ڪتاب جو نالو: صوفيءَ جي صَدا
مصنف: صوفي نيڀراج
ڇپائيندڙ: سليٽ اشاعتي شعبو
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 13 سيپٽمبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 472 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 94 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”صوفيءَ جي صدا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر ڪرشن لعل آهي. نصير مرزا لکي ٿو: ”صوفي صاحب پنهنجي شعرن ۾ ساڻيهه سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ به، جابجا ڪيئي دعائون لکيون آهن ۽ ائين وڌ ۾ وڌ جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ وري هن، مينهن، بارش، وڏڦڙي ۽ وسڪارن بابت التجائون ڪيون آهن ۽ اهو ان ڪري، ته جيئن هر طرح سان ماروئڙن جو هي ملڪ سرسبز ۽ شاداب رهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا سهيڙيندڙ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • وقت کي پرَ عُقاب جا آهن!
  • مُهاڳ
  • صوفيءَ سان گهاريل گهڙيون
  • ڄاڻ سُڃاڻ
  • حمد
  • نعت
  • نعت
  • محمد مصطفی ٰ صہ آئے
  • غزل : سينگار آهي
  • گل ٿي سگهن ٿا پيدا دنيا جي هر چمن ۾،
  • ڪافي : هر وار هيڻن سين آهي،
  • ڪافي ڏس حال زينب جو نانا!
  • ڪافي اچو موٽي مديني بابا!
  • ڪافي سِرُ نذراني ۾ ڏيندا
  • ڪافي معصوم بيبي صغريٰ عليه صلواة والسلام جي مديني ۾ پُڪار
  • غزل رب ۽ رام هڪڙو ڄاڻ!
  • سَهرو
  • نظم اجايو وهم آ اُڀريو!
  • غزل گُــُلَ گُــُلَ جو رنگ نرالو
  • غزل جيئيم سو جيئيم سو
  • غزل جفائون ملن ٿيون
  • غزل نسنگ نينهن نانگا نباهيندا ايندا،
  • ڪافي تنهنجون گَھِريون گُلَ گُلَزار اکيون،
  • ڪافي تنهنجون شاهي شان شباب اکيون،
  • ڪافي تنهنجون مست شرابي لعل اکيون
  • ڇڏيندين دربدر ٿيندين
  • چار ڏينهن
  • قطع ڪر ڪو ترس طبيب
  • قطع
  • ڪافي
  • غزل
  • ڪافي
  • ڪافي
  • نظم
  • 10-09-80
  • 13-09-80
  • غزل
  • غزل
  • ڪافي
  • غزل
  • 88-09-06
  • 88-08-11
  • 88-11-07
  • گيت
  • 88-05-13
  • غزل
  • 87-07-17
  • ڪافي
  • سينگار
  • غزل
  • ڪافي
  • غزل
  • ڪافي
  • ڪافي
  • مزاحيه گيت
  • غزل
  • غزل
  • ڪافي
  • وائي رزميه
  • نظم
  • 84-01-04 خميس رات 30-10 وڳي
  • نظم
  • گيت
  • دم ۽ نظر کان پڇ
  • داستان بنوري
  • غزل
  • نظم
  • نظم
  • نظم
  • ڪافي
  • ڪافي
  • ڪافي
  • غزل
  • نظم
  • نظم
  • وائي
  • نظم
  • نظم
  • غزل
  • نظم
  • نظم
  • نظم
  • غزل
  • غزل
  • نظم
  • نظم
  • ير حيف آهه توکي!
  • نظم
  • نظم
  • نظم
  • نظم
  • نظم
  • نظم
  • غزل
  • غزل
  • نظم
  • غزل
  • غزل
  • قطعات
  • مير جو ورثو
  • ڪرين نسخا عطا ٿو
  • مارئي
  • اچو ولهيءَ جي وٿاڻ تي
  • عيد
  • موتي
  • اُٺ
  • بيتَ
  • قطعه
  • شڪايت
  • شعر
  • سورهيه! سگهيرا سَڏَ ڪَنِ
  • قطعه
  • بيتَ
  • چوسٽا
  • ياد موسيٰ جي طبع رهندي ٻڍي ۽ ٻار کي
  • چؤسٽا
  • سرهاڻ پئي اچي
  • کورِي اڱر هٿوڙي سانداڻ پئي ڪنبيون،
  • بيتَ
  • قطعه
  • قطعه
  • قطعه
  • قطعه
  • قطعه
  • شيرِ سنڌ تو ۾ جدا ٿيو ڇو ڀلا ڇا هي چوان،

  • حق ۽ واسطا سهيڙيندڙ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: صوفيءَ جي صَدا
    موضوع: شاعري
    شاعر: صوفي نيڀراج
    سهيڙيندڙ: ڊاڪٽر ڪرشن لعل
    ڇاپو: پهريون
    سال: 2016ع
    ٽائٽل، ڪمپوزنگ ۽ پرنٽنگ:
    انٽيل ڪميونيڪيشنز، 9-ربي چيمبر،
    ڪورٽ روڊ،حيدرآباد. فون:2728541
    ڇپائيندڙ: ”سليٽ“ اشاعتي شعبو،
    دانشگاههِ منصوريه آشرم، ٽنڊوقيصر
    قيمت: 300 روپيا


    سليٽ جو ڪتاب نمبر-18



    SOOFIa JEE SADA
    [Poetry]
    By Soofi Nebhraj
    Compiled by Dr. Kirshan Lal
    Edition: First
    Year: 2016
    Title, Composing & Printing:
    Intel Communications, 9-Rabi Chamber, Court Road,
    Hyderchowk, Hyderabad. Tel: +92 22-2728541
    Published by: “SLATE” Danish Gah-e-Mansooria Aashram
    Tando Qaisar, Distt: Hyderabad-Sindh.
    Price: Rs. 300-00


    ارپنا

    هيءُ ڪتاب پنهنجي ڏاڏي،
    سائين گَنگُو مل
    جي نالي ٿو ڪريان،
    جيڪو نهايت سادو، سٻاجهو، خوشطبع ۽
    درويش صفت انسان هو.

    ــ ڊاڪٽر ڪرشن لعل


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”صوفيءَ جي صدا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر ڪرشن لعل آهي. نصر مرزا لکي ٿو:
    ”صوفي صاحب پنهنجي شعرن ۾ ساڻيهه سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ به، جابجا ڪيئي دعائون لکيون آهن ۽ ائين وڌ ۾ وڌ جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ وري هن، مينهن، بارش، وڏڦڙي ۽ وسڪارن بابت التجائون ڪيون آهن ۽ اهو ان ڪري، ته جيئن هر طرح سان ماروئڙن جو هي ملڪ سرسبز ۽ شاداب رهي.
    محبوبن جي نيڻن، تِرن ۽ وارن جي واکاڻ سان دنيا جي هر ٻوليءَ ۾ جيڪي جيڪي به حيرت جهڙا شعر مون اڄ تائين پڙهيا آهن، انهن ۾ ڀٽائي صاحب کان شيخ اياز جي شعرن تائين، وارن جي تعريف ۾ مون هزارين سِٽون پڙهيون آهن، پر صوفي نيڀراج به ان ڏس ۾، واهه جا شعر چيا آهن.“
    هي ڪتاب سليٽ اشاعتي شعبي پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون محترم موهن لعل جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    وقت کي پرَ عُقاب جا آهن!

    اداري پاران

    آئينو پيرسن ڏِسي ڀُڻڪيو:
    ”وقت کي پَــرَ عقاب جا آهن!“
    وقت ڪيئن ٿو گذري وڃي! حيرت آهي! ماضيءَ ۾ ليئوپائي ڏِسان ٿو، ڪالهوڪي ڳالهه آهي... هاڻي هاڻي ڏات-ديوي مهربان ٿي آهي، ۽ ڪجهه ڪچو ڦِڪو لِکڻ شروع ڪيو اٿم. ڳوٺ ۾ هڪ بزرگ شاعر سگهڙ استاد نُورل فقير جي صحبت ۾ اچي کيس پنهنجيون لکڻيون ڏيکاريان ٿو، ۽ هو ”واهه واهه“ چئي همت وڌائي ٿو. ڳوٺ ۾ ئي مرحوم حاجي حقير ابنِ مڱڻ تائين ڳالهه پهچي ٿي، ۽ ايئين هڪ ٻيو مهربان ان راهه تي هلڻ لاءِ حوصلو بخشي ٿو.
    اهو سن 70ع جو ڏهاڪو آهي. اسڪولي دؤر پڄاڻيءَ کي پهتو، ته اتفاق سان پنهنجي هڪ ٻي محسن شاعر دوست محترم غلام رسول نظاماڻيءَ سان شناسائي ٿئي ٿي. پاڻ ضلعي سانگهڙ جي قريبي ڳوٺ، نظر علي نظاماڻيءَ (ٻوٻي) جي نظاماڻين مان آهي ــ پر سڄي ڳوٺ ۾ پنهنجيءَ ذات ۾ منفرد ۽ اڪيلو ــ بيحد جينيس. تڏهن پاڻ ريڊيو اسٽيشن ڪراچيءَ تي انائونسر طور ڪم ڪندو هو. ٻوٻي، ڳوٺ نظر علي نظاماڻيءَ ۾ منهنجي مائٽيءَ سبب ساڻس تعارف کانپوءِ، شاعريءَ ويتر وڌيڪ ۽ وڏيون وکون کڻڻ لڳي. ان دوران 1976ع جو سال پنهنجا امٽ اهڃاڻ نقش ڪري ٿو وڃي، جو ان سال استاد غلام رسول نظاماڻيءَ جي صحبت، مون لاءِ بي بها سرمايو ثابت ٿي، ۽ 19 سالن جي ننڍڙي عمر ۾ ئي هڪ وڏو ڪارنامو ظاهر ٿئي ٿو.... ”اي جانِ وفا! توکي ٿو چوان، تو ڪهڙو نينهن نڀايو آ!؟“ ان وقت جي ناموَر ڳائڻي اياز عليءَ جي آواز ۾ EMI رڪارڊنگ ڪمپنيءَ طرفان رڪارڊ (Disk) جي صورت ۾ سنڌ جي مڙني ريڊيو اسٽيشنن تان نشر ٿيڻ شروع ٿئي ٿو - ۽ مون سميت، منهنجا سمورا بزرگ شاعر ان واقعي تي حيران ٿين ٿا... ۽ ايئين انهن بزرگن جي صحبت ويتر ويجهڙائيءَ کان نصيب ٿئي ٿي. صفا ٿورڙي شاعري، سا به وزن بحر جي فن کان اڻ ڄاڻائيءَ هوندي به (۽ ڪٿي ڇپجڻ کان اڳ) ايڏي موٽ ملڻ، مون لاءِ نصيب جي تحفي کانسواءِ ڪهڙي ٿي معنيٰ رکي!؟
    ايئين ڳوٺ جي ادبي ماحول کان پرتي نڪري، ڳوٺ بهاول زئونر جي ادبي حلقي اندر پير پهچن ٿا، ۽ ڪوِتا جي ڪاروان اندر آسيءَ جو به اندراج ٿي وڃي ٿو! هر هفتي/مهيني ٽنڊو قيصر مان استاد نورل فقير جو هٿ پڪڙي، بهاول زئونر پهچي نظر ڦيرايان ٿو، ته سامهون ڪيترا ئي شاعريءَ جي قافلي جا پانڌيئڙا نظر اچن ٿا – پر سمورا مون کان عمر توڙي عمل ۾ الاءِ ڪيترا مٿانهان- پر سندن ٻاجهارو روَيو مون کي ڪڏهن به ۽ ڪنهن به ويل احساسِ ڪمتريءَ ۾ نٿو وجهي، ويتر سندن همت افزائيون ماڻيندو ٿو رهان.
    مومن مليرائيءَ، گدا ۽ مسڪين ملاڪاتياري، حاجي حقير ابنِ مڱڻ (کوڙ سارن ڪتابن جو ليکڪ)، سائين شفيع محمد ٻُگهيو، جيڪو پرائمريءَ ۾ منهنجو استاد به رهيو. ٽنڊو قيصر مان استاد نورل فقير نظاماڻي، شفيع محمد ”شفن“ نظاماڻي مرحوم، ۽ نوجوانن ۾ مون سميت مرحوم آغا عاصم پٺاڻ ۽ شاهه نواز نظاماڻي باقاعدگيءَ سان بهاول زئونر ۾ سائين محمد شاهه مست بخاريءَ جي آستاني تي شعري نشستن ۾ وڃڻ لڳون ٿا، جِتي مٿي ڄاڻايل بزرگن کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي پري پري کان شاعر دوست اچي شريڪ ٿيندا هئا – جن مان هڪ معتبر، مانائتو محترم ۽ ڀلوڙ شاعر هئڻ سان گڏ صوفي منش سائين بابا صوفي نيڀراج پڻ موري منگر مان ڪَهِي اچي رونق افروز ٿيندا هئا، جن جو سهج سڀاءُ اڄ به مون کي سندن صحبت جي نصيب ٿيڻ تي ڀاڳوان ۽ نازان ڪري ٿو. ٻيا به ڪافي گهڻا بزرگ هئا، پر نالا ياد نه پيا اچن – ها! انهن مان محترم محمد خان مجيدي مرحوم ۽ ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“ شاعريءَ جي فن جا وڏا پارکو هئا. شيخ ابراهيم ”خليل“ جو شاعريءَ جي علم عروض تي لکيل ناياب ڪتاب ته اڄ تائين نوجوان شاعرن جي فني اصلاح جو نهايت ئي ناياب نسخو آهي.
    خير! ايڏي ساري تمهيد ٻڌڻ جو مقصد ۽ ڪارڻ اهو آهي، ته ڪجهه ڏهاڙا اڳ سائين بابا صوفي نيڀراج صاحب جن جي سدوري فرزند ارجمند، پياري دوست ڊاڪٽر/سرجن ڪرشن صوفي اها خوشخبري ڏني ته، پاڻ بابا سائين صوفي نيڀراج جن جو شعري مجموعو، ”صوفيءَ جي صدا“ ڇپرائڻ جي ڪوششن ۾، سالن کان پروفيشنل پبلشرز جي دام و پيچ ۾ سرگردان و پريشان حال آهن. سندن اُن خبر مون کي خوشيءَ سان گڏ ڪيترو ڇرڪائيو ۽ همٿائيو؟ ان جو بيان ڪرڻ کان لاچار آهيان – ها! پر اهو ضرور ٿيو، جو اهڙيءَ طرح ان ئي گهڙيءَ، ماضيءَ جا بند دروازا کُلي پيا، ۽ ان دؤر جون ساروڻيون ميڙيندي، آئون سائين بابا صوفي نيڀراج صاحبن جي حوالي سان، مٿي هيڏي وڏي تمهيد لکي ويٺس!
    سائين جن تي لکڻ لاءِ ته الاءِ ڪيترو مواد، يادگيرين جي صورت ۾ ذهن اندر اُٿلون پيو کائي، پر جيئن ته سندن زيرِ نظر شعري مجموعي ”صوفيءَ جي صدا“ لاءِ بصورتِ مهاڳ، پيارو نصير مرزا پڙهندڙن کي ڪافي ڪجهه ڄاڻ مهيا ڪري چڪو آهي، تنهن ڪري مون ته پنهنجي سر هتي رڳو پنهنجي ماضيءَ کي ياد ڪندي، ان مان پاڻ ئي لطف ماڻيو آهي. باقي بابا سائين صوفي نيڀراج جن ڪهڙي هستيءَ جا مالڪ هئا؟ اهو هن ڪتاب ذريعي پڙهندڙ پاڻ ئي سندن تخليقن جي بحرِ بي ڪنار اندر غوطه زني ڪندي معلوم ڪري وٺندا.
    آئون پنهنجي پياري دوست ۽ محسن، ڊاڪٽر صوفي ڪرشن جن جو انتهائي ٿورائتو آهيان، جو پاڻ بابا سائينءَ جي ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ ”سليٽ“ (سنگت لائبريري اينڊ ٽرانزيڪٽ ايجوڪيشن SLATE) کي سليڪٽ ڪيائون... اهڙيءَ طرح سندن (صوفي نيڀراج) پوکيل پوک جي هڪڙي ننڍڙي داڻي، ”سليٽ“ کي اهڙو مانُ مرتبو حاصل ٿي رهيو آهي، جهڙو هن کان اڳ ڪڏهن حاصل نه ٿيو.
    هتي آخر ۾ آئون پنهنجي استاد محترم بابا سائين صوفي نيڀراج جن کي ڀيٽا طور نه، پر اعتراف طور هيءُ شعر ارپن ڪريان ٿو، جيڪو منهنجي ذات جي بطور شاعر شناخت، ۽ سائين جن جي بطور شخصيت ساز حيثيت جي ڏِس ۾ هڪ ننڍڙو، پر سچو ثبوت آهي، ۽ منهنجي هن سموري تحرير جو پوتاميل آهي:
    تنهنجي پيرن جي نشانن تان هلي:
    ٻالڪو تنهنجو ڪِٿي پهچي ويو!

    ــ آسي زميني

    21-نومبر، 2016ع
    دانش گاهه منصوريه آشرم،
    ٽنڊو قيصر


    مُهاڳ

    ’صوفي نيڀراج‘ صاحب کي، وصال ڪَئي ته بيشڪ هاڻي ڪيئِي ورهيه وهامي چڪا آهن، پر هِن محبتي ۽ مهربان منش کي، مون اکين سان ڏٺو هو... ۽ اڙي بابا! ڏٺو ئي ڇا؟ آئون ته هن سان باقاعده مليو به هوس، خوشا قسمت! ڪيئي اهڙا منهنجا دوست ۽ ساٿي اڄ به حال حيات ويٺا آهن، جن هِن مانائتي انسان جِي ارٿيءَ کي... پر نه! هي ارٿي ته مون ڀُلَ ۾ لکي ڇڏيو... ڏولِيءَ کي ڪلهو به ڏنو هو ۽ گڏوگڏ مقام ڏانهن ويندي، ڪلمهءِ شهادت جو جو ورد به ڪيو هو. ڀانئيان ٿو، سنڌ جو هيءُ پهريون هندو (نان-مسلم) صوفي شاعر هو، جنهن کي سندس وصيت مطابق، مورِي منگر جي مساڻ ۾ ساڙڻ بجاءِ، مسلمانن واري قبرستان ۾، پُوريو ويو هو. اجهو انهيءَ ڳالهه تي هِتي مرزا قليچ بيگ جو، هڪڙو شعر ياد اچي ويو اٿم:
    هندو ۽ مسلمان دِلا ساڳي ڪنڀر جا،
    سڏجن ٿا جدا ٿانوَ مگر آهي مٽي هڪَ.
    خير.. مرڻ بعد ويچاري انسان جو ڪِريا ڪرم (سنسڪار) ٿئي، يا تدفين!! فرق ئي ڇا ٿو پئي هن کي.. جو، بقول ڪنهن شاعر جي:
    ڪير نه ٿيندو مٽي مِٽي؟
    ماڳ بلاآخر مٽي مٽي.
    ڀانئيان ٿو ته هن خوش دل ۽ خوشبودار ماڻهوءَ سان منهنجي ملاقات شايد ڪڏهن ڀي نه ٿئي ها، جي آئون ريڊيو حيدرآباد تي پروڊيوسر ٿي نه اچان ها! ياد اٿم 1984ع ڌاري جڏهن آئون هِن اداري ۾ آيس، ته صوفي صاحب، اُتي اڳي ئي هڪ لائق ۽ باوقار مقرر طور ايندڙ ويندڙ هئا.
    ’ٻارن جي ٻاري‘، ’فتح خان جي ڪچهري‘، ’ساڻيهه جا سينگار‘ يا مشاعرن جي ڏس ۾، چانهه چانهه جي ڪوپ تي... هاڻي صوفي صاحب سان نه فقط منهنجي ڪچهري... پر کُليل ڪچهريون ٿينديون رهيون ۽ اهڙين ڪچهرين ۾ ٿيندو ڇا هو!؟ اوڀاريون، لهواريون، زمانا، زمينون، ماضي حال مستقبل ۽ ان دؤران، انڊيا وارِي پَنَ جي ٻيڙيءَ تي، ڳالهين جا دؤرن مٿان دؤر... اصل ۾ آئون سموڪر بلڪل ئي ناهيان، پر هي صوفي صاحب پنهنجي پيئڻ لاءِ ٻيڙي دُکائيندا هئا، ته اڳو پوءِ هڪڙي ٻيڙي دُکائي مون کي به هٿ ۾ جهلائي ڇڏيندا هئا. اڙي بابا! اُها ٻيڙي به محض ٻيڙي ڪِٿي هوندي هئي، جهڙو هڪڙو ٿلهو متارو سِگار هوندي هئي، جنهن کي پيا ڇڪيو ۽ ويٺا مسلسل کنگهو!
    اَڇا، هي صوفي صاحب پنهنجي صحتمند ٻيڙيءَ وانگر، جان جُسي ۽ هڏ-ڪاٺ ۾ به مون کي سؤکا ئي نظر ايندا هئا. کين سدائين اڇي رنگ جي سلوار قميص ۾ ملبوس ڏٺم... مٿي تي وار گهاٽا ۽ پوئتي ورايل... چهري تي وڏا وڏا شاندار شهپر... جن جون چُنهبون آسمان ڏانهن اُڀيون... آواز کڙو، کرج وارو ۽ ڪڙڪيدار... ۽ پاڻ ڇاڪاڻ ته پرائمريءَ جو استاد هو، اِن ڪري ڳالهائيندو هميشه ائين هو، ڄڻ ڪلاس روم ۾ شاگردن کي ڪائي ڳالهه پيو سمجهائي. سندس شخصيت وانگر هيءُ سندن نالو ماستر ’صوفي نيڀراج سوٽهڙ‘ به، ڇا ته بارعُب پيو ڀاسندو هئم... ته بس چوڻ جو مقصد هيءُ سمجهو ته صوفي صاحب روبرو ڏسڻ پسڻ ۾ به بلڪل اسمي با مسميٰ ئي نظر ايندا ها. بلڪل رعبدار... ڪڙڪيدار... ۽ وڏي فَلَڪَ وارا انسان.
    اِجهو، ان ئي هشمت واري هستيءَ جو لائق فرزند ارجمند... سرجن ڊاڪٽر ڪرشن لال سوٽهڙ... تازو ئي پنهنجي دوستَ، خوبرو غلام مصطفيٰ ٻٻر سان گڏجي ريڊيو تي منهنجي ٽئبل جي آڏو اچي ويٺو هو.
    چوڻ لڳو، صوفي صاحب جو آئون ننڍي ۾ ننڍو پٽ آهيان. چاهيان ٿو ته، بابا هڪ ڊائريءَ ۾ جيڪا پنهنجي هيءَ شاعري سهيڙي ڇڏي ويو آهي. ان جو ڪوئي مجموعو شايع ڪرايان. توهان وٽ اڄ ان ڪري آيو آهيان، ته ان بابت ڪي ٻه چار اکر لکي ڏيوم.
    ڊاڪٽر ڪرشن جي، اجهو اهڙي گفتار اڃان جاري ئي هئي... جو اوچتو... کيس ڪَنائيندي ڪَنائيندي، سوچڻ لڳس، هي وقت به ڪيئن نه چُپ چاپ گذري ويندو آهي ۽ ان کان پوءِ آهسته آهسته ويندڙن جي قدمن مٿان ڄڻ وارِي ورندي ويندي آهي ۽ پوءِ... پويان سڀ ڪجهه! ريٽجي ميٽجي ئي ويندو آهي... پر نه... مان سوچڻ لڳس... ڪڏهن ڪڏهن ائين نه به ٿيندو آهي ۽ وقت ڪنهن ڪنهن منش جي خلوص ڀريي پورهيي کي ضايع نه ڪري سگهندو آهي. ها! بس ٿوري وقت لاءِ انهيءَ کي دٻائي ضرور ڇڏيندو آهي ۽ موقعي اچڻ تي ڪنهن نه ڪنهن بهاني اوچتو ئي اوچتو پوءِ ڌرتي ڌُٻندي آهي، زلزلو نمودار ٿيندو آهي ۽ ’دفينو!‘ اُٻڙ ڪو ڏيئي، ٻاهر اچي ويندو آهي.
    رواني ٿيڻ کان اڳ، ڊاڪٽر ڪرشن کي عرض ڪيم، اگرچه صوفي صاحب کي آئون گهڻو ئي ڄاڻان پر ڇاڪاڻ ته سندس وصال کي... هاڻي ڪيئي ورهيه لنگهي ويا آهن، ان ڪري توهان ٿورو، وري به جيڪڏهن پنهنجي پِتا بابت مون کي ’اپ-ڊيٽ‘ ڪري سگهو ته ڪيڏو نه چڱو!
    تڏهن ڪرشن ٻڌائڻ ٿو لڳيم: پتا صوفي نيڀراج 1934ع ڌاري موري منگر ۾ پيدا ٿيا هئا. سندن والد صاحب جو نالو، آنجهاني گنگو مل هو. ذات سوٽهڙ ۽ اباڻو ڌنڌو واڍڪو ڪم [ياد رهي ته ڀٽائي صاحب پنهنجو ذاتي دنبورو به ٺٽي جي هڪ سوٽهڙ واڍي کان ٺهرايو هو] ڪرشن ٻڌائيندو ٿو رهي... اسان جو خاندان ملتان واري حضرت غوث بهاءُالحق جو مريد آهي. تعليم جي لحاظ کان، بابا سائين پهرين ته فائنل تائين پڙهيا، پر پوءِ اديب فاضل جا امتحان به پاس ڪيائون ۽ پرائمري اُستاد مقرر ٿيا. ادب، ثقافت، موسيقي... ۽ انهن ٽنهي شعبن سان کين شروع کان ئي دلچسپي هئي، مطالعو سندن من پسند مشغلو هو. هندو پريوار ۾ پيدا ٿيا هئا، پر ’هندو وانا‘ ڀيد ڀاوَ ڇوت ڇات! کين قطعي نه وڻندا هئا، انهيءَ ڪري صوفي مسلڪ اختيار ڪيائون. هندو مَتَ ۾ مَڌَ جي ممانعت يا روڪ ٽوڪ ڪا گهڻي ڪانهي، پر باوجود ان جي پاڻ ان شئي کان سدائين پري رهيا ۽ صرف، ’مڌ پيئندي مون ساجن صحيح سڃاتو‘ جي نشي ۾ سرشار رهندا هئا، هڪ جيڏن ڳوٺائي ۽ ڀرپاسي وارن شاعرن منجهان مسڪين ملاڪاتياري، گدا ملاڪاتياري، مومن مليرائي، پنهل فقير عارف ۽ ميرل جويي صاحب سان سندن گهاٽي ياري هوندي هئي. پاڻ انهن ئي شاعرن جي صحبت ۾ ’بزمِ حاجي حقير‘ ۽ ’بزمِ طالب الموليٰ‘ جي طرحي ۽ غير طرحي مشاعرن ۾، وڃي شريڪ به ٿيندا هئا. ڳوٺ ۾ سينيٽر ۽ نامياري صحافي، شيخ علي محمد سان سندن خاص نياز مندي هوندي هئي، سائين محمد لائق سنڌي ۽ محمد امين ٿيٻي سان به ڏاڍي سِڪ هوندي هئن ڇاڪاڻ ته ريڊيو حيدرآباد سان بطور ’مقرر‘ وابسته هئا، ان ڪري اُتي، ڪيترن ئي پروگرامن لاءِ سوين تقريرون ڏئي چڪا هئا. رات جو عموماً جلدي سمهي رهندا هئا ۽ ڪنهن قضاني آڌيءَ رات جو اک کُلي ويندي هئن، ته رڳو ويٺا پَنَ جي ٻيڙي ڇڪيندا هئا. سندن اولاد ۾ چار نياڻيون ۽ اسين ٽي پٽ آهيونس. وڏو پٽ سيرومل پرائميري ٽيچر آهي. وچٽ، هوندا رام H.S.T. آهي ۽ سڀنيءَ ۾ ننڍو... هيءُ آئون... سول هاسپٽل ۾ سرجن ۽ ڊاڪٽر آهيان. سَهڪي جي بيماريءَ سبب، صرف 54 ورهين جي ڄمار ۾ 1988ع ڌاري جنهن وقت سندن وصال ٿيو، پاڻ ٽنڊي ميان مير نور محمد... لطيف آباد نمبر چار واري پرائمري اسڪول جا هيڊماستر هئا.
    صوفي نيڀراج صاحب بابت ايترو ڪجهه ٻڌائي ۽ شاعريءَ جو هيءُ مسودو منهنجي حوالي ڪري، ڊاڪٽر ڪرشن ۽ مصطفيٰ ٻٻر جيئن ئي روانا ٿيا مون اوم... بسم الله... ۽ ياعلي مدد چئي، مجموعي جا ورق اٿلائڻ پٿلائڻ شروع ڪيا.
    اڙي هان، هي ڇا!؟... مُهڙ ۾ ئي صوفي صاحب جي لکيل جن مقدس صنفن سان منهنجون اکيون چار ٿيون، اُهي هيون نعتون، منقبتون، نوحا ۽ سوز... يا الله!؟ هي هندو ڪميونٽيءَ جو شاعر صوفي نيڀراج سوٽهڙ...؟ ۽ ٻئي پاسي هي عين اسلامي شاعريءَ جون معروف صنفون؟ تڏهن يڪدم ئي مون کي ننڍي کنڊ جا عزادار شاعر ڇنو لال دلگير، ديوي روپ ڪماري ۽ دلو رام ڪوثري ذهن ۾ ڦري ويا ۽ گڏوگڏ مسلمان شاعر محسن ڪاڪوري پڻ، جنهن وري پنهنجي هڪ نعت ۾ رام ۽ رحيم کي گڏي ڇڏيو آهي.
    سمت ڪاشي سي چلا جانبِ مِٿرا بادل،
    برق ڪي ڪانڌي په لاتي هي صبا گنگا جل،
    ڪيا جهڪا ڪعبه ڪي جانب ڪوهي قبله بادل،
    سجدي ڪرتا هي سُوءِ يثرب و بطحا بادل.
    پوءِ مون کي، مؤلا علي مشڪلڪشا بابت، ديوي روپ ڪماريءَ جي مرثيي جِي، هيءَ سِٽَ به ذهن ۾ تري آئي:
    نجف هماري لئه هردوار و ڪاشي هي!
    اڙي بابا... ڀٽائي صاحب به نبي پاڪ بابت پنهنجي نعتيه بيت ۾ ڳالهه کي گڏيندي هيئن چيو هو ته:
    جکرو جسکرو ٻيا مڙو ئي ’مَلَ‘،
    سمي جي سهاڳ جي، ڪنهن نه پيئي ڪَلَ،
    مِٽِي ان ’مُرسَلَ‘، اصل هئي ايتري.
    تڏهن مون هن صاف دل ۽ نيڪ انسان... صوفي نيڀراج جي اهڙي صوفياڻي مسلڪ کي جُهڪي سلام ڪيو، ۽ سندس شعري مجموعي جي هن پهرئين نعت جي هن پهرئين ئي شعر تي دعا لاءِ، پنهنجا هٿ اُڀا ڪري ڇڏيا:
    شفاعت ۽ سخاوت جا ڌرڻ صوفيءَ مٿي هٿڙا،
    پيارا پاڪ پيغمبر، ڀلي آئين ڀلي آئين.
    ۽ روزِ محشر... هيءُ اسان جو صوفي نيڀراج ابنِ گنگو مل، رڳو پنهنجي لاءِ ئي نه... هي ڏسو پنهنجي پريوار ۽ پنهنجي سوٽهڙن واري پوري آڙي پاڙي لاءِ به، نبي پاڪ جي دربار ۾ التجائون بيٺو ڪري:
    ’صوفيءَ‘ مٿي شفاعت اولاد ماءُ پيءُ گڏ،
    پاڙي اندر رهائش، لئَه عرضدار آهي.
    چون ٿا، ڌڻي پاڪ... هيءَ دنيا ڇهن ڏينهن اندر جوڙي راس ڪئي هئي، ۽ ان کان پوءِ ڪائنات ۾ ’ڪُن‘ جو آواز اڀريو ۽ کن ۾ ’فيڪون‘ ٿي وئي. صوفي صاحب جي هيءَ سِٽَ انهيءَ ئي الستي آواز جو پڙاڏو آهي:
    ٺهه ڦهه ٺهي پئي سا، هڪڙي ئي لفظ ’ڪُن‘ ۾!
    ياد رهي ته ڪلامِ الاهيءَ ۾ ڪُل انبيا جو انگ جيڪو به ڄاڻايل آهي، ان ۾ واضح ٻڌايل آهي، ته اسان جو نبي پاڪ، ختم الانبياءَ آهي. ان حوالي سان هي ڏسو... صوفي نيڀراج به ان ئي ڳالهه جو قائل پيو نظر اچي:
    هڪ لک ٿيا ته پُورا چوويهه هزار گُلڙا،
    هڪڙو تني مان قدرت، افضل ڪيو گل سڀن ۾.
    پاڪ پيغمبر جِي... اسان جَي صوفي صاحب، رڳو ايتري ئي واکاڻ تي اڪتفا ناهي ڪئي، پر صوفي هجڻ جي صورت... يا بُڻائتي هندو هجڻ جي ناتي سان، پنهنجي شاعريءَ ۾ نه هنگلاج وڃڻ جي سَڌَ رکي آهي نه هردوار، ڪاشي يا مٿرا جي زيارت لاءِ التجائيون لکيون آهن... ۽ جي دل ۾ ڪائي آخري خواهش رکي آهي ته صرف هيءَ:
    ڏِسان مان گُنبذِ خضرا مديني پاڪَ ۾ پهچي،
    چمان شلَ پاڪ پڃري کي، ڦرِي چوڌار، بسم الله!
    ياد اٿم، ڊاڪٽر ڪرشن مون کي ڳالهين جي وچ ۾ هي به ٻڌايو پئي، ته شهپرن ۽ وارن کي روزانو تيل هڻڻ ۽ اکين ۾ سرمو پائڻ صوفي صاحب جي روز جو معمول هو، پر محرم الحرام جي ڏهي دؤران، امام حسين عليه السلام، جي سوڳ ۾ به پاڻ اِهي تيل ڦُليل هر حالت ۾ تَرڪ ئي ڪري ڇڏيندا هئا ۽ ڪربلا وارن جي سوڳ ۾ گهڻو اداس رهندا هئا. هي ڏسو ڪربلا وارن سان يڪجهتيءَ طور ڪيڏي نه عقيدت سان چيو اٿن:
    ڪربلا ۾ روضو جنهن جو،
    جنت مڪان تنهن جو،
    جان جگر ڏئي ڳڌائين،
    پيالو پي، اڄ صبر جو.
    صوفي صاحب هي رڳو اِهو هڪڙوئي نوحو ڪٿي؟ هن ته ڪيئي ٻيا پُرسوز، اوسارا، ۽ ويڻ به چيا آهن. سانئڻ بيبي صغرا فاطمه جي حال وارو هي سوز ! بقول ڊاڪٽر ڪرشن جي... صوفي صاحب عين محرم الحرام جي ڏهي دؤران چيو هو:
    بيمار ٿي صغرا ساري، اچو موٽي مديني بابا،
    روز ٿي راهون نهاري، اچو موٽي مديني بابا.
    هڪ ٻئي سوز ۾ ڪربلا جي شيردل شهزادِي، جناب زينب خاتون واتان وري، هيئن چَوَرايو اٿس:
    مون کان ڀاءُ عباس ڇنائون
    علي اصغر ننڍڙو ڪٺائون
    ٿيا راهه رباني پانڌي
    ڏس حال زينب جو نانا.
    بيبي صغرا سانئڻ جي بيان ۾، سنڌ جي صوفي شاعرن مان خاص ڪري سوڀي ديري واري شاعر، سائين ريجهل شاهه ته ڪمال جا ڪافي نما سوز چيا آهن، مثال طور:
    ڌار ڪري ويا وندر وٺي ويا
    يا:
    آيا ڪين مارُو، وساريئون وطن کي
    هي اجهو ان ئي تتبع تي صوفي نيڀراج صاحب به بيبي صغرا سانئڻ بابت، هڪڙو اهڙو ئي ڪافي نما سوز چيو آهي، جنهن جو مُکڙو آهي ته:
    سڏيان سانگيئڙن کي، پئي پُڪارون ڪري.
    هونئن صوفي صاحب پنهنجي شعرن ۾ ساڻيهه سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ به، جابجا ڪيئي دعائون لکيون آهن ۽ ائين وڌ ۾ وڌ جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ وري هن، مينهن، بارش، وڏڦڙي ۽ وسڪارن بابت التجائون ڪيون آهن ۽ اهو ان ڪري، ته جيئن هر طرح سان ماروئڙن جو هي ملڪ سرسبز ۽ شاداب رهي.
    ماروئڙن جو ذڪر نڪتو آهي ته مُحبِ وطن ’مارئي‘ ڪنهن کان وسرندي! ’مارئيءَ‘ جي حوالي سان ڀٽائي سرڪار جي هڪ امر سٽ آهي:
    لڳي ڏکڻ جِي هِيرَ، مارُو منهنجا ميرَ!
    صوفي نيڀراج، ڀٽائي صاحب جي ان بيان کي، پنهنجي شاعريءَ ۾ اجهو هن ريت ورجايو آهي:
    هينئڙي لڳي ڪا هِير، وري واهوندن! جيءُ جياريو!
    انهيءَ ساڳئي ڪافيءَ ۾ صوفي صاحب جون هي سٽون به، ڪيڏيون نه دل ڇُهندڙ آهن:
    رات عمر مون خواب ڏٺو آ،
    ملڪ اباڻي مِينهن وٺو آ.
    مون کي پاڪ پنير، سرتين آهي پاڻ پياريو.
    سسئيءَ جي نسبت سان، ڪنهن وقت ڀٽائي صاحب پنهنجي سنڌي ٻوليءَ تي فخر ڪندي هيءُ فرمايو هو:
    ٻولي منهنجي ٻانڀڻياڻي الا،
    ناهيان خان کٽياڻي الا.
    شيخ اياز صاحب ان ئي ڏس ۾ لکيو هو:
    پنهنجي ٻوليءَ ۾ ميان، جڏهين چوندي ماءُ!
    توکي اهڙو ساءُ، ڏيندي ٻي ٻولي ڪٿي؟
    صوفي نيڀراج پنهنجي اِن ئي سُٺِي، سوادِي ۽ مِٺي ٻوليءَ لاءِ اجهو هيئن چيو آهي:
    باتا ڪندي مون، هِن ۾ پنهنجي زبان کولي!
    انهيءَ نظم ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تمام تر تعريف ۽ توصيف بعد، سنڌي ٻوليءَ جي شاهه شاهوڪاريءَ بابت، هيءَ به گواهي ڏني اٿس ته:
    لفظن سان هُن جي هردم، ڀرپور آهه جهولي!
    تخليقڪار... ڪير به هجي يا مسلڪ جي لحاظ کان ڇا به...؟ صوفي يا لاڪوفي! سُونهن هر حالت ۾ هُن جي ڪمزوري ضرور هوندي آهي. اِجهو صوفي صاحب جو، ان ڏس ۾، هيءُ شعر ڏسو:
    مون کي عجب آهي ته الله جو،
    ڪم حُسن کان ورتائين باهَه جو.
    علاوه ازين محبوبن جي نيڻن، تِرن ۽ وارن جي واکاڻ سان دنيا جي هر ٻوليءَ ۾ جيڪي جيڪي به حيرت جهڙا شعر مون اڄ تائين پڙهيا آهن، انهن ۾ ڀٽائي صاحب کان شيخ اياز جي شعرن تائين، وارن جي تعريف ۾ مون هزارين سِٽون پڙهيون آهن، پر صوفي نيڀراج به ان ڏس ۾، واهه جا شعر چيا آهن، مثال طور سندس هيءُ هڪڙو شعر ڏسو:
    وار اوندهه کان به ڪارا، شهه ڏين ريشم سڳي.
    وارن بابت ههڙي نئين نڪور تشبيهه وانگر صوفي صاحب جي شاعريءَ ۾، هي آهنگ به صفا نئون نڪور پيو ڀاسيم:
    پڪ ڄاڻ اجها ٿي ٻوڙ ٻنا، ڌن تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا،
    جُهڙ هاڻ ڪڍي آ ڪار ڪنا، ڌن تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا.
    جيئن مون لکيو، صوفي صاحب جي سڄي شاعري ’سريلي شاعري‘ آهي ۽ ان تي ’ڪافيءَ‘ جي صنف جو رنگ وڌيڪ چڙهيل ڀاسي ٿو. مثال طور، سندس هن مصرع کي ڏسو:
    حُسن آ ٽانڊا ٻاٻر ڪنڊيون،
    جي پُڄئي ته پنهنجو جيءُ جلاءِ،
    نه ته ڏنڀن سهڻ کان ماٺ مِٺي ٿئي.
    هيءَ دنيا، جنهن ۾ اسان رهون پيا، انهيءَ دنيا اندر هڪ ٽئين دنيا به آباد آهي ۽ ان دنيا اندر مظلومن سان جيڪي قهر ۽ ڪلور پيا ٿين ۽ اُن ۾ جيترا ڏک ۽ جيتري بُک آهي، ان جي خاتمي لاءِ هاڻي ته سواءِ دعا ڪرڻ جي ٻيو ڪو ئي چارو ئي ناهي... بطور هڪڙي باشعور شاعر جي، صوفي نيڀراج، ٽئين دنيا جي ماڻهن کي هي ڏسو ڪهڙيون نه زبردست اميدون پيو ڏياري:
    نيٺ ته اُڀري ڏينهن به ايندو نيٺ اُجالو ٿيندو،
    نيٺ ته مظلومن کان ظالم، مار به کِيندا هار به کِيندا.
    ’سهرا‘ ۽ ’لاڏا‘... اسان جي لوڪ شاعريءَ جي هڪڙي ڏاڍي مقبول صنف آهي. چون ٿا سهرن جون موجد... لَنگهياڻيون ۽ ڳوٺاڻيون عورتون هونديون آهن. اهڙين عورتن کان قطع نظر، صوفي نيڀراج ڪي ڏاڍا دلچسپ ۽ تخليقي سهرا ۽ لاڏا به سِرجيا آهن، مثال طور هيءُ سهرو:
    سهرا ڍولڻ تنهنجا ڳايون وي،
    ڏي ڏيهه سڄو واڌايون وي.
    ’وي‘ اگرچه، پنجابي ٻوليءَ جو سهڻو اُچار آهي، پر هتي... سنڌي سهري ۾ به، ڪيڏو نه ٺهي پيو. اڇا! هيءُ جيڪو گهوٽ لفظ آهي، سهرن ۽ لاڏن ۾ اُن کي عام طرح ’بنڙو‘ ڪري به سڏيو ۽ ڳايو ويندو آهي، اسان جي صوفي صاحب، لاڏ ڪوڏ منجهان هن ’بنڙي‘ لفظ کي اڃان ئي هينئنءَ ادا ڪيو آهي:
    سهرا ’بنل‘ تنهنجا ڳايون وي!
    نظم جي صنف ۾ به، صوفي صاحب ڪن انوکن موضوعن تي لکڻ جو ساهس ڪيو آهي، مثال طور ’وهم‘ جي موضوع تي هي سندس سٽون ڏسو. (اڙي بابا! هي وهم ئي ته اهڙو موذي مرض آهي، جيڪو اسان جهڙن ڪمزور دل ماڻهن جي زندگي تباهه ڪري ڇڏيندو آهي)
    ڏسڻ ۾ ڪجهه پئي آيو، ڏٺم جاچي ته ڇا آهي،
    ڏٺم ڪا شئي نه آهي هي، اجايو وهم آ اُڀريو.
    هر ٻوليءَ جي شاعر کي پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ جو ’پارکو‘، ۽ ’وينجهار‘ ڪري به سمجهيو ويندو آهي ۽ اِهو به چيو ويندو آهي ته ڏات ۽ ڏانءَ جي لحاظ کان، سٽ ۾ لفظن جي جڙاوَ تي ’شاعرُ جيترو وڌيڪ ڌيان ڏيندو، ٻُڌندڙن ۽ پڙهندڙن ۾ ان جي اوتري ئي گهڻي پذيرائي به ٿيندي. ڀٽائي صاحب ته ٻوليءَ جو بادشاهه هو، کانئس پوءِ وارن شاعرن به شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي سرلتا جو خوب خوب خيال رکيو آهي. ان ڏس ۾ ٻوليءَ جي حُسن ۽ هم آواز لفظن بابت ڀٽائي صاحب جي ڏسو... هيءَ ڇا ته سُريلي سٽ آهي:
    آکون ڊاکون، سرکنڊ شاخون!
    شيخ اياز وٽ، ٻوليءَ جي اِهڙي ئي لهر هن ريت آهي:
    گوري گُجري پيرَ ۾، چورِي ڪئينءَ اچي.
    هڪ جهڙن ۽ هم آواز لفظن ۽ اُچارن تي آڌارڪ هاڻي، هيءَ اسان جي صوفي نيڀراج صاحب جون به... مثال طور هي سِٽون ڏسو:
    جان جو جاني جياپو جوپ جوڌو جانباز
    جڳ جڙيل جنسار جو، جيئيم سو جيئيم سو
    ٻوليءَ جي گُڻن جي اِها ڳالهه ته ٿي ته اِتي، صوفي صاحب جي شاعريءَ ۾ هيءَ جيڪا بي ساختگي ۽ اُڇل آهي، مون کي ته سندس ان گُڻ به گهڻو ئي موهيو ۽ متاثر ڪيو آهي، مثال طور سندس هيءُ شعر ڏسو:
    وفائن جي بدلي جفائون ملن ٿيون،
    جڏهن سنگدل سان نگاهون ملن ٿيون.
    يا وري هيءَ سٽ ڏسو:
    وڃان ٿو يار جي در تي، سوالي ٿي کٽي قسمت!
    اڇا! ٻوليءَ جي سرلتا، ڪافيءَ جي رنگ، انگل ۽ اُڇل جي رلمل رچاوَ وارو، صوفي صاحب جو هيءُ شعر به پڪ ڄاڻو ته ڪو ننڍڙو شعر ڪونهي:
    نسنگ نينهن نانگا نڀائيندا ايندا،
    سڄڻ يار جا ڳُڻ سي ڳائيندا ايندا.
    اُسن ۾ اُساٽي، لُڪن ۾ لُساٽي،
    سريرن ۾ سامي سُڪائيندا ايندا.
    سنڌي ادب جون... هونئن ته ڪيئي اهڙيون شخصيتون آهن، جن جي گِيدن ۾ پَنَ جي ٻيڙيءَ سان گڏ ڪچي سوپاريءَ جي تڙَ، هر وقت حاضر ئي هوندي آهي، مثال طور سائين نفيس احمد شيخ ناشاد... مثال طور سائين انور هالائي... ادو اسرار شام... پر انهن ۾ ڊاڪٽر نواز علي ’شوق‘ ۽ صوفي نيڀراج وري اهڙا شخص... جن وٽ انهن ٻن شين سان گڏ، ٽين شئي به مون اڪثر ڏٺي... ڇا!؟ اِلائچي!
    اجهو صوفي صاحب جي ’بياض‘ ۾ شامل، سندس هن پياري شعر تي جو نظر پيم ته خوامخواه به اِهي مٿيون سڀ خوشبودار هستيون ذهن تي تري آيون هئم:
    گُل گل جي ڌار خوشبو، گل گل جو رنگ نرالو،
    گل گل جو ڌار ميوو، گل گل جو سنگ نرالو.
    ڀٽائي سرڪار جي هڪ سِٽَ آهي:
    ’ڍڪين ڍڪڻهار! آئون اگهاڙي آهيان.‘
    انهيءَ تسلسل ۾، صوفي صاحب جي هيءَ سِٽَ پڙهيم... ته چَپن تي بي اختيار اچي ويم، ’اڙي واهه!!‘ اجهو اوهين به پڙهي ڏسو:
    اروپا! هاڻ عرياني اچي ’صوفيءَ‘ سندي ڍڪ تون،
    فنا جي ديس ۾ جنهن کان، قرارن موڪلايو آ.
    صوفي نيڀراج جي شاعراڻن گُڻن تي... چاهجي، ته اڃان به گهڻو ئي ڪجهه لکي سگهجي ٿو، پر اختصار کان ڪم وٺندي ۽ هن مهاڳ کي پڄاڻيءَ تي پهچائيندي، ۽ شاعر کي خود! سندس ئي لفظن ۾ داد ڏيندي چوانس پيو:
    ٻولي لذيذ سادي سهڻي سنڌي سٻاجهي،
    طرزِ بيان نرالي، تمثيل ونگ نرالو.

    شاعر سگهڙ ۽ عالم فاضل اديب، صوفي،
    شيرين زبان ۾ هُن جو، آ نوع ڍنگ نرالو.


    ــ نصير مرزا

    حيدرآباد
    2012-02-18


    صوفيءَ سان گهاريل گهڙيون

    منهنجو (نور محمد عرف ”نورل“ نظاماڻيءَ جو) جنم 1933ع ۾ ٽنڊو قيصر ۾ ٿيو ۽ 1950ع کان شاعري شروع ڪئي. 1954ع کان ٽنڊو قيصر ۾ قائم ”بزمِ شائق“ جي مشاعرن ۾ وڃڻ شروع ڪيم، جتي ڪافي پري پري جا شاعر پڻ شريڪ ٿيندا هئا، انهن ۾ صوفي نيڀراج پڻ شامل هوندو هو. ٻن ٽن سالن بعد اهو سلسلو ختم ٿيو ته وري حاجي حقير ابنِ مڱڻ، ڳوٺ ۾ سائين احمد شاهه جي اوطاق اندر اهڙو هڪ نئون سلسلو شروع ڪيو، جتي پڻ ڪافي شاعر حضرات ايندا هئا، جن ۾ صوفي نيڀراج باقاعده شرڪت ڪندو هو.
    ان ئي دؤر ۾ ”بزمِ طالب الموليٰ“ جي نالي سان ڳوٺ اندر رئيس مير حسن نظاماڻي مشاعرن جو سلسلو شروع ڪيو، جنهن ۾ ٻه ڀيرا مخدوم صاحب پڻ شرڪت ڪئي، پر بدقسمتيءَ سان اهو سلسلو به گهڻو وقت نه هلي سگهيو، ۽ 4-5 سال بعد پڄاڻيءَ پهتو. ان بزم جي مشاعرن ۾ پڻ صوفي نيڀراج جي شرڪت، سمورن شاعرن لاءِ اتساهه جو باعث هوندي هئي.
    ان بعد حاجي حقير ابنِ مڱڻ پنهنجي ڳوٺ قبول خاصخيليءَ ۾ ”بزمِ قليچ“ قائم ڪئي، جنهن ۾ هر مهيني جي 14 تاريخ مشاعرو ڪرايو ويندو هو. ساڳي وقت بهاول زئونر ۾ هر مهيني جي 17-تاريخ، سائين محمد شاهه ”مست“ بخاري پڻ مشاعرن جو سلسلو شروع ڪيو، جيڪو ڪافي عرصو هليو – پر 1981ع ۾ حاجي حقير ابنِ مڱڻ جي وفات کانپوءِ اهو به ختم ٿي ويو.
    مٿين مڙني پروگرامن ۾ حاجي حقير ابنِ مڱڻ، محمد شاهه ”مست“ بخاري، محمد درزي، صوفي نيڀراج، محمد علي ادنيٰ، يارل شيدي، دودو شيدي، نورل نظاماڻي، محمد علي نظاماڻي، مسڪين ملاڪاتياري، غلام محمد ”گدا“ ملاڪاتياري، سيد احمد علي شاهه ملاڪاتياري، ميون امداد، شفيع محمد ٻگهيو ۽ مومن مليرائيءَ کانسواءِ کوڙ سارا پري پري جا شاعر پڻ شرڪت ڪندا هئا.
    مذڪوره مڙني ميڙاڪن اندر خاص ڳالهه اها هوندي هئي، ته صوفي نيڀراج کي مانُ ڏيندي هميشه آخر ۾ سڏيو ويندوهو. صوفي نيڀراج شاهه سائينءَ جي بيتن ۽ وائين کي مُترنم انداز ۾ جهونگاري، ماحول کي گرمائي ڇڏيندو هو. کيس لطيف سرڪار جي شاعريءَ جي فن ۽ فڪر سميت سُرن ۽ پس منظر جي ڪافي ڄاڻ هئي. پاڻ شاهه سائينءَ جي بيتن ۽ وائين کي جهونگارڻ ويل هٿ جي اشارن سان باقاعده تنبوري جي صورت ۾ هٿن کي حرڪت ڏيندي، پنهنجي آواز جي اثر هيٺ، ٻڌندڙن تي وجد طاري ڪري ڇڏيندو هو.
    صوفي نيڀراج طبيعتن به نج صوفي ماڻهو هو. انتهائي خوش مزاج ۽ ڪنهن سان به، ڪڏهن به مذهبي مت ڀيد نه رکيائين. هن وقت سندس همعصر وڃي ڪو هڪ اڌ رهيو آهي ۽ آئون سندس همعصر هئڻ جي حيثيت ۾، سندس ورتاءَ کي سامهون رکندي يقين سان چوان ٿو، ته پاڻ هن وقت يقينن سرڳ واسي هوندا.

    ــ فقير نور محمد ”نورل“ نظاماڻي

    ٽنڊو قيصر،
    21-نومبر، 2016ع


    ڄاڻ سُڃاڻ

    سهيڙيندڙ پاران

    بابا سائين صوفي نيڀراج 14-مارچ 1933ع ۾ ڳوٺ موري منگر، تعلقو حيدرآباد جي سُوٽهڙ گهراڻي اندر ڏاڏا سائين گنگو مل جي گهر جنم ورتو.
    سندن ٻالپڻ مڪان شريف، ويجهو شيخ ڀرڪيو ۾، سندن والده جي ديهانت سبب سندن سؤٽ جي گهر ۾ گذريو. جنهن ڪري سندن ننڍپڻ الحاج سائين غلام رسول شاهه جيلانيءَ (مرحوم) مڪان شريف وارن سان راند روند ۾ گذريو.
    پاڻ پرائمري تعليم، ڳوٺ موري منگر جي پرائمري اسڪول ۾ سيّد الهڏنو شاهه (سائين وڏو) جن کان حاصل ڪيائون. سنڌي فائينل حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج مان پاس ڪيائون. جنهن بعد اديب ۽ فاضل جا امتحان پڻ چڱيءَ پر پاس ڪيائون.
    پاڻ پنهنجي شروعاتي شاعريءَ ۾ ”گمنام“ تخلص ڪتب آندائون، پر پوءِ ڪن سڄڻن جي اصرار تي ”صوفي“ تخلص استعمال ڪرڻ لڳا. لطيف سرڪار سان تمام گهڻي محبت ۽ عقيدت هوندي هئن. ايتري قدر جو هر چوڏينهنءَ تي پاڻ پيرين پنڌ ڀٽ شاهه ويندا هئا. لطيف سائينءَ سان لڳاءَ باعث پاڻ شاهه سائينءَ جا بيت ۽ وايون سُر ساڻ جهونگاريندا هئا، ۽ ايئين ٻڌندڙن کي موهي وجهندا هئا.
    درگاهه جهوڪ شريف ۽ درگاهه ملاڪاتيار جا پڻ عقيدت مند هئا ۽ هر سال سندن حاضري ڀريندا هئا.
    سنڌ جي سُوٽهڙ برادريءَ جي اڪثريت حضرت غوث بهاءُالحق ملتانيءَ جي مريد آهي، انهيءَ نسبت سان صوفيءَ جو سڄو خاندان انهيءَ درگاهه جو مريد آهي.
    شاعريءَ جو ذوق کين ننڍي هوندي کان هو. مشاعرن ۾ شرڪت کان علاوه سندن شاعري سنڌيءَ جي مختلف رسالن ۾ پڻ وقت بوقت ڇپجندي رهندي هئي، جن ۾ مهراڻ، نئين زندگي، اخبارِ تعليم ۽ ان کان سواءِ روزانه عبرت، آفتاب ۽ مهراڻ وغيره جا ادبي صفحا پڻ سندن شاعريءَ جي زينت هئا.
    پيشي جي لحاظ کان پاڻ پرائمري استاد هئا. ان ڏس ۾ پاڻ گهڻو عرصو ڳوٺ موسيٰ کٽياڻ، ارباب ناهيون نزد ٽنڊو ڄام، جاڙو ٻٻر ۽ ٽنڊو مير نور محمد، لطيف آباد نمبر-4 ۾ علم جي فروغ لاءِ پاڻ پتوڙيائون. انهن ڳوٺن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون پنهنجي ان شفيق ۽ مهربان استاد کي اڄ سوڌو ياد ڪندا ۽ سندن ڳڻ ڳائيندا رهن ٿا، جا ڳالهه اسان لاءِ باعثِ فخر آهي.
    اسان جي ڳوٺ موري منگر جي هر دل عزيز شخصيت سينيٽر شيخ علي محمد سان تمام گهڻي ويجهڙائپ هوندي هئن، ۽ سندن اولاد کي پڻ تعليم ڏنائون. ان کان علاوه ڳوٺ جو ئي سائين لائق سنڌي پڻ بابا سائينءَ جو لاڏلو شاگرد هو. سندس تعليم ۽ ترقيءَ ۾ پڻ بابا سائينءَ جو وڏو هٿ رهيو.
    علم و ادب ۽ شاعريءَ سان بي پناهه پيار هوندو هئن، جنهن ڪري پري پري جي مشاعرن ۾ شامل ٿيندا هئا. 21-ڊسمبر 1997ع تي ڏات ڏيپ مارڪو تنظيم طرفان صوفي نيڀراج جي ورسيءَ ملاڪاتيار ۾ ملهائي وئي، جنهن ۾ طرحي مشاعرو پڻ ڪرايو ويو جنهن جي طرح مصرع هئي:
    ”ڪريون ٿا دوستو اڄ ياد تازي نيڀراج.“
    پاڻ پنهنجي همعصرن مومن مليرائي، ”گدا“ ملاڪاتياري، مسڪين ملاڪاتياري، محمد خان مجيدي، حاجي حقير ابنِ مڱڻ سميت ڳوٺ موري منگر جي محمد علي ”ادنيٰ“، محمد امين ٿيٻو، جاني شاهه ”جانب“، بهاول زئونر جي محمد شاهه مست بخاري ۽ ٽنڊو قيصر جي ”نورل“ نظاماڻيءَ سميت ٻين پڻ ڪيترن ئي علائقن جي شاعرن سان مشاعرن ۽ رهاڻين ۾ شامل رهيا. ان ڏس ۾ مخدوم طالب الموليٰ سان پڻ نيازمندي هين.
    صوفي صاحب، سيّد صالح محمد شاهه عرف فتح خان جي ريڊيو پروگرامن، ”فتح خان جي ڪچهري“ ۽ ”جمهور جو آواز“ کان علاوه ٻين کوڙ سارن ادبي پروگرامن ۾ حصو ورتو، ۽ پاڪستان ٽيليويزن جي ڪجهه پروگرامن ۾ پڻ شامل رهيا.
    بابا سائين صوفي نيڀراج تمام بااخلاق، ملنسار، انسان دوست ۽ علم دوست هجڻ سان گڏ گهرو زندگيءَ ۾ پڻ تمام گهڻو نرم مزاج ۽ سهج سڀاءَ وارا هئا. پاڻ 16-ڊسمبر 1988ع تي صبح اسر ويل هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري، هڪ ڀاءُ پيسو مل سان گڏ ٽن پٽن ۽ چئن نياڻين کي سوڳوار ڇڏي ويا.
    هِن ڪتاب ”صوفيءَ جي صدا“ کي ڇپائي پڌري ڪرڻ جي سلسلي ۾ آئون نهايت ئي ٿورائتو آهيان سائين آسي زميني صاحب جو ــ ۽ پڻ موليٰ بخش قمبراڻي، محمد بخش ٿيٻو ۽ موهن مدهوش صاحب جو..

    ــ ڊاڪٽر ڪرشن لعل


    22-نومبر 2016ع
    ڳوٺ موري منگر


    حمد

    حمد


    حيرت جي ڳالهه آهي

    حيرت جي ڳالهه آهي ڪئن ڪئن ڪري ٿو ٺاهين،
    ڪئن ڪئن ڪري ٿو ٺاهين هي ڪئن ٿو بن بنائين.

    ڇا مان ڪرين ته ڇا ڇا، ڇا مان تون، ڇا ٿو جوڙين،
    ڇا جو ميلاپ ڇا سان ۽ ڇا مان ٿو ڇا اُپائين.

    بنياد ٻج ٿئي سو ميوي جي پيٽ پيدا،
    ڪن جا قلم، ٻچا ۽ ڪن ۾ ٿو کل لڳائين.

    هڪڙي نسل سندو ٻج اڀري ته ذات ٻيءَ ۾،
    قدرت عجب عجائب ان ريت پيو پسائين.

    هڪ ول ڪري پتا ڪئين هرهڪ سواد ٻيو ٻيو،
    ڪيئن ٿو ڪڙو مٺو تن، رس ڌار تون رسائين.

    پن، پاڙ، ٿڙ ۽ ميوو ڪم ڪنهن نه ڪنهن اچن ٿا،
    ديدار لاءِ گل جي حيران لک هلائين.


    ڪاريگريءَ جو مظهر گل ۾ ڪمال آهي،
    ڪئن دلڪشي، لطافت، رنگ، بوءِ سين رلائين.

    گل جي حسن کي ڄاڻن پوپٽ ۽ ڀؤنر، بلبل،
    مدهوش تن ڪرڻ لئه مکڙيون کڻيو کلائين.

    گل کي ڇهن نه شائق رڳو واس سي وٺن ٿا،
    گل آستان ۾ تن کي پر تون پيو هڻائين.

    يا بخت تخت شاهي يا جيل سور ڦاهي،
    ڪئن ڪئن ڏئين ٿو چاڙهو ڪئن ڪئن ڪري ٿو لاهين.

    گل تي ڦرڻ ٿا ڄاڻن ڪعبي طواف ”صوفي“،
    ديدار دور سان تن الست ڪيو نچائين.

    *


    نعت

    نعت
    ڀلي آئين سچا سرور

    ڀلي آئين سچا سرور، ڀلي آئين ڀلي آئين!
    ڀلارا ڀرجهلا ڀرور، ڀلي آئين ڀلي آئين!

    اجهاڻل جوت جاڳائڻ، ڪرڻ چوڏهن طبق روشن،
    انڌاري ويل تي انور، ڀلي آئين ڀلي آئين!

    ڪسون قلبن مٿان ڪورڻ، مئل دليون جيارڻ لئه،
    مُڪئي صيقل ڪري پرور، ڀلي آئين ڀلي آئين!

    ڪڍڻ ڪشتي ڪنگالن جي ،سُڃائيءَ جي سمونڊن مان،
    نبيصه خود ناخدا اطهر، ڀلي آئين ڀلي آئين!

    غلامن تان غلاميءَ کي، ستاين تان ستم لاهڻ،
    اڙين جا آجڪا آهر، ڀلي آئين ڀلي آئين!

    سهارو بي سهارن جو، وسيلو بي وسيلن جو،
    وِلهن جي وِير ٿي واهر، ڀلي آئين ڀلي آئين!

    ٻاجهارا ٻول ٻاٻيهان، وٺي سيرت تون سبحاني،
    يتيمن يار ۽ ياور، ڀلي آئين ڀلي آئين!

    فياضي طبع جا مالڪ، ٿئين رحمت جھانن لئه،
    خدا جا دادلا دلبر، ڀلي آئين ڀلي آئين!

    مدينو علم جو بڻجي، ٿئين شاهِه معلم تون،
    الاهي راز جا رهبر، ڀلي آئين ڀلي آئين!

    ٿئين تاج الحسينا تون، سڄڻ سردار سهڻن جو،
    اول تا ٿي نبي آخر، ڀلي آئين ڀلي آئين!

    خطائن ۽ گناهن جا، بُرين بخشڻ سندا توکي،
    ڏنا پرور ڪُلي پاور، ڀلي آئين ڀلي آئين!

    سراپا نور نوراني، بصورت بشر ٿي پهتين،
    الاهي ذات جا مظهر، ڀلي آئين ڀلي آئين!

    شفاعت ۽ سخاوت جا، ڌَرڻ ’صوفيءَ‘ مٿي هٿڙا،
    پيارا پاڪ پيغمبر، ڀلي آئين ڀلي آئين.

    *


    نعت

    نعت

    مٺي مرسل جي روضي جو ڪيان ديدار بسم الله!
    نمائي سر چمان چائنٺ وڃي صدبار بسم الله!

    ڏسان مان گنبدِ خضرا مديني پاڪ ۾ پهچي،
    چُمان شل پاڪ پڃري کي ڦري چوڌار بسم الله!

    اندر ۾ عشق عربيءَ جو، زبان تي آ صلو عليه،
    کڻي شل پاڻ سان پهچان، سندن درٻار بسم الله!

    اللّـهُمَّ صَلِّ عليٰ وڃان پڙهندو مان مرسل ڏي،
    وڃان قربئون سِڌو ڪاهي پرينءَ جي پار بسم الله!

    اُگهان شل ساڻ اکين مان پيغمبر پاڪ جو پڃرو،
    رهان حرمن سندو ٿي مان ٻهاريدار بسم الله!

    ڪيو صورت بشر ۾ آ ظهوري پاڻ کي پرور،
    بنا پاڇي سندم سپرين مٺا مهندار بسم الله!

    شفيع المذنبين آهن ختم المرسلين آهن،
    اول آخر امين آهن پرين پڳدار بسم الله!

    ڪيا چوڏهن طبق روشن مٺي محبوب جي جلوي،
    نبيءَ جي نور جي تجلي ڪري جهلڪار بسم الله!

    پڙهان صلواة ٿو آئون نبي ۽ آلِ اطهر تي،
    اَجهو ٿيندم اُمي عربي اَڙين آڌار بسم الله!

    ڪري ڪو وَڙُ ڪرم قادر! مهابي مير مدنيءَ جي،
    جنهين لئه هي جَڳتُ سارو جوڙيئي جنسار بسم الله!

    جَھان ۽ گور آخر ۾ شفاعت پيا ڪجو شافع!
    سڄڻ صدقي امت جي مون مٿي مهندار بسم الله!

    ڪري دل نور سان معمور شرف زيارت پيا بخشيو،
    سڳر ’صوفي‘ مٺا سڏيو سڄڻ سردار بسم الله!

    *


    محمد مصطفی ٰ صہ آئے

    محمد مصطفی ٰ صہ آئے

    اندھیرا چل بسا جب سے محمد مصطفیٰ صہ آئے،
    ہوا اَرض و سما روشن چلے نورِ خدا آئے۔
    فلک پر تھا مکیں اطہر نبی کا نور پردے میں،
    بشر کے روپ میں مظہر دکھانے لافنا آئے۔
    قریشی باعثِ تخلیق تھے خود اس خدائی کے،
    نبی خاتم کی صورت میں جہاں کی ابتدا آئے.
    ولادت باسعادت شاہ عبداللہ کے گھر میں،
    حضور پاک نے پائی، نبی خیرالوریٰ آئے۔
    امیں، تشریف بن کر آمنہ کے لاڈلے لائے،
    عرس کے ماہ بارہ پیر تاج الانبیا آئے۔
    بظاہر سرورِ کونین جلوہ گر ہوا جب ہی،
    گگن سے نور برسا، چونکہ نعم الملتجا آئے۔
    حلیما کو ہوا حاصل شرف خدمت گذاری کا،
    سجانے گود جسکی وه چلے نورِ خدا آئے۔
    رکھیں آکاس پر چرنیں، جہاں کوئی نہ جاسکتا،
    کماں کے قوس کے فاصل خدا سے مہ لقا آئے۔
    فلک پر بھی یہ دو عیدیں مناتے ملک بھی ہونگے،
    ولادت اور شبِ معراج احمدِ مجتبیٰ آئے۔
    زمین بدلے زمان بدلے نہیں ہوگا قرآں بدلی،
    یہاں پر دینِ حق کامل بہ صورتِ انتہا آئے۔
    رکے گی نابھنور میں یہ نیا لگ پار جائے گی،
    رسالت مآب ہيں جس کا اُمی بن ناخدا آئے۔
    وہاں کا غم نہ کر "صوفی" نہ ہو بددل شفاعت سے،
    چھڑایا تو بھی جائے گا جہاں صاحب شفا آئے۔

    *


    غزل : سينگار آهي

    سينگار آهي

    تو لئه سڄڻ سواري بلڪل تيار آهي،
    آمد سندءِ جو اتهين اڄ انتظار آهي.

    جو ڏيهه ڪنهن نه ڪڏهين اڳ آ ڏٺو اوهان کان،
    ڪرڻو انهيءَ جو توکي دلبر ديدار آهي.

    دعوت سندءِ جو داتا ڪيو انتظام پورو،
    عرشن ڪيو اوهان لئه سهڻا سينگار آهي.

    تفريح لاءِ تنهنجي ڏيهه آ سڄو سجايل،
    خوشبوءِ خاص خاصي ڇٽڪي چوڌار آهي.

    حورون مَلڪَ اوهان کي خوش آمديد چوندا،
    ٺهڻي انهن جي خوش رنگ شاهي قطار آهي.

    بيهندا صفون ٻڌي سڀ ٿيندي سلامي سهڻا،
    ٺهڻي سا اڄ اُڀن تي مينا بزار آهي.

    عيسيٰ اڀو عرش تي محبوب تولئه موسيٰ،
    هر ڪو نبي ڏسڻ لئه خود بيقرار آهي.

    اعليٰ مقام تي اڄ آمد سندءِ ٻڌي پوءِ،
    ابليس مس مڃي سا خود هار يار آهي.

    منزل انهيءَ کان اوري مَلَڪَن جا پَرَ جلن ٿا،
    تون ٿو وڃي سگهين هي وحدت آثار آهي.

    نور- الاهي هوندو ۽ ذات تنهنجي عالي،
    باقي نه ڪنهن ٻئي جي ات ڪا پچار آهي.

    سهڻا سڳر ۽ ساٿي کوٽو کهيو هي کڻجو،
    اولاد سان اوهان جو خدمت گذار آهي.

    ’صوفي‘ مٿي شفاعت اولاد ماءُ پيءُ گڏ،
    پاڙي اندر رهائش لئه عرضدار آهي.

    *


    گل ٿي سگهن ٿا پيدا دنيا جي هر چمن ۾،

    غزل

    گل ٿي سگهن ٿا پيدا دنيا جي هر چمن ۾،
    گلشن ۾ جھڙا، تھڙا جهوپن جي ڀي صحن ۾.

    ساڳي هوا، زمين ۽ ٻج آهه ڀي ته ساڳيو،
    ساڳيو آهي جوڙيندڙ دنيا جي ڪل خطن ۾.

    ساري ڪيائين پيدا هڪ وقت جوڙ جوڙي،
    ٺهه ڦهه ٺهي پئي سا هڪڙي ئي لفظ ڪُن ۾.

    ورڇي رکيو اٿس هت هرچيز کي سجائي،
    بهتر سو گل لڳي ٿو رکيل جو آ ڪنڊن ۾.

    جا جاءِ، نيچ سمجهين، ات ڀي لڀي سگهن ٿا،
    ملبوس خاڪ ۾ يا ڪي سادڙي ڪفن ۾.

    تنهنجي نظر نه ڪٿ ڪو گُل جي ڏٺو ته ڇا ٿيو؟
    هوندو اتي ضروري ڍڪيل ڪو گل پنن ۾.

    هڪ لکّ ٿيا ته پورا چوويهه هزار گلڙا،
    هڪڙو تني مان قدرت افضل ڪِيو گل سڀن ۾.

    ديدار آ جنهن گل جو ’صوفي‘ نصيب ٿيڙو،
    پالن ڪيو هو قدرت ان گل جو ڀي جهنگن ۾.
    *
    1980-02-02


    ڪافي : هر وار هيڻن سين آهي،

    هر وار هيڻن سين آهي،
    حامي پٽ حيدر جو.
    موليٰ جنهن تي لقب آ،
    سو مالڪ آهي محشر جو.

    ڪربل ۾ روضو جنهن جو،
    جنت مڪان تنهن جو،
    جگر جان ڏئي ڳڌائين،
    پيالو پي صبر جو.

    رتي پوشاڪ جنهن جي،
    نيزي جو سوار آهي،
    سر ڌار آهي ڌڙ کان،
    سيّد تنهن سَڌَرُ جو.

    مشڪل جي آ دنيا ۾،
    مشڪل ڪشا ڀي آهي،
    سڪ سان ڪري جو سڏڙا،
    ٿئي ننگ تنهن نڌر جو.

    پنجن تنن جي اولي،
    ’صوفي‘ ٿو يار ڳولي،
    مولا بچاءِ مهران!
    سانگو سندءِ سفر جو.

    ( . سَڌَرُ: اڳواڻ، سردار، بهادر )


    ڪافي ڏس حال زينب جو نانا!

    ڪري قيد ڪوفين آهيان آندي، ڏس حال زينب جو نانا!
    بي پردي ٿيس آئون باندي، ڏس حال زينب جو نانا!
    مون کان ڀاءُ عباس ڇنائون،
    علي اصغر ننڍڙو ڪٺائون،
    ٿيا راه ربانيءَ پانڌي،
    ڏس حال زينب جو نانا!
    پهرين اڪبر قاسم ڇڏيو،
    پوءِ شاه حسينڻ لڏيو،
    ٿيو ڪونه منهنجن جو ڪانڌي،
    ڏس حال زينب جو نانا!
    ٻئي ڪَنڙا معصوم جا ڦٽيا،
    دَلَي، دُرَ سڪينه جا پٽيا،
    پئي گود ۾ ڦٿڪي ماندي،
    ڏس حال زينب جو نانا!
    ڪيئن ’زين الُ‘ توکي رسايان،
    سر ساٿ جا سورَ وسايان،
    ناهيان غمن فڪر کان واندي،
    ڏس حال زينب جو نانا!
    *
    مير محمد ”ميرل“ جويو کي موڪليل
    85-09-24


    ڪافي اچو موٽي مديني بابا!

    بيمار ٿي صغريٰ ساري، اچو موٽي مديني بابا!
    روز ٿي راهون نهاري، اچو موٽي مديني بابا!

    ڪونجون! ڪربل ۾ وڃي لهجو،
    رات بوئا زينب وٽ رهجو،
    سڀ ڀيڻ سڪينه ڌُتاري، اچو موٽي مديني بابا!

    ڪونجون جُهولي وٽ سڀ جهولِي،
    ڪرلاٽ ڪري ڏجو لولِي،
    ڀاءُ اصغر پينگهي سمهاري، اچو موٽي مديني بابا!

    نڪي قاسم مون ڏي آيو،
    نڪي اڪبر ڀاءُ گهرايو،
    ڪونجون! ويٺا ڇو ته وساري، اچو موٽي مديني بابا!

    ڪونجون! چاچا عباس کي چئجو،
    هاڻي ڌار گهڻو نا رهجو،
    متان موت ملڻ ريءَ ماري، اچو موٽي مديني بابا!

    ڪونجون! نياز سلام رَسايو،
    موٽي مون کي سُڌِيون سڻايو،
    ’صوفي‘ سماچار ساري، اچو موٽي مديني بابا!
    *



    حضرت بيبي صغريٰ عليه صلواة و السلام جو ڪونجن هٿان پيغام
    اربع رات 09- محرم الحرام 1406هه رات جو 11 وڳي

    85-09-24


    ڪافي سِرُ نذراني ۾ ڏيندا

    جھنم جا رهاڪو هٽو هٽو، هي سيد ڏي خادم ويندا،
    هي سيد ڏي خادم ويندا، سر نذراني ۾ ڏيندا.

    رَسي رهبر اڳيان چيائين،
    اِجهي پهتا پتنگ ٻئي سائين،
    هي اَول اجازت گهرندا،
    سر نذراني ۾ ڏيندا.

    هي عرض سيّدا - اَگهايو،
    پهرين وارو منهنجو لڳايو،
    لب جام شهادت پيئندا،
    سر نذراني ۾ ڏيندا.

    اڳ شرمنده مجرم آهيون،
    هت سر ڏيئي منهن مرڪايون،
    ڪم آلِ نبيءَ هي ايندا،
    سر نذراني ۾ ڏيندا.

    هي سرسّيد آلِ رسول تان صدقي،
    معصوم شهيد سڪينه آل بتول تان صدقي،
    ”صوفي“ گڏ ساٿ ۾ جيئندا مرندا،
    سر نذراني ۾ ڏيندا.

    ان مسافر جا ڪلما جيڪو 8 محرم تي امام عالي مقام عه وٽ زال سميت آيو هو.

    1983-06-30


    ڪافي معصوم بيبي صغريٰ عليه صلواة والسلام جي مديني ۾ پُڪار

    ڪاهي ڪيچ وڃو ڪونجان! قطارون ڪري،
    ڏيو نينهن نياپا وڃي نهارون ڪري.

    ڏوري ڏيهه ڏسو وڃي ساريون ڏسيون،
    ڪهڙي جوءِ مٿي منهنجون سنگهاريون رسيون،
    وريون ڪين وطن مون کان رُسيون يا مُٺيون،
    سارو حال پڇو سو سنڀارون ڪري.

    وريا ڪين ولهيءَ ڏي ماهَه کُتي،
    ايندا وطن وري يا وڃان آئون اُتي،
    سڪ سانڀر جن جي ويٺي سُتي،
    سڏيان سانگيئڙن کي پئي پڪارون ڪري.

    مٿان مارن جي ڪري ڇانوَ ڳِجهون،
    ڪنديون راز نياز جون ڳالهيون ڳُجهون،
    سڀئي سورن ۾ پيون ڏسبيون *سجهون،
    رت رئنديون هونديون اوڇنگارون ڪري.

    ڪنهن جهليا *جَهڙَ منهنجا جهنگ ۾ جهانگي،
    وريو ڪونه ويڙهيچن مان ڪوئي *وانگي،
    رهيا ”صوفي“ سفر ۾ ڪهڙي سانگ سانگي،
    مارو ملير سُتا مٿان مزارون ڪري.
    *رَڌَلَ * جَهڙ: مُريي وارو ڌڪ، رَهڙ * وانگي: واهرو، مددگار
    سيّد جاني شاهه سان ڪچهريءَ جو نتيجو


    غزل رب ۽ رام هڪڙو ڄاڻ!

    اٿئي جي عشق اندر ۾ ته رب ۽ رام هڪڙو ڄاڻ،
    متان ڪنهن پنٿ مذهب تي، ٽنگاماڻي ڪرين ڪو ٽاڻ!

    پڪي رک پرت پتنگن جان، پئج پُرجهي اچي پڙ ۾،
    پَسارون ڪين ڪر پاسا، پچائڻ آءُ تون پنهنجو پاڻ!

    دُئي ڪري دور اچ دل مان، دلاور يار جي دئاري،
    ڪڍي ڇڏ قلب مان ڪينو، ٻيائي کي هڻج ڪو ٻاڻ!

    نظر هڪ سان ڏسڻ هڪڙو، همه کي هڪ ڪري ڄاڻڻ،
    الهه وارن اها عادت، عشاقن جا اهي اهڃاڻ!

    مڙهي، مسجد، مندر، گرجا، اهو ئي آهه اوتاري،
    گنگا، ڪاشي ۽ ڪعبي ۾، اها ئي نور جي آلاڻ!

    اچن راهون جدا طرفن ڪنان ٿيون ڄاڻ هنڌ هڪڙو،
    اٿي رڙهه راهه روحاني سَٺا، سانگا نه کڻ تون ساڻ!

    آهيون دنيا اندر ’صوفي‘! جدا جنسن جيان پوکيل،
    اهو ئي آ حاڪم هڪڙو، بٽئيءَ لاءِ آهه هڪڙو ماڻ!
    *

    . پنٿ: ٽولو فِرقو
    . ٽاڻ: هِيلو
    سَٺو: سانگو، بهانو


    سَهرو

    سَهرا ڍولڻ تنهنجا ڳايون وي!

    ڏئي ڏيهه سڄو ٿو واڌايون وي!


    سردار ٻوسڻُ آهي آيو،

    غلام عباس هي رنگُ رِلايو،

    وريون وصال جون وايون وي،
    سَهرا مرشد تنهنجا ڳايون وي!


    پير نظير جا فرزند پيارا،

    گهوٽ شهاب الدين محب موچارا،

    هار گلي توکي پايون وي،
    سَهرا پيارل تنهنجا ڳايون وي!


    شان غوثاڻو پاڻ سڃاڻي،

    منظور غوث جي ورتئي نياڻي،

    ڪين قبوليئي ٻايون وي،
    سَهرا بَنل تنهنجا ڳايون وي!


    ٻنهي جَھَانن جڙيو هجين جاني،

    پير شهاب الدين غوث ملتاني،

    ڪندءِ قادر شال سڻايون وي،
    سَهرا جُڙيل تنهنجا ڳايون وي!


    عاجز اَڀرن جا او سهارا،

    پير شهاب غوث سوڀيا وارا،

    ڪج ’صوفيءَ‘ ساڻ ڀلايو وي،
    سَهرا سڄڻ تنهنجا ڳايون وي!


    نظم اجايو وهم آ اُڀريو!

    ڏسڻ ۾ ڪجهه پئي آيو، ڏٺم جاچي ته ڇا آهي؟

    ڏٺم ڪا شئي نه آهي، هي اجايو وهم آ اُڀريو!


    ڏٺم پاڇو ته شڪ پئڙم، نه ڄاتل ڪا خوشي ٿيڙم،
    مگر صورت عدو جي ٿي، جڏهن هُوءَ روءِ ظاهر ٿي!


    ڪري ٿو خوش فهم پهرين، وري پوءِ رنجّ ڏياري ٿو،

    ڪرائي ٿو ندورو هو، ملامت پاڻ تي ڏاڍي!


    اجايو خوش فهم ماڻهو، ڪري پڇتاءُ ٿو آخر،

    پري کان باغ سونَهري، ڏسي ٿو جهومندي رڃ ۾!


    *

    . عدو: رقيب
    . روءِ: مُنهن


    غزل گُــُلَ گُــُلَ جو رنگ نرالو

    گُلَ گُلَ جي ڌار خوشبو، گُلَ گُلَ جو رنگ نرالو،
    گُلَ گُلَ جو ڌار ميوو، گُلَ گُلَ جو سنگ نرالو.

    شاعر، سگهڙ ۽ عالم، فاضل، اديب، گلڙا،
    شيرين زبان ۾ ڪن جو، آ نوع ڍنگ نرالو.

    ڪوئل، مٺو ڪي چيها، نڙ، بينسري، نغارا،
    شاعر عوامي چورن، چورنگ ۾ چنگ نرالو.

    ٻولي لذيذ سادي سهڻي سِنڌي سٻاجهي،
    طرزِ بيان نرالي، تمثيل ونگ نرالو.

    ياري ۽ دوستيءَ ٿو، هر ڪو رکي هلائي،
    پُتلي وفا جا ناتا، هر جاءِ ننگ نرالو.

    ”صوفي“ عجب لطافت، هئي سا ”حقير“ گل ۾،
    گُلَ گُلُ ٿيڻ جو ڏاڍو، لڳو ڏيل ڏنگ نرالو.
    *

    گُلُ ٿيڻ = وسامي وڃڻ، تمثيل: تشبيهه، ونگ = ڍنگ
    ڳوٺ حاجي راول پهوڙ ۾ ’بزمِ حقير‘ طرفان شيخ ابراهيم ’خليل‘ جي صدارت ۾ ٿيل مشاعري ۾ پڙهيل.
    21-2-82 سومر رات 10 وڳي


    غزل جيئيم سو جيئيم سو

    دل گهريو دلدار جو، جيئيم سو جيئيم سو!
    محب آ منٺار جو، جيئيم سو جيئيم سو!

    ساٿ جو سرواڻ سُورهيه، سرسُ آهي سونهن ۾،
    سُخن جي سرڪار جو، جيئيم سو جيئيم سو!

    مَڳُ مَيو مهمير مانجهي، مڙس مڙدانو مٿير،
    مڙد مڻيادار جو، جيئيم سو جيئيم سو!

    گُرُ گِياني ناٿُ گاروڙِيءَ گُڙي گرنار ۾،
    گوهرِ گفتار جو، جيئيم سو جيئيم سو!

    آهه جو ٻَلوانُ ۽ ٻُڌُوانُ ٻالاتڻ ڪَنا،
    ڏاڍ لئه ڏهڪار جو جيئيم سو جيئيم سو!

    جان جو جاني جياپو، جوپُ جوڌو جانبِازُ،
    جڳ جُڙيل جنسار جو، جيئيم سو جيئيم سو!

    جوڳُ جوڳيئڙي پچايو جوڳَ جوڳي سرَ ڏئي،
    جُوءِ ۾ جهونجهار جو، جيئيم سو جيئيم سو!

    ٿو رُپي ۽ سونَ، هيرن، موتين، کوٽن، کرن،
    اوڙِکي وينجهار جو، جيئيم سو جيئيم سو!

    جو ٿري، جو جابلو ۽ جو اُتر جو آ آَڌوتُ،
    لاڙ جي للڪار جو، جيئيم سو جيئيم سو!

    يا ته دودو يا ته راڻو يا چنيسر داسڙو،
    مورُ يا ميهار جو، جيئيم سو جيئيم سو!

    سچ چوي دين و ڌرم، شيعي، سُني، صوفي، برهم،
    پاڪُ پرشَنُ پيار جو، جيئيم سو جيئيم سو!

    *

    جوڳ = عبادت
    جوڳ پچائڻ = ڪشالا ڪڍڻ، عبادت ڪرڻ
    جوڳيسر = پهتل فقير
    اوڙکڻ = پروڙڻ، سڃاڻڻ
    آڌوت = تارڪ، دنيا کان لاطمع، سنياسي فقير
    واسڙو = چنيسر جو علامتي نالو
    برهم / برهما = ايشور جو صفاتي نالو اُپائڻهار
    پُرشن = پُرش جو جمع ماڻهن


    غزل جفائون ملن ٿيون

    جفائون ملن ٿيون

    وفائن جي بدلي، جفائون ملن ٿيون،
    جڏهن سنگّ دل سان نگاهون ملن ٿيون.

    ٿيڻ دربدر ۽ پريشانُ گهارڻ،
    برهه ۾ اُهي ئي، بلائون ملن ٿيون.

    رڳو شور شوخي ۽ گهورون اکين جون،
    پري کان پَسڻ سين، عطائون ملن ٿيون.

    عيان عشق جڏهين ٿئي ٿو عشاقن،
    تڏهن ٽوڪ خواري، گلائون ملن ٿيون.

    برهه ٿي بيماري، وڪوڙي وڃي ٿو،
    هيڻائيءَ جون تڏهن، هَلائون ملن ٿيون.

    وڃي سونهن سِيرت صفائي سٺائي،
    اهي سوز وارن، سزائون ملن ٿيون.

    دنيادار دلبر نه احساس ڌارن،
    رُڳي چالبازي، ادائون ملن ٿيون.

    نڪي پاڻ جليا، نڪي قدر پيئڙن،
    سچائيءَ جي بدلي دغائون ملن ٿيون.

    جوڳيسر جدائيءَ کي ميلاپ سمجهن،
    ميرا منهن تني سر، جٽائون ملن ٿيون.

    ڪڙو زهر قاتل پين ٿا جيئڻ لئه،
    تني دل مان دردي، دعائون ملن ٿيون.

    اها تن جي عادت جفائن جي قيمت،
    عذابن جي عيوض شفاعون ملن ٿيون.

    ڪرڻ ڪا شڪايت نه ’صوفي‘ سي سکيا،
    واڍوڙين وٽان ڏس وفائون ملن ٿيون.

    *


    غزل نسنگ نينهن نانگا نباهيندا ايندا،

    غزل

    نسنگ نينهن نانگا نباهيندا ايندا،
    سڄڻ يار جا ڳُڻ سي ڳائيندا ايندا.

    نه ڪَسجي نه ڪَٽجي سندن نينهن اُجرو،
    ڏينهون ڏينهن اُجاري سو لائيندا ايندا.

    چِٽي چنگ، نفيلون، سڱيون، سَنکَ، ساڌو،
    وهاڻيءَ ويراڳي وڄائيندا ايندا.

    پڪل پُرشَ پَرشَنَ وري پاڻ پنهنجو،
    پچڻ ريءَ پريمي پچائيندا ايندا.

    اُسن ۾ اُساٽي لُڪُنِ ۾ لُساٽي،
    سَريرَنِ کي سامي سُڪائيندا ايندا.

    ڏئي ڌوپ واسي جٽائون جوڳيئڙا،
    جگر جوڳ ۾ سي جلائيندا ايندا.

    آڌوتي ڇَڏنِ پاڻ اَرِپي اَلَکَ کي،
    اَرُوپي سين لنوڙي لڳائيندا ايندا.

    ڪڙو زهر کان غم پين ۽ پيارن،
    وَٽا وِهه ڪري کاڄ کائيندا ايندا.

    پَڌرِ پَگلا پائي پُرنِ ڪين پانهُون،
    پڪو پيچ پِرِيَن سين پائيندا ايندا.

    ملامت ذلالت سهي نفس ماري،
    ڪڻا تنهن کي ڪِسِتيءَ پنائيندا ايندا.

    گندي گودڙي، ميرڙا، مُنهن منهانڊا،
    لِڪي پاڻ لوڪان لڪائيندا ايندا.

    مرڻ کان اڳي تن مزو موت ماڻيو،
    اَجَلَ کي اندر ۾ نپائيندا ايندا.

    اَسُرَ تائين اَرِداس ۾ سِرُ اَويسيُنِ،
    صبح شام سرڙو نمائيندا ايندا.

    گُروءَ گِيانَ ۾ گم مَگن مست ’صوفي‘،
    ٻُڌي سين ٻُڌائون، ٻُڌائيندا ايندا.

    *








    مير محمد ”ميرل“ جويو جي جده عربستان کان موڪليل طرح مصر ع


    ڪافي تنهنجون گَھِريون گُلَ گُلَزار اکيون،

    تنهنجون گَھِريون گُلَ گُلَزار اکيون،
    ٻئي بانوليون باغ بهار اکيون.
    سرمي ساڻ سينگاريل ساريون،
    ڪيفي ڪٽوريون ڪنڍڙيون ڪاريون،
    ٻئي ترڇيون تجليدار اکيون.
    چيريل چوکيون ٻئي چهنبياريون،
    خوب خوشيءَ ۾ وتن خماريون،
    تنهنجون سارنگ مينگهه ملار اکيون.
    نوري نرگس نيم خوابي،
    برقي بجليون بي حجابي،
    تنهنجون نرم نماڻيون نوڪدار اکيون.
    سلڇڻيون سهڻيون شانُ وڏي سان،
    مرڪن منهن ۾ مانُ وڏي سان،
    تنهنجون عجب ٻئي آبدار اکيون.
    بن تعصب ڀيد ڀلاريون ڀرجهل،
    پرشن پاڪ پياريون پرمل،
    تنهنجون سالڪ ٻئي سردار اکيون.
    سخي سٻاجهل ٻاجهاريون ٻئي،
    جُهومن جَهرڪن جهالاريون ٻئي،
    اهي ’صوفيءَ‘ لئه سهڪار اکيون.
    *
    . پَرمل = خوش خلق، رلڻو ملڻو، صاف، پاڪ


    ڪافي تنهنجون شاهي شان شباب اکيون،

    ڪافي

    تنهنجون شاهي شان شباب اکيون،
    ٻئي مست مَڌُر مهتاب اکيون.
    سالڪ سهڻيون سندر سدوريون،
    خوب خماريل اُپٽ اڌوريون،
    ٻئي بانڪيون بي حجاب اکيون.
    نرم نماڻيون نازڪ نوري،
    عطر عنبر ڄڻ مشڪ کٿوري،
    ٻئي نرگس رِيءَ نقاب اکيون.
    گلشن گول گلاب گھِريون،
    نازڪ نرمل نوري نهريون،
    ڪن ڪڏهن ڪين عتاب اکيون.
    پارس پرجهيل شافع پياريون،
    سهڻيون صاف سٻاجهيون ساريون،
    لاهن ولهن تان هي عذاب اکيون.
    رحم ڀريون ٻئي رحماڻيون،
    ’صوفي‘ سخاوت واريون سياڻيون،
    ٻئي لائق ۽ لاجواب اکيون.
    *

    . مَڌُر = مِٺو رسيلو


    ڪافي تنهنجون مست شرابي لعل اکيون

    ڪافي

    تنهنجون مست شرابي لعل اکيون،
    ڄڻ آهن بدر هلال اکيون.
    ڪنڍڙيون ڪجليون ڪيف ڪمالي،
    جانب جلوي دار جمالي،
    ٻئي واڍوڙين لئه وصال اکيون.
    بانڪيون ٻئي بي باڪ بهادر،
    نازڪ نرمل نينهن نڇاور،
    تنهنجون بيشڪ ٻئي بي مثال اکيون.
    لائق لعل لکيسر لالون،
    چلن سلوڻيون چوکيون چالون،
    ٻئي گول گلابي گُلال اکيون.
    سرمي ساڻ سينگاريل ساريون،
    منهن ۾ ٻئي محبوب موچاريون،
    قرب ڀريون سي ڪمال اکيون.
    ريجهه رمز ۾ ريبين رلڻيون،
    ’صوفي‘ سٻاجهيون منور مِلڻيون،
    تنهنجون جوت ڀريون سي جمال اکيون.
    *

    . هلال = پهرينءَ جو چنڊ
    . لکيسر = لک پتي
    . ريبين = هِرکائين، موهين. ڌُتارين


    ڇڏيندين دربدر ٿيندين

    پرين پارس ڏنئه پروَر، ڇڏيندين دربدر ٿيندين!
    ٻيو ملندءِ نه ڪو دلبر، ڇڏيندين دربدر ٿيندين!

    ڳولي ڀلي ڳوٺ ۽ ڳليون، ڏسيون ۽ ڏيهه ڏس ڏوري،
    ملي سگهندءِ نه ٻيو منور، ڇڏيندين دربدر ٿيندين!

    ڳلي لائي ڳولي ڳَهلا، ڀُليا پنهنجا ڪرڻ وارو،
    ڀلارو ڀرجهلو پرور، ڇڏيندين دربدر ٿيندين!

    اندر ۾ عشق رکج سانڍي، سچي نيّت رَکج نظرون،
    اکين آڏو هجي انور، ڇڏيندين دربدر ٿيندين!

    هڙان ۽ ٿئي وڙان شافع، وسيلو بي وسيلن جو،
    نه ڪا ويجهڙ ۾ ٻي واهر، ڇڏيندين دربدر ٿيندين!

    لڱا سِيرون لنگهائيندو، انڌن اوجهڙ نه ٿئي آڏي،
    اُڪاري ناخدا اطهر، ڇڏيندين دربدر ٿيندين!
    دليون ٿو داسڙو پرکي ڪٿان ڀي ٿو سگهي ڪوٺي،
    سٻاجهو جي سخي سرور، ڇڏيندين دربدر ٿيندين!

    ڍڪي ڪوئي اچج چولو، ڪنهين ڀي قافلي سان گڏ،
    *”محمد مصطفيٰصه جو در، ڇڏيندين دربدر ٿيندين!“

    سندن آ ڏاج ڏاتاري، ڏڏن کي ڏان ڏين ڏوڻا،
    لٿي جن جي مٿان چادر، ڇڏيندين دربدر ٿيندين!

    سمون، وينجهر، سپڙ، جکرو، نه ٻيٽو راءِ ويرم جو،
    ڪرن وهندو نه پوري ڪر، ڇڏيندين دربدر ٿيندين!

    سوالي ڪو هٿين خالي، دران پنجتن نه آ وريو،
    سخا جو در اهو تونگر، ڇڏيندين دربدر ٿيندين!

    اچين ٿو در تون پنجتن جي، کڻي هيءَ ڪيڏڙي ڪِستي،
    هتان خرزين ڀري ڪر پُر، ڇڏيندين دربدر ٿيندين!

    سڏيندا سو سڳر ’صوفي‘ ڏورانهين ڏيهه جو طالب،
    ٿجان صلواة جو ذاڪر، ڇڏيندين دربدر ٿيندين!

    وينجهر = ڏاهو، سياڻو. سَپڙ = سخي سردار.
    خُرزين = وهٽ تي سامان کڻڻ جي ٻِٽِي ڳُوڻ
    * مير محمد ’ميرل‘ جويو کي جده – عربستان موڪليل (طرحي غزل)


    چار ڏينهن

    بس فقط مهمان هي منٺار آهي چار ڏينهن،
    مهر پرور مانَوَر مختيار آهي چار ڏينهن!
    جوڳ کي پورو پچائي جلد ويندو جاءِ ٻيءَ،
    جوءِ ۾ جوڳيئڙو جونجهار آهي چار ڏينهن!
    واهه جو ڏيندو ونڊي جيڪو وٽس ايندو وٺڻ،
    ورهه جو واپار هت وڻجار آهي چار ڏينهن!
    بي مُلهن موتين سنديون مُٺيون مڱئي ملنديون پيون،
    پارکو پاڻيٺ جو وينجهار آهي چار ڏينهن!
    ٻول ٻاجهارا ٻڌڻ صورت پسڻ سبحان الله!
    لحن شيرين جي سنهي گفتار آهي چار ڏينهن!
    اُڀ منجهان آيو ڪڪر هي ويس رنگا رنگ ڪري،
    بوند جي برکا هتي وسڪار آهي چار ڏينهن!
    ريٽ ٿو لوڙهي هڻي ڇوليون ڪنارن کي تکيون،
    موج هيءَ مهراڻ جي ڌڌڪار آهي چار ڏينهن!
    سارين جي پوک ۾ بس اڄ سڀان ڏانٽو پيو،
    ڪُونجڙيُن جا هت قدم ڪڻڪار آهي چار ڏينهن!
    هِت ته آهي بزرگي پر هُت وڃي ٿيندو ولي،
    هن فقيري فيض جو ديدار آهي چار ڏينهن!
    *

    . لحن = مِٺو سُريلو آواز


    قطع ڪر ڪو ترس طبيب

    وائي بادي، تپ آ تپايو، سور سرير جو سک وڃايو،
    ننڊ نه آهه قريب، ويهي وِهايان رات ٿو ساري!

    خون کٽي ويو حواس هي هيڻا جلن ڳرن ٿا جيرا ٻيڻا،
    حڪيم ٿيءُ حبيب، لاهه بري تون هيءَ بيماري!

    ڏيل ۾ ڏڪڻي مغز تي موڳائي، خشڪ نڙي آ وري نٿي وائي،
    ’صوفي‘ آهه غريب، نام مولا جي مڃ نيزاري!

    *


    قطع

    قطع

    ڪينَ سڃاتئي يار طبيبا مرض اسان جو

    عشق اندر ۾ آگ اٿاري، برهه بدن ۾ باهه آ ٻاري،
    ڪونهي تپ بخار سڻ تون حڪيما عرض اسان جو!

    سلهه نمونيا قبض نه ڪائي سرسام سوري ساهه نه سائي،
    ڪڙي دوا ڏِين قهار پيو؟ پيڻ ٿي فرض اسان جو!

    ڪين جراحن ويڄن ڇڏايا، عشق اري جي ”صوفي“ آيا،
    محب ملي منٺار، جنهن سين غرض اسان جو!

    *


    ڪافي

    ڪافي

    وساري يار تون ويٺين

    وساري يار تون ويٺين ڏسي منهنجون هي اگلايون.

    ڪڏهن مون ڪينڪي ساجن برابر هٿ سين منهن ڌوتو،
    نڪي تنهنجي رضا موجب چاڙهيو مون پاڻ کي چوتو،
    مٿو منهن ۽ گنديون ميريون کنيم منجهه گوڏ گدلايون.

    نڪا پرهيز جي عادت مئا جيئرا وڃان کايو،
    برابر ٻهرپيري ٿي ٻين سين نينهن مون لايو،
    پيس چنبڙي، اهي چالون برابر مون نه بدلايون.

    ورڻ منهنجي وسان ويئڙو ورايو هاڻ وس پنهنجي،
    ڀليل ڀٽڪيل نِيو ڀوري گولي گھِلي هيءَ گس پنهنجي،
    ڪُڌا ڪرتوت ڪُل ڳڻيو، ڪريو ’صوفيءَ‘ جون سگلايون.

    *


    غزل

    غزل

    کٽي قسمت!

    وڃان ٿو يار جي در تي سوالي ٿي، کٽي قسمت!

    ڪِستا ۽ ڪوڏ ٻيون ڪنريون نفيلون ناد ۽ بگريون،
    ڪنين ڪنڍل ڪري ڪفني ڪمالي ٿي، کٽي قسمت!

    کڻي چنگ ۽ کِداؤن مان، وڃي در تي صدا هڻندس،
    ڪڏهن ورچي نه مان ورندس جلالي ٿي، کٽي قسمت!

    وصل جو جام مئي گهرندس، ڏيڻ کان ماهه نا مڙندس،
    ڏئي سر ساهه ڀي پيئندس، موالي ٿي، کٽي قسمت!

    ڪجو دعائون جمالي ٿيان، سوالي مان نه خالي ٿيان،
    وڃان ’صوفي‘ ته سينن سان وصالي ٿي، کٽي قسمت!

    *


    ڪافي

    ڪافي

    وڃان ويڙهه وري ولهارن سان،
    پيئان پاڻي پَلُرَ جو گڏ پنوهارن سان.
    ٿريا ڄام ٿري منهنجا اباڻا ايندا،
    وٺي ولهي وطن وري وارث ويندا،
    ڏوڻا ڏيج ڏکيءَ کي اچي ڏکي سي ڏيندا،
    ملان سکين سانگين سنگهارن سان.
    ڪنڍي ڀرت مڪا بن لال زريون،
    هيرا موتي مرجان رپو سون زريون،
    تنهنجا ريشم پٽ ڪيان ڦاڙي ذريون،
    نٿو جڙجيم جيءُ جنسارن سان.
    سلي سورن ڪيو جسم جيئن پرڻو،
    ڀانيا مرڻو هتي گڏ پنوهارن پرڻو،
    من پهن سان پائر ڏي پريم پرڻو،
    پڄن ٻول ٻڌل ٻڪرارن سان.
    هن چنڊ ۾ چونڊيا مون ٿي پيرون پر،
    هتي هيل نه سگهان ڪري ساڳي پر،
    ملان ڪيئن مان مارن سان ناهي بال نه پر،
    ڪاهي ڪيئن وڃان ڌڻ ڌنارن سان.
    ڀانئي ڀيڻ مون کي ٻي شادي ڪر،
    آئون ڪين لڄائيندس اباڻو ڪُرُ،
    مرڪان جيئن مان مارن ۾ ڪري اونچو ڪر،
    جڏهن ’صوفي‘ گڏ ٿيان ٿر وارن سان.
    *


    ڪافي

    ڪافي


    هينئڙي لڳي ڪا هير

    هينئڙي لڳي ڪا هير، وري واهوندن جيءُ جياريو.

    قيد عمر تنهنجي ڪيئن مان گهاريان،
    هن مند پنهنجا مارو ساريان،
    لاهه تون ظلم زنجير، پرت مان پنهنجن آهه پڪاريو.

    رات عمر مون خواب ڏٺو آ،
    ملڪ اباڻي مينهن وٺو آ،
    مون کي پاڪ پنير سرتين آهي پاڻ پياريو.

    مند هن مون کي ملير وڃڻ ڏي،
    منهن مارن جو ڏکيءَ کي ڏسڻ ڏي،
    اٿم انهن جي اڪير، ڏينهن گهڻا مون آ گوندر گهاريو.

    ”صوفي“ وطن کي ساري رئان ٿي،
    ادا عمر توکي عرض ڪيان ٿي،
    ثابت رکڻ ڏي سير، مرم مون کي آهه ملير جي ماريو.

    *


    نظم

    نظم

    نيٺ ته اُڀري ڏينهن به ايندو نيٺ اُجالو ٿيندو،
    نيٺ ته مهذب ملڪن سين گڏ اسان جو ڀي نالو ٿيندو.

    نيٺ ته مٽجي ويندي جھالت نيٺ ته روشن دور به ٿيندو،
    نيٺ اگياني ختم ٿي ويندي گيان ڌيان جو زور به ٿيندو.

    نيٺ ته ظلم و تشدد جا هي دور سڀيئي ختم ٿي ويندا،
    نيٺ ته مظلومن کان ظالم مار به کيندا هار به کيندا.

    نيٺ ته مرد مجاهد ايندا نيٺ ته ڪانئر ڪڙڪڙ ٿيندا،
    نيٺ ته مومن هوندا مڙئي نيٺ ته موذي ٿڙ ٿڙ ٿيندا.

    نيٺ بدلبي ويراني، ٿي ڏيهه سڄو آبادي ويندي،
    نيٺ بهار ايندي هتڙي، ٿي ته خزان بربادي ويندي.

    نيٺ ته گڏجي هڪ ٿي ويندا سيف ۽ صوفي مليل رهندا،
    نيٺ ته لطف و راحت جا ٿي گل سڀيئي ٽڙيل رهندا.

    *


    10-09-80

    10-09-80
    غزل

    ارادہ کیا ہے

    اگر مارنے کا ارادہ کیا ہے،
    نظر ہی ملالو تو مرجاؤنگا میں۔

    نہ تیغ وتبر صرف ناخن حلق پر،
    دبادو نہ گردن ہلاؤنگا میں۔

    اگر تیر سازی ہے سینے پے کرنی،
    بلالو تو فوراً آجاؤنگا میں۔

    رنگت خون چاہو گر مہندی کے بدلے،
    ہے حاضر جسم یہ نہ ہٹ جاؤنگا میں۔

    طبع چاہتی ہو تو زہر بھی پلادو،
    تیرے ہاتھ سے سب ہی کھا جاؤنگا میں۔

    اگر دار پے تم ہو لٹکانا چاہتے،
    حکم دو یہ کر کے دکھاؤنگا میں۔
    *


    13-09-80

    13-09-80

    غزل

    دلِ شاد کے لئے

    تیری گلی میں آئے تھے دلِ شاد کے لئے،
    آئے نہ کرنے خود کو برباد کے لئے۔

    دیدار فقط کرنا ہے کوئی نہیں شکایت،
    آئے نہ سمجھو ہیں ہم فریاد کے لئے۔

    رخسار اور ہونٹوں کو ہے چومنے کی چاہت،
    بننے کو ہم تیار ہیں فرہاد کے لئے۔

    آنکھیں تو ہیں صیاد اگر قاتل طبع بنے تو،
    حاضر ہے سر پیارے اس جلاد کے لئے۔

    آنے کی آرزو ہے تیرے حضور میں،
    ٹھہرے ہوئے فقط ہیں ارشاد کے لئے۔

    *


    غزل

    غزل

    دل لگانے کے بدلے

    سزا تونے دی دل لگانے کے بدلے،
    مجھے پیار اپنا جتانے کے بدلے۔

    نراسا کیا دل کو اس میں مچایا،
    غموں کا طلاطم ہنسانے کے بدلے۔

    نگہدار تجھ کو کیا میں نے دل کا،
    اجاڑا اسی کو بسانے کے بدلے۔

    تمہارے ہی قدموں کو ہے چومنا سر،
    جھکاتا رہوں گا اٹھانے کے بدلے۔

    فقیروں کی کٹیا کو تھامے ہی رکھتے،
    مناسب بنانا گرانے کے بدلے۔

    تمہیں تھا مناسب اسی دل سے کرنا،
    وفائیں پیارے دُکھانے کے بدلے۔

    ملیگا نہیں تجھ کو یہ یاد رکھنا،
    سدا غم ہی میرے رلانے کے بدلے۔

    نتائج تو ’صوفی‘ هيں الٹے ہی نکلے،
    خفا وہ ہوئے دل ملانے کے بدلے۔
    *


    غزل

    غزل

    آهي طاقت شباب کي

    محبوب ڇڏ تون مون کان هاڻي حجاب کي،
    واجب نه آ ستائڻ عاشق بيتاب کي.

    جلندي شمع جلائي هي ري پچڻ پچائي،
    تنهنجي اهائي آهي طاقت شباب کي.

    ديدار تنهنجو دلبر ممڪن نه آهه سامهون،
    ويهي ڪرڻ حسن جي دهشت ۽ تاب کي.

    بي حال ٿي وڃڻ جو تڏهن مزو ته ايندو،
    رخ تان جڏهن هٽائين پردي نقاب کي.

    تنهنجو ڏسڻ اي سهڻا بهتر آ مئي پيئڻ کان،
    ايڏي نشي ۾ طاقت ناهي شراب کي.

    ”بک شينهن جي پيا مرندا ڊڀ ڪين سي ته چرندا“،
    عاشق تنهنجي ئي ڪڙهندا عزت ۽ آب کي.

    ديدار تنهنجي جو جي ’صوفي‘ ڪنان ڪو پڇندو،
    پڪ ڄاڻ تاقيامت سڪندو جواب کي.

    *



    غزل

    نيٺ ملندو کولي نقاب

    ناصح! کڻي اٿي وڃ پنهنجي ڪتاب کي،
    محبوب رِيءَ نه سهندس ٻئي جي عتاب کي.

    واجب حسن پرستي مذهب اسان جي ۾ آ،
    سَهڻو اٿئون حُسن جي دهشت ۽ تاب کي.

    آداب ٿا حسن جو هر وقت فرض ڄاڻون،
    عاشق سلام ٿا ڪن سُهڻي جناب کي.

    اي زاهدا! عبادت آ جاترا حسن جي،
    پُڃ ڇو ڇڏي وڃايون عاشق ثواب کي.

    محڪم سدائين سهڻي جي حڪم منجهه رهندي،
    صادق ڏسن نه ڪڏهين ليکي حساب کي.


    ليکو نه يار سين ڪو ناصح! اسين ڪنداسين،
    لائي ته ڪن ٻڌي ڇڏ هن ئي جواب کي.

    مقصد سندءِ آ ڪهڙو ڇو ٿو تون برغلائين؟
    ابليس جي ڇو چنبڙي پيو آن خطاب کي؟

    پورو پڪو ٿي صادق! پوءِ يار کي به چئبو،
    محبوب ڇڏ تون مون کان هاڻي حجاب کي.

    طالب جنهن جي حسن جا ’صوفي‘ اسين ٿياسين،
    هڪ ڏينهن نيٺ ملندو کولي نقاب کي.

    *





    ڪافي

    ڪيتم دل حوالي يار

    کڙو کا مئڪون چالي يار، ساري ڪل سنڀالي يار،
    مرڪي ماهي ڪيوين مرندئين سڄر ديدان دي ڀالي يار!

    تيغ ابرو دي تير مزگاني،
    جهٽ سيني وچ سٽ او جاني،
    اي ڪانَ نيڻان دي ڪمهلي يار!

    مار جگر وچ قرب ڪٽاريان،
    سور سوز ديان آون بهاريان،
    سٽ بيني والي دنالي يار!

    خام، خودي دا خيال ڇوڙياسين،
    ننگ ناموس بن مت ٻوڙياسين،
    اسان نڪل ڳيوسين حالي يار!

    کڙو وکا ير اسان ڪون مکڙا،
    ٿيوَنِ ”صوفي“ دا دور سڀ دکڙا،
    تئڏي ڪيتم دل حوالي يار!

    *


    ڪافي

    ڪافي

    جوڳي جُوءِ ڇڏي ويا

    جوڳي جُوءِ ڇڏي ويا، مون معذور کي ماري.

    روحان عشق آديسين آهيم، تڏهن طرف ڪابول جي ڪاهيم،
    لڳي لاهوتين لاري، جوڳي جوءِ ويا ڇڏي.

    سڪ سامين جي سير ڪرايا، ملڪوت، ناسوت، جبروت، گهمايا،
    هنجون هنگلاجان هاري، جوڳي جوءِ ويا ڇڏي.

    ديکيم دوارڪا، مندر وڃي، ڪين هئا عاشق اتي اويسي،
    نڪي گنگا جي گهاري، جوڳي جوءِ ويا ڇڏي.

    آهن پيا اڄ خالي خالي اوتارا، پورب پنڌ سي پيا وڃي پيارا،
    باهه بيراڳي ٻاري، جوڳي جوءِ ويا ڇڏي.

    گَجندي گُڙندي گُر ڏي هليا، جهل پل ڪنهنجي نا ”صوفي“ جهليا،
    مليا نانگا، ناٿ نهاري، جوڳي جوءِ ويا ڇڏي.

    *


    غزل

    غزل

    جڳائي جانب هر هاڪ

    ماندا ملڻ لئه آهن مشتاق يار توکي،
    آيا اجهي ڏيکارڻ دل چاڪ يار توکي.

    خوف و خطر کان خالي نازن سين نيڻ ڀريل،
    مولا ڏنا هي منهن ۾ بيباڪ يار توکي.

    تابش جهلي حسن جي ناز و ادا جي اڳيان،
    ناهي اچڻ ڪا سامهون مذاق يار توکي.

    چنچل، حجابي هردم سهڻي، سٻاجهي، طبيعت،
    تنهن لئه چئي مرحبا افلاڪ يار توکي.

    شيرين زبان ۽ مرڪڻ تڪبر نه دل ڏکوئڻ،
    ڏاتر ڏنا هي سهڻا اخلاق يار توکي.

    جيڪي چون خصائل، اوصاف سڀ حسن جا،
    آگي ڪري ڏنا سڀ اِملاڪ يار توکي.

    رهجان مٺا مدامي منهنجو ٿي يار مون وٽ،
    دلڙي ڪري ڏني مون اوطاق يار توکي.

    ناهي زبان کي طاقت ڳڻ ڇا ڳائيندو ’صوفي‘،
    بيشڪ جڳائي جانب هر هاڪ يار توکي.
    *


    88-09-06

    88-09-06

    غزل

    دليرن جون دليون

    دليرن جون دليون دلبر ڀلا چؤ ڇو ته ماريون ٿئي؟
    وئين جيڪي ڦُري ڦورُو وَرِي سي ڇو نه واريون ٿئي؟

    نرڙ تي جاڙيون جوڙي رکي ويٺين ته تلوارون،
    ڪَٽورِيُن ۾ ڪَٽاريون چؤ ڀلا يَرَ ڇو ته ڌاريون ٿئي؟

    رکي رائيفلون وچ ۾ اَڇيون گوليون هِيرن جھڙيون،
    رنگيني آرسيون پاسن ڪنان چؤ ڇو سينگاريون ٿئي؟

    وڏا واسينگ ڪن واهيت وجهي وِهُه وات وَٽَ کايو،
    تنين جي جهَٽَ جَهڙپَ سان ڪئين حياتيون ڇو ته کاريون ٿئي؟

    سندءِ ڪيئي ڪوٽَ ۾ قابو رکيئي سامهون ڀَري توبُون،
    اُڀيون دل جي بچائڻ لئه مٿان ڍالون به ڍاريون ٿئي؟

    نڪي کاڌئي رڳو چِيري ڇڏيئي اُڇلائي ’صوفيءَ‘ کي،
    ڪرڻ ايڏيون ته اَرڏايون ڀلا چؤ ڪنهن سيکاريون ٿئي؟

    *


    88-08-11

    88-08-11








    نظم


    جڏهن ٿيندينءَ ٽڙي گلڙو

    ختم پردو، جنم ڀومي، ڇڏيندينءَ پن، ڪنڊا، ٽاريون،
    مُکِڙي! جُوءِ ٻي ڏسندينءَ، جڏهن ٿيندينءَ ٽڙي گلڙو.

    سبب سورن سندءِ جو سا سندءِ ئي سُونهن ٿي، گلڙا!
    تڏهن تنهنجي سريران سُئي، ٿي آروپار سا اُڪري.

    خبر ناهي ته گل! توکي، ڇڏيندو ڀاڳ ڪِٿ نيئي،
    دٻو، يا باهه، سئي، لاشو، قبر تي يا لَتُن هيٺان.

    *


    88-11-07

    88-11-07





    ڪافي

    اچي ڏس تون ڍولا سندم حال هاڻي،
    تنهنجي بي رُخيءَ ڪٿ ڇڏيو آهه آڻي!

    ڏئي هيج هيري هنيون هٿ ڪري وئين،
    پاڻ ئي پوءِ پاڻهي تون ٿيندو پري وئين،
    ويو سور وڌندو الله پاڪ ڄاڻي!

    ڪَيئي قيد قابو وجهي ڪمند ڪڙيون،
    هٽائڻ لئه هرهر وڌئي آنٽون اڙيون،
    ڇنايئي ڇڪيون ڏئي، سنهي تند تاڻي!

    چيو اڳ تو مون کي ٿي جانڻ پيارو،
    ٿئين اڻ سڌو اڄ منهنجو تون به مارو،
    ترهي ريءَ تانگهي مان وئين اونهي اُماڻي!

    *


    گيت

    گيت

    راند ڇڏ!

    ڇڏ وطن تان جان گهوري، لڪ لڪوٽي راند ڇڏ!
    وِسِوِسا ڇڏ کڻ وکون، سکڻي سُڃي هيءَ ماند ڇڏ!

    شاهه شرياني سندءِ کي ڏس ڏنل آهن ڳنڍيون،
    ڪوڙڪيون هرجاءِ تي تَنهِن تي پيون آهن مَنڊيون،
    خون تنهنجي تي ته ڪارا نانگ ويٺا ڦڻ ڪڍي،
    ڇِنُ ڳنڍيون ۽ مار ڪارا، سُڃَ ڪري سيراند ڇڏ!

    مار پاٿاريءَ ڌڻي ۽ مار گهر ۾ چور، جي،
    ڪن گِوالي ٿا لڪي آهن ٻِرن ۾ نور، جي،
    ڪي ته لوڙهي جي اندر ۽ ڪي ڀتين جي اوٽ ۾،
    وِيرَ! ويڙهي مان هي ويري سڀ ڪڍي وڙواند ڇڏ!

    خون چوسيندڙ ڪري، ٿو بند پيتيءَ ۾ سگهين،
    رول رمزن ٿو رُلائي راڙي ريتيءَ ۾ سگهين،
    آڻَ تُنهنجي هي مڃي سڀ لانگ هيٺان اڪرندا،
    سيگهه مان سوگهي ڪري پختي پڪي پيراند ڇڏ!

    سڀ نياتي هت سڏي تون ڀائپيءَ کي ڪر پڪو،
    ڇا، ٻِڪِي ٻارهو هجي ڄڻ سڀ پَتا آهن يڪو،
    ڀولُ ڀڃ بَدَ تُرِپَ جو جيئن ڪاٽ ۾ سڀ ڪم ڏين،
    هاڃ هڻندڙ ساڻ هاڻي هوڙهه تون هيڪاند ڇڏ!
    *


    88-05-13

    88-05-13

    غزل

    شابس تنهن جگر کي

    سُورَ سَهِي پيو کِلي ۽ مُرڪي شابس تنهن جگر کي آهي،
    پُڄي گدڙ سان ڪين سگهي شابس تنهن شير ببر کي آهي.

    ڪالهه ڪنهن ڀت مان اڄ ڪنهن ڀت مان روزانو ير کاٽ لڳي ٿو،
    چور به خالي ڪين وڃن ٿا شابس انهيءَ گهر کي آهي.

    بگهڙ روزانو حملو ڪن ٿا پَهرُو ماري هرڪو کائي،
    نه ڪي وڙهي يا جُوءِ ڇڏي ٿو شابس تنهن وَلَرَ کي آهي.

    گاهه به چاري بوسا ميڙي کير ڏُهي ڏي ڌارين کي ٿو،
    پنهنجي ٻچن کي پاءُ به نه حاصل شابس تنهن ميهر کي آهي.

    دشمن کي جا دوست ٿي ڄاڻي نانگ ڳچيءَ ۾ هار ٿي پائي،
    نفعي ڇيهي جي پرک نه ڪا تَنهن، شابس سمجهه نظر کي آهي.

    ڏسندي ٻڌندي ٻانهه وڍيائون سور جراحيءَ ۾ ڪو ٺاهي،
    سُنَ ڪرڻ جي سَئِيءَ جو ڪَيڙو شابس تنهن اثر کي آهي.
    *

    87-08-15


    غزل

    غزل


    پرين! ڏيو جاءِ پاڙي ۾

    ڇڏيندس ڪين جند تنهنجي سوالي در پيو هوندس،
    سندءِ ديدار جو طالب هڪيو هرهر پيو هوندس.

    پَسان سو نُور جنهن مان آ مٺا توکي خدا خلقيو،
    اُنهيءَ جي مان زيارت لئه اِتي انور! پيو هوندس.

    شفاعن ۽ سخائن جا سوين ڪوهين سُڄن سڏڙا،
    ٿين پيارا پرين تن کان اَجها، اطهر! پيو هوندس.

    پرين! ڏيو جاءِ پاڙي ۾ رکي پيرن تي سِرُ سمهندس،
    نوازي دادلو ڪريو ”صوفي“، سرور! پيو هوندس.

    *


    87-07-17

    87-07-17
    گيت

    مان ۽ بي ڪسيءَ جي شام

    هيڪ مان ۽ ٻي ته منهنجي بي ڪسيءَ جي شام آ،
    سا ملي زندگي نه مون کي جنهن جو محبت نام آ.

    ڇا چوان تو ڇا چيو ٿي سو ويئي وسري سڄڻ،
    بس ويئي وسري اڳيان پويان لڳئي مصري سڄڻ،
    بي بها آئون ڪڏهن، پر اڄ نه منهنجو دام آ.

    سي نه اڄ ڏينهنڙا ٿي جن ۾ گڏ گذاريو تو سڄڻ،
    ٻولُ مينهن وسندي ڪيئي جو، سو نه پاريو تو سڄڻ،
    بي وفا چئه پيار منهنجي جو اهو انعام آ؟

    اي ”عباسي“ تون به هن جو هاڻ پيڇو ڇڏ کڻي،
    ٺوڪرون کائي ڀلي هُن کي اها آهي وڻي،
    بي رخيءَ جو نيٺ ٿيندو يَرَ اهو انجام آ.

    *

    ايڪ مين هون ايڪ ميري بَيبسِي ڪي شام هَي
    غزل جو نقل ۽ تتبع ماستر صاحبڏني عباسي حيدرآباديءَ لکي موڪليو هو، جيڪو ڪنهن به طرح ٺيڪ نه هو؛ انهن خيالن کي جڙاوَ ڏيئي کيس موڪليو ويو.

    87-07-10


    ڪافي

    ڪافي

    منڊلُ ڍولڻ تنهنجي نار تي

    رات رهي يَرَ ڏاڍو ڏٺوسون
    منڊل ڍولڻ تنهنجي نار تي.

    رڍون ۽ ٻڪريون، مينهون، ڍڳيون،
    ڪاريون ڪَڪِڙيون ڀُوريون بگيون،
    ويل ڏهائيءَ گُوهن گُهوگُهو،
    مڻ کيرن ڌارو ڌار تي،
    منڊل ڍولڻ تنهنجي نار تي.

    ويل واهيري جوڳ مَٽائِي،
    ”هُون پٽ!“ هونگر هونگ مچائي،
    رينگٽ نارن جو گڏ پئي ٻُريو،
    ڳاڌيءَ واريءَ، ڳٽڪار تي،
    منڊل ڍولڻ تنهنجي نار تي.

    گاڏر، هاري، ڏاند هزاري،
    جوڌا کلمک تنهنجا هاري،
    ڀلا گهوڙا ڀليون ٻنيون،
    مڻ هزارين ٻار تي،
    منڊل ڍولڻ تنهنجي نار تي.

    کاڄ سلوڻا کير، ڀت، مصريون،
    ڏڌ، مکڻ ڪين ماکيون وسريون،
    خوش کارائيندي ٿي ٿيڙا،
    وَرَ وَرَ وَٽي جي وار تي،
    منڊل ڍولڻ تنهنجي نار تي.

    ڏور، دوراهو، هنر، ڳجهارت،
    گهڙي، ڍولڪ جي وڏي مهارت،
    بيت نڙن تي ڪافيون يڪتاري،
    ’صوفي‘ رَسُ سُرن جي سار تي، منڊل ڍولڻ تنهنجي نار تي.

    *


    87-06-27 ڇنڇر صبح


    سينگار

    سينگار

    حسن آ اعليٰ سڀن کان دلربا دلدار جو،
    ڪونه مَٽ ملندو ڪٿي ڪو منهنجي ڍولڻ يار جو.

    ويڪرو سينو سندس آ قد ڍلياري ٻٻر جان،
    چيلهه چهبڪ کان سنهي سا شير شاهي ببر جان،
    ڏيل، ڪايا ۾ نه ڪو جھڙس ڪٿي آهي جُڙيل،
    پيرُ ڀي لڪدارُ نازڪُ، آ مٺي منٺار جو.

    ننهن ته ڪاغذ جي مثل ۽ آڱريون سنهيون ڊگهيون،
    ڏاند پڇڙيءَ کان ٻئي ٻانهون ورن ڀوريون سگهيون،
    ٻُرَ مٿان ٻانهن سونهين ٿي رنگ سوناري سندي،
    نقشَ، ڇا سگهندس چِٽي هرهڪ حسن جي پار جو.

    وِارِ اونده کان به ڪارا شهه ڏين ريشم سڳي،
    پَرَ هڻن پتنگا مٿان ڀؤنرن وڌا ڀؤنرا ٺڳي،
    ٻئي ڀرون جاڙا ڪماني جوڙ جوڙيندا جڙيا،
    نُورَ وَرُ، نرمل نرڙُ، باتاب تجليدار جو.

    اڌ لڳيون خوابي خماريل ٻئي سي ٻاجهاريون اکيون،
    ڪاريون ڪيفي ڪڪوريل جوت جالاريون اکيون،
    نُورَ جت تجلو وجهن تان ٿا اتان گوندر هٽن،
    نُورُ نازڪ کي سريو سو آهه نِرَ آڪار جو.

    ڇا حَسين مکڙو ۽ ڄاڙي چپ گلابي ورق جان،
    سڀ اڇا جَهرڪن پيا سي ڏند موتي برق جان،
    آ مٺي پاٻوهه واري ڍول منهنجي جي زبان،
    وڄ ڪنان واڌو پوي ٿو پرتوو رخسار جو.

    ٻاجهه ور ٻاٻيس سين ٻولن ٻڍي ۽ ٻار سان،
    اوٽ اڙين ۽ اٻوجهن ڪن شفا بيمار سان،
    حُسن جي حد ٿي وئي اوصاف ۽ اخلاق ۾،
    آهه ’صوفيءَ‘ سو سڄڻ پارس پرين پڳدار جو.

    *


    87-06-26


    غزل

    غزل


    دلبر ڪڏهن منهنجو به هو

    دلربا جو مان هئس دلبر ڪڏهن منهنجو به هو،
    دادلو ٿي ات اچڻ هر هر، ڪڏهن منهنجو به هو.

    لام هڪ ۾ آشيانه ٻئي پئي لَٽڪيا لُڏيا،
    هڪ سندس مسڪن ٿيو ٻيو گهر، ڪڏهن منهنجو به هو.

    ٻول ٻاراڻا هئا ۽ ٻوليون ٻاتيون هيون،
    آمَ سامهون در سندس جي در، ڪڏهن منهنجو به هو.

    ٿي اشاري ساڻ اک جي پيار جون ڳالهيون ٿيون،
    ڍول ماروءَ جي مثل نرور، ڪڏهن منهنجو به هو.

    ناز ڀريا نيڻ نرگس نيم خوابي پُرخمار،
    اڌ لڳين اکين ڌڻي انور، ڪڏهن منهنجو به هو.

    ڏند موتين کان مٿي رخسار آئيني مثل،
    گل بدن، گل بوءِ سو گوهر، ڪڏهن منهنجو به هو.

    حسن جنهن جي تي هزارين ڀؤنر ٿيا ڀيرا ڏين،
    مَهه لقا، سو، مهجبين منور، ڪڏهن منهنجو به هو.

    جيئن لکن عارف! گڏي ڪاتب الف کي لام سين،
    تيئن صنم سين ڳل ڳراٽي ڳَرُ، ڪڏهن منهنجو به هو.

    بي بقا هيءُ بيوفا ’صوفي‘ متان بانور ڪرين،
    جوت، جوڀن، سونهن، سگهه تي ٻَر،ُ ڪڏهن منهنجو به هو.

    *
















    هيءُ شعر ميرپورخاص جي رهواسي فقير پنهل عارف کي موڪليو


    ڪافي

    ڪافي

    جي پڄئي ته پنهنجو پاڻ پچاءِ،
    نه ته گندي رئڻ کان ماٺ مِٺي ٿَئِي.

    عشق جي چاڙهي اوکي اڙانگي،
    جي پڄئي ته اڳتي پير وَڌاءِ،
    نه ته وچان ورڻ کان ماٺ مِٺي ٿئي.

    پچڻ ۽ پڄرڻ، لڇڻ ۽ ڦٿڪڻ،
    جي پڄئي ته سِرَ تي سُورَ وساءِ،
    نه ته وچان ورڻ کان ماٺ مِٺي ٿئي.

    حُسن آ ٽانڊا ٻاٻر ڪنڊيون،
    جي پڄئي ته پنهنجو جيءُ جلاءِ،
    نه ته ڏنڀن سهڻ کان ماٺ مِٺي ٿئي.

    ’صوفي!‘ سانگا ساڻ نه کڻبا،
    جي پڄئي ته لوڪان پاڻ لڪاءِ،
    نه ته کُلي نچڻ کان ماٺ مِٺي ٿئي.

    *
    87-05-07


    غزل

    غزل

    مينهن آيو ڪار ڪري

    ڀاڳ ٿيا سولا سڻاوا مينهن آيو ڪار ڪري،
    ڏي پئي تجلا کنوڻ ۽ گوڙ ٿي ڌڌڪار ڪري.

    جِت نٿو پاڻي رسي بئراج جو ڪنهن ڀي طرح،
    اُت وڃي ٿو وڏ ڦڙو ڏس وس وڏي وسڪار ڪري.

    جِت پيا ڪرڙن ۽ ڄارين ۾ لڇن ڦٿڪن پکي،
    اُت وڃي ٿو تيز مان اڄ تل ترايون تار ڪري.

    جِت سَها، هرڻيون ۽ ٻاٻيها پيا پياسي لڇن،
    پلر جي پالوٽ اُت تڙڪول ۽ گوڇار ڪري.

    جِت اُڃاريون آب لئه چوڙيليون چؤنرن ۾ هيون،
    اُت وسي ٻانهنيارين جي ٿو ڇنن ڇٽڪار ڪري.


    کيٽ کوهر ويئريون ۽ ڀر پاسو ڀريا اجهي،
    ڏس وٺي جي واءَ ڇڏيو ٿر سڄو ٿڌڪار ڪري.

    هنڌ ٽپڙ ۽ ڀاڄيون ڏس ان اٽا ڍڪيا اٿن،
    سڪ ونديون سڪ مان هنجهن بيٺيون ڀٽن تي ٻار ڪري.

    مينهن ڄيٺي پُٽ پوڻيٺي ڀاڳ سين ”صوفي“ ملن،
    ڪئين لکين لائق لطف پيو هو ڪرم ڪلتار ڪري.

    *

    87-08-12


    ڪافي

    ڪافي
    (راڳ ڀاڳيسري)

    سگهو آءُ پيارا! توکي دل ٿي ساري،
    تڳي توهَه تنهنجي اميدن سهاري.

    اوهان رِيءَ عجيبا! ٿيو اوکو ئي گهارڻ،
    جدائيءَ ۾ جانب! جگر، جان ڳارڻ،
    ڪريو وَڙُ وِلهيءَ تي، اچو مون اوتاري.

    مُدامي مُدائون، سي مَنَ ۾ ملڻ جون،
    اکين کي به آسُون، اوهان کي ڏسڻ جون،
    رهيا نيڻ آهن سي واٽون نهاري.

    سندءِ شانُ جاني! دُکي دل ڌُتارڻ،
    اٻوجها ۽ اگلا، گوڏي گڏ گذارڻ،
    ڍڪيو ڍول! ’صوفيءَ‘ کي پاڙي وهاري.

    *

    85-04-18 خميس 26 رجب المرجب 1405هه


    ڪافي

    ڪافي
    (آسا)

    محبن جي مشتاق سان ٿيڙي خاص خاصي ملاقات وي.

    سڏجِي سُوريلي سهڻل آيا، پير پلنگ تي پيارل پايا،
    وائي مٺي ڪري وات وي- محبن جي.

    ڳارو ڏيئي ڳجهه ڳرهيائون، لکين لڪل سڀ پڌرا ڏٺائون،
    راز الاهي اڄ رات وي- محبن جي.

    کرن خبر ڪا، ڪانڪا پيڙي، ڪيئن، ڪٿي ۽ ڪهڙي ٿيڙي،
    برهه واري اڄ بات وي- محبن جي.

    صادق سهڻا سڏجن سيئي، پَڻي پروڙجي جن تي پيئي،
    سي لنوَن درد دي لات وي- محبن جي.

    بخشش ڪارڻ ٻئي کڻ ٻانهون، اُٿ، ڪر ’صوفي‘ عجز مان آهون،
    جهپ نه ڪجائين اڄ جهات وي- محبن جي.

    *


    طرز: ڪانگ لنوي مٺي لات وي محب مسافر ڄاڻ ڪي ايندا.
    85-03-30


    مزاحيه گيت

    مزاحيه گيت

    ڳوليان پيو

    يار گهرجي حسن کي جو ليڪ- سو ڳوليان پيو،
    ڪو ڪڍي جنهن مان نه ڪائي ويڪ- سو ڳوليان پيو!

    ڪانءَ وارو رنگ پڪو چهرو ته چٻ کي شهه ڏئي،
    نڪ مِني مان جئن ميڄالو دور کان ظاهِرِ ٿئي،
    هڪ ڇڏي پوءِ ٻيو هجي ڏند زرد ٻاهر وَڄَ جيان،
    چَپُ ڳرو ڪريل هجي ڏند شيڪ- سو ڳوليان پيو!

    هڪ هجي دوڏو وڏو ۽ ٻيو هجي سو چشم چُلهه،
    پاڻ کسُرو ۽ گنجو بي عيب سهڻو جھڙو گلُ،
    قد هجي تان ڄامڙو ۽ بدن ۾ فٽ بال جيئن،
    ٻارڙا جنهن کي ڏسي ڪن ڪيڪ- سو ڳوليان پيو!


    ڇاجو وهنجڻ ڇا سنوارت هُو هجي گدلو صفا،
    منهن ڌئڻ ڌوتل لٽا پائڻ ڪنان بلڪل خفا،
    رات جو پيشاب بستِر ۾ ڪرڻ معمول جنهن،
    ريءَ ڀتر پاڻيءَ هڻي جو تيڪ- سو ڳوليان پيو!

    گاف، ڏي، هي کان عقل ۾ بس اڌو اڌ گهٽ هجي،
    بدفضيلت بي ادب اڍنگو سراسر ڄٽ هجي،
    جي مٺو ٻولي ته ڀي ’صوفي‘ ڪُتا ڀونڪي ڪِرن،
    وات ۾ هڪ گار ٻيا ڏي ڍيڪ- سو ڳوليان پيو!

    *

    85-03-28


    غزل

    غزل


    اڃا نه مليو آ

    تو جِھو محبوب مون کي ٻيو اڃا مليو نه آ،
    لک حسينا پيا ڦرن پر جوڙو تو جُڙيو نه آ.

    دير سمجهڻ ۾ لڳي ڪجهه دير ٿي جو سمجهيم،
    خال اِين مرگ شِما ڀرجي اڃا سگهيو نه آ.

    سير هرڪو، پاڻ کي پاڻهي چوائي پيو ”حقير“،
    ڦوڪڻي جي سان وزن ڪانٽو ڪڏهن جهڪيو نه آ.

    پاڻ کي پوٺي تي ڪانڊيرو سڏي درخت ڀلي،
    پر قد و قامت سندءِ ڪوشش ڪري رسيو نه آ.

    تيل ٿيو سستو تڏهن گدڙن به آهي پڇ مَکيو،
    پارکن آڏو اڃا ڪو تو جيان اگهيو نه آ.


    مفڪري ۽ مدبري حڪمت سندا اوصاف سڀ،
    گڏ کڻي ڪو پاڻ سان چارو وٺي چليو نه آ.

    ڇا سلاست ڇا بلاغت ڇا سندءِ طرزِ بيان،
    رازداريءَ سان روانيءَ گڏ چئي هليو نه آ.

    ٿو پوي ڍاپي خوشامد جي سُڻي سو واه واه،
    سخن پختي جي جو ’صوفي‘ سِينَ ڀي سکيو نه آ.

    *
















    حاجي ’حقير‘ ابنِ مڱڻ جي چوٿين ورسي 31 مارچ جي مناسبت سان لکيل

    85-03-20


    غزل

    غزل

    محبوب مرڪي پيو

    اُڏاڻو عرش ڏي تصور ٿڪڻ کان پوءِ ڍرڪي پيو،
    فضا مان ويو لنگهي ليڪن خلا ۾ پاڻ لڙڪي پيو.

    سري آئي سِري منهنجي قدم بوسي ڪرڻ جڏهين،
    پري ۽ پوئتي تڏهين پِرِيَنِ جو پير کسڪي پيو.

    گلي لائي چيائون ڪر قدم بدلي دست بوسي،
    تڏهن احساس محرومي سندم دل تان سو ترڪي پيو.

    ڏسي شفقت جو هي عالم جلي ويڙا مڙئي حاسد،
    گهڻن سڌڙين عشاقن جو ڏسڻ سين روح رسڪي پيو.

    اُڏاڻا سڀ پرن سين پئي مگر ڪي مون جيها بي پر،
    سڃاتو جن نه سپرينءَ کي تني ايمان لچڪي پيو.

    ڏٺائون عشق پئي ’صوفي‘ اگهيو پئي عجز ۽ آزي،
    گهمائي مهر هٿ ڄاڙي، سندم محبوب مرڪي پيو.

    *
    85-03-19 شام 4 وڳي


    ڪافي

    ڪافي
    (کنڀات)

    هي سهڻا تو در سوال، اسان سان قرب ڪندو رهه،
    قرب ڪندو رهه، پيار ڪندو رهه!

    نڪي ملوڪت مال نه مون وٽ، ههڙا قبولج حال-
    اسان سان قرب ڪندو رهه!

    گندا ۽ ميرا ڪِنا ۽ ڪوجها، آيس کڻي ته افعال-
    اسان سان قرب ڪندو رهه!

    قابل ناهيان قرب ڪرڻ جي، چل تون سٻاجهي چال-
    اسان سان قرب ڪندو رهه!

    پنهنجي پيارن جي ئي صدقي، ڪر تون ڀلايون ڀال-
    اسان سان قرب ڪندو رهه!

    ساٿ ۾ ’صوفي‘ رکو با قبيلي، ڏيو پاڙي منجهه پنڊال-
    اسان سان قرب ڪندو رهه!

    *

    85-02-27


    وائي رزميه

    وائي رزميه

    تُنهنجي اڃا او يار! هُئي ير هِيءَ نه ويل وڃڻ جي!

    راڻيون ۽ گوليون ٻايون ۽ ٻانهيون،
    پيون روئن زار و زار،
    هُئي هيءَ نه ويل وڃڻ جي!

    ڀائر، ڀينر، سوٽ، ڀاڻيجا،
    توکي سارين ننڍڙا ٻار،
    هُئي هيءَ نه ويل وڃڻ جي!

    رَند ۽ رانهون وڻ ٽڻ روئن،
    تنهنجي پکين منجهه پچار،
    هُئي هيءَ نه ويل وڃڻ جي!

    ڪالهه پئي کِليا اڄ پيا روئن،
    تنهنجا ڄاڃي ڪريو قطار،
    هُئي هيءَ نه ويل وڃڻ جي!

    آسون اميدون اڌوريون رهيون،
    ٻيا اڻ پورا شهڪار،
    هُئي هيءَ نه ويل وڃڻ جي!

    تنهنجي علم ۾ آسائتا ڪئين،
    هئا ٻيلاين جا ٻار،
    هُئي هيءَ نه ويل وڃڻ جي!

    رڪا ۽ ڪرمي، سهجي، سنجوڙي،
    تنهنجا پارو! ڪڍن پيون پار،
    هُئي هيءَ نه ويل وڃڻ جي!

    ماستر، ڪشنه، سترام، ’صوفيءَ‘
    وهائن نيڻن مان نار،
    هُئي هيءَ نه ويل وڃڻ جي!

    *

    85-01-16


    نظم

    نظم
    عظيم انسان

    انسان سين جن کي محبت، انسان سي سڏجن عظيم،
    انسان جي ڪن ٿا خدمت، انسان سي سڏجن عظيم.

    موت ريءَ مرندا رهن، مرضيل ريءَ دارونءَ دوا،
    جن بکين جو ڪو ڪٿي ناهي اَجهو ڀيڻي ڀوا،
    تن واڍوڙين لاءِ جي ٺاهي رکن ٻُڪيون ڦَڪيون،
    جي اَگهن جي ٿيا شفاعت، انسان سي سڏجن عظيم.

    ڪن پٽي مرهم ۽ ڪن جي آپريشن مرض جي،
    ڪا نه لالچ ڪا رکن بيمار ۾ ڪنهن غرض جي،
    روڳُ ڳَڙَ ناسور مان چيري غلاميءَ جو ڪڍن،
    ڪن جراحي ساڻ حڪمت، انسان سي سڏجن عظيم.

    جي جهنجهوڙي ٿا جاڳائن گُهور ننڊ پيا ستن،
    ڪَنِ رکي ڪَنَ وات سڏ جي منجهه نشي مثل بُتن،
    تن اٿاري ٿا وجهن جن ۾ اڃا ڪجهه ساهُه آ،
    جن اٻوجهن ساڻ الفت، انسان سي سڏجن عظيم.

    جن نه ڪو اوهي ٿيو ۽ جن نه ڪو واهي ٿيو،
    جن نڌڻڪي زندگي گهر موت جي کاهي ٿيو،
    جي اُگهاڙا ۽ اَٻالا ماءُ ماٽيجي ڪيا،
    تن ڪَلَهن سين جن جي قربت، انسان سي سڏجن عظيم.

    جھِل جي اونده هٽائين پاڻ بَنجي درسگاهه،
    جي مٺا آهن اگياني جِيوَ جن ۾ آهه ساهه،
    وقت جي موجب تقاضا ذهن، دل جذبات کي،
    جي پڙهائن بابِ حُريت، انسان سي سڏجن عظيم.

    صاف گو ۽ بي ريا ٿي حق چون مهمير کي،
    يا گرو مرشد برهمڻ پادري يا پير کي،
    سر تريءَ تي ٿا رکي مظلوم جي پاران ٿين،
    جي مقابل ساڻ ظلمت، انسان سي سڏجن عظيم.

    حق ڏيڻ ۽ حق وٺڻ ۽ حق چوڻ جا عادتي،
    عرب، چيني آفريڪي پاڪ جا يا ڀارتي،
    ذات مذهب جو نه تعصب نيچ ويڇو ناهه ڪو،
    لا طمع قلندر صفت، انسان سي سڏجن عظيم.

    حق جي راهه تي ڪن ٿي بورائو رهبري،
    جي ڪڍن انسان جي احساس دل مان ڪمتري،
    پاڻ کي ”صوفي“ سڃاڻڻ جو طريقو ٿا ڏَسِين،
    جي هلائن راهه جدت، انسان سي سڏجن عظيم.

    *


    84-01-04 خميس رات 30-10 وڳي

    84-01-04 خميس رات 30-10 وڳي

    نظم


    جڳ کان سهڻو

    محب مٺو ميهار- منهنجو جڳ کان سُهڻو،
    جڳ کان سُهڻو سو منور مُهڻو!

    ڪيف ڪڪوريل ڪٽوريون ڪاريون،
    اکيون عجيب جون ٻئي سي ٻاجهاريون،
    جاڙا ڀرون تلوار- منهنجو جڳ کان سُهڻو!

    نڪ نسوري بندوق دنالي،
    موتي ڏند ۽ لب ٻئي لالي،
    روپ رنگي رخسار- منهنجو جڳ کان سُهڻو !

    سونهن ۾ ساجن سان سينو ڪير ساهي،
    ايڏي طاقت ڪنهن کي ئي ناهي،
    توڙي سوين ڪن سينگار- منهنجو جڳ کان سُهڻو !

    ڪاهي ڪُنِنَ پيون، اوهَيرَ اوهَيرَ،
    سرتيون صورت ها ڏسو جي ميهر،
    ڪا ’صوفي‘ پَريان جهلڪار- منهنجو جڳ کان سُهڻو !

    *

    83-08-18


    نظم

    نظم

    لڱين لوئي نه آ

    دور هن ۾ يار پختو ڪو ڪنهن جو ئي نه آ،
    جنهن رڳو کاڌو نفعو ڇيهي ۾ گڏ سوئي نه آ.

    ويل اوکي تي نه ڪنهن احساس همدردي ٿئي،
    ڪا ڏکويل جي هتي ڪرڻي ته دل جوئي نه آ.

    مال تي مُلهه پنڌ تي ڀاڙو ناهه اڄ وهنوار هي،
    لوٽ جائز ٿي وئي هت قاعدو ڪوئي نه آ.

    هي عمر جي ڪوٽ جا مان سڀ سڃاڻان ٿي سڄڻ!
    ڪو هنن ۾ پالڻو ۽ ڪابه ماڏوئي نه آ.

    جي رکي اجرڪ ڪلهن ۽ سر مٿي ٽوپي سنڌي،
    ته به نه هي مارو سندم جو هن لڱين لوئي نه آ.

    محنتن جاکوڙ جو تنهن کي ڀلا ڪهڙو قدر،
    ڍير مان جنهن ڪا مٽي پنهنجي سڱين ڍوئي نه آ.

    قوم جو ڪَرِ ڪَرُ مٿي ڏي خون جو صدقو اچي،
    بزدلي آيل ٽِڪو لاٿو ته ڪنهن ڌوئي نه آ.

    هيءُ نه آ دستور مليو عجز سان ڪنهن کي حصو،
    لَڙُ اُٿِي ’صوفي‘ ادا وٺبو حصو روئي نه آ.
    *

    1983-08-19 شام 5 وڳي


    گيت

    گيت

    ڪيا وڏڦڙي وسڪارا،
    سگهو آءُ تون ڍولڻ پيارا!

    اٿم ياد پروڪيون برساتيون،
    گڏ يار گذاريئي راتيون،
    ڪئين ڏينهن جا ڏينهن سارا-
    سگهو آءُ تون ڍولڻ پيارا!

    جڏهن مند سرءَ جي آئي،
    تو وڃڻ جي واري وائي،
    ڪري يار وئين تون ڪنارا-
    سگهو آءُ تون ڍولڻ پيارا!


    ويو گذري سيارو سارو،
    مون اڪيلي ڏکيو گذاريو،
    سٺم سر تي تو بن پارا-
    سگهو آءُ تون ڍولڻ پيارا!

    گُل ٽڙيا ٿي هٻڪاري،
    ڀانيم تنهنجي اچڻ جي تياري،
    ٿڪا نيڻ نهاري چارا-
    سگهو آءُ تون ڍولڻ پيارا.

    وري آيون ساڳيون برساتيون
    اچ ته گڏجي ملايون ڇاتيون،
    پايون ’صوفي‘ ڳچي ڳل ڳارا-
    سگهو آءُ تون ڍولڻ پيارا!

    *



    83-03-31


    دم ۽ نظر کان پڇ

    دم ۽ نظر کان پڇ

    مزو قاتل زهر جو يَرَ اُنهيءَ جي تون اثر کان پڇ،
    ڪرڻ معلوم جي چاهين بلا زهري کپر کان پڇ!

    جني کي وئي ڏنگي ڦوڪي ڪکي پيئڻ بلا ٿر جي،
    تني جي تون خبر ساري ڪلين، دم ۽ نظر کان پڇ!

    وطن کان ٿي جدا گهارڻ ٻئي ڪنهن ڏيهه ۾ رولو،
    وڇوڙي جا سوين صدما ادا ڪونجن ولر کان پڇ!

    سچي سڌ سيڪ جي تنهن کي جنهين جاڳهه ٻري ٻارڻ،
    مٿان جن تي پيو ٽانڊو ٺڪر ۽ ان ڀتر کان پڇ!

    جني جي مال کي کائي ويا سي چور زوراڻا،
    اُني سان آ حشر ڪهڙو اهو ڦريل بشر کان پڇ!


    سڙي ٿي ڪڻڪ ۽ ٻاجهر جوئر ڦٽيون نٿيون اُپڙن،
    ٿئي ساري ڪمند ڇو ٿو اهو ڪاري ڪلر کان پڇ!

    وسائي جو مٿان مينهنڙو ڀِڄائڻ ڀونءِ لئه يا ٿو،
    ڏکويل حال تي روئي اهو وسندڙ ڪڪر کان پڇ!

    وجهي ٿي قرب مان ڀاڪر، وٽس آيل مسافر کي،
    رکي ڪهڙو ٿي پو رويو، اهو کوٽيل قبر کان پڇ!

    ڀلا ڪيئن ٿو پڇين ’صوفيءَ‘ ڪنان اسباب روئڻ جا،
    هنن لڙڪن جو افسانو سندم زخمي جگر کان پڇ!

    *











    حاجي ”حقير“ ابن مڱڻ (سندس ڳوٺ نزد ٽنڊو قيصر) جي ٻي ورسيءَ جي طرح مصرع

    83-03-25 صبح 5 وڳي


    داستان بنوري

    داستان بنوري

    اهڙا کپن بنُوري مجاهد هن دور کي ضروري،
    ”جذبي جھاد جو آ جيئن داستان بنوري.“

    ايثار حق پرستي روءِ- خنده بي باڪي،
    سادي سٻاجهي طبيعت اوصاف سڀ حضوري.

    مخدوم جا بلاول ميران پوري مچائي،
    تحريڪ سا هلائي اڳ جا رهي اڌوري.

    دورِ ستم جو ڪرڻو هو جو مقابلو سو،
    آڪا پئي پچايان بحِرن ۾ ٻاري کوري.

    ڏسندي شهادتون ۽ جبري اذيتون ڀي،
    لاخوف ٿي پڪاري شامي سزا ۽ سوري.

    سادِي ڪرائِي ’صوفي‘ عالم ۾ آشيان جي،
    مصروفيت نِمائِي پوکي هٿين نِمُورِي.

    *

    83-03-10 جمع رات 10 وڳي


    غزل

    غزل

    تاريخ جي ۾ ورقن هي لئه بيان بِنُوري،
    ”جذبي جھاد جو آ هڪ داستان بِنُوري.“

    آگاهه حق گوئيءَ کان آسمان زمينون،
    معروف جِنُ، بشر ۽ سارو جھان بِنُوري.

    حقدار کي مِلي حق هاري مزور پورهيت،
    اهڃاڻ ان سين زنده آ جاودان بِنُوري.

    مڪتب رکي حريت جو اسباق ساڻ ڪيئي،
    طالب ڪيائون پيدا جوهر جَوان بِنُوري.

    دورِ ستم جي سامهون احرار ٿي سي بيٺا،
    مظلوم جي حمايت احمر عَيان بِنُوري.

    مخدوم شهه بلاول واري زنده روايت،
    زيرِ نِمُنِ رکي ٿي رهبر رَوان بِنُوري.

    بر ۾ بَنِي بورائو منزل جي طرف ڌِڪِيو آ،
    شاهه- شهيد صوفي جو ڪارِوان بِنُورِي.

    *

    1980-02-12


    نظم

    نظم


    بهاري باغ ۾ آهي

    چمن ۾ پيو چتون ٻولي، بهاري باغ ۾ آهي،
    چيهو چڻ ڀڻ، هڙيو هو هو، ڪوئل ٿي ڪوڪ ڪيئن لائي.

    ڪبوتر، ناز، ۽ قمريون، خوشيءَ ۾ پيا ڏين گهمريون،
    شڪر ۾ پاڪ پرور جي ٻوڙي ٿي ڪيئن ٻاڏائي.

    اگن جي اڄ اگهي آزي، ٿيو مولا مٿس راضي،
    ٻاٽيڀڙ، ٺوڙهيون،هيڙيون، ڦيريون بلبل، ٿي ڪيئن پائي.

    جهرڙ ۽ جهرڪ پڻ آيا، نچي مورن ٿي رنگ لايا،
    قوالڻ ڪار ڪنڇي ٿي ڳيرو ٿو ڪيئن ڏس ڳائي.

    ڪٻر ۽ ڪانگ ٻئي آيا چمن ۾ چانهن سين گڏجي،
    هلي هيجان اتي هدهد ڀاڪر تن کي ٿي ڏس پائي.


    گاڏيرڻ، ڀونتر ڀوڳڻ جي ڊڪن ٿا ڊيل جي پويان،
    تتر، تاڙي، جي تالن ۾ آڙي پئي پاڻ اٽڪائي.

    آئي ٽنگن ڊگهي ٽٽيهر، ڏسي ٽاري مٿي ٽڪلو،
    ڪڏي پيو ڪنگ، هنج سين گڏ پريان پئي ڪونج ڪُرُلائي.

    سانباهو ۽ سرڻ، شڪرو، آهن پرتا پاريهل سين،
    وهئي کي باز، بانٺي جو ڪو ’صوفي‘ ڊپ رهيو ناهي.

    *

    1980-2-11


    نظم

    نظم

    سو ناز ڪيئن ڪري ٿو

    حسن ڏس هزارين سو ناز ڪيئن ڪري ٿو،
    اُڏامي عرش تي پرواز ڪيئن ڪري ٿو.

    ترڇي نگاهه تيري، چنچل سڀاءُ ٿو چيري،
    کڻي نيڻ مرگهه ڌيري، وري قاز ڪيئن ڪري ٿو.

    چتن جان چهنب کولي مٺڙي ٻولي ٿو ٻولي،
    الست ڪيو ٿو اولي، آواز ڪيئن ڪري ٿو.

    مُرڪي ڪري ٿو ماڻا، جي ساهه کي سيباڻا،
    نٽ ناز جا ڪي داڻا، بي انداز ڪيئن ڪري ٿو.

    ڪاوڙ جا قسم ڪيئي، پاسنئان ڀڄڻ پريئي،
    مارڻ لئه گڏ مڙيئي، سو ساز ڪيئن ڪري ٿو.

    ’صوفي‘ ٿا سرڙو ڏيئي، سَهڻا پون سڀيئي،
    حيرت ٿا ڏين اهي ئي، هي راز ڪيئن ڪري ٿو.

    *

    1980-2-10


    نظم

    نظم
    بُرن سين ڀلائي

    چڱن ساڻ هرڪو ڪري ٿو چڱائي،
    مگر تون ڪرين ٿو بُرن سين ڀلائي.

    ڪرين نيڪ، نالائق نوازي نظر سان،
    اَگها ڪيئن سَگها ٿيا تنهنجي مهر سان،
    توڙي هو نه تنهنجو ذڪر ڪن ڪا وائي.

    ڏئين روز رحمان غريبن، اميرن،
    مرون، جيت، جانور، پکين پڻ فقيرن،
    توڙي هو لفنگا لُچا، لالچائي.

    ڏنئي لک ڪري هن نعمتون جھان ۾،
    پاڻي ۽ هوا ڪي ارض و سمان ۾،
    کائن سي پيا ٿا جي ٿا ڪن ڪُڌائي.

    ڏين جيڪي تنهنجي نالي هڪ جھان ۾،
    ڪري ڏهه ڏيئين هت، ستر آسمان ۾،
    ساري ڏئين سڀن کي رکين ڪين پائي.

    ڳائي ڇا ڳائيندو بندو هي ڀلايون،
    سڀيئي ساهه ثنا لئه پورا ڪين آهيون،
    صفت جي آ ’صوفي‘ سهڻا لات لائي.

    *

    1980-2-9


    ڪافي

    ڪافي



    پارج پنهل تون پاڻ سڃاڻي

    ڪيل قول قرار-
    پارج پنهل تون پاڻ سڃاڻي.

    آهيان اوهان جي ٻانڀڻ ٻانهي، ڪنيزڪ ڪوهيارل تنهنجي جاني،
    پنهنجو ننگ نهار-
    پارج پنهل تون پاڻ سڃاڻي.

    عيب آريچا مڻين هي مدايون، بخش بديون بدڪار برايون،
    ڪر نه عيبن جي اُپٽار-
    پارج پنهل تون پاڻ سڃاڻي.

    هاڙهي هلندس اوهان جي آهر، ڪيچ ڌڻي ڪجو ولهيءَ جي واهر،
    صدقي يا سردار-
    پارج پنهل تون پاڻ سڃاڻي.

    لاتقنطو هيجان اشارا، راهه نجاتي عاصين پيارا،
    انهيءَ عهد اقرار-
    پارج پنهل تون پاڻ سڃاڻي.

    ونحن ويجهو آري آهين، بار بريون مٿان ’صوفي‘ لاهين،
    ڪرين سرهو سانگ ستار-
    پارج پنهل تون پاڻ سڃاڻي.

    *

    1980-2-8


    ڪافي

    ڪافي

    ڌڪارڻ نٿي چاهي

    هيءَ سهڻا صنم توکي وسارڻ نٿي چاهي،
    دَر- غير مٿي خود کي ڌتارڻ نٿي چاهي.

    حسينا ٿا گهمن گهڻئي وڏي سي ناز ۽ نٽ سان،
    مگر هيءَ ناز ڪنهن جي ڏي نهارڻ نٿي چاهي.

    رکي خالي پلنگ کي آ مٺا هيءَ مست ٿيو ويٺي،
    جڳهه جاني سندءِ تي ٻيو وهارڻ نٿي چاهي.

    ڪري نفرت اُنيءَ کان ٿي ڪري جيڪو بيان ٻيو ڪو،
    ذڪر پرين پار تنهنجي جو هيءَ ڌڪارڻ نٿي چاهي.

    روئي ٿي درد ۾ دائم ڏئي ٿي ڀيدنا ڪنهن کي،
    ظاهر هڪ اشڪ اکين مان هي هارڻ نٿي چاهي.

    سچائي ۽ صدق ڏس تون مٺا ’صوفيءَ‘ سندي دل جو،
    ڪري منهن طرف تنهنجي ڏي ورِي وارڻ نٿي چاهي.

    *
    1980-02-07


    ڪافي

    ڪافي

    دلڙي کسي وئين دلدار

    پهرين ڏئي تون پيار وي يار،
    دلڙي کسي وئين دلدار!

    اول کسيئي ڪري ناز نوان،
    آخر نه ڪرين الفاظ سنوان،
    اها ناهي قرب جي ڪار وي يار!

    ڪالهه هِتي اڄ هُتي لايئي،
    شايد نه ڪنهن سان ناتو نڀايئي،
    تنهنجو نينهن ٿيو نروار وي يار!

    پاڇي جھڙي پريت ڪرين ٿو،
    اوڀر اولهه ڇايا ڌرين ٿو،
    اهي پڌرا ڪيا تو پار وي يار!

    مون کي ڇڏي وئين يار اڪيلو،
    ائين وئين جيئن سيڱ مان سِيلو،
    هي بوتو ڏسي بيڪار وي يار!

    لائي ڇنڻ جو باعث ڇاهي،
    مر منهنجي مر منجهه ۾ هيءُ ئي آهي،
    جو ’صوفي‘ آ نادار وي يار!

    *

    1980-02-05


    غزل

    غزل


    موڪلايو آ

    دنيا جا ناخدا ٻڌ تون سهارن موڪلايو آ،
    ڌڪي گرداب ڏي ڪشتي ڪنارن موڪلايو آ.

    ڇڏي اوڙاهه ۾ ٻيڙي چئي منهن تي ويا منهن سان،
    ٻڏي منجڌار ۾ مر دستگارن موڪلايو آ.

    دنگي دلدل ۾ ڦاسي وئي اڙين آڌار اچ جلدي،
    وسِيلو بي وسيلن ٿي اڪارن موڪلايو آ.

    اچي هن غنچئي دل جي وري ڪر تون نظرداري،
    نگھبانن چمن جي ۽ نظارن موڪلايو آ.


    اچي ڏس حال معذورن ڇڏايو پاڻ لٺ جن کان،
    سگهو رس جلد انڀي ٿي آڌارن موڪلايو آ.

    عيان ٿي غيب جا مالڪ اچي ڪر زندگي روشن،
    وٺي خورشيد جي صورت ستارن موڪلايو آ.

    ڀُلي ڀٽڪي رُلي داتا وري آيس سندءِ در تي،
    ڪرم ڪلتار ڪرتون قرب وارن موڪلايو آ.

    اروپا! هاڻ عرياني اچي ’صوفيءَ‘ سندي ڍڪ تون،
    فنا جي ديس ۾ جنهن کان قرارن موڪلايو آ.

    *


    1980-02-04


    نظم

    نظم

    نگاهن کان بچجي

    ڪه ذاتي ڪه قومي گناهن کان بچجي،
    غلط هاڻ سڀني ته راهن کان بچجي.

    ڪرڻ قوم جي هي نه خدمت ڪا ڏينديون،
    جهپي دام ۾ هي نهوڙي سي نينديون،
    ڏسڻ ڏي نڪي ڏس اهي اکيون ظالم،
    انهن زهر وارين بلائن کان بچجي.

    اها وقت جي آ تقاضا ته هاڻي،
    وٺن ڪين شاعر تُنبو عشق ناڻي،
    ڇڏي غرض ذاتي وطن لئه ڪڙهون سڀ،
    ڪرڻ حسن جي اڄ مداحن کان بچجي.

    زمانو ڏسو قوم پنهنجي سڌاريو،
    فضولي حسد جِھِل سُسِتيءَ کي ٽاريو،
    ٿين محنتي ديس واسي ۽ جاڳن،
    وجهڻ ويڇي وارين ته ٻانهن کان بچجي.

    ستل اي اٿڻ ري نه چلندءِ ڪو چارو،
    اٿڻ ڪيئن ڏيندءِ هي تلوار وارو؟
    اٿي کيڏ سان پوءِ سگهبو تڏهن ئي،
    انهن قهر وارين نگاهن کان بچجي.

    پتنگا اهو مچ وسائڻ سو گهرجي،
    جلائي جو ٻارڻ بچائڻ سو گهرجي،
    ڏيڻ ڦوڪ وارا سبي چپ ڇڏيون سڀ،
    ڪيون پاڻ مڙسي ته باهن کان بچجي.

    اچو هاڻ گڏجي ته آڪھه بچايون،
    سهي سيڪ سيڪي سپڪ سي بڻايون،
    پريمي ٻڌيوان ٻلوان نيهي،
    ڪري جام پيرا تباهن کان بچجي.

    کٽڻ يڌ لئه آهي ته جرئت ضروري،
    ٿئي ڪٿ ٿي ’صوفي‘ ته حرفت ضروري،
    ڪڍون ٻانهن سَيري جا ٻوريءَ جي هيٺان،
    ڏيڻ تاءُ وارين صلاحن کان بچجي.

    *

    1980-02-03


    نظم

    نظم


    لڪ لڪوٽي راند ڇڏ

    ڇڏ سڄڻ پاڻ گهوري، لڪ لڪوٽي راند ڇڏ،
    ونجهه، ڪٻڊي، ڇڏ تون ڪندرو، اوٽي موٽي راند ڇڏ!

    ڍال ۽ تلوار پلٿو راند رڪ جي ڪر اچي،
    لت، دڙهو، ۽ مار ٺونشو، راند مڪ جي ڪر اچي،
    ڪر اچي گولي نشاني تي هڻڻ جي راند تون،
    ڏاڪ چومي، ڏانڊيو ۽ سانگ چوٽي راند ڇڏ!

    سينڱ سان سيلا هڻڻ ۽ تيغ، بڻڇون، تير سک،
    ڪپ، ڪٽاري، ڪات، سان غيرن وجهڻ تون سير سک،
    اٿ پگهر جي جاءِ تي تون خون هولي راند ڪر،
    ڇڏ گلي ۽ تون ڏڪر ٻاراڻي سوٽي راند ڇڏ!

    هار ۽ تون جيت جا سڀ ٻول، ڀالي ساڻ ڀڃ،
    ڪر زنده جهوني روايت، ٿي کيڏاري منٿ مڃ،
    ڪر ملهن جا انگ، ۽ تون راند ٻيلهاڙو مچاءِ،
    ڀڄ گهڙي ۽ نوٽڻي، کينهي جي کوٽي راند ڇڏ!

    *
    1980-02-02


    وائي

    وائي


    آسرو اڃا لاٿو اٿم ڪينڪي

    تو مان سڄڻ ير آسرو-
    اڃا لاٿو اٿم ڪينڪي!

    جاڳتو بنجي جيرا جلائن، مون لئه پرين ٿي ٻاٻرو-
    تون مان سڄڻ ير آسرو -
    اڃا لاٿو اٿم ڪينڪي!

    ڏينهون ڏينهن وڃي مون لئه مچندو، ڪين ٿئين ٿو لاٺرو-
    تون مان سڄڻ ير آسرو -
    اڃا لاٿو اٿم ڪينڪي!

    موٽي مٺو ٿيءُ ماکيا ميٽي، ساءُ سڄڻ هي ساڪرو-
    تون مان سڄڻ ير آسرو -
    اڃا لاٿو اٿم ڪينڪي!


    ٿيءُ نرم تون ساڻُ نماڻن، ڪين ٿي ارڏو آڪرو-
    تون مان سڄڻ ير آسرو -
    اڃا لاٿو اٿم ڪينڪي!

    ڍَڪ ڍَڪيندڙ ڍَڪيندو رهجان، ڪين ڪجانءِ واکرو-
    تون مان سڄڻ ير آسرو -
    اڃا لاٿو اٿم ڪينڪي!

    گهٽ گناهن توئي لاٿي، ڏيئي تقنطو واسرو-
    تون مان سڄڻ ير آسرو -
    اڃا لاٿو اٿم ڪينڪي!

    اونهون ڪجائين ’صوفي‘ جي تون، تانگهون لنگهڻ لئه تاسرو-
    تون مان سڄڻ ير آسرو -
    اڃا لاٿو اٿم ڪينڪي!

    *


    1980-02-01


    نظم

    نظم

    وهه ڙي وهه وا!

    وهه ڙي وهه وا نينگر تنهنجي ياري،
    تو ڪانه اسان سان پت پاري.

    اوکيءَ اڏري وئين تون اسان کان،
    ڪانه ڪيئي پوءِ واري،
    وهه ڙي وهه وا نينگر تنهنجي ياري.

    ڌاريئي ڌارين جا پار اسان لئه،
    تو دل نه اسان لئه ڌاري،
    وهه ڙي وهه وا نينگر تنهنجي ياري.

    ڏسيو ٻڌيو وڃين ڇڏيو اڪيلو،
    تو واڳ اسان ڏي نه واري،
    وهه ڙي وهه وا نينگر تنهنجي ياري.

    توڙ نه ڪنهن دم يار پڄايئي،
    پر وچ وڌي تو گهاري،
    وهه ڙي وهه وا نينگر تنهنجي ياري.


    اسيريا رلايئي رندين ۽ روهين،
    ڪا ڪانه مڃيئي نيزاري،
    وهه ڙي وهه وا نينگر تنهنجي ياري.

    رت ولوڙي ڀت ڪيوسون،
    پر کنڊ لڳي تو کاري،
    وهه ڙي وهه وا نينگر تنهنجي ياري.

    ’صوفي‘ تولئه تنبوهو بخمل،
    تون ته ڀائين ککي کاري،
    وهه ڙي وهه وا نينگر تنهنجي ياري.

    *


    1988-05-13


    نظم

    نظم


    ڪم حسن کان ورتئين باهه جو

    مون کي عجب آهي ته الله جو-
    ڪم حسن کان ورتئين باهه جو!

    ڪري اهو ڪام ٿي سا،
    ساڙي خاص و عام ٿي سا،
    ناهي فرق سفيد سياهه جو-
    ڪم حسن کان ورتئين باهه جو!

    تجلي حسن جي طور جلايو،
    حضرت موسيٰ جو هوش وڃايو،
    پتو نه پيس ڪو پساهه جو-
    ڪم حسن کان ورتئين باهه جو!

    فرهاد ساڙي مجنون جلايئين،
    پنهل ڌوٻي ڪري رانجهن رلايئين،
    خيال نه ڪري ڪنهن شاهه جو-
    ڪم حسن کان ورتئين باهه جو!


    اسرار اهڙو آتش ۾ آهي،
    ظاهر نه ڏسجي اندر جلائي،
    سانگو ڪري نه ڪنهن جي ساهه جو-
    ڪم حسن کان ورتئين باهه جو!

    جلائي پچائي خودي وڃائي،
    خيال مٽائي ڀسم ڪرائي،
    پوءِ ماڳ ڏيکاري مُباح جو،
    ڪم حسن کان ورتئين باهه جو.

    ٿي ’صوفي‘ ٻانهون حسن جو رهجان،
    نيڪ نظر ۽ صداقت رکجان،
    نڪي شڪوه ڪجائين شاهه جو-
    ڪم حسن کان ورتئين باهه جو!

    *


    غزل

    غزل


    ٿيندي يا نه؟

    اي سڄڻ مهر و وفا جي ابتدا ٿيندي يا نه؟
    تنهنجي هن رنَج و ظلم جي انتها ٿيندي يا نه؟

    قربُ ڪستي ۾ مٺا آ در سندءِ آئي پنڻ،
    خير سان خوش تو وٽان هيءَ دل گدا ٿيندي يا نه؟

    ڏي نثاريءَ جو ڪڏهن موقعو مڃي هن منٿ کي،
    جان صدقي تو مٿان منهنجي فدا ٿيندي يا نه؟

    ان اميدن جي سهاري ٿي بسر ٿئي زندگي،
    آرزو پوري ڀلا هيءَ استدا ٿيندي يا نه؟

    عشق وارن لاءِ ’صوفي‘ سنگدل هرڪو صنم،
    موم ڪا محبوب جي دل ياخدا ٿيندي يا نه؟

    *


    نظم

    نظم


    مون کان کسي نه سگهندين

    مون کان کسي نه سگهندين طاقت ڇو ٿو لڳائين،
    نه ڪر جنگ، جهيڙو ٿو ناحق ڦڏو مچائين.

    سر، ڌڙ جي ٿيندي بازي، کٽ، هار وس خدائي،
    جهيڙو جنگاهه ٿيندو جيئري نه ٿي جدائي،
    منهنجو ته آ تِريءَ تي، تون پنهنجو ٿو سر وڃائين.

    توکي آهي اجازت هيلا ڀلي هلائج،
    چئلينج آهي توکي طاقت سڀئي لڳائج،
    محفوظ رهندي مون وٽ جا تون کسڻ ٿو چاهين.

    سڄڻ ڪرين جي دل جي آزادي منهنجي سمجهين،
    ڄاڻي کڻي محبوبه ارض- وطن جي سمجهين،
    ’صوفي‘ سندي زبان ڀي جيڪا انهن مان ڀانئين.

    *


    نظم

    نظم


    ڇا، ڇا، نٿو ڪرڻو پوي

    ڪِٿ جلائي باهه، ڪِٿ ٻارڻ بنا ٻرڻو پوي،
    زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

    ڪِٿ پيا ڊوڙون ڊڪون، ڪِٿ هوريان چُرڻو پوي،
    ڪِٿ ٿيون ٿا تيز رؤ، ڪِٿ ٻر سري سُرڻو پوي،
    زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

    ڪِٿ ٿيون عاشق، مُلا ۽ ڪِٿ ٿيون صوفي، فقير،
    ڪِٿ سني، شيعا، هندو، هر رنگ ۾ ڦِرڻو پوي،
    زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

    ڪِٿ ٿيون مخدوم ۽ استاد، خادم، ٻالڪا،
    ڪِٿ رهون سَرها، ڪٿي ڳڻتين اندر ڳرڻو پوي،
    زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

    ڪِٿ ٺڳي، چوري، جوا ۽ ڪٿ ٻني، واپار يا،
    ڪا سِرڦِري ڪا نوڪري، ٿو ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوي،
    زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.
    ڪِٿ پوي ڏيڻو پيو ۽ ڪٿ وري وٺڻو پوي،
    ڪو وڃي ٿو هڙ ڦُريو، ڪنهن کي وري ڦُرڻو پوي،
    زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

    ٿي پوي ڪرڻي خوشامد غرض ۾ لاغرض جي،
    گاهه ڄڻ ٿو شينهن کي لاچار کان چَرڻو پوي،
    زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

    ڪِٿ سُپت کي ئي ڇڏي ڪرڻي پوي ٿي سا ڪُپت،
    سچ صريحاً کي ڇڏي ڪِٿ ڪوڙ ۾ ڪِرڻو پوي،
    زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

    ڪِٿ ڪري واعدو ٿا پاريون ڪٿ رکون ياري سچي،
    ٿا ڪٿي ڌوڪو ڏيون، ڪٿ ٻول تان ڦِرڻو پوي،
    زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

    ڪِٿ چئي سچ ٿا ڏيون ۽ ڪٿ نٽائي ٿا وڃون،
    جي چئون سچ ٿا ته پوءِ ٿو منجهه سُڪي ترڻو پوي،
    زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

    صاف سٿرا ويل ڪنهن ۽ مهل ڪنهن ميرا، گندا،
    ڪِٿ وهون ٿا خان ٿي ڪٿ ڌوڙ سر ڌرڻو پوي،
    زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

    ڪن لئه الفت ڪن لئه ڪلفت آهه سا دل ۾ ضرور،
    اوچ ظاهر نيچ سان ٿو پير گڏ ڀرڻو پوي،
    زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

    ڪي سماجي ڪين دل کي ٿا وڻن رسم و رواج،
    پر لڄان ڪر جان لاچاري منجهه پَيرنِ پُرڻو پوي،
    زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

    ڪن کي تو مجبور آ عصمت فروشيءَ تي ڪيو،
    سِيل، ست وارن به ٿو لاچار کان کرڻو پوي،
    زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

    نام تنهنجو اجتماعي، انفرادي ڪين آ،
    تنهنڪري مجبور هي ڏک ڏيل تي ڏرڻو پوي،
    زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

    هن گراني دور ۾ خشڪيون وٺن بازار ۾،
    اگهه ڳرا ڳاٽي ڀڳا ٿو موت ريءَ مرڻو پوي،
    زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

    تنهنجي سورن کان ڀڄي ’صوفي‘ ته ڪر هرڪو ويو،
    ناهه سا مردانگي ٿو تنهن ڪري ورڻو پوي،
    زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

    *


    نظم

    نظم


    لاڏئون لوڏيندي لولي
    سنڌي ٻولي

    سهڻي سڄاڻ سالڪ سنڌي سلوڻي ٻولي،
    جيجل ڏني ٿي جنهن ۾ لاڏئون لوڏيندي لولي.

    چوٽيهه، ٻاهتر، سان ارڙهن رکي ٿي خالي،
    ٿي ٻاونجاهه سان گڏ ويهن جي آمد والي،
    آهي اکُٽ خزانو ڀرپور هي ڀنڊارو،
    باتا، ڪندي مون هن ۾ پنهنجي زبان کولي.

    زيرون، زبر ڦيرائي معنيٰ ڇڏي مٽائي،
    هڪ روپ ۾ رکي ته به ٻي مام ٿي ملائي،
    هڪ شي تي ڌار نالا قد ڪي ڄمار آهر،
    لفظن سين هن جي هردم ڀرپور آهه جهولي.

    بيحد گهڻا پهاڪا نقل و نظير، نُڪتا،
    ڏاهن جا ٻول سورنهن آنا سچا ۽ پُختا،
    هن وٽ هنر، ڳجهارت جو، آ اڻ مَيو خزانو،
    سادي سڀاءَ سلڇڻي، سَنهِجي، سُکي، سڻولي.


    پاڙي جي ڀينرن کي ڏيندي نٿي ڪيٻائي،
    جيڪي وٺي اچي سو هن ۾ پيو سيبائي،
    ڪُرٽي وڃي جو کائي سو پيٽ ۾ ٿو جيوري،
    ڪنهن، سپڪ ۽ سٻاجهي، ناهي جڏي جڙولي.

    پالوٽ ڄاڻ وارا مانجهي، ملوڪ، ماهر،
    ٻڌائون هن ۾ اوڙک گوهر، سگهڙ، سي ساگر،
    ڪن وٽ اٿاهه ٻولي ڪن وٽ گهڙا ۽ مٽڪا،
    ننڍڙي فقط اڌوري مون وٽ ادا گهڙولي.

    رضوي، لطيف، سامي، دلپت، گروڙي، بيدل،
    رکيل، سچل، لغاري، انور، نواب، روحل،
    نورل، اٻوجهه، بيوس، مخدوم، فيض، صالح،
    کٽياڻ، ٽالپر ۽ منٺار هيءَ وڙولي.

    هن وٽ اياز، طالب، جهامن، غني، گرامي،
    مسڪين، زيب، عارف، تنوير، ناز، بزمي،
    ساجد، نياز، سارنگ، مومن، مجيدي، خادم،
    ادنيٰ، حقير، مُنشي، ’صوفي‘ سنڌيءَ جي گولي.

    *


    غزل

    غزل


    آهون ڪري نه سگهيون

    ظالم تي ڪو اثر هي آهون ڪري نه سگهيون،
    سنگدل کي دل نرم هي دانهون ڪري نه سگهيون.

    جنهن جو ستم آ شيوو ناصح جون تنهن ۾ سڀئي،
    احساس ڪوبه پيدا رانهون ڪري نه سگهيون.

    عجز و نياز، آزي، ڪيرت ۽ وينتيون سڀ،
    قاتل کي پير هڪڙو پاهون ڪري نه سگهيون.

    ڪاوڙ ۽ ميٺ، محبت، هستي، حجت، مڙيئي،
    لاغرض آڏو ڪڏهين هان هون ڪري نه سگهيون.

    ’صوفي‘ ته رائگان ٿي بازن سندي ڪمائي،
    محبوب هم بغل هي ٻانهون ڪري نه سگهيون.

    *


    غزل

    غزل


    رقيب ڏانهن

    مون کان خفا ڀلي ٿي هن سان ته ڪج وفا تون،
    مون لئه خفا، وفا آ، هن کان نه ٿج خفا تون!

    رڪ جا چڻا چٻائين، سيني تي مڱ ڏرين جي،
    سا سڀ سهي ته ويندس، ڏيندين جيڪا جفا تون!

    تنهنجيءَ خوشي جي خاطر پنهنجي خوشي ڇڏي مون،
    کنڊ، لوڻ کي ٿو سمجهان، منهنجي ته ڏس سخا تون!

    ڪوڙو سندم آ پيسو توتي ميار ناهي،
    بي ڏوهه اي رقيبا! آهين بنهه صفا تون!

    ’صوفيءَ‘ جي آ پرين جِي پارت رقيب توکي،
    ڀلجي ڪڏهن متان ٿين، تنهن سين ته بيوفا تون!

    *


    نظم

    نظم


    ڌن تاڪ ڌنا

    پڪ ڄاڻ اجها ٿي ٻوڙ ٻنا، ڌن تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا،
    جهڙ هاڻ ڪڍي آ ڪار ڪنا، ڌن تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا.

    ڏس هير ٿڌي آ هاڻ وري لڱ لونءَ پيا ڄڻ هاڻ ٺري،
    ٿو ٿڙڪي بدن سر سيءَ ڪنا، ڌن تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا.

    گجگوڙ جي آهي ڌوم ٻُري، ڄڻ ڇير ڪڪر ۾ آهه چري،
    آواز اهي ڇن ڇان ڇنا، ڌن تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا.

    وڄ کيل ڪڪر ۾ راز ڪيا، ڏس نانگ جيان هِن ناز ڪيا،
    هت ڍور ٽهي ڊپ، ڊاءَ ڊنا، ڌن تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا.

    پڪ هاڻ اجهو ٿو مينهن وسي، پٽ پاڪ پلر جو پاڻي پسي،
    وس هاڻ ڪندي کڏون تار ڪنا، ڌن تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا.

    خوش مور ٿيو ڊڪي ڊيل پئي، ڌُم تاڙَي جي آ لات ڪئي،
    تن بوند منجهان پر پير ڀنا، ڌن تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا.


    برسات وئي ڏس هاڻ اچي، هت مينگهه سندي وئي موج مچي،
    ڪن هاڻ پيا ڇٽڪار ڇنا، ڌن تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا.

    جهر جهنگ مچي آ گاهه ويو، مس مال ۾ آهي ساهه پيو،
    ڍؤ، ڍور ڪري سي گور چنا، ڌن تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا.

    هو ڏيهه اڳي هي سارو سُڃو، گهر، مال، ٻني ۽ ٻارو اُڃو،
    ايمان اڌورو مينهن بنا، ڌن تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا.

    ”صوفي“ ته اجهو ٿو يار اچي، ڏس هاڻ خوشي ٿي خوب مچي،
    سک هاڻ سچو مزي لايا ٻنا، ڌن تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا.

    *


    نظم

    نظم

    ڇڏي ڏنو

    بدلي فضا ته حسن بهارن ڇڏي ڏنو،
    جوڀن تڏهن آ سهڻن نظارن ڇڏي ڏنو.

    برباد هن چمن کي بادِ خزان ڪري وئي،
    گرمي، سرءُ اچڻ هت سيارن ڇڏي ڏنو.

    افسوس اڄ چمن مان چشما سُڪي ويا،
    نالن وهڻ، وسڻ آ ڦوهارن ڇڏي ڏنو.

    سورج مکي ۽ زعفران سوسن، سمن، سُڪي ويا،
    جوڀن گلاب، موتئي پارن ڇڏي ڏنو.

    ڪومائجي ويا گل اجڙي ويو چمن آ،
    هڪ ٻئي جو ساٿ گلڙن، خارن ڇڏي ڏنو.

    آئي خزان ته ٿڙ جو آ واسطو پراڻن،
    سڀني پتن ۽ امن، ٽارن ڇڏي ڏنو.

    ڪوئل، چتون ۽ قمري بلبل به وئي اڏامي،
    ڪانگن اچڻ هتي آ ڪارن ڇڏي ڏنو.


    ”چاچا! ڏي گل“ ٻُڌي ٿي مالهي ٿڪي پيو،
    گل لاءِ هت اچڻ اڄ ٻارن ڇڏي ڏنو.

    ڦيرو ڏئي زماني ڪئي سون جي گهرج گهٽ-
    ڪيمياگرن، تڏهن ڪم سونارن ڇڏي ڏنو.

    آئي آ آسمان تي گردش ته هاڻ ٽمڪڻ،
    ٽيڙُن ڪَتين ۽ سڀني ستارن ڇڏي ڏنو.

    مغموم دل لئه آهي اونداهه سارو عالم،
    خورشيد، ماهه، تجلو سيارن ڇڏي ڏنو.

    بيٺل کي شينهن سڏيون ڪِريو ته گهٽ گدڙ کان،
    ڪِريل جو ساٿ ڪوڙن سارن ڇڏي ڏنو.

    جيڪو جهلي سگهي منهن سو رُڪُ نه آهه تڏهين،
    وڄ جو ڏيڻ آ پاڻي لهارن ڇڏي ڏنو.

    ڏند زور ويا ڇڏي ۽ ڌڏڪڻ لڳو بدن آ،
    پيريءَ ۾ رنگ اڳوڻو وارن ڇڏي ڏنو.

    ’صوفي‘ ته يار ري ٻئي ڪنهن غير ڏي کڄڻ،
    آهي هنن اکين جي تارن ڇڏي ڏنو.

    *


    ير حيف آهه توکي!

    ير حيف آهه توکي!

    مون کان وڃين نٽايو، ير حيف آهه توکي!
    روهين وڃين رلايو، ير حيف آهه توکي!

    سينگار جي بهاني منهنجي اکين ۾ سهڻا،
    سرمون وڃين ٿو پايو، ير حيف آهه توکي!

    منهنجو سڏائي منهنجي سامهون ته غير سان تون،
    ڀاڪر وتين ٿو پايو، ير حيف آهه توکي!

    سچ ۾ ٿين ڪنڊا ٿا، منهن تي چيم ته تو منهن،
    آهي کڻي سڄايو، ير حيف آهه توکي!

    تنهنجي ڇڪي، تري جو اڳ اي جوا جا ڍارا،
    ڪو ڪونه علم آيو، ير حيف آهه توکي!

    ڍارا! نه گل ڪيو تو تريون وجهي جهڳو تون،
    منهنجو وڃين ڦٽايو، ير حيف آهه توکي!

    منهنجا نيپاج مون کي سڀ! تون صفا ته پوري،
    اکيون وڃين پيو کايو، ير حيف آهه توکي!

    ڇا زهر جي اثر کان هن ريت ٿو بچائين؟
    ڳڙ ٿو وڃين ڇُٽايو، ير حيف آهه توکي!

    ڪاڻي نه ڏس ڪجي ڀل اک ٿي وڃي ته ڪاڻي،
    ابتڙ تو پير پايو، ير حيف آهه توکي!

    مشڪل ۾ يار ياري وَهَه جا وئين تون جاني!
    ’صوفي‘ چوي نڀايو، ير حيف آهه توکي!

    *


    نظم

    نظم


    چوڏس وئي چانڊاڻ اڄ

    مند موٽي مهر ٿي مينهن منڊيو مانڊاڻ اڄ،
    چنڊ چوڏهينءَ جي لڪي چوڏِس وئي چانڊاڻ اڄ.

    آهه اڄ آڙنگ ٿيو اُڀ ۾ اٿيا آهن ڪڪر،
    اوت اوتي هي اجهي ڪنديون اُٻون آلاڻ اڄ.

    ويل واهيري وسيو وانڍن، وٿاڻن وڏڦڙو،
    ور ڏئي واحد سندي ولهار ڪن واکاڻ اڄ.

    پلٽ ڪئي پوٺن مٿي پرچي پيارل پرت مان،
    پاڪ پاڻي پلر جو پياسن پياريو پاڻ اڄ.

    ٿر، جبل، ساري وچولي، لاڙ ۽ منگرن مٿان،
    جام جالارو وٺو جُوهن سين جر جنهاڻ اڄ.

    سَرَ سُڪل ساوا ٿيا سَرها ٿيا سانگي سندم،
    سنڌ جي سرسبز وادي سرس ڪئي سرهاڻ اڄ.

    مينهن هن موتي وسايا ملڪ ماکي ٿي پيو،
    مال، مارو موج ۾ آ مست ٿيو مهراڻ اڄ.

    ويس سائو آ وطن اڄ پايو پوٺن ۽ پٽن،
    گس مٿي گلزار ٿي پايو پهڻ پهراڻ اڄ.

    جت ڪڻن جي هئي قلت آ، ات به ارزان اَنُ ٿيو،
    ڪانه ڪٿ آهي رهي ڪا ڪاڻيارن ڪاڻ اڄ.

    ٿي ويون سڻائيون ساڻيهه ۾ ٿيڙو سڪار،
    سهنج، سک، سهسين ڪيا سائين سنگهارن ساڻ اڄ.

    برڪتون باري ڪيون ڏس ٿي ڪڻن مان ڪيچ پيا،
    ڪرم سان قادر ڪيا ڪنڊ، ڪڻڇ ۾ ڪلياڻ اڄ.

    ٻهڪندي ٻڪرار سارنگ، مال واري ڪئي ملهار،
    ڪَڙَ وٺي ويندي ڪيو، ڪنهن قرب مان ڪلياڻ اڄ.

    اڄ اڱڻ تي ٿو اچين ’صوفي‘ اهو پئڙو پسڻ،
    آسمان تنهنجي اچڻ جا ٿو ڏئي اهڃاڻ اڄ.

    *


    نظم

    نظم


    اي موت جا ملائڪ

    هي التجا وڃي ڏي الله، پوءِ اچي ڪڍ،
    منظور ٿي وڃي منجهه درگاهه پوءِ اچي ڪڍ،
    اي موت جا ملائڪ ڀل ساهه پوءِ اچي ڪڍ.

    ڀاڪر هجن پيل ۽ لب سي هجن لبن تي،
    آغوش ۾ جهلي مون هو ماهه پوءِ اچي ڪڍ،
    اي موت جا ملائڪ ڀل ساهه پوءِ اچي ڪڍ.

    اهڙي وٺي اجازت ٻنهي جو روح گڏ تون،
    پهرين ڪري اسان کي آگاهه پوءِ اچي ڪڍ،
    اي موت جا ملائڪ ڀل ساهه پوءِ اچي ڪڍ.

    هڪڙو جي مون هلائين هن شرط سان هلائج،
    وارو اڳي ٻيو ڏي هو چاهه، پوءِ اچي ڪڍ،
    اي موت جا ملائڪ ڀل ساهه پوءِ اچي ڪڍ.
    گهر کان هلي ته گڏجي هٿ سان مقام تي هو،
    پوري قبر ۽ پوکي گل گاهه، پوءِ اچي ڪڍ،
    اي موت جا ملائڪ ڀل ساهه پوءِ اچي ڪڍ.

    واعدو ڪري قبر تي ايندو پيو هميشه،
    کائي قسم جڏهن هو فتاح، پوءِ اچي ڪڍ،
    اي موت جا ملائڪ ڀل ساهه پوءِ اچي ڪڍ.

    مسجد هجي مسافرخانو هجي بنام،
    خيرات هوءِ جاري ۽ چاهه، پوءِ اچي ڪڍ،
    اي موت جا ملائڪ ڀل ساهه پوءِ اچي ڪڍ.

    اولاد لئه ملي جئن عزت ۽ ڀاڳ، دولت،
    علم و امان فقيري ساڃاهه، پوءِ اچي ڪڍ،
    اي موت جا ملائڪ ڀل ساهه پوءِ اچي ڪڍ.

    روزو هجيم قائم يا قدر يا ڏهينءَ جو،
    رمضان يا محرم هي ماهه، پوءِ اچي ڪڍ،
    اي موت جا ملائڪ ڀل ساهه پوءِ اچي ڪڍ.

    اذڪار ۾ هجي دل صلواة هوءِ جاري،
    نڪري پساهه آسان هڪ آهه، پوءِ اچي ڪڍ،
    اي موت جا ملائڪ ڀل ساهه پوءِ اچي ڪڍ.

    هر جاءِ غوث اعظم پنجتن ۽ غوث مرشد،
    حامي هجن هميشه سڀ شاهه، پوءِ اچي ڪڍ،
    اي موت جا ملائڪ ڀل ساهه پوءِ اچي ڪڍ.

    زهرا جي لعل جي گڏ سان ساٿ هيٺ سايي،
    نالي مٺو ته شافع همراهه پوءِ اچي ڪڍ،
    اي موت جا ملائڪ ڀل ساهه پوءِ اچي ڪڍ.

    ’صوفي‘ هجي قبيلو ۽ يار ڀي هجي گڏ،
    پاڙي هجي حسينڻ جا ڳاهه، پوءِ اچي ڪڍ،
    اي موت جا ملائڪ ڀل ساهه پوءِ اچي ڪڍ.

    *


    نظم

    نظم


    گهرجن ٿا

    هجين جت تون پياريندڙ اهي مئي خانا گهرجن ٿا،
    اسان کي گڏ اتي ساٿي فقط مستانا گهرجن ٿا.

    لٽائي مئي دغا بازن مٿان تو ساقيا ساري،
    بٺي ٿي ڀينگ هاڻي ڏس اڏامي ات پئي واري،
    ڪري ڪوشش وري آباد يَرَ مئي خاني کي ڪر يا،
    قدم ساغر اڃا توکي رکن ويرانا گهرجن ٿا.

    اڳاڙڻ لاءِ اوڌر جي بندي ڏس ساقيا سو در،
    نه ٿي تون ميزبان تيسين ملي جيسين نه ٿي اوڌر،
    ڪرڻ وهوار ري ٻي واهه ٿيندي ڪا موالين کي؟
    ادا ڪن هت رقم جيڪي اهي مهمانا گهرجن ٿا.

    نه ويري ڀاءُ جي نالي نه سهجان يار جي نالي،
    نه پائج طوق ٻيهر ڪو حبيبا هار جي نالي،
    اڱڻ تي تون ٻٽاڪين کي اچڻ ٻيهر نه ڏج ساقي،
    هتي سڀ روڪڙي وارا نشئي نيرانا گهرجن ٿا.


    نڪي ڪا ئنر نڪي ڪاهل نڪي بزدل کپن ڪيئي،
    کپن مهمير هت مانجهي، اچن ٿي شير دل جيئي،
    ڏين جي عشق جو اڳيان عجيبن امتحان پورو،
    جلائي جان جي ڄاڻن اهي پروانا گهرجن ٿا.

    نجو يرکول تون هٽڪو رتل ڳولي رکبو مَٽڪو،
    اني مان ڏج ڀرِي پٽ ڪو کڻج تورو نه تون وَٽُ ڪو،
    سِري ڪائي سري جي ناهه قيمت جي برابر پر،
    سري کي سر سينگاري سَوَ ڏيڻ نذرانا گهرجن ٿا.

    موالي مئي سندي تو کان گهرون ٿا سُرڪ سا ساقي،
    هٿن سين جام جي گهرجي سندءِ هڪ مُرڪ سا ساقي،
    پيارج سو سَرو جيڪو ڪيو چپڙن سندءِ جوٺو،
    چميا تو جنهن جا لب ساقي اهي پيمانا گهرجن ٿا.

    سري شائق اگهاڙي سر وٽي جي وار لئه طالب،
    اڀا بيٺا گهرون تو کان قدم ديدار اي طالب،
    ڀري گڏ جام پي ساقي اچي ”صوفيءَ“ سين تون کلندي،
    بٺي پاسي ٿين بٺيون اهي نيشانا گهرجن ٿا.

    *


    نظم

    نظم

    ڀيڄ ڀيڄ

    اڄ ڏسان اڀ ۾ پيو برسات برکا، ڀيڄ ڀيڄ،
    بوند جي بادل منجهان ٿي واهه ورکا، ڀيڄ ڀيڄ!

    آهه ڌم تاڙي مچائي اڄ ڏس اڀ ۾ ڪڪر،
    ڪوڏ سان ڪوئل ڪيا ڪوڪار ڪٽڪا، ڀيڄ ڀيڄ!

    آ وٺي جو واءُ وريو مال ٿو رونڇا ڪري،
    ور وجهي پڇ ۾ ڪري ٿو ناز نٽڪا، ڀيڄ ڀيڄ!

    آهه مينهن مانڊاڻ منڊيو چوطرف چمڪاٽ اڄ،
    اڄ ڌمان ڌم گوڙ جا ڪڙڪاٽ ڪڙڪا، ڀيڄ ڀيڄ!

    آسمان ڪاري گهٽا اڄ لئه وسڻ والاريو،
    آ متي رم جهم ڪري ٿي رعد رڙڪا، ڀيڄ ڀيڄ!

    خوب خوشين مان ٻَڌي اڄ پير ۾ گهنگهرو کنوڻ،
    ٿي ڪري ڪاري ڪڪر ۾ ناچ نچڪا، ڀيڄ ڀيڄ!

    هڪ اوهيرو ٿو مٽيءَ جو هو ٻيو جلدي رسي،
    برهه مان بارش ڏنا لوڏا ۽ لٽڪا، ڀيڄ ڀيڄ!

    پُرُ ڪيا پوٺا پلر سين اَبَرَ اڄ اوتون ڏئي،
    وڏ ڦڙي وسندي ڪيا سوسٽ ۽ سٽڪا، ڀيڄ ڀيڄ!

    بينسري، نڙ، چنگ، وڄائي راڳ ڳائي ٿو ڌراڙ،
    مال تي هونگر هڪل ڳٽڪار ڳٽڪا، ڀيڄ ڀيڄ!

    بيت، وائي، يا ته ڪافي راڳ سارنگ، يا ملار،
    گڏ لهي جهونگار سان جهوٽن جا جهٽڪا، ڀيڄ ڀيڄ!

    گاهه کِهَه، مکڻي ڇٻر، ۽ ڳم، مريڙو، ساوڙي،
    للر، لنب، لاڻي ڪيا اڄ لاڏ لٽڪا، ڀيڄ ڀيڄ!

    صبح ويلي ٿي مٺي وائي ولوڙي جي ٻُري،
    موج مان منڌين ڪيا جهوجهو جا جهٽڪا، ڀيڄ ڀيڄ!

    ٿي ڪڍي مائي مکڻ چاڏيءَ منجهان چاڻا ڪري،
    ٿي ڪري ماٽي نهيري چاڳ چٽڪا، ڀيڄ ڀيڄ!

    گُلَ گلي ’صوفي‘ هي بوندن هار هيرن جا وڌا،
    لاڏ مان گل ٿا لڏي ڪن بُوءِ ڀڀڪا، ڀيڄ ڀيڄ!

    *


    نظم

    نظم

    ولهار تي وس

    ڀر ڀٽن جي ڇڏ ڀري ولهار تي وس، ڀيڄ ڀيڄ،
    پر وسي تڙ ڪول ڀر گوڇار تي وس، ڀيڄ ڀيڄ!

    وس وڄوٽي، وس ٻواٽي، لڪ گاڏيجي، ڀر سڄو،
    کيٽ، کوهر، ويئرون، هر گهار تي وس، ڀيڄ ڀيڄ!

    پار برهم کان وٺي تون لڳ امر جي ڪوٽ سان،
    ڀالوا ۽ ڏيپلو، لکميار، تي وس، ڀيڄ ڀيڄ!

    تون ڪڪر هين ڪرم رو جي هون تنا ٿو اوڙ کان،
    ڏيس مانجو هي اڃو گوڌ يار تي وس، ڀيڄ ڀيڄ!

    مٺڙيو، ني ڪير ٽي، تون تڙ مٺي را جا ڀري،
    چار نوري، ڇاڇري، نوتبار، تي وس، ڀيڄ ڀيڄ!

    ٿر وسي ۽ ڪس وسي جي گان امولک رو وسي،
    آب ڇيڪو ڪوٽ نئين چيلهار تي وس، ڀيڄ ڀيڄ!


    حب، لياري، نئين مليري، گاج ۽ هنگول سڀ،
    تار بارڻ ٿي وَهي منهن بار تي وس، ڀيڄ ڀيڄ!

    کير ٿر، سارو سري ڪرچات، سوڌو پٻ، سنگهر،
    سر وسي لاهوت ۾ تر بار تي وس، ڀيڄ ڀيڄ!

    ڪيچ ۽ مڪران سرحد، ڏِسِ بلوچن جي وسي،
    لاڙ، ڪڇ، گجرات، ۽ ڪُهه سار تي وس، ڀيڄ ڀيڄ!

    سنڌ تي ’صوفي‘ چوي وس ٿي سُڪاري تون سڄڻ،
    سبز ڪر ساڻيهه جي سهڪار تي وس، ڀيڄ ڀيڄ!

    *


    نظم

    نظم


    جاڳين ستل

    هيترا سڏ ٿا ٿين ته به ڇو نٿو جاڳين ستل،
    جهپ جهپي توکي جهليو يا ٻول اٿئي اهڙا ٻڌل.

    ويسلائيءَ ۾ ويئي ڏس ڀيلجي ساري ٻني،
    هاڻ اٿ وٺ ڪجهه بچائي کڻ کانڀاڻي ڪر هڪل.

    هڪ ته پاڇاٽي ڇٽي ۽ ٻي وئي روڻِي رُلي،
    ڪَرَ هڻي واٽر ويو پر تو نه ڪئي ڪا جلهه جهل.

    توکي آ ڀاري پيو هي لاءِ کائڻ لالچي،
    هت ٻڌئي نالو وڏو پر هت ويئي اونڌي اٽل.

    تو ته جهومڪ پائيا پر لاءِ هٿ ڏس ڪن اٿئي،
    سون سين سينگاريل يا ٻٽ اٿئي پاڙون ڇنل.


    تون ته سمجهين ٿو ته هاڻي ڇا ڪندو ليکو مگر،
    کول کيسا ڇا مليئي يَرَ يا پيئي ٻيڻي اٿل.

    ٻوڏ جو خطرو اڳي کان هاڻ هت آهي وڌيل،
    تون به اونهي بحر ۾ پڪ ڄاڻ تان آهين پيل.

    جي نه ٿي تو مرد ڪا ڪوشش ڪئي نڪرڻ سندي،
    پوءِ هڪ غوطن جو ماريل ۽ هوندين گپ ۾ ڀريل.

    هل پئي ’صوفي‘ بورائن تون رکي ويسهه پڪو،
    ڪين سڻ ڦرين سندا هاپا، هنگامان، هوڏ، هُلَ.

    *


    غزل

    غزل


    ڇا ٿي پيو

    ڀلا جند جان جانب تان جي گهر گهوريم ته ڇا ٿي پيو،
    ڪلهنئون هي قريبن وٽ جي ڪنڌ ڪوريم ته ڇا ٿي پيو.

    جبل هڪ جوءِ جو راڻا جڏهن جهاڳي سگهيس ٿي تان،
    سهي ڏک، ڏيهه ۽ ڏونگر ڏکيا ڏوريم ته ڇا ٿي پيو.

    سندم هي مال، زر، گهر، سر، نٿا قيمت رکن ڪائي،
    تراڙي ۾ سڄڻ تورو ڪري توريم ته ڇا ٿي پيو.

    اڃا هيءَ ابتدا آهي پرينءَ جي پيار جي ناصح!
    چڻا رڪ جا چٻي ٽي چار جي ڀوريم ته ڇا ٿي پيو.

    هتي هڪ شور ٻي شوخي برابر بي رخي آهي،
    پري کان پرت پريم سان ڀلا ٽوريم ته ڇا ٿي پيو.

    سڄڻ جي عشق ۾ عاقل ڪندي ڪوڪون ڏٺم ڪيئي،
    کڻي چاهت منجهان هي جي ٻه چپ چوريم ته ڇا ٿي پيو.

    عقيدت، عشق، ضد، لالچ، اکين هوندي انڌا آهن،
    وجهي جهوري ۽ جوکي ۾ جي جيءُ جهوريم ته ڇا ٿي پيو.

    لڪائي لوڪ کان جپيان اُٿي ويٺي سندس نالو،
    سمرڻي ساهه کي ٺاهي سڳا سوريم ته ڇا ٿي پيو.

    ڪيو مون سوز کي ظاهر نه ’صوفي‘ غير سان آهي،
    اکين آڏو رکي رانجهن اورون اوريم ته ڇا ٿي پيو.

    *


    غزل

    غزل


    ڪينجهر

    تماچي ڄام ڪيئن تو ريءَ ڪنڌي ڪينجهر گذاريندس،
    هجر ۾ روز شب پيئي هنجون هي هي ته هاريندس.

    سما! تون ساڻ جي نيندين هتان هيڻي حويليءَ ڏي،
    ڪنيزڪ ٿي ڀري اويون اڱڻ پيئي ٻهاريندس.

    نڪي اڇ آب جي تو ري وڻن لهرن لوڏامان ٿا،
    ڀلا هاڻي اڪيلي ڪئن بحر تي پاڻ تاريندس.

    نڪي پوڻي، نه پاٻوڙو، نڪي بهه، لوڙهه جي هاڻي،
    سما، تو ري رهي چاهت ڌڪي تن کي ڌڪاريندس.

    نڪي ڪي ونجهه، نڪي کوهو، نڪي ڳن، ڪم سندا هاڻي،
    نڪي ڪي سڙهه، نه رس، تختو، لنگر ڏي منهن نه لاڙيندس.


    نه هاڻي رڇ، تُنبِي، ڪڙهي، نه ڀالو ۽ نڪا ماٽي،
    ڪنڍي، هڙيو نڪي مڪڙي نڪا سيڻاهه ڌاريندس.

    نڪي سهڻي، نه ٿيري ڪا، رڙا، ڄرڪا، نڪي ڪرڙا،
    مڇي، جهينگا پلا، گهانگهٽ، نه موراکيءَ کي ماريندس.

    ڀلا ناناڻي ڍوري جي لنگهي ويندين چوي ’صوفي‘
    گهنگهر پوءِ روز گوندر جا پيئي گندرن ۾ گهاريندس.

    *


    نظم

    نظم

    ڀنڀور

    نسوري نينهن نرجي جِي ڀنڀوران بُوءِ پئي آئي،
    ڀڙي تي رت سندا بوڙيا ڏسڻ ۾ پُوءِ پئي آئي.

    ڏٺم ڏوران سسئي نينگر دڙي تان ڊوڙندي ويئي،
    دُلاري دادلي ڀڄندي جوانيءَ کي رسي ويئي،
    ڏٺم تڙ جي طرف پنهون سسئي گڏ سٿ سهيلين سين،
    ڏسڻ ۾ صاف سڀني جي رَئِيءَ مان رُوءِ پئي آئي.

    رکيل هن ڀٽ جي ڀرپاسي رتل مٽڪو هو موکيءَ جو،
    ٻڌو هند، لاڙ، سنڌ، ڪاڇي رڳو ٿي نام چوکيءَ جو،
    سچائي سونهن سسئيءَ جي پڌر پرڏيهه وارن ۾،
    پري پهڻن ۾ پٻ جي سا اڪيلي اُوءِ پئي آئي.

    گهڻو آڳاٽو دنيا ۾ ته سڌريل سنڌ هئي ساري،
    ثقافت، سونهن ۽ سيرت، سخاوت سنڌ جي پياري،
    ڪري واپار وڻجارن ڏيساور سين ڪيو ڏيٺي،
    ٻُڌڻ ۾ سنڌ، ڌرتيءَ تي، جنت هيءَ جُوءِ پئي آئي.


    هتان جي کيس، اجرڪ ۽ نه لونگيءَ جو ٿي مٽ مليو،
    سندي ململ سوا تولو پڪو هٿ تور ٿي تليو،
    جنڊي، ڪاشي، زري، مينا هئي ڪاريگري سنڌ جي،
    دڙي مان دفن هنرن جي هڪل جي هوءِ پئي آئي.

    بندر، تڙ سڀ ڀريا ڀڪلا، مٺي، کاري، هتي موجون،
    ڏهاڙي هِت سي پرڏيهان آيون ٿي قافلن فوجون،
    رهي هت راءَ پيا ڪيئي سنڌي ٿي سنڌ ۾ ويٺا،
    ڏسڻ ۾ ماڳ، مڙهه تن جا مٿا ۽ مُوءِ پئي آئي.

    چڙهي گهل اوچتي ڪائي ڪُٺا ڪونڌر هتي راڻا،
    لڳي ڪا باهه بستيءَ کي جلي جهٽ پٽ ويا ڀاڻا،
    ٿيو هي ڍير رک، لاشن، شهر کنڊرات ٿي ويڙو،
    مٽيءَ کي سوڳ ۽ ماتم ڏسڻ ۾ سُوءِ پئي آئي.

    دڙي خود ٿي دڙي ڏاڍو شڪايت ڪئي ته يارن جي،
    ڇڏڻ تهذيب سنڌيءَ تان گلا ڪئي سنڌ وارن جي،
    اڏامي دز چيو، ’صوفي‘ ڪٿي ڪُهني روايت آ؟
    ڪندي اُن ڌوڙ مان ڌوڙيا، خوديءَ جي خوءِ پئي آئي.

    *


    غزل

    غزل


    آرزو

    بس آرزو فقط آ توکي ڏسڻ جي سهڻا،
    چاهت رهي اهائي هر هر پسڻ جي سهڻا!

    سر، ساهه، مال، زر، ير جيڪي گهرين سو حاضر،
    ڏيندس فقط نه هڪڙي موڪل وڃڻ جي سهڻا!

    ايندين ته مهرباني، ڏيندين اچڻ ته حاضر،
    تڪليف ڪانه ٿيندم تو وٽ اچڻ جي سهڻا!

    ڇڏ تون تلاش سببن وٺ اوٽ نا بهاني،
    ڪر ڪا سڌو سنواٽو مون سان ملڻ جي سهڻا!

    ٻولي ۽ ٻاپ بدلڻ ايءُ ڪم ڪميڻين جو،
    ٻڌندين نه ٻول تان تون منهنجي ڦِرڻ جي سهڻا!

    جيسين حياتي آهي تيسين ته تنهنجو آهيان،
    ايندي صدا قبر مان تنهنجي هئڻ جي سهڻا!

    ڪوشش وٺي ته اهڙي تولئه پيو ڪندس مان،
    ميدان منجهه محشر ڳولي لهڻ جي سهڻا!

    ٻيڙي ۾ غوث اعظم اولاد ساڻ هوندس،
    موڪل وٺي ڪندس گڏ توکي کڻڻ جي سهڻا!

    پاڙي پنجن تنن جي جاڳاهه هوندي ’صوفي‘،
    وٺندس اتي اجازت تنهنجي رهڻ جي سهڻا!

    *


    غزل

    غزل

    وڇوڙو بهتر هو

    وصل هن کان، هو گهڻو بهتر وڇوڙو يار جو،
    هو اميدن جو مزو ۽ دور کان ديدار جو.

    وصل هن ۾ چار ٻن مان، ڪئن ڪجي هڪ، چار کي،
    ضرب، ونڊ ۽ جوڙ، ڪٽ وئي هوش ويو هوشيار جو.

    شوريل، شوخي نگاهن داٻ، دڙڪي جو مزو،
    ڪاوڙيل، ڪيفي، ڪڪوريل، اک ڪنڍيءَ جي ڪار جو.

    مرڪ ۽ پاٻوهه سان ٿي جو ڏنو نيڻن ڪڏهن،
    اڌ اشاري ساڻ اک جي جو مزو کيڪار جو.

    ڪجهه چيو ٿي دل جي ڌڙڪن ڪجهه ٻڌائين پاڻ ٿي،
    چپ چپائي حال اورڻ ويو مزو گفتار جو.

    نيڻ جهڪيل، لب ٻئي خاموش مليا وصل ۾،
    موت ويلي ’ڇڏ وڃان‘ جي لفظ دل آزار جو.

    ڪئن چوان ڀلا وڃ ڀلي ۽ ڪئن چوان گهڙي ويهه گڏ،
    فيصلو ٻُڏ تَرَ ۾ ’صوفي‘ هي نڪان ئي تار جو.
    *


    قطعات

    قطعات

    دلدار سنڌي سورهيه

    جرنيل هوش محمد سردار سنڌي سورهيه،
    مهمير مرد مانجهي منٺار سنڌي سورهيه
    سر تو ڏنو وطن لئه سترهن فيبروريءَ تي،
    دودا دلير دلبر دلدار سنڌي سورهيه.

    *

    فيض محمد مير توکي ڪيئن وساريندا غريب،
    هجر تنهنجي ۾ سڀئي ڳوڙها ڳاڙيندا غريب.
    تون يتيمن يار ۽ همراهه هيڻن جو رهين،
    آل تنهنجي ساڻ ناتو سڀ نباهيندا غريب.
    (17 فيبروري 82ع پنجين ورسي)
    *

    ساٿ هيڻن جو ڇڏي اڄ مير مڻيادار وئين،
    ڪڪ نه، ٿيڙين تون غريبن مان مگر لاچار وئين.
    وقت پوئين تي به جلسي پورهيتن جي ۾ هئين،
    حڪم ڏاڍي، دست جابر جي ڪري سرڪار وئين.

    *
    24-5-81


    مير جو ورثو

    مير جو ورثو

    سچي هيڻن سين همدردي ڪرڻ آ مير جو ورثو،
    انگل آرا غريبن جا، کڻڻ آ مير جو ورثو،
    واهر بي واهه جي ٿيندي، چوڻ حاضر سائين حاضر،
    سڃاڻڻ ننگ، نئڙت ۾، رهڻ آ مير جو ورثو.

    *


    ڪرين نسخا عطا ٿو

    ڪرين نسخا عطا ٿو

    1-12-81

    فيض وارا فيض محمد فيض تنهنجو عام آ،
    صف فياضن ۾ اتاهون نيڪ تنهنجو نام آ.
    تون ڪرين نسخان عطا ٿو مفت ۾ مسڪين کي،
    مفت ۾ نادار کي ادويات صبح و شام آ.

    *


    مارئي

    مارئي
    (بيتَ)

    ڏٺي ڏينهن ٿيام، عمر اباڻن کي،
    اچي عمر ڪوٽ ۾، ڏوٿين ڪين ڏٺام،
    وڃڻ کي ويام، ماروئڙا ملير ڏي.
    -
    ڏٺي ٿيم ڏينهن، عمر اباڻن کي،
    وسايان ويڙهيچن ري، مٿان ماڙين مينهن،
    ڪَرَ لهندم ڪيئن، ويا ماروئڙا ملير ڏي.
    -
    مون کي مارن ڇڏيو، مون مارو ڇڏيا نه ڄام،
    آئون انهن جي آهيان، عمر تو وٽ سام،
    تيسين سک حرام، جيسين موٽن هو ملير کان.
    -
    مون کي مارن ڇڏيو، مارو ڇڏيا نه مون،
    ڪاٽي چڙهيس قيد کي، باقي ڪي ڏينهن ڏون،
    تيسين رکج تون، جيسين موٽن هُو ملير کان.
    -
    عمر آءٌ کوٽي، مارو مون وساريا،
    جا پنوهارن پهرائي سا، پاڪ نه رکيم پوتي،
    تڏهن هو موٽي، آيا نه عمر ڪوٽ ۾.

    *


    اچو ولهيءَ جي وٿاڻ تي

    اچو ولهيءَ جي وٿاڻ تي
    (بيتَ)

    زاغ وڃ ضعيف، جو نياپو کڻي نئون،
    پراڻي پريت ڏي، ساجن نهار سنئون،
    پڌرا ٿيو ٿا پئون، کَرَ کِلندا ڪيترا.
    زاغ وڃ ضعيف جو، نئون کڻي نياپو،
    راول تنهنجي رسڻ جو، ڏيان توکي ڏوراپو،
    ساجن سياپو، وجهه نه ڏکيءَ جي ڏيل ۾.
    زاغ وڃي ضعيف جو، ڏي سنيهو ساري،
    آري اصل اوهان جي، محبت ٿي ماري،
    ڪو ننگ نهاري، اچو ولهيءَ جي وٿاڻ تي.
    زاغ وڃي ضعيف جو، هيءُ سڻائج حال،
    تنهنجي هوت هجر ۾، جيئڻ آهه جنجال،
    ڪري ڀلايون ڀال، سگهو اچ ’صوفي‘ چوي.
    زاغ وڃي ضعيف جو، ڏي آريءَ کي احوال،
    جڏي نيو جبل مان، ڪڍي ٻانڀڻ ٻال،
    آهي مرن منجهه مقال، ته منڌ مري ماندي پئي.
    زاغ وڃي ضعيف جو، چئو نازڪ کي نياز،
    بدن مان بدبوءِ اچي، ڀڄي جيئن پياز،
    وڃي بلڪل ڪج بياز، جو ڏائا ڏٺءِ ڏيل جو.
    زاغ وڃي ضعيف جا، ڏي پنهل کي پيغام،
    آهي اوهان جي آسري، مير مڪراني ڄام،
    ”صوفي“ سَوَ سلام، نياز نذر ۾ موڪليا.
    *


    عيد

    عيد
    (بيتَ)

    اچ ته ڪريون ڪا عيد، ير جيئري هن جھان ۾،
    اڄ سهڻا روز سعيد، ڪڍ تون رسامون روح مان.
    -
    الله ڪرائين عيد، سندم تون ساڻيهه کي،
    والي رب وحيد، لاهه ڏولائو ڏيهه تان.
    -
    عالم ڪري عيد، پر رند رهن روزائتا،
    اڳتي جو اُلڪو اٿن، نڪو ياد بعيد،
    ٿيا تن شوقئان شهيد، جي وانجي وجهن وصال کان.

    *


    موتي

    موتي
    (بيتَ)

    سونهن تنهنجي سرس ڪئي، موتيءَ لاهي مَرُ،
    سينگاري سُهڻو ڪري، توکي ڪيو پڌر،
    تڏهن کنئي ڪَرُ، نه ته تنهنجي سونهن سڀ ڪنهن ڏٺي.
    -
    سونُ به سلامي ٿيو، اڳيان نه ڪيئين اڀمان،
    مڻيو ڏسي موٽي ويو، صاف ڪري ميدان،
    اهو هو موتيءَ کي مانُ، نه ته تنهنجي سونهن سڀ ڪنهن ڏٺي.
    -
    موڳا هن موتيءَ جو، تو قدر ڪونه ڪيو،
    ملندءِ ڪونه ملڪن ۾، هاڻي هن جِھو،
    هي ڀڄڻا ڀڄي پيو، هاڻي هٿ متان هڻين.
    -
    لڪي لڪنديءَ ڪيترو، اصلي سونهن سنداءِ،
    ٻُٽي ڳچي ڳهه ري، ڏيهه سڄو ڏسنداءِ،
    وڃڻ کي وياءِ، هاڻي هٿ متان هڻين.

    *


    اُٺ

    اُٺ
    (بيتَ)

    ٻئي هنڌ سلي ماٺڪو، منهنجي راهه رڙي،
    نه پلاڻ نه پاکڙو، نڪي پنڌ پري،
    چانگو ڪِينَ چَري، سڌي گس ’صوفي‘ چوي.
    -
    نڪي بوجو بار جو، نڪي پنڌ پريون،
    سڌو گس ’صوفي‘ چوي، نڪي راهه چريون،
    ڪي موڳي کي مريون، جو مٿي گس گوهيون ڪري.
    -
    منهنجي ميي مُور، مڃي نه هڪڙي ڳالهڙي،
    ڪرهي ڪڌائي نه ڇڏي، ڪوڙيين ڪيا ڪلور،
    چنگهندي ٿيو چُور، سئين راه ’صوفي‘ چوي.
    -
    منهنجي منهنجي ڪاءِ، مَيي مڃي نه ڳالهڙي،
    ماڳ نه هلي ماڳهين، جتي سندس جاءِ،
    مَيي مون سين ماءِ، ڪُڌي هن ڪلور ڪيا.
    -


    اڪن ۾ اجهي پيو، ميندي ڀري نه مور،
    ڌڻين ري ڌار رهڻ، هن دلي ڪيو دستور،
    وهٽ ويو وهلور، گسان گسي گمراهه ٿيو.
    -
    ڪڌي ڪڌائي نه ڇڏي، پيو توڏو تڙائي،
    هڪل سين هلي نٿو، پيو گونرو گسائي،
    اٺ اونڌي آهي، اصلؤن کريل کوپري.
    -
    ميي تي ميار، آهي ڌر ڌڻين جي،
    جن تاتي توانو ڪيو، توڏو ترت تيار،
    اهي دل گهريا دلدار، هن وهٽ وساري ڇڏيا.

    *


    بيتَ

    بيتَ

    صراف سڃاڻي سونَ کي، يا پائيندڙ پرکي،
    اڄ پِتَلَ پئي جَهرڪَي، جنهن موهي ڄٽ مات ڪيا.
    -
    سونَ اصل تون سونُ آن، توڙي گڏيل گڏ،
    تنهنجو قدر ڏڏ، ڪندا ڪيئن صراف ري.
    -
    هي آ انگ ازل، جنهن وهڻ منهنجو وِههُ ڪيو،
    جهاڳينديس جبل، آرياڻي لئه اديون.
    -
    ڪو جو لڳم نينهن، جنهن وهڻ منهنجو وِههُ ڪيو،
    رڙهنديس راتو ڏينهن، آرياڻيءَ لئه اديون.
    -
    ڪو جو پيچ پرت، جنهن وهڻ آهي وِههُ ڪيو،
    موڙهي ويئي مت، رڙي ۽ رڙهي پيئي.
    -
    رڙي ۽ رڙهي پيئي، ويئي سسئيءَ جي سُرت،
    موڙهيءَ ويئي مَت، ڇُلي پيئي ڇپرين.
    -
    پرُجهڻ وارا پارکو، ويا سي وينجهار،
    ڪهڙي هاڻ ميارَ، سون ڪرين ”صوفي“ چوي.
    -

    *


    قطعه

    قطعه

    سينيٽر شيخ علي محمد

    وڏيرا مور منگرائي سينيٽر يار، علي محمد!
    پڪن رستن جو وڇرايو ڊگهو تو ڄار، علي محمد!
    ڏيارڻ نوڪريون، اسڪول، ڪرڻ مددون غريبن جون،
    ڪلهن تان شيخ پاڻيءَ جو تو لاٿو بار، علي محمد!
    *

    ڀلي ماءُ ڄائين ڀلي يار آئين،
    ڀلي ڳوٺ مَنگرن کڻي هنج نپائين.
    سڃاڻي جو حق سو قلندر صفت آ،
    مبارڪ هجئي ساٿ پيو تون نڀائين.
    *

    ڏٺم شيخ! توکي هجين جيئن ٻه ڌارو،
    وٺين ڪين ڪنهن کان نڪي ڏين اڌارو.
    نه طبقات، مذهب جو ڪو فرق ڌارين،
    بنا وير گڏيل ڪرائين سڌارو.

    *


    واٽر سپلاءِ جو پاڻي وهڻ وقت پاڻي ڏسڻ سان 88-09-08 تي شام 4 وڳي لکيل


    شڪايت

    شڪايت
    (اشعار)

    اٿي ٿي جا اندر مان سا ڪنهين لئه ڪا شڪايت آ،
    ڪيان ڪنهن جي ڏيان ڪنهن کي اُها ڪهڙي شڪايت آ.
    -
    شڪايت آ مگر ڪنهن کان پتو ناهي شڪايت آ،
    نٿو سمجهان اُها ڪهڙي ڪڏهن کان هي شڪايت آ.
    -
    خبر ناهي ته ڪهڙي آ پتو ناهي ته ڪنهن کان آ،
    ڏبي ڪنهن کي نه آ معلوم عجب جهڙي شڪايت آ.
    -
    ڪٿ ڪيم، ڪڏهين ڪيم، ڪيئن ڪيم ۽ ڇا ڪيم،
    سڌ نه آ تان ڪجهه ڪيم، يا ته ڪجهه ڀي نا ڪيم.
    -
    ڇا ڪرڻ جي لاءِ آيس، هت رسي پوءِ ڇا ڪيم!!
    جي ڪيم، تان ڇو ڪيم، ڪنهن لئه ڪيم يا نا ڪيم؟
    -
    ڪٿي جو آ ۽ ڪهڙو آ، خبر ناهي ته ڪير آهي،
    مرڳو يا ته مان آهيان، الهءِ منهنجو آ، يا غير آهي؟
    -
    هي آهي يا نه آهي ڪو ڏسان ٿو جو سو ڇا آهي،
    بشر آهي يا جن آهي هي پاڇو يا وهم آهي؟

    *

    88-03-04


    شعر

    شعر

    بنا موڪل ملي سگهندو، نه ڪنهن سين نوڪريءَ وارو،
    اجازت سان اچي ٿيندو، سڌو مون سين ملاقاتي.

    *


    رات جو ستي خواب ۾ ٻه شعر چيم جن مان هڪڙو ياد نه آيو. باقي هي ياد بيٺو هو.
    87-04-06


    سورهيه! سگهيرا سَڏَ ڪَنِ

    سورهيه! سگهيرا سَڏَ ڪَنِ

    وانجهيا جي وصال کان، سي پيا سُڏَڪن،
    آڻي آب اکين ۾، اوساريندي سُڏڪن.
    چڪيا چاڪ اڳوڻا مير!تنهنجي مرگ تي،
    واڪا وڇوڙين جا ڪجان سورهيه! سگهيرا سُڏَ ڪن.
    -
    مهمير، مير منهنجا ڏِسِيُنِ سندا ڏيا ٿئي،
    آ جاءِ ٻن ته بدلي مري مير ڪين ويا ٿئي،
    حاجي، رفيق، حيدر اُنهِين سندو ويا ٿئي،
    مَڻِ آ سندن مٿن ۾ نڪري ننگان نه ويا ٿئي.

    *


    *الحاج مير علي احمد خان محموداڻي ٽالپر جي وفات (87-04-05 لنڊن) جي خبر ٻڌي لکيو ويو.
    84-12-10


    قطعه

    قطعه

    کنهندا پيا ڏاڙهي

    مقابل ٿي بيهو پڙ ۾، اجائي ڇو هڻو ڄاڙي،
    وهو سامهون ڳڻڻ خاطر، ڀڄو سڀ ڪين ٿي ڀاڙي.
    اُگهاڙي ۽ سُڃي جيڪا ڪُني ڪانگن حوالي سا،
    هٿان بازي وڃائي پوءِ رڳي کنهندا پيا ڏاڙهي.

    *


    بيتَ

    بيتَ

    ڪَٿي ڪَٿِبِي ڪانه ڪا، تنهنجي ڪارڻي قوت،
    موڙهي مڃي منٿ، پاري منجهه پناهه ڏيو.
    -
    تُنهنجي قُوت ڪارڻي، ڪَٿي سگهبي ڪانه،
    موڙهي ڏيئي مانُ، پاڙي منجهه پناهه ڏيو.
    -
    پاڙي منجهه پناهه کپي، ٻي شافعي شفاعت،
    ٿئي هيڻيءَ حفاظت، پاڙي منجهه پناهه ڏيو.

    *
    84-12-03


    چوسٽا

    چوسٽا

    ضرورت نه ڪنهن جي مرڻ يا جيئڻ جي،
    نه پرواهه ڪنهن جي وٺڻ يا ڏيڻ جي.
    بنا روڊ گاڏو جي هلندو ئي رهندو،
    رڳي گهرج هاڻي ڌڪي آ ڏيڻ جي.
    -
    ڪرڻ ظلم غاصب سکياسين سو ڄاڻو،
    ڀلا حق ڪنهن جو اسين ڇو سڃاڻو.
    حسدَ ويرَ ڪيني ۽ تعصب کي ڌاريون،
    اسان مان انڌو ڪو سڄو توڙي ڪاڻو.
    -
    سٺي شئي کي ماريم اچي منهنجو وارو،
    وڃان ٿو سو کائي مليم جو اُڌارو.
    عزت، ڪرسي، قوت، نه جيئري ئي ڏيندس،
    ڀلا ڏي ڪو سينو ته مرندو ويچارو.
    -


    سُٺو ٿي ڏيکارڻ وڏو ڏوهه آهي،
    جو چڙهندڙ کي هيٺيون وجهي ٿو ڪيرائي.
    نه بڇڙي ڏني آ ڪڏهن جاءِ سُٺي کي،
    ڀڃي هيرا حاسد ڇڏي ڀينگ لائي.
    -
    آئين آ مِٺي جي رنگا رنگين لوئي،
    جنهن جي چڙهي ويو وَرِ مالڪ آ، اُن جو سوئي.
    اوڍي وهي وڇائي ويڙهي کڻي مروٽي،
    پنهنجي رضا رنڱائي يا ڪي رکيس ڌوئي.

    *
    83-06-08


    ياد موسيٰ جي طبع رهندي ٻڍي ۽ ٻار کي

    ياد موسيٰ جي طبع رهندي ٻڍي ۽ ٻار کي

    هيءَ ڏٺم قدرت عجائب ٻه فوٽ پاڻي پهلوان،
    سروَ قد سهڻو سگهارو بافضيلت نوجوان.
    شاخ راهوڪي منگر موسيٰ ٻڏو ابن مبين،
    جون ست ٽياسي منگل يارهين وڳي هي ٿيو زيان.

    تنهنجي ڳولا لاءِ پئڙا ڳوٺ جا ڪاهي بشر،
    ٻوٽو ٻوٽو ٻارو ٻارو پن پن ڏٺو کولي شجر.
    ميلن جا منهن هٿ هٿ ڏئي ڪاهي پيا ڪئين شاخ ۾،
    سوٽهڙ پيسوءَ کي موسيٰ مليين ڪونڌر پسر.


    ياد موسيٰ جي طبع رهندي ٻڍي ۽ ٻار کي،
    هم عمر شاگرد دوست استاد مائٽ يار کي.
    آ مٺو اولاد سڀ ڪنهن پر موسيٰ ٿيو هر دل عزيز،
    ڳوٺ سارو آهي ڇا؟ رئندي ڏٺم اغيار کي!

    مرتبت عالي سندءِ، عالي سندءِ جاه و جلال،
    سو ڪري ڏيکارين قادر! جو نه ڪنهن خواب و خيال.
    موسيٰ ٻڏو روز منگل شعبان جي چوويهه تي،
    سال چوڏهن سؤ ۽ ٽي قادر ڪيئي ظاهر ڪمال.

    *
    . موسيٰ ابن مبين احمد ٿيٻو موري منگر تاريخ 83-07-06 اڱارو مطابق 24 شعبان 1403هه 11 وڳي ڌاري شاخ راهوڪيءَ ۾ ڳوليندي ڀاءُ پيسوءَ کي هٿ آيو. سندس عمر 16-17 سال سال هئي اٺين جو امتحان ڏنو هئس، قد اندازاً پوڻا ڇهه فوٽ ۽ نوجوان بلڪل سگهارو بافضيلت ڇوڪرو هو، سندس جنم 2-11-1966ع تي ٿيو هو.

    1983-05-31


    چؤسٽا

    چؤسٽا

    اصل چيز، انسان! آهي محبت،
    پراون کي پنهنجو بنائي محبت.
    محبت سان ميدان جيتي ٿو سگهجي،
    اهڙي شال هر ڪو وڌائي محبت.
    -
    اندر ۾ جي محبت رکين ها انساني،
    ڪرين ڪين ها هي ڪڏهن ڪم حيواني.
    ٻچا ڪين پنهنجا ڪري هي تو ڄاتا،
    هڻائي ته گوليون وڏي ڪيئي ناداني.
    -
    اصل آهه شاگرد اولاد برابر،
    مگر تنهنجي دل ۾ پِدري شفقت.
    رکين تون نه استاد يونيورسٽي!
    رکين ٿي پڙهيا پاڻ وٽ سي درندا.

    *

    83-04-28


    سرهاڻ پئي اچي

    سرهاڻ پئي اچي

    هر هنڌ ٻُڌَڻ ۾ تُنهنجي واکاڻ پئي اچي،
    مهمير شير سنڌ جا سرواڻ پئي اچي.
    تُنهنجي پسر کي مولا خوبيون سندءِ ڏئي جيئن،
    آسڻ سندءِ مان تنهنجي سُرهاڻ پئي اچي.
    -
    مرحوم مير تُنهنجي دلين ۾ ياد تازي،
    نئڙت ۽ صاف گُوئي تو وٽ هئي نه بازي.
    بُکيو نه اقتدار جو نه ڪرسيءَ سندو تون طالب،
    هرحال ۾ رکيو تو مسڪين کي ٿي راضي.

    *

    83-04-30


    کورِي اڱر هٿوڙي سانداڻ پئي ڪنبيون،

    کورِي اڱر هٿوڙي سانداڻ پئي ڪنبيون،
    سختي سندءِ کان هردم اي وڏهاڻ پئي ڪنبيون.
    ڪرسي ۽ حڪومتون ۽ فولاد جون ديوارون،
    حشمت سندءِ کان سورهيه سرواڻ پئي ڪنبيون.
    -
    ٻيلي ۾ شير تنهنجي نانءُ ٿي ٻُريو،
    سامهون سندءِ بندوقون ۽ توبچي ويا ٺريو.
    پڃري ۾ بند هئين ته به شڪاري رڦيا پئي،
    تنهنجي ئي ڊاءِ ڊپ کان تن هانءُ ٿي ڏريو.
    -
    توکي رهايو جن هو تن پڃرن کي ناز رهيو،
    تن ۾ ڪٻر ڪبوتر نه ڪانگ قاز رهيو.
    چوندا وتيا اسان وٽ ڪئين باز پيا جهڪي،
    پر مير شير سنڌ ٿي شاهي شهباز رهيو.

    *


    80-03-03


    بيتَ

    بيتَ

    پانڌي پرين ڏانهن ڪا، ويندي وير مَ ڪر،
    صبح ويل سويل تون، جهلج دوستن در،
    من ڪو مهر نظر، ڪن سڄڻ ’صوفيءَ‘ تي کڻي.
    -
    پانڌي پرين کي ڏجان، هي نياز منجهان نياپو،
    تنهنجي ڏاڍ ڏمر جو، ڏيون توکي ڏوراپو،
    هي پانڌي پاراپو، لوڪان لڪائي ڏيج تون.
    -
    پانڌي پرين پار کان، اڱڻ جيءُ آئين،
    پرچائي پرين کي، ٿو پير اڱڻ پائين،
    جي ماس بدن کائين، ته هردم حاضر تو اڳيان.
    -
    پانڌي پرين پار کان، اڄ آندي خاص خبر،
    ته محبوبن معاف ڪيا، اڄ سڀئي ڏوهه ڏمر،
    هو سهڻن جا سرور، اجهي اڱڻ اچڻا.
    -
    جهڙا پرين پاڻ ڀلا، تهڙو پانڌي پيارو،
    ملائي محبوب سان، ٿو مٺِو موچارو،
    هي سونُ سڄو سارو، آ ساٿي سهڻل جو.

    *


    قطعه

    قطعه

    تاريخ

    موسيٰ ولد مبين احمد ٿيٻو- موري منگر

    ٻي نومبر سال ڇاهٺ اربعه تي ڄائو مهجبينُ،
    1966-11-02
    جون ست ٽياسي منگل موسيٰ ٻڏو ابن-مُبينُ،
    1983-6-07
    غسل لئه يارهين وڳي هو شاخ راهوڪي ويو،
    گڏ اَجّلُ پهتو اتي پاڻي جتي هو فوٽ دو،
    سال سورنهن ماهه ست ۽ روز پنج زندگي رهي،
    5-7-16
    سالَ چوڏنهن سؤ ۽ ٽي شعبان جي چوويهه ٿي.
    24 شعبان 1403هه
    *


    قطعه

    قطعه

    تاريخ

    اڪرم ولد مبين احمد ٿيٻو- موري منگر

    ويهه ڊسمبر سال پنجهٺ روز سومر تي جنم،
    1965-12-20
    سال ٽياسي سيپٽمبر جي ٻيءَ تي مرگ- صنم،
    1983-09-02
    سال سترهن ماهه اٺ ۽ روز ٻارهن هت رهي،
    12-08-17
    ڀاءُ موسيٰ جو وڇوڙو ڏينهن ستاسي ويو سهي،
    رات جو نائين وڳي ڪئي بعد جمعي الوداع،
    ذوالقعد جي ٽيويهه تي اڪرم ويو دارالبقا.
    23-ذوالقعد 1403هه
    *

    موسيٰ ۽ اڪرم- ٻئي ڀائر


    قطعه

    قطعه

    تاريخ

    اڪرم ابن مبين ٿيٻو جي وفات

    سال اوڻيهه سؤ ٽياسي ماهه سيپٽمبر جي ٻِي،
    1983-09-02
    سال چوڏهن سؤ ۽ ٽي ذوالقعد جي ٽيويهه ٿي،
    23 ذوالقعد 1403هه
    رات جو نائين وڳي روز- جمع جي بعد آ،
    ڀاءُ سان ڀيڙو ٿيڻ اڪرم ويو دارالبقا.

    *

    1983-10-04


    قطعه

    قطعه


    اٻوجهو

    مجلس مجاهدن ۾ سردار هو اٻوجهو،
    روشن ڏيئو جهڪن ۾ نروار هو اٻوجهو.
    مومن سچو ۽ عالم بي باڪ هو مجاهد،
    غيرن جي لاءِ رُڪ جي ديوار هو اٻوجهو.

    *


    اٻوجهو: الهه بخش اٻوجهو، ناميارو شاعر

    80-06-26


    قطعه

    قطعه


    بجيٽ جي مهانگائي

    ٿئي مينهن هن تي واڌارو گپن ۾،
    رڳي گهُٽ گرمي ۽ بدبوءِ چڪن ۾.
    پيو مينهن جو مرض هر سال ايندو،
    ۽ نزلو ۽ کانسي اضافو ڇڪن ۾.
    -
    اهو مينهن هر سال وسندو ئي رهندو،
    غريبن جو جهوپو ته ڀڄندو ئي رهندو.
    ڳري ٿيندي رلڙي چڪڻ مان ڌٻڻ نيٺ،
    ڪو ترڪي ئي ڪرندو ڪو گپندو ئي رهندو.
    -
    ڪالي گھڻا کے وسط ۾ صورت يه چاند ڪي تھي،
    هلڪي سياهي اس په گرهن کے روپ ۾ تھي،
    گرهن ڪڳ آنڳ جانڳ ڪي ڪيفيت عجيب تھي،
    گردش نه تھي ز۾ ڪي يه هاتھه ڪي جنبش تھي.

    *


    شيرِ سنڌ تو ۾ جدا ٿيو ڇو ڀلا ڇا هي چوان،

    شيرِ سنڌ تو ۾ جدا ٿيو ڇو ڀلا ڇا هي چوان،

    ڇيهو ڏنءِ مزدور پورهيت کي وڏو شاهي چوان.
    تون شڪاگو کان وٺي سڀ شير ليڊر ٿي کڻين،

    اي غره مئي تنهنجو نالو شام اونداهي چوان.

    *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 478
    ڪتابن جو مشاهدو: 428747
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 174399
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ