سڏين ٿا. لوڻ ته سڀني سمنڊن ۾ ٿئي ٿو بلڪه سمنڊ جو پاڻي ايترو ته کارو ٿئي ٿو جو مرڻ وقت به ڪو پي نٿو سگهي. سمنڊن جي اهڙي کاري پاڻيءَ جي مقابلي ۾ هن مردار سمنڊ (Dead Sea) جو پاڻي نائوڻو کارو آهي. عام سمنڊ جي کاري پاڻيءَ ۾ لوڻ جي ڳرائيءَ ڪري ترڻ آسان رهي ٿو. يعني سئمنگ پول جي مٺي پاڻيءَ ۾ ترڻ کان ڪنهن به سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ترڻ سولو ڪم آهي. ان جي مقابلي ۾ مردار سمنڊ جو پاڻي گهڻي لوڻ ڪري ايڏو گھاٽو آهي جو ڪنهن کي ترڻ جي تڪليف ئي نٿي ڪرڻي پوي. بنا هٿ پير هڻڻ جي هو Float ڪري سگهي ٿو. مون وٽ هڪ اهڙي تصوير آهي جنهن ۾ هڪ ٿلهو ماڻهو هن سمنڊ جي سطح تي سمهي هڪ عربي اخبار پڙهي رهيو آهي.
    مردار سمنڊ (Dead Sea) ڪٿي آهي؟ هي سمنڊ عرب دنيا ۾ آهي جنهن جي اوڀر ۾ جارڊن (اردن) ۽ اولهه ۾ اسرائيل آهي. هڪ طرف کان فلسطين جي ويسٽ بئنڪ جو حصو به آهي. هن سمنڊ کي مردار سمنڊ ان ڪري نٿا سڏين جو ڏينهون ڏينهن پاڻ مري رهيو آهي يعني خشڪ ٿي گهٽجي رهيو آهي پر ان ڪري جو هن سمنڊ ۾ لوڻياٺ ايڏي ته وڏي مقدار ۾ آهي جو ڪنهن مڇي، گانگٽ يا ٻئي ساهه واري جو هن سمنڊ ۾ جياپو ناممڪن آهي. ڪيمسٽري جي شاگردن لاءِ ايترو لکندو هلان ته هن سمنڊ جي Salinity چوٽيهه سيڪڙو آهي. دنيا ۾ جبوتي جي اسسال ڍنڍ ئي هڪ اهڙي شيءِ آهي جنهن جو پاڻي مردار سمنڊ کان وڌيڪ کارو آهي. پکيڙ ۾ هي سمنڊ 70 کن ڪلوميٽر يعني ڪراچيءَ کان نوري آباد تائين ڊگهو آهي ۽ ڪياماڙيءَ کان سهراب ڳوٺ تائين اٽڪل 20 ڪلوميٽر ويڪرو آهي.
    مردار سمنڊ جي سڀ کان حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته هي سمنڊ ۽ ان جو ڪنارو دنيا جي سامونڊي ليول (سطح) کان 425 ميٽر هيٺ آهي يعني اٽڪل اڌ ڪلوميٽر کن! ۽ هي ڌرتيءَ جو حصو دنيا ۾ سڀ کان هيٺ آهي. هي مردار سمنڊ وارو اهو حصو آهي جتي حضرت لوط عليه السلام رهيو ٿي. هتي جي شهرن ۽ ڳوٺن جي رهاڪن جي غلط ڪارين ڪري مٿن الله جو ڏمر نازل ٿيو ۽ حضرت جبرائيل عليه السلام زمين جي هن حصي کي مٿي کڻي اونڌو ڪري واپس هيٺ سٽيو جنهن سان ڌرتي جي هن حصي ۾ وڏو گھٻ پئدا ٿي ويو جنهن کي اڄ عرب دنيا ۾ بحر الميت (مردار سمنڊ) ۽ ”بحر لوط“ جي نالن سان سڏين ٿا.
    هن سمنڊ جو پاڻي توڙي گپ (مٽي) صدين کان چمڙيءَ جي ۽ ٻين ڪيترين بيمارين لاءِ شفا جو ڪارڻ رهيا آهن ۽ هن سمنڊ جون ڪيتريون ئي شيون اڄ ڏينهن تائين مختلف ڪريمن، لوشنن ۽ بامن ۾ استعمال ٿين ٿيون. مصر جي اهرامن ۾ جيڪي مميون آهن انهن کي اصل حالت ۾ رکڻ لاءِ جيڪو مصالحو لڳايو ويو ٿي اُهو پڻ هن سمنڊ ۾ حاصل ڪيو ويو ٿي. هن سمنڊ اندر ڪيترائي چشما آهن جن مان مختلف ڌاتن وارو پاڻي نڪري ٿو ۽ اهو پاڻي هن سمنڊ جي ليول کي برابر رکي ٿو ان کان علاوه اردن مان وهندڙ ندي”درياهه اردن“ پڻ هن سمنڊ ۾ اچي ڇوڙ ڪري ٿي. پر اڄ ڪلهه اردن نديءَ ۾ جتي ڪٿي واهه کوٽائي پاڻيءَ کي پوک لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي ان ڪري هن درياهه جو فقط معمولي مقدار ۾ پاڻي هن سمنڊ تائين پهچي ٿو ۽ هي سمنڊ ڏينهون ڏينهن سڪندو وڃي. بارشون به تمام گهٽ ٿي ويون آهن.
    بحر مردار جي اسرائيلي ۽ ويسٽ بئنڪ واري پاسي جيڪو روڊ سمنڊ جو ڪنارو ڏئي وڃي ٿو Highway 90 جي نالي سان سڏجي ٿو، دنيا جو سب کان هيٺاهون روڊ مڃيو وڃي ٿو جيڪو سطح سمنڊ کان 1300 فٽ هيٺ آهي. هيءَ اونهائي تمام گهڻي آهي ۽ هن روڊ تان هلندي يا هن سمنڊ جي ڪناري تي بيهڻ سان وڌندڙAtmospheric Pressure محسوس ٿي سگهي ٿو. جيئن سطح سمند کان مٿي وڃجي ٿو ته هوا جو دٻاءُ گهٽجي ٿو تيئن هيٺ وڃڻ سان اهو وڌي ٿو. ڪنهن ڊاڪٽر ٻڌايو ته ان وڌندڙ پريشر ڪري انهن مريضن کي فائدو رسي ٿو جن کي Cystic Fibrosis جهڙيون ساهه جون بيماريون آهن. چمڙيءَ جي بيمارين وارا مريض به هن سمنڊ ۾ اچي وهنجندا آهن. هونءَ به ڪيترائي خارش، ڏڍ ۽ چمڙيءَ جي ٻين بيمارين جا مريض هڪ عام سمنڊ يعني ڪلفٽن، سئنڊس پٽ يا هاڪس بي واري سمنڊ ۾ ئي پاڻ کي پسائڻ سان صحيح ٿيو وڃن. هن بحر مردار (Dead Sea) ۾ ته خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا ڪيميڪل موجود آهن. ڪيتريون عورتون (توڙي مرد) پنهنجي جسم جي کل کي لسو ۽ تازو رکڻ لاءِ هن سمنڊ جي تري جي گپ مَلين ٿيون جيئن ٿائلنڊ پاسي عورتون پنهنجي چهري کي ميٽ لڳائي هلن ٿيون. بحر مردار (Dead Sea) جهڙو هڪ ٻيو مشهور ۽ اهم سمنڊ آهي ڪئسپين (Caspian Sea)، جنهن کي ايراني ”درياهه مازندران“ ۽ ”درياههِ خزر“ سڏين ٿا. بند سمنڊن ۾ هي سمنڊ دنيا جو سڀ ۾ وڏو سمنڊ آهي جنهن جي چوڌاري ايران، ڏکڻ روس، مغربي ڪزاخستان، ترڪمنستان ۽ آذر بائيجان آهي. هن سمنڊ جي پکيڙ پوڻا چار لک چورس ڪلوميٽر آهي يعني اسان جي سنڌ صوبي جهڙا هن ۾ اڍائي صوبا اچي سگهن جو سنڌ جي پکيڙ اٽڪل 141000 چورس ڪلوميٽر آهي. ايتريقدر جو هن سمنڊ اندر ڪيترائي ننڍا ننڍا ٻيٽ پڻ آهن جن جي جملي پکيڙ جو حساب لڳايو وڃي ته 2000 چورس ڪلوميٽر ٿئي ٿي. هن سمنڊ ۾”باڪو“ جهڙا ڪيترائي خوبصورت بندرگاهه آهن ۽ جهاز ۽ فيريون هلن ٿيون. موسم ۽ سونهن جي خيال کان به ڪئسپين سمنڊ جو ڪنارو هڪ پُر سحر ۽ خوبصورت آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن سمنڊ جو پاڻي ٻين سمنڊن جهڙو کارو ناهي بلڪه انهن جي ٽي حصي جيترو آهي. ان جو سبب اهو آهي جو هن سمنڊ کي پاڻيءَ سان ڀرڻ لاءِ هن سمنڊ ۾ اٽڪل 130 نديون ڇوڙ ڪن ٿيون. جن مان ڪي نديون ته تمام وڏيون ۽ جھجھي پاڻيءَ واريون آهن جيئن ته وولگا ندي، ارل ندي، Kura ندي، اَمو درياهه جنهن کي Oxus ندي پڻ چون ٿا، ۽ ٻيون ڪيتريون نديون پنهنجو پاڻ کي ڪئسپين سمنڊ ۾ اچيو خالي ڪن. هن سمنڊ جي آسپاس وارن ملڪن ۾ فارسي، روسي، آذربائيجاني ۽ ترڪي زبانون ڳالهيون وڃن ٿيون. عربن جو هن سمنڊ سان واسطو ناهي پر جيئن ته عرب انگريزن وانگر شروع کان سٺا ناکئا (Navigators) رهيا آهن انهي ڪري هنن طرفان پنهنجي توڙي ڪيترن پراون سمنڊن تي به عربي نالا رکيل آهن. ڪئسپين سمنڊ جو جتي فارسي نالو ”درياهه خزر“ مشهور آهي اتي عربي نالو ”بحر قزوين“ پڻ عام آهي.
    درياهه خزر سان ملندڙ جلندڙ فارسي نالي وارو هڪ ٻيو سمنڊ آهي جنهن جو فارسي نالو ”درياچه خوارزم“ آهي جنهن کي انگريزيءَ ۾ ارل سمنڊ (Aral Sea) سڏجي ٿو. هي Land Locked سمنڊ وچ ايشيا ۾ قزاخستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ آهي. هن سمنڊ کي ٻيٽن جو سمنڊ پڻ سڏين ٿا جو هن ۾ ڪيترائي ننڍا ننڍا ٻيٽ آهن. ڪنهن زماني ۾ هي سمنڊ ڪافي وڏو هو جنهن جي پکيڙ 68000 چورس ڪلوميٽر هئي. پر هاڻ هي سمنڊ 1960ع کان پوءِ سُسندو وڃي جو روس جون اهي نديون جن هن سمنڊ ۾ اچي ڇوڙ ڪيو ٿي انهن کي ٻين پروجيڪٽن لاءِ Divert ڪيو ويو آهي. مٺي ۽ کاري پاڻي هجڻ ڪري هتي انيڪ قسم جي مڇي ڦاسائي وڃي ٿي پر هاڻ ڪناري تي موجود ڪيترين فئڪٽرين جو گند هن سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ تي هن سمنڊ جو پاڻي مڇين لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيو آهي.
    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 478
    ڪتابن جو مشاهدو: 428750
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 174399
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ