ڪتاب جو نالو: ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون
مصنف: انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 20 سيپٽمبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 2031 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 236 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جي تاليف ۽ سهيڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتي ڪئي آهي. پهاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق جي حوالي سان سهتي صاحب وڏو ڪم ڪيو آهي. ”ٿرِي سماج، ٿرِي ثقافت (راهپ) ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٿرِي لهجو ـــــ ٽنهي ۾ قرب ۽ ڪشش به آهي، ته پيار ۽ پنهنجائپ به. ٽئي هڪ ٻئي جا ڀرجهلا به آهن، ته هڪ ٻئي جو ساهه ۽ ست به. انهن ٽنهي جي ڀرپور عڪاسي انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب جي جوڙيل هِن اڻ ملهه ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۾ ڪيل آهي. ڪتاب بابت ڇا چئجي! هڪ هڪ چوِڻِي ٿر جي سُرهي ٻُوٽي مَرُوئي جي مهڪار ٿي لڳي ۽ هڪ هڪ پهاڪو مور جو کنڀ يا روهيڙي جو گل!“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي (رجسٽرڊ) قنبر جو ڪتاب نمبر (۵۳)
  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران :
  • ٻه چار لفظ
  • سادا اکر
  • الف
  • ب
  • ٻ
  • ڀ
  • ت
  • ٿ
  • ٽ
  • ٺ
  • ث
  • پ
  • ج
  • ڄ
  • جھ
  • چ
  • ڇ
  • ح
  • خ
  • د
  • ڌ
  • ڏ
  • ڊ
  • ڍ
  • ر
  • ز
  • س
  • ش
  • ص
  • ع
  • غ
  • ڦ
  • ق
  • ڪ
  • ک
  • گ
  • ڳ
  • گھ
  • ل
  • م
  • ن
  • و
  • ھ
  • ي
  • حوالا، ڪتاب ۽ اشارا
  • ڏسڻي ٿري پھاڪا ۽ چوڻيون
  • انجنيئر عبدالوهاب سهتي جا ڇپيل ڪتاب
  • ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ڇپرايل ڪتاب

  • ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي (رجسٽرڊ) قنبر جو ڪتاب نمبر (۵۳)

    © ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي (رجسٽرڊ) قنبر ۲۰۱۷ع


    ڪتاب: ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون
    تاليف: انجنيئر عبدالوهاب سهتو
    پهريون ڇاپو: اپريل ۲۰۱۷ع
    ٽائيٽل: رضوان گل
    ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر

    قيمت: ۶۰۰ رپيا

    “Tharee Proverbs & Sayings”
    By: Engr. Abdul Wahab Sahito
    1st Edition: April 2017 A.D
    Published by: Dr. Muhabbat Academy®, Kambar
    E-mail: drmuhabbatacademy@gmail.com
    riazatburiro@yahoo.com

    هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر محبت اڪيـڊمي قنبر جي چيئرمين ڀائو درمحمد ٻرڙي،
    ڪراچيءَ مان ڇپائي، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران پڌرو ڪيو.


    انتساب

    هن ڪتاب جوڙڻ ۾ جيڪي شخصيتون مددگار ٿيون، تن منجهان پھريون آهي رام چند سانجهيرا صاحب. اگر اهو صاحب پنھنجي مخصوص انداز سان، ڍاٽڪي پهاڪن، چوڻين ۽ ٻولن جي وضاحت نه ڪري ها ته شايد ٿري پهاڪن جا مقالا جوڙڻ ڏانھن ڌيان ئي نه وڃي ها ۽ گمان آهي ته هيءُ ڪتاب پڻ نه جڙي سگهي ها.
    جان ڪي ديوي صاحبه جي ٿيسز اگر هٿ نه اچي ها ۽ استفادي لاءِ ميسر نه هجي ها ته به ڪتاب جو جڙڻ، مشڪل هيو.
    اها ٿيسز لکڻ وقت، سرڪاري طرح مقرر ٿيل گائيڊ کان علاوه، اگر جناب معمور يوسفاڻي صاحب سندس رهنمائي نه ڪري ها ته شايد اها رٿا پايئه تڪميل تي نه پھچي سگهي ها. نه اها ٿيسز معمور صاحب جي پٽ اسد جمال پليءَ وٽ هٿيڪي هجي ھا ۽ نه ئي عابد لغاري صاحب وٺرائي ڏئي سگهي ها.
    جيئن ته هن ڪتاب لکڻ لاءِ، مٿي ڄاڻايل ٽي شخصيتون؛ رامچند صاحب، جان ڪي ديوي ۽ معمور يوسفاڻي صاحب، اصل محرڪ رهيا آهن. تنھنڪري هيءُ ڪتاب، ڏانھُن منسوب ڪيان ٿو.


    - انجنيئر عبدالوهاب سهتو


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جي تاليف ۽ سهيڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتي ڪئي آهي. پهاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق جي حوالي سان سهتي صاحب وڏو ڪم ڪيو آهي.
    ”ٿرِي سماج، ٿرِي ثقافت (راهپ) ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٿرِي لهجو ـــــ ٽنهي ۾ قرب ۽ ڪشش به آهي، ته پيار ۽ پنهنجائپ به. ٽئي هڪ ٻئي جا ڀرجهلا به آهن، ته هڪ ٻئي جو ساهه ۽ ست به. انهن ٽنهي جي ڀرپور عڪاسي انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب جي جوڙيل هِن اڻ ملهه ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۾ ڪيل آهي. ڪتاب بابت ڇا چئجي! هڪ هڪ چوِڻِي ٿر جي سُرهي ٻُوٽي مَرُوئي جي مهڪار ٿي لڳي ۽ هڪ هڪ پهاڪو مور جو کنڀ يا روهيڙي جو گل!“
    هي ڪتاب ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، قنبر پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري دوست رياضت ٻرڙي جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ٻه چار لفظ

    منجھان منهنجي روح، جي وڃي ساجن وسري،
    تـه مَـــر لـڳــي لُــوهَه، ٿـــر ٻـاٻـيــهـــو ٿـــي مــــــران. (شاهه)
    اسرارن، انتظارن ۽ رمزن سان ڀرپور آهي سنڌُ جو ٿَـرُ. ٿـرُ هڪ حيرت ڀريو حصو آهي سنڌ جو، جنهن ۾ روح روليندڙ رُڃ به آهي ته ساهه سُڪائيندڙ سُڃ به، ڏُک جا ڏونگر به آهن ته درد جون ڀِٽون به، اکڙين جي اداسي به آهي ته دلڙين جي هيڪلائي به! ٿـرُ؛ غربت جو منظر به آهي ته عبرت جي ڪٿا به! پر؛ ٿـرَ جِي واريءَ تي جڏهن اُڀ مان ابرُ وڏڦڙي جا وسڪارا ٿو ڪري، ته ٿريءَ جي اندرَ سان گڏ ٿر جي اُڃ به اُجھي ٿِي پوي ۽ ٿـر جو حُسن جرڪڻ ٿو لڳي، اُٻاڻڪا مورَ ٽهوڪڻ ٿا لڳن، ۽ ٿـر جي فطرتي خوبصورتي اَرضي جنت جي عڪاسي ڪرڻ ٿي لڳي!
    بَـــر وٺـــا، ٿــر وٺــا، وٺي ڪَـڇ ڪِـنــارَ،
    پوياڙيءَ پَٽن تي، ڏِس! نايائـون نـارَ،
    سـٻـاجهـي سـتـارَ، لاٿــا ڏُرتَ ڏيهه تان. (شاهه)
    ٿرِي سماج، ٿرِي ثقافت (راهپ) ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٿرِي لهجو ـــــ ٽنهي ۾ قرب ۽ ڪشش به آهي، ته پيار ۽ پنهنجائپ به. ٽئي هڪ ٻئي جا ڀرجهلا به آهن، ته هڪ ٻئي جو ساهه ۽ ست به. انهن ٽنهي جي ڀرپور عڪاسي انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب جي جوڙيل هِن اڻ ملهه ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۾ ڪيل آهي. ڪتاب بابت ڇا چئجي! هڪ هڪ چوِڻِي ٿر جي سُرهي ٻُوٽي مَرُوئي جي مهڪار ٿي لڳي ۽ هڪ هڪ پهاڪو مور جو کنڀ يا روهيڙي جو گل!
    مَـــروئـــي مــهــڪــارَ، اڃــا اڱــــڻِ سُـپــريــن!
    اچين جي ٻيهارَ، مَهڪي ساٿُ سُڳنڌ سان. (اياز)
    ۴۹۴ صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي ضخامت ۾ سمايل، سنڌي الف-بي جي ۴۲ اکرن سان شروع ٿيندڙ ۷۸۵ پهاڪا ۽ چوڻيون ڏکن ۽ سکن جون سهسين ڪهاڻيون ٻڌائي رهيون آهن، ۽ اهو به ته هن منفرد ڪتاب تي ڪيڏي نه محبت منجهان محنت ڪيل آهي! جيڏو ٿر وسيع آهي، ايڏو ئي ان جا پهاڪا ۽ چوڻيون به، جيڪي ريگستان جي چَپي چَپي ۾ سمايل ۽ سانڍيل محسوس ٿين ٿيون.
    اڃـا ڪـجھ ٻـرنـدا رهـن، ڏهـرن ۾ ڏيـئـا،
    وجھي ٿي ليئا، ور ور باک بسنت جـي. (اياز)
    هن ڪتاب ۾ انيڪ خوبيون گلدستي جيان سينگاريل آهن، جن ۾ هيٺيون ڪجھ خاص خوبيون پڌري پٽ پسي سگهجن ٿيون:
    1. سُهڻِي سنڌ جي ڪنهن خاص علائقي سان واسطيدار پهاڪن ۽ چوڻين جو ايڏو وڏو ذخيرو پهريون ڀيرو پڌرو ٿي رهيو آهي.
    2. پهاڪن ۽ چوڻين جي ترتيب الف-بي وار، لغتِي سٽاءَ موجب، بيهاري وئي آهي، جنهن سان ڪنهن به پهاڪي ۽ چوڻيءَ وغيره کي سولائيءَ سان ڳولي سگهجي ٿو.
    3. ڏکين لفظن جون معنائون درج ڪيون ويون آهن، جن ذريعي ’ٿري لهجي جي لغت‘ جوڙي سگھجي ٿي.
    4. تشريحن ۾ ضروري وضاحتون ۽ چِٽايون پيش ڪيون ويون آهن.
    5. ’مطلب‘ ۾ مختصر طور مفهوم واضح ڪيو ويو آهي ۽ لاڳاپيل پهاڪي يا چوڻيءَ کي پڻ آندو ويو آهي يا ڪا لفظي ڦيرگهير آهي ته اها به داخل ڪئي وئي آهي ۽ علائقي يا ٻوليءَ/لهجي بابت آگاهي پڻ ڏني وئي آهي.
    6. ٿري لهجي جي ڪِن ننڍ-لهجن، جهڙوڪ ڍٽ وغيره جي نشاندهي پڻ مطالع ڪري سگهجي ٿي.
    7. پارڪر جي پهاڪن ۽ چوڻين کي پاسيرو ڪيو ويو آهي، جنهن سان ان خطي جي پهاڪن ۽ چوڻين تي مشتمل الڳ ڪتاب جي گنجائش پڻ پيدا ٿي آهي.
    8. انهن پهاڪن ۽ چوڻين جي داخلا پڻ رکي وئي آهي جيڪي ٻين علائقن يا ٿر جي ڀرپاسي جا ته آهن، پر ٿر ۾ مروج آهن.
    9. پهاڪي، چوڻيءَ ۽ ورجيس جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.
    10. ڏِسڻي پڻ جوڙي وئي آهي، جنهن سان ڪنهن به پهاڪي ۽ چوڻيءَ تائين پهچ ۾ آساني پيدا ٿي پئي آهي.
    11. شاهه لطيف جي شاعريءَ مان پڻ واسطيدار چوڻين وغيره کي درج ڪيو ويو آهي.
    12. ضروري حوالن ۽ مددي ڪتابن جي لسٽ پڻ، پهاڪن جي پڄاڻيءَ تي، ميسر ڪيل آهي، جنهن سان ٿر بابت وڌيڪ مطالعو ڪري سگهجي ٿو.
    بهرحال، سهتي صاحب جو هيءُ ڪتاب ”ٿرِي پهاڪا ۽ چوڻيون“، ان ئي سلسلي جي سندس ٻن اڳيَن ڇپيل ڪتابن ”اترادي پهاڪا ۽ چوڻيون“ ۽ ”لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون“ جو تسلسل آهي. اميد ته هُو اهو تسلسل برقرار رکندو، ته جيئن سڄيءَ سنڌ جي مختلف علائقن جا پهاڪا ۽ چوڻيون پنهنجين پنهنجين خوبين ۽ خوبصورتين سان مرتب ٿي سگهن.
    مان انجنيئر عبدالوهاب سهتي کي هيءُ ڪارائتو ۽ بهترين ڪتاب جوڙڻ تي واڌايون پيش ڪريان ٿو. گڏوگڏ، ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي“ پاران سندس ستون ڪتاب ڇپجڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪريان ٿو.

    مهرباني.
    رياضت ٻرڙو
    ڊائريڪٽر (اعزازي)
    ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
    ۲۲- مارچ ۲۰۱۷ع


    سادا اکر

    سنڌ جو وارياسو علائقو؛ گهوٽڪي، سکر، خيرپور، سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر ضلعن جي اوڀر ۾ اچي ٿو، ڪافي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. جڏهن ته ٿرپارڪر جي ريگستان يا ٿر ۾، ننگر پارڪر، ڏيپلو، ڇاڇرو، مٺي ۽ عمرڪوٽ تعلقا اچي وڃن ٿا.
    ٿر جي وجود ۾ اچڻ بابت، عالمن جي ڏنل راين منجهان ٻه وڏا معتبر رايا آهن. هڪ راءِ ته؛ ٿر واري ايراضي، اصل ۾ سمنڊ هيٺ هئي. سمنڊ جي هٽڻ، طوفانن ۽ زلزلن جي اچڻ کان پوءِ، موجوده شڪل اختيار ڪيائين. ٻي راءِ ته؛ ٿر جي سموري ايراضي، درياهن جو پيٽ يا ڪيٽي رهي آهي. پاڻيءَ جي هٽڻ پڄاڻان، اها شڪل ورتي اٿائين.
    ٻنهي راين مان، پوئين راءِ، انهيءَ ڪري به وزنائتي آهي جو ميرپور خاص، شهدادپور، ٽنڊو آدم ۽ ٽنڊو الهيار اندر، قديم وهڪرن واري ايراضي پڻ هوبھو ٿر جهڙي آهي. پهرين راءِ جي لاءِ، اهو دليل ڪافي آهي ته؛ بدين ۽ ٿر پارڪر ضلعن جي اوڀر ۾، سمنڊ جي هٽڻ ڪري، فقط ڪڇ جو رڻ ٺهي پيو آهي، جيڪو فقط لوڻ ئي لوڻ آهي. منجهس ڪٿي به واريءَ جو دڙو يا ٽِٻو ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿو اچي. جڏهن ته ٿر اندر، مٺي پاڻيءَ وارين سُتين/ سِپين ۽ ڪوڏن جو ملڻ به اهو ثابت ٿو ڪري ته اھا ايراضي سمنڊ هيٺ نه، بلڪ دريائن جي وهڪرن هيٺ رهي آهي. ڇو ته منجهانئس جيڪي به سپون ۽ ڪوڏ مليا آهن، سي سڀئي دريائي ڪوڏن جهڙا آهن. ڪٿي ڪو به سامونڊي ڪوڏ نه مليو آهي.
    ٿر جي نالي بابت ڪن مؤرخن، بحث ڪندي لکيو آهي ته؛ اهو سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ سٿل جي بگڙيل صورت آهي. جنهن جي معنيٰ؛ ”اها خشڪي، جتي پاڻيءَ-ٺنڀ نه هجي“.
    ڪن وري، ڀٽ کي ٿري ۽ سندس جمع کي ٿريون چوندي، لکيو آهي؛ ”ڀٽن وارو ملڪ جيڪو، ٿرين جي نسبت سان، ٿر سڏجي ٿو.“ ڪن ته کير مٿان ٿيندڙ ملائي يا ٿر ڏانهن مشابهت ڇڪيندي لکيو آهي؛ ”ٿر جي ايراضي، سنڌ ڌرتيءَ تي ائين آهي، جيئن کير مٿان ٿر!“
    لسانيات جي دائري اندر ٿيل تحقيق ۽ جاچ جوچ مطابق؛ ’ٿر‘ لفظ ’ٿل‘ مان نڪتل ٿو معلوم ٿئي. نحوي قانون هيٺ، ’ل‘ جو ’ر‘ ۾ بدلجڻ پڻ، ان جو سبب آهي. يعني ’ٿل‘ مان ’ٿر‘ ائين ٿيو آهي، جيئن ’جل‘ مان ’جر‘، ’هل‘ مان ’هر‘، ‘پاتال‘ مان ’پاتار‘، ’نيلو‘ مان ’نيرو‘ وغيره. اگر ان کي بنياد تسليم ڪجي ته، پوءِ ٿر يا ٿل جي معنيٰ آهي؛ مٽيءَ يا واريءَ جو ڍڳ، جنهن جو اسم تصغير آهي ٿلو يا ٿلهو.
    ابتدائي دور ۾، جڏهن ڪنهن واريءَ جي ڍڳ، ڊيگهه يا واڌ کائي، ديوار يا ڀت جهڙي شڪل اختيار ڪئي ته ان کي ڀت سڏيو ويو. جيڪو واهپي ۾ اچڻ سان، تبديل ٿي ڀٽ ٿيو ۽ جمع ڀٽون ٿيو. اڳتي هلي، جڏهن هٿرادو مٽيءَ جا ڍڳ ٺهيا تن کي به ڀٽ سڏيو ويو. جيئن ڀٽ شاه يا لطيف جي ڀٽ، منڌنِ جي ڀٽ يا منڌر ڀٽ وغيره.
    سنڌ جو ٿر، اٽڪل ۸۴۹۶ چورس ميلن تي پکڙيل آهي. ان جي اتر ۾ هندستان جي رياست جوڌپور ۽ سانگهڙ ضلعي جو کپرو تعلقو، اوڀر ۾ جوڌپور، ڏکڻ ۾ ڪڇ جو رڻ ۽ اولهه ۾ ٽنڊو باگو، ڊگهڙي ۽ عمرڪوٽ آهن.
    ٿر، جيڪو هن وقت واريءَ جي دڙن ۽ ٽٻن، ڊِٻن ۽ ڍِڳن جي شڪل ۾ نظر اچي ٿو، ڪي اهڙا اهڃاڻ مليا آهن، جن تحت اهو ڪنهن دور ۾ وسندڙ علائقو هيو. خاص طور تي هاڪڙو ندي، جيڪا ”ڇور يا ڇوڙ شهر“ وٽان داخل ٿي پاري ننگر وٽ سمنڊ ۾ پوندي هئي. مٿس ساکي جو گڍ، پاري ننگر، ويراواه ۽ ڀوڏيسر جهڙا شهر آباد هيا. مهراڻ ندي تي وري کاروڙو، امراڻو، کيجڙياري، نبي سر، نوهٽو، ساموئي/ سامروٽي، ڳاهيار، ونگو، راحموڪي بازار ۽ وڳهه ڪوٽ جهڙا شهر آباد هيا.
    ڍور ۽ ڍاڳي، ٻه وهڪرا هيا، جيڪي مهراڻ مان ساموئي ۽ ڪلوئيءَ وٽان نڪري، ٻلهياريءَ وٽ وڃي کاري ۾ پوندا هيا. مٿن ويڙهي جهپ، ڏهر ۽ ٻلهياريءَ جا شهر آباد هيا. ٻنهي وهڪرن کي ڀٽائي پڻ پنهنجي ڪلام ۾ آندو آهي.
    جڏهن ڍاڳي ۽ ڍور، ٻئي وڃن ٻلهار ۾،
    تڏهن تاجڙين تور، هئي جسوڌڻ سين. (سر ڏهر).
    اهڙيءَ طرح مٺيءَ جي آسپاس ۾، ميڻي نديءَ جو ذڪر پڻ ملي ٿو، جنهن تي ڪڙلي ننگر ۽ ڪيرٽي وغيره شهر آباد هيا.
    اهڙيءَ طرح پراڻا آثار پڻ مليا آهن، جن ۾ لورٽيون پڻ اهميت رکن ٿيون. مٿن رڳو پهلوانن ۽ جوڌن جون تصويرون اڪريل آهن. ان کان علاوه گوڙيءَ جا ڏهرا، ستي ڏهرا، ڀوڏيسر، سوراچند، ڪاسبو، وڏهر، کيجڙياري، وهارو، امراڻو، سينهوڻي ۽ تڳوسر وغيره.
    جبلن ۽ ٽڪرين، ڀٽن ۽ ميدانن واري هن ٿر ۾ ڊٻون ۽ ڊنءَ، روهيون ۽ رڃون آهن، جنهن سببان اهو مختلف ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. جهڙوڪ؛ مُهراڻو، ونگو، ولاسو ۽ سامروٽي وغيره.
    سدائين سرسبز رهندڙ، هن ٿر اندر، برسات تي ايترا ته گاھ ٻوٽا ڦٽن ٿا جو انهن جا نالا ۽ سڃاڻپ، ٿري ماڻهو به پوريءَ طرح نه ٿا ڪري سگهن. منجهس پاڻمرادو ڦٽندڙ گاهن کان علاوه، اڻ ڌاريل جيوت جهڙوڪ؛ سيڙهه، لومڙي، هرڻ، ڊوڌ، مور ۽ پيئڻ بلائون پڻ جام ٿين.
    ٿر منجهه، ٿيندڙ ساوڪ ۽ سرسبزو، ڌارين طرفان ڪاهن جو سبب رهيو آهي. ٻاھرين ڪاهن جا اثر، ٿري تهذيب سان گڏ، ٻوليءَ تي پڻ آهن. ڏاکڻئي حصي تي ڪڇ ۽ گجرات جي ٻولين جو ۽ اترئين تي مارواڙ جي ٻولين جو اثر آهي.
    تنهن هوندي به ٿر جو علائقو، لوڪ ادب جي لحاظ کان شاهوڪار خطو آهي، جنھن جون مشهور صنفون؛ ٻول، ٺوڪ، ساکيون، ڳوڙها هيساريون، اڏيون، پروليون ۽ پهاڪا چوڻيون آهن.
    مان نه ٿريو، نه ٿر ڄايو آهيان. نه مادري ٻولي ٿري اٿم ۽ نه ئي وري مٿس ڪا مھارت رکان ٿو، پوءِ ڪيئن منجهس پهاڪن ۽ چوڻين جو ڪتاب لکڻ جي جرائت ۽ جسارت ڪئي اٿم، سو ته منھنجو رب ٿو ڄاڻي! جيڪي ڪجهه سنگتين جي صحبت ۽ سنگت مان پرايم يا پراپت پيم، يا اڳي لکيل ڪتابن مان چونڊي چايم، سو سارو مال يڪجا ڪري، هڪ ئي پوٽليءَ اندر، ڪتابي صورت ۾ عام آڏو پيش آهي. جيڪو جتان هٿ لڳم، تنھن جو جوڳو حوالو ڏيڻ جي به ڪوشش ۽ ڪاوش ڪئي اٿم.
    ٿري ٻوليءَ جي پھاڪن ۽ چوڻين بابت، پھرين مضمون لکڻ جو ارادو تڏهن ٿيو، جڏهن رامچند سانجهيرا صاحب سان لاڙڪاڻي جي ايامڪاريءَ دوران ڪچھريون ٿيون. ڪچھرين دوران، صاحب موصوف ڳالهائيندي ڳالهائيندي، مثال ڏيئي سمجهائڻ لاءِ جڏهن چوندو هيو؛ ”سھتا! اسان جي ٿريءَ ۾ هيئن چوندا آهن!“ تڏهن ڪن کڙا ٿي ويندا هيا، پوءِ ان ٿري ڪھاوت يا چوڻيءَ جي وضاحت يا تشريح، لفظن جي معنى ۽ مفهوم، پاڻ-مرادو ئي ٻڌائيندو هيو. ڪڏهن ڪڏهن، ائين ڪرڻ لاءِ کيس التجا پڻ ڪرڻي پوندي هئي. پوءِ وس آهر، مٿس جابول ڪري، وڃي پار پوندو هيو. جيتوڻيڪ ان چوڻيءَ بابت گهٽ ۾ گهٽ مقرر ڪيل تصور (Concept) ضرور واضح ٿي ويندو هيو. علمي ادبي شخصيت نه هوندي به پنھنجي ٻوليءَ سان محبت ۽ چاهه ججهو هيس. جنھن سببان ڪيترا ئي ٿري پھاڪا ۽ چوڻيون ڪٺا ٿيا. اهي پهرين قسط طور، ماهوار ’ڪينجهر‘ ۾ شايع پڻ ٿيا.
    ستت صاحب موصوف جي حيدرآباد بدلي ٿي وئي. ميل ملاقات ورلي ٿيڻ لڳو. تنھن هوندي به ٻيءَ قسط جيترن پھاڪن جي وچور ٺاهي، کيسي ۾ رکي هئائين. هڪ دفعي اتي وڃڻ ٿيو. جتان گڏ، ڪراچيءَ به وڃڻو هيو. انهيءَ سفر دوران، مڙني جون معنائون ۽ مفهوم سمجهايائين. ٻي قسط به ’ڪينجهر‘ ۾ شايع ٿي.
    انهن مضمونن جوڙڻ کان اڳ، رائچند راٺوڙ صاحب جو لکيل ڪتاب، ’تاريخ ريگستان‘ پڻ نظر مان نڪتو هيو، جنھن مان ٿر، ٿري زندگي ۽ ٿري اٿڻي ويهڻيءَ بابت سڌ پئجي چڪي هئي. ان کان علاوه، جان ڪي ديوي صاحبه جي ايم فل لاءِ جمع ڪرايل ٿري پهاڪن ۽ چوڻين تي مشتمل ٿيسز جو مسودو فوٽو اسٽيٽ جي صورت ۾، ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري صاحب، پاڻ مُرادو اسد جمال پلي صاحب کان آڻي ڏنو هيو. سو به اکين آڏو گذريو. انھن ڪتابن سبب، ٿريءَ جي ڍاٽڪي لهجي سان ڄڻ هڪ اڻ-لکي مانوسيت ٿي وئي هئي.
    اهو ئي سبب هيو جو، ڪچهرين دوران رامچند صاحب جي واتان جڏهن ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون بي اختيار نڪرندا هيا ته منھنجو ڌيان لاشعوري طور انهن ڏانھن کڄي ويندو هيو. نوٽ ڪرڻ لاءِ، کيسي اندر موجود، پين ۽ پنو پڻ حرڪت ۾ اچي ويندا هيا.
    ٻن مضمونن ڇپجڻ پڄاڻان، اڃا وڌيڪ لکڻ لاءِ ارادو ڪيو ته جان ڪي ديوي صاحبه جي ٿيسز اندر آيل، پهاڪن ۽ چوڻين کي ڇنڊي ڇاڻي، سوڌي سنواري، مضمون جوڙجن. ان ارادي سان ان ٿيسز جو مطالعو شروع ڪيم. ان دوران محسن الملڪ خاصخيلي صاحب سان، ذاتين ۽ قومن، پهاڪن ۽ چوڻين بابت خط و ڪتابت ٿي، جنھن ۾ صاحبِ موصوف، ڪيئي ٿري چوڻيون به لکي موڪليون، جو سندس تعلق به ضلعي ميرپور خاص سان هيو. اهڙيءَ طرح ٻين ڪتابن ۽ اخباري مضمونن وغيره مان ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون پڻ مليا، جنھن کانپوءِ مختلف مضمونن لکڻ جو ارادو لاهي، مستقل هڪڙي ڪتاب جوڙڻ ڏانھن ڌيان ڌريم.
    وضاحتن ۽ تشريحن وغيره لاءِ گهڻو تڻو، رامچند سانجهيرا صاحب جي تشريحن ۽ جانڪي ديوي صاحبه جي ڪتاب تي اڪتفا ڪئي وئي آهي. ڪن پھاڪن ۽ چوڻين جون تشريحون، هيانءَ جي سڄائيءَ تي پڻ ڪيون ويون آهن. چند تشريحات، نور احمد جنجهي صاحب کان، محترم ناز سنائيءَ معرفت هٿ ڪيون ويون آهن. ڪن بابت، محترم اشرف سمون صاحب کان فون ذريعي پڻ معلومات ورتي وئي آھي. جن پھاڪن ۽ چوڻين بابت وضاحتون نه ملي سگهيون، تن کي خارج ڪيو ويو آهي.
    جڏهن ته ان دوران، پونم پاسڪل صاحب جي ترتيب ڏنل ”پارڪري ٻولي رئي ڊڪشنرئي“ (پيرهيون ڇاپو) (جونچ ڪريا تعارف) ناز سنائي معرفت هٿ آيو. پونم پاسڪل صاحب ۽ رچرڊ هوئيل صاحب، ان ڊڪشنريءَ جا مرتب ۽ مؤلف هيا، جيڪا لئنگئيج پراجيڪٽ ڪئٿوليڪ ڊائيوسيس آف حيدرآباد پاڪستان وارن ڇپائي هئي. اها ان وقت، فقط ان لاءِ هٿ ڪئي وئي هئي ته جيئن ڪن پهاڪن اندر آيل ڏکين لفظن جي معنى ڏسي سگهجي ۽ انهن جي تشريح ڪرڻ ۾ آساني ٿئي.
    ڪجهه عرصي کان پوءِ، نياز سرڪي عودائيءَ وٽان معلوم ٿيو ته پونم پاسڪل صاحب جو پهاڪن ۽ ڳجهارتن بابت پڻ ڪتاب لکيل آهي. اهو ڪتاب، پونم صاحب کيس، وٽس وڃڻ وقت، تحفي طور ڏنو هيو. ڪتاب جو نالو هيو؛ ”ڳيون رو ڳپت ڌن“ ان جي لفظي معنى هئي؛ ”ڏاهپ جو لڪل خزانو“. منجهس ۵۰۰ پنج سؤ کن ڪيتڻيون يعني چوڻيون پهاڪا ۽ ۲۵۰ کن ڳجهارتون (Riddles) هيون. اهو ڪتاب به ساڳئي اداري ۱۹۹۱ع ڌاري ڇپيو هيو.
    نياز سرڪي صاحب واري ڏنل ڏس پتي تي، جڏهن پونم صاحب کان ڪتاب گهرايم ته بنا معاوضي ڏياري موڪليائين. نظر مان ڪڍڻ کانپوءِ حرص وڌي ويو. اول ته ان کي به مضمونن جي صورت ۾، ساڳئي فارم ۾ آڻڻ جو ارادو ڪيم. پونم صاحب سان فون تي رابطو ڪيم. اجازت پڻ ڏنائين. کيس اڳ ڇپيل مضمون موڪليم، جيڪي ڏسي پڻ پسند ڪيائين ۽ اهو به چيائين؛ ”منھنجو پڻ ارادو ائين آهي ته مون وارو ڪتاب به ائين وضاحتن سان اچي.“
    پونم صاحب، سمورين ڪيتڻين کي موضوع وار ورهايو هيو. جڏهن ته منھنجي هن ٿري پھاڪن واري ڪتاب جي ترتيب لغت وانگر الفابيٽ تي ڏنل هئي. اهو ڪرڻ ممڪن ته هيو پر پارڪري لهجي ۽ ڍاٽڪي جي فرق کي عيان ڪرڻ لاءِ هن صاحب ڪجهه اکر واڌارو ڏنا هيا، جنھنڪري مڙني ۾ هڪ جهڙائي نه پئي محسوس ٿي. وري جڏهن ساڻس، رتن آباد ميرپور خاص ۾ سندس اداري اندر، جيمس آباد کان واپسيءَ تي، ملاقات ٿي ته اڃا ڪن ڳالهين بابت وضاحتون مليون، جنھن کان پوءِ سندس ان ڪتاب جا پهاڪا ۽ چوڻيون، هن ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ بجاءِ، مٿن مستقل مقالو لکڻ جو ارادو ڪيم. ان ارادي سان، اهي سموريون ڪيتڻيون، هن ڪتاب جي مسودي مان خارج ڪيون ويون. الله ۾ اميد آهي ته ٿري پھاڪن ۽ چوڻين جي ڪتاب کان پوءِ پارڪري پهاڪن ۽ چوڻين تي، موضوع وار ترتيب هيٺ، الڳ ڪتاب قارئين آڏو پيش ڪيو ويندو.
    هر هڪ پھاڪي جي وضاحت بعد، ان جي سرچشمي جو هنڌ پڻ ٻڌايو ويو آهي. اهڙي حوالاجاتي وچور، ڪتاب جي آخر ۾ پڻ ڏني وئي آهي. پھاڪن ۽ چوڻين جي ڏسڻي، پڙهندڙن جي سھوليت ۽ آسانيءَ لاءِ ڪتاب جي پڄاڻيءَ ۾ پڻ رکي وئي آهي.

    انجنيئر عبدالوھاب سھتو
    ۸۹ پروفيسرس ڪالوني-۲
    قنبر روڊ- لاڙڪاڻو


    الف

    1. آڀ ڦاٽي، تڏين ٿڳڙو نه اچي. (ڪڇي، پهاڪو)
    آڀ: اُڀ، آسمان، آڪاش. تڏين: تڏهن، تنھن وقت. ٿڳڙو: ٿڳڙي، اڳڙي، چتي، تُن.
    چتي يا تُن، ننڍي سوراخ کي بند ڪرڻ لاءِ لڳندي آهي. جيئن ڪپڙي ۾ سوراخ ٿئي ته ان کي ڌاڳي ۽ سئيءَ سان تُن لڳي يا ڦاٽل جاءِ تي ڪپڙي-چيوٽ رکي، سڳي سان سبجي.
    ان جي ڀيٽ ۾ آسمان، حد نگاهه کان پري ۽ تصور کان وڏو آهي. ان جي ديوار جي موٽائي به پوري خلاءَ جيتري ٿلهي آهي. منجهس شگاف يا کنڊ پوڻ جو امڪان ئي ناهي. البته جيڪڏهن تصور ڪجي ته منجهس سوراخ ٿي ٿو پوي ۽ وري کيس ڳنڍڻ يا لنبڻ به ضروري تصور ڪجي ته ان لاءِ ڪتب ايندڙ سئيون ۽ ڌاڳا، چتيءَ لاءِ مال مٽيريل به تصور ڪرڻ کان تمام گهڻو لڳندو، جنهن کي هڻڻ واري مشينن جو اچڻ، ايڏي اوچائيءَ تي وڃي ڪم ڪرڻ وغيره، سوچ سمجهه جي ممڪنات کان به مٿي آهي.
    لامحاله، اهو ڪم مشڪل ته ڇا ممڪن ئي ڪونهي، بلڪ ان جو تصور به انسان جي سوچ کان وڏو آهي.
    مطلب: ۱ - ناممڪن ڪم لاءِ ائين ئي مثال ڏبو آهي.
    ۲ - انسان جنهن ڪم ڪرڻ ۾ بي وس ۽ لاچار نظر اچي، سو ناممڪن ۽ اڀ جا سوراخ، اڳڙين سان بند ڪرڻ برابر آهي.
    ۳ - اڀ ڦاٽي کي، اڳڙي نه پوي.
    ۴ - ڳڀا ڦاٽا ٿڳڙي لڳي، آڀ ڦاٽي ٿڳڙي نه لڳي. (ڍٽ)
    ۵ - ڪپڙو ڦاٽي ته اڳڙي لڳيس، آسمان ڦاٽي ته اڳڙي نه پويس. (۱) ص ۱۷۴

    2. آڀو روپ سروپ، بن بادل برسي نهين،
    ساڙا گهڻا ئي سپوت، ڀيڙ ڀايان سو اڀ ڄيني.
    (راجستان، چوڻي)
    آڀو؛ آسمان. روپ سروپ؛ من موھيندڙ. برسي؛ وسي.
    آسمان جي منظرنامي ۾ ڀلي ڪيڏي به خوبصورتي، چمڪاٽ ۽ ٿڌڪار هجي پر ڪڪرن وارو منظر ڪارائتو ۽ دل لڀائيندڙ ھوندو آھي. ڇو جو منجھانئس برسات پوڻ جو آسرو ۽ اميد آھي. ساڳيءَ ريت رشتيدارن ۾ ”سالا“ کڻي ڪيترو ئي سپوت ڇو نه هجن، پر تڪليف ۾ جتي سڳو ڀاءُ ڪم ايندو، اتي سالا ڪم نه ايندا.
    مطلب: ۱ - وقت تي سالي کان وڌيڪ ڀاءُ ڪم ايندو.
    ۲ - آڀا روپ سروپ، بن بادل برسي نھين.
    ۳ - آڀو گهڻيئي روپ سروپ، ڪڪر سواءِ برسي نهين. (۳۵) ص ۲۵۸

    3. آپ ري جوڙان، ٻيجان ري کوڙان. (چوڻي)
    آپ: پنھنجي. ري: جي. جوڙان: ساراھ. ٻيجان: ٻين جي. کوڙان: گلا.
    فطرتي طور تي، ھر ڪنھن کي پنھنجي ساراھ، ڪرڻ ۽ ٻڌڻ ۾، مزو ايندو آھي. ٻئي جي گلا، ٻڌڻ ۽ ڪرڻ ۾، لطف محسوس ڪندو آھي. بظاھر ته اھي شيون وڻندڙ آھن پر منجھن، اخلاقي توڙي شرعي وڏا نقصان سمايل آھن.
    اصل انسانيت اھا آھي ته پنھنجي اجائي تعريف کان پاسو ڪجي ۽ ٻين جا عيب به نه اُکيلجن. ان سان پنھنجي اصلاح به ٿيندي ۽ ٻين جي گلا ڪرڻ سان جيڪي دشمنيون وڌن ٿيون، تن کان به بچي پئبو.
    مطلب: ۱- مينھن پنھنجي ڪارنھن نه ڏسي، ڳئونءَ کي چوي؛ ”ھل ڙي! پُڇَ-ڪاري.“
    ۲ - تنھنجو سو منھنجو، منھنجي کي ھٿ نه لاءِ.
    ۳ - سڀ ڪنھن کي پنھنجي ساراهه ۽ ٻئي جي گلا وڻندي آهي. (۶) ص ۸۲.

    4. آپ سين ڏاڍو، جم برابر. (چوڻي)
    جم؛ موت جو فرشتو.
    پنھنجي سر کان ڏاڍو، موت برابر آھي. جيئن موت کي روڪي نه ٿو سگھجي، تيئن پاڻ ڏاڍي کي به روڪي نه ٿو سگھجي. (۳۶)
    مطلب: ۱ - ھٿ جي وڍيءَ جو؛ نه ويڄ، نه طبيب.

    5. آپ مرتي، ٻاپ گهر ريو. (چوڻي/ پھاڪو)
    آپ: پاڻ. مرتي: مرندي، مئي کانپوءِ. ٻاپ: باپ، پيءُ، ابو. گهر ريو: گهوريو، قربان.
    هر ساهدار کي، ٻين سان الفت رهي ٿي. ڌارين جي ڀيٽ ۾ مائٽن سان وڌيڪ. مٽ مائٽ يا ذات واري کان وڌيڪ، دلي دوست سان. ان کان وڌيڪ پيءُ ماءُ ۽ ڄڻيي اولاد سان رهي ٿي.
    پنھنجو سر ۽ ساهه، مڙني رشتن ناتن کان اڃا وڌيڪ پيارو آهي. جيڪڏهن ٻين تي مصيبت آئي آهي ته سندن لاءِ پاڻ پڇاڙبو اگر اها مصيبت سِرَ تي به اچڻي آهي ته پوءِ ٻين جو خيال لاهي، پنھنجي سِرَ جو بچاءُ ڪبو.
    اهڙي وقت ۽ حالت اچڻ سان، ماڻهو پنھنجي پيءُ مان به هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي. ساڻس گڏ مرڻ لاءِ تيار نه ٿيندو آهي. سِرُ بچائڻ لاءِ اگر، اهو قربان ڪرڻو پيس ته به ڪندو. ڪوشش ڪندو ته هر حال ۾ پنھنجو سر بچي.
    مطلب: ۱ - پنھنجو سر، هر ڪنھن کي پيارو آهي.
    ۲ - پاڻ مرندي، پيءُ گهوريو.
    ۳ - پاڻ مرندي، ڪھڙا سيڻ.
    ۴ - پاڻ مئي کانپوءِ، مري وئي سڄي دنيا.
    ۵ - پاڻ مئي کانپوءِ، سج اڀري يا نه.
    ۶ - پاڻ مئي کانپوءِ، ٻي جھاني/ ٻيو جھان.

    6. آپ موئي، سرڳ نه ملي. (چوڻي)
    آپ: پاڻ يا مان. موئي: مرڻ ڌاران. سرڳ: بهشت.
    آپ يا آپو، پاڻ يا مان، تڪبر ڪرڻ يا وڏائي ڪرڻ جي مثال ۾ آهن. جنهن، مان ماري يا ڇڏي، سو هِن دنيا ۽ هُن دنيا ۾ ڪامياب رهندو ۽ دلي سڪون ماڻيندو. جنهن، مان ڪئي يعني تڪبر ڪيو، سو هن دنيا ۾ ته برو بڇڙو ٿيو ۽ هن دنيا ۾ به خوار خراب ٿيندو. نه دلي سڪون هِت نصيب ٿيندس، نه سڪون سان رهڻ لاءِ هُت ڪو ٺڪاڻو ملندس.
    هتي جو دلي سڪون ۽ اطمينان، هُن جهان جي بهشت برابر آهي. اتي جيڪو دلي سڪون ۽ مطمئن دل سان پهتو، تنهن کي هُن جهان جو بهشت ضرور ملندو.
    مطلب: ۱ - دلي سڪون، پاڻُ يا مان مارڻ ۾ آهي.
    ۲ - بهشت تڏهن ملندو، جڏهن مري هن دنيا ۾ پهچبو. جيڪو مرڻ جي نالي کان ڇرڪي ۽ ڪڌن ڪرتوتن ۾ مشغول رهي، سو ته بهشت جو تصور هت دل ۾ نه آڻيندو، پوءِ اهو هُت ڪيئن ماڻيندو؟
    7. آج همان، ڪل تمان. (سنسڪرت، چوڻي)
    همان: اسين. تمان: توهان.
    جڏهن هڪ شيءِ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻن ڄڻن ۾ ڊوڙ لڳندي آهي ته هر ڪو چوندو آهي؛ ”اها مان حاصل ڪيان.“ جيڪڏهن ورهست واري شيءِ، واري وٽيءَ سان ملڻ جو رستو نڪرندو آهي ته به هر ڪو چوندو آهي؛ ”مان اڳي يا پهرين وٺان، ٻيا سڀ مون کان پوءِ وٺن!“
    ان جي ڀيٽ ۾، ورهائجندڙ شيءِ يا موقعو، ڏيهاڙن ورهائڻ سان فيصل ڪبو آهي ته به هر ڪو چوندو آهي ته؛ ”اڄ وارو مان وٺان، ٻيا سڀاڻي وٺن!“
    مطلب: ۱ - هر هڪ جي خواهش هوندي آهي ته کيس هر ڪم ۾ اوليت ملي.
    ۲ - هر ڪو ڪوشش ڪندو آهي ته محفل جو مهندار پاڻ هجي.
    ۳ - اوليت، هر ڪو پاڻ کي ڏيندو آهي.
    ۴ - اڄ اسين، سڀاڻي توهين.
    ۵ - آج ھما، سڀان تما.
    ۶ - اڄ همان، سڀان تمان. (۱) ص ۱۸۱

    8. آرھاڙ، الگين الگين وسي. (چوڻي)
    آرھاڙ؛ آکاڙ، آرھڙ جو مھينو جيڪو جولاءِ ۽ آگسٽ ڌاري اچي. الگين الگين؛ ڪٿي ڪٿي.
    آکاڙ يا سانوڻ جا مھينا لاڳيتا آھن. منجھن مينھن، ھڪ-ڪرو نه پوندو آھي. ھڪ ھنڌ ججھو پوندو ته ٻئي ھنڌ ڦڙي به نه پوندي. ڪٿي ڪڪر ڪارونڀار ھوندا ته مينھن جي ڦڙي نه پوندي. ڪٿي ڪڪري پئي ٽلڪندي ته اوچتو ٻوڙان ٻوڙ وارو مينھن اچي ڪڙڪندو.
    مطلب: ۱ - سانوڻ جو مينھن، مينھن جي ھڪ سڱ تي پوي ته ٻئي تي نه پوي. (۳۵) ص ۱۹۹

    9. آسا ڪجي نه آسرو، جوڳي ڪجي نه مِٽ،
    ٽيا ڪجي نه لاڏلي، توڻي هجي ڪروٽ. (چوڻي)
    آسا: جنهن ۾ اميد يا آسرو هجي. ٽيا: زال، گهرواري. ڪروٽ: اونچ-گهراڻي. لاڏلي: دادلي، هجائتي، مٿي تي چاڙهڻ
    ۱ - جنهن ماڻهوءَ مان ڪم ٿيڻ جي اميد هجي، تنهن جو به نه آسرو ڪجي ۽ نه ئي کيس مدد لاءِ سوال ڪجي. ڏيڻ، ڏيئي نه پچارڻ ۽ سوال اگهائڻ واري ذات فقط هڪ الله جي آهي. انسان ويچارو، ڪنهن نه ڪنهن مجبوريءَ ۾ ڦاٿل ضرور آهي. ڀلي ڪيڏو به سخي ۽ فراخ دل هجي، چاهڻ جي باوجود به ڪڏهن ڪن اڻ ٽر مجبورين سبب، مدد نه ڪري سگهندو آهي ۽ نتيجي طور دل ۾ ڏک رهجي ويندو آهي.
    ۲ - جوڳين جو ٿاڪ ڪڏهن ڪِٿ ته ڪڏهن ڪٿ. وهندڙ پاڻيءَ وانگر، هڪ هنڌ قرار نه هوندو اٿن ۽ سدائين رمندا رهندا آهن. اهڙن اڻ ٿانيڪن سان دل لائڻ يا مٽي ڳنڍڻ، سورن سان سڱ ڳنڍڻ برابر آهي.
    ۳ - گهرواريءَ سان ساري زندگي گذارڻي آهي. ڊگهي وقت جو ساٿ نباهڻ لاءِ ضروري آهي ته تعلق اهڙو رکجي، جيڪو توڙ تائين نڀجي سگهي. لاڏ ڪوڏ؛ جواني، حسن ۽ وقت جي نزاڪت سان ته وڻندو آهي پر هميشه لاءِ برداشت نه ٿي سگهندو آهي. جوڀن يا جواني چُڙڻ پڄاڻان، ناز ۽ نخرو ڪين وڻندا آهن. ان وقت لاڏ ڪوڏ ڪرڻ سان ناتو ٽٽڻ جو امڪان گهڻو رهي ٿو. ڀلي عورت اوچي خاندان جي هجي، کيس ان کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
    مطلب: ۱ - انسان ۾ اميد آسرو رکڻ، مسافرن سان محبت ڪرڻ ۽ زال کي ڇيڪ ڇڏڻ کان پاسو ڪجي. (۲) ص۶۱.

    10. آسريس، ڏيسا ڏيس. (چوڻي)
    آسريس: اَڊ نکٽ کان پوءِ جو اڀ ۾ ظاهر ٿيندڙ نکٽ، جنهن ۾ ٿوري گهڻي برسات، ڏيهان ڏيهه پوي. ڏيسا ڏيس: ڏيهان ڏيهه، هر هنڌ، هنڌين ماڳين.
    اَڊ نکٽ دوران برسات جام پوي. ان کان پوءِ به برسات پوڻ جا نکٽ آهن، جهڙوڪ؛ وڏو وايو، ننڍو وايو ۽ آسريس.
    منگهه/ آد جو نکٽ وٺو ته ملڪ سورنهن آنا آباد ٿيندو، جيڪڏهن ٻنهي واين پاڻ ملهايو ته پوءِ ملڪ پڻ سوايو آباد ٿيندو. پاڇاٽاين وسن سان به سانگيئڙن لاءِ سرهائي ٿيندي. جيڪڏهن واين به ڇنڊ (ڦڙي) پَٽَ تي نه وڌي ته پوءِ سڀ ڪنهن کي وات تي هوندي؛ ”آسريس، ڏيسا ڏيس.“
    مطلب: ۱ - آسريس ۾، ملڪان ملڪ مينهن وسندو.

    11. آکاڙا ٻِيج، واڏرڪا ويج،
    سوڙها رکو ٻڙڌيا، کوري رکو ٻيج. (چوڻي)
    آکاڙا: آکاڙ، هندي مهيني جو نالو. ٻيج: چنڊ جي ٻي رات يا ٻي تاريخ.
    واڏرڪا: بادلن/ ڪڪرن وارو آسمان. ٻڙڌيا: ٻڙڌ، ڍڳو. ويج: وڄ، کنوڻ.
    کوري: پوري، سنڀالي، سانڍي.
    مگسر، روهڻ ۽ آڊ، ٽيئي برسات جا نکٽ آهن. ٿرين کي آڊ ۾ وڏو ويساهه هوندو آهي ته منجهس برسات ضرور پوندي. جيڪڏهن آڊ جي نکٽ به ملڪ کي اوسر ۽ آريج بنايو ته پوءِ ٿري آکاڙ جي ٻي رات، آسمان ۾ بادل يا کنوڻ کي تڪيندا آهن. اها نظر آين ته پوءِ پڪ ٿيندن ته سالُ، سورنهن آنا سولو گذرندو. پوءِ ڏاند ۽ ٻج جي سنڀار کي جنبي ويندا.
    ان جي ابتڙ، اگر آکاڙ جي ٻي تاريخ، آسمان ۾ بادل ۽ کنوڻ نظر نه آين ته پوءِ دل لاهي ويهندا. کليل ۽ چٽي آسمان کي ڏسي چوندا:
    آکاڙ ٻيج، واڏرنا ويڄ،
    پهلي بيچو ٻڙڌيا، پاڇي چٻو ٻيج. (ابتو)
    يعني، واڏرنا؛ چٽو آسمان آهي. مينهن ملڪ کان موڪلائي ويو. تنهنڪري ڍڳا به گاهه کانسواءِ بک مرندا. ان ڪري پهرين اهي وڪڻو ۽ پوءِ ٻج به زمين ۾ ڇٽڻ جي بجاءِ، گهر ۾ کائڻ لاءِ رکي ڇڏجي ته بقايا سالُ، ٻچن جو پيٽُ-قوتُ ٿي سگھي.
    مطلب: ۱- آکاڙ جي ٻي تاريخ، اڀ تي آيل بادل، ٿرين کي اميد جو پيغام ڏيندا آهن. ٻي تاريخ بادل اڀ تي نه آيا ته آسرو پلي ويندا. (۳) ص ۱۶۴.
    ۲ - آکاڙ سُڏ نوم گهَڻ بادل گهَڻ بيج،
    تو نيڙا راکو ٻَڙِڌيا، کوري راکو ٻِيجَ.

    12. آنڀو اھي، جيڪي کيري ۾ کاڄن. (چوڻي)
    ڪڻڪ جا سنگ، جن منجھ داڻو پورو ھجي پر اڃا ڪچو/ نرم ھجي يا منجھس کير جھڙو پاڻي موجود ھجي، ان سنگ کي باھ تي سيڪي ڏيڻ کان پوءِ، آنڀو سڏبو آھي. آنڀن اندر ڪڻڪ جو داڻو، کائڻ ۾ نرم، مٺو ۽ سوادي ھوندو آھي. ڪچڙا سنگ پٽي، باھ تي سيڪي، مھٽي ۽ ڦوڪي ڪچڙا داڻا ڪڍي، لپون ھڻبيون آھن. پٽڙي ڀت وانگر، اھي ڪڻڪ جا داڻا، کائڻ ۾ پيا وڻندا آھن ۽ بک واري کي ٻالنگھ ٿي ويندو آھي. (۳۵) ص ۲۴۳
    مطلب: ۱- کائڻ وقت ڪچڙا داڻا ئي آنڀو سڏبا آھن.

    13. آنڌاريءَ ڏيو ٻري، اڀ ۾ وڄ کنوت،
    آهر ڦلاري ٻيٽئين، سانولڙي مُک ڌنت،
    پٻڻ پسارا ڪيا، اهي پنج ئي ٽهڪنت. (چوڻي)
    کِنوت: کِنوڻ، کِنوڻ جو کنوڻ. آهر: سرنهن. ڦلاري: ڦلارجڻ، گل جهلڻ.
    ٻيٽئين: پيٽ تي . مُک: چهرو. ڌنت: ٽڙڻ. پسارا ڪيا: لهرا ڏئي.
    ٽهڪنت: ٽهڪ ڏيڻ، کلڻ، کجڪار ڪرڻ.
    ۱ - آنڌاريءَ رات ۾، ڏيئي جو ٽمڪڻ به پنهنجي حيثيت پيو مڃرائيندو آهي. اونداهيءَ واري عذاب کان، آٿت ۽ نجات جو ذريعو پيو بڻبو آهي. گگهه اوندهه ۾ ڏيئي جي حيثيت، بر پٽ ۾ بيٺل ڪانڊيري جي ٻوٽي جهڙي آهي، جنهن لاءِ چئبو آهي؛ جت وڻ ناهي، ات ڪانڊيرو به درخت.
    ۲ - آسمان ۾ وڄ جو چمڪو؛ ڏڪر جي ڏڌيلن لاءِ ڏڍ آهي. ٿر وارن لاءِ برسات، پاڻيءَ ۽ سڪر سڻائي جو آسرو ۽ پيغام آهي. ڏسڻ سان دل گد گد ٿيندي اٿن.
    ۳ - ٻيٽ جي مٿان، سرنهن جهڙي فصل جو ٿيڻ، مٿئون ڦلارجي چوڌاري هٻس ۽ رنگين نظارو پيش ڪرڻ، ٻيٽ کي پري کان پڌرو پيو ڪندو آهي. منظر دل لڀائيندڙ، پرڪشش ۽ اتساهيندڙ هئڻ سبب دل ۾ پيهي ويندو آهي. مٿس پاڻيءَ ۽ حياتيءَ جي اهڃاڻ ملڻ جي اميد ٿي پوندي آهي.
    ۴ - سهڻو ماڻهو، فقط ڏندڙا ٽيڙي مرڪي ته به ڏاڍو ٺهندڙ، وڻندڙ ۽ من موهيندڙ ٿيندو آهي. کيس ميڪ اپ ڪرڻ، زيور پائڻ ۽ اوچا ويس وڳا اوڍڻ جي ڪا ضرورت نه هوندي آهي.
    ۵ - پٻڻ، پاڻيءَ جي کڏن ۾ ٿيندي آهي. پاڙ ۾ بِههُ، ڏانڊيءَ ۾ نڙو، مٿي چوٽيءَ تي ڪنول جو گل ۽ ڏوڏي يا پٻڻ جي ٽڪي ٿيندا اٿس. ڪنول جو گل، ڪني پاڻيءَ منجهه به ٿيندو آهي، جنهن سان بيٺل پاڻيءَ جو نظارو ئي اور ٿي ويندو آهي.
    مطلب: ۱ - مٿي ڄاڻايل پنج ئي نظارا، دلڪش ۽ پسڻ جهڙا آهن. (۴) ص ۲۵۲.

    14. آهوران ۾ چريوڙا، پاهوران ۾ ڪٿ چرسئه؟ (پهاڪو)
    آهوران: آهريون، آهرين منجهه. چريوڙا: چريو يا چڳيو آهي. پاهوران: پاٽوڙا.
    چرسئه: چرندو.
    مينهون ۽ ڍڳيون، جهنگ ۾ چرڻ کان علاوه، ڪلي تي ٻڌي به آهر ۾ گاهه چرن. کين کائڻ لاءِ، ٻڪريءَ ۽ رڍ جي ڀيٽ ۾ گهڻو گاهه يا کاڌو درڪار آهي. انهن کي جھنگ ۾ چارڻ يا آهر ڀري ڏيڻ بدران، پاٽوڙي جيترو گاهه ڏبو ته ڍءُ نه ٿيندن ۽ پيا ڀان ڀان ڪندا.
    اهڙيءَ طرح جن ماڻهن، ڪنهن وڏي عهدي تي رهي، وڏا سک ماڻيا آهن ۽ عياشيون ڪيون آهن، تن کي جيڪڏهن اتان هٽائي، ڪنهن ننڍي عهدي تي رکبو، جتي گھڻي ڪم سان گڏ گهٽ پگهار ۽ گهٽ سهوليتون ميسر هجن ته پيا ڪرڪندا ۽ ڪنجهندا، سفارشون ڪرائي، ڳئيءَ-گيس ڪري به اڳي کان اڳرو عهدو يا ساڳيو عهدو، سٺين سهوليتن سان وٺڻ جي ڪوشش ڪندا.
    مطلب: ۱ - آسائشن ۾ پلجندڙ، تڪليف ده ماحول ۾ اھنجا ٿيندا آهن.
    ۲ - جيڪو آهرين ۾ چريو آهي، سو پاٽوڙن ۾ ڪٿان چرندو!
    ۳ - جن آهرن ۾ کاڌو، سي پاٽوڙن ۾ ڪٿي کائيندا. (۵)

    15. آهير اچي جهنگا، ٻولي بي ڍنگا. (پهاڪو)
    آهير: پيرسن، وڏي عمر وارو مرد، هاري. جهنگا: جهنگ مان، ٻنيءَ تان.
    ٻولي: ڳالهائڻ. بي ڍنگا: اُکڙيل.
    اَهير: آهير، آهر، آهيڙي يا اڀير، اڻ سڌريل يا جهنگليءَ لاءِ استعمال ٿيندو آهي.
    جهنگ ۾ وڃي هارپو ڪرڻ، شڪار ڪرڻ يا مال چارڻ وارو ماڻهو، اتان جي جيوت سان رهندي ڪندي، سخت لفظن واري زبان ڳالهائيندو آهي. کيس جانورن سان ڳالهائڻ لاءِ فلسفي، دليلن ۽ منطق جي ضرورت نه هوندي آهي، ڇو جو سندس هر ڪم، يَڇِين ۽ گارين، لٺين ۽ ڀونڊن سان سرانجام ٿيندو رھندو آهي. ان ڪري سندس ڳالهائڻ کهرو ۽ اڻ سڌريل هوندو آهي. هڪڙو ته عمر رسيده مرد، پنهنجي جان مان بيزار هوندو آهي، ويتر جهنگ مان اچي ته پوءِ اڇلون ڏئي پيو ڳالهائيندو ۽ گهروارن/ مهذب ماڻهن جي ڀيٽ ۾، بي ڍنگي ٻولي پيو ڳالهائيندو.
    مطلب: ۱ - اَھير اچي جھنگا، ڳالھائي بي ڍنگا.
    ۲ - ماڻھو اچي جهنگا، ٻولي بيڍنگا.
    ۳ - جهنگ مان ڪڪ ٿي آيل سان ايندي شرط ڳالھائبو ته اڍنگو جواب ڏيندو.
    ۴ - جهنگ جو تتو گهر ۾ ٺري، گهر جو تتو ڪٿي ٺري؟
    ۵ - عقل آهرن جو اصلئون ويو، مڱائن هڪڙو ته پرڻائن ٻيو. (۶) ص ۸۳.

    16. آئي آڌر نه ڏئي، نيڻان هوءِ نه نينهن،
    اس گهر مت جائيو، ڀلا ڏوڌي وسي مينهن. (چوڻي)
    نيڻان: نيڻن منجهه. نينهن: محبت، پيار ۽ پاٻوهه. ڏوڌي: کير جو.
    جيڪو ماڻهو هلي آيل کي عزت ۽ مانُ نه ڏئي، تنهن وٽ وڃڻ؛ وقت وڃائڻ جي مترادف آهي. جيڪو نه کيڪاري ۽ نه وري اکين ۾ ڪو حياءُ يا پيار پاٻوهه هجيس، سو ڀلي امير هجي ۽ ان جون پليون ڀريل هجنس، تنهن وٽ وڃڻ سان رنج ئي پرائبو. دل جي راحت ۽ سڪون، حاصل ڪرڻ بجاءِ، ھٿائين وڃائبو.
    اهڙو ماڻهو، جنهن جي گهر ۾ ڀلي کير جا مينهن پيا وسن، پر خير عافيت ۽ کيڪر نه ٿو ڪري، اکين منجهه ناگواري ٿو ڏيکاري، تنهن وٽ وڃڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي؟
    مطلب: ۱ - وڃجي تنهن وٽ، جيڪو مانُ ڏئي.
    ۲ - ويهه ساڻ تن جي، جيڪي ويهي ٿا ڄاڻن
    ويهه نه ساڻ تن جي، جيڪي ويهي وقت وڃائين.
    ۳ - ايندي نه چوني آءُ ويندي نه چوني ويهه،
    ٻيو کٽو ٿي ڏيهه، جو اچين اڳنڌ تن جي. (۷) ص ۳۵.

    17. آئي کي آڌر ڏجي، وئي کي جيءُ چئجي. (چوڻي)
    آڌر ڏيڻ: عزت ڏيڻ، مان ڏيڻ.
    جيڪو ماڻهو، مھمان ٿي اچي يا ڪنھن ڪم سانگي لنگهي اچي ته کيس عزت ۽ مانُ ڏجي. هُڏيون ۽ چھڙون ڏئي نه موٽائجيس. مبادا اهڙو ڏينھن پاڻ تي به اچي وڃي ۽ پوءِ ٻيڻ تي نقصان ۽ بيعزتي برداشت ڪرڻي پوي.
    اهڙيءَ طرح، موڪلائي وڃڻ وقت به چڱيءَ طرح موڪلائجي. کيس سواريءَ تائين ڇڏي اچڻ ۾ سندس ته شان مان آهي پر پنھنجي به عزت آهي.
    مطلب: ۱ - تڏي آئي، تنگ نه ٿجي.
    ۲ - ايندي چوني آءُ، ويندي چوني ويهه،
    ڇڏي سارو ڏيھ، اڱڻ اچ تن جي.

    18. آيا اجارين، ڀريون پاٽيون ڀت سان. (پھاڪو)
    هڪڙا ماڻهو طبعًا نڪما، بي چيا، هَڏَ-رَکُ ته هوندا آهن پر کائڻ مهل خچر يا بگهڙ هوندا آهن. ڏسڻ ۾ ٿلها ٿنڀرا، مفت جا مال تاڙيندڙ، کائڪ، سُچر ۽ مانير ٿيندا آهن. ڀلي پنھنجي يا پرائي برادريءَ جو ڪاڄ هجي ته به ڄاڃي ٿيو بيٺا هوندا. لُڙُ-بَکيڙو ڪري ڀتن جا پاٽوڙا پيا کسيندا، گرندا به ۽ ڳِرندا به. مسيت ۾ ڀلي ڪهڙي به مذهب وارن جو ختمو هجي، هيءُ پاڙهيا ٿيو هڪيا حاضر. مجال ڪا هڏي يا ٻوٽي ڇڏڻي آهي. ڍائجي نه نڪرن ته ختمو ڇا جو؟
    ڪنھن پير جي درگاهه تي، ڪنهن جي به باس يا سک هجي، هيءُ انهن جا ساٿاري ۽ دهلاري. ڀت سان مٿو هي ڏيندا. ڀلي ڪنھن مندر ۾ اوسر هجي، هيءُ ڪانڌي ٿيو پيا، ڀت کي ڌڪيندا. ڀلي ڪنھن مندر، ڌرم-شالا يا بٺاري ۾ ڪو سخي مڙس اچي ديڳيون دان ڪري، هيءُ واٽ وٺيو بيٺا هوندس.
    اهڙي قسم جي ماڻهن کي اهي ڏڻ وار، واچيا پيا هوندا آهن. کانئن اهي گُسڻ ناممڪن آهي. مالڪن کان وسري وڃن، هنن کان نه. مالڪن کي به هيءُ ياد ڏيارين. مجال آهي جو ڪنهن مڪان يا آکاڙي، آستان يا اوتاري مان بکيا موٽن. سخين جي اوطاقن جا ته خاص رکوالا ٿيو ويٺا هوندا. مانيءَ جي ويلي تي ته هُڏيون ۽ هونگرون پيون پوندن، جيستائين وڃي ٻن چئن ڀت جي ٿالهن سان آنڊي جا وڪڙا سڌا نه ڪن.
    مطلب: ۱ - ڪتي کي به خبر آھي ته گھٽيءَ ۾ اميرن جا گھر ڪھڙا آھن. (روسي)
    ۲ - مفت جي مانين سان، مانير ئي منهن ڏين. (۵ ص:۵۱)

    19. اُٻ جِتو آسرو، موگهان جِتو ميهه،
    سَسُ جِتو ساسرو، ساڙان جِتو نيهه. (چوڻي)
    اُٻ: ڌنڌ يا ڪوهيڙي وانگر اڇا ۽ ڇڊا ڪڪر. آسرو: اُميد. جِتو: هئڻ.
    موگهان: گھاٽا ڪڪر، ڪارونڀار، ڪارا ڪڪر. ميهه: مينهن، برسات.
    ساڙان: سالا ۽ ساليون. نيهه: نينهن، محبت، نباهه.
    ۱ - اُٻَ جهڙا هلڪا ڪڪر، اگر آسمان ۾ الهندي کان اڀرندي، تڪڙو تڪڙو ڊوڙندا ويندا ته ٿري منجھانئن برسات جو آسرو نه سمجهندا. ان جي برعڪس، ڪارا ۽ اڇا ڪڪر، هڪڙا اتر-اوڀر ڏي پيا ويندا ۽ ٻيا ڏکڻ-اولهه ڏي پيا ويندا، جن کي موگهون چون. اھي ڪارونڀار جهڙيون موگهون، برسات جو سبب بنبيون آهن ۽ منجهانئن وڏي پلر پالوٽ ٿيندي آهي.
    ۲ - جيستائين سس جيئري آهي، تيستائين ساهرو گهر به ڄڻ گهر آهي. سس جي مرڻ پڄاڻان، سندس نُهر، گهر-ڌياڻيون ٿين ٿيون. نڻان ۽ سندس مڙس، تن جي گهر ۾ ڌارين وانگر هوندا آهن. سالن سان جيترو به چڱو هلبو، اوترو دوستن وانگر محبت ۽ قرب ڏيندا، ٻيءَ صورت ۾ نباهڻ لاءِ انهن ۾ به ٿيو خير.
    مطلب: ۱- هر هڪ مان، سندس وس، رشتي ۽ تعلق آهر آسرو/ اميد رکڻ گهرجي.
    ۲ - آسمان ۾ جڏهن اُٻ ٿيندي ۽ موگهون منهن ڏيکارينديون ته سمجهيو ويندو ته هاڻي بارش ايندي.
    ۳ - اڀ جتي آسرو، موگهان جتي ميهه،
    ساسو جتي ساسرو، ساڙا جتي نيهه. (۶) ص ۸۶.
    ۴ - اُٻَ تائين آسرو، موگهان تائين ميهه،
    ساسوُ تائين ساسِرو، سالان ڪوُڙو نيهه.
    ۵ - آڙنگ ته آسرو، مونگھان تتي مينھن. (آڙنگ؛ گھٽ ٻوسٽ.) (۳۵) ص ۲۳۶
    ۶ - سس ريءَ وڻن نه ساهرا، ساليءَ ريءَ سُهين نه نينهن،
    چنڊ ريءَ ڇا جي راتڙي، ڪڪر ريءَ وسي نه مينهن. (۵)

    20. اُڀ ۾ تُڪيو، منهن منجهين آئين. (پھاڪو)
    اُڀ: آسمان. تُڪيو: ٿڪ اڇلائڻ. آئين: اچي.
    اڀ يا آسمان، مٿي ٿئي ٿو. اوڏانهن اڇلايل/ موڪليل شيءِ، ڌرتيءَ جي ڪشش ثقل سبب، جلد ساڳي جاءِ تي، ساڳئي وزن ۽ زور سان واپس موٽي اچي ٿي. وات منجهان ڪيڏو به زور سان، ٿڪ مٿي اڇلائبي، گهڻو مٿي تائين ڪا نه ويندي. جيتري به ويندي، اتان واپس ايترو تيزيءَ سان موٽندي، جو هيٺان بيٺل ۽ ٿڪ اڇلائيندڙ، پاڻ بچائڻ لاءِ اتان ڀڄي نڪرڻ جيتري مهلت به نه ماڻي سگهندو آهي.
    اهڙيءَ طرح، پاڻ ڏاڍن سان، نفرت جو اظهار ڪرڻ يا بي ادبي ڪرڻ وارا پڻ، سندن موٽ جي عتاب ۾ جلد ايندا آهن. پاڻ وڏن سان ڪيل بي ادبيءَ جي پاداش کان بچڻ به چاهين ته ڀڄي ڪين سگهندا آهن.
    مطلب: ۱ - پاڻان وڏي جو ادب ڪجي.
    ۲ - پاڻان وڏي جي بي ادبي/ گستاخي ڪرڻ وارو، جلد سزاوار ٿئي ٿو.
    ۳ - جو اڀ ۾ ٿڪ اڇلائيندو، سو منهن ۾ پائيندو. (۵)

    21. اتران مينھن چڙھيو ته وسيو. (چوڻي)
    اتر طرف کان آيل ڪڪرن منجھان مينھن ضرور وسندو آھي. منجھانئن نڪرندڙ کنوڻ يا گجگوڙ، جيڪا ڪڪرن جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏئي ٿي، سا مينھن جي وسڻ جي به پڪي خبر ڏئي ٿي. اتر مينھن سان آيل وڄ ۽ گوڙ کوٽيون يا پوئتي پوندڙ ناھن ھونديون.
    مطلب: ۱ - اتر جو مينھن ورلي چڙھندو آھي، اگر اتر کان اٿيو ته پوءِ پوندو ضرور. (۳۵)

    22. اتر کنوڻ اُپڙيئي نه، اپڙي ته نو کنڊ ڀري،
    باڊو مينهن ٿڪي ئي نه، ٿڪجي ته مري،
    ڀلي آکڙُي ئي نه، آکڙي ته چئن پيرن جهري،
    شاهه پرسي وچن سنچري ئي نه، سنچري ته پري. (چوڻي)
    اُپڙيئي نه: پوي ئي نه/ اُڀري ئي نه. باڊو مينهن: بڊي مهيني جو مينهن.
    آکڙي ئي نه: ٿاٻو يا ٿيڙ نه کائي . جهُري: جهُرڻ، زخمي ٿيڻ.
    شاهه پرسي: مڙساڻو قول، مڙساڻي زبان. سنچري: سنجري، جاڳي
    ۱ - اتر جو مينهن ٿر ۾ ورلي وسندو آهي. جي وسي پيو ته ايترو وسندو جو نَو کنڊ يعني سموريون ترايون، سَرَ ۽ ٽوڀا ڀري ڇڏيندو.
    ۲ - بڊي جي برسات وسندي ٿڪجندي ناهي. جيڪڏھن ٿڪجي بند ٿي ته صفا ختم ٿي ويندي، وري نه وسندي. مطلب ته؛ يا لاڳيتي وسندي رهندي يا بلڪل ختم ٿي ويندي.
    ۳ - ڀلي مينهن يا ڍڳي، هلڻ مهل ٿاٻو نه کائيندي آهي. جيڪڏهن کاڌائين ۽ پيرُ يا کُر ٿڙيس ته پوءِ چار ئي ٽنگون ٽڙي ويندس ۽ پٽ تي وڃي ڪرندي.
    ۴ - مڙس ماڻهو، جهٽ واعدو نه ڪندو آهي. جڏهن ڪندو آهي ته پوءِ سوچي سمجهي، اڳ پٺ جاچي ڪندو آهي ۽ واعدو نباهڻ ۾ ڪسر نه ڇڏيندو آهي.
    مطلب: ۱ - مٿي بيان ڪيل چار ئي شيون ٿيڻ مشڪل آهن، وري جڏهن ٿين ته باقاعدي ٿين. (۲)

    23. اُٺا، مڙيئي ڀلا. (چوڻي)
    اُٺا، اُٺي يا وُٺي جو جمع. مينھن جو وسڻ، برسات جو پوڻ.
    ٿر اندر رڳو ريت ئي ريت آهي. ريتيءَ يا واريءَ ۾ پاڻي چوهڻ ۽ سانڍڻ جي صلاحيت جھجھيري ھوندي آهي. جيترو به پاڻي منجهس پوندو، بنا خراب ٿيڻ جي، واريءَ اندر جذب ٿيو بيٺو هوندو. ان سان، نه طبعي طور، واريءَ جي مقدار ۾ واڌ ايندي ۽ نه وري پاڻيءَ جي نيڪال سان، واري سوس کائيندي. مٽيءَ اندر، اها صلاحيت آهي ته پاڻي پوڻ سان ڦونڊ کائيندي ۽ حُجم ۾ واڌ ايندس. پاڻي نڪرڻ سان، سوس کائي، ڦوٽيون ڏيندي. منجهس پيل پاڻي به خراب يا ٻاڙو ٿيندو آهي.
    ٿر اندر جيئن ته واري جام آهي، ان ڪري منجهس ندي/ نهر ٺاهڻ، پاڻي ۽ صلاحيتون ضايع ڪرڻ جي برابر آهن. جنھنڪري ٿرين جو گذران، ڦري گهري، برساتي پاڻيءَ تي ئي ٿئي ٿو. جيترو برسات پوي، ان سان ڪو به نقصان ناهي. فائدو ئي فائدو آهي. جر ڀربا، ترايون ۽ ٽوڀا ڀربا. نديون، نالا ٿي وهنديون. فصل ڄاپندا ۽ مال جو گذران سٺو ٿيندو. ان ڪري، ٿرين لاءِ برسات، ڪهڙي به قسم جي هجي، ماٺيڻو مينهن هجي يا اوهيرا ڪندڙ، مڙيئي ڀلي آهي.
    مطلب: گهرجائوءَ کي، ضرورت جي شيءِ جيتري به ملي، اوتري ٿوري.

    24. اٺ؛ بي پتي ذات. (چوڻي)
    هڪڙي کارسر جي رٻاري جي اٺ، وڳ مان ٽٽي وئي. سڄي جوءِ هڻي، پارڪر اچي بيهي رهي. پر نه ته ڪٿي پير لڳو ۽ نه وري ڪو ڏس، ورهيه گذري ويو. انهي کانپوءِ ڏس پيس. اهڙي اٺ ساڪرئي ۾ رول ڏسائي ٿي. هيءُ جُتي هٿ ۾ ڪري، اچي انهيءَ ڳوٺ ۾ رسيو.
    جيئن اٺ بي پتي ذات، اهين اوٺاري به بي پتا. سو وڳ ۾ ڇڏڻ جي بدران اچي رٻاري کي ڇڏيئون وڳ جي پيرن تي. رٻاري کي چيائون؛ جي تو هن وڳ جي پيرن مان، پنهنجي اٺ جو پير سڃاڻي وئين ته ملندي. سؤ اٺين جا پير، رٻاري هڪڙو گهمرو پيرن کي ڏنو، وري ٻيو گهمرو ڏنو ۽ ٽئي گهمري تي، لٺ سان هڪڙو پير ليڪي، چيائين؛ هيءُ آهي منهنجي اٺ جو پير. پوءِ اتان، انهيءَ اٺ تي ڪيائين ٻڙهو، اچي رات پيٽ ۾ کارسر مان نڪتو.
    مطلب: ۱ - جت، بي پت، مار گھت يا اڳون لاتي وت.
    ۲ - جيئن اٺ بي پتي ذات، ائين اوٺاري پڻ بي پتيا.
    ۳ - جتُ سچائيءَ تي چڙھي ته کڙھ تي کير پياري. (۳۰)
    25. اٺ ڀارتو کڻو، ٽِٽا ڏيڻ ۾ ته ڪو نه گيو. (پهاڪو)
    ڀارتو: بار، وزن. ٽِٽا: ٽٽ، ريح
    هر ساهدار، کاڌو کائي ٿو ۽ پاڻي پيئي ٿو. سندس پيٽ ۾ کاڌي ۽ پاڻيءَ جي آميزش رهي ٿي، جنهن جي چرپر ۽ آخر ۾ نيڪال به ضروري آهي. قدرتي طور، انهيءَ پاڻيءَ-گڏيل کاڌ خوراڪ ۾، گيس پڻ پيدا ٿئي ٿي، جيڪا کاڌي کي فُضلي جي صورت ۾ ڌڪيندي رهي ٿي. ڪڏهن اها گيس گهٽ ته ڪڏهن وڌ ٿيندي رهي ٿي. اٿڻ ويهڻ يا چرپر سان پاڻمرادو به خارج ٿئي ٿي. رات جو آرام ڪرڻ يا بند جاءِ تي ويهڻ سان وقتي، گيس جي چرپر بند ٿئي ٿي ته اها پيٽ ۾ جمع ٿيندي رهي ٿي. اها اوچتي چرپر يا آڪسيجن واري ماحول ۾ اچڻ سان، ٺڪاءُ ڏئي خارج ٿئي ٿي، جنهن کي ٽِٽ چئجي ٿو.
    ٽٽ ڪڏهن ڪڏهن، پيٽ جي ڪمزوريءَ سبب به اچن ٿا، جيڪي محفل ۾ اچڻ سبب، ٻين جي نظرن ۾ خوار پڻ ڪن ٿا، ڪمزوري ظاهر ڪرڻ جو سبب بنجن ٿا. وزن کڻڻ يا طاقت استعمال ڪرڻ واري موقعي تي اگر ٽٽ نڪري ويو ته به ڪمزوري ظاهر ٿئي ٿي ۽ خواري پڻ. ان جي برعڪس اٺ کائي ئي ليون لاڻا ٿو، جنهن سبب سندس پيٽ ۾ گيس ججھي ۽ بدبوءِ واري پيدا ٿئي ٿي. سفر تي هلڻ لاءِ کيس اٺن ڏينهن جي گذاري جيترو پاڻي به پيٽ ۾ ڀري کڻڻو پوندو آهي، جنهن سبب پيٽ ۾ پيدا ٿيل گيس کي گردش ڪرڻ لاءِ گنجائش گهٽ ٿي رهي. ٿورو هلڻ تي، خالي يا لڏيل صورت ۾، گئس ٽٽن جي صورت ۾ خارج ٿيندي رھي ٿي. اهو هڪ فطري عمل آهي، ان ۾ سندس ڪمزوري ۽ خواريءَ جو عنصر شامل ناهي.
    اٺ جو مکيه ڪم آهي بار کڻڻ. جڏهن بار مٿس لڏيل آهي ۽ هو آسانيءَ سان کنيو ٿو وڃي ته پوءِ اگر ٽٽ ڏئي ٿو ته ان ۾ کيس فطري آزادي ميسر هئڻ گهرجي. ٽٽن ڏيڻ کان کيس دٻائجي نه.
    مطلب: ۱ - اٺ تي وزن ڀلي وت آهر رکجي پر سندس ٽٽ نه منجهائجي.
    ۲ - نوڪر کان نوڪريءَ جو ڪم وٺجي پر فطري تقاضائون پوريون ڪرڻ ڏجنس.
    ۳ - پيٽ ڀر، پٺي لڏ. (۵)

    26. اٺ ڀريو به رڙي ته سکڻو به رڙي. (پھاڪو)
    رڙي: رڙيون ڪري، رنڀي.
    اٺ، وڏو قدآور ۽ بار ڍوئڻ جي لحاظ کان، مضبوط وھٽ آهي. ان ھوندي به اگر مٿس بار لڏبو ته بيٺو رڙندو، اگر لاهبس ته به پيو رنڀندو. رنڀڻ ۽ رڙڻ، اٺ جي عادت يا فطرت ۾ شامل آهي. پنهنجي انهيءَ جبلتي ڪيفيت جو مظاهرو، پتڻ تي، ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻ ۽ لهڻ وقت، وڏو ڪندو آهي. جيستائين باقاعدي ڪٽڪو نه کائي، تيستائين ٻيڙيءَ تي اصل نه چڙهي.
    مطلب: ۱ - اٺ تي بار پوي نه پوي، رڙندو ضرور.
    ۲ - اٺ ڀريل به ڪُرڪي، سکڻو به ڪُرڪي.
    ۳ - اٺ جي وات ۾ لوڻ وجهه ته به رڙي، کنڊ وجهه ته به رڙي. (پهاڪو)

    27. اٺ تڏهين ٿي رڙيا، جڏهين ٻورا ٿي سباڻا. (پھاڪو)
    اٺ، هڪ هنڌان سامان ڍوئي، ٻئي هنڌ پهچائڻ لاءِ ڪتب ايندو آهي. مٿس سامان ڍوئڻ لاءِ ٻورين، ٻورن يا ٻوجهن ۾ بند ڪري، پوءِ لڏبو آهي. ٻورين جي ڀيٽ ۾ ٻورن اندر گهڻو وزن يا سامان پوندو آهي. چار پنج ٻوريون، اٺ-پٺيءَ پلاڻي ڇڏبيون ته ڏيهاڙي ڏهه ويهه ڪوهه ڪرڻ پڄاڻان به مٿس ڪر نه ايندي. ڀلي هفتو گاهه پاڻي نه مليس، ته به پيو هلندو رهندو.
    اٺ جي قد جي ڀيٽ ۾، ٻه ٻورا به ڳؤرا ٿيندا آهن. وزنائتي ھئڻ سان گڏ، ڊگها به هوندا آهن، جيڪي هلڻ وقت اٺ جي پيٽ سان گسندا هلندا آهن ۽ کيس هلڻ ۾ پڻ اهنجائي ڪندا آهن.
    جڏهن ڌڻين باردانا ڪڍي، منجهانئس ٻورا جوڙي، سامان سان پئي ڀريا ته ڀر ۾ بيٺل اٺن کي سُجهيو پئي ته؛ نيٺ اهي کين ئي کڻڻا آهن، تنهنڪري اڳواٽ ئي پئي رنڀيا ۽ رڙيا.
    مطلب: ۱ - تڪليف پهچڻ کان اڳي، جن کي پِرون پئجي ويندا آهن، سي رڙيون پڻ ڪندا آهن.
    ۲ - تڪليف پهچڻ کان اڳي، تڪليف پهچڻ جا آثار شروع ٿيندا آهن. سياڻا ماڻهو، آثار ڏسي ئي تدارڪ ڪرڻ لاءِ رڙ واڪو شروع ڪري ڏيندا آهن.
    ۳ - جڏهن ٻورا ٿي سبيا ته گڏهن ٿي رنو. (ٿر) (۸)

    28. اُٺ ٿئي بيحال، واجهائي وڳ لئه. (پھاڪو)
    اٺ، وڏو وھٽ آھي. ان ھوندي به وڳ سان گڏ ھوندو ته قرار ھوندس ۽ ھڪ ھنڌ بيٺي، جھنگ چرندو. وڳ کان ٽُٽو ته پيو واجھائيندو ۽ ڊوڙندو، رڙندو ۽ رينگندو. چرڻ ئي وسري ويندس. وڳ لاءِ واجهائي، پيو راڙوراڙ ڊوڙندو. ڊوڙي ڊوڙي، پاڻ کي بيحال ڪري ڇڏيندو. (۳۵) ص ۲۵۰
    ان جي ڀيٽ ۾ ٻڪري ۽ رڍ وغيره ننڍڙا ۽ ڪمزور ساھدار آھن. اھي اگر ڌڻئون ڌار ٿيا ته ضايع ٿي ويندا.
    مطلب: ۱ - گڏجي رھڻ ۾ ڪمزور جانور به قرار سمجھي ٿو. وڏو جانور پڻ اڪيلو رھڻ ۾ سڪون محسوس نه ٿو ڪري.
    ۲ - جنھن جي تانگھ ھوندي آھي، ان جي حاصل ڪرڻ لاءِ، فطرتي طور تي ھر ساھدار بيقرار ھوندو آھي.
    ۳ - وڳ يا ويڙھي کان وڇڙيل، ويڳاڻو لڳو وتندو آھي.

    29. اٺ جو اٿڻ ڪونهي، ڀاڙي جي صفائي. (پھاڪو)
    جڏهن رستن جا ڄار وڇايل نه هيا، تڏهن زميني سفر، اٺن ۽ خچرن، گڏهن ۽ گهوڙن ذريعي طئي ٿيندا هيا. اٺ ته خاص ڪري، انهيءَ سفر لاءِ اهم هيا. ڇو جو اٺ، اٺن ڏينھن تائين، بنا کاڌ-پيت جي، سفر ڪري ويندا هيا. ان کان علاوه، اٺ ٻنهي ڪمن ۾ ايندا هيا؛ سواري کڻن ۽ بار لڏڻ لاءِ. سواريءَ کڻڻ واري اُٺ کي مهري ۽ بار برداريءَ واري کي لاڏو سڏيو ويندو هيو.
    ٻنيءَ کان مارڪيٽ تائين، مارڪيٽ کان ڪم جي هنڌ تائين، آند-نيند اٺن ذريعي ٿيندي هئي. اهو ئي سبب هيو جو اوٺار، پنھنجا وهٽ-وانا، تازا توانا رکندا هيا. بيمار وهٽ، پاڻ به تڪليف ۾ ته سوار ۽ سئيس به تڪليف ۾. ان ڪري ڪير به بيمار ۽ ڪراڙو وهٽ نه رکندو هيو.
    اگر ڪير بيمار وهٽ رکندو هيو ته سواري ڪرڻ وارا به سندس سواريءَ کي اڳ ۾ جاچيندا هيا. اگر سواري کين سٺي لڳندي هئي ته سلالو معاوضو ڏئي ڀاڙي تي وٺندا هئا. اگر کين نه وڻندي هئي ته اڌ-گيدي ڀاڙي تي به نه وٺندا هيا. اگر اهڙي سواريءَ جو مالڪ، ڀَوَ تتان ته متان سواريءَ جي تڪليف پڄاڻان، سوار ڀاڙو نه ڏين، اڳواٽ ڀاڙو چڪائيندا هيا. اهڙي هڪ اوٺار لاءِ مٿيان لفظ چيل آهن.
    مطلب: ۱ - ڪم ڪرڻ جي صلاحيت نه ھجي ته معاوضو اڳواٽ نه طلبجي.
    ۲ - دڪاندار سودو نه سلي، گراهڪ چي؛ ”اٽل ڏي!“

    30. اٺ جي چاڙهيءَ کي به لعنت، لاهيءَ کي به لعنت. (چوڻي)
    ٿر جون ڪي ڀٽن جون قطارون ڏنگيون، ڦڏيون ۽ سلاميءَ واريون به آهن. منجهانئن ٺهيل لنگهن/ لڪن مان مسافر رستو ڳولي ڪڍندا آهن. هڪڙي لڪ مٿان جت/ اوٺار چڙهندا آهن ته اڳيان وارين ڀٽن جي قطار منجهان لنگهندڙ لڪ کي به نظر ۾ رکي، پوءِ هِن لڪ تان لهندا آهن.
    ڪن موتمار ڀٽن تي چڙهڻ وقت، اڪثر اٺ ويچاري جون ٽنگون پيون ٿِڙڪنديون آهن. آزمودگار جت، اٺ کي لڪ تي سڌو چاڙهڻ بدران، ٽارو ڪري، پاسي کان چاڙهيندا آهن. اٺ ويچارو هڪ هڪ قدم ڪري چڙهندو هلندو آهي ۽ ناسن ۾ ساهه ڀرجي ويندو اٿس. جَتَ ۽ سوار مسافر جو، ساهه مُٺ ۾ هوندو آهي. ٻنهي تي هيبتناڪ خاموشي ڇانيل هوندي آهي ۽ اٺ جي خاني ۾ ويٺل پنهنجي بدن کي مضبوط جهلي ويهندا آهن.
    جتان مٿانهين شروع ٿئي ٿي، اتان کان وٺي ڀٽ جي چوٽيءَ تائين، چاڙهيءَ کي چاڙهه چئبو آهي، جيڪو ڏاڍو ڏکيو آهي، اٺ چاڙهه ۾ ايڏو اولو نه هوندو آهي، جهڙو ڍوراڻ ۾.
    مطلب: ۱ - چاڙهه تي چڙهڻ ۽ لاهه تي لهڻ، ٻئي اٺ لاءِ اهنجا آهن ۽ مسافر لاءِ پڻ پريشان ڪن مرحلا آهن.
    ۲ - ٿر آهي بر، ڀٽون آهن ڀوت، اڃا هڪڙي چڙهان ئي ڪين ته ٻي ڪڍي ٿي ٻوٿ.
    ۳ - اٺ جي لاهيءَ چاڙهيءَ تي لعنت.
    ۴ - اٺ تي چڙهڻ ۽ مٿانئس ھيٺ لھڻ، ڏکيا عمل آهن. (۹) ص ۱۸.

    31. اٺ جي چوري، پکي ۾ نه لڪندي. (پھاڪو)
    اٺ جي چوري: چوري ڪيل اٺ. پکي ۾ لڪڻ: ننڍي جاءِ ۾ لڪڻ.
    اٺ تمام وڏو وھٽ آهي. کيس هڪ هنڌ ٻڌي ويھارڻ، ڏاڍو اھنجو ڪم آهي. پيو رڙندو، گجندو ۽ گوڙيون ڪندو. ان کي اگر ننڍڙي جاءِ ۾ لڪائبو ته پاڻ کي ظاھر ڪري بيھندو. جڏھن ته چوري ٿيل شيءِ ڦٻندي تڏھن آھي، جڏھن اھا ڪٿي لڪي يا ٿمي. اٺ جھڙي آفت، نه لڪي نه ٿمي. پوءِ چوري ڪرڻ مان ڪھڙو فائدو؟
    مطلب: ۱ - تمام وڏو ڌاڙو، پڻ لڪي ڪين سگھندو آھي.
    ۲ - جيڪا ڳالهه، پڌري ۽ گهڻن ڪنن تي پيل هوندي، سا دٻائي نه سگهبي.
    ۳ - اٺ جي چوري پکي ۾ ڇا لڪندي؟ (سنڌ)
    ۴ - وڏو وهٽ، ننڍڙي جهوپڙيءَ ۾ لڪائي نه سگهبو.
    ۵ - اٺ جي چوري، پکي ۾ ٿورو ئي لڪي. (لاڙ).

    32. اٺ نه ڪڏي، اٺ جو اوٺاري ڪڏي. (پهاڪو)
    ڪُڏي: لڏي، نچي. اوٺاري: اوٺار، اٺ جو سوار، جَتُ.
    اٺ، انوکي جسماني بناوت وارو وڏو وهٽ آهي، جيڪو ٿر جي ڀٽن ۽ ريگستان ۾ چڙهيءَ يا سواري ۽ بار برداريءَ لاءِ ڪم ايندو آهي. هلڻ وقت، پاڻ ته سڌو هلندو نظر ايندو آهي پر مٿس ويٺل سوار، ٽپا کائيندو يا ڪڏندو نظر ايندو آهي. اُهو سمورو لقاءُ، اٺ جي عجيب جسماني بناوٽ سبب آهي.
    مطلب: ۱ - وڏيري کان وڌيڪ، سندس نوڪر معتبري ۽ رعب رکندا آهن.
    ۲ - ڏاچي هڻي ڏهه، توڏي هڻي تيرنهن. (۵)

    33. اٺ واري اڪڙو، ٻڪري واري ڪڪڙو. (چوڻي)
    اڪڙو: اڪ جو ٻوٽو. ڪڪڙو: وونئڻ، ڦٽيون، ڪپهه، ڪپهه اندر ٻج
    اڪ، کير سميت کارو آهي. هٿ لائڻ واري کي به، سندس کير لهسي وجهندو آهي. پن چٻاڙڻ جو پڻ تصور به نه ٿو ڪري سگهجي. کيس ٻيا جانور به گھٽ کائين. مڙني جي ڀيٽ ۾، اٺ کيس چاهه سان کائي. ٿر جي علائقي ۾ اڪ جام ٿئي. اٺ جيڪو هفتن جا هفتا اڃ بک تي هلي، جڏهن ريگستان ۾ اڪ ڏسي ته منجهانئس پنهنجو قوت ڪيو وڃي. کيس ٻالنگھ به ٿئي ۽ سفر به سولائيءَ سان طئي ڪري وڃي.
    ٻڪري وري، وونئڻن جي فصل کي پسند ڪري. ڪچا ڏيلهو شوق سان رڙڪي کائي. وونئڻن جي ڀيلاڙي وقت، وونئڻن جا پن، اڻ-ٽڙيل ڏينو يا گوگڙا ڇڪي کائي. ڍؤ به ڪري ۽ کير ۾ به ٿڻ سِڱوهجي وڃنس.
    مطلب: ۱ - اٺ لاءِ اڪ ۽ ٻڪريءَ لاءِ وونئڻن، مرغوب غذائون آهن.
    ۲ - هر ڪو مرغوب غذا کي ڳولي ٿو.
    ۳ - اٺ ميلي آڪڙو، ٻڪري ميلي ڪاڪڙو. (۸)

    34. اٺ، ويسوني کائي ته انڌو ٿئي. (چوڻي)
    ويسوني: ٿر ۾ ٿيندڙ ٻوٽي، جيڪا ڀٽن جي نرم زمين ۽ ڏهرن جي سخت زمين ۾ اڀري. ڪٿي ڪٿي ڏهرن ۾ جام اڀرندي آهي. هيءُ ٻوٽو ڏيڍ فوٽ کان ڊگهو ٿئي. هن جا پن سون مڪئيءَ کان ڪجهه ننڍيرا ٿين. ڏانڊيءَ ۾ ٻنهي پاسي کان پنن جون قطارون هونديون آهن. منجهس عمدا ڳاڙهي رنگ جا گل ٿيندا آهن. ڪچي هوندي آهي ته کيس فقط رڍون ۽ ٻڪريون کائين. اُٺ ڪو نه کائي، جي کائي ته چون ٿا انڌو ٿي پوي.
    پڪي ٿيڻ بعد منجهس سائي رنگ جون چپڙيون، ڪمان وانگر وريل ڦريون ٿين، جن ۾ ٻج هوندو آهي. ان مهل اٺ ۽ ڍڳيون به کائينديون آهن.
    مطلب: مال متاع کي به فائدي/ نقصان وارا گاهه سُجهندا آهن. (۱۱) ص ۸۱.

    35. اٺ ۽ پٽ، ڪاري رات جو به ڪم جا. (چوڻي)
    ۱- اٺ اڱڻ ۾ ٻڌل هجي ۽ مٿان ڪاري رات ھجي. اگر اوٺاري جهيڪاري، ٻڙهو ڪري پوئين چونڪ ۾ ويٺس ته ڪنهن نه ڪنهن ڀيڻيءَ رسائڻ ۾ وسان ڪو نه گهٽائيندس.
    ۲- پنهنجي پيٽ جو ڄڻيو پٽ هوندو ۽ ڪاري رات جو اٿاري اگر ڪيڏانهن روانو ڪبس ته ورندي ڪو نه ڏيندو. هئين يا هونءِ به نه ڪندو. ھليو ويندو ۽ ڪم نباھي موٽندو.
    مطلب: اٺ ۽ پٽ، وقت پئي جواب نه ڏيندا. (۳۰)

    36. اٺين پيڙهيءَ اٺ جي، گهوگهتيو ماسات. (پھاڪو)
    اٺ ۽ گهوگهيتو، ٻئي ساهدار آهن. جڏهن ته اٺ وڏي جثي وارو هڪڙو وهٽ ۽ عجيب الخلقت مخلوق آهي. ان جي برعڪس گهوگهيتو وري پنھنجي خول ۾ بند، زمين تي هلندڙ، هڪ ننڍڙو جيت آهي. ٻنهي جي جنس ۽ هيئت ۾، زمين ۽ آسمان جيترو فرق آهي. سواءِ ساهدار هئڻ جي، ٻنهي منجهه ڪا به هڪجھڙائيءَ واري خوبي ناهي. تنھنڪري، ٻنهي جو پاڻ ۾ سڱ سياپو هئڻ، ممڪن ئي ناهي.
    اهڙيءَ طرح ڪي ٽرڙي طبيعت جا ماڻهو، جڏهن پاڻ کان حيثيت ۾ تمام وڏن ماڻهن سان مِٽي وڃي ڳنڍيندا آهن، تڏهن کين ان مثال سان ٽوڪي چُپ ڪرائبي آهي.
    مطلب: ۱ - غير جنس سان، مٽي مائٽيءَ وارو رشتو هئڻ، ناممڪن آهي.
    ۲ - اٺين پيڙهيءَ اٺ جي، ماڪوڙو ماسات.
    ۳ - هي پھاڪو، اڪثر ڪري، ڍيڪ يا چٿر طور استعمال ٿيندو آهي.

    37. اُٺيون، آهن سون مٺيون، پر جي وس ٿئي. (چوڻي)
    اُٺيون: وٺيون، وسيون، برساتيون. اُٺيون: ڏاچيون، اٺڙيون. وسي: برسات پوي.
    ۱ - ٿر جي علائقي ۾ ڪئنال وارو سرشتو نه هئڻ سبب، زمين جي پئدائش برسات جي پاڻيءَ تي ٿئي. برسات وسي ته سون جي مٺين مثل، زمين مان اپت ٿئي. پاڻمرادو ڦٽندڙ ڏٿ، مال متاع ۽ ماڻهن لاءِ جياپي جو سبب ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو چوندا آهن؛ ”وسي ته ٿر نه ته بر“ يا ”ٿر آهي ٿڻ تي نه ڪ ڪڻ تي.“
    ۲ - ٿرين وٽ، نر اٺ جي ڀيٽ ۾ مادي اُٺ/ ڏاچي/ اُٺڙي وڏي ڪمائتي آهي. شرط اهو آهي ته برسات جام پوي. ڇِنڊ ڦُڙيءَ جي نتيجي ۾ للر لاڻا وغيره پاڻمرادو ڦٽي پوندا آهن، جيڪي اٺ لاءِ اڪسير آهن. خوب چرڻ سان، کير مکڻ جام ٿين، جن تي ٿرين ويچارن جو گذران ٿئي. برسات سان ڪڻڪ، جوئر ۽ ٻاجهري وغيره ته عام خاص نه ٿين پر مال لاءِ چارو جام ٿئي، جنهن سببان مال ۾ ويم ۽ کير جام ٿئي. واڙا/ وٿاڻ مال جي ڦرن سان ۽ چونئريون/ ساڙهيون/ رَڇ وغيره کير سان ڀرجيو وڃن. ولوڙا ۽ مکڻ پڻ جام ٿين.
    مطلب: ۱- اُٺڙيون/ برساتيون، ٿرين لاءِ ذريعه معاش آهن.

    38. اٽي سامھون اٽو، کارو نڪو کٽو. (پھاڪو)
    آڳاٽي دور ۾ واپار، اڪثر ڪري جنس جي بدلي جنس سان ٿيندو هيو. اَنُ ڏئي شيون، وکر يا مال وٺبو هيو. اهڙي واپار ۾، اٻوجهه ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ڦرجي ويندا هيا. چالاڪ واپاري، پنھنجي ٿوري جنس جي بدلي، اٻوجهه خريدارن کان گهڻي جنس وٺي ويندو هيو. تنھنڪري اهڙو واپار ڪرڻ ۾ ڀاڳيا به پيا ڪيٻائيندا هيا. يا واپار ڪرڻ وقت، مٽن مائٽن منجهان ڪن ڄاڻو ۽ ڏاسو ماڻهن سان وڃي رابطو ڪندا هيا يا کين رهبر طور کڻندا هيا.
    ڪن واپارن ۾، انَّ جي بدلي انُّ هوندو هيو ۽ ماپ تي طئي ٿيندو هيو ته ان ۾ ڪير به ڪس نه ڀانئيندو هيو. ڪڻڪ جو مڻ ڏئي جوَن يا جوئر جو مڻ وٺڻ ۾ اٻوجهه ماڻهو به نڀائي ويندا هيا.
    اهڙيءَ طرح اگر، اٽي جي بدلي اٽو وٺبو/ ڏبو هيو ته به ڪا ڌر ڪس نه ڀانئيندي هئي.
    مِٽي مائٽي ڪرڻ ۾ اگر غير جنس جي بدلي سڱ ڏبو وٺبو هيو ته ڪا هڪ ڌر ان ۾ به ڪس ڀانئيندي هئي. جيئن مينهن يا چار ٽڪا ڏئي سڱ وٺڻ ۾ به ڪڏهن وٺندڙ ته ڪڏهن ڏيندڙ ڪس ڀانئيندو هيو. ان جي برعڪس، اگر ڏيڻ وارو به جوان عورت ڏئي ۽ وٺڻ وارو به بدلي ۾ جوان عورت جو سڱ ڏئي ته اهو سودو يا مِٽي، گهوڙي ڪن برابر وانگر، نقصان کان آجا سمجهيا ويندا هيا.
    مطلب: ۱ - انصاف واري واپار ۾ ڪنھن به ڌر کي ڪس نه هوندي آهي.
    ۲ - بدي کي بندوق.
    ۳ - ڀيٽيو: ڪنو وٽي، وهه جي وٽي.

    39. اپت اوپر خرچ ڪرڻا، بيچ ۾ بولڻا، ندي کارو نير،
    گهر ۾ نارِ ڪُنار، ڪلڇڻو ٻيلي، پانچي ڏَهت سرير. (چوڻي)
    نار: عورت . ڪُنار: ڪلڇڻي، اڙانگي، بدڪار. ڏهت سرير: ڳڻتيءَ جو ڪارڻ.
    ۱ - اپت/ ڪمائيءَ کان وڌ، خرچ ڪرڻ تي هٿ هيربو ته آخر پڇتائڻو/ پنڻو پوندو.
    ۲ - ڪچهريءَ دوران، ٻه ڄڻا پاڻ ۾ ڪنهن معاملي تي بحث ڪندا هجن ته، وچ ۾ ٽپو ڏيئي نه ڳالهائجي. اڻ سمجهيو پرائي معاملي ۾ ٽنگ اڙائڻ سان، اڳلن کي ته بيزار ڪبو پر پاڻ لاءِ به مصيبت پئدا ٿيندي.
    ۳ - ندي/ نالو، جنهن ۾ کارو پاڻي وهي، سا به ڪنهن ڪم جي ناهي. ان جو پاڻي پيئڻ ۽ وهنجڻ لاءِ ته ڇا پر زراعت ۽ ماهيگيريءَ لاءِ به ڪم نه ايندو آهي.
    ۴ - بدڪار عورت گهر ۾ هوندي ته گهر جي ساک ئي ڦٽائي ڇڏيندي.
    ۵ - بداخلاق نوڪر به، ڳڻتيءَ جو ڪارڻ ٿئي ٿو.
    مطلب: ۱ - ٻڌايل پنجن ئي ڳالهين کان پاسو ڪجي، ٻيءَ صورت ۾ ڳڻتيءَ ۾ ڳري وڃبو. (۱۲) ص ۱۴۸.

    40. اچي جي نھاري، زال ھڻي ٻھاري،
    ته سج وڃي اُھاري. (چوڻي)
    نھاري؛ ناھري، ھندي مھيني جو نالو، جيڪو ڊسمبر ۽ جنوريءَ ڌاري ايندو آھي.
    ناھريءَ جي مھيني اندر، ڏينھن تمام ننڍا ٿيندا آھن. رات ڊگھي ۽ وڏي سيءَ واري ٿيندي. گھر اندر ٻھاري ڏيندڙ عورت، رڳو ٻھاري کڻي اڃا ڦريو ڪڍندي ئي ڪا نه ته ڏينھن ئي پورو ٿي ويندو. وري رات جي سرديءَ کان بچاءَ لاءِ کيس تياري ڪرڻي پوندي آھي.
    مطلب: ناھري؛ نمي کڻ ٻھاري، ته وڃي سج اوھاري. (۳۵)

    41. اڇا ڏِتا ري پريت نه جاءِ. (چوڻي)
    اڇا ڏِتا ري: اڇن ڏند جي، مرڪي ڏسڻ جي.
    انساني سڀاءَ ۾ فطرتاً اها ڳالهه سمايل آهي ته مرڪي ڏسڻ واري ڏانھن مائل ٿي پوندو آهي. پوءِ ڀلي مرڪي ڏسڻ وارو، دوست ۽ مٽ هجي يا ٺلهو واقفڪار يا اڻ واقف هجي.
    دوستي ۽ ناتي جا به ٽي طبقا ٿيندا آهن؛ گهاٽي دوستي، کل کل واري دوستي ۽ واقفيت. گهاٽا دوست، زندگيءَ ۾ ٻه چار هوندا آهن. ساڻن دل جا راز اوربا آهن. وقت پوڻ کان اڳ ۾، سندن ڪم اچبو آهي. يا اهي ڊڪي اچي ساٿي ٿيندا آهن. هڪ ٻئي جي پرگهور، پنھنجي جان وانگر لھندا آهن.
    کل کل وارا دوست، گهاٽن دوستن جي ڀيٽ ۾ گهڻا هوندا آهن پر ساڻن راز نياز جون سموريون ڳالهيون نه ڪبيون آهن. ڪي ڳالهيون، جيڪي سندن مزاج مطابق آهن، وقت پوڻ تي ڪبيون آهن پر ڳالهين جون موشگافوين، موقعي ۽ مھل جي مناسبت سان سنڀالي چئبيون آهن. جيئن کل کل واري سنگت قائم رهي ۽ ڪنھن ننڍڙي لغزش سبب، ڇڄي نه پوي.
    واقفڪار، کل کل وارن دوستن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻا هوندا آهن. تن سان مرڪي ته ملبو آهي پر ساڻن ڳالھائبو واقفيت جي حدن اندر رهي آهي. ساڻن نه گهرگهلو ٿبو آهي ۽ نه ئي راز نياز جون ڳالهيون سلبيون.
    مطلب: ۱ - وس ويندي، دوستن يارن کي، ڀڄڻ يا ياري ڇنڻ جا موقعا نه ڏجن.
    ۲ - منھن لڳڻيءَ کان وڃجي پر منھن پکڻيءَ کان نه وڃجي.

    42. اديءَ کي ڪن نه ڀڻڪ، ادو عشق ۾ انڌو. (پھاڪو)
    ڀُڻڪ: سڻس، ٻاٻور، اشارو.
    عشق، تڏهن ڪامياب آهي، جڏهن ٻه-طرفو هجي. هڪ ڌر جي اندر آنڌمانڌ هجي ۽ ٻيءَ کي جن ڪن به نه هجي، انهيءَ کي عشق نه چئبو آهي. عشق ۽ مشڪ، لڪائي نه لڪندا آهن. پر انهن جو اظھار اگر وقتائتو ۽ سهڻي نموني سان ڪجي ته بھتر آهي. پاڻ-مرادو هلي جڏهن ڳجهه ڳوهه ۾ ڪيل عشق، ڦاٽندو آهي ته پوءِ وڏي خرابي پيدا ٿيندي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته عشق جي بازي، ڪجهه عجيب آهي. جن هارائي، تن ساري عمر رنو. جن کٽي، تن ساري عمر پڇتايو.
    مطلب: ۱ - عشق ۾ انڌو ٿجي پر منظورِ نظر کي اشارتاً ڪنايتاً ڄاڻَ ضرور ڏجي.
    ۲ - اديءَ کي جن نه ڪن، ادي کي عشق انڌو ڪيو.
    ۳ - اديءَ کي اير نه ڀير، ادي جن کي عشق آذرت ڪيو. (ساهتي)
    ۴ - ادي کي جنين نه ڪنين، اديءَ کي عشق انڌو ڪيو. (لاڙ)
    ۵ - سورائتڻ سور، اڻ سورائت سان اوريو،
    هن جو بنجهر نه ڀريو، هوءَ وڃي پئي وهلور،
    پرايائين پور، اڳي کان به اڳرو. (هندي)
    ۶ - سوريتيءَ ڪنھن سور، اڻ سوريتيءَ سان اوريا،
    هن جو ڀنجر ئي نه ڀري، هوءَ وڃي پئي وهلور.

    43. اڌ-سکي وديا ڏَهي، ڏَهي ڪُٻُڌي وِيرَ،
    ڪُل-هيڻ ڪامڻي ڏَهي، چنتا ڏھي سرير. (چوڻي)
    اڌ-سکي: اڌورو سکيل، اڌوري ڄاڻ. وديا: علم، ڄاڻ. ڪُٻُڌي: بدمعاش، ٺڳ.
    سُٻڌي: سلڇڻو. وير: پهلوان. ڏهي: ڏڌي، ڏڌڻ، اھنج رسائي، ڏهنت، ڳڻتيءَ ۾ وجھي. ڪامڻي: عورت، دوشيزه. چنتا: ڳڻتي، پريشاني، ڳارو. سرير: جسم، بدن.
    ڪُل-هيڻ: پنهنجي آڪهه جي عزت نه ڪندڙ (ڪُل: آڪهه، ڪٽنب، خاندان. هيڻ: هيڻو، ڪمزور)
    ۱ - اڌورو سکيل علم، ماڻهوءَ کي نقصان ڏيندو آهي. پوري تعليم سان ڄاڻ وڌندي آهي ۽ اها تعليم نفعي بخش پڻ ٿيندي آهي. بهتر آهي ته جيڪو به علم حاصل ڪجي، پورو ۽ پوريءَ طرح حاصل ڪجي، ٻيءَ صورت ۾، اڻ ڄاڻ هئڻ ئي ٺيڪ آهي. جيئن چوندا آهن؛ نيم حڪيم خطره جان، نيم ملان خطره ايمان.
    ۲ - پهلوان مڙس، اگر بدمعاش ٿيندو ته ساڻس اڳلا نه پڄي سگهڻ جي صورت ۾ سندس ڀائرن کي تڪليف ڏيندا. بدمعاش جي بدمعاشي، سندس ڀائرن جي ڳڻتيءَ جو سبب بڻبي. ٻين ماڻهن مان ايڏو خطرو نه پيو ڀانئبو، جيترو بدمعاش پهلوان مان پيو ڀانئبو. ان جهڙو نقصانڪار ڪو به نظر نه پيو ايندو.
    ۳ - ڪمزرو خاندان جي عورت، خاندان جي عزت لاءِ پريشانيءَ جو سبب بڻجندي آهي. پنهنجي حسن ۽ سونهن سوڀيا سبب، ٻين کي پاڻ ڏانهن پئي ڇڪيندي، جڏهن ته سندس ڪمزور مائٽ، سندس سنڀال ۽ بچاءُ نه ڪري سگهندا ۽ پيا پريشان ٿيندا.
    ۴ - ڳڻتي، انساني جسم کي ڳاري ڇڏيندي آهي. ڇو جو ڳڻتيءَ جهڙو ڳارو ڪونهي، خوشيءَ جهڙي خوراڪ ڪانهي. ان ڪري ڳڻتي نه ڪرڻ گهرجي.
    مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل چار شيون، سِرُ کڻندي دير نه ڪنديون، تنهنڪري کانئن ٽارو ڪرڻ گهرجي. (۱۲) ص ۱۴۳.

    44. اڌي ڌوڙ ۾ گڏي، ڌوڙ پِراڻي، اٿي هاڻي. (پھاڪو)
    اڌي: وڌي، اڀري. گڏي: گُڏي. پِراڻي: لٿي، ڇنڊجي هيٺ ٿي.
    ٿر اندر برسات تي، پاڻمرادو ٿيندڙ ڏٿ ۾ کنڀي پڻ آهي. برسات کان پوءِ ٻن ٽن ڏينهن اندر، کنڀي جام ڦٽندي آهي. بشرطيڪ اس به جام نڪري. جيستائين زمين پوسل واري هوندي، گرمي ۽ اس نه ملندس، تيستائين کنڀيءَ جو نڪرڻ مشڪل آهي.
    کائڻ واري کنڀيءَ جا ٻه قسم آهن.
    ۱. هيٺ ڪاٺيءَ وانگر، مٿي مٿو بيدي وانگر گول ۽ اڇو ٿئيس.
    ۲. هيٺ سنهڙي ڪاٺيءَ وانگر، مٿي مٿو گول ۽ اڇو ٿئيس.
    سندس عمر وڌ ۾ وڌ، ٽي يا ڇڪي ڇڪي چار ڏينهن ٿيندي آهي. انهيءَ سببان سندس لاءِ ٿري ائين چون؛
    ”اڌي ڌوڙ ۾ گُڏي، ڌوڙ پراڻي، اٿي هاڻي“
    سندس ٿوري عمر لاءِ هڪڙي سگهڙ پڻ چيو آهي؛
    ”پهرئين ڏينهن صغير، ٻئي ڏينهن ڪبير،
    ٽئين ڏينهن ڪراڙي، چوٿين ڏينهن ڪنهن نه قبولي.“
    مطلب: ۱ - دنيا جو چٽڪو، چار ڏينهن.
    ۲ - حياتي، جلد کٽيو وڃي.
    ۳ - ڌوڙ مان ڄاول، جلد ڌوڙ ۾ وڃي. (۸)

    45. اڍائي مڪڙ، وهين جو قوت. (پھاڪو)
    مڪڙ: ڳاڙهسرو جيت، فصل تي جھجهي انداز ۾ حملو ڪندڙ.
    وهيو: ڪٻر جھڙو ڪاري ميري رنگ جو پکي، گھڻو ڪري جيت کائي.
    مڪڙ کائڻ ۾ حلال، ذائقيدار ۽ سڻڀا پڻ آهن. پکين کي چڳڻ ۾ ته وڻن پر ماڻهو به کين پڪڙي پچائي کائين. وهيو پکي ته مٿن اصل عاشق آھي. ماڪڙ جا ٻه اڍائي مڪڙ مس چچري کائي سگهندو آهي جو سندس پيٽ ڀرجي ويندو آهي. وڌيڪ جي گنجائش نه ھوندي اٿس، تنھن ھوندي به وڏو وس ڪندو آهي. آخر، کائي ته نه سگھندو آھي پر کين ماري، ڍير ضرور ڪندو آھي.
    مطلب: ۱ - هر ساهدار جو پيٽ، محدود مقدار جو قُوت سمائي سگهي ٿو.
    ۲ - نوريئڙي جي مھماني؛ ٻه ٻير.
    ۳ - ڪُئي جي مزماني؛ ٻه ٻير.

    46. ارهه سٽاڻي ڪامڻي، مرد جوڀن گت،
    سوئر سڱا ڪڍيا، شينهن پهرين سٽ،
    تري طبيلا ڇٽي، اهي پنج ئي مي مت. (چوڻي)
    ارهه سٽاڻي: بالغ ٿيڻ، ڇاتيون نڪري اچڻ، بلوغت جون نشانيون ظاھر ٿيڻ. ڪامڻي: سترنهن ارڙهن سالن جي دوشيزه. جوڀن گت: سامائجڻ.
    سڱا ڪڍڻ: سڱ ڦٽڻ. تري: گهوڙي. مي مت: طاقت ۾ مست.
    ۱ - نوخيز دوشيزه جو بالغ ٿيڻ، مستيءَ ۽ طاقت کان خالي ناهي. جوانيءَ جي پور ۾ پهچڻ کان پوءِ، جسم ۾ هنڌان هنڌان پئي ڦاٽندي آهي. سندس هر انگ، هر رنگ ۾ پيو ڳالهائيندو آهي. مستيءَ ۾ کيس، دنيا جهان جي خبر نه پوندي آهي. ايڏي طاقت هوندي اٿس جو، زور کي زور جهلي.
    ۲ - مرد به جوانيءَ ۾ مستانو ٿي پوندو آهي. مُک ٻهڪندڙ ۽ جسم ٺهندڙ ٿي پوندو اٿس. جوانيءَ ۾ گونهن به ڦولارجي پوندو آهي. اهڙيءَ طرح مرد به نکرجي نروار ٿي پوندو آهي.
    ۳ - سوئر کي تازو سڱ ڦٽي ته مستيءَ ۾ زمين اکيڙي ڦٽي ڪندو آهي.
    ۴ - شينهن، شڪار تي پهريون وار، وڏي طاقت ۽ جولان مان ڪندو آهي. سندس حملي جي زد ۾ آيل مينهن به، پهرئين ڌڪ سان هلي پوندي آهي.
    ۵ - گهوڙي جڏهن طنبيلي ۾ کائي پي ماچ ڪندي آهي، تڏهن نڪرڻ وقت سندس وک اڏام واري هوندي آهي. مستيءَ ۾ ايڏي ته چور هوندي آهي، جو لڳندو آهي ته سندس پير پٽيءَ تي ناهي. هوائن سان ڳالهيون ڪندي، ڌوڙ اڏايون پويان ڇڏيون ويندي آهي.
    مطلب: ۱ - پنجن شين کي، جوانيءَ/ ڇڙواڳيءَ ۾ وڏي مستي هوندي آهي.
    ۲ - مرد نڪرندي مسڙي، اسٽي ارھ سٽ،
    سوئر سنگها ڪڍيا، شينهن پهرين سٽ،
    تازي طنبيلان ڇُٽي، اهي پنج ئي مي مت.
    ۳ - سوئر سنگها ڪڍيا، ڪيهر جهليو گهٽ،
    ارهه چڙهي استري، پانچاريو ڪھڪٽ،
    مس گهيرندو گهوٽيو، اهي پنج ئي مي مت.
    ۴ - سوئر سڱيون کوڙيون، شينهن به ڦڙي رت،
    مڙد به مَسان لٿيون، مهري مينڍيءَ ڳُتَ،
    تازي طنبيلين ڇُڙيا، اهي پنج ئي مي مت.
    ۵ - ڀيٽيو؛ رھ گھڙندو گھوٽيو، پانچاريو ڪھڪاڻ،
    سوئر سڱان ڪڍيا، شينھن مک ماراڻ،
    استيءَ اروھ سٽ، پنج ئي مي مت. (۱۲) ص ۱۴۵.

    47. اسنتوشي براهمڻ ۽ سنتوشي راجا، ناس ٿين ٿا. (چوڻي)
    اسنتوشي: ناشڪر. سنتوشي: ٿوري تي راضي رهندڙ.
    براهمڻ کي ڏک سک ۾ شاڪر ۽ صابر رهڻ گهرجي. ڪروڌ ڪندو ته ڪير به وٽس وڃڻ پسند نه ڪندو. سندس پت وائکي ٿي پوندي ۽ مذهبي پيشوا هئڻ جي ناتي، ماڻهن جو منجهانئس عقيدو ۽ اعتقاد ختم ٿيندو ويندو. آخر اڪيلو ٿي ويندو ۽ پيشوائيت به ختم ٿي ويندس.
    اهڙيءَ طرح بادشاهه کي ٿوري سلطنت تي راضي رهي، هٿ هٿ تي رکي ويهڻ نه گهرجي. بلڪ ملڪي حدن کي وڌائڻ لاءِ کيس جتن ڪرڻ گهرجن. فوج کي مضبوط ڪرڻ سان گڏ، ملڪي سرحدن تي نظر رکڻ گهرجيس. موجوده حدن جي حفاظت ڪندي، کيس اڃا حدون وڌائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي. سست ٿي ويهندو ته سندس ملڪ جي حدن تي شورش برپا ٿي ويندو. اڳيون حدون قائم نه رهندس. ھٿائين سُسي، گهٽجي ويندس. مٿئون، ملڪ ۽ جان، هٿان وڃڻ جو خطرو لاحق پڻ رهندس.
    مطلب: ۱ - برهمڻ کي ماڻهن جي دل وٺڻ لاءِ، ڏک سک ۾ شڪر ڪرڻ گهرجي.
    ۲ - راجا کي ملڪي سرحدون وڌائڻ لاءِ، ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪرڻ گهرجي. (۱۳)

    48. اصل چوري، منڊ ۽ جوئا،
    پر گهر رلي ڪامڻي، کٽر گانءِ سُوئا،
    پنج ئي رهن موئا. (چوڻي)
    اصل چوري: چوري ڪندڙ خود. منڊ: جادو. پَرگهر: پراون گهرن ۾.
    ڪامڻي: نوجوان زال. گانءِ: ڳئون. سوئا: تازي ويايل.
    ۱ - چوري ڪندڙ ماڻهو، ننڍي کڙڪي کان به پيو ٽهندو.
    ۲ - جادوگر کي هر وقت هرکر هوندي آهي ته ڪٿي سندس ڦند ظاهر نه ٿي پوي.
    ۳ - جوئا جو ڪم به گهر جا ٽپڙ نيلام ڪرائي، جهڳي تي ٽانڊو رکڻ برابر آهي.
    ۴ - پراون درن تي نوجوان زال رلندي ته مڙس جي بدنامي جلد ڪرائيندي. اهڙي زال جي مڙس کي، دل ۾ وڍ ئي وڍ هوندا.
    ۵ - کٽر ڳئون، سوئا هئڻ جي باوجود، کير جي تولي لاءِ مالڪ کي سڪائيندي. ٻيءَ کي ڏُهي کيس ڏهبو ته لت هڻي پنهنجو ڏڌو ته هاريندي پر ٻيءَ کي به کاريندي.
    مطلب: ۱ - پنج ئي حالتون اداس ڪندڙ آهن.
    ۲ - ڀيٽيو؛ امل رس، ڏاڪڻ منڊ، چوري ۽ جوا،
    پر-گهر هينڊي ڪامڻي، اهي پنج ئي رهن موئا. (۱۲) ص۱۴۸

    49. اڪ اينڌڻ، جو توڻ، ڪرڪڻيون ڀتار،
    اتلا اوگن مت ڏي، ٻيلي ڀون ڪلتار. (چوڻي)
    اينڌڻ: ٻارڻ . توڻ: کاڌ خوراڪ. ڪرڪڻيون: ڪرڪندڙ. ڀتار: مڙس. اتلا: اهڙا. اوگن: اوگڻ، عيب. ڀون: زمين. ڪلتار: مالڪ، پالڻهار. مَت: نه. ٻيلي: دوست.
    ۱ - اڪ جي ڪاٺي ٻرڻ وقت، بدبودار دونهون ڇڏيندي آهي. مٿانئس ڪهڙي به ٿانءَ؛ ٺڪر، ڪنجهو يا جست ۾ ٻوڙ يا چانور رڌبو يا مٿانئس ماني پچائبي ته کاڌي ۾ ساڳي بانس کنيو ويندي ۽ اهو کاڌو کائي ڪين سگهبو. کائڻ وقت اٻڙڪ ۽ اوڪارا پيا ايندا.
    ۲ - جون جي ماني، لذيذ گهٽ ٿئي. خشڪ ۽ ڀُوسي ڀري ٿيڻ سبب، زود هضم آهي ۽ هر هر بک لائي. کائڻ واري کي پيٽ ڀري کائڻ وارو ڍَؤ، نصيب نه ٿيندو.
    ۳ - جيڪڏهن مرد گهر ۾ گهپي ۽ ڪروڌ ڪندو ته زال ويچاري، جيڪا پيڪن مان نڪرڻ پڄاڻان ساهرين گهر ۾ سدائين پاڻ کي اوپري ۽ مهمان پئي سمجهندي آهي، سا ته پاڻ کي ڏاڍو ڏکيو ڀانئيندي.
    مطلب: ۱ - مٿي بيان ڪيل ٽي عذاب، شل ٻئي جهان ۾ نه هجن. (۴)
    ۲ - اڪ ٻارڻ، جو توڻ، ڪرڪريو ڀتار،
    چنجھي زال، ٽمڻو گھر، پنج ئي آزار. (چوڻي)
    ۳ - اڪ ٻارڻ، جو توڻ، گھاٽو تر،
    ڇڊو ڳيھون، ڪپوتر ويا، پنج ئي نه ٿيا. (چوڻي)

    50. اڪ رو ڪيڙو، اڪ ۾ سمائي. (پهاڪو)
    رو: جو. سمائي: ماپي، ٺهي، سونهي، رهي.
    اڪ؛ کارو ٻوٽو آهي. سندس کير جسم جي جنھن حصي تي لڳندو ته چُٽو ٺهي پوندو. ڪاٺي ٻاربس ته بدبودار دونهون ڪندي، جنھن مٿان رڌل کاڌو کائي ڪين سگهبو.
    اهڙي اڪ منجهه رهڻ، ڪيڏو نه دکدائڪ ۽ اذيتناڪ هوندو. تنھن هوندي به منجهس اڪ مڪڙ وغيره پيدا ٿين ٿا، جيڪي رهن ۽ پلجن به منجھس ٿا. اھي اگر اتان لڏي ٻئي هنڌ ويندا ته مري ويندا.
    خدا تعاليٰ جنهن کي جنهن ماحول ۽ حال ۾ پيدا ڪيو آهي، ان کي ان ۾ ئي رهڻ گهرجي. سندس جياپو، اتي رهڻ ۾ ئي آهي. حالات سان منهن ڏئي رهجي، ڀاڙي ٿي ڀڄڻ ۾ موت آهي. ٿري به بک ڏک ۾ ٿر ۽ ان جي ڏڪر وارين حالتن کي نه ڇڏيندا آھن. ٻئي حالتون سندس ڀيت ۽ ڀانءِ پيل ھونديون آھن.
    پنهنجي وَت، وَسَ، هَٺَ ۽ بوتي آهر اٿجي، ويهجي ۽ ٻاهر قدم ڊگهيڙجي. انهيءَ ۾ جياپو ۽ سونهن آهي. (۳۵) ص ۲۱۷
    مطلب: ۱ - جنهن ماحول ۾ مالڪ پيدا ڪيو آهي، ان ۾ شڪر صبر سان رهجي.
    ۲ - پرايا محل ڏسي، پنھنجي ڀونگي نه ڊاھجي.
    ۳ - اڪ مڪڙ، اڪ ۾ ئي سونهي ٿو. اگر گلاب جي گل تي وڃي ويھندو ته گلاب جي گل جي خوشبوءِ کيس ڀانءِ نه پوندي ۽ نه وري سندس ويھڻ سبب گل ڏانھن ڪير تڪڻ جو به سوچيندو.
    ۴ - ٻانهي ۽ ٻائي، پکي سونهي پانهنجي.
    ۵ - اڪ جو ڪيڙو، اڪ ۾ ئي سمائي.
    ۶ - ٿري، ٿر ۾ ئي رهي سگهندو. ٻئي ھنڌ ڀلي وڏا سک ھجن پر انھن جاين تي جالڻ ڏکيو ٿي پوندس. (۶) ص ۸۰.

    51. اڪ ننگ ڇپي نهين، ڪوڙ انيڪ ڌرم اپايا،
    رڻ کيتر ۾ رجپوت ڇپي نهين، تري ڇپي نهين باگ اٺايا،
    چنچل نار ڪي چال ڇپي نهين، نين ڇپي نهين نينهن لگايا،
    تارن ڪي اوٽ چندر ڇپي نهين، سورج ڇپي نهين بدل ڇايا،
    گهنگهور ۾ مور ڇپي نهين، داتا ڇپي نهين گهر منگت آيا،
    جوڳي روپ انيڪ ڀيا، ڪرم ڇپي نهين بڀوت لگايا. (چوڻي)
    ۱ - ننگ، نراڙ، مهانڊو، ڍونگ ڪرڻ يا ٻهروپ ڌارڻ سان ڪين لڪندو آهي.
    ۲ - وڙھڻ يا جنگ ڪرڻ، راڄپوتن جي ستيءَ ۾ پيل آھي. کين ان سان وندر ۽ ورونھن آھي. جنگ جي ميدان ۾ لھڻ کان پوءِ، راڄپوت پري کان پڌرو هوندو.
    ۳ - ڀلي گهوڙيءَ کي، واڳ مان وٺڻ جي دير آهي. لَڪڻ ھڻڻ جي ضرورت ئي نه پوندي. منزلون ھڻي ويندي، پر ستائيندي ڪين.
    ۴ - ٻاهر پيري، چڪر ڏنڊي، ٻاڪرڪُٽي، لوڙها ٽپڻي، پاليسي باز، ٻر ٻٽي، هست رنگي، تيرنهن تالي، ڪپا چٽي، رنڊي، ڪسبياڻي، ڪڃري وغيره پنهنجي چال مان پڌري هوند ي آهي. وک کڻڻ سان ڪمزور دلين کي گهايون ويندي آ.
    ۵ - ڪروڙن تارن جي وچ ۾، چنڊ لڪي ڪين سگهندو.
    ۶ - ڪيڏا به گهاٽا ڪڪر آسمان تي پيا ڦرن، پر سج کي ڍڪي ڪو نه سگهندا.
    ۷ - مور لاءِ برساتي موسم، ناچ ۽ ٽهڪڻ جي موسم آهي. گوڙ جا ڌڌڪا هجن ته به مور جي ٽهوڪڻ کي لڪائي ڪين سگهندا.
    ۸ - سخي مرد وري، مڱڻهار، منگتي ۽ فقير آڏو لڪي نه سگهندو. پنهنجي سخاوت واري فعل سان، پاڻ کي ظاهر ڪري وجهندو.
    ۹ - جوڳڪا روپ ڪرڻ يا ڀڀوت لڳائڻ سان ماڻهوءَ جي اصليت لڪي نه ويندي. اميراڻو ٻار، بڀوت لڳائڻ کان پوءِ به سخاوت/ مهربانيءَ کان ڪين مڙندو.
    مطلب: ڪنهن جون به خوبيون لڪي نه سگهنديون آهن. (۲) ص ۲۲۳.

    52. اُکرين ۾ مٿا وجهبا ته مهرين کان ڇو ڊڄبو. (پھاڪو)
    اکري، اَنَ ڇنڊڻ لاءِ ٺڪر جو ٺهيل ٿانءُ آھي. منجھس اَنُ وجهي، مهريءَ جا ڌڪ هڻبا آهن ته ڌڪ لڳڻ تي اَنُ هيڏي هوڏي ٿِڙي نه ويندو آهي، بلڪ اکريءَ جي پاسن سان لڳي، وري هيٺ ساڳئي هنڌ مِڙي اچي بيھندو آهي. البته ڌڪ لڳڻ سان، انَ اندر موجود ڪيريءَ جا سنها داڻا ۽ ڀتر، جيڪي داڻن جي ڀيٽ ۾ ڪمزور ۽ ڀورو ھوندا آھن، سي ڀڄي ڀري پوندا آهن. جڏهن مٽي ٿي ويندا آهن ته پوءِ ڇڄ ۾ ڇنڊڪو ڏيڻ سان، يا پاڻيءَ ۾ ڌوئڻ سان، انَ کان الڳ ٿي ويندا آهن.
    اکريءَ جي ساخت ھيئن آھي؛ سندس وچ يا پيٽ، هيٺ سوڙهو ۽ منھن ويڪرو آهي. ڌڪ لڳڻ سان، ان جو داڻو هونئن جيڪر ڏاڍي ۽ گول هئڻ سبب، ٿڙي پري وڃي ڪري پر اکريءَ ۾ هئڻ ڪري، موٽي ساڳي جاءِ تي اچي ٿو. سندس موٽي ساڳي جاءِ تي اچڻ، ان ڳالهه جي مترادف آهي ته اهو نرڄو آهي. ڌڪ لڳڻ تي ڀڄي نه ٿو وڃي، بلڪ مڙس ماڻهو ٿي منھن ڏئي ٿو.
    مطلب: مھل پوڻ تي ڪنڌ نه ڪڍائڻ وارو پڻ، اکريءَ ۾ پيل اَن جي داڻي وانگر آهي، جيڪو مُھريءَ جا مسلسل ڌڪ جهلي ٿو پر ٻاهر نڪري ڀڄي نه ٿو وڃي.

    53. اک ڪاڻي ڪجي، ڏس ڪاڻي نه ڪجي. (چوڻي)
    اک ڪاڻي ڪرڻ: پاڻ کي گهٽ ڪرڻ. ڏس ڪاڻي ڪرڻ: پاڙو يا ديس لڄائڻ.
    رشتن، ناتن ۽ دوستن يارن جو خيال رکڻ گهرجي. واسطي پئي، ساڻن سٺو سلوڪ ڪجي. ننڍي ۽ معمولي ڳالهه تي، ساڻن نه ڦٽائجي. اهڙي موقعي تي اک ڀڪوڙي، پاڻي اکين جي تنرن ۾ پي وڃجي ۽ ڳل تي ڳوڙهو به نه آڻجي. پاڻ کي تڪليف ايندي، پر سنگت رهجي ايندي. مٽي مائٽيءَ جو مان رهجي ايندو.
    جيڪڏهن ڪٿي پري يا ڏور ڪو واسطو وڙو هجي ته به نه ڦٽائجي. ڦٽائڻ ته سولو آهي، پر رشتو يا ناتو وري نئين سر ڳنڍڻ ڏکيو آهي. ڪس ڪسر کائي به رستو قائم رکجي ۽ پنهنجي ديس يا ڳوٺ جو مانُ مٿانهون رکجي. ڏورانهن مٽن يا دوستن سان سٺو سلوڪ نه هلبو ته هو سموري ڳوٺ ۽ ديس کي برو پيا سمجهندا. ائين ڪرڻ سان ماڻهو، سڄي ديس جي خواريءَ جو سبب ٿيندو. اوڏانهن وڃڻ لاءِ پنهنجي رستي روڪ ته ٿيندي، پر سموري علائقي وارن لاءِ به راهن ۾ رنڊڪون پونديون. ڪس ڪسر کائڻ سان، سواءِ پنهنجي، ٻيا وڏي نقصان کان بچي ويندا. (۲) ص ۳۵.
    مطلب: ۱ - اهڙو ڪم نه ڪجي، جنهن سان پوري ڪڙم قبيلي کي لڄائجي.
    ۲ - ڏور جي رشتيدارن سان ڦٽائبو ته وقت پئي، اکيون لڄائينديون.

    54. اکين ڏٺو شاھد ڪوڙو، حيدرآبادي بکيلو سچو. (پھاڪو)
    ٿر ۾ هڪڙو خون ٿيو ۽ ڪيس ميرپورخاص جي ڪورٽ ۾ هليو. هڪڙو ٿريو، اکين ڏٺو شاهد هئو، جيڪو شاهديءَ ۾ پيش ٿيو. شاهديءَ بعد، مخالف ڌر جي وڪيل، کيس آڏي پڇا ۾ منجهائي وڌو.
    ”تون ڪوڙو آهين!“ منجهڻ جو فائدو وٺندي، وڪيل ٿريي کي چيو.
    ”خداري قجرت! جڏهن مانٽي ماراڻو، تڏهن مون پيريا بيٺو هتو. مين اکيان سي ڏيکيو، مڙس نان ڪھاڙ لڳو نه پرهو جائي ڪريو. جڪو هون ڪوڙو نه اي بکيلو حيدرآباد سين آيو، او سچو.“ ٿريي جج صاحب ڏانھن منھن ڪندي چيو؛ ”خدا جي قدرت! جڏهن همراهه قتل ٿيو، تڏهن آءٌ پريان بيٺو هئس. مون اکين سان ڏٺو ته مڙس کي ڪھاڙي لڳي ۽ پري وڃي ڪريو. ھاڻي آءٌ ڪوڙو ۽ هيءُ وڪيل، جيڪو حيدرآباد کان آيو آهي، سو سچو!“
    مطلب: ۱ - هون ڪوڙو، حيدرآبادي بکيلو سچو.
    ۲ - اکين ڏٺيءَ ڳالهه کي، ڪوڙو ڪيئن ٿو ڪري سگهجي.

    55. اکين ڏٺي مک، ڪير ٿو ڳڙڪائي؟ (پھاڪو)
    مکيون، اڪثر گندگيءَ تي ويهي پوءِ اچي کاڌي جي شين تي ويھنديون آهن. چڱي ڀلي کاڌي کي جهينگاري، مڪروهه ڪري ڇڏينديون آهن ۽ کائڻ کان آڪو ڪري ڇڏينديون اٿس. اهو کاڌو، اڪثر ڪري بيماريءَ جو سبب بڻبو آهي. ان ڪري، صحت جا اصول ڏسيندڙ، مکين جي جهينگاريل کاڌي کائڻ کان، منع ڪندا آهن. اگر پاڻيٺ جھڙي شيءِ جھڙوڪ: کير، لسي، چانهه يا پاڻيءَ ۾، مک پئجي وڃي ته اها هاري ڇڏيندا آهن.
    جڏهن مک جي جهينگاريل کاڌي کان ايتري ڪراهت ٿي اچي ته پوءِ مک کان ڪيتري نه هوندي؟ اگر ساهه کڻندي، اوچتو مک وات اندر هلي وڃي ته آت ڏئي به ان کي ڪڍبو آهي. گرڙا ڪري، وات کي صاف ڪبو آهي ته جيئن مک جي هَوَس به آنڊي تائين نه پھچي سگهي.
    اهو ته ممڪن ئي ناهي ته اهڙي گندي مک کي، ڪير پڪڙي ۽ کائي.
    مطلب: ۱ - غليظ ڪم، ڪير به ڄاڻي واڻي نه ڪندو آهي.
    ۲ - ڏٺي وائٺي مک، ڪير ڳھندو؟ (ساهتي)

    56. آُگتي ڪري ٽِسوڙ، آٿوتي ڪري موگهه،
    ڏنڪ ڪهي ڀڏڙي، نديئي چڙسين گوگهه. (چوڻي)
    اُگتي: اڀرندڙ. ٽسوڙ: ٽي نشان. آٿوتي: لهندڙ سج. موگهه: لهندڙ سج جا پيلا نشان. چڙسين: چڙهندا. ڏنڪ ۽ ڀڏڙي: اسم خاص، ٻنيءَ يا ايراضيءَ جو نالو. گوگهه: پاڻي جي گجگوڙ.
    سج جي اڀرڻ مهل آسمان تي ڦڪا شعاع هجن ۽ لهندڙ سج جي روشني، پيلو روپ ڌاري ته ڏنڪ ٿو ڀڏڙيءَ کي چوي؛ برسات تمام گهڻي ايندي ۽ ندين جي پاڻيءَ جو ڪڙڪو ٿيندو، تنهن تي گوگهه هوندا.
    ٿري ماڻهن جو جياپو اُٺي تي آهي. سي موسمن جون اڳڪٿيون آسمان ۾ اکيون اٽڪائي، ڪِن اهڃاڻن مان ڪندا آهن. اندازو لڳائي وٺندا آهن ته مينهوڳي مند ڪڏهن ٿيندي ۽ ڪهڙين حالتن ۾، پنهنجي جوڀن جو جلوو نروار ڪندي.
    مطلب: مينهوڳي مند جو اندازو لڳائڻ لاءِ ائين چيو ويندو آهي. (۱۴) ص ۶۰.

    57. الاريو؛ ڄڻڪ ھنيو. (چوڻي)
    الارڻ؛ ڌڪ ھڻڻ جي تياري ڪرڻ.
    جنھن ماڻھوءَ ڌڪ ھڻڻ کان اڳ، وھائڻ جو ارادو ڏيکاريو، ان ڄڻ وھائي ڪڍيو. ان سان موٽ ۾ ورتاءُ، ائين ڪبو جيئن وھائڻ واري سان ڪبو آھي. ڳالھائڻ وقت يا ڪنھن معاملي سلجھائڻ وقت، سوچي سمجھي گفتو ڪڍجي، متان اھو جھيڙي جو سبب بنجي وڃي. الارڻ واري کي به پنھنجي لاءِ اگر چڱو رستو اختيار ڪرڻو آھي ته پوءِ ھر قدم سوچي سمجھي کڻي ۽ اٻھرائپ ڪري الارڻ جھڙي عمل کان ونءُ وڃي. (۳۵) ص ۲۲۴
    مطلب: ۱ - محفل اندر يا ڪچھريءَ ۾، به بنا سوچ/ سمجھ جي ڪو اکر نه ڳالھائجي، متان ڪنھن تي وھي وڃي پوءِ دشمنيون نڀائڻيون پئجي وڃن.

    58. اماڻ، ڌرتي ئي ڪو ٿي رکي. (چوڻي)
    اماڻ: امانت
    ۱ - آڳاٽي دور ۾ جڏھن روڊ رستا نه ھيا ۽ ماڻھو پرديس تي ڪمائڻ لاءِ ويندا ھيا ته سفر ڏاڍا اڻانگا ھوندا ھيا. ان ويلي اگر ڪو ساٿي پرديس ۾ يا پنڌ ۾ گذاري ويندو ھيو ته ان جو لاشو زمين اندر امانت ڪري رکندا ھيا ته جيئن موٽڻ وقت يا سواريءَ جي سھوليت ملڻ کان پوءِ، اھو ڪڍي وطن ڏانھن روانو ڪجي. ان صورت ۾ لاشو سڪي سنھو ته ٿيندو ھيو پر سڙي ڳري ڌپ ڪري، مٽي ٿي نه ويندو ھيو.
    ۲ - جنهن وقت بينڪن وغيره جو رواج نه هيو، ان وقت اڪثر ماڻهو، پنهنجون ڌراوتون، واڻين ۽ مودين، سيٺين ۽ زميندارن وٽ رکندا هيا. ڪڏهن ڪڏهن، ائين به ٿيندو هيو ته ڌراوت رکندڙ، اهي امانتون وقت پوڻ تي، ترت موٽائي نه ڏيندا هيا. تنهنڪري ڪي غريب ماڻهو، چور چڪار کان، بچائڻ خاطر، ٺِڪرن جي ٿانون ۾ ملڪيت بند ڪري، مٿس ڍڪ ڏيئي، ڪنهن اهڙي زمين اندر دفنائي ڇڏيندا هيا، جتي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جو گمان نه وڃي. اها ملڪيت، وقت پوڻ سر، اتان جلد ڪڍي وٺبي هئي ۽ ڪتب آڻي سگهبي هئي. جيتري رکبي هئي، اوتري ئي واپس ملندي هئي. جنهن ڪري ڪيترا ئي ماڻهو، واڻين يا سيٺين وٽ ملڪيت رکي، پاڻ کي سندن آڏو ڳيجهو ڪرڻ بدران، ڌرتيءَ ۾ پوري ڇڏيندا هيا.
    مطلب: ۱ - ڌرتيءَ ۾ پوريل ملڪيت، گهٽ-وڌ نه ٿي ٿئي.
    ۲ - کڏ! چي؛ “جي سڏ!”
    ۳ - امانت، ڌرتي به نه کائي.
    ۴ - امانت، ڌرتيءَ به نه ڊوهي آهي. (۵)

    59. امل رس، ڏاڪڻ منڊ، چوري ۽ جوا،
    پر-گهر هينڊي ڪامڻي، اهي پنج ئي رهن موئا. (چوڻي)
    امل: املداس، املتاس. رس: عرق، جوس. ڏاڪڻ منڊ: ڏائڻ جو جادو.
    هينڊي: ٻاهر-پيري. ڪامڻي: عورت.
    ۱ - امل جو نشو واپرائڻ وارو، ڀاڙيت ٿي پوي ٿو. امل کائڻ کانسواءِ، کانئس ڪو به ڪم نه ٿيندو. آخر ۾ اهو نشو کيس خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪندو.
    ۲ - ڏائڻ جو منڊ به، پنهنجي ڏيڻپي سبب هوندو آهي، جيڪو مرد جي لاءِ جان ليوا ثابت ٿيندو آهي.
    ۳ - چوري اهڙو قبيح فعل آهي جو، جنهن جو مال چوري ٿئي، تنهن جي پِٽَ سبب ڪو به چور امير نه ٿيندو. چور جا سدائين پويان پير کاٽ ۾ هوندا آهن.
    ۴ - جوا ۾ به ڪو سائو نه ٿيو. هارائڻ وارو کٽڻ جي لالچ ۾ گهر ٻهاري ڏيندو ۽ کٽڻ وارو کٽڻ جي خوشيءَ ۾، مفت جو مال پيو ڏاسن ۾ ورهائيندو. پڇاڙي؛ ٻنهي جي ڀينگ.
    ۵ - جيڪا عورت گهر ۾ نه ٿي رهي ۽ پراون گهرن ۾ رلندي ٿي وتي، سا به مرد لاءِ بدناميءَ/ بدناموسيءَ جو سبب بنجندي آهي.
    مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل پنجن ئي عيبن وارا، مئا ڀلا آهن.
    ۲ - ترڪ تجاري، واڻيو، چوري ۽ جوا، پر-گهر هنڊڻي ڪامڻي، پنج ئي رهن مئا.
    ۳ - ڪشڻ ڪمان، پوڻ ضمان، ڪرڻ زنا، ٽپڻ کوها، رهڻ جوئا، اهي پنج ئي مئا.
    ۴- ڀيٽيو؛ اصل چوري، منڊ ۽ جوئا، پر-گهر رلي ڪامڻي، کٽر گانءِ سُوئا، پنج ئي رهن موئا. (چوڻي) (۴) ص ۲۵۵.

    60. انّ آهي ته ايمان آهي. (چوڻي/ پھاڪو)
    هر ساهدار سان، پيٽ ساڻُ آهي، جيڪو کيس کاڌي سان اُن ڪري ڀرڻو ٿو پوي ته جيئن هو پاڻ جيئي سگهي. اگر پيٽ خالي هوندو ته جيئڻ جي سگهه، گهٽ ٿيندي ويندس. پيٽ جي کاڌ-خوراڪ، بنيادي طرح انُ آهي. گوشت، مڇي ۽ کير مکڻ به آهن پر، اَنَّ جي حيثيت مڙني کان مٿانهين آهي. جيڪو ٻالنگهه ۽ نشو، انَ واپرائڻ ۾ آهي، اوترو ٻين شين ۾ ناهي. اهو ئي سبب آهي جو کاڌ-خوراڪ ۾، اَنَّ کي اولين حيثيت حاصل آهي. اَنُّ اگر ميسر آهي ته پوءِ ماڻهو، ماڻهپي ۾ رهي ٿو. ضروريات زندگيءَ کي اصولن تحت پورو ڪندي، آسان ۽ سڪون واري حياتي جيئي ٿو. اگر کيس اَنُّ ميسر ناهي ته پوءِ طبعاً چڙچڙو، ٻين کي نقصان ڏيندڙ ۽ مال ڦٻائيندڙ ٿي پوي ٿو.
    مطلب: ۱ - ان کي، ٻين کاڌن مٿان فوقيت حاصل آهي.
    ۲ - پيٽ ۾ لُل، ملڪ ۾ هُل.
    ۳ - ان ته ايمان، نه ته مڙس بي ايمان.
    ۴ - بک، بي ايمان ڪري.

    61. اناڙي چور، ڳولڻ ۾ سولو. (پھاڪو)
    چوري ڪرڻ به ھڪ فن آھي. جنھن اندر پنھنجو ديس/جُوءِ ڇڏي پرائي ديس/جُوءِ ۾ وڃي پرائو مال چوري ڪرڻو آھي. سو به اھڙي نموني سان جو ڀاڳيا به نه جاڳن، مال ڀٽارو به ھلڻ نڪرڻ ۾ ساٿ نه ڇڏي، واٽ تي پھريدارن کان به پاڻ بچائڻو آھي. مال ٿمائڻو آھي، ان کي آتاري پنھنجو ڪرڻو آھي، جوڻيتن کان بچڻو آھي. اھي سمورا فن، اڻ آزمودگار ۽ اناڙيءَ کي سمجھ ۾ ئي ڪو نه ايندا. ان کي جھٽ ڳولي وٺبو آ. ڇو جو پيري/ پيراڍو، چور خان جو به مٿيون پُڙ لھن.
    مطلب؛ ۱ - ناتجربيڪاري، خواريءَ جو سبب بڻجي ٿي.
    ۲ - پيئڻ بلا، چوريءَ ڌڪ ھڻڻ کان پوءِ، سڌي ٻر ۾ وڃي. ور وڪڙ ڪري رند نه وڃائي، جنھنڪري کيس انڙي چور چون ۽ سولائيءَ سان ڳولي مارينس. (۳۵) ص ۲۳۷

    62. انب ڪي ڏاري ۾ ڪوئل راجي، تپسي راجي بَن ۾،
    گهر ٻاري گهر ۾ راجي، مورک راجي مَن ۾. (چوڻي)
    ڏاري: ٽاري. راجي: رهڻ ۾ خوشي محسوس ڪري. تپسي: تپسيا ڪندڙ، عابد. بن ۾: برپٽ ۾، پوٺي تي، جنگل منجھ. گھر ٻاري: ٻارن ٻچن وارو، گھر تڙ وارو.
    ۱ - ڪوئل، انب جي ڏار تي ويهڻ ۾ خوشي محسوس ڪندي آهي. ڇو جو انبن واري مند ۾ ئي ڪوئل مستيءَ ۾ ايندي آهي ۽ ڪوڪيندي آهي.
    ۲ - هندو مذهب رکڻ وارو پوڄاري يا عابد، برپٽ ۾ تپسيا ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو آهي. ڇو جو اتي کيس دنيا جا جنجهٽ آڏو نه هوندا آهن. ماڻهن جي وچ ۾، کيس پوڄا پاٺ جو مزو محسوس نه ٿيندو آهي.
    ۳ - ٻارن ٻچن واري ماڻهوءَ کي، گهر کانسواءِ ڪاٿي به مزو نه ايندو. جتي به هوندو، پيو گهر کي ياد ڪندو. جڏهن ڦري گھري، گهر پهچندو ته ائين ساهه پئجي ويندس جيئن، پاڻيءَ ۾ پهچڻ کان پوءِ، مڇيءَ کي پئجي ويندو آھي.
    ۴ - بيوقوف ماڻهو پنهنجي دل جي ڳالهين ۾ ئي خوشي محسوس ڪندو آهي.
    مطلب: ۱ - آم ڪي ڊالي ڪويل راضي، ساڌو راضي بن مين،
    گنگا جل مين مڇلي راضي، راجا راضي ڌَن مين،
    مکڙا ڪيا ويکون درشن مين، جس ڪو ديا ڌرم نهين من مين! (ڪبير)
    ۲ - فطرتي طور تي، ڪي ساهدار، ڪنهن مخصوص ماحول ۾ ئي رھندي، سرهائي محسوس ڪندا آهن. (۲) ص ۶۲.

    63. انڌن اڳيان روئڻ، اکيون ڏکوئڻ. (پھاڪو)
    روئڻ سان اکين مان ڳوڙها نڪرندا آهن، جيڪي ڏسڻ واري تي اثر ڪندي، سندس دل کي نرم ۽ مائل پڻ ڪندا آهن. جنھن آڏو روئجي ٿو، اگر ان وٽ ڏسڻ لاءِ اکيون ناهن ته ڏسندو به نه ۽ ڳوڙها به ڪو نه اگهندو.
    مطلب: ۱ - اکين واري آڏو روئجي، جيڪو ڳوڙها ته اگهي.
    ۲ - اندر جي اک، جنهن جي کليل آهي، تنھن کي احساس ٿيندو. دل جي مراد ان کي ٻڌائجي. ٻئي کي ٻڌائڻ سان پنھنجون اکيون ڏکوئـڻيون آهن.

    64. انڌو ھنگي نِه ڏونيئه ڪي کوٽي ڪري. (ڪڇي، چوڻي)
    ڏونيئه؛ ٻه ڄڻا. ٻن ڄڻن کي.
    انڌو ماڻھو، اکين کان وڏو ھئڻ سبب، رستو ڳولڻ يا منزل تي رسڻ لاءِ، ٻين جو محتاج آھي. ٻيا کيس رستي ڏيکارڻ جھڙا ڪم ته ڪري سگھن ٿا، البته کائڻ پيئڻ، ھنگڻ مٽڻ ۽ وھنجڻ جھڙا ڪم کيس پنھنجي ھٿن سان ئي ڪرڻا آھن. سندس بدران، ٻيو ڪري ڪين سگھندو.
    پُئيءَ يا ڪاڪوس تائين وٺي وڃڻ لاءِ، ٻيا ته کيس رستو ڏيکارڻ لاءِ وٺي ويندا آھن. پنھنجي ڪم کان ته سيڙبا آھن، پر سندس پيٽ ۾ پيل پرائي بلا کان آجو ڪرڻ ۾ مدد نه ڪري سگھندا آھن. ان لاءِ، منھن مالڪ کي ڏيڻو آھي، جنھن جي پيٽ ۾ اھا بلا آھي. فراغت بعد، پاڻ ئي استنجا وغيرھ ڪرڻي اٿس. طھارت ڪندي، انڌي ھئڻ سبب، سندس ڪپڙا لٽا، ھٿ يا ٻيا عضوا، گونھن ۾ لڦجي پوڻ جا امڪان پڻ آھن.
    مطلب: ۱ - انڌو ھنگي، ٻه سيڙائي، پوءِ به گونھن ۾ ھٿ.
    ۲ - انڌو ھنگڻ ۾ ٻيا به سيڙائي ۽ ڪم به صفائيءَ سان نه ڪري سگھي.
    ۳ - جاھل ماڻھو، ھر ڪم ۾ ٻيا به سيڙائي ۽ ڪم به پورو نه ڪري. (۱) ص ۱۷۴.

    65. انڌي جي مونءَ تي انڌو نه چاجي. (ڪڇي، پھاڪو)
    مونءَ تي؛ منھن تي، آمھون سامھون. چاجي؛ چئجي.
    انڌو ھجڻ، ھڪ معذوري ۽ عيب آھي. اکين ھوندي به انڌائپ وارو ڪم ڪرڻ ھڪ عيب آھي. اھي عيب ڌارڻ، ڪنھن جي به پنھنجي وس ۾ ناھن. قدرت واري طرفان کيس وديعت ٿيل آھن. بندو، انھن جي آڌارڻ ۾ بيوس آھي. جيڪڏھن منھن سامھون ڪنھن جو به عيب اگھاڙبو ته نه سھي سگھندو. اھڙيءَ طرح، انڌو پڻ، انڌو ڪوٺڻ تي ناخوش ٿيندو ۽ نفرت پڻ ڪندو. رب جو ناراضپو تھان سواءِ آھي.
    ڪنھن ٻئي کي نفرت آميز جملا چئبا ته پنھنجا رستا وڃائبا. ان ڪري بھتر آھي ته اھڙي ڪم کان پاسو ڪجي.
    مطلب: ۱ - انڌي جي منھن تي، کيس انڌو نه چئجي.
    ۲ - چور کي چور نه ڪوٺبو آھي.
    ۳ - ڪاڻي کي ڪاڻو، منھن تي نه چئبو آھي.
    ۴ - عيب-جوئي، منھن سامھون ته ڇا پرپٺ ڪرڻ به چڱي ناھي.
    ۵ - ٻين جا عيب نه اگھاڙجن.
    ۶ - نفرت آميز حرڪتن کان پاسو ڪجي. (۱) ص ۱۶۶.

    66. انڌي ڏري، نِه ڪُتو کايئهِ. (ڪڇ، پھاڪو)
    ڏري؛ ڏڏري، پينھين. کايئهِ؛ کائي ويٺي.
    مشيني دور کان اڳ، اناج وغيرھ جنڊ تي پيسندو ھيو. جند جي ھيٺئين پڙ جي مرڪز منجھ لوھي ڪير لڳل ھوندو ھيو، جنھن مٿان، مڪڙيءَ جي مدد سان، مٿيون پڙ ھٿئي ذريعي ڦرندو ھيو. مڪڙيءَ وٽان ئي منجھس، ڏرڻ يا پينھڻ لاءَ، ان جي ٻڪي وجھبي رھبي ھئي. پيسڻ کان پوءِ، اٽو پاسن کان وھندو ۽ ھاربو رھندو ھيو. پيٺل اٽي کي، ترت گڏ ڪرڻ لاءِ، جنڊ ئي ٺڪر جي ٺھيل، ٿالھ نما تنئور ۾ رکبو يا لِنبي ڦاسائبو ھيو.
    انڌي، جڏھن جنڊ تي ويھندي ته اکين سان نه ڏسڻ سبب، اندر جي سڄائيءَ يا ڌيان سان ڪم ڪرڻ سبب سندس ڌيان، جنڊ گھمائڻ ۽ منجھس اَنَّ وجھڻ ڏانھن ھوندو. يا وڌ ۾ وڌ، اَنَّ پيل ٿانءَ ڏانھن ھوندو.
    تنئور ۾ اٽو سنھو ٿو پيسي يا ٿلھو، اھو به ھٿ لائڻ سان معلوم ڪري سگھندي. ڀر ۾ ويٺل ڪتي ٻلي ڏانھن ڌيان گھٽ ويندس. جنھن ڪري سندس انھيءَ انڌي محنت منجھان ڪتا ٻلا به پيا ناجائز فائدا وٺندا. پاسو ڏيئي پيا، اٽو نُوسيندا ۽ لُٻيندا آھن.
    مطلب: ۱ - انڌي پينھين ويٺي ۽ ڪتي اٽو چٽي ويٺي.
    ۲ - انڌي ھنگي ٻه سيڙائي، وري به گونھن ۾ ھٿ.
    ۳ - انڌن جي محنت مان، گھڻا لالچي غلط فائدو وٺي ويندا آھن. (۱) ص ۱۴۴.

    67. انڌي ۽ جنڊ، واري ۽ پنڌ، نه کٽي نه جان ڇٽي. (پھاڪو)
    ۱ - جنڊ اندر، انُ پيهبو آهي. پيهڻ واري کي، پيسجندڙ اٽي تي به نظر رکڻي آهي ته جيئن سنهو ۽ سٺو پيسجي. انڌي عورت اگر جنڊ تي ويهاربي ته کيس ٻُڪيءَ جي خبر نه پوندي. ڪجهه ڪڻا، پيهڻ واري جاءِ تي وجهندي ته ڪجهه ائين ئي تنئور واري اٽي ۾ شامل ٿي ويندس. نتيجي طور، اٽو وري به انَ-گاڏئون هئڻ سبب ڪارگر نه ٿيندو، جيستائين ٻيهر نه پيھجي. انڌيءَ کي ساڳئي ڪم لاءِ ٻيڻي محنت ڪرڻي پوي ٿي.
    ۲- واريءَ تي، پانڌڙوءَ جو پير ڦٻندو ناهي. هيٺ لهي وڃڻ سبب، وک کڻڻ ۾ اهنجائي ٿي پوندي آهي. هڪڙي وک کڻڻ سان، جسم جو سارو وزن ٻيءَ تي اچي ويندو آهي. نتيجي طور اهو پير اڃا واريءَ ۾ دٻجندو آهي. جنھنڪري اڳين وک کڻڻ ۾ اهنجائي ٿي پوندي آهي. ان ڪري واريءَ تي هلندڙ کي ساڳئي پنڌ طئي ڪرڻ ۾ ٻيڻو وقت لڳيو وڃي.
    مطلب: ۱ - انڌي ۽ جنڊ، ڏهه پاٽيون ڏوڪڙ.
    ۲ - اندي هنگي ٻه سيڙائي، وري به گونهن ۾ هٿ.
    ۳ - ڇڳل جتي، ڪراڙي عورت ۽ واريءَ جو پنڌ، جا وک هڻ سا پوئتي.
    ۴ - ڀيٽيو: انڌو ھنگي نِه ڏونيئه ڪي کوٽي ڪري.

    68. انسان چمڙيءَ ۾ ساڳيا، پر دمڙيءَ جو فرق. (چوڻي)
    چمڙي؛ بماشبه ظاھري رنگ روپ جي آھي. دمڙي؛ بماشبه ڌن، دولت جي آھي.
    ھر انسان ماءُ جي پيٽان، ساڳيا عضوا کڻي ٻاھر نڪري ٿو. رنگ روپ به ڀائرن جو ساڳيو ھوندو آھي، گھر به ساڳئي ۾ پلبا آھن. جڏھن ته ڌن دولت جي حساب سان ھر ڪنھن جو نصيب، ڀاڳ ۽ ڪمائي وغيرھ مختلف ھوندي آھي. (۳۵) ص ۲۶۱
    مطلب؛ ۱. ڪلي ڪلي ڀاڳ، ڪاٺيءَ ڪاٺيءَ لڇڻ.
    ۲. ماءُ ڄڻيندي پٽڙي، ڀاڳ نه ڏيندي ونڊ.

    69. اڻ ڦيٽي چمڙي، ڪيهي نه ڪم ري. (پهاڪو)
    جيڪو ماڻهو اس ۾ ڪم ڪندو، ان جو رنگ اڇي مان ڦري ڪارو ٿيندو. جيڪو اس وغيره ۾ محنت وارو ڪم نه ٿو ڪري، اهو فارمي مرغيءَ وانگر ٿلهو ٿنڀرو ۽ اڇو ته رهندو پر منجهس نه طاقت رهندي، نه سهپ.
    جيڪو زماني جي حالتن سارو، لوچي ٿو ۽ هٿ پير هڻي ٿو، سو جسماني طور تندرست به رهي ٿو ۽ چنهنب سان چڳڻ سبب، ٻين جو محتاج به نه ٿو رهي. ٿوري گهڻي تڪليف ۾ نه دلبرداشته ٿيندو ۽ نه ئي مشڪل حالتن ۾ پاڻ کي ڦاسائيندو.
    ان جي برعڪس هڏ-رک ماڻهو، سست ۽ ڪاهل هئڻ سبب نٻل، نڪمو هوندو. پنهنجو پيٽ ته نه پاليندو، ھٿائين ٻين تي ٻوجهه پيو ٿيندو. ھر ڪو کانئس، نفرت ڪرڻ سبب، ونءُ پيو ويندو.
    مطلب: ۱ - ماڻهوءَ کي، هر حال ۾ محنت ڪرڻ گهرجي.
    ۲ - محنت ۾، شان مان آهي.
    ۳ - سهڻا ته ٽوهه به پٽن تي پيا آهن. (۶) ص ۸۰.

    70. اوڀر جي ھوا، کوھ سڪايو ڇڏي. (چوڻي/پھاڪو)
    جڏھن اوڀر جي ھوا لڳندي آھي، تڏھن مينھن وسڻ جو مانڊاڻ، ڊھي ويندو آھي. جنھن سال مينھن نه وُٺو، ان سال کوھن اندر پاڻي سڪي ويندو آھي. ڀرپ نه ٿيڻ سبب، اھي خالي پيا ھوندا ۽ ڏڪر منھن ڪڍندو آھي. ٻن ڄڻن جي وچ ۾ جھيڙو يا کيٽو به اوڀر جي ھوا مثل آھي، جڏھن ٿيو ته محبت جا کوھ سڪيو ٺوٺ ٿيو وڃن ۽ جھيڙو فساد منھن ڪڍي، جنھن سان لڏ پلاڻ شروع ٿيو وڃي. (۳۵) ص ۲۴۶
    مطلب؛ اوڀر جي ھوا، ڏڪار جي نشاني ۽ ناخيري آھي.
    71. اوتاري ۾، ماني گھربي ناھي. (چوڻي)
    اوتارو؛ اوطاق، ڪوٽ يا ڪوٽڙي، ٻھراڙيءَ اندر ڪچھري ڪرڻ يا مھمان/ مسافر ٽڪائڻ جي جاءِ.
    اڳي جڏھن سفر سڻائو نه ھيو ۽ گاڏين جون ايتريون سھوليتون نه ھيون ته شام ڌاري ھر مسافر ڪنھن نه ڪنھن اوطاق تي، پڇائي وڃي، ترسندو ھيو. اتي کيس رھڻ لاءِ، کٽ بسترو ۽ ماني ٽڪي اڻ گھريو ملي ويندي ھئي. ڇو جو ان وقت، اوطاقي مڙس، ان ڳالھ ۾ پنھنجي ڪمي محسوس ڪندا ھيا جو مھمان سندن اوطاق تي لڙي اچي ۽ کيس ماني تڏھن ملي، جڏھن ھو زبان سان گھري. ان ڪري مھمان کي پري کان ڏسندي ئي گھر ڏي مانيءَ لاءِ، نياپو ڪري ڇڏيندا ھيا. (۳۵) ص ۲۲۲
    مطلب؛ اوطاق تي ماني گھرڻ، ميزبان جي گلا آھي.

    72. اوجڙ گانؤ ۾، ايرنڊيو رونک. (راجسٿان، پهاڪو)
    اوجڙ: اجڙيل، ويران. گانؤ: گاؤن، ڳوٺ، هنڌ. ايرنڊيو: ڪانڊيرو.
    رونک: رونق، ويءَ Oasis
    ڌرتي، سائي چادر ڍڪڻ کان پوءِ، پاڻ منجهه وڏي ڪشش رکندي آهي. ڇو جو ساوڪ، پاڻيءَ ھجڻ جي نشاني يا اھڃاڻ آهي. پاڻي، حياتيءَ جو سرچشمو آهي. جتي پاڻي ۽ ساوڪ هوندي، اتي پکي ۽ پکڻ، جانور ۽ مرون وغيره لڙي ايندو.
    جيڪا زمين ٺوٺ ۽ اوڀڙ کان عاري آهي، تنهن تي نه ساوڪ آهي ۽ نه ئي پاڻي. ڏانهنس، ساهدار ڇڪجي نه ٿا اچن. هٿائين کانئس، ٽاهه کائي، ڇرڪي ڀڄن ٿا. جنهن علائقي ۾ وڻ نه هجن بلڪ ڪانڊيرا وغيره ئي هجن ته به ساهدار، ڏانهنس ڇڪجي ايندا. ڇو جو ڪانڊيرو به آلهه/ آلاڻ يا پاڻياٺ هجڻ جي نشاني آهي. ان سان به ڄڻ، ويران علائقي ۾ هڪڙي قسم جي رونق نظر ايندي آهي.
    مطلب: ۱ - جتي سڀ انڌا هجن، اتي هڪ-اکيو به بادشاهه آهي.
    ۲ - جتي وڏين ڊگرين وارا نه هجن، اتي ٿورو پڙهيل به وڏو مانُ ماڻين ٿا.
    ۳ - جتي وڻ ناهي، اتي ڪانڊيرو به درخت.
    ۴ - انڌن ۾ ڪاڻو، راجا. (۱) ص ۱۸۵.

    73. اوجهڙ ڪڏهن نه پاڌرو، ونڪي ڪڏهن نه واٽ،
    سکيو ڪڏهن نه ساٿرو، ڏکي ڪڏهن نه کاٽ. (چوڻي)
    اوجهڙ: جهنگ. پاڌرو: پڌر، ميدان، رستو. ونڪي: ڏنگي، ڦير-واري.
    ساٿرو: هيٺ سمهڻ. کاٽ: کٽ، منجو.
    ۱ - جهنگ مان گذرندڙ پيچري کي، ڪڏهن به وهندڙ واٽ يا سلامتيءَ وارو رستو تسليم نه ڪبو. ان کان علاوھ، جهنگ کي به ميدان ڪڏهن تسليم نه ڪبو.
    ۲ - ڦڏي ۽ ور وڪڙن واري واٽ کي، ڪڏهن به محفوظ تسليم نه ڪبو.
    ۳ - هيٺ سمهڻ به اهنجو ۽ موذين جي ايذاءَ کان غير محفوظ هئڻ سبب، سٺو ناهي. ان جي ڀيٽ ۾ ڀڳل ٽٽل کٽ تي سمهڻ، بهتر آهي. اتي اهنج گهٽ آهن ۽ آرام/ قرار چڱو آهي.
    مطلب: جهنگ کي پڌر جهڙو، ور وڪڙ واري واٽ کي رستي جهڙو ۽ هيٺ سمهڻ ۾ کٽ تي سمهڻ جهڙو، سک نه ٿو ملي. (۲) ص ۸۴.

    74. اونچاپن، اٺن ڇڏيا آھن. (پھاڪو)
    اونچاپن؛ وڏائي، فخر، تڪبر، ڊگھو ھجڻ.
    وڏائي ماڻھوءَ کي مٿي ته کڻندي آھي پر ڪيرائڻ وقت وري اوترو مٿان کان ڪيرائيندي به آھي. ان ڪري انسان کي وڏائي ۽ تڪبر نه ڪرڻ گھرجي. اٺ ڊگھا آھن، جڏھن پھاڙ جي آڏو ايندا آھن ۽ ان تي چڙھڻ جو پنڌ ڪرڻو ھوندو اٿن ته سندن اھا ارڏائي ڪافور ٿي ويندي آھي. (۳۶)
    مطلب: ۱- بيوس بار، اٺن به ڇڏيا آھن.

    75. اونگهه، آرس، اوٻاسي، تيني روڳ ري ماسي. (چوڻي)
    اُونگهه: ننڊ، گهڙي گهڙي ننڊ اچڻ، ڍڪر اچڻ، گهڻي ننڊ اچڻ. آرس: سستي چڙهڻ، ڪم لاءِ عضوا نه ورڻ، ٽوٽي ٿيڻ. روڳ: مرض، بيماري.
    ۱ - اونگهه يا ڍڪرن ۾ رهڻ وارو ماڻهو به ڪو ڪم پوريءَ طرح سرانجام نه ڏيئي سگهندو آهي. ڍڪريل هئڻ سبب، سدائين بيمار پڻ رهندو آهي. ننڊ کي ته موت جي ڀيڻ سڏيو ويو آھي.
    ۲ - هر ڪم ۾ سستي ڪرڻ وارو به آخر روڳي ۽ بيمار ٿئي ٿو. هر ڪم ۾ ٻئي جو محتاج رهي ٿو.
    ۳ - اوٻاسي به ننڊ جي نشاني آهي. اوٻاسي آئي، ننڊ نياپو موڪليو. نينڊي ماڻهو به، بيمار جي مترادف آهي.
    مطلب: مٿي ٻڌايل ٽئي ڪيفيتون/ حالتون، بيماريءَ جو بنياد آهن. جيترو ٿي سگهي، کانئن ڀڄجي. (۱۲) ص ۱۳۸.

    76. اونگ نه جوئي اوڇڻ، بک نه جوئي اولڻ. (پھاڪو)
    اونگ؛ ننڊ. اوڇڻ؛ بسترو. جوئي؛ ڳولھي. اولڻ؛ ڳنڌڻ، ٻوڙ.
    ننڊ، بسترو نه پڇندي آھي. جھڙي کٽ يا رلي ملي، يا نه ملي، ننڊ اچي ويندي. ڇو جو ننڊ ته سوليءَ تي به اچي ويندي آھي. بک ٻوڙ لاءِ نه واجھائيندي آھي. بک کي ذائقي سان نه پر پيٽ ڀرڻ سان مقصد ھوندو آھي. (۳۶)
    مطلب: ۱ - ننڊ نه پڇي اوڇڻ، بک نه ڏسي ڳنڌڻ.

    77. اوڻويهه ڏينهن چور جا، ويهون ڏينهن ساڌ جو به آهي. (پھاڪو)
    پرائو مال، کسڪائي ڪڍڻ وارو چور، پنھنجي جان جي حفاظت خاطر، لڪي چوري ڪندو آهي. جنھن ڪري، اڪثر ڀاڳين جي نظر کان نڪري ويندو آهي. تاڙي ڌڪ هڻندو آهي ۽ ڀڄڻ وقت لِڪُ ڪندو آهي.
    ڦٻڻ بعد، ٻيهر سِٽ سٽي، نئين سر نئين نموني سان، واردات ڪندو آهي. ائين وري ڀاڳين کي اکين ۾ سرمو وجهي ويندو آهي. ڀاڳيا به پنھنجي مال جي وڃڻ تتان هوشيار ٿي ويندا آهن. اوجاڳا ڪري به پيا چور کي جاچيندا آهن. هڪ دفعو، ٻه دفعا حتى ڪه اوڻويهه دفعا چور، کانئن نڪري ويندو آهي، نيٺ ويهين دفعي کيس سوگهو ضرور ڪندا آهن.
    مطلب: ۱ - اوڻٽيهه راتيون چور جون، ٽيهين ساڌ جي به آهي. (سنڌ)
    ۲ - اوڻٽيهه ڏينھن چور جا، ٽيهون ڀاڳئي جو به آهي. (سرو)

    78. ائٽ را ٻارنھن ماس، اٺي ري اڪ گھڙي. (چوڻي)
    ائٽ؛ چرخو، سٽ ڪتڻ جو اوزار.
    ائٽ، ڌنڌي ڪاروبار جو اوزار آھي، جيڪو ھلائي، ڪاتياريون سٽ ڪتينديون ھيون ۽ ھڪ ٻئي سان ڏک سور اورينديون ھيون. ائٽ تي ويھڻ سان ھڪ ته روزگار به ٿيندو ھيو ۽ ٻيو حال احوال اورڻ سان ھيانءَ جو بار به ھلڪو ٿيندو ھيو. جڏھن ته برسات وسڻ سان به روزگار ٿئي ٿو. اگر ٻنھي جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪجي ته پوءِ، ٻنھي جو فرق ائين بيھندو. يعني ائٽ تي سڄو سارو سال ويھجي، نه اوترو روزگار ٿيندو ۽ نه اوترو ھيانءَ جو بار ھلڪو ٿيندو، جيترو برسات جي ھڪڙي گھڙي وسڻ سان ٿئي ٿو. (۳۵) ص ۲۷۰
    مطلب؛ ھٿن جي محنت کان رب جو ڏني ۾ وڌيڪ برڪت آھي.

    79. ايڪ هَل هتيا، دو هل ڪاج،
    تين هل کيتي، چار هل راج. (راجسٿان، چوڻي)
    زمين کي هڪ هر ڏيڻ سان ڪو به فائدو ناهي. بلڪ خودڪشي ڪرڻ برابر آهي. هڪ هر ڏيڻ يا نه ڏيڻ، زمين لاءِ برابر آهي. هاريءَ کي حيراني پريشانيءَ کان سواءِ، منجهانئس ڪي ڪين ملندو.
    زمين کي ٻه هر ڏيڻ سان، ڪم نڪري ويندو پر اپت اوترو نه ٿيندي. فصل به سٺو نه ڄاپندو ۽ گندگاهه به جام ٿيندو، جيڪو فصل کي اسرڻ ئي نه ڏيندو. تنهن هوندي به فصل ڄڻ نظر ايندو.
    زمين کي ٽي هر ڏيڻ، کيتيءَ لائق بڻائين ٿا. تنهن هوندي به منجهس ٿورو ٿڪو گندگاهه رهندو. زمين منجهان، اڳئين فصل سبب آيل ساڻائي اڃا پوريءَ طرح نه مرندي آهي. فصل جي مجموعي اپت چڱي ته هوندي آهي پر مقابلي جهڙي نه هوندي آهي.
    زمين کي فصل لاءِ ڏنل چار هر، تمام گهڻا مفيد آهن. ساڻائي ختم ٿيو وڃيس. گندگاهه پوريءَ طرح مريو وڃيس. زمين اندر، فصل لاءِ نقصانڪار جيت جڻيا مريو وڃن. ٺلهي ٻج ڪلر تي فصل زوردار ٿئي. نه گندگاهه ٿئي ۽ نه فصل کي جيت جڻيو لڳي. هاريءَ کي به سک ملي. ڇو جو نه کيس گُڏ ڪرڻي ٿي پوي، نه وري ڪينئان مار دوا ڇٽڻي ٿي پوي.
    مطلب: ۱ - سٺي فصل حاصل ڪرڻ لاءِ، زمين کي گهٽ ۾ گهٽ چار هر ڏيڻ گهرجن.
    ۲ - جيترو هر، اوترو ڦر.
    ۳ - نه سؤ سينئر، نه ھڪ مند. (سرو)
    ۴ - ھريو؛ ڦريو. (۱) ص ۳۴۴.
    80. ايها ڪم ڪريجي، جو آڇا ڏنتا ري پريت نه جاءِ. (چوڻي)
    آڇا ڏِنتا ري: اڇن ڏندن جي، کلکل واري. پريت: محبت، ياري، دوستي.
    اڇن ڏندن جي پريت: بنا لالچ جي دوستي، کِلکل واري سنگت.
    سنگت ساٿ سان حال سارو نباهجي. نباهڻ، وَسَ/ وِتَ کان ٻاهر هجي ته به اخلاق سان پيش اچجي. اڇن ڏندن جي پريت ۾، ڪير ڪنهن لاءِ سر ته نه ڏيندو آهي پر احترام ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندو آهي. اها پريت وس ويندي ٽُٽڻ نه ڏجي.
    مطلب: ۱ - اهو ڪم ڪجي، جو ٻِين ڏاندين هَرُ هلي.
    ۲ - اهو ڪم ڪجي، جو لعل به لڀي پريت به رهجي اچي.
    ۳ - اهو ڪم ڪجي، جو نانگ به مري، لٺ به نه ڀڄي.
    ۴ - اهو ڪي ڪجي جو، آئي ويل ڪم اچي.
    ۵ - اهو ڪي ڪجي، جيڪو وسندي مينهن ڪم اچي.
    ۶ - ڳل-لڳڻيءَ کان وڃجي ته، منهن-پکڻيءَ کان نه وڃجي. (۵)


    ب

    81. باتان ريجهئي باڻيو، راگان سُون راجپوت،
    بامڻ ريجهئي لاڏوان، باڪل ريجهئي ڀوت. (چوڻي)
    باتان: ڳالهين سان، دليل دلائل سان. ريجهئي: رِيڌو رهي، راضي ٿي وڃي.
    راگان سُون: راڳن مان، راڳ رنگ سان. بامڻ: برهمڻ، مذھبي پيشوا.
    لاڏوان: لڏو کائڻ، مال مليدا کائڻ، مفت جو مال تڪڻ.
    باڪل: ڀويو، ڀوپو، جن ڀوت ڪڍندڙ، جنائي.
    ۱ - واڻيو يا واپاري، گهڻيون ڳالهيون ٻڌڻ ۽ ڪرڻ کي پنهنجي واپار جو لازم حصو پيو ڄاڻندو آهي. ٻين جي ڳالهين کي، پنهنجي علم ۾ واڌارو ۽ پنهنجي ڳالهين کي ٻين جو توجهه ڇڪائي مال کڻائڻ لاءِ هٿيار پيو سمجهندو آهي. تنهن ڪري کيس، ڳالهين ۾ راحت ايندي آهي.
    ۲ - راجپوت يعني راجا جي پٽ يا اولاد کي، ڪرڻ لاءِ ڪم جي ضرورت گهٽ رهي ٿي. وٽس ڪم ڪار لاءِ، نوڪرن چاڪرن جي لانڍ لڳل هوندي آهي. وندر لاءِ کيس شيل شڪار کپي. موسم شيل شڪار جي نه هجي ته پوءِ کيس وندرائڻ لاءِ راڳ روپ کپي ته سندس من منجهس رِيڌو رهي.
    ۳ - ٻانڀڻ يا برهمڻ کي پرارٿنا کان سواءِ ڪم آهي ئي ڪو نه. دنياداريءَ جو ڏيڻ وٺڻ به کيس ڪجهه ڪونهي. کيس دنيا ۾ کائڻ پيئڻ کان سواءِ، باقي ڪم آهي ئي گهٽ. کاڌا ۽ طعام به وٽس رکئي رکئي پيا پاروٿا ٿيندا آھن. انھن جي به وٽس ڪمي ڪا نه ھوندي آھي. البته نوان نوان طعام تڪڻ لاءِ دل پئي واجھ وجھندي اٿس. جنهن ڪري کيس نئين قسم جي کاڌي پيتي تي ئي ريجهائي راضي ڪري سگهجي ٿو.
    ۴ - ڀوپا يا ڀويا وري، جن ڀوت ڪڍڻ ۾ خوش ٿيندا آهن. ان سان ماڻهن جي، وٽن اچ وڃ ٿيندي آهي. عزت به وڌندي اٿن ۽ روزگار به کلندو اٿن.
    مطلب: ۱ - هر ڪو چاهت واري شيءِ ملڻ تي راضي ٿئي ٿو. (۱) ص ۳۵۳.

    82. بادشاهه ديوانو نه ٿئي، هاٿيءَ ٿئي نه هار،
    ڪلر ويري ڪوٽ جو، مڇيءَ ويري ڄار،
    مرد ويري ننڊ، عورت ويري سينگار،
    لاٻڙ-پونڇو ٻڙڌيو، نَکَ اگھاڙي نار،
    سڃو هاري سکڻو، کوهي کارو نار،
    ڪميڻو ڪچهريءَ ۾، گانڊو ڏيندو گار،
    پَڇَ-ڍائي کان قرض نه کڻجي، توڙي هجي تجار،
    اهي هجن ستار، ته به ٻارهن ئي ٻن پيا. (چوڻي)
    لاٻڙ-پونڇو؛ ڊگھي پڇ وارو. تجار: تاجر، تجاور، واپاري، امير. پَڇَ ڍائو: پوءِ ڍائو، نئين مان امير ٿيل، جنھن کي مال ملڪيت ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ نه ملي ھجي، نو-دولتيو.
    ۱ - چريو بادشاهه، اجايا حڪم ڪري، رعايا تي ظلم ڪندو.
    ۲ - لڙائيءَ جي ميدان ۾، لشڪر کي هار ٿي ته پنهنجا هاٿي ئي موٽ واري ڀاڄڙ ۾، لتاڙي کين ماريندا.
    ۳ - ڪلر، چڱي ڀلي ڪوٽ کي، ناس ڪري ڇڏيندو.
    ۴ - مهاڻي جو اڇليل ڄار، مڇيءَ لاءِ موت آهي.
    ۵ - ننڊ، مرد لاءِ نقصانڪار آهي. ستو ته عورت به پرائي ٿي ويندس.
    ۶ - عورت، سينگار ڪري ٻاهر نڪتي ته، نظرن جو کاڄ ٿي ويندي.
    ۷ - ڊگهي پڇ وارو ڍڳو به، کوٽو يا ٽهندڙ ھئڻ سبب، ڪنهن ڪم جو ناهي.
    ۸ - هٿ پير اگهاڙا ڪري، پردي کان ٻاهر، پاڻُ ڏيکاريندڙ عورت، سلڇڻي ناهي.
    ۹ - هاري اهو ڀلو، جنهن جي ٻنيءَ ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي تنھن مان پاڻ به کائي ۽ سنگت کي به ڏئي.
    ۱۰ - کوهه جا نار کارا هوندا ته منجهانئس ڪير به پاڻي نه پيئندو ۽ آخر پورجي ويندو.
    ۱۱ - ڪميڻو ماڻهو، ڪچهريءَ ۾ ويهارڻ جي لائق ناهي.
    ۱۲ - پوءِ ڍائو يا پڇ ڍائو يا نودلتيو ماڻهو، حريص ۽ لالچي هوندو آهي. کيس ڪنهن تي به، لالچ سبب، رحم نه ايندو آهي. ايندڙ دولت مان، رپيو ڏيڻ به پنهنجو نقصان پيو ڀانئيندو آهي.
    مطلب: مٿي ٻڌايل ٻارنهن ئي، ڪنهن به ڪم جا ناهن. (۱۲) ص ۱۵۲.

    83. باکاڻي کچڙي، ڏانتي وڙڳائي. (پهاڪو)
    باکاڻي: واکاڻيل، تعريف ٿيل، تشهير ٿيل. کچڙي: کچڻي، نرم دال، ڀت.
    ڏانتي وڙڳائي: ڏندن چٻاڙي، ڏندن ڳڙڪائي.
    جنهن شيءِ جي گهڻي واهه واهه ۽ تشهير ٿيندي آهي، ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻا ماڻهو سڌون ڪندا آهن. جنهن جا چاهيندڙ گهڻا هوندا آهن، ان تي آزمائشون به گهڻيون اينديون آهن. جيڪڏهن ڪنهن به طنبيلي ۾ بيٺل گهوڙن جي گهڻي تعريف ٿئي ٿي يا ڏاندن جي جوڳ جي هنڌين ماڳين هاڪ ٿي پهچي ته ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏا وڏا واپاري، خرزينون پئسن جون ڀري، اچي ٿا ميدان ۾ لهن. ان کان اڳي انهيءَ گهوڙي يا ڏاند کي، چور چڪار به تاڙين ٿا. ائين گهوڙا ۽ ڏاند ٻوهي ۾ اچن ٿا. اهڙيءَ طرح اگر ڪنهن عورت جي سونهن ۽ سوڀيا، حسن ۽ رعنائي جي واکاڻ ٿي ٿئي ته ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ به گهڻا ئي واجهه وجهن ٿا. ڪو ڪيڏانهن ٻانهن ٿو ڇڪي ته ڪو ڪيڏانهن!
    مارڪيٽ ۾ آيل نئين شيءِ جي اگر تشهير ۽ ايڊروٽائيزمينٽ ٿي ٿئي ته اها به هٿوهٿ کپيو وڃي، بها به ٻيڻي ٽيڻي ٿيو وڃيس. اهڙيءَ طرح جنهن کاڌي ۽ کچڻيءَ جي گهڻي تعريف ٿي ٿئي، تنهن کي ڏندن ۾ چٻاڙڻ لاءِ، گهڻا ئي وات گگون ڳاڙيندا رھن ٿا.
    مطلب: ۱ - واکاڻيل کچڻي، ڏندن ڳڙڪائي.
    ۲ - تعريف جوڳو کاڌو، جلد کاچي ختم ٿيو وڃي.
    ۳ - واکاڻيل شيءِ، جلد وڪامي.
    ۴ - شيءِ جو اگهه چاڙهڻ لاءِ، دلال وڏي تعريف ڪندا آهن.
    ۵ - واکاڻيل ڍور، چورن جي ور چڙهن.
    ۶ - واکاڻيل عورتون، مردن جي نگاهه ۾ اچن.
    ۷ - ڀيٽيو؛ وکاڻيو ري کچڙي، ڏانتي پڙءِ. (۶) ص ۸۹.

    84. بامڻ سي بامڻ مليو، پوربلا جنم سنسڪار،
    ديڻ ليڻ لئه ڪڇ نهين، نمسڪار هي نمسڪار. (چوڻي)
    بامڻ: ٻانڀڻ، برهمڻ. پوربلا: گھڻي وقت کان پوءِ. جنم: ڄاول. سنسڪار: سنگت.
    ٻانڀڻ يا برهمڻ، عام ماڻهن ۾ اوچي ذات هئڻ سبب، فقط ٻين ماڻهن مان تحفا تحائف هٿ ڪرڻ جي هوس ۽ جدوجهد ۾، ٻين کي ڏيڻ جي پاڻ ۾ عادت ئي نه ڌاريندا آهن. رڳو آئي وئي جي هٿن ڏانهن پيا تڪيندا آهن.
    پهرين ڳالهه ته ٻانڀڻ پاڻ ۾ گهٽ ملندا آهن. پاڻ ۾ هم پيشه هئڻ سبب، هڪڙو ٻئي کي پاڻ کان گهٽ پيو ڄاڻندو آهي. عام ماڻهن کان مليل مفت جي مال ۾، خواھ مخواهه جو ڀائيوار تصور پيو ڪندو اٿس. تنهنڪري پاڻ ۾ گهٽ ملندا آهن.
    جڏهن اتفاق سان ملي پوندا آهن ته ٺلهي خوشامد ۽ کيڪر اهڙي ڪندا، ڄڻ جنمن جا وڇڙيل يار هجن. جيئن ته کين تحفي تحائف ڏيڻ جي عادت ئي ڪانهي، تنهنڪري هڪ ٻئي کي ڏيندا به ڪجهه ناهن. جڏهن هڪ ٻئي کي ڏيندا ناهن ته نتيجي ۾، هڪ ٻئي کان، پاڻ کي ملندو به ڪجهه نه اٿن. وقت ڪاٽڻ لاءِ رڳو هڪ ٻئي آڏو پيا جهڪندا، خوشامد ڪندا ۽ نمسڪار ئي نمسڪار ڪندا آهن.
    مطلب: ۱ - سڃا آيا سڃن ڏي، کنيو سکڻا سلام.
    ۲ - ٻانڀڻ کي ٻانڀڻ مليو، پورب جنم جو سنسڪار،
    دئڻ لئڻ ڪڇ نهين، نمسڪار هي نمسڪار.
    ۳ - سڃو گڏيو ڀينگئي سان، چي؛ ”ادا عيد مبارڪ!“ (۱) ص ۳۵۴.

    85. بامڻ، نائي، ڪُوڪرا، جات ديک گُرلايه. (راجسٿان، پهاڪو)
    گرلايه: گرڻ، ڏند، شيڪڻ.
    ۱ - بامڻ/ ٻانڀڻ کي، ٻين کان فقط مال وٺڻو آهي. ڏيڻو ناهي. ٻيو برهمڻ يا ٻانڀڻ، جڏهن ملندس، اهو پڻ وٺڻ وارو آهي، ڏيندس ڪجهه ڪو نه. ٻئي هڪجهڙا ۽ جيسي آهن. هڪ ٻئي کي پاڻ جهڙو سمجهي، يا هجائتا ٿيندا يا هڪ ٻئي کي زير ڪرڻ لاءِ ٽوڪ-زني ڪندا. برابري ته ڪنهن کان به هضم نه ٿيندي آهي. هيءُ ڪيئن برداشت ڪن. برداشت ڪرڻ سان، مفت جي مال جا دروازا ٿا بند ٿين، تنهنڪري هڪ ٻئي تي پيا گرندا آهن.
    ۲ - نائي يا حجم به، قئنچيءَ سان گڏ، زبان جو کٽيو کائيندو آهي. ٻهراڙيءَ جو حجم، سنوارت ٺاهڻ سان گڏ مٿي جا وار به لاهي، ڀت به رڌي ته طهر به ڪري. انهن ڪمن تي کيس چڱو خاصو معاوضو ۽ مفت جو ڀت مليو وڃي. تنهن سان جيڪڏهن ڪو ٻيو حجم يا نائي راهه ويندي ملندو ته کانئس برداشت نه ٿيندو. هُج ۾ يا هوس ۾، مٿس چٿر يا ڊونگل ضرور اڇليندو.
    ۳ - ڪُتو به مفت جي مال يا غلاظت جي ڍير تي والار ڪري ويهندو آهي. ٻئي کي برداشت نه ڪندو آهي. چوندو آهي؛ ”فقط مان ئي هجان!“ ٻيو ڪتو کيس ڍير تي ويٺل ڏسي، مفت جي مال مان حصو ڇڪڻ لاءِ، ڏندي ضرور ڏئي. يا ڦڙ ڦڙ ڪري، ڍونڍ جي ڍير تي گند ضرور ڪن. ائين به مشھور آھي ته ھڪ ڪتو گوشت جو ٽڪر وات ۾ کنيو پئي ويو جو پاڻيءَ مٿان لنگھڻ وقت، پنھنجي عڪس کي ٻيو ڪتو سمجھي، وات وارو جھليل گوشت ٽڪر ڇڏي، عڪس واري کان ڦرڻ جي ڪوشش ۾ اھو به وڃايائين.
    مطلب: ۱ - برهمڻ، حجم ۽ ڪتو، پنهنجي ذات وارن سان ملن ته ڏند-ڇيڪ ضرور ڪن. هڪ-ٻئي تي ٺٺول ۽ ڌنڪ ڪرڻ کان، وڌي پاڻ ۾ وڙهن ضرور. (۱)

    86. بامڻ ني ساٺ برس تائين سُڌ آوي ڪونيا،
    اَر پاڇي جا مري. (راجسٿان، چوڻي)
    سُڌ: عقل. پاڇي: پيڇي، پڇاڙيءَ، پوءِ.
    آڳاٽي وقت کان ئي ڀارت جي سماجي سرشتي ۾ براهمڻ ذات جو درجو اوچو رهيو آهي. ڇو ته هو علم جا ڌڻي (ڄاڻو) هيا. وقت گذرندي، جيئن جيئن سماج جي سوچ-ويچار، رهڻي ڪرڻيءَ ۾ ڦيرو ايندو ويو، تيئن تيئن ذات پات بابت ويساهه ۽ مڃتائن ۾ تبديلي ايندي وئي. آڳاٽي زماني ۾ جيڪا مڃتا ۽ عزت، براهمڻ ذات کي حاصل هئي، اوتري اڄڪلهه ڪانهي. ايتري قدر جو مٿن طنز جا تير به اڇلايا ويندا آهن. کين بي عقل به سڏيو ويندو آهي.
    مطلب: ۱ - برهمڻ کي، سٺ سال عمر تائين عقل ڪو نه اچي، آخر موت اچيس.
    ۲ - ڀيٽيو: ٻانڀڻ ري مت ٿوري، گئو بيچ ڪي ليني گهوڙي،
    گهوڙي کائي گهاس، ٻانڀڻ رو جائي ساس. (۱۳)

    87. باڻيا بيس، تو ئي هيکلا. (پهاڪو)
    باڻيا: واڻيا، واپاري، دڪاندار. بيس: ويهه. هيکلا: اڪيلا.
    واڻيو/ دڪاندار، فطرتي طور تي ڊڄڻو ۽ چالاڪ ٿيندو آهي. هاٿاپائيءَ سان ڪين وڙهندو آهي. وکر کپائڻ وقت به، منهن ۾ گهنج/ گھنڊ/ سونڊ نه وجهندو آهي. ڇو جو کيس خبر آهي؛ ’وکر نه وڪامندو آهي پر واڻيو وڪامندو آهي‘ يا ’ڳڙ نه هجي ته گراهڪ سان ڳڙ جهڙي ڳالهه ضرور ڪجي.‘
    انهيءَ ڪري جيڪڏهن ڪو راهه ويندڙ واڻين کي، وکر سميت لٽيندو ته به پاڻ ۾ ٻڌي ڪري وڙهي نه سگهندا. البته پاڻ ڦرائي اچي گهر نڪرندا.
    هڪڙي دفعي سؤ واڻيا وکر کڻي، ٿر مان سفر تي روانا ٿيا. واٽ تي هڪڙي چور کانئن لٺ جي زور تي، مال ڦري ورتو. ڦرڻ پڄاڻان، باٺا ڀيڙي ڀڄائي ڪڍيائين.
    واڻيا جڏهن وسنديءَ ۾ پهتا ته ماڻهن سان حال احوال ڪيائون. انهن کين ٽوڪيو. ”اسان ڇا تي وڙھون. سامان جي ڪيون يا ھٿيارن جي ڪيون. پاڻ سنڀاليون يا ساٿين کي بچائڻ جي ڪيون.“ جواب ۾ دليل ڏئي چوڻ لڳا؛ ”ھوڏانھن ڪاڪو ۽ لٺ سا به ڏانگ، ھيڏانھن ويھ واڻيا سي به ھيکلا.“
    مطلب: ۱ - ويھ واڻيا ته به ھيکل-وسلا.
    ۲ - واڻيا ويھ ته به اڪيلا.
    ۳ - اهڙو ڊڄڻو، جهڙو واڻيو. (ورجيس)
    ۴ - واڻيو آ اٽي جو ڏيئو، اندر کائنس ڪوئا، ٻاهر کائنس ڪانءَ. (هندي)
    ۵ - ڀيٽيو: چار چور چوراسي واڻيا، ھڪ ھڪ ايڪويھ تاڻيا. (۶) ص ۸۸.

    88. بُٺي رين کبران، پانڌيئڙو ڏيسين. (چوڻي)
    بُٺي: وُٺي، وسندڙ مينهن. کبران؛ خبران، خبرون. پانڌيئڙو: واٽهڙو، پيرين پنڌ، پيادا. ڏيسين: ڏيندا.
    ٿر ۾ برسات جام پوندي آهي. سڪل واري ۽ ڀٽون، جلد ان کي چوهي وٺنديون آهن. ٿر جي واريءَ تي ڪيتري به برسات پوي، وسي بند ٿيڻ کان پوءِ، ان جو اندازو ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي. هڪڙو ماڻهو پنهنجي ڀونگيءَ ۾لڪل هجي ۽ مٿان برسات پوي. برسات جي بند ٿيڻ پڄاڻان، جيستائين ڀونگيءَ مان ٻاهر نڪري، تيستائين مينهن جو پاڻي واريءَ ۾ گم ٿي چڪو هوندو. تنهنڪري کيس برسات جي زور جي خبر گهٽ پوندي. ان جي برعڪس، ٻاھر بيٺل يا واٽهڙوءَ کي، راهه ۾ جيڪڏهن برسات ورايو هوندو ته برسات جي اصل زور جي ان کي خبر هوندي. اهو برسات بابت جيڪا ڳالهه ڪري سا وزنائتي هوندي.
    هيءَ چوڻي خاص طور تي ان دور سان تعلق رکي ٿي، جڏهن موسميات کاتي جون رپورٽون، ريڊئي ۽ ٽي ويءَ ذريعي گهر گهر ۾ عام نه پهچنديون هيون.
    مطلب: ۱ - معاملي جي ڄاڻ، ان کي پوندي جيڪو منجهس گهڙي پيو ھوندو. جيڪو معاملي کان ٻاھر آھي، ان کي گھٽ خبر پوندي.
    ۲ - ٻاهر بيٺل يا ڏاسوءَ کي، کيڏندڙ کان خبر وڌيڪ پوندي آھي.
    ۳ - وٺي جون وايون/ واڌايون، واٽهڙو ڏيندا. (ساھتي)
    ۴ - اٺي را واٽاڙو، ڏس ڏيسين. (۳۶)
    ۵ - اٺي جون خبرون، پانڌي ڏيندا. (۱۵)

    89. بڊو؛ آهي روپ جو مھينو. (چوڻي)
    بڊو؛ ھندي مھيني جو نالو جيڪو سيپٽمبر ڌاري اچي.
    بڊي واري مھيني ۾، ڪڪر ڏينھن جو ٿوري ٿوري وقت بعد، نوان نوان رنگ ۽ روپ ڪندا رهندا آهن. انھيءَ سببان، بڊي جي مھيني لاءِ ائين چيو ويندو آھي.
    مطلب: ۱ - بڊي ۾ ڪڪرن جا روپ ڏسڻ وٽان ھوندا آھن.

    90. بڊو؛ اکين ڪڍو. (چوڻي)
    بڊي جي مھيني ۾، جولاءِ ڌاران پيل برسات تي ٿيل فصل، لاباري تي پھچڻ وارا ھوندا آھن. ماڻھن ۾ اڻھوند ۽ اڳيان ايندڙ لاباري جي محنت سبب اڻتڻ واري حالت ھوندي آھي. ھڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ ضروري سمجھندا آھن. پر پنھنجو ليکو کين ماري وجھندو آھي. ان ڪري ان مھيني ۾ ھر ڪنھن منجھان اھي سڃاڻ واريون اکيون ڄڻ نڪري وينديو آھن. (۳۵) ص ۲۰۲
    مطلب: ۱ - غرض، گھڻن کي انڌو ڪري ڇڏيندي آھي.

    91. بڊي جا ڪانگ به ڇتا. (چوڻي)
    بڊو؛ جون جولاءِ ڌاري ايندڙ وڪرمي سنبت جو مھينو. ان دوران ڪانءَ ٻچا ڪندا آھن. جيسن ال اڏامڻ لائق ٿين تيسن ڪانءَ، کين آکيرن ۾ پالين ۽ ھيٺ لھڻ نه ڏين. ڦَٽي ڦُري، کين اتي کاڌ-خوراڪ پيا پھچائين. ٻچن جي سار سنڀال جي ڪري ڪانءَ، آکيري آڏو به ڪنھن کي لنگھڻ ڪو نه ڏين. ڪانگيرو ڪيو پيا ٺوڙھ وارا ٺونگا ھڻندا ۽ مٿي مٿان لامارا ڏيندا. بيزار ڪري وجھندا آھن. (۳۵) ص ۲۰۴
    مطلب؛ بڊي ۾ ڪانءَ بيزار ڪري وجھندا آھن.
    ۲. بڊو پنو، ڪانون رنو.

    92. بڊي جي رٻ به ڀلي. (چوڻي)
    بڊي مھيني جي اندر، کاڌ خوراڪ جي قلت ٿي ويندي آھي. گھر اندر رکيل اڳيون ان، کٽي ويندو آھي ۽ نئون فصل اڃا لٿل نه ھوندو آھي. ان صورت حال ۾، ڳوٺن اندر، ھر گھر جو حال ساڳيو ھوندو آھي. ڪير ڪنھن کي گھرڻ تي به اٽو اڌارو ڏيڻ لاءِ تيار نه ھوندو آھي. اھڙي وقت ۾ اگر، پنھنجي گھر ۾ پنھنجي پڇ يا رٻ نصيب ٿئي ته اھا تمام ڀلي ۽ عزت وارو کاڌو سمجھبو. (۳۵) ص ۲۰۵
    مطلب؛ سڃائيءَ ۾ سادو کاڌو به غنيمت.

    93. بر ته ڀرم آھي. (چوڻي)
    بر يا ٿر، ٿري ماڻھن جي لاءِ، ڀرجھلو ۽ ڀرم رکڻ جي جاءِ آھي. ٿر جا رھاڪو، ھڪ ٻئي جي سھاري ۽ مدد سان ٿر جھڙي بر پٽ بيابان اندر رھن ٿا، جنھن ڪري منجھن محبت، ٻڌي ۽ ايڪو رھي ٿو. اھي وصفون سڪون ۽ راحت کي جنم ڏين ٿيون. جيڪي ڀرم رھجي اچڻ جا ضامن آھن. (۳۵) ص ۲۲۱
    مطلب؛ ٿر جو جھڙو ڏيک آھي، تھڙو تيک ناھي.

    94. بُرو ڀلو هوئي نهين، گولو ڀِيلاڙو،
    گڏهه گهوڙو ٿي نهين، گنگا جهيلاڙو. (چوڻي)
    گولو: غلام، نوڪر. ڀيلاڙو: ڀِيل قوم جو فرد. جهيلاڙو: پاڻيءَ سان وهنجارڻ.
    برو ماڻهو، نوڪر ۽ ڀيل قوم جو فرد، احسان فراموش هئڻ سبب، ڪڏهن به ڀلا نه ٿيندا.
    اهڙيءَ طرح گڏهه کي، گنگا جي پويتر پاڻيءَ ۾ ڀلي شنان ڪرائجي ته به گهوڙو نه ٿيندو. ياد رهي ته هندو، گنگا نديءَ جي پاڻيءَ کي پاڪ سمجهندا آهن ۽ سندن عقيدي مطابق گنگا شنان ڪرڻ سان زندگيءَ جا گناهه ڌوپجي ٿا وڃن.
    مطلب: ۱ - برو ماڻهو، نوڪر، ڀيل ۽ گڏهه، ڪڏهن به ڪين سڌرندا.
    ۲ - برو ڀلو نه ٿئي، گولو ڀيلاڙو،
    گڏهه گهوڙو نه ٿئي، ڪري گنگا جهيلاڙو.
    ۳ - حضرت عيسيٰ جو گڏهه، ڀلي مڪي وڃي ته به اِٽن هڻڻ کان نه مڙي.
    ۴ - بدمعاش، ڀلي ست حج ڪري ته به ڪو نه سڌرندو. (۱۲) ص ۱۳۹.

    95. برهمڻ رو وچن، سورج ري ساک. (چوڻي)
    وچن: واعدو، قول. سورج: سج. ساک: شاهدي، چٽائي.
    سج، کاريءَ هيٺان ڪين لڪي سگهندو آهي. جڏهن اڀرندو آھي ته ڏيهه ڏسندو اٿس. پنهنجي هجڻ جو، پاڻ دليل آهي. کيس ثابت ڪرڻ لاءِ، ٻئي ڪنهن دليل يا شاهديءَ جي ضرورت ناهي. سندس روشني، ٻين گهڻين اونداهين تان پردو هٽائي ڇڏي ٿي.
    اهڙيءَ طرح، برهمڻ يا قوم جا ليڊر پڻ آهن. سندن قول، سچائيءَ کان خالي هئڻ نه گهرجي. ان ۾ نه لالچ هجي نه لوڀ، نه بدنيتي ۽ نه وري حرص و هوس، نه ڪوڙ نه ٺڳي، بلڪ صاف سٿري نيت سان، صاف سٿرن ۽ سادڙن لفظن ۾، سندن قول هئڻ گهرجي. جنهن تي عمل ڪرڻ لاءِ عام ماڻهو جلد راضي ٿي وڃي.
    مطلب: ۱ - برهمڻ يا مرشد کي ڳالهائڻ ۾ چٽو هئڻ گهرجي. جيڪي ڳالهائي، سو سوچي سمجهي، وڏي احتياط سان ڳالهائي.
    ۲ - برهمڻ جو وچن/ قول، سج وانگر چٽو ھئڻ گھرجي.
    ۳ - هٿ-ڪنگڻ کي، آرسيءَ جو ڪهڙو ضرور. (۱۳)

    96. برهمڻ رو من سيري ۾. (چوڻي)
    برهمڻ جيئن ته مذهبي پيشوا ٿئي ٿو، تنهنڪري سندس ڪم عام ماڻهن کي نصيحت ۽ مھميز ڏيڻ آهي. انهيءَ اوچي ڪم جي ڪري، معاشري ۾ سندس ذات اوچي ليکي وڃي ٿي. محنت مزدوريءَ جو ڪم، کانئن نه ٿو ورتو وڃي. جيئن ته اهي دنياداريءَ جي ڪمن کي تياڳ ڏيئي ٿا ڇڏين، تنهنڪري عام ماڻهو به سندن خيال ڪندي، چڱا ۽ اوچا طعام، جڏهن ڪنهن ڏڻ وار تي جوڙين ٿا، سي سندن آڏو پيش ڪن ٿا. ڪي ماڻهو ته اڃا به وڌي، بنا ڪنهن ڏڻ وار جي به، هوند-سارو کين اوچا طعام؛ ٻوڙ پلاءُ، مال مليدا ۽ سيرا وغيره کڻي اچي پيش ڪن ٿا.
    مفت جا مال کائي، اڻڀو آنڊو جڏهن سيرن سان سڻڀو ڪن ٿا، تڏهن سندن من به دال-ڀت بدران مالَ-ٽَڪ ۾ رهي ٿو. سادي کاڄ کي، چخي به نه ٿا ڪن. رڳو سيري وارن ٿانون يا آڻيندڙ ھٿن ڏي پيا ٿا تڪين.
    مطلب: ۱ - مفت-خور جي نگاهه، چڱيرڙو مال ڦٻائڻ تي هوندي آهي.
    ۲ - وجَهِي مُلن، ٻِه-روپي برهمڻن ۽ لالچي گادي-نشينن جي نظر، عام ۽ اٻوجهه ماڻهن جي مال ملڪيت ۾ هوندي آهي، جيڪا تڳائڻ لاءِ، هر وقت پيا واجهه وجهندا آهن.
    ۳ - بامڻ تو ڀوجن پريه. (سنسڪرت)
    ۴ - ملان ته ڀت، گهوڙا ته پٽ، هو ڪشيا ته رسيا، هيءُ نيا ته چٽ.
    ۵ - ملان ته ڀت، گهوڙا ته پٽ، سيد ته سويون، آيون ته ويون.
    ۶ - ملان کي، ميان مري ته به ڀت کائڻو، بيبي مري ته به ڀت کائڻو.
    ۷ - ڪو ئي مري ڪو ئي جيوي، شتريا گهول پتاشا پيوي. (۱) ص ۳۵۴.
    ۸ - ڀيٽيو: برهمڻ هي ڀوڄن-پريه. (سنسڪرت)

    97. برهمڻ ري هٿ ۾ سونو ڪٽورو. (پهاڪو)
    ڪٽورو: وٽو، ٿانءُ.
    براهمڻ، هندو قوم اندر، وڏ-گهراڻي يا مرشد-گهراڻي سان تعلق رکندڙ فرد کي چئبو آهي. عام ماڻهو سندن شيوا ۾ پورا هوندا آهن. سندن مرادون ۽ مطلب، بنا ڪنهن تڪليف جي پيا پورا ٿيندا آهن.
    سماج ۾ سٺا ۽ اهم عهدا، سندن لاءِ خالي هوندا آهن. ڪنهن کان ڪا شيءِ گهرن ته کين هڪي حاضر ٿي ملي.
    عام ماڻهن کان عام فقير، جيڪڏهن خير خيرات گهرندو ته عام وٽي يا ڪستي ۾ پنندو. جنهن ۾ کيس سندس وٽي جي قيمت آهر، اوتري ئي بِکيا ملندي آهي. جڏهن ته برهمڻ کي گهرڻ تي، گهڻو ڪجهه ملي ٿو. ائين ڄڻ سون جي وٽي ۾ گهرندو هجي. انهيءَ ڪري، وٽي جي قيمت آهر کيس، عام رواجي فقير کان وڌيڪ ملي ٿو. جنهن سبب کيس، دنيا جون سموريون آسائشون ميسر آهن ۽ ڪڏهن به فاقا ڪڍڻا ڪين ٿا پون.
    مطلب: ۱ - وڏو ماڻهو، ورلي تڪليف ڏسي ٿو.
    ۲ - براهمڻ ڪڏهن به بک نه مرندو. (۱۳)

    98. برهمڻ هي ڀوڄن-پريه. (سنسڪرت، چوڻي)
    ڀوڄن-پريه: مال مليدا کائڻ، کاڌي جي ڪڍ هئڻ.
    مذهبي پيشوائن کان، عام ماڻهو محنت جھڙو ڪم نه وٺندا آهن. البته سندن لاءِ محنتاڻو يا کاڌ-خوراڪ، نذراني طور گهر ويٺي پھچائيندا آهن ته جيئن سندن پورو وقت عبادت يا پرارٿنا ۾ صرف ٿئي. اگر اهڙا ڀلارا ماڻهو به دنيا جي روزگار جي تلاش ۾ لڳي ويندا ته، چڱن ماڻهن جو ڪال پئجي ويندو. اگر انھن کي گهر ويٺي، گهرج سارو، کاڌو پيتو ۽ لٽو ڪپڙو پيو ملندو ته مڙهيون ۽ عبادتگاهون ڇڏي، ويرانيون نه ڪندا.
    برهمڻن يا مذهبي پيشوائن جي، گهر ويٺي ٿيندڙ ٽھل ٽڪور ڏسي، سست ۽ لالچي ماڻهو به وڃي ڍونگ رچائي پيشوايت جو لبادو اوڙھيندا آهن. حالانڪ منجهن دينداريءَ واري صلاحيت ۽ دين جو قدر اوترو نه هوندو آهي. پر پيٽ خاطر ۽ مفت جا مال ميڙڻ واسطي، اهو سانگ رچائيندا آهن. نتيجو اهو نڪرندو آهي جو، سندن اکيون ۽ هٿ، هر ملڻ واري ماڻهوءَ جي هٿن ۽ کيسن کي پيا تاڙيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته ماڻهن کي ويڙهائي به پيا مال تڳائيندا آهن. ڪي ته لالچ ۾ ايترو مٿانهان نڪري ويندا آهن جو، ماڻهن کان اصلي دين جي واٽ به وسارائي ڇڏيندا آهن.
    اھو ئي سبب آھي جو مذهبي پيشوائن ۾، اڪثريت ڍونگي ماڻهن جي آهي، جيڪي اڳين وڏن ۽ سچن بزرگن جي عزت ۽ مان ڏسي، انهيءَ واٽ تي انهيءَ تمنا سان لٿا آهن ته جيئن سندن به ساڳي خاطر تواضع ٿئي. وٽن مذهبي يا ديني علم گهٽ، عبادت رياضت جو ڏانءُ مفقود رهي ٿو. ڇو جو سندن اصل نيت، مال تڳائڻ ۽ پيٽ ڀرڻ جي آهي.
    وقت پوڻ تي، مفت جو مال ڏسي، سندن لالچ واري رڳ ڦڙڪي پوي ٿي ۽ پاڻ کي ظاهر ڪري ٿا وجهن. سچن ماڻهن جو تعداد، اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. جيڪي عام ماڻهن کي ورلي نظر اچن ٿا. جنھن سببان، مذهبي ماڻهن جا عيب چٽيءَ طرح ۽ وڏا نظر اچن ٿا.
    مطلب: ۱ - مذهبي پيشوائن جي اڪثريت، پراوا مال تاڙيندڙ هوندي آهي.
    ۲ - گهڻا ٻاوا ۽ مجاور، پيٽ-هٿو هوندا آهن.
    ۳ - اڄوڪا ٻاوا، کٽ جا پاوا، کائي ماوا، ڪن ٿا جاوا.
    ۴ - اڄوڪا حاجي وتندا رنون زالون ڦريندا.
    ۵ - ڀيٽيو: برهمڻ رو من سيري ۾.

    99. بڙهتان ري لاريان، ڀڄتان ري مُهر ۾. (چوڻي)
    بِڙهتان: وڙهندڙن. لاريان: پويان. ڀڄتان: ڀڄندڙن. مُهر ۾: مھڙ ۾، اڳ ۾.
    دنيا جا اڪثر ڪم، ’اڳي، سو تڳي‘ واري اصول تي هلندي، ڪارائتا ٿين ٿا. ’پهلي آئيئي، پهلي پائيئي‘ تي عمل ڪبو ته فائدو پوندو، ٻي صورت ۾ نقصان پوندو. جڏهن ته ڪي ڪم وري اهڙا ھوندا آهن، جن ۾ شموليت، نقصان جو باعث هوندي آهي. تنھنڪري انهن مان گم ٿي وڃڻ ۾ ئي بهتري هوندي آهي. يا منجهن دير سان پڄڻ ۾ ئي عافيت هوندي آهي.
    هتي ٻن ڪمن؛ وڙهڻ ۽ ڀڄي نڪرڻ جو مثال ڏنو ويو آهي. جهيڙي لاءِ چئبو آهي؛ ۱- جهيڙي ۽ باهه جو بر ڏي منهن. ۲ - جهيڙي ۾ لڏو ڪين ورهائبا آهن، اگر وڃبو ته نقصان پائبو. جهيڙي واري جاءِ تان ٽري پاسو ڪرڻ ۾ خيريت آهي. هيءُ مثال، ڪني جهيڙي جا آهن.
    جڏھن ته ڪي جهيڙا حق خاطر هوندا آهن. انهن تان هٽڻو ناهي، پوءِ ڀلي سر هليو وڃي. انھن لاءِ چيو ويندو آھي؛ ۱ - جهيڙو جهيڙ، ڪُجهيڙو نه جهيڙ. ۲ - حق تي جهيڙو ته ٿيو ڪم ڀلو.
    ناحق تي جهيڙو يا ويڙهه تمام خراب آهي. ان کان بهتر آهي ته پهرين سر بچائي ڀڄي وڃجي. ان ۾ ئي ڀلائي آهي.
    مطلب: ۱ - نقصانده ڪم ۾ پوئتي رهجي ۽ فائدي واري ڪم ۾ اڳرو رهجي.
    ۲ - وڙهندڙن جي پويان، ڀڄندڙن جي اڳ ۾. (۶) ص ۸۷.

    100. بگڙي پتر پر-گهر وسيا، ڪاٽ لڳي بگڙي تلوار،
    بگڙي ٻيٽي ٻهو هنستي، نرون ستڪي بگڙي نار،
    بگڙي ڏڌ اَڌوئي باسڻ، پنرڻ بگڙي بگر پناه،
    ڏيبو بگڙي بگر ڏيويلي، بيھان بگڙي پيسي بنان،
    بگڙي انب موريا بادل، مڻڌر بگڙي بگر مڻي،
    وانڍو بگڙي استري بنان، ڊانڍو بگڙي بگر ڌڻي،
    ڪاغذ بگڙي نيرج ڪنڙي، بگر ڦيريو بگڙي باز،
    ڪهي ڪوي گنگ پاٽ، رن ٻيهر سان بگڙي راڄ. (چوڻي)
    نرون: ڇڏڻ. ٻهو: ججهو. ستڪي: ستي پڻو، حياءُ. ستي: مئل، مڙس جي چکيا سان گڏ سڙي مرندڙ، جنهن کي ڪنهن مرد ڇهيو نه هجي. اڌوئي: اڻ ڌوتل. ڏڌ: کير. پنرڻ: لاوارث. ڏيو: مندر، ديوتا، جنهن جي پوڄا ٿئي. ڏيلوي: ناٿ، پنڊت، ٻائو. بيهان: وهانءُ. مڻڌر: مڻ ڌاريندڙ، مڻ رکندڙ نانگ . وانڍو: رنڙ، ڇڙو ڇانڊ. ڊانڍو: رولو جانور. نيرج: پاڻي. باز: گهوڙو. ٻيهر: ٻاهر پيري.
    ۱ - پٽ پرائي گهر ۾ هِرڻ سان کرندو آھي. ۲ - تلوار ڪٽ لڳڻ سان، بيڪار ٿي ويندي آھي. ۳ - نياڻي هر وقت ھر ڪنھن سان کلندي ته بد عادتي ٿي ويندي. ۴ - عورت حياءُ ڇڏي ڏيندي ته منجھس عورتپڻو قائم نه رھندو ۽ ڪو به مرد ساڻس وھانءُ ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. ۵ - کير، اگر اڻ ڌوتل ٿانءَ ۾ وجهبو ته ڦٽي ويندو ۽ پيئڻ يا ولوڙڻ جي قابل نه رھندو. ۶ - لاوارث يا يتيم جي مٿان، ڪنھن جي به پناهه يا نگاھ نه ھوندي آھي، جنھن سبب ڇڙواڳ ٿي پوندو آھي. ۷ - مندر، پنڊت جي غير موجودگيءَ سبب بي-مالڪيو ٿي پوندو آھي. منجھس ٿيندڙ پرارٿنا بنا ڪنھن اصول ۽ قانون جي چالو ٿي ويندي آھي. جنھن سببان، منجھانئس جائز بدران ناجائز ڪارج سرندي نظر ايندا آھن. ۸ - وهانءَ جي ڪاڄ ۾ ايندڙ ڄاڃي يا ماڃي، ماني ڇڪي وٺندا آھن. ماني پئسي خرچڻ سان، تيار ڪري سگھبي آھي. سڃائيءَ تي نه ماني ٿيندي ۽ نه عزت آبرو قائم رھندي. ۹ - انب جو وڻ جڏھن ٻور جھليندو آھي ته پوءِ نه واءَ جي سٽ سھي سگھندو آھي ۽ نه وري مينھن جي ڇنڊ ڦڙي برداشت ڪري سگھندو آھي. مينھن پوڻ سان تباھ ٿي ويندو آھي. ۱۰ - مڻ واري نانگ لاءِ مشھور آھي ته چانڊوڪي رات ۾، مڻ ٻاھر ڪڍندو آھي ۽ پوءِ سير ڪندو آھي. جنھن جاءِ تي اھا ڪڍي رکندو آھي، سا کيس ياد ھوندي آھي. اگر کانئس اڳي ڪير اھا کڻي ويو يا واپسيءَ تي کانئس دڳ وسري ويو ته اھا مڻ کيس وري ھٿ نه ايندي آھي. مڻ وڃائڻ کان پوءِ سندس اھا حيثيت برقرار نه رھندي آھي. ۱۱- رنڙ يا ڇڙو ڇانڊ مرد، زال نه هئڻ سبب ڪٿي جو به نه ٿو رھي. ڪير به کيس، پنھنجي گھر اچڻ لاءِ نه ٿو چوي. چوندا آھن؛ ڇڙن جو جھان ئي ڪونھي. ۱۲ - رولو جانور جو ڪو به مالڪ نه ھوندو آھي. نه کيس ڪو گاھ وجھندو آھي ۽ نه ئي ڪير کيس آرام جي وقت تي رسو وجھي، ھڪ ھنڌ ٻڌي آرام ڪرائيندو آھي. جنھن سبب نڌڻڪو جانور ڪنھن به ڪم جو نه ٿو رھي. ۱۳ - ڪاغذ، ڀورو ھوندو آھي. اگر مٿانئس پاڻيءَ ڇنڊ پئي ته ڳري ويندو. اگر بچيو ته به ساڳي حالت نه ھوندس ۽ ڪم جو نه رھندو. ۱۴ - گهوڙو به تڏھن سٺو ڊوڙندو آھي، جڏھن ڪو ڄاڻو سئيس کيس پنڌ سيکاري. اگر کيس گھمائڻ لاءِ سٺو سئيس نه آھي ته اھو گھوڙو به بيڪار ٿيو پوي. ۱۵ - عورت سان سماج ۽ معاشري جو گھرو تعلق آھي. اگر عورت صحيح آھي ته معاشرو ٺيڪ آھي. اگر ڪنھن معاشري جي عورت مان واڳ نڪتل آھي ته سڄو معاشرو ۽ سوسائٽي ئي تباھ و برباد آھي.
    مطلب: ۱ - غلط شيءِ سان، ماحول ۾ بگاڙ/ ڦيٽاڙو پوندو آهي. مٿي ان بابت ڪجھ مثال ٻڌايا ويا آھن. (۲) ص ۲۷۱.

    101. بگڙيو ڏڌ، باڙ ۾ نوئين. (پهاڪو)
    بگڙيو: کريل. ڏڌ: دوڌ، کير. باڙ: واڙ، لوڙهو. نوئين: هاريون، هارجي.
    کير، پهرين غذا آهي، جيڪا هر ساهدار کي دنيا ۾ اچڻ وقت ملي ٿي. مڪمل کاڌو آھي جيڪو طاقت بخش ھئڻ سان گڏ، مفيد ۽ ڪارآمد خوارڪ آهي. اهو به جڏهن کرندو آهي ته پاسائتو ٿي واڙ ۾ هاربو آهي ته جيئن ڪتا ٻلا وڃي چٽينس.
    مطلب: ۱ - سٺي شيءِ يا ماڻهو، کرڻ کان پوءِ نور وڃائي ويهن ٿا. ڪير به ساڻن محبت ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿو رهي.
    ۲ - کريل کير، واڙ ۾ ئي ھارجي. (۶) ص ۹۰.

    102. بندوق جو ڌڪ گُسي، ساڄو گُھگهه نه گُسي. (پھاڪو)
    گُھگهه، ٿر اندر ڳاڙهسرو پکي ٿئي ٿو، جيڪو بدن ۾ باز جيترو ھوندو آھي. منهن، مادي ڪڪڙ جهڙو ٿئيس ٿو. وڏن ۽ گهاٽن وڻن ۾ آنا لاهيندو آھي. تمام سياڻو پکي ٿئي ٿو. باز وانگر جھپٽو ڏيئي، هلڪا پکي شڪار ڪري کائيندو آهي. سندس شڪار، اصل نه ٿو گُسي.
    گھگھ پکين جو راجا آھي. پر ڏينھن جو انڌو ۽ رات جو سڄو. راجا آھي پر آھي اھڙو سڀاڳو جو وستيءَ کي سڃو ڪري ۽ سڃ کي وسائي. ٿر ۾ وڏن ڪنن واري چٻري کي گھگھ چون. (۳۴) ص ۸۰
    وھمي ۽ ڀرمي ماڻھن ۾ گھگھ لاءِ اھو وھم ويٺل آھي ته؛ مسافريءَ تي ويندي، اگر ڪنھن وڻ يا جاءِ جي ساڄي پاسي کان گھگھ پکي ويٺل نظر آيو ته وڏو ۽ اڻ-ٽر يا اڻ-گُس نڀاڳ ايندو. ماڻھوءَ يا بندوق جو ڌڪ گسي يا خطا ٿي سگھي پر، گھگھ جي نحوست کان ڪير نه بچي.
    مطلب: ۱ - وڏي نشان باز جي، گھگھ سان ڀيٽ ڏني ويندي آھي.
    ۲ - رستي تي ساڄي پاسي کان ويٺل گھگھ پکي، تمام گھڻو منحوس سمجھيو وڃي ٿو. (۱۱)

    103. بنيادي ڀُولي نهين، توڙي دک پڙين انيڪ،
    شينهن ڪي چال گدڙ نه چلي، سؤ راکي ٽيڪ. (چوڻي)
    بنيادي: سٺي نسل جو. ڀُولي نهين: راهئون رد نه ٿيندو. راکي: رکي، ڏيکاري. ٽيڪ: هلڻيون.
    ماڻهو، وڌي ويجهي ماحول ۾ ٿو ۽ ان مان اثر پذير ٿئي ٿو. سندس خيالات ۽ سوچ ائين ٿي بڻجي، جيئن ارد گرد جي ماحول مان اثر پذير ٿئي ٿو. تنهن هوندي به پنھنجي جنس ۽ ماءُ پيءُ جا اثرات سندس شخصيت تي ضرور هوندا آهن. جهڙيءَ طرح ٿوهر مان روهيڙي واري خوشبوءِ ۽ خصوصيت ملڻ ممڪن ناهي. ٽوهه منجهان، گدري وارو سواد ۽ ساءُ نه ايندو. اهڙيءَ طرح وري لچ مان چڱائيءَ جي اميد گهٽ ٿيندي. ائين وري، خانداني ماڻهوءَ مان لچائيءَ جو امڪان گهٽ ھوندو آهي. ڀلي مٿس ڪيڏو به ڏکيو وقت اچي وڃي، اخلاقيات کان ٻاھر ليڪو نه لتاڙيندو. شينهن وانگر مرندو پر ڊڀ نه چرندو. بک ڏک واري تڪليف ڪاٽي، وڃي چڙهندو پر عزت نه وڪڻندو.
    ائين وري گدڙ اگر، سوين چالون مٽائي، ته به شينهن واري خوءِ منجهس نه ايندي. ٻئي گوشت-خور آهن، پر شينهن پنهنجي ڪيل شڪار کان سواءِ گوشت نه کائيندو آهي جڏهن ته، گدڙ پيو پرائي-ماريءَ تي جُوھ وجهندو ۽ گذارو ڪندو آهي. گدڙ ڀلي ڪيڏو به چالون مٽائي ۽ ٽيڳر ڪري هلي پر کاڌ-خوراڪ ۾ وري به شينهن جي طاقت جو محتاج آهي.
    مطلب: ۱ - تڪليف اچي ته مڙس ماڻهو ٿي منهن ڏجي، ڀاڙيو ٿي نه ڀڄجي.
    ۲ - جهڙي صحبت، تهڙو اثر.
    ۳ - تخم تاثير، صحبت اثر.
    ۴ - ڀيٽيو؛ ڀريا ڇُولي نهين، ڇُولي تو آڌا،
    گهوڙا ڀونڪي نهين، ڀونڪي تو گاڌا. (۷) ص ۳۷.

    104. بوک نه ڏيکي ٺاڍا ڀات، اونگهه نه ڏيکي ٽٽل کاٽ،
    اڃ نه ڏيکي ڌوٻي گهاٽ، عشق نه ڏيکي ذات ڪذات. (چوڻي)
    هڪڙي راجا جي ڌوٻيءَ جي ڌيءَ سان اک اڙجي وئي. اهانا بهانا ڪري، لشڪر کان لڪي يا جهنگ ۾ گوهي ڏئي اچي ساڻس راز نياز ڪندو هيو.
    هڪ دفعي لشڪر کان لڪي ساڻس ملڻ لاءِ آيو ته سندس هڪڙو وزير، جنهن کيس ڏٺو هيو، پڻ پٺيان لڳو آيس. اچي ڏٺائين ته؛ راجا ڌوٻي گهاٽ وٽ گهوڙو جهليو. اڃ بک لڳي هيس. لنگهي ويو نازنين جي گهر. محبوبا ته حسين هئي پر گهر ۾ سڃ هئي. راجا سڃ جي سيج تي ويهي، پاڻي ماني گهري ته کيس پراڻي وٽي ۾ پاڻي ۽ رکيل پاروٿو ڀت مليو. کائڻ کان پوءِ ٿڪاوٽ سبب، اوجهراڻيون آيس ته انهيءَ ڇڳل کٽ تي ئي آهِلي پيو.
    اِهو لقاءُ ڏسي سندس وزير، واپسيءَ تي اچي محفل ۾ چيو؛
    ” بوک نه ڏيکي ٺاڍا ڀات، اونگهه نه ڏيکي ٽٽل کاٽ،
    اڃ نه ڏيکي ڌوٻي گهاٽ، عشق نه ڏيکي ذات ڪذات.“
    مطلب: ۱ - عشق نه ڏيکي ذات ڪذات، جي آيا سي اگهيا.
    ۲ - بک نه پڇي ڳنڌڻ، ننڊ نه پڇي اوڇڻ.
    ۳ - بک ۾ بصر به سٺا.
    ۴ - ننڊ سوليءَ تي به اچيو وڃي. (۲) ص ۲۶۰.


    ٻ

    105. ٻاٻيھو ٻولي، برسات آئي ڪ آئي. (چوڻي)
    ٻاٻيهو: تاڙو پکي، سندس ٻولي برسات اچڻ جو اھڃاڻ آھي.
    ٿري ويچارا، برسات جي مند ۾، رڳو پيا ڪڪرن ڏي ۽ آسمان ڏي واجھائيندا آھن. نکٽ ۽ اھڃاڻ پيا واچيندا آھن. ڇو جو سندن ٻارھن مھينن جو گذران آھي ئي وُٺي تي. اگر برسات پئي ته سال چڱو گذرندو. اگر نه وُٺي ته سال ڏکيو گذرندو. ان کان علاوھ، اگر برسات پئي ته جُوءِ تي رھڻ جو بندوبست ڪرڻو آھي، اگر نه پئي ته لڏڻ جا سانباھا ڪري، مال متاع ڪنھن ٻي دُڻيءَ تي پڄائڻو آھي، جتي ان جو جياپو ٿي سگھي. ڇو جو کير مکڻ جي صورت ۾، سندن جياپي جو ٻيو ذريعو مال متاع آھي. ان جي ھر حال ۾ پرگھور کين ئي لھڻي آھي.
    مطلب: برساتي موسم ۾ تاڙو ٻولي ڪري ته برسات ۾ دير ڪانهي. (۱۲)

    106. ٻار سون آر، بڙي سي بروڌ،
    وڳوتر نار سون ڪڀي نه هنسئي،
    ان سون روس، اگن سون زور،
    اٿاڳ پاني ڪڀي نه ڪسيئي،
    جوٺي ڪي سنگت، گونگي ڪي دوستي،
    بوجهان باتين نهين ڪسئي،
    نيچ سون نينهن، غلام سون سنگت،
    اوگهٽ گهاٽ ڪڀي نه گسئي،
    ڪهي گنگ ڀاٽ، ڪوڙ سون دور سدا وسئي. (چوڻي)
    سون: سان، ساڻ. آر: ضد. بروڌ: وروڌ، وير، جهيڙو. وڳوتر نار: ٻاهر پيري عورت. روس: رسڻ. اگن: باهه. اٿاڳ: اٿاه، ججهو، تار. ڪسيئي: ڪڇڻ. بوجهان: برن ۽ نادانن واريون. اوگهٽ: ڪنا خيال. گهاٽ: هٿڪنڊا.
    ۱ - ننڍڙي بي سمجهه ٻار سان ضد نه ڪجي. عقل وارو مڙي ويندو، بي سمجهه ٻار هوڏ تان، آتارڻ کان پوءِ به نه لهندو.
    ۲ - پاڻان وڏي سان وير نه رکجي. ان ۾ پنهنجو ئي نقصان آهي. درياهه ۾ رهي مانگر مڇ سان وير رکبو، روزگار ته ويندو پر سِرُ به چٽ ٿي ويندو.
    ۳ - ٻاهر پيري يا کريل عورت سان کلي نه ڳالهائجي. ’هنسي ته ڦنسي‘ تحت، ’ڦنسي دا ڦڙڪڻ ڪي‘. پنهنجي دل ته ڦرائجي ٿي پر پنهنجي زال جي نظر/ انتقام کان بچي نه سگهبو.
    ۴ - زال سان رسڻ چڱو ناهي، رسبو ته بک مربو.
    ۵ - باهه سان زور آزمائي نه ڪجي. سڙڻ ته ڇا باھ جي لھس به خراب آھي.
    ۶ - ڍنڍ جي تار پاڻيءَ يا سمنڊ جي اونھي پاڻيءَ جي تانگھ ماپڻ جا جتن نه ڪجن.
    ۷ - ڪوڙي ماڻهوءَ جي سنگت کان ڀڄي ٽارو ڪجي. مٿس آيل وبا، ڪڏھن ڪڏھن، سندس سنگت مٿان اچي ٽٽندي آھي.
    ۸ - گونگي سان دوستي نه ڪجي. اندر جي ڳالهه ٻڌائي نه سگهندو ۽ نه ئي ڪچهري ڪري دل وندرائي سگهندو.
    ۹ - جهالت؛ اوندھ ۽ عذاب آھي. علم؛ روشني ۽ ھدايت آھي. روشنيءَ ڏانھن اچجي ۽ جھالت کان ڀڄي ٽارو ڪجي. جھالت وارين ڳالهين کان ئي پاسو ڪجي.
    ۱۰ - نينهن جيسيءَ سان اٽڪائڻ ۾ شان مان آھي ۽ سٺي موٽ ملي ٿي. ڪم ذات سان نينھن اٽڪائڻ ۾ نه شان آھي ۽ نه عزت. رڳو خواري ئي خواري. ڪميڻي سان ياري رکڻ، آھي ڪلهي تي ڪتو ويهارڻ.
    ۱۱ - ٻانهي يا نوڪر سان پڻ ياري رکڻ نه ٿي سونھين. اھو رشتو پڻ اڻ-برابريءَ وارو آھي. نه راس ايندو ۽ نه ئي نڀجي سگھندو. فقط خواريءَ جو کارو ڪلھي تي کڻڻ برابر رھندو.
    ۱۲ - برا خيال، اجايا هٿڪنڊا، بيهوده ۽ واهيات ويچار ڪڏهن به دل تي نه آڻجن. گناهه سان گڏ، تباهيءَ ڏانهن ڌڪي، دنيا ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيندا آهن.
    ۱۳ - ڪوڙ کان سدائين پاسو ڪجي. ڇو جو ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ هوندي آهي.
    مطلب: برن جي صحبت کان پاڻ بچائجي. (۲) ص ۲۷۰.

    107. ٻارهين ٻُڌ نه اُپجي، تيرهين تيج نه هو،
    بيسين برسي نه بجيو، تنهن ري بات جو مَجو. (چوڻي)
    ٻُڌ: سمجهه، عقل. اُپجي: پيدا ٿئي. تيج: روشني، تجلو، سوچ، ويچار، فڪر. بجيو: وڄيو، مشهور ٿيو. مَجو: مزو.
    انساني جسم ۽ عقل جي حالت عمر سارو بدلبي آھي. ڄمڻ سان ڪنھن ۾ به نه جسماني طاقت ھوندي آھي ۽ نه وري ذھني طور ڪو قابل ھوندو آھي. جيئن جيئن عمر وڌي ٿي تيئن تيئن جسم ۾ طاقت ۽ ذھن ۾ عقل پوندو ٿو وڃي. عام خيال اھو آھي ته ٻارھن سالن جي عمر ۾ ماڻھوءَ کي بري ڀلي منجھ تميز ڪرڻ جيترو عقل اچي ٿو وڃي. کيس نفعي نقصان جي ڄاڻ پئجي ٿي وڃي. تيرھن سالن جي عمر ۾ پنھنجو عقل ايترو اچي وڃي ٿو جو ٻين جي اڌاري ورتل عقل جي ضرورت نه ٿي رھي. ان عمر ۾ ٻين جي رھبريءَ جي کيس ايتري ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي. ويھن سالن جي عمر ۾ کيس ايتري طاقت اچي وڃي ٿي جو ھو ٻين سان ٻکين پئجي دسي سگھي ٿو. اھا عمر جسماني طاقت جو مظاھرو ڪرڻ واري عمر آھي. جيڪڏھن ڪنھن منجھ مذڪورھ عمر اندر مذڪورھ طاقت نه ٿي اچي، تنھن جي نشو و نما منجھ ڪا ڪمي ضرور رھجي ويل آھي.
    مطلب: ۱ - جنهن کي ٻارنهن سالن جي عمر ۾ سمجهه يا عقل نه آيو، تيرنهن سالن ۾ بري ڀلي جي تميز ڪري پاڻ نه موکيائين ۽ ويهن سالن جي عمر ۾ جوانيءَ جا جوهر ڏيکاري، ڏاهپ/ بهادريءَ سان نالو روشن نه ڪيائين، تنهن جي ڪنهن به ڳالهه ۾ مزو ناهي.
    ۲ - عمر سارو، ڏاهپ، بهادري ۽ نيڪنامي حاصل ڪرڻ گهرجي. (۲) ص ۲۷۱.

    108. ٻاڙي گهر بسايو، تو ٻاٻو ٻوڍڙي لائي ڪهِ ڪرسئه. (پهاڪو)
    ٻاڙي: ٻار، نامرد. بسايو: آباد ڪريو. ٻاٻو: ٻي، ٻيو. ٻوڍڙي: مائي، وني، زال. ڪي: ڇا. ڪرسئه: ڪندو. لائي: آڻي.
    گهر جو ڪار وهنوار، فطرتي طور تي، عورت-زاد سان ئي هلي ٿو. ٻار ته ڇا پر مرد به گهر جو ڪار وهنوار هلائي نه ٿو سگهي. جڏهن ته ٻاهر جو ڪاروبار، فطرتي طور تي، مرد-ذات لاءِ هلائڻ آسان آهي. ان جي برعڪس ٻاهريان ڪم عورت لاءِ ڏکيا آهن. ائين ئي گهر جا ڪم ڪار، ٻار ٻچا سنڀالڻ وغيره، عورت جو مَرڪ آهن ۽ ان لاءِ سنڀالڻ آسان آهن. اگر ٻار وغيرھ گھر جو ڪاروبار سنڀالي سگھي ھان ته مرد، ڌاريون عورتون پرڻجي، گھر ۾ نه وٺي اچن ھا.
    مطلب: ۱ - جيڪڏهن گهر ۾ موجود ٻار، گهر هلائي وڃي ته پوءِ ڌاري پرڻجي اچڻ جي ڪهڙي ضرورت؟
    ۲ - گهر ته گهر-واري.
    ۳ - ٻارن سُتي به ڪڏهن، زالان ڳڀيون؟
    ۴ - گُندئين کير ملي ته مينهن ڇو ڌارجي.
    ۵ - وڇ کير ڏئي ها ته مينهن ڪير نه ڌاري ها.
    ۶ - عورت ته ائٽ، مرد ته کيٽ.
    ۷ - مالڪ ته مالڪي. (۵)

    109. ٻانڀڻ، ٻانهن لاءِ موٿاڄ. (پهاڪو)
    ٻانڀڻ يا براهمڻ، برداريءَ اندر سڱ ڪن. ٻاهر نه نڪرڻ ۽ برادريءَ ۾ ڇوڪرين جي قلت سبب، کين ڪڏهن ڪڏهن سڱ به ڪين ملندو آهي.
    وڏ-ماڻهپائپ به ماڻهوءَ کي سوڙهو ڪري ڇڏيندي آهي. تڪبر سبب، ماڻهو غريبن کي پاڻ جهڙو نه سمجهندو آهي. منجهانئن پرڻجڻ ۽ ساڻن مٽي ڪرڻ ۾ عيب سمجهندو آهي. نتيجي طور، جيڏانهن تيڏانهن کان ڪٽجي ويندو آهي.
    متڪبر يا تڪبر ڪرڻ واري جو مثال ان شخص وانگر آهي، جيڪو ماڙيءَ مٿان ماڙي ٺهرائيندو، مٿي چڙهندو وڃي. گهڻو مٿي وڃڻ کان پوءِ، منزلون ته وڌنديون آهن پر اڱڻ ننڍا ٿيندا ويندا آهن، تان جو چوٽيءَ تي هڪ ننڍڙي جاءِ وڃي بچندي آهي. ان تي ويهڻ واري ماڻهوءَ لاءِ، نه کاٻي جاءِ هوندي آهي نه ساڄي. نه اڳيان نه پويان. فقط اها جاءِ بچندي آھي، جتي ھو ويٺو ھوندو آهي. سواءِ هيٺ ڪرڻ جي، سندس لاءِ ٻيو رستو نه بچندو آهي.
    وڏو ۽ متڪبر ماڻهو، پنهنجي ڪڌن عملن سبب پاڻ کي، چوٽيءَ تي ويٺل وانگر اڪيلو ڪري ڇڏيندو آهي. برهمڻ قسم جا ماڻهو، عام ماڻهن مان وڏون ڪڍندي، کين اڇوت ۽ شودر سمجھندي، چوٽ چڙهي ويندا آهن. نتيجي ۾ کين شاديءَ لاءِ زال به نه ملندي آهي.
    مطلب: ۱ - مشروط معاملا، اڪثر منجهندا آهن.
    ۲ - ٻانڀڻ کي جوڙ جو رشتو نه ملندو آهي. (۱۳)

    110. ٻانڀڻ ري ٻلاه ۾، باڻيي رو گهر ڀراجي. (پهاڪو)
    ٻانڀڻ: برهمڻ، اوچي ذات، مهراج . ري: جي. ٻلاه: بي پرواهي، بلا.
    باڻيي رو: واڻيي جو. ڀراجي: ڀرجي
    مهراج/ ٻانڀڻ/ برهمڻ کي اوچي ذات سمجهيو ويندو آهي. هر ڪو وٽس تحفا تحائف کڻي ايندو آهي. جنهن ڪري کيس شين جو قدر گهٽ هوندو آهي. ڪم ڪار نه هئڻ سبب نڪمو ٿي پوندو آهي. اهي تحفا سنڀالي رکڻ لاءِ به کيس وسعت نه هوندي آهي. ايتري قدر جو اگر کيس سنڀالڻ لاءِ چئبو آهي ته چڙي چئي ڏيندو آهي؛ ”مان جي تو ٻلاه ئي ڪنهي ڳنهي!“ يعني ”منهنجي ته بلا به نه وٺندي/ سنڀاليندي!“
    سندس لاپرواهيءَ جي ڪري، اهي آندل شيون، رلنديون آهن پيون. واڻيي جي دڪان تان وڪرو ٿيڻ سبب، واڻيي/ دڪاندار ته منجھانئن فائدو ورتو پر ٻانڀڻ نه ورتو. ڪن جو چوڻ آھي ته آندل تحفا، جڏھن رلندا آھن ته عام ماڻھن جي معرفت وري واڻين وٽ سستي اگھ ۾ پھچي ويندا آھن، جنھن مان وري واڻيا پيا فائدا وٺندا آھن ۽ پنهنجا گهر پيا ڀريندا آهن.
    مطلب: هڪڙن جي لاپرواهيءَ مان ٻيا فائدو وٺندا آهن. (۶) ص۵۳.

    111. ٻانڀڻ ري مت ٿوري، گاءِ بيچڪي لينهي گهوڙي،
    گهوڙي کائي گهاس، ٻانڀڻ نو جاوي ساس! (چوڻي)
    ڌنڌي، واپار ۽ وهنواري لحاظ کان براهمڻ وٽ دنياوي عقل گهٽ هوندو آهي. جنهن سببان ڪو به واپار وڙو نه ڪندو آھي. حالانڪ، واپار کي، وڌنت چيو اٿن. اگر واپار ۾ ھٿ وجھندو آھي ته پوءِ پنھنجي گھٽ ڄاڻ سبب، اهڙا واپار ڪندو آهي، جن منجهان ڪو به فائدو نه ٿئي. فائدي بجاءِ نقصان پوندو اٿس ۽ پريشاني پڻ سر تي کڻندو آهي. اڪثر ڏٺو ويو آھي ته اڻڄاڻ ماڻھو، واپار ۾ فائدي وارو ڪم ڇڏي، نقصان وارو ڪندو آهي.
    مطلب: ۱ - جنهن جو ڪم سو ئي ڪري، ٻيو ڪري ته گهاٽو ڀري.
    ۲ - جس ڪا ڪام اس ڪو ساجهي، اور ڪري تو ٺينگا باجي. (پنجابي) (۱۳)

    112. ٻڌي گهٽي، ٻهو ڀوڄن کايا. (چوڻي)
    ٻُڌي: عمل، سوچ سمجهه. گهٽي: گهٽجي، ٿوري ٿئي. ٻهو: بهوت، بهت، گهڻو. ڀوڄن: کاڌو، خوراڪ.
    پيٽ، ھر انسان سان لڳل آهي. انهيءَ ۾ ڪجهه پوندو ته، ٻيا عضوا به چرندا. کين اتان کاڌ خوراڪ ملي ٿي. جڏهن ٻين عضون کي، پيٽ کان ملندڙ خوراڪ بند ٿيندي ته منجهن اضطراري ڪيفيت پيدا ٿيندي. اضطراريت وري، دماغ کي سوچڻ تي مجبور ڪندي. ذهن سوچيندو ته ماڻهو به من-اندر، عقل ويڙهائيندو ۽ کاڌ خوراڪ حاصل ڪرڻ لاءِ، ڪا عقلي ٽل-سل ڪندو.
    جنهن ماڻهوءَ سان اها ڏيهاڙيءَ جي ويڌن هوندي ته سندس دماغ به مسلسل سوچ-ويچار ۾ هوندو. لاڳيتو سوچ-ويچار ۾ رهڻ سبب، دماغ ڦڙت رهي ٿو ۽ عقل ۾ واڌارو اچي ٿو. ان جي برعڪس، جنهن جو پيٽ ڀريل آهي، بلڪ اهو نڙيءَ تائين ڏٽيل ۽ ٺُسيل آهي، تنهن ماڻهوءَ جي ٻين عضون کي به گهرج کان وڌيڪ کاڌ خوراڪ ملي ٿي، جنهن سببان کيس سوچڻ ۽ پريشان ٿيڻ جو موقعو نه ٿو ملي. جڏهن دماغ کي سوچڻ لاءِ ۽ عضون کي ڪرڻ لاءِ ڪم نه ملي ته کرندا ويندا. ويٺي جو مال کائي، عضوا هڏ-حرام ۽ دماغ غبي ٿيندو ويندو.
    مطلب: ۱ - گهڻي کاڌي کائڻ سان، عقل گهٽ ٿئي ٿو.
    ۲ - گهڻو کائڻ، ماڻهوءَ کي هڏ-رک ۽ ڍور ڪيو ڇڏي. (۱) ص ۲۹۶.
    113. ٻڪرار جو جهيرڻو، ڪڏهن ڪو نه سُڪي. (پھاڪو)
    جهيرڻو: مانڌاڻي.
    جنھن ٻڪرار وٽ، ڏهه ٻارنھن ڪَنَ هوندا آھن، سي سموري جا سمورا هڪ ئي وقت وهڪجي نه ويندا آھن. ٻڪريون نومبر، ڊسمبر ۽ جنوري ۾ گهڻيون ويامن. نه ته سڄو سال، ايڪڙ ٻيڪڙ پيئون ويامن. مٿن ڏڪار ۾ به خرچ ڪرڻو ڪو نه پوي. اگر ٿئي ته به بلڪل معمولي. گوار جي لَپ تي پيئون هلن. ٻڪرار صبح جو کين ڏهي، جهنگ ڏي ڪاهي وڃن ۽ شام جو موٽائي آڻين. ٻڪري رواجي طرح اڌ سير کان سير تائين، ٽاڻي تي کير ڏيندي آهي. ڪي ڀليون ٻڪريون، وڌيڪ کير به ڏينديون آهن.
    واڙ ۾ ڏھ ٻارنھن ٻڪريون اگر واري وٽيءَ تي پيون ويامنديون ۽ کير ڏينديون ته ٻارھو ئي کير کٽڻ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. رات وارو کير اگر پيئڻ لاءِ ڪم اچي ته صبح جي ويلي وارو کير، ڄمائڻ ۽ ولوڙڻ خاطر ڪم اچي سگھي ٿو. لسي مکڻ لاءِ ڄمايل ڌونئرو، چاڏيءَ ۾ وجھي، نھري جي ذريعي مانڌاڻيءَ سان ولوڙبو آھي. جنھن سببان ٻڪرار جي گھر اندر رکيل مانڌاڻي ڏيھاڙي پئي ڌونئري ۾ ڀِڄندي آھي ۽ سڪندي ڪانھي. جنهنڪري ٻڪرار جي گھر ۾ سدائين ولوڻو هليو اچي.
    مطلب: ۱ - ٻڪرار، کير مکڻ جي لحاظ کان ٻارھو ئي سائو ھوندو آھي.
    ۲ - سنھي مال ڌارڻ ۾ برڪت گھڻي آھي.

    114. ٻڪري دوڌ تو دي، پڻ دي مينگڻا ڪرڪئي. (چوڻي)
    دوڌ، کير. مينگڻا: مينگڻيون، ڦولهڙيون.
    ٻڪري هلڪو جانور آهي. منهجس کير به پاءَ کان مني سير تائين ٿئي. هڪ ٿڻ ۾ اڌ پاءَ کان ڏيڍ تائين ٿيندس. جڏهن ٿڻ ۾ هٿ وجهي گوها ڪڍبس ته ٽن کان ڇهن گوهن ۾، ٿڻ خالي ٿي ويندس. ايترو کير به هلندي پئي ڏهائيندي. هڪ هنڌ بيٺي قرار نه ايندس.
    حساس وري ايتري آهي، جو کير ڏهڻ لاءِ جيئن ئي ٿڻ ۾ هٿ پوندس، تيئن مُٽ ۽ ڦولهڙيون به پاڻ-مرادو ائين وهڻ شروع ٿيندس، جيئن ڪاڪوس ڪرڻ وقت، پيشاب ازخود اچي ويندو آهي ۽ جهلئي نه جهلبو آهي. جڏهن ٿڻ ۾ هٿ وجهڻ سان، ٻڪري ڦولهڙيون لاهڻ شروع ڪندي آهي ته ڄاڻو ٻڪرار، هٿ ٿورو ڍرو ڪندا اٿس ۽ کير ڏهڻ وار ٿانءُ؛ چونئري يا ساڙهي، ٿڻ وٽان هٽائي ڇڏيندا آهن. ڇو جو کير ڏهڻ واري جاءِ، پيشاب ۽ ڦولهڙين واري جاءِ جي ويجهو آهي. ڪڏهن ڪڏهن کير جي ٿانءَ ۾ هڪ اڌ ڦولهڙي يا پيشاب ڦڙو، بي خياليءَ سببان به ڪري پوندو آهي. ڇو جو گوهو نڪري پورو ٿيڻ کان اڳ، ٻڪري حسب عادت ٽپو ڏئي هلڻ شروع ڪندي آهي. گوهو پورو ٿيڻ وقت، ڦولهڙيءَ واري جاءِ، کير جي ٿانءُ تائين پهچي چڪي هوندي آهي. ڌراڙ، ٻڪريءَ مان وڏي احتياط سان کير ڏهندا آهن ته جيئن پاڪائيءَ سان حاصل ڪري سگهن. پوءِ به سندس کير ۾ ڦولهڙين جي هَوَڙ ضرور رهندي آهي.
    مطلب: ۱ - ٻڪري کير ڏئي، ڦولهڙين گاڏڙ.
    ۲ - ٻڪريءَ جو کير ٿورو ۽ ڇڊو ته هوندو آهي پر منجهس ڦولهڙين واري بوءِ به هوندي آهي. (۱) ص ۱۸۲.

    115. ٻل هوتي قياس نه ڪرنا، جوڀن مانهين مالڪ ڪو ڀولڻا،
    پرايا گن ڇپاوڻا، ڪارج سرئي دوست ڪو منهن نه ڏيوڻا،
    پنجو پرک پري ڀڄڻا، اهي پنج ئي نابينا. (چوڻي)
    ٻل: طاقت. جوڀن: جواني. مانهين: ۾. گن: احسان، ڳڻ. نابينا: انڌا.
    ڪارج سرئي: ڪم نڪتي کان پوءِ.
    ۱ - طاقت رکڻ جي باوجود، مظلوم تي رحم نه ڪرڻ وارو؛ بي قياس، ظالم ۽ انڌو آهي.
    ۲ - جوانيءَ ۾ هڪ سجدو ڏيڻ، پيريءَ جي سَوَ سجدن کان هزار دفعا ڀلو آهي. جوانيءَ ۾ مالڪ کي وسارڻ به اندر جي انڌي جو ڪم آهي.
    ۳ - پرائو احسان لاهجي، نه ته ڳائجي ضرور. ڳُڻ-چور ماڻهو به، ڪنهن کي ڪين وڻندو آهي ۽ وڻواند هوندو آهي. ٻين جون خوبيون به ڳائڻ گهرجن.
    ۴ - ڪم لٿي کان پوءِ، پير ڊاهڻ چڱي ماڻهوءَ جو ڪم ناهي. اوکيءَ ۾ سنگت کي نه سارڻ به، اڻاسيءَ جو ڪم آهي.
    ۵ - ڪم پئي کان پوءِ، گدڙ وانگر انگاس تي چڙھي ھنگي اچڻ، چڱي ماڻھوءَ جو ڪم ناھي. چڱائي ان ۾ آھي ته ڏک سک ۾ سنگت سان ساٿ نباھجي.
    مطلب: مٿين پنجن عيبن کان پاسو ڪجي. ڪنهن به هڪ عيب وارو ماڻهو، اکين جي انڌي کان به بيڪار آهي. (۱۲) ص ۱۴۸.

    116. ٻلين جي ڪئي تي نظر، ڪر ڪولهين جي تتر تي. (پھاڪو)
    ڪولهي، لاڏائو قوم آهي. خانه بدوشيءَ سبب، سندن گذر-بسر جهنگ جي جانورن تي ٿئي ٿو. گوشت حاصل ڪرڻ لاءِ، ڳوهون ۽ سيڙهيون جهلين. جيڪي اهڙي حرام تي پاڻ کي هيرائي ڇڏين ٿا، تن لاءِ جهنگ مان ڪو تتر ڀڙڪو ڏئي نڪري پوي ته عيد ٿي پوين. تتر هڪ ته حلال، ٻيو سندس گوشت سوادي ۽ لذيذ.
    اهڙيءَ طرح ٻليءَ لاءِ وري ڪُئي جو شڪار، ڏاڍو مرغوب مشغلو ۽ قُوت آهي. ڪُئي تي نظر پوڻ سان، پئي ٽپا ڏيندي ۽ ڇانهر ڪري مٿس جهپڙڪا ڏيندي.
    مطلب: ۱ - مرغوب مشغلو ڏسي، هر ڪنهن جي دل اڇلون ڏيندي آهي. (۲)

    117. ٻنڌي ڀار لک ڪي، کُلي تو بيکر جاءِ.
    (راجسٿان، پهاڪو)
    ڀارِ: هار، تسبيح. بيکر جاءِ: بکر جانا، وکري وڃڻ، وڇڙي وڃڻ، ڇڙوڇڙ ٿيڻ، ٽڙي پکڙي وڃڻ، داڻو داڻو ٿي وڃڻ، ڪڻو ڪڻو ٿي وڃڻ.
    تسبيح يا هار، مڻيو مڻيو ڪري، هڪ سڳي ۾ پوئي، لڙهي ٺاهبي آهي. جڏهن مڻيا، داڻو داڻو ٿي، هڪ سڳي معرفت پاڻ ۾ جڙيا رهن ٿا ته هارُ به سڏائين ٿا ۽ اهو هار، ڄڻ لک لهي. ساڳيو هار، جيڪڏهن ٽُٽي ته ڪڻو ڪڻو ٿي وڃي ۽ قيمت به ڪري پويس.
    اهڙيءَ طرح ڪٽنب جا ڀاتي پڻ آهن. ڪڻو ڪڻو ٿي، هر ڪو ڄمي ٿو ۽ ڪٽنب جي لڙيءَ ۾ پوئجي وڃي ٿو، جنهن سان حويليءَ جهڙي مالها يا لڙهي جڙي ٿي. اها لڙهي، جيستائين پاڻ ۾ جڙيل آهي، تيستائين لک لهي. جڏهن ٽٽي ٿي ته، گهر-ڀاتي ٽڙي پکڙي ٿا وڃن. منجهانئن ساڳي سڪ، محبت ۽ مريادا مريو وڃي. هڪ ٻئي جو ساٿي ۽ مددگار، همدرد ۽ هڏڏوکي ٿيڻ بجاءِ، ڪڏهن ڪڏهن ويري ۽ دشمن ٿيو پون.
    مطلب: ۱ - گڏ رهڻ ۾ عزت، ٽڙي پکڙي رهڻ ۾ ڀؤ رهي ٿو. (۱) ص ۳۷۴.

    118. ٻولي نِه ٻاپ، هيڪ اَهين. (چوڻي)
    ٻولي: ٻول، وچن، واعدو. ٻاپ: باپ، پيءُ.
    وچن؛ زبان يا واعدو ڪري ڦرڻ، مڙس جو ڪم ناهي. بي ضمير ماڻهو ئي واعدي تان ڦرندو آهي. واعدو پارڻ لاءِ، هر مذهب ۾ ايترو تاڪيد ٿيل آهي، جيترو پيءُ ماءُ جو احترام ڪرڻ لاءِ چيل آهي.
    پيءُ ماءُ جو احترام به، خدائي احڪامن کي اکين سان مڃي ۽ دل سان واعدو ڪرڻ پڄاڻان ئي ڪجي ٿو.
    مطلب: ۱ - وچن ۽ پيءُ، هڪ هوندا آهن.
    ۲ - وچن ۽ والدين جو احترام ڪرڻ ۾ عزت آهي.
    ۳ - واعدي ۽ پيءُ جي نالي کي نه لڄائجي.
    ۴ - واعدو ڪجي ته پاڙجي.
    ۵ - جيڪو واعدي تان ڦريو، تنهن ڄڻ پيءُ ماءُ کي لويو.
    ۶ - ٻول/ وچن ۽ پيءُ، ڪڏهن نه مٽائجي. (۶) ص ۹۲.

    119. ٻيٺي ستي ڏومڻي، گهر ۾ گهتيو گهوڙو،
    اڳ هَتي هيڪلي، همين ٿيو جوڙو. (پهاڪو)
    ڏومڻي: ڏوم جي زال، مڱڻهار جي زال، مڱڻهارڻ، لنگهياڻي. گهتيو: آيو، وڌيو. هَتي: هئي. همين: هاڻي. جوڙو: ٻه ڄڻا.
    مڱڻهار ٿورو گهڻو ڪمائي ايندو هيو، جنهن مان جوڻس ٿورو ٿڪو خرچ ڪري، گهر جي پورت به ڪندي هئي ۽ پاڇي به بچندي هين. لنگهياڻيءَ کي پنهنجي سس کان علاوه فقط مڙس جي ٽهل ٽڪور ڪرڻي پوندي هئي.
    جڏهن کان مڙسس کي، راجا وٽان گهوڙو انعام ۾ مليو آ، تڏهن کان ننڊ حرام اٿس. هاڻي مڙس جي خدمت چاڪريءَ کان علاوه، گهوڙي جي لاءِ به وڏي کاٻار ڪرڻ ٿي پويس. صبح کان شام تائين فقط ڪم ئي ڪم اٿس.
    مطلب: ۱ - هڪڙو ڇڙو سر پالڻ سولو؛ جاتي رڌي تاتي کاڌي. جاتي رات پئي، تاتي وهامي وئي. ان جي برعڪس سگهري ماڻهوءَ لاءِ، وڏا ڏچا آهن.
    ۲ - سائين ته سائين، سائينءَ جو گهوڙو به سائين.
    ۳ - ڀلا گهوڙا در تي پالڻ ڏکيو ڪم آهي.
    ۴ - مال وغيره ڌارڻ سان سک ڦٽي وڃن ٿا. (۵)

    120. ٻيجا سڀ ورچڻا، متي ورچي ڪاڙا ميهه،
    تين ورچي ڀوپت ڏلين، ساجن ٿين ڇيهه. (چوڻي)
    ٻيا سڀئي ورچي ڪڪ ٿي بيزار ٿين ٿا، پر اي ڪارا ميگهه تون ڪڪ ٿي هٿ نه ڪڍجانءِ. جيڪڏهن تو هٿ ڪڍيا ته راڄ-ڌڻي به رلي ويندا ۽ سڄڻ به ڏلي ڏور ڏيهه وڃي آباد ٿيندا..
    آرهڙ جي لُڪن ۽ جهولن کان پوءِ، مينهن جي مند کي سارڻ شروع ڪبو هو. مئي، جون جولاءِ جي مهينن ۾ مينهن ترايون تار ڪندو هو ته ورهيه ڀلو جي نه ته ڏڪار يا سُڪ-سالي جيڪا شدت اختيار ڪندي هئي ته ڪارو ڏڪار جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته ان ۾ راڻين جا ڪنگڻ ڍرا ٿي پون ٿا يعني سندن جسم جو ماس ڇڻي وڃي ٿو ۽ سندن ڏٻرائي ڏولائي جو اهڃاڻ ٿي اڀري ٿي. راڻيون بادشاهن جي گهرن ۾ هجڻ ڪري سدائين خوشحال هونديون آهن جڏهن انهيءَ خوشحال طبقي تي اهڙا ڏينهن اچن ته پوءِ عام لوڪ جو ڪهڙو حال هوندو؟
    مطلب: ۱ - مينھن جو نه وسڻ، زندگي عذاب ڪري ڇڏيندو آھي.
    ۲ - چون قحط سالي شود اندر دمشق، ڪه ياران فراموش ڪردند عشق.

    121. ٻيسي ڏوھئجي ٻڪري، ڀيچي ڏوھئجي اُٺ،
    جيڪو لڳي واءُ، اوئي نا ڏيجي پُٺِ. (پھاڪو)
    ٻڪريءَ کي ويھي ڏھجي. ڏاچي قداور آھي، تنھنڪري کيس ڏھڻ لاءِ بيھڻو پوندو. اھڙيءَ طرح جھڙو واءُ لڳي، تنھن کي تھڙي پٺ ڏجي. ڇو جو واءَ کي سامھون ٿي ھلڻ / ويھڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. (۳۶)
    مطلب: ۱- ويٺي ڏڀي سڀڪا، بيٺي ڏڀي اُٺِ،
    جھڙو لڳي واءُ، تھڙي ڏجي پُٺِ.

    122. ٻِين ري گهري ڀائي، سسو ري گهري جوائي. (چوڻي)
    ٻين: ڀيڻ. گهري: گهر ۾. ڀائي: ڀاءُ. سسو: ساهرا. جوائي: نياڻو.
    ٿر جي علائقي ۾ رهندڙ هندو ۽ ٺڪر، مهيشوري ۽ برهمڻ، گهر ۾ اچڻ تي ٻن مردن کي وڏو مان ڏيندا آهن. هڪ ساهرا، جڏهن نياڻو سندن گهر ۾ ايندو اٿن. ٻيو ڀيڻيويا، جڏهن سالو سندن گهر ۾ اچي. يعني زال جو ڀاءُ گهر ۾ اچي يا نياڻيءَ جو مڙس گهر ۾ مهمان ٿي اچي، ٻنهي کي وڏو قرب ۽ تعظيم ملندي آهي.
    مطلب: ۱ - سالا، ڀيڻيويي جي ۽ ساهرا، نياڻيءَ جي، وڏي خاطر تواضع ڪندا آهن.
    ۲ - ايڪ طرف ساري خدائي، دوسري طرف جورو ڪا ڀائي.
    ۳ - ساهري گهر ناٺي، ڪتي جي آچار. (۵)


    ڀ

    123. ڀار پلاڻ جي ڏيست ڀونڏو، پاڪ پٺي، رٻ پينت هئي،
    انگ مهين نا، اڇرنگ نهين، پر لنگر سون لاوت هئي،
    اڌيرام ڪهي سڻ متر ميرا؛ جوڙ بنا جڳ جاوت هئي. (چوڻي)
    ڀار پلاڻ: ڪاٺيون ڍوئڻ لاءِ، اٺ تي رکڻ وارو ڪجائو. ڏيست: ڏسڻ ۾.
    ڀونڏو: بڇڙو. پينت: کائڻ / پيئڻ. مهين: مڙس. اڌيرام: نالو، اسم ذات.
    لنگر: لنگر، ننگر، خيرات جو ڀت. لاوت: کڻي اچڻ. متر: مٽ، سڄڻ، عزيز.
    جاوت: ويل، تباهه ٿيل. جوڙ: زوج، ساٿي، Spouse
    ۱ - اٺ تي رکيل ڪجائو/ پلڻ، ڀلي شڪل جو بڇڙو هجي ته به ڪاٺين جي وزن جا نشان/ ڏنا، اٺ جي پٺيءَ تي نه پوندا. پلاڻ/ پاکڙو نه هئڻ کان، ڦڏو سڏو ڪجائو هئڻ به ضروري آهي.
    ۲ - مرد جا عضوا، جيڪڏهن موچارا ۽ اڇي رنگ جا ناهن، تڏهن به عورت لاءِ سون پائڻ کان وڌيڪ آهن. عورت سون ۾ ايترو سهڻي نه ٿي لڳي، جيترو موچاري شڪل واري مڙس جي ٻانهن ۾ لڳي ٿي.
    ۳ - زال لاءِ مڙس ۽ مڙس لاءِ زال هئڻ ضروري آهي. ٻئي ھڪ ٻئي لاءِ ڍڪ آھن. ٻنھي کي ھڪ ٻئي جو لباس پڻ سڏيو ويو آھي. ھو ھن لاءِ ۽ ھيءَ ھن لاءِ، ساٿي آھن. جڏھن ته ساٿيءَ کان سواءِ، جهان ئي ڪونهي.
    مطلب: ۱ - عورت نون مرد اور جيور ڪا وجن نه لگي. (پنجابي)
    ۲- عورت کي مرد ۽ زيور جو وزن محسوس نه ٿيندو آھي.
    ۳ - اٺ لاءِ پاکڙو، زال لاءِ مرد ۽ مرد لاءِ ، اشد ضروري آهن. (۶) ص ۶۵.

    124. ڀاٽ ڪي بات جاٽ ڪيا جانت،
    ڀينس ڪيا جانت گيت سگا ڪا،
    جاڳاه ڪا ڀيد ڪونڀار ڪيا جانت،
    ڀيل ڪيا جانت پاپ لوا ڪا،
    ڪهي ڪوي گنگ ڀاٽ،
    گڏهه ڪيا جانت نير گنگا ڪا. (چوڻي)
    ڀاٽ: چارڻ، سگهڙ، شجرو ڄاڻندڙ جنهن وٽ پورا تفصيل هجن، وينجھار.
    جاٽ: ڄٽ، جاهل . جانت: ڄاڻي. سگاۡ: سُر. جاڳاه: جڳهه، اڏاوت. ڪونڀار: ڪنڀر. پاپ: ڏوهه. لواڪا: جيت. نير: جل، پاڻي. گنگا ڪا: گنگا جو.
    ۱ - ڀٽ، جيڪو ڳالهين جو ڳهير، وارتائن جو وير ۽ ڪويتائن جو ڪويسر آھي، ان جي ڳالھين مان ڄٽ ڇا ڄاڻي. رڍ کي رباب جي سر جي ڪهڙي خبر.
    ۲ - مينهن کي پيٽ ڀرڻو آهي، پرائي پوک جي ڀيل سان ڀرجي يا ڌڻيءَ جي ٻني ڀيلڻ سان. اھا ڳڻ ڳوت ڪرڻ، سندس ڪم ناھي.
    ۳ - جڳهه جي راز/ اسرار منجهان، ڪنڀر کي ڪهڙي ڄاڻ. کيس مٽي ڳوهڻ، چڪ تي چاڙهڻ ۽ ٿانون ٿپڻ کان علاوه ڪا ڄاڻ نه هوندي آهي.
    ۴ - ڀيل کي ڏوهه ثواب جي ڪهڙي خبر؟ کيس جيت مارڻ جي ڏوهه جو ڪو به ڀؤ نه ٿيندو. ڇو جو ھو مئل ڍور جو چمڙو لاھيندي به دير نه ٿو ڪري.
    ۵ - گڏهه گنگا شنان مان ڇا ڄاڻي. کيس گنگا جل جي پويتر هئڻ جو ڪهڙو قدر. پيئڻ کان پوءِ، پيو منجهس پيشاب ڪندو ۽ پستيون ڇڏيندو.
    مطلب: ۱ - عقل وارا ئي، نقطي وارين شين جو قدر ڄاڻندا آهن. (۶) ص ۲۷۸.

    125. ڀاڳ وارن جا ڍڳا به ڍڪا. (پھاڪو، بيراجي)
    ڍڪو ٿيڻ، ماديءَ جو مرڪ آهي، جنھن تي نر ٽپو ڏنو آهي. ڍڳو، جيئن ته خود نر آهي ۽ منجهس ڄڻڻ جي صلاحيت آهي ئي ڪا نه، سو ڍڪو ئي نه ٿيندو. نر جو ڍڪو ٿيڻ، ناممڪن ۽ اڻ-ٿيڻي ڳالهه آهي.
    جڏهن ڀاڳ ورندو آهي ته پوءِ مٿئين مثال وانگر، اڻ-ٿيڻا ڪم به آسان ٿي پوندا آهن.
    مطلب: ۱ - ڀاڳ ڏئي ڀيڙو ته دال مان سيرو.
    ۲ - ڀاڳ ڏئي دٻ ته سيري مان رٻ.
    ۳ - ڀاڳ ڀڄي، ڀاڳ ڏي.

    126. ڀاڳيان رو ڀوت ڪمائين. (چوڻي)
    ڀاڳيان؛ ڀاڳوند، ڀاڳوارا. ڀوت؛ جن، ديو.
    ڀاڳوند جو ڀاڳ ورندو آھي ته وٽس جن ڀوت به نوڪرن وانگر پيا وھندا آھن. (۳۶)
    مطلب: ۱ - جنھن جو ڀاڳ کلندو آھي، سو ڀلي ننڊ ھجي، اڻ-پڇيو پئي ملڪيت وڌندس.

    127. ڀانئين ته ڀڄي وڃان، پر جانچ پھرين جُوءِ. (چوڻي)
    ٿر اندر ڏڪار پوندو آھي، ته زندگي گذارڻ ڏکي ٿي پوندي آھي. جنھن سبب ھر ڪو لڏڻ تي مجبور ٿي پوندو آھي. تنھن ھوندي به ڪي محب وطن اھڙا به ھوندا آھن جو ديس جا وقتي طور ڪک ڇڏڻ لاءِ به تيار نه ھوندا آھن. اھڙي صورتحال ھوندي به لڏڻ کي زندگي ڇڏڻ جي مترادف سمجھندا آھن. آخري وقت تائين به پيا دل اندر ٽليندا ته ڪھڙي جُوءِ ۾ وڃي رھن، جتي سندن ڀرم قائم رھي ۽ وطن کان وڇوڙي جو وڍ به وڍيندو نه رھي. (۳۵) ص ۲۵۰
    مطلب؛ وطن ڪنھن به صورت ۾ نه ڇڏجي.

    128. ڀائر ڪوٽ جا ڪنگرا، پُٽ گهر جي سونھن،
    ويٺا ڪن ورونھن، ڏڄڻ ڏورئون ڏري. (چوڻي)
    ورونهن؛ وندر. ڏُڄڻ؛ دشمن.
    ۱ - ڀاءُ جو مثال ڪوٽ جي ڪنگري سان ڏنو ويو آھي. ڪوٽن جا ڪنگرا دشمن سان مقابلي ڪرڻ وقت مورچي جو ڪم ڏيندا آھن. ائين ڀائر به وقت پوڻ تي، ڀرجهلو ٿي بيھندا آھن.
    ۲ - پٽ کان سواءِ به گهر نه ٿو سونھي. پٽ جو ڄمڻ به ڄڻ دشمن جي منھن تي دانگي گھمڻ برابر آھي. پٽ گهر ۾ ساڻ هجن ۽ رڳو ويٺا ھجن ته به دشمن پري کان ٽھي ڀڄي ويندو.
    مطلب: ۱- گھر-ڀاتين کان سواءِ گھر، قبر مثل آھي.
    ۲ - ڀائر ڪوٽ جا ڪنگرا، پُٽ گهرن جي سونھن،
    پيا ڪن ورونھن، ڀل پڇن پاڙيواريون (هندي)
    ۳ - ڀائر ڪوٽ جا ڪنگرا، پُٽ، گهَر جي سونهن،
    ويٺا ڪن ورونهن، ڏُڄڻ، ڏورائين ڏري..
    ۴ - ڀائر ڪوٽ ڪونگرا، پُٽ گهَرن جي سونهن،
    ڌيون، ڌرم پاليون، جي اَبي-اَما وِرُونهن،
    سڄڻ ساٿوڙي ٿيا، ڪُونڌن سندي ڪُونهن،
    ڏُڄڻ ۽ ڏُونهن، پريان ئي پوءِ پيا. (مرحوم رئيس فتح خان)
    (ڌرم پاليون؛ نڪاح واريون، شريف، سُلڇڻيون. ساٿوڙي؛ ساٿ ڏيندڙ، مددگار. ڪونڌن؛ پهلوانن. ڪونهن؛ طاقت. ڏُونهن؛ ڏَنءُ، طعنو تنڪو. پريان ئي پوءِ پيا؛ پري کان ئي ڀڄي ويا.)

    129. ڀِٽون اُتي وڏيون، جتي جبل ڪونهي. (پهاڪو)
    ڀٽون: ڀٽ جو جمع، واريءَ جو وڏو دڙو.
    جبل سخت پٿر جو ٺهيل ۽ ڊيگهه ويڪر يا عمق ۾ تمام وڏو ٿيندو آهي، جڏهن ته ڀٽون، واريءَ جي دڙن جون ٿينديون آهن. ڀٽون، جڏھن کليل ميدان تي اڪيليون ھونديون آھن، تڏھن سندن اونھاڻ وڏي پئي معلوم ٿيندي آھي. اھي وري جڏھن ڪنھن جبل جي آڏو ھونديون آھن ته پوءِ، سندن حيثيت ائين گم ٿيو وڃي، جيئن وڻ آڏو ڪانڊيري جي.
    مطلب: ۱ - جتي وڻ ناهي، اتي ڪانڊيرو به درخت آهي.
    ۲ - جتي جبل ناهي، اتي ڀٽون به پهاڙ آهن.
    ۳ - ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه ئي ناهي.
    ۴ - ماريءَ مٿان ماري پيو آهي.
    ۵ - جتي وڏي حيثيت وارا ماڻهو نه هوندا آهن، اتي ننڍيءَ حيثيت وارا ماڻھو به وڏو سڏرائيندا آهن. (۶) ص ۹۳.

    130. ڀريا ڇولي نهين، ڇولي آڌا،
    گهوڙا ڀونڪي نهين، ڀونڪي گاڌا. (پهاڪو)
    ڇولي: ڇُلڪي. گاڌا: گڌا، گڏهه.
    ۱ - ٿانءُ/ دلو/ مٽ وغيره پاڻيءَ سان اڌيڪو ڀريل هوندو ته مٿي يا چيلهه تي کڻي هلڻ سان ڇلڪندو هلندو. ان جي برعڪس ٽٻٽار/ ڀريل ٿانءُ، ڇلڪندو ڪو نه.
    اڌوگابري ڄاڻ وارو عالم، رڳو پيو مٿو هڻندو ۽ ٻين کي گهٽ وڌ سمجهندو. ان جي برعڪس پوري ڄاڻ/ علم رکڻ وارو شخص، ٻين جي عزت تعظيم پيو ڪندو آهي.
    ۲ - ڀڄڻ يا ڊڪڻ، گهوڙي جو مَرڪ آهي. جيترو به ڀڄائبس، پيو ڀڄندو. گڏهه ان جي ڀيٽ ۾ گهٽ ڀڄڻو آهي. جيڪڏهن ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪبس ته اِٽَ هڻي بيهي رهندو ۽ رڳو پيو هينگندو.
    اهڙيءَ طرح بداصل ۽ اصيل جو فرق آهي. اصيل، هر ڪم آسانيءَ سان سرانجام ڏيندو آهي. بداصل کان ڪم نه ٿي سگهندو آهي. نه ئي وري منجهانئس ڪنھن ڪم ٿيڻ جي ڪا توقع رکجي. جيئن ڪتي تي وزن رکجي يا نه رکجي ته به پيو سھڪندو، تيئن ٽوٽي ماڻھو به سواءِ سھڪڻ جي ڪي ڪين ڄاڻندو آھي.
    مطلب: ۱ - اصيل مان ئي چڱائي ٿيندي. (۱۶)

    131. ڀڳو گهڙو، ڍئون ڍئون ڪري. (پھاڪو)
    گهڙو: دلو، مَٽُ. ڍئون ڍئون ڪرڻ: ٻاڙو وڄڻ، بي سرو آواز ڪڍڻ.
    ٺڪر جو مٽ يا دلو، سستو ته هوندو آهي پر ڪارائتو پڻ. پاڻيءَ سانڍڻ طور ڪم ايندو آهي. اگر منجهس، سنهي سير يا سنهو سوراخ ٿي پوي ته رات-پيٽ اندر، سوسريءَ مان پاڻي سمي، صبح تائين دلو/ مٽ خالي ٿي وڃي. پري کان ڀري، مٿي تي کڻي اچڻ واري محنت ۽ تڪليف، پاڻيءَ وانگر وهي وڃي.
    ان ڪري، ڏاها ماڻهو، دلو مٽ وٺڻ وقت، ان جي پرک ڪندا آهن. آيا سڄو آهي يا سوسري اٿس. ان جا ٻه طريقا آهن. هڪ ته منجهس پاڻي ڀري، گهڙي سوا انتظار ڪجي. اگر پاڻي نه ٿو وهي ته سنهون سوراخ ناهيس. اگر اوڻو ٿيڻ لڳو ته سمجهبو ته ٺِينڍي اٿس.
    ٻيو طريقو آهي، خالي دلي يا مٽ کي، ڪاٺيءَ يا ٺونگي سان، ٺڙڪائي آواز جاچڻ. ٺڪر ٽاڪئون هئڻ سبب، خالي حالت ۾، ڌڪ لڳڻ وقت، وڄت ڪندو آهي. اگر منجهس سوراخ هوندو يا سير پيل هوندس ته آواز ٻاڙو ٿي ويندو ۽ وڄت ٺڻ ٺڻ بجاءِ ڍئون ڍئون واري هوندس.
    مطلب: ۱ - ڀڳل ٺڪر جي وڄت، سٺي نه هوندي.
    ۲ - اندر جو کوکلو ۽ جاهل ماڻهو، ڳالهائڻ وقت دليل بجاءِ گاريون ڏيندو.

    132. ڀڳي-من ڀوڄن ڪيسا، ٽٽا-نينهن نه سنڌ،
    سرمر ڦوٽو جل گيو، گهلي-پار مَ ٻنڌ. (چوڻي)
    ڀڳي-من: ٽٽل دل. ڀوڄن: کاڌو، کاڄ. ٽٽا-نينهن: ٽٽل ناتو، ڀڳل مٽي.
    سنڌ: جوڙ، ٽاڪو. سرمر: ترائي، کوهه. ڦوٽو: بلبلو، بوڙيو. جل: پاڻي.
    گهلي- پار، درياهه پار. ڪيسا: ڪهڙو.
    ۱ - ڀڳل من سان، ٻيو ته ٺهيو پر کاڌي کائڻ جهڙو مرغوب ڪم به نه ٿي سگهندو آهي. گرهه به نڙيءَ کان هيٺ نه لھندو آهي. دل جي خوشيءَ سان کاڌل کاڌو ئي کاچي ۽ هضم ٿئي ٿو.
    ۲ - نينهن ۽ محبت جو ناتو به سنهيءَ سئيءَ سان سبيل تند ذريعي جڙيل آهي. تمام گهڻو نازڪ ۽ ٽاڪئون آهي. وڏي احتياط ۽ بردباريءَ سان کيس دوام بخشي سگهجي ٿو. صبر ۽ استقلال جو دامن ڇڏڻ وارن کي، نينهن جو ناتو راس ئي نه ايندو آهي. منجهس هڪ دفعو سير پئي، لک ڪوشش ڪرڻ سان به سنڌو دور نه ڪري سگهبو.
    ۳ - پاڻيءَ يا جر مٿان ٺهندڙ بوڙيو يا ڦوٽو به نازڪ ۽ غير جٽادار آهي. سندس حياتي تمام ٿوري آهي. اک ڇنڀ ۾ جڙي ٿو ته اک ڇنڀ ۾ وري ڦِٽيو ٽُٽيو وڃي. ساڳيي ڦوٽي کي ٻيهر وجود ڏيڻ به ممڪن ناهي.
    ۴ - درياهه پار جي ٻنڌ يا پل به ٽٽي ته درياهه پار ڪرڻ اَولو ۽ اهنجو ٿيو وڃي. ٻار ٻچا، پرين پيارا به ڄڻ دور ٿيو وڃن ۽ سندن ديدار لاءِ به ترسڻو ٿو پوي.
    مطلب: ۱- ٽٽل دل سان ڪا ڳالهه نه اڄهندي آهي، جيئن ڀڳل پل، پاڻيءَ مٿان ڦوٽو ۽ ٽٽل ناتو جوڙي نه سگهبو آهي.
    ۲ - سڻ وينجها سورٺ ڪهي، پريت ڪِتا مڻ هوئي،
    لاگي جو لاک ڪروڙ، ٽٽي ته ٽانڪو نه سهي.
    ۳ - سنهيءَ سئيءَ سبيو، مون ماروئڙن سين مَنُ،
    هڻي کُڻ حِلم جا، نَنهَه وڌائين نُنَ،
    ڪيئن ٿو ڀايان ڪَنَ، اباڻي اِبر ريءَ. (۲) ص ۲۴۱.

    133. ڀلان آيو، گانءِ رو ڄايو، جڪي سارو جڳ نپايو. (چوڻي)
    گانءِ رو ڄايو: ڳئون منجهان ڄاول، ڍڳو. جڪي: جنھن.
    گانءِ: ڍڳي يا ڳئونءَ کي، گئو-ماتا به سڏيو ويو آهي. ڇو جو سندس کير مکڻ طاقت وارو ۽ امڙ جي ٿڃ وانگر زود هضم هئڻ سبب، ننڍڙي ٻالڪ جي غذا پڻ رهي ٿو. ڳئونءَ جو ڄايو يعني ڍڳو وري، ماڻهوءَ جو اوائلي دور کان وٺي، مددگار ۽ ساٿي پڻ رهيو آهي.
    انسان، کانئس زور بار وارو ڪم پئي ورتو آهي. خاص طور تي پوکي راهيءَ ۾ وڏو معاون رهيو آهي. هر ۽ سانهر ۾، ليٽڻ ۽ بيل گاڏيءَ ۾ وهڻ کان علاوه نار کي هلائڻ، چيچڙي کي گهمائڻ لاءِ به ڏاند ئي ڪم آيو آهي.
    انسان جو جياپو، زراعت تي آهي. زرعي اصلاحات ۽ سڌارن آڻڻ لاءِ، کيس وڏي محنت ۽ جفاڪشي ڪرڻي ٿي پوي. جتي اڄ ٽريڪٽر، ٿريشر ۽ موٽر پمپ هلي، انسان جي مدد ڪن ٿا. اتي اهڙا ساڳيا ڪم، يا ان کان گهٽ محنت وارا، آڳاٽي دور ۾ ڍڳي جي معاونت سان ئي سرانجام ايندا هيا. ڍڳو، انسان جي مدد ۾ پيش پيش رهڻ سبب، ڄڻ کيس پالڻ لاءِ آلئه ڪار رهيو آهي.
    مطلب: ۱ - نوازش ڪرڻ وارو، ابي امان وانگر مربي ۽ پاليندڙ آهي.
    ۲ - جيئي شاه غازي، جنھن ڪئي گڏهه نوازي.

    134. ڀلو تو ئي ڀيل، مٺو تو ئي تيل. (پهاڪو)
    ڀيل: ڀيل قوم جو فرد
    ڀيل ڪيڏو به پڙھيل لکيل ھجي يا ڪيڏو به وهنجي سهنجي هار سينگار ڪري اچي ته به اهو ئي ڀيل هوندو آهي. ڏنگائپ ۽ وير وٺڻ واري عادت، منجهانئس ڪنهن به صورت ۾ وڃڻي ناهي. موقعو ملندي، ڏنگ ھڻي ڪڍندو.
    اهڙيءَ طرح تيل، ڀلي مٺو هجي، ته به تيل ئي رهندو. منجھانئس ڪڙائپ ۽ سڻڀ جدا نه ٿيندو. ڪيڏو به ڪاڙھجيس، پر گيھ نه ٿيندو.
    مطلب: ۱ - فطرت ڪنهن جي به مٽبي ناهي.
    ۲ - ڏنگ هڻڻ وڇونءَ جي فطرت ۾ شامل آهي، ڀلي اڳيان ڪک ڇو نه هجيس.
    ۳ - هر ڪو فطرت کان مجبور آهي.
    ۴ - ڀيٽيو؛ ڀيل نان انگڙي ڇِٻائي يا ڀاڪڙي گهتي، بات اتي ري اتي. (۶) ص ۹۳.

    135. ڀلو نه ڀاڻيجو، ڀيڙي نه رکجي ڀُوئا،
    استري نون انت نه ڏيجي، تيني رکجن جُوئا. (چوڻي)
    ڀيڙي: گڏ رکڻ، گهر ۾ رهائڻ. ڀُوئا: پڦي. استري: زال. نون: کي.
    جُوئا: جُدا. انت:راز، ڳجهه، اندر جي ڳالهه.
    ڀاڻيجي ۽ پڦيءَ کي پنهنجي گهر ۾ نه رهائجي. منجهانئن ڪڏهن ڪڏهن وڏو هاڃو به رسي پوندو آهي.
    اهڙيءَ طرح راز جي ڳالهه، گھرواريءَ، زال ذات يا ڪنهن به عورت کي نه ٻڌائجي. ڇو جو عورتن ۾ گهڻي ڳالهائڻ جي عادت هوندي آهي. جنهن تنهن کي پنهنجي راز نياز جي ڳالهه ٻڌائيندي دير نه ڪنديون آهن. مبادا راز ظاهر ٿيڻ سان، تمام گهڻا نقصان پهچي سگهن ٿا.
    مطلب: ۱ - ڀاڻيجي ۽ پڦيءَ کي گهر کان ۽ زال کي ڳجهين ڳالهين ٻڌائڻ کان جدا/ پري رکجي ته چڱو.
    ۲ - ڪُچو نه وار، ڀاڻيجو نه ٻار. (سرو) (۱۲) ص ۱۳۹.

    136. ڀلي آئي ڪتي، جنھن ۾ گري گنجي متي. (چوڻي)
    ڪتي؛ مند جو نالو. گري گنجي؛ ڪمزور، بي پھچ. متي؛ مڇري، وھري، ڪتِ ڪيائين.
    ڪتي؛ آسمان اندر تارن جو نکٽ. اھو نکٽ سنڌ جي آسمان تي جون جي مھيني کان اڀرڻ شروع ٿيندو آھي. ڊسمبر ڌاري آسمان تان لھي ويندو آھي. ان سڄي عرصي کي ڪتيءَ جي مند سڏبو آھي. اھا مند، لڳ يا وھر جي به ٿئي، جنھن ۾ ڪتا ڪتيون، ڪت ڪن ٿا. ڪمزور جانور به لڳ ڪن ٿا. ڪتيءَ جي مند کي، نسلي افزائش يا واڌ ويجھ جو ضامن سمجھندي، ڀليڪار ڪئي وڃي ٿي. (۳۵) ص ۱۹۳
    مطلب؛ ۱ - ڪتي؛ گري گنجي متي.

    137. ڀليان ڀليءَ جو ته ڇيهه ئي ڪونهي. (چوڻي)
    شيءِ اها ڀلي آهي، جيڪا جيءَ کي وڻي. هر جيو جي جيءَ جي پسند، مختلف ۽ نرالي آهي. ڪنھن کي ڪھڙي شيءِ موهت ڪيو آهي ته ڪنھن کي ڪھڙيءَ. سمورا انسان، هڪ ئي شيءِ جا طالبو ناهن. جيڪو، جنھن شيءِ جو طالبو آهي، اهو ان کي حاصل ڪرڻ ۾ مستغرق آهي. اها ئي شيءِ، سندس نظر ۾ ٻين شين کان ڀلي آهي. ان شيءِ جون به مختلف ڪوالٽيون آهن. مٿين يا ٽاپ ڪوالٽيءَ ۾ به مختلف شيون هونديون آهن. هر هڪ ۾ علحده قسم جي ڪشش هوندي آهي. ڪنھن کي به ٽاپ نمبر ڏيڻ ڏکيو هوندو آهي.
    نتيجي طور ڀليءَ شيءِ جو انتخاب ڪندي، ماڻهو گهڻي مونجهاري ۾ هليو ويندو آهي ۽ ڪنھن هڪ لاءِ به حرف آخر چوڻ لاءِ تيار نه ٿيندو آهي. رب پاڪ جي خلقت اندر، اهڙي قسم جي ڪيفيت پيدا ٿيڻ به، ان مالڪ جي وڏائيءَ جو مظهر هوندو آهي.
    مطلب: ۱ - رب جي خلقت جا انواع بي انت آهن، جيڪي نه شماري ٿا سگهجن ۽ نه قطاري ٿا سگهجن.
    ۲ - رب جي خلقت کي، رب پاڪ ئي بھتر نموني سان ڄاڻي ٿو. انسان، فيصلي ڪرڻ ۾، ويچارو آهي.

    138. ڀلي بک ڀرم ري، شل نه جاءِ شان. (چوڻي)
    پيٽ هر ساهدار سان لڳل آهي. جيستائين منجھس ڪي ڪين ٿو پوي، تيستائين قرار نه ٿو اچي. ان کي ڀرڻ لاءِ، هٿ پير مليل آهن. لوچي لهڻو آهي ۽ پيٽ ڀرڻو آهي. پيٽ ۾ ڪجهه هوندو ته ساهدار زنده به رهندو. پيٽرول جي ٽانڪي خالي ٿيڻ تي، گاڏي رستي ۾ بيهي رهي ٿي. ائين پيٽ خالي ٿيڻ تي، ساهدار به وڃي پٽ سان لڳي ٿو.
    انسان لاءِ، پيٽ ڀرڻ سان گڏ ڀرم ۽ شان مان برقرار رکڻ به اهم آهن. پيٽ جو تعلق جسم سان ۽ ڀرم/ شان جو روح سان رشتو آهي. انسان اشرف المخلوقات آهي، تنهنڪري وٽس، جسم جي ڀيٽ ۾، روح مقدم آهي. پهرين کيس، روح کي زنده رکڻو آهي ۽ بعد ۾ جسم کي. پيٽ ڀرڻ سان جسم زنده رهندو. شان مان ماڻڻ سان روح زنده رهندو. جنهن روزيءَ سان شان مان ختم ٿئي، ان جي کائڻ سان، ماڻھوءَ جي روحاني مرده ٿيو وڃي. انسان، جانور مثل ٿيو پوي. تنهنڪري بهتر آهي ته اهڙي حالت ۾، بک تي رهجي. جسم جي بک برداشت جهڙي آهي، روح جي نه.
    مطلب: ۱ - شان مان قائم رکڻ، پيٽ ڀرڻ کان وڌيڪ اهم آهي.
    ۲ - ڀلي ھجي بک، پر ايندو آستاني تي. (۳۵) ص ۲۴۸
    ۳ - ڀلي بک ڀرم جي، شل نه وڃي شان. (۵)

    139. ڀونگي سوڙھي، ڀوپا گھڻا. (پھاڪو)
    ٿر اندر ھڪڙو سکيو ستابو ڀيل، سخت بيمار ٿي پيو. سندس بيماريءَ جو ٻڌي ڀوپن وٽس اچڻ شروع ڪيو ته جيئن وٽس ڌوڻين ته چاق ٿيڻ تي وٽانئس ڪو مال ميڙين.
    امير جو ٻڌي، وٽس ايترا ڀوپا اچي مڙيا جو سندس ڀونگي سوڙھي ٿي پئي ۽ ڀوپا وڌي ويا. ڌوڻ لاءِ کين جاءِ ئي نه پئي ملي. مٿس ايڏو ڳاھٽ ڪري اچي ويٺا جو ملاقاتين ۽ طبيعت پڇڻ وارن کي ڳٿو ئي نه پئي مليو. ھڪڙي پيرسن ملاقاتيءَ آخر چئي ڏنو؛ ”ڀونگي سوڙھي، ڀوپا گھڻا.“
    مطلب: ۱ - سکيي ستابي جا سڀ مائٽ، غريب جو ڪو ڪو نه.
    ۲ - ھڪ سڃن جي سنگت، ٻيو سورھن ڄڻا. (لاڙ)
    ۳ - سکيي جا سوَ سالا، بکيي جو ھڪ به ڀيڻيويو نه. (۶) ص ۹۵.

    140. ڀونئر، نانگ ۽ چتر نر، ھميشه واس وٺندا آھن. (چوڻي)
    ۱. گل جو واس، ڀونئر جي کاڌ-خوراڪ آھي. واس وٺي، ڀونئر زندھ رھندو آھي. ۲. نانگ پڻ مٽي پٽي کائيندو آھي. جيڪي به ماڻھو سندس ڏنگ سان مئا آھن، تن کي نانگ کائي پيٽ نه ڀريندو آھي. البته سندس سنگھڻ سان اھي مري ويندا آھن. ۳. ذي فھم ماڻھو پڻ، گھڻو کائڻ جي ڀيٽ ۾ چڱين شين جو واس وٺڻ ۾ فرحت محسوس ڪندو آھي. (۳۵) ص ۲۲۹
    مطلب: ۱ - گھڻي کاڌي کان، گھڻو ڏٺو چڱو.

    141. ڀيڙن جو ڀرم آهي. (چوڻي)
    ڀيڙن: گڏجي رهڻ. ڀرم: ڍَڪُ، مان مرجاءِ، خوشحالي.
    انسان، سماجي زندگي گذارڻ واري مخلوق آهي. سماج کان الڳ ٿلڳ رهڻ ۾ کوڙ اهنجايون آهن. گڏجي رهڻ ۾ ڪيترا ئي ڪم ورهائجي/ ڦانڊجي وڃن ٿا. اڪيلي ڄڻي کي ڪرڻ لاءِ، حصي ۾ ٿورا اچن ٿا، جيڪي کيس نباهڻ سولا لڳن ٿا. ڪم جي ورڇ بعد، هڪ اڌ ڪم، فرد کي ڪرڻ لاءِ ملي ٿو، جيڪو خوش اسلوبيءَ، نفاست ۽ نزاڪت سان، چڱي نموني ۽ ججهي انداز ۾ ڪري سگهي ٿو.
    ان جي برعڪس، جيڪي ماڻهو، سماج کان هٽي، اڪيلا رهن ٿا، تن کي سمورا ڪم پاڻ ڪرڻا پون ٿا. جيڪا ڳالهه ڏکيرڙي ۽ ناممڪن آهي. ساڳيو ئي ماڻهو زمين ڪاهي، ڏاند ڌاري، هر ٺاهي، گهوٻا تيار ڪري، نوڙ وٽي، پاڻي ورائي، ڪوڏرون ٺاهي ته مشڪل بلڪ ناممڪن ٿو لڳي.
    بهترين ۽ آسان زندگي، گڏجي گذارڻ ۾ آهي. ٽاڻي ٽاڻي تي مدد ملي ٿي ۽ رهنمائي ٿئي ٿي. زندگي آسان ۽ خوشحال گذري ٿي. ڪيئي اوڻايون- چوڻايون ۽ عيب صواب پڻ ڍڪجيو وڃن. اهڙيءَ طرح، ٿري ماڻهو به ڳاٽ گوڇارون ڳولي، وڻن جا فرز ۽ ڀَرَ جهلي، واڙيون ۽ وٿاڻ بڻائيندا ته جيئن سنهون مال محفوظ هجي. متان ڌڻ کي ڇهو ڇٽي نه ماري.
    مطلب: ۱ - سماجي جوڙجڪ اندر رهڻ ۾ ئي سڪون آهي.
    ۲ - گڏجي رهڻ سان، سنهون ڌڻ سنڀالڻ سولو. ننڍيون وڏيون نظر ۾ رهن ٿيون.
    ۳ - گڏجي رهڻ ۾ خوشحالي ۽ ڍَڪُ آهي.
    ۴ - ٿري ڌڻ کان ڇنل ٽُٽل، رڍ ٻڪري، ڇيهه ٿيڻ نه ڏيندا. ورائي ڪندا ولر ڀيڙي، پوءِ کڻي ڪنهن جي به هجي. پرائيءَ پنهنجيءَ جو ويڇو مور نه رکن. چوندا؛ “متان ڪنهن غريب جي وٺي مينهن هلي وڃي ۽ بگهڙن جي ور چڙهي وڃي.” (۳) ص ۱۶۵-۱۶۶.

    142. ڀيڙون ڀلو نه ڪوس ڪو، ٻيٽي ڀلي نه ايڪ،
    ڏيڻو ڀلو نه ٻاپ ڪو، صاحب راکي ٽيڪ. (چوڻي)
    ڀيڙون؛ پيدل هلڻ. ڪوس؛ ڪوهه، ٻن ميلن جيترو مفاصلو. ٻيٽي؛ بيٽي، ڌيءَ، نياڻيءَ جو اولاد. ڏيڻو؛ لھڻو، قرض. ٻاپ؛ باپ، پيءُ. ڪو؛ جو. صاحب؛ رب، خدا تعالى. راکي؛ رکي. ٽيڪ؛ پناھ، اوٽ.
    ۱ - پنڌ ھلڻ، خاص طور تي جڏھن وڏي مسافري ڪرڻي ھجي يا ڀٽن اندر سفر ڪرڻو ھجي، ڏاڍو ڏکيو آھي. اتي اگر اٺ جھڙو وھٽ يا گڏھ گھوڙو، مسافر کڻڻ يا بار ڍوئڻ وارو ساڻ ھجي ته ڏاڍو ڀلو. ھونئن به چوندا آھن؛ پنڌ کان ماڻھو، ڪتي جي وات ۾ کڄي اچي ته به چڱو.
    ۲ - ڌيءُ يا نياڻي به اولاد ته آھي. کيس ڏاڍو لاڏ ڪوڏ سان پالجي ٿو. ساڻس دل به وندري ٿي. پر جيئن ته سامائجڻ کان پوءِ اھا ٻئي کي ڏيڻي ٿي پوي ته اھي سور چڱي ڀلي کان سَٺا نه ٿا ٿين. ڏيڻ به مجبوري آھي. پوءِ ڇو نه اھا ھڪ ئي نياڻي ھجي. ڇو جو عام طور چوندا آھن؛ نياڻيءَ جي ماني، بادشاھن وٽ به ناھي.
    ۳ - پيءُ ته ابو آھي. پالڻ جو مٿس بار آھي. جڏھن ماڻھو لائقيءَ چڙھي ٿو ۽ گھر گرھستي وڌي ٿي ته پوءِ پيءُ-پٽ جو سنڌو ٿئي ٿو. ان وقت اگر پيءُ کان ڪو قرض کڻجي ٿو، سو موٽائڻو اوس آھي. وقت پيءُ تي به اچي سگھي ٿو. موٽائڻ لاءِ اھو به تقاضا ڪري سگھي ٿو. جڏھن ان جي سر تي چڙھي آئي ۽ سختيءَ سان واپس گھريائين ته پوءِ چڱين ڀلين اميدن تي پاڻي ڦري ويندو آھي.
    رب پاڪ کان دعا آھي ته مٿي ڄاڻايل ٽنھي مھلن کان پناھ ۾ رکي.
    مطلب: ۱ - پيدل هلڻ، هڪ ڪوهه به خراب. هڪڙي ڌيءُ هئڻ به خراب. قرض، پيءُ جو به خراب. خدا تعالى ٽنھين کان بچائي.

    143. ڀيل نان انگڙي ڇٻائي يا ڀاڪڙ گهتي،
    بات اُتي ري اُتي. (ڍٽ، پهاڪو)
    انگڙي: آڱر. ڇِٻائي: لاتي، ڇهي. ڀاڪڙ: ڀاڪر. گهتي: پاتو. اتي ري اتي: ساڳي.
    هندن وٽ چار-قومي نظريو آهي؛ برھمڻ، وئش، کشتري ۽ شودر. برهمڻ اوچي ۽ شودر نيچ قوم آهي. شودر جي پاڇي کي به پليد سمجهندا آهن.
    ڀيل به شودر (Scheduled caste) ۾ شامل آهن. برهمڻ، ساڻن ملڻ پسند نه ڪندا آهن. سندن نظريو آهي ته؛ اهڙي پليد سان ڀاڪر پائڻ به اهڙو آهي ته کيس آڱر لائڻ به اوڏو ئي گناهه آهي.
    مطلب: ۱ - پليدي ڪيتري به ٿوري ڇو نه هجي پر پاڪائيءَ تي جلد غالب ٿي ويندي آهي.
    ۲ - ڪک جو چور، لک جو چور.
    ۳ - هڪ گناهه ڪرڻ وارو به گناهگار، سؤ گناهه ڪرڻ وارو به گناھگار.
    ۴ - ڀيٽيو: ڀلو تو ئي ڀيل، مٺو تو ئي تيل. (۶) ص ۹۴.


    ت

    144. تاڙو، چڪور، چتر نر، جاڳندا رھن ٿا. (چوڻي)
    انتظار ڪرڻ واري کي قرار نه ھوندو آھي. پنھنجي بي قراريءَ ۾ لڇندو رھندو آھي.
    تاڙي پکيءَ کي مينهن، چڪور پکيءَ کي چنڊ ۽ مڙس ماڻھوءَ کي دشمن جو انتطار ۽ اوسيئڙو جاڳائيندا رھندا آھن. تاڙو، پاڻيءَ سان اڃ اجھائڻ واسطي مضطر آھي. چڪور، چنڊ جي سونھن پسڻ واسطي سرگردان آھي. مڙس ماڻھو، دشمن جي وار کان بچڻ واسطي خبردار ۽ چوبند آھي. (۳۵) ص ۲۲۸
    مطلب؛ انتظار منجھ، بي قراري ۽ لوڇ پوڇ آھي.

    145. تازي پاڻي پيئڻ وارو، راز نه رکندو. (چوڻي)
    تازو پاڻي؛ برساتي پاڻي. بنا محنت جي ھٿ ڪيل پاڻي. واھن واٽرن جو پاڻي.
    ٿر اندر کوھ اونھا ٿين ٿا. اھي کوٽڻ وغيرھ ۾ ڪافي محنت، خفو ۽ کاٻار ٿئي ٿي. منجھانئن پاڻي به وڏين مشڪلن سان حاصل ٿيندو آھي. اھو پاڻي، جيڪو پيئندو سو گنڀير ۽ سوچ ويچار وارو ٿيندو. ان جي برعڪس جنھن کي سستي ۽ آسانيءَ واري طريقي سان پاڻي ميسر اچي ٿو، سو خود سھل پسند ھئڻ سبب اٻھرو ۽ راز نه رکندڙ ٿيندو آھي. (۳۵) ص ۲۱۲
    مطلب؛ ۱. شيءِ جو قدر ان کي هوندو آ، جنهن محنت سان حاصل ڪئي آھي.
    ۲. علم جو قدر ان کي ٿيندو، جنھن جھالت جون تڪليفون ڏٺيون آھن.
    ۳. سفري ڪشالن ۽ ٿر منجھان رلي رلي تراين مان پاڻي حاصل ڪرڻ واري کي، پاڻيءَ جي ڍڪ جو قدر ھوندو.

    146. تتر کرڙي واڏڙي، وڌوا ڪاجل ريک،
    او ورسي، او ور ڪري، تي ۾ مين نه ميک. (چوڻي)
    تتر کرڙي؛ ڪڪرن جو تتر جي کنڀن جھڙو روپ. واڏڙي؛ ٺھي پوڻ. وڌوا؛ بيوھ عورت يا جنھن جو مڙس مري ويو ھجي. ڪاجل ريک؛ اک اندر سرمو وجھڻ. ورسي؛ وسي. ور؛ مڙس. تي ۾؛ تنھن ۾. نه مين نه ميک؛ نه شڪ نه شبھو.
    آڀ ۾ تتر کرڙي ٿئي سا به برکا جو اهڃاڻ آهي. بيوھ عورت اک اندر ڪجل وجھي ته پڪ مڙس جي تلاش ۾ آھي.
    تتر کرڙي واريون ڪڪريون، ۽ بيوھ عورت جي اک ۾ ڪجل ريک اهڃاڻ آهن؛ هڪڙي وسندي، ٻي مڙس ڪندي. انھيءَ حقيقت ۾، ڪو تر جيترو ڦير فرق ناهي.
    مطلب: تتر کرڙي برسات جو اھڃاڻ آھي. ائين وري بيوھ جو ھار سينگار، مڙس ڪرڻ جو اھڃاڻ آھي.

    147. تِريا تيرهين تين پر، پرک اسي پر چار،
    جوڀن جوش جمايو، تڏهن ٿنڀ وروڌي نار. (چوڻي)
    تِريا: عورت، مائي. پرک: پرس، مڙس. وروڌي: ڀاڪر پائي بيهڻ.
    تيرنهن تين پر: تيرنهن کان ٽي سال مٿي، يعني سورھن سال.
    اسي پر چار: اسيءَ کان چار سال مٿي، چوراسي سالن جو.
    سورنهن سالن جي عورت کي، چوراسي سالن جي ڪراڙي سان پرڻائبو ته کيس ڪهڙي خوشي ٿيندي. سندس ارمان ئي خاڪ ۾ ملي ويندا. عورت جيڪا اولاد ۽ گهرٻار جي خواهش رکي، شاديءَ لاءِ آماده ٿئي ٿي، تنهن کي اهڙي بي جوڙ ۽ بي آسري شادي ڪرڻ مان ڪهڙو سڪون ايندو.
    ان عمر ۾، نه کيس تخت جي خواهش هوندي آهي، نه بخت جي. اٽو، لٽو ۽ اجهو ته والدين جي گهر ۾ به هڪيو حاضر هوندو اٿس. شاديءَ وارو ڦاھو، جنهن غرض لاءِ ڦڪيائين، سو به اجايو وڃي ته پوءِ ٿنڀن کي ڀاڪر نه پائيندي ته ڇا ڪراڙي کک کي ٻک وجهندي.
    مطلب: ۱ - نوجوان کي، نوجوان جي محبت ئي وڻندي آهي.
    ۲ - ذهني هم آهنگي، هم سن يا همعصر سان ٿي سگهندي آهي، ٻي صورت ۾ سمهڻو نه پر ڊهڻو هوندو آهي. (۲) ص ۲۷۵.

    148. تُري چلندي آکڙي، ڪتي ٺڪر لڪي کاءِ،
    مِهري پر-گهر هنڊڻي، ٽيئي ليکيان لاهه. (ڍٽ، چوڻي)
    تُري: گهوڙي. چلندي: هلندي، ڊڪندي. آکڙي: ٿاٻو کائي. لڪي کاءِ: لَڪڻ/ چٽڻ. مهري: عورت. پرگهر هنڊئي: پراون گهرن ۾ گهاريندڙ.
    ۱ - گهوڙي جي سواري ڏکي آهي ۽ تڏهن ئي ڪرڻ آسان ٿيندي آهي، جڏهن ننڍي هوندي کان سکبي آهي. ان گهوڙي تي سواري ڪرڻ آسان آهي، جيڪو سڌو هلي. جيڪو ٿڙي ٿاٻڙي يا ٽپ ڏئي ڊڪي، تنهن تي سواري ڪرڻ کان ماڻهو پنڌ ڀلو آهي. ڇو جو مٿس سٺو سئيس به سولائيءَ سان سواري نه ڪري سگھندو.
    ۲ - ڪتي تي، ڇتي ٿيڻ جو اثر جهٽ ٿيندو آهي. سندس گگ جنهن کي لڳي، تنهن کي به ڇتو ڪري وجھي. جنهن ڪتي کي، ٿانءَ لڪڻ/ چٽڻ جي عادت آهي، تنهن مان اهڙيءَ بيماريءَ وچڙڻ جو خطرو لاحق رهي ٿو. ڪتو ڇتو نه به هجي، تڏهن به سندس لڪيل ٿانءَ کي، ڇار يا رک سان صفا ڪرڻو پوندو آهي، تڏهن وڃي بيماريءَ ۽ پليديءَ کان پاڪ ٿيندو آهي.
    ۳ - جنهن عورت جو پرائي گهر ۾ پير هريو، تنهن مان حجاب/ حياءُ هليو ويندو. اھا آزاد نه بلڪ ڇڙواڳ ٿي ويندي آھي. گهر ته نه ڪندي، هٿائين خاندان جي عزت/ ناموس به داءَ تي لڳائي ڇڏيندي.
    مطلب: ۱ - ٿاٻا کائڪ گهوڙي، ٿانءَ چٽو ڪتو ۽ پَرَ-گهر گهمڻي عورت کي ته ليکي مان ئي لاهي ڇڏجي. (۲) ص ۷۰.
    149. تلاءُ سڪي وڃي، ھنس نه وڃي. (پھاڪو)
    هنس؛ هنجھ، ساحلي علائقي جي مٺي پاڻيءَ وارين ڍنڍن ۾ رهندڙ پکي.
    ھنجھ پکي، مٺي ۽ صاف پاڻيءَ جي وڏين ڍنڍن ۾ رھي، سنھي گاھ تي گذران ڪندو آھي. تانگھي پاڻيءَ ۾ اچي گند گار واريون مڇين وغيرھ تي پيٽ نه پليندو آھي. اگر پاڻي لاٿ ڪري وڃي ته به ڏک سک تي ساڳي ڍنڍ ۾ گذران ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو آھي. ڏڪار وقت، ھنڌ ماڳ نه ڇڏيندو آھي. ھر حال ۾ نڀائڻ واري سندس اھا خوبي، کيس ھڪ وفادار پکي ۽ حب الوطن جيوت ڪري پيش ڪري ٿي. (۳۵) ص ۲۱۵
    مطلب؛ حب الوطنيءَ جو جيئرو جاڳندو مثال، ھنجھ پکيءَ جي حياتي آھي.

    150. تن ڪوٽڙيين، مارو وسي من ۾. (چوڻي)
    ڪوٽ يا ڪوٽڙي؛ بنگلو يا اوطاق.
    ٿري ماڻھو، ڏڪار کان بيزار ٿي، وقتي روزگار لاءِ، ھيڏي ھوڏي لڏي ويندا آھن. پورھيا ۽ ٻيلپا ڪري، پيٽ قوت ڪندا آھن. جتي به ويندا آھن، کين وفادار سمجھي، ھر ڪو بنگلن جون چاٻيون ڏئي ڇڏيندو آھي. اھا ٻي ڳالھ آھي، جڏھن ٿر تي کنوڻ جو چمڪو نظر آين، ته اھي بنگلا ۽ ماڙيون کين ونگ ۽ ڏاوڻ نه وجھي سگھندا آھن. ھي رات پيٽ ۾ وڃي ٿر کڻندس. (۳۵) ص ۲۱۶
    مطلب؛ ۱ - من جي بنگلي اندر، مارو ماڻھو وسن ٿا.
    ۲ - من اندر جي بنگلن کي، تياڳڻ ڏکيو آھي.
    ۳ - مارن ۽ ملڪ جي محبت، مڙني محبتن کان مٿان آھي.

    151. تيجي سهي نه تاجڻو، سورو سهي نه گار،
    ستي ڪو وچن نه سهي، پڙسي پئون ٻار. (چوڻي)
    تيجي؛ تازي، ڀلي گهوڙيءَ جو قسم. تاجڻو؛ چهبڪ، تازيانو. پئون؛ ٻار. سورو؛ سورهيه، بهادر مڙس. وچن؛ الزام، طعنو، مهڻو. پڙسي؛ مرد، مڙس.
    ۱ - ڀلي گهوڙيءَ کي واڳ مان وٺڻ جي دير آهي. ڪڏهن به چهبڪ نه هڻائيندي. بلڪ ھڪڙي اشاري سان ڪوهن جا ڪوھ ڪري ويندي. چوندا آهن؛ ٽٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو.
    ۲ - سورهيه/ بهادر ڪڏهن به گار نه سهي سگهندا. غيرت ۾ مرڻ پسند ڪندا پر سر تي گار هرگز برداشت نه ڪندا.
    ۳ - ستي جتي عورت به طعنو/ الزام پاڻ تي سهي نه سگهندي. ڪو به اهڙو فعل، جنهن سان سڀاڻي ڪير آڱر کڻي، هٿان ٿيڻ نه ڏيندي. سر تي چڙهي آيس ته خودڪشي ڪري ڇڏيندي، عزت تي، آنچ نه اچڻ ڏيندي.
    مطلب: ۱ - غيرت ۽ اکر وارو ماڻهو، ڪڌو ڪم ڪرڻ کان لهرائيندو آهي. بلڪ الزام به سر تي برداشت نه ڪري سگهندو آهي. (۲) ص ۲۲۴.

    152. تيلي رو بيل، سؤ سؤ ڪوس چلي،
    پڻ بٺئي ڪو بٺئي. (راجسٿان، پهاڪو)
    بيل؛ بلد، ٻڙڌ، ڍڳو، ڏاند. ڪوس؛ ڪوهه، ٻه ميل. بٺئي؛ ساڳي جاءِ تي بيٺو ھجڻ.
    تيلي يا چاڪيءَ کي، ڏاند گهربو ئي گهاڻو هلائڻ لاءِ آهي. گهاڻو، تيل پيڙڻ لاءِ آهي. منجهس وچ تي ڦرندڙ ڪاٺيءَ جي مني هوندي آهي، جيڪا اکريءَ منجهه ڦرندي آهي. اکريءَ جي پاسن سان لڳڻ سبب، وچ ۾ رکيل سرنهن، ڄانڀي يا تيلي ٻج جي نريءَ کي پيڙيندي آهي.
    وچ واري مُنيءَ يا لٺ کي ڦيرڻ لاءِ، منجهس چوٽيءَ وٽان اريب ۾ ٻي لٺ هيٺ لهندي آهي، جيڪا ڳاڌيءَ وٽ هڪ سڌي ڪام جهڙي لٺ سان اچي جڙندي آهي. انهيءَ جوڙ وٽ، ڏاند کي جوٽبو آهي. جڏهن ڏاند هلندو آهي ته وچ واري مني ڦرندي آهي. ڏاند گهاڻي جي اکريءَ جي چوڌاري پيو ڦرندو آهي ۽ وچ تي تيل پيو پيڙبو آهي.
    سڄي ڏينهن ۾، ڏاند سوين ڦيرا ڏيندي آهي. ڏينهنڪ اٺ ڏهه يا پندرنهن ويهه ميل پنڌ جا هڻي ويندو آهي. ڀلي مهينو هلي، سؤ ٻه ڪوه پنڌ ڪري، پر هوندو، چاڪيءَ جي گهاڻي اندر آهي. سندس پنڌ ڪرڻ سان، پنڌ نه ڪپبو آهي، البته نري ضرور پيسبي آهي.
    مطلب: ۱ - تيليءَ ڏاند وڃايو، گهمي گهاڻي ڌار.
    ۲ - تيليءَ جو ڏاند، گهاڻي جي چؤڌاري پيو ڦرندو آهي.
    ۳ - چاڪيءَ جي ڏاند کي گهر ۾ ئي ڪوهه چاليهه. (۱) ص ۳۶۰.


    ٿ

    153. ٿڌو گهوڙو، کٽر ڏجهڻو، ٽيجو منهن تي ڪوڙ ڪري،
    چوٿين چنڊي رن چاڳلي، جا تيرنهن تال ڪري،
    پنجون پرس پليت، جو گانڊو گلا ڪري،
    پنج ئي ڪڍ پري. (چوڻي)
    ڏجهڻو: ڏاند، وھٽ. چاڳلي: دادلي، نخريل. پرس: مڙس، مرد.
    ۱ - گهوڙو، پنڌ لاءِ ڌاربو آهي. مٿس چڙهي ويهجي ته ڏينهنڪ سؤ سوا ميل جي منزل پٽي وڃي. ٿڌو هوندو ته وک ئي نه پوندس. منزل تي پهچائڻ بجاءِ، رستي ۾ رولي ڇڏيندو ۽ اوجهڙ ۾ وڃي هڻندو.
    ۲ - وھٽ به کٽر هوندو ته خراب آهي. مينهن کٽر ٿئي ته پنهنجو ڏڌو ته لت هڻي هاري پر ٻيءَ کي به کاري. ڏاند کٽر ٿئي ته هر نه وهي. پاڃاريءَ پوڻ واري وقت تي ٻوڙن ۾ لڪندو وتي. گڏھ کٽر ٿئي ته اٽون ۽ پستيون ھڻي، بار ڪيرائي وجهي.
    ۳ - منهن تي ڪوڙ هڻڻ وارو، وڏي اک جي پڪائيءَ سان ڪوڙ هڻندو آهي. منجهانئس سچ جو گمان پيو ٿيندو آهي. اهو ماڻهو، وڏو خطرناڪ هوندو آهي.
    ۴ - مڪريل، چنڊي، نڪمي عورت به تمام خراب آهي. گهر ۾ ڪم ڪار ته نه ڪندي پر پرڪارن سان ٻيا ٻه به پئي کاريندي. گهر جو سارو ماحول بگاڙي ڇڏيندي. سندس نخرن سبب، ڌاريا به پيا کيس حاصل ڪرڻ جون سڌون ڪندا ۽ گهر ۾ واجھ وجهندا.
    ۵ - گلاخور مرد به، تمام بڇڙو ٿيندو آهي. هر وقت پيو پنهنجن-پراون آڏو عيب اُگهاڙيندو ۽ خوار ڪندو.
    مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل، پنج ئي بيڪار آھن. کين ڪڍي پاسي تي ڪجي ته بهتر آهي. (۴) ص ۲۰۷.

    154. ٿڌو مٺو واءُ، جنھن ۾ لاءُ نه ساءُ. (چوڻي)
    جڏهن صبح جو ٿورو سيڪ/ ماڪ ۽ ڪنھن ڪنھن مھل سنھي بوند پوي ته ٿر ۾، ان کي برسات لاءِ بد سوڻ سمجهيو ويندو آهي. ڇو جو ان کان پوءِ فائدي واري برسات، جنھن سان خوشحالي اچي، نه پوندي آھي.
    مطلب: ۱ - صبح ڌاري وارو ٿڌڙو واءُ، برسات جو اھڃاڻ ناھي.
    ۲ - ٿڌو واءُ؛ نڪو لاءُ، نڪو ساءُ. (۳۵) ص ۲۶۰

    155. ٿر آهي بر، ڀٽون آهن ڀوت،
    هڪڙي چڙھ ئي ڪين، ٻي ڪڍي ٿي ٻوٿ. (چوڻي)
    ٿر جو پورو علائقو، واريءَ جي ڀٽن ۽ دڙن تي مبني آهي. ڪٿي هيٺانهيون ته ڪٿي مٿانهيون آهن. جڏهن منجهس برسات پوي ٿي ته تل ۽ ترايون، کوها ۽ ٽوڀا ڀرجن ٿا. جن تي ساهدارن جو گذران ٿئي ٿو ۽ ڀٽن وغيره تي پاڻمرادو، گل ڦل، ڦٽي پون ٿا. جيڏانهن تيڏانهن ساوڪ ٿئي ٿي، جنهن تي جانور ۽ پکي به اچي مڙن ٿا. رونق ٿيو وڃي.
    جڏهن برسات نه ٿي پوي، تڏهن سموري رونق مريو وڃي. پاڻيءَ سان حياتي آهي. پاڻي ناهي ته سموري جيوت، پاڻيءَ جي تلاش ۾ گم ٿيو وڃي. نباتات سڙي خشڪ ٿيو وڃي. فقط ڀٽون ئي ڀٽون رهجيو وڃن. هڪڙيءَ ڀِٽ تان مسافر، ان آسري ۾ لهندو ته اڳيان ڪا وسندي هوندي ته اڳيان ڀوت وانگر ٻي ڀٽ ڪر کنيو بيٺي نظر ايندس ۽ نگاه جي حد تائين ويرانيءَ کان سواءِ ڪجهه نظر نه ايندس.
    مطلب: ۱ - بنا برسات جي، ٿر ۾ ويراني نظر اچي ٿي.
    ۲ - وُٺو ته ٿر، نه ته بر ئي بر.

    156. ٿر آهي ٿڻ تي، نه ڪڻ تي. (چوڻي)
    ٿڻ؛ جنهن مان کير چڪو ملي. ڪڻ؛ ڪڻو، ان جو داڻو.
    ٿر جي زمين ان لائق ناهي جو کيس کيڙي، ريج ڪري ڪڻڪ وغيره جهڙا فصل پوکجن. ڪن ڏهرن ۾، ڪي فصل پوکي سگهجن پر اهي به برسات جا محتاج آھن. وٺو ته ٿر وسيو، نه وُٺو ته بر جو بر رھيو.
    ان جي بر عڪس، مارو ماڻهو، پاڻمرادو ٿيندڙ ٻوٽا جهڙوڪ؛ للر، لاڻو، لوڻڪ ۽ کُنڀيون وغيره ڏٿ طور ڪتب آڻين. ٻيءَ صورت ۾ سندن گذران، مال جي کير تي آهي. مال ڀٽارو، ڀٽن تي چاھ مان چريو اچي ۽ ٿڻن ۾ خوب کير کنيو اچي.
    شام جو ڏهائيءَ وقت، مال وٿاڻين پهچي ۽ ڏُهائي، وري ڀٽن ۽ مٿارن تي وڃي آساس ڪري. تنهنڪري ٿري ماڻهن جو مال ۾ ساھ رهندو آهي. مال نه هجي ته ٿري، ٿر ۾ رهي ڪين سگهن.
    مطلب: ۱ - ٿرين جو گذران، مال جي کير تي آهي.
    ۲ - رت، راڻو آهي.
    ۳ - ڀيٽيو؛ مال ڀٽارو؛ اکين جو تارو.
    ۴ - ٿر آھي؛ يا ٿڻ تي، يا ڪڻ تي.
    ۵ - ٿر جو جياپو؛ ٿڻ، وڻ ۽ ڪڻ تي آھي. (۳۵) ص ۲۳۶

    157. ٿر جا وسَ، جھول جا گس. (چوڻي)
    وس: وسڻ، مينھن وسڻ سان اڀريل گاھ. جھول: شھر جو نالو/ علائقو جيڪو سانگھڙ ضلعي اندر واقع آھي. گس: رستا، رستي ويندي ڄاول گاھ.
    جيترو گاھ، ٿر اندر مينھن جي وسڻ تي ٿئي ٿو، اوترو گاھ، جھول جي علائقي اندر رستن/ گسن/ واٽن تي ٿئي ٿو. ڇو جو ان علائقي منجھ، ساڱرو درياھ يا نيلوفري وھي اچي ڍنڍون ڍورا ڀريندي ھئي، جن تي سٺي آبادي ٿيندي ھئي.
    مطلب: ۱ - جتي پاڻي جام آھي، اتي آبادي به سٺي ٿئي ٿي.
    ۲ - آباديءَ جو دارومدار پاڻيءَ جي ھئڻ تي آھي.
    ۳ - ڀيٽيو؛ وڄوٽيءَ جي وس، گانگاڻ جا گس. (۳۴) ص ۷۰

    158. ٿر ڏلهي، سنڌ جهلي، سنڌ ڏلهي، ڪير جهلي؟ (پھاڪو)
    ڏلهي؛ رُلي.
    ٿر، وٺي تي آهي. وسيو ته وليون ۽ ٻوٽا پاڻمرادو جام ڦٽيو پون، جنهن تي مارو ماڻهن جو مال سميت گذران ٿئي. جيڪڏهن برسات نه پوي ته ٿر ۾ قحط منهن ڪڍي، جنهن سبب، ٿري ويچارا سنڌ ملڪ ڏانهن منهن ڪن.
    سنڌ ۾ زرعي زمينون آهن، جيڪي بيراجن ۽ واهن وغيره تي آباد ٿين ٿيون. اتي قحط سٽيل ٿرين کي، اجھو ۽ روزگار ميسر ٿيو وڃي.
    ٿر ۾ ڏڪر پوندو آهي ته ان جي سٽ سنڌ سهندي آهي. جڏهن سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽيءَ سبب يا ٻي ڪنهن آفت اچڻ سبب، روزيءَ رزق جي تنگي ٿئي ته اهي ويچارا پوءِ ڪيڏانهن وڃن. ڇو جو ٿر ۾ سڪار جو يقين پختو ڪين هوندو آهي.
    مطلب: ۱ - کوٽ ۾، غريب ته امير ڏانهن ڏسي، امير ڪيڏانهن واجهائي؟
    ۲ - ٿر ڏُلي تو بيراج جهلي، جي بيراج ڏُلي تو ڪوڻ جهلي. (ڍٽ)
    ۳ - ڪن سببن جي ڪري جيڪڏهن ٿر ۽ ٿرين کي اوکي سوکي ڪا تڪليف ٿئي ته بيراج جا ماڻهو انهن جو ڀرجهلو ۽ آسرو ٿين ٿا، پر جي بيراج وارن تي ڪا ڏکي گهڙي اچي ته اُنهن جو هڏ ڏوکي ڪير ٿئي؟
    ۴ - ڏکي توءِ ڏُڪار، توڙي وسن مينهڙا!
    ۵ - ٿر ڏُلي ته سنڌ جهلي، سنڌ ڏُلي ته دنيا نه جهلي.
    ۶ - ٻار روئن ته وڏا پرچائين، وڏا روئن ته کين ڪير پرچائي؟

    159. ٿري اٺ، ڪوڙ کائين سچ ڪمائين. (چوڻي)
    ٿر ۾ جيڪي ڪجهه ڦٽي ٿو سو برساتي پاڻيءَ تي ۽ خود-رو هجي ٿو. ان لاءِ، خاص محنت سان، ڪا زراعت نه ڪئي ويندي آهي. نه زمين سڌي ڪرڻ لاءِ سانھر وهائڻا پوندا آهن، نه کيڙڻ لاءِ هر ڪاهڻا پوندا آهن. نه ريجائڻ لاءِ واھ يا ڪڙيا کوٽائڻا پوندا آهن ۽ نه وري ٻج ڇٽڻ جي محنت ڪرڻي پوندي آهي. ڏٿ، جنهن تي ماڻهن ۽ مال جو گذارو ٿئي ٿو، سو پاڻمرادو ڦٽيو پوي. مال کائي ته سگهارو ٿئي، کير مکڻ جام ڏئي.
    ٿر ۾ ڏٿ وغيره، بنا محنت يا ڪوڙ ڪوڙ ۾ ڦٽيو پوي. اٺ کائين ته سگها ٿين ۽ سگهارا اٺ، ٿر جهڙي بر ۾ بنا پاڻيءَ ۽ کاڌ خوراڪ جي، سچ پچ جو بار ۽ سواري ڍوئيندا رهندا آهن.
    مطلب: ۱ - ٿري اٺ، بنا خرچ جي، وڏا ڪارائتا آهن. (۱۷) ص ۹۵.

    160. ٿريو پڙهيو، جڳ اڙيو. (چوڻي)
    ٿر منجهه، روڊ رستا نه هئڻ سبب، ڪا خاص ترقي نه ٿي آهي. جنھن سبب منجهس تعليم به ڪا ورلي جاين تي آهي. اهڙي علائقي مان پڙهڻ لاءِ به ڪو الا ماشا ئي ٻاهر نڪرندو. جڏهن اهو تعليم لاءِ هڪ دفعو ٻاهر نڪتو ۽ جڳ جھان ڏٺائين ته پوءِ ٻين ٿرين تي فلڪ ئي نه آڻيندو. هر ڳالهه ۾ پاڻ رهبر ۽ ليڊر هوندو. ليڊر هئڻ ناتي، مڙني جا ڪم، ڄڻ سندس ڪم ٿيا. هر آفيس ۽ محڪمي ۾ پيو ڦيرا ڪندو ۽ هر ڄاڻ سڃاڻ واري کي بيزار ڪندو.
    مطلب: ۱ - ڄٽ پڙهيو، لوڪ اڙيو.
    ۲ - جھنگ جو ماڻهو، اگر پڙهندو ته هر معاملي ۾ پيو ڄنگهه اٽڪائيندو.


    161. ٿريي جون اکيون، آسمان ۾. (چوڻي)
    ٿري ماڻهوءَ جو گذر آھي ئي وٺي تي. سو ھر وقت پيو چوندو ته؛ ”مولا! مينهن وساءِ!“ اھڙا دعايه ڪلمات واتان نڪرڻ پڄاڻان، سندن نگاھ ازخود آسمان ڏانھن، ڪڪرن جا رنگ پسڻ لاءِ کڄي ويندي آھي. ڇو جو ان برساتي پاڻيءَ سان سندن جياپو آھي. (۳۵) ص ۲۵۳
    مطلب؛ گذر سفر جي وسيلن تي ھر ھڪ جي نگاھ ھوندي آھي.

    162. ٿڻين ڏڌو، واپس نه ٿئي. (پھاڪو)
    ٿڻ اندر، قدرتي طرح، هڪ-طرفو رستو ٺھيل آهي. منجهس ننڍڙا ننڍڙا پردا آهن، جيڪي زور تي ٻاهر واري طرف ته دروازن وانگر مڙن ٿا ۽ رستو خالي ڇڏين ٿا پر اندر واري طرف ڏانھن نه ٿا مڙن، جنھن ڪري پاڻيٺ جھڙي شيءِ کي ان طرف وڃڻ نه ٿا ڏين. نتيجتًا ٿڻ اندران کير، گوهو ڏئي ڪڍڻ آسان آهي ۽ وري اندر موڪلڻ ناممڪن آهي.
    اهڙيءَ طرح دنيا جا ڪيترا ئي اهڙا معاملا آهن، جيڪي تڪويني طرح، يڪ-طرفا آهن. ٿيڻ کان پوءِ، اهي ريٽي نه سگهبا آهن. تن معاملن ۾ هٿ وجهڻ وقت، نتيجي کي ڳڻ ڳوت ۾ اول آڻجي. جيئن بعد ۾ پڇتائڻو نه پوي.
    مطلب: ۱ - اڻ ٿيڻا ڪم، ڪڏهن به ٿيڻ، ناممڪن آهن.
    ۲ - ڏڌل کير، ڇٽل تير، نڪتل گفتو، موٽي نه ماڳ پھتو.

    163. ٿوٿا چنا، باجي گهنا. (راجسٿان، پهاڪا)
    ٿوٿا؛ کوکلو، پوپلو. چنا؛ چڻو، چڙو. باجي: واڄي، وڄي، واڄٽ ڪري.
    گهنا؛ گهڻا، گهڻو.
    پوري يا پولي، خالي يا کوکلي جاءِ ۽ ٿانءُ وڏي وويڪ سان وڄندا آهن. چڙو، جيئن ته پيٽ ۾ پيل لار کان سواءِ، اندران کوکلو هوندو آهي تنهنڪري، ڌڪ لڳڻ تي وڏو واڄو ڪندو آهي.
    اهڙيءَ طرح، اندر جو خالي ۽ کوکلو ماڻهو به، رڙيون وڏيون ڪندو آهي. سندس رڙين ۾ نه لفظ هوندا آهن ۽ نه ڪو مطلب پيدا ڪندڙ جملا هوندا آهن. وٽس خالي آواز هوندو آهي، جيڪو بي معنيٰ ۽ بي مقصد هوندو آهي.
    مطلب: ۱ - دهل، اندران خالي هڻڻ سبب، وڏو واڄو ڪري ٿو.
    ۲ - آڌورو گهڙو، ڇلڪايه گهڻو. (گجراتي)
    ۳ - پورو/ کوکلو چڻو، رڌڻ تي گهڻو آواز ڪندو آهي.
    ۴ - ٺلهو چڙو، وڄي گهڻو.
    ۵ - ڀيٽيو؛ خالي باسڻ، گهڻا کڙکڙاوئي. (۱) ص ۱۸۶.


    ٽ

    164. ٽُوسڻ گوڍ، چٽان سين کاري. (پهاڪو)
    ٽُوسڻ: ٽوھ. گوڍ: پاڙ. چٽان سين کاري؛ پاڙ کان پنن تائين، سڄي کاري ۽ ڪؤڙي.
    سهڻا ٽوھ، ڏسڻ سان وڻندڙ ۽ من مهڻا هوندا آهن پر کائڻ ۾ زهر ۽ مَنَ ڪُهڻا هوندا آهن. سندن ظاهري شڪل ۽ سونهن، رنگت ۽ بناوت تي دوکو نه کائجي. سندس پاڙ ۽ پن، ٽاريون ۽ ميوو، پسارڪي وکر طور ڪارائتا ھوندي، کائڻ ۾ زهر مثل هوندا آهن.
    مطلب: ۱ - بداصل ماڻهوءَ مان ڪڏهن به فائدو پهچڻو ناهي. منجهس اهڙي توقع رکڻ وارو خطا کائيندو.
    ۲ - جنهن جو بد بنياد، تنهن جو ميوو مٺو نه ٿئي.
    ۳ - ٽوها ول ڳوڍان، چوٽي کاري.
    ۴ - ڀيٽيو؛ ڀلو توئي ڀيل، مٺو توئي تيل. (۶) ص ۹۵.


    ٺ

    165. ٺاڪريا نِه ٻاڪريا، هو ماريا ڀلا، هو رڌيا ڀلا. (چوڻي)
    ٺاڪريا؛ ٺاڪر. ٻاڪريا؛ ٻڪر، ٻڪرو، ڇيلو.
    ۱ - ميرو پربت کان آيل، يادوونسي راجپوتن جو اولاد، ٺاڪر ۽ سوڍا، ڏاڍا پرمار، ويڙهو، جنگجو ۽ بهادر رهيا آهن. جنهن سبب، سندن بابت چوڻي آهي؛ پرٿوي پرمارن جي آهي. انهن جي خاصيت، بهادريءَ واري آهي. جڏهن بهادريءَ جا جوهر ڏيکارڻ لاءِ ميدان ۾ لهندا آهن ته سندن اهو وڙهڻ يا دشمن کي ماري زير ڪرڻ ئي، ڀلو لڳندو آهي.
    ۲ - هر جانور جو گوشت، مختلف/ متفرق طريقن سان رڌي کائبو آهي. ائين انهيءَ جي کائڻ ۾ ساءُ/ سواد ايندو آهي. جيئن هرڻ جي گوشت جي سيخ پچائي کائڻ ۾ لذت آهي، ٻوڙ رڌڻ ۾ نه. ڳائو گوشت، ڀڃي کائڻ يا قيمو ڪري کائڻ ۾ لذيذ ھوندو آهي. ڪڪڙ يا تتر جا تڪا پچائي کائڻ ۾ لذت آهي.
    اهڙيءَ طرح، ٻاڪري گوشت جو مزو/ سواد، رڌي کائڻ ۾ آهي. پوءِ ڀلي اهو ڪڙهائي گوشت هجي يا هنڊي گوشت ڇو نه هجي.
    مطلب: ۱ - ٺاڪر، ماريندي يا وڙھندي ڀلو لڳي ٿو ۽ ٻاڪرو گوشت رڌيل يا رڌئي ڀلو لڳي ٿو. (۱۶)
    166. ٺلهي ٺاڪرائي، ڇارُ-اوڳرائي. (پهاڪو)
    ٺاڪرائي: ٺاڪرن واري هلت چلت يا وڏائي، پٽيل هجڻ.
    ٿري ٺڪر، ٿري رواج موجب، ڪن خاص رسمن ادا ڪرڻ لاءِ پابند هوندا آهن. جنهن سبب کين، معاشري ۾ مان به ملندو آهي. ان مانَ جي ملڻ ڪري، کين عام ماڻهن کان وڌيڪ پرهيز سان رهڻو پوندو آهي.
    جيڪڏهن ٺڪر، بي گڻو ۽ بي وڙو هوندو ته اهو مانُ نه پائيندو. کيس ٺڪرائي به مانَ وڌرائڻ ۾ ڪم ڪين ايندي.
    جيئن ڇار-اوڳرائيءَ يا اڱاريءَ سبب کٽا اُجڪا ايندا آهن، تهڙيءَ طرح بد-پرهيز ٺڪر به عام ماڻهن لاءِ بيزار ٿيڻ جو باعث بنجي پوندو آهي.
    مطلب: ۱ - وڏي عهدي ماڻڻ کان پوءِ، ماڻهوءَ کي هر قدم ڦوڪي ڦوڪي کڻڻ گهرجي، ڇو جو منجهس گهڻن ماڻهن جون نظرون/ اميدون هونديون آهن. جيڪي سندس ھر وک ۽ چال، عادت ۽ اطوار کي پيا جاچيندا آھن.
    ۲ - سبق پهر پڙهه صداقت ڪا، عدالت ڪا، شجاعت ڪا،
    تجهه سي ليا جائيگا ڪام اس دنيا ڪي امامت ڪا. (۶) ص ۹۴.

    167. ٺلو ٺڻو، وڄي گهڻو. (پھاڪو، بيراجي)
    ٺڻو: چڻو، چڙو، ڪِڙڪ.
    چڙو، اندران خالي هوندو آهي ۽ سندس ڀِتِ، اهڙي ڌاتوءَ منجهان ٺهيل هوندي آهي، جنھن تي اگر ڪنھن ٻئي ڌاتوءَ جو ڌڪ لڳي ته وڏي آواز سان وڄڻ لڳي. منجهس هڪ لار، لڙڪائي ٽنگبي آهي، جيڪا منجهس جانور جي هلڻ وقت، لڏندي ايندي آهي. جنھن سان چڙو پاڻ-مرادو وڄندو ايندو آهي.
    ان جي برعڪس، اگر لار پيل واري جاءِ، مٽيءَ وغيره سان ڀرجي وڃي ته لار جو ڦرڻ اوکو ٿيو وڃي. يا ٻاهرين ديوار تي، جنھن تي لار لڳڻ سان آواز اچي ٿو، ڪا مٽي وغيره ٿڦجي پوي، ته به آواز ٻاڙو ٿي ويندو. ڪن صورتن ۾ ته آواز، مورڳو مري ئي ويندو آهي.
    مطلب: ۱ - چڙو تڏهن گهڻو وڄندو، جڏهن اندران خالي هجي.
    ۲ - سکڻي ڪني، اڀامي گهڻي.


    ث

    168. ثمر هجئي ساڻ، ته پاسو ڪج پنجواڻين جو. (چوڻي)
    پنجواڻي: چانڊيا ذات جو هڪڙو پاڙو. پاڻ کي وسايي پوٽا به سڏرائين ٿا. ڏاڍا پڪا آهن. خاص طور تي، آيل مھمان کي مانيءَ ٽڪر به نه کارائيندا آهن. جنھن سببان مٿين چوڻي، مٿن ٽوڪ طور، جوڙي وئي آهي.
    مطلب: ۱ - ثمر هجئي ساڻ، ته گهڙي پئو منجهه گهٽاڻ. (لاڙ)
    ۲ - ثمر هجي ساڻ ته ڀڄ ڀاڏاين کان. (لاڙ)
    ۳ - ثمر نه هجئي ساڻ، ته ڀر وٺ ڀاڏاين جي. (لاڙ)
    ۴ - ثمر نه هجئي ساڻ ته گهڙي پئو منجهه گهٽهڙ. (سرو)
    ۵ - ثمر نه هجي ساڻ، ته رات نه ٽڪجي رائلي ۾.
    ۶ - ڀيٽيو: روٽلو هجي ساڻ ته رات رهجي رائلي ۾. (۳۲)


    پ

    169. پارڪر جا پهاڙ، جهنگ ۽ جهاڙ. (چوڻي)
    جهاڙ: وَڻ.
    پارڪر يا ننگر پارڪر ۾ ڪارونجهر جبل جون ٽڪريون آهن، جيڪي وڻن ٽڻن سان جنجهيل آهن. منجهانئن مارو ماڻهن کي ماکي ۽ کونئر، لاک ۽ ٻارڻ لاءِ ڪاٺ، عمارتي ڪاٺ ۽ مال لاءِ چارو وغيره ملي سگهي ٿو. جابلو علائقن مان، مٿيان مطلب ماڻڻ لاءِ مردانگي، همت ۽ مسلسل جدوجهد جي ضرورت پوي ٿي، جيڪا آخرڪار مارو ماڻهن کي ٿڪايو ڀڄايو ڇڏي.
    مطلب: ۱ - پارڪر ۾، سنڌ وانگر ميداني ۽ زرعي اصلاحات هيٺ آيل علائقا ناهن، جنهن مان ماڻهو زميندار يا چوڌري ٿي سگهي. ڏيهاڙي محنت مزدوري ڪرڻ وارو، ڏيهاڙيءَ جو روزگار هٿ ڪرڻ کان سواءِ، ھتان ٻيو ڪجهه ميڙي ڪين سگهندو آهي.
    ۲ - پارڪر جا پهاڙ، جهنگ ۽ جهاڙ، رڳو آهي بک ۽ اگهاڙ، رِڻ ۽ رائو، لنگهه ۽ لاهو، مال به رکن ماهو، ته به ڍائو ڪو ڍونڍيو لڀي، رڻن ۾ رڃ، رڳي سڃ ئي سڃ، اچ وڃ جو اهنج، سڄو ئي ڀڙڀانگ، نڪو ساٿي نڪو سانگ، ڪانگ جي به اک نڪريو پوي. (۶) ص ۵۵.

    170. پاڙو پيارو جو سمجهي، ٻڌي هيڻن سان همت،
    سورهيه سچو سر جو، جو رکي ڪار پت،
    لڙي وڏي ڪٽڪ ۾، سامون جهلي رعيت،
    پنج ئي لڄ-ونت. (چوڻي)
    ۱ - پاڙو: ابو امان آهي. ان جي عزت ۽ لڄ اوتري وڏي آهي. نه پاڙي ۾ بري نگاهه وجهجي ۽ نه لالچ رکجي. اڙيءَ اڌيءَ، پاڙي وارن جي ائين ڪم اچجي، جيئن پنھنجي گهر وارن جي ڪم اچجي ٿو. پاڙيسرين جا ايڏا وڏا حق آهن.
    ۲ - ڏاڍي ماڻهوءَ جي ڇانءَ، هر ڪو ڳوليندو آهي. ڏاڍي کي به گهرجي ته ان ڇانءَ ڳوليندڙ هيڻي جي پرگهور ۽ سار سنڀار لهي. مسڪينن ۽ غريبن جو هڏ-ڏوکي ٿئي. دامي درمي (مالي طرح) مدد نه ڪري سگهي ته قدمي سخني (هلي وڃڻ يا زباني آٿت ڏيڻ) واري مدد ضرور ڪري.
    ۳ - پنھنجي جان جي حفاظت ڪرڻ اهم ڪم آهي. جيڪو پنھنجي جان جي حفاظت نه ٿو ڪري سگهي، سو سچو سورهيه يا سورمو ناهي. بلڪ بزدل ۽ ڪانئر آهي.
    ۴ - اوڙي پاڙي، ڏيٺ وائٺ ۽ ڪار وهنوار واري ڪاروبار ۾ ماڻهوءَ جي ساک، نيت پت يا ڪار-پت ڪم ايندي آهي. سٺي ڪار-پت وارو ماڻهو، پرائي مال ۾ به ڀائيوار هوندو آهي. ڪني ڪار-پت وارو، پنھنجي ڦوڪي به ڦُرائي ايندو آهي.
    ۵ - سام جهلڻ هونئن ته سولو ڪم آهي پر انھن جون سامون جهلڻ، جن جو جهيڙو وڏي ڪٽڪ سان آهي، ڏکيو ڪم آهي. مڙس ماڻهو اهو آهي، جيڪو جهيڙو به ڳائي ۽ سام به جهلي.
    مطلب: ۱ - لڄ کي قائم رکندڙ، مٿي بيان ڪيل پنج شخص آهن.

    171. پاڙو، ننگ آھي. (چوڻي)
    پاڙو؛ اوسي پاسي وارا گھر ۽ منجھن رھندڙ ماڻھو. ننگ؛ بار، جوابداري.
    ڳوٺ يا شھر به تڏھن ٿا آباد رھن جڏھن، پاڙي جو ننگ قائم ٿو رھي. ڏڪار سڪار سبب، ڪو اگر وقتي لڏي ويو آھي ۽ روزگار سانگي ڳوٺ راڄ کان پري آھي، تڏھن به پاڙي پتيءَ سبب، سندس ڇڏيل ڪکن جي واھر پئي پويان ٿيندي آھي. اھو لڱائي چڱائيءَ جو ساٿ، پاڙي کي قائم رکي ٿو. ان جي برعڪس پاڙي جي کينس سان شھر به ڦٽيو وڃن. (۳۵) ص ۲۶۶
    مطلب: ۱. پاڙو، ابو اما آھي.
    ۲. پاڙو، نبين کي پيارو آھي.

    172. پاڻ اڇا ڪپڙا ڪري، گهر ۾ جوءِ اگهاڙي،
    ڪم پئي هڪل ڪجي، تڏهن کنهي ڪياڙي،
    اڻ ڪوٺيو اتي وڃي، هڻي دهل تي تاڙي،
    عقل جو ايل پنهوار، گهڻي هڻي ڪچهريءَ ۾ ڄاڙي،
    ٻه چوري ويڙهائي، ڏئي گهر کي اماڙي،
    هيئين سان هنڊائي ڇڏ؛ اهي پنج ئي ڀاڙي. (چوڻي)
    ۱ - زال کي اگهاڙو رکڻ معنيٰ ننگ جو خيال نه ڪرڻ. جيڪو ننگ جو خيال نه ٿو ڪري ۽ فقط پنهنجو پاڻ کي چکي مکي ڪري هلي ٿو، اهو به ڀاڙيو آهي.
    ۲ - جيڪو ڪم پوڻ وقت، ٽال مٽول ڪري يا وقت ڏئي، واعدو ڪري، پوءِ ڀڄي وڃي، اهو به مڙس ماڻهو ناهي.
    ۳ - ري-دعوتيو يا بنا سڏ جي، پرائي دهل تي نچڻ وارو به احمق ۽ گيدي آهي.
    ۴ - ڪچهريءَ يا محفل ۾، بي جا وات هڻڻ وارو به مڙني کي بيزار ڪري وجهندو آهي. نه پاڻ ڪو ڪم ڪري سگهندو آهي ۽ نه ئي ٻيا سندس چوڻ تي ڪو ڪم ڪندا آهن. اهڙو ماڻهو به نامردن ۾ شمارجي ٿو.
    ۵ - ٻِه-ويڙهائو به چڱو ماڻهو ناهي. اهو به جهُڳن جي مٿان ٽانڊو آهي. سانڊي وانگر ڦوڪون ڏيندڙ ماڻهو به، رذيل ٿيندا آهن. نشانبر ٿي وڙهڻ جي بدران، لڪي لڪي تير هڻندا آهن. اهڙي قسم جا مرد، عورتن کان به پري آهي.
    مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل پنج خصلتون، ڀاڙيائپ ۾ شمار ٿين ٿيون. مڙسن کي مڙني کان موشو ڪرڻ گهرجي.
    ۲ - ري سڏيو پرائي دهل تي، نچي ۽ هڻي تاڙي،
    ڳالهه ڏانءُ نه اچيس، هڻي سکڻي ڄاڙي،
    دوستارن جي گهر اڳيان، هلي پوکي واڙي،
    پاڻ ڪري گنديون ڪپڙا، پر زال هجيس اگهاڙي،
    مزمان آئي ڪنڌ هيٺ ڪري، ويهي کنهي ڪياڙي.
    ۳ - ٻه وڙهن پاڻ ۾، ٽيو پٽائي ڏاڙهي،
    ٻڌي دهل ڌارين جو، گهر وڄائي تاڙي،
    گهر آيو ڏسي مهمان کي، کنهي ڪياڙي،
    بنان پئسي بانولو، اڏائي ويٺو ماڙي،
    جوف پرائي جوءِ لاءِ، اڏي وهي واڙي.
    ۴ - پاڻ ڍڪي اڇا ڪپڙا، گهر ۾ جوءِ اگهاڙي،
    ڪم پئي هڪل ڪجي، تڏهن کنھي ڪياڙي،
    اڻ ڪوٺيو اتي وڃي، هڻي دهل تي تاڙي،
    عقل جو ايل پنهوار، گهڻي هڻي ڄاڙي،
    پنهنجي جهڳي ناس ڪري، پرائي ڏسي ماڙي،
    اهي پنج ئي ڀاڙي، پنج ئي ڀاڙي. (۱۲) ص ۱۴۵.

    173. پاڻ-وهيڻو: بادشاهه. (چوڻي، بيراجي)
    پاڻ-وهيڻو: پنھنجي مرضيءَ تي هلندڙ، پنھنجي مرضي مڃرائيندڙ، پنھنجي مرضيءَ وارو.
    اهو ماڻهو، جيڪو پنھنجي مرضيءَ سان ڪا ڳالهه يا منصوبو سٽي ۽ اهو وري عمل ۾ آڻي وڃي، تنھن کي پاڻ-وهيڻو سڏبو آهي. جيڪو ماڻهو دل ۾ سوچي ٿو، سو ائين ٿي پوي، اھا اڻ-ٿيڻي آهي. ڇو جو هر سوچ، قابلِ عمل به نه هوندي آهي. بادشاهه يا فرمانرواءِ، جيئن ته ملڪن جا والي ۽ خزانن جا وارث هوندا آهن، تنھنڪري جيڪو منصوبو سٽيندا آهن، سو ڪيئن به ڪري تعمير جي عمل مان گذاري، مٿس تعميل ڪرائي ويندا آهن. سندن آڏو، رنڊڪون يا رڪاوٽون گهٽ اينديون آهن. اگر اينديون به آهن ته خزانن جا منھن کولي، منجهانئن پار پئجي ويندا آهن. ان ڪري پاڻ-وهيڻا، دنيا اندر، فقط آزاد رياستن وارا بادشاهه سڏيا ويا آهن.
    حقيقت اها آهي ته دنيا جي بادشاهن آڏو، آخر رنڊڪون رڪاوٽون، عمر جي کٽڻ، پيري اچڻ ۽ وارثن جي پيدا ٿيڻ سان گهڻيون اچن ٿيون. هڪ ڏينھن اهي به گوڏا کوڙي، ابول ڪري، بيهي رهن ٿا. جڏهن ته بادشاهن جو بادشاهه، فقط الله آهي. ان آڏو ڪا به رنڊ-روڪ اچي ئي ڪا نه ٿي. اصل ۾ ۽ حقيقي پاڻ-وهيڻو، الله ئي آهي، جيڪو اصل ۽ حقيقي بادشاهه آهي.
    مطلب: ۱ - پاڻ-وهڻيو: پروردگار آهي.

    174. پاڻي منجھ پھاڻ، ڀيڄي پر ڀيڏي نھين. (پھاڪو)
    پھاڻ؛ پٿر. ڀيڄي؛ پُسي. ڀيڏي؛ ڳري.
    پٿر، اندران سخت ھئڻ سبب پڪو ھوندو آھي. پاڻي ڀلي ڪھڙو به ھجي، کيس ڳاري اندر داخل نه ٿي سگھندو آھي. جابلو مٺو پاڻي ھجي يا سمنڊ جو کارو پاڻي، پٿر منجھ داخل نه ٿي سگھندو، توڙي جو پٿر، سؤ سال پاڻيءَ اندر رھي. ڇو جو پٿر ۾، پاڻي چوھڻ/ چورائڻ جي خاصيت ئي موجود ناھي. (۳۵) ص ۲۳۶
    مطلب: ۱. دنياوي حالتون، انسان کي وڪوڙيون بيٺيون آھن. انسان انھن حالتن سان منھن ڏيندي، اڳتي وڌندو رھي ٿو، بيھي نه ٿو رھي.
    ۲. جيڪو ٻين مان وقتي فائدا وٺندو، ٻيا به منجھانئس فائدي وٺڻ جي ڪوشش ڪندا.
    ۳. دنياوي تڪليفون ھر انسان تي اچن ٿيون. کيس ڳاري ختم نه ٿيون ڪن بلڪ اڃا پڪو ٿيون ڪن.

    175. پاڻي نِه پرمار، لاڀي تو ليجئي گهڻو. (چوڻي)
    پَرمار: مالِ مفت، پرايو مال. لاڀي: لڀي، ملي. ليجيئي: وٺجي.
    ۱ - ٿر ۾ پاڻيءَ جي ڏاڍي قلت آهي. ڪن علائقن ۾ ٽي سؤ کان ٻارنهن سؤ فوٽ هيٺ، پاڻي ملي ٿو. اھڙن علائقن ۾، کوه کڻائڻ سولا ڪين آهن. جنهن ڪري ٿري ماڻهو، ڀٽن جي وچ واري ميداني ٽڪرڙن ۾، ٽونڪا ٺاهين ۽ برسات جو پاڻي يا ٻين کوهن وغيره تان جيترو به پاڻي ملين سو کڻي اچي، انهن ٽونڪن کي ڀري ذخيرو ڪن. جيئن گندين ۾ اَنُ وغيره ذخيرو ڪري رکبو آهي، تيئن ٿري وري ٽونڪن ۾ ائين پاڻي جمع ڪن. جڏھن مٺو پاڻي ڪٿي ملين ته، گھر ۾ موجود ھئڻ جي باوجود، اتان اھو کنيو اچن.
    ۲ - مفت جو مال يا خيرات ۾ ملندڙ شيءِ، اگر بنا محنت يا سوال جي ملي ته ڇڏڻي ناھي، بلڪ وٺي بغل ۾ ڪرڻي آھي. اڄ اھا موٽائي ته سڀاڻي ان جي ملڻ جا امڪانات گھٽجي ويندا.
    مطلب: ۱ - پاڻي ۽ مفت ۾ ملندڙ شيءِ، جيتري هٿ اچي، کڻي وٺجي.
    ۲ - مفت را چه بايد گفت.
    ۳ - تحفي ۾ مليل گهوڙي جا ڏند نه جاچجن.
    ۴ - هٿ آيل موقعو، هٿان نه وڃائجي.
    ۵ - ويل ويل، وري ھٿ نه ايندي. (۶) ص ۵۴.
    176. پائيءَ جا پڪا، ٽڪو لنڊ ڪڍاڻي. (پھاڪو)
    پڪا؛ ڪرڙ جا ڏيلھو.
    ڪِرڙَ جو وڻ، ڀٽن تي ڪو ورلي ٿئي. هيٺانهن هنڌن تي، نرم زمين ۽ خاص ڪري ڏهرن ۽ تراين جي سخت زمين ۾ ٿئي. تراين جي ڀرسان ٿلهي ٿُڙ سان وڏا ۽ ڊگها وڻ ٿيندا آهن. باقي زمين جتي پاڻي گهٽ آهي، اتي رواجي طرح ٿين.
    منجھس ڦر ھن طرح ٿئي. اونهاري جو اُن ۾ پهريائين پُسي ٿئي، جنهن کي ”ٻاٽو“ به چون. مارو ماڻهو اُن جي ڀاڄي ڪن. پوءِ اُن مان ڪچا ساوا ڦل ٿين، جن کي ”ڪيريا“ چون. اھي چونڊي، ڀاڄي ۽ آچار ڪري ڪم آڻين. پچڻ بعد ڳاڙها ٿيو پون، انهن کي ”پڪا“ چون. جيڪي چونڊي، ماڻهو کائيندا آهن. پکي، خاص ڪري هُڙيا ۽ ليليون، پڪا جام کائيندا آهن. ڪيترا ته ٺونگا هڻي ڦٽايو ڪيرايو ڇڏين. غريب ماڻهو پُسي، ڪچا ڪيريا ۽ ڏونرا چونڊي آڻي شهرن ۾ وڪرو پڻ ڪندا آهن.
    پڪا کائڻ ۾ لذيذ ٿيندا آھن. بک تي کائڻ سان ٿورو پيٽ لاءِ ٻالنگھ پڻ ٿيندا آھن. جڏھن ته آھن قابض. قبضي به ايڏي جو وقت تي ٽورو اچڻ جو نالو ئي نه وٺندو آھي. ڪي ته وري ڊاڪٽرن ڏانھن قبضيءَ جي علاج لاءِ پنڌ ڪن. انھيءَ پنڌ ۽ علاج تي پڪن جي خرچ کان ڏھوڻ تي خرچ اچيو وڃي.
    مطلب: ۱ - سستو ڪم، ٻيڻو خرچ ڪرڻ بعد پورو ٿيندو آهي.
    ۲ - ڀيٽيو: سستي روئي سؤ وار، مھنگي روئي هڪ وار.

    177. پتنگ ۽ پروانو، ڪن اگنيءَ مٿي اور،
    جيئن ڀمر ڦري ڪمل تي، چنڊ اتي چڪور،
    تاڙي جي تنوار، اَن جي تَڪَ تور،
    پنج ئي گگن گھور. (چوڻي)
    اگني: باهه. اور: ڦيرا. ڀمر: ڀونئر. ڪمل: ڪنول. گگن گھور؛ آزاد ڦرندڙ ڪڪر.
    ۱ - پتنگ/ پروانو، بي انت عشق سبب، باه ۾ ڪڏي پوي ٿو. سندس عشق جو اندازو سڙي مرڻ مان لڳائي سگهجي ٿو، جو آخر ۾ فنا ٿي وڃي ٿو.
    ۲ - ڀونئر کي ڪنول جي گل سان عشق آهي، جو ڦريو ڦريو مٿس اچي بيهي ٿو ۽ آخر فنا ٿي وڃي ٿو.
    ۳ - چڪور پکيءَ جو چنڊ تي موهت ٿيڻ پڄاڻان، ڏانهنس پڄڻ لاءِ پرواز ڪرڻ بي انت عشق جي شاهدي آهي، جو آخر فنا ٿي وڃي ٿو.
    ۴ - مينهن جي مند ۾، تاڙي پکيءَ جي تنوار جو به اندازو نه ٿو ڪري سگهجي، جو سندس تنوارڻ سان آخر برسات ضرور پوي ٿي.
    ۵ - ٻارِ مان کنيل اناج جي تڪ تور نه ڪبي ته، اهو به مٿين چئني وانگر ضايع ٿي ويندو.
    مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل پنجن ئي شين مان، دنيا جو فنائيت ڏانھن مائل ھئڻ وارو سبق ملي ٿو.
    ۲ - پتنگ ۽ پروانو، ڪن آگ مٿي اور،
    جيئن ڀؤنر ڦري گلاب لاءِ، چنڊ مٿي چڪور،
    تاڙو تنواري، تنھنجي تڪ نه تور، اھي پنج ئي گگن گھور. (۲) ص ۱۳۳.

    178. پٿورو دعا رو گُند، لکڻا رو کوٽو، لگايان رو وڃاڻ. (پهاڪو)
    گُند: ڀريل ڀانڊو. لکڻ: لڇڻ، عادت. کوٽو: لوفر پارٽي. لگايان: سکا باسي ايندڙ عورتون. وڃاڻ: ٻيڙي ٻوڙيندڙ.
    پٿورو جنگشن ڀرسان، پٿوري جي ماڙيءَ تي، اولاد جي آس رکي ايندڙ ضائفن سان، اتي ويٺل مجارو پاڻ کي پير پٿورو سڏائي، قانونِ فطرت تحت ٻار پيدا ڪرڻ واري عملي ڪوشش ڪندا آهن. جنهن سبب اڇوت هندو، وسهي ويا آهن ته؛ اهي حرڪتون پٿورو ٿو ڪري. جنهن ڪري پٿوري لاءِ ائين مشهور ٿيو آهي.
    مطلب: ۱ - ھڪ ھمراھ وٽ ھڪڙو مرشد آيو، جيڪو شڪل جو گروشڙو ھيو. مريد مرشد جي دل سان ٽھل ٽڪور پئي ڪئي. جڏھن ته ساڳئي وقت وٽس ھڪڙو سريلو دوست پڻ مھمان ٿي آيل به ھيو، جنھن جي خدمت، ان گروشڙي مرشد جي ڀيٽ ۾ تمام گھٽ پئي ڪيائين. ان تي مھمان دوست کيس ٽوڪيندي چيو؛ ”مرشد تو واري جي نه شڪل سھڻي آھي، نه شبيھ. تو خوامخواھ اچي پاڻ کي خرچ کاٻار ۾ وڌو آھي. اھو تو کي قبر نه ڇڏائيندو.“
    ”ڏيکڻ دا گندڙا ھي، باقي ناظرو ڪتا ھي.“ ميزبان موٽ ۾ چيس؛ ”ڏسڻ جو ميرڙو آھي باقي، پٽ پاراتي ڏيڻ جو تيز آھي.“
    ۲ - ٻاھر ۾ سادڙو، اندر ۾ بڇڙو. (۱۸) ص ۶۳.

    179. ”پٽيل ڪيئن مئو؟“ چي؛ ”گيو کٿي ري بُڻائي ۾!“ (پهاڪو)
    هڪڙي ڪنجوس پٽيل/ وڏيري، ڪنهن ڪاريگر کي کٿو اڻڻ لاءِ ڏنو. ڪاريگر کٿو جوڙي کڻي آيو. ڏيندي وقت، کانئس پئسا گھريائين.
    ”هفتي کان پوءِ پئسا ملندءِ!“ پٽيل، کٿو وٺي رکندي چيس.
    هفتي کان پوءِ ڪاريگر آيو ته وري ٻيو کُڻُ ڏئي ٽاري ڇڏيائينس. اهڙيءَ طرح ڪيئي کُڻَ ڏنائينس، پر پئسا ڪو نه ڏنائينس. ڪاريگر به هلي هلي ٿڪو. جڏهن ڪاريگر جي، ڊڪي ڊڪي جتي گسي وئي، تڏهن هڪ ڏينهن بيزار ٿي خار مان چيائينس؛ ”هاڻوڪي کُڻَ تي جيڪر پئسا نه ڏنئي ته ٺپ ماريندوسانءِ!“
    اڳيون کڻ آيو ته پٽيل وري به عذر ڏنو. انهيءَ تي ڪاريگر مڇرجي پيو ۽ کڻندي لٺ، ڏنائينس مغز واري. پٽيل، نه تو ڏٺو ته مون ڏٺو. پٽيل جي قتل جي خبر ٻيلي جي باهه وانگر ڦهلجي وئي. ڪافي ماڻهو اچي مڙيا ۽ پڇڻ لڳا؛ ”پٽيل ڪيئن مئو؟“
    ”گيو کٿي ري بڻائيءَ ۾!“ بيٺلن مان ھڪڙي وراڻيو؛ ”ويو کٿي جي اڻائيءَ ۾!“
    مطلب: ۱ - ڪنجوس ماڻھو، ڪنجوسائپ سبب، بي موت مريو وڃي.
    ۲ - ٿوري محنت جي بدلي، گھڻو معاوضو ڏيڻو ٿو پوي.
    ۳ - بنا ڏوهه جي، اگر آفت اچي ڪڙڪي ته چئبو آھي؛ ”مورڳو وڃون ٿا کٿي جي اڻائيءَ ۾.“ (۶) ص ۷۱.

    180. پچي ٿئي جو لال، ڪاڻ نه ڪڍي ڪنڀار جي. (پھاڪو)
    ھن دنيا اندر سکن سان گڏ ڏک به آھن. جن منجھ ماڻھو بجاءِ ڳرڻ جي ويتر پڪو پختو ٿئي ٿو. جڏھن زماني جون سختيون سھي، ھڪڙو ماڻھو اڳتي وڌي ٿو، تنھن ۾ سھپ سان گڏ سوچ، سمجھ ۽ سگھ وڌي ٿي. جنھن سببان ٻين جي مدد ڏانھن واجھائي نه ٿو بلڪ ھر ڳالھ سان مڙس ماڻھو ٿي ڪري منھن ڏئي ٿو.
    مطلب: ۱ - پچي ٿياسون لال، ناهي ڪاڻ ڪنڀار جي. (شاهه عنايت)
    پڪل ٿانءَ کي نه پاڻي ڳاري سگهي، نه ئي ڪنڀار جي چڪ تي ٻيهر چڙهڻ ۽ آويءَ ۾ پچڻ جي ضرورت اٿس. (۳۵) ص ۲۶۲
    181. پڇ-مروڙيو ڍڳو، دن اگهاڙي نار،
    چتين ڇنو موچڙو، مٿي وارو بار،
    واريءَ سندو پنڌڙو، پنج ئي گردن بار. (چوڻي)
    ۱ - ڍڳو، هر وهڻ جي ڪم ايندو آهي. هر ۾ وهڻ لاءِ، طاقت سرس کپي. ڪي ڍڳا، وهڻ جا ڪوڙا هوندا آهن. جيستائين پڇ کان وٺي مروٽو نه ڏبو اٿن، تيستائين وک نه کڻندا آهن. پٺيان، هر کي سنڀاليندڙ هاري، هڪ هٿ سان هر کي سنڀاليندو آهي ۽ ٻئي هٿ سان ٻنهي ڏاندن کي، کيڙيءَ واري ٻنيءَ تان هلندي، ٿاٻڙندي ۽ پاڻُ سنڀاليندي، هڪليندو آهي. اهو اڳي ئي بِرِ بيٺو هوندو آهي. ويتر جو ڏاندُ به ڪوڙو هجي ته صفا کِٿِ ٿي پوندو آهي.
    ۲ - عورت جو هر عضوو، ڪشش رکندڙ آهي. ڏورا، پنيون ۽ پيٽ ته خاص طور تي اگهڙ ۾ شامل آهن ۽ مردن کي پاڻ ڏانھن مائل ڪندڙ آهن. ويتر جو عورت دن به اگهاڙو ڪيو وتي ته اها ڄڻ مڙني کي پئي پاڻ ڏانھن سڏي. اها گهڻن کي ويڙهائي ناس ڪندي.
    ۳ - بوٽ تي جڏهن، ڌارئي چمڙي جون چتيون لڳنديون آهن ته وزن وڌي ويندو اٿس ۽ پائڻ ۾ ٺوٻر ٿي پوندو آهي. پيرن ۾، هيٺان مٿان لڦون ته ڪندو آهي پر هلڻ ۾، ڳؤرو هئڻ سبب، بيزار پڻ ڪندو آهي.
    ۴ - مٿي تي رکيل بار، آخرڪار پيرن کي ئي کڻڻو آهي. پيرن تائين پھچڻ کان اڳ، سڄي جسم مان وزن کي پار پوڻو آهي. ڪنڌ، پنيون ۽ ٻانهون چڙهي پوندا آهن. اگر بوٽ يا چپل ڇڳل آهن، ته به هلڻ ۾ هلاک ۽ بيزار ڪندڙ هوندا آهن.
    ۵ - واريءَ جي مٿان پير، ڦٻڻ بدران ٿڙندو آهي. جنھن ڪري هلندڙ کي ڏاڍي بيزاري ٿيندي آهي.
    مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل پنج حالتون بيزار ڪندڙ هونديون آهن.

    182. پدمڻي پنچ تولا جهيمي، ڏس تولا جهيمي چترڻي،
    ايڪ پاءُ جهيمي ڪامڻي، سير جهيمي سنکڻي. (چوڻي)
    پدمڻي، چترڻي، ڪامڻي ۽ سنکڻي، عورتن جا قسم آھن. اھي سندن بدني ڊؤل کي جانچي پوءِ ورھايا ويا آھن. جهيمي: ڍاپي، ڍؤ ڪري. ڏس: ڏهه. تولو؛ آنو، ڇٽانڪ.
    ۱ - پدمڻي، ٿور-کائڪ هوندي آهي. پنج تولا خوراڪ کائڻ سان، سندس گُجي ڀرجي ويندي آهي.
    ۲ - چترڻي عورت، پدمڻيءَ جي ڀيٽ ۾ ٻيڻي خوراڪ گهليندي آهي.
    ۳ - ڪامڻي، پدمڻيءَ کان چئوڻ تي کائڻي آهي. ٿوري مان ته سندس پيٽ ئي نه ڀربو.
    ۴ - سنکڻي ته کائڻ جو چهٻر هوندي آهي. مڙني جي ڀيٽ ۾ گھڻي مانِر هوندي آهي. اهڙي پيٽ-هٿي هوندي آهي جو کارو مانين جو کائي ته به آنڊي جو وڪڙ سڌو نه ٿئيس.
    مطلب: ۱ - عورت جو اندازو، سندس کاڌ خوراڪ جي وزن مان به ڪري سگهجي ٿو.
    ۲ - پا زمئه پدمڻي، اڌ شير زمئه چتر ڳڻي،
    شير زمئه ھنش ڳڻي، ٻي شير زمئه شکڻي. (پارڪري)
    ۳ - پد مڻي پاءُ کائي، اڌ سير کائي چترڻي،
    هنش ڳڻي سير کائي، ٻه سير کائي سنکڻي. (ترجمو) (۲) ص ۲۵۸.

    183. پدمڻي پون جاڳي، کڙڪا جاڳي چترڻي،
    سڏ جاڳي ڪامڻي، واڪا جاڳي سنکڻي. (چوڻي)
    پون: آهٽ.
    ۱ - پدمڻي عورت جي نشاني اِها آهي ته اُها نينڊي طبيعت نه هوندي آهي. ننڊ ۾ به هوشناڪ هوندي آهي. سنهڙي آهٽ تي به خبردار ٿي اٿي پوندي آهي. جيڪڏهن سمهندي به آهي ته جهٽ پلڪ لاءِ.
    ۲ - چترڻي عورت، پدمڻيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ننڊ ڪندڙ آهي ۽ سندس جاڳ کڙڪي تي ٿيندي آهي. آهٽ تي خبردار نه ٿيندي آهي. سمهندي آهي ته رات جي پوئين پهر ۾ جاڳي پوندي آهي.
    ۳ - ڪامڻي عورت جي ننڊ ٿوري گهري آهي ۽ سڏ تي اٿندي آهي. ستي کان پوءِ، پرڀات جو مس وڃي اک کلندي اٿس.
    ۴ - سنکڻي مڙني جي ڀيٽ ۾ اينٿري ۽ نينڊي آهي. هلڪي کڙڪي ۽ سڏ تي سجاڳ نه ٿيندي آهي، جيستائين مٿان بيهي واڪا نه ڪجنس.
    مطلب: ۱ - عورتن جا چار قسم آهن. کين سڃاڻڻ جون نشانيون، سندن ننڊ ۽ جاڳ جي طريقن ۾ به آهن.
    ۲ - پدمڻي تو پلڪ نيندر، پهر نيندر چترڻي،
    پرڀات جاڳي ڪامڻي، سورج جاڳي سنکڻي. (۲) ص ۲۵۵.

    184. پدمڻي دو پتر، چار پتر چترڻي،
    ڪامڻي آٺ پتر، سولا پتر سنکڻي. (چوڻي)
    ۱ - پدمڻي عورت، ٻار گهٽ ڄڻيندي آهي. اھي به وڏي وقفي کان پوءِ. حياتيءَ اندر، ڇيهه ۾ ڇيهه ٻه ٻار ڄڻيندي سي به پنجن سالن جي وقفي کان پوءِ.
    ۲ - چترڻي عورت، چئن سالن جي وقفي سان، پنھنجي پوري ڄمار ۾ فقط چار ٻار ڄڻي سگهندي آهي.
    ۳ - ڪامڻي، ٽن سالن جي وقفي سان به اٺَ ٻار کن، پنھنجي پوري عمر ۾ ڄڻي ويندي آهي.
    ۴ - سنکڻي، طبيعت جي ڪوسي/ گرم هئڻ سبب، ٻارهين مهيني ٻار ڄڻيندي آهي ۽ زندگيءَ ۾ سورنهن کن ٻار ڄڻي ويندي آهي.
    مطلب: ۱ - عورت جو قسم سندس ڄڻڻ واري صلاحيت مان به پڌرو هوندو آهي.
    ۲ - دو پتر پدمڻي ڪون، چار پتر چترڳڻي ڪون،
    آٺ پتر هنش-ڳڻي ڪون، شور پتر شکڻي ڪون. (پارڪري)
    ۳ - پد مڻيءَ کي ٻه ٻار، چترڻيءَ کي چار ٻار،
    هنش-ڳڻيءَ کي اٺ ٻار، شکڻيءَ کي سورنهن ٻار. (ترجمو)
    ۴ - پدمڻي پانچ برسي، چار برسي چترڻي،
    تين برسي ڪامڻي، ٻارهين مهيني سنکڻي. (۲) ص ۲۵۸.

    185. پدمڻي ڪون پِتي والو، چترڳڻي ڪون چِير والو،
    هنش-ڳڻي ڪون وير والو، شکڻي ڪون واڌ والو. (پارڪر، چوڻي)
    ڪُون: تي. پتي: مڙس. والو: پيارو. چير: پيٽ ڄڻيو. وير: ڀاءُ، پيارو ڀاءُ، ماءُ ڄائو. واڌ: جهيڙو، فساد.
    ۱ - پدمڻيءَ کي، مڙس مڙني کان پيارو هوندو آهي. ان جي ئي خدمت، گهڻي ۾ گهڻي ڪندي آهي.
    ۲ - چترڻيءَ کي وري پيٽ ڄڻيو، وڌيڪ وڻندو آهي. يعني ڄڻيي اولاد تان ٻلهار ٻلهار پئي ويندي. مڙس جي ڀيٽ ۾، ٻچن ڏانهن قرب وڌيڪ ونڊيندي. انهن جي ٽهل ٽڪور ۾ گهڻو وقت ڏيندي.
    ۳ - هنش-ڳڻيءَ کي پيڪا پيارا هوندا. انهن ۾ به خاص ڪري ڀائر. ماءُ-ڄڻيي تي، مڙس ۽ پيٽ-ڄڻيي جي ڀيٽ ۾، وڌيڪ قرب جو اظھار پئي ڪندي آھي.
    ۴ - سنکڻي ته ڪنهن سان ٺهي ئي نه. نه مڙس جي خدمت، نه ٻارن جي ٽهل ٽور. نه وري ڀاءُ آئي کي سهي. جنهن تنهن سان جهيڙو ۽ فساد. هر آئي وئي کي، اُکين ٿي اچي کڻندي.
    مطلب: ۱ - عورت جو روپ، سندس رويي مان به پڌرو هوندو آهي. پنهنجن پيارن رشتن سان سندس نيبهه ڪھڙي رنگ ۾ ٿئي ٿو. ان رنگ کي ڏسڻ سان، کيس سمجهي سگهجي ٿو. (۱۹) ص ۹.

    186. پدمڻي کڙيان ڪيس، ڪڙيان ڪيس چترڻي،
    اره ڍڪڻي ڪامڻي، ڪنان ڪيس سنکڻي. (چوڻي)
    ڪيس: مٿي جا وار. کڙيان: کڙيءَ تائين. ڪڙيان: چيلهه. ڪنان: ڪنن تائين.
    ۱ - پدمڻي عورت، پنهنجي وارن جي نشانيءَ مان به پڌري هوندي آهي. مٿي جا وار ڊگها، سهڻا ۽ گهاٽا هوندا اٿس، جيڪي سندس قد جيڏا هوندا آهن.
    ۲ - چترڻيءَ جا وار، سندس چيلهه تائين مس ڊگها هوندا آهن.
    ۳ - ڪامڻي عورت جا وار، گهٽ ڊگها هوندا آهن. ڇاتي مس ڍڪيندا اٿس.
    ۴ - سنکڻيءَ جا وار، ڪنن کي مس ڍڪيندا آهن. ڇوڪرن وانگر ٻٽون-ڪٽ وار مس ڌاري سگھندي آھي. ان کان وڏا رکندي ته ڇڻڻ شروع ٿي ويندس.
    مطلب: عورت جو قسم، وارن جي نشانيءَ مان به پرکي سگهبو آهي. (۲) ص ۲۵۶.

    187. پدمڻي هنس چلي، مرگهه چلي چترڻي،
    مور چلي ڪامڻي، ڍور چلي سنکڻي. (چوڻي)
    هنس: هنجهه پکي. مرگهه: هرڻ.
    ۱ - پدمڻي عورت پنهنجي چال مان پڌري هوندي آهي. هلندي آهي ته هنجهه پکيءَ وانگر هلندي آهي. سھڻي ٽور سان پئي ايندي ۽ ھر ڪنھن کي پئي سيبائيندي.
    ۲ - چترڻيءَ جي چال، هرڻ جي ڇال وانگر هوندي آهي. ٺينگ ٽپا ڏيندي ايندي. جنھن جو ڌيان نه ھجي سو به ڏانھنس ڌيان ضرور ڪري.
    ۳ - ڪامڻي، هلندي ته ڊيل وانگر ٽور ڪندي ايندي. پاڻ ڏانھن ٻين جو ڌيان ڇڪائيندي ايندي.
    ۴ - سنکڻيءَ جي وک، ڍور وانگر ۽ پري کان پڌري هوندي آھي.
    مطلب: ۱ - عورت جا چار ئي قسم، سندس وک ۽ چال مان پڌرا هوندا آهن. کيس سندس هلڻيءَ جي چال مان به صحيح ڪري وٺبو آهي. (۲) ص ۲۵۶.

    188. پراڻ جائي، پروجن نه جائي. (چوڻي)
    پراڻ: ساھ. پروجن: ويساھ، اعتبار.
    جيئن سلو پاڻيءَ تي تڳندو آھي، تيئن وري انسان، نيت، ويساھ يا وشواس تي تڳندو آھي. ٻين جي مٿان جيئن سندس اعتبار ويھندو ويندو آھي، تيئن سندس ڪاروبار ۽ ساک وڌندا ويندا آھن. جڏھن ماڻھو غريب ۽ نادار آھي، تڏھن رب جي رضا تي راضي رھي پيو ٿو زندگيءَ جا پل گھاري. ان جي برعڪس جڏھن معاشري ۾ پنھنجي ساک يا نيت پت ٺاھي ڪو مقام حاصل ڪندو آھي ته پوءِ اتان ھٽڻ لاءِ ذھني طور تيار نه ٿيندو آھي. اگر سندس ساک يا ويساھ، ڪنھن ڪڌي ڪم سبب، ماڻھن مان ٽٽو ته سندس اھو اوچو مقام به مٿان کان ٽٽي اچي پٽ پوندو آھي. مٿان ڪري، ھيٺ اچي پوڻ کان پوءِ، زندگي گذارڻ تمام گھڻي اھنجي ٿي ويندي آھي. اھڙي زندگي گذارڻ کان ھر ڪو موت کي ترجيح ڏيندو آھي. اھو ئي سبب آھي جو ھر ڪو پنھنجي ويساھ/ وشواس يا ڀرم کي قائم رکڻ جا جتن پيو ڪندو آھي.
    مطلب: ۱ - ساهه وڃي، ويساهه نه وڃي.

    189. پراڻو کوهه وهي؛ لک لھي،
    نئون کوهه وهي؛ ڊهي پوي. (پھاڪو)
    ۱ - جر جو پاڻي، نارن ذريعي سمي، کوھ جي تري ۾ جمع ٿيندو آھي، جيڪو ڇڪي ٻاھر ڪڍبو آھي. سنھڙن نارن مان سميل پاڻي، صاف ٿي نڪرڻ سبب، پيئڻ لائق ھوندو آھي. کوھ جيئن پراڻو ٿيندو تيئن سندس نارن جا وھڪرا پڪا پختا ٿي ويندا آھن ۽ ورلي بند ٿيندا آھن. اگر پاڻي ڪڍڻ بند ڪبس ته پوءِ امڪان آھي ته اھي نار بند ٿي وڃن. جڏھن پراڻي کوھ جا نار بند ٿيندا آهن ته پوءِ اھو کوھ بيڪار ٿي ويندو آھي. منجھانئس ٻيھر پاڻي ملڻ ناممڪن ٿي ويندو آھي. ھاڻي ان کوھ تي وڌيڪ محنت ڪرڻ بجاءِ، ان کي لٽي ٻيو کوٽبو آھي. ڪڏھن ڪڏھن اوچتو بند ٿيل نار، وھي به پوندا آھن. اگر کوھ ائين وھي پيو ته پوءِ لک لھي.
    ۲ - نئين کوهه جي اندرين ڀت گولائيءَ سبب مضبوط ھوندي آھي. تنھن ھوندي به ڪوشش ڪبي آھي ته جيستائين اھا ڀت، چَڪَ تي مضبوطيءَ سان ويھي، تيستائين سندس ڀتين مان پاڻي نه سمي ۽ تري مان به نار، سيما ڪري نه وھن. انھن جو تڪڙو وھڻ نئين کوھ کي ويھاري ۽ نئين اڏاوت کي لوڙهي ڇڏيندو.
    مطلب: ۱ - پراڻي کوھ جو وھڻ غنيمت ۽ نئين جو سمڻ زحمت.
    ۲ - پراڻا سخي، سخاوت ڪن ته ڍائن، نوان سخاوت ڪن ته ڏهڙي رکن.

    190. پرائي مانيءَ کان، پنهنجن ڪکن جي رٻ به ڀلي. (چوڻي)
    ماني: ڊڳڙ، ڪڻڪ جو لولو، اوچو طعام. رٻ: ڪُني ۾ پاڻي وجهي، منجھس ٻاجهريءَ جو ڏارو وجهي، ڪاڙهين ته پٽڙي پيڄي ٿيو پوي، ان کي رَٻ چون. غريب کيس غنيمت سمجهي، رٻ ڀٽاري چون. ڪک: ڪکاوان گھر، غريباڻا گھر، آکيرو جيڪو پڻ گھر جي علامت آھي.
    ماڻھوءَ سان پيٽ به لڳل آھي، جيڪو کيس ڀرڻو آھي. ان کان علاوھ انسان ھئڻ جي ناطي کيس پنھنجي عزت نفس به برقرار رکڻي آھي. پيٽ اندر پيل کاڌو، جسم جي خوراڪ آھي، جنھن تي اھو پلجي ٿو ۽ وڌي ويجھي ٿو. بلڪ ائين چئجي ته اھو زندھ ئي ان کاڌي تي رھي ٿو. اھڙيءَ طرح عزتِ نفس يا روح جي به ھڪ خوراڪ يا غذا آھي. جيڪا آھي حلال روزي ۽ چڱا ڪم. اگر انسان ڪِري، پوءِ ڪا روزي حاصل ڪري ٿو ته سندس روح مردھ ٿئي ٿو ۽ عزتِ نفس مجروح ٿئي ٿي. کيس پيٽ ڀرڻ سان گڏ، انھن جي سلامتيءَ جو بندوبست پڻ ڪرڻو آھي. ڇو جو فقط پيٽ ڀرڻ، سندس مقصود ناھي. اھو ته ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾، جانور ۽ درندا به پيا ڀرين. اگر انسان به ائين ڀريو ته پوءِ انھن ۽ ھن ۾ ڪو واضح فرق نه رھندو. جنھن واضح فرق سبب، کيس اشرف المخلوقات جو لقب مليل آھي، اھو فقط روح کي زندھ يا مردھ رکڻ ئي آھي.
    پنھنجي ھٿن سان ڪمايل سادي روٽي، پنھنجي ھٿن سان جوڙيل ڪکاون گھرن ۾ کائڻ سان، ماڻھو ٻين تي ٻوجھ نه ٿو ٿئي، ۽ نه ئي ائين ڪرڻ ٻين تي گران ٿو گذري. ان جي برعڪس، ٻين جي درن تي ڪرڻ وارو ڀلي سٺيون مانيون کائي، پر ٻين مٿان بار ۽ سندن ھنيانءَ تي تور ٿئي ٿو. ان سان انسان، اڳلن جي نظرن ۾ ته ڇا، پنھنجي نظرن ۾ به ڪري پوي ٿو. سندس روحاني مردھ ٿيو وڃي ۽ اشرف المخلوقات ھئڻ واري درجي کي به شرمائي ٿو.
    مطلب: ۱ - ڀلي بک ڀرم جي شال نه وڃي شان.
    ۲ - شان مان پيٽ ڀرڻ ۾ نه، بلڪ عزتِ نفس قائم رکڻ ۾ آھي.
    ۳ - پنھنجي ڪکائين گهر ۾ رٻ کائڻ، پرائي گهر ۾ پلاءُ کائڻ کان وڌيڪ شان واري آهي. (۱۲)


    191. پرٿويءَ جو نالو: نانهن جو گهر. (چوڻي)
    پرٿوي: ڌرتي. نانهن: محنت.
    ڌرتيءَ تي هر ڪو هٿين خالي آيو آهي. جڏھن ته اھي خالي ھٿ، سندس ڪمائڻ جا اوزار يا ھٿيار پڻ آھن. کيس ڌرتيءَ مٿان، حياتي گذارڻ لاءِ، روزي رزق حاصل ڪرڻ لاءِ انھن عطا ڪيل ٻنھي ھٿن پيرن جي معاونت سان محنت ڪرڻي آھي ۽ پنھنجي حصي جي روزي روٽي چُڳڻي آھي.
    اگر، هڪڙو ماڻهو، هٿ پير هوندي، محنت نه ڪندو سو نيٺ ٻين آڏو هٿ ٽنگيندو. اگر محنت ڪندو ته مان به پائيندو ۽ بک به نه مرندو.
    مطلب: ۱ - ڌرتي، محنت جي جاءِ آهي.
    ۲ - انسان کي هر وقت محنت ڪندو رهڻ گهرجي.

    192. پرجا سکي؛ راجا سکي، سکي سڀ سنسار. (پھاڪو)
    پرجا؛ رعيت. راجا؛ بادشاھ. سنسار؛ جڳ.
    رعيت تڏھن خوش ٿي رھي، جڏھن حاڪم، ساڻن عدل ۽ انصاف واري ھلت ۽ ورتاءُ ٿو ڪري. رعيت جا جڏھن گھر ويٺي حق انصاف وارا فيصلا ٿين ٿا ته اھي وري موٽ ۾ بادشاھ جي صحت ۽ سلامتيءَ لاءِ دعائون گھرندا رھن ٿا. ٻئي ڌريون جڏھن ھڪ ٻئي مان خوش آھن ته ٽين ڪا به ڌر سندن معاملي ۾ ٽنگ اڙائڻ جو سوچي به نه ٿي سگھي. اھا به کانئن پاڻ کي بي اونو ڪيو، سڪون ٿي ماڻي. (۳۵) ص ۲۴۹
    مطلب: ۱. جيڪو زمين وارن کي خوش رکڻ جي ڪوشش وٺي ٿو، تنھن کي آسمان وارو سڪون مھيا ڪري ٿو.
    ۲. بادشاھ کي به مٿي ۾ سور رعايا وجھندي آھي. اھا سکي ھوندي ته راجا کي به قرار ھوندو.
    193. پرس ڪراڙو، جوءِ جواڻ، اهو نه جڙندو جوڙ،
    جي حيلا ڪرين هزار، ته به بُهه جو نه ٻڌبو نوڙ،
    چوٿين جَون جي ماني، پنجون ٿيلهي مڇيءَ جو ٻوڙ،
    پنج ئي گردن ٽوڙ. (چوڻي)
    ۱ - ڪراڙو مرد، جوان عورت جي ڪم جو ناهي. جوان عورت کي جيسي مرد جي ضرورت آهي. جنھن سان رسڻ پرچڻ ۾ کيس ساءُ اچي. ڪراڙي جو پرچائڻ ۽ ڀاڪر ۾ ڀرڻ، کيس ڪرڀ ڏياريندڙ ٿيندو. نه ئي وري ڪراڙو، سندس جنسي تقاضائون پوريون ڪري سگهندو. انھن ٻنهي جو پاڻ ۾ ٽاڪو لڳڻ، اگر ناممڪن ناھي ته مشڪل ضرور آهي.
    ۲ - بُهه، تمام ننڍڙن داڻن تي مشتمل هوندو آهي. جڏهن ته نوڙ يا نوڙيءَ وٽڻ لاءِ ريشي-دار، ڌاڳن جھڙن سرن جي ضرورت آهي، جيڪي هڪٻئي کي سڌائيءَ ۾ وڪوڙي جهلي بيھن. بُهه جي داڻن سان نوڙ وٽڻ لاءِ سوچڻ ئي بيوقوفي آهي.
    ۳ - جَوَ، اڻڀو اَنُ آهي. پيهڻ سان به بلڪل ميدي وارو اٽو منجهانئن نه ٿيندو آهي. بلڪ داڻيدار تُھن تي مشتمل هوندو آهي، جنهن ۾ اٽي وانگر چنبڙڻ واري خاصيت نه هوندي آهي. جنهن سببان منجهانئس ماني نه جڙي سگهندي آهي.
    ۴ - ٿيلهي مڇي، تري کائڻ ۾ ئي مزيدار ۽ ذائقيدار هوندي آهي. اگر منجهانئس ٻوڙ رڌجي ته ڀُري ويندي ۽ کائڻ ۾ لذت نه ڏيندي.
    مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل حقيقتون، ڏک ڏيندڙ آهن.

    194. پَرَ-متڙيو، سدائين ڏوهرو. (چوڻي)
    پَرَ-متڙيو: پرائي مت تي هلندڙ، ٻين جي عقل تي هلندڙ. سدائين: ھميشه.
    ڏوهرو: ڏکيو، ڏک ۾، تڪليف ۾.
    جيڪو پنهنجي معاملي ۾ به، ڀلي بري جي تميز نه ڪري سگهي ۽ هر معاملي ۾ ٻين جي عقل تي هلي، سو نيٺ پر-متڙيي پوڙهي وانگر گڏھ ته ھٿان وڃائي پر ماڻهو به مٿان کلائي.
    هر معاملي ۾ رڳو پڇ پڇ به، ٻين کي بيزار ڪري ڇڏيندي آهي. ان ڪري بهتر آهي ته ڪجهه پنهنجي عقل کان به ڪم وٺجي.
    مطلب: ۱ - اڌارو عقل، ٿورو ۽ کٽل، ناقص ۽ مارائيندڙ هوندو آهي.
    ۲ - پنهنجي سمجهه سان ڪيل ڪم جو نقصان به وڻندو آهي. اڌاري عقل سان ٿيل فتح به، دلي سڪون نه ڏيندي آهي.
    ۳ - هر معاملي ۾، پنهنجي پاڻ تي ڀاڙجي.
    ۴ - سدائين پنهنجي ٻارجي ۽ پنهنجي چاڙهجي.
    ۵ - پرائي مت آهي پرڻ ۾ پاڻي، پيو ۽ وهي ويو.
    ۶ - ٻين جي عقل تي هلندڙ، سدائين ٽوٽ ۾ هوندو آهي. (۶) ص ۹۷.


    195. پرڻي او پاڙي، جڻي او جاڻي. (چوڻي)
    پرڻي؛ پرڻجندڙ، شادي ڪندڙ. او؛ سو. پاڙي؛ پالي، نپائي. جڻي؛ ڄڻيندڙ. جاڻي؛ ڄاڻي، سمجھي.
    جيڪو شادي ڪري ٿو، زال تنھن کي ئي پالڻي آھي. ان جا نخرا وغيرھ کيس برداشت ڪرڻا آھن. ڇو جو سندس پٺ ان منجھان ئي ظاھر ٿيندي. اھڙيءَ طرح، ٻار جو مزاج اھو ڄاڻي، جنھن کيس ڄڻيو آھي. ٻئي کي ان جي معاملن جي ڄاڻ گھٽ پوندي. (۳۶)
    مطلب: ۱ - ھر ڪو پنھنجي معاملو کي، پاڻ سڌو ڪري ته بھتر ٿيندو.

    196. پريت ڪجي جاڻ سجاڻ سون،
    حيوان سون پريت ڪيسي،
    سارس ٻيٺا ماس چوماسون،
    چونچ ڀري سا ڪپاس جيسي. (پهاڪو)
    سارس: سوهٽا، پکيءَ جو نالو. ماس: مهينو. چوماس: چار مهينا. چونچ: چنهنب.
    سارس پکيءَ جي، ڪاري ڪانءَ سان دوستي ٿي وئي. هڪ دفعي ڪانءَ جي دعوت ڪيائين. دعوت ۾ ٻين طعامن سان گڏ انب پڻ رکيائينس، جيڪي مختلف قسمن جا هيا.
    موٽ ۾ ڪانءَ به، کيس دعوت ڏني. ڪانءُ دعوت ڏيئي اچڻ کان پوءِ، بندوبست کي لڳي ويو. کيس انب ڏاڍا وڻيا هيا. ٻيو ڪجهه ڪو نه ڪيائين، فقط انبن جي بندوبست ۾ جنبي ويو. کيس انبن جو وڻ نظر ڪو نه آيو، ان جي بدران اڪ جي ٻوٽي ۾ انبن جهڙا اڪ ٽٽڙا نظر آيس، جن کي انب سمجهي، سندن پچڻ ۽ پيلي ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. جڏهن اڪ پچي پيلا ٿيا ته سارس کي دعوت کائڻ لاءِ ڪوٺي وٺي آيو ۽ اچي اڪ ٽٽڙن مٿان ويهاريائينس. سارس، اڪ- ٽٽڙي ۾ جيئن چنهنب هنئي ته منجهائنس ڪپهه جهڙا تُهَه اڏامڻ لڳا، جنهن تي ڪانءُ ڏاڍو پشيمان ۽ لڄي ٿيو.
    مطلب: ۱ - بي جنس جي ياريءَ مان، فقط خواري نصيب ٿيندي آهي.
    ۲ - نيچ سون سڱ، ڪيو نه ڪيو. (۲) ص ۲۶۳ ۽ ص ۲۸۰.


    197. پڙهياسي گڻيا نهين، رهيا ٺوٺ ڪا ٺوٺ. (چوڻي)
    پڙهياسي: پڙهيل. گڻيا: گڻن وارو. ٺوٺ: ڏڏ، بيڪار.
    علم حاصل ڪرڻ جو مقصد آهي؛ مٿس عمل ڪرڻ. جيڪو ماڻهو پڙهي ۽ ڪڙهي نه، سو به بيڪار آهي. ڇو جو علم حاصل ڪرڻ جو مقصد اهو ناهي ته فقط ٻين تي عالم هجڻ جو رعب جهاڙيندو رهجي. بلڪ علم حاصل ڪرڻ جو فائدو تڏهن آهي، جڏهن مٿس پهرين پاڻ عمل ڪجي، پوءِ ٻين کي عمل ڪرڻ جي تلقين ڪجي.
    مطلب: ۱ - گڏھ تي ڪتابن جي لڏ سٿڻ سان، گڏھ عالم نه ٿيندو، پوءِ چاهي حضرت عيسيٰ وارو گڏھ ڇو نه هجي.
    ۲ - علم حاصل ڪجي، مٿس عمل ڪرڻ لاءِ.
    ۳ - پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾،
    تيئن ٿا ڏوھ چڙهن، جيئن ورق ورائين وترا.
    ۴ - پڙهيو آهين، ڪڙهيو به آهين؟
    ۵ - جيئن ڪڙهڻ کان پوءِ کير مان مکڻ نڪرندو آهي، تيئن ڪڙهڻ کان پوءِ ماڻھوءَ مان لڇڻ ظاهر ٿيندو آهي.
    ۶ - پڙهيل، ڪڙهندو نه ته جاهل کان به بدتر هوندو. (۵)

    198. پڪي گهڙي نا ڪنا ڪيها. (پھاڪو)
    گهڙو يا دلو، ڳوهيل مٽيءَ مان جڙندو آهي. مٽيءَ تي محنت ٿيندي آهي. ان کان پوءِ ڳوھيل آلي مٽي چڪ تي چاڙهي، منجھانئس پھرين پھرين، دلي، دکيءَ يا مٽ وغيره جا ڪنا جوڙيا ويندا آهن. اهي جڏهن سڪي ويندا آهن ته پوءِ هيٺان واري چاڻي مان، پاڻيءَ ۽ ٺاپيءَ ذريعي، دلي/ مٽ جو ڍڍ/ بول ٺاهيو ويندو آهي.
    انهيءَ مرحلي دوران، جيڪڏهن دلي يا مٽ جو ڪَنو، ڪنڀر جي بي احتياطيءَ سبب، ٽٽي پيو ته وري نه ٺهي سگهندو آهي. انهيءَ کي وري مٽيءَ ۾ ملائي، منجهانئس ٻيهر، چڪ تي چاڙهي، ٻيو دلو يا مٽ ٺاهيو ويندو آهي.
    اهڙيءَ طرح جنهن ماڻهوءَ ۾، ٻارائپ يا ڪچيءَ عمر ۾ جيڪي عادتون جڙيون، سي وس ڪئي نه نڪرنديون آهي. تنهنڪري ننڍي ٻار جي اخلاق جوڙڻ تي، گهڻو ڌيان ڏيڻ گهرجي.
    مطلب: ۱ - پڪيءَ عمر ۾ سڌرڻ، مشڪل آهي.
    ۲ - ننڍو ٻار، مڇ جو وار، جيئن وارءِ تيئن وري.
    ۳ - پڪي گهڙي کي ڪنا ڪو نه پوندا. (۵)

    199. پل پهر مينھن، ڇهه پهر ڇنو. (پھاڪو)
    مينھن جڏهن آيل ڪڪرن مان وسندو آهي ته ڇڇڪي سان ڪلاڪ اڌ اندر ڪڪر خالي ٿي ويندا آهن. هڪ هنڌان ڪڪر وسي، اوڪاڻجي، ٻئي هنڌ وڃي گجندا ۽ وسندا آهن.
    مينھَن جو پاڻي پڪين جاين تي پوڻ شرط، ڪٺو ٿي، لاهائين طرف هليو ويندو آهي ۽ جاءِ سڪي ويندي آهي. واريءَ تي پوندو ته واري کڻي ويندي. نرم زمين تي پوندو ته چڪ ٿيندي. هر ڪو پاسو ڪري پيو لنگهندو. جڏهن سُڪندي ته پوءِ هر ڪو پيو اتان لنگهندو.
    جڏهن ته ڪکائين ڇت ۾ اهي مڙيئي سھولتون ناهن. پهرين ته چونئري، مَنهه يا لانڍيءَ جا سڪل ۽ ڪڙڪ ڪانا يا سر، مينھن جي پاڻيءَ تي پُسي ڀِڄندا. ان کانپوءِ پنھنجي استعداد آهر، پاڻ ۾ پاڻي جذب ڪندا ۽ ان بعد ٽمڻ شروع ڪندا. ڪلاڪ-اڌ اندر مينھن ختم ٿيو پر چونئري جي ڪانن وارو پاڻي ٻه چار ڪلاڪ پيو ٽمندو ۽ هيٺان ويٺلن کي بيزار ڪندو.
    مطلب: ۱- مينھن گهڙي سوا پوي ۽ ڇن، پھرن جا پھر، پئي ٽمي.
    ۲- گيدي ماڻهوءَ کي، هڪ مڪ لڳي ته پھرن جا پھر پيو روئي.
    ۳- مينھن وسي ٻه پھر، ڇنو وسي ڇهه پھر. (۳۵) ص ۲۰۰
    ۴- مينھن وسي ٻه پھر، ڇن ٽمي ڇهه پھر. (ساهتي)
    ۵- ٻلي کائي ٻه دڪا، ڇٻل ڪڍي ڇهه دُڪا. (ساهتي)

    200. پل ري گٿي، سَو سٽون کائي. (پھاڪو)
    هر معاملي ۾ ڪاميابي تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن اهو وقتائتو ۽ مندائتو ڪجي. جيڪڏهن تير، وقت تي ۽ نشاني تي چُٽي نه هڻبو ته گسي ويندو. پوءِ شڪار تي ڇڏيل تير، موٽي اچي ماڳ نه پوندو. جيڪڏهن شڪار هرڻ جو آهي ته تير ھٿان ويو. جيڪڏهن شڪار، خونخوار درندي جو آهي ته تير ته ويو پر سر به ويو. ان ڪري تير هلائڻ جهڙو ڪم، سوچي سمجهي ڪجي. هڪ دفعو خطا ٿيو، ته پوءِ وڏو نقصان پوندو.
    اهڙيءَ طرح، ڏيتي ليتيءَ ۽ معاشرتي روابط قائم ڪرڻ ۾ به جيڪو پهريون اثر پيو سو آخري هوندو. اٿندي ئي هلايل تير، ناڪام ويا ته ماڻهو ساري زندگي پيو پشيمانيءَ ۾ گذاريندو. ان ڪري هر ڪم جهڙوڪ؛ شادي وغيره تڏهن ڪجن، جڏهن انھن جو وقت اچي وڃي ۽ پاڻ ۾ به بلوغت هجي. ٻيءَ صورت ۾ اڇلايل تير، نشاني تي نه لڳندا ۽ ماڻهو سڄي عمر پيو سٽون ڏيندو ۽ سٽون سھندو.
    مطلب: ۱ - هر معاملي ۾ احتياط سان هلڻ گهرجي. بي احتياطيءَ کان پاسو ڪجي.
    ۲ - ٿوري تان ترڪيل، وڏو نقصان کائي ٿو.
    ۳ - تر جي گٿي، سؤ چوٽون کائي.
    ۳ - ويل وقت، وري هٿ نه ايندو آهي. (۵)

    201. پلو، تپلو. (ڍٽ، چوڻي)
    تپلو؛ تپيل، تپائيندڙ، تپ وارو، تتل، گرم.
    ڪنٺي واري علائقي اندر، ڏهر جي ٻنين ۾، جهنگلي ٻيريون گهڻيون ٿينديون آهن. ٻنين ڇُٽڻ وقت، نومبر جي پڇاڙيءَ يا ڊسمبر ڌاري، ٻيريون وڍي، ھلڪا هلڪا ڍڳ ڪندا آهن، جن کي پاھي يا ڀينٽ چوندا آهن. چوٿين ڏينهن پاھيءَ کي، ڏاڍيري زمين تي ڪٺو ڪري، هلڪا هلڪا ڌڪ ھڻندا آهن ته پن سڀ ڇڻي پوندا آهن ۽ باقي ڪنڊن سميت ڊينگهر بچندا آهن، جيڪي جدا ڪري ڇڏبا آهن. اھي گھڻو ڪري گهرن لاءِ، لوڙهي جي طور ڪتب ايندا آهن، جيڪي ڪم خرچ ۽ مضبوط ٿيندا آهن. ڊينگھرن جا پنج-ست ڀينٽ گڏ ڪري، ٻيانيءَ جي وسيلي مُڙسالو مٿي تي کڻي ايندا آهن، جنهن کي ”اوپاڙو“ چون. بعضي اهي ڪنڊا اُٺن تي به کڻي ايندا آهن. اُٺ جي پُور کي ”ڀينسارو“ چون. سمورن ڇڻيل پنن کي ”پلو“ چوندا آهن.
    پلي جا جالنگ يا ٻورا ڀري اٺن تي لڏي، گهرن ۾ آڻي رکبا آهن. سياري ڌاري اهو اٺن لاءِ فائدي وارو چارو آهي. تاثير ۾ تپلو، يا گرم هئڻ سبب، وهٽ تي سيءَ جو اثر نه ٿيندو آهي. اٺن کان سواءِ ٻڪرين کي به کارائبو آهي. جيڪي کائي کير ججهو ڏينديون آهن.
    هوليءَ کان پوءِ گرم موسم ايندي آهي، اُن بعد پلو ڏيڻ بند ڪندا آهن.
    مطلب: ۱- پلو، تاثير ۾ گرم ھئڻ سبب، مال لاءِ ڪارائتو آھي.
    ۲ - ڪک کي به بيڪار نه سمجھڻ گھرجي.
    ۳ - دنيا ۾ رب پاڪ ڪا به شيءِ بيڪار پيدا نه ڪئي آھي. (۱۱) ص ۲۰۹.

    202. پنڻ عيب، مدد ڪرڻ فرض. (چوڻي)
    پنڻ؛ بنا محنت جي ٻئي کان پئسي جو سوال ڪرڻ.
    مدد؛ بنا گھرڻ جي وقت تي پئسو ڏيڻ.
    ھڪ دفعو ٻئي جي آڏو ھٿ ٽنگڻ سان ماڻھوءَ جو مرم ۽ مريادا مريو وڃي. مليل مدد، کيس ھڏ-رک ۽ گيدي بڻايو ڇڏي. سماج منجھ ڪوڙھ جو ٽڪو ۽ ناسور ٿيو پوي. ان جي برعڪس اڙيءَ اڌيءَ ۾ پنھنجي ان مائٽ جي مدد ڪرڻ، جيڪو اڙيل ھوندي زبان سان نه ٿو ڪڇي، ھر صاحب ثروت تي فرض آھي. (۳۵) ص ۲۳۹
    مطلب: ۱. مفت جي ماني پيٽ پوڻ سان، ماڻھوءَ منجھان ھمت جو جذبو نڪريو وڃي. مفت جو مليل ٽڪر، کيس گيدي ۽ بزدل بڻايو ڇڏي.

    203. پنڻي پنيو، سڪڻو سمهو رو سمهو. (پهاڪو)
    سڪڻو: پنندڙن کان پنندڙ. سمهو رو سمهو: سامهون جو سامهون.
    ائين ته هڙئي انسان منگتا/ فقير آهن. جڏهن ته ڏيئي نه پچارڻ وارو سخي، فقط هڪ الله آهي.
    هتي فقط انهن فقيرن/ منگتن/ پنڻن بابت چيل آهي، جيڪي ماڻهن آڏو هٿ ٽنگين ٿا. منجهانئن هڪڙا اهي آهن، جيڪي پنڌ ڪري ڪنهن سخيءَ جو در جهلين ٿا ۽ مراد ماڻڻ لاءِ سين هڻن ٿا.
    ٻيا فقير اهي آهن، جيڪي اها تڪليف به ڪا نه ڪن. سست ۽ ڪاهل، ھڏ-رک ۽ ھڏ-حرام بڻجيو، هڪ هنڌ ويٺا رهن. ٻين کان ته سوال ڪن پر، پينڙياتن مان به ڪين مڙن. کانئن به سوال ڪندي شرم/ عار محسوس نه ڪن.
    مطلب: ۱ - پنڻ لاءِ به اصول ڌارجي، خوامخواھ بي حياءُ نه ٿجي.
    ۲ - پوريل در نه پن، متان پنيي پوري نه پوئي، سو ئي دَر پن، جت پينارا پُرِ ٿين.
    ۳ - پنندڙن کان جو پني، سو گونهن ڪتن جو ڳنهي.
    ۴ - سڪڻا ٽوٽي، پينڙياتن کان به پيا پنندا آهن.
    ۵ - پنندڙن کان نه پن، متان پنيي پوري نه پوئي،
    سو ئي نالو ڳنهه، جو ڏئي نه پچاري. (۶) ص ۵۶.

    204. پنھنجو گهر، هنگيو پئي ڀر،
    پرايو گهر، تُڪيو پئي ڏر. (چوڻي)
    تُڪيو: ٿُڪيو، ٿڪ اڇلي، ٿڪ اڇلائي. ڏر: ڊر، ڊڄ.
    هر ساهدار کي، جيءُ لڪائڻ لاءِ، اجهو ضرور کپي. انسان کي گهر ۽ جاندار کي ڏر. موذي جانور، ڏرن ۾ رهن ۽ انسان گهرن ۾ پاڻ کي محفوظ سمجهن. پنھنجي رهڻ واري جاءِ کي ته هر ڪو، ٻاهرين حملن کان محفوظ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر منجھس رھڻ دوران ننڍڙن خطرن کان پڻ پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. صفائيءَ سٿرائيءَ ذريعي گندگيءَ کان يا دوائن ذريعي موذي شين جھڙوڪ؛ مڇر ۽ منگهڻ، وڇون ۽ بلا، تِڏين ۽ ٽنڊڻن، ڪولين ۽ ماڪوڙن، نوريئڙن ۽ ڪئن وغيره کان، پاڻ ۽ گھر کي آجو رکندو آھي. گندگي ڪرڻ کان به پرهيز ڪبي آهي. ماڻهو پنھنجي گهر ۾، آزاد ۽ پنھنجي مرضيءَ وارو آهي. اگر ان ۾ پاڻ ويهي گند ڪندو ته ڪير کيس ٻانهن کان وٺي ڪو نه روڪيندو.
    ان جي برعڪس اگر پرائي گهر ۾ ويهي ٿڪ به اڇليندو ته اڳلو اها برداشت نه ڪندو. اگر ٻانهن مان نه ورتائينس ته دڙڪا ضرور ڏيندس. اگر دڙڪا نه ڏئي سگهيس ته ڪُرڙين اکين سان ضرور گُهوري ڏسندس. ڀلي ڪمزور هجي، پر پنھنجي ڏر تي گدڙ ته ڇا ٻلي به شينهن آهي. ٿڪ اڇلڻ ته پري جي ڳالهه آهي، پرائي گهر ڏي نهارڻ ۾ به خطرو هوندو آهي.
    مطلب: ۱ - پنھنجي، پنھنجي ۽ سھنجي آهي.
    ۲ - پنھنجو گهر، الله جو در، پرائو گهر، ڏسيو ڏر.

    205. پورب جيڪو وڻ چوري، سو ئي وڻ ٻوڙي. (پھاڪو)
    پُورب؛ ڏکڻ-اوڀر جي ڪنڊ کان لڳندڙ ھوا.
    پورب کان لڳندڙ هوا جي ھلڪڙي ڦڙڪ به، مينهن جي وسڻ جو اُهڃاڻ آهي. اھا جڏهن لڳندي آھي ته سندس زور تي، وڻ به لڏندا يا چرندا آھن. وڻن جو، پوربي ھوا تي چرڻ، ان ڳالھ جي نشاندھي ڪري ٿو ته ان تر ۾ زوردار برسات پوندي. ايستائين جو پوربي ھوا تي چرندڙ وڻ به آخر برساتي پاڻيءَ اندر ٻڏندا. (۳۵) ص ۲۵۹
    مطلب: ۱ - پورب جي هوا جتي به لڳي، اتي برسات پوندي.
    ۲ - ڀيٽيو: ڏاکڻا نه وسڻا، وسي ته ٻوڙي، ڪانئر ڌڪ نه ھڻڻا، ھڻي ته ٽوڙي.

    206. پوڙھو ٿيو اٺ، ته به گت گونئرن جي. (پھاڪو)
    گت؛ عادت. گونئرو؛ اڻ سيکڙاٽ. پوڙھو ٿيڻ؛ وڏي عمر پائڻ.
    ماڻھو عمر ۾ جيئن وڏو ٿئي ٿو، تيئن جسم ۾ ڪمزور ٿيندو ٿو وڃي. جڏھن ته سندس تجربي، مشاھدي ۽ ڄاڻ ۾ واڌارو ٿئي ٿو. سندس اٿڻ ويھڻ ۾ ٺھراءُ، نھٺائي، ڌيرج ۽ سوچ سمجھ وڌي ٿي. ھر معاملي ۾ بجاءِ ھٿ-کس ۽ ڇيڳرپائيءَ جي، دليل دلائل کان ڪم وٺي ٿو. ڇو جو ان وقت، سندس سوچ ۽ سمجھ، جوان ۽ پختا ٿي ٿا وڃن. ان جي برعڪس اگر ڪو ماڻھو، ڪراڙو ھئڻ جي باوجود، جوانن وانگر پيو ٺينگ ٽپا ڏيندو ته گھڻا ڏک ڏسندو. يا ھڏ گڏ ڀڃائيندو يا نرو لھي پوندس. ٽنگ دڏ/گوڏي وٽان نڪري پوندس يا ٻانھن ٺونٺ وٽان نڪتل ھوندس. ان عمر ۾ کيس ھر ڪم زبان کان وٺڻ گھرجي ته چڱو. (۳۵) ص ۲۳۹
    مطلب: ۱. ڀولو پوڙھو ٿئي، پر گيلاٽين کان نه مڙي.
    ۲. ڪراڙو اٺ، ٻه ڪنواٽ لھي.

    207. پوسرڪي جو پاڻي، ڪونئرل جي سيم. (وٽ، چوڻي)
    پوسرڪو: مشهور ڳوٺ. ڪونئرل: ڳوٺ جو نالو. سيم: چراگاهه.
    سارو سنگهار، چار صديون اڳ، ٿر اندر ڄائو. سندس واهپو، گهڻو تڻو مال ڌارڻ ۽ چارڻ سان رهيو. انهن جي چاري ۽ چراگاهن لاءِ هنڌين ماڳين رُليو. ٿر جي هر ويءَ ۽ ولهار، وطن ۽ وٿاڻ جو کيس ڀليءَ ڀت مشاهدو هيو. پنهنجي ذاتي مشاهدي ۽ تجربي تحت، هن ٿر جي ٻن علائقن کي، مال جي لاءِ مفيد چيو آهي.
    هڪڙو پوسرڪو ڳوٺ، جنھن لاءِ ساري سنگهار جو چوڻ آهي ته؛ پوسرڪو جا تڙ ۽ تلاءَ، ترايون ۽ ٽوڀا، پاڻيءَ سان سدائين ٽمٽار رهن ٿا. بيٺل پاڻي گندو ۽ ڌپيارو نه ٿو ٿئي. مٺاس برقرار رهيس ٿو ۽ اوسنائپ مٿس اثر نه ٿي ڪري.
    ٻيو ڪونئرل ڳوٺ، جنھن لاءِ ساري سنگهار جو چوڻ آهي ته؛ ڪونئرل ڳوٺ جي آس پاس وارو علائقو، وري گاه پٺي يا چاري لاءِ بهترين آهي. منجهس مفيد گاه ٿين ٿا، جن تي مال جو چڱو جياپو ٿيو وڃي.
    مطلب: ۱ - پوسرڪي جي تڙن جو پاڻي، ماڻھن ۽ مال لاءِ مفيد. وري ڪونئرل جا چراگاه چوپائي مال لاءِ بهترين آهن. اتي مال چري، کير ججھو ڏئي ٿو. جنھن تي مارو ماڻھن جو سٺو گذران ٿئي ٿو. (۷) ص ۴۷.

    208. پوک کي ته ڀاڻ ڀلو، کٽ کي ته واڻ ڀلو،
    اٺ کي ته ڏاڻ ڀلو، پڪو پختو ماڻ ڀلو،
    روهيڙي جو وڻ ڀلو، ٻڪرين جو ڌڻ ڀلو،
    هاريءَ کي هر ڀلو، جاءِ کي در ڀلو. (چوڻي)
    ڏاڻ: ڏاوڻ. ماڻ: ماپو. روهيڙو: ٿر ۾ ٿيندڙ ٻوٽو.
    ۱ - پوک، ڀاڻ کان سواءِ، تيز ۽ تڪڙي نه اٿندي آهي. فصل کي طاقتور ۽ لاپائتو ڪرڻ لاءِ ڀاڻ ڀلو آهي.
    ۲ - کٽ تختن سان ٺھيل ھوندي يا نهور سان واڻيل ھوندي ته چڱي نه لڳندي. تختا پاسا ڀڃندا ۽ نهور، اينگهه ڪرڻ سبب، جهولي ٿي ويندو. جهوليءَ واري، مڏهڙ کٽ تي سمهڻ سان قرار نه ايندو. ان جي ڀيٽ ۾، واڻ سان واڻيل کٽ، نه سخت ٿئي ۽ نه ئي ايتري نرم جو جھولي ٿي وڃي.
    ۳ - اٺ کي هلائڻ ۽ هشائڻ لاءِ نڪ ۾ ناڪيلي وجهبي آهي. هڪ هنڌ بهارڻ لاءِ، سندس گوڏو ٻيڻو ڪري، رسي سان ٻڌبو آهي. هڪ ٽنگ ٻڌجڻ کان پوءِ، منڊن وانگر هڪ هنڌ بيٺو هوندو. ٽنگ نه ٻڌبس ته وڏين وکن سان ڪٿان کان وڃي ڪٿي نڪرندو. خاص طور تي رڻ ۽ صحرا واري پنڌ ۾ کيس ڳولي به نه سگهبو.
    ۴ - ماپو، يا تارازو به تڏهن ڀلو آهي، جڏهن پڪو پختو ۽ پورو پورو هجي. لائو يا ڪانڊو، سوايو يا کوٽو نه هئن گهرجي. ان سان ٻنهي ڌرين کي نقصان آهي. انصاف قائم ڪرڻ لاءِ، ماڻ پڪو پختو هجي.
    ۵ - روهيڙي جو وڻ خوشبودار ڪاٺيءَ وارو ٿيندو آهي. سندس ڪاٺي به وڃجڻ بعد، ٻارڻ ۽ فرنيچر وغيره ۾ ڪم ايندي آهي. تنهنڪري اهڙو وڻ گهر اندر نظرداريءَ ۾ هئڻ ضروري آهي.
    ۶ - ٻڪري، اڪيلي ڌارڻ ڏکي آهي. پئي ٺينگ ٽپا ڏيندي ۽ هڪ هنڌ نه بيهي سگهندي. ڌڻ ۾ هوندي ته ٻئي ٺهندي. گڏيل پئي رهندي ۽ هيڏي هوڏي نه ويندي.
    ۷ - هاري به تڏهن هاري آهي، جڏهن هَرُ ڪاهي ٿو. جنهن زمين ۾ هر ۽ هاري ناهي، سا به فصل نه ٿي ڏئي. تنهنڪري هاريءَ کي هر سان ياري رکڻ گهرجي. هر کان ڀڄندو، بک مرندو.
    ۸ - جنهن جاءِ کي در ناهي سا به ڀلي ناهي، بلڪ ڀوائتي آھي. ڇو جو جاءِ ۾ اچبو ئي در مان آهي. ڀت ٽپي اچڻ واري جاءِ، چڱي جاءِ ناهي.
    مطلب: ۱ - هن چوڻيءَ اندر، اٺن ڀلين شين جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي ماحول ۽ بيهڪ جي حساب سان چڱيرڙيون آهن.
    ۲ - پوک کي ته ڀاڻ ڀلو، کٽ تي ته واڻ ڀلو،
    اُٺ کي ته ڏاڻ ڀلو، پڪو پختو ماڻ ڀلو،
    روهيڙي جو وڻ ڀلو، ٻڪرين جو ڌڻ ڀلو،
    سنڌ جو ته سر ڀلو، هاري کي ته هر ڀلو،
    جاءِ کي ته در ڀلو، ”پرڀو“ کي ”ٿر“ ڀلو.

    209. پَون مٿي پر ٺھيو، سو ميگھ جو مانڊاڻ. (چوڻي)
    پون؛ ھوا. پر ٺھڻ؛ تتر-کرڙي ٿيڻ، پکيءَ جي پرن جھڙيون ڪڪريون. ميگھ؛ برسات. مانڊاڻ؛ اھڃاڻ.
    چؤماسي جي مند جي شروع ٿيندي ئي اگر آسمان ۾ تتر-کرڙي ٿئي ۽ هيٺ نظر اچي ته اها جلد مينهن اچڻ جو اهڃاڻ آهي. اگر آسمان ۾ اھا گھڻو مٿي ھجي ته ڏڪر جو اهڃاڻ آھي. (۳۵) ص ۲۴۸
    مطلب: ۱ - ڪڪرن جو مانڊاڻ، مينھن جي وسڻ/ نه وسڻ جو نياپو ڏئي ٿو.

    210. پوھ کلڙ کوھ؛ ھڪڙا رڌ، ٻيا سوھ. (چوڻي)
    پوھ؛ جنوري ڌاران ايندڙ سنبت وڪرمي سال جو مھينو. کلڙ؛ ھٿن پيرن جون کلون. کوھ؛ کسائيندڙ. سوھ؛ سوءِ، ڪچرو يا ٻھر ڪڍي، رڌڻ جي قابل بڻائڻ.
    پوھ جي مھيني اندر، ڏينھن ننڍو ٿئي. سيءَ سبب، ويتر بستري مان اٿندي دير ٿيو وڃي. جيستائين سج نڪري گرمائش ڏئي ۽ ماڻھو ڪم ڪار لائق ٿئي، تيستائين، ڏينھن پورو ٿيو وڃي. ھڪڙو رڌي بس ڪر ته ٻئي جي تياري ڪرڻي پوي. ٿڌ سبب، پاڻيءَ ۾ ھٿ وجھڻ سان ھٿن جون کلون به کسيو وڃن. (۳۵) ص ۱۹۶
    211. پوهه، لاڻا لوهه. (چوڻي)
    پوهه: هندي مھيني جو نالو، جنھن ۾ گهڻا پارا پوندا آهن. منجھس سردي/ سيءُ ايترو هوندو آهي جو لاڻي جھڙو گاھ، جيڪو اٺ لاءِ مرغوب غذا آھي، آڪڙجي ۽ سيٽجي، ڪڙڪ ٿي پوندو آهي. ڪپڻ، چٻاڙڻ يا هٿ سان ڀڃڻ ۾ اهڙو سخت لڳندو آهي، جيئن لوهه.
    مطلب: ۱ - پوهه مھيني اندر، گهڻا پارا پوندا آهن.

    212. پهرين پيٽ پنجوءَ جو، پوءِ ٻار ٻچا. (پهاڪو)
    هندستان جي راجستان جي علائقي ۾، پنجو شيدي ڳوٺ آهي. اتي جا شيدي مسلمان آهن. جنهن پنجوءَ شيديءَ جي نالي سان اهو ڳوٺ منسوب آهي، سو شيدي پڻ ٻين شيدين وانگر اندر جو صاف ۽ ڳالهائڻ جو کرو هيو.
    پنجوءَ جي آڏو، گهر ۾ يا اوطاق ۾ يا ڪنهن درگاه جي ننگر ۾، جڏهن ماني ايندي هئي ته حسب عادت ڪلهن کي لوڏي، ٿلهي آواز ۾ پاسي وارن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ چوندو هيو؛ “پهرين پيٽ پنجوءَ جو، پوءِ ٻار ٻچا”.
    مطلب: ۱ - ٻچا ته ڪانون کي به پيارا آھن پر، پنھنجو سر انھن کان به وڌيڪ پيارو آھي. (۲۰)

    213. پهلو سک نروڳي ڪايا،
    ٻيجو سک ته گهر ۾ مايا،
    ٽيجهو سک ته بچن سڌ ناري،
    چوٿو سک پتر اگيا ڪاري. (چوڻي)
    نروڳي ڪايا: تندرست جسم. بچن سڌ: سپوتر، فرمانبردار. بچن: وچن. سڌ: پارڻ. ناري: زال. پتر؛ پٽ. اگيا ڪاري: چئي آکئي ۾.
    ۱ - دنيا اندر هر ماڻهو، سک/ سهوليت جي تلاش ۾ آهي. پهريون سک جيڪو کيس گهرجي، سا آهي صحت. صحت کان سواءِ، دنيا جي ڪا به چيز کيس مزو نه ڏيندي آهي. جيءُ خوش ته جهان به خوش پيو نظر ايندو آهي. ان کان مٿي ڪو به سک ناهي. بيماري، وڏو آزار آهي.
    ۲ - ٻئي نمبر تي سک، دولت ۾ آھي. ڪن جو چوڻ آھي ته؛ صحت به پئسي سان آھي. پئسي سان سک/ سھوليتون خريد/ پيدا ڪري سگهجن ٿيون. سڃائي پڻ بيزار ڪندڙ آهي.
    ۳ - ٽئين نمبر تي سکيو اهو آهي، جنهن کي گهر ۾ سلڇڻي ۽ فرمانبردار زال آهي. سگهڙ زال، هر شيءِ کي ٺاهي سينگاري رکي. نافرمان زال، زندگي زهر ڪيو ڇڏي.
    ۴ - آخري سک، صالح ۽ فرمانبردار اولاد آهي. لوفر/ لچ پٽ، پاڻ نه ماريندو ته ڪڌن ڪرتوتن سبب، ٻين جي هٿان مارائي سک ڦٽائيندو.
    مطلب: ۱ - مال ۽ اولاد، دنيوي زندگيءَ جو سينگار به آهن ته آزمائش پڻ. صحت، پئسو، چئيوان زال ۽ نيڪ صالح اولاد سان سک ئي سک آهن.
    ۲ - پهلو ڏک ته سرير ۾ ڏک، ٻيجهو ڏک ته گهر ۾ بک،
    ٽيجهو ڏک ته ڪڀارجا نار، چوٿو ڏک ته پتر بيڪار. (ابتڙ) (۲) ص ۸۵.

    214. پيٽ، بري بلا آهي. (بيراجي، چوڻي)
    بلا، جيڪا نقصان ڏئي. اهڙي آفت پيٽ جي صورت ۾ هر ساهدار سان لڳل آهي، جيڪا کانئس ڪڌا ڪم به پئي ڪرائي. انسان، دنيا اندر محنت ڪري ئي، پيٽ جو دوزخ ڀرڻ لاءِ ٿو.
    مطلب: ۱ - پيٽ، ماڻهوءَ کان ڪڌا ڪم ڪرائي ٿو.
    ۲ - پيٽ خاطر، ماڻهو غليظ ڪم به ڪري ٿو.

    215. پيٽ ديا پت کوهڻ ڪون. (چوڻي)
    هڪ دفعي هڪڙي راجا جي درٻار ۾ ڪچهري متل هئي. امير امراءَ پنهنجي مسندن تي براجمان هيا. راڄ رعيت جا ماڻهو به جام ويٺا هيا.
    اوچتو هڪرو مڱڻهار درٻار ۾ ڪاهي آيو. سمجهيائين؛ رهاڻ وڏي متل آهي، سوال ڪندس ته توقع کان واڌو ملندو. ريءَ سڏئي، ريءَ سلام دعا جي، اچي سئن هنيائين.
    ڪچهريءَ جي رنگ ۾ اهڙي ڀنگ وڌائين، جو چهچٽو ئي چرٻرو ٿي ويو. سڀئي قهرين نظرن سان ڏسڻ لڳس. راجا ئي خفي ٿي ويو. راجا جي خيال/ موڊ کي مٽائڻ لاءِ، هڪڙي هوشيار وزير، يڪدم چيو؛
    ”ڪيس ديا سر سونهن واسطي، نيڻ ديا ديکڻ ڪو،
    ڪان ديا سڻڻ ڪي واسطي، ناڪ ديا ناسڻ ڪو،
    هاٿ ديا سخا ڪي واسطي، پاڳ ديا پنٿ چلڻ ڪو،
    ڪھي ڪوي گنگ ڀاٽ، پيٽ ديا پت کوهڻ ڪو.“
    انسان کي وار مليا آهن مٿي جي سونهن واسطي ۽ اکيون ڏسڻ لاءِ. ڪن ٻڌڻ لاءِ ته نڪ سنگهڻ لاءِ. هٿ مليل اٿس سخاوت ڪرڻ لاءِ ته پير پنڌ ڪرڻ لاءِ. گنگ ڀاٽ ٿو چوي ته؛ پيٽ وري پَتِ/ عزت وڃائڻ لاءِ آهي.
    مطلب: ۱ - پيٽ کي ڪيترو به ڀريو، ڪين ڀربو.
    ۲ - پيٽ جي بک کي، قبر جي مٽي ئي ڀري سگهي! (۲) ص ۲۶۸.

    216. پير ٿيو ڪي پيڙ ٿيو. (چوڻي)
    پير: مرشد يا رهبر، جيڪو مريد يا خليفي کي رشد و هدايت سان فيضياب ڪري. اوندهه ۾ هٿوراڙيون ڏيندڙن کي، انڌي جي لٺ وانگر، رستو ڏيکاري ۽ اوجهڙ ۾ ڪِرڻ کان بچائي. ماڻهن کي جھالت سببان پيش ايندڙ خطرات کان، اڳواٽ آگاهه ڪري ۽ کين ڪنھن اوجهڙ ۾ ڦاسڻ کان اڳ، سنئين دڳ لائي وٺي. سندس انهيءَ فيض ۽ ڪرم نوازيءَ سببان، موٽ ۾ مريد به پڳر جي صورت ۾ مالي مدد ڪن. ان طريقي سان، ٻنهي ڌرين لاءِ ڀلائي ٿي پوي. مريد جي ڀلائي، نقصان کان بچڻ ۾ ۽ مرشد جي ڀلائي، مالي مدد ٿيڻ سان، بک کان بچڻ ۾.
    انهيءَ طريقي سان مليل مال کي، ڪن لالچي ماڻهن، مفت ۽ سولي طريقي سان آيل سمجهي، پير ٿيڻ جا ڍونگ رچايا ته جيئن پاڻ به سڻڀن مالن تي ڦٻن. دعائن سڳن وارن کي وڌيڪ مال ملي ٿو ته وجهي ملا ۽ پير به ڪاهي پيا، دعائن سڳن ۽ ڦيڻن شوڪارن واري ڌنڌي ۾. اصلي پيرن کي جيڪي نذرانو ملندو هيو، سو ملندي ئي خيرات/ دان ڪندا هيا. پوين، منجهانئن محل ماڙيون ۽ ملڪيتون جوڙيون. دنيا ته گڏ ٿيڻ جي شيءِ آهي ئي ڪا نه. آئي ۽ وئي. وڌيڪ ميڙڻ لاءِ، وجهي پيرن ماڻهن مان پئسا ڪڍڻ جا، جديد طريقا اختيار ڪيا. سرڪار ۾ عھدا وٺڻ، ماڻهن کي ڪاني ڪرامت جا ڀو ۽ ڊيڄارا ڏئي، سندن مال ملڪيتون ڦٻائڻ وغيره.
    ڪمند جو ڳنو ۽ رائيءَ جو داڻو، سخت ٿيندا آهن. هڪ مان مٺي رس ڪڍڻ ۽ ٻئي مان مٺو تيل ڪڍڻ، آسان ڪم ناهن. جيستائين هُن کي چيچڙي ۾ ۽ هِن کي گهاڻي ۾ نه پيڙجي. اهڙيءَ طرح لالچي پير، سخت ۽ پڪن مريدن مان به پيڙي پئسا ڪڍيو وڃن. جنهن سببان کين پير بجاءِ پيڙ به سڏيو ويو آهي.
    مطلب: ۱ - مون ڀانيو درويش پر هيو بازن کان بڇڙو.
    ۲ - اڄوڪا ساڌو، ٻه آڱر واڌو.
    ۳ - اڄوڪا حاجي وتندا، رنون زالون ڦريندا.
    ۴ - اڄوڪا ٻاوا، کٽ جا پاوا، کائي ماوا، ڪن ٿا جاوا.

    217. پير کپا ڙي، ته جاٺا مارا ڙي. (پھاڪو)
    هڪڙي ملهه ڳوٺ جي چوڪ تي پھچي سڄي ڳوٺ کي مقابلي لاءِ للڪاريو. ڪيترا ئي ملھ جا شوقين ۽ ويڙھاڪ آيا، پر ٻاھريون ملھ، کين ملھ ماريون پئي ويو. ڳوٺ ۾ ھڪڙو ٿلھو ٿنڀرو مڙس به ھيو، جنھن کي جسم ۾ طاقت ته ٻين جي ڀيٽ ۾ سرس ھئي پر ملھ وڙھڻ جو کيس تجربو يا حوصلو نه ھيو. مڙني مڙسن جي دسجي وڃڻ سبب، چڱي مڙس، ڳوٺ جي بيعزتي سمجھي. ان ڳالھ کي اندر ۾ ڳڻي، انھيءَ ٿلھي ٿنڀري کي منٿ ايلاز ڪري ميدان ۾ لاھي وڌائين. کيس اھو به آٿت ڏنائين؛ ”تون رڳو ملھ وڙھڻ لاءِ ھٿ ڳنڍ، باقي ملھ دسائڻ اسان جو ڪم آھي. اسان تو کي ملھ جا داءَ پيچ ٻڌائيندا ھلنداسين. ائين ڪرڻ سان ھن کي ملھ به ماري ويندين ۽ ڳوٺ راڄ جو مان به مٿانھون ڪري وجھندين. اڄ کان پوءِ تنھنجي گھڻي واھ واھ ٿي ويندي.“
    ريھي ريبي کيس ميدان تي لاھي وڌائون. سندرن ۾ ھٿ به ڳنڍرايائونِ. اڻ ڄاڻ کي ملھ جي دائن جي خبر نه ھئي. ٻاھرئين ملھ، سندري ۾ ھٿ پوندي ئي کيس چيلھه تي کڻي، سيني جي زور تي هوا ۾ ڦيرايو. ان تي ھن جا حواس ئي خطا ٿي ويا. جنھن تي ٻاھران بيٺل ھمراھ چيس؛ ”ڍاڪ تان ھيٺ لھڻ کان اڳ اڙي يا جاٺو ھڻي دسي رکينس.“
    ”جاٺو به تڏھن ھڻان جڏھن، ھڪڙو پير زمين تي کتل ھجي. ھتي ته ٻئي ڄنگھون کجي ويون آھن. جاٺو ڇا کي لڳندو.“
    مطلب: ۱ - پير کتل ناهن ته مقابلا ڪرڻ به ڏکيا آهن.
    ۲ - پير کپن ته جاٺو به لڳي.

    218. پيري، جوانيءَ تي ڪُرڪي. (چوڻي)
    پيريءَ ۾ پير پائيندڙ، جوانيءَ جي حد اڪري چڪو هوندو آهي. وٽس، جوانيءَ جي اندر ڪيل ڪارنامن جو تجربو ۽ مشاهدو ھوندو آهي. پيريءَ ۾ کيس اها طاقت ته نه هوندي آهي پر عقل سرس هوندو آهي. عقل جي ٽيڪ تي، نوجوانن جي جسماني طاقت جي ڀيٽ ۾ مشڪل ۽ وڏا ڪم، جلد ۽ آسان طريقي سان سرانجام ڏئي ويندو آهي. جوانن جي، ناتجربيڪاريءَ سبب کنيل، کٽل وک تي چٿرون ۽ ٽوڪون ڪندو آهي. ڇو جو جوان، گهڻي ٻل ۽ طاقت هوندي، گهڻو پئسو ۽ وقت زيان ڪرڻ پڄاڻان، ڪو ڪم صحيح نموني سرانجام نه ڏئي سگهندو آهي. جڏهن ته پير مرد، ڪم طاقت هئڻ جي باوجود، ٽل سل سان ساڳيو ڪم، ٿوري موڙيءَ ۽ ٿوري سيڙاءَ سان اڪلائي به وٺندو آهي.
    مطلب: ۱ - عقل کي طاقت مٿان فوقيت حاصل آهي.
    ۲ - پيري کوکلا دليل ڏئي، جوانيءَ آڏو، پاڻ پڏائيندي آهي.

    219. پيريءَ کي سؤ عيب. (چوڻي)
    پيريءَ اندر ماڻهو ڪمزور ٿئي ٿو. نظر گهٽ ٿئي ٿي، چشمي جو محتاج ٿيڻو پوي ٿو. ڏند ۽ ڏاٺون ڀڄي پون ٿيون، سخت شيءِ ڄٻاڙڻ مشڪل ٿيو وڃي. آنڊو پڻ ڪمزور ٿئي ٿو. ٿوري به سخت غذا، اندر پوڻ کان پوءِ بيزار ڪري ڇڏي ٿي. ڄنگهون ٻاهون طاقت ڇڏي ٿيون وڃن. لٺ جي سھاري سان هلڻو پوي ٿو. مردانگي طاقت پڻ گهٽ ٿيو وڃي، جنھنڪري گهر واريءَ جون گهرجون مڪمل نه ٿيون ڪري سگهجن. ماڻهو ڪمائڻ ڪرڻ جھڙو پڻ نه ٿو رهي. جنھن ڪري اولاد آڏو ڳيجهو ٿيو پوي.
    مطلب: ۱ - ڪراڙپ منجھ سوين بيماريون، ڪمزوريون ۽ عيب ورائي وڃن ٿا.
    ۲ - ڪراڙو ماڻهو، حرص، هوس ۽ جسماني ڪمزوريءَ سببان ٻين جو محتاج رهي ٿو. جنھن ڪري سڀڪو منجهانئس عيب ئي ڪڍي ٿو.

    220. پيءُ پٽ، ليکو. (چوڻي)
    دنيا اندر زندگي گذارڻ لاءِ، تقاضائون هر ساهدار سان لاڳو ڪيون ويون آهن. جھڙيون ضرورتون ۽ ڪمزوريون پيءُ اندر آهن، تھڙيون پٽ اندر آهن. پيءُ ڪمائي ٿو ته کيس به ضرورت آهي ۽ مٿس ڪمزوريون پڻ اينديون، جنھن تحت پنھنجي ڪمائي سهيڙي رکندو ته جيئن ٻين جو محتاج نه رهي. اهڙيءَ طرح پٽ تي پڻ ساڳيا مرحلا آهن. اگر پٽ، پيءُ تي ڀاڙيندو ته پيءُ کان برداشت نه ٿيندو. اگر پيءُ اچي پٽ جي ڪمائيءَ ۽ وسيلن تي ڀاڙيندو ته پٽ کان سَٺو نه ٿيندو. سُٺو سلوڪ هلڻ سان، ٻنهي اندر سک سانت رهندا. روابط قائم رهندا. اگر حساب ڪتاب برابر نه ڪندا ته هڪ ٻئي کي برداشت به اصل نه ڪري سگهندا.
    مطلب: ۱ - حالات واقعات، ڪڏهن ڪھڙا ته ڪڏهن ڪھڙا. ان ڪري پاڻ ۾ معاملات، حساب ڪتاب سان رکجن ته جيئن گهڻي دير جٽاءُ ڪري سگهن.
    ۲ - ٻه ڀائر، ٽيون ليکو.
    ۳- مٽي مائٽيءَ ۾ حساب ڪتاب سڌو رکڻ، چڱي ڳالهه آهي.


    ج

    221. جاٽ، جنوائي، ڀاڻيجو، رئيٻاري، سنار،
    ڪدي نه هوسين آپڻا، ڪر ديکو ويوهار. (چوڻي)
    جاٽ: جٽ، ڄٽ، ذات جو نالو. جنوائي: جوائي، نياڻو، ناٺي، داماد.
    رئيٻاري: ذات جو نالو، هارپو ڪندا آهن ۽ مال پڻ چاريندا آهن.
    سنار: سونار، سونارو. ويو هار: وهنوار، واپار، ڏيتي ليتي.
    ۱ - جاٽ يا جت ذات تي اعتبار نه ڪجي. انھن لاءِ پڻ ائين چيو ويو آھي؛ ’جت، بي پت، مار گھت يا اڳون لاتي وت.‘ لاڏائو قسم جي ماڻھن جو نه ٺام ٺڪاڻو، نه زبان ۽ نه ئي وري ڪا ساک پت.
    ۲ - جنوائي يا نياڻو، پنهنجي گهر جو چشم چراغ ٿيندو. ان جو شجرو اجاريندو. ساهري گهر کي ڪين سنواريندو.
    ۳ - ڀاڻيجو، مامن جو ٿيڻ بدران، پنهنجي چاچن جي ڪلهي تي ٺهندو. ڏوهٽا، ناناڻن لاءِ، وڌندي جا ويري آهن. پرائو باغ ۽ پرائو نسل آهن.
    ۴ - رئيٻاري به ڪم سان ڪم رکندڙ ۽ مطلب خاطر ٻيلپو ڪندڙ هوندا آهن. گهڻي ڪمائيءَ کان پوءِ، حصو ڇڪيندڙ ٿيندا آهن. محنت مزدوريءَ وٺڻ بدران، نفعي ۾ اڌ وٺندڙ ٿيندا آهن.
    ۵ - سونارو به پنهنجي ماءُ جي نٿ مان نه مڙندو آهي. ڪيترو به نصيحت ڪجيس، واڌارو پئسا ڏجنس ته به ابي ڏاڏي واري، مَٺَ ملائڻ واري ڪرت کان ڪين مڙندو.
    مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل پنجن ڄڻن سان شل نه واهپو پوي، ڏاڍو ڏکيو ڪن.
    ۲ - شير نه ڏيکيا، ڏيک ٻلاڙا، چور نه ڏيکيا، ڏيک سونارا.
    ۳ - سونار؛ سؤ نار. (ھڪڙو سونارو، سؤ عورتن جيترا مڪر ڄاڻندڙ آھي. جڏھن ته عورت جي مڪر کي، عظيم مڪر ڪوٺيو ويو آھي ۽ چيو ويو آھي ته؛ عورت ڪين ڄاڻي ته به اُٺُ مڪرن جو ڄاڻي.)
    ۴ - سونارو، ماءُ جي نٿ مان به نه مڙي. (۱) ص ۳۶۴.
    222. جاٽ ڪهي ري جاٽڻي، اُوئي ديس ۾ رهڻا،
    جي ڪهي اونٺ ٻلاڙو ليگيو، تو ”هان جي هان ڪهڻا.“ (پھاڪو)
    جاٽ: جت. جاٽڻي: جتڻي. اُوئي: انهيءَ. اونٺ: اٺ. ٻلاڙو: جهنگ ٻلو.
    ڪهڻا: چوڻ گهرجي.
    جتي به رهجي، امن ۽ سڪون سان رهجي. امن ۽ سڪون تڏهن ملندو، جڏهن ٻين کي آزارڻ بدران، ساڻن سٺو سلوڪ ڪبو. مخالفت ته ڪا نه ڪبي پر ساڻن موافقت سان هلبو. سندن سڏ ۾ سڏ ڏبو. ها ۾ ها ملائبي. ڇو جو هر ڪو اهو چاهيندو آهي ته؛ سمورا ماڻھو سندس ساٿي ۽ هڏ ڏوکي، سڏ ۾ سڏ ڏيندڙ ۽ فرمانبردار هجن. جيڪڏهن مطيع ۽ فرمانبردار نه هجن ته ڀلا مخالف ۽ ايذائيندڙ نه هجن.
    هونئن به ڪنهن سان مخالفت، ڪمزور ماڻهوءَ کي جڳائي نه ٿي. ڪمزور کي ته هيٺانهين ڪري، وقت گذارڻ ۾ عافيت آهي. تڏر ڏيکارڻ، اکيون اکين ۾ ملائي حق گهرڻ، طاقت وارن کي جڳائين. ڪمزور کي ته هر ڳالهه ۾ جيءُ ڪرڻ گهرجي.
    مطلب: ۱ - جتي به رهجي، سھج-سلوڪ ۽ مان-مرجاءَ سان رهجي.
    ۲ - جنهن جو راڄ، تنھن جو رگليشن.
    ۳ - درياهه ۾ رهي، نه وجهجي واڳونءَ سان وير.
    ۴ - جنهنجي راڄ ۾ رهجي، راڳ تنهن جو ڳائجي.
    ۵ - هڪ- ٽنگين جي ملڪ ۾ وڃجي ته ٻي ٽنگ لڪائجي.
    ۶ - روم ۾ رهجي ته پوپ سان وير نه وجهجي. (۲۱)

    223. جانڃ آئي ڇَني ٻيٺي، ڪنوار ماءُ ڪتڻ ٻيٺي. (پهاڪو)
    جانڃ؛ ڄڃ. ڇَني ٻيٺي؛ ڇن/ مَنهه ۾ اچي ويٺي، اوطاق اندر پھتي.
    ڪنواريتا، ڪنوار کي پرڻائڻ وقت، سامان سرڙو ۽ لٽو ڪپڙو ڏاج طور ڏيندا آهن. امير ماڻهو ته عين وقت تي، هٿ پير هڻي، هٿ ڪري وجهندا آهن ۽ نياڻيءَ کي ڏيڀ ڏيندا آهن. جڏهن ته غريب ويچارا، سوير کان ئي ڳڻ ڳُوت ۾ لڳل هوندا آهن. نياڻي ڄائي ته لوري وڌين. ڏينهن رات پيا پيٽُ ڪاٽي، نياڻيءَ لاءِ ڪا نه ڪا شيءِ جوڙيندا. ڪڏهن سون ذري ته ڪڏهن کٽ يا رلهي. ڪڏهن ڪپڙو لٽو ته ڪڏهن مٿس ڀرت وغيره.
    اهو حال آهي انهن جو، جن کي نياڻي وقت سر شينهن ڪلهي چاڙهڻي آهي. ڪي وري اهڙا ٽوٽي به هوندا آهن، جيڪي ڄڃ در تي پهچڻ تائين ڪجهه نه ڪندا آهن. پوءِ رڳو سهڪ سهڪان هوندي اٿن.
    مطلب: ۱ - دنيا جا سمورا معاملا، وقت سر اُڪلائڻ گهرجن.
    ۲ - مهل پوڻ وقت، ٽوٽي ماڻهو ئي محتاج رهي ٿو ۽ پشيمان ٿئي ٿو.
    ۳ - ڄڃ اچي در تي بيٺي، ڪنوار ماءُ هاڻ ڪتڻ ويٺي.

    224. جايا جڪان را پوت، ڪتيا جڪان را سوت. (پهاڪو)
    جايا: ڄڻيو. پوت: پٽ. ڪتيا: ڪتڻ. سوت: سٽ.
    پٽ انهيءَ جو سڏبو، جنهن ڄڻيو هوندو. سُٽَ جو مالڪ اھو آهي، جنهن مٿس محنت ڪري، ڪتيو آهي.
    ماڻهو هميشه محنت ۽ مردانگيءَ سان ئي دنيا اندر موجود شين مٿان، لکيل تقدير جي اندازي جيترو، وارث/ مالڪ ٿئي ٿو. تنهنڪري انسان کي مسلسل محنت ڪرڻ گهرجي.
    پالڻهار، ٻه هٿ ۽ ٻه پير انهيءَ لاءِ ڏنا آهن ته کانئن ڪم وٺجي ۽ روزگار تلاش ڪجي. جيڪو وس هوندي، ڄنگهون ٻانهون نه ٿو هلائي، مٿس موليٰ به مهربان نه ٿو ٿئي.
    مطلب: ۱ - همت مردان، مدد خدا، بي همت بنده، بيزار خدا.
    ۲ - الڪاسب حبيب الله
    ۳ - پورهيت، خدا جو دوست آهي.
    ۴ - پنهنجي ٻارجي، پنهنجي چاڙهجي.
    ۵ - محنت سان مالڪ ٿجي، چوريءَ سان نه.
    ۶ - جيڪي پٽ ڄڻين، سيئي سُٽ ڪتين. (۶) ص ۱۰۰.
    225. جتي باهه ٻري، اها جاءِ جلي. (پھاڪو)
    باهه اندر، ساڙڻ جي خاصيت آهي. فطرتي طور سندس اثر، ان هنڌ تي تمام گهڻو پوندو آهي، جتي ٻرندي آهي. سيڪ به اتي ايندو. جڏهن ته تڪويني طور، اوس پاس وارن کي به لهس اچڻ جا امڪان آهن.
    لهس اچڻ ۽ سڙي خاڪ ٿيڻ ۾ وڏو فرق آهي. اهو صرف ۽ صرف، باهه جي سڙڻ واري هنڌ سبب آهي. هڪ هنڌ ٻري ٿي، ٻئي هنڌ ان جو اثر ٿئي ٿو. جڏهن ته پري وارن کي ان جي ٻاڦ به نه پھچندي آهي. اهڙيءَ طرح دنيا جا ڪيترا ئي معاملا آهن، جن ۾ نقصان انھن کي ئي پھچندو آهي، جيڪي انھن معاملن ۾ ملوث هجن.
    مطلب: ۱ - اها جاءِ جلي، جتِ باهه ٻلي.
    ۲ - جتي باهه ٻري، اها جاءِ سڙي.
    ۳ - ٻاهر ٻرندي هر ڪو ڏسي، اندر ٻرندي ڪير نه پسي.

    226. جتي پڄڻ نه آهي جاءِ، تتي ڀڄڻ ڪم وريام جو. (پھاڪو)
    وريام: مڙس ماڻهو.
    انسان اندر، ڪيترن ئي معاملن سان منھن ڏيڻ ۽ انھن کي نمٽائڻ جي صلاحيت رکي وئي آهي. جيئن انھن مان پھچندڙ فائدا حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ، منجهانئن پھچندڙ نقصانن کان به پاسو ڪري سگهي. ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي فائدي حاصل ڪرڻ سان گڏ، نقصان به پرائيندا آهن. منجهن نقصان کي ٽارڻ جي استعداد نه هوندي آهي. اهڙيءَ جڳهه تي وري اهي ماڻهو، مڙس ماڻهو ليکبا آهن، جيڪي نه پڄي سگهڻ واري حالت ۾، پنھنجو سِرُ بچائي نڪري وڃن. جيئن اوچتو آيل ٻوڏ، اوچتو لڳل باهه منجهان، سِرُ ۽ سامان سميت ٻار ٻچا ڪڍي وڃڻ به وڏي مڙسي آهي.
    مطلب: ۱ - جت پڄڻ نه پھت، ات ڀڄڻ ڪم وريام جو.
    ۲ - نقصان واري جاءِ تان، جان بچائڻ به ڪن ڪونڌرن جو ڪم آهي.

    227. جتي جتي کيجڙي، اتي اتي گوگو چوهاڻ. (چوڻي)
    گوگو چوهاڻ؛ نانگن جو بادشاه. کيجڙي؛ ڪنڊيءَ جو وڻ.
    ٿر/ ريگستان واري علائقي ۾، جنهن کي به نانگ ڏنگ هڻندو آهي، تنهن کي گوگي جي نالي جو سڳڙو ٻڌندا آهن. گوگي جو اسٿان/ رهڻ جو هنڌ، کيجڙي/ ڪنڊيءَ جي وڻ جي پاڙ ۾ هوندو آهي.
    ڳوٺن ۾ جنهن به گهر ۾ نانگ نڪرندو آهي ته هو گوگي کي ياد ڪري خير جا ڇنڊا هڻندا آهن. ان کان علاوھ مينهن واري مهيني ۾، مينهن وسڻ کان پوءِ، جنهن ڏينهن هَرُ هلائڻ شروع ڪبو آهي، ته گوگي جي نالي وارو نون ڳنڍين وارو سڳڙو، جنهن کي ’گوگو رکڙي‘ چئبو آهي، هر ۽ هاريءَ کي ٻڌبو آهي ۽ بار بار چئبو آهي؛ ”هلي بالدي، گوگو رکوالو.“
    مطلب: ۱ - جتي جتي ڪنڊيءَ جو وڻ، اتي اتي گوگو چوهاڻ.
    ۲ - گانو گانو گوگو، گانو گانو کيجڙي. (راجسٿان) (۱) ص ۲۴۸.
    228. جتي چاهه، اتي راهه. (پھاڪو)
    چاهه: کوهه. چاھ: چاھت، محبت، پيار.
    کوهه منجهان پاڻي حاصل ٿئي ٿو، جيڪو سر چشمه حيات آهي. ٿر اندر جتي کوهه کوٽڻ ڏاڍو مشڪل هجي، اتي اگر ڪٿي کوٽيل کوهه ملي وڃي جنھن مان جالارو پاڻي ميسر هجي، تنھن ڏانهن هر ساهدار جو پنڌ ۽ رخ هوندو آهي. جنھن ڪري اوڏانھن رستا ٺھي ويندا آهن.
    جنھن سان محبت ٿيندي آهي، تنھن ڏانھن ماڻهو فطري طور ڇڪجي ويندو آهي. يا جتان قرب سبيل ملندو آهي ته ماڻهوءَ جا قدم پاڻ مرادو پيا اوڏانھن کڄندا آهن ۽ اوڏانھن ڄڻ راهه رسم جھجهي ۽ پڪي ٿي ويندي آهي.
    مطلب: ۱ - محبت واري سان رستو رکڻ لاءِ ھر ڪو آتو هوندو آهي.
    ۲ - جتي کوهه، اوڏانھن رستا.
    ۳ - جتي چاهت/ دل، اوڏانھن پنڌ.
    ۴ - جتي خزانا، اوڏانھن سڀ جي ڊڪ ڊوڙ.
    ۵ - مومل جي ماڙيءَ کي چوڌاري چارا.
    ۶ - جتي سکر، اتي نکر.
    ۷ - جتي ڳوٺ، اتي ڳليون.
    ۸- ڀيٽيو؛ محبت واري رٻ ڀلي، راھ اتي رھجي. (چوڻي)

    229. جتي ماني، تتي ماڳ. (بيراجي، چوڻي)
    ماڻهوءَ جو روزي رزق، وقت ۽ هنڌ جي حساب سان، اڳواٽ لکجي چڪو آهي. جنھن جاءِ ۽ وقت تي کيس، جيڪا شيءِ کائڻي هوندي، ان جاءِ تي اهو ماڻهو، ان وقت تي ضرور پڄندو. ترسڻو هوندس ته ڪنھن بھاني سان ترسندو ضرور ۽ پنھنجو نصيب چڳڻ کان پوءِ اڳتي قدم وڌائيندو.
    اگر کيس گهڻي مدت لاءِ، هڪ هنڌان رزق ملڻو آهي ته اوتري مدت لاءِ اتي ماڳ مڪان ٺاهي ترسي پوندو. جڏهن اتان سندس داڻو پاڻي پورو ٿيندو ته اتان سندس پير پٽجي ويندا. ٽپڙ گول ٿي ويندس. وري ان دُڻيءَ تي وڃي نڪرندو، جتي سندس چوڳو سندس انتظار ۾ هوندو.
    مطلب: ۱ - ماني ۽ موت، ماڻهوءَ کي پيا پنڌ ڪرائين.
    ۲ - جتي روزي رزق ملڻو آهي، ماڻهو اتي پھچڻو ضرور آهي.

    230. جتي هر، تتي گهر. (بيراجي، پھاڪو)
    فصل ڪاهڻ لاءِ، ٻنيءَ منجهه هر سان کيڙي ڪرڻ لازمي آهي. ڇو جو دنيا اندر ڪا به شيءِ، بنا محنت جي اچڻي ناهي. هرُ ڏيڻ، هڪڙو محنت طلب ۽ وقت وٺندڙ ڪم آهي. اهو هلندي چلندي نه ٿي سگهندو. بلڪ ساهه ستو ۽ سنجيدگيءَ سان رٿي، پوءِ منجهس هٿ وجهبو ته ڪري سگهبو. جان ۽ وقت لڳڻ کان سواءِ، اهو ڪم سر انجام نه ٿي سگهندو. جنھن لاءِ لازمي آهي ته هرَ واري جاءِ تي، گهر ڪري ويهجي تان ته سُچتائيءَ سان زمين کي فصل لائق بڻائي سگهجي. جڏهن زمين، فصل لائق ٿي وئي ۽ منجهس فصل لڳو ته وري جهار ۽ جهرڪيءَ، ڪانءَ ۽ پکيءَ، مرونءَ ۽ ٻلي وغيرھ کان کيس بچائڻو پڻ آهي. پاڻيءَ ۽ ڀاڻ جي، بيماريءَ بڙيءَ کان بچاءَ جي ڳڻ ڳوت پڻ ڪرڻي آهي. اها ٽھل ٽڪور، گوڏو ڀڃي، هڪ هنڌ ٿانيڪو ٿي ويهڻ يا رهڻ سان ڪري سگهبي. ٻي صورت ۾، نه فصل ٿيندو ۽ نه ئي ٻچن جي روزي روٽيءَ جو ايندڙ سال لاءِ بندوبست ٿي سگهندو.
    مطلب: ۱ - ڌنڌي واري جاءِ تي، گهر ڪري رهبو ته ڌنڌو سٺو ٿيندو.

    231. جر ميگھان جر، ٻر ته ٻانھان ٻر. (چوڻي)
    ميگھان؛ برساتي. ٻر؛ ٻل، طاقت.
    سگھڙن جي ڪنھن ڪچھريءَ منجھ، ھڪڙو بادشاھ به لنگھي اچي ويٺو. مڙني، اٿي سندس مرحبا ڪئي. ھر ڪو پنھنجي جاءِ تي ٿي ويٺو ته وري ڪچھري شروع ٿي وئي. ھلندي محفل ۾، سڄي ڪچھريءَ ڏانھن بادشاھ ھڪ سوال اڇليو؛ ”پاڻي ڪھڙو سٺو آھي؟ ۽ طاقت ڪھڙي سگھاري آھي؟“
    مختلف آواز آيا؛
    ”پاڻي، درياھ جو سٺو.“
    ”پاڻي، سمنڊن جو سٺو.“
    ”پاڻي، کوھن جو سٺو.“
    اھڙيءَ طرح وري طاقت بابت ھيٺيان جواب آيا؛
    ”طاقت؛ دولت جي سگھاري آھي.“
    ”طاقت؛ فوج ۽ ھٿيارن جي سگھاري آھي.“
    ”طاقت؛ سياست جي سگھاري آھي.“
    بحث اندر ڪافي رايا آيا. بادشاھ مڙني راين ۽ خيالن کي رد ڏيندو رھيو. اڌ رات ٿي چڪي پر اطمينان بخش، جواب ڪٿان به نه آيو. آخر ۾ ھڪڙو ڪراڙو مڙس، بحث منجھان بيزار ٿي چوڻ لڳو؛ ”وقت ته وڃايو اٿو. ننڍي ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي اٿو.“
    ”ڪراڙا!“ بادشاھ، ڏانھنس رخ ڪندي چيو؛ ”تون ئي کڻي ٻڌاءِ.“
    ”بابا! پاڻي ته برسات جو، جيڪو جاتي پوي، صاف شفاف ھجي. وڻ ٽڻ ڌوئي ڇڏي. نديون نالا صاف ڪري ڇڏي.“ ڪراڙي دليل ڏيندي چيو؛ ”طاقت ته پنھنجي ٻانھن جي طاقت. جيڪا ھر محتاجيءَ کان بينياز ڪري ڇڏي. جتي ٻيا سڀ وسيلا ڇڏي وڃن، اتي پنھنجا پير ڇڏائن ۽ پنھنجا ھٿ ڪم اچن.“ (۳۵) ص ۲۳۴
    بادشاھ، سندس جواب ۽ دليل ٻڌي مطمئن ۽ راضي ٿيو.
    مطلب: ۱ - پاڻي، اصل ۽ شفاف، ھاضميدار ۽ صحت بخش آھي ته برساتي آھي. اھڙيءَ طرح اصل طاقت اھا آھي جيڪا پنھنجي ٻانھن ۾ آھي.

    232. جڪو گهڻي رو گيو، سو موٽيو ڪو هي. (پھاڪو)
    هيءَ دنيا، رڃ ۽ سراب مثل آهي. هٿ ۾ ناهي ته الائي ڇا ۽ الائي ڪيتري پئي نظر ايندي. حيران ۽ فريفته ڪري ڇڏيندي. جڏهن کيس حاصل ڪرڻ لاءِ، ڏينھن ۽ رات هڪ ڪري ٿا ڇڏجن ته پوءِ خبر ٿي پوي ته؛ اهو ته نظر جو دوکو هيو. اڳيان ته ڪي به ڪين هيو. ماڻهو، ساري عمر ان لاءِ محنت ٿو ڪري ته سکيا ڏينھن ڏسان. حالانڪ محنت ڪندي ڪندي، جواني ۽ جوش ته کپائي ڇڏي ٿو پر سرير ٻڍو، ڪمزور ۽ بيمارين ۾ مبتلا ٿي وڃيس ٿو. جنھن کي هاڻي ڪنھن قسم جي آرام ۽ آسائش جي ضرورت ئي نه ٿي رهي. ماڻهو پنھنجي بت مان بيزار ٿي ٿو پوي ۽ پنھنجي زبان سان موت کي سڏ ٿو ڪري. انهيءَ نفسا نفسيءَ ۽ هڻ وٺ ۾ رشتا ناتا به ٽٽي وڃنس ٿا. اڪيلو ٿيو پوي.
    مطلب: ۱ - انسان، سک حاصل ڪرڻ لاءِ، ٻين سان ڦٽائي ٿو. آخر ۾، کيس سک به نصيب نه ٿو ٿئي.
    ۲ - جيڪو گهڻي جي ڪڍ ويو، سو موٽيو ئي ڪو نه.

    233. جڪي مارگ نه جاڻو، اوئي رو نان ڪي ليڻو. (چوڻي)
    جِڪي؛ جنهن جي. مارگ؛ ماڳ، مڪان، اسٿان، ٺام ٺڪاڻو. اوئي رو؛ ان جو. نان؛ نالو، نام، نيسڻ. ڪي ليڻو؛ ڪهڙو وٺڻو.
    دوستن ۽ دل-وارن ڏي، قرب جا پير ڀري اچبو آهي. دشمن يا زباني يار سان، پري جي دعا سلام رکبي آهي. من-گهرين وٽ وڃڻ لاءِ، سانباها به ٿيندا آهن ته نياپا سنيھا موڪلي، ملڻ لاءِ وقت به وٺبو آهي. دل-گهرين سان ملڻ واري ڳالهه جي تشريح به ٿيندي آهي ته تشهير پڻ ڪبي آهي.
    تشهير ۾، اهاني بهاني ٻين کان، سندس واٽون به پيون پڇائبيون آهن. واند ۽ ويساهه بابت، پئي آگاهي وٺبي آهي. ائين ڪرڻ سان، جنهن کي نه خبر، تنهن کي به پئي خبر پوندي آهي. مراد وارن جي مراد پئي پوري ٿيندي آهي ۽ معشوقن جو مقام به پيو اوچو ٿيندو آهي.
    ان جي برعڪس، جنهن سان ٽڪي- پئسي جي واٽ ئي ناهي. وٽس وڃڻو ئي ناهي. جنهن سان ملڻ جي تانگھ ئي ناهي، تنهن بابت حال احوال وٺڻ لاءِ ڪنهن جي به دل نه چاهيندي آهي. جيڪڏهن ڪير وٺي ٿو ته ڄڻ اڳلي کي خوار ۽ پاڻ کي ڏٺو وِٺو ٿو ڪري.
    مطلب: ۱ - جنهن واٽ تي هلڻو ئي ناهي، تنهن بابت معلومات وٺڻ مان ڪهڙو فائدو؟
    ۲ - جنهن جي واٽ نه وڃجي، تنهن جو پنڌ ڇو پڇائجي.
    ۳ - جنھن واٽ نه وڃجي، تنھن جو پنڌ نه پتوڙجي.
    ۴ - جنھن شھر ۾ وڃڻو نه هجي، تنھن جي واٽ نه پڇجي. (۶) ص ۱۰۱.

    234. جکران ري جياڙ، کيٽي ۾ کوٽي ڪيو. (پهاڪو)
    هڪڙو ٿريو ڀيل، ڀرواري ڳوٺ مان لسي/ جهَڻِ وٺڻ لاءِ پئي ويو ته واٽ تي ڪي همراه گڏيس، جن کي پاڻ ۾ چوندو ٻڌائين؛ ”اڄ جکرن ۾ ٻڪر ڪسندو.“
    پهرو پوڻ جو ٻڌي، جهَڻِ جو خيال مٽي، جکرن جي ڳوٺ ڏانهن راهي ٿيو.
    ”جکرن مان آنڊا، اوجهري ۽ منڍي وٺي موٽندي جهڻ وٺيو ايندس.“ اهو سوچي، جکرن جي ڳوٺ پهتو.
    اتي ڪي همراه ٻڪر ٻڌيو ويٺا هئا. پاڻ ۾ پئي چيائون؛ ”ٻڪر اڄ ڪهجي! يا سڀاڻي؟!“
    ”اڄ سڀاڻي“ چوندي، سج لهي وين. ٻڪر نه ڪٺائون. ڀيل مايوس ٿي، ڳوٺ موٽيو. جهَڻِ جو ويلو به ٽري ويو هو، سا به نه مليس.
    ”ڀڳت ڪهڙا حال آهن؟“ ڳوٺ پهچڻ تي، هڪڙي همراهه پڇيس.
    ”جکران ري جياڙ، کيٽي ۾ کوٽي ڪيو.“ نراسائيءَ مان وراڻيائين؛ ”جکرن جي پهروءَ تي کيٽي سبب، جهَڻِ وٺڻ کان کوٽي ٿيس.“
    مطلب: ۱ - جکرن جي پھروءَ، کيٽي سبب، وقت وڃائي ڇڏيو.
    ۲ - هڪ ڪم جي ڪڍ، ٻيو کري ته ائين چيو ويندو آهي. (۶) ص ۵۷.

    235. جُڳائيندو کائجي ۽ رُچندو هنڍائجي. (چوڻي)
    هر ساهدار جو جياپو، کاڌ-خوراڪ تي آهي. وت ۽ بُوتي آهر، کاڌو هر جيو کي کپي، جيڪو هو کائي ۽ هضم ڪري سگهي ته جيئن سندس جسم جيئرو، صحتمند ۽ ڪارائتو رهي. اگر نه کائيندو ته لاغر ٿيندو ويندو ۽ هڪ ڏينھن نٻل ٿي، ڳرڻ شروع ڪندو.
    اهڙيءَ طرح وري جسم اندر موجود اوجهريءَ يا معدي ۾، محدود کاڌي کي ٿمائڻ جي صلاحيت هوندي آهي. مقرر مقدار کان وڌيڪ گُدي، ٿمائڻ جي ڪوشش ڪبي ته اهو کاڌو، معدي ۽ آنڊن جي ڪم ڪرڻ واري صلاحيت جو توازن ته بگاڙيندو پر کين زخمي ڪري پڻ ڦاڙيندو. بھتر آهي ته بُوتي آهر کائجي.
    ڪپڙو لٽو پائڻ سان زيب زينت وڌن ٿا. هڪ نور آدمي آهي ته سؤ نور ڪپڙو آهي. اهو به سرنديءَ آهر پائجي ته ڀلو. پِني، ڀلا وڳا پائبا يا دوستن يارن کان وڌيڪ اوچا ڪپڙا پائبا ته ٻين کي به ريس ايندي. اهي به چٽاڀيٽيءَ ۾ لهي ايندا ته پوءِ مقابلي جي رجحان ۾ گهڻو پئسو خرچ ٿي ويندو. ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه ئي ڪونهي. ڀلان ڀليءَ جي ڊوڙ ۾، سموري ملڪيت دُڦ ٿي ويندي. يا ٿيندو ائين جو هڪڙا مقابلي ۾ کُٽي پوندا، پوءِ اڻ-سهڻائپ تي لهي ايندا ۽ ٻئي نموني سان زير ڪرڻ لاءِ نقصان ڏيندا. بھتر آهي ته لٽو ڪپڙو به ٻين جي سھپ ۽ برداشت آهر پائجي.
    مطلب: ۱ - هٺَ-سھائيندو کائجي، لوڪ-سھائيندو پائجي.
    ۲ - من-پسند کائجي، لوڪ-پسند پائجي.

    236. جڳ جا سيڻ؛ ٿر جا سيئنڌ. (وٽ، سارو سنگهار، چوڻي)
    سيڻ: رشتيدار، سڱابنديءَ وارو مائٽ. سيئنڌ: ڄاڻ سڃاڻ، واقفيت.
    جڳ جهان اندر اهو اصول آهي ته ڪير اوهان جو مائٽ يا رشتيدار آهي ۽ اوهان کان پر-ڀرو ويٺل آهي ته جڏھن وٽس وقت پئي وڃبو ته آڌر به ڏيندو، ماني به کارائيندو، ٽڪائيندو ترسائيندو به، حال احوال به وٺندو، ڪچهري به ڪندو ۽ منجهس ڪو ڪم ڪار هوندو ته اھو به ڪندو. جيڪڏهن مٽ مائٽ نه هوندو ته اوترو آڌر نه ڏيندو.
    ان جي برعڪس ٿر جو ماڻهو، ڀلي مائٽ نه هجي، رڳو واقف هجي، ان سان اهو رشتو ڪافي آهي. وقت پئي لنگھي وڃبس ته ساڳيو پيار ۽ پنهنجائپ ملندي. رهائش، ماني ٽڪي، حال احوال وٺڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ تائين. حتانڪ، سندس ۾ پيل ڪم به نڪرندو. جڏهن ته اڄ رت رت کي باهه آهي. اهڙيون قربداريون تن وٽان به ورلي ٿيون ملن، جن سان سڱابنديون ۽ رشتيداريون ٿيل آهن.
    ملطب: ۱ - ٿريءَ سان واقفيت، ٻين جي رشتيداريءَ کان وڌيڪ آهي.
    ۲ - ٻين سان سڱابندي؛ ٿريءَ سان عليڪ سليڪ. (۷) ص ۴۶.

    237. جَل ٿنڀ، کڙ ٿنڀ ۽ سوا ٿنڀ. (چوڻي)
    جل؛ پاڻي. کڙ؛ گاھ. سوا؛ آمدني. ٿنڀ؛ موسم. جَل ٿنڀ؛ پاڻيءَ جي موسم. کڙ ٿنڀ؛ گاهه جي موسم. سُوا ٿنڀ؛ آمدني جي موسم.
    آڳاٽي وقت اندر، سڄي سال کي، ان وقت جي لوڪن ٽن مندن منجھ ورھايو ھيو.
    چؤماسي جي مند؛ جنھن اندر پيل برسات، تل، ترايون، ڍنڍون، ڍورا، ڀري ڇڏيندي آھي. پاڻيءَ جي آمد واري ان وقت کي انھن جل ٿنڀ سان موسوم ڪيو ھيو.
    کڙ ٿنڀ؛ سياري جي مند ڦوھ تي پھچڻ شرط، پاڻي لاٿ ڪندو ھيو ته فصلن پوکڻ جي تياري ٿيندي ھئي. چوڌاري ساواڻ ئي ساواڻ ٿي ويندي ھئي. مال لاءِ گاھ پٺو اڻ ميو ٿي ويندو ھيو. ان مند کي انھن کڙ ٿنڀ سان موسوم ڪيو.
    سُوا ٿنڀ؛ سياري جي پڇاڙي ۽ بھار جي آمد وقت، ٻنين منجھ لابارا ٿيندا ھيا. ان لاباري تي گھڻن جو گذر سفر ٿيندو ھيو. جن ۾ ھاري ناري، واپاري، فقير ۽ گھورڙيا سڄي سال لاءِ اناج وغريھ ڪٺو ڪندا ھيا. ان ڪري انھن لوڪن، ان مند جو نالو سوا ٿنڀ رکيو هو. (۳۵) ص ۲۳۸
    مطلب؛ آڳاٽي دور جا ماڻھو، پنھنجي ڏاھپ سان، وقت گذاريندا ھيا.

    238. جن ڌاريون ڳئون، تن جو بخت سنئون. (چوڻي)
    ڳئون، مينهن جي ڀيٽ ۾ گاهه گهٽ کائيندي آهي. مينهن جي ٽينهن ڏکي آهي. جڏهن ته ڳئونءَ لاءِ ايڏو خفو نه ٿو ڪرڻو پوي. گهٽ-کائڪ هڻڻ سبب، آهُر تي کڙ ۽ ڪتر، گاه ۽ ڏاري جو بندوبست ڪو نه ٿو ڪرڻو پوي. ڪن شهرن ۾ ڪيترن ماڻهن جون ڍڳيون ته ائين پيون بازار ۾ رلنديون ۽ چرنديون آهن. جيئن لاڙڪاڻي ۾ قادرين جون ڍڳيون، شڪارپور ۾ پٺاڻن جون ڍڳيون، ڪنڌڪوٽ ۾ داين جون ڍڳيون ۽ ڪن شهر ۾ وري هندن جي گوشالن جون ڍڳيون. چور به کين نه ڪاهي سگهندو آهي. ٽاهڙ ۽ ويڙهاڪ ٿين. ڳچيءَ ۾ رسو پوڻ تي هيٺ ويهي رهن. چوريءَ جو به خطرو گهٽ رهي ٿو.
    منجهانئن اپت گهڻي آهي. رڍ ٻڪريءَ جيترو کائي، هلڪي مينهن جيترو کير ڏين. ڳئونءَ جو گابو ته به ڳوڌو. کيس وس ويندي ڪاسائيءَ ڏي ڪو نه گهلبو. ڇو جو ڏاند ٿيڻ تي هر ۽ بيل گاڏيءَ ۾ وهندو. ڳاهه ڳاهڻ لاءِ ڪم ايندو. جيڪڏهن گابي ڄائي ته به بخت. واڙي وڌندي، کير مکڻ جام ٿيندو. سموري مال کان، ڳئونءَ جو کير مکڻ، وڌيڪ وڻندڙ هوندو آهي.
    مطلب: ۱ - ڳائو مال ڌارڻ ۾ بخت سوايو آهي.
    ۲ - ڳائي مال ۾ گن گهڻا آهن.
    ۳ - ڀيٽيو؛ سرياند (سرنديءَ وارو) هجين ته ڳئون ڌار، غريب هجين ته رڍون ڌار (سارو سنگهار) (۲۲) ص ۳۱-۳۲.

    239. جنني ۽ جنم ڀومي، سرڳ کان اتم. (چوڻي)
    جنني؛ ڄڻيندڙ، ماءُ. جنم-ڀومي؛ جاءِ پيدائش، ڄمڻ جو هنڌ. سرڳ؛ بهشت. اتم؛ مٿي، وڌيڪ.
    انسان، دنيا ۾ اچڻ کان اڳ، روح جي صورت ۾ موجود هيو. دنيا ۾ آيو ته، ماءُ جي ڪُک اندر، سندس پهريون ٺڪاڻو ٺهيو. جڏهن اتان نڪتو ته ڌرتيءَ تي ڪنهن وسنديءَ اندر، سندس ماءُ کيس ڄڻيو. اتي پالي، تاتي، پانڌڙو ڪيائينس.
    هن دنيا اندر اچڻ جا سندس پهريان ۽ اوائلي ماڳ، اهي ئي ٻه آهن. هڪ ماءُ جي ڪک ۽ ٻيو جنم-ڀومي. جيئن ته انسان، اوچتو ۽ اچانڪ اچي، انهن سان ملي ٿو ۽ ٻئي کيس وڌائي وڏو ٿيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، تنهنڪري کيس ٻنهي سان انسيت اتم ۽ اعليٰ درجي جي رهي ٿي. ساڻن ڪڏهن به ميري اک نه ٿو ڪري. ڪيترو به پري هليو وڃي ۽ بهشت جهڙي هنڌ وڃي رهي پر ٻنهي جي ڇڪ ۽ سڪ، سندس سيني اندر موجزن ضرور رهي ٿي.
    مطلب: ۱ - امڙ ۽ جنم-ڀومي، ڪنهن اڻاسيءَ کان وسرن.
    ۲ - جنني ۽ جنم-ڀومي؛ سرڳ برابر.
    ۳ - جنني ۽ جنم-ڀومي؛ سرڳ سمان.
    ۴ - جنني، جنم ڀومشچ، سور گارڌپ گريسي. (سنسڪرت)
    ۵ - ماءُ ۽ ڄمڻ جي جاءِ، بهشت کان به وڌ پياريون آهن.
    ۶ - جَنَني (ڄڻڻ واري يعني ماءُ) ۽ جنم ڀومي (پيدائش واري جڳهه)، ٻئي سُرگ کان به اُتم (مٿي) آهن. (۸)

    240. جوان مرد، واڌي حرص، ٻيا چيلهه ٽڪا ڇڻڪن،
    سوھڻيون سنگهارن کوڙيون، وِڄن مينهن وسن،
    پنج ئي ٻهڪن. (چوڻي)
    ۱ - مرد جوان هوندو ته منجهس مڙسي ۽ مردانگي به سرس هوندي. پنهنجي ونيءَ سان نباه ڪري سگهندو، مٽن مائٽن جي خدمت کان علاوھ دوست يار جي ڪم به پيو ايندو. جڏهن ٻين کي سک ڏيندو ته ٻيا به کيس سکيو رکڻ جي ڪوشش ڪندا، تنھنڪري پيو ٻھڪندو.
    ۲ - واڌو حرص، ڪم ڪرڻ لاءِ اڪسائيندو آهي. جيڪو پڻ عزت ۽ شهرت، خوشيءَ ۽ خوءِ جو سبب بڻجي ٿو. پنھنجي ھٿ سان ڪيل ڪم جھڙو نشو ۽ سرور ڪنھن شيءِ ۾ ناھي.
    ۳ - اڳي ڪاڳرن جا نوٽ نه هوندا هيا، بلڪ چانديءَ وغيره جا سڪا، رائج الوقت هوندا هيا. اهي کڻڻ لاءِ، ٿيلهين/ همياڻين ۾ وجھبا ھيا. اھي ھمياڻيون وري چيلهه سان ٻڌي هلبيون هيون. ڀريل همياڻيون، سکئي هئڻ جون نشانيون هونديون هيون. الغرض ته جھجهي دولت به سُک جو سبب ٿئي ٿي.
    ۴ - مارو ماڻھن وٽ، مند تي اڻ-ميو ڏٿ يا اناج لھي، اھو به خوشيءَ ۾ واڌارو آڻيندڙ آھي.
    ۵ - وِڄُ سان مينهن جهجهو وسندو آهي، جيڪو ڏهر ۽ ترايون ڀري ڇڏيندو آهي. پيئڻ لاءِ پاڻي اڻ ميو ٿيڻ سان گڏ، ميدان ۽ ماٿريون، پوٺا ۽ ڀٽون، گاه ۽ فصل سان سائي چادر اوڍي بيهندا آهن. جيڪي پڻ سک جو سبب ٿين ٿا.
    مطلب: ۱ - مٿيون سھوليتون، سک جو سبب بڻجن ٿيون. (۲) ص ۱۳۲.
    241. جوانيءَ ۾ ڌن تو پُور ۾ پُور،
    گرڍاپڻ ۾ ڏک تو سُور ۾ سُور،
    پنڌ ۾ ڀار تو ڏُور ۾ ڏُور،
    کنڊ ۾ کير تو نُور ۾ نُور. (چوڻي)
    گرڍاپڻ ۾؛ پيريءَ ۾. ڀار؛ بار، وزن. ڏُور ۾ ڏُور؛ گھڻو ڊگهو معلوم ٿيڻ.
    ۱ - جواني، اڳيئي مستاني ٿيندي آهي. ويتر جو کپائڻ لاءِ، اڻ ميو پئسو هٿ اچي وڃي ته پوءِ ماڻهو صفا موج ۾ هوندو آھي ۽ آپي کان ٻاهر به نڪري ويندو آھي.
    ۲ - پيري، اڳيئي ٻين جي محتاج هوندي آهي. ويتر جو بيماري ۽ بک جهڙا ڏک گڏجنس ته ماڻهوءَ کي ايمان مان ئي ڪڍي ڇڏين.
    ۳ - پنڌ، سفر ۾ اڳيئي اڻانگو هوندو آهي، ويتر جو سفري سامان جي ڀري به مٿي تي کڻي هلڻي پوي ته اهو سفر چڱي ڀلي جوان کي به ڇِهه مان ڪڍي ڇڏيندو.
    ۴ - کير، اڳيئي مڙني پيئڻ وارين شين کان ذائقي ۽ تاثير ۾ وڻندڙ هوندو آهي. ماڻهوءَ جي پهرين غذا به کير ئي رهي ٿي. ان ۾ جو کنڊ جهڙو مٺاڻ پوي ته پوءِ ذائقي منجهه ذائقو وڌي وڃي. نه پيئڻ وارو به، زور ڪري پيئي.
    مطلب: ۱ - چئن سان چار شيون گڏجن ته سندن اثر وڌي وڃي.
    ۲ - کير ۽ کنڊ، نور ۾ نور،
    جواني ۽ مايا، پور ۾ پور،
    پنڌ ۽ بار، سور ۾ سور. (۲) ص ۶۶.

    242. جُوٺا پرين، کوٽو ٻڙڌ، کٽر گانءِ،
    ڇڊا گيهون، گهاٽا تر، پنج ئي نه ٿيا. (چوڻي)
    جوٺا؛ ڪُوڙو. کوٽو؛ ڪم چور. ٻڙڌ؛ ڍڳو. پرين؛ دوست. گيهون؛ ڪڻڪ.
    ۱ - ڪوڙ ڳالهائيندڙ ماڻهو، محبوب ته ڇا دوست به ٿي نه ٿو سگهي. ساڻس ڪوڙ ڳالهائڻ سبب، نفرت ئي ٿيندي آهي.
    ۲ - ڪوڙو يا ڪم-چور ڍڳو، هَرَ، بيل گاڏيءَ يا نار ۾ وهڻ کان وتندو ٻوڙن ۾ لڪندو. پاڃاري ڏسي ڀڄي ويندو. ڪيترو ڀڄندو؟ ڏاند لڪي پاڃاريءَ کان، ٻوڙي ۾ ٻه پاڃاريون. اهڙي ڏاند جي قيمت ڪاسائيءَ وٽ ٿي سگهي ٿي.
    ۳ - ڳئون ڌاربي آهي کير لاءِ. کٽر کي ڏهبو ته لت هڻي، پنھنجو ڏڌل ته هاريندي پر ٻيءَ کي به کاريندي. تنهنڪري اهڙي ڍڳي، ڪير به نه ڌاريندو آھي.
    ۴ - ڪڻڪ ڇڊي پوکيل هوندي ته سراسري اپت گهٽ لهندي. فصل سان ٻج، ڪلر ۽ هر جو خرچو به نه نڪرندو.
    ۵ - تِرَ، گهاٽا پوکبا ته مارجي ويندا. اپت اوتري نه ٿيندي.
    مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل پنجن شين/ حالتن کان پاسو ڪجي. انهن مان ڪو به فائدو نه ورندو.
    ۲ - گهاٽا تر، ڇڊا گيهون، اڻ پليو وياءُ،
    سڙيو گهوڙو، کر ماڻهو، اهي پنج ئي نه ٿين.
    ۳ - ڏچر گهوڙي، سُچر زال، اڌارو وهانءُ،
    گهاٽا تر، ڇڊي ڪڻڪ، پنج ئي نه ٿيا. (۱۲) ص ۱۴۸

    243. جو دم جيوين، کير ولوڙ. (غلام فريد، چوڻي)
    ٿرين جو گھڻو تڻو گذر، مال جي کير تي آھي. کير جو احترام سندن دُڪي ۽ داخل آھي. اڳلي کي دعائيه ڪلمات ڏيڻ وقت پڻ چوندا آھن؛ ”کيرن پٽن وارو ٿيندين“ يا ”جيسين جيئين، تيسين کير ولوڙيندين.“ (۳۵) ص ۲۵۲
    مطلب؛ ۱- سدائين امير ۽ سائو ھجڻ لاءِ، دعائيه ڪلمات.

    244. جوئيتان ري اڳي، روئيتان هوسين. (چوڻي)
    جوئيتان؛ ڏسندڙ، انتظار ڪندڙ. ري؛ جي. اڳي؛ اڳيان، اڳ ۾. روئيتان؛ روئندڙ. هوسين؛ هوندا.
    انتظار، ڏاڍو ڏکيو آهي. ڪن ته ان کي موت کان به وڌيڪ شديد ڪوٺيو آهي. ڇو جو انتظار يا آسرو ڪرڻ، بيزار ڪري وجهندا آهن. جيڪڏهن وڏي انتظار کان پوءِ ڪا شيءِ هٿ ايندي آهي ته ان جو نه اهو قدر رهندو آهي ۽ نه ئي سنڀال. جيئن وڏي انتظار کان پوءِ ڄاول اولاد، پاس-خاطريءَ سبب، اڌري ويندو آهي ۽ روڄ راڙي جو سبب بنجندو آهي. محبوب جي ملڻ سان محبت ماٺي ٿي ويندي آهي. جنهنڪري ڀٽائي سڳوري پڻ فرمايو آهي؛ ڳوليان ڳوليان، شال مَ ملان هوت.
    ڀٽائيءَ ته انتظار/ صبر کي ئي اصل عشق چيو آهي. جيڪا طراوت انتظار ۾ آهي، سا حلاوت، حاصلات ۾ به ناهي. وڌي ائين به چيو اٿس؛
    ”جا جَرَ جاٽون نه ڏئي، جا ڏيئا نه موهي،
    سا ڪوه سڌون ڪري، محب ملڻ جون“.
    مطلب: ۱ - ڳوليندڙن جي اڳيان، روئندڙ هوندا.
    ۲ - انتظار، روئاريندڙ هوندو آهي. (۶) ص ۱۰۳.

    245. جھڙو سوار، اهڙو پنڌ. (بيراجي، پھاڪو)
    سئيس يا سوار، سواريءَ کي هلائڻ جي مھارت رکندي، کيس ان نموني سان هلائيندو آهي، جيئن هلائڻ جي منجهس صلاحيت هوندي آهي. ڄاڻو سئيس، سِڌايل سواريءَ کي، سٺي نموني هلائيندو پر جڙ مان به ڪم ڪڍي ويندو. ان کان علاوه، پنڌ جو ڪپجڻ، سندس منزل ۽ وقت جي هئڻ سان پڻ منسلڪ ضرور رهي ٿو.
    سئيس/ سوار کي، اگر منزل ڏوراهين ۽ وقت گهٽ آهي ته اهو پنھنجي وهٽ کي تڪڙو ڪُڏائيندو. اگر وٽس وقت جهجهو ۽ منزل اوڏڙي آهي ته آرام سڪون سان پيو پنڌ کي ڪپيندو.
    مطلب: ۱ - پنڌ جي ڪپجڻ جو دارومدار، سوار جي صلاحيتن ۽ گهرجن آهر آهي.

    246. جهڙي تهڙي جوءِ، گهرين ويٺي هوءِ. (چوڻي)
    گهر، جو حقيقي سينگار، گهر-واريءَ سان آهي. عورت نه هئڻ جي صورت ۾، گهر سڃو ۽ بيگاني اوطاق مثل آهي.
    سگهڙ، با اخلاق، باشعور عورت جي ته ڳالهه ئي اور آهي. ان جي هجڻ سان گهر سڌري ٿو، برڪتون پون ٿيون، رونق اچي ٿي ۽ گهر کي چار چنڊ لڳيو وڃن.
    مرد، ٻاهران ڪمائي اچڻ واري ڪم جا ماهر هوندا آهن. گهر ۾ عورت وارو ڪم؛ گهر ۽ ٻچا سنڀالڻ، مهمانن لاءِ رڌو پڪو تيار ڪرڻ، لٽو ڪپڙو ڌوئڻ ۽ گهر کي صاف سٿرو رکڻ، مرد کان نه ٿي سگهندو. اهي سمورا ڪم، عورت سهڻي نموني سان نڀائي سگهي ٿي.
    عورت ڪهڙي به هجي، فقط گهر ڪري ويهي ته سندس عزت، مانُ به انهيءَ ۾ آهي. عورت گهر کان سواءِ ۽ گهر، عورت کان سواءِ بيڪار آهن.
    زال ڪھڙي به هجي، سھڻي يا ڪوجهي، عالمه يا جاهله، کيس پردي ۾ يا گهر جي ڪم ۾ رڌل رکجي. ان ۾ ئي سندس خوبصورتي آهي.
    مطلب: ۱ - جهڙي به جوءِ هجي، گهر جو سينگار آهي.
    ۲ - مرد رلي ته کلي، عورت رلي ته ڀلي.
    ۳ - گهر ته گهر واري.
    ۴ - رن نه رلي ته ماريو ڇو ڀلي.
    ۵ - ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي. (۶) ص ۱۰۲.

    247. جهڙي ڏيک، تهڙي سيک. (چوڻي)
    ڏيک؛ ڏسڻ. سيک؛ سکڻ.
    دنيا ۾ جيترو گهڻو گهمبو/ ڏسبو، عقل اوترو پرائبو. ڇو جو انسان، ڏسڻ سان ئي سکي ٿو. ماءُ جي پيٽان ڪير به سکي نه نڪرندو آهي. جهڙي جهڙي ماحول ۾ رهبو، اهڙو اهڙو عقل پرائبو.
    چڱن سان رهبو، سٺا اخلاق پرائبا. برن جي صحبت ۾ اوگڻ پرائبا.
    ٻيو ته ھڪ هنڌ رهي زندگي گذارڻ کان بهتر آهي ته ماڻهو دنيا ۾ گهمي ڦري. ان سان به عقل وڌندو آهي.
    مطلب: ۱ - حرڪت ۾ برڪت آهي.
    ۲ - هر وقت کلندڙ دروازي کي اڏوهي نه لڳندي آهي.
    ۳ - بيٺل پاڻي به ڌپ ڪري ويندو آهي.
    ۴ - ساڌو رمتا ڀلا، پاڻي بهتا ڀلا.
    ۵ - گهمي گا، ڦري گا، بني گا نواب، سمهي گا، گائي گا، بني گا خراب.
    ۶ - صحبت جو اثر، طبيعت تي پوندو آهي. (۶) ص ۱۰۱.

    248. جھڙي وائبي، تھڙي کائبي. (پھاڪو)
    وائبي: (مصدر) وائڻ، وائرڻ، پوکڻ.
    پيٽ کي پالڻ لاءِ، هر ساهدار کي لوچڻو آهي. چُوڻو هٿ ڪرڻ لاءِ، زمين اندر محنت ڪري، جنھن جنس جو اَنُ ڇٽيندو، اُنَ ئي جنس جو اَنُ، بٽئيءَ تي کيس ملندو. اهو ئي کائڻو پوندس. جَوَ پوکيندو ته جَوَ لڻندو. جوئر پوکيندو ته جوئر لڻندو. ٻاجهري پوکي، جوئر جي اميد ڪرڻ اجائي آهي. ڪڻڪ پوکي، ڪمند جي لھڻ جي آس رکڻ فضول آهي.
    مطلب: ۱ - دنيا اندر، ٻين سان جهڙو سلوڪ ڪبو، ٻيا به اهڙو ئي ڪندا.
    ۲ - چڱو هلبو ته ٻيا به چڱو هلندا، ساڻن برو هلبو ته پاڻ به برو هلندا.
    ۳ - ڪانڊيرا پوکبا ته ڪانڊيرا ئي لڻبا.
    ۴ - ٻٻر پوکي، ٻير گهربا ته ٻير ڪو نه ملندا.
    ۵ - برسات پوڻ کان پوءِ، جھڙو اَنُ ڇٽبو، تھڙو ئي فصل لڻي کڻبو.

    249. جُہ سي لوڙائو، جنين ڍار رهن،
    مارو منجهه ٿرن، رهي رهندا ڪيترو. (شاهه، چوڻي)
    لوڙائو: ڌاريل، ڦورو، لوٽو. ڍار: ھيٺانھين، جھوڪ.
    حاڪم، ڇپر ۽ ڇانءَ ٿيندا آهن. نه پاڻ ظلم ڪندا آهن ۽ نه وري ٻين ھٿارئون ظلم ٿيڻ ڏيندا آهن. ڌرين اندر، انصاف کي قائم ڪندا آهن ته جيئن معاشرو، جنھن جو بقاءُ انصاف اندر لڪل آھي، سو وڌيڪ وقت جٽاءُ ڪري سگهي. جيڪڏهن انصاف هڪ دفعو هٿان ويو ۽ ظلم برپا ٿيو ته معاشري جو شيرازو ئي وکري ويندو.
    حاڪم اگر، پاڻ بيهي لڄون لٽي ۽ قوم کي ڦُري ۽ ڦَٽي ته پوءِ مارو ۽ مسڪين ماڻهو، ڪنھن گهر دانهڙي ڏين؟ بھتر آهي ته ڀڄي جان بچائين.
    مطلب: ۱ - حاڪم رعيت جي لڄ لٽيندا ته ڌاريا ڪھڙو اچي لٽو وجهندا.
    ۲ - جنهن جي آسري تي رهجي، سو ئي دشمن ٿي پوي ته پوءِ ڇا ڪجي؟
    ۳ - جنھن حاڪم جي آسري، ٿر جھڙي ڏکئي علائقي ۾ رهجي، سو ئي اگر ٻانهون کڻي، ڦُري ۽ لُٽي ته پوءِ مارو ماڻهو ڪيڏانھن وڃن.

    250. جيترو پاڻي اونھون، اوتري مٽي جي سِڪ وڌيڪ.
    (پھاڪو)
    ھر ساھدار جو تڳاءُ، پاڻيءَ تي آھي. جنھن کي حاصل ڪرڻ لاءِ، ان جي وسيلن ڏانھن ڊوڙي ڊڪي ٿو. اگر ڍنڍن ڍورن مان ميسر آھي ته انھن مٿان وڃي پھچي ٿو، اگر ندين ۽ واھڙن منجھان مليس ٿو ته انھن ڏانھن دلا ۽ مٽ کڻي ٿو. اگر جر کيس زمين اندر ملي ٿو ته ان منجھ کوھ کوٽي ٿو يا بور ڪري نلڪا ھڻي ٿو.
    ٿر اندر آخري سھارو، جنھن تي زندگيءَ جو دارومدار وڃي رھي ٿو سو آھي، زير زمين پاڻي، جنھن کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏين مشڪلن سان، اڄ جي دور ۾ بور ٿين ٿا. آڳاتي دور ۾ فقط اونھا کوھ کوٽي سگھبا ھيا، جيڪي اڃا به وڏن جھدن پٽڻ کان پوءِ کوٽي سگھبا ھيا. مٿن وڏي محنت، ڪاريگري ۽ مٽيريل استعمال ٿيندو ھيو. ايڏي وڏي تڪليف کانپوءِ جڏھن ٺھي راس ٿيندا ھيا ته منجھانئن پاڻيءَ چڪو ڪڍڻ تي به وڏو خرچ کاٻار ٿيندو ھيو. کوھ تي پھچڻ لاءِ ۽ اتان پاڻي ڀري موٽڻ تي به وقت ۽ جان خرچ ٿيندا ھيا. تنھن ڪري ان پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي جو قدر ھوندو ھيو. ان وسيلي سان، اتان جي رھواسين جي، عشق جي حد تائين محبت ھوندي ھئي. (۳۵) ص ۲۱۱
    مطلب؛ محنت سان حاصل ڪيل شيءِ جو قدر آھي ۽ ان سان محبت ٿئي ٿي.
    ۲. جيتري محنت، اوتري محبت.

    251. جيسلمير جيسلمير، گهر سان وير پَرَ سان ميڙ. (چوڻي)
    جيسلمير؛ هندستان اندر علائقي جو نالو، جيسلمير جا باشندا.
    پنهنجن کي گهٽ سمجهڻ ۽ پراون کي اتم سمجهڻ، نه رڳو جيسلمير جي علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن جي عادت آهي بلڪ انساني فطرت ۾ ائين سمايل آهي. پنهنجن جو هر ڪو، قدر گهٽ ڪندو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ ٻين کي عزت وڌيڪ ڏيندو آهي. پنهنجي ڳوٺ ۽ گهر وارن سان، ٽڪي ٽڪي تي ڪروڌ هوندس، جڏهن ته ڌارين کي، مٽن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سمجهندو ۽ جھجھو قرب پيو ڏيندو. سندن هر ڳالهه، صبر سان پيو سهندو ۽ تحمل سان پيو برداشت ڪندو.
    مطلب: ۱- ملڪ جي مينا به ڪٻر برابر، ٻاهر جي ڪانويلي به بربليءَ برابر.
    ۲ - پنهنجن جي ڀيٽ ۾ ڌارين کي هر ڪو عزت ۽ قرب وڌيڪ ڏئي ٿو.
    ۳ - تين بلاوي، تيره آوي، ديکو يھان ڪي ريت،
    باهر والي کا جاوين، گهر والي گاوين گيت.
    ۴ - شاديءَ مراديءَ ۾، ڳوٺ وارن جي ڀيٽ ۾، ٻاهرين کي وڌيڪ عزيت قرب ملندو آهي. چڱو کاڌو به کين ملندو آهي. (۱) ص ۳۷۴.

    252. جيسين نه وڃي پاڻ، نينھن نياپي نه ٿئي. (شاھ، چوڻي)
    دنيا جا ڪيترا ئي ڪم آھن، جيڪي پنھنجي سر ڪرڻا ھوندا آھن. ماني پاڻ کي کائڻي آھي. لٽو ڪپڙو پاڻ کي پھرڻو آھي. ڪاڪوس يا پيشاب خاني ڏي پاڻ ھلي وڃڻو آھي. نه وڃبو ته اھي ڪم نه ٿي سگھندا. اھي اھڙا ڪم آھن، جيڪي ٻين جي معرفت نه ٿا ڪرائي سگھجن. محبت به ائين آھي. اھا به جيسين پاڻ، سر جو سانگي لاھي، نه ڪبي، تيسين نڀجي نه سگھندي.
    پنھنجي وات سان ڳالھايل لفظ، جتي اثر ڪندا، اتي نياپي پھچائيندڙ ماڻھوءَ جي ڳالھ، ڪجھ نه ڪري سگھندي. نياپو ڏيندڙ، نه اڳلي جي موڊ کي ڏسندو نه ڪيفيت کي. جيڪو رٽيل ھوندو سو چوندو ويندو. پوءِ اڳلي تي ان جو ڪھڙو به اثر پوي. بجاءِ اڳلي جي دل وٺڻ جي، خراب ڪيون ايندو. (۳۵) ص ۲۵۱
    مطلب؛ ۱- ٻه ماڻهو جيسين پاڻ ۾ نه ملندا، هڪٻئي جي طبيعت، دلچسپي، روين ۽ مفادن کي نه پرکيندا، تيسين منجهن محبت پيدا نه ٿيندي.
    ۲- جٽادار محبت لاءِ پرک ۽ اعتماد جي ضرورت پوندي آهي.

    253. جيڪي ڪپورئي ۾ هوندو،
    سو ئي اوهاءَ ۾ پوندو. (پھاڪو)
    ڪپوريو؛ کوھ جي ڀرسان ٺھيل ھودي. اوھاءُ؛ مال کي پاڻي پيئارڻ لاءِ ننڍڙو تلاءُ.
    کوھ مان پاڻي ٻوڪن ذريعي، ورت ڇڪڻ سان ڪڍبو آھي. ورت يا واڍ، جيڪا ڀُوڻ يا گرڻيءَ تي گسڪندي ۽ ڦرندي آھي، تنھن کي ٻه چار ماڻھو يا ڍڳو ڍور جوٽي ڦيرائبو آھي ته پاڻيءَ سان ڀريل ڪوس يا ٻوڪو مٿي پھچندو آھي. ٻيو پاڻي کوھ مان ڪڍڻ لاءِ ٻوڪو يڪدم خالي ڪرڻو پوندو آھي. دلي يا مٽ ۾ لاھڻ سان وقت کرندو ۽ سيڙ ٿيندي آھي. تنھنڪري يڪدم ڪپورئي يا ننڍي هوديءَ ۾ لاھبو آھي. جتان وري نڪ/ ناليءَ جو ٻوچ کولڻ سان اوهاءَ/ آواڙي يا ننڍي تلاءَ ۾ مال وغيرھ جي پيئڻ لاءِ ڇڏبو آھي. اگر پاڻي ڪپورئي ۾ کوھ مان ئي نه وجھبو ته آواڙي ۾ ڪين ايندو.
    مطلب: ۱ - جيڪي ڪني ۾ ھوندو، سو ئي ڏوئيءَ تي چڙھندو.
    ۲ - جيڪي دل ۾ ھوندو، سو ئي زبان ذريعي ٻاھر نڪرندو.
    ۳ - والدين وٽ هوندو ته اولاد کي به ملندو.
    ۴ - جيڪي ديڳ ۾ هوندو سو ئي چمچي ۾ چڙهندو.
    ۵ - ڀيٽيو؛ جيڪي کوهه ۾ هوندو، سو ئي آهه ۾ پوندو.

    254. جيڪي کوهه ۾ هوندو، سو ئي آهه ۾ پوندو. (پھاڪو)
    آھ؛ مال لاءِ پاڻي پيارڻ واري هودي.
    آھ يا ھودي، کوھ جي ڀر ۾ ٺاھبي آھي ته جيئن کوھ تان پاڻي ڀرڻ وقت ھار وير جو پاڻي منجھس جمع ٿيندو رھي ۽ مال وغيرھ جي پيئارڻ ۾ ڪتب اچي. ڇو جو کوھ مان ورائي پاڻي ڪڍڻ به عذاب جھڙو ڪم آھي. ھار-وير جو پاڻي، جھڙو ئي کوھ مان نڪرندو، اھڙو ئي آھ ۾ پوندو آھي. آھ جي پاڻيءَ جي ذائقي ۽ کوھ جي پاڻيءَ جي ذائقي ۾ ڪو خاص فرق نه ھوندو آھي.
    مطلب: ۱ - جھڙي ماڻھوءَ جي طبيعت هوندي، ٻين سان به ائين هلندو.
    ۲ - جيڪي ڪنيءَ ۾ هوندو، سو ئي ٿالھيءَ ۾ پوندو.
    ۳ - جڏهن نديون ڀريل آهن، تڏهن کوهه به ڀريل رهن ٿا. (چيني)
    ۴ - ڀيٽيو؛ جيڪي ڪپورئي ۾ هوندو، سو ئي اوهاءَ ۾ پوندو. (پھاڪو)

    255. جي کنوي ڀرڻي، ته نار به جھڙي نه پرڻي. (پھاڪو)
    ڀرڻي؛ نکٽ، مينھن جو اھڃاڻ.
    علم جوتش موجب؛ ڪل اٺاويھ نکشتر يا نکٽ آهن. جيڪي واري وٽيءَ سان سڄي سال ۾ پيا ايندا آھن. مھيني جي اندر ته ھر ھڪ نکٽ کي وارو اچي ئي ويندو آھي. ڀرڻي به منجھانئن هڪڙو نکٽ آهي.
    هر ڏينهن جو پنھنجو ھڪڙو نکشتر يا نکٽ آهي. چؤماسي جي مند وارن مهينن مان، ڪنهن به ھڪ مهيني جي ڀرڻي نکٽ ۾، اگر کنوڻ ٿي ته پوءِ مينهن جو آسرو لٿو. ڏڪار پڪ ٿيندو.
    جنھن سال ڏڪار ٿيندو آھي، ان سال شادين مرادين وارا پروگرام درھم برھم ٿي ويندا آھن. خاص طور تي نياڻين جي شادي ڪرڻ وارا، ڪٺو ڪيل ڏيڀ ڏيوڻ، ڏڪار جي لڏپلاڻ سبب، لڪائڻ ۽ ھٿيڪو ڪرڻ سبب پريشان ٿي ويندا آھن. (۳۵) ص ۲۲۱
    مطلب؛ اندر جو خوشيون به ٻاھر جي خوشين سان سلھاڙيل آھن.

    256. جيوڙي آئي، ڪي نه ڀائي. (چوڻي)
    جيوڙي؛ سِرڙي، سِرَ تي، ساھ مٿي. ڀائي؛ ڀائيوار، حصيدار، مددگار.
    دنيا اندر، لاهيون-چاڙهيون ۽ هيٺ-مٿانهيون، انسان جي سر تي آهن. انهن سان کيس ئي منهن ڏيڻو آهي. ٻين کان مدد وٺڻ لاءِ ته وٺي سگهجي پر؛ سوال، ويچارو آهي. ڪٿي ٻيو مدد ڪري سگهي، ڪٿي نه ڪري سگهي. دنيا جا الائي ڪيترا اهڙا معاملا به آهن، جن ۾ مائٽ ۽ ڀائر به مدد نه ڪري سگهندا آهن. حتانڪ ماءُ پيءُ به مدد نه ڪري سگهندا آهن.
    جيئن، ماءُ پيءُ کارائيندا پياريندا، ڪاڪوس لڳندو ته اوستائين به وٺي هلندا. اندر ڪاڪوس اچي ٿو يا نه، اهو پنهنجي سر تي آهي. ان تڪليف ۾ حصيدار نه ٿيندا.
    شادي مرادي، ڌمي وڄائي، ڀت-ڪاڄ ڪري، ڪرائيندا. وني وٺي ڏئي، اندر موڪليندا. پاڻ ۾ ڪمزوري هوندي ته ان ۾ حصو نه ونڊائيندا. اها تڪليف پنهنجي سر تي آهي. بيماري-بڙيءَ ۾ علاج ڪرائيندا، ڀڄ-ڊڪ ڪندا، پئسو پنجڙ ڇَٽيندا، ڊاڪٽر تائين رسائيندا، پر بيماريءَ جو حصو ورهائي نه کڻندا. اها پاڻ کي ئي لوڙ لوڙڻي آهي.
    مطلب: ۱ - سر تي آيل مصيبت ۾ ڪير به ڀاڱي- ڀائيوار نه ٿيندو آهي.
    ۲ - سِرڙي آئي، ڪو نه ٿئي حال ڀائي. (ساهتي) (۶) ص ۱۰۲.

    257. جي وس چرندا، تن ڇنڊ ته لڳندي.
    ٻڪريءَ لاءِ مشهور آهي ته ڇنڊ لڳي نه آهي، ڍرندي وڻ ۾ يا جهليندي ڀت جي اوٽ. اگر جي گهر ويجهو هوندو ته ڪيترا حيلا بهانا ڪري به هرڙائي چونئري ۾ ڍري ويندي. تنھنڪري ٻڪريءَ لاءِ مشھور آهي؛ ”ٻڪري وس به چرندي، ڇنڊ به نه سھندي.“
    مطلب: ۱ - ٻڪري وس به چري، ڇنڊ به نه سھي.
    ۲ - ٻڪري چي؛ وس به چران، ڇنڊ به نه سھان.
    ۳ - لالچي ۽ منڊو فقير چي؛ پنان به وٽي تي، سمھان به منجي تي.
    ۴ - جي پوندا سوڙھيين، تنين لڳندا سيلھ.
    ۵ - گپ ۾ گھڙبو ته ڦڻنگون ته لڳنديون.

    258. جي وسي چيٽ ته ان نه ماپي کيٽ. (زرعي، چوڻي)
    زراعت لاءِ، سنڌ اندر ٻه مندون يا موسمون آهن؛ چيٽ ۽ ڪتي. ڪتيءَ جو فصل انھن مھينن اندر ٿيندو آهي، جن مھينن اندر ڪتي آسمان تي هوندي آهي. ڪتي، جون مھيني ڌاري ڄاپندي آهي ۽ ڊسمبر/ جنوريءَ تائين آسمان تي رات ڌاري نظر ايندي آهي ۽ ان کانپوءِ لهي ويندي آهي. ان وقفي واري مند کي ڪَتيءَ جي مند يا خريف سڏيو ويندو هي. جيئن خريف جي مند پوري ٿيندي، تيئن وري ربيع يا چيٽ شروع ٿيندو.
    اگر چيٽ جي مند ۾، فيبروريءَ ڌاري چڱي برسات پئي ته اها فصل لاءِ ڪارائتي ٿيندي. فصل کي نه وڌيڪ ڀاڻ جي ضرورت پوندي ۽ نه دوائن جي. ان برسات اندر، قدرت واري فصل لاءِ وڏي قوت رکي آهي.
    مطلب: ۱ - مندائتو مينھن، ڪارائتو آهي.
    ۲ - چيٽ جي مند ۾ برسات پوي ته اناج جام ٿيندو آهي.

    259. جي هڙان نان ڏين، تو ئي وڙان نان وڃاءِ. (چوڻي)
    هڙان؛ هڙئون. نان؛ نه. وڙان؛ وڙئون.
    دنيا جو ڪار-وهنوار، هڪڙي ربط سان قائم آهي. جنھن ۾ حسن سلوڪ، وقت پوڻ تي مدد ڪرڻ، شاديءَ- غمي، موتي- فوتيءَ، اڙيءَ- اُڌي هڪٻئي وٽ پير ڀرڻ وغيره جھڙا عمل اچي وڃن ٿا.
    اڳلو تڪليف ۾ آهي ته وٽس وڃي، کيس مدد ڪرڻ. پئسي ڏوڪڙ جي مدد نه ڪري سگهجي ته مال ۽ اناج جي ڪجي. اها نه ڪري سگهجي ته سندس تڪليف دور ڪرڻ لاءِ ٻين وٽ مدد لاءِ ڀڄ-ڊڪ ڪجي. ايترو به نه پڄي سگهي ته پوءِ ساڻس، زباني همدردي ضرور ڪجي.
    جيڪو ماڻهو، زباني همدرديءَ کان به هليو ٿو وڃي، سو ڄڻ حيوانن جي قطار ۾ اچي ٿو وڃي. آخر ۾ ساڻس همدردي ڪرڻ وارو به ڪين ٿو بچي. انهن ڳالهين سببان ڪيترا ته ري-ڪفنا مري ويندا آهن. ري-ڪفنو مرڻ کان پاسو ڪجي.
    مطلب: ۱ - هڪ ٻئي جي دامي درمي، قدمي سخني، مدد ضرور ڪجي.
    ۲ - هڙئون نه ڏجي ته وڙئون نه وڃجي.
    ۳ - ڳڙ نه ڏجي ته ڳڙ جهڙي ڳالهه ضرور ڪجي. (۵)

    260. جيئڻ لاءِ به سھپ کپي. (چوڻي)
    زندگي ڏاڍي ڏکي آھي. ان کي آسان بنائڻ لاءِ، قدرت واري انساني سڀاءَ اندر سھپ ۽ صبر جو جذبو وديعت ڪيو آھي.
    صبر ۽ سھپ واري سان ڄڻ ڌڻي سڳورو پاڻ گڏ آھي ۽ ان جي جوڳي مدد فرمائي ٿو. زندگيءَ اندر، مالڪ ڪڏھن انسان کي نعمتون ڏئي پيو ٿو آزمائي ته ڪڏھن وري نعمتون کسي پيو پرکي. انھن لاھن چاڙھن جي اندر، سکي زندگي اھو انسان گذاري سگھندو، جنھن ۾ سھپ جو مادو ڀريل ھوندو. (۳۵) ص ۲۲۰
    مطلب؛ ۱. صبر ۽ سھپ سان گھاريل زندگي ئي سڪون واري آھي.


    ڄ

    261. ڄٽن جا سيٺ، مٽن جا ڳيھ،
    ڌيئن جا پيءُ، کُٽا کُٽَن جا پٽ. (چوڻي)
    ڄٽ؛ جاهل، اجهل. سيٺ؛ سردار. ڳيهه؛ گيهه. کٽا؛ کٽل.
    ۱ - جاهل قوم جو سردار، سيٺيو ٿئي ته ڄٽ کانئس ڌن دولت اوڌر تي جام وٺن ۽ موٽائڻ جي وائي ئي نه وراينس. اهي ڄٽ، نه ڪمائين نه قرض لاهين. نتيجي ۾ سيٺ وڃي ڏينهون ڏينهن کوٽ ۾ پوندو.
    ۲ - آڳاٽي دور ۾، سچي گيهه رکڻ لاءِ، اسٽيل، شيشي، گلٽ يا چينيءَ جا ٿانءَ نه هوندا هيا. جنهنڪري چمڙيءَ جي دٻين ۾ رکڻ جو رواج هيو. جيئن اڄڪلھ پلاسٽڪ جون ٿيلھيون اچن ٿيون، جن جي اندران قلعي ٿيل آھي. غريب غربي وٽ ته چمڙي جي ٿانءَ رکڻ جي سگهه به نه هوندي هئي. تنهنڪري ٺڪر جي ٿانون ۾ گيهه وجهي رکندا هيا. جڏهن گيهه چڱي مقدار ۾ ڪٺو ٿيندو هين ته، آئيءَ ويل لاءِ، گيهه جو مٽ ئي زمين ۾ پوري ڇڏيندا هيا. ٺڪر جي پَوري هئڻ سبب، پوريل ٿانءَ مان گيهه سمي، زمين ۾ جذب ٿي ويندو هيو. جڏهن سال کن کان پوءِ، ضرورت پوڻ تي، کوٽي ڪڍندا هيا ته ٿانءُ وڃي اڌيڪو بچندو هين. ٺڪر جو ٿانءُ، اڌ تي اڌ، گيھ چٽي ويندو ھيو.
    ۲ - هندن ۾ ڌيءَ کي شاديءَ وقت، گهڻو ڏاج ڏيوڻ ڏيندا آهن. جنهنڪري ڌيءُ جو پيءُ، ڌيءُ شينهن ڪلهي چاڙهڻ سبب، کٽل ئي هوندو آهي.
    مطلب: ۱ - مسلمانن جو سيٺ پڪائي نه ڄاڻڻ سبب، سدائين کوٽ ۾. مٽ ۾ رکيل گيھه سمي سمي نيٺ کٽي. هندو ڌيءَ اٿارڻ وقت وڏو خرچ ڪن، جنھن ڪري کٽي پون.
    ۲ - جاهلن جو سردار، ٺڪر جي ٿانءَ ۾ رکيل گيهه ۽ ڌيءُ جو پيءُ، سدائين کٽل هوندا آھن. (۵)

    262. ڄيٺو گهر گهي نه رکيئي، ڀادروو ڪپاس،
    ڌيئان گهر، بهوئان پِيهر، اِتني رکئي وڻاس. (چوڻي)
    ڄيٺو؛ ڄيٺ جي مهيني ۾. ڀادروو؛ بڊي جي مهيني ۾. ڪپاس؛ ڪپهه.
    بهوئان؛ نُهر. پيهر؛ پيڪاڻي گهر. وڻاس؛ نقصان.
    ۱ - ڄيٺ جو مھينو؛ مئي-جون ڌاران اچي. ان هندي مهيني اندر، ساوا گاهه جام ٿيندا آهن، جنهن سبب مال ۾ کير مکڻ پڻ جام ٿيندو آهي. نتيجي ۾ گيهه به جام جڙندو آهي. رکڻ سان، گهڻي گرميءَ جي شدت سبب، خراب ٿيڻ جو انديشو هوندو آهي. بهتر آهي ته ترت کپائي ڇڏجي.
    ۲ - بڊي جو مھينو؛ آگسٽ-سيپٽمبر ڌاران اچي. ان هندي مهيني ۾ وونئڻ پوکجي ويندا آهن. اڳئين سال واري ڪپهه، وڌيڪ وقت رکڻ سان ڀتي ٿيڻ ۽ ڪيڙي لڳڻ جو گهڻو انديشو آهي. ترت تازي ڦُٽي به لهي ميدان ۾ ايندي. اڳلي سال واري ڪپهه جو اگهه ويتر ڪرندو. بهتر آهي ته بڊي جي مهيني کان اڳ، اھا نيڪال ڪري ڇڏجي.
    ۳ - ڌيءُ سامائجي ته، ٻين جي گهُرڻ کان اڳ، اٿاري ڇڏجي. وڌيڪ وقت ويهارڻ سان، وڏا مسئلا پيدا ٿيندا. چوندا آھن؛ ڌيون ۽ مڇيون، ناهن رکڻ جون شيون.
    ۴ - نياڻيءَ کي، شادي ٿيڻ کان پوءِ، مڙس جي گھر کي پنھنجو گھر سمجھڻ گھرجي ۽ اتان ھيڏي ھوڏي نڪرڻ نه گھرجي. حتانڪ پيڪن ۾ به گهڻو وقت نه رھڻ گھرجي. ائين ڪرڻ سان، سڄي عمر، گهر نه ڪري سگھندي. ان جا برا اثر سندس اولاد، خاص ڪري ڌيئن تي پوندا.
    مطلب: مٿيون چار ئي شيون، گهڻو وقت رکڻ نه گهرجن. (۱۲) ص ۱۴۰.

    263. ڄيٺو مينھن، پڻيٺي پٽ ۽ نيري وهانءُ،
    ڪن سڀاڳن سامھون. (چوڻي)
    ڄيٺو مينھن: ڄيٺ جي مھيني ۾ وسندڙ مينھن، بھار جي شروع ۾ پوندڙ مينھن. پوڻيٺو پٽ: پھريٽو پٽ، پيءُ ماءُ کي اڪيلو ٻار سو به پٽ، مومڀي. نيري وھانءُ: ھڪ ماڻھوءَ کي فقط ڌيءَ ھجي ۽ ٻئي کي فقط پٽ ھجي. انھن ٻنھي نوجوانن جو پاڻ ۾ پرڻو ٿئي ته ان کي نيري وھانءُ چئبو.
    ۱ - ڄيٺ مھيني اندر پيل برسات پڻ مندائتي ۽ فصل لاءِ ڪارائتي ٿئي ٿي. ان سان بھار جي آمد پڻ ٿئي ٿي.
    ۲ - مومڀي پٽ، ماڻهوءَ کي جوانيءَ اندر ڄمي ٿو. جيستائين ماڻهو، پاڻ ڪراڙو ٿئي تيستائين پٽ جوان ٿي وڃي ٿو ۽ پيريءَ ۾ سھارو ٿئي ٿو. اگر ان جي جاءِ تي ڌيءَ ڄائي ته به ماءُ کي مددگار ٿيندي. جڏھن ته پيءُ لاءِ پھرين ڌيءُ، پُٽ برابر هوندي آھي. اھا سندس پيڙهي، پٽجڻ جو سبب ٿيندي. دل کي آٿت پيو ايندو. پر جھڙو آٿت پھرئين پٽ جي ڄمڻ تي ٿئي ٿو، تھڙو پھرين ڌيءَ جي ڄمڻ تي نه ٿو ٿئي.
    ۳ - نيري وهانءَ ۾/ اڪيلي ڌيءَ سان وهانءَ ۾، گهوٽ سالن ۽ سالين جي جهنجهٽ کان ۽ ڪنوار ڏيرن ۽ نڻانن جي آزار کان آجا هوندا آهن. اهي ڳالھيون ڪن ڀاڳن وارن کي نصيب ٿينديون آهن. ھونئن به ڪنوار کي اھا ئي ڳالھ ته وڻندي آھي، جيڪا سھيليون ۽ ڀينر مائر چونديون اٿس؛ ”سس نه نڻان، موجان ويٺي ماڻِ!“
    مطلب: ۱ - ڄيٺ مھيني جو مينھن، پھريٽو پٽ، سڪيلڌي وهانءَ، ڪن سڀاڳن سامھون. (هندي)
    ۲ - ڄيٺي مينھن ۽ پڻيٺيءَ جا پٽ، ڪن ڀاڳ وارن کي ملن. (لاڙ)
    ۳ - پھريٽو پٽ ۽ ڄيٺو مينھن، ڪن ڀاڳ وارن کي ملن.
    ۴ - پھريون ٻار پٽ ۽ ڄيٺ مھيني جو مينھن، ڪارائتا آهن.
    ۵ - پٽ ته پڻيٺي، مينھن ته ڄيٺي.
    ۶ - ڀيٽيو: مينھن ۽ پٽ، قسمتي.

    264. ڄيٺ-ويساک جي تتي ڏينهن،
    ساوڻ-بڊي جي وسندي مينهن،
    پوه-مانگهه جي آڌيءَ رات،
    شال نه پوي هنگڻ تات. (چوڻي)
    جڏهن ڪاڪوس، گهرن ۾ ٺهيل نه هوندا هيا، تڏهن جهنگ جي خيال سان، گهرن کان ٻاهر وڃڻو پوندو هيو. اهو اهڙو ويلو آهي، جو ڪير ٽاري به نه سگهي ۽ نه ئي پنهنجي وڃڻ بدران ٻئي جي معرفت جان آجي ڪري سگهي. اھي ٽئي ويلا/ وقت، وڃڻ واري کي اهنجا لڳندا آهن. هڪ آرهڙ يا ڄيٺ جو مهينو، جنهن ۾ سخت گرمي ۽ ڪاڙهو هوندو آهي. ان ۾ به خاص طور تي منجهند وارو وقت ڏاڍو ڏکيو ھوندو آهي. ٻيو سانوڻ- بڊي يا جولاءِ آگسٽ مهيني اندر، جڏھن گهڻي برسات جهور ٻڌي بيهندي آهي ۽ بس ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺندي آهي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ پئي هلندي آهي. ان وقت به ٻاهر نڪرڻ ۽ کلئي آسمان هيٺ، وسندي مينهن ۾ ڦسندي، ڪاڪوس ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو لڳندو آهي. ٽيون سياري جي راتين ۾- پوه ۽ مانگهه (ڊسمبر ۽ جنوريءَ) جي مهينن دوران- سيءُ تمام گهڻو پوندو آهي. ان وقت به ڀلي ڪمبل ۽ کٿا ويڙهي گهران نڪرجي پر جهنگ جي خيال سان ويهڻ لاءِ، کلئي آسمان هيٺ اهي هٽائي، پوءِ ڪاڪوس ڪرڻ تمام اهنجو لڳندو آهي.
    مطلب: ۱ - گهر کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ ٽي ويلا اهنجا آهن؛ گرمين ۾ منجهند ٽاڪ جو، چؤماسي اندر مينھن وسندي ۽ پاري/ تهه سياري ۾ اڌ رات جو.
    ۲ - آرهڙ جي تتي ڏينهن، سانوڻ جي وسندي مينهن،
    سياري جي آڌي رات، شل نه پوي هنگڻ تات.
    ۳ - جيٺ ڪو دپهريا، ڀادو ڪو انهريا،
    پوس ڪي ڀن لهرا، آڀاگا کام ڪريلو. (ڀوڄپوري)
    ۴ - ڄيٺ مهيني ۾ منجهند وقت، بڊي ماھ جي اونداهي رات ۾،
    پوه مهيني ۾ صبح سوير جو، اڀاڳو ماڻهو ئي ڪم ڪندو. (۱) ص ۲۶۷.


    جھ

    265. جھرندي، تڏھن ئي ته جُڙندي. (پھاڪو)
    انساني ھڏ، عمر جي آخر حصي ۾ ٽٽي ته اصل نه جڙي. جڏھن ته ڪچو ھڏ، ڀڳي کان پوءِ وري جڙڻ سولو آھي. باقي جھريل، ٿڙيل، نڪتل ھڏ، ڪي شاھ ڪاريگر جوڙي ضرور وڃن. رب پاڪ سندن ھٿ ۾ ان قسم جي شفا ضرور رکي آھي.
    ھڏ به اھو جڙندو، جيڪو اڳي جھريل ھوندو. اگر جھريل نه ھوندو ۽ ڪنھن اڻ-آزمودگار کي، سور جي سببئون، ڏيکاربو ته اھو آڏا ابتا زور ڏئي ويتر کاري وجھندو.
    مطلب: ۱ - ٺھندي اھا، جا ڊٿل ھوندي.
    ۲ - ٺھيل تي زور آزمائي ڪبي ته ڊھي پوندي. (۳۱)

    266. جهنگ کي سدائين ننگ. (چوڻي)
    ننگ؛ عزت، پردو.
    ٻهراڙين ۽ جهنگن ۾، پردو ڪو نه هوندو آهي. جڏهن ته ٻهراڙيءَ وارن جو گذر سفر، جهنگ تي آهي. جيڪڏهن مرد ماڻهو رڳو جهنگ ۾ وڃن ته گهر ايترو ڪين هلي سگهن. تنهنڪري غريب زالون به مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي، ٻنين وغيره تي ڪم ڪن. جنهنڪري کين پردو ڪرڻو ڪين پوي.
    بنا پردي جهنگ ۾، عزت آبرو ته اصلئون مالڪ ٿو رکي. جيئن ته غريبن جو گذران جهنگ تي آهي، تنهنڪري ناموس، پردي ۽ عزت جو مدار به جهنگ جي ماحول تي آهي. جهنگ ۾ رهندڙ، رهزن هوندا ته عزت ڌوڙ ۾ هوندي ۽ جيڪڏهن جهنگ ۾ رهندڙ، رحمدل هوندا ته راهبر ٿي ئي رهندا.
    مطلب: ۱ - غريب جي عزت بچي يا وڃي، جهنگ جي ماحول تي مدار رکي ٿي.
    ۲ - مينهوڳيءُ ۾، ٿاريلن کي تڙن/ تراين تي مال ڪاهي اچڻ جي ضرورت نه هوندي آهي. برسات سبب، سڄي جهنگ ۾ کين پاڻي ملي ويندو آهي. جنهن ۾ سندن ننگ رهجي ايندو آهي.
    ۳ - جهنگ به حفاظت/ سر بچائڻ واري جاءِ آهي.
    ۴ - جهنگ جو تتو گهر اچي، گهر جو تتو ڪيڏانهن وڃي؟ (۳) ص ۱۶۶ ۽ (۹) ص ۱۰۵.

    267. جهونو منڊ، بڊي ڀنگ، گانجي پوئين سوٽ،
    گهوڙو سر ميدان ۾، ڀري گاڏونيءَ سوٽ،
    پرڻي رات پهرينءَ، پپر پينگهه جوٽ،
    عشق اول کان لڳو، اهي اٺئي الهوٽ. (چوڻي)
    گاڏوني؛ نشئي. جهونو؛ پراڻو. منڊ؛ جادوگر. گانجو؛ چرس. جهوٽ؛ ٻڌل.
    الهوٽ؛ خمار ۾.
    ۱ - پراڻي جادوگر کي پنهنجي فن ڪاريءَ تي ناز ٿيندو آهي.
    ۲ - بڊي مهيني ۾ پوکيل ڀنگ، ڀلي ۽ گهڻي نشي واري ٿيندي آهي.
    ۳ - چرس، سلفيءَ ۾ سُوٽ ڏيئي سَرِ ڪري پيئبو آهي. سگريٽ ۽ سلفيءَ جو آخري ڪَشُ، نشا ڏياري ڇڏيندو آهي.
    ۴ - گهوڙي کي ڊوڙائڻ لاءِ ميدان ملي ته پنهنجي سُڌ به نه پوندي اٿس.
    ۵ - نشئيءَ کي سُلفي سَرِ ڪرڻ وقت، وڏي سوٽ به خمار چاڙھي ڇڏيندي آهي.
    ۶ - شاديءَ جي پهرين رات، ڪنوار توڙي گهوٽ لاءِ، زندگيءَ جي حسين رات هوندي آهي. جوانيءَ تائين پھچندي جيڪا حسرت جيءَ ۾ پالي ويٺا ھيا، تنھن حسرت جي عملي طور پوري ٿيڻ جي رات آھي. جوانيءَ جي مستان ۾، سا به جلد گذرندي آهي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته ان جا اثرات، آخر حياتيءَ تائين، ذهن تي باقي هوندا آهن.
    ۷ - پپر جي ڇانءِدار ٽاريءَ ۾ ٻڌل پينگهه جا لوڏا، به خمار چاڙهي ڇڏيندا آهن.
    ۸ - پهريون عشق، تاحيات تائين ياد رهندو آهي. هونئن به شراب جو نشو رات تائين، عشق جو نشو تاحيات تائين.
    مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل اٺ ڪيفيتون/ حالتون، نشو ڏياريندڙ آهن.
    ۲ - بادي ڀنگ، نانگڻ منڊ، گانجي پهرين سوٽ، گهوڙو پور ميدان ۾، ٻَرَي-گاڏُئين سُوٽ. (تپ سان گڏ پاسي جو سور)، پهرين رات جو پرڻو، پپر پينگهن جُهوٽ، اوائل جو عشق، اهي اٺئي الهوٽ.
    ۳ - باڊي ڀنگ، جهونا منڊ، تازي طويلين ڇٽا، گانجي پهرين سوٽ، اول سان عشق لڳو، سينهين پهرين سوٽ، پهرين رات پرڻي جي، پرھ هندوري جهوٽ، اهي اٺئي الهوٽ.
    ۴ - باڊي ڀنگ، نانگڻ منڊ، گانجي پھرين ڦوڪ، گھوڙو سر ميدان منجھ، اٺ ھٿيارن ڀوٽ، پھرين رات جو پوتو، برھ ھندوري جھوٽ، اوائل جو عشق، سي آھن اٺ ئي الھوٽ. (ٿر)
    ۵ - پرڻو پهرين رات جو، گانجي پوئين سوٽ، حاڪم حڪم جو ڌڻي، جھجها پٽ سپوٽ، عشق اول کان لڳي، اهي پنج ئي الوٽ. (۱۲) ص ۱۵۲.


    چ

    268. چار چور، چوراسي واڻيا،
    هڪڙي هڪڙي، ايڪويهه تاڻيا. (پھاڪو)
    آڳاٽي دور ۾ هڪ دفعي، چوراسي کن واڻيا، پاڻ ۾گڏجي واپار جو وکر وٺڻ ويا. واپسيءَ تي، سامان گڏهن ۽ خچرن تي کڻايو پئي آيا جو واٽ تي ڪن لَڪَن ۾ لڪل چورن اچي کين ورايو. چور هيا ته چار ڄڻا پر وٽن هٿيار پنھوار هيا ۽ اوچتو خوفناڪ نموني سان حملو ڪيو هيائون. جنھنڪري واڻين کي باقاعده ڦُري، پوءِ گهٽ مان ڇڏيائون. اڳتي هلي، ڦريل واڻين جڏهن، چورن جي تعداد ۽ پنھنجي تعداد تي نظر ڦيرائي ته حيرانگي ٿين ته هڪ چور، ايڪويهن واڻين کي ولو چاڙهيو هيو.
    مطلب: ۱ - دڪاندار، دڪان جي وکر سبب ايترو ڪمزور هوندو آهي جو هڪڙو چور به ويهن واڻين کان واڌو هوندو آهي.
    ۲ - ڀيٽيو: باڻيا، بيس تو ئي ھيکلا.

    269. چار مليا ته چؤسٺ کليا، ويس ڪريو جوڙ،
    سڄڻ سڄڻ سين مليا، مليا لاک ڪروڙ. (چوڻي)
    عام ماڻھن منجھان، اگر چار ڄڻا، پاڻ ۾ چوياري ڪري اٿن ته اھا ڪچھري يا ان جوڙ/ ڪٺ ۾ ٿيل ڳالھيون، ٻين چوھٺ ماڻھن تائين پنھنجو اثر ڇڏين ٿيون. ان جي بر عڪس اگر ٻه سڄڻ پاڻ ۾ ويھي ڪچھري ڪن يا ناز انداز سان حال احوال اورين ته، سندن ويھڻ جو غوغاءُ، لکين ڪروڙين ماڻھن جي زبانن ۽ دلين تائين پھچي وڃي. ان دؤر جي ماڻھن جي زبانن تي ته چڙھي پر ايندڙ وقتن جي ماڻھن جي زبانن تي پڻ جاري ٿي وڃي. (۳۵) ص ۲۳۵
    مطلب؛ ۱. سڄڻ سڄڻ سان ملي ته زمين جي ستين پتر ۾ ڳالھ ھُلي وڃي.

    270. چار ئي واهون چڪن، تڏهن سوڍا سيڻ ڪجن. (پھاڪو)
    واهون: رستا. چُڪن: پورا ٿين، کٽن. سيڻ: مٽ عزيز، رشتيدار.
    سوڍا، ٿر جي بھادر ۽ اڻانگي ذات آهي. ڏاڍ-مڙسيءَ جا منجهن وڏا اکر هوندا آهن. ساڻن سڱ سياپو، پنھنجي حالت کي ڏسي پوءِ ڪجي. هونئن به ڪمزور ماڻهو، ڏاڍي سان مٽي مائٽي ڪرڻ کان پاسو ڪري ته بھتر آھي.
    جڏهن مٽي مائٽيءَ لاءِ، سمورا رستا ۽ راهون بند نظر اچن. پنھنجن ويجهن توڙي پري جي مٽن ۾ ڪٿي آسرو نظر نه اچي. اوري پري ڪنھن پاڻ جھڙي قوم ۾ به ڳٿو نه کلي ته لاچار پوءِ سوڍن کي سيڻ ڪجي. ٻي صورت ۾ ڏاڍن کان پاسو ڪجي ته بھتر.
    مطلب: ۱ - وس ويندي، ڏاڍي ماڻهوءَ جي آڏو، پاسو ڏئي به نه لنگهجي.
    ۲ - جڏهن ٻي ڪا واه نظر نه اچي ته لاچار، ڏاڍي سان سڱ ڪجي.

    271. چانديءَ جو رپيو ٿر ۾ ويو ته مُٺو، ٿيو زمين حوالي.
    (چوڻي)
    پراڻي زماني ۾ ٿر جا ماڻهو، بئنڪن جي سهوليت نه هئڻ سبب، پنهنجو ناڻو گهڻو ڪري زمين ۾ پوري رکندا هيا. انهيءَ جاءِ جو ڏس به ڪنهن کي نه ڏيندا هيا. وڏي ضرورت کان پوءِ مشڪل سان ڪڍندا هيا. سالن پڄاڻان جڏهن ڪڍڻو هوندو هين، تڏهن کانئن به هنڌ وسري ويندو هيو. يا ته ڪڍڻ کان اڳ، جاءِ جو ڄاڻو، جنھن ھٿن سان ڌن پوريو هوندو، مري ويندو هيو. اگر جيئرو ھوندو ھيو ته وري پوريل ھنڌ کانئس وسري ويل ھوندو ھيو. ان صورت ۾ ته ڌن ٿيو ئي زمين جي حوالي. ھاڻي وري جڏهن ڪنهن کي نصيب سان هٿ اچي.
    مطلب: ۱ - اڻ پڙھيل ۽ بي پھچ ماڻھو، موقعي مان وقت سارو فائدو وٺي ڪين سگھندا آھن.
    ۲ - چاندي جو رپيو ٿر ويو، ته ٿيندو زمين جي حوالي. (۳۵) ص ۲۶۲
    ۳ - ”کڏ!“ چي؛ ”جيءُ سڏ!“
    ۴ - ڀيٽيو؛ مٿو ڀاڳو ساڄو ٿئي، روپيو ڀاڳو ساڄو نه ٿئي. (۱) ص ۲۷۹.

    272. چتر تو چار ئي ڀلا، مورک ڀلا نهين ساٺ،
    چندن ڪا ڪُٽڪا ڀلا، گاڏين ڀريا ڪاٺ. (ڍٽ، پهاڪو)
    چتر؛ سگهڙ، عالم، عاقل، پڙهيل، پارکو، سمجهدار، سڄاڻ، عقابر، ٻاون وير. مورک؛ بيوقوف، جاهل، ڄٽ، بي عقل، بي علم. چندن؛ خوشبودار وڻ/ ڪاٺي. ڪُٽڪا؛ ڳٽڪو، ٽُڪر.
    ۱ - عقل وارا ماڻهو ڪنهن به ڪم واسطي، فقط چار ڄڻا ھجن ته به ڪافي آهن. جڏهن ته بيوقوف، ڀلي سٺ هجن ته به ٺهيل ڪم بگاڙيو وجهن. ڪم جي ڪرڻ لاءِ ماڻهن جي گهڻائي نه بلڪ هنر ۽ ظرافت (Skillness) جي جھجهائي ضروري آهي.
    ۲ - خوشبوءِ حاصل ڪرڻ لاءِ، چندن جي ڪاٺ جو ٽڪر به ڪافي آهي. ان جي ڀيٽ ۾ ٻين ڪاٺين جو ڀريل گاڏو به بيڪار آهي. انھن مان ڪا به خوشبوءِ نه ايندي.
    مطلب: ۱ - ڪم لاءِ ٿورو عقل ۽ خوشبوءِ لاءِ ٿورو چندن ڪافي آهي.
    ۲ - ڀيٽيو؛ چتر ڪا چٽڪا ڀلا، مورک ڪا جمارا،
    چندن ڪا ڪٽڪا ڀلا، اور ڪاٺ ڪا ڀارا. (۲) ص ۶۲.

    273. چتر تو چوريا ڀلا، اڻ چوريا اڄاڻ،
    کوئا ٻوها ڀلا، ڀريا ڀلا نياڻ. (ڍٽ، چوڻي)
    اڄاڻ؛ اڻ ڄاڻ، جاهل. کوئا؛ کوه. نياڻ؛ ترائي. ٻوها؛ مٺو پاڻي.
    ۱ - سگهڙ يا عاقل کان، عقل جون ڳالهيون نصيب ٿينديون. کيس جيترو چوربو، اوترو سياڻپ جا نقطا کانئس جام ملندا.
    ۲ - اڻ ڄاڻ ماڻهوءَ مان ڪا به ڏاھپ يا دانائيءَ جي ڳالهه نصيب نه ٿيندي. کيس چوربو ته سواءِ گارين جي ڪجهه پلئه نه پوندو. بهتر آهي ته کيس چورجي ئي نه.
    ۳ - کوھ اهو ڀلو آهي جنهن جو جر مٺو هجي. ڇو جو مٺي پاڻيءَ جي چشمي تي ماڻهو ۽ مرون، ڪوليون ۽ ماڪوڙا پيا ڍرڪندا آهن. ٻاڙي/ کاري جر واري کوھ تي اچڻ ڪير به پسند نه ٿو ڪري.
    ۴ - ترائي يا ڍنڍ ۾ پاڻي جام هوندو ته منجهانئس فائدو وٺي سگهبو. جڏهن پاڻي کٽي ته بيٺل پاڻي ڌپ ڪري ويندو. منجهانئس اٿندڙ اونهي بڻاس سبب ڪير به ڀرسان لنگهڻ پسند نه ڪندو.
    مطلب: ۱ - سگهڙ سان ڳالهائجي، بيعقل سان نه. کوه، مٺي پاڻيءَ واري هنڌ کوٽجي ۽ ترائي به اتي ٺاهجي جتي برساتي پاڻي جام اچي ڪٺو ٿئي. (۲) ص ۶۰.

    274. چتر سين چتر مليو، هوگئي رس ڪي لُوٽا لُوٽ،
    مورک سين مورک مليو، هوگئي پوري ماٿا ڪوٽ.
    (چوڻي)
    لوٽا لوٽ؛ مٿان پاڻ لٽائڻ، پاڻ نڇاور ڪرڻ. ماٿا ڪوٽ؛ مٿو ڪٽڻ، يڇيون ۽ ڏھڙون ڏيڻ، مٿو کائڻ. ڍينڪ؛ مُڪون. ڏوئي؛ ٻيو. لات؛ لتون.
    ۱ - عقل وارا جڏهن پاڻ ۾ ويهندا ته هڪٻئي کي ڏاهپ جا ڏس ڏيندا. رس رهاڻ ڪندا ۽ هڪٻئي جي تعظيم ڪندا. هڪٻئي جو قدر ڪرڻ سبب، پنهنجو مان مرتبو به پيا وڌائيندا ۽ خوش پيا گذاريندا.
    ۲ - بيوقوفن کي، نه پاڻ ۾ ڳالهائڻ جي خبر، نه ئي وري معاملي فهميءَ جو ڍنگ. ملڻ وقت سلام بدران ڀونڊن سان هڪ ٻئي جو آڌر ڀاءُ ڪندا. کيڪر به گارين سان ڪندا ته موٽ به گارين سان ڏيندا. هُڏيون ڏئي پيا ڳالهائيندا ۽ تڏرون/ اڇلون ڏئي پيا ڪچھري ڪندا. يڇيون ڏئي پيا ھڪٻئي کي معاملا سمجهائيندا ۽ مڃرائيندا.
    مطلب: ۱ - سڄاڻ جي ڪچهريءَ ۾ رس، اڄاڻ جي ڪچهريءَ ۾ ڪس.
    ۲ - چتر سين چتر مليو، ڪهي گيو من ڪي بات،
    مورک سين مورک مليو، ايڪ ڍينڪ، ڏوئي لات. (۲) ص ۶۲.

    275. چتر ڪا چُٽڪا ڀلا، مورک ڪا جمارا،
    چندن ڪا ڪٽڪا ڀلا، اور ڪاٺ ڪا ڀارا. (پهاڪو)
    چتر؛ سگهڙ. چُٽڪا؛ رتيءَ رهاڻ، گهڙي گذارڻ. مورک؛ بيوقوف. جمارا؛ ڄمار. چندن؛ خوشبودار وڻ. ڪٽڪا؛ ڳِٽي، ٽڪر. ڪاٺ؛ سادو ڪاٺ. ڀارا؛ ڀريل گاڏو.
    ۱ - جاهل سان پوري زندگي گذارجي پر منجهانئس ذري جو به نفعو نه ملندو. جڏهن ته عاقل سان ٿوري ذري گذارڻ به ڀلي آهي. کانئس مليل ذري نصيحت به زندگيءَ لاءِ ڪارائتي رهي ٿي.
    ۲ - ڪاٺين جي ڀريل اٺ مان، ٽڪي جي به خوشبوءِ/ واس نه وٺي سگهبو. ان جي برعڪس، چندن جي ڳٽيءَ مان به چڱي خاصي خوشبوءِ، چڱي خاصي وقت لاءِ، وٺي سگهجي ٿي.
    مطلب: ۱ - عقل وارن سان گهاريل گهڙي، بيوقوف سان گهاريل عمر کان ڀلي.
    ۲ - يک ساعت صحبتي با اوليا، بہ از صد صاله عبادت بي ريا. (فارسي)
    ۳ - ڪامل وليءَ سان گهاريل هڪ گهڙي،
    سؤ ساله بي ريا بندگيءَ کان ڀلي آهي. (ترجمو)
    ۴ - ڀيٽيو؛ چتر تو چار ئي ڀلا، مورک ڀلا نهين ساٺ،
    چندن ڪا ڪُٽڪا ڀلا، گاڏين ڀريا ڪاٺ. (۲) ص ۶۲.

    276. چتر منک را روسڻا ئي ڀلا، کوهي مورک ري ٻيل،
    نيڻين ڏٺا گيهه ڀلا، ڪيا مک کائي ئي تيل. (پهاڪو)
    چتر: سگهڙ. منک: ماڻهو. روسڻا: رسڻ، رٺل هئڻ. کوهي: بڇڙي، کوھ، کڏ ۾ پوي. مورک: بيوقوف. ٻيل: سنگت. نيڻي ڏٺا: اکين سان ڏسڻ. مَک: مَکڻ، مٽهڻ. ڪِيا: جو.
    ۱ - عقلمند ماڻهوءَ مان فائدو ئي فائدو پهچندو آهي. وٽانئس نصيحت آميز ۽ دانائي جا مليل نقطا، زندگي ڀر ڪارگر رهن ٿا. جيڪڏهن عقلمند ڪنهن سبب تي ڪاوڙيو ته سندس ڪاوڙ ۾ به ڪا حڪمت سمايل هوندي. ان مان به فائدو ئي ملندو. ان جي برعڪس بيوقوف دوست سان زندگي ته ڇا بلڪ هڪ اڌ گهڙي گهارڻ به عذاب آهي. پنهنجي بيوقوفين سبب وڏا اهنج کڙا ڪندو. سندس مھربانيءَ ۾ به عذاب ڇپيل ھوندو آھي. تنهنڪري کانئس ڀڄي جان ڇڏائجي.
    ۲ - تيل، گيھ جي ڀيٽ ۾ گهٽ ڪارائتو آهي. گيهه جي خوشبوءِ، پري کان اچي سا به تيل مکڻ کان چڱي آهي. تيل ۾ اهو سڻڀ ۽ سواد ناهي، جيڪو سچي گيهه ۾ آهي.
    مطلب: ۱ - جاهل کان عاقل ڀلو ۽ نقل کان اصل ڀلو آهي.
    ۲ - نادان دوستن کان، داناءُ دشمن ڀلو.
    ۳ - ڀاڙيءَ جي ڀاڪر کان، مڙس ماڻهوءَ جو ڀونڊو به ڀلو. (سرو) (۲) ص ۶۲.

    277. چڙهئي رو سڀا ڪو ئي، ڪِرئي رو ڪير ڪونهي.
    (پھاڪو)
    چڙهئي رو: چڙهئي جو، عهدي ماڻڻ واري جو. سڀا ڪوئي: سڀڪو.
    جيڪو ماڻهو ڪنهن عهدي تي ويٺو آهي ۽ وٽس ورهائڻ لاءِ چڱو خاصو مال ملڪيت آهي ته ساڻس رابطو رکڻ ۽ منجهانئس فائدو وٺڻ لاءِ هر ڪو جتن ڪندو آهي. رستا واسطا جوڙڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. سورس-سفارش هٿ ڪرڻ لاءِ، هٿ پير هڻندو آهي. تعلق جوڙڻ لاءِ، تحفا تحائف ۽ سوکڙيون پاکڙيون موڪلڻ ۽ پڄائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اڳلي وٽ، ملڻ وارن ماڻهن جي پيھ هوندي آهي ته اھا چيري، وٽس ويجهو ٿيڻ ۽ کيس پاڻُ ڏيکارڻ لاءِ جدوجُهد ڪندو آهي. مائٽ نه هوندي به کيس چاچو-مامو ڪوٺيندو آهي. پاڻ کي ان جو مٽ عزيز سڏرائيندو آهي. کيس ته کائيندو آهي، پر سندس نالي تي به کائيندو آهي.
    ان جي برعڪس جيڪو غريب ۽ نادار آهي، جنهن وٽ نه عهدو آهي نه مال، تنهن سان ڪير به تعلق نئين سر نه جوڙيندو آهي. گهرڻ جي ڀَوَ تتان کانئس ڀڄندو وتندو آهي. ڀلي سوٽ ماسات هجي پر سندس مائٽ نه هجڻ لاءِ دليل پيو گهڙيندو آهي. پاڻ ته سندس عزت ۽ مالي مدد نه ڪندو آهي پر ٻين کي به ائين ڪرڻ کان پيو منع ڪندو آهي. کيس لالچي، ڪريل ۽ گيدي سڏي، خوار ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪندو آهي.
    مطلب: ۱ - هر ڪو چڙهندي سج جو پوڄاري آهي.
    ۲ - چڙهئي سج جا، سَوَ سلامي.
    ۳ - چڙهئي جا سَوَ سلامي، ڪرئي کي ڪو کنگهي ئي نه.
    ۴ - شاهوڪار جا سالا به گهڻا، غريب جو ڀيڻيويو به ڪو ڪو نه. (۵)

    278. چڪر، ڪم دلن جو. (چوڻي)
    چڪر: چڪربازي، هٿ چراند. دلن: دلا يا دلو ۽ دَلَ جو جمع آھي.
    دل: سنڌ جي ذات آهي. ان ذات جو جمع ۽ دلي يا دلو جو جمع پڻ ساڳئي اچار ۾ اچي ٿو. جيئن چنڊ ذات جو جمع ۽ چنڊي يا چنڊو جو جمع پڻ ساڳيءَ طرح لکجي ٿو. جيڪي جملي ۾ ڪتب آڻڻ وقت ذو معنى ٿين ٿا. جيئن ھڪ مثال مشھور آ:
    هڪڙو همراه صبح جو چنڊ ذات وارن جي ڳوٺ ويو. اتان منجهند ڌاري دل ذات وارن جي ڳوٺ پھتو. ٻنهي جڳهن تان سندس ڪم نه ٿيو. ملول ٿي نيٺ شام ڌاري پنھنجي ڳوٺ پهتو. ڳوٺ وارن سفر جو حال احوال پڇيس ته کين ڇوڪارو ڀري ٻڌايائين: ”ڪهڙي ٿا ڳالهه پڇو. صبح جو چنڊن جي ڳوٺ پھتس، اتي ڪم نه ٿيو ته دلن جي ڳوٺ پھتس، اتي به ٿي ساڳي ڪار. موٽي گهر پهتو آهيان.“
    اهڙا کوڙ ذو معنى جملا، پڻ ٻين قومن ۽ ذاتين تي چٿر ۽ چيڙ طور جڙيل آهن. تن مان ڪي ته ڪڏهن ڪڏهن قوم جي ڪنهن هڪ اڌ ماڻهوءَ جي حرڪت سبب، ساڀيان لڳن. جنهنڪري، سڄي قوم پڻ پئي لوئجي.
    مطلب: ۱ - ٺولهو کڻي هڪڙو، ٺڪر ڀڄي سڀني تي.
    ۲ - دل، ذات وارن لاءِ، چٿر يا چيڙ.
    ۳ - ڀڏا ڪم، بدمعاش ۽ بدچلن ماڻهو ئي ڪندا آهن.

    279. چمار ڪي آنگن چندن اُگا، نِت نِت ٽنگيا چام،
    چندن بِچارا ڪيا ڪرتا، پڙيا نيچ سي ڪام. (پهاڪو)
    چمار: موچي. آنگن: اڱڻ. اُگو: ڦٽو، اڀريو. چندن: صندل. چام: چمڙو.
    مينگهواڙ/ موچيءَ جي گهر جي اڱڻ تي، صندل/ چندن جو وڻ ڦٽو. مينگهواڙ پنهنجي ضرورتن آهر منجهانئس ڪارج حاصل ڪرڻ خاطر، مٿس ڪِنا ۽ ڌپيارا چمڙا پيو ٽنگي. چمڙا به حرام جانورن جا يا مئل ڍورن جا. انهيءَ صورت ۾ چندن ويچاري جو ٻيو قصور ناهي، فقط چھڙي سان صحبت وارو ڏوھ اٿس. ڪنهن چڱي جي گهر پيدا ٿيڻ بدران، چھڙي جي گهر ڄائو آھي. اھا لوڙ پيو لوڙي.
    مطلب: ۱ - تخم جو تاثير ته ٿئي ٿو پر ان ۾، اتي ڄاول جو ڪهڙو قصور؟ پنهنجي قسمت تي صبر ڪرڻ کان سواءِ ٻيو چارو ئي ناهي.
    ۲ - چورن سان چاھ پئي، جي من ميڙ ڪيائين،
    پوندو ته ڪاٺ، نه ته ڪوٺائبو ته سھين. (۲) ص ۲۶۶.

    280. چندن اُپني، سک اُپنو، کِلي سڀ وڻراھ،
    ھيءُ وڻ سڀاڳو اُپنو، جنهن واسي سڀ وڻراھ. (پهاڪو)
    چندن: خوشبودار وڻ. اُپنو: اڀريو، پيدا ٿيو. واسي: واسڻ، خوشبوءِ پکيڙڻ.
    چندن؛ صندل، خوشبودار وڻ آهي. منجهانئس ٿيندڙ ڪاٺ مان اکٽ خوشبوءِ نڪرندي آهي. خوشبودار شربت ٺاهڻ ۾ به، روح (essence) طور ڪتب ايندو آهي. اهو وڻ جڏهن ڪنهن گهٽيءَ يا وڻراھ ۾ پيدا ٿيندو آهي ته اها گهٽي ئي خوشبوءِ سان واسجي ويندي آهي. رهواسين کي ته خوشبوءِ پئي ملندي آهي پر لنگهندڙن کي به پئي واسيندي آهي. انهيءَ سبب ڪري، اها وڻراھ به پئي ناز ۾ ٻهڪندي ۽ کلي خوش ٿيندي آهي.
    مطلب: ۱ - چڱن جي صحبت، رڱي ڇڏيندي آهي.
    ۲ - چڱن سان چاه پئي جي من ميڙ ڪيائين،
    رڱجي ته لال ٿيندو نه ته ڪڪوربو ته سهين.
    ۳ - ٿڌو گهڙو، پنهنجي تعريف پاڻ ڪرائي.
    ۴ - ڀيٽيو: ونجهه اُپني، دک اپنو، رُني سڀ وڻراه،
    هيءُ وڻ اڀاڳو اُپنو، جو ڄيرو سڀن لاهِ. (۲) ص ۶۱.

    281. چندن پاسي رکڙا، سو ڀي چندن هوئي. (هندي)
    چندن: صندل، خوشبودار ڪاٺ جو قسم.
    چندن/ صندل جي ڪاٺ ۾، قدرتي طرح اها صلاحيت آهي ته منجهانئس ساري عمر لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ پئي ايندي آهي. جڏهن به ٿورو گَهِبو اٿس ته نئينءَ طرح، نئين نکار سان، خوشبوءِ نڪرندي اٿس. جيڪا آس پاس جي ماحول کي معطر ڪري ڇڏيندي آهي.
    چندن مان نڪرندڙ خوشبوءِ وارو هڳاءُ، وڻندڙ ۽ مؤثر پڻ هوندو آهي. ڀر ۾ رکيل شين تي پڻ اثر ڪندو آهي. چندن/ صندل جي ڀرسان رکيل شيءِ مان به، واسجڻ سبب، ساڳي خوشبوءِ پي ايندي آهي.
    مطلب: ۱ - چڱن جي صحبت جو اثر پڻ چڱو پوندو آهي.
    ۲ - چڱن سان چاه پئي جي من ميڙ ڪيئي،
    رڱجي ته لال ٿيندو نه ته ڪڪوربو ته سهي. (۴)
    282. چور ري من ۾ چڙي. (پهاڪو)
    ري: جي. من: دل، دماغ. چِڙي: جهرڪي، کٽڪو.
    چور کي ڪيل چوريءَ جو، من ۾ هميشه کٽڪو ضرور رهندو آهي. هر وقت چوري پئي کُکندس. مثال ڏيندا آهن ته هڪڙي وڏيري، چوري ٿيڻ پڄاڻان، تَرَ جي سمورن ڪاٽڪن/ چورن کي سڏائي چيو؛ بس! چور پڌرو آهي! چور جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪک، هتان پيو نظر اچي. جنهن تي اصل چور/ ڏوهاريءَ، ڪنڌ لاڙي، يڪدم پنهنجي ڏاڙهيءَ کي ڇنڊڪو ڏنو ته جيئن پاڻ به بي ڏوهين جهڙو نظر اچي. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهيءَ حرڪت سان ئي، پاڻ کي ظاهر ڪري وڌائين.
    مطلب: ۱ - چوري/ ڏوهه، چئبو ئي ان فعل کي آهي، جيڪو دل ۾ کٽڪي.
    ۲ - جا شيءِ دل ۾ کٽڪي سا چوري آھ. جيڪا نه کٽڪي سا چوري ناھ.
    ۳ - چور ڪيڏي به مهارت سان چوري ڪري، نشانات ضرور ڇڏي ويندو آهي. (۵)

    283. چور نا ڪهين چوري ڪر، ڌڻي نا ڪهين هوشيار. (پھاڪو)
    چور ۽ ڀاڳيو، هڪ ٻئي جا دشمن ٿي پون ٿا. چور، مال چوري ڪري ٿو ۽ ڀاڳئي جو مال چوري ٿئي ٿو. چور، تڪليف ڪري، مال چورائي ٿو. رات جي بيگاھ وقت ۾، ننڊ آرام ڦٽائي، گهوٻاٽا ۽ لوڙهيون، ٽارچون ۽ بندوقون ساڻ ڪري، هيڪل-وسلو يا ٻيجل چوريءَ تي نڪري ٿو. ان کان اڳي، چوريءَ واري مال جي تاڙ- توڙ، پهچڻ جا گهٽ گهيڙ، جاچي ٿو. تھان پوءِ سر تريءَ تي رکي، ڀاڳئي جي گهر کي کاٽ هڻي ٿو. چوري ڪندي پڪڙيو ته ڀاڳيا کيس ماري سگهن ٿا. اهڙي قسم جو ڀؤ به سندس اندر ۾ موجزن رهي ٿو.
    ان جي برعڪس، ڀاڳيو مالوند آهي. مال کي سنڀالڻ لاءِ، چوڪيدار ۽ عالم- پناهون وٽس آهن. چور سان مقابلو ڪرڻ لاءِ هٿيار ۽ هلائڻ لاءِ هوشيار مڙس ساڻ اٿس. چوري ٿيڻ جي صورت ۾، چورن جو پيرو کڻڻ لاءِ واهرو ۽ پيري، هٿيار ۽ ڪتا هڪيا حاضر اٿس.
    ٻنهي ڄڻن جو پاڻ ۾ ڪئي-ٻليءَ وارو وير آهي. اهڙي صورت ۾، هڪڙو ماڻهو چور سان به ياري رکي چاپلوسي ڪري، کيس چوريءَ جا ڏس-پتا ڏئي ۽ وري ڊڪي ڀاڳين کي به هوشيار ڪري. اهو ٻه-وڙهائو، ظاھري دشمن کان به وڌيڪ خراب آهي. سندس تعلقات، چور سان به آهن ته ساڌ سان به. اشراف سان به آهن ته ڪميڻي سان به. نه سندس دوستيءَ تي اعتبار آهي، نه دشمنيءَ جي پڪ آهي.
    مطلب: ۱ - ٻه-رخو ماڻهو، منافق ۽ ٻيائي-خور آھي. اھو جاني دشمن کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي.
    ۲ - چور کي چوي؛ چوري ڪر! ڌڻيءَ کي چوي؛ مال سوگهو ڪر.
    ۳ - چور کي چوي؛ ”مال چورائينس“، ڀاڳئي کي چوي؛ ”گهر تي پهرو ويهار!“

    284. چور نِه ڌڪو ٻو، باڻيا مرڳو شؤ. (پھاڪو)
    نه؛ ۽. ڌڪو؛ گھوٻاٽو، لٺ. ٻو؛ ٻه. باڻيا؛ واڻيا، سوداگر، دڪاندار، واپاري. شؤ؛ سؤ.
    آڳاٽي دور ۾، جڏهن لاريون موٽرون ايجاد نه ٿيون هيون، تڏھن سفر پيدل ۽ وهٽن تي ٿيندا هيا ۽ سي به ضرورت آهر. اڄڪلهه وانگر، شيل شڪار جي بهاني يا گھمڻ ڦرڻ لاءِ ورلي ٿيندا هيا. گهڻو ڪري، سوداگر قسم جا ماڻهو قافلا ٺاهي، وکر وٺڻ يا وڪڻڻ لاءِ، ساڻ کڻائي نڪرندا هيا.
    ٿري واڻين جو اهڙو هڪ قافلو، وکر وهٽن تي لڏائي، ڪنھن طرف کان آيو پئي جو کين واٽ تي، تاڙ ۾ ويٺل هڪڙي چور هڪڙي وڏي ڏانگ/ لٺ جي زور تي اچي وراڪو ڏنو. لٺ ڏيکاري، دڙڪا شڙڪا ڏيئي، کانئن مال ڦري، روانو ڪري ڇڏيائين.
    ڦُريل واڻين جو ولر، جڏهن هڪڙيءَ وسنديءَ وٽان گذريو ته اتان جي رهاڪن کانئن حال احوال ورتو. کين ڦرجڻ بابت ٻڌايائون. ڳوٺ وارن کين حيرت مان ڏسندي چيو؛ ”اوهان به لڳ ڀڳ لشڪر جيترا هيا، اوهان کي هڪڙو ڄڻي ڦري ويو؟“
    ”چور نه ڌڪو ٻو، باڻيا مرڳو شؤ!“ کين دليل طور، پنھنجي ڪمزوري ۽ چور جي ڏاڍ بابت ٻڌايائون. ”چور ۽ ڌڪو ٿيا ٻه، واڻيا مورڳو سؤ!“
    مطلب: ۱ - واڻيا گهڻا هوندي به ڪمزور، چور اڪيلو هوندي به زور.
    ۲ - واڻيو وڙهي ويسيءَ سان.
    ۳ - واڻيو تمام ڊڄڻو ۽ گيدي ٿيندو آھي.
    ۴ - واڻيا رات جو ٻاھر نڪرندي به ڊڄندا آھن.
    ۵ - ڀيٽيو: چار چور چوراسي واڻيا، ھڪ ھڪ ايڪويھ تاڻيا. (۶) ص ۸۸.

    285. چيٽ چٽيا، ويساک ورهايا. (چوڻي)
    چيٽ: مند جو نالو، ڪتيءَ کان پوءِ ٿئي، ڊسمبر کان اپريل تائين هلي.
    چيٽ: هندي مهينو، مارچ- اپريل ڌاران اچي. چٽيا: شروع ڪيا.
    ويساک: هندي مهينو، اپريل- مئي ڌاران بيهي. ورهايا: ورسائڻ، اپت ملڻ.
    سنڌ اندر ٻه موسمون ٿين ٿيون، جن اندر پوک راهجي ٿي. هڪ ربيع، ٻي خريف. ھڪ کي چيٽ ۽ ٻيءَ کي ڪتي به سڏجي ٿو. ڪتي، هڪ نکٽ پڻ آهي، جيڪو جون ڌاران آسمان تي اڀري ٿو ۽ ڊسمبر ڌاري لهيو وڃي. ان سموري عرصي کي ڪتيءَ جو عرصو ۽ منجھس ٿيندڙ فصل کي ڪتيءَ جو فصل سڏجي ٿو. ڪتيءَ پويان ايندڙ مند کي چيٽ ۽ منجھس ٿيندڙ فصل کي چيٽ جو فصل سڏبو آهي.
    چيٽ ۾ ڪڻڪ جو فصل راڌيو ويندو آهي. جيڪو ماڻهو، محنت ڪري، سيءَ ۽ پاري جو خيال نه ڪندي پوکي ٿو، سو گرمين ۾، چار ڪڻا گهر کڻي اچي ٿو ۽ ويساک جي مهيني اندر ٿيندڙ بسنت بهار ۽ ويساکيءَ جي ميلن جا مزا ماڻي ٿو.
    چيٽ ۾ پيل برسات تي ٿر اندر، خاص طور تي پائر ۽ پارڪر ۾، پيرون پچي لال ٿيندا آهن. وڻ وڻ هيٺ، وهانءَ لڳي ويندا آهن. مارو ماڻهو، ساڏوهين ۾ سيڙهڪن جي ڏنگڙن ڏارن تي چڙهيو ۽ لامن ۾ لڙڪيو، پيا ڏيهاين کي ڏورڪيون ڏيندا آهن؛ “پيلوُ پڪا لامان لڙيان، آءُ ته ملون چن يار!” ان مند ۾، ساڻيهه جو سائو سڱر به خوب سيڪي کائيندا آهن.
    مطلب: ۱ - چيٽ ۾ برسات پوي ۽ ڦوڳ ڦلارجي. ڦوڳيءَ مان ڦڪ ڀري کائجن ٿا.
    ۲ - چيٽ اندر جيڪي فصل يا ڪم شروع ڪيا وڃن ٿا، ويساک ۾ تن جي اپت ملي ٿي. (۳) ص ۱۶۳.

    286. چيٽ تتو ڀلو، ويساک لڳو ڀلو. (چوڻي)
    چيٽ؛ سنبت وڪرمي سال جو مهينو جيڪو اپريل ڌاران اچي. ويساک؛ ھندي مھينو جيڪو مئي ڌاران ٿئي.
    اگر اپريل وارا ڏيھاڙا، سج ۾ تاءُ ھوندو ته سمنڊ مان آبي بخار، ڪڪرن جي صورت ۾ جڙندا ۽ مٿي زمين تي به ايندا. اھي به تڏھن ڪارائتا ٿيندا جڏھن مئي مھيني منجھ ھوائون لڳن. اپريل ۾ سج جي تپش ۽ تاءُ، چؤماسي اندر برسات وسڻ جو اھڃاڻ آھي. جڏھن ته مئي منجھ لڳندڙ لڪون، وسڪاري جو پڪو پيغام آڻيندڙ آھن. (۳۵) ص ۱۹۸
    مطلب؛ ۱. برسات ته وسندي جولاءِ ۽ آگسٽ ۾، پر مارو ماڻھن کي ان جا پرون اپريل ۽ مئي جي ڏينھن ۾ پئجي ويندا آھن.

    287. چيٽ چمڪيو نه ڀلو، وٺو ڀلو نه ڄيٺ،
    راجا رٺو نه ڀلو، سرتو ڀلو نه سيٺ. (چوڻي)
    چيٽ ۽ ڄيٺ: هندي مهينن جا نالا. سرتو: سرچيو، پرتو، پرتل، پرچيل.
    ۱ - چيٽ جي مهيني ۾، آسمان ۾ بادل اچن ۽ کنوڻ کنوي يا بجلي چمڪي ته برسات جي لاءِ سٺو سنؤڻ ناهي.
    ۲ - ڄيٺ يا ويساک جي مهيني ۾ پيل برسات، ڏاڍو نقصان ڪندي.
    ۳ - راجا، جيڪڏهن رُسندو ته فائدي بجاءِ، نقصان ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو.
    ۴ - سيٺ راضي هوندو ته وڏو نقصان آهي. ڇو جو ناراض هوندو ته فقط قرض تي سامان نه ڏيندو. ان صورت ۾ ڏکيو سکيو وقت گذري ويندو. جيڪڏهن راضي هوندو ۽ گهڻي اوڌر ڏيندو ته وياج چاڙهي تھ-بارون ڪڍي ڇڏيندو. (۳) ص ۱۶۳.
    مطلب: ۱ - مٿي بيان ڪيل چار ئي ڳالھيون، ڪنهن به صورت ۾ ڀليون ناهن.
    ۲ - چيتر چمڪيو نه ڀلو، ويساک وٺو نه ڀلو، سيٺ ٽوٺو نه ڀلو، راجا رٺو نه ڀلو. (۳۶).

    288. چيٽ، لڱن ميٺ. (چوڻي)
    چيٽ، هندي مھينو، مارچ-اپريل ڌاري اچي. ان وقت موسم ۾ نه سردي هوندي آهي ۽ نه گرمي. نه رات جو ٿڌ پوندي آهي ۽ نه ڏينھن کي تِکُ هوندو آهي. موسم معتدل هئڻ سبب، ان وقت جي ھوا، وڻندڙ ۽ فرحت بخش هوندي آهي. گرمين ڌاران، ماڻهو بت مان بيزار هوندو آهي. لڱن ۾ سڙانڊ ۽ تپش پئي محسوس ٿيندي آهي. سياري ۾ سرديءَ-پئي، پيو ڏڪندو ۽ پاڻ کي ڪمزور ڀانئيندو. وچ-ٿري موسم ۾ عضوا، ميٺ يا قرار ۾ هوندا آهن ۽ بيزار ڪندڙ نه هوندا آهن. بلڪ ماٺ ميٺ ۾ ۽ وڻندڙ هوندا آهن.
    مطلب: ۱ - چيٽ؛ انبن ميٺ.
    ۲ - چيٽ دوران؛ لڱن ۾ نه ساڙو، نه سيءُ.
    ۳ - چيٽ؛ لڱين ميٺ. (۳۵) ص


    ڇ

    289. ڇا رٻ، ڇا بسم الله. (پھاڪو)
    رٻ: ڏڌ اندر رڌيل پٽڙو ڀت.
    ٿر جا غريب مارو ماڻهو، ڏٿ ۽ رٻ تي گذران ڪندا آهن. ساڳيو ساڳيو کاڌو کائي، ماڻهو آڪو ٿي پوندو آهي. وات جو ذائقو مٽڻ لاءِ، پيو کاڌي جي ٿانون جي مٽ سٽ ڪندو آهي. گهر ۾ نه هوندو آهي ته پاڙي مان پيو مٽ سٽ تي وٽ وٺندو آهي. اهڙي اهڙي ڳالهه، جو پاڙي ۾ نه مليس ته پري وارن دوستن واقفڪارن، مٽن عزيزن ڏي مهمان ٿي ويندو آهي.
    ائين هڪڙو ٿريو، وات جو ذائقو مٽڻ لاءِ، ڳوٺان نڪري، پري وارن مٽن ڏانهن مهمان ٿي اچي ٽڪيو. وڏا سفر ڪري، لڪ لنگهي، جڏهن وٽن اوطاقي ٿيو ته ويلي تي سندس لاءِ رٻ جو پاٽوڙو ڀري اچي آڏو رکيائون. رٻ کي ڏسي، اندر ئي سڙي ويس.
    بنا هٿ ڌوئڻ ۽ بسم الله پڙهڻ جي، بي دليو، بک کان رٻ کائڻ لڳو ته ميزبان چيس؛ ”ادا! بسم الله ڪري کاءُ! جيئن برڪت به پوي ۽ ڳالهه دل کي به وڻي.“
    ”ڇا رٻ! ڇا بسم الله!“ مهمان، اندر-سڙيئي کان، ميزبان کي ٺڙ ٺڪ جواب ڏنو.
    مطلب: ۱ - بسم الله تمام وڏو بابرڪت ڪلمو آهي. ان جي برڪت تمام وڏي ۽ شان وڏو آهي. اھا هر شيءِ تي پڙهڻ چڱي ڳالهه آهي. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته؛ ڪنهن سادي شيءَ تي ايڏو وڏو ڪلمو چوڻ، ڪلمي جو شان گهٽائڻ برابر آهي.
    ۲ - انسان کي هر حال ۾، رب جو شڪر گذار رهڻ گهرجي.
    ۳ - ڇا دال، ڇا بسم الله.
    ۴ - ڇا ڀيلُ، ڇا ڏاڙھي. (۵) ص ۵۸.

    290. ڇتر ڏنتو ڪو ئي ڪِ مورک،
    ڪو ئي ڪِ نرڌن ٽالڪا. (مارواڙ، چوڻي)
    ڇتر: ڇڊا. ڏنتو: ڏند. ڪو ئي ڪ: ڪو ڪو. مورک: بيوقوف. نرڌن: سڃو.
    ٽالڪا: گنجو.
    ڪن ماڻهن جي جسماني عيبن جا، سندن شخصيت ۽ خصلتن تي اثر به پوندا آهن. سموري جا سمورا ماڻهو، انهيءَ زمري ۾ نه به ايندا آهن. ڇو جو هر ڪنهن جي خصلت اها ئي ٿيندي، جيڪا خدا تعاليٰ جوڙي هوندي. پوءِ به زماني-داريءَ جي حساب سان ڪن ماڻهن، ڪن عيبن وارن بابت ڪي انومان ڪڍيا آهن، جن مان اڪثر سچ به ثابت ٿيا آهن.
    اهڙيءَ طرح هيءُ به مشاهدي/ تجربي مان معلوم ٿيو آهي ته؛ گنجا، گَنجِ سبب ناڻي جي گَنجَ جا مالڪ هوندا آهن. ان مان اھا مراد هرگز ناهي ته پورن وارن وارا، سڃا ٿيندا آهن.
    مطلب: ۱ - سمجهه وارن لاءِ، هر ڳالهه ۾ دانائيءَ جا نقطا آهن.
    ۲ - ڀُرڙ-ڏنڊو ڪو ڪو مورک، ڪو ڪو ڪاڻو صادقا. (لاڙ)
    ۳ - ٻٽيهه منڊ منڊي ۾، اسيءَ ۾ ڪاڻو، گنجو جي ساماڻو، مڙني ماٺ ڪئي.
    ۴ - شيرو ٻلو شاهه جو، ڇا ساه آ گنجي جي ماءُ جو؟
    ۵ - گنجو ورلي سڃو هوندو، ڇڊن ڏندن وارو ورلي بيوقوف هوندو. (۵)

    291. ڇُٽي جند ڇوڪر جي، ڪڍيو لِنڊ خدا. (پهاڪو)
    ٿر جي بيراجي علائقي سان تعلق رکندڙ ھڪڙو ڇوڪرو، ڪرڙ جا مٺا پڪا ڏيلهو ڏاڍا کائي ويو. جنهنڪري سخت قسم جو قبض ٿي پيس. پيٽ تي گهڻو ئي زور ڏيڻ بعد به ٽورو نه پئي آيس. مائٽن کي به ڏاڍو پريشان/ بي قرار ڪري وڌائين.
    ڏاڍي ڀڄ ڀڄان ۽ لڇ پڇ پچاڻان، لنڊ نڪتس ته جان سامت ۾ آيس ۽ مائٽن کي به قرار ٿيس.
    ”ڇٽي جند ڇوڪر جي!“ پرائي بلا مان ڇوڪر جي جان آجي ٿي ته مائٽن سک جو ساه کڻندي چيو؛ ”ڪڍيو لنڊ خدا“.
    مطلب: ۱- تڪليف-ده مصيبت ٽري ويندي آ ته ٿڌا ساه ڀري ائين چئبو آ.
    ۲ - جان بچي، لاکون ڪمايا.
    ۳ - ٽري بلا، سر جو خير. (۵)

    292. ڇلو مرون ڏينهن پڇري، ڪڪڙ سانجهيءَ وار،
    پدمڻي پرائي پکڙين، پتي لهي نه سار،
    پرس پراوا قرض کڻي، ڪري وڏا اپڪار،
    سٿ ويٺي سمهي رهي، پنج ئي گينوار. (چوڻي)
    پرس: مڙس. اپڪار: خيراتون. گينوار: ڳنوار، جاهل، بيوقوف.
    ۱ - ڇلو مرون؛ سوئر جو قسم، جيڪو ڇتو ٿيو پيو ڦري. اھو اگر پنهنجي جُوءِ ڇڏي، ڏينهن ڏٺي جو آباديءَ/ وسنديءَ ڏانهن رخ ڪري، سو انت پاڻ کي مارائيندو.
    ۲ - ڪڪڙ؛ فجر جو بانگون ڏيندا آهن. پهريون دَسُ، آڌيءَ کان پوءِ ۽ ٻيو دَسُ اسر جو هڻندا آهن. ان وقت، بانگ ڏيڻ ۾ سندن لاءِ ڪو خطرو ناهي. ڇو جو ان وقت تائين مالڪن/ ڌڻين کين محفوظ هنڌ تي هٿيڪو ڪري ڇڏيو هوندو آهي ۽ ڪو به گدڙ يا ٻلو وٽن پهچي، نقصان نه رسائي سگهندو آهي. جڏهن ته سانجهيءَ ڌاري اڃا مالڪن کين محفوظ هنڌ تي واڙيو ئي نه هوندو آهي، اگر ان وقت ٻانگون ڏئي، جھنگ-ٻلن کي هوشيار ڪندا ته کين ناگهاني نقصان رسي سگهي ٿو.
    ۳ - سهڻي عورت تي موهت ٿيڻ وارا کوڙ آهن. پنهنجي ئي گهر ۾، پنهنجي مڙس سان ويٺي ورونهن پئي ڪندي ته ٻين تاڪائو نظرن کان، تڪڻ جي باوجود بچيل رهندي. ان جي برعڪس، پراون گهرن ۾ گذاريندڙ عورت، جيڪا مڙس کي ليکي ئي نه، سا ته ڪنهن نه ڪنهن جي چُنگل ۾ ڦاسندي ضرور. هر ڪو مطلب ڪڍي، کيس اڇليندو رهندو ۽ ٿڏبي رهندي. پنهنجو مانُ مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندي.
    ۴ - اڄ جي دور ۾، پنهنجي اڻ- ميي پئسي تي سخاوت ڪرڻ به ڪپڙا ڦاڙائڻ جي مترادف آهي. ان جي برعڪس، اگر ڪو قرض کڻي پنهنجي تعريف ڪرائڻ خاطر، خرچ ۽ سخاوتون ڪندو، سو ته جلد مار کائيندو.
    ۵ - سنگت جي اچڻ کان پوءِ، ساڻن ڪچهري ڪرڻ ۽ کانئن حال احوال وٺڻ بجاءِ، اگر ڪير سمهي پوي ته کيس ھر ڪو بيوقوف پيو سمجھندو.
    مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل پنج ئي بيوقوف آهن.
    ۲ - ڳوھ کي کڻي کٽي، ڳولي ڍيڍن جا گھر. (۲) ص ۱۳۴.

    293. ڇنل جتي پير ۾، گُهرگهر ڪئي جوءِ،
    ٻئي نه هوءِ. (چوڻي)
    گُهر گُهر ڪندڙ: مطالبا ۽ فرمائشون ڪندڙ.
    ۱ - ڇڳل جتي، پير ۾ پائڻ سان نه سيءَ کان بچاءُ، نه ڪنڊن کان، نه ئي وري هلڻ ۾ سولائپ ٿئي.
    ۲ - جيڪا زال، مڙس سان رڳو مطالبا ۽ فرمائشون ڪندي، سا مڙس جي اُڪي موڙي وڃائي ڇڏيندي.
    مطلب: ۱ - ڇڳل جتي، ڪراڙي عورت ۽ واريءَ جو پنڌ، جا وک وڌاءِ سا پوئتي.
    ۲ - ڇڳل جتي ۽ هٿ ڦاڙ زال، نه هجن ته چڱو.
    ۳ - ڇنل جتي پير ۾، گهرجهر ڪئي جوءِ، ٻئي نه هوءِ.
    ۴ - ڀيٽيو؛ پڇ مروڙيو ڍڳو، دن اگهاڙي نار، چتين ڇنو موچڙو، مٿي وارو بار، واريءَ سنڌو پنڌڙو، اهي پنج ئي گردن بار. (۴) ص ۲۴۲.

    294. ڇوڪري؛ گونگي گانءِ. (چوڻي)
    ڇوڪريءَ کي حياءَ سان جوڙيو ويو آھي. خاص طور تي جڏھن سامائجن ته ڇوڪرن وانگر زبان سان ته ٺھيو پر اشاري سان به شاديءَ لاءِ ڪين چون. اھو ئي سبب آھي جو سندن شاديون، اڪثر مائٽن جي مرضيءَ سان ٿين. زندگي گذارڻ واري معاملي ۾ به ويچاريون ڪين ڪڇن. جنھن سببان کين گونگي گانءِ سان تشبيھه ڏني ويندي آهي.
    مطلب: ۱ - ڇوڪريءَ کي مائٽ جنھن جي پٺيان لائيندا، تنھن جي پٺيان ويندي.


    ح

    295. حراميءَ جو هَرُ، واريءَ ۾ به نه وهي. (چوڻي/ پھاڪو)
    واري نرم ٿيندي آهي، کيس چيرڻ يا کيڙڻ لاءِ، منجھس ھر سولائيءَ سان وھي سگھي ٿو. ڇو جو ھر جو گھوٻو، نرم زمين کي جلد پٽي وٺندو آھي. ان جي برعڪس، سخت زمين کي تڪڙو ڦاڙي نه سگھندو آھي. بلڪ منجھس، جلد ڦاسي پوندو آھي.
    لچ ۽ بدمعاش ماڻھو، ايترو ته گيدي ۽ ڪمزور ھوندو آھي جو اھڙي آسان ۽ سھنجي، سولي ۽ سوکي زمين ۾ به اگر ھر ھلائي ته ڦاسي پويس. کيڙڻ بدران، ڏاندن جي جوڳ به سوگھي ڪري بيھاري ڇڏيندو.
    مطلب: ۱- لچ، سولو ڪم به کاري.
    ۲ - بدمعاش جا آسان ڪم به ڪين ٿيندا آهن.


    خ

    296. خاصخيلي خار، ٻارهين مھيني ٻِه-ڏندو. (چوڻي)
    خاصخيلي: نوڪر. ميرن جو خاص نوڪر، ذات جو نالو پڻ. خار: ڪاوڙ، غصو. ٻه-ڏندو: ٻڙند، بالغ.
    جن غريب ماڻهن کي وڏن ماڻهن جي ٽيڪ يا پٻي هوندي آهي، تن کي مڳي به وڏي هوندي آهي. جنھن تنھن سان پيا کينس ڪندا آهن. لحاظ-داري گهٽ هوندي اٿن. جيڪي اميرن، نوابن ۽ وڏيرن جا خاص نوڪر يا ڪمدار آهن، سي اميرن طرفان پڻ ڇيڪ ڇڏيل هوندا آهن. اڇي ڪاري جا مالڪ هوندا آهن. ان ٽيڪ سبب، پيا ڪک ڪاڄر سان اٽڪندا ۽ کينس ڪندا آھن، پيا تڏرون ڏيندا ۽ وڙهندا آهن. ٺهڻ جي ته ڳالهه ئي نه هوندي اٿن. رڳو وڙهسان وڙهسان هوندي اٿن.
    سندن جوٽيل جهيڙو، سال اندر وڌي ڀنڀٽ يا ڀڀڙ ٿي ويندو آهي. تنھنڪري وس ويندي ساڻن نه کينس ڪجي ۽ نه ئي اُچائجي.
    مطلب: ۱ - مالڪيي نوڪر سان، کينس نه ڪجي.
    ۲ - خاصخيليءَ جو وير يا دشمنائو، سال جي اندر، ٻه-سالو ٿي ويندو آهي.
    ۳ - ڀيٽيو: خاصخيلين جي کِٽ کان، واريءَ جي ڀٽ کان، مولا پناهه ۾ رکي.

    297. خاصخيلين جي کِٽ کان، واريءَ جي ڀٽ کان،
    مولا پناهه ۾ رکي. (چوڻي)
    خاصخيلي يا خاص نوڪر يا مالڪيءَ وارو نوڪر، پاڻ کي ميرن يا سردارن کان وڌيڪ پيو سمجهندو آهي. وت ٿورو ۽ ڦر ڦر گهڻي هوندي اٿس. تِک ۽ تاءُ، ڏيکارڻ لاءِ، اجايا سجايا حربا پيو هلائيندو آهي. ساڻس کينس ڪبي ته وڃي شهه ۾ پئبو. جڏھن ته سندس اجائي کِٽَ به بيزار ڪري ڇڏيندي آهي. کينس پاڻ ڪندو، ڏِک ائين ڏيندو ڄڻ سردار جو حڪم هجيس. هڪل ڏبس ته ڊڪي وڃي ڪنن جي ڪچي سردار جي هنج ۾ لڪندو. هروبرو جو جهيڙو، ڳچيءَ ۾.
    واريءَ جي ڀٽ، پيل پاڻي ته چوهي وڃي پر مٿس جيڪا اوڀر اڀري سا به مشڪل سان هٿ اچي جو اڀ-ڪپري ۽ واريءَ جي ٽڪريءَ تي چڙهڻ ۽ لهڻ آسان ناهن. واريءَ واري سڌي زمين تي، هلڻ وقت پير ڦٻندو ئي ناهي. اڀ-ڪپري ٽڪري ته ھلڻ ۾ اڃا جوکائتي ھوندي آھي. فائدي بجاءِ نقصان پوڻ جو انديشو رهندو آهي.
    مطلب: ۱ - خاصخيلين جي دشمني ۽ واريءَ واري ڀٽ جو سفر، اڻانگا.
    ۲ - ڀيٽيو: خاصخيلي خار، ٻارهين مھيني ٻِه-ڏندو.

    298. خالي باسڻ، گهڻا کڙکڙاوئي. (راجسٿان، پهاڪو)
    باسڻ؛ ٿانءَ.
    جڏهن خالي ٿانءَ هڪ ٻئي جي ڀرسان رکبا آھن ته هڪ ٻئي سان ٺهڪڻ سبب، وڏي آواز سان وڄندا آهن. منجهن ڌڪ لڳڻ سان جيڪا لرزش پيدا ٿيندي آهي، سا پئي جهِنوندي آهي. گھڻي وقت تائين، ’آن....‘ جو آواز، پيو منجهانئن ايندو آهي. ان جي برعڪس ڀريل ڀُڪيل ٿانءَ اگر، هڪٻئي سان ٺهڪائي رکبا ته رکڻ شرط يا ڌڪ لڳڻ شرط، سندن اٿيل آواز، اندر ۾ ڀريل مادي سبب هپ ٿي ٿمي ويندو آهي. رڳو ٺَش جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ۽ بس.
    اهڙيءَ طرح، خالي ذهن ۽ خالي العقل ماڻهو پڻ، جڏهن پاڻ ۾ بحث وغيره ڪندا آهن ته بغير ڪنهن دليل ۽ منطق جي، بغير ڪنهن نقطي ۽ منزل جي، اوٽ پٽانگ ڳالهائي وقت وڃائيندا آهن.
    مطلب: ۱ - ڀريل ٿانءُ، نه ڇلڪي نه کڙڪي.
    ۲ - خالي ٿانءَ، گهڻو کڙڪندا آهن.
    ۳ - سکڻي ڪني، گهڻي اڀامي.
    ۴ - ڀيٽيو؛ ٿوٿا چنا، باجي گهڻا. (۱) ص ۱۸۶.


    د

    299. داتا اتي منگتا، سَرووَرَ اُتي هنس،
    راجا اُتي رهاڻيون، مورک اتي بحث. (چوڻي)
    داتا: ڏاتار، سخي . منگتا: مڱڻا، سوالي. رهاڻيون: ڪچهريون، ميڙاڪا، مجلسون. سروور: تلاءُ، پاڻيءَ سان ڀريل کڏ.
    ۱ - سوالي اتي وڃي سين هڻندا آهن جتي سخي مرد هجن ۽ سين سان سخاوت جا واهڙ وهائي ڇڏين. ٻئي هنڌ سوالي نه ويندو. سخيءَ جي سڃاڻپ اها آهي ته سوالي سندس در تي ويٺا هجن. مثال: جتي سخي، اتي سوالي.
    ۲ - سٺي پاڻيءَ سان ڀريل تلاءَ جي نشاني اها آهي ته اتي هنس پکي موجود هوندا.
    ۳ - راجا جي نشاني اها آهي ته وٽس، ڪچهرين جا ميلا لڳل هجن. ماڻهن جي مسئلن جا حل پيا ڳولجن. رس رهاڻ جي محفل متل هجي.
    ۴ - مورک يا بيوقوف، نه ڳالهائي ڄاڻي ۽ نه ئي ٻڌائڻ سان ڪا ڳالهه سمجهي سگهي. اجايو بحث ۽ گيڙ-بگيڙ پيو ڪندو، جيڪا بيوقوفيءَ جي نشاني آهي.
    مطلب: ۱ - چار شيون، چئن هنڌن تي موجود هونديون.
    ۲ - ھر کجا بُود چشمهء شيرين، مَردم و مرغ و مور گِرد آيند. (فارسي)
    ۳ - جتي مٺي پاڻيءَ جو چشمو ھجي، اتي ماڻهو، پکي ۽ ڪوليون پيا ڦرن. (ترجمو) (۱۲) ص ۱۴۳.

    300. دڙيليءَ ۾ دهل وڄي، ڍينگاڻ ۾ ڍيڍ نچي. (پھاڪو)
    دڙيلي ۽ ڍينگاڻ، ٻن ڳوٺن جا نالا، جيڪي هڪٻئي کان وٿيرڪا آهن.
    دهل جو وڄڻ: شاديءَ جو ڪاڄ يا منجهس ڀت وغيره جو سڏ.
    ڍيڍ جو نچڻ: خوش ٿيڻ، جهمريون هڻڻ.
    ڍيڍ يا ماڙيچا، مفت جا مال، خاص طور تي شادين مرادين منجهه تيار ٿيندڙ سڻڀا ڀت، پيا تاڙيندا آهن. جتي به ڀت هجي، سڏ هجين يا نه هجين، رڳو خبر پوين، ڪنين سُئي ڳالهه تي اعتبار ڪري، ڀت لاءِ پنڌ پوندا آهن. اهڙن ڀتو مڙسن کي اگر، دڙيلي جهڙي پرانهين ڳوٺ مان، ڊينگاڻ جھڙي ڳوٺ ۾، وڄندڙ دهل جو کڙڪو ڪنين پوي، تنھن کي به ڄڻ ڀت جي هجڻ جو ڄاڻُ پيا سمجهندا. منجهس تيار ٿيندڙ ڀت جي ملڻ جي خوشيءَ ۾ اڳواٽ اتي جو اتي، جهمرين پائڻ ۽ ڇيڄ وجهڻ ۾ کپي ويندا.
    مطلب: ۱ - ڍيڍ کي شل نه ڪٿي ڀت جي ٻاٻور پوي. بوڇڻ ڪلهي تي هوندس.
    ۲ - گهرجائو ماڻهوءَ جي، خبر ٻڌندي ئي، رڳ ڦڙڪي پوندي آهي.
    ۲ - دليريءَ ۾ دهل وڄي، ڊينگاڻ ۾ ڍيڍ نچي.
    ۳ - ڀيٽيو: هريو ڍيڍ سهاڙين کائي، ڦريو ڦريو پڇون آئي.

    301. دل درست، ته تن درست. (چوڻي)
    جسماني صحت ۽ تندرستيءَ جو دارومدار، ماڻهوءَ جي ذھني نشو نما تي منحصر آھي. اگر ماڻھوءَ جو من يعني دل ۽ دماغ سالم ناھن، ته ٻيو سڄو تن يعني جسم پڻ نٻل ۽ لاغر ھوندس. جسماني تندرستي به تڏھن ٿي قرار بخشي، جڏھن دل صحتمند ۽ جوان آھي. (۳۵) ص ۲۶۳
    مطلب؛ ۱. سالم جسم اندر، سالم دماغ ھوندو آھي.
    ماڻھوءَ جي اندر جو ھڪڙو عضوو يعني دل سالم آھي ته جسم توانو آھي، اگر اھو بيمار آھي ته جسم بيڪار آھي.

    302. دودو ڌوڙ، چنيسر ڇائي. (چوڻي)
    دودو ۽ چنيسر، ٻه ڀائر هيا. سومرا قوم جو، تڏهن سنڌ تي راڄ هيو. پاڻ به سنڌ جا حڪمران هيا. چنيسر وڏو ڀاءُ هيو. کيس پڳ ٻڌرائڻ لاءِ، راڄ وارن چيو. پاڻ پڳ ٻڌڻ لاءِ، پنھنجي امڙ کان اجازت وٺڻ جو چئي، گهر ۾ اندر ويو. پويان راڄ ۾ وڳوڙ ڏسي، ننڍي ڀاءُ دودي، جيڪو بھادر به هيو ۽ چنيسر جي پيءُ کي ٻي زال مان هيو، پاڻ پڳ ٻڌي.
    دودي جي انهيءَ اڍنگي چلت کي ننديو ويو آهي ته کيس وڏي ڀاءُ جي آڏو پڳ ٻڌڻ نه گهرجي ها. چنيسر، پڳ جي وڃڻ جو سور نه سهي سگهيو. جنھنڪري، دهليءَ جي حڪمران علاؤالدين خلجيءَ کي وڃي مدد لاءِ سڏيائين. خلجيءَ جڏهن سنڌ تي لشڪر ڪشي ڪئي ته ڏاڍي تباهي اچي وئي. چنيسر جي انهيءَ آڇ کي وري سنڌ وارن ننديو. تاريخ اندر، ٻئي سومرا ڀائر، حڪمرانيءَ جي حساب سان، حڪمت کان خالي، پنھنجي چالن سبب بدنام ئي رهيا.
    مطلب: ۱ - نه هُن ۾ ڪا چڱائي آهي ۽ نه هِن ۾.
    ۲ - هڪڙو ڪلڇڻو آهي ته ٻيو به اھڙو ئي بڇڙو آهي.

    303. دوست دشمن ڪو نه پرکڻا،
    مِلئي وڏي رتبي سنگت ڪو نه سڃاڻڻا،
    مايا آئي تو ڏکيا ڏينهن ڀولڻا،
    ڪچهري وچ ننڍي وڏي ڪو نه ڏيکڻا،
    وديا پاوڻ سين وڏي ڪو مورک سمجهڻا،
    پنج ئي جڳائي مرڻا. (چوڻي)
    مايا: ڌن دولت. وديا: علم. مورک: بيوقوف.
    ۱ - جيڪو دوست ۽ دشمن جو فرق نه ڪري سگهي، اهڙي ماڻهوءَ جو مري وڃڻ بهتر آهي.
    ۲ - وڏو عهدو ملڻ کانپوءِ، جيڪو سنگت کي نه سڃاڻي، سو به ڪم جو ناهي.
    ۳ - ڌن دولت اچڻ کان پوءِ، جيڪو ماڻھو ڏکيا ڏينهن وساري ڇڏي ۽ هٿ ڦاڙ ٿي ھلي سو به جلد ذليل ٿيندو. ڌڻي ڏئي ته کمي کائجي، لڙي لنگهجي.
    ۴ - ننڍن تي شفقت ڪرڻ ۽ وڏن جو ادب ڪرڻ، هر هڪ تي لازم آهي. ڪچهريءَ ۾ گفتو ڪڍڻ وقت، ننڍ-وڏائيءَ جو خيال رکڻ ۾ دانائي آهي. جيڪو اهو فرق رکي نه ٿو ڄاڻي، سو به جلدي رسوا ٿيندو.
    ۵ - ٿورو علم اچڻ کان پوءِ، جيڪو پنهنجن وڏن کي ڄٽ، جاهل ۽ گنوار سمجهي ٿو، تنهن جي هر ارادي ۽ عمل ۾، خدا تعاليٰ جي مدد شامل نه هوندي آهي. ڇو جو رب پاڪ، ھر ڳالھ جي مصلحت، فقط وڏن جي ادب ۾ رکي آهي.
    مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل عيبن مان جنهن ۾ ڪو هڪ به هجي ته اهڙي ماڻهوءَ لاءِ ٻڏي مرڻ بهتر آهي.
    ۲ - دوست دشمن ڪُون نه پرکڻا، مان مرتبي ملي، سنگت ڪون نه سڃاڻڻا، مايا ملڪيت ملي، ڏکيا ڏينهن ڀلاوڻا، محفل وچ وڏي ننڍي ڪون نه ڏيکڻا، وديا پاوڻ سون، وڏي ڪون مورک سمجهڻا، پنج ئي جڳائي مرڻا. (۱۲) ص ۱۴۹.

    304. ديس چوري، پرديس بِکيا. (پھاڪو)
    بِکيا: پنڻ.
    ٿر اندر، پنڻ کي معيوب سمجهيو ويندو آهي. ڪنهن آڏو جهول جهلڻ کي چڱو ڪم ته ڪٿي به نه ٿو سمجهيو وڃي پر ٿري ان سان اڃا وڌيڪ نفرت ڪن ٿا. ڀلي ڪيڏو به ڏڪر يا قحط پوي پر ٿر ۾ عام پينو فقير نظر نه ايندو.
    ديس يا وطن اندر، جتي گهڻا واقفڪار ۽ ڄاڻو سڃاڻو هجن ٿا، تتي ڪو به عيب وارو ڪم جهڙوڪ؛ چوري يا پنڻ وغيره ڪين ٿو جڳائي. ڇو جو هر ڪو سڃاڻي ٿو. تن آڏو وري وري وڃڻ سان شرمساري پيئي محسوس ٿيندي. هر وقت سندن آڏو ڪنڌ جهڪيل رهندو.
    ان جي برعڪس، پرديس ۾ واقفيت ۽ ڄاڻ سڃاڻ نه هوندي آهي. جتي ڪو واقفڪار نه هجي، اتي پنڻ وغيره ۾ مهڻو محسوس نه ٿيندو آهي. اتي جيڪڏهن ڪنهن جهول جهليو ته کيس ان ڪري شرمساري نه ٿيندي جو پاڻ پرديسي آهي. ائين ڪرڻ سان وري به گهٽتائي ديس وارن جي آهي، جو مسافر منجھن اچڻ کان پوءِ، پنڻ لاءِ مجبور ٿيو آهي.
    مطلب: ۱ - چور، وطن کي لڄائي ٿو ۽ پينو پرديس کي.
    ۲ - پنهنجي علائقي ۾ چوري ڪرڻ، پرديس ۾ پنڻ وانگر عيب دار آهي.
    ۳ - مرڻ ناهي مهڻو، پرڻو ناهي گار.
    ۴ - هنگڻ ناهي مهڻو، پرڻو ناهي گار.
    ۵ - ڀيٽيو؛ اٺ ڀارتو کڻو، ٽٽا ڏيڻ ۾ ته ڪو نه گيو. (۷) ص ۳۵.


    ڌ

    305. ڌرتي ميگهه نه رجيئي، آگ نه رجيئي ساڙ،
    راجا راج نه رجيئي، موت نه رجيئي مارِ،
    عيشون نفس نه رجيئي، پُرش نه رجيئي نار،
    دونئنان نه رجيئي، ڏٺي سڄڻ ڪلتار. (چوڻي)
    رجيئي: ڍءُ ڪرڻ، ڍاپڻ. ميگهه: مينهن. آگ: باھ. ساڙ: ساڙڻ. راج: بادشاهي. مارِ: مارڻ، فنا ڪرڻ. پُرش: مَرد. نار: عورت. نئنان: نيڻ، اکيون.
    ۱ - ڌرتيءَ/ زمين تي، ڪيترو به مينهن وسي پر ڍاپندي ڪين.
    ۲ - باھ، ڪيترين به شين کي ساڙي، تنهن هوندي به ٺرندي ڪا نه.
    ۳ - راجا کي هڪڙو ملڪ هوندو، چوندو؛ ٻيو به اهڙو هجي. ٻه ملندس، چوندو؛ اڃا ٻه ٻيا هجن. ڍءُ ڪين ٿيندس.
    ۴ - موت به ڪيترن ساهوارن جو ساه وٺڻ جي باوجود، ڍاپندو ناهي.
    ۵ - عياشي ڪرڻ وارو، عيش عشرت مان ڪڏهن به ڪڪ نه ٿيندو آهي. مرندو، مُڙندو ڪين.
    ۶ - مرد کي به هڪ عورت مان ڍءُ نه ٿيندو. ٻه هوندس ته ٽينءَ جي سڌ پيو ڪندو. جيڪو هڪ دفعو چکي چريو ٿئي ٿو، سو گهڻين مان به ڪين ٿو ڍاپي. ان جو پيٽ، قبر جي مٽي ڀري ته ڀري، نه ته ڀرجڻ جو ڪين آهي.
    ۷ - پرينءَ/ محبوب کي ڪيترو به ڏسبو، ته به دل نه ڀربي. سندس چهرو، ڄڻ وسريو وسريو پيو ويندو. ياد ڪرڻ لاءِ، دل پئي چوندي؛ وري وري ڏسانس.
    مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل پنج حالتون، ڍاپڻ جون ناهن.
    ۲ - ڪاٺين کي باه مان، مروءَ کي ماه مان، بخيل کي مال مان، عالم کي علم مان، سائل کي خيرات مان، ڍءُ نه ٿو ٿئي.
    ۳ - ڪامڻ نه ڍاپيءَ ڪنت سين، ڌرتي نه ڍاپيءَ ميهه،
    پريت نه ڍاپيءَ پريم سين، نيڻ نه ڍاپيءَ نيهه.
    ۴ - عزرائيل ڍؤ نه ٿئي، توڙي ماري مير هزار،
    اکين ڍؤ نه ٿئي، ڏسڻ ڪنان ديدار،
    لالچيءَ ڍؤ نه ٿئي، توڙي ميڙي مالُ خرار،
    باه ڍؤ نه ٿئي، توڙي ساڙي ڪاٺ انبار،
    عورت ڍؤ نه ٿئي، توڙي گڏجي روز ڀتار،
    ڌرتي ڍؤ نه ٿئي، توڙي مينهن پون بسيار،
    مٿيان ڇهه ئي، آھن بکيو سنسار. (۱۲) ص ۱۵۱.

    306. ڌن تي ڪُروپ روپ، ڌن تي وڄن ڏھڪاءَ،
    ڌن تي ريجهٽ راءُ، ڌن تي ليجهٽ لاءُ،
    ڌن تي ڪانئر سورهيه، ڌن تي بنت ڪچهري،
    ڌن ڪي منهن ۾ ايسي، راجا اِندر ڇپا جيسي. (چوڻي)
    ۱ - جھجھي ڌن وارو، ڪاري رنگ ۽ ڪوجهي شڪل هوندي به سهڻو پيو لڳندو.
    ۲ - ڌن سبب ڌنوان جي خوءِ، اھڙي ٿيو پوي جو، ھنڌين ماڳين سندس ڏھڪاءُ ڦھلجيو وڃي.
    ۳ - ڌن تي راجا، مهاراجا به ريجهيو پون.
    ۴ - ڌن جي ڪري، جنگل ۾ منگل ٿيو پوي.
    ۵ - ڌن جي اچڻ کان پوءِ، ڊڄڻو ۽ بزدل، گيدي ۽ ڪانئر به، دلير ٿيو پون.
    ۶ - ڌنوان وٽ ڪچهري به مچي ۽ سڀڪو وٽس ھڪ نه ٻيءَ غرض سان ضرور اچي.
    ۷ - ڌن جي اندر جيڪو ويو سو گم ٿي ويو. ڌن اندر ڄڻ راجا اِندُرُ لڪيو ٿو وتي. جيڪو ڌنوان وٽ، پاڻ-مرادو ظاھر ٿيو پوي. ڌن بي بقا شيءِ آهي ۽ پاڻيءَ وانگر وهي جلد ختم ٿيو وڃي. راجا اِندُر هڪ ڏينهن بي بقا ٿي ويو، تيئن دولتمند به هڪ ڏينهن بي نام هوندا.
    مطلب: ۱ - ڌن سان گهڻا عيب ڍڪجن ٿا.
    ۲ - لڇمي، ڪلڇڻ ڍڪڻي. (۲) ص ۲۶۹.

    307. ڌن کيتي، ڌِڪ چاڪري، ڌن ڌن بڻج ويھ هار. (چوڻي)
    ڌن: دولت، سعادت جي نشاني. بڻج: وڻج، خريد و فروخت.
    ويهه هار: وهنوار، واپار. ڌِڪ: ڌڪا، ذلت. ڌن ڌن: عزت ۽ دولت.
    ۱ - اصل ڌن دولت، کيتيءَ يا زراعت منجهان حاصل ٿين ٿا. مٿس مٽيءَ سان جڏهن مٽي ٿي ڪري، محنت ڪجي ٿي، تڏهن منجهانئس سون اُپجي ٿو. زميندار خوشحال ۽ عزت دار رهي ٿو.
    ۲ - چاڪريءَ/ نوڪريءَ ۾، در در جا ڌڪا آهن. منجهانئس ملندڙ روزي، هوائي روزي آهي. محنت مزدوريءَ ۽ خوشامد آهر، سندس مقدار گھٽ وڌ ٿئي ٿو. سٺي ۽ گهڻي محنت کان علاوه، خوشامد پڻ ڪرڻي ٿي پوي. خوشامد وقت، نِوڙي نيچ ٿيڻو ٿو پوي، تڏهن وڃي آجر جي کيسي مان پئسا نڪرن ٿا.
    ۳ - جيڪڏهن پئسا جھجها ۽ جام ڪمائڻا آهن ۽ ڏيهاڙي هٿن ۾ ايندي ڏسڻا آهن ته پوءِ واپار جو ڌنڌو اختيار ڪجي. واپار آهي ئي، پئسي سان راند کيڏڻ جو ٻيو نالو. پئسا ڌنڌي ۾ سنڀالي هڻندو وڃ، ڏاندارين سان ميڙي کڻندو وڃ.
    ۴ - ڪمائيءَ جو آخري ذريعو؛ پنڻ آهي. اھو مڙني کان ذليل، ڪڌو ۽ بيڪار آهي.
    مطلب: ۱ - مٿي ڄاڻايل ڪاروبار جا پھريان ٽي ذريعا آهن، جن سان ماڻھو ٿورو گهڻو شان مان سان روزي رزق حاصل ڪري ٿو. جڏھن ته آخري بڇڙو آھي.
    ۲ - اتم کيتي، وڌنت واپار، نيچ نوڪري، پنڻ بيڪار.
    ۳ - اتم کيتي، ڌڪا نوڪري، وڌنت واپار.
    ۴ - کيتي ڪرڻ اتم آهي، نوڪريءَ کي ڌِڪار آهي، ٻنهي کان واپار وڌيڪ لاڀائتو آھي. (۱) ص ۱۸۴.

    308. ڌن؛ يا جوڌين، يا ڳوڌين. (چوڻي)
    جوڌو؛ جوان پٽ. جوڌين؛ سگھارا مڙس، محنتي ھاري. ڳوڌو؛ ڍڳو. ڳوڌين؛ وھو ڍڳا.
    ٿر اندر زراعت جو نظام، مشينن بجاءِ ماڻهن ۽ ڍڳن جي محنت تي ھلندو آھي. جنھن وٽ جوان ۽ ڪمائيندڙ پٽ ھوندا، سو ٻني ڪاھيندو يا ڪنھن زميندار جي زمين ھارپ يا مقاطعي تي وڃي جھليندو. ٻنيءَ مان ڪمائيندو اھو ھاري يا مقاطعي دار جنھن وٽ جوان پٽن سان گڏ، ڏاند ۽ ھر پنھنجا ھجن. ھر، سانھر، گُڏ ۽ پاڻي ورائڻ لاءِ ھمت ڀريا ۽ دل سان ڪمائيندڙ، فقط پٽ ئي ٿي سگھن ٿا.
    مطلب: ۱ - ڌن؛ جوڌي يا ڳوڌي.
    ۲ - ڌن اھو ميڙي يا ٺاھي سگھندو، جنھن وٽ ھمت ڀريا پٽ ۽ ڪمائيندڙ ڍڳا ھجن. (۳۵) ص ۲۵۶

    309. ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي. (پھاڪو)
    ڌڻيءَ جي ڌڻ تي جيڪا سنڀال واري نظر آھي، سا ڌنار جي نه ھوندي. ڇو جو ڌنار کي فقط پنھنجي پگھار سان غرض آھي، جيڪا کيس وقت پورو ٿيڻ تي اوس ملندي. جڏھن ته ڌڻيءَ کي مال پيارو آھي. ان سان انس اٿس. جيڪڏھن ان تان دل کنيائين ته پوءِ مال ڪڻو ڪڻو ٿي ويندس.
    مطلب: ۱ - ڌڻ آهي ڌڻيءَ سان، ٻيا ڪهڙو چاريندا پياريندا.

    310. ڌڻ پنهنجو سنڀالجي، ڏوھ ٻئي کي نه ڏجي. (پهاڪو)
    مينهوڳي مند ۾، ٿاريلا پنهنجو مال سانگ تي چارين. جهنگ ۾ جهلي بيھارين، گهرن ڏانهن ڪاهي نه اچن. سمورن ٿرين جو گذران انهيءَ برساتي پاڻيءَ تي آهي، جيڪو ڀرپاسي وارين تراين ۽ ٽوڀن/ ٽونڪن ۾ جمع ٿيندو آهي. انهيءَ دوران مال متاع، گهرن ڀيڙو بيٺل هوندو ته پاڻيءَ جي تلائن/ سرن ۾ وڃي بيهندو. منجھانئس پاڻي به پيو پيئندو ۽ کيس گندو به پيو ڪندو. تنهنڪري سانگيئڙا مينهونڳيءَ ۾، مال کي جهنگ ۾ ئي روڪي رکن.
    رات ڌاران مال تي پهرو به ڏين. چورن جي ڀَوَ تتان نه بلڪ مال جي نڪري گم ٿيڻ واري امڪان سببان، چوڪيداري ڏين. ڇو جو مينهونڳيءَ ۾ مال هڪ هنڌان ٿڙيو ته ان کي ڳولي ساڳئي هنڌ جمع ڪرڻ، ڏاڍو اهنجو آهي. برسات سبب، مال جو نه پير لڳندو نه کر. نه ئي وري اهڙي موسم ۾، کين ڳولڻ لاءِ گهڻو هلڻ، ڪو سولو آهي.
    اهو ئي سبب آهي جو هر ڪنهن کي، پنهنجي مال سنڀالڻ جي هورا کورا لڳل هوندي آهي. مال جي نڪرڻ واري صورت ۾، بجاءِ ٻئي تي ميار رکڻ جي، پاڻ کي سنڀالڻ جو پابند پيا سمجهندا آهن.
    مطلب: پنهنجي شيءِ جي سنڀال پاڻ ڪجي. نوڪرن تي نه ڀاڙجي. (۳) ص ۱۶۶.

    311. ڌڻ ڌار ته لٺ کڻي چار. (پھاڪو)
    ڌڻ؛ چوپايو مال. ڌار؛ ڌارڻ يا مالڪ ٿيڻ.
    ٿر اندر ھر ماڻھوءَ جو گذر سفر، ڌيڻي يعني کير مکڻ ۽ جهڻ تي آھي. ان لاءِ مال ڌارڻ ضروري آھي. ڌڻودي يا مالدار، جڏھن مال ڌارين ته ان جي سنڀال به پنھنجي سر پاڻ ڪن. ڇو جو جنهن مالدار جي پنهنجي مال تي دل هوندي ته ان ۾ برڪت پوندي. يعني واڌارو ٿيندو ويندو. جنھن جي مال تي دل ۽ سنڀال نه ھوندي سو ڌڻ ويندو ڏينھون ڏينھن گھٽبو. تنهنڪري مال پَهرائڻ، چارڻ، ڏُهڻ، پسارڻ وغيره جو ڪم پنهنجي سِر پاڻ ڪن. لاچاري حالت ۾، چارائيءَ لاءِ ٻيو ماڻھو رکن، جنھن کي چاريندڙ يا ڌنار چون. ڌنار جي آسري تي مال نه ڌاربو آھي. ڇو جو اگر ان کي ڪم جو اھڙو شوق ھجي ھا ته پوءِ پنھنجي گھر ۾ ئي ڪرڻ لاءِ ڪم جام ھيس، اھي اتي ويٺو ڪري ھا.
    مطلب: ۱ - ڌڻيءَ ۽ نوڪر جي سنڀال ۾ فرق آھي.
    ۲ - نوڪر، مالڪ کي ڪمائي ڪو نه کارائيندا آھن. (۱۲)

    312. ڌڻ ڌارڻ، ڌار رهڻ، ايءَ نه سنگهارن سِٽ. (شاه، چوڻي)
    ڌڻ، خاص طور تي رڍن ۽ ٻڪرين جو، ڌارڻ ڏاڍو ڏکيو ۽ محنت طلب ڪم آهي. سڄو ڏينھن، کين سنڀالڻ ۽ چارڻ ۾، پورو ٿيو وڃي. ٻڪريءَ ۽ رڍ جي، پاڻ-هرتڙي طبيعت آهي. ڌڻ کان ڌار ٿيندي، دير ئي نه ڪندي آهي. اگر اتفاق سان، ڌڻئون ڌار ٿي ته بگهڙ ۽ ڪتي ٻلي جو کاڄ ٿي ويندي. تنھنڪري، راتيون جاڳي مٿن پھرو ڏيڻو پوي ٿو. متان منجهن نهر پوي يا پاڻ ڊڪي ڪنهن جي پوک ۾ پون. گهرن اندر به کين، واڙڻ چڱو ناهي. ڇو جو اتي کين کاڌ-خوراڪ مهيا ڪري ڏيڻ، اڃا اوکو ڪم آهي. تنھنڪري کين سانگ تي رکڻو آهي، جتي چارو، پاڻي ۽ رات ڌاري حفاظت جو بندوبست ٿي سگهي.
    اگر ڌڻ ڌاري، کين سانگ تي ڇڏي، پاڻ اچي گهر ويهبو ته ڪڻو ڪڻو ٿي ويندو. اهڙي بي وفائي سنگهارن ۽ ٿرين ۾ ڪانهي.
    اهڙيءَ طرح، هڪڙي مرشد جا کوڙ مريد ٿين ته کيس انهن جي سار سنڀار لاءِ جماعت مٿان ڇپر ڇانءَ ٿيڻ گهرجي. سندن قلب جي صفائيءَ ۽ عبادتن رياضتن جي پابندي ڪرائڻ کان علاوه شيطاني حملن، وسوسن ۽ خطرات کان کين بچڻ جي تلقين پڻ ڪرڻ گهرجي.
    مطلب: ۱ - ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي.
    ۲ - ڌڻ ڌارين ته، گوڏو ڀڃي ويهه.
    ۳ - ٿر جا سنگهار، جڏهن مال ڌارين ته ويڙها ڪري گڏ رهن. جدا رهڻ ۽ ڌڻ کي رولڻ، سندن وڙ ناهي.
    ۴ - دڪان وغيره کولجي ته پاڻ ويهجي، نوڪرن چاڪرن جي حوالي نه ڪجي.
    ۵ - زمين وٺجي ته مٿس جان لائي محنت ڪجي. ڇو جو کيتي سِرَ سيتي.

    313. ڌوٻي ري گهران گِي ڇُوو، گڀا ڦاٽي مالڪ رو. (پهاڪو)
    گي: وئي. ري، رو: جي، جو. ڇُوو: هوا جي هلڻ جو آواز. گڀا: ڪپڙا.
    ميرو ڪپڙو، پاڻيءَ اندر پسائي، کار يا صابڻَ-چِٽَ ڏئي، جيستائين سوٽيءَ سان سٽبو ناهي، تيستائين ميراڻ ڇڏيندو ناهي. آلي ڪپڙي کي، سٽبو ڪجهه احتياط سان آهي. ڇو جو منجهس پيل پاڻي، کيس ڪمزور ڪري ڇڏيندو آھي. بنا سٽڻ جي، اگر ساڳيو ڪپڙو، ٻه چار ڏينهن پاڻيءَ ۾ وجهي ڇڏبو ته به ائين ئي ڳري ويندو. ويتر جو سوٽي لڳس ته اڃا وڌيڪ ڳارُ ڪندو. مالڪ، جڏهن پاڻ ڪپڙو ڌوئيندو آهي ته سٽڻ ۽ نپوڙڻ وقت، سهنديءَ آهر سٽڪو ۽ نپوڙو ڏيندو اٿس. جنهن سبب گهر جو ڌوتل ڪپڙو، سجيهه جهالائو ٿيندو آهي.
    ان جي برعڪس ڌوٻيءَ کي ڏيهاڙي سوين ڪپڙا ڌوئڻا آهن. ڪنڀ تان لاهي، ميراڻ ڪڍڻ لاءِ پٿر تي سٽيندو اٿن. جلد ميراڻ ڇڏائڻ لاءِ، تڪڙا ۽ زِمائتا ڌڪ هڻندو اٿن. جيڪڏهن ميراڻ نڪتي ته ٿي سندس ساراه، جيڪڏهن سٽڪي سان ڪپڙو ڦاٽو ته ٿي مالڪ جي قسمت. ڌوٻيءَ کي ڪو به نقصان ڪونهي، سواءِ سٽڪي ڪڍڻ وقت، زور سان ڌڪ وهائڻ واري طاقت استعمال ڪندي، واتان نڪتل ڇوو جي. اصل نقصان ته مالڪ جو ٿيو.
    مطلب: ۱ - پيشه-ور ماڻهو، پنهنجي مزدوريءَ سان ٻڌل آهي، مالڪ جي نفعي نقصان سان نه.
    ۲ - ڌوٻيءَ جي گهران وئي ڇوو، ڪپڙو ڦاٽو مالڪ جو.
    ۳ - ڪپڙو ڦاٽو مالڪ جو، ڌوٻيءَ جي گهران وئي ڇُوو.
    ۴ - ڌوٻي ڌوئي، مالڪ روئي. (۶) ص ۱۰۶.

    314. ڌوڙ ڌنيتيءَ ري، رک رتنيءَ ري. (چوڻي)
    ڌنيتي: ڌن دولت وارو. رتني: رتنن وارو، ماڻڪن وارو، هيرن جواهرن وارو.
    دنيا جي تختي تي رهندو فقط نالو الله جو. باقي هر شيءِ فنا آهي. جنهن وٽ ڌن دولت آهي، اها به کانئس هڪ ڏينهن کسجي/ ختم ٿي ويندي ۽ جنهن وٽ مال اولاد آهي، سو به کانئس هڪ ڏينهن ڇڄي جدا ٿي ويندو.
    مطلب: ۱ - اهڙي ڌن گڏ ڪرڻ جي ضرورت ناهي، جيڪو هڪ ڏينهن ڌوڙ ٿيڻو آهي. نه ئي وري اهڙي مال گڏ ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪو هڪ ڏينهن، رکئي رکئي، رک ٿي ويندو.
    ۲ - ڌوڙ ڌنيتيءَ منهن ۾، رابيان منهن ۾ رک.
    ۳ - ڌوڙ ڌني، رک رتني. (چوڻي)
    ۴ - ڌن رکڻ واري وٽ، رکئي ڌوڙ ٿئي ۽ رتن يا هيرا وري، سانڍڻ واري وٽ رک ٿيو وڃن. (۵)


    ڏ

    315. ڏاڙ کٽُوڪي ڪاڪرو، جَم رَجي کٽُوڪي نيڻ،
    گَيو کٽوڪي والمِو، مُوئي وسري ويڻ. (چوڻي)
    ڏاڙ: ڏاٺ. کٽوڪي: کُٽڪندو. ڪاڪرو: ڪڪرو، پٿر ذرو. جَم: سدائين. رَجي: تمام ٿورو گند، ڪک، واري. نيڻ: اک. گيو: پرديس ويل، وڃڻ وارو. مُوئي: مرڻ پڄاڻان. ويڻ: بدشد اکر. والمو: بالمو، بالم، مڙس.
    ۱ - کاڌي کائڻ وقت، ڏاٺ هيٺان آيل پٿر ذرو، پيو ڪرون ڪرون ڪندو ۽ پويان گراه هڻڻ وقت به انديشو رهندو ته متان ٻي پٿري اچي وڃي.
    ۲ - اک ۾ پيل سنهون ڪک به پيو هُرکندو آهي.
    ۳ - زال کان، پرديس ويل مڙس، ڪين وسرندو آهي. هر وقت کيس ساري پئي اوسار ڪندي آھي.
    ۴ - ڪنهن جو ڳالهايل اُگرو اکر به ساري عمر، هنيانءَ تي تورُ ٿي بيهندو آهي. چوندا آھن؛ رِڻا لهي وڃن، وِڻا ڪين وسرن.
    مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل چار ئي حالتون، گهڻي وقت تائين کٽڪندڙ هئڻ سبب، تمام خراب آهن.
    ۲ - ڏاڙ کٽوڪي ڪڪرو، رجي کٽوڪي نيڻ،
    گيو کٽوڪي بالمو، ڪهيو کٽوڪي ويڻ. (۱۲) ص ۱۴۳.

    316. ڏاکڻا نه وسڻا، وسي ته ٻوڙي،
    ڪانئر ڌڪ نه هڻڻا، هڻي ته ٽوڙي. (چوڻي/پھاڪو)
    ڏاکڻو: ڏکڻ کان اولھه ايندڙ، ڪاڇيل يا ڪاڇي مينھن.
    ڪانئر؛ ڊڄڻو، گيدي، احسانن ھيٺ دٻيل.
    ۱ - ڪاڇي جي پاسي کان آيل مينھن وسندو ناهي. وري جڏهن وسندو آهي ته ٿر جھڙي ڏيھه کي به ٻوڙي ڇڏيندو آهي.
    ۲ - ڊڄڻو ماڻھو، بزدل ٿيندو آھي، جنھن سببان وڙھڻ يا ڌڪ ھڻڻ کان پيو ونءُ ويندو آھي. اگر ڪنھن مجبوريءَ تحت ڪنھن کي ڌڪ هڻندو آھي ته پوءِ ڊڄي ڊڄي اھڙو زھل مان ھڻندو آھي جو ٽوڙي رکندو آهي.
    مطلب: ۱ - ڏکڻ مينھن نه وسڻو، وسي ته ٻوڙي. (۳۵) ص ۲۳۱
    ۲ - ڏکڻ ميھه نه وسڻا، وسي ته ٻوڙي،
    ڪانئر ڌڪ نه هڻڻا، هڻي ته جهوري. (ٿر)
    ۳ - ڏکڻ مينھن نه وسي، وسي ته ٻوڙي،
    ڪاهل ڌڪ نه هڻي، هڻي ته ٽوڙي. (سرو)
    ۴ - ڪاڇي مينھن وسي نه، جي وسي ته ٻوڏ ڪري. (۳۵) ص ۲۵۹
    ۵ - ڪانئر ڌڪ نه ھڻي، جي ھڻي ته ماري. (۳۵) ص ۲۳۰
    ۶ - ڪانئر ڌڪ نه هڻڻو، هڻي تان جهوري،
    ڏکڻ مينھن نه پوڻو، پوي تان ٻوڙي. (ٿر)

    317. ڏانٽي وڪئي، ڏاڊ نه لھندي. (پھاڪو)
    ڏانٽو؛ ڏاٽو، گاھ/ لاباري ڪرڻ جو اوزار. ڏاڊ؛ بک. ھٿ وڪڻڻ؛ مزدوريءَ جي بدلي پئسا وٺڻ. ڏانٽو وڪڻڻ؛ ڏانٽي جي مزدوري کائڻ.
    ڏانٽو وھائڻ واري کي، محنت مزدوري، قلم وھائڻ واري جي ڀيٽ ۾ تمام ٿوري ٿي ملي. اگر اھو ڪيتري به محنت مزدوري ڪري، اوجاڳا ڪري ۽ ڪشالا ڪڍي، پر کيس ڏينھن اڌ جو قوت مس ملندو. لابارا يا گاھ وري سدائين به نه ھوندا آھن. ان ڪري ڏانٽي جي مزوري ڪرڻ وارا امير به ڪو نه ٿا ٿي سگھن. (۳۵) ص ۲۱۶
    مطلب؛ ۱. محنت مزدوريءَ واري جا سکيا ڏينھن سٿرا ايندا آھن.

    318. ڏانگ ڀڳي تو ئي ڏوٻران سارو گهڻي اهي. (پهاڪو)
    ڏانگ: مهري. تو ئي: ته به. ڏُوٻران: ڀتر. سارو: لاءِ، ڪاڻ. اَھي: آھي.
    انَّ اندر ڀترن جو پوڻ، اڻ-ٽر آهي. ڇو جو انُّ، زمين جي پيداوار آهي ۽ زمين منجهان، منجهس ڀترن جو پوڻ، فطري آهي. جڏهن ته کائڻ لاءِ، انُّ صاف سٿرو کپي. منجهانئس ڀتر چونڊي ڪڍڻ، پڻ ڏکيو عمل آهي. ڇاڻيءَ ذريعي به ڪڍڻ ناممڪن آهن. پاڻيءَ ۾ ڌوئڻ سان به ڀتر ڳاري ڪڍي سگهجن ٿا. ان طريقي اندر، انُّ سڪائڻ وارو وڏو خفو آهي.
    بهترين، آسان ۽ تڪڙو طريقو آهي، انَّ کي اکريءَ ۾ وجهي مُهريءَ سان ڪٽڪو ڏيڻ. ڀتر ڀُري، سنھي مٽي يا دز ٿي پوندا. ڇڄ ۾ ڇڙڻ سان، دز اڏامي ويندي ۽ انُّ اڇو اجرو ٿي پوندو.
    مُهري، ٻن مٿن سان، ڪاٺ منجهان جڙندي آهي. ڀلي ڏري يا ڀڄي پوي، پوءِ به سوٽي طور ڪم اچي ۽ ڀترن کي ڀڃي سگهي.
    مطلب: ۱ - امير ماڻهوءَ کي ڪيترو به نقصان پوي، غريب کي آزارڻ لاءِ پوءِ به طاقت وارو هوندو آهي.
    ۲ - ھيڻو حاڪم، ڪورين لاءِ قھار.
    ۳ - شينهن يا بگهڙ ڀلي ڪيترا به ڪراڙا ٿي وڃن، پر رڍ کي چيرڻ ڦاڙڻ جي صلاحيت نه مرندي اٿن.
    ۴ - مهري به ڀڄڻ کان پوءِ، ڌڪ هڻڻ واري صلاحيت نه وڃائيندي آهي.
    ۵ - ڏنڊو پراڻو هوندو، ته به دلي ڀڃڻ لاءِ ڪافي آهي. (افغاني)
    ۶ - مهري ڀتي ته به ڀانڊي/ ڀترن ڀڃڻ لائق. (۶) ص ۱۰۷.

    319. ڏاوَڙ نار؛ ڏيرو ڏُول. (چوڻي)
    ڏاوڙ؛ ڪُلڇڻي، بي لڇڻي. نار؛ عورت. ڏيرو؛ ديرو، گھر. ڏُول؛ اونڌو، تباھ.
    سڪون واري زندگي گذارڻ لاءِ، گھر جو ھجڻ ضوروري آھي. گھر کي ھلائڻ لاءِ وري گھر وارو ۽ گھرواري ھجڻ ضروري آھن. گھرو ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ، گھر وارو ٻاھران ڪمائي آڻيندو ۽ گھر واري سڄي گھر جي سنڀال ۽ سھيڙ ڪندي ته گھر ھلندو، ٻي صورت ۾ گھر ئي نه رھندو. مڙس وانگر زال کي به محنت ڪرڻي آھي، تڏھن وڃي گھر، گھر ليکبو. فقط مڙس ڪمائڻ تي ھجي ۽ گھر ۾ زال نڪمي/ نکمڻي ٿي ويٺي ھجي ته به گھر نه ھلندو. ان جي برعڪس عورت ڪم ته نه ڪري پر ھٿائين ھٿ-ڦاڙ ھجي ته پوءِ گھر به ڊانوانڊول ٿي ويندو. عورت جو ڪم آهي مرد جي ڪمائي آندل پئسن منجھان، سوچي سمجهي گهر هلائڻ ۽ گهر جا ٽپڙ ٽاڙي سنڀالي رکڻ. عورت عقلمند هوندي ته گهر سنڀاليندي. ڇيڳري ھوندي ته وڃائيندي. (۳۵) ص ۲۳۹
    مطلب؛ ۱. گھر کي ٺاھي به زال، ڊاھي به زال.
    ۲. آهِرُ کٽي اوبڻي، رن ھارائي رنبو.
    ۳. مڙس جو پاهوڙين سان ميڙڻ، زال جو سُئيءَ سان کوٽي ڪڍڻ.
    ۴. گهر جو نظام، عورت کي سنڀالڻو آھي.
    ۵. مڙس آڻي اڪي ٻڪي، زال وڃائي ھڪي چڪي. (ابتڙ)

    320. ڏاهو ڪانگ ڦاسي ڪو نه، ڦاٿويه ٻن ٽنگن سان.
    (پهاڪو)
    ڪانءُ طبعًا ڏاهو ۽ ڏاڍو ڊڄڻو آهي. هر قدم سوچي سمجهي کڻندو آهي. اڪثر بچي ويندو آهي، ڪوڙڪيءَ ۾ ورلي ڦاسندو آهي.
    هر معاملي ۾ چالاڪيءَ سان هلڻ وارو ماڻهو، نيٺ هڪ ڏينهن غلطي ڪري وجھندو آهي ۽ مخالفن کي بدلي وٺڻ لاءِ ڀرپور موقعو فراھم ڪري وجھندو آھي. جيڪي کانئس رھيون ڪھيون ڪسرون ڪڍي ڇڏيندا آھن. ائين ڪانءُ به نيٺ کاپي پوندو آهي ۽ ڪا وڏي غلطي ڪري ويهندو آهي، جنهن سان جان به هلي ويندي اٿس. هر هنڌان صاف نموني ڀڄي نڪرڻ واري جي دل پڪي ٿي ويندي آھي. نتيجتًا مطلب وارن معاملن ۾ بيجا خود-اعتمادي پيدا ٿي پوندي آهي، جنھن سان اکين تي پردا چڙهي ويندا آهن ۽ آخر ڦاسي پئبو آهي. قدرتي طرح، چالاڪ جون آخر ۾، چالاڪيءَ واريون سموريون چالون بند ٿي وينديون آهن ۽ کيس جان بچائڻ به مشڪل ٿي پوندي آهي.
    مطلب: ۱ - گهڻي سياڻپ نه ڪجي. ڪن معاملن ۾ توڪل کان به ڪم وٺڻ گهرجي. اجايو سياڻو ٿبو ته، سر وڃائبو.
    ۲ - اوڻٽيهه ڏينهن چور جا، ٽيهون ڏينهن ساڌ جو به آهي.
    ۳ - سؤ ڏينهن سس جا، هڪ ڏينهن ننهن جو به آهي.
    ۴ - ڏاهو ڪانءُ، ٻه-ٽنگو ڦاسندو آهي.
    ۵ - ظالم نيٺ، ذليل ٿئي. (۵)

    321. ڏٻرو ڏاند، پوک جو پاند، ٻئي وِڻواند. (چوڻي)
    پاند: پوڇڙ، پلاند. وڻواند: آزار.
    ۱ - ڏاند ڌاربو آهي، ھر ۽ بيل گاڏيءَ ۾ وهڻ لاءِ. سٻرو هوندو ته زمين ڪاهيندو ۽ ڳاه ڳاهيندو. ڪراڙو، ڪمزور ۽ ڪوڙو هوندو ته ڪم کان لھرائي، لڪندو وتندو ۽ لڪڻ لاءِ ٻُوڙا پيو ڳوليندو.
    ۲ - پوک به آڳاٽي ۽ وقتائتي پوکيل هوندي ته اپت چڱي ڏيندي. پاڇاٽي يا پڇڙيءَ واري زمين سٺو فصل نه ڏيندي. پڇڙي، بڇڙي آھي. پڇڙيءَ واري زمين يا ٻوڏ ۾ پيئي ٻڏندي يا سوڪ ۾ پيئي سڙندي. ھڪ-ڪرو پاڻي نه ملڻ سبب ڪلراٺي ٿي ويندي يا سم واري ٿي پوندي. ڪڏھن ڍنڍ جو ڏيک پئي ڏيندي ته ڪڏھن رڻ جو.
    مطلب: ڪراڙو ڍڳو ۽ پڇڙيءَ واري/ پاڇاٽي پوک، هاريءَ لاءِ ٽوٽي جو سبب ٿيندا آهن. (۴) ص ۲۴۲ ۽ (۶) ص ۱۲۵.

    322. ڏٿ آهي، اڌهي جو امهير. (چوڻي)
    ڏٿ: پاڻ مرادو ٿيندڙ نباتات. اڌهي: اڙي اُڌي، سوڙهه. امهير: امير، سکيو.
    جولاءِ ۽ آگسٽ ڌاري پوندڙ برساتين تي، ٽڪرين/ڀٽن جي گوشار، ٻُڪل ۽ پاساڙن تي کوڙ ساري خود-رو نباتاب جنم وٺي ٿي، جيڪا بنا ڪنھن هَرَ-بنجهر ۽ ٻج پوکڻ جي ٿئي ٿي. منجهن ڪي گاهه، مال لاءِ مرغوب ۽ ڪارائتا آهن ته ڪي وري غريب غربن ۽ ماروئڙن لاءِ، گذران جو ذريعو بڻجن ٿا. ڏٿ، جنهن وقت، ڌرتيءَ تي ٿئي ٿو، تنھن وقت ته ڪم اچي ٿو پر مسڪين ماڻهو اڙيءَ اڌيءَ لاءِ پڻ ڪٺو ڪري رکن، تڏهن پڻ سڪايل ڏٿ کاڌي طور ڪتب آڻجي.
    مطلب: ۱ - ڏٿ، غريب غربي لاءِ، رب جي نعمت آهي.
    ۲ - جنهن وٽ کائڻ لاءِ ڏٿ آهي، اهو ڄڻ امير آهي.

    323. ڏٿ نه کٽو، ڏوٿي کٽا. (چوڻي)
    ڏُٿُ: روزي، رزق، جهنگلي خودرو ٻوٽا جهڙوڪ؛ ساوڙي، قُم، مکڻي، لوڙهه، بِهه وغيره يا منجهانئن نڪتل اَنُ.
    ڏوٿي: رزاق جو موڪليل رزق کائيندڙ، ٻهراڙين جا غريب ماڻهو جيڪي ڏٿ تي گذارو ڪن، ڏُٿ تي پلجندڙ، ٿوري اسباب تي گذارو ڪندڙ.
    انسان ۽ سندس کاڌ-خوراڪ، ٻئي ڌرتيءَ منجھان پيدا ڪيا ويا آھن. جيئڻ خاطر روزي رزق، حالتن ۽ وقت سارو، انسان کي ملي ٿو. دنيا جي تختي تي جيڪي به آيا، سي پنهنجي پنهنجي حصي جي خوراڪ کائي ويا، پر اڃا ايندڙن جي حصي مان ڪجهه به کائي کٽائي نه سگهيا. ھٿائين، جيڪو ھٿ وس يا نظر ۾ ھين، سو به عمر کٽڻ تي، ابول ڪري، هتي ڦٽو ڪيون ويا.
    مطلب: ۱ - دنيا جي تختي تي ڪيئي آيا ۽ ويا پر رب تعالى جا خزانا، کائي کٽائي ڪين سگهيا.
    ۲ - ڏوٿي گهڻا ئي آيا ۽ ڏٿ چونڊي چونڊي کائي مري ويا، پر ڏٿ مند تي اڳي کان به اڳرو آهي.
    ۳ - روزي رزق رازق تي آهي، سو ڪڏهن به کٽڻو ناهي.

    324. ڏچر گهوڙي، سُچر زال، اڌارو وهانءُ،
    گهاٽا تر، ڇڊي ڪڻڪ، پنج ئي نه ٿيا. (چوڻي)
    ڏچر: ٿورو کائيندڙ. سُچر: سٺو کائڻو، گهڻ-کائڪ، ڳڙڪائو.
    ۱ - گهوڙو، کائيندو ته ڊوڙندو. گاه سان ياري رکي، چڪ نه وجهندو ته بک مرندو ۽ ڊوڙي نه سگهندو. اهڙيءَ صورت ۾ لوٺڙيي يا جانورن جي ڊاڪٽر وٽ تپاس ڪرائجيس ته بهتر.
    ۲ - گهڻ-کائڪ ۽ هٿ ڦاڙ زال، گهر جو الهه تلهه ٻهاري رکندي. ڇو جو پيٽ-ھٿي ھئڻ سبب، ھوندي رڳو کائڻ جي بلي. کائڻ جي خچري، ڪم ڪا نه ڪندي، رڳو پئي کائيندي ۽ پاڻ تي پئسو وڃائيندي. آخر گهر جو لڏو ئي رُلائيندي.
    ۳ - اوڌر پاڌر وٺي يا قرض کڻي، وهانءُ ڪرڻ به خودڪشي ڪرڻ جي برابر آهي. اهڙي نيڪ ڪم مهل، خدا جي مدد ته پهچندي آهي پر پوءِ به قناعت ڪرڻ چڱي ڳالهه آهي.
    ۴ - ترن جو فصل، گهاٽو پوکبو ته سنگن ۾ اَنُ ماريل هوندو ۽ مجموعي طور پيداوار تمام ٿوري ٿيندي.
    ۵ - ڪڻڪ ڇڊي پوکڻ سان، جهار ئي پورو ڪري ڇڏيندس. ڪڻڪ جو فصل، گهاٽڙو پوکيل بهتر رهندو آهي. ان سان مجموعي پيداوار سٺي ڄاپندي آھي.
    مطلب: ۱ - مٿين شين لاءِ، مٿي ٻڌايل حالتون خراب آهن. (۱۲) ص ۱۴۶.

    325. ڏڪار ۾؛ ٿر جي مٽي به رلي وڃي ٿي. (پھاڪو)
    ڏڪار جتي به ايندو آھي، اتان لڏپلاڻ وڏي انداز ۾ ٿيندي آھي. ڇو جو روزگار جا ذريعا ختم ٿي ويندا آھن ۽ کاڌ خوراڪ جي قلت ٿي ويندي آھي. لڏپلاڻ سان پوئتي زمين ۽ مٽي، ماڻھن کان سواءِ بر پٽ جو ڏيک ڏينديون آھن، جڏھن مارو ماڻھو لڏڻ پڄاڻان، جتي به ويندا آھن، ڄڻ ته رلي ئي ويندا آھن. جو نه وٽن رھڻ لاءِ آستانو ھوندو آھي، نه کائڻ لاءِ مناسب خوراڪ. دربدري واري زندگي، کين ته نھوڙي ڇڏيندي آھي، پر ديس ڇڏڻ سبب، ديس به بيگانو ۽ بنڀ بيران ٿي ويندو آھي. جيستائين ڪي مندون موٽن، ڪي مينھن وسن، ڪا اوڀڙ اڀري، ڪا ساوڪ ٿئي، مارو موٽن، مال موٽي. (۳۵) ص ۲۷۰
    مطلب؛ ۱. لڏپلاڻ سبب ٿيل وڇوڙو ۽ پرديس جا ڏک ڏاکڙا، مٽيءَ ۽ ماڻھن لاءِ، ڪاٽڻ اھنجا آھن.

    326. ڏڪار ۾؛ راڻين جا ڪنگڻ به ڍرا ٿيو وڃن. (پھاڪو)
    ڏڪار اندر؛ بک ۽ بدحالي، درد ۽ پيڙا ڳڻتي ۽ ڳاراڻو، اوسيئڙن ۽ اڊڪن جھڙيون ڪيفيتون من ۾ پيھي مانڌاڻ مچائينديون آهن. جنھن کان امير توڙي غريب پڻ متاثر ٿيندا آھن. غريب، وري به سٽ سھڻ جي قابل ھوندو آھي. امير ماڻھو، ڏاڍو ڏوٻر لاھي ويھندا آھن. ايتري تائين جو امير گھراڻن جي عورتن جا ڏورا ۽ ٻانھون پڻ، ڳري ايترا سنھا ٿي ويندا آھن جو منجھن پيل چوڙيون ۽ ڪنگڻ گھرگھلا ۽ ڍرا ٿي پوندا آھن. (۳۵) ص ۲۷۱
    مطلب؛ ۱ - ڏڪار ۾؛ بک ۽ بدحالي منھن ڪڍن ٿيون.
    ۲ - خوشيءَ جهڙي خوراڪ ڪونهي ۽ ڳڻتيءَ جهڙو مرض ڪونهي.
    ۳ - ڪڏهن روح راڳن ۾، ڪڏهن بيتن کان بيزار.

    327. ڏڪار؛ وڇوڙو، وسڪارو؛ ملاپ. (چوڻي)
    ڏڪر جي سختي نه سھي، ٿري ماڻهو پنهنجا سر، ٻچا ۽ مال کي بچائڻ خاطر، پيٽ گذر ۽ مال جي چاري لاءِ بيراجي علائقن ڏانهن نڪري پوندا آهن. ان نڪرڻ ۾، پنھنجن ويجھن عزيزن کان به وڇڙي وڃبو آھي، جنھن جو عذاب وڇڙڻ وارا ئي سمجھي سگھن ٿا.
    اگر چؤماسي جي مند ۾ مينھن پيو ۽ برسات اوھيرا ڪري پئي ته ڀِٽُن ۽ پَٽَن تي گاھ گلزاريون ٿيو وڃن. ان ۽ کير جام ٿين. سانگ تي ويل سانگي وانڍن کان واپس ورن. وڇڙيا پاڻ ۾ وري گڏجن، جنھن سان سندن ميلاپ ٿئي. گهرن جي اڱڻن تي ٽهڪ گونجن، گيتن ۽ همرچن جو هڳاءُ ماحول کي معطر ڪري وجھي. (۳۵) ص ۲۱۴
    مطلب؛ ۱. ڏڪار وڇوڙو، ميلاپ وسڪارو.

    328. ڏڪريان ڪهڙا ڀاڙينگڙا؛ جائي تو پيٽ خالي،
    پرڻائي تو گهر خالي. (چوڻي)
    ڏڪريان: ڌيئرن، نياڻين. ڀاڙينگڙا: بار، بوجهه. جائي: ڄاپي، ڄمي.
    نياڻي گهر جي سونهن آهي. پٽ ورونهن آهي. پر گهرُ، نياڻيءَ سان آهي. نياڻيءَ کان سواءِ گهر ڄڻ اوطاق. اوطاق واري ڪچهريءَ/ گفتي ۽ بغير نياڻيءَ واري گهر اندر ڳالهايل گفتي منجھ، ويهين اڻويهين جو فرق هجي ته هجي، نه ته ٻئي گفتا هڪجھڙا.
    انسان، پيٽ-ڀرائيءَ جون گهڻيون ڳالهيون ڪندڙ آهي. جڏهن نياڻي ڄمي ٿي ته کانئس اهي پيٽ ڀرايون وسري ٿيون وڃن. ڪنهن سان کيس، هٿ-چراند، ٺڳي ٺوڙي، گهر تڪڻ وغيره سڀ وسريو وڃن. نياڻيءَ جي ڄمڻ سان، ڄڻ پيٽ خالي ٿيو وڃي.
    جڏهن وري، نياڻي پيءُ ماءُ جو گهر ڇڏي، پنھنجي گهر ۾ ٿي وڃي ته پيءُ ماءُ جو گهر وري ساڳيو ئي ڄڻ خالي ٿيو وڃي. جتي نياڻيءَ جي ڪري، گهر اندر برڪت ۽ حياءَ واريون ڳالهيون هيون، هاڻي انهن ۾ وري تبديلي اچڻ شروع ٿئي ٿي. ساڳيو اوطاق وارو ماحول ٿيڻ شروع ٿي ٿو وڃي. ويراني واڪا ڪرڻ ٿي شروع ڪري.
    مطلب: ۱ - نياڻي، ٻوجهه بجاءِ، برڪت جو سبب بڻجي ٿي.
    ۲ - نياڻي ڄمي ته گهر مان بُرائي وڃي، پرڻجي وڃي ته گهر ويران ٿي وڃي.
    ۳ - نياڻيءَ جو ڀاڳ به سادو آهي. ڄمي ته بک تي/ خالي پيٽ تي، پرڻجي وڃي ته مائٽن جو گهر خالي ڪري وڃي.

    329. ڏڪري کائي پيئي مت، گهر سهي ٿارو. (پھاڪو)
    هڪڙي گهر جي نياڻي/ڌيءَ، ڪنھن پرانهين هنڌ تي پرڻجي وئي. سندس سهرو ڏاڍو سياڻو ۽ چالاڪ ماڻهو هيو. تنھن کيس ڀريل تريل ۽ سَجيل گهر ته ڏنو پر ان سان گڏوگڏ نصيحت ڪندي چيائينس؛ ”ڀريل تريل گهر تو کي ڏيان ٿو. ان جي سار سنڀال توکي لهڻي آهي. احتياط سان منجهس رهڻو آهي، جيئن ڪا شيءِ، کٽي ۽ ٽٽي نه ۽ ڀڄي ڀُري به نه.“
    ڇوڪري ويچاري، هاڻي گهر جي سار سنڀال ۽ ٽپڙن جي ٺاهه ٺوهه ۽ سانڍڻ واري ڪم ۾ ئي سُڪ ٿي وئي. احتياط سان رهندي، ڪو به ٽپڙ ٽاڙي هيڏي هوڏي ٿيڻ نه ڏنائين.
    سالن پڄاڻان، جڏهن سندس پيءُ، وٽس گهمڻ آيو ته ڀريل تريل گهر ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو پر ڌيءَ کي لهڪاريل ڏسي ڏاڍو دلگير ٿيو. دل وٺڻ لاءِ پڇيائينس؛ ”پٽ! تو کي ڪيڏو نه سٺو ساهراڻو گهر ڏنو اٿم، جتي تو کي هيڏو سجيل ۽ ڀريل تريل گهر مليل آهي. پوءِ به ڄڻ ڳڻتين ۾ ورتل ھجين؟“
    ”ڏڪري! کائي پيئي مت، گهر سهي ٿارو“ ڌيڻس، گهر جي سجيل هئڻ ۽ پنھنجي لهڪاريل هئڻ جو دليل هڪ ئي جملي ۾ ڏيندي چيس؛ ”ڌيءُ! کاءُ پيءُ نه! گهر سڄو تنھنجو آ!“ (۶)
    مطلب: ۱ - جڏهن گهر منھنجو آهي ته منجهس آسائشون به منھنجون ٿيون نه!
    ۲ - ڌيءُ! کائين پئين متان، پر گهر سڄو تنھنجو آهي.
    ۳ - ڌيءُ! گهر سڄو تنھنجو آهي پر کائجان پيئجانءِ نه!

    330. ڏک ۾ ڏاڍو ٿجي، سک ۾ سرهو نه ٿجي. (چوڻي)
    هڪ ڀيري لاکي ڦلاڻي کي ڪنهن سوناري هڪ قيمتي منڊي تحفي ۾ ڏني. ڄام لاکو اها خوبصورت منڊي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. هن اها منڊي پنهنجي هڪ پياري ڏاهي دوست کي ڏني ۽ چيائينس؛ ”هن منڊيءَ تي ڪو اهڙو قيمتي جملو لکرائي اچ، جيڪو جملو آئون خوشيءَ جي وقت پڙهان ته، آپي مان نه نڪران ۽ غم جي وقت پڙهان ته وڌيڪ مايوس نه ٿيان.“ ان ٿر جي ڏاهي ماڻهوءَ ڪجهه وقت سوچي، پوءِ انهي منڊي تي جملو لکرائي ڏنس؛ ”سک ۾ سرهو نه ٿجي ۽ ڏک ۾ ڏاڍو ٿجي.“ (۳۵) ص ۲۵۷
    مطلب؛ ۱- دنيا؛ ڏک ۽ سک جو گڏيل ماڳ آھي. اتي جي نه خوشي جٽادار آھي، نه غمي. ٻئي، اچڻ شرط، لنگھي وڃن ٿيون.

    331. ڏمرجي ته به ڏئي، پرچي ته پل ڀري،
    جُنگ جکري کي، ٻئي چڱيون چِت ۾. (چوڻي)
    جکرو: اوٺو جکراڻي، آڳاٽي دور ۾ سنڌ جو هڪڙو سخي مرد.
    ۱ - رب، اگر ڪن سببن جي ڪري ٻانھي تي ناراض ٿئي ٿو ته به سندس روزي بند نه ٿو ڪري. البته ناراض ھوندي به پاڻ روزي ڏئي ٿو. راضي هئڻ جي صورت ۾ بي حساب ۽ بي انداز ڏئي ٿو. اتان ڏئي ٿو، جتان بندي کي ملڻ جو، وهم ۽ گمان به نه هجي.
    ۲ - ڏيڻ ۽ نه ڏيڻ ۾ به رب تعالى، ٻانھي جي مصلحت کي مدِنظر رکي ٿو.
    مطلب: ۱ - ڏمرئو ته ڏي، پرچيو ته پاٽ ڀري. (شاهه، بلاول)
    ۲ - رب راضي ٿئي ته ھڪ مان ٻه ڪري، ٿئي ناراض ته ٻن مان ٽي ڪري.

    332. ڏمر ڏولائو، کمٿ کٿوري. (چوڻي)
    ڏمر؛ ڪاوڙ، ڪروڌ. ڏولائو؛ تڪليف پھچڻ جو اھڃاڻ. کمٿ؛ صبر، کانڌ. کٿوري؛ خوشبودار.
    ڏمر يا ڪاوڙ منجھان نيٺ نقصان رسي ٿو، جڏھن ته صبر منجھان نيٺ راحت ۽ خوشبوءِ ملي ٿي. ڪاوڙ ڪرڻ کان بھتر آھي ته صبر کان ڪم وٺجي.
    مطلب: ۱ - ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ٺڪرن جو پاڻي به سڪائي، جڏھن ته صبر منجھ رب جي رحمت ۽ مدد پھچي ٿي.

    333. ڏنو ناڻو، ڀڳو ماڻو. (چوڻي)
    ڪنهن لالچيءَ ۾ اگر ڪم پوندو آهي ته پيو ڪم ڪرڻ کان نٽائيندو آھي. پنھنجي لوڀ حاصل ڪرڻ لاءِ پيو نخرا ۽ ٽاڻا ماڻا ڪندو آهي. منٿون ايلاز، سفارشون به نه مڃيندو آهي.
    جڏهن پئسو ڏوڪڙ جهاڙائبو اٿس ته پوءِ کير لاھي بيھندو آھي. ڳالهائڻ واري انداز ۾، گفتگو ڪندو آهي. وري جڏهن ساڻس محنت مزدوري يا خرچي پاڻي طئي ڪري، کيس پورا پئسا ڏبا آهن ته ٽال مٽول ڇڏي، سچتائيءَ ۽ سنجيدگيءَ سان جلد ڪم اڪلائي ڏيندو آهي.
    مطلب: ۱ - پئسو، وڏو سفارشي آهي.
    ۲ - پئسو، وڏو پير آهي.
    ۳ - ڇٽو پٽ ڏني جو، ٻئي ذات جا فرحتي.
    ۴ - ڏنو، پنڌ ڇنو.
    ۵ - قرض چُڪيو، پنڌ ڪپيو. (۶) ص ۱۰۷.
    334. ڏوکڙو؛ سيڻ، سوکڙو؛ ويري. (چوڻي)
    ڏوکڙو؛ ڏک. سيڻ؛ ويجها مائٽ. سوکڙو؛ سک.
    ڏکن ۽ تڪليفن اندر، ماڻهو ھڪ ٻئي جي مدد ۽ ھمت افزائي ڪرڻ سبب، ڄڻ دوست ۽ مائٽ ٿي پوندا آھن. ھڪ ٻئي سان وندر ورونھن ڪندا آھن. سکن جي اچڻ سان، بي اونا ۽ بي فلڪا ٿيڻ سبب ڄڻ ھڪ ٻئي کان پري ٿيندا ويندا آھن. (۳۵) ص ۲۶۹
    مطلب؛ ۱ - ويجھو ٿيڻ؛ مٽ ھئڻ جي علامت آھي. پري ٿيڻ؛ ويري يا دشمن ھجڻ جو اھڃاڻ آھي.

    335. ڏو مُوسا، ڏو ڪاترا، ڏو تيڏي، ڏو تاءَ،
    ڏو بِسَئر، ڏو واءَ، ڏو ڪي ٻانڌي جَڙَ هِيري،
    ايڪ ڪي ٻانڌي کُوڙيو ماريءَ. (چوڻي)
    ڏو: ٻه . مُوسَا: ڪئا. تيڏي: ننڍي ماڪڙ. تاءَ: تپ، بخار. بسئر: زهريلا جيت، نانگ، بلائون. واءَ: هوا. جڙ هيري: برساتي پاڻي. کُوڙيو: مال جي بيماري، جيڪا اڌ رنگ ۾ ظاهر ٿيندي آهي.
    آدر مهيني ۾ برسات وسڻ کان پهرين، پندرنهن ڏينهن، جيڪي مگسر نکٽ جا هوندا آهن، تنهن دوران جيڪڏهن پندرهئين ڏينهن چوماس جي هوا لڳي ته، ٻارنهن ڏينهن ۾ ٻن ٻن ڏينهن جي حساب سان، ڪوئا، ڪاترا، ننڍي ماڪڙ، بخار، زهريلا جيت ۽ نانگ بلائون ٻاهر نڪري نه سگهندا آهن.
    ٻه ڏينهن انهيءَ ”مگسر“ نکٽ (پهرين جون کان پندرهينءَ تائين) دوران برسات وسي ته اهو برساتي پاڻي، فصل ۽ گاه لاءِ پڻ ڀلو ٿيندو آهي.
    انهيءَ نکٽ جي آخري ڏينهن ۾ هوا لڳي ته چوپائي مال ۾ اڌرنگ جي بيماري نه ٿيندي آهي.
    مطلب: ۱ - ”مگسر“ نکٽ دوران، ڪوئا ۽ ڪاترا، ننڍي ماڪڙ ۽ تپ، زهريلا جيت ۽ نانگ بلائون، ٻرن ۾ ڇُپي ويندا آهن. (۱۴) ص ۶۱.

    336. ڏونگر ته ڏور ڀلا، نيڙا تو پاھڻيا. (چوڻي)
    پري کان جبلن جو نظارو به من موهيندڙ ۽ سهڻو لڳندو آهي. دل ھرکندي آھي ته جيڪر اڏامي مٿس پھچجي ۽ ويجھڙائيءَ کان نظارو پَسجي. جڏهن ويجهو پهچبو آهي، ڀوائتن پٿرن جي ڍيرن جو درشن ئي ٿيندو آھي. سندن ڪشش ۾ ڪيل پنڌ پڻ اجايو محسوس ٿيندو آهي. (۳۵) ص ۲۰۹
    مطلب؛ ۱. جبل پري کان ته سهڻا لڳندا آهن پر ويجهي وڃڻ بعد هو صرف پٿر آهن.
    ۲ - ٽوهه پري کان سھڻو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ڪٽي ڦار وات ۾ وجهبي ته زهر لڳندو آهي.
    ۳ - ويجھو؛ ڪوجھو.
    ۴ - دور ڪا ڍول، سُھانا بجتا ھي.

    337. ڏونگريا هريا هوئا، جڏهن سکر ٽهوڪي مور،
    تڻ رُت چالين تين جڻان؛ چاڪر، منگت، چور. (چوڻي)
    ڏونگريا: جبل. ھريا: سائو ٿيو. ٽهوڪي مور: مور جا ٽهوڪڻ. رُت: مُند.
    چالين: چالون. جڻان: ڄڻن. چاڪر: نوڪر. منگت: مڱڻهار.
    ٿر ۾ جڏهن برسات پوندي آهي، تڏهن چوڌاري گاھ ڦٽي پوندا آهن. جنهن سبب زمين کان مٿي اڀريل ڀٽون به سائي چادر تاڻي بيٺيون هونديون آهن. ان مند ۾ مور به ٽهوڪا ڏيندو آهي، جنهن سبب منظر ڏاڍو پرڪشش ٿي پوندو آهي.
    انهيءَ مند ۾، ٽن ڄڻن جي چال به کلي پوندي آهي. اهي به وقت سر، موسمي ڏيڏر وانگر، نڪري نروار ٿيندا آهن. ۱- نوڪر؛ خاص طور تي سرڪار طرفان لاپي يا ڍل وغيره جي اوڳاڙيءَ لاءِ مقرر ٿيل، فصل جي تڪ تور لاءِ نڪري پوندا آهن. ۲ - مڱڻهار به راڄ مان، پڳر جي اڳاڙيءَ لاءِ، پٽڪا ٻڌي گهوڙين تي چڙهي، نڪري پوندا آهن ۽ اچي راڄن جي در تي سين هڻندا آهن. ۳ - چورن کي به ان وقت موقعو سُجهندو آهي، جڏهن ملڪ سکيو ستابو هجي. چور ڀريل ڀڪيل گهر ۾، سڻائي وقت تي ئي کاٽ هڻندو آهي.
    مطلب: ۱ - برسات سبب آيل خوشحاليءَ ۾ نوڪر، مڱڻهار ۽ چور کي به ٿورو ڪي مليو وڃي.
    ۲ - ڀيٽيو؛ ڪڀوئي منگت آرس ڪري، چور چوريءَ نهين جائي،
    چاڪر بيچارا ڪيا ڪري، روج پار ڪا کائي،
    آڌي رو هڪل ٿائي، تو ’جي جي‘ ڪرتا جائي. (۲) ص ۶۴.

    338. ڏوهتراڻ نِه پوتراڻ، وڌتو ويري. (چوڻي)
    ڏوهتراڻ: ڏوهٽاڻ. نِه: ۽. پوتراڻ: پوٽاڻ. وڌتو: وڌندڙ. ويري: دشمن.
    ڏوهٽا، ڀلي ڪيترو به ناناڻن جو کائين پيئن، پر ڪوٺائبا وري به ڏاڏاڻن جا. ناناڻن سان، نه سڌا هلندا ۽ نه ئي ساڻن سنوان ٿيندا. وڏو ٿيڻ کان پوءِ، هر ڪو پنهنجي پيٽ لاءِ ڪمائي ٿو. ڏوهٽو هجي يا پوٽو، ڪمائي ڪري اچي، پنهنجي زال آڏو رکندو. ڏاڏي/ ناني يا چاچن مامن کي آڻي هنج ۾ نه رکندو.
    نام ناموس وڌائيندو ته پنهنجي ڏاڏنگ جي خاندان جي وڌائيندو، نانگ کي ڪين ڪڏائيندو. سڏبو ۽ ڪوٺائبو ڏاڏاڻن جو. ناناڻن کي ايترو به فائدو نه ڏيندو. ڇو جو ڌيئر ۽ ڏوھٽاڻ، پرائو باغ آھن.
    مطلب: ۱ - ڄڻيو اولاد ئي يا نصيب آ، پوءِ پوٽن ڏوهٽن ۾ آسرو رکڻ، اجايو آهي.
    ۲ - ڏوهٽاڻ ۽ پوٽاڻ، وڌندي جا ويري. (لاڙ)
    ۳ - ڏوهٽا، وڌندا ويري. (ساھتي)
    ۴ - ڏوهٽاڻ نه پوٽاڻ، جيئن وڌي تيئن کري. (ٿر)
    ۵ - ڏوهٽو، پوٽي جي ڀيٽ ۾، گهٽ قھقاءُ رکندو آهي.
    ۶ - ڏوهٽاڻ، پوٽاڻ وڌندي ته ملڪيت مان حصو ڇڪڻ سبب، ويري ٿيندي.
    ۷ - ڏوهٽاڻ، پوٽاڻ نه ٿيندو.
    ۸- ڏوهٽاڻ: پرائو باغ. پوٽاڻ: پنھنجو باغ . (۶) ص ۱۱۰.

    339. ڏهاڳڻ را ڏاکڙا، ڪي نه آيا ڪاڄ. (پهاڪو)
    ڏهاڳڻ: مُٺي، بيوه، جنهن جو مڙس مري وڃي. را: جا. ڏاکڙا: ڏُک. ڪي: ڪنهن. ڪاڄ: وهانءُ.
    جنهن اڀاڳڻ جو وَرُ، جوانيءَ ۾ جهان ڇڏي ويو، ان کي هر ڪو نڀاڳي ۽ بدبخت سڏي، کانئس ٽارو پيو ڪندو آهي. سندس ڦٽن، ڏکن، ڏوجرن تي بجاءِ مرهم رکڻ جي، مٿن لوڻ پيو ٻرڪيندو آهي.
    نحوست وارو داغ/ ڪلنڪ، سندس نراڙ تي چِٽي، کانئس هر ڪو پيو ڇرڪندو ۽ ونءُ ويندو آهي. جنهن سبب ڏهاڳڻ جي زندگي، عذاب ۾ پئي گذرندي آهي.
    اسلام ۾ اهڙيءَ عورت لاءِ همدردي آهي. جڏهن ته هندو مت ۾ ناهي. ساڻس همدردي، نه مِٽُ مائٽ ڪندو آهي ۽ نه اوڙي پاڙي وارا.
    مطلب: ۱ - ڏهاڳڻ جي ڏکن/ ڏاکڙن جو تدارڪ، ڪير به نه ڪندو آهي.
    ۲ - ڏهاڳڻ جي ڏک ۾ ڪو به شريڪ نه ٿيندو آهي.
    ۳ - ڀيٽيو؛ کوڻي ۾ مُٺي، ڪنهن نه ڏٺي. (۶) ص ۱۰۹.
    340. ڏياريءَ جو ڏيئو ڏٺو، ننڍو وڏو چڀڙ مٺو. (چوڻي)
    ڏياري؛ هندن جو تهوار، جنهن ۾ رات جو ڀتين ۽ آڳنڌ وغيره تي ڏيئا ٻاري روشني ڪن. چڀڙ؛ متيرو.
    سنبت وڪرمي سال جو اسو مهينو، آڪٽوبر ڌاري ايندو آهي. اسوءَ ۾ ڏياريءَ جو ڏڻ ٿيندو آهي. ڪجهه فصل لهي چڪا هوندا آهن ۽ ٻيا ٻنين ۾ پڪل هوندا آهن. چڀڙ، ٿر ۾ ٿئي ۽ ڏڪار توڙي سڪار جي حالتن ۾ کاڌ خوراڪ طور استعمال ٿئي. ڏياريءَ کان اڳ، ول ۾ لڳل ڪجهه چڀڙ مٺا هوندا آهن ته، ڪجهه کارا هوندا آهن. ڏياري جي ڏڻ کان پوءِ، پچي مٺو ٿي پوندو آھي. کائڻ ۾ مٺو ۽ سوادي لڳندو آهي. ڪچو، ڏياريءَ کان اڳ، کارو ھوندو آھي. ڏياريءَ بعد، کٽ-مٺو ٿئي ۽ انب-چُور طور ڀاڄيءَ ۾ ڪم اچي. (۳۵) ص ۲۵۷
    مطلب: ۱ - چڀڙ جو مٺو ٿيڻ، ڏياريءَ جي آمد جي نشاني آھي.

    341. ڏي روٽيان را چڙهه، گهتيان تي پنڌ ري چٽي ۾. (پھاڪو)
    هڪڙو پيٽوڙي، ڪنھن ڄاتل سڃاتل ڳوٺ ۾، رات ڌاري وڃي ڪڙڪيو. ڳوٺ وارا کانئس، واقف هئا. تن کيس ڀڄائڻ لاءِ سوچيو.
    ”سائين! اڄ ڀر واري ڳوٺ ۾ وڏو اوسر آهي.“ پنھنجي منھن هڪٻئي کي چوڻ لڳا؛ ”چار ڏينھن ڌماڌم، ماني هلندي، جنھن ۾ لاپسي، شيرو، ڳڙهاري، ڀت، ٻوڙ ۽ مانيون گڏوگڏ ملنديون.“
    اهي ڳالھيون ڪن پوندي، پيٽوڙي آهستي آهستي، ڳوٺ ڇڏي بک تي ٻاهر نڪتو ۽ اوسر واري ڳوٺ ڏانھن رخ رکيائين. ڳوٺ ڪافي پري هو. پھچندي پھچندي اڌ رات ٿي ويس.
    اتي ڪجهه به نه ڏسي، پوئين ڳوٺ وارن کي، وڏي سر بيھي گاريون ڏيڻ لڳو. گارين تي ٻه چار ماڻھو گهرن مان نڪري پيا.
    ”ڇا ٿو چوين؟“ ماڻھن پڇيس.
    ”مئا ماڻس را ڏِڪرا ئي ڪو ھَتا.“ کين ورندي ڏنائين ته؛ ”اڳلا ماڻھوءَ جا پٽ ئي ڪو نه ھئا.“
    ”ڇو؟“ مڙني کانئس پڇيو.
    ”ڏي روٽيان را چڙهه، گهتيان تي پنڌ ري چٽي ۾.“ ڪاوڙ جو سبب ٻڌائيندي چيائين. ”ڍَوَ جو آسرو ڏئي، پنڌ جي چٽيءَ ۾ وجهي ڇڏيائون.“ (۶) ص ۶۰.
    مطلب: ۱ - دوکي سان تڪليف ۾ وجهندڙ کي، ائين ٽوڪبو آهي.
    ۲ - مانيءَ جو آسرو ڏئي، ڪنھن کي اجايو پنڌ نه ڪرائجي.

    342. ڏيس بکاڻي ڏڪرو؛ گان بکاڻي نار،
    برسات پڙي ڍاٽ تي، ڀلا ڍاٽين جا پار. (چوڻي)
    ڏيس: ڏيهه، ديس، ڳوٺ. بکاڻي: ساراھ ڪرڻ، واکاڻ ڪرڻ. ڏڪرو: ڇوڪرو. گان: ڳوٺ. نار:زال. پرس: مڙس. ڍاٽ: ڍٽ، ٿري علائقي جو نالو. پار: پرڪار، لڇڻ، ارڪان.
    ۱ - پٽ اهو ڀلو آهي، جنهن کي جڳ جهان چڱو چوي يا ٻيا به سندس واکاڻ يا تعريف ڪن. ھنڌين ماڳين ھاڪ ھجيس. اگر جتي ڪٿي بدنام ھوندو ته ڳوٺ ۾ ماڻھن جا بوھيارا ۽ پوليس جا ٽاھُو ڪڍ ھوندس. اھا دڙي ته تتل ھوندس پر ڌرتي به ٽامڻي ھوندس. لڪڻ لاءِ جاءِ نه ملندس.
    ۲ - زال به اها ڀلي آهي، جنهن کي پاڙو اوڙو ۽ سڄو ڳوٺ چڱو چوي. جنھن عورت مان پاڙو بيزار ھجي، سا ڳوٺ مان لڏڻ جو سبب بڻجي پوندي. سندس بدناموسيءَ سبب، ڪٿي به نڪ ڇپائڻ جيتري جاءِ نه ملندي.
    ۳ - ڍٽ تي برسات پوڻ سان، پلر جي پالوٽ ٿئي ٿي. پنھنجي کائڻ لاءِ انُّ ۽ مال لاءِ چارو ارزان ٿئي ٿو. مال سائو ستابو ٿئي ٿو ۽ کير مکڻ جام ٿئي ٿو. پئسو پنجڙ به بي-مکتو ھٿ اچي ٿو، جنھن سبب ڍاٽين جا لڇڻ ۽ افعال ڀلا نظر ٿا اچن.
    مطلب: ۱ - چڱي شيءِ اها آهي، جنهن کي ٻيا به چڱو چون.
    ۲ - پٽ اهو، جنھن کي ڏيھه ساراهي. زال اها، جنھن کي ڳوٺ ساراهي.
    ۳ - ماءُ بکاڻي ڏِڪرو، پرس بکاڻي نار. (ابتو) (۲) ص ۶۳.

    343. ڏينهان ڇلو نه ڪري، ڪڪڙ سانجهي وار،
    جوءِ پرائي پکڙي، مرد لهي نه سار،
    جو ويٺي ساٿ سمهي، اهي پنج ئي گينوار. (چوڻي)
    ڇلو: سنان، تڙ، وهنجڻ. پکڙي: پکڙن ۾، گهر ۾. ساٿ: ساٿي، سنگتي.
    گينوار: ڳنوار، بي عقل.
    ۱ - صبح جو سوير اٿي ڏندڻ ۽ سنان ڪرڻ ۾ صحت آھي. سستي ختم ٿيو وڃي ۽ بخت پاڻ ڀرائي ٿو. صبح جو سوير اٿي، سنان پاڻي نه ڪرڻ وارو مرد، مورک آهي.
    ۲ - ڪڪڙ جي بانگ ڏيڻ جو وقت، اسر ڌاري آھي. اسر بدران، اگر شام جو بانگ ڏئي ته سمجهبو؛ يا موڳو آهي يا بيمار آهي.
    ۳ - اشراف زال جو خاصو آھي ته پنهنجي گهر مان ڪاڏي به پير نه ڪڍي. سندس سونهن، گھر اندر پردو ڪرڻ ۾ آھي. جيڪا عورت پنھنجي گھر جي چانئٺ لتاڙي، پراون گهرن ۾ پئي ڦرڪا ڏيندي، تنھن کي ھر ڪو پيو بدچال سمجھندو.
    ۴ - مرد کي ئي زال جي سار لهڻي آھي. اگر ڪنھن شيءِ جي ضرورت اٿس ته کيس مھيا ڪري ڏيڻي آھي. اگر عورت جي چال چڱي ناھي ته کيس ڏاھپ ۽ سياڻپ سان ڌت ڪرڻ، مڙس جو ڪم آھي. اھي ڪم اگر مرد ٻين کي دانھون ڏئي ڪرائيندو ته ھڪ ڏينھن اھا زال ته ڦرائيندو پر پنھنجي پت به وڃائيندو. کيس ھر ڪو، نامرد ۽ بيوقوف پيو سڏيندو.
    ۵ - سنگتي ساٿي اچن ۽ ميزبان انهن جي سار سنڀار لهڻ بجاءِ لت کوڙي سمهي رهي ته ان جهڙو بي ڍنگو ٻيو ڪو به ڪونهي.
    مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل پنج خاصيتون، بيعقل ماڻهن جون آهن.
    ۲ - ڇلو مرون ڏينهن پڇري، ڪڪڙ سانجهي وار،
    جوءِ پرائي پکڙين، مرد نه لهي سار،
    پرس پراوا قرض کڻي، ڪري وڏا اُپڪار،
    جو ويٺي سٿ سمهي رهي، اهي پنج ئي گينوار.
    ۳ - ڏينهان ڇلو مرون، راتيان ڪڪڙ وار،
    نار پرائي ڪاڄ ۾، وڃي ڪُران ڌار،
    (يا) پراون پاڙن ۾، جانت نت وڃي نار،
    قرض کڻي ڪاوڙ ڪري، ايڏي سان اختيار،
    ويٺي سٿ سمهي رهي، اهي پنج ئي گينوار. (۱۲) ص ۱۵۰ ۽ (۸)

    344. ڏيڻ، روئڻ، ڏيهه ڇڏڻ، ٽيئي ٽول ڏکيا،
    قادر پنهنجي قدرت سين، هيئين هيٺ رکيا. (چوڻي)
    ۱ - ڏيڻ؛ سخاوت ڪرڻ، ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. پنهنجي شيءِ ٻئي کي ڏئي ڇڏڻ، جهڙي تهڙي جو نه بلڪ دل-واري ماڻهوءَ جو ڪم آهي.
    ۲ - روئڻ به ايترو سولو ڪم ناهي. ماڻهو، وڏي نقصان پوڻ کان پوءِ وڃي مس روئندا يا روئڻهارڪا ٿيندا آهن. ٻي صورت ۾ هر ڪو خوش رهڻ کي ئي ترجيح ڏيندو ۽ پسند ڪندو آهي. نقصان پوڻ تي، دل کي رنج پهچندو آهي. جنهنڪري انسان کان بي اختيار ڳوڙها وهي پوندا آهن.
    ۳ - وطن ڇڏڻ ڏکيو ڪم آهي. وطن سان اُنسيت، ڄمڻ شرط پيدا ٿئي ٿي. کيس پنهنجو محافظ ۽ مربي ڄاڻبو آهي. جنهن ڏر ۽ گهر ۾، جيڪو ڄائو آهي، تنهن کي پنهنجو پهريون اجهو ۽ سهارو سمجهندي، ساڻس محبت ڪندو آهي. کانئس جدا ٿيڻ تي کيس دلي چوٽ لڳندي آهي.
    مٿي ڄاڻايل ٽنهي ڪمن جو تعلق، براه راست دل سان آهي. دل کي تڪليف پهچائڻ وارا عمل آهن. ڇو جو قدرت واري، انهن جو تعلق، ازل کان، دل سان ڳنڍي ڇڏيو آهي.
    مطلب: ۱ - بخشي ڇڏڻ، دل تي پٿر رکي ڇڏڻ برابر آهي.
    ۲ - ڏيڻ، دل هيٺان آهن.
    ۳ - ڏيڻ، ڏکيو آهي.
    ۴ - ڏيڻ، ڏيهه ڇڏڻ، ڏيهي ڇڏڻ، ٽئي ٽول ڏکيا. (۴) ص ۲۴۳.

    345. ڏيھ ۾ ڏياري، ھروءَ ري گھرين ھوري. (پھاڪو)
    ڏياري؛ خوشيءَ جو ڏڻ. ھرو؛ غريب مارو ماڻھو. ھوري؛ وڇوڙي جو ڏک.
    ڏياريءَ جي خوشي اھو ملھائيندو، جنھن وٽ مال ملڪيت ھجي ۽ ڪھول ڪٺو ھجيس. جنھن وٽ نه مال، نه ملڪيت ۽ نه وري اولاد ھڪ ھنڌ ڪٺو ھجي، سو ڏياري ڪٿان ملھائيندو. قحط ساليءَ واري سال، جڏھن ھڪ گھر جا ڀاتي بيراجي علائقن ۾ ڪمائڻ ويندا آھن، تڏھن گھر خالي ۽ ويران نظر ايندا آھن. تن ۾ خوشيءَ بجاءِ، غم داخل ٿيندو آھي. وڇوڙي جا وڍ ۽ ويلن جي سار ۽ ھورا کورا ھوندي آھي.
    مطلب؛ ۱ - جنھن کي بک ۽ بيرازگاري تنگ ڪري، سو ڏياري ملھائڻ بجاءِ، ويڳاڻو ۽ ڏکارو ٿيو ھوري پيو ملھائيندو آھي. (۳۵) ص ۲۶۶


    ڊ

    346. ڊامڻ، گهوڙي کي آمڻ. (چوڻي)
    ڊامڻ: پاڻ مرادو ڦٽندڙ گاه جو قسم. آمڻ: چوب چيني. تُر-سرائي. لوھ جي سيخ وانگر ڪڙي، جيڪا گهوڙي جي لغام ڏيڻ وقت سندس وات ۾ پوندي آهي.
    ڊامڻ؛ ڏهرن واري سخت زمين ۽ ڀٽن جي لاهن تي ڏرڙن جي ڪناري واري سخت زمين تي ٿيندو آهي. ڊيگهه ۾ ٻه فوٽ کن ٿئي ۽ پن ڊگها ۽ نوڪدار ٿينس. ڏانڊيءَ مان تيليون نڪرنس، هر هڪ تيليءَ جي ڇيڙي تي ننڍو ٽي انچ سنهون سنگ ٿيندو اٿس، جنهن ۾ بند ٿيل پوشن اندر داڻا داڻا هوندا آهن. هيءُ گاهه ڍڳيون، مينهون، گهوڙا ۽ گڏهه کائيندا آهن. گانيون ڊامڻ کائڻ ڪري ججهو ۽ گهاٽو کير ڏينديون آهن، جنهن مان مکڻ گهڻو حاصل ڪبو آهي.
    ڊامڻ؛ گهوڙي لاءِ مرغوب گاه آهي. چرندو ته مست ٿي پيو منجهس چرندو. پيٽ جي ڀرجڻ جي خبر ئي نه پوندس. جڏهن اهڙو لذيذ گاھ، گهوڙي آڏو هجي ته پوءِ کيس وات ۾، تُر-سرائي به ڏيڻ گهرجي ته جيئن حد کان وڌيڪ نه کائي وڃي ته متان فائدي بجاءِ نقصان ٿيئس.
    مطلب: ۱ - ڊامڻ، ڳنڍير وغيرھ جي ڀيٽ ۾ سادو گاھ آھي پر، گھوڙي لاءِ، مرغوب غذا آھي. (۱۱) ۽ (۱۷) ص ۱۱۴.


    ڍ

    347. ڍائو ڪري آڻا ماڻا، بکئي وڃي ساهه. (بيراجي، چوڻي)
    ڳڻتي ۽ سوچ، احساس يا قدر، بک ڏک تي پيدا ٿيندا آهن. ڍَوَ تي غفلت ۽ غنودگي طاري ٿيندي آهي. نئين شيءِ جو تصور ذهن تي جُڙڻ جڙڻ جي ماڳ، ڏٺل ٻڌل شيءِ جو تصور به ذهن تان محو ٿي ويندي آهي. ڍايل کي، بکئي جي تڪليف جو احساس گهٽ ٿيندو آهي. جنھن ڪري کيس تنگ ڪري يا مٿس ٽوڪون ڪري مزا ۽ چونچلا پيو وٺندو آهي. جڏهن بکايل جو، ڍايل ۾ ڪم ڦاسندو آهي ته ڍايل پيو آڻا ماڻا ۽ ٺينگ ٽپا ڏيندو آهي. ڳالهائڻ لاءِ اگر ويساند ملندي اٿس ته سواءِ تنقيد ۽ تنقيص، طعني ۽ تنقيح جي ٻي ٻولي ڏانءُ نه ايندي اٿس.
    مطلب: ۱ - جيسين ڍائو مٿو کنهي، تيسين بکئي جو سِرُ وڃي.
    ۲ - جيسين سائو کڻي ساهه، تيسين سڃي جو وڃي ارواح.
    ۳ - جيسين ڍائو پيٽ کڻي، تيسين بکيو پيو کُرڙيون هڻي.
    ۴ - جيسين عراق مان ترياق اچي، تيسين نانگ-ڏنگيو مريو وڃي.

    348. ڍڳو ڇتو ٿيندو، ته به نٿ ڪو کائيندو. (پھاڪو)
    جانور به پنھنجي فطرتي حڪم تحت، انسان جا مطيع آهن. جڏهن کٽر يا اهنڊ ٿين ته انسان سان وڙهن پر ڪن حد بندين اندر. ان کان وڌيڪ حدون اورانگهي وڙهي نه سگهن. منجهن تڪويني طور تي جيڪا جبلت رکي وئي آهي، تنهن اندر رهندي، ورتاءُ ڪن. ان کان وڌي، آپي کان ٻاهر نه نڪري سگهن. ڪتو ڇتو ٿيندو ته ٻين کي چڪيندو، ڏهڙيندو يا گِگَ ڳاڙي متاثر ڪندو. ڍڳو ڍور پڻ ائين آهي. انهن جو ڇتو ٿيڻ پڻ، ٻين تي اثر انداز ٿئي. اگر اهي نٿ منجهه ناڪيلي هڻي سوگها ڪيا ويا آهن ته ڇتي ٿيڻ جي باوجود به ان ناڪيليءَ ۾ بند رهن. ان کي ٽوڙي نه سگهن.
    مطلب: ۱ - قدرت واري، هر ساهدار کي ڪنهن حد تائين ڇيڪ ڇڏيو آهي. ان کانپوءِ، اهو بيوس آهي، اها حد اورانگهڻ سندس وس کان ٻاهر آهي.

    349. ڍول نِه ڀول، ڪٽيا ڀلا. (چوڻي)
    ڍول: دهل. ڀول: عورت جو مخصوص عضوو، سارُ.
    ۱ - دهل، وڄائڻ ۽ هوشيار ڪرڻ خاطر هوندو آهي. وڄندو ۽ آواز تڏهن ڪڍندو، جڏهن ڏونڪي سان کيس ڪٽبو. بنا ڪٽڻ جي، نه آواز ڪڍندو ۽ نه ئي ڪنهن ڪم جو رهندو.
    ۲ - زال، گھر ۾ وٺي اچڻ جو به تڏهن فائدو پوندو، جڏهن ٻين گهرجن سان گڏ، سندس فطري ضرورت به پوري ڪجي. کيس اٽي، لٽي ۽ اجھي جي مائٽن وٽ کوٽي ڪو نه ھئي. البته جنھن ڳالھ جي ڪري گھر ڇڏيائين سي سندس حق پورا پورا ادا ڪرڻ گھرجن. ڇو جو مرد کي ساڻس سمھڻ کان سواءِ، اولاد نه ٿيندو ۽ شادي ڪرڻ جو فائدو ئي نه ملندو.
    مطلب: ۱ - جنهن شيءِ مان جهڙيءَ طرح فائدو ملي، تهڙيءَ طرح حاصل ڪجي. (۲۳)

    350. ڍؤ جهلي هڪ ڀاڀڙو، ٻيو مينھن. (چوڻي)
    ڀاڀڙو؛ ٿر جي هندن جي ذات.
    ۱ - فطرتي طور تي سر مٿان آيل ڏک ۽ سک، انسان جي چھري يا جسم جي عضون مان به پيو بکندو آھي. سک ھوندس ته پيو ٺينگ ٽپا ڏيندو. ڏک ھوندس ته مرجھايو ۽ ڪومايو پيو ھوندو. لڳندو ته مڙس ڄڻ اڌ ٿي ويو آھي. اھڙيءَ طرح، سڃائي ۽ سڻڀائي به اٿا-ويٺي ۽ ڳالھائڻ ٻولھائڻ مان پيون ظاھر ٿينديون. زبان سان ڀلي ڪيڏو به لڪائي پر سندس باڊي لئنگئيج، کيس اگھاڙو پئي ڪندي. ان جي برعڪس، ھندن جي ھڪ ذات ڀاڀڙو آھي. ڀاڀڙن جو انت لھڻ به ڏاڍو ڏکيو آھي، خاص طور تي پئسي وارن جو. ڇو جو کين ڪيترو به ناڻو هٿ اچي، ٻين کي لکا نه ڏيندا آھن.
    ۲ - ھر ساھدار، وت ۽ بوتي آھر کائيندو ۽ ھضم ڪندو آھي. ھٺ کان واڌو کائيندو ته ھضم ڪرڻ لاءِ پيو ٺينگ ٽپا ڏيندو، جنھن مان ظاھر ٿيندو ته حد کان وڌيڪ مال ڊوھي ويو آھي. اگر گھٽ کائيندو ته لھڪاربو ويندو ۽ ساڳائيندو ڪو نه. ان مان به پيو ظاھر ٿيندو ته کائڻ جو ڏچر آھي. ان جي برعڪس، مينھن اھڙو وھٽ آھي جو گھڻو کائي يا گھٽ، پر ھلڻ ۽ ھضم ڪرڻ لاءِ سندس ساڳي ٽور ھوندي. جنھنڪري ڍؤ تي به، پاڻ جهلي جهلي پئي هلندي.
    مطلب: ۱ - ڍؤ به ڪو ڪو جھلي سگھي.
    ۲ - مينھن ڍائي هوريان هلي، رڍ ڍائي ٺينگ ٽپا ڏئي.

    351. ڍؤ ڪميڻو، غربت اشراف. (چوڻي)
    هر ساهدار کي پيٽ ساڻُ آهي، جيڪو کيس ڀرڻو آهي ته جيئن جِيئي سگهي. اهو ڀربو، هوند تي. سڃ تي، ڪين ڀرجي سگهندو. هوند، شاهوڪاريءَ ۽ ڍَوَ جي نشاني آهي. جڏهن پيٽ ڀريل هوندو آهي ته ڳڻتيءَ/ سوچ تي پردو اچي ويندو آهي. جڏهن سوچ مُئي، ته پوءِ نه ڳالهائڻ ۾ بري ڀلي گفتي جي خبر پوندي آهي ۽ نه وري ورتاءَ ۾ چڱي مَٺي رويي جي خبر پوندي آهي. انڌ جي گهوڙي تي، ڍايل پيو دڙيون ٽپندو آهي ۽ ڪميڻائپ وارا ڪڌا ڪم ڪندو آهي.
    ان جي برعڪس، غربت سبب، گهٽ ڍايل ساهدار، پنھنجي پيٽ جي ڳڻتيءَ ۽ ڌنڌي جي لوريءَ ۾ ورتل هوندو آهي. سڄو ڏينھن فڪرات ۽ سوچ، سندس خيالات کي ڇنڊيندا ڇاڻيندا آهن پيا. جنھن سان کيس شرافت ۽ بداخلاقيءَ منجهه فرق، چٽو نظر ايندو آهي. سندس گفتار ۽ رويا، ماٺار ۽ ميٺ وارا ٿي پوندا آهن.
    مطلب: ۱- ڍاول دڙيون ٽپي، هيڻو هيٺانهينءَ سان هلي.
    ۲ - دولت ۽ شرافت، گڏ ڪين رهي سگهندا.

    352. ڍيڍ ڍيڍان را پرامڻا، تي گش ۾ ناکيو گهي،
    آمان شامهان شٻڙڪا ماري، مشلا جاڻي اي تماشو ڪي.
    (چوڻي)
    گِش: رٻ ۾ ڌونئرو/ ڌڻيو (کير، کير مان ٺهيل شيءِ) ملائڻ سان ٺهندي آهي. ڍيڍ: مينگهواڙ.
    هڪڙو مينگهواڙ، پنهنجي ڪنهن مائٽ مينگهواڙ وٽ اچي مهمان ٿيو. ميزبان، مهمان آڏو گش آڻي رکي ۽ منجهس گيهه پڻ وڌائين. پوءِ ٻئي ڄڻا، گيهه وڌل گِش جي ڀريل ٿانءَ آڏو، آمهون سامهون ٿي ويٺا ۽ لپون ڀري وات ۾ شٻڙڪا ڪري پئي کاڌائون.
    اهو لقاءُ، هڪڙي واٽهڙو مسلمان پڻ لنگهندي ڏٺو. تنهن سندن لپون ۽ شٻڙڪا ڏسي، تعجب مان پڇيو؛ ”هيءُ وري ڪهڙو تماشو آهي؟“
    مطلب: ۱ - ساڳي شيءِ، هڪڙن لاءِ دلپسند ته ٻين لاءِ نفرت آميز. (۲۴)

    353. ڍينگھر؛ وڏي ڍڪ. (پھاڪو)
    غريب ۽ مارو ماڻھو، گھرن کي چوڌاري ڍينگھرن جو لوڙھو ڏئي، عالم پناھ جوڙيندا آھن. اھا عالم پناھ، کين چور چڪار، اوپري ماڻھو ڇيڻو، ڪتي ٻلي کان بچاءُ يا ڍڪ ھوندي آھي. (۳۵) ص ۲۵۳
    مطلب؛ ۱. رب رکي ته ڪکن منجھ به حفاظت سان رکي.
    ۲. غريب ماڻھن لاءِ، ڍينگھر به ڄڻ ڪوٽ.


    ر

    ر

    1. رات آنڌاري، ٻَڙڌَ ڪارا، گوچريو کيتر، پگان ۾ وارا،
    ڏوسي ڪوهَڙِ، اڱڻئي سارا؛ اهي پنج ئي پيٽ ٻارا.
    (چوڻي)
    ٻڙڌ: ڍڳو. گوچريو: ڳوٺ سان لڳ. کيتر: ٻني، پوک. پگان: پَيرن ۾. وارا: وارَ. ڏوسي: زال. ڪوهڙ: کٽ پٽ ڪندڙ، واتراڌي. اڱڻئي: اڱڻ، اڱڻ سان گڏ. سارا: سالا، زال جا ڀائر. پيٽ ٻارا: پيٽ تي بار، اوٻر نه ڪڍي سگهڻ.
    ۱ - ڪارو ڏاند، ڪاري رات ۾ جهنگ ۾ رلي وڃي ته کيس ڳولهڻ مشڪل آهي.
    ۲ - ڳوٺ سان لڳ زمين هوندي ته ڪنهن نه ڪنهن جو مال پيو منجهس پوندو ۽ رڳو جهيڙي جو سبب ئي رهندو. ڀيل تنهن کان سواءِ ٿيندي. هاريءَ کي اڻ تڻ ۽ اوجاڳا ڪرڻا پوندا.
    ۳ - پيرن ۾، وارن ڦٽڻ جي بيماري ٿيندي ته ماڻهو اٿي ۽ گهمي ڦري نه سگهندو.
    ۴ - زال کٽ پٽ ڪندڙ ۽ ڪروڌڻ هوندي ته به گهر جو چرخو ڪو نه هلندو.
    ۵ - سالن جو گهر گڏ يا اڱڻ اڱڻ سان هوندو ته، زال کي سچ، منھن تي چئي نه سگهبو. اندر جو سور اندر ۾ ئي رهجي ويندو.
    مطلب: ۱ - پنج ئي ڳالهيون، پيٽ تي بار/ تور ٿي بيهن ٿيون.
    ۲ - رات اونداهي ڏاند ڪارا، پوک جي ڀر تي ڪانبن وارا (چور، فقير)،
    ٻار ننڍا، مٿان پون پارا، ڪُلڇڻي نار، ساهراڻا پاڙا.
    ۳ - ڏند ڀڳا، ڏاڙهي اڇي، وهن گِگن نارا، اهي ٽيئي پيٽ ٻارا.
    ۴ - رات انڌاري، ٻڙڌ ڪارا، کيٽ اجهوري، پيرن وارا،
    نار ڪُلکڻي، پاڙي ۾ ساهرا، اهي پنج ئي پيٽ ٻارا.
    ۵ - ڪوڙو ڏاند، نافرمان نينگر، عورت گهمي پاڙا،
    ٻني ٻج نه لاهي، ليٽي لڱ اگهاڙا، اهي پنج ئي پيٽ ساڙا.
    ۶ - رات اونداهي، ٻڙڌ ڪارا، پوک جي ڪپ تي ڪانبن وارا،
    ٻار ننڍا مٿان پون پارا، زال ننڍي ساهراڻا پاڙا،
    رستو تتو پير اگهاڙا، اهي پنج ئي پيٽ ساڙا.
    ۷ - رات انڌاري، ٻڙڌ ڪارا، رن ڪُهاڙ/ نانگي، پاڙي ۾ ساهورا،
    کيٽ اجهوريو، پڳ ۾ وارا، پنج ئي پيٽ ٻارا. (۱۲) ص ۱۴۷.

    2. راجا بيوپاري، پرجا ڀيڪاري. (گجرات، پھاڪو)
    راجا يا بادشاهه جو ڪم آهي ته هر ڪم تي نگاهه رکي، عدل ۽ انصاف کي قائم رکندي حڪمناما جاري ڪري ته جيئن ملڪ ۽ ملت جو ڪار-وهنوار، اعتدال سان هلندو رهي. اگر حاڪم، لالچي ٿي پوندو ۽ هر جڳهه تان پنھنجي پيٽ پالڻ جي لالچ ڪندو ته هڪ ڏينھن پاڻ ته امير ٿي ويندو پر پرجا يا رعيت ويچاري ڪمزور ۽ پينو ٿي ويندي. ڇو جو حاڪم، ڏنڊي جي زور تي، سندن ملڪيت ڦٻائي ويندو.
    اهڙيءَ طرح اگر حاڪم، ملڪ اندر ڪارخانا هڻندو يا واپار جي ادارن تي قابض ٿيندو ته پاڻ امير ٿي ويندو. سستي اگهه تي خام مال ۽ مزور وٺندو ۽ مھانگي ملهه تي ٺھيل مال، پيو وڪرو ڪندو. نتيجي طور، عوام غريب ۽ پينانگ ٿي ويندو. بادشاهه پاڻ ويندو ڪارخانن منجهان ڪارخانا ٺاهيندو.
    مطلب: ۱ - اگر بادشاهه واپار جا ذريعا به پنھنجي قبضي ۾ آڻيندو ته عوام منجهه پينڙيات گهڻا ٿي پوندا.
    ۲ - بادشاهه کي، طاقت جي زور تي، انصاف ۽ عدل کي قائم ڪرڻ گهرجي. لالچ ۾ پوڻ نه گهرجي.

    3. راجا رٺو ته گھوريو، پر مند نه رسي مينھن جي. (چوڻي)
    راجا راضي ھوندو ته درٻار ۾ گھرائيندو. اڃا راضي ٿيو ته ڪو انعام اڪرام ڏيندو. زندگيءَ جون ضرورتون پوريون ڪو نه ڪري سگھندو. ان لاءِ پنھنجا ھٿ پير ڪم ايندا. اھي به تڏھن جڏھن رب راضي ٿئي. برسات موڪلي، زمين منجھان نباتات پيدا ڪري. اگر اھو ناراض ٿئي ته مند به رسي وڃي. اوڀڙ ڪين اڀري. مارو ماڻھو ڏڪر سببان مدد لاءِ محتاج ٿيو وڃي. ان حالت ۾ راجائون پڻ پريشان ۽ محتاج ٿي وڃن. انھن جو رسڻ، مند جي رسڻ جي ڀيٽ ۾، تمام ٿورو نقصان نه ڏيندو. (۳۵) ص ۲۷۱
    مطلب؛ ۱ - عمر نيئي نيئي مارئي نيندو، ٿرئون ته نه ٿيلھيندو.

    4. راجا هٺ، ٻال هٺ، تريا هٺ ۽ جوڳ هٺ. (چوڻي)
    هٺ چئن ڄڻن کي گهڻو ٿيندو آهي. هڪڙو راجا يا بادشاه کي. ڇو جو وٽس اڻ ميا اختيار هوندا آهن. وڻيس ته ڪنهن کي ڦاھيءَ تي چاڙهائي ڇڏي، وڻيس ته ڪنهن کي ڦاسيءَ کان موٽرائي ڇڏي. اھي ڪم سندس لاءِ، فقط زبان خرچ آهن.
    ٻيو ضد آهي ٻار کي. جڏهن ضد تي چڙهيو ته چوندو؛ هاڻي پاڻيءَ جي وٽي ۾ مون کي چنڊ ڏيو. کنڊ، ملايل کير مان ڪڍي، ساڳيو کير پيئڻ لاءِ ڏيو. اهڙا نخرا ان ڪري ڪندو جو سمجهه گهٽ اٿس ۽ مائٽن جو راض وڏو اٿس. هر ڪو سندس رايو رکي ٿو، جنهن ڪري هر ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌي بيھي رهندو آهي.
    ٽيون نخرو ۽ ناز يا هٺ، گهوڙيءَ کي ٿيندو آهي. جوانيءَ/ مستيءَ ۾ ئي ترندي پيئي ايندي.
    چوٿون هٺ، جوڳين کي هوندو آهي. کين پنهنجي جوڳپائيءَ تي، ماڻهن جي انڌي عقيدي سبب، وڏو بانور هوندو آهي. جنهن ڪري هٺ ڪندا آهن.
    مطلب: ۱ - جنهن کي اڻ-پڇيا اختيار ملندا آهن سو هٺئون هيٺ نه ٿيندو آ.
    ۲ - ڀيٽيو: ناري هٺ، بادشاھ هٺ، ٻاري هٺ، ڪڏهن نه هٽ. (۲)

    5. راجپوتي ذات ڏنڊي وانگر، ڀڄي پر جهڪي ڪا نه. (چوڻي)
    راجپوت؛ راجائن جو اولاد آهن. سندن پاڙا، تمام گهڻا آهن. خانداني نسل مان هئڻ سبب، سندن طبيعت ۾ شاهاڻي خوءِ اچي ويندي آھي، جنھن سبب سندن خيال پڻ شاهاڻا ٿي پوندا آهن. بهادر قوم پڻ آهن. بهادريءَ وارن معاملن ۾، اڳڀرا ۽ ضدي ٿيندا آهن. جيئن ڏنڊي جو ڪم آهي؛ دشمن مٿان وسڻ ۽ وسندي وسندي ختم ٿي وڃڻ. ڏنڊي جو وسڻ کان سواءِ ٻيو ڪم ئي ناهي. اهڙيءَ طرح، راجپوت پڻ آهي. دشمني ۽ جنگ ۾ وڙهندي، مرندو مري ويندو پر دشمن آڏو نه جهڪندو ۽ نه ئي ھيڻي ٻوليندو.
    مطلب: ۱ - راجپوت، دشمن آڏو سر نِوائڻ سکيو ئي ناهي.
    ۲ - راجپوت مرندو مري ويندو پر دشمن آڏو، پنهنجو سِر نه نِوائيندو. (۱) ص ۳۳۵.

    6. راڄ پوپان ٻائي رو، ليکو رائي رائي رو.
    (راجسٿان، چوڻي)
    پوپان ٻائي، هڪ ڪنڀر جي زال هئي، جيڪا کنڊيلي راڄ جي جيپور نالي علائقي ۾ تمام گهڻي مشهور شخصيت هئي. سندس راڄ ۾ هر فصل، هڪ ئي اگهه تي وڪامندو هيو. جنهن ڪري ’پوپان ٻائيءَ جو راڄ‘ گفتي جي معنيٰ ’انڌير گردي‘ يا ’سينه زوريءَ جو زمانو‘ ورتي ويندي آهي. ان دور ۾ ٽوڪ طور ائين به چوڻ ۾ آيو؛ ”ٺڪر ٺوٻر پاسي ڪريو، پوپان منهنجي نچي!“ يعني پوپان کي ميدان ڪرڻ لاءِ، کليل جاءِ ڏيو ته پنهنجي انڌير گرديءَ جو جلوو ڏيکاري.
    ڪن روايتن مطابق؛ پوپان، پنهنجي انهيءَ بد-مزاجيءَ سبب، سوليءَ تي چاڙهي وئي هئي. ڪن روايتن مطابق؛ پوپان ٻائي، گجرات جي راڄ گهراڻي ۾ ڄائي هئي. گجرات جا راجائون پنهنجي فراخ دليءَ سبب، مشهور هيا. پوپان جي دل وري مڙني کان فراخ هئي، جنهن مان نوڪرن غلط فائدو ورتو. نتيجي طور راجائن جي مان ۽ مرتبي، اوج ۽ دٻدٻي ۾ گهٽتائي اچي وئي.
    مطلب: ۱ - ٺڪر ٺوٻر پاسي ڪيو، پوپان منهنجي نچي.
    ۲ - انڌير نگري، راجا چرٻٽ، نڪا ساهمي نڪو وٽ، ڏي به ٻڪ وٺ به ٻڪ.
    ۳ - پوپان ٻائي پرگهٽ هووي، نَوي چلاوي ريت. (۱) ص ۲۴۸-۴۹.

    7. راڳي، پاڳي، پارکو، ناڙا ويد، نياءُ،
    سيکاريا نه سکيا، اُڪلي منجهه هنياءُ. (ڍٽ، چوڻي)
    راڳي: راڳيندڙ، ڳائڻا. پاڳي: پيرا کڻندڙ، پيري، پيراڍو. ويد: حڪيم، طبيب. نياءُ: انصاف ڪندڙ، فيصلا ڪندڙ. هنياءُ: دل مان.
    دنيا ۾ سمورا ڪم تجربي جي بنياد تي يا استادن کان سکڻ سان يا ڪتابن ۾ پڙهڻ سان سکي وٺبا آهن. ڪي اهڙا ڪم به آهن، جيڪي سکڻ سان تيستائين سکي ڪين سگهبا آهن، جيستائين رب پاڪ جي طرفان، اندر ۾ قدرتي طور صلاحيت نه رکيل هوندي آهي. جهڙيءَ طرح؛
    ۱ - راڳ لاءِ سريلو آواز ۽ فن هئڻ ضروري آهي. اھي ٻئي نه هر ماڻهوءَ وٽ آهن ۽ نه سکڻ سان ھٿ ايندا آهن.
    ۲ - پيرو سڃاڻڻ به ڪنهن ڪنهن جو ڪم آهي. ھر ماڻھوءَ منجھ اھا صلاحيت يا لياقت نه ھوندي آھي.
    ۳ - بري ڀلي جي پرک رکڻ به، جنهن تنهن جو ڪم ناهي.
    ۴ - حڪمت ۽ طب به قدرتي ڏات آهي.
    ۵ - عدالت ڪرڻ لاءِ به ڏات جي ضرورت آهي، جيڪا رب پاڪ ھر ماڻھوءَ ۾ وديعت نه ڪئي آھي.
    مطلب: ۱ - مٿيان ڪم، سکڻ سان نه پر قدرتي ڏات سان ئي ڪري سگهبا آهن.
    ۲ - راڳ ڳائڻ، پيرو کڻڻ، پرک رکڻ، جراحي، طب، علم ۽ انصاف ڪرڻ، سکڻ سان نه ايندا آهن. بلڪ ڏاتار جي ڏنل ڏات آهن. (۲) ص ۶۰.

    8. رامديو جا چيلا؛ ڍيد ۽ چمار. (مارواڙ، چوڻي)
    مارواڙ جي علائقي ۾، رامديو نالي هڪ وڏو بهادر شخص ٿي گذريو آهي. ڀئروَ نالي هڪ ڪميڻي شخص کي مارڻ بعد، رامديو چؤطرف مشهور ٿي ويو. هندو ۽ مسلمان، سڀئي کيس ”رام شاه پير“ يا ”راما پير“ جي نالي سان پوڄڻ لڳا. ۱۵۷۲ع ڌاري، رامديو مارواڙي علائقي جي روڻيچا ڳوٺ ۾ جيئري سماڌي ورتي/ پاڻ کي دفنايو. تنهن کان پوءِ راماپير، ديوتا طور مشهور ٿي ويو. سندس نالي پويان، اڄ تائين ميلا ملاکڙا لڳندا آهن. کيس پوڄڻ وارن ۾، گهڻو ڪري هندن جي گهٽ ذات وارا شخص ايندا آهن. جن ۾ اڪثريت، ڍيڍن ۽ چمارن جي آهي. سندس سمورا ڀڳت، چيلا يا مريد، چمار يا ڍيڍ ئي آهن. سندس پوڄاري ۽ ساڌو پڻ چمار ٿيندا آهن.
    مطلب: ۱ - جهڙو گرو، تهڙا چيلا.
    ۲ - گرو مرائي گانڊ ته چيلا به چِتو. (۱) ص ۲۴۸.

    9. رام رام جپنا، پرايا مال اپنا. (چوڻي)
    جيڪي ديندار يا مذھبي ماڻھو ھوندا آھن، سي پنھنجي مذھب جي ڏسيل واٽ تي پورو پورو ھلڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. اھي ان ھلت سبب، مذھبي طور پنھنجو مثال پاڻ ھوندا آھن. کين ڏسي، ٻيا ماڻھو به ان مذھب جي تعليم کي پرکڻ ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. اگر انھن ماڻھن ۾ عيب آھن ته اھي عيب به ھر ڪو ان مذھب جا سمجھندو آھي. ڇو جو ھر مذھب، چڱي واٽ تي ھلڻ جي تلقين ڪئي آھي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته سندس ڪي پيروڪار، ڪڏھن ڪڏھن لالچ ۾ اچي، پنھنجي لاءِ سولائيءَ ۽ مال ميڙڻ واريون واٽون گھڙي وٺندا آھن. تن کي مذھب خود ته ڌڪاري ٿو پر عام ماڻھو پڻ چڱي نگاھ سان نه ٿا ڏسن.
    جيڪو ماڻھو، سڄو ڏينھن ويٺو رام جو نام جپي، تنھن ڏانھن ڪنھن جو به گمان نه ويندو ته ڪو بي ايماني دل ۾ اٿس. ھر ڪو کيس دنيا کان بيزار ۽ اللھ وارو پيو سمجھندو. اگر اھڙو ماڻھو، پرايو مال ھڙپ ڪري ته عجب ضرور لڳندو.
    مطلب: ۱- بر مک رام رام، در دل گائو و خر، اين چنين تسبيح چہ دارد اثر.
    ۲ - منھن ۾ ملان، اندر ۾ ابليس.
    ۳ - منھن موسيٰ جھڙو، اندر ابليس جھڙو.
    ۴ - رام رام ڪيتي جا، پرايا مال پيتي جا. (سرائڪي)

    10. راوڙو گھوڙو، روھي رو ڪک، واکاڻيان نه واکاڻجين. (پھاڪو)
    راوڙو؛ راجا جو، بادشاھي. روھي؛ آزاد سيم، ٻيلو. ڪک؛ گاھ.
    راجا جي گھر جو گھوڙو، روھيءَ جي ڪکن/ گاھ جي ساراھ ڪرڻ يا نه ڪرڻ ساڳي ڳالھ آھي. ڇو جو بادشاھي گھوڙو، تاتيل تمام ڀلو ھوندو. تنھنڪري ميدان تي لٿي کان پوءِ گھڻن گھوڙن کي دڳ ۾ ڇڏي ويندو. اھڙيءَ طرح ٻيلي يا آزاد رک اندر، ڪو جانور ويو ئي ناھي، ان جي گاھ کي ڪنھن مال چڪ ئي نه ھنيو آھي ته ان ۾ کوٽ ئي نه آئي ھوندي. ھاڻ انھن ٻنھي جي، ان کان وڌيڪ ڪھڙي تعريف ڪجي. (۳۶)
    مطلب: ۱ - جنگل مين مور ناچا، چي؛ ڪس ني ديکا؟

    11. رٻڙي ٿانرا رونس، بساران نبسرين. (چوڻي)
    ڇاڇري جو هڪڙو سيٺيو، هڪ دفعي گهمڻ جي ارادي سان آگري وڃي نڪتو. هڪڙي واقفڪار مارواڙي سيٺ وٽ وڃي مهمان ٿيو ۽ رات جو جڏهن ماني آئي ته اندر ۾ انومان ڪيائين؛ ”آگري جي سيٺ جي گهران ماني آئي آهي، سا ته الائي ڇا هوندي؟“
    وڏي چاھ ۽ سڪ مان ڍڪ لاٿائين ته ٻوٿ وڃي ڀِت سان لڳس. سندس توقع جي خلاف، اندران فقط رٻ نڪتي. ڏسي هيانءُ ئي ڀرجي ويس. مانيءَ مان ئي کڻي هٿ ڪڍيائين.
    ”رٻڙي ٿانرا رونس، بساران نبسرين،
    ڇڏي ڇاڇرا پرهي، ڏي ڏهران تي ڏوس،
    ڪري سؤ سؤ ڪوس، آئي پنهنجي آگري.“
    وري ڳوٺ ڏي منهن ڪري چوڻ لڳو؛
    ”رٻ تنهنجا رونشا، وساريي نه وسرن،
    ڇڏي ڇاڇرو پري، ڏنم ڏھرن تي ڏوھ،
    ڪري سوين ڪوھ، آئينءَ پنھنجي آگري!“
    مطلب: ۱ - جيڪو نصيب ۾ آهي، ان کان گهٽ وڌ نه ملندو.
    ۲ - توڙي وڃي روم، ته به نصيبان اڳرو،
    ڍوڍي مٿان ٿوم، لکيئي لوح قلم ۾.
    ۳ - اي دال! مان ته گاڏيءَ ۾ چڙهي آيم!
    تون ٻڌاءِ! تون ڇا ۾ چڙهي آئينءَ. (۵) ص ۶۳.

    12. رت؛ راڻو آ. (پهاڪو)
    رت، هر ساهدار منجهه هوندو آهي. جنهن جانور ۾ تازو توانو رت آهي، اهو جانور سوکو ۽ خوش ليکبو آهي. جنهن ۾ رت ناهي يا رت جي ڪمي اٿس، اهو ڪمزور ۽ بيمار هوندو آهي. سوکو ۽ خوش جانور، ڏھڻ ۽ ڪهڻ، ڄڻڻ ۽ وڻڻ جي ڪم ايندو آهي. بيمار ۽ ڪمزور، پالڻ ۾ به مهانگو پوندو آهي.
    ھتي رت مان مراد، بدن ۾ سگهارو مال آھي، جنھن کي ڏھڻ سان منجھانئس کير جام ڏڀي ۽ ڪھڻ سان منجھانئس گوشت جام لھي.
    راڻو، بادشاهه هيو. مومل جو ساڻس عشق هيو. سڄي دنيا کي تياڳي ساڻس لونءَ لاتائين. بهادر ۽ وڏي پهچ وارو هيو. جنهن سبب، مومل جي مٿان سندس سائٿ ٿي پئي.
    رت يا مال، پڻ راڻي بادشاه وانگر آهي. ٿر اندر جيترو، مال متاع ڪم اچي ٿو ۽ ڏکئي وقت ۾ جيترو مٿس گذران ٿئي ٿو، اوترو ڪنهن ٻيءَ شيءِ منجهان نه ٿو ٿئي.
    ٿري، ٿر اندر جيتري مال متاع جي سار سنڀار لهن ٿا ۽ ٽهل ٽڪور ڪن ٿا، اوتري راڄ وارا پنهنجي راجا يا راءِ جي مس ڪندا هوندا.
    مطلب: ۱ - تر جيترو رت؛ جبل جيتري پريت.
    ۲ - رت؛ مٽ عزيز، راجائن کان وڌيڪ پيارو آهي.
    ۳ - مال کي هر ڪو راڻي وانگر مان ڏيندو آهي.
    ۴ - رت، رت آ.
    ۵ - ڏڀي به رت، جڀي به رت. (ساھتي)
    ۶ - سون جي رتيءَ کان، رت جي رتي چڱي. (ٿر)
    ۷ - ناڻي کان، چوپايو مال ڀلو آهي.
    ۸ - سون کان، لڱن ۾ طاقت هئڻ ڀلي آهي.
    ۹ - رت جي رتي، محبت جو خرار. (ٿر)
    ۱۰ - رت جو ٿورو رشتو به وڏي ۽ گهاٽي دوستيءَ کان وڌيڪ آهي.
    ۱۱- طاقت وارو ۽ رت وارو جانور، دوستيءَ کان وڌيڪ ڪم ايندو آهي.
    ۱۲ - رت جي رتي، اٺ جيڏي پريت.
    ۱۳ - رتيءَ جيترو رت، پربت جيتري پريت.

    13. رت نان ئي رونٻڙي لڳسي. (پهاڪو)
    رونٻڙي: رُمي، سئي، رت ڪڍڻ جي سئي.
    جڏهن هڪڙي ماڻهوءَ کي رت کپندو آهي ته ان لاءِ ان ماڻهوءَ کان رت ورتو ويندو آهي، جنهن جي رت جو گروپ ساڳيو هجي ۽ جسم سگهارو ۽ متارو هجيس. ڪمزور ۽ بيمار جيو مان رت نه ڪڍبو آهي. ڪمزور کان رت ڪڍبو ته نڪرندو ڪو نه. نڪرندو ته ڪمزور، چيڪندو ۽ روئيندو. ڏک ۽ ڪمزوريءَ ۾ جلد مري ويندو. هڪ کي بچائڻ لاءِ، ٻئي جو ساھ نِيڻ، چڱو ڪم ناهي.
    اهڙيءَ طرح قرض به ان کان وٺبو، جنهن وٽ مال جھجهو هجي ۽ دل سخاوت واري هجيس. سڃي، ڪنجوس ۽ پوءِ-ڍائي کان ڪو نه وٺبو. گهرڻ سان ملندو ته ڪو نه پر بيعزتي پڻ ٿيندي.
    مطلب: ۱ - هوند واري وٽان، مراد پوري ٿيندي آهي.
    ۲ - منهن ڏسي، مٺائي گهرجي.
    ۳ - چور به ڀريل ڀڪيل گھر ۾ کاٽ ھڻندو آھي.
    ۴ - رت کي رمي لڳندي آهي.
    ۵ - رت ڏسي ڀلي، سُئو هڻجي.
    ۶ - منھن ڏسي، مٺائي گهرجي.
    ۷ - ڀيٽيو؛ رت ڏسي، رُمي هڻجي. (۶) ص ۱۱۱.

    14. رتيءَ بن رڌ، رتيءَ بن سڌ،
    رتيءَ بن جوڳ، اجوڳ جتي ڪا،
    رتيءَ بن راج، رتيءَ بن پاٽ،
    رتيءَ بن ڀائي، نه ماني بات ڪسي ڪا. (چوڻي)
    رتي: مڻيا، عقل، دماغ، ميڄالو، ڏَيا، آڳاٽي دور ۾ تور جو وٽ. رڌ: ڌنڌو، رڌل هئڻ. سڌ: سمجهه. جوڳ: علم، ڄاڻ. اجوڳ: جھالت، اڻڄاڻائي. جَتي: ستي جتي، ست سيل واري. پاٽ: پُٽ، اولاد. ڀائي: ڀاءُ، برادر.
    ۱ - رتي يا ڏيا، جنهن مڙس ۾ ناهي، سو به بيڪار ۽ زال جو مڄو هوندو آهي. اندر-ٻاهر، اٿڻ-ويهڻ جي کيس خبر نه پوندي آهي. زالن جي اشاري تي پيو نچندو آهي.
    ۲ - عقل يا دماغ کان سواءِ، ڪو به ڌنڌو ڪارگر ناهي. منجهانئس فائدي بجاءِ نقصان پوندو. رتيءَ سان ئي ماڻهو سپوت ٿئي ٿو. بغير رتيءَ جي ڪپوت آهي.
    ۳ - علم ۽ ڄاڻ به فائدو تڏهن ڏيندا، جڏهن ٻين جي ڀيٽ ۾ پاڻ وٽ عقل ۽ دماغ سوايو هوندو. کٽل علم کان جهالت ڀلي آهي. رتيءَ وارو ئي چڱيءَ طرح جوڳ پچائي سگهندو. بغير رتيءَ جي پچايل جوڳ، اجوڳ ئي رهندو.
    ۴ - عورت به ستي جتي ۽ ست سيل قائم رکندڙ تڏهن آهي جو وٽس ڏاهپ ۽ ڏيا آهي. بغير دماغ واري، مٺڙين ڳالهين ۾ لوڀجي، لُوپجي ست سيل وڃائي ويهي ٿي.
    ۵ - عقل ۽ ڄاڻ کان سواءِ، راڄ ڀاڳ وٺڻ ۽ مٿس حڪومت هلائڻ ڏکيو آهي. مڙني کي ميڙي، ساڻُ کڻي هلڻ ۽ هڪ ئي راڄ اندر هار جي مڻين وانگر پوئي، هڪ ئي لڙهه ٺاهي هلڻ، مت کان سواءِ اهنجو آهي. جنهن بادشاه کي رتي ناهي، ان جي حڪومت جو شيرازو وکري ٿو وڃي.
    ۶ - جنھن منجھ ڏيا ناھي، تنھن جي ڳالھ ته سڳو پٽ به مڃڻ لاءِ تيار ناھي.
    ۷ - جنهن کي عقل ۽ ميڄالو ناهي، ان جي ڳالهه ته سڳو ڀاءُ به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.
    مطلب: ۱ - مڙس ته رتي.
    ۲ - علم کان سواءِ انسان، انڌي جي آچار آهي. (۲) ص ۲۷۵.

    15. رپيو جو ڀيلڻ ري کڙي جهڙو. (پهاڪو)
    روپيو: ڊينگلو، ٺڪر وارو روپيو. جو: ڏس. ري؛ جي.
    ڊينگلو، رپئي جو سڪو، اوائلي دور ۾ چانديءَ مان جڙندو هيو. هاڻي به اڇي ڌات مان جڙي ٿو. ان جي ڀيٽ، سنڌ ۾ آباد قديم قوم، ڀيل جي عورت جي کڙيءَ سان ڏني وئي آهي. جنهن مان ڀيلڻ عورت جي سونهن مراد آهي.
    ڀيلڻ عورت جي کڙي، رپئي وانگر اڇي، ننڍي ۽ گول هئڻ سبب، رپئي جي مَٽُ آهي. اڇو ڊينگلو رپيو، سھڻي ڀيلڻ جي کڙيءَ جھڙو آهي.
    مطلب: ۱ - رپيو، قيمتي وٿ آهي.
    ۲ - رپئي جو وڏو قدر آهي. (۶) ص ۱۱۱.

    16. رسوئيو، ڇپني ۾ ئي بک ڪنهي مري. (چوڻي)
    رسوئيو: بورچي . ڇپنو: ڇپن، ڇاونجاھ، سنبت وارو سال ۱۹۵۶ جنهن ۾ ٿر اندر وڏو ڏڪار پيو. ئي: به. ڪنهي: ڪين.
    سنبت ۱۹۵۶ع ڌاري، ٿر ۾ وڏو ڏڪار پيو. مال متاع ڏاڍو مري ويو. ماڻهو به ڪافي مئا. لڏ پلاڻ دوارن، رستن ۾ مال ته مئو پر بک کان نڍال ماڻهن، ڪيهون ڪندڙ ٻار به رستن ۾ ڦٽا ڪيا ھيا.
    بورچي، اهڙي ڏڪار ۾ به بک ڪين مئا. رڌڻ وارا راڌا، سدائين ڍَوَن ۾ هوندا آهن. سندن لاءِ ھيٺ ڏنل لطيفو مشهور آهي.
    هڪڙي تپيدار پنهنجي بورچيءَ کي سڏي چيو؛ ”مان هاڻي لائين حاضر آهيان. تنهنڪري اڄ کان مرغيون ۽ ڇيلا بند! فقط دال پٽاٽي تي گذر ڪرڻو آهي“.
    بورچيءَ ننڍڙا ھٿ ٻڌي، سيني تي رکندي چيس؛ ”حاضر سائين، اڄ کان بلڪل بند!“
    چند ڏينهن گذرڻ پڄاڻان، تپيدار اوچتو بورچيخاني ۾ آيو. ڏٺائين ته بورچي، چرغو سو به مڪمل، اڪيلو کائي رهيو آھي. کيس هڪل ڪري چيائين؛ ”تو کي جي چيو هئم ته هاڻي دال پٽاٽن تي گذر ڪرڻو آهي. ڇو جو مان لائين حاضر آهيان“.
    ”بلڪل سائين! تون لائين حاضر آهين!“ بورچيءَ ڪڪڙ جون سُنڍيون ڪُرٽيندي چيس؛ ”مان ته لائين حاضر ناهيان!“.
    مطلب: ۱ - بورچي، سدائين ڍَوَن ۾ هوندا آهن.
    ۲ - بورچي مڙئي هر حال ۾ پنھنجو پيٽ تڳايو وڃي.
    ۳ - جنهن جي هٿ ۾ ڏوئي، ڍو ڪري سو ئي. (۶) ص ۶۲.

    17. رماڙيو رو نان ڪونهي، رُئاڙيو رو نان هي. (پهاڪو)
    رماڙيو: پرچائيندڙ، ريجهائيندڙ. رو: جو. نانءُ: نالو. رئاڙيو: رئاريندڙ.
    جيڪو ماڻهو، ڪنهن معاملي ۾ اگر، ڪنهن جي ٻار کي کيڏائيندو/ ڪُڏائيندو آهي ۽ کيس پرچيل/ سرچيل رکندو آهي ته، کيس ڪا به شاباس وغيره نه ملندي آهي ۽ نه ئي کيس ڪو ياد به رکندو آهي.
    ان جي برعڪس، اگر ڪنهن ماڻهوءَ، ڪنهن جي ٻار کي کيڏائيندي/ ڪڏائيندي يا ائين ئي راه ويندي روئاري وڌو ته ٻار جي ٻاڪارڻ تي، روئارڻ واري کي جٺ ڦٺ به ٿيندي آهي ۽ سندس نالي جي به وڏي ڊوءِ ڊوءِ ٿيندي آهي. کيس ٻارن آزاريندڙ طور، ياد پڻ رکيو ويندو آھي.
    مطلب: ۱ - برائي ڪرڻ وارو، چڱائي ڪرڻ واري جي ڀيٽ ۾، وڌيڪ مشهور ٿئي ٿو.
    ۲ - بد نام کي هر ڪو سڃاڻي ٿو.
    ۳ - بدنام ھوئي تو ڪيا، نام نه ھوگا. (اردو)
    ۴ - نانگ ويهڻ واري جاءِ ڏانهن اچي ته کيس ڏسڻ بعد سمورا اٿي پوندا، جڏهن ته بي ضرر جانور جي اچڻ تي ڪير به گوشو ڪو نه ڏيندو آهي.
    ۵ - ظالم آفيسر جي هر ڪو آڳي پيڇي ڪندو آهي، شريف کي ڪو پڇندو به ناهي. (۵)

    18. رن تي ٻُڏءِ، پَلَوَ تي نپوڙءِ. (پهاڪو)
    تي: ٿي. ٻُڏءِ: ٻڏي، غوطا کائي، گهوتا کائي. پَلَوَ: ڪپڙي/ گنديءَ جو پلاند.
    نپوڙءِ: نپوڙي، نپوڙڻ، مروٽي پاڻي ڪڍڻ.
    پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ واري کي، سواءِ پنهنجي جان بچائڻ جي، ڪا به ڳالهه ياد نه ايندي آهي. اهڙيءَ حالت ۾ جيڪڏهن ڪا بيوقوف عورت، جان جو خيال ڪرڻ بدران، ويهي ڪپڙن جا پَلَوَ/ پلاند نپوڙي ته حيرت اوس ٿيندي. جڏهن ته پاڻيءَ مان ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ، ڪپڙن جا پُسيل يا آلا ٿيل پَلَوَ/ پاسا نپوڙي ۽ سڪائي سگهجن ٿا. ان جي برعڪس پاڻيءَ ۾ پئي، اگر هيڏانهن هڪڙو پَلَوُ نپوڙبو ته ھوڏانھن ٻيو ان کان اڳ پُسيو پيو هوندو. اتي نپوڙڻ مان ڪو فائدو ناهي.
    مطلب: ۱ - عورت جي فطرت، الٽي ۽ ضد واري ٿيندي آهي. هميشه فطرت جي خلاف قدم کڻندي آهي.
    ۲ - رن ٻڏي سکر، ڄار پوي بکر. (اوڀاري پنڌ ڏانھن، ٻڏل عورت کي ان لاءِ ڳولھجي ٿو جو، الزام اٿس ته، مئي کان پوءِ به ابتي ھلڻ وارو ضد نه ڇڏيندي.)
    ۳ - رن ٻڏندي وڃي، نيهنگ (ابداڻو) نپوڙيندي وڃي. (۵)

    19. رن جهاپي، مڙس پوڙهو،
    بي چيو پٽ، چُٽر گهوڙو،
    چلوڪو ڪتو، جڏو جوڙو،
    پري جي مائٽي ۽ وڏو وڇوڙو،
    ست ئي سور. (چوڻي)
    جهاپي؛ خراب. پوڙهو؛ ڪراڙو. بي چيو؛ نافرمان. چُٽر؛ زخمن وارو، بيمار. چلوڪو؛ ڊڄڻو. جوڙو؛ ڏاندن جي جوڳ.
    ۱ - گھر کي سٺي نموني ھلائڻ چلائڻ، عورت جو ڪم آھي. اگر عورت خراب ٿي پئي ته سڄو گھر ئي ڊانواڊول ٿي ويندو. مرد لاءِ، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو اھنج ئي ناھي.
    ۲ - عورت کي مڙس کپي، جنھن کي شينھن جھڙي طاقت ھجي. ڪراڙو، ڪمزور ۽ اڳڙين جو گڏو، کيس ڪنھن به صورت ۾ نه وڻندو آھي. اگر نرڙ ۾ لڳي ويس ته ان کان وڌيڪ ٻيو سور ئي نه ڀانئيندي.
    ۳ - اولاد جي تمنا، ھر ھڪ کي ھوندي آھي. منجھانئس آئيندي جي اميد آسرو ھوندو آھي ته پيريءَ ۾ سھارو ٿيندو. اگر اولاد نافرمان نڪتو ته ان جھڙو عذاب ۽ نقصان-رسان ٻي ڪا شيءِ ئي ناھي.
    ۴ - گهوڙو، سواريءَ جي لاءِ ڪم اچي ٿو. خاص طور تي ڏکين ۽ اڙانگن پنڌن تي، گھوڙو ڊڪي مھل ڪندو آھي. اگر گھوڙو بيمار ھجي ته بجاءِ کڻڻ ۽ پڄائڻ جي، ڳچيءَ پئجي ويندو. سندس ٽھل ٽڪور ئي بيزار ڪندڙ ۽ بيسود پئي نظر ايندي آھي. ان جھڙو پريشان ڪندڙ ڪم، ٻيو نظر ئي نه ايندو آھي.
    ۵ - گھر ۾ ڪتو، چور چڪار کان ڌاربو آھي، جيئن راتين جو جاڳي مالڪ جي گھر جي چوڪيداري ڪري. اگر اھو ڊڄڻو ھجي ۽ چور يا بگھڙ/ سوئر سان نه وڙھي ته مالڪ لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو آزار آھي ئي ڪو نه.
    ۶ - ڏاندن جي جوڳ، ٻني کيڙڻ لاءِ ڌاربي آھي. منجھانئس ٻيا به ڪم اڪلن ٿا. جھڙوڪ؛ ڏاند گاڏي گھلڻ، ڳاھ ڳاھڻ، ھر سانھر وغيرھ. اگر اھو ڪمزور ھوندو ته ڪنھن ڪم جو نه رھندو.
    ۷ - مائٽي ڪبي آھي، رشتو جوڙڻ لاءِ. ان سان تعلقات ته مضبوط ٿيندا آھن پر اوکيءَ سوکيءَ ھڪ ٻئي جي ڪم پڻ اچبو آھي. اھو تڏھن آسان ٿيندو جڏھن پنھنجپائيءَ ۾ يا ويجھڙن ۽ ويجھڙو رھندڙ مائٽن سان مٽي ڪجي. پري جي مائٽي، گھڻيون وٿيون وجھندڙ ٿيندي آھي. ان ۾ اھنج به وڏا آھن.
    ۸ - وڇوڙو به ھڪ قسم جو سور آھي. جيترو ٿي سگھي، اوترو وڇڙيلن سان ھر ڪو جلد ملڻ چاھيندو آھي. اگر وڇوڙو وڏو ٿي وڃي ته ڏاڍا سور ڏيندڙ ٿيندو آھي.
    مطلب: ۱ - خراب عورت، ڪراڙو مڙس، نافرمان اولاد، بيمار گھوڙو، ڊڄڻو ڪتو، ڪمزور ڏاندن جو جوڙو، پري جي مائٽي ۽ وڏو وڇوڙو، وڏا سور ڏيندڙ ھوندا آھن.

    20. رن ري مونڏاڻي ئي مهونگي. (چوڻي/ پهاڪو)
    رن: رنڙ عورت. مونڏاڻ: مٿو ڪوڙائڻ. مهونگي: مهانگو. ئي: به.
    ڪيترين هندو قومن ۾ رواج آهي ته مڙس جي مرڻ پڄاڻان، عورت جو مٿو ڪوڙائي ڇڏيندا آهن. ان سان سندس ظاهري زيب ۽ زينت ختم ٿي ويندو آهي. جنهن ڪري، هڪ ڪنڊ ۾، بيواهين وانگر حياتيءَ جا پهر پئي پورا ڪندي آهي.
    جيڪڏهن ڪا عورت، اها ڌرمي رسم بجا آڻڻ کان لهرائيندي آهي ته کيس مهڻا ڏيندا آهن.
    طعني طور کيس چوندا آهن؛ مٿو ڪوڙائڻ ڪهڙو مهانگو آهي.
    مطلب: ۱ - ڌرمي رسم بجا آڻڻ سهنجو ڪم آهي، اھنجو ڪم ناهي. ان ۾ ڪير گوٿ ناٿ ڪري ته کيس ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.
    ۲ - مطلقه يا بيوھ جي مٿي ڪوڙائڻ وارو خرچ به، ڪير برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي.
    ۳ - بيوه جو مان گهٽجي وڃي ٿو. (۶) ص ۱۱۱.

    21. رن گڻنئي اگلي، جنهن جو ڪُني مٿي ڪهٽ،
    ڪڻا کٿي ۾ ٿورڙا، لُٽي ڏئي مَٽ،
    ڪار نه ڪري گهر جي، اولاڻيو ڇڏي ارٽ،
    چنگلايون ڪري چگهه سان، بيهي مٿي ھٽ،
    اهي چار ئي لڇڻ چٽ. (چوڻي)
    اگلي: اڍنگي، بد لڇڻ. ڪھٽ: ڪروڌ. اولاڻيو: وقت وڃائڻ، ٽاري ڇڏڻ.
    ارٽ: ائٽ، ڌنڌي جو اوزار. چنگلايون: نخرا ڪرڻ. چگهه: يار، عاشق.
    جيڪا عورت گهر ۾ رهي، نه مڙس جي خدمت ڪري ۽ نه ٻارن ٻچن جي پيٽ لاءِ ڪا ماني ڪري، سا به سگهڙ ۽ لڇڻن واري نه چئبي.
    مڙس ٿورا ڪڻا يا پورو سُورو انُّ، سڄي سال لاءِ آندو هجي، گھر ۾ وري جوڻس ويٺي مٽن مائٽن کي سمورو لٽي ڏئي، سا عورت به اڍنگي ۽ ڇيڳري چئبي.
    عورت جو اصل ڪم آهي؛ گهر جي سار سنڀال ڪرڻ. چار چيزون سندس مرڪ آهن؛ چادر، چار ديواري، چڪي ۽ ائٽ. جيڪا ڪم نه ڪري ۽ هر ٽاڻو ويهي ٽاري ڇڏي، سا به اخلاق واري ۽ سڌريل ڪين چئبي.
    پردو ۽ حياءُ عورت جو زيور آهي، زيور ۾ سونهن آهي. بنا زيور جي، بدزيبي آهي. جيڪا عورت حياءُ ڇڏي، يار ۽ چگهه تاڙي، ساڻن هٽن ۽ هوٽلن تي پئي تاڙا ملائيندي ۽ کجڪار ڪندي وتي، تنهن کي به باڪردار ۽ پاڪدامن ڪين سمجهبو. منجهس هر ڪو پيو آسرو رکندو. جنهن ڪري ترت سندس عزت ڪري پوندي.
    مطلب: ۱ - عورت کي ڪُنو-ماني ڪرڻ کان ڪيٻائڻ نه گهرجي. گهر جي سهيڙ ۽ سنڀال سان گڏ، ڪم ڪار ڪرڻ ۾ به ھٿ ونڊائڻ گھجيس. مڙس کي گھر ۾ اڪيلو ڇڏي، ٻاهر هرڻ جهٽڻ نه گهرجنس. (۴) ص ۲۴۶.

    22. روپ روئي، ڪرم کائي. (چوڻي)
    روپ: حسن، سونهن. ڪرم: قسمت، نصيب. روئي: پٽي، تڪليف ڏسي.
    کائي: ڍَوَڪري، خوش رهي.
    حسين شيءِ جا طالبو ته گهڻا هوندا آهن پر حسين شيءِ پاڻ ڪيڏانهن وڃي ۽ ڪنهن جي ٿئي؟ سهڻي شيءِ ۽ سهڻي ماڻهوءَ سان، ياري رکڻ لاءِ ته هر ڪو تيار هوندو آهي پر ان جون گهرجون ڪير پوريون ڪري؟ هڪڙو پوريون ڪرڻ لاءِ، وٽس پنهنجي جاءِ ٺاهيندو ته ٻيو ان کي هٽائي پنهنجي لاءِ جاءِ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو. ٽيون وري ايندو ته ان کي به هٽائي، پاڻُ ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪندو. نتيجي طور، حسين ۽ سهڻي شيءِ يا عورت، نِڌڻڪي ٿي ويندي ۽ پئي قسمت تي روئندي ۽ ٻاڪاريندي.
    ان جي ڀيٽ ۾، گهٽ سونهن واريءَ ڏانهن، گهٽ ماڻهو مائل ٿين ٿا. هڪ اڌ مائل ٿئي ٿو ته ان کي هٽائڻ وارن جي قطار نه ٿي لڳي. جنهنڪري اها خوش گذاري ٿي.
    مطلب: ۱ - بخت جو دارومدار، سونهن تي ناهي.
    ۲ - ڪن کي سونهن ملي ته بخت نه مليو. ڪن کي وري بخت مليو ته سونهن نه ملي.
    ۳ - سونهن ۽ بخت، ورلي ڪن کي گڏجي ملن ٿا.
    ۴ - سهڻيون ٿيون سيڏائين، لنڊيون ٿيون لاڏ ڪن.
    ۵ - حُسن روئي، بخت کائي.
    ۶ - سھڻيءَ کي سنڍ ڪيائين، ڪاري ٻارن واري. (۶) ص ۱۱۲.

    23. روزي حيلي، موت بهاني. (چوڻي)
    دنيا جي تختي تي ماني/ روزي/ رزق، اهو ئي ملندو، جيڪو نصيب ۾ لکيل هوندو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان نصيب کي حاصل ڪرڻ لاءِ به مقرر ٿيل محنت ضرور ڪرڻي آهي. لوچڻ کان سواءِ نصيب به رسي ٿو وڃي.
    هَٿُ هَٿَ تي رکي ويهڻ واري کي، محنت ڪرڻ واري جي ڀيٽ ۾، ڪشادي روزي نه ٿي ملي. محنت به اهو ڪندو، جنهن جي قسمت ۾ لکيل هوندي.
    اهڙيءَ طرح موت، جيڪو اڻ-ٽر ۽ بر-حق آهي، تنھن جو به هڪ ڏينهن مقرر ٿيل آهي. هر ساهدار تي اچڻو ضرور آهي. جيڪي به هن دنيا ۾ آيا/ ايندا، سي سمورا هليا ويا/ ويندا. رهندو نالو فقط الله جو. بقاءُ، فقط سندس ذات کي آهي. ازل کان ابد تائين، سندس ذات قائم آهي. کيس نه ننڊ ٿي اچي نه اونگهه، نه ٿڪاوٽ نه گهيرٽ. اوڻايُن کان پاڪ ۽ بي عيب ذات، فقط سندس ئي آهي.
    موت لاءِ به بهانو يا سبب وغيره ضرور ٿيندو. جيڪو پڻ آزمائش خاطر هوندو. انهيءَ آزمائش مان صاحبِ دل ۽ صبر وارا ئي پار پوندا.
    مطلب: ۱ - حيلي رزق، بهاني موت.
    ۲ - هر ڪم جي ٿيڻ لاءِ، ڪا نه ڪا راه ۽ نتيجو ضرور آهي.
    ۳ - رحمتِ خدا بهانه مي جويند، بها نه مي جويند. (فارسي)
    ۴ - رب جي رحمت بھانو ٿي ڳولھي، بھا نه ٿي ڳولھي. (ترجمو) (۵)

    24. روکا ڀوڄن، ڀونءِ پوڍَڻَ، ڪَرَهَ ڪميڻي نار،
    چوٿا ميلي ڪپڙي، نَرڪَ نشانين چار. (چوڻي)
    روکا: رکو، بنا ٻوڙ جي، بنا ڳنڌڻ جي، لوڻ کان سواءِ. ڀوڄن: کاڌو. نارِ: عورت. ڀونءِ: ڌرتي، زمين، پٽ. پوڍڻ: سمهڻ. ڪَرَه: ڪلڪل، جهڳڙو. نرڪ: نرڳ، دوزخ.
    ۱ - غربت سبب گهر ۾ ٻوڙ، کير، لسي يا ٻيو ڳنڌڻ نه هجي، رڳو رکو سڪو ٽڪر-ڀور ويلي تي مس ملي ته گهر ۾ مزو نه رهندو.
    ۲ - سمهڻ لاءِ گهر ۾ جاءِ نه هجي يا هنڌ کٽولو نه هجي ۽ ڌرتيءَ تي سمهڻو پوي ته ننڊ مزي جي نه ايندي.
    ۳ - گهر ۾ ڪروڌي يا جھيڙيڪار/ جھڳڙالو زال هجي ته گهر ۾ سک نه ملندو.
    ۴ - پائڻ لاءِ ڦاٽل يا ميرو ڪپڙو هجي ته معاشري ۾ مقام نه ملندو.
    مطلب: ۱ - هڪڙي اڻ هوند، ٻيو گهر وارن جا افعال بڇڙا هجن ته؛ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو دوزخ آهي.
    ۲ - ميرا لٽا، رکا کاوڻ، بُنهن سُمهڻي، ٽڪ ٽڪ ڪري نار، اهي موت نشانيون چار. (۱۲) ص ۱۴۰.

    25. روھڻ تپي، مگسر وائي، آدر ڊهوڪي، ميهولو آئي. (چوڻي)
    روهڻ: هڪ نکتر يا نکٽ جو نالو، جيڪو جون جي پهرين تاريخ کان شروع ٿئي. آدر: اُڊ، نکٽ جو نالو، جنهن کي هندو ماڻهو برسات جو سنئوڻ سمجهندا آهن. مگسر: هڪ نکتر يا نکٽ، جيڪو جون جي پندرهينءَ کان جولاءِ جي پهرينءَ تائين هلندو آهي. ميهولو: ميھ، مينهن. نکٽ يا نکتر؛ مهينن کي ڳڻپ لاءِ، نکٽن ۾ ورهايو ويو آهي. جيڪي ۱۵ ڏينهن جي عرصي جا ٿيندا آهن.
    هندو ماڻهو برسات کان اڳ نکشترن بابت سوڻ ويچاريندا آهن. هر هڪ نکشتر پندرهن ڏينهن تائين هلندو آهي. روهڻ نکتر يا نکٽ دوران، گرميءَ جو پد تمام گھڻو مٿي ٿي ويندو آهي، جنهن سان پاڻي ٻاڦ ٿيڻ لڳندو آهي. ستت ئي مگسر نکتر نروار ٿيندو آهي، جنهن ۾ واءُ يا هوا گهڻي لڳندي آهي. ان هوا کي چؤماسي جي هوا پڻ سڏبو آهي. چؤماسو جيئن ختم ٿيندو آهي ته آدر يا اڊ جو نکٽ نمودار ٿيندو آهي. منجهس زوردار برساتيون پونديون آهن، جنهن سان ڌرتيءَ جو تتل جُسو ٺري پوندو آهي ۽ سائي گاه جا اُڙد، ڀٽن ڀر نظر اچڻ شروع ٿيندا آهن.
    مطلب: ۱ - روهڻ نکتر جي سخت گرميءَ کان پوءِ، مگسر نکتر ۾ هوا لڳي ته آدر مهيني ۾ برسات ايندي آهي.
    ۲ - برسات پوڻ جي اڳڪٿي، روهڻ ۽ مگسر نکترن جي اهڃاڻن مان پوندي آهي.
    ۳ - روهڻ تپي، مگهسر وائي، تو آدر ۾ ميهه اڻ پُڇو آئي.
    ۴ - روھڻي تپي، مرگھسر وائي، آرڌرا ڊٻوڪي، مينھڙلو آئي. (۳۵) ص ۱۵۹
    ۵ - روهڻ تپي، مگسر وائي، اُڊَ مينهن وهلو آئي.
    ۶ - روهڻ تپي، مگسر وائي، آڊ ڊٻوڪي مينهڙلو آئي. (۳) ص ۱۶۳ ۽ (۱۴) ص ۶۱.

    26. رهه گهڙندو گهوٽيو، پانچاريو ڪهڪاڻ،
    سوئر سڱا ڪڍيا، شينهان مک ماراڻ،
    استيءَ اروھ سٽ، پنج ئي مي مت. (چوڻي)
    رهه گهڙندو: جنهن کي مڇ جي ريهه اچي. گهوٽيو: گهوٽ. ڪهڪاڻ: جوانيءَ ۾ هئڻ. پانچاريو: گهوڙو. سڱا ڪڍيا: جواني ڦٽڻ. مک ماراڻ: ڳچيءَ وار ڦٽڻ. استي: عورت. اروھ سٽ: ارھ نڪرڻ، ڇاتيون اڀرڻ. مي مت: مئي ۾ اچڻ، مست ٿيڻ.
    ۱ - جنھن کي اڃا مڇن جي ريهه مس آئي ھجي يعني جواني آئي هجي، سو اگر گهوٽ ٿئي ته پوءِ مست ته ٿيندو ئي ٿيندو.
    ۲ - گهوڙو به جوانيءَ کي پهچندو آهي ته ڀڄڻ ۾ تيزي ايندي اٿس.
    ۳ - سوئر/ مرونءَ کي جڏهن سڱ ڦٽندا آھن ته جوان ٿيندو آهي. جوانيءَ جي مستيءَ ۽ جولان ۾ هر شيءِ کي چيريندو ڦاڙيندو وتندو آهي.
    ۴ - شينهن جي ڳچيءَ تي جڏهن وار ڦٽندا آهن، تڏهن جوان ۽ طاقتور ٿيندو آهي. پوءِ ته شڪار ڪرڻ لاءِ، اڪيلو ئي ڪافي ٿي پوندو آهي.
    ۵ - جڏهن عورت جون ڇاتين ۾ اڀار ايندو آھي ته جوان ٿي پوندي آهي. الهڙ ۽ مست جوانيءَ ۾، جسم مان ھنڌئون ھنڌئون پئي ڦاٽندي آهي.
    مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل جوانيون، ڪي مرحلا طئي ڪرڻ کانپوءِ، مستيءَ ۾ هونديون آهن. (۶) ص ۱۳۲.

    27. رهي ٿي راهومان ۾، رڌي نه ٿي رٻ. (پهاڪو)
    راهومان: راهمون، ذات جو نالو. رٻ: ٻاجهريءَ جي پيڄي. سادو کاڌو.
    ٿر جا راهمان، امير به آهن ته غريب پڻ آهن. غريب راهمن ۾، هڪڙي سکيي گهر جي نينگري پرڻجي آئي. سک ڇڏي، جڏهن ساهراڻي غريب گھر ۾ پهتي ته پهرين کيس مزو ئي نه پئي آيو. پهريان ڏينهن ته ساهرن، نئين نويلي ڪنوار سمجهي، ڏاڍو خيال ڪيس. نيٺ مهمانن وارو مانُ/ آڌر ختم ٿيو ۽ گهر ڀاتين وارو وهنوار شروع ٿيو.
    غريباڻي گهر ۾ سادي ماني، سادو ٻوڙ، ڪڏهن ته رڳو رٻ تي دٻ. سکيي گهر جي مائي، رٻ کائڻ ئي ڪا نه سکي هئي سا ھاڻي رڌي ڪيئن. رٻ نه رڌڻ سبب، ٻه چار ويلا لنگهڻ ڪاٽڻا پيس. آخر اوڙي پاڙي وارين سمجهايس؛ ”جيئڻ لاءِ، حالات واقعات سان منهن ڏيڻو پوندو آهي.“ ان تي به جڏهن موشو ڪيائين ته ٽوڪيندي چيائونس؛ ”رهي ٿي راهومان ۾، رڌي نه ٿي رٻ؟“
    مطلب: ۱ - جهڙو لڳي اتر واءُ، تهڙي ڏجي پُٺ.
    ۲ - کيسي سارو، خرچ ڪجي.
    ۳ - حالات سارو، اٿجي ويهجي.
    ۴ - رهجي رهومان ۾، ته رڌجي رٻ.
    ۵ - ڀيٽيو: رهين ٿي رهيءَ ۾، رڌئين نه ٿي رٻ. (۱۶)
    28. رهين ٿي رهيءَ ۾، رڌئين نه ٿي رٻ. (پھاڪو)
    رٻ رڌڻ: قناعت اختيار ڪرڻ.
    رُهي: ٿر جو علائقو، جنھن ۾ عمرڪوٽ ۽ ڇاڇري جو ڪجھ حصو اچي وڃن ٿا. منجھس عام ٿر جي ڀيٽ ۾ برسات تمام ٿوري پوندي آھي. جنھنڪري، اڪثر اوقات، اتان جي حالت ڏڪار جھڙي ھوندي آھي.
    رھيءَ اندر، غربت تمام گهڻي آهي. مال متاع گهٽ ۽ اوڀڙ به گهٽ اڀري. مارو ماڻهو، ڏٿ تي گذران ڪندا آهن. عام طور سندن کاڌو، سانئين جي انَّ منجهان جڙيل، رٻ هوندو آهي. اها رٻ، عام حالتن ۾، ماڻهو کائي نه سگهندو آهي. ڇو جو تمام سادي ۽ گهٽ سوادي هوندي آهي. اهڙي سادي سودي کاڌي تي اهو پاڻُ هيرائيندو، جيڪو رُهيءَ جي علائقي ۾ رهڻ کي پسند ڪندو.
    مطلب: ۱ - جيڪو رُهيءَ جي علائقي ۾ رهي، رٻ کائڻ کان ونءُ ويندو، سو ضرور بک مرندو.
    ۲ - قناعت اختيار ڪرڻ وارو رٻ رڌڻ کي ترجيح ڏيندو.
    ۳ - ڀيٽيو؛ رهي ٿي راھومان ۾، رڌي نه ٿي رٻ. (۶) ص ۶۴.

    29. ريءَ سازين چارڻ هليو، ڪوريءَ ڇڄي سيڻ،
    ڳوريءَ جوڀن ڇڏيو، گهوڙي ناهي زين،
    نڪتو راجا راڄ مان، اهي ئي پنج مسڪين. (چوڻي)
    ۱ - مڱڻھار جو ڌنڌو؛ ڳائڻ وڄائڻ سان آھي. ڳائڻ وڄائڻ، سازن کان سواءِ نه ٿي سگھندو آھي. اگر ڪنھن مڱڻھار وٽ ساز ناھن ته پوءِ اھو بک مرندو.
    ۲ - مٽي مائٽي ٿيڻ سولو ڪم ناھي. وڏن جھدن ۽ ڪوششن کان پوءِ ٻين سان رشتا جڙندا آھن. ھڪڙو ماڻھو نئينءَ مان ڪنھن سان مٽي ڪري سا به اگر ڪنھن سبب ڪري ٽٽي پوي ته پوءِ اھڙي ماڻھوءَ جو ڪو به پُرسان حال نه ھوندو.
    ۳ - عورت ۾ ڪشش به فقط جوانيءَ ۽ جوڀن سبب ھوندي آھي. جوڀن ھوندس ته ته مڙس به وٽس ڇڪجي ايندو ۽ اولاد ڄڻڻ جي صلاحيت به ھوندس. جواني ۽ جوڀن اجاڙ ٿيڻ کان پوءِ، نه منجھس ڪا ڪشش رھي ٿي ۽ نه وري ٻار ڄڻڻ واري صلاحيت. جنھن سببان بيڪار شيءِ وانگر ٿڏجي وڃي ٿي.
    ۴ - گهوڙي به تڏھن تجلا ٿي ڏئي جڏھن مٿس چڙھڻ لاءِ زين ٿي پوي. جنھن گھوڙيءَ تي زين نه رکبي سا چڙھڻ جي ڪم نه ايندي. اھڙي گھوڙي ڪير به پالڻ لاءِ تيار نه ھوندو آھي، جيڪا چڙھڻ جي ڪم نه اچي. نه کيس گاھ وجھندو ۽ نه ئي کرکڻو ھڻندو. بيٺي بيٺي گرڻ کائي ويندس.
    ۵ - راجا کي رعب ۽ دٻدٻو تيستائين آھي، جيستائين حڪومت جي واڳ وٽس آھي ۽ رعيت سندس چئي آکئي منجھ آھي. جڏھن راڄ ئي کيس حڪومت تان لاهي ڇڏي ته پوءِ ان جھڙو غريب-حال ڪير به نه ھوندو.
    مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل پنج ئي مسڪين آھن.
    ۲ - چارڻ بنا ساز جي، ڪوريءَ ڇنل سيڻ، سر بگڙيو ڪلو تيجين،
    ڳوري جوڀن ھيڻ، راجا نڪري راڄ مان، اھي پنج ئي مسڪين.


    ز

    ز

    30. زال ۽ درياھ جي پور تي، ڪھڙو اعتبار؟ (چوڻي)
    زال ذات، خلقت ۾ ڪمزور نظر ايندي آهي. جڏهن ته سندس زبان چرب ۽ عقل سرس هوندو آهي. گهڻي ڳالهائڻ سبب، مرد جي مٿان حاوي ٿي ويندي آهي. بظاهر مرد پيو وڙهندو آهي. مڄاڻ اندران اندران عورت ئي هوندي آهي، جيڪا کيس ڀڙڪائي، مٽن مائٽن سان وڙهڻ لاءِ پئي اڪسائيندي آهي. ڏانهنس ڪنھن جو گمان ئي نه ويندو آهي.
    درياه به جڏهن ماٺو ۽ واهڙ وانگر پيو وهندو آهي ته زمينن وارا به پيا اکا ڀيٽيندا آهن ته جن جو پيئڻ واري پاڻيءَ جي حساب سان واسطو هوندو آهي، سي به پيا سندس موج مستيءَ لاءِ باسون باسيندا آهن. وري جڏهن منجهس تغير ۽ تغياني اييندي آهي ته پوءِ، اوس پاس کي ته ٻوڙيندو آهي پر انهن علائقن تي به وڃي مار ڪندو آهي، جن تي پاڻي اچڻ جو ڪو گمان ئي نه هوندو آهي.
    مطلب: ۱ - عورت ۽ درياهه جا روپ، گمان اندر آڻڻ، ڏاڍا ڏکيا آهن.
    ۲ - زال ۽ درياهه، کن ۾ رنگ مٽين. ٻنهي جي موٽ ۽ موج تي ڪو اعتبار ناهي.

    31. زر وڃي، زبان نه ڦري. (چوڻي)
    زر سان، هر انسان کي محبت آهي. ڇو جو کيس، منجهانئس مسئلا حل ٿيندي نظر اچن ٿا. زن ۽ زمين کان وڌيڪ، جهيڙي جو سبب، زر ئي رهي آهي. زر کي ڪن ته وڏو پير سڏيو آهي. ڪن ته چيو؛ کيس ستن ولين جيتري طاقت آهي. ڪن ته ائين به چيو؛ جنهن جي زر، تنهن جو ذهن. يعني پئسي وارو جيڪي چوي سو سچ ۽ فرمان آهي، جيڪو هر هڪ کي مڃڻو آهي.
    حالانڪ الله وارن وٽ؛ زر، هٿ جي مير وانگر آهي. هٿ جي مير يا مَرُ، صابڻ لائي به صاف ڪبي آهي ته جيئن ڪنهن سان هٿ ملائڻ وقت، اڳلي کي بڇان نه اچي، يا کاڌي کائڻ وقت پاڻ کي ڪراهت نه ٿئي.
    ان جي برعڪس، زبان تي قائم رهڻ يا واعدو وفا ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي. جڏهن ته ڪن ماڻهن ان کي، ڌن دولت گڏ ڪرڻ مٿان فوقيت ڏني آهي. زر اچڻي وڃڻي شيءِ آهي، جيڪڏهن وئي هلي ته ڪا پرواه ناهي. جڏهن ته زبان يا واعدو، هڪ دفعو ڪبو آهي. مٿس قائم رهڻ وارو، سدا مانُ پائي ٿو ۽ ڦرڻي گهرڻي زبان رکڻ وارو ڪاٿي به مانُ نه ٿو پائي.
    مطلب: ۱ - هر ڪو زبان جو کٽيو کائي ٿو.
    ۲ - زر جي ڀيٽ ۾، زبان جي وڏي اهميت آهي.
    ۳ - زر جو ڪريو ٺهي وڃي، زبان جو ڊٿو ڪين ٺهي.
    ۴ - نامردان دي ڦرڻي گهرڻي، مردان دي اڪ هي. (۷) ص ۳۵.


    س

    س

    32. ساٺي، ٻڌي ماٺي. (چوڻي)
    ساٺي: سٺ ورهيه عمر ٿيڻ. ٻُڌي: عقل/ فهم. ماٺي: ختم ٿيڻ.
    ماڻهوءَ جو عقل، عمر سارو وڌي ٿو. گهڻي حياتي گذرڻ پڄاڻان، وري ساٿ ڇڏڻ به شروع ڪري ٿو.
    هر علائقي ۾ پنهنجا پنهنجا معيار/ پيمانا مقرر ٿيل آهن. سنڌ ۾ عام چوڻي آهي؛ عمر ٿي ستر، عقل ۾ پئي ڪتر. يعني ستر کان پوءِ عقل کٽڻ شروع ڪندو. جڏهن ماڻهو اسي سالن جو ٿيندو ته ان لاءِ چوندا؛ عمر ٿي اسي، عقل ٿيو خصي. يا مخبوط الحواس ماڻهوءَ لاءِ چوندا آهن؛ فلاڻو ته ٻاهتر ۾ آهي. يا جڏهن سٺ سال پورا ٿيندا ته چوندا؛ عمر ٿي سٺ، کڻندو لٺ. جيڪا پڻ جسماني ڪمزوريءَ جي نشاني آهي.
    انگريز سرڪار به ماڻهوءَ جي، دماغي ڪم واري نوڪريءَ لاءِ، عمر جي آخري حد (Superanuation) سٺ سال مقرر ڪئي آهي. ڇو جو سٺ سالن کان پوءِ، ماڻهو سرڪاري ڪم لاءِ فائديمند يا ڪارائتو نه ٿو رهي. منجهانئس عملي ڪم جي قوت مفقود ٿي ٿي وڃي. تجربي جي بنياد تي، تخريبڪاريءَ وارا ڪم جام ڄاڻڻ سبب، هيٺين لاءِ عذاب پيدا ڪريو ڇڏي.
    شيڪسپيئر، زندگيءَ کي ستن مرحلن ۾ ورهائڻ پڄاڻان، سٺ سالن کان پوءِ واري پوڙهائپ کي، ٻيو ٻالپو ڪوٺيو آهي. سنڌ ۾ به چوندا آهن؛ ٻڍاپو، ٻيو ٻالپو. ڇو جو ان عمر ۾ پھچڻ بعد ماڻهو وري، ٻين جو، خاص طور تي عورت جو، محتاج ٿيو پوي.
    مطلب: ۱ - سٺ سال واري ماڻهوءَ جو عقل، پورو ٿيو وڃي. (۵)

    33. ساجن پر-گهر جاوتان، ڏک نه وانٽو ڪو،
    ڀرم گماوين آپرو، واٽ نه ليسين ڪو. (چوڻي)
    پر-گهر: پرائي گهر. جاوتان: وڃڻ. وانٽو: واٽو، ورهائڻ. ڀرم: ساک. گماوين: وڃائين. آپرو: آپڻو، پنهنجو. ليسين: وٺندو.
    جڏهن پرائي گهر وڃجي ته پنهنجي گهر جا ڏک سور، اتي نه ڪڍجن. ائين نه چئجي ته؛ ”پٽ ۽ ڌيءُ نافرمان آهن“، ”زال، بد چال آهي يا نافرمان آهي“، ”مٽ مائٽ مدد نه ٿا ڪن“. وغيره وغيره.
    ائين ٻڌائڻ سان، نه پنهنجن کي سڌاري سگهبو ۽ نه ئي وري ٻين کي پنهنجو ڪري سگهبو. ڇو جو ڌاريو ته ڳالهه ٻڌي ڪن-لاٽار ڪري هليو ويندو. ان کي ٻئي ڏک جو ڪهڙو جُهٻو ايندو. هر ڪو تماشو ڏسڻ وارو آهي. ائين ڪرڻ سان پنهنجي ساک/ پت وائکي ڪرڻ جي نقصان کان سواءِ ڪجهه به ناهي.
    مطلب: ۱ - پنهنجي اگهڙ تان، پاڻ لٽو نه لاهجي.
    ۲ - پنهنجي هٿ سان، پنهنجي ڪچي نه ڪجي. (۲) ص ۶۷.

    34. ساڙ واکاڻا سنڌ رِي، مُونگ مَندوور ڏيس،
    جهيڻو ڪپڙو ماڙوي رو، منک مڙڌر ڏيس. (چوڻي)
    ساڙ: ساريون. واکاڻا: واکاڻيل، تعريف لائق. ري: جي. مونگ: مُڱ. جهيڻو: سنهو. مندوور: مانڊووي، علائقي جو نالو. ڏيس: ديس، وطن، ملڪ. ماڙوي: مارواڙ. منک: ماڻهو، مرد. مڙڌر: واريءَ واري علائقي جو، ٿر جو رهاڪو.
    ۱ - چانور يا ساريون، سنڌ جون خوشبودار ۽ خوش ذائقه آهن. خاص طور تي سڳداسي چانور ۽ ڳاڙهو چانور. ديڳڙو هڪ گهر ۾ رجهندو ته هڳاءُ سڄي ڳوٺ ۾ ڦهلجي ويندو.
    ۲ - مُڱ، کائڻ جي حساب سان، مانڊووي واري علائقي جا لذيذ ۽ دلڪش ٿين ٿا.
    ۳ - سنهو ڪپڙو، مارواڙ جو ڀلو آهي. مضبوط ۽ جهالائو، پرڪشش ۽ ديده زيب ٿئي ٿو.
    ۴ - مرد، ٿر جي علائقي جا ڀلا ۽ مهمان نواز ٿين ٿا. مسافر ۽ آئي وئي کي، آڌر ڏيڻ ۽ سٺي کيڪر ڪرڻ جا ڪوڏيا آهن.
    مطلب: ۱ - ٿر جي مينهونڳيءَ جي مند، ڪتيءَ جي مهيني ڏانهن وک وڌائيندي آهي ته ٿري پنهنجي سخاوت ۽ مهمان نوازيءَ کي واکاڻڻ سان گڏ، سنڌ، مندوور ۽ مارواڙ کي به ساراهيندا آهن. (۱۴) ص ۷۰.

    35. ساسرو اهڙو، جهڙي ڪٽان ري باڙ. (چوڻي)
    ساسرو: ساهرا، ساهراڻو گهر. ڪٽان ري: ڪنڊن واري. باڙ: واڙ.
    ساهرو گهر، مرد توڙي عورت لاءِ، نئون ٿئي ٿو. اتي جو ماحول ۽ حالات، پنھنجي گھر جي ڀيٽ ۾ مٽيل ٿين ٿا. منجھس رھندڙ مڙني ڀاتين جا رويا، پنهنجا پنهنجا ٿين ٿا. ساڻن گڏجي گذارڻ لاءِ، پهرين مڙني کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪبي آهي، پوءِ سنڀالي قدم کڻبو آهي. زبان مان، سوچي سمجهي ڳالهائڻو پوندو آهي. پنهنجي پاڻ تي ڀاڙيندي، مرد کي ساهرن جي گهران ڪنهن شيءِ جي اميد گهٽ رکڻي پوندي آهي. عورت کي پڻ، ساهرن جي مزاج ۽ مڙس جي کيسي ۽ کٽيي آهر، مطالبا ۽ ماڻا ڪرڻا پوندا آهن.
    گڏجي رهڻ لاءِ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ اٿڻ ويهڻ ۾ وڏو احتياط ڪرڻو پوندو آهي. جيئن ڪنڊن واري واڙي ۾ هلڻ وقت، احتياط ڪرڻو پوندو آهي. اتي، نه پير اگهاڙا ڪرڻا پوندا آهن ۽ نه ئي اگهاڙن هٿن سان لوڙهي ۾ هٿ وجهڻو پوندو آهي. بلڪ ڪپڙن کي به ڪنڊن ۾ وچڙڻ کان بچائي بچائي هلڻو پوندو آهي. ساهرين گهر به، گهوٽ يا ڪنوار کي، ائين احتياط سان هلڻو پوندو آهي. تڏهن وڃي سُکيرڙو وقت گذرندو آهي.
    مطلب: ۱ - ساهرا ڻي گهر ۾، احتياط سان اٿجي ويهجي.
    ۲ - سس ريءَ نه ساهرا، ساليءَ ريءَ نه نينهن،
    چنڊ ريءَ نه راتڙي، ڪڪر ريءَ نه مينهن.
    ۳ - ساهرا، آهرا، ٻاٻرا ڪنڊا، پير رک ته چڀ چپ پيا ڪندا. (۶) ص ۱۱۴.
    36. ساسرو سک واسرو، پڻ چار ڏِنان رو آسرو. (چوڻي)
    ساسرو: ساهرو گهر. سک واسرو: جنهن هنڌ تي سک واسو ڪيو هجي.
    ڏنان: ڏينهان، ڏينهن جو.
    ساهراڻو گهر، ڪنوار يا گهوٽ لاءِ، ٿورن ڏينهن تائين قرب جو گهر رهي ٿو. شاديءَ گذرڻ کان پوءِ، حالات ڦرڻ شروع ٿيندا آهن. سس سهرو، هن دنيا مان هليا ويندا آهن. ڏيرَ، زالن ۽ ڄڻيي اولاد جي چوڻ آکڻ تي، گهر مان ٻه گهر ڪري، جدا ٿي ويندا آهن. زال مڙس، ٻارن سميت وڃي الڳ گهر وسائيندا آهن. جتي مرد جا ساهرا اچي سگهن ۽ نه عورت جا.
    اهڙيءَ طرح، گهوٽ جا ساهرا يا ڪنوار جا پيڪا پڻ آهن. اهي به شادين کان پوءِ، گهر مان گهرَ ڪري، ٽڙيو پکڙيو وڃن. ايستائين جو نياڻو ته سندن در تي وڃڻ پسند نه ڪري پر نياڻي، جيڪا سندن ڄائي آهي، سا به سندن در تي وڃڻ ۾ پاڻ کي اوپرو پئي محسوس ڪندي کيس ساڳيو قرب ۽ تعظيم ملڻ جو آسرو ئي نه ٿو رھي.
    مطلب: ۱ - ساهراڻي گهر جو سک، وقتي آهي.
    ۲ - ساهرا؛ سک جو هنڌ آهن، پر چئن ڏينهن کان وڌ ناهن. (۱) ص ۱۸۲.

    37. ساک تي ٻيڙا ٿا هلن. (پهاڪو)
    ساک: پت، اعتبار، ويساهه. ٻيڙا هلڻ: ٻيڙا ترڻ، اڻ ٿيڻا ڪم ٿيڻ.
    دنيا اندر، ماڻهن منجهه جيڪو ربط قائم آهي، سو ڪنھن نه ڪنھن وهنوار تحت آهي. ڪير اگر ڪنھن جو ڪم ڪري ٿو ته ان جو کانئس بدلو ضرور وٺي ٿو. اهو بدلو، معاوضي يا محنتاڻي، جنس يا روڪڙ، ڪم يا سفارش، تعريف يا خوشامد جي صورت ۾ اڳاڙي ضرور ٿو. هڪڙا ماڻهو، فقط ڪم-ڪاڍو هوندا آهن. وقت تي چالاڪيءَ ۽ چرب زبانيءَ سان پنھنجا ڪم ته ڪڍي ويندا آهن پر جڏهن منجهن ڪم پوندو آهي ته ڪمال بي حيائيءَ ۽ نڪ جي پڪائيءَ سان ڪنڌ ڪڍائي ويندا آهن. اهڙا ماڻهو، پنھنجي ساک ۽ نِيت پت وڃائي ويهي رهندا آهن. پوءِ جا سندن ڪم، ڏاڍا ڏکيرڙا ٿيندا ويندا آهن. ان جي برعڪس، جيڪي ماڻهو، ٽڪي جيترو به احسان ياد رکندا آهن ۽ بدلي ۾ روپين جيترا ڪم ڪندا آهن، تن لاءِ آئنده ڏکيا ڪم به آسان ٿي پوندا آهن.
    مطلب: ۱ - نِيت پت تي ڌنڌا هلن ٿا.
    ۲ - ڪار-پت خراب ھڪ دفعو خراب ٿيندي آھي، ڌنڌو سڄي عمر لاءِ ھليو ويندو آھي.
    ۳ - دنيا جو وهنوار، اعتبار تي هلي ٿو.

    38. ساڳي زبان کٽ تي ويهاري،
    ساڳي زبان پٽ تي ويهاري. (چوڻي)
    دنيا اندر، پنهنجي ڳالهه ٻئي تائين پهچائڻ لاءِ، رب تعاليٰ زبان ڏني آهي. ان جي ذريعي پنهنجا خيالات ۽ دل جا ارادا لفظن ۽ جملن جي صورت ۾، ٻين جي ڪنن ۽ دلين تائين، منتقل ڪجن ٿا. سٺن لفظن جو، اڳلي تي سٺو اثر ويهندو. خراب ۽ برن لفظن جو، اڳلي تي برو اثر ويهندو.
    جيڪڏهن، مخاطب جي دل، سهڻن لفظن سان موهي وٺبي ته موٽ ۾ هو به عزت ۽ قرب ڏيندو. دل ۾ جايون ڏيندو ۽ اڌَ-ڳالهايو، منجهيل ڪمن ۾ پيو مدد ڪندو. ان جي برعڪس، جنهن سان خراب لفظن ذريعي ورتاءُ ڪبو، سو دل ۾ نفرت ڪندو. عزت ۽ مدد ته ڪو نه ڪندو پر ٿيندڙ ڪمن ۾ به رنڊڪون وجهندو. ڪو ڪم چئبس ته پورو ٻڌڻ کان اڳ ئي، بھاني سان نابري پيو واريندو.
    مطلب: ۱ - دنيا اندر، ماڻهو زبان جو کٽيو کائي ٿو.
    ۲ - زبان آهي ننڍڙي، پر ڄاڻُ وِههَ جي ڳنڍڙي.
    ۳ - اها ئي زبان ڇانءَ ۾ ويهاري، اها ئي زبان اسَّ ۾ ويهاري. (۵)

    39. سامونڊي ساڻي، مينهن نه ڪو پاڻي. (چوڻي)
    سامونڊي: سمنڊ جي طرف کان لڳندڙ هوا.
    سمنڊ، ٿر جي ڏکڻ-اولهه ۾ آهي. اوڏانهن کان لڳندڙ هوائن ۾ مينهن نه ايندو آهي. جنهن سببان، تراين وغيره ۾ کارو پاڻي به جمع نه ٿيندو آهي.
    ان ڪري ٿر جا ماڻهو، فقط چؤماسي جي هوائن کي پيا ساريندا آهن ته جيئن پلر جي پالوٽ ٿئي. جيئن ته پاڻيءَ تي هر جِيوَ جو جياپو آهي. ماڻهو، مرون ۽ سلا پاڻيءَ تي اڀرن ۽ تڳن ٿا. تنهنڪري ٿاريلن کي هر وقت ان جو اڊڪو لڳل هوندو آهي.
    مطلب: ۱ - سمنڊ جي ٿڌي هوا لڳندي ته مينهن نه ايندو. (۳) ص ۱۶۴.
    40. سانجهي اُلھندان اُڳي ته ٿر تي، اُڀرندان اُڳي ته جَرَ تي. (چوڻي)
    سانجهي تارو؛ ٻين گرھن جي ڀيٽ ۾ وڏو ۽ روشن آهي. سنڌ جي آسمان تي، اڪثر سج لھڻ شرط، اولهه طرف کان ٿوري وقت لاءِ نظر ايندو آهي ۽ يڪدم ٽٻي هڻي ويندو آهي. ان جي اڀرڻ جا ٻه وقت آهن؛ شام جو يا صبوحڙي.
    جڏهن ڏينھن وڏا ۽ رات ننڍي هوندي آهي ته سج لھڻ سان، اولهه ڏانھن اڀرندو آهي. اگر رات وڏي ۽ ڏينھن ننڍو ٿيو ته ان ۾ سج لٿي سان ظاهر نه ٿيندو. بلڪ صبح ڌاري، اوڀر کان اڀرندو. جيئن پٺيان سج اڀرندو ته هن جي اڇاڻ ۽ روشني ختم ٿي ويندي، ڄڻ ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو.
    جن ڏينھن ۾ سانجهي تارو، اُلھندان/ اولهه طرف کان اڀرندو تن ڏينھن ۾ برسات ٿر يا سڪي زمين تي پوندي. جن ڏينھين، اوڀر کان اڀرندو، تن ڏينھين، برسات سمنڊ تي پوندي يا درياهه منجهه چاڙهه جو سبب بڻبي.
    مطلب: ۱ - سانجھي تارو اولھ کان اڀريو ته ٿرين تي برسات آئي.
    ۲ - ٿري ماڻهو، برسات جي آسري لاءِ، سانجهي تاري کي نظر ۾ ضرور رکندا آهن. ان جي اڀرڻ سان به برسات جي اڳڪٿي ڪندا آهن.
    ۳ - ڀيٽيو؛ سانجھي؛ مينھن جو مانجھي.

    41. سانجھي؛ مينھن جو مانجھي. (چوڻي)
    وسڪاري جي موسم ۾ سج لهڻ وقت، آسمان ۾ اولهه پاسي کان هڪ چمڪندڙ تارو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، تنهن کي سانجهي تارو چوندا آهن. اگر اھو جولاءِ ڌاران ڏسڻ ۾ اچي ته پوءِ چؤماسي جي مند اچڻ جو اعلان سمجهيو ويندو آهي. ان ڪري هن تاري کي مينهن جو مانجهي سڏيندا آهن.
    ٿري ماڻھو هن تاري کي ڏسي، چوندا آهن ته؛ ”مينهن جو ضامن بيٺو آهي، مينهن اجهو آيو ڪي آيو.“ البت اهو سانجهي تارو، ڪنهن ڪنهن سال گم ٿي ويندو آهي. جنهنڪري چوندا آهن ته؛ ”هن سال مينهن وسڻ جي پڪ ڪانهي. پر جي وُٺو به ته ٽڪرين ٽرين تي، يعني ڪٿي وسندو ته ڪٿي ڪو نه وسندو.“
    مطلب: ۱ - سانجھي تارو، برسات جي ضمانت آھي.
    42. سانوڻ آيو ته سک ٿيا. (چوڻي)
    سانوڻ؛ سنبت وڪرمي سال جو مهينو، جيڪو جولاءِ-آگسٽ ڌاران اچي.
    پوري ٿر جو جياپو، برساتي پاڻيءَ تي آھي. وسڪارو ٿيو ته زراعت به ٿيندي. گذر سفر سولو ۽ معيشت آسان ٿيندي. وسڪارو ٿيندو آھي، سانوڻ جي مهيني ۾. ان ڪري سموري ٿر جون اکيون، سانوڻ ڌاري ھونديون آھن اڀ ۾. اگر مينھن ڦڙيون پيون ته، ٿر جون اڃايل ڀٽون سايون ٿي پونديون، چؤڦيور ساوڪ ئي ساوڪ پکڙجي ويندي، رنگ برنگي گل نڪري نروار ٿيندا. سمورو ماحول ئي من موهيندڙ ٿي پوندو آھي. گاهن ڦٽڻ سان چوپائي مال جون موجون ھونديون آهن. مارو ماڻھن جو من شانت ھوندو آھي ۽ سندن چھرن تي سَرھائي اچي ويندي آھي. (۳۵) ص ۲۰۰
    مطلب؛ ۱ - سانوڻ جو مھينو، سکن اچڻ جو نياپو کنيو اچي ٿو.

    43. سانوڻ جو مينھن، چونئري جو هڪ پاسو پُسائي ٻيو نه. (چوڻي)
    سانوڻ؛ ھندي مھيني جو نالو، جيڪو انگريزي مھيني جي جولاءِ-آگسٽ ڌاران بيھي. چؤماسي جي مند جو وچيون مهينو آهي. هن مهيني ۾ ڪڪر، ننڍين ننڍين ٽولين ۾ اوهيرا ڪري پيا وسندا آهن. ڪن هنڌان مينهن وسندو ويندو ته پاسي کان زمين سڪي پئي هوندي آهي. چونئري جي هڪ پاسي کان مينهن پيو وسندو، ته ٻئي پاسي ڦڙي به ڪا نه ڪرندي ۽ اهو پاسو سڪو پيو هوندو.
    سانوڻ جو مينھن، ڪٿي به ھڪ-ڪرو نه پوندو آھي. ڪنھن جڳھ تي گھاٽو ته ڪنھن جڳھ تي ڇڊو پوندو آھي. ڪٿي ته موراڳو وسندو ئي ناھي. (۳۵) ص ۲۶۰
    مطلب: ۱ - سانوڻ جو مينھن، ڏاند جي هڪ سڱ تي وسي ته ٻئي تي ڦڙي ڪا نه پوي. (لاڙ)
    ۲ - سانوڻ جو مينھن، مينھن جي هڪ سِڱ تي وسي ته ٻئي تي نه. (ساهتي)
    ۳ - سانوڻ جو مينھن، هڪ ڍوريءَ ۾ وسي ته ٻيءَ ۾ نه. (سرو)
    ۴ - سانوڻي مينھن: ڍڳي جي هڪ سڱ تي پوي ته ٻئي تي نه.
    ۵ - سانوڻ جو مينھن، چئونري جو ھڪ پاسو پسائي ٻيو سڪائي.

    44. ساهوڪارا را ساڙا ئي گهڻا،
    گريب رو پينهوئي اي ڪو ٿي. (چوڻي/ پهاڪو)
    ساهوڪارا: شاهوڪارن. ساڙا: سالا. پينهوئي: ڀيڻيويو. ڪو: نه.
    شاهوڪار منجهان فائدن ملڻ جو آسرو، گهڻو هوندو آهي. جيڪڏهن فائدو نه ڏنائين ته پنهنجي پاڻ، زال ۽ ٻچن کي سکيو ضرور رکندو ۽ ساهرن تي چٽي نه پوندو. ان ڪري هر نياڻيءَ وارو، سکيو گهر تاڙيندو آهي ته جيئن نياڻي سکي هجي. ساهرن ڏانهن مدد لاءِ نه تڪي. ڪي لالچي ماڻهو به، اميرن سان مٽي ڳنڍڻ ۾ وسان نه گهٽائيندا آهن. جيئن ساڻن مٽي/ سڱ ڳنڍي، منجهانئن مرادون ۽ مطلب پيا ڪڍجن.
    ان جي برعڪس غريب ماڻهو، پنهنجي پيٽ ۾ پورو آهي. تنهن کي ڪير نياڻي ڏيندو ته ڏکي رکندس. هر وقت ان جو الڪو پيو ماريندو. نياڻي، مانيءَ ٽڪر لاءِ به پئي پيڪن ڏانهن واجهائيندي. نياڻيءَ جو ائين پيڪن ڏانهن واجهائڻ يا لولي ٽڪر لاءِ هٿ-ٽنگڻ، پيءُ ماءُ کان برداشت نه ٿي سگهندو آهي. ان ڪري، غريب سان سڱ ڳنڍڻ کان، هر ڪو پيو لاچاري ڏيکاريندو آهي. تنھنڪري غريب ڌيءُ يا ڀيڻ گھر ئي ويٺي رھجيو وڃي.
    مطلب: ۱ - سکيي جا سوين مِٽ، غريب جو هڪ به نه.
    ۲ - سڻڀي سان سڀڪو ڊڪي مٽي ڳنڍيندو. غريب سان ٿيل مٽي به پيو ڇنندو ۽ نباھڻ کان ڪترائيندو.
    ۳ - سيٺ را سو سارا، گريب رو هڪ پينھوئي ڪونهي.
    ۴ - شاهوڪارن جا سوين سالا، غريب جو ھڪ به ڀيڻيويو ڪونهي.
    ۵ - سائي جا سو سالا، بکئي جو ڪو ڀيڻيويو ئي ڪو نه.

    45. سڀڪو پنھنجو بخت ٿو کائي. (چوڻي)
    بخت: ڀاڳ.
    اهڙي سهولت، آمدني يا ڪم، جنھن جي ٿيڻ جو امان گمان نه هجي ۽ ٿي پوي ته چئبو ته ڀاڳ ڀلو آهي. اگر بظاهر ڪو به ڪم، سهوليت يا آمدني ٿيندي نظر اچن پر اوچتو اهڙا حالات ٿي پون جو انهن جو ٿيڻ ناممڪن ٿي پوي ته چئبو؛ نڀاڳ ٿيو آهي.
    ماڻهو هڪڙي هنڌ وڃي هڪڙي ڪم لاءِ، پر اتان سندس ٻه ٽي ٻيا ڪم به ٿي پون. انهن ڪمن لاءِ چئبو ته اهي به نصيب يا بخت ۾ هيا. جهڙوڪ: ماڻهو شهر ويو ته وڃي ڀاڄي ٿو وٺي اچان. اتي ڪو سندس پراڻو دوست راهه ويندي ملي ويو، جنھهن ڏي سندس لهڻو ليکو هيو. اوچتي ملاقات ٿيڻ سبب، اڳلو شرمسار ٿيو ۽ کيس اها رقم ڪڍي ڏنائين. دڪان تي پهتو، دڪاندار کيس خاطر تواضع ڪندي بوتل وغيره پياري يا ان وقت هُن ماني پئي کاڌي، هِن کي به صلاح ڪيائين. هن به پنهنجو نصيب کاڌو.
    ماڻهو هڪڙي شهر ۾ آهي، واپار سانگي يا نوڪريءَ خاطر، اتي رهڻ سبب اهڙا حالات بڻيا جو، اتان سندس شادي به ٿي ۽ گهر ٻار به جڙي مليس. جڏهن ته اچڻ وقت سندس گمان ۾ نه هيا ۽ هاڻي ٿي پوڻ سبب چئبو؛ نصيب ۾ هيس.
    مطلب: ۱ - هر ماڻهو، جتي به آهي، پنھنجي نصيب مان ٿو کائي.

    46. سڀ ڪو پنھنجي ڄائيءَ وارو آھي. (چوڻي)
    عورت جو احترام ۽ عزت ڪرڻ، اسلام جي تعليم سيکاريو آھي ۽ پوري سنڌ ان تي مڪمل طور عمل پڻ ڪيو آھي. تڏي تي آيل نياڻي ميڙ کي، ست قرآن سمجھي، خون جهڙو ڏوهه به معاف ڪري ڇڏبو آھي.
    ٿر اندر ٻنيءَ ٻاري جو ڪم جھڙوڪ؛ گاهه ۽ لابارو ڪرڻ، کوهن تا پاڻي ڀرڻ وغيرھ جھڙا ڪم، مرد توڙي عورتون گڏجي ڪندا آهن. گڏيل سماج واري سرشتي ۾ مرد، ھر ڌاري عورت کي پنهنجي ڄاين برابر سمجھندا آهن. انهيءَ ڪري عورتن ۽ مردن جي وچ ۾، گھر جي ڀاتين وانگر، ھڪٻئي کان پردو يا حجاب نه هوندو آهي. (۳۵) ص ۲۶۵
    مطلب؛ ۱ - پرائي لڄ يا نياڻيءَ جو اھو احترام ڪندو، جنھن وٽ پنھنجون ڄايون ھونديون.

    47. سڀڪو لڏيندو لوءِ، ڪو اڳي ڪو پوءِ. (چوڻي)
    هيءَ دنيا، عارضي ۽ هل هلندن جو ماڳ آهي. هر ڪو ٿورڙي ۽ قليل عرصي لاءِ آيو آهي. وقت پوري ٿيڻ تي، هرڪو راهي ٿيو وڃي. ڪير به هتي ٽڪي نه پيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اچڻ لاءِ هڪڙي ترتيب آهي پر وڃڻ وقت ڪا به ترتيب ناهي. اچڻ وقت، پهرين پيءُ ٿو اچي. ان کانپوءِ وڏو پٽ، پوءِ ٻيو نمبر ۽ ائين آخري نمبر اولاد اچي ٿو. جڏهن ته وڃڻ وقت، اهي ساڳي ترتيب سان نه ٿا وڃن. جڏهن ته اڳي پوءِ، سمورا موٽي وڃن ٿا. اگر پيءُ جي جيئري پٽ گذاري ويو ته ائين نه سمجهبو ته پيءُ، هاڻي هميشه هن دنيا ۾ رهندو. ڇو جو سندس وڃڻ جو وارو ترتيب جي حساب سان گسي ويو آهي. ائين ناهي، بلڪ پيءُ به ويندو پر پنھنجي مداءَ تي. جڏهن سندس وڃڻ جو وارو آيو.
    مطلب: ۱ - هيءَ دنيا، اصل رهڻ جي جاءِ ناهي.
    ۲ - هتي، هل هلندن جو ماڳ آهي.
    ۳ - لالن لوءِ، هڪڙا اڳي ٻيا پوءِ.
    ۴ - لال نه لوءِ، هڪڙا اڳي ٻيا پوءِ.
    ۵ - هيءَ دنيا، هر جيو کي، اڳي يا پوءِ هڪ ڏينھن ضرور ڇڏڻي آهي.
    ۶ - دنيا جي فنا ٿيڻ ۾ ڪو شڪ ئي ناهي.

    48. ستين لنگهڻين، ڪتو حلال. (چوڻي)
    ڪتو؛ حرام ۽ پليت جانور آهي. ان جو گوشت ڪنھن به صورت ۾ واپرائڻ، جائز ناهي. البته هتي تمثيل طور آيو آهي ته اگر هڪڙو ماڻهو ست ويلا يا ٽي ڏينھن بک تي ويٺو آهي ۽ هاڻي وڌيڪ کائڻ لاءِ نه مليس ته جان هلي ويندس. اهڙي صورت ۾، جان بچائڻ خاطر، اهڙو ڪڌو ڪم ڪرڻ جي ايتري اجازت آهي، جنھن سان فقط جان بچي پوي. پيٽ ڀري کائڻ جي پوءِ به ڇوٽ ناهي.
    مطلب: ۱ - گهڻي تڪليف ۾، ڪي ناجائز شيون يا عمل به، روا ٿيو وڃن.
    ۲ - انسان جو ساهه، مڙني شين کان مٿي آهي. ان کي بچائڻ تمام ضروري آهي.

    49. ستيءَ، زمين به ڪونھي. (چوڻي)
    ستي؛ جنھن کي نر نه ڇھيو ھجي، پاڪدامن.
    حيوانات ۽ نباتات ممنجھ، نر ۽ ماديءَ جي ميلاپ جي ته پڪ آھي. جڏھن ته جمادات لاءِ اھو تصور قائم نه ٿو رکي سگھجي. تنھن ھوندي به چؤماسي جي مند اندر، مينهن جو آڙنگ جيڪو ٿئي ٿو، سو تتل ۽ ٺوٺ ڌرتيءَ تي اوڀڙ اڀرڻ جو سبب بڻجي ٿو. وسڪاري دوران پيل برسات، ڄڻ زمين ۽ آسمان جو ميلاپ ھجي. جنھن منجھان اھا اوڀڙ اڀري ٿي، جنھن لاءِ ڪا به اڳواٽ تياري نه ٿي ڪئي وڃي. گھڻا خود-رو ٻوٽا ان مند ۾ ڦٽن ٿا، جن لاءِ نه ھر ڪاھجي ٿو ۽ نه وري ٻج ڇٽجي ٿو. (۳۵) ص ۲۲۳
    مطلب؛ ۱ - نر سان ملڻ واري غلطي ڪرڻ جي خاصيت ته ان ڌرتيءَ ۾ پڻ آھي، جنھن تي انسان آباد آھي.
    50. سپ نه ماري، سراپ ماري. (پھاڪو)
    سپ: سنهو ۽ پيٽ سُڪل نانگ. سراپ: ڊپ، ڀؤ، ھائُو، دھشت.
    سنھا ۽ پيٽ-سُڪل نانگ به، پنهنجي نالي سان آهن. ڪهڙي به جُنگ جوان کي، سندن هڪ چڪ بس آهي، جنھن سان کيس وڏو جوکو رسائي سگهن ٿا. ڪکيل ماڻهو، وري جڏهن نانگ کي ڏسندو آهي، تڏهن سندس دل تي خوف جو اثر ويهجي ويندو آهي ۽ دل لاهي ڇڏيندو آهي. دل ۾ وھم ويھي ويندو اٿس ته؛ هاڻي مري ويندس! انهيءَ ڪري بعضي ته غش به ٿي ويندا آهن. ڪي ته مري به ويندا آهن. ان لاءِ ھڪ مثال ڪتابن اندر آيل آھي.
    ھڪڙي ڏيڏر نانگ کي چيو؛ ”ماڻھو تنھنجي ڏنگ کان نه بلڪ ڀؤ کان ٿا مرن.“
    نانگ کيس چيو؛ ”نه! مون منجھ جيڪو زھر ڀريل آھي، ان جي اثر کان ٿا مرن.“
    ڏيڏر سندس اھا ڳالھ قبول ڪرڻ لاءِ، مثالي دليل گھريو. نتيجي ۾ ٻئي ڄڻا، رستي جي ھڪ پاسي کان لڪي ويٺا. ھڪڙو واٽھڙو اچي اتان لانگھائو ٿيو ته نانگ کيس ڏنگ ھنيو پر، جلد ٻوڙي ۾ لڪي ويو. انھيءَ دم ڏيڏر ٽان ٽان ڪندي، نڪري نروار ٿيو. ھمراھ ڏيڏر کي ڏٺو ته سمجھيائين؛ ڏيڏر نُھُنڊَ ڏني آھي. سو خير جھڙي ڳالھ سمجھي، روانو ٿي ويو. ان تي ڏيڏر چيس؛ ”ڏٺئي، اگر زھر ۾ اثر ھجي ھا ته ھمراھ ڦھ پٽيءَ تي ڪري ھا. ھاڻي ھن سمجھيو ته ڏيڏر جو چڪ آھي، تنھن کان ڊپ نه ڪيائين ۽ سور ساٽاڻيون نڪتو ھليو ويو.“
    وري ٻيھر لڪي ويٺا. ھاڻي ھڪڙي لنگھندڙ کي، ڏيڏر چڪ ھنيو ۽ يڪدم ٻوڙن ۾ لڪي ويو. اتي ئي اتي، نانگ ڦوڪارا ڏيندو نڪري نروار ٿيو. ھمراھ سمجھيو ته نانگ ڪکيو آھي، سو ڀوَ ۾ ٻٽڪو ڏيئي وڃي ڌرتيءَ تي پيو ۽ مري ويو.
    ”ڏٺئي! مون ۾ ته زھر به ڪونھي، تنھن ھوندي به ھمراھ رڳو تو وارا ڦوڪارا ڏسي غش ٿي ويو ۽ روح پرواز ڪري ويس. ڇو جو سندس دل تي تو واري ھيبت ويٺل ھئس. جنھن سببان مڙس مري ويو.“ ڏيڏر دليل ڏيئي چيس؛ ”ان مان سمجھ ۾ آيو ته تو وارو زھر نه بلڪ دھشت ٿي ساھدارن کي ماري.“
    مطلب: ۱ - نانگ نه ماري، نانگ جو ھائُو ماري.
    ۲ - سپ نه ماري، سپ جو ڊپ ماري. (۱۲)
    51. سپوتر سؤ ڀلا نِه ڪپوتر هيڪ ئي ڪڪ ڪري. (چوڻي)
    سپوتر: سپوت، کاٽو پٽ. ڪپوتر: ڪَپُٽ، نڀاڳو ٻار. هيڪ: هڪ. نِه: ۽.
    ڪڪ ڪري: تنگ ڪري.
    سڌريل، بااخلاق اولاد ڀلي سؤ پٽ هجن، پالڻ/ سنڀالڻ سولا آهن. انهن جي مالڪي ڪرڻ باعث، عزت ۽ فخر ٿئي ٿو. جڏهن ته اڌريل هڪ پٽ به وڏو درد سر پيدا ڪندڙ هوندو آهي. روز ايڏا معاملا کڙا ڪندو جو پيءُ کانئس بيزار ٿي پوندو. ان هڪڙي کي سنڀالڻ تمام ڏکيو آهي.
    مطلب: فائدي وارا، سؤ ڪم سولا، نقصان وارو، هڪ ڪم به ڏکيو. (۶) ص ۱۱۳

    52. سج لٿي کان پوءِ دير ڪانھي،
    ڦرئي کان پوءِ ڀؤ ڪونھي. (پھاڪو)
    ۱ - ڏينھن، رب پاڪ خلقيو آھي، انسان لاءِ ته جيئن منجھس پنھنجي معيشت کي سڌاري سگھي. ان لاءِ ھر ماڻھوءَ جي ڪوشش ھوندي آھي ته سج اڀرڻ کان سج لھڻ تائين واري وقت ۾ پنھنجا محدود وسيلا استعمال ڪندي، پنھنجا گھڻي کان گھڻا ڪم پورا ڪري سگھي. جڏھن سج لھندو ته پوءِ کيس وقتي طور تي بريڪ ڏيڻي پوندي. ان دوران ھر ڪنھن جي وات تي اھو ھوندو آھي ته دير پوڻ کان اڳي ڪم اڪلائي ڇڏيان. ھاڻي اگر ڪو کي ڪنھن ڪم ڪندي سج لھي ويو آھي ته پوءِ کيس اڃا ڪھڙي دير ٿيڻ جو ڀؤ رھيو؟ ڇو جو سج لھڻ کان پوءِ دير ٿي ته به ڳالهه ساڳي آهي.
    ۲ - سفر وغيرھ ۾ ھر ماڻھوءَ کي پنھنجي مال جي سنڀال جي ڳڻتي ۽ فڪر هوندو آھي. ان فڪر سبب، ڦرجڻ يا لٽجڻ جو ڀؤ به اوس ھوندو اٿس. جڏھن ھڪڙي ماڻھوءَ کان مال ملڪيت چور/ ڦورو ڦري ويا، پوءِ کيس ڪھڙي شيءِ جي ڦرجڻ جو ڀؤ ٿو رھي؟
    مطلب: ۱ - سج لٿي کان پوءِ، اوير ڪانھي، ڦرئي کان پوءِ ڊپ ڪونھي.

    53. سڃو پٽيل، راڄ تي چٽي. (پھاڪو)
    پٽيل: چڱو مڙس، پريو مڙس.
    هندو پنھنجي چڱي مڙس کي مُکي ۽ مسلمان وري پنھنجي نيڪ مرد کي وڏيرو/ رئيس ڪوٺين. اھڙيءَ طرح وري اڇوت يا شودر وري پنھنجي چڱي مڙس کي پٽيل چون.
    چڱو مڙس، ڪھڙي به قوم يا مذھب وارن جو ھجي، لئه جو بکيو ضرور ھوندو آھي. پوءِ وٽس مال ملڪيت ھجي يا سڃو ڇو نه ھجي. کيس لئه کپي. اگر پنھنجو مال ملڪيت اٿس ته پنھنجي مال مان، اگر نه اٿس ته غريبن ۽ راڄ وارن جي مال مان پيو لئه ڪندو آھي. غريبن تي ڄڻ چٽي ٿي پوندو.
    مطلب: وڏيرو سڃو ٿيندو ته راڄ تي ڏچو هوندو.

    54. سچ سنگت سين ٻُڌيا وڌي، جيئن جهاڙي اوٽ گهاس،
    نرمونڍ ڪي سنگت سين، هو اڳلي ٻُڌيا ڪا ستياناس. (چوڻي)
    سچ سنگت: چڱن جي صحبت. ٻڌيا: عقل، سمجهه. جهاڙي اوٽ: وڻ جي اوٽ ۾. گهاس: گاھ. نرمونڍ: بيوقوف. اڳلي: اڳين، موجود.
    سچي ماڻهوءَ جي سنگت مان ڪو به نقصان ناهي. هٿائين سندس صحبت جي اثر سبب گهڻا ئي فائدا آهن. پهريون ته چڱن سان گڏ اٿڻ ويهڻ واري کي هر ڪو چڱو چوندو آهي. ٻيو سندس چڱائي/ سچائيءَ مان، ساک پت ۽ علم عقل جهڙا ڪيئي اڻ ڳڻيا فائدا پڻ پهچن ٿا. اھو ائين آھي، جيئن وڻ جي وٽ/ پاڙ ۾ ڦٽل گاھ؛ جنهن کي نه ڪو ماڻھو سٿرو ويھي وڍي سگھي ۽ نه وري ڪو جانور منجھس سولو چڪ هڻي کائي سگهي.
    ان جي برعڪس بيوقوف جي سنگت ساٿ ۾، سندس بيوقوفين سبب رڳو نقصان ئي نقصان آهي. رهيو کهيو نور به موڪلائي وڃي.
    مطلب: ۱ - ماڻهو، صحبت جي اثر جا به فائدا/ نقصان حاصل ڪندو آهي.
    ۲ - چڱن سان چاه پئي، من ميڙ ڪيائين،
    رڱجي ته لال ٿيندو، نه ته ڪڪوربو ته سهي.
    ۳ - چورن سان چاه پئي، من ميڙ ڪيائين،
    پوندو ته ڪاٺ، نه ته ڪوٺائبو ته سهي. (۲) ص ۶۴.

    55. سخاوت، پنھنجي گهر کان شروع ڪجي. (چوڻي)
    پنھنجي قبضي ۽ تصرف هيٺ آيل شيءِ، ٻين تي خرچ ڪرڻ تمام ڏکي لڳندي آهي. ڪي ويجها مٽ عزيز اهڙا به هوندا آهن، جيڪي انهن شين ۽ ڌن دولت کان وڌيڪ پيارا هوندا آهن. ساڻن ميٺ محبت قائم رکڻ لاءِ، اهو ڪليو قانون آهي ته پياريون شيون، ضرورت آهر، هڪيون حاضر ڪري مٿن نڇاور ڪجن.
    سخاوت ۽ ديا جو پڻ، اهو اصول آهي ته مٽن مائٽن، والدين ۽ اولاد کان ان جي شروعات ڪجي. اگر انهن رشتن تي سخاوت نه ٿا ڪري سگهون ته پوءِ دوستن، واقفڪارن تي ڪيئن ڪري سگهنداسين. ڇو جو مال جي محبت، دل اندر رکيل آهي. دل منجهه رکيل شيءِ، هٿان ڪڍڻ ڏاڍي ڏکي آهي. جڏهن، اها ويجهن رشتيدارن لاءِ نه ٿا ڪڍي سگهون ته پوءِ، زندگيءَ جو گذران، جيڪو ٻين سان ربط واري ناتي تي جڙيل آهي، ڪيئن قائم رکي سگهبو.
    اگر هڪڙو ماڻهو، پنھنجي جان ۽ مائٽن کي ڇڏي، ڌارين مٿان سخاوت ٿو ڪري، سو به ظالم ۽ خود غرض، لالچي ۽ گيدي ٿي سگهي ٿو. ان کي سخي يا هڏ ڏوکي نه چئبو.
    مطلب: ۱ - چڱائيءَ جي شروعات، جان، گهر ۽ مٽن کان ڪجي.
    ۲ - نيڪيءَ جو حق؛ اول مٽن جو آهي، پوءِ ٻين جو آهي.

    56. سڌريا به گھر جي سونھن آھن. (پھاڪو)
    سڌريا؛ لِڏِ ۽ مٽيءَ مان ٺھيل الماڙي نما ڪٻٽ.
    ٿر جي ڪچن گهرن يا چونئرن ۾، غربت سبب، لوھي الماڙيون يا ڪٻٽ نه هوندا آهن. سگھڙ عورتون، پنهنجن گهرن اندر لڏ ۽ مٽيءَ منجھان، خوبصورت ڪٻٽ يا الماڙي نما سَڌريا ٺاهينديون آھن. مٿن مٽيءَ سان چٽسالي ڪري، ننڍڙيون آرسيون به لڳائي ڇڏينديون آهن. پري کان ڏسندڙ کي، اھي سڌريا، قيمتي الماڙيون نظر ايندا آهن. منجھن قيمتي شيون ۽ ڪپڙا رکبا آهن. (۳۵) ص ۲۴۷
    مطلب؛ ۱ - گھر جي اندر، مٽيءَ جو ٿانءُ به وڏي وٿ آھي.
    ۲ - گھر جو سونھن آھي ئي، ٿانءَ ٿپي سان.

    57. سرامڻ جو سرجيو، ڄائو اسوءَ ماھ، ڏياريءَ جو ڏڻ، ٻاري وٺو مٿي باھ. (چوڻي)
    سرامڻ؛ سانوڻ، سنبت سال جو مهينو جيڪو جولاءِ-آگسٽ ڌاران اچي. سرجڻ؛ سنجرڻ، عدم منجھان وجود وٺڻ. اسو؛ آڪٽوبر ڌاري ايندڙ سنبت سال جو مھينو. ڏياريءَ جو ڏڻ؛ نومبر ڌاران ٿئي.
    سانوڻ مھيني دوران پيل برسات سان سيءَ يا ٿڌ جي شروعات ٿيندي آھي. ٿر جي واري رات ڌاري ٺري، سڄي ٿر کي ٿڌو ڪري ڇڏيندي آھي. گرمي گهٽجي ويندي آھي ۽ ٿڌ جي شروعات ٿي ويندي آهي. ان وقت ڄڻ سياري جي موسم اڃا ماءُ جي پيٽ ۾ هوندي آهي.
    اسوءَ ڌاري سيءُ باقاعدي محسوس ٿيندو آهي. اسو ڄڻ سياري جي جنم جو مهينو هوندو آهي.
    ڏياريءَ جي ڏڻ تي ٿر جي واري، ٿڌ لڳڻ سبب، اڃا وڌيڪ ٺري ويندي آھي،. جنھن سان سيءَ جي ڦوھ جواني منھن ڪڍندي آھي. ماڻهن کي ڪاٺي ڪلي ميڙي، مٿن کان مچ ٻارڻ جي شروعات ڪڻي پوندي آھي. (۳۵) ص ۲۰۵
    مطلب؛ ۱ - سيارو، سانوڻ ۾ سنجري ٿو، آڪٽوبر ۾ ڄم ٿئيس ٿو ۽ ڏياريءَ جي ڏڻ تي جوان ٿئي ٿو.

    58. سرامڻ صحيح وسي ته سٺو آھي. (چوڻي)
    سرامڻ/ سانوڻ جو مينھن، پورالي نموني سان وسندو آهي. ڪڏهن ڪٿي، ته ڪڏهن ڪٿي. لڳاتار وسڻ سبب تمام سٺو وسندو آهي. تل ۽ ترايون، تار ٿي وينديون آهن. ملڪ ملهير ٿي پوندو آهي. سانوڻ جو وسڻ، فصلن خاص طور پاڻ-مرادو ڦٽندڙ ٻوٽن لاءِ، تمام گھڻو ڪارائتو آھي. (۳۵) ص ۲۰۰
    مطلب؛ ۱ - سانوڻ جو سڄو مهينو، اگر ٿر اندر برسات وسي، ته سڄو سال سڪار ھوندو آھي.

    59. سرڪار ڪي ري، مان نڪو ٻاپ. (چوڻي)
    ڪي: ڪنهن. ري: جي. مان: ماءُ، امڙ. ٻاپ: باپ، بابو، ابو، پيءُ.
    انگريزن جي دور حڪومت ۾، هڪڙو ٿريو، ناري پٽ ۾ اچي ڪوٽوار جي نوڪريءَ چڙهيو. کيس سرڪاري طرح وردي ۽ ڳاڙهو پٽڪو مليا. ڳچ وقت نوڪريءَ تي رهڻ ۽ ڪمائڻ کان پوءِ، نيٺ گهر ٻار جي سڪ لڳس. موڪل وٺي، ڳوٺ گهمڻ ويو. ڳوٺ وارن تي اثر وجهڻ خاطر يا ٻيا ڪپڙا نه هئڻ سبب، سرڪاري وردي پائي ڳوٺ وڃي پهتو.
    ٻارڙن کيس ڏٺو ته؛ ”ابا ابا“ ڪري اچي ڪانچ ۾ چنبڙيس. سرڪاري ورديءَ ۾ ائين هٿ پوندو ڏسي، مڙس ڪاوڙجي پيو ۽ يڪدم ٻارن کي ٿيلها ڏئي پري ڪرڻ لڳو.
    ”اڀان نان کبر اهي، هون هيڻان سرڪار اھان! پرها ٿيو! مان جا ڳڀا ٿا بگاڙيو!“ کين لوڌيندي چوڻ لڳو؛ ”توهان کي خبر آهي؟ مان هاڻي سرڪار آهيان. پري ٿيو، منهنجا ڪپڙا نه گهنجايو!“
    ”مئا! ڇتو ڪي ٿيو اهين! تون ٻاپ اهين، تڏهان ٿا آئين!“ جوڻس، ٻارن کي لوڌڻ تان، رهڙ ڏيندي چيس؛ ”مئا ڇتو ڇو ٿيو آھين؟ ابو آھين، تڏھن ٿا چنبڙني.“
    ”سرڪار ڪي ري، مان نڪو ٻاپ.“ زال کي کتو جواب ڏيندي چيائين؛ ”سرڪار، ڪنهن جي نه ماءُ نه بابو!“.
    مطلب: ۱ - سرڪار، سرڪار آهي.
    ۲ - سرڪار، ڪنهن جي مٽ عزيز ناهي. تنھنڪري سرڪار يا سرڪاري قانون سان، هُج نه ڪرڻ گهرجي.
    ۳ - سرڪار وٽ، ماءُ پيءُ واري پاس خاطري ناهي هلندي.
    ۴ - سرڪار، ڪنهن جي پيءُ ماءُ ناهي.
    ۵ - سرڪار ڪنهن جي چاچا ماما نه هوندي آهي.
    ۶ - سرڪاري ملازم کي، عصبيت نه ڪرڻ گهرجي. (۶) ص ۱۱۲.

    60. سرمر ڌوئي پاڳ، چلي اڍنگي چال،
    گهر گهر گهومي انت گهڻي،
    گيت رستا ۾ گاوين، نر ڏيکي نخرو ڪري،
    ايتي نار ڪلڇڻي. (چوڻي)
    سرمر: ترائيءَ تي، کوه تي. پاڳ: پير. گهومي: گهمي، رلي. نار: زال، عورت. ايتي: اهڙي. ڪلڇڻي: اڍنگي، بنا لڇڻ جي.
    ۱ - کوه يا ترائي، پاڻي ڀرڻ جي جاءِ آهي، جتي هر ڪو پاڻي پيئڻ يا ڀرڻ اچي ٿو. اهڙي عوامي مرڪز تي، اگر ڪا عورت اچي ۽ پنيون اگهاڙيون ڪري ويٺي پير ڌوئي سا به لڇڻن ۾ ڪمزور چئبي.
    ۲ - عورت جي هلڻ چلڻ جو به هڪ ڍنگ ٿيندو آهي. هر شائسته عورت، انهيءَ ڍنگ رنگ سان وک کڻندي آهي. جيڪا اڍنگو اٿي ويهي، سا به بد اخلاق سڏرائيندي ۽ ڪنهن کي نه وڻندي.
    ۳ - عورت جو محور؛ پنهنجو گهر، پنهنجا ٻار، پنھنجي گهر جو سانجڻ ۽ ڌوئڻ آهي. اهي ڪم ڇڏي جيڪا پراون گهرن ۾ پئي گھوم ڪندي، گهمندي ۽ رلندي، سا به پنهنجي انهيءَ اخلاقي پستيءَ سبب، مڙس کي پِتي تي ڪا نه پوندي.
    ۴ - راڳ ۾ جنسي بد اخلاقيءَ جو عنصر شامل آهي. اهو جنسي لاڳاپن جي اظهار جو ذريعو ۽ سڏ به آهي. جيڪا عورت کلم کلا ۽ رستي ويندي پئي راڳ ڳائيندي، سهرا يا لاڏا چوندي سا به پنهنجي انهيءَ ڇڙواڳيءَ سبب، ڌارين مردن جي نظرن جو کاڄ پئي ٿيندي. شريف مڙس، کيس برداشت نه ڪندو.
    ۵ - نخرو ۽ ناز، لاڏ ۽ ڪوڏ، پنهنجن آڏو ٺهي ٿو. ٻين جي آڏو نه ٿو ٺهي. ڇو جو نخرو ۽ ناز، برداشت ڪرڻ ڏکيو آهي. جيڪو برداشت ڪندو، تنهن کي دل ۾ لالچ ضرور هوندي. ڌارئي مرد جي لالچ، هر ڪو سمجهي سگهي ٿو. اهڙي قسم جي عورت، جيڪا ڌارين آڏو نخرا ڪري، سا مڙس کي دل تي ڪا نه پئي آئڙندي.
    مطلب: ۱ - عورت کي، سٺا لڇڻ ڌارڻ گهرجن.
    ۲ - عورت کي، ڪڌن لڇڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. (۲) ص ۶۳.

    61. سُر منڊل جي ساز جو، سانڊي ڪهڙو سُور،
    راڻي جي راڳ تي، رڍ نه ريجهي مُور،
    ڪهڙو قدر ڪافر کي، سندو نبيءَ نُور،
    ڄٽ نه ڄاڻي ڳالهه کي، ٺوڪي رکي ٺُور،
    عقل کان سدا اُهي، رهن چار ئي چُور. (چوڻي)
    سانڊو: رنگ بدلائيندڙ، منافق ماڻهو. سر منڊل جو ساز: مُرلي. رڍ: بيوقوف ماڻهو. ڪافر: انڪاري، حقيقت کي نه مڃيندڙ. ٺُور: ميار. چُور: کٽل، وانڌو.
    ۱ - مُرليءَ جي واڄي تي واسينگ نانگ لھر ھڻندو آهي. مٿس سانڊو ڪين ريجهندو آهي. مرليءَ جي واڄي جو ٿورو گھڻو، نانگ تي اثر ٿئي ٿو. سانڊي تي اھو به نه ٿو ٿئي. ايئن به چوندا آھن؛ ”نانگ ريجھائڻ سولو، کرو ڪو جو ڳوھ ريجھائي.“
    ۲ - مومل راڻي وارو راڳ به اهلِ دل تي اثر ڪندو آهي. بيعقل ماڻهو منجهانئس ڪو به اثر نه وٺندا آهن. ائين به چوندا آھن؛ رڍ اڳيان رباب، وڄائيندي ورھيه ٿيا.
    ۳ - نبيءَ اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي نور جو قدر، مڃيندڙ ۽ مسلمان کي ٿيندو آهي. ڪافر ۽ انڪاريءَ تي اهڙين ڳالھين جو ڪو به اثر نه ٿيندو آهي.
    ۴ - ڄٽ ماڻهو، ڳالهه جو نه سُر مُنڍ سمجهندو آهي ۽ نه ئي سمجهائڻ سان ڪي منجهانئس ورندو آهي. هٿائين اٽلو سمجهائڻ واري تي ميار پيو رکندو آهي.
    مطلب: ۱ - سر منڊل جي ساز مان، سانڊو ڇا ڄاڻي؟ (۳۵) ص ۲۴۴
    ۲ - سانڊي، رڍ، ڪافر ۽ ڄٽ تي مٿو کپائڻ اجايو آهي. مٿن نصيحت جو ڪو به اثر نه پوندو. (۱۲) ص ۱۴۰.

    62. سِرُ وڏو سپوٽ جو، پير وڏو ڪپوٽ جو. (چوڻي)
    سِرُ: مٿو. سپوٽ: کاٽو پٽ، سڌريل پُٽ. ڪپوٽ: نڀاڳو اولاد.
    ڀاڳ/ نڀاڳ، ڪنهن جي نرڙ ۾ لکيل نه هوندو آهي، نه ئي وري ان جو جسم جي ڪنهن عضوي سان تعلق آهي. تنهن هوندي به تجربي/ مشاهدي ۾ جيڪي ڳالهيون آيون آهن، سي عام ٿيڻ سبب، چوڻيءَ جي صورت اختيار ڪري ويون آهن. عقل/ فهم وارن لاءِ، ڪي نشانيون ڇڏيون ويون آهن. جن تحت اڳلي جو مُنهن- نارُ ڏسي، سندس بابت راءِ قائم ڪري سگهن. جيئن چوندا آهن؛
    ڊگهو؛ بيوقوف. حالانڪ سمورا ڊگهي قد وارا، بيوقوف نه هوندا آهن.
    بندرو؛ شيطان. ضروري ناهي، هڙ پسته- قد/ ڪوتاه- قد، لچ ۽ شرير هجن.
    شيرو؛ بيوفا. ضروري ناهي ته شيرين اکين وارا سمورا، مطلبي هجن.
    اهڙيءَ طرح هتي به ٻڌايو ويو آهي ته جنهن جو مٿو وڏو آهي؛ سو ڀاڳوارو هوندو. وڏن پيرن وارو نڀاڳو/ اڌريل هوندو. حالانڪ ائين ضروري ناھي ته ھجي به.
    مطلب: ۱ - سپوٽ/ ڪپوٽ، انگن مان عيان هوندو آهي.
    ۲ - نڀاڳو ٻار، پينگهي ۾ پڌرو، سمهار سنئون، اٿي اونڌو.
    ۳ - ڀيٽيو: ڇتر ڏنتو ڪو ئي ڪ مورک، ڪو ئي ڪ نرڌن ٽالڪا. (۵)

    63. سڪار ۾ ئي سڄڻ ياد ايندا آھن. (پھاڪو)
    خالي کيسي وارو پيو پور پچائيندو ۽ موالين وانگر پنڪيون کائيندو. کيس، سواءِ پئسي جي، ٻيو ڪجهه به نه پيو سُجھندو آھي. نه پاڻُ وڻندس، نه ٻئي جو اچڻ. پيارو دوست به اگر لڙي آيس ڄڻ، مٿان پهاڙ ڪري پيس. پنهنجي سر جي ڪري يا دوست جي ٽھل ٽڪور ڪري. منهن ڀيلو ڪيو پيو دوست کي تڪيندو.
    جنهن وٽ چار پئسا آھن، سو هڪڙن دوستن جي خدمت پيو ڪندو، ته ٻين کي اچڻ لاءِ نياپا پيو موڪليندو. کيس هر دوست ۽ مٽ ياد پيو پوندو. ساڻس رھاڻ ڪرڻ لاءِ، وقت وافر پيو سمجھندو. (۳۵) ص ۲۲۴
    مطلب؛ ۱ - ھوند تي ھونگر آھي.
    ۲ - وسڪاري سان سڪار ٿئي ۽ سڪار اندر وڇڙيلن جو ميلاپ ٿئي.

    64. سڪارين ڀلا سيڻ، ڏڪارين ڀلا ڏاڻيا. (چوڻي)
    سڪارين؛ سڪار ۾. سيڻ؛ مائٽ. ڏڪارين؛ ڏڪار منجھ. ڏاڻيا؛ داڻا، ان ڀٽارو.
    سڪار اندر ھر ڪنھن کي سڄڻ ياد ايندا آهن. مهمانن جو اچڻ ۽ ٽڪڻ به پيو وڻندو آھي. مھمان جي نه اچڻ کي نڀاڳ جي نشاني پيا سمجھندا آھن. مٽ مائٽ، دوست يار کي دعوتون ڏئي پيا گهرائيندا آهن. دل کولي مهمانيون ڪندا آهن ۽ سندن اھا مهمان نوازي ڏسڻ وٽان هوندي آهي.
    ڏڪار جي حالت ۾ هر ڪو پنهنجي پيٽ پالڻ ۽ مال جي چاري ھٿ ڪرڻ لاءِ پريشان هوندو آهي. ڏينهن رات ڏٿ ميڙڻ جي خفي ۾ ھوندا آھن. ان وقت، سر ۽ مال جي ڪن يا مھمانن جي ڪن. ڪڻي ڪڻي تي پيا ساھ ڏيندا. پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي تي پيا وڙھندا. خدمت خدمت جي ماڳ، مھمان جو اچڻ ماڳھين مصيبت پيا سمجھندا. مھمان کان وڌيڪ، ان جي ڪڻي کي سنڀالڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رھندا. (۳۵) ص ۲۰۸
    مطلب؛ ۱ - سڪار ۾ مائٽ عزيز سٺا لڳندا آهن. ڏڪار ۾ ان جا داڻا سٺا لڳندا آهن.

    65. سنڌ سمون، ڪڇ چنون، ڀاٽي جيسلمير،
    چوٿون چغدو، جنهن جي پيڙهيءَ مٿي پير. (چوڻي)
    چار قومون، سنڌ ۽ ساڻس ملحق رياستن جون حڪمران رهيون آهن.
    ۱- سمان: سنڌ جا حاڪم رهيا آهن. ڪھاوتن ۾ يا ورجيسي طور تي پڻ چيو ويندو آهي؛ اهڙي نه سمي ڪئي، نه سومري ڪئي. جيئن ته سما ۽ سومرا سنڌ جا حڪمران رهيا آهن. حڪمرانيءَ جي زور تي، راڄ مٿان ڏاڍُ ۽ ظلم پڻ ڪيائون، پر ايترا قيس ۽ ڪلور نه ڪيائون، جھڙا اڄ جي دور ۾ نظر اچن ٿا. سمن تي زوال آيو ته ذات مَٽي زندگي گهارڻ لڳا. اڄ کوڙ ذاتيون، سمي ۾ لڪن ٿيون.
    ۲- چنون، ڪڇ ملڪ جو حڪمران رهيو آھي. ان ذات وارا وڏي ڏهڪاءَ ۽ حشمت وارا حڪمران رهيا آهن. زوال آيو ته سانگ پائي ٻين ذاتين ۾ لڪيا. هاڻي کوڙ ذاتيون، چنون ۾ لڪن ٿيون.
    ۳- جيسلمير جي علائقي تي ڀاٽي يا ڀٽي قوم ڇانيل ۽ حڪمران رهي آهي. ٻين هنڌن تي به اتان ٽڙيا پکڙيا. گهڻائيءَ سبب، ايترا هٺيلا ٿيا جو مٿن ڪهاوت جڙي: ڀاٽيه بہ/ بد ذات، در هندوان. (ڀاٽي ذات، ھندن منجھ ڀلي/ بڇڙي آھي.)
    ۴- چغدو پڻ قوم آهي پر انهن جي پيڙهي ايتري نه وڌي. حڪمرانيءَ ڏانھن ڌيان گهٽ وين. تنھنڪري سندن ناموري ڪنهن علائقي جي حساب سان نه ٿي. ڪن ته سندن لاءِ لکيو آهي؛ چوٿون چغدو، جنهن جو پلنگ مٿي پير. يعني اهي فقط پلنگن تي سمهي، ننڊون ڪري وقت وڃائين.
    مطلب: ۱ - سنڌ سمو، ڪڇ چنو، ڀاٽي جيسلمير، چوٿون چغدو، جنهن جو پلنگ مٿي پير.
    ۲ - سنڌ جا حاڪم سما، ڪڇ اندر چنا ۽ جيسلمير جا ڀاٽي آهن. باقي چغدو، ٽنهي هنڌ ناهي.

    66. سرياند هجين ته ڳئون ڌار. (ڪڇ، چوڻي)
    ڳائي مال ۾ گڻ گهڻا ٿيندا آهن. گهٽ کاڌي تي منجهانئس اپت جھجهيرڙي ٿيندي آهي. سال تي ڦر ڦروٽا به پيا ملندا. گابا ڄاوا ته به ڏاند ٿي پاڻ ملهائيندا. هر ۽ نار، گاهه ۽ گاڏيءَ ۾ وهي واھر ڪندا. شاديءَ غميءَ ۾، ڀت رڌڻ منجهه به پيا ڪم ايندا. ڳائو گوشت ته ڇا چئجي؟ جيڪڏهن گابيون ڄايون، ته به بخت وريو. لڳندي ۽ ويامندي ته منجهانئس ڌڻ ٿيندا. کير مکڻ پنهنجو ٿيندو. ڌاريندڙ، کير مکڻ جي محتاجيءَ کان بچي پوندو. کير مکڻ به اهڙو جو ٻيو کير مکڻ پڄيس ئي نه. ڇيڻا به فائديمند. سڪي کان پوءِ باه ٻارڻ جي ڪم اچن. ڇيڻن جي باهه تي پڪل مانيءَ ۽ ٻوڙ جي لذت ئي پنهنجي آهي. جيڪڏهن ڇيڻا سڪي ڀور ٿيا ته ڀاڻ طور ڪم ايندا. ڳائو ڀاڻ به، ٻنيءَ لاءِ، طاقت وارو آهي.
    ان جي برعڪس، رڍ ڪمزور، کير پولڙين گاڏڙ ٿئيس. سال ۾ ٻه دفعا ويٺو ڏاس ڪتري آجو ڪرين. ڏاس جون ٻه پُٺيون لٿيون ته رڍ؛ نه ڏھڻ جي لائق ۽ نه ڪھڻ جي لائق. نه لڳي ۽ نه ويامي. ڪُھ ته گوشت منجھ عجيب بوءِ. نه وري سندس پولڙيون/ ڦولھڙيون باهه لاءِ ڪتب اچن. ڀاڻ طور ڪتب اچن پر ايتري جھجهي تعداد ۾ نه هئڻ سبب، خاطُر ۾ ئي ڪير نه آڻين. گوشت ۽ کير مکڻ به سوادي نه ٿئين. غريب ماڻهو، ڏاس وٽڻ ۽ گذر سفر لاءِ ئي وڃي ڌاري، باقي ٻئي جي حاجت ناهي.
    مطلب: ۱ - هوند تي ڳئون ڌارجي، اڻ هوند تي رڍون ئي ڌارجن.
    ۲ - رڍون ڌارڻ، سرنديءَ واري جو ڪم ناهي.
    ۳ - ڳئون پالڻ لاءِ گاهه پٺو هجي ۽ کٽر مال کي جهلڻ لاءِ لڱن ۾ طاقت پڻ هئڻ گهرجي. (۲۲) ص ۳۲.

    67. سڪلن گڏ، آلا به ٻريو وڃن. (پھاڪو)
    باھ جو خاصو آھي؛ سڪيءَ شيءِ کي ساڙي ڀسم ڪرڻ. آليءَ سان باھ گھٽ وچڙ ڪندي آھي. جڏھن سڪيءَ سان گڏ آلي شيءِ ھوندي ته سڪيءَ کي لڳل باھ جي تَوَ تي اھا به پاڻيٺ سڪائي ويندي ۽ باھ لڳڻ جي قابل ٿي پوندي. آليءَ شيءِ جي، سڪيءَ شيءِ سان صحبت، نقصان جو سبب بنجي پوندي.
    مطلب: ۱ - سڪين ڪاٺين سان، سايون به ٻريو وڃن.
    ۲ - سڪل ڇيڻن سان گڏ، آڊوکا به ٻريو وڃن.
    ۳ - ڏوهين سان گڏ، بي ڏوهي به تڪليف ۾ اچن.
    ۴ - ڪميڻن جي صحبت ۾، اشراف به بدنام ٿيو وڃن.
    ۵ - چڻن سان گڏ گُهڻا به پيسجي وڃن.
    ۶ - سڪن گڏ ساوا به سڙيو وڃن. (سنڌ)
    ۷ - سڪن سان گڏ، آلا/ ساوا به سڙن/ سڙيو وڃن.
    ۸ - سڪن گڏ آلا به سڙن.
    ۹ - سڪن جي آوهه/ڏوهه ۾، ساوا به سڙيو وڃن.

    68. سُڪي تي ڏانگڙو ته مينهن ايندو،
    وُٺي تي ڏانگڙو ته مينهن کڻندو. (مهراڻو، چوڻي)
    ڏانگ؛ لٺ. ڏانگڙو: انڊلٺ.
    وسڪارو؛ ٿر جي تهذيب ۽ تمدن جو روح آهي. ٿر جيئرو آهي ئي وسڪاري تي. وسڪاري ۾ سڪار ۽ سونهن آهي.
    وُٺو ته مال به خوش ته مارو ماڻهو به خوش. موسم ٿڌيرڙي ٿي پوي ٿي. ٿر جي واري ٺرڻ کان پوءِ، ساھوارن جو لڱ لڱ ٺري ڳڱ ٿيو پوي. اڃ ۽ اساٽ کي دور ڪرڻ لاءِ، پلر جي پالوٽ آهي. سڀڪو ڳوٺ ۽ ٿاڪ ڏانهن ائين موٽي ٿو، جيئن ٻين ديسن جا ماڻهو عيد ملهائڻ لاءِ عيد جي موقعي تي ڳوٺن ڏانهن ڀاڄ ڪن ٿا. ھڪڙي پٺاڻ کان پڇيائون؛ ”لالا! سنڌ ۾ رھيو پيو آھين، ڪڏھن پنھنجو ڳوٺ ياد ايندو اٿئي؟“ ٿڌو ساھ ڀري چيائين؛ ”جڏھن اسٽيشن تي گاڏي ڪري ٿو ’ڪو ڪو‘ ته لالي جو دل ڪري ٿو ’وطن وطن‘“. وطن جي سڪ ھر ساھدار کي ٿئي ٿي. ڳوٺ جو دڳ ڏسي، ڏاند به ڏورڻا ڀڃندا آھن. جيڪي وڇڙي ويا هيا، سي به وسڪاري وقت ورندا آهن ۽ محبتين جا ميلا ٿيندا آهن.
    ٿر وارا، هر سال انهيءَ توڪل تي هوندا آهن ته برسات جھجهي ٿيندي. برسات جا سنئوڻ ۽ ساٺ، نکٽ ۽ اهڃاڻ پيا جاچيندا. اُٻون اٿيون ته مينهن جو آسرو ٿيندو، موگهون نڪرنديون ته مينهن وسندا. موگهون، ڪڪرن مثل اڀيون لامون آهن، جيڪي سج اڀرڻ يا سج لهڻ کان اڳ نڪرنديون آهن.
    اهڙيءَ طرح وري جيڪڏهن سُڪي تي انڊلٺ نڪتي ته مينهن اچڻ جو آسرو ٿيندو. جيڪڏهن وُٺي کان پوءِ انڊلٺ ظاهر ٿي ته مينهن بند ٿي ويندو.
    مطلب: ۱ - انڊلٺ، مينهن جي اچڻ يا بند ٿيڻ جو اهڃاڻ آهي. مينهن کان اڳي ظاهر ٿي ته مينهن ايندو، پوءِ ظاهر ٿي ته بند ٿيندو. (۲۲) ص ۱۴۲.

    69. سک هوئين تو گهر ڀلا، نيتان ڀلا پرديس. (چوڻي)
    هوئين: هجي. نيتان: نه ته، ٻيءَ صورت ۾.
    پنهنجي گهر جهڙو سُک، ٻئي هنڌ ڪونهي. ان ۾ جيڪڏهن ڦيٽاڙو پوي يا بک/ بيروزگاري منهن ڪڍي ته اهو به دوزخ جي دڙي ٿي پوي ٿو. هر ڳالهه، ناسور وانگر اندران ئي اندران کائڻ شروع ڪندي آهي.
    اهڙيءَ صورت ۾ گهر ڇڏي پرديس جا ڏاکڙا سهڻ چڱا آهن. جڏهن ته ديس ڇڏي پرديس وسائڻ کي ڪنهن به چڱو نه سمجهيو آهي. ڏيهه ۽ ڏيهي ڇڏڻ، ڏکيا ڪم آهن.
    ڦيٽاڙي واري گهر ۾ گذارڻ کان، پرديس ۾ وڃي رهڻ کي ترجيح ڏيڻ ۾ ئي حڪمت عملي آهي.
    مطلب: ۱ - جهنگ جو تتو گهر ۾ ٺري، گهر جو تتو ڪٿي ٺري.
    ۲ - پنهنجو گهر، پنهنجي قبر.
    ۳ - پنهنجو گهر، هنگي ڀر، پرائو گهر، ٿُڪ اڇلي ڏر.
    ۴ - ٻاهر جي سڄيءَ کان، گهر جو اڌ ڀلو. (۶) ص ۱۱۵.

    70. سمان، سپان، ٺران، ٺپان، ٺاڪران، جر، مِگر، جوءِ،
    جو اُئان مٿي اعتبار ڪري، او انهان جهڙو هوءِ. (چوڻي)
    سمان: سما ذات. سپان: سپ جو جمع، نانگن. ٺران: لوهارَ. ٺپان: سونارا. ٺاڪران: ٺاڪرن. جَرَ: پاڻيءَ، درياه، سمنڊ. مِگر: مانگر مڇ. جوءِ: زال، عورت. ائان: انهن. انهان: انهن، مٿن.
    ۱ - سما سنڌ جا حاڪم رهيا آهن. ظلم/ ڏاڍ ۾ ضرب المثل هيا. اڄ تائين مثال ڏئي چئبو آهي؛ ”اهڙي نه سمي ڪئي، نه سومري ڪئي“.
    ۲ - نانگ به ڏنگ هڻڻ کان ڪين مڙندو آهي، پوءِ ڀلي کير تي ڇو نه پالجيس.
    ۳ - لوهر جو به ڪو اعتبار ناھي. سونارو چالاڪ آھي. ھيءُ ان کان وڌيڪ آھي. سونارو جتي سوين ڌڪ ھڻي، ڪم سڌو ڪري ٿو، اتي ھيءُ ھڪُ ڌڪُ ھڻي ٿو.
    ۴ - سونارو، بي ايماني نه ڪري، ته ماني ئي هضم نه ٿئيس. ماءُ جي نٿ مان نه مڙڻ وارو سونارو، عورتن جي مڪر کان به وڌيڪ مڪر ڄاڻندڙ آھي. تڏھن ته چيائون؛ ھڪ سؤ نار، ھڪ سونار. (ھڪ سونارو؛ مڪر منجھ سؤ عورتن برابر.)
    ۵ - ٺاڪر، مذهبي پيشوا جي حيثيت رکندي، عام ماڻهن جي مال ۾ نگهه وجهندو آهي ۽ مفت جي مانيءَ تي پلبو آهي.
    ۶ - درياءَ جي رخ ۽ عورت جي پُور تي ڪو به اعتبار نه ڪجي. ڪنهن وقت به رخ بدلائي سگهن ٿا. ساڻن احتياط وارو رويو رکڻ گهرجي.
    ۷ - مانگر مڇ يا واڳونءَ جي ڳوڙهن (Crocodile tears) تي اعتبار ڪبو ته جان وڃائبي. ھونئن به چوندا آھن؛ درياھ ڀر تي ويھي وجھجي نه واڳونءَ سان وير.
    ۸ - عورت جا ڳوڙھا ته واڳونءَ جي ڳوڙھن کان وڌيڪ موھيندڙ آھن. سندس وارن جون چڳون، گھوڙي کي پيل لغام واري رسي کان وڌيڪ مضبوط آھن. سندس مڪر کي عظيم مڪر ڪوٺيو ويو آھي. تنھن ھوندي به چوندا آھن؛ عورت ڪين ڄاڻي ته به، اُٺ مڪرن جو ڄاڻي. مٿس اعتبار ڪرڻ وارو، ضرور ٻوھي ۾ ڦاسندو.
    مطلب: ۱ - مٿي بيان ڪيل، اٺن شين تي اعتبار ڪرڻ ۾ نقصان آهي.
    ۲ - ساڳئي واقعي/ ڳالهه مان، هر ماڻھو مختلف رايو، ڪڍي ٿو. (۱۶)

    71. سمجهو ٺاڪر سريويئي، نهچڙلئي ئي ڇانو،
    سڌ تري رو پاڳوڙو، سڪلڻي ري ٻانهن. (چوڻي)
    سريويئي: سرت ۽ عقل وارو. نهچڙلئي: هميشه واري. سڌ تري: ڀلي گهوڙي. پاڳوڙو: رڪاب ۾ وڌل پير. سڪلڻي: سلڇڻي، سهڻي.
    ۱ - درٻار ۾ سوڍا ۽ ٺڪر اهي سمجهو ۽ ڀلا سڏبا آهن، جن کي هر معاملي جي سرت ۽ ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ لاءِ عقل هجي. بي عقل ۽ بددماغ ماڻهوءَ کان ڪو به نبيري جو فيصلو اُڪليو نه ٿيندو. اڪلائڻُ اڪلائڻَ جي ماڳ، ٺھيل معاملو به، وچڙائي گنجرائي ڇڏيندو.
    ۲ - ڇانءَ به اها سڏجي، جنهن ۾ ويهڻ وارو پوريءَ طرح سمائجي ويهي. اڌوري ڇانءَ يا ننڍڙو پاڇو، ويهڻ واري کي سڪون نه بخشيندو. اڌ ڇانءَ ۽ اڌ اس ۾ ويھڻ واري کي جلد، گرم-سرد يا اڌ-رنگ جو اثر ٿي ويندو آھي. ان ڪري ڀلي ڇانءَ اها آهي، جيڪا پوري ۽ گهڻي وقت لاءِ هجي.
    ۳ - گهوڙي به اها ڀلي چئبي، جيڪا واڳ جي اشاري يا رڪاب ۾ وڌل پير جي ٺينشڙي سان هلي ۽ مٿس لڪڻ اولارڻ جي ضرورت پيش نه اچي. چهبڪ ۽ لٺ سان ته گڏهه جهڙو نٺر جانور به سڌو ٿي هلندو آهي. ڀلي گهوڙيءَ جو اهو شان ناهي جو سئيس کي لٺين هڻڻ تي مجبور ڪري.
    ۴ - عورت به اها ڀلي چئبي، جيڪا اندر جي اڇي هجي. ظاهري طور اڇي چمڙي، اوچا لباس ڍڪڻ ۽ سونا زيور پائڻ سان، عورت وقتي سهڻي ته نظر ايندي آهي پر سندس اصلي سونهن، سندس سٺن ۽ سهڻن اخلاقن اندر آهي. جيڪا ٻاهران سهڻي آھي ۽ اندران ڪاري آھي، سا جيئري ئي جهنم آهي.
    مطلب: حاڪم سمجهدار، ڇانءَ جٽاءَ دار، گهوڙي تازي ۽ عورت حيادار هئڻ گهرجن. (۲) ص ۲۳۷.

    72. سنپت آهي؛ برڪت. (چوڻي)
    سنپت: ٻڌي، ايڪتا.
    پاڻ ۾ ٻڌي ڪرڻ يا ايڪي ۾ رهڻ سان گهڻا ڪم، وڏي سولائيءَ سان نبري وڃن ٿا. جيڪي هوند، وڏن خرچن ڪرڻ سان به حل ٿي نه سگهن. اهڙي قسم جو فائدو، جيڪو بنا خرچن ۽ محنت جي ملي، سو برڪت پوڻ جي مترادف ئي هوندو آهي.
    مطلب: ۱ - مِٺ محبت ۾، گهر جا سمورا ڀاتي گڏجي، ڪم جو پورائو ڪندا ته گهر ۾ برڪت پوندي آهي.
    ۲ - پاڻ ۾ مٺ محبت ۽ ٻڌيءَ سان رهڻ ۾ برڪت پوي ٿي. (۱) ص ۱۷۳.

    73. سنڌ ۾ آهي ڪڻ تي، ٿر ۾ آهي ٿڻ تي. (چوڻي)
    ڪَڻِ تي: ڪڻڪ تي گذران. ٿڻ تي: کير تي گذران.
    ۱ - ڪڻ؛ بمشابہ ڪڻڪ جي آھي. سنڌ، بيراجي علائقو آھي ۽ سندس زمينون زراعت جي قابل آھن. منجھانئن ڀانت ڀانت جا فصل حاصل ٿين ٿا. جنھن ڪري سنڌ جي ماڻھن جو گذر سفر، زمين مان ملندڙ ان وغيرھ تي آھي.
    ۲ - ٿڻ؛ بمشابہ مال جي ٿڻ جي آھي، جنھن مان تازو توانو کير ملي ٿو. ٿر جو علائقو، نه بيراجي آھي ۽ نه وري زمينون سنوت ۾ اٿس جو منجھن زميني پاڻيءَ تي ڪا زراعت ڪري سگھجي. برسات تي پاڻ مرادو گاھ ۽ ڀاڄيون ٿين، جيڪي ڏٿ طور، مال ۽ مارن جي ڪم اچن. مال کائي ته کير جھجھو ٿئي، جنھن تي وري مارو ماڻھو پلجن.
    مطلب: ۱ - سنڌ جي ماڻھن لاءِ ان نه ٿيو ته ڏڪر آهي. مال لاءِ گاهه نه ٿيو ته ٿرين لاءِ ڏڪر آهي.

    74. سنهون ڌڻ؛ چڀڙن جي ڀري. (پھاڪو)
    سنهون ڌڻ: ٻڪرين جو ڌڻ، رڍن جو ڌڻ. چڀڙ: متيرا.
    ٻڪري يا رڍ، اڪيلي رهي نه سگهندي آهي. ڌڻ ۾ ئي رهي سگهندي آهي. کين گڏي ڪاهي هلڻ ۽ چارڻ، تمام ڏکيو ڪم آهي. ٻڪريءَ جي عادت آهي؛ هر شيءِ ۾ چڪ هڻڻ. وڻ تي به نرا ڏئي چڙهي ويندي. دل جي ڪمزور پڻ آهي. ٽاهه پين ته ٽڙ-وٽڙ ٿي وينديون. ڌڻ کان ڇڄي ڌار ٿيڻ کان پوءِ، کين وري ٿانيڪو ڪرڻ، تمام ڏکيو ڪم آهي.
    متيرا، تمام ننڍڙا ڦل آهن. جسامت ۾، چدن وانگر گول ۽ ننڍڙا. هڪ ٻئي سان گڏي، ڀريءَ ۾ ته ٻڌي سگهجين پر هڪ ٻئي مٿان سٿي نه رکي سگهجن. جيڪڏهن ڪنهن ڀٽ يا ٽڪريءَ مٿان، اها ڀري رکيل هجي ۽ اوچتو ڳنڍ کلي/ ڇڙي پوي يا پوتڙو ڦاٽي پوي ته متيرا هڪ هنڌ بيهي نه سگهن. هر رخ ۾ ڦهلجي، ڪڻو ڪڻو ٿي، ڀٽ جي پاسن ۾ پکڙجي ڦهلجي وڃن. جيڪي ڏينهن ڇا ھفتا هڻڻ کان پوءِ به ميڙي نه سگهجن.
    ٻڪرين ۽ رڍن جو ڌڻ پڻ ائين آهي. مينهونڳيءَ رات ۾، کنوڻ جي ٽاهه تي يا منجهن ڪنهن بگھڙ/ گدڙ جي پوڻ تي، جهنگ ۾ ڪڻو ڪڻو ٿي وينديون. پوءِ وت ڏينهن جا ڏينهن ۽ مھينن جا مھينا کين ڳوليندو. منجهانئن ڪي ته ڪتي ٻلي جو به کاج ٿي وينديون آهن.
    مطلب: ۱ - سنهيون شيون، سنڀالڻ ۽ سانڍڻ ڏکيون آهن.
    ۲ - سنهين شين وانگر، ٻڪريون ۽ رڍون سنڀالڻ پڻ ڏکيون آهن.
    ۳ - سنھين شين جي سھيڙ ئي اصل سھيڙ آھي.
    ۴ - ڀيٽيو: سنهون ڌڻ؛ ڪتي ٻلي رو کاڄ. (۳) ص ۱۶۵.

    75. سنهون ڌڻ؛ ڪتي ٻلي رو کاڄ! (چوڻي)
    سنهون ڌڻ: رڍن يا ٻڪرين جو ڌڻ. کاڄ: کاڌو، شڪار، لقمو.
    ٿر ۾ سلا اڀرن، اُٺي تي. جڏهن وس ٿئي ته هر ڪو ڌڻ ڌڪي، وڃي دڙن ڀيڙو ڪري. اتي، سنهي مال جي ڌڻين کي، ڏاڍو محتاط رهڻو پوندو آهي. ڇو جو جڏهن برسات ڌاروڙا ڪري، وڏ-ڦُڙي سان وُٺي ته مال ڀٽارو ڀِڄڻ وقت کنوڻ جي تجلي ۽ گوڙ جي ڪڙڪاٽ جي ڀَوَ تتان، ڌڻ کان ڇڄي ويو ته کيس ڳولڻ، ڏاڍو ڏکيو ٿيندو. وڏو ڍور/ وهٽ، ٻئي ڪنهن ڌڻ سان مليو يا ڪنهن کي هٿ آيو ته، نشانن/ پتن پارن تي موٽائي ڏئي ويندو. جڏهن ته رڍ ٻڪري، موٽندي مشڪل.
    هڪ ته سنهون مال آهي، چڀڙن جي ڀريءَ وانگر، ڇٽي کان پوءِ داڻو داڻو ٿي ويندو. ٻيو ته مينهونڳي رات ۾، رليل مال کي ڳولڻ مشڪل آھي. نظر کان ٿڙيو ته اڀريي جو سندن اوکاڄ به نظر نه ايندو. نه پير ملندو ۽ نه ڏس پنڌ ملندو. جنهن کي هٿ آيو، تنهن وٽان موٽائڻ مشڪل ٿي ويندو. گدڙ/ بگهڙ کي هٿ آيو ته ڇٽو.
    مطلب: ۱ - سنهو مال ريت-ڦيت ٿيڻ ۾ دير ئي نه ٿو ڪري.
    ۲ - ڀيٽيو: سنهون ڌڻ؛ چڀڙن جي ڀري. (۳) ص ۱۶۵.

    76. سواس اچي نه اچي، ڪو ڀروسو نه آهي. (چوڻي)
    سواس: ساهه
    هر ساهدار، ساهه کڻي به ٿو ته ٻاھر ڪڍي به ٿو. ساهه جي اچڻ وڃڻ وارو پل، زندگيءَ جي ڀيٽ ۾ تمام ٿورڙو وقت آهي. زندگي ڀلي ڪيتري به وڏي هجي پر ڪڏهن ختم ٿيندي؟ ان جي ڪنھن کي به خبر ناهي. جيڪو ساهه اندر کنيو آهي، سو ٻاهر نڪرندو يا ايتري مھلت به نه ملندي. يا جيڪو ساهه ٻاهر ڪڍيو آهي، سو موٽندو به يا اڳ ئي روح پرواز ڪري ويندو؟ ڪنھن به ڳالهه جو اعتبار يا ڀروسو ناهي.
    زندگي ئي بي بقا آهي ته ان جو پل يا دم، ڪھڙو دائمي ھوندو؟ تنھنڪري جيڪو به دم، ماڻهو جيئرو هجي، سو سجايو ڪري. دنياداريءَ جي لحاظ کان به ته دينداريءَ جي لحاظ کان به. غافل رهڻ سان، ٻئي جھان وڃائڻا آهن. غفلت جي سوڙ لاهي، پري ڪجي ۽ هوشناڪيءَ جي روشنيءَ سان، دنيا جي سج کي نئين دم نئون ڏسڻ گهرجي.
    مطلب: ۱ - وقت وڃائڻ کان سواءِ، فوري عمل ڪرڻ گهرجي.
    ۲ - وقت وڃائڻ کان سواءِ، عملي زندگيءَ ۾ جاکوڙ ڪرڻ گهرجي.
    ۳ - زندگيءَ تي ڀروسو ڪونهي. جيڪا ملي آهي، سا محنت سان، سڦلي ڪجي ته بھتر.

    77. سوڍن مڙن سَوَ، ته به مَٽُ نه ڀانئج مينڌري. (پهاڪو)
    سوڍا، راڄپوت آهن، جيڪي بهادر ۽ دلير رهيا آهن. ڏکين علائقن ۾ رهڻ سبب، منجهن قوت مدافعت جهجهيري رهي آهي. جنهن سبب ويڙهاڪ، جنگجو ۽ مهم جُو پڻ رهيا آهن. جڏهن ته راڻو مينڌرو، مومل کي ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، تنھنڪري سندس هاڪ هنڌين ماڳين هُلي وئي. هڪ ته خوبرو هيو، ٻيو دلير ۽ ٽيون ڏاهپ ۽ دانائيءَ جا منجهس اکر پڻ هيا جو سڀ طلسماتي منظر ٽوڙي، وڃي مومل ماڻيائين.
    راڻي جون ٻه اهي واڌاريون خوبيون؛ خوبرو ۽ داناءُ هئڻ، کيس سوين سوڍن جي وچ ۾ امتيازي حيثيت جو مالڪ بڻائين ٿيون. ان کان علاوه سندس غيرت وارو اکر، جو مومل جي بستري تي سندس ڀيڻ سومل کي ستل ڏٺائين ته ويجهو نه ويو ۽ فقط لڪڻ نشانيءَ طور رکي ويو. سندس اهي خوبيون، فقط مومل تي اثرانداز نه ٿيون، بلڪ تاريخ اندر کيس لازوال مقبوليت ڏيڻ جون حامل پڻ رهيون.
    مطلب: ۱ - بھادر، دنيا ۾ گهڻا. جنھن ۾ واڌاريون خوبيون هجن، سو وڌيڪ ڀلو.
    ۲ - حسن يوسف، دم عيسى، يد بيضاداري،
    آن چہ خوبان همہ دارند، تو تنها داري.
    ۳ - زليخا کي طعنا تشنا ڏيڻ وارين عورتن، جڏهن پنھنجي اکين سان يوسفؑ کي ڏٺو ته پنھنجي هٿن جون آڱريون ڪپي ڇڏيائون. هزارين يوسفؑ مڙن، ته به مدنيءَ ﷺجو مَٽُ نه ٿين.

    78. سوڍيڪو سؤ؛ ست بيسان، ڏِسي هجاري لک. (پهاڪو)
    سوڍيڪو: سوڍن جو. بيسان: ويهون. ست بيسان: ست ويھون، سؤ چاليھ.
    ڏِسي: ڏهين. هجاري: هزارين. ڏِسي ھجارين: ڏھين ھزارين.
    هڪڙي چالاڪ سوڍي، هڪڙي واڻيي کان سؤ رپين جي خريداري ڪرڻ پڄاڻان، کيس ست ويهون يعني سؤ چاليهه رپيا ڏنا.
    ”هيءُ ته ست ويهون آهن!“ واڻيي چيس.
    ”ها اهي ست ويهون آهن.“ سوڍي کيس ورندي ڏني؛ ”اسان وٽ ستن ويهن جو سؤ ٿيندو آهي“.
    واڻيو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پئسا وٺي ٽجوڙيءَ ۾ رکيائين.
    ٻئي سال ساڳئي واڻيي کي، اوڌر جي اوڳڙ ۾ ڪافي چوپايو مال مليو. واڻيو ماڻهو، مال ڪيڏانهن ڪري؟ يڪدم مال مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ، نيڪال ڪرڻ جي ووڙ ڏنائين. ساڳئي ٺڪر، سوٿي ڏئي، کانئس سمورو مال، لک روپئي ۾ چُڪايو.
    جڏهن پئسا ڏئي مال ڪاهڻ جو وقت آيو ته ٺڪر، واڻيي کي فقط ڏهه هزار ڏنا.
    ”هيءُ ته ڏهه هزار آهن.“ واڻيي ٺڪر کي چيو؛ ”باقي نوي هزار؟“
    ”اسان وٽ ته لک ۾ پوندا ئي ڏهه هزار آهن“. ٺڪر چيس؛ ”سؤ هزار ته نه پوندا اٿس.“
    چڱن مڙسن وٽ فيصلو هليو. انھن، ٺڪر جي حق ۾ فيصلو ڏنو. واڻيي کي لک جي بدران، ڏهه هزار مليا.
    مطلب: ۱ - ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا آهن.
    ۲ - ڏاڍي مڙس وٽ، پنهنجا قانون آهن.
    ۳ - جھڙيون پنج ويھان، تھڙو سؤ. (ٿر) (۶) ص ۱۱۷.

    79. سورج اُگو، سنسار ڏيکسي. (پهاڪو)
    سورج: سج. اُگو: اڀريو. سنسار: جهان، دنيا. ڏيکسي: ڏسندو.
    ڌرتيءَ جي گولي تي، گرمي ۽ سردي يا موسمي ڦير-گهير سج جي لهڻ اڀرڻ ڏانھن منسوب آهن.
    هڪ ته سج تمام وڏو، چٽو ۽ روشن گره آهي، ٻيو ته ان مان هر هڪ جيو کي فائدو رسي ٿو. ايڏي وڏي شيءِ، جڏهن اڀرندي ته هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي، پاڻ مرادو خبر پئجي ويندي. ان لاءِ ڪنهن اعلان، اشتھار يا پڙهو ڏيڻ جي ضرورت ڪا نه پوندي.
    سخي مڙس، ڀريل مٽَ ۽ ٿڌا گهڙا پڻ، پنهنجي تعريف پاڻ ڪرائيندا آهن. گهرجائو، کين ڳولهي اچي لهندا آهن. انهن کي پنهنجي وجود جي ھئڻ بابت، ڪا به تشھير ڪرائڻ جي ضرورت نه پوندي آهي.
    مطلب: ۱ - سج اڀريو ته جهان ڏسندو.
    ۲ - هٿ ڪنگڻ کي، آرسي ڪهڙي ڏيکارجي.
    ۳ - سج جو دليل آهي، سج.
    ۴ - سج، کاريءَ هيٺان ڪين لڪندو.
    ۵ - اٺ جي چوري، پکي ۾ ڪين لڪندي. (۶) ص ۱۱۶.

    80. سوريو ٿي بايو، ٻڙڌ ڇوڙهيو نٿي آيو. (چوڻي)
    سوريو: اوڀر جي هوا. بايو: وايو، وُٺو، لڳو، وسيو. ٻڙڌ: ڍڳو. ڇوڙھيو؛ ڇوڙڻ.
    اتر يا اوڀر کان هوا لڳي ته، ٿاريلن کي برسات پوڻ جي اميد ٿي بيهندي. جنهن سببان، هڪڙي ٻنيريءَ ۽ سندس زال جي وچ ۾ اهڙي گفتگو ٿي، جنهن ۾ اوڀر جي واءَ بابت ذڪر آيل آهي.
    اوڀر جي واءَ گهلڻ سان برسات ايڏي جلد ايندي جو ٻنيءَ ۾ هر ڏيڻ لاءِ ڏاند ڪاهي وڃڻ جيتري به مهلت/ ويساند ڪا نه ملندي.
    مطلب: ۱ - اوڀر جو واءُ گهلي ته ڏاند ڇوڙڻ جي به فرصت نه ملي. (۳) ص ۱۶۴.

    81. سوڙ سارو، پير ڊيگهاڙجن. (پھاڪو)
    سياري جو، آڌي رات ڌاري، سيءُ جھجھو پوندو آھي. جنھن ڪري سوير ساجھرو ئي پاڻ کي ڪنھن اوڇڻ، خاص طور سوڙ اندر لڪائڻو پوندو آھي. جيڪڏھن ڪو عضوو سوڙ کان ٻاھر رھجي ويو ته مٿس فالج جو حملو يا سڄي جسم تي بخار ٿيڻ جو انديشو ٿي سگھي ٿو. تنھنڪري جيتري به سوڙ ھجي، ڪوشش ڪري، پاڻ کي ڪُرينڊڙو سُرينڊڙو ڪري به، منجھس ماپائجي ته جيئن موسمي اثرات کان پاڻُ بچائي سگھجي. سڪي سيءَ سان گڏ، اڌ رات ڌاري، پارو پڻ پوندو آھي. ان وقت ماڻھو، گھري ننڊ ۾ ھوندو آھي. اگر ان وقت سوڙ جو پلاند لھي ويو ته اڃا به خطرو وڌي ويندو آھي. اھڙي سمي به سرت سان، پاڻ کي سوڙھو سنگھوڙو ڪري سوڙ اندر ئي رکجي ته ڀلو آھي.
    مطلب: ۱ - سوڙ آهر، پير ڊگهيڙجن. (سنڌ)
    ۲ - سوڙ آهر، پير ڊيگهاڙجن/ ڊگهيڙجي. (لاڙ)
    ۳ - پنھنجي هنڌ آهر، پير ڊگهيڙجن. (مرهٽي)
    ۴ - رليءَ آهر، پير ڊگهيڙجي. (لاڙ)
    ۵ - اپت سارو، خرچ ڪجي.
    ۶ - پڄنديءَ آهر، نماءُ ڪجي.
    ۷ - وِتَ سارو، کائجي.
    ۸ - طاقت آهر، پھلواني ڏيکارجي.

    82. سوموار، شڪر، وسپت جي جرڪنڊو هوءِ،
    ٽي پهري ٽي ڏهاڙي جو ريلتو جوءِ. (چوڻي)
    سوموار: سومر. شڪر: جمعو. وسپت: خميس
    ٿاريلڙا، مينھن جي مند منجھ، سج جي اڀرڻ ۽ لهڻ کي به گهڻو جاچين. جاچڻ بعد، هڪٻئي کي دلداريون ۽ آسرا ڏين.
    چوندا؛ ”اڄ پٽاڙ جي اڀريو آهي. متان دل لاهيو!“
    يا چوندا؛ ”اڄ موگهون اٿس! مينهن جي مبارڪ هجي!“
    اهڙيءَ طرح جيڪڏهن سومر، جمعي ۽ خميس جي ڏينهن تي سج کي پڙ ڏٺائون ته پير ڀري پاڙيسرين کي مينهن جون واڌايون وڃي ڏيندا.
    چوندا؛ ”مولا مهر جا مينهن وسائيندو! بر ۾ بهاريون ٿينديون!“
    اهڙيءَ طرح جي جهرڪين گهر ڇڏيا ته دل لهي ويندن. هر هڪ کي آٿت ڏيڻ لاءِ پيا چوندا؛ ”الا ڪا پت جي گذاري!..... ڇو جو جهرڪيون گهر ڇڏي ويون آهن.“
    مطلب: ۱ - سومر، جمعي ۽ خميس جي ڏينهن، سج جي چوڌاري پڙيءَ جو ٺهڻ به مينهن اچڻ لاءِ خوش آئند ثابت ٿيندو. (۲) ص ۱۶۵.

    83. سونارو رو سو ڌڪ؛ لوهارو رو هيڪ ڌڪ. (پھاڪو)
    سوناري جي آڏو، سون جي تمام ننڍڙي ذرڙي هوندي آهي، جنهن مان کيس زيور جوڙڻا هوندا آهن. ان کي پنهنجي مراد واري شڪل ڏيڻ لاءِ، هٿيار به ننڍڙا هوندا اٿس. جن سان تمام سنهڙا ۽ ننڍڙا ڌڪ هڻي، زيور جوڙيندو آهي. وڏو ڌڪ لڳڻ سان، سون جو قيمتي ذرڙو، گم ٿيڻ جو انديشو پڻ آهي.
    ان جي ڀيٽ ۾ لوهر جي آڏو، لوھ جو وڏو ۽ سخت ٽڪر هوندو آهي، جنهن مان کيس هٿيار وغيره جوڙڻو هوندو آهي. پهرين لوھ کي ڌنوڻيءَ تي گرم ڪري، پوءِ سنداڻ تي رکي، وڏاڻ جا ٻه چار وڏا ۽ زبرا ڌڪ هڻندو آهي جو ٿڌي ٿيڻ کان اڳ ان لوه مان، مطلب وارو هٿيار ٺهي سگهي. هلڪن ڌڪن سان لوھ کي نه موڙي سگهبو ۽ نه ئي من گهري شيءِ وقتائتي جوڙي سگهبي. بلڪ محنت ئي اجائي هلي ويندي.
    مطلب: ۱ - سوناري جو سؤ ڌڪ، لوهر جو هڪ ڌڪ.
    ۲ - سؤ ڌڪ سونار جو، هڪ ڌڪ لوهار جو.

    84. سون جي رتيءَ کان، رت جي رتي وڌيڪ. (چوڻي)
    ٿر جي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو ته مال ڌارين، پر شهري ماڻهن جي به مال کان سواءِ نه سَري. اهو ڪو گهر ورلي هوندو، جنهن وٽ گانيون يا ٻڪريون نه هجن. هوند سارُو ڪن وٽ گهڻيون، ڪن وٽ ٿوريون، پر هونديون ضرور. ڍڳي نه هوندي ته مَن ٻڪري هجي. اهڙو ڪو گهر ڪو نه هوندو، جنهن وٽ ڪجهه به نه هجي. شهري ماڻهو، ڍڳيون جيستائين مڙنديون، تيستائين پاڻ وٽ رکندا، وِهڪجڻ بعد، ٻهراريءَ جي مالدارن وٽ، جي مُهاڙيا هوندا آهن يا ساڻن ڏيتي ليتي ھوندي آھي يا سنگت ساٿ جو ننگ ھوندو آھي، چارائيءَ تي ڇڏيندا آهن. ٻهراريءَ جي ماڻهن جي ته ملڪيت آهي ئي اهو چوپايو مال. تنهن کي سون جي رتيءَ کان وڌيڪ سمجھن.
    مطلب: ۱ - ٿرين وٽ، سون کان وڌيڪ، مال ڪارائتو آھي. (۱۲)

    85. سَوَڻَ سڄڻ، من ويري. (چوڻي)
    سَوَڻ: ساٺ سنؤڻ، فال. من: دل.
    هڪڙا ڀرمي ماڻهو، جڏهن ڪنھن مھم تي نڪرندا آهن ته ان لاءِ دليون هڻندا آهن: آيا ان ڪم لاءِ نڪرجي يا نه. جڏهن اهڙي ڪيفيت ٿيندي اٿن ته پوءِ سَوَڻ ڪندا آهن. جيڪڏهن سوڻ سڻائو نڪتو ته مهم تي نڪرندا. اگر اڻائو نڪتو ته نه نڪرندا. اهڙن ماڻهن لاءِ، دل ۾ آيل خيال، سَوَڻ جي ڀيٽ ۾ ڪا اهميت نه ٿو رکي. اهي هٿائين سوڻ کي دوست ۽ سڄڻ سمجهي، ان جي تحت عمل پيرا پيا ٿيندا. دل جي ڳالهه کي، ويري ۽ دشمن سمجهي، مٿس عمل ڪرڻ کان لهرائي ويندا ۽ دليل اهو ئي ڏيندا. (۳۵) ص ۲۴۰
    مطلب: ۱ - وهمي ماڻهوءَ لاءِ وهم، دشمن وانگر ته سوڻ، سڄڻ جھڙو.
    ۲ - من، ڪم ڪرڻ لاءِ گهرندو آهي پر جڏهن ڪم نه ٿيڻو هوندو آهي ته سوڻ به بد ٿي پوندو آهي.

    86. سوڻ نه مڃڻ، به اپ سوڻ آھي. (چوڻي)
    اپ سوڻ؛ خراب سوڻ.
    سونسائي ماڻھو، سوڻ ۾ يقين رکندا آھن. ڪو به ڪم ڪندا ته ان ۾ سوڻ جاچي پوءِ ڪندا. اگر سوڻ خراب ٿين ته اھو ڪم نه ڪندا. وڏڙن جي ٺاهيل ھر سوڻ يا اڳڪٿيءَ ۾ ويساهه رکندا آهن. ڏڪار يا سڪار بابت جاچ وٺڻ، نئون ڪم شروع ڪرڻ، شادي غمي يا پڌري مڱڻو ڪرڻ، اڻ آزمايل شيءِ خريدڻ، سفر تي سنبرڻ، مڙني ۾ سوڻ رکندا آهن. اگر سوڻ، ان عمل جي ڪاميابيءَ يا نفعي جي شاهدي ڏني ته، اهو ڪم ڪندا، ٻي صورت ۾ نه ڪندا.
    مثال طور؛ گھران نڪرڻ وقت اگر، پويان ڪنھن سڏ ڪين ته ان کي خراب سوڻ سمجھي، ان ڪم ڪرڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيندا. اگر اھو ڪم ڪيائون ۽ ڪو نقصان ٿيس ته ويتر من ۾ آنڌ مانڌ ٿيندس. (۳۵) ص ۲۱۸
    مطلب؛ ۱ - سونسائي، سونسي يا وھم سبب، ويندو آھي گچڻ ۾ گچندو.

    87. سؤڪ تو مٽي ري اي ڀونڏي. (چوڻي)
    سؤڪ: سوڪن، پهاڄ، ساهيڙي، مڙس ۾ شريڪ، مڙس جي ٻي زال.
    مٽي ري: مٽيءُ جي. ڀونڏي: ڀونڊي، بڇڙي، خراب.
    مرد کي، هڪ ئي وقت، هڪ کان وڌيڪ، چئن جي اندر، شادين ڪرڻ جي اجازت آهي. عورت کي، هڪ ئي وقت، هڪ مرد سان شادي ڪرڻ جي اجازت آهي. طبعي طور تي، جڏهن عورت کي اهڙي آزادي ناهي ته، مرد لاءِ به اها نه چاهيندي آهي ته اهو به اهڙي آزادي ماڻي. سندس زندگيءَ ۾ آيل ٻي عورت، کانئس برداشت نه ٿي سگهندي آهي. ان کي غاصب ۽ حق تي ڌاڙو هڻندڙ ئي تصور ڪندي آهي.
    عورت، مرد جي غربت ته برداشت ڪري سگهي ٿي پر پنهنجي محبت ۽ حق ۾ شراڪت برداشت ڪرڻ کيس ڏکي لڳندي آهي. جيڪڏهن مرد کي، ٻيءَ ڪنهن عورت سان نه پر مٽيءَ جي گڏيءَ سان کيڏندو ڏسندي آهي، اهو به کانئس برداشت نه ٿيندو آهي. مرد ويهاڻي کي ڀاڪر پائي سمهي، اهو به کانئس برداشت نه ٿيندو آهي.
    مطلب: ۱ - عورت، مڙس کي پنهنجي ملڪيت سمجهندي آهي ۽ منجهس ڪا به شراڪت برداشت نه ڪندي آهي.
    ۲ - پهاڄ، مٽيءَ جي به بڇڙي/ خراب.
    ۳ - جر نئيس، جيڏي نه نئيس.
    ۴ - پهاڄ جو بر ڏي منهن/ پرتي منهن.
    ۵ - پھاڄ، مکڻ جي به چڱي نه. (سرو) (۶) ص ۱۱۶.

    88. ”سيا مانس کائينس؟!“ چي؛ ”آپ رو بچي تو کاسو“. (پهاڪو)
    سيا: سها. مانس: ماس، ٻوٽي. رو: جو. کاسو: خاصو، خاشو، شڪر ڪجي.
    هڪڙي گدڙ، سهي سان ياري رکي. هڪ ڏينهن پاڻ ۾ ڪچھري ڪندي ڪندي ۽ ڳالهائين ئي ڳالهائين ۾، جُوءِ کان اڳڀرو نڪري ويا.
    جڏهن گدڙ جي ڏنل ڏٽن ۽ لارن لپن تي، سهو جهنگ ۾ پهتو ته دل ڌڙڪڻ لڳس ۽ ڊپ ٿيڻ لڳس. سندس اها حالت ڏسي، گدڙ آٿت ڏيندي ۽ خيال مٽائڻ خاطر پڇيس؛ ”سيا مانس کائنيس؟“
    ”آپ رو بچي ته کاسو!“ سهي ڏڪندي ۽ سوال جي تَھَ تائين پهچندي وراڻيس؛ ”پنهنجو بچي ته به شڪر ڪيان“.
    مطلب: ۱ - جان بچي ته لاکون ڪمايا.
    ۲ - ڇيلي کي ساه جي، ڪاسائيءَ کي ماه جي.
    ۳ - مروان موت، ملوڪان شڪار. (۶) ص ۸۲.
    89. سيدن کان سڃ ڀلي، کاري پاڻيءَ کان اڃ ڀلي.
    (ڍٽ، چوڻي)
    ۱ - ذاتيون ۽ ڪڙم قبيلا، رب پاڪ، پنھنجي مشيت ايزديءَ سان جوڙيا آهن ته جيئن هر هڪ ماڻهوءَ جي پنھنجي شناخت ۽ سڃاڻپ اجاگر ٿئي. وٽس امتيازي مقام، ڪنھن ذات يا قبيلي جو نه، بلڪ پرهيزگاريءَ جو آهي، نبين ۽ صحابين، ولين ۽ قطبن، اها ئي پئي پرچار ڪئي آهي.
    ذات تي اونچ نيچ، رب طرفان نه بلڪ انسان طرفان، مقرر ڪئي وئي آهي. شروعاتي دور ۾، برهمڻ اوچي ذات هيو. کتري ۽ وئش، وچٿري ته شودر وري اڇوت ۽ نيچ سمجهيا ويا. اسلام انهيءَ امتيازي رواداريءَ کي ڪٽي، ڦٽو ڪيو.
    جيئن ته هتان جي ماڻهن جي جبلت ۾ اونچ نيچ واري ڳالهه سرايت ڪري چڪي هئي، تنھن ڪري اها ڳالهه مسلمانن منجهه به هلي آئي. نبي اڪرم ﷺ جن کي سيد جو لقب مليو. جنھن سببان، سندن پشت وارن به سيد سڏايو. سيد؛ ڏسڻ ۾ سھڻو ۽ ورتاءَ ۾ سخي هوندو. سندس فيض عام هوندو. پيٽ گذاري لاءِ محنت مشقت هر ڪنھن جو حق آهي پر سيد جو اهو مقام نه سمجهيو ويو. کيس مانُ ڏئي، مٿانهون ڪيو ويو. بجاءِ جو سيد هڪ ڳوٺ ٻڌي ويهن، تبرڪًا هڪ اڌ گهر، هر ڳوٺ واري، پٽُ/ پلاٽُ ڏئي، پنھنجي ڳوٺ ۾ آباد ڪرايو. ضروري ناهي ته دنيا ڏسڻ کان پوءِ، مڙئي سيد پرهيزگار رهن. انھن مان ڪن پنھنجو تسلط وڌايو ۽ ڳوٺ جي چڱمڙسيءَ کان ويندي حڪومت وغيره ۾ اثر رسان رهيا. جن جي ڪري ڪن ماڻهن جي حق تلفي ٿي. جنھن سببان، اُهي کانئن ريس ۽ ساڙ ڪرڻ لڳا ۽ ڪي چوڻيون کانئن ٽھندي وجود ۾ اچي ويون.
    ۲ - پاڻيءَ ۾ حياتي آهي. صحت بخش پاڻي اهو آهي، جيڪو هاضميدار هجي. کارو يا ٻاڙو پاڻي، پيئڻ سان هاضمو ته نه ٿيندو، الٽو بيماريون آڻيندو. ان کان بھتر آهي ته ماڻهو اڃ ڪٽي، اهو پاڻي نه پيئي.
    مطلب: ۱ - سيد سڃو، ملڪ تي ڏُڃو.
    ۲ - سيد سائو، ملڪ کي ڦاهو.
    ۳ - سيد ۽ سپاهي، رکي يا الاهي.
    ۴ - سنڌي پڙهي ته ٿئي گُڏي، ٻروچ پڙهي ته ڏئي هُڏي، سيد پڙهي ته ملڪ جي ئي ٻيڙي ٻُڏي.
    90. سي نِه ٻهي، جِتو ڪرسو اُتو ٿيسي. (چوڻي)
    سي: سيءُ. نِه: ۽. ٻهي: ڊپ، ڀؤ. جِتو: جيترو. ڪرسو: ڪيو، ڪندؤ. اُتو: اوترو. ٿيسي: ٿيندو.
    سياري جو سيءُ، ان کي وڌيڪ لڳندو آهي، جيڪو جسماني طرح ڪمزور هجي يا ذهني طرح مٿس سيءَ جو ڀؤ ويٺل هجي. ڪن ڪن شين جو، ڪنھن ڪنهن ماڻهوءَ تي، ڀؤ به ويهجي ويندو آهي. انهيءَ ڀَوَ (phobia) سبب، اهو انهيءَ شيءِ جي نالي کان به ونءُ پيو ويندو آهي.
    ڪڏهن ڪڏهن ته ان شيءِ جي نالي ٻڌڻ سان، ماڻهوءَ کي اھڙي ڪنبڻي وٺندي آھي جو ان ڪنبڻيءَ ۾ به ڪيترن جو ساه ئي نڪري ويندو آهي. اها سموري، اندر جي ڪيفيت آهي. سيءُ ۽ ڊپ به، اندر جي ڪيفيت سان گهڻا اثر پذير ٿين ٿا.
    مطلب: ۱ - سيءُ ۽ ڊپ، جيترو ڪبو، اوترو ٿيندو.
    ۲ - سپ نه ماري، سپ جو سراپ ماري.
    ۳ - کير جو سڙيو، ڇاڇ کي ڦوڪون ڏيئي پيئي.
    ۴ - ڪُتيءَ کي لڳيون اُماڙيون، تارا ڏسي ڪيائين رُوڙيون. (۶) ص ۱۱۵.

    91. سينسي؛ آتم ونستي. (سنسڪرت، چوڻي)
    سينسو: ڀرم. آتم: خود، پاڻ. ونستي: مارڻ.
    سونسائي طبيعت وارا ماڻهو، وهمي/ ڀرمي ٿيندا آهن. هر ننڍيءَ وڏيءَ شيءِ ۾ غلط گمان يا وهم رکندا آهن. اڪثر گمان/ وهم، گناه هئڻ سان گڏ، نقصانڪار پڻ هوندا آهن. وهمي ماڻهو، هر شيءِ کان ايترو ڊڄندو آهي، جو آخر ۾ کيس ڪا به شيءِ ڪارآمد ڪا نه نظر ايندي آهي. پاڻ کي، اهڙين شين کان بچائيندي بچائيندي، تمام ٿورين شين ۽ جاين تي محدود ڪري ڇڏيندو آهي. ايستائين جو سندس جيئڻ جنجال ٿي ويندو آهي. حتاڪ پنھنجي پاڇي کان به پيو ڪنبندو آھي.
    خودڪشي ڪرڻ وارو پڻ ائين آهي. خودڪشي ڪرڻ کان پوءِ، کيس توبه ڪرڻ لاءِ مھلت يا موقعو به ميسر نه ايندو آهي. ٿورڙيءَ غلطيءَ سببان، ساريءَ عمر جي ڪيل ڪمائي وڃائي ويهندو آهي.
    مطلب: ۱ - وهم/ ڀرم ڪرڻ، خودڪشي ڪرڻ جي مترادف آهن.
    ۲ - سونسائي، مئو ڀلو.
    ۳ - ڀرمن جا ڀليل، ڀواڀو (مئل) ڀلا. (۴)
    92. سينهندو سامي، سينٺ برابر. (پھاڪو)
    سامي: سوامي. سينٺ: آڱوٺو.
    ڪنهن ماڻهوءَ جي بزرگيءَ ۽ حشمت جو اثر، ٻين تي تيستائين رهندو آهي، جيستائين سندس عيب ۽ ڪمزوريون ٻين مٿان عيان نه ٿيا آهن. ماڻهن هڪ بزرگ کي بزرگيءَ واري حالت ۾ ڏٺو، يا هڪ آفيسر کي آفيس جي ڪاروبار اندر ڏٺو يا اداڪار کي ڪنهن فلم جي ڪردار ۾ ئي ڏٺو آهي ته سندن دماغ ۾ ان جي شخصيت جي ان ئي پهلوءَ جو اثر پهتو آهي. اهي سندس انهيءَ پهلوتي ڪردار کي ئي، سندس سموري سيرت ڄاڻي دل ۾ اثر وٺن ٿا. سندس اوتري عزت ۽ تعظيم ڪن ٿا. جڏهن ويجهڙو رهڻ سبب، ان بزرگ يا آفيسر، سياستڪار يا اداڪار جا انساني عيب صواب ۽ ڪمزوريون، سندس پوئلڳن يا مداحن آڏو اچن ٿا ته سندس شخصيت وارو سحر، انهن جي ذهنن مان محو ٿيڻ لڳي ٿو. پوءِ اهي چاهيندڙ، پنهنجي محبوب ليڊر يا هيرو، پير يا مرشد کي عام ماڻهن وانگر سمجهڻ لڳن ٿا ۽ آهستي آهستي ساڻس ورتاءُ پڻ اهو ڪرڻ لڳن ٿا، جيڪو ٻين عام ماڻهن سان ڪن ٿا.
    اهو ئي سبب آهي جو، ڳوٺ يا گهر جو بزرگ، پنهنجي ڳوٺ يا گهر ۾ اوترو اثر-گير نه ٿو ٿئي، جيترو ڏورانهن علائقن جي ماڻهن مٿان ٿئي ٿو.
    مطلب: ۱ - ويجهو رهڻ/ سستو ٿيڻ، هر شيءِ جو قدر گهٽائي ٿو.
    ۲ - گهر جو پير، چلھ جو مارنگ.
    ۳ - ڳوٺ جي وڏيري تي، هاريءَ جي اک به نه ٻڏندي آهي.
    ۴ - ڏيهي بلبل به ڪر جهرڪڙي، پرڏيهي ڪٻر به ڄڻ مينا. (۱)


    ش

    ش

    93. شاه پرسي وچن سنچري ئي نه، سنچري ته پري. (چوڻي)
    شاهه پرسي وچن: بادشاهي ارادو، بادشاهه جو واعدو. سنچري: سنچرڻ، اُپرڻ، اڀرڻ. پري: ٿي پوي، تعميل هيٺ اچي.
    بادشاهه پنھنجي خيال ۽ مرضيءَ وارا هوندا آهن. نوان خيال وٽن جاڳندا ئي ناهن. نين رٿائن سوچڻ لاءِ، وٽن مشيرن ۽ صلاحڪارن جي لوڌ هوندي آهي. اهي ئي سوچڻ ۽ سمجھڻ، سمجهائڻ ۽ تعميل لاءِ مڃرائڻ واسطي، ڪافي هوندا آهن. ان ڪري بادشاهه، نه پاڻ مرادو ڪو ارادو ڪندا آهن ۽ نه ئي ڪنھن سان تعميل جو واعدو ڪندا آهن.
    اگر، ڪنھن بادشاهه کي، سوچڻ جي فرصت ملي وڃي ۽ ڪا رٿا سندس ذهن ۾ اچي وڃي ته اها ڏکي ۽ مشڪل ڳالهه آھي. اتفاق سان، اگر ارادو ٿي پويس ته، ان کي عملي جامو ضرور ملندو آهي. بادشاهه ڪنھن رٿا کي عمل هيٺ آڻڻ لاءِ تڪڙو واعدو نه ڪندا آهن. اگر ڪندا آهن ته اهو عمل هيٺ ضرور ايندو آهي.
    مطلب: ۱ - بادشاهن جا خيال، نرالا هوندا آهن.
    ۲ - ڀيٽيو: شاهه وچن، شينهن گمڻ.

    94. شاهه وچن، شينهن گمڻ، ڪيلو ڦري ايڪ وار،
    تريئا تيل، همير هٺ، چڙهي نه ڏوجهي وار. (چوڻي)
    وچن: قول، اقرار. گمڻ: جنسي ميلاپ. ڦري: ڦرڻ، ڦرجڻ، ڦر ٿيڻ، لڳڻ، لڳ. تريئا: عورت. همير: بادشاهي. تيل: پرڻجڻ. هٺ: غرور، ضد. ڏوجهي: ٻيهر، ٻئي دفعي.
    ۱ - بادشاهه، زبان سان ڪو به حڪم، هڪ دفعو ڏيندو آهي. اهو ڪم، سندس هڪ دفعي واري حڪم سان ٿي ويندو آهي. کيس هُڪ هُڪ ڪرڻ جي ڪا به ضرورت نه پوندي آهي. جيڪڏهن ٻيهر چوڻ جي ضرورت پيش آيس ته کيس، رعب ۽ دٻدٻي وارو بادشاه نه سڏبو. چئبو آهي؛ شاه پرسي وچن سنچري ئي نه، سنچري ته پري.
    ۲ - شينهن به جنسي ميلاپ، ورلي ڪندو آهي. جنهن ماديءَ تي ٽپو ڏيندو آھي. ان تي ٻيو شينهن ته نه چڙهندو آهي، بلڪ پاڻ به ٻيهر مٿس نه چڙهندو آهي. شينهڻ، ان ئي ٽپي سان ڦرجي ويندي آهي. کيس به ٻئي ٽپي جي ضرورت محسوس نه ٿيندي آهي.
    ۳ - ڪيلي جو ٻوٽو به هڪ دفعو ڦر جهليندو آهي. ڪيلي جي وچين ٿڙ منجهان، ڳاڙهو بوبڪ نڪرندو آهي، جنهن ۾ هڪ کان ٽي ڏونگر هوندا آهن. ڏونگر ۾، ھٿن وانگر، ڇڳا هوندا آهن. ڇڳن ۾ وري آڱرين وانگر، ٻه درجن جي لڳ ڀڳ ڦريون هونديون آهن. بوبڪ جي چوٽيءَ تي واڱڻائي گل هوندو آهي، جيڪو ڦرين کي رس پڄائڻ/ رسائڻ ۾، چُوس مشين يا روٽر وارو ڪردار ادا ڪندو آهي. جيستائين اهي ڦريون، طاقت وٺنديون آهن، تيستائين ٿڙ جي پاڙ ۾ پنج ست ٻَچَ نڪري ايندا آهن. بوبڪ وڍجڻ سان، ٿڙ به ڪڍڻو پوندو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ، نڪتل پاسي وارن ٻَڄن جي به ڇانٽ ڪري، منجهانئن وڻ ٿيڻ جھڙا ڪجهه ٿڙ ڇڏبا آهن ۽ ائين ڪيلن جي باغ جو سلسلو پيو هلندو آهي. جنهن ڪري چئبو آهي؛ ’ڪيلو جڏهن ڦَرُ ڏئي، تڏهن سِرُ ڏئي‘.
    ۴ - عورت لاءِ به پرڻو، پهريون پرڻو آهي. هڪڙو مڙس ڇڏي ٻيو ڪرڻ ۾، سواءِ خواريءَ ۽ ذلت کڻڻ جي ڪجهه ڪونهي. جنهن ڪري چئبو آهي؛ ’ور ته پهريون ور، ٻيو آهي ڪارنهن جو ٺڪر‘. يا ائين به چئبو آھي؛ ’هاءِ پهريان مڙس!‘.
    ۵ - بادشاه کي خيال يا پور، هڪ دفعو پوندو آهي. انهيءَ تي ضد ايترو ڪندو آهي جو مُئي مارائي کان سواءِ نه لهندو اٿس. ٻيو خيال تڏهن مٽبس، جڏهن پهرئين تي عمل ٿئي. چئبو آهي؛ راجا ھٺ، ناري هٺ، ٻاري ھٺ، ڪڏھن نه هٽ.
    مطلب: ۱ - مٿيون پنج شيون، هڪ دفعو ئي ٿينديون آهن.
    ۲ - شاه وچن، شينهن گمڻ، ڪيلو ڦري ايڪ/ هڪ وار،
    تران (ترن جو) تيل، همير هٺ، چڙهي نه ڏوجهي وار.
    ۳ - ڀيٽيو؛ راجا هٺ، ٻال هٺ، تريا هٺ ۽ جوڳ هٺ. (چوڻي) (۱۲) ص ۱۴۵.

    95. شراڌ پُنا، ٻانڀڻن چاڙهيا ڪنا، ڪانَو ويهي رنا. (چوڻي)
    شراڌ: پالڻهار جي نالي تي، کاڌو تيار ڪري غريبن ۾ تقسيم ڪرڻ.
    سنبت سال جي بڊي واري مهيني ۾ ٻانڀڻ، امير ماڻهن کي تلقين ڪري، کانئن چڱا طعام رڌرائي، غريب غربن ۾ ورهائيندا آهن. انهيءَ شراڌ مان ڪجهه، ڪانون لاءِ به ڪڍرائيندا آھن. سندن گذارو پڻ انهيءَ شراڌ تي ٿيندو آهي. بڊي جو پورو مهينو، ٻانڀڻ جي گهر ۾ ڪنو نه چڙهندو آهي. سمورا ويلا ٻاهران ٽرندا آهن. ڪانون کي به انهيءَ مهيني ۾ ڍَوَ هوندا آهن.
    جڏهن بڊو پورو ٿيندو آهي ته شراڌ به پورا ٿيندا آهن. مجبورًا ٻانڀڻ جي گهر ۾ به ڪنو چڙهندو آهي. ڪانءَ به، مفت جو کاڌو بند ٿيڻ تي، پيا روئندا آهن.
    مطلب: ۱ - مفت جا مال بند ٿين ته پوءِ، محنت ڪرڻ وارا محنت ڪن ۽ ٽوٽي ويهي قسمت تي روئن.
    ۲ - ٻانڀڻ چاڙهيو ڪنو، ڪانون ويهي رنو.
    ۳ - بڊو پُنو، ٻانڀڻ چاڙهيو ڪُنو، ڪانون ويهي رُنو. (۱۳) ص ۳۵۴.

    96. شش بنا رجني سوني، گيان بنا هرڏو سونو،
    پات بنا ترور سونو، پتر بنا پاڙو سونو،
    سخي سوا شهر سونو، بادل سونو بن ڏامڻي،
    ڪھي بير بتال نان، گهر سونو بن ڪامڻي. (چوڻي)
    شش: چنڊ. رجني: رات. سُوني: سُڃي. گيان: علم، عقل، دماغ. هرڏو: هُردو، اندر.پات: پَنَ. ترور: وڻ. ڏامڻي: کنوڻ. ڪامڻي: عورت. بير: شاعر جو نالو. بتال: اسم خاص. نان: کي.
    ۱ - چنڊ کان بغير، اماوس رات، ڏاڍي ٻُسي ۽ ڀوائتي لڳندي آھي.
    ۲ - علم ۽ عقل کان سواءِ ماڻهوءَ جو اندر پڻ کوکلو آهي. نه پاڻ کي فائدو ڏئي سگھي، نه ٻين جي ڪم جو رهي.
    ۳ - پنن کان بغير ڪو به وڻ نه ٿيندو آھي. جنھن کي پن ناھن، تنھن کي ٿڙ ته ڪوٺي سگھجي ٿو پر کيس وڻ ڪير به نه سڏيندو. نه منجھس ڇانءَ ھوندي، نه ئي مال لاءِ چارو.
    ۴ - اولاد ۾ پٽُ، ڌيءُ کان وڌيڪ ڪارائتو آهي. پاڙي پتيءَ ۽ ڳوٺ راڄ ۾، ان جي هئڻ سان ساک ٿئي ٿي. بنا پٽ جي، پاڙو به بيڪار آهي.
    ۵ - سخي مردن جي سخاوت سببان، شهرن کي قدرت آباد رکي ٿي. سخين کان سواءِ شهرَ به، بَرَ يا ويرانيون آهن.
    ۶ - برسات به اها وڻي ٿي، جيڪا گجگاٽ ۽ چمڪاٽ سان پوي. گونگو مينهن بي مزي ۽ ڦوهاري سمان ٿو رهي. ان ۾ ايڏي ڪشش نه ٿي رهي.
    ۷ - عورت يا زال کان سواءِ، گهر به اوطاق يا قبرستان وانگر آهي.
    اھا سموري وارتا، بير نالي شاعر، پنھنجي ٻالڪي بتال کي ٻڌائي.
    مطلب: ۱ - مٿي بيان ڪيل ستن ماڳن لاءِ، ستن شين جو هجڻ اشد ضروري آهي. (۲) ص ۶۶.


    ص

    ص

    97. صحرا منجھ ساوڪ؛ پاڻيءَ جي نشاني،
    ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ وٽ اچڻ؛ محبت جي نشاني. (چوڻي)
    صحرا؛ ان خطي کي چئبو آهي، جتي پاڻي نه هجي. پاڻي نه هئڻ جي صورت ۾ منجهس ڪا به اوڀڙ نه اڀرندي آهي. ڇو جو، هر ساهوارو پاڻيءَ تي تڳندو آهي. پاڻيءَ کان سواءِ حياتي آهي ئي ڪا نه. نه چرند ۾، نه پرند ۾. صحرا جي وچ ۾ اگر ساوڪ (Oasis) نظر اچي ته مٿس، ماڻهو، مرون ۽ ماڪوڙيون اچي ڪٺا ٿيندا آهن. مٿس پکي به پيا ڦيرا ڏيندا آهن. جنهن مان سمجهي وڃبو آهي ته؛ اتي پاڻي موجود آهي.
    اهڙيءَ طرح ماڻهو به قرب يا محبت جو بکيو ۽ ڳولائو آهي. جتي کيس قرب مليو، اتي لڙي ايندو بلڪ وري وري پيو ايندو. جتان قرب نه مليس، اتان ٿڏا ئي پٽي ويندو. جنهن وٽ جھجها ماڻهو اچن ٿا، تنهن لاءِ سمجهڻ گهرجي ته سخي آهي. وٽانئس محبت ملي ٿي ۽ دل جون، وس آهر، مرادون پوريون ٿين ٿيون.
    مطلب: ۱ - هر شيءِ لاءِ ڪو نه ڪو دليل هوندو آهي.
    ۲ - ٻه شيون پاڻ ۾ لازم ملزوم هجن، تن لاءِ ائين مثال ڏبو آهي.
    ۳ - جَوَن جي ماني؛ جواب جي نشاني.


    ع

    ع

    98. عادت مٽي نه عادتي، علت مور نه جائي،
    اٺ ڇُٽو ڪڻڪ ۾، تو ڀي ڪنٽا چُڻ چُڻ کائي. (پھاڪو)
    کائڻ ۾ ھر ڪو سٺي ۽ چڱي شيءِ پسند ڪندو آھي. وس ويندي خراب شيءِ جي ويجھو به نه ويندو آھي. جيئن ڪڻڪ، کائڻ جو ان آھي، ھر ڪو اھا کائيندو آھي. ان جي ڀيٽ ۾ ڪنڊا، کائڻ جي شيءِ/ وٿ ناھن، تن کان ھر ڪو پاسو ڪندو آھي. پر عادت اھڙي بري بلا آھي جو اھا جڏھن ڪنھن ڪني شيءِ واپرائڻ تي ھري ٿي ته ورلي وڃي ٿي. جھلڻ جي باوجود، عادتي اتي پھچيو وڃي. جيئن اٺ، ڪڻڪ ۾ هوندي به ڪانڊيرا کائي. ڇو جو ھو پنھنجي عادت آڏو مجبور آهي.
    مطلب: ۱ - عادت مٽي نه عادتي، علت مور نه جاءِ،
    اُٺ پئي ڪڻڪ ۾ ته به ڪنڊا چڻ چڻ کاءِ. (سرو)
    ۲ - عادت نه ڇڏي عادتي، عضوو نه ڇڏي جاءِ.
    ڪتي کي تخت تي ٻلھاءِ، ته به چڪي چٽڻھارڪو. (ساهتي)
    ۳ - عادت وڃيس نا، علت ڪڏهن نه جاءِ،
    اٺ ڪڻڪئه ڇڏيئه، چُڻ جواسا کاءِ. (قاضي قادن ۶۲)
    ۴ - انسان عادتن جو غلام آهي. (جپاني)

    99. عاشق ان کي چئجي، جو اٺئي پھر اداس. (چوڻي)
    عاشق لکي وصال جي اڻتڻ لڳل ھوندي آھي. اگر عمر وڌي وڃيس ته به لڳل چڻنگ، سندس من مان نڪرڻ جو نالو ئي نه وٺندي آھي. البته عشق جو رخ تبديل ضرور ٿئي ٿو. مجازيءَ کان حقيقت جي راھ تي گامزن ٿئي ٿو. وچ وارين منزلن؛ شريعت، طريقت ۽ معرفت تي پڻ عمل پيرا ٿيندي وڃي حقيقت تي رسي ٿو. ان ھڻ وٺ ۾ سدائين پريشان حال رھڻ ھڪ فطري جز آھي، جيڪو عاشق کي خوار ڪندو رھي ٿو.
    ٿر اندر ڏڪار سبب، هڪٻئي کي چاهيندڙ ڪيتريون ئي دليون وڇڙي وڃن ٿيون. سندن دلين ۾ وري ملڻ يا وصال لاءِ پڻ تڙپ رھي ٿي. جنھن سبب، سڄڻن کي ياد ڪندي، هميشه اداس رهنديون آهن. (۳۵) ص ۲۵۱
    مطلب؛ ۱- عاشقان را شش نشانيان است اي پسر! آه سرد، رنگ زرد، چشم تر، انتظاري، بيقراري، بيقدر. (شيخ سعدي)
    ۲- اي پٽ! عاشق جون ڇهه نشانيون آهن؛ کاڌو نه کائڻ سبب ڪمزور ۽ هيڊو ھوندو. وڇوڙي سبب شوڪارا پيو ڀريندو. اکين جا تُنر، پاڻيءَ-ٻڏل ھوندس. اکين ۾ ديدار جو انتظار هوندس. دل بيقرار هوندس. هڪ جاءِ تي ٽڪاءُ نه ھوندس بلڪ دربدر رهندو. (ترجمو)

    100. عقل؛ وڏي اٽڪل. (چوڻي)
    دنيا اندر، حياتي گذارڻ لاءِ، انسان کي لامحدود صلاحيتن سان سنواري موڪليو ويو آھي ته جيئن زندگي آسانيءَ ۽ سولائيءَ سان گذاري سگھي. مڙني صلاحيتن کان مٿانھين صلاحيت عقل آھي، جيڪا کيس ٻين ساھدارن کان ممتاز ڪري ٿي. عقل اھڙو وقوف يا اٽڪل آھي، جنھن سان انسان ڏکيا ۽ منجھيل مسئلا حل ڪري ٿو. ان ھوندي به عقل ھلائڻ جي ھڪڙي حد مقرر ٿيل آھي. ان کان مٿي عقل ھلائڻ منجھان، نفعي بجاءِ نقصان ئي ٿيندا آھن. ڇو جو جتي ڏاھپ واري عقل جي حد پوري ٿيندي آھي، اتان لالچ ۽ لوڀ واري عقل جي سرحد شروع ٿيندي آھي. اتي ڏاھپ تي پردا چڙھڻ شروع ٿي ويندا آھن. اٽڪل وارو عقل، جيڪو انسان کي فائدي رسائڻ سان گڏ، جان مال جي حفاظت ڪري، سو ان حد تي پھچندو آھي، جنھن سان کيس نقان رسڻ شروع ٿي ويندو آھي. (۳۵) ص ۲۴۱
    مطلب؛ ۱ - هر ڪم جي ڪاميابي اٽڪلن ۾ رکيل ناھي.
    ۲ - سوچ سمجهه کان خالي اٽڪل، ڪو به فائدو نه ڏيندي آھي.

    101. عقل وِراڻي، تڏين اٽي ڇاڻي جلين. (ڪڇ، چوڻي)
    وراڻي: ورهايو پئي. تڏين: تڏهن. اٽي- ڇاڻي: اٽي ڇاڻڻ وارو پرڻ. جلين: جهليائين.
    اهو هڪڙو خيالي تصور آهي ته سمورا انسان، هن دنيا ۾ اچڻ کان اڳ، پنهنجو نصيب پنهنجي هٿن سان وٺي آيا آهن. نصيب ورهائڻ واري هنڌ، هر شيءِ جي ورهائڻ لاءِ قطارون لڳل هيون. اتي عقل ۽ حسن، ڌن ۽ دولت وغيره جڏهن ورهايا پئي ته ڪن ماڻهن سانڍي وٺڻ لاءِ ٻوريون ڀريون. ڪن گاڏيون ڍڪايون، ڪن فقط ٻڪ جهلي ورتو ته ڪن وري پرڻ ۾ نصيب پئي ورتو، جنهن ڪري ان مان به کسڪي وهي وين.
    گهٽ عقل واري لاءِ ائين مثال ڏبو آهي. جڏهن عقل پئي ورهايو ته اتي هن پرڻ جهليو. کيس مليو ته گهڻو، پر پرڻ جي وٿين مان، پنهنجي اڍنگائي سبب، وهائي آيو.
    مطلب: ۱ - بيوقوف ماڻهوءَ کي ٽوڪ طور ائين چئبو آهي.
    ۲ - جڏهن عقل/ بخت ٿي ورهايو، تڏهن پرڻ جهليو هيئي ڇا؟
    ۳ - عقل پئي ورهايو ته تو جهليا ٻئي ٻڪ! (ساھتي)
    ۴ - جڏهن عقل/ حسن پئي ورهايو، تڏهن ڪاٿي هئين. (۱) ص ۱۷۴.

    102. عمر نيئي نيئي مارئي نيندو،
    ٿرئون ته ڪو نه ٿيلهيندو. (پھاڪو)
    عمر- مارئي، ٿر جو هڪ قصو آهي، جيڪو سنڌ جي داستانن منجھ وڌيڪ مشھور آهي. ان قصي مطابق؛ عمر سومرو، سنڌ جو حاڪم هيو. مارئيءَ جي حسن جي هاڪ ٻُڌي، مٿس موهت ٿي پيو. جڏهن خبر پيس ته اها اڳي ئي ڪنھن جي مڱ آهي ۽ سندس ٻانهن گهرڻ لاءِ رستو بند ڏسي، کيس کڻڻ جي چال سٽيائين. تاڙ ڪري، کيس پاڻي ڀريندي، ڀالوا جي کوهه تان اچي اٺ تي کنيائين ۽ راتو رات هاڻو هڻي عمرڪوٽ ۾ اچي قيد ڪيائين. مارئي، نه سندس ملڪيت تي هرکي ۽ نه ئي وري سندس حشمت تي ڊني. بلڪ دليريءَ ۽ بھادريءَ سان، پنھنجو ست سيل قائم رکيائين.
    هتي عمر سومري جي طاقت بابت اشارو آهي ته ان جو وس، فقط ايترو هيو جو مارئيءَ کي کنائين. مارئيءَ کي مڃائڻ جيترو وسُ، وٽس نه هيو. نه کيس، ڪنھن کي ٿر مان ٿيلهي ڪڍڻ جيترو وس هيو ۽ نه ئي ٿر کي اونڌو ڪرڻ جيتري طاقت هيس.
    مطلب: ۱ - دنيا جي حاڪم جو وس، محدود آهي.
    ۲ - رب جي تڪويني عمل ۾، دنيا جا بادشاهه به دخل نه ٿا ڏئي سگهن.

    103. عورت ڇڏي گهر کي، جيڪا گُهمي گهَٽُ،
    راس بنان، روڪڙ سوا، جيڪو کولي هَٽُ،
    ٽيون کارو کوھ ۽ چوٿون کوٽو وَٽُ،
    چار ئي چَٽُ. (چوڻي)
    گهٽ: گهٽ گهيڙ، ٿاڪ، هنڌ ماڳ. راس بنان: تجربي کان سواءِ.
    روڪڙ سوا: ڏوڪڙ سواءِ، ڏوڪرن کان سواءِ، بنا پئسي، بنا موڙيءَ جي.
    ۱ - عورت جي عزت ۽ سونهن، گهر اندر رهڻ ۾ آهي. گهر کي ڇڏي گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيئڻ ۾ عزت ناهيس. گھمندڙ عورت منجھ، هر ڏسڻ وارو، اميد رکندو آھي. مٿس حسد ڪندو آھي. حاصل ڪرڻ لاءِ ريس ڪندو آھي. آخر ۾، اھڙا ڪيئي اميدوار، پاڻ ۾ وڙهي به پوندا آھن. پڇاڙيءَ ۾ اها گهمندڙ عورت، پنهنجي چاهيندڙن جي نظرن ۾ به ٿوڪاري يا ڪاري ڪئي ويندي آھي.
    ۲ - جيڪو ماڻهو بنا تجربي ۽ موڙيءَ جي وڏو هٽ کوليندو، سو جلد دڪان جو ڏيوالو ڪڍندو. دڪان کولڻ لاءِ، اڳواٽ دڪان هلائڻ جو تجربو هئڻ ضروري آھي. پهرين ڪنهن سٺي دڪان تي نوڪري ڪجي. اتان هٽ هلائڻ جا گُرَ سکجن، ان کان پوءِ هٽ هلائجي. جيڪڏهن ائين نه ته پوءِ، هلڪڙو دڪان کولجي، جنهن جو نفعو ۽ نقصان ٿورا هجن. ان ھلڪي هارَ-وِيرَ مان به ڪافي تجربو ۽ سکيا ملندي. بعد ۾ ڪاروبار وڌائيندو وڃجي. ٻي صورت ۾ وڏو نقصان پوندو.
    ۳ - کوھ جو پاڻي کارو هوندو ته ماڻهو نه پيئندا، پر مال به نه پيئندو. جيڪو پيئندو سو پيٽ-سور ۾ پيو مرندو. جنھن سببان کاري کوھ مان، ڪير به پاڻي ڪڍڻ جي تڪليف نه ڪندو. جنهن کوھ مان پاڻي نه نڪرندو، تنهن جا نار جلد بند ٿي ويندا. جنهن کوھ جا نار بند ٿيا، ان جو بيٺل پاڻي ڌپ ڪندو ۽ آهستي آهستي، مٽي وغيره پوڻ سان کوه ئي لٽجي ختم ٿي ويندو.
    ۴ - وَٽُ، اگر ڪسو يا کوٽو آهي ته گراهڪ ۽ دڪاندار، ٻنهي لاءِ نقصانڪار آهي. گراهڪ دڪاندار کي بي ايمان پيا سمجهندا ۽ کانئس سودو وٺڻ کان پيا لهرائيندا. ان مان به گهڻا نقصان آهن.
    مطلب: ۱ - عورت کي پردو کپي، واپاريءَ کي تجربو ھجي، جر جو پاڻي مٺو لڀجي ۽ تورڻ لاءِ وٽ، وزن ۾ پورو هجي. (۴) ص ۲۴۵.

    104. عورت ۽ گهوڙو ان جو، جنهن جي قبضي ۾. (چوڻي)
    عورت فطرتي طور، طبعاً ٻير جي ڪاٺيءَ وانگر ضديري ۽ ڏنگي ٿيندي آهي. ٻير جي ڪاٺيءَ کي سڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي ته ٽٽي پوندي، سڌي نه ٿيندي. عورت به پنھنجي ضد تي قائم رهندي آهي. اگر ڪنهن سان سندس دل لڳي ۽ ان جي ڪڍ لڳي ته موٽي مائٽن کي به نه ليکيندي. ڀلي سندس مائٽ، ڪيترا به حيلا هلائن ۽ ڪيس ڪن پر سندن جي نه ٿيندي. ان جي ئي ٿيندي، جنهن جي قبضي ۾ سندس دل آهي. چوڻي آھي؛ ’عورت ضد تي چڙھي، پاڻُ ڪھائي ته به نه مُڙي.‘
    گهوڙو پڻ طبعًا ارڏو ۽ اڙٻنگ ٿيندو آهي. جھڙي تھڙي کي، واڳ ۾ ھٿ وجهڻ نه ڏيندو آهي. اَڙي هڻي چڙهڻ پري جي ڳالهه، توٻري ته به وٺ نه ڏيندس. باقي جنھن سان ٺهي وڃي ته پوءِ ڪيا بات آهي. مالڪ به هٿ پٽي ويندو ۽ ان سئيس جي حوالي ڪري ويندس. اگر گهوڙو کيس ڌارڻو ئي هوندو ته سئيس کي به نوڪر رکي پالڻو پوندس.
    مطلب: ۱ - عورت ۽ گهوڙي جا، حقيقيت ۾، مالڪ اهي آهي جن جي هٿن ۾ سندن دل ۽ واڳ آهي.
    ۲ - عورت/ گهوڙو، جنهن جي قبضي ۾ آيا، تنھن جا.
    ۳ - گهوڙو ۽ رن، ران سان. جنھن جي ران ۾ طاقت سٻر يا سوائي آھي، ٻئي انھيءَ سان ھوندا.


    غ

    غ

    105. غرض ۾ گڏهه کي به ٻاپو چوڻو ٿو پوي. (پھاڪو)
    ٻاپو: پيءُ، ابو، امڙ جو مڙس.
    غرض يا گتي، انسان کي ايترو مجبور ڪندي آهي جو ٻئي آڏو هٿ ٽنگڻ تي مجبور ٿي ويندو آهي. ڪن حالتن ۾ ته گڏهه قسم جي نٺر ۽ نؤد ماڻهن سان به، مُنھن لاهي، ڳالهائڻ لاءِ مجبور ٿي ويندو آهي.
    اڃا به وڌي، اها صلاح ڏني وئي آهي ته پنھنجي غرض خاطر، گڏهه کي به ابو ڪوٺيو يا امڙ جو مڙس چوڻ جيتري بيعزتي برداشت ڪيو. پنھنجي غرض ۽ گتيءَ ۾ ڦاٿل هئڻ کان، ائين ڪرڻ ۾، عار محسوس نه ڪيو.
    جڏهن ته اها ڳالهه انساني غيرت جي برداشت کان ٻاهر آهي. سوال ٿو اٿي ته پوءِ اها صلاح ڇو ڏني وئي آهي؟ اها صلاح ان لاءِ ڏني وئي آهي ته يا غرض جي غلامي ڇڏي، غيرت جو دامن پڪڙيو. يا غرض جي ڪڍ لڳي، غيرت وڪڻي ڇڏيو. هڪڙا ماڻهو، غرض ۽ خواهش جي پورائي خاطر، سڀڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن. پوءِ دليل ڏيندا آهن؛ اسان پنھنجي مرضيءَ جا مالڪ آهيون، جيئن وڻي تيئن ڪري يا ڪرائي ٿا وٺون. اندران اندران، اهي پنھنجي مرضيءَ ۽ نفساني خواهشن جا غلام بنجي چڪا هوندا آهن. جيڪا کانئن اهڙا ڪريل ۽ ڪڌا، غيرت کان هٽيل ۽ وانجھيل ڪم ڪرائيندي دير نه ڪندي آهي.
    مطلب: ۱ - غرض خاطر، ايمان نه ٻوڙائجي.
    ۲ - نفساني خواهشن جو غلام نه ٿجي.
    ۳ - غرض، گولي آهي.

    106. غريب هئڻ، ڪو عيب نه آهي. (چوڻي)
    خدا تعالى هر ماڻھوءَ کي، بکئي پيٽ، اگهاڙين لڱين ۽ هٿين خالي، پئدا ڪري ٿو. فطري طور ڄڻ ھر ڪو ماءُ جي پيٽ مان غريب ئي پيدا ٿئي ٿو. ھن دنيا اندر به، ڪن کي غربت ورثي ۾ ملي ٿي ته ڪن کي حالتن سارو غريبي نصيب ٿئي ٿي. غريب يا امير ٿيڻ، في نفسہٖ، ڪنھن جي به وس ۾ ناھي. اميري غريبي رب جي طرفان آھي. نه ان ۾ عيب آھي ۽ نه ان ۾ ڪو عار آھي. تنھن ھوندي به ھن دنيا اندر، امير ٿيڻ لاءِ، وڏا وس ڪرڻا پون ٿا. جڏھن ته غريبي بنا محنت جي مليو وڃي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته غريبي يا مسڪيني، نبين کي به پسند هئي.
    مطلب: ۱ - مرڻ ناھي مھڻو، پرڻو ناھي گار.
    ۲ - ڀيٽيو؛ کٽل مائترو نِه ڦاٽوڙي گڀي رو، مھڻو ڪونھي.


    ڦ

    ڦ

    107. ڦٿل گدرو، پترن نمتارٿ. (پھاڪو)
    پترن: ڀترن. نمتارٿ: برابر.
    هڪڙي دفعي وتايي فقير اچي گدرن واري کان گدرا گهريا. پهرين کانئس ڌڻيءَ جي نالي تي گدرو گهريائين. گدرن واري ڳولي ڳولي ڦٿل ۽ ڪسو گدرو ڪڍيو. سمجهيائين ته؛ اهو هونئن ئي اگهه نه ڪندو. شام جو ائين اڇلڻ کان فقير کي ڏئي ٽاريان. ڌڻيءَ جي نالي کي به نه موٽائيندم، فقير به راضي رھندو ۽ ڪسي شيءِ به ٺڪاڻي لڳي ويندي.
    فقير، گدرو هٿ ۾ ورتو ته سهي پر کيس وڻيو ڪو نه. يڪدم کيسي مان ٽڪو ڪڍي، کانئس ٽڪي جو گدرو گهريائين. هاڻي واپاريءَ پئسا ڏسي. انهن آهر گدرو ڳولهي ڏنس. ڇو جو سمجهيائين پئي ته؛ پئسن تي ڦٿل گدرو ڏيندس ته فقير ڏاٻيندو ۽ ڇڙٻيندو.
    فقير، ٽڪي جي بدلي مليل گدرو، ٻِئي هٿ ۾ جهلي، آسمان ڏانهن ڏٺو ۽ چوڻ لڳو؛ ”ٽڪي جو قدر به ڏس ۽ پنهنجي نالي جو به ڏس!“
    مطلب: ۱ - ڦٿل گدري جو ملھ، ڀترن برابر آھي.
    ۲ - ڌڻيءَ جي نالي يا خيرات ۾ ڏيڻ به ڏکيو لڳندو آهي.
    ۳ - بيڪار شيءِ، ڌرمائو/ خيراتي ڪمن ۾، ڏيئي ڇڏبي آھي.
    ۴ - انڌو ڇوڪر، لائو ڏوڪڙ، ٽڪاڻي جي ارداس.
    ۵ - انڌو ڇوڪر، کوٽو ڏوڪڙ، مسيت حوالي. (۱) ص ۲۷۶.

    108. ڦٽي کي ڪھڙي ڍل؟ (پھاڪو)
    ڍل؛ نھرن ۽ شاخن تي آيل خرچ، سرڪار ھر فصل تي، زميندارن کان اڳاڙيندي آھي. جنھن زمين جو فصل ئي خراب ٿيو، ان تان ڍل وٺڻ ويتر زميندار کي غريب ڪرڻو آھي. تنھنڪري، سرڪاري راکا/ ٻاڌارا، جانچ پڙتال دوران اھڙين ٻنين کي ڍل کان آجو قرار ڏيندا ويندا آھن.
    مطلب: ۱- جيڪو ماڻھو خراب ٿئي، يا نافرمان ٿئي، تنھن کي ڪھڙي ميار ڏبي؟
    ۲- ڍل، آباد ٻنيءَ ورتي ويندي آهي.
    ۳- ڦٽي تي ڍل ڪانھي. (۳۵) ص ۲۱۲، (۳۶)
    109. ڦَرجڻ نان ٽائيم ٻيجو، ويامڻ نان ٽائيم ٻيجو. (پهاڪو)
    ڦرجڻ: ڦر سرجڻ، نطفي جو نر جي پٺيءَ مان ماديءَ جي رحم اندر داخل ٿيڻ، لڳ جهلڻ. ٻيجو: ٻيو. ويامڻ: ڦر ڏيڻ، ويامي پوڻ.
    نسلي افزائش لاءِ، لڳ ذريعي، نَرَ جي پٺيءَ جو پاڻي، ماديءَ جي پٺيءَ جي پاڻيءَ سان، رحمِ مادر اندر، داخل ٿيڻ لازمي آهي. لڳ جي موسم ۾، لاڳ مال جي يا ڪَتِ جي مند ۾ ڪتن جي ڪيفيت، ڪجهه اور هوندي آهي. جهلئي نه جهلبا آهن. مينهن ۽ ڍڳيءَ جي، ڍِڪَ مٿان ڍِڪَ ۽ رَنڀ مٿان رَنڀ پئي پوندي آھي. ڪتي به ڪوڪرا ۽ ڪوڪٽ پئي ڪندي. آئي وئي کي پئي چڪ پائيندي. ٻليءَ جو به ميڪٽ مٿان ميڪٽ پيو پوندو ۽ پئي رانڀوٽا پائيندي. جيستائين وڃي، گندي پاڻيءَ جو ڦڙو، اندر-ٻرنديءَ باهه تي پوي ۽ کيس وِسائي، تيستائين ڦٿڪي ڦٿڪي ٻين جو به ننڊ آرام ڦٽائي ڇڏيندا.
    جانورن وانگر، انسان جي لڳ جي مند ته مقرر ناهي پر مٿس به شھوت چڙهڻ وقت، عجيب ڪيفيت طاري ٿيندي آهي. جهليو نه جهلبو آهي. لوڙها لتاڙيندي ۽ ڪوٽ ڪيرائيندي، عزت ذلت جو به احساس نه ھوندو اٿس.
    جڏهن ڦر ڄڻڻ ۽ ڄر ڪڍڻ جو وقت ٿيندو آهي. ان وقت جا سور به سور آهن. ڪي ماديون ته انهن سورن اندر، مري پڻ وينديون آهن. انهيءَ ڪيفيت مان گذرڻ وقت، اگر ڪو کين ڏسي ۽ محسوس ڪري ته دل ۾ خيال ڪندو؛ آئندھ اها مادي، ڦرجڻ وارو ڪم نه ڪندي. پر حيرت تڏهن ٿيندس، جڏهن سال کان پوءِ، ٻيو ڦر ڄڻڻ وقت، ساڳي مادي ساڳين سورن سبب، پئي ڦاٽندي، ڦيٽون کائيندي ۽ ٻاڪاريندي.
    مطلب: ۱ - وقت وقت کي سلام آهي.
    ۲ - ڪم ڪرڻ وقت، هر ذي روح جي ڪيفيت ڪجهه اور هوندي آهي.

    110. ڦڳڻ ڦوسيارو؛ ڏينھان اونھارو، راتيان سيارو. (چوڻي)
    ڦڳڻ؛ سنبت وڪرمي سال جو مهينو آھي، جيڪو مارچ ڌاري اچي.
    ڦڳڻ ۾ بهار ايندو آهي. ڏينهن جو گرمي ھوندي آھي، جنھن سان پگهر ايندو آھي. واري تپڻ سبب، ٿر اندر اڃا وڌي ويندي آهي. رات جو ٿڌيون هوائون لڳنديون آهن. واري ٺرڻ سبب، ٿورو سيءُ پڻ پوندو آهي. صبح ڌاري ماڪ پوندي آھي. اگر ڪو ٻاھر سمھندو ته صبح واري ماڪ، کيس پريشان ڪري ڇڏيندي. ان ماڪ ۾ ھر شيءِ پُسي پوندي آھي. ڀِنل شيون؛ ڦڳڻ جي ڦوسيارو ھئڻ ۽ پارو ھڻڻ جون ساکي ھونديون آھن. (۳۵) ص ۱۹۶
    مطلب؛ ۱- ھر موسم جو پنھنجو اھڃاڻ آھي. ڦڳڻ اندر، مٽجندڙ موسم جو نياپو آھي.

    111. ڦوسو، ڦڙسو، ڦڙسرام، مايا تيري تين نام. (چوڻي)
    ماڻهوءَ جو، مائٽن طرفان رکيل نالو، غربت سبب بگاڙي ورتو ويندو آهي. غريب جي گهر ۾ ڄائو ته ڇٺيءَ جو رکيل نالو پرسرام يا ڦڙسرام، ڦري پرسُو يا ڦوسو ٿي پوندو. هر ڪو پيو انهيءَ نالي سان سڏيندس.
    جڏهن محنت ڪري، ٿورو مال متاع يا پئسڙو هٿ ڪندو ۽ ٻن چئن جي ڪم ايندو ته کيس لالچ سببان يا مان ڏيڻ خاطر، پرسو يا ڦڙسو پيا ڪوٺيندا. جڏهن باقاعده ترقي ڪري، مالدار يا سيٺيو ٿيو ته پوءِ وڏي احترام ۽ لقب القابن سان گڏ، کيس سيٺ پرسرام يا سيٺ ڦڙسرام پيا ڪوٺيندا.
    مطلب: ۱ - ڌن دولت آهر، ماڻهوءَ جي نالي ۽ شان مان جو اضافو ٿئي ٿو.
    ۲ - ڄائو ته اڪ، پڙهيو ته اڪبر، نوڪريءَ چڙهيو ته رئيس غلام اڪبر.
    ۳ - ڄائو ته ٻلي، پڙهيو ته ٻِلو، سڌريو ۽ ڪڙهيو ته ٻِلارام.
    ۴ - پرسُو، پرسَو، پرسرام، مايا تيري تين نام. (۲) ص ۶۰.

    112. ڦوهڙ هلي، گهر سيه چلي. (چوڻي/ پهاڪو)
    ڦوهڙ: بي ڍنگي، اٻهري. سيه: سڀ، سمورو. چلي: هلي.
    گهر کي سينگارڻ ۾، سگهڙ عورت جو هٿ هوندو آهي. جڏهن ته بگاڙڻ ۾ به عورت جو ئي هٿ هوندو آهي. چوندا آھن؛ گھر ٺاھي به عورت ته ڊاھي به عورت.
    اڍنگي ۽ اٻهري عورت، ڀلي گهر جي سجاوٽ لاءِ ڪو ئي ڪم نه ڪري، پر رڳو گهمي ڦري، تڏهن به چڱا خاصا ٿانءَ ٿپا پئي ٿُڏن سان ڀڃندي ۽ رکڻ وقت پئي هٿن مان ڪيرائيندي.
    مطلب: ۱ - اڍنگي عورت جي هلڻ سان، سمورو گهر هلي پوندو آهي. (۶) ص ۹۹.

    113. ڦل ات پتر-ڦل، اور ڦل ڪانئي ڪا،
    رس ات پريم-رس، اور رس ڪانئي ڪا،
    تيج ات نين-تيج، اور تيج ڪانئي ڪا،
    جوت ات اندر-جوت، اور جوت ڪانئي ڪا. (چوڻي)
    ات؛ اتي، مٿي، آھي. ڪانئي ڪا؛ ڪونھي ڪو.
    ۱ - ڦل؛ ميوو سڀني کان سٺو، پنهنجو پٽ آهي. کٽي ڪمائي به کارائي ۽ مرڻ کان پوءِ نانءُ ناموس به روشن رکيو اچي. پيريءَ ۾ سهارو ٿئي ۽ سندس ھوندي پيڙهي پڻ پٽجي. آسيس اچي ۽ آس اميد وڌي وڃي.
    ۲ - رس؛ چس، چاهت وغيره پيار ۽ محبت جي مڙني شين کان وڌيڪ آهي. پوءِ محبت ماءُ پيءُ جي اولاد سان هجي يا ڀائن ڀينرن جي پاڻ ۾ هجي.
    ۳ - روشني، اصل ۾ اکين جي جوت ۾ آهي. جيڪڏهن اکين مان جوت ڇڏائي وئي ته سج جي روشني به ڪم نه ٿي اچي. دنيا سڀ اونده ٿيو وڃي.
    ۴ - جوت؛ اُهاءُ، سُهاءُ يا سهائو ڀلو آهي ته، اندر جو ڀلو آهي. اندر ۾ سوجهرو هوندو ته اکين کان انڌو ماڻهو به هٿوراڙيون ڏئي زندگي گذاري ويندو. اندر جي سڄائيءَ کان بغير، ماڻهو پنهنجن ۾ به ڄڻ ڌاريو آهي.
    مطلب: ۱ - ڪارائتيون/ ڦلائتيون شيون اهي آهن، جيڪي دائمي ۽ ديرپا هئڻ سان گڏ، پنهنجون هجن.
    ۲ - ڦل ات انبان ڦل، اور ڦل ڪانئي ڪا،
    رس ات راڳ رس، اور رس ڪانئي ڪا،
    تيج ات سوريا تيج، اور تيج ڪانئي ڪا،
    جوت ات اگن جوت، اور جوت ڪانئي ڪا.
    ۳ - ميوو ته انب، ان کان سٺو ميوو ڪونھي،
    ڪشش ته راڳ جي، ان کان وڌ ڪشش ڪونھي،
    تجلو آھي سج جو، ان کان وڌ تجلو ڪونھي،
    جوت آھي باھ جي، ان کان وڌ جوت ڪونھي. (۲) ص ۲۴۰.


    ق

    ق

    114. قرض؛ آهي ڪوڙهه جو ٽڪو. (چوڻي)
    ڪوڙھ: چمڙيءَ جي بيماري جنھن ۾ چمڙي ھنڌان ھنڌان ٽٽي پوي ۽ اڇا ڪارا دڙڳ ٿيو پون ۽ جسم جي سڄي سونھن ختم ٿيو وڃي. ٽڪو؛ بدنما داغ.
    دنيا اندر، رب پاڪ وقت گذارڻ لاءِ ھر ھڪ کي ڪمائڻ جا ذريعا ضرور بخشيا آھن. جن منجھان، محنت ڪري، کيس پنھنجي محدود ضرورتن جو پورائو ڪرڻو آھي. ھٿ پير ۽ ڪمائيءَ جا وسيلا ۽ موقعا، ھر ھڪ استعمال ڪري، گذر سفر ڪري ٿو ۽ ٻين جي محتاجيءَ کان بچي ٿو. ڪي ماڻھو، حالارت سارو يا سستيءَ سبب، کُھجي پون ٿا. پوءِ ٻين جا ڳيجھو، محتاج يا قرضي ٿين ٿا. انسان کي گھرجي ته ڪوشش ڪري، محنت ڪري ۽ پاڻ کي ٻين جي محتاجيءَ کان بچائي. ھڪ دفعو ھٿ ٽنگڻ تي ھريل ماڻھو، ورلي ئي سڌري ٿو. پنڻ جي ذريعي، قرض کڻڻ سان يا بيحيائيءَ واري رستي ڪمائڻ تي جيڪو ھريو سو ان کي ئي ذريعہ معاش پيو سمجھندو ۽ اھي عيب منجھس گھرُ ڪري ويندا. پاڻ معاشري جي نظرن ۾ ته ڪري پوندو پر پنھنجي نظرن ۾ به ڪري پوندو.
    مطلب: ۱ - قرض جو مثال؛ ڪوڙهه وانگر آهي.


    ڪ

    ڪ

    115. ڪاٺ جي پور ۽ ماڻھوءَ جي اندر جي ڪھڙي خبر؟ (چوڻي)
    ۱ - ڪاٺ جو بنڊ، بظاهر ٿلھو نظر ايندو آهي، پر اندران ڪيئن آھي، اھا خبر خاوند کي آھي. آري مشين تي چيرڻ کان پوءِ خبر پوندي آھي ته اھو بنڊ ڳردار ھيو يا منجھس اندر ئي اندر ۾ اھڙو ڳجھو پور ھيو، جنھن سبب سندس ڪاٺي عمارتي ڪم جي ئي نه رھي آھي. بلڪ جلائو طور تي استعمال ڪري سگھڻ جھڙي رھي آھي.
    ۲ - اهڙيءَ طرح ڪي ماڻھو ڏسڻ ۾ ٿلھا ٿنڀرا يا پڙھيل ڳڙھيل پيا نظر ايندا آھن. کين ٿلھو ڏسي، ڪي ماڻھو منجھانئن بھادريءَ جي اميد رکندا آھن. پر ميدان تي لھڻ کان پوءِ خبر پوندي آھي؛ ھمراھ ته اندران اندران صفا ڀاڙ جو ترو آھي. يا وري ڪي ماڻھو لٽي ڪپڙي مان وڏا پڙھيل ڳڙھيل پيا نظر ايندا آھن. ڳالھائڻ کان پوءِ خبر پوندي آھي؛ ھمراھ ته ٺپ اڻ پڙھيل ۽ غير تربيت يافتہ آھي.
    مطلب: ۱ - بظاھر ٿلھو ٿنڀرو، ڪاٺ اندران پورو، انسان اندران کاڌل ٿي سگھي ٿو.

    116. ڪاٺين کي باهه مان، مرونءَ کي ماهه مان،
    بخيل کي مال مان، عالم کي علم مان،
    سائل کي خيرات مان، ڪڏهن به ڍؤ نه ٿئي. (چوڻي)
    بک، پيٽ ۾ کاڌي جي وقتي کوٽ کي چئبو آهي. جنھن کي اگر وري کاڌي سان ڀربو ته، هڪ ويلي کان ٻئي ويلي تائين، پيٽ ٺاپر ۾ اچي ويندو. پيٽ ۾ هڪ کان ٻن يا ٽن مانين پوڻ جي گنجائش يا گهرج هوندي آهي. گهٽ مانيون وجهڻ سان، آنڊا اڃا پيا ڪُر ڪُر ڪندا. انهيءَ ڪُر ڪُر کان بچڻ لاءِ، پوري پُني ماني کائڻ ضروري آهي. وڌيڪ ماني به نقصانڪار آهي. پيٽ کي ڦاڙيندي ۽ ٻين بيمارين جو سبب پڻ بڻجندي. جنھن کاڌي سان، آنڊن ۾ ڪُر ڪُر باقي نه رهي ۽ کاڌو پيٽ ۾ بيماريءَ جو سبب نه بڻجي، اهو مناسب ۽ ڍَوَ ڪرائڻ وارو سڏبو. ڍَوَ کان مٿي، ڪير به کاڌو نه کائيندو آهي.
    دنيا اندر ڪي وري اهڙي قسم جون بکون آهن جن جي ڍاپڻ جي حد ناهي. جيترو کين پلڻ جي ڪوشش ڪبي، تيترو منجهانئن ”هل من مزيد“ جو آواز پيو ايندو.
    مطلب: ۱ - سڪل ڪاٺيون، اگر باهه کي ٻرڻ لاءِ ملي وڃن ته باهه، منجهانئن نه ڍاپندي. پئي وڌيڪ لاءِ پڪاريندي.
    ۲ - مرون ۽ گوشت خور جانور کي جيترو شڪار نظر ايندو، سرڙي رکندا. ڍائجي، چُپِ ڪري، نه ويهندا. ڍوَ کان پوءِ ته ويتر طاقت ۾ اچي، ٻيا وڌيڪ هيڻا جانور ماريندا.
    ۳ - ڪنجوس ماڻھو، ڪمائڻ ۾ پورو. کپائڻ لاءِ ويساند به نه هوندس. ته به سندس چُوس ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺندي. مشين جي پرزي وانگر گسي ويندو، ڪمائڻ کان بس نه ڪندو.
    ۴ - عالم کي سوين ڪتابن جو علم هجي، ته به چوندو: هزارين ڪتاب اڃا رهيا پيا آهن. تانگهه پوري نه ٿيندس.
    ۵ - فقير يا منگتي کي به ڪيترو ملي، ڍؤ نه ٿيندس. يا سج کٽي يا ٻج کٽي. يا سج لهي اوندهه ٿئي ۽ ماڻهو وڃي گهرن ۾ لڪن يا پاڻ ٿڪجي، تڏهن گهڙي سوا ڪا چپ اچيس نه ته اها به نه.
    ۶ - مٿين پنجن جي بک، پلجڻ جي ناهي.

    117. ڪا راکي ڪُر آپڻون، ڪا راکي ڪلتار. (چوڻي)
    ڪا: يا. راکي: رکي، رکوالي ڪري، سنڀال ڪري. آپڻون: پنهنجو.
    ڪُر: ڪڙم، قبيلو. ڪلتار: ڪرتار، پالڻهار، مالڪ.
    هيءَ دنيا، ڏک سک ۽ اهنج سهنج جي امتياز سان جڙيل آهي. منجهس ڏک-ڏولاوا به آهن ته سک ۽ عياشيون به آهن. ڏک، پاڻ مرادو پهچيو وڃن. جڏهن ته سکن حاصل ڪرڻ لاءِ، محنت ڪرڻي پوي ٿي. پنهنجن سان لڳ لاڳاپا، استوار ڪرڻا پون ٿا.
    تڪليفون ۽ ڏکن جي پهچڻ کان، مالڪ ۽ خالق، هڪ الله ئي بچائي يا محفوظ رکي سگهي ٿو. ٻئي ڪنهن جي ڀيڻي ڀر ناهي. اهو ئي مصيبتن جي ٽارڻ وارو ۽ بچائڻ وارو آهي.
    مٽ مائٽ ۽ ڪڙم قبيلي وارا به همدرد ۽ هڏ ڏوکي ٿيندا آهن. وس آهر مدد ڪندا آهن ۽ حفاظت ڪندا آهن. منجهانئن جيڪڏهن سک نه پهتو ته اهنج پهچڻ جو انديشو يا امڪان گهٽ هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڏانهنِ، دکيءَ دل سان رجوع ڪيو ويندو آهي. ساڻن گڏ رهڻ ۾ عافيت ۽ سندن سايي ۾ پلجڻ ۾ خيريت آهي.
    مطلب: ۱ - مدد يا مائٽ ڪن يا مالڪ ڪري.
    ۲ - يا ته پنهنجو ڪٽنب سنڀال ڪري، يا ربُ/ مالڪ محفوظ رکي.

    118. ڪارڙو ڪمارڙو، ان ڏيو ته مولا مينهن وسائي. (چوڻي)
    آڙنگ ڏسي، ڳوٺ جا ننڍا ٻار پاڻ ۾ گڏجي، ٽولي ٺاهي، جهوليون ٻڌي، گهر گهر مان وڃي خير گهرندا آهن. خير گهرڻ مھل، هڪ قسم جو مٺو ۽ رسيلو گڏيل آواز ڪندا آهن. سڀيئي سُر ملائي ڏاڍي دلچسپ انداز سان چوندا آهن؛ ”ڪارڙو ڪمارڙو، ان ڏيو ته مولا مينهن وسائي“. يا چوندا آهن؛ ”آکو پايو، گهر گهر ٺولايو.“
    هر گهر، کين ڪجهه اَنُّ ڏيندو آهي. اھو گڏ ڪري، مقرر جاءِ يا ھنڌ تي وڃي، مٺو ڀت رڌي، کائيندا آهن.
    وڏن ڳوٺن ۾ جتي هندو ججهي انداز ۾ آهن، اتي مندرن ۾ يا تلائن تي هَوَنَ ڪندا آهن ۽ مسلمان مسجدن ۾ دعائون گهرندا آهن ۽ خيراتون ڪندا آهن. ڌڻودي ماڻهو پنهنجي مال جو کير ڏهي گڏ ڪري سڀني ماڻهن کي ورهائي ڏيندا آهن، جنهن کي ”ڏوجهه ڏيڻ“ چئبو آهي.
    ڪٿي ڪٿي پيرن فقيرن جي قبرن تي يا تراين تي گهيٽن ۽ ڇيلن جي قرباني ڪندا آهن. اڇوت قومون ان گڏ ڪري، (جنهن کي براڙ چوندا آهن) ترائي يا ڪنهن درويش جي آستان تي وڃي ڀڄن ڪري رڌي لائيندا آهن. اهڙن موقعن تي چانور ورلي ڪم آڻيندا آهن، پر گهڻو ڪري ٻاجهري پسائي ڇڙهي ڳڙ وجهي مٺو ڀت رڌيندا آهن، جنهن کي ”گُگهريُون“ چوندا آهن. اهو سٺو سوڻ ڪري ليکين، ڇو ته ٿر جي پيدائش ۾ کاڌو به ٻاجهري آهي.
    مطلب: ۱ - ڪارڙو ڪمارڙو، ان پاڻي ڏي ته مينھن وسي. (ساهتي)
    ۲ - ڪرڙ ۾ گهوٻاٽو، مينھن آيو گهاٽو. (چوڻي)
    ۳ - ڀت تي نوڙي، مينھن آيو ڊوڙي. (ساهتي)
    ۴ - وس وس ڙي مينھن، تنھن جي وسڻ جا ڏينھن.
    ۵ - ڀت تي مڪڙو، مينھن آيو تڪڙو.
    ۶ - ڀت تي جهرڪي، مينھن آيو ترڪي.
    ۷ - برسات اچي پئي، تياري وٺو. (۱۲)

    119. ڪارو؛ ماري يا کاري. (چوڻي)
    ڪارو: ڪاريھر، زھريلي نانگ جو قسم، جيڪو ويرَ-وٺُو ھوندو آھي.
    ڪاريھر، ڪي گهڻا زهري ٿين ۽ ڪي گهٽ. ڪاريھر بابت ٿري چوندا آهن ته سندس ڏنگيل ماڻهو گھڻو ڪري مريو وڃي. اگر اتفاق سان بچي ويو ته وري جنهن عضوي ۾ چڪ لڳو هوندس، اهو عضوو کريو پويس. ان لاءِ ترت علاج ۽ ٻيا علاج به، پاڻ ڪندا آهن. تنھن ھوندي به کپُرَ-کاڌي جو چاڙھو، مشڪل ٿيندو آھي.
    مطلب: ۱- ڪاريھر جو ڏنگيل، ورلي بچندو آھي.
    ۲ - ڪاريھر، ماري يا کاري.
    ۳ - ماتا، ماري يا کاري. (۱۲)

    120. ڪارونجهر ٽڪري، هر روز سوا سير سون اپائي ٿي. (چوڻي)
    ڪارونجهر، جنهن کي ڪالنجر به سڏيو اٿن. ڪالنجر جي معنيٰ آهي، ڪال کي انجر يا اجرو يا اڇو يا ڀورو ڪرڻ. جنھن منجھان ڪالنجر جي معنيٰ ٿي، ڪارج کي ڀورو ڪرڻ وارو مهاديو. ڪارونجهر، ننگر پارڪر ۾ موجود هڪ ٽڪريءَ جو نالو آهي، جيڪا هڪ هزار کن فٽ اوچي آهي.
    ڇهن قطارن تي مشتمل هن ٽڪريءَ تي وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا گهڻا آهن. اتان ڪاٺيون ۽ کونئر، ميوا ۽ ماکي جام ملن ٿا. هاڻي ته منجهانئس اوچي قسم جو گرينائيٽ پڻ مليو آهي. سندس ڀر وارن پهاڙن منجهان، ڪوئلي جون کاڻيون پڻ مليون آهن.
    جابلو ٻوٽين جي رس مان، ماکيءَ جون مکيون، جبل جي نج ماکي ٺاهين ٿيون، جيڪا وڏي ڪارائتي آهي. جابلو پاڻي، منرل واٽر کان وڌيڪ هاضمي دار ۽ قوت بخش آهي. ان تي اڀرندڙ/ ٿيندڙ، جابلو ٻوٽيون پڻ ڪارائتيون آهن. منجهانئن دوائون جڙن ٿيون. جابلو ٻوٽين ۾ گوگڙو ۽ گڻ- ويل يا مهماءِ وغيره ته مرداني طاقت کي وڌائڻ لاءِ اڪسير آهن.
    مطلب: ۱ - ڪارونجهر جي ٽڪريءَ جي ڏيهاڙيءَ جي پيدائش مان، سوا سير سون جيترو اپراسو ٿئي ٿو.
    ۲ - جابلو ٻوٽين وغيره مان، گهڻو پئسو هٿ اچي ٿو.

    121. ڪارونجهر ري ڪور، مريجي ته به مليجي نا. (چوڻي)
    ڪور: وَٽِ، ڪنڊ. مليجي: ڇڏجي. ري: جي. مريجي: مري وڃجي.
    ڪارونجهر جبل، برساتين پوڻ پڄاڻان، سرسبز ۽ دلڪش ٿي پوندو آهي. منجهس مال لاءِ گاه ۽ مارو ماڻهن لاءِ ڏٿ، جام ٿيندو آهي. جيڪو زندگي گذارڻ لاءِ ڪافي آهي.
    جيڪي ماڻهو، پنهنجي وطن سان محبت رکن ٿا، سي ان کي ڪنهن به وقت تي ڇڏڻ لاءِ تيار نه ٿيندا آهن. جيڪي اھلِ دل ماڻهو آهن، سي مرندي مري ويندا پر وطن/ ڏيهه موراڳي نه ڇڏيندا آهن.
    ڪارونجهر جبل جي وٽ ۾ رهندڙن جو، حب الوطنيءَ بابت هيءُ قول به ائين ئي آهي.
    مطلب: ۱ - ڏيهه ڇڏڻ، ڏيهي ڇڏڻ، اوکا ڪم آهن.
    ۲ - ڪارونجهر ري ڪور، مريي تان مُڙيي ناهين.
    ۳ - ڪارونجهر جي قربت، مرڻ سان به ملي نه سگهندي.
    ۴ - ڪارونجهر ري ڪور، مرئي تو ئي ميلهي نهين، ماٿي ٽهوڪي مور، ڏونگر لاگي ڏيبتو.

    122. ڪاري ڏڌي، اڇو اچي ٿو. (پھاڪو)
    ٻڪرين، مينهن ۽ ڍڳين ۾ ڪاري رنگ جا پهرو ۽ ڍور ٿين ٿا. سندن چمڙيءَ جو رنگ ڪارو آهي پر سندن گوشت، رت ۽ منجهانئن نڪرندڙ کير جو رنگ، ٻين عام پهروئن/ ڍورن وانگر ئي آهي. ائين ناهي ته ٻين جانورن جي گوشت ۽ رت جو رنگ ريٽو آهي ته ڪاري جانور جو رنگ وري ڪارو آهي. يا ٻين مان ڏڌل کير جو رنگ اڇو آهي ته ڪاري جانور مان ڏڌل کير جو رنگ ڪارو آهي.
    فطرت، هر جانور اندر، ساڳيءَ طرح ڪارفرما آهي. ماڻهن اندر به ائين آهي. ضروري ناهي ته اڇي چمڙيءَ وارا وڻندڙ ۽ پرڪشش ٿين ۽ ڪاريءَ وارا نه ٿين. جھڙو اخلاق ۽ ورتاءُ هنن مان ملندو، تھڙو هنن مان ملندو.
    مطلب: ۱ - فطرت، اڻ مٽ هوندي آهي.
    ۲ - ڪاري ٻڪري، اڇو کير.
    ۳ - ڪاري وهٽ کي ڏهڻ سان، اڇو کير نڪري ٿو.
    ۴ - فطرت/ خاصيت، رنگ مٽڻ سان نٿي بدلجي.

    123. ڪاريءَ رات ڏيپڪ جلي، اڀ کنون بيج،
    آهر ڦلاري ٻيٽئين، مهيلي مک ڏنت،
    پٻڻ پسارا ڪيا، پنج ئي ٽهڪنت.
    ڏيپڪ: ديپڪ، ڏيو. بيج: بيچ، وچ. آهر: سرنهن، راڻي. ڦلاري: ڦولارجڻ.
    مهيلي: سهڻي سندري، ملوڪ عورت. مک: منهن، وڻندڙ چهرو. ڏنت: ڏند.
    پسارا: کلي ٽڙي پوڻ. ٽهڪنت: ٽهڪ ڏئي، کلي.
    ۱ - اونداهي رات جو، جنهن گهر ۾ ڏيئو ٻري، سو گھر ڄڻ آسودي هجڻ جي ڏک ٿو ڏئي.
    ۲ - اڀ يا وچ آسمان تي کنوڻ کنوي ته ڄڻ مينهن/ پاڻيءَ جو نياپو آهي. ان سان ڄڻ ماڻهن، مرن ۽ سڪي ٺوٺ ٿيل زمين لاءِ، خوشيءَ جو نياپو آهي.
    ۳ - ٻيٽ تي سرنهن جو ڦولارجڻ به، پڻ خوشيءَ جو سنديش آهي. ڇو جو بنا ڪنهن نقصان پهچڻ جي، منجهانئس فائدو ئي رسندو. اکين کي تراوت پڻ ايندي.
    ۴ - سهڻي عورت، وڻندڙ مکڙي سان، فقط ڏند ٽيڙي ته به هيانءُ ٺاري وجهي.
    ۵ - پٻڻ، بهه (Lotus root) جي مٿان، نيل ڪنول (Lotus) سان گڏ ٿيندڙ ميوو آهي. منجهانئس نڪتل ڏوڏي، پيٽ کي ٺاريندڙ ۽ ڪتڪتايون ڪندڙ هوندي آهي.
    مطلب: ۱ - مٿي بيان ڪيل پنج ئي حالتون، خوشيءَ ۽ کلڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿيون. (۲) ص ۱۳۶.

    124. ڪاڪا ماما ڪهوانا، گهر ۾ هوئي تو کاوانا. (پهاڪو)
    ڪاڪا، ماما: چاچا ماما. ڪهوانا: چوندو رھ. کاوانا: کائيندو رھ.
    رشتا ناتا ۽ انهن جو احترام، دنيا ۾ ضروري آهي. جڏهن ته هميشہ لاءِ مٿن ڀاڙڻ، کين ڀڄائي ڇڏيندو آهي.
    هر جيو/ ساھدار کي رب سائين، چَلڻ چُڳڻ لاءِ هٿ پير ڏنا آهن، جن سان لوچي لهي ٿو ۽ کائي پيٽ ڀري ٿو. ان جي برعڪس، اگر ڪير محنت نه ڪري ۽ چاچي مامي ۾ آس لڳائي، هَٿُ هَٿَ تي رکي ويهي رهي ته نقصان ۾ ويندو. مانُ تنهن کان سواءِ گهٽبس.
    مٽن مائٽن وٽ ڀلي انبار هجن پر عزت وري به پنهنجي گهر جي سادي کاڌي يا پِڇُ پاڻيءَ کائڻ ۾ آهي.
    مطلب: ۱ - پنهنجو گهر هنگيو پئي ڀر، پرائو گهر ڏِسيو پئي ڏر.
    ۲ - پنهنجي، سنهنجي.
    ۳ - ابي چاڙهي، ادي چاڙهي، مون نه چاڙهي، جڳ نه چاڙهي.
    ۴ - ادي جي اٻردي ڀي، ٻاٽ گهر دي آ.
    ۵ - بابل گهر گهوڙي، ڪا مون هِڻ هڻ. (۶) ص ۱۲۰.

    125. ڪاڪو جنھن جو ڪونپجي، ڀائي جنھن جو ڀارومل،
    گهوڙو جنھن جو نو لکو، اهو راوت رڙ مل. (چوڻي)
    راوت رڙمل، ٿر پاسي هڪ بھادر راجپوت ٿي گذريو آهي. جيڪو خانداني بھادر ھيو. پوري علائقي جو مشھور بھادر ڪونپجي سندس چاچو ھيو. سندس ڀاءُ ڀارومل ھيو، جيڪو پڻ وڏو بھادر ۽ دلير مڙس ھيو. سندس گھوڙو پڻ نو-لکو ھيو. ٿري ماڻھو راوت رڙمل جي تعريف ائين ڪندا آھن.
    مطلب: راوت رڙمل، خانداني طور عزتدار ۽ قابل تعريف ھيو.

    126. ڪاڳا ڪسي ڪا نه ڌڻ هڻي، ڪوئل ڪسي ڪو نه ديت،
    ايڪ ڄِڀيا ڪي ڪارڻي، جڳ سو متر ڪريت. (چوڻي)
    ڪاڳا: ڪانگ، ڪارو ڪانءُ. ڌڻ هڻي: ڌڻ هڻڻ، ملڪيت ڦرڻ، نقصان رسائڻ. ڪوئل: پکيءَ جو نالو. ديت: ڏيڻ، فائدو رسائڻ. ڄِڀيا: ڄِڀ، زبان. ڪريت: ڪرڻ. ڪارڻي: صدقي، سبب. متر: مِٽُ، مائٽ/ پنهنجو ڪرڻ.
    ڪانءَ جي عادت آھي؛ ڪان ڪان ڪرڻ ۽ ٻارن جي هٿن مان لولا ڦرڻ. انهيءَ ڪڌي عادت سبب، ڪير به کيس ڪو نه ڀانئيندو آهي. هٿائين کانئس پيو شيون وغيرھ لڪائيندو آهي. جڏهن ته انهيءَ اڍنگي زبان سبب، ڪانءُ ڪنهن جي مال جو ڌڻ نه هڻندو آهي پر تڏهن به هر ڪو کانئس ڪَوَ پيو کائيندو آهي ۽ کيس دشمن پيو سمجهندو آهي.
    ڪوئل، سريلي آواز سان پئي پڪاريندي آهي. جڏهن ته سندس لاڳيتو پڪارڻ ۽ رڙيون ڪرڻ، سريلي هئڻ سبب بيزار نه ڪندو آهي. هٿائين هر ڪو کيس پنهنجو پيو سمجهندو آهي.
    مطلب: ۱ - هڪڙو گندي زبان جي آفتن سبب، نقصان برداشت ڪري ٿو ۽ ٻيو چڱي زبان جي سبب فائدا ۽ آسائشون ماڻي ٿو. جڏهن ته رنگ روپ ۾، ڪانءُ ۽ ڪوئل، لڳ ڀڳ هڪجهڙا ڪارا آهن.
    ۲ - اها ئي زبان ڇانءَ ۾ ويهاري، اها ئي زبان اس ۾ ويهاري.
    ۳ - ٿڌو گهڙو، پاڻ کي پاڻ ڇانءَ ۾ ويهاري. (۲) ص ۶۳.

    127. ڪا ماءُ، ڪا ماءُ رو ڄايو،
    ٻيجو سڀ لوڪ پرايو. (چوڻي)
    ڪا: يا. ماءُ رو ڄايو: ماءُ منجهان ڄاول، ڀاءُ يا ڀيڻ.
    دنيا اندر، زندگي گذارڻ لاءِ، ٻين انسانن جي مدد جي ضرورت پوي ٿي. سچائيءَ ۽ سچيءَ دل سان، بنا ڪنھن غرض جي، ڪير به مدد ڪرڻ لاءِ واندو نه هوندو آهي. هر ڪنھن کي پنھنجا ذاتي مفاد به نظر ۾ هوندا آهن. اگر ڪنھن سان ڪا چڱائي ڪندو ته موٽ ۾ پنھنجي لاءِ به اڳلي وٽان ڪنھن چڱائيءَ جي اميد ضرور رکندو. بنا ڪنھن غرض جي، ڪير به ڪنھن سان همدردي يا چڱائي ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي.
    رت جي رشتن ۾ به فقط ڀاءُ يا ڀيڻ، بنا ڪنھن غرض جي، وقت تي باهه يا پاڻيءَ اندر ٽپي پوندا آهن. اهي پنھنجي ساهه جي به پرواهه نه ڪندي، محبت سان مددگار ثابت ٿيندا آهن.
    مطلب: ۱ - يا ماءُ يا ماءُ جو ڄايو، ٻيو لوڪ سڀ پرايو.
    ۲ - ڀاءُ، ڀاءُ/ ڀيڻ کي درياهه ۾ لڙهندو ڏسي، ماٺ ڪري نه ويھندو. کيس بچائڻ لاءِ، بنا سوچ سمجهه جي يا نتيجي کي نظر ۾ رکڻ جي، منجهس ٽپي پوندو.
    ۳ - وقت تي مٽ مائٽ کان به وڌيڪ ابو يا سندس ڄڻيو اولاد ئي ڪم ايندو آهي.

    128. ڪامهه؛ ٽوڙي يا جوڙي. (چوڻي)
    ٿر اندر چئني طرفن جي نالن کان علاوھ، چئني ڪنڊن تي پڻ نالا آھن. انھن کان آيل مينھن يا واءَ کي، انھن نالن سان سڏيو ويندو آھي.
    ۱ - پورب؛ اوڀر-ڏکڻ جي ڪنڊ کان آيل واءُ، جيڪو گھڻو ڪري برسات نه آڻي، اگر وسي ته ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي.
    ۲ - ٻڪروال؛ اوڀر-اتر جي ڪنڊ کان آيل ھوا، جنھن جي کنوڻ کوٽي نه ھوندي آھي.
    ۳ - رٻ ٺار؛ ڏکڻ اولهه جي ڪنڊ جو واءُ، جيڪو ڏڪار جو اڳواڻ ۽ مينهن لاءِ نڀاڳو سمجهيو ويندو آهي.
    ۴ - ڪامهه؛ اتر-اولهه واريءَ ڪنڊ جي هوا. ڪامھ لڳڻ سان، يا مينهن جو ٺهيل مانڊاڻ ڊهي وڃي ۽ ڪڪر ڇڙوڇڙ ٿي وڃن. يا وري مينھن ٽٽڻ بجاءِ، تيزيءَ سان وسڻ شروع ڪري ۽ لاڳيتو وسڻ سبب ٻوڏ ڪري وجهي.
    مطلب: ۱ - ڪامھ يا مينھن کي ختم ڪري يا جھور ٻڌرائي ڇڏيس. (۱۲)
    ۲ - ڪامھ؛ يا ته آيل مينهن ٽوڙي ڇڏيندي يا ته ماڳهين ڏينهن جا ڏينهن مينهن وسندو رهي، يعني جهڙ ٿي پوي. (۳۵) ص ۲۶۰

    129. ڪامهوڙي ٿي لاڳي، ڀتو کڻيو ڪلا ٿي ڀاڳي. (چوڻي)
    ڪامهوڙي: اتر جي هوا. ڪلا: عورت، ٻنيريءَ جي زال. ڀاڳي: ڀڄي/ ڊڪي. ڀتو: ٻنيءَ تي ڪم ڪندڙ ٻنيريءَ يا هاريءَ لاءِ، ويلي جي ماني، ٻنيءَ تي کڻي اچڻ.
    اتر جي هوا، لڳي ته آسمان ۾ برسات جا آڙنگ ٿيندا. اڀ ۾ ڪڪرن جو، ان وقت اڀرڻ به هارين لاءِ خوشي آڻيندو آهي. سمجھندا ته؛ برساتون پونديون. فصل، اڻ ميا ٿيندا. ٻنيءَ تي ڪم جھجهو ڪرڻو پوندو، جنهن سانگي ويلي وقت تي اتي ترسڻو پوندو. مجبورًا زال کي، گهران ماني تيار ڪري، ٻنيءَ تي کڻي اچڻي پوندي.
    مطلب: ۱ - اتر لڳو ته زال کي، مڙس وٽ ماني پڄائڻ لاءِ، زمين ڏانهن ڀڄڻو پوندو. (۳) ص ۱۶۴.

    130. ڪانچ ڪٽورو، گهيءَ گهڙو، موتي ۽ مَنُ،
    ڀڳا وري نه ٺهن، تن جو پهرين ڪجي جتن. (پھاڪو)
    ڪانچ ڪٽورو: شيشي جو ٿانءُ. گهڙو: دلو. مَنُ: دل، روح. گهيءَ: گيهه.
    ۱ - شيشو، ٽاڪانئين وٿ آهي. ڀڄڻ پڄاڻان، وري ڳنڍجي نه سگهندو آهي. جيڪڏهن جتن ڪبا ته به منجهس پيل سير، چٽي نظر ايندي ۽ منجهانئس هڪ بجاءِ ٻه عڪس نظر ايندا. اگر شيشي جو ڪو مرتبان آھي ته سندس سير مان پاڻيٺ جھڙو لطيف مادو، رکڻ سبب وھي ويندو. ان ڪري اھو کڻڻ ڪرڻ وقت، وڏي احتياط سان کڻجي يا رکجي.
    ۲ - ٿر ۾ اڳي رواج هيو ته گيهه، ٺِڪر جي دلن يا مٽن ۾ وجهي رکندا هيا. جيڪي گهڻا دفعا گيهه وجهڻ سبب رچي بسي ويندا هيا. پور يا سنھا سوراخ، بند ٿي ويندا هيا ۽ سِمندا ڪو نه هيا. گيهه جو واپار به مٽن/ دلن سميت ڪيو ويندو هيو. جيڪڏهن کڻڻ ڪرڻ ۾، ٺڪر جي دلي ۾ سير پئجي وئي ته مالڪ جو وڏو نقصان ٿي پوندو هيو. ان ڪري ان جو ٿڏي تي احتياط ڪبو ھيو.
    ۳ - سچو موتي به ڀڄڻ کان پوءِ وري نه ڳنڍجي سگهندو آهي. ان ڪري کيس احتياط سان چورجي پورجي.
    ۴ - دل به نازڪ ۽ لطيف جذبن پيدا ٿيڻ جي جاءِ آھي. ان جو به خيال رکڻ گھرجي. ڪنهن شيءِ يا ڳالھ تان ٽٽي، ته وري ان سان نه لڳندي.
    مطلب: ۱ - شيشي، ٺڪر جي ٿانءَ، سچي موتيءَ ۽ دل جو اڳي ئي خيال ڪجي. ساڻن احتياط سان برتاءُ ڪجي. ٽٽي کان پوءِ کين ٽاڪو نه لڳندو آهي.
    ۲ - ڀيٽيو؛ ڪانچ ڪٽورو، ڪونب جل، موتي ٻيجو من،
    اتنا ڀڳا سڄا نه ٿيوي، پهلا ڪريا جتن. (۲) ص ۱۶۰ ۽ (۱۲) ص ۱۴۰.

    131. ڪانچ ڪٽورو، ڪونب جل، موتي، ٻيجو مَنُ،
    اتنا ڀڳا سڄا نه ٿيوي، پهلا ڪريا جتن. (چوڻي/ پھاڪو)
    ڪانچ: شيشو. ڪٽورو: پيالو. ڪونب: دلو. جَلُ: پاڻي. ٻيجو: ٻيو. مَنُ: دل.
    ڀڳا سڄا نه ٿيوي: ڀڳو سڄو نه ٿئي. پهلا: پهرين. جتن: ڪوشش.
    ۱ - شيشي جي ٿانءَ ۾ ٿوري به سير پئي ته ڳنڍجي هڪ نه ٿيندو.
    ۲ - پاڻيءَ جي دلي کي ٺينشڙو لڳو ۽ ڏار پيس؛ پاڻي ته وهي ويندس پر ياعمر سڄو نه ٿيندو.
    ۳ - موتي اگرچ پٿر آهي پر خاصيت ۾ شيشي وانگر آهي. هڪ دفعو ٽٽو ته وري جڙي ساڳيو نه ٿيندو.
    ۴ - اهڙيءَ طرح ٽٽيءَ دل کي به ٽاڪو نه لڳندو آهي. پوءِ ڀلي مٿن سَوَ ڪوششون ۽ آزمائشون ڇو نه ڪجن.
    مطلب: ۱ - نازڪ رشتا/ شيون، ٽٽڻ کان پوءِ، وري ڳنڍجي نه سگهندا آهن.
    ۲ - ٽٽيءَ کي ٽاڪو ئي نه لڳندو آهي. (۲) ص ۱۶۰.

    132. ڪاڻو ري ويهان ۾ وگهن گهڻا. (پهاڪو)
    ڪاڻو: ڪاڻي، هڪ-اکي. ويهان؛ وهانءَ، پرڻي مهل. وگهن: ڇيڏڪ، رنڊڪ، نکٽ.
    ڪاڻي هجڻ، هڪ عيب آهي. جيڪو چهري اندر آهي. هر ماڻهوءَ جي آڏو، چهرو ئي ظاهر ڪبو آهي. چهري تي هر آئي وئي جي نظر پئي پوندي آهي. چهري جو عيب، اهڙو عيب آهي، جيڪو ڍڪئي نه ڍڪي سگهبو آهي. ڪاڻو هجڻ پڻ اهڙو عيب آهي، جيڪو ٻين آڏو لڪائي نه ٿو سگهجي. البته مڙني جي دل تي پيو ترندو آهي. جنهن سان ڪاڻي کي هر ڪو پيو سڃاڻندو آهي.
    اهڙي مشهور ۽ نام گير ماڻهوءَ جو وهانءُ جڏهن ٿئي ته مڙني کي خبر ضرور پوي. سندس شاديءَ جي ڪاڄ مان پڻ عيب ۽ ويڪ ڪڍڻ لاءِ، سڀ ڪو تاڙ توڙ ضرور ڪري. ڪاڻيءَ کي اگهائڻ لاءِ ۽ سندس عيب کي لڪائڻ لاءِ، ڪاڻيءَ جا مائٽ ساٺ سنؤڻ به جھجها ڪن ته جيئن ڪاڻي اگهي پوي.
    جيترا ساٺ ۽ سنؤڻ گهڻا ڪبا، اوتريون خرابيون وڌيڪ پيدا ٿينديون. نتيجي طور ڪاڻيءَ جي وهانءَ ۾ به ڇيڏڪ يا ڦڏا ضرور ٿين.
    مطلب: ۱ - هڪڙي عيب کي لڪائبو ته ٻيو عيب ظاهر ٿي پوندو.
    ۲ - ڪاڻيءَ جي ڪاڄ ۾، ڇيڏڪ/ نکٽ به گهڻا.
    ۳ - ڀيٽيو؛ واڻيي ري ويھانءَ ۾، وگھن گھڻا. (۵)

    133. ڪاڻي اک ڪجل پائي، ٻُچي ڏاڙهي هٿ هڻي ٺاهي،
    بيني نڪ نٿ پائي، ٺوٺ گُر، ماٺو ڍور،
    پنج ئي گهگهن گهور. (چوڻي)
    ٺوٺ: ڏڏ، جڏو. گُر: گرو، استاد. ماٺو: ماٺيڻو، ڍرو، سست، آهستي هلندڙ.
    گهگهن گهور: نڪمو، بيڪار، اجايو.
    ۱ - چهرو ۽ رنگ، ڀلي ڪيڏا نه سهڻا ڇو نه هجن، اک اگر ڪاڻي/ چُلهه آهي ته ماڻهو ڪڏهن به سهڻو ۽ پرڪشش نظر نه ايندو. سونهن انهن ئي اکين جي پتلين جي اڇاڻ ۽ ماڻڪين جي ڪاراڻ جي ڪنٽراسٽ ۾ رکيل. انهيءَ اختلاف رنگ کي اوجر، ايندو ئي سرمي سان آهي. جڏهن اک ئي چلهه هجي ته سرمو ڇا کي اجاري؟
    ۲ - ڏاڙهي، مرد جي چهري کي ڀريندڙ ۽ رعبدار ڪندڙ هوندي آهي. ڏاڙهي نه ڄمڻ سان، مرد جو چهرو، نه عورت جي چهري وانگر موهيندڙ ۽ نه وري ٻار جي بي ريش چهري وانگر معصوم ۽ نمڪين نظر ايندو آهي. ٻُچي ھئڻ سبب، چهرو ٻُسو ۽ بنا ڪشش جي رهندو آهي. ان صورت ۾، ٻُچي ويٺو ڏاڙهي هٿ سان ٺاهي ته ڪين سونهندو.
    ۳ - بُولي يا نٿ، نڪ ۾ ٺهندي آهي. نڪ به اھو جيڪو پري کان ڏسڻ ۾ اچي. بي نڪي يا بيني ماڻهوءَ کي پيل نٿ، نڪُ ئي گم ڪري ڇڏيندي آهي. بُولي، بيني نڪ کي ته سونهن بخشڻ بجاءِ، بڇڙو پئي ڪندي آهي.
    ۴ - استاد، اگر جڏو ۽ ڏڏ آهي ته پوءِ شاگردن کي ڪهڙي تعليم ۽ تربيت ڏيندو؟ ڪهڙي کين دانائيءَ، ڏاهپ يا نصيحت جي گفتار ٻڌائي، پاڻ ڏانھن متوجھ ڪندو. منجهانئس، شاگردن کي سواءِ بيزاريءَ جي ڪي ڪين پڙندو.
    ۵ - ڍڳو به چست ۽ آروڙ ڀلو آهي. ڍرو ڍور، هلڻ ۾ ئي هلاک. جيڪو پاڻ ئي پير پيران پيو هلي، سو ڇا ڳاهه ڳاهيندو، ڇا ھَرَ-پاڃاريءَ وهندو، ڇا ڏاند گاڏي ڍُڪائيندو، ڇا نارُ وهندو، ڇا گھاڻو گھمائيندو، ڇا چيچڙو ڦيريندو؟
    مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل پنج شيون يا فعل، اجايا ۽ ڪنهن ڪم جا ناهن.
    ۲ - ڪاڻي اک ڪجل پائي، بيني نڪ نٿ پائي نڀور،
    ڪٺ ٻاهران راڳ ڪري، چت ٻاهران چور،
    خسرو ڏاڙهيءَ هٿ هڻي، شوق واجهيو شعور. (۱۲) ص ۱۵۱.

    134. ڪڀوئي منگت آرس ڪري، چور چوريءَ نهين جائي،
    چاڪر بيچارا ڪيا ڪري، روج پار ڪا کائي،
    آڌي رو هڪل ٿائي، تو ’جي جي‘ ڪرتا جائي. (چوڻي)
    ڪڀوئي: ڪڏهن ڪڏهن. منگت: مڱڻهار، لنگهو. آرس ڪرڻ: پار: پرائي.
    روج: روڳار، پگهار، روزي. آڌي رو: اڌ رات جو. سستي ڪرڻ، ڌنڌي تي نه وڃڻ. ٿائي: ٿئيس. ’جي جي‘ ڪرتا: ’جيءُ جيءُ‘ ڪندو.
    ۱ - مڱڻهار، ڪاسبي آهي. جيستائين محنت نه ڪندو، تيستائين کائڻ لاءِ ڪين ملندس. پنهنجي نفس ۽ دل ۾ آزاد آهي. چاهي ته ڪشتو کڻي دانَ پڃ مَنگڻ لاءِ وڃي، چاهي ته نه وڃي. مٿس ڪنهن جو ڪو زور ناهي.
    ۲ - چور به ڪاسبي آهي. ڏيهاڙي محنت ڪري، ڏيهاڙي کائي. جيستائين محنت نه ڪندو، تيستائين گهر جي چلهه نه ٻرندس. ان هوندي به دل جو بادشاه آهي. دل چويس ته ڪم تي وڃي ته ويندو ۽ جيڪڏهن سستي چڙهيس ته دل جي چوڻ تي سارو وقت پيو آرام ڪندو.
    ۳ - نوڪر يا چاڪر، محنتي ۽ ڪاسبي هئڻ سان گڏ، پرائي حڪم جو محتاج آهي. دل چاهيندي به موڪل نه ٿو ڪري سگھي. اڌ رات جو حڪم ٿئيس ته زال کي بستري تي ستل ڇڏي، مالڪ جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيندو.
    مطلب: ۱ - نوڪر ڪي، تي نخرا ڪي. (پنجابي)
    ۲ - چاڪر ته چياڪر.
    ۳ - اتم کيتي وڌنت واپار، نيچ نوڪري، پنڻ بيڪار.
    ڀيٽيو؛ ڏونگريا هريا هئا، جڏهن سکر ٽهوڪي مور،
    تڻ رت چالين تين جڻا؛ چاڪر، منگت، چور. (۲) ص ۶۴.

    135. ڪتي آھي مادي، پر آھي ڏاڙھين جو مَٽُ. (چوڻي)
    ڪتي؛ آسماني نکٽ جو نالو، جيڪو جون ڌاران سنڌ جي آسمان تي اڀري ۽ ڊسمبر ڌاران لھي وڃي. ان دوارن سنڌ-ڌرتيءَ تي جيڪي به فصل ٿين ٿا، تن کي ڪتيءَ جا فصل ڪوٺيو وڃي ٿو. جڏھن ته ان پوري مند کي، ڪتي يا خريف ڪوٺيو وڃي ٿو. سال اندر، زراعت جي حساب سان ٻه مندون ٿين ٿيون؛ ھڪ خريف، ٻيو ربيع. ڪڻڪ وغيرھ ته ربيع ۾ ٿيندي آھي. جڏھن ته ڦٽيون وغيرھ ڪتيءَ ۾ ٿيندا آھن. ان کائڻ وارا فصل، ربيع ۾ ۽ ڪمائيءَ وارا فصل، ڪتيءَ ۾ ٿيندا آھن.
    نر ۽ مادي؛ ساھدارن منجھ ٻه مخالف جنسون آھن. نر کي ھمت ۽ ڪم جي حساب سان مٿانھون سمجھيو وڃي ٿو. جيڪو ٻاھران، جوانمرديءَ جھڙا ڪم ڪري، ڪمائي گھر آڻي ٿو. ماديءَ کي ڪمزور سمجھيو ڃي ٿو. ان کي گھر اندر لڪي، پنھنجي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ جي تلقين ڪئي وڃي ٿي. ٻنھي جو ظاھري حليو، ھڪٻئي کان ٿورو مٽ ھوندو آھي. جسماني ساخت کان علاوھ ڳالھائڻ ٻولھائڻ، لٽي ڪپڙي ۽ ٺاھ ٺوھ ۾ فرق کان علاوھ، سندن نالا به اھڙي نموني جا ھوندا آھن، جو اھي وٺندي، سندن جنس جو تصور قائم ٿي ويندو آھي.
    ڪتيءَ جو مھينو پڻ نالي جي حساب سان ماديءَ-منھن وارو آھي. جنھن مان حاصلات به نسواني قسم جي ھئڻ گھرجي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته نر وانگر، ان پاڻي ڪمائي گھر اندر پھچائي چڪي ھوندي آھي. (۳۵) ص ۱۹۴
    مطلب؛ ۱- مرد جڏهن به گهر ۾ اچي ته خالي هٿين نه اچي. جيڪڏهن کيس ٻيو ڪجهه به هٿ نه اچي ته ٻاهران ڪو ڀتر، ڇيڻو يا ڪا ڪاٺي به کڻي اچي.

    136. ڪتي جو بک ۾ ساهه وڃي، سرائيءَ جي وٺ تي بڇ. (پھاڪو)
    ڪتو، گوشت خور هئڻ سان گڏ، ماڻهن سان به هري مري ويندو آهي. ڪي ماڻهو، پنھنجي حفاظت لاءِ کيس ڌاريندا آهن. چور چڪار کان، يا موذي جانور جھڙوڪ؛ گدڙ بگهڙ کان بچاءَ لاءِ، ٻھراڙين جا ماڻهو اڪثر ڪتو ڌاريندا آهن. رات جو گهر کي لڪي کاٽ هڻندڙ چور تي ڀونڪڻ لاءِ يا مال جي واڙ ۾ پيل بگهڙ يا ناهر سان ويڙهه کائڻ لاءِ، گهر ۾ ڪتو ڌاريو ويندو آهي.
    ڪي شوقين وري مرونءَ يا رڇ سان مقابلو ڪرڻ لاءِ به، ڪتا ڌاريندا آهن. انھن ڪتن کي ٿورو بک تي رکي، پوءِ ذرو ذرو گوشت چاربو آهي ته جيئن بک ڪاٽڻ جا به ڏاڍا ٿين ته مرونءَ جي ماس کي پٽڻ جو ڏانءُ به سکن.
    هڪڙي سرائيءَ ڪتي ڌاري هئي. ان کي بک تي رکي، بک ڪٽڻ تي ته هيرايو هيائين پر سڃائيءَ هئڻ سبب ماس پٽڻ تي نه هيرايو هيائينس. جڏهن مرونءَ سان مقابلي لاءِ ڪتيءَ کي لاٿائين ته ڪتي بکن سبب ڪمزور هئي. وڙهڻ بجاءِ ڊڄي، پڇ پائي، ميدان مان نڪرڻ جي پئي ڪيائين. سرائيءَ جو زور هيس؛ ”وٺ!“ ڪمزور جانور کي ساهه پيارو هيو، مرونءَ سان مقابلي بجاءِ ڪوڪراٽ ڪري، ميدان مان ڀڄي آئي.
    مطلب: ۱ - وڙهندي آهي، پيٽ جي بک ۽ لڱن جي طاقت.
    ۲ - پيٽُ بک تي ۽ لڱ ڪمزور ته ويڙهه نه ٿيندي.
    ۳ - ڪتيءَ کي ڪڇ ۾ سور، سرائيءَ کي بڇ تي زور.
    ۴ - ڪتيءَ کي پڇ ۾ سور، مالڪ جو بڇ تي زور.

    137. ”ڪتي ري وات ري مانٽي ڇو کايئه؟“
    چي؛ ”مانٽي چوپڙياري هَتي.“ (پھاڪو)
    ري؛ جي. وات ري؛ وات-ھڻي. مانٽي؛ ماني. چوپڙياري؛ چؤپڙو اڦراٽو، مکيل، سڻڀي ماني.
    هڪڙو ٿريو، پٿوري جي ميلي لاءِ، گهران هڙ ۾ ماني ٻڌي نڪتو. ميلي اندر گهميو پئي ته سندس ٻڌل مانيءَ جي خوشبوءِ تي هڪڙي ڪتي به کيس تاڙي ورتو. هڪ هنڌ مانيءَ جي هڙ رکي، پاڻ ڪنھن ٻاڪڙا هوٽل تان ڳنڌڻ وٺڻ لاءِ، جيئن ويو ته پويان، ڪتي اچي هڙ ۾ ٻوٿ وڌو. ماني کائڻ لاءِ جيئن هڙ کي پٽڻ لڳو ته ٿريي جي مٿس نگهه پئجي وئي ۽ اتان ئي ڪتي ڪتي ڪندو مٿس الريو آيو. پھچي ڳٿڙ مروٽي، جھپڙ ڏئي، ڪتي جي واتان، مانيءَ جي ڳنڍ ڇڏائي وڌائين.
    ماني ڇوڙي، ٻوڙ سان کائڻ لڳو ته، ٻئي ٿريي جنھن اھو لقاءُ ڏٺو پئي، سو سندس ويجهو آيو.
    ”ڪتي ري وات ري مانٽي ڇو کايئه؟“ حال احوال وٺندي پڇڻ لڳس؛ ”ڪتي جي وات-هڻي ماني ڇو ٿو کائين؟“
    ”مانٽي چوپڙياري هتي!“ کيس دليل ڏيندي چيائين؛ ”اوڦراٽو مکيل آهي!“
    مطلب: ۱ - سڻڀو گرهه، ڪتي جي وات مان به کسي کائجي.
    ۲ - چڱي شيءِ، ڪتي جي وات مان به کسي وٺجي.
    ۳ - لک رپيو ڪري پوي ته ڪنڌ ورائي نه ڏسانس، ڪتو ٽڪر کڻي وڃي ته سکر تائين نه ڇڏيانس.
    ۴ - سڻڀو گرهه، ڪير به نه ٿو ڇڏي. (۶) ص ۷۶.

    138. ڪُتي کي چرڻو، انڌي کي پرڻو،
    اهو آهي؛ ڪارو منهن ڪرڻو. (چوڻي)
    چرڻو: وڏن پانچن سان سٿڻ. ڪتي کي چرڻو: ڪتي کي ڪانچ پارائڻ، (اصطلاحي معنى) ڪتي سان چڱائي ڪرڻ.
    ڪتو به اهڙو جانور آهي، جنهن کي موسمي اثرات کان بچڻ لاءِ، ڪپڙي لٽي جي فطرتاً ضرورت ناهي. سندس اگهڙ عام آهي. کانئس، ڪنهن عورت وغيره کي پردي ڪرڻ جي جهل ٿيل ناهي. فطرت کان هٽي ڪري، اگر کيس ويڪرن پانچن سان سٿڻ ڍڪائبي ته ڪهڙي ڪم جي؟ جڏهن کيس رفع حاجت جي ضرورت پوندي ته فطرتاً، ڪنهن کي ٻڌائڻ بغير پيو منجهس مٽندو ۽ هنگندو. بلڪ ٽنگ کڻي پيو، پيٽ هلڪو ڪندو. ڪانچ ڪِني ڪيو، پانچا گند ۾ پُسايون پيو، ڌپ پکيڙيندو.
    انڌو ماڻهو، عورت هجي يا مرد، جيئن ته ٻڌڻ ۽ ڇهڻ سان ئي پنھنجي آس پاس کي معلوم ڪري ٿو. معذور هئڻ جي ناتي، کيس سهاري جي پڻ ضرورت آهي. پر هڪ دفعو جڏهن چکي چرهو ٿيو ته هر وقت پئي کيس سڌ ٿيندي. نه ڏسي سگهڻ سبب، محفل جي به خبر نه پوندس. بي صبريءَ منجهان، پنھنجي پرائي ۾ هٿ هوندس. زبان سان به، بي خبريءَ سبب، ڏاڍيان اظهار محبت ڪرڻ جي ڪري، بي حياءُ پيو لڳندو.
    مطلب: ۱ - ڪتي ۽ انڌي سان وڙ ڪرڻ، ٺهي نه ٿو.
    ۲ - ڪتي کي ڪانچ پارائيندڙ ۽ انڌي کي پرڻائيندڙ، موٽ ۾ چڱائي نه ٿا ڏسن.

    139. ڪٿي لک پيا لٽجن، ڪٿي ڪک لاءِ پيا سڪن. (چوڻي)
    دنيا جي ڪار وهنوار کي، ڪنهن ربط اندر هلائڻ لاءِ، رب پاڪ منجهس هيٺ-مٿانهين، اونچ- نيچ ۽ گهٽ-وڌايون رکيون آهن. هڪڙن کي عقل جي دولت سان نوازيائين ته کين جسماني طاقت ۾ ڪمزور رکيائين. هڪڙن کي جسماني طاقت ۾ سٻر ڪيائين ته ڌن دولت ۾ گهٽ ڪيائين ته جيئن هيڻن جا ڪم، پئسي جي زور تي، ٿي سگهن.
    هڪڙن کي پئسي جي حساب سان امير ڪيائين پر سندن ڪاروبار کي سنڀالڻ لاءِ، ٻين کي عقل ۽ همت سان نوازيائين ته جيئن جھان جو چرخو هلندو رهي. ڪن کي پالڪين ۾ پاليائين ته ڪن کان پاهڻ پيهرائي حياتي چوڙايائين. انهن گهٽ-وڌاين جي راز کي پاڻ ئي ڄاڻي ٿو. ٻئي جي سمجهه کان به مٿي آهن.
    مطلب: ۱- دنيا اندر گهٽ-وڌايون رکيل آهن.
    ۲- هر ماڻهوءَ کي ماحول، موقعا ۽ مال ملڪيت مختلف انداز سان ملن ٿا.
    ۳- ڪنهن کي ڏنائين آل جال، ڪنهن کي ڏنائين سڪ سرير ۾.
    ۴- ڪٿي لک پيا لٽجن، ڪٿي سپ جيان پيا سڪن.

    140. ڪٿي واري، ڪٿي ترڪاري. (زرعي، پهاڪو)
    واري، اڻڀن ۽ اڻ-چهٽندڙ سخت داڻن جو ڍڳ آهي. مٿس ڪيتري به بارش پوي، گُڙپ، ڦڙو نه ظاهر ٿئي. نه مٿس هر ڪاهي سگهجي، نه ٻج ڇٽي سگهجي ۽ نه ريج ڏئي سگهجي. جيڪي رب جي طرفان، پاڻ-مرادو منجهانئس ڦٽو. ٻيو مڙيئي خير. دنيا اندر، هڪڙن هنڌن کي رب پاڪ واريءَ وانگر رکيو آهي. چيڪي مٽي، چيڙهالي ٿئي. مٿس پاڻي پوڻ سان بيهي رهي. منجهس پاڻي چوهڻ جي سگهه، واريءَ جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي. بلڪ پٿر جي ڀيٽ ۾ سندس چُوس وڌيڪ آهي. مٿس هر سان کيڙ ڪري سگهجي. مرضيءَ جو ٻچ ڇٽي سگهجي. هاريءَ جي مرضي آهي ته کيتي ٻاڙي ڪريس يا وکري پوکيس. منجهس، اهڙي قسم جي صلاحيت، رب پاڪ طرفان رکيل آهي. دنيا اندر، انسان جي نفعي لاءِ، اهڙي قسم جون زمينون به قدرت واري کوڙ رکيون آهن.
    مطلب: ۱- هر علائقي جو پنھنجو رخ ۽ رواج آهي.
    ۲- هر هنڌ ساڳيا حالات ناهن.

    141. ڪجا راجا ڀوڄ، ڪجا گنگو تيلي. (سنسڪرت، چوڻي)
    هڪڙو شاگرد، ڏکڻ هندستان جي پرتِشٺانپور شهر ۾ علم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو، اتي هڪ عالم وٽ ٽيهارو سال کن رهي، سڀني شاسترن جو علم ۽ اڀياس حاصل ڪيائين. کيس اچي گهمنڊ کنيو ته هاڻي سندس جهڙو ڪو ڄاڻو ناهي. شاستر-ارٿ يعني علمي مناظري ۾ ٻين عالمن کي مات ڏيڻ لاءِ سفر تي اُسهيو. ٻڌو هيائين ته اُجين جي راجا ڀوڄ جي دربار ۾ گهڻيئي عالم آهن. اتي پهچي سمورن پنڊتن کي شاستر-ارٿ ۾ هارائي ڇڏيائين. اها حالت ڏسي، راجا ڀوڄ کي ڏاڍو ڏک ٿيو. انهيءَ ڏک واري ڪيفيت ۾، دل کي وندرائڻ لاءِ شڪار تي روانو ٿيو. واٽ تي ڏٺائين ته گنگو نالي هڪ ڪاڻو تيلي آهي، جيڪو هڪ هٿ سان گهاڻو پيو هلائي ۽ ٻئي سان، ڏاڍي خبرداريءَ سان، تيل مٽن ۾ پيو نائي.
    اهو تماشو ڏسي، راجا وٽس ويو ۽ کيس چيائين؛ ”مان راجا ڀوڄ آهيان. منهنجي درٻار ۾ هڪڙو عالم آيل آهي. تون ساڻس شاستر-ارٿ ڪندين؟“ ائين چئي کيس مناظري لاءِ راضي ڪري وٺي آيو. مناظري جو ڏينهن مقرر ٿيو. گنگوءَ کي ويس وڳا پارائي، پنجاھ شاگردن جي سٿ سان مقابلي واري هال ۾ ويهاريو ويو. اتي ڏکڻ هندستان کان آيل عالم کي به سڏايو ويو. اجازت ملڻ سان، ٻنهي ۾ بحث ڇڙي پيو.
    عالم، گنگوءَ ڏانهن هڪ آڱر مٿي ڪري اشارو ڪيو ته موٽ ۾ گنگوءَ ٻن آڱرين جو اشارو ڏيکاريس. ان تي عالم پنج ئي آڱريون ڦهلائي اشارو ڪيو ته گنگوءَ مُڪ ڀڪوڙي ٺونشو هوا ۾ لهرائي ڏيکاريس. انهيءَ تي عالم گنگوءَ جي پيرن تي اچي ڪريو ۽ چيائينس؛ ”تو منهنجو غرور چُور چُور ڪري ڇڏيو ۽ منهنجي سوالن جا صحيح جواب ڏنا اٿئي!“
    راجا ڀوڄ، پهرين عالم کان شاستر-ارٿ جي سمجهاڻي ورتي. جنهن ٻڌايس؛ ”مون هڪ آڱر ڏيکاري چيس ته شِو هڪ آهي ته عالم ٻه آڱريون کڻي ٻڌايو ته شِو سان گڏ شڪتي پاروتي به آهي. مون پنج آڱريون ڏيکاري چيس؛ حواس پنج آهن ته هن مڪو ٺاهي ٻڌايو ته آهن پنج پر سونهن تڏهن اٿن جڏهن وس ۾ رکجن.“ اها سمجهاڻي ڏئي عالم راجا ڀوڄ کان موڪلائي، پنھنجي ديس ھليو ويو.
    راجا ڀوڄ، جڏهن گنگو تيليءَ کان شاستر-ارٿ جي سمجهاڻي گهري ته ان ٻڌايس؛ ”اهو شخص وڏو بدتميز هيو. مون کي هڪ آڱر ڏيکاري چيائين ته؛ هڪ اک کان ڪاڻو آهين. مون ٻه آڱريون ڏيکاري چيس؛ مان تنهنجون ٻئي اکيون ڪڍي ڇڏيندس. جنهن تي هن مون کي پنج آڱريون ڦهلائي چماٽ هڻڻ جي ڌمڪي ڏني ته مون مڪو ٺاھي ٺونشو ڏيکاريس. ڊڄي، يڪدم پيرن تي اچي ڪريو.“
    مطلب: ۱ - جڏهن ڏاڍا اچن، تڏھن هيڻا ميدان ڇڏي وڃن.
    ۲ - مار، ڀوت ڀڄايو ڇڏي.
    ۳ - ڪاٿي احمد ميان سومرو، ڪاٿي گوشو ڊرائيور؟ (جيڪب آباد)
    4 - ڪِڏان راجا ڀوڄ، نِه ڪِڏان گنگو تيلي. (ڪڇ)
    ۵ - ڪيڏانهن راجا ڀوڄ، ڪيڏانهن گنگو تيلي؟ (۱) ص ۲۶۳.

    142. ڪجا علي، ڪجا پلي. (پهاڪو)
    ڪُجا: ڪاٿي
    روايت آهي ته؛ هڪ دفعي گروهڙي صاحب، ساميءَ سان مناظرو ڪرڻ لاءِ سهي سنبري نڪتو. نڪرڻ وقت پاڙي ۾ رهندڙ علي پليءَ کي به دعوت ڏنائين. پر علي پلي ساڻس گڏ نه هليو. انهيءَ تي گروهڙي صاحب چيو؛
    ”ڪجا علي ڪجا پلي، رڳو ٺڙ ٺڙ ٺلي،
    جيڏانهن راھ ڀلي، تيڏانهن پير نه پائي پلي“.
    مطلب: ۱ - ڪاٿي راج ڀوڄ، ڪاٿي گنگو تيلي.
    ۲ - ڪاٿي ڪوري، ڪاٿي تراريون.
    ۳ - ڇا ڪِول، ڇا ڪول جو وزن. (۶) ص ۴۲.

    143. ڪَچَرَوُ ٻونٺو، سدائين سائو. (پهاڪو)
    ڪچرو: لتاڙ هيٺ، جنهن تي گهڻي لتڙ هجي. ٻونٺو: ٻوٽو.
    جنهن ٻنيءَ/ فصل کي گهڻو مال لتاڙي ٿو يا منجهانئس گهڻو گاه چري ٿو، اهو فصل، بجاءِ کٽڻ جي زور ڏئي ڦٽي ٿو ۽ منجهائنس پئدائش/ اپت جام ٿئي ٿي.
    اهڙيءَ طرح سخي ماڻهوءَ جو مثال آهي. جيترو ٻيا سندس مال مان، سخاوت سبب، فائدو وٺن ٿا، ان کان کوڙ دفعا وڌيڪ پاڻ فائدو وٺي ٿو. ان جي برعڪس ڪنجوس جو مال، ملھالا کائي ويندا آهن ۽ پاڻ رڳو مال جي وڃڻ جو غم ئي کائيندو آهي.
    مطلب: ۱ - سخي، سرنهه، چڻو، جيئن ڀيل تيئن ڀلو ٿئي.
    ۲ - ڏنو، نه ٿئي ڪنو.
    ۳ - ڏنو، ٻنو آهي.
    ۴ - جنهن جي چانئٺ گسي، تنهن جو گهر وسي.
    ۵ - ڏنو ڪنو نه ٿئي، جيئن ڏي تيئن گهڻو،
    سخي، سرنهن چڻو، جيئن ڀيل تيئن ڀلو. (شاه) (۲۵)

    144. ڪچو، ڪاڇو ۽ ٿر، پاڻيءَ بنا لڳي بر. (چوڻي)
    پاڻيءَ سان حياتي آهي. جتي پاڻي تمام ٿورو آهي، سو دُٻو، وڌيڪ ته تلاءُ، اڃا وڏو ته ڍنڍ، وهي هلي ته واهڙ، وڏو ته نئن يا ندي. جتي تمام گهڻو ڪٺو ٿئي سو سر، جهيل، سمنڊ يا بحر. جتي ٺُپ پاڻي نه هجي سو بر يا صحرا.
    ڪچو؛ درياهه يا نديءَ جي ڪناري جي پاسي وارو علائقو. درياهه ۾ چاڙهه اچي ته اٿل سان، جيڪو علائقو ٻڏي، تنھن کي ڪچو ڪوٺجي. ٻاهرئين ۽ اندرئين بچاءَ بند اندر موجود زمين کي پڻ ڪچو سڏبو آهي. منجهس نديون، نالا يا بئراجي سرشتو نه هوندو آهي. چاڙهه جي پاڻيءَ تي، نار يا چرخيءَ يا ٽيوب ويل ذريعي آباد ٿئي. جڏهن ٻوڏ نه اچي ته رڻ پٽ وانگر، ساوڪ نظر اچي.
    ڪاڇو؛ جبل جا پاساڙ، جيڪي جبل ۽ بچاءَ بند جي اندر واري علائقي تي مشتمل آهن. منجهس برساتي پاڻي، جبلن تان لهي ٻوڏ آڻي ته آبادي ٿئي. ور نه ته ڪا به اوڀر نه اڀڙي. ائين ٺوٺ، جيئن تريءَ تي وار نه اڀري.
    ٿر پڻ، وُٺي تي آباد ٿئي. برسات پوي ته جتي ڪٿي قدرتي پاڻي پڄيو وڃي ۽ پاڻ مرادو ساوڪ اڀري، اگر برسات نه پوي ته زمين سڄي ٺوٺ.
    مطلب: ۱ - حياتي پاڻيءَ سان آهي.
    ۲ - ڌرتي بغير پاڻيءَ جي، بر، رڻ يا صحرا جو ڏيک ڏئي.
    ۳ - ڀيٽيو؛ وٺو ته ٿر نه ته بر.
    145. ڪچي دلي ۾ پاڻي ڪيسين رھندو؟ (پھاڪو)
    دلو يا مٽ، پاڻي سانڍڻ لاءِ ڪم ايندا آھن. منجھن پيل پاڻي، نه جلدي ڌپ ڪندو آھي، نه ئي رنگ مٽيندو آھي. اگر ڇانءَ ۾ رکيل ھجي ته ويتر ٿڌو رھندو آھي. شرط اھو آھي ته پڪل صحيح ھجن. اگر ڪچا ھوندا ته، ڪم جا نه رھندا. ڇو جو مٽيءَ جي خاصيت اھا آھي جو پاڻي منجھس پيو ٽمندو ۽ اثر انداز ٿيندو آھي. مٽ يا دلا به چيڪي مٽيءَ مان ٺھندا آھن. ڪنڀر جي آويءَ مان چڱيءَ طرح پچي نه نڪرندا ته ڪچا رھندا. ڪچي رھڻ سبب، منجھانئن پاڻي پيو ٽمندو ۽ جلدي خالي ٿي ويندا. پاڻي ڀرڻ واري محنت ئي رائگان ھلي ويندي.
    مطلب: ۱ - بنا سوچ جي ۽ اڌ-گيدو ڪيل ڪم، ناقص ۽ ناڪارھ ٿئي ٿو. (۳۵)

    146. ڪڇ ڦريو جوڳين، سنڌ ڦري ٺوڳين. (چوڻي)
    جوڳي؛ جوڳ پچائڻ وارا، ڪن- ڦاڙ جوڳي، جيڪي جهنگ جهر منهن ڪيو وتن ۽ نانگن بلائن کي جهلي، مطيع ڪن ۽ منجهانئن مَڻِ حاصل ڪرڻ جا جتن ڪن. تن جو مسڪن، گهڻو ڪري ڪڇ رهيو آهي. اتي جي سادا-لوح ماڻهن کي، پنھنجي ڪرتبن ۽ ڪارنامن سان مائل ڪري، منجهانئن مال کائين.
    ٺوڳي؛ ٺڳي ڪندڙ يا ٺڳ پير، جن جي هٿ ۾ سواءِ شعبدي بازي ڏيکارڻ جي ٻيو ڪي ڪين هوندو آهي، سي سنڌ جي اٻوجهه ماڻهن کي، اولاد خاص طور تي پٽ وٺي ڏيڻ جي بهاني ٺڳين. اول سندن مال متاع، ڍڳي مينهن يا ٻڪري ٺڪري تاڙين، بعد ۾ کريبت ڪري، اها وٽانئن تڳائين.
    مطلب: ۱- ٺوڳين ۽ ڦورن لاءِ، ميدان پڻ کليل آهن.
    ۲- ڪڇ کي نانگن جي جوڳين ۽ سنڌ کي، اولاد وٺي ڏيڻ جي بهاني، ٺڳ پيرن ڦُري ناسُ ڪيو آهي.


    147. ڪراڙي اٺ کي، مٽڻ ڏانءُ نه اچي. (پھاڪو)
    پيشاب پڙي وارو فعل، گوشت پوست منجهان ٺهيل ساهدار سان وابسته آهي. جيڪو کائيندو پيئندو، سو هنگندو مٽندو ضرور. ان لاءِ کيس، مخصوص عضوا عطا ڪيا ويا آهن، جن سان هو پنھنجو پيٽ هلڪو ڪري آسائش وٺي.
    هر ساهدار جي مخصوص عضوي جو رخ، اڳ ڏانھن هوندو آهي. جنهن ڪري، پيشاب سولائيءَ سان وهي ويندو آهي. جڏهن ته اٺ جي نليءَ جو رخ پٺ ڏانھن هوندو آهي، جنھنڪري سندس چڏا سدائين موٽانگي ۾ ڏوسيل هوندا آهن. منجهانئن مخصوص قسم جي بوءِ پئي ايندي آهي. ڀرسان بيهندي، موٽانگي جي ڄر مان اٿيل سڙانڊ واري ڌپ، نڪ ئي ساڙي ڇڏيندي آھي.
    مطلب: ۱ - اٺ ڪراڙو ٿيو، ته به مٽڻ نه سکيو.
    ۲ - بيوقوف ماڻهو، عمر رسيده ٿيڻ بعد به نه سڌري.

    148. ڪرم-ٺوڪ کيتي ڪري، ڪا ٻڙڌ مري ڪا ٽوٽو پڙي. (پهاڪو)
    ڪرم ٺوڪ: بدنصيب. کيتي: پوک. ٻڙڌ: ڏاند. ڪا: يا. ٽوٽو: ٽوٽ، نقصان. پڙي: پوي.
    دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي توڪل وارو ڌنڌو، هاريءَ جو آهي. جهنگ ۾، پکين ۽ جانورن جي هوندي، ٻج ڇٽي اچي ٿو. مالڪ مهربان ۾ آس لڳائي، ان جي واھت ڪري ٿو. توڪل وارا سمورا ڌنڌا، ويساه سان هلندا آهن.
    جنهن جو نصيب ڦٽل آهي، اهو پوک پوکيندو ته پوکيل ٻج، پنهنجي اصول تحت ضرور اسرندو پر بدنصيبي ٻين روپن ۾ منهن ڪڍندس. يا زمين کيڙڻ کان اڳ، ڏاند مرندس يا فصل کڻڻ کان اڳ، جيت جڻيي جي حملي يا باه وغيره لڳڻ سبب نقصان ضرور پوندس.
    مطلب: ۱ - بدنصيب/ بدبخت، جنهن ڪم ۾ هٿ وجهندو، تنهن ۾ نقصان پائيندو.
    ۲ - بختاور، مٽيءَ ۾ هٿ وجهندو ته مٽي به سون ٿي پوندي.
    ۳ - ڪرم هيڻ کيتي ڪري، ڏاند/ بيل مري يا ٽوٽا پڙي. (۶) ص ۱۱۹.

    149. ڪرم لکي نان ٽري، ڪرڻ هار ڪلتار. (چوڻي)
    ڪرم لکي: نصيب جو لکيل، قسمت ۾ لکيل. نان: نه، اصل نه. ٽري: هٽي. ڪرڻ هار: ڪندڙ. ڪلتار: جڳ هلائيندڙ، پالڻهار.
    پالڻهار، هڪڙو ئي رب پاڪ آهي، جنهن هيءُ جهان پيدا ڪيو آهي ۽ منجهس ڪيئي مخلوقات پيدا ڪري، انهن جي جياپي لاءِ روزي رزق ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو اٿائين. هر هڪ کي مخصوص وقت لاءِ، مخصوص هنڌ تي، مخصوص ماحول ۽ مخصوص قوم اندر، مخصوص ٻولي ڏيئي لاٿو اٿائين. سندس جياپي لاءِ، کاڌ خوراڪ، نفعا نقصان وغيره پڻ، سندس کنڌي واري ڪتاب ۾ لکي ڇڏيا اٿائين.
    پالڻهار، جيڪي به ڀاڳ، نصيب واري ڪتاب ۾ لکيو آهي، سو انسان کي پڙندو ۽ نه ٽرندو. کيس اهو ڀوڳڻو آهي. ان کان ڀڄي نه سگهندو. ڇو جو اهو سڄو نصيب، ان هستيءَ جو لکيل آهي، جنهن جي امر سان، هيءَ ڪل ڪائنات جڙي آهي. جنهن جي حڪم کان ٻاهر ڪو ڪک به نه ٿو چري، سو ٽرندو ڪيئن؟
    مطلب: ۱ - نصيب جو لکيو نه ٽري، ڇو جو ڪرڻ وارو ڪلتار آهي.
    ۲ - لکيو منجهه نراڙ، قلم ڪياڙيءَ نه وهي.
    ۳ - لکيو نا ٽري، اوس پڙي. (۶) ص ۱۱۹

    150. ڪرنتا سو ڀوڳنتا، کودنتا سو پڙنتا. (راجسٿان، چوڻي)
    ڪرنتا: ڪرند، ڪندڙ، جيڪي ڪبو. ڀوڳنتا: ڀوڳيندڙ، پسندڙ.
    کودنتا: کوٽيندڙ، جيڪو کوٽي ٿو. پڙنتا: پوندڙ، کڏ ۾ پوندڙ.
    هيءَ دنيا، ڪرڻ ۽ ڀوڳڻ جو جهان آهي. محنت جو اجورو هتي ئي مليو وڃي. چڱائيءَ واري صورت ۾ واڌو مليو وڃي؛ ڏهه دنيا ستر آخرت. برائيءَ جي صورت ۾ هڪ دفعو يا هيڪوڻ تي ضرور ملي ٿو. جيڪڏهن ٻين سان برائي ڪبي يا نيت بد رکي، ساڻن سلوڪ روا رکبو ته اوس پاڻ به ڀوڳبو يا لوڙبو.
    اهڙيءَ طرح، جيڪو دل ۾ کوٽ ۽ بد نيتي رکي، ٻين لاءِ کڏون کڻندو، سو ضرور ھڪ ڏينهن پاڻ ان ۾ پوندو. ھيٺ ڏنل ھڪ قصو، بزرگن کان ٻڌو آهي.
    ابو جهل نالي مڪي جي هڪ مشرڪ، پاڻ سڳورن ﷺ جن کي تڪليف ڏيڻ لاءِ، سندن واٽ مبارڪ تي پنهنجي نوڪرن هٿارئون رات پيٽ ۾ کڏ کڻارائي، مٿس ڪمزور ڪکن ڪانن جي ڇت، مٽيءَ سان ڍڪي ڇڏي. پاڻ سڳورا ﷺ جن جڏهن اتان لنگهيا ته الله تعاليٰ کين مدد ڪئي ۽ معجزي طور، ملائڪن سندن پيرن مبارڪن هيٺان پر ڏنا، جنهن سبب پاڻ سڳورا ﷺ جن با حفاظت لنگهي ويا. جڏهن ساڻن واقعو پيش نه آيو ۽ وقت ٽرندو نظر آيو ته ابوجهل کي دل ۾ هورا کورا ٿي ته ڇا ٿيو جو هن مهل تائين حادثي جي خبر نه پهتي آهي. پاڻ پنهنجي سر، کڏ جو معائنو ڪرڻ لاءِ ۽ خبر گيريءَ لاءِ پهتو ۽ بي خبريءَ ۾ منجهس پاڻ ئي ڪري پيو. گهڻين ڪوششن جي باوجود اتان نه پئي نڪري سگهيو. جنهن کان پوءِ سڀني کي چيائين؛ مونکي هتان ڇوٽڪارو هڪ ئي شخص ڏياري سگهي ٿو. ان کي وٺي اچو. سندس سڏ تي، پاڻ سڳورا ﷺ جن اتي آيا. پاڻ سڳورن ﷺ سان ايمان آڻڻ جو واعدو ڪيائين. پاڻ سڳورن ﷺ جن کيس، ٻانهن کان وٺي، ڇڪي ٻاھر ڪڍيو. ٻاھر نڪرندي ئي، ابو جھل زبان تان ڦري ويو. چي؛ ”هي ته جادو هيو.“
    مطلب: ۱ - جو ڪندو سو ڀوڳيندو، جو کوٽيندو سو پاڻ کڏ ۾ پوندو.
    ۲ - ڪرند پسند، ڏيند لهند.
    ۳ - کوٽيندڙا، پوندڙا.

    151. ڪسيري ري ڪان ري ڪري،
    لکان ري لوڏ ڪنهي ڇڏجي. (پهاڪو)
    ڪسيرو: ٽڪي جو اڌ، بي قيمت. ڪان: تير، گز. ري: جي. لکان: لکن جي.
    هڪڙو سوڍو راڄپوت، پنهنجي ٺَڪرائِي لوڏ سان پئي ويو ته پويان سندس هڪڙي دشمن، گز ڪمان ڪشيس. اهو لقاءُ ڏسي، ٺڪر جي هڪڙي همدرد کيس رڙ ڪندي چتايو؛ ”ڀڄ! پريان ڪانُ ٿو اچئي!“
    سوڍي هن جي لفظن ٻڌڻ کان پوءِ به، ڪانَ واري طرف ڏانهن ڪنڌ ورائي به نه ڏٺو ۽ ساڳيو پنهنجي ٺڪرائي لوڏ سان هلندو پئي ويو. انهيءَ تي ساڳئي همراه ٻيهر خبردار ڪرڻ لاءِ چيس.
    ”ڀايا! ڪسيري ري ڪان ري ڪري، هون لکان ري لوڏ ڪنهي ڇڏيان!“ راجپوت بنا ڪنڌ ورائڻ جي ۽ ڪان کي ليکي ۾ نه آڻيندي چيس؛ ”ڪسيري جي ڪان جي ڪري، لکن جي لوڏ، ڪو نه ڇڏيندس.“
    مطلب: ڪسيري جي ڪان جي ڪري، لکن جي لوڏ نه ڇڏجي. (۶) ص ۴۲.

    152. ڪڪڙ مُٺي، کوڻي روئي. (پهاڪو)
    مُٺي: بيوھ، طلاقيل، ڏھاڳڻ. کُوڻي: ڪوني ۾، ڪنڊ ۾.
    ۱ - ڪڪڙ، آنا لاهي ڏيڻ سبب، ڪمائتي آهي پر جڏهن آنو لاهيندي آهي ته تڪليف سببان پهرين ته ٽان ٽان ڪري سڄي گهر ۾ پئي ڀڄندي آهي. آخر ۾، ڪنهن ڪنڊ اندر لڪي، وڃي پيٽ ۾ پيل بلا منجھان رڙيون ڪوڪون ڪري، جان آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. جڏهن ته انهيءَ نافت واري ويل ۾، نه ساڻس ڪير همدردي ڪري سگهندو آهي ۽ نه ئي ڪو کيس ڪا سهوليت فراهم ڪري سگهندو آهي.
    ۲ - بيوھ عورت، جنهن جو مڙس مري ويو هجي، هندو سماج ۾ اڀاڳڻ آهي. ساڻس ڪير ٻيھر شادي ڪرڻ نه چاهيندو آهي. نه ئي کيس هار سينگار ڪرڻ يا گهران ٻاهر نڪرڻ جي اجازت آهي. کيس سڄي عمر، هڪ ڪنڊ ۾ روئڻو آهي، جتي ڪير به ساڻس ڪا همدردي ڪو نه ڪندو آهي.
    مطلب: ۱- آنن لاهڻ واري ڪڪڙ ۽ بيواه عورت کي، پنهنجي منهن ھڪ ڪنڊ ۾ ئي روئڻو آهي.
    ۲ - ڀيٽيو؛ کُوڻي ۾ مُٺي، ڪنهن نه ڏٺي. (۶) ص ۱۲۲.

    153. ڪمائين غريب، کائين سيٺيون. (چوڻي)
    دنيا اندر جيڪا به ترقي ٿئي ٿي، سا انساني هٿ جي مابدولت ٿئي ٿي. محنت ڪندڙ طبقو، غريب ۽ گهرجائو قسم جي ماڻهن تي مشتمل هوندو آهي. امير ۽ پيٽ ڀريل ماڻهو، محنت کان ڪيٻائيندا آهن ۽ کانئن ٿيندي به ناهي. تعميراتي ڪم هجي يا ڪارخاني جي محنت، منجهس ٻن قسمن جون سيڙپون ٿينديون آهن. هڪ خام مال جي، جيڪو پئسي سان مهيا ٿيندو آهي ۽ سيٺيون ئي ڪري سگهن ٿا. ٻيو مزدوريءَ جي (مئن پاور)، اهو به پئسي سان ئي حاصل ٿئي ٿو، جيڪو پڻ سيٺيون، پئسي جي زور تي حاصل ڪري سگهن ٿا. اگر مزدور، دل لائي ڪو ڪم نه ڪن يا پنھنجي مجبورين کي آڏو رکي، ڪم سان وچڙ سچڙ نه ڪن ته هوند، دنيا اندر ڪو به ترقيءَ جو ڪم نه ٿئي. جڏهن غريب جي پورهيئي سان ڪارخاني، زراعت ۽ تعمير اندر محنت ٿئي ٿي ته اپت ۾ سيٺيون به ڀائيوار ٿي کائين ٿا.
    مطلب: ۱ - غريب هڏ هڻي ته کائي. امير پئسي جي زور تي، غريب جي محنت خريد ڪري.

    154. ڪم ڀلا اَهين، چم ڀلا ڪو اهين. (چوڻي)
    هر سهڻي شيءِ، پرڪشش هوندي آهي. ڪا کائڻ جي حساب سان، ڪا پائڻ جي حساب سان. ڪا چمڻ جي لحاظ کان ته ڪا ڀاڪر ۾ جهلڻ جي روءِ. سونهن؛ رنگ ۽ روپ ۾ آهي. جوانيءَ اندر، چهري جي وسپن ۽ نقش نگار تي نکار اچي ويندو آهي. رت جي تازگي، چهري جو ڀريل هجڻ. بت، پورن لڱن ۽ چست عضون ھئڻ سبب، وڻندڙ هوندو آهي.
    اهي مڙيئي خد خال، موهيندڙ ته ٿيندا آهن پر ڪنهن حد تائين. عورت سهڻي آهي، پر ڪم ڪار نه ٿي ڪري يا سنڍ آهي، ٻنهي صورتن ۾ مڙس کانئس بيزار ٿيو وڃي. سندس سونهن مان، اها رونق ئي مڙس کي نظر نه ايندي. ان جي ڀيٽ ۾ ڪارڙي پر ڪارائتي ۽ ٻارن واري، مڙس کي پئي وڻندي. ڇو جو اها سندس وندر جو سامان تيار ڪري ٿي.
    اهڙيءَ طرح دوست ۽ نوڪر پڻ آهن. سهڻا آهن پر نڪما آهن ته ڪين وڻندا. جتي ڪٿي پئي سندن گلا ڪبي. اگر ڪوجهي شڪل اٿن پر مهربان ۽ هڏ ڏوکي، ڪم ڪندڙ ۽ همت وارا آهن ته هر وقت پئي ڏانهن دل ورندي. جتي ڪٿي سندن ساراه به پئي ڪبي.
    مطلب: ۱ - اصل سونهن چمڙيءَ جي رنگت ۽ شڪل ۾ نه پر نيڪيءَ ۽ ڪار آمد عملن منجهه آهي.
    ۲ - سهڻا ٽوھ، پٽن تي پيا آهن.
    ۳ - پورهيت، خدا جو دوست آهي.
    ۴ - ڪم سٺو آهي، چَمُ سٺو ڪو نه آهي.
    ۵ - ڪير ڪنھن جو چَمُ چوپي ڪو نه پيئندو آھي، بلڪ ڪم مان فائدو ضرور وٺندو آھي.
    ۶ - هر ڪو ڪم پرين آهي، چم پرين ڪو ڪونهي. (۶) ص ۱۲۰.

    155. ڪم سريو، ڪاڳر وريو. (بيراجي، پھاڪو)
    سريو: سر انجام ٿيو. ڪاڳر وريو: دفتر بند ٿيو.
    گهڻا ڪم هوندا آهن ته يادگيري لاءِ، انھن جي وچور ٺاهبي آھي. جيئن جيئن ڪم اڪلائبا وڃبا آهن، تيئن تيئن انھن جا نالا، وچور منجهان خارج ڪبا وڃبا آهن. انھن جي جاءِ تي ٻين ڪمن جا نالا داخل ڪبا آهن. يا ٻين ڪمن ڏانھن ڌيان ڌرڻ لاءِ، اهي ٽِڪ ڪبا آهن.
    اهڙيءَ طرح، جڏهن گهڻن هنڌن تي ڪم هوندا آهن، تڏهن پڻ سندن ترتيب ۽ اوليت دل ۾ لکي ڇڏبي آهي. جيئن هڪ هنڌ جو ڪم پورو ٿيندو آهي ته اتان ڌيان هٽائي، ٻئي هنڌ تي ڌربو آهي.
    تيئن وري، جڏهن گهڻن ماڻهن ۾ ڪم پوندا آھن، تن جي به اوليت جي بنياد تي، دل جي دفتر اندر هڪڙي ترتيب جوڙبي آهي. جنھن جنھن مان ڪم سرندو ويندو آهي، تنھن جو نالو ان دفتر مان ميساربو ويندو آهي ۽ ان جي جاءِ تي ٻيا نالا اڪرندا ويندا آهن.
    مطلب: ۱ - ڪم لٿو، ڊکڻ وسريو.
    ۲ - ڪم نڪتي کانپوءِ، ڪير به ڪنھن کي ياد ڪو نه ٿو ڪري.
    ۳ - ندي پار ٿيڻ کانپوءِ، تون ڪير مان ڪير؟
    ۴ - ڀيٽيو: ڳڙ کائي، ڳوٿري ڦٽي ڪريئي. (پھاڪو)

    156. ڪم، ڪم ڪي سکايئي. (ڪڇ، پهاڪو)
    ڪم ڪرڻ سان، ڪم اندر موجود رڪاوٽون ۽ رنڊڪون، سامهون اچن ٿيون. انهن کي هٽائڻ لاءِ، ڪم ڪندڙ، سوچ ويچار ڪندو آهي. انهيءَ سوچ ويچار سان ڪم جي موشگافين کي سمجهندو ويندو آهي. پنهنجي تجربي ۽ آزمودي سان، انھن کي آسان به بڻائيندو ويندو آهي.
    ان جي ڀيٽ ۾ جيڪو ماڻهو، ڪم نه ٿو ڪري ۽ نکمڻو ٿي ويهي ٿو رهي، تنهن جا هٿ ته چيو نه ٿا ڪن پر کيس ڪنهن به ڪم جي رنڊڪن ۽ مشڪلاتن جي ڄاڻ به نه ٿي رهي.
    مطلب: ۱ - ڪم، ڪم کي سيکاري ٿو.
    ۲ - ڪم ڪبو، ته عقل به ايندو.
    ۳ - هَٿُ، هَٿَ تي رکي ويهبو ته عقل پلئه نه پوندو.
    ۴ - زمانو آهي ڊکڻ، پيو ٿو ڪپي ۽ ڪوري، گهڙي ۽ سيکاري. (۱) ص ۱۶۶.

    157. ڪنٺ بنا گائيي، مت بنا چور،
    تريئا تريوڙ بنا، تيني رپٽا روڙ. (چوڻي)
    ڪنٺ: گلو، ڳلو، نڙي. گائيي: ڳائڻ، ڳائي. تريئا: زال. رپٽا روڙ: ڪم بگاڙيندڙ. تيني: ٽيئي. تريوڙ: سگهڙائپ، گهرو ڪم ڪار ۽ خرچ پکي لاءِ حساب ڪتاب رکڻ جي اٽڪل يا وينت ته جيئن پورت ٿي سگهي.
    ۱ - ڳائڻ لاءِ، سريلو گلو هئڻ ضروري آهي. بي سري ڳلي سان، آواز ۽ ڳائيندڙ کي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي. جيڪو ٻين کي زوريءَ بي سري گلي جو راڳ ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندو سو ڄڻ، ٻين کي هٿ وٺي بيزار ڪندو ۽ گهري مار کائيندو. ڇو جو راڳ ٻڌبو آهي راحت وٺڻ لاءِ، پنهنجا ڪن کاڄڻ يا بي سرو آواز ٻڌڻ لاءِ نه.
    ۲ - چوري به هڪڙو فن آهي، جنهن ۾ اٽڪل ۽ حرفت سان، ڀاڳيي جو مال، ڀاڳيي جي قبضي مان کسڪائي ڪڍجي ٿو. جنهن کي چوريءَ جو ڏانءُ ۽ هنر ناهي، سو مال ته چورائي نه سگهندو، هٿائين ساٿين سميت پاڻ جهلائي ڦاهيءَ تي ٽنگرائيندو.
    ۳ - عورت به اها ڀلي آهي، جيڪا سگهڙ هجي. ڦوهڙ عورت جو گهر ۾ هلڻ به نقصان کان گهٽ نه هوندو آهي.
    مطلب: ۱ - بي سرو ڳائڻو، بنا مت جي چور ۽ ڇيڳري عورت، مٿي جو سور آهن.
    ۲ - ڪنٺ ناهي راڳ ڪري، مت ناهي چور،
    ڪاڻي اک ڪجل پائي، بنا نڪ ڏئي طنبور،
    کيٽ پوکڻ ڏور، پنج ئي گھنگھر گهور.
    ۳ - ڪنٺ ناهي راڳ ڪري، مت ناهي چور،
    ڪاڻي اک ڪجل پائي، بنان نڪ طنبور،
    ٻچي ڏاڙهي، هٿ هڻي ۽ ڏئي مڇ مروڙ، پنج ئي گهنگهر گهور.
    ۴ - ڪنٺ بنا ڳائي، مت بنا چور،
    ٻچيءَ ڏاڙهيءَ هٿ هڻي، بڻي نڪ تنبور،
    ڪاڻيءَ اک ۾ ڪجل پائي، پنج ئي گهنگهر گهور. (۱۲) ص ۱۳۸.

    158. ڪنجھو، پتل ۽ بيوقوف ماڻھو، بغير ڇيڙڻ جي پيا وڄندا. (چوڻي)
    ڪنجھو؛ ٽامي جي ڌات جو ھڪڙو روپ. پتل؛ ٽامي ۽ جست جي ملاوٽ منجھان جڙيل ڌات.
    ڪنجھي ۽ پتل منجھان جڙيل ٿانون کي اگر ٿورو به ٺينشڙو لڳو ته آواز سان وڄندا ۽ بس ٿيڻ تائين پيا جِھنوندا رھندا.
    بيوقوف ماڻهو به اجائي بڪ ۾ ڪاھي پوندو آھي. ڳالهه مان ڳالهيئڙو ٺاهي ڇڏيندو آھي. بلڪ بغاغو ڪري، ڳوٺ مٿي تي کڻي ڇڏيندو آهي. (۳۵) ص ۲۲۹
    مطلب؛ ۱- ھڪڙا ماڻھو فطرتي طور تي وڄڻا ھوندا آھن، سي وڄندا رھندا آھن.

    159. ڪنجھو ۽ پتل آواز ڪندا، پر سون نه وڄندو آھي. (چوڻي)
    ھر ڌات، پنھنجي رنگ ۽ وڄت مان سڃاپجندي آھي. ڪنجھو ۽ پتل، ٻن ڌاتن جي ملاوت سان جڙيل آهن. ڌڪ هڻڻ سان، منجھانئن آواز پيو نڪرندو آھي، جيڪو ڪافي دير تائين پيو جھِنوندو آھي. جنھن سببان، منجھانئن ٽليون، چڙا، چنگ ۽ گهنڊ ٺاھيا ويندا آھن، جيڪي وڄت کان مشھور پڻ ٿيندا آھن. انھن جي ڀيٽ ۾ سون، اصل ڌات آهي، جيڪو ٻاڙو وڄندو آھي. سون کي ڪيڏو به ڌڪ لڳي، نرميءَ سبب چٻو ٿي ويندو، ٻي شڪل اختيار ڪندو پر منجھانئس ٻڙڪ يا ٻاڦ گھٽ نڪرندي آھي.
    (۳۵) ص ۲۲۷
    مطلب؛ ۱- بي اصل ماڻھو ئي ڄاڙي ھڻندو آھي.
    ۲- خالي ذھن وارو، پيو اجايون ڊاڙون ٻٽاڪون ھڻندو آھي.
    ۳- ڏاھو ماڻھو، ڳالھائيندو گھٽ آھي. اگر ڳالھائيندو ته سوچي سمجھي ڳالھائيندو آھي.
    ۴- سوچي سمجھي ڳالھائڻ وار، نج سون جهڙو آهي.
    ۵- ڀريل مٽ وانگر گھٽ ڇلڪندو آھي.

    160. ڪنڊيءَ جي ڪاٺي آڻجي نه، آڻجي ته ٻارجي نه،
    ٻارجي ته چورجي نه، چوريئي ڄڻ چانڊيي کي چوريئي. (چوڻي)
    ڪنڊيءَ جي ڪاٺي، آلي هوندي ته موراڳو باهه نه وٺندس. جڏهن سڪندي ته به باهه کيس جيڪا لڳندي سا جٽاءَ دار هوندي. جلد نه وسامندي آهي. ڪنڊيءَ جي ٽانڊي کي به وسامڻ ۾ وقت لڳندو آهي. ٻھراڙيءَ ۾ جن ماڻهن وٽ ماچيس گهٽ يا اڻ لڀ هوندو آهي، سي باهه ٻارڻ لاءِ ڪنھن جي گهر ۾ ٻرندڙ باهه مان چوچڙي يا ٽانڊو کڻي ايندا آهن. مٿس ڪک رکي منجهانئس باهه دکائيندا آهن. چوچڙي: ٻرندڙ تيلي آهي، جيڪا ٿوري مفاصلي لاءِ کڻبي آهي. ڇو جو ٿورو وقت هلندي آهي ۽ جلد وسامي ويندي آهي. جڏهن ته ٽانڊو جلد نه وسامندو آهي.
    ڇيڻي جي ٽانڊي کان ڪاٺيءَ جو ٽانڊو دير تائين هلندڙ آهي. ڪاٺين منجهه وري ڪنڊيءَ جي ڪاٺي وڌيڪ نِهري ٿئي ٿي. منجهس سيڪ به وڌيڪ ٿئي ٿو ۽ سندس ٽانڊو به جلد نه ٿو وسامي. ڇارُ اندر، ٽانڊو پوري رکبو ته، ويلي کان ٻئي ويلي تائين، پيو رهندو. کوٽهڙو ڏبس ته منجهانئس باهه لٻرڪا ڏئي پئي ٻرندي.
    ٿر اندر موجود چانڊيا ذات وارن جي به ڪنڊيءَ جي ٽانڊي سان مشابهت ڏني وئي آهي. سندن جهيڙي واري باهه به جلد نه ٿي وسامي.
    مطلب: ۱ - چانڊيا قبيلي سان کينس نه ڪجي.
    ۲ - اچائڻ ته ڪنھن سان به چڱو ناهي پر چور پور به چڱي ناهي. تنھن هوندي به چانڊين سان چور پور اڃا خراب آهي.
    ۳ - ڪن ذاتين وارا ماڻهو، جهيڙي ۾مشھور هوندا آهن. تن لاءِ ته ائين به چئبو آهي، ”فلاڻي ذات وارو مئو پيو هجي، ته به پاسو ڏئي نه لنگهجي.“ يا ائين به چئبو آھي؛ ”نانگ ڇڏي، فلاڻو (ذات) مار.“

    161. ڪنواري ڇوري ڪوڏ ڀري، پرڻي ڇوري پِڇي پِڇي. (چوڻي)
    ڪوڏ ڀرڻ: ٺينگ ٽپا ڏڻي، ڊاڙ ٻٽاڪ هڻڻ. پِڇي پڇي: پوئتي پوئتي.
    ڇوڪري، جيستائين ڪنواري آهي، تيستائين جوانيءَ سبب، پئي جيڏين سرتين ۾ ٺينگ ٽپا، ڊاڙا ڊشا ۽ کل کجڪار ڪندي آھي. نه کيس حالتن جي پرواھ هوندي آهي ۽ نه ئي ڪا ٻي ڳڻتي هوندي اٿس.
    جڏهن شادي ٿيندي اٿس ته حالتون يڪسر مختلف ٿي وينديون اٿس. گهر مٽجي ويندو اٿس. هڪڙو جوان مرد، سندس زندگيءَ ۾ اچي ويندو آهي. ان جا مٽ مائٽ تنهن کان علاوه. پنهنجن توڙي مڙس جي مائٽن سان، بيڪ وقت نباهڻو کيس هوندو آهي. ٻچن ٿيڻ جي صورت ۾، انهن کي پالڻ لاءِ جتن ڪرڻ سبب کانئس هار سينگار، کل کجڪار، جيڏين سرتين سان مَرڪڻ/ مِلڻ، وسري ويندو آهي. انهن معاملن ۾ ڪنواريءَ جي ڀيٽ ۾، صفا پوئتي رهجي ويندي آهي.
    مطلب: ڪنواريءَ کي سينگار وغيره لاءِ وقت آهي پر پرڻيل کي نه. (۶) ص ۱۲۱.

    162. ڪنو وٽي، وِه جي وٽي. (چوڻي)
    ڪنو وٽي؛ بدي جي مٽي، ڏي-وٺ جي مٽي.
    ڏي-وٺ جي مٽيءَ مائٽيءَ ۾، فائدا به آهن ته نقصان پڻ. فائدا اهي آهن جو نه اگهڻ جهڙو گهوٽ/ ڪنوار به، اٽي تي اٽو ڏيڻ سبب، اگهيو وڃي. نقصان اهو آهي، جو ننهن يا نياڻيءَ کي، ساهري گهر ۾ اهو آدر نه ٿو ملي، جيڪو هوءَ طلبي ٿي.
    ڪڏهن ڪڏهن هڪ جوڙي جي پاڻ ۾ اڻبڻت ٿي پوندي آهي. سندن کِٽ پٽ جا اثرات ٻئي ٺھيل ٺڪيل جوڙي تي پڻ پوندا آهن. جنهن سبب، ان جوڙي جو گهر به برباد ٿي ويندو آهي.
    مطلب: ۱ - بدي جي مٽيءَ کي بندوق. (۱۳)
    163. ڪنھن گهڙيءَ جي آندل ڪاٺي به سڀاڳي. (پھاڪو)
    آندل؛ ورتل، گھر ۾ آندل.
    ھر گھڙيءَ يا وقت کي، پنھنجو ڀاڳ آھي. اھو ئي سبب آھي جو ھندو ماڻھو اھڙو سمو پيا واچيندا آھن، جنھن ۾ ڪو مخصوص ڪم ڪرڻ سان تمام گھڻا فائدا نظر اچن. خاص طور تي، ڪنوار کي گهر ۾ آڻڻ لاءِ سڳوري ڏينھن ۽ سڳوريءَ ساعت جو گهڻو خيال ڪندا آهن. لگن نھاريندا آهن ته ڪنوار اهڙيءَ ساعت ۾ گهر ۾ پير وجهي، جيئن سڀڪنھن نموني سک، شانتي رزق ۾ برڪت پوي. ان لاءِ ائين مثال ڏيندا آھن.
    مطلب: ۱ - ڪا گھڙي، شڀ ٿيندي آھي.
    ۲ - ڪا گھڙي/ مھل نه ڪنھن جھڙي.
    ۳ - ڀيٽيو: وقت وقت جي، ٻلھاري آھي.

    164. ڪُني اوڻنڌي ته پنڊ جا ڪنٺا کينڌي. (ڪڇ، پهاڪو)
    اوڻنڌي: اٻرندي، اڀامندي. پنڊ: پنهنجا. ڪنٺ: ڪنا، ڪنارا.
    کينڌي: کائيندي، ساڙيندي.
    باهه تي چڙهيل ديڳڙو، پاڻ ته سڙندو آهي پر منجھس پيل پاڻي، پڻ ٽهڪندو آهي. جڏهن اڌوري ڪُني، اڀامندي آهي ته اڀامڻ تي منجهانئس پاڻي اڇل کائي ٻين کي ايترو نقصان نه ڏيندو آهي، البته سندس ئي ڪنن تي ڦهلبو آهي. ان پاڻيءَ جا گهرا نشان، ڪُنيءَ جي ڪنن تي پڪيءَ طرح چٽجي پوندا آهن. جيڪي مُئيءَ سان مھٽيندي ۽ زور سان مليندي به نه لهندا آهن.
    اهڙيءَ طرح غريب ۽ بي وس ماڻهو، جڏهن ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ لاءِ وڙهڻ جي ڪندو آهي ته ڌاريي يا دشمن سان پڄي نه سگهندو آهي. پنهنجي ئي قميص جو ڳلو ڦاڙيندو آهي يا پنهنجي ئي ٻچن کي ڌڪ هڻندو آهي.
    مطلب: ۱ - ڪمزور ماڻهوءَ کي ڪاوڙ نه ڪرڻ گهرجي.
    ۲ - ڪني اڀامندي ته پنهنجا ڪَنَا کائيندي/ ساڙيندي.
    ۳ - ڪمزور ماڻهو ٻين تي ڪاوڙ ڪندو ته، پاڻ کي ئي نقصان ڏيندو.
    ۴ - اڀرو گڏه، پاڻ سٽي. (۱) ص ۱۷۵.

    165. ڪوٽ ته امر ڪوٽ، ٻيون سڀ ڪوٽڙيون. (چوڻي)
    ڪوٽڙي: ڪوٽ جي تصغير، ڪوٺڙي، اوطاق، اوتارو.
    ڪوٽ يا گڍ يا ڳڙهه وغيره، سرن ۽ گاري منجهان مزدورن ۽ ڪاريگرن جي مدد سان جڙندا آهن. جيئن ته پوري ٿر اندر، سرن ۽ گاري جھڙو مٽيريل نه ٿو ٿئي. روڊن رستن جي اڻ هوند سبب، مٽيريل ٻاهران آڻڻ به مھانگو پوي ٿو. ان ڪري جيڪي به بچاءَ خاطر ٿر اندر ڪوٽ يا قلعا ٺھيا سي، امرڪوٽ يا عمرڪوٽ واري تاريخي قلعي جي ڀيٽ ۾ ڪوٽڙا يا ننڍڙا ڪوٽ آهن.
    عمر ڪوٽ وارو قلعو، ٿر ۽ بئراجي علائقي جي دنگ تي هئڻ سبب، تمام وڏو جڙي سگهيو. سر سبز علائقو هئڻ سبب هر شيءِ مهيا ٿي سگهي پئي. جنھن ڪري تمام وڏو قلعو اڏجي سگهيو.
    مطلب: ۱- عمرڪوٽ جو قلعو، ٿر اندر ٻين ڪوٽن کان تمام وڏو آهي.
    ۲ - اسباب جي جھجهائيءَ سان، وڏا معاملا به سولائيءَ سان، سرانجام ڏئي سگهجن ٿا.
    ۳ - عمرڪوٽ شھر اندر ٺهيل تاريخي قلعي امرڪوٽ لاءِ مشھور هيو ته؛ ان جھڙو ڪوٽ ڪو به ناهي.

    166. ڪوڏر بنان کاٽي کڻي، بنا ڏاٽي هڻي لائي،
    سٿ ويٺي سمهي رهي، نيچو وهي اونچو تري،
    اڻ ڏٺي ڏي اوڳاهي، اهي پنج ئي گهوچائي. (چوڻي)
    لائي: لاهي، لاٿ، لابارو. نيچو وهي: تري ۾ وهندڙ پاڻي. اونچو تري: اوڀارو تري. اوڳاهي: ڪوڙي شاهدي. گهوچائي: ڏٽئي، بيوقوف.
    ۱ - زمين سخت هجي يا نرم، منجهس کاٽي ڪوڏر سان ئي سهنجي ٿي سگھي ٿي. ڪوڏر، کوٽڻ ۽ لپو هڻڻ، مٽي ريڙھڻ ۽ اڇل ڏئي مٿي ڦٽي ڪرڻ جهڙن مڙني عملن لاءِ مفيد ۽ ڪارائتي آهي. جنهن ڪڙميءَ يا ڪارائي وٽ، ڪوڏر نه هجي ۽ ڪم ڪرڻ جي لٻاڙ هڻي، سو به ڊاڙي ۽ ڪم-چور چئبو.
    ۲ - لابارو به ڏاٽي سان سهنجو ٿيندو آهي. ڏاٽو مڙيل، ڏندن ۽ ڪاٺ جي هٿيي سان هوندو آهي. فصل کي ڪٽڻ ۾، ڏاٽي سان ئي آساني ٿيندي آهي. جيڪو ڏاٽي کان سواءِ لاباري تي يا لوب جي ونگار تي اچي، سو به بيوقوف سڏبو.
    ۳ - مهمان، عزت واري وٽ ايندا آهن. جيڪو عزت ڏئي ڄاڻي ۽ مهمان کي مرشد وانگر سمجهي، سو عزت وارو ماڻهو آهي. جيڪو مهمان کي ڏسي، ڄنگهون ڊگهيون ڪري سمهي پوي، سو به ڏٽئي ۽ بيڪار قسم جو ماڻهو چئبو.
    ۴ - ترڻ، گهري پاڻيءَ ۾ ئي سونهندو آهي. تراکڙي ۾ ترڻ جي ضرورت ئي نه پوندي آهي ۽ لهوارو ترڻ ته آسان آهي، ڪجهه کنڀڙن هڻڻ سان ۽ ڪجهه پاڻيءَ جي رَوَ تي، سنهنجهڙو ترندو وڃبو. ان جي برعڪس اوڀارو ترڻ، جلد ٿڪائي وجهندو آهي. تيز وھندڙ ۽ گهري پاڻيءَ اندر، ترندي ٿڪجي پوڻ به جان وڃائڻ جي مترادف آهي. ائين ڪرڻ وارو به بيوقوف چئبو.
    ۵ - شاهدي، هميشه ڏٺل وائٺل واردات جي، پورن پُنن لفظن ۾، پوريءَ طرح ڏيڻ چڱو ڪم آهي. گهٽ وڌ لفظن ۾، حالات واقعات کي مروڙي سروڙي پيش ڪرڻ يا اڻ ڏٺل شيءِ/ واقعي بابت آگاهي ڏيڻ به، ڪوڙو ۽ گهوچائي هئڻ جي نشاني آهي.
    مطلب: ۱ - مٿيان پنج ڪم/ فعل/ حالتون، بيوقوفيءَ وارا ئي ڪندا آهن.
    ۲ - ري ڪوڏر ٻني ولي، ري ڏانٽي گاهي،
    ريءَ ناڻي شهر گهمي، ڏئي اڻ پڇي اوڳاهي،
    نيچي وهي اوچيءَ مُوٽي، اهي پنج ئي گهوچائي.
    ۳ - ريءَ ڪوڏر کاٽي کڻي، ريءَ ڏاٽي لائي،
    ڀرئي سٿ سمهي رهي، ڏي اڻ ڏٺي اوڳاهي،
    جنهن مڙس جي ڳالهه نه پري، اهي پنج ئي گهوچائي.
    ۴ - ريءَ ڪوڏر ڪڙمي، ريءَ رنبيءَ گاهي،
    جيڪو سٿ ويٺي سمهي، ڏئي اڻ ڏٺي اوڳاهي،
    پنجون نيچي ويهي پاڻ ۽ اوچا ڪري راهي، اهي پنج ئي گهوچائي.
    ۵ - ڪوڏر بنا کاٽي کڻڻ، ڏاٽي بنا لابارو ڪرڻ،
    سنگت ويٺي سمھڻ، ننڍي پاڻيءَ ۾ اوڀارو ترڻ،
    اڻ ڏٺي شاھدي ڏيڻ، پنج ئي ڏٽئي/ بيوقوف. (۱۲) ص ۱۵۰.

    167. ڪوڏ لڳي يا ھوڏ، وريو ڀاڳ مڱڻھار جو. (پھاڪو)
    ڪوڏ؛ خوشيءَ جو ناچ. ھوڏ؛ ضد، مقابلو.
    شادي مرادي ھجي، وھانءُ وڌاڻ ھجي، ميلو ملاکڙو ھجي، دھل کان سواءِ ٻُسو ۽ بي چسو رھندو. دھل وڄائڻ به جنھن تنھن جو ڪم ناھي. ماڻھن جي وڏي انبوھ جي وچ ۾ بيھي، وڏي زور سان دھل اھو وڄائي سگھندو، جنھن کي پيڙھين کان دھل وڄائڻ جو تجربو ھوندو ۽ حجاب لٿل ھوندس. وڄايل دھل جي موٽ ۾ مراد وٺڻ به ان جو ئي ڪم آھي. سنڌ اندر، اھو ڪم مڱڻهار، لنگھا، ميراثي يا دھلاري ڪندا آھن. شاديءَ جي خوشي ھجي يا ملاکڙي اندر، ٻن پھلوانن جو مقابلو ھجي، دھل ۽ دھلاريءَ کان سواءِ بي مزي لڳندا آھن. کين گھور گھاٻور ڏئي به پيا وڄرائبا آھن ته جيئن پنھنجو ڪاڄ سھڻو ۽ وڻندڙ ٿئي. نتيجي طور، مڱڻھار يا دھلاري ئي فائدي ۾ ويندو آھي. باقي ھر ساڏي، پيو کيسي منجھان ڪجھ نه ڪجھ ڏيندو آھي. (۳۵) ص ۲۶۴
    مطلب؛ ۱- دھلاري، شادين مرادين ۽ ميلن ملاکڙن ۾، ھٿين خالي وڃڻ کان پوءِ به، ڪمائي ايندا آھن.

    168. ڪوري، ڪنڀر، ڪڪڙ ۽ ڪانءُ،
    اُٺي مينهن، چئني جو وڃي هانءُ. (چوڻي)
    ۱ - ڪوري، ڪتيل ڪپهه ۽ سُٽ منجهان ڪپڙا اڻي ٿو. ڪتيل سٽ ۽ ڪپڙو، کيس اُسَّ ۾ سڪائڻو آھي ۽ پاڻيءَ کان بچائڻو آھي. اُسَّ نه لڳڻ جي صورت ۾ يا پاڻيءَ پوڻ تي، سُٽُ منجهي ويندو ۽ ڪپڙو اڻڻ ۾ تڪليف ٿيندي. انھيءَ ڪري برسات ڇِنڊ کان، ڪوري ونءُ پيو ويندو.
    ۲ - ڪنڀر، مٽيءَ مان وڏي محنت ۽ پورهئي کان پوءِ، ڪچا ٿانءَ ٺاهي ٿو. ڦَڪُرا ٿيڻ لاءِ، اس تي سڪڻا رکي ٿو. ٻاھر، پاڻيءَ چڪو پوڻ تي، سمورا وري ڊهي مٽي ٿي ويندس. محنت ئي رائيگان هلي ويندس.
    ۳ - ڪڪڙ تي به پاڻيءَ چڪو پيو ته کنڀن پسڻ کان پوءِ، هلائڻ ڏکيا ٿي پوندس. ڪرونڊڙو لڳو، پسيل پرن ۾، منڍي لڪايو پيو هوندو.
    ۴ - ڪانءُ چالاڪ ته آهي پر اس ۽ مينهن جي آڏو ڀاڙي پکي آھي. نه اس سهي سگهي، نه مينهن واچ. طوفان لڳڻ سان ئي ڪانءُ مري پوندو آهي. اهڙي ڳالهه هڪ بنگالي ڪهاوت مان پڻ ثابت آهي: ”ڪانءُ مئو طوفان جي ڪري، چٻرو چوي؛ منهنجي پٽ لڳس!“.
    مطلب: مينهن جي پوڻ سان مڙني مخلوقات کي جھجهو ۽ جالارو فائدو پوي ٿو، پر ڪوريءَ ۽ ڪنڀر، ڪڪڙ ۽ ڪانءَ کي وقتي تڪليف به اچي ٿي. (۴) ص ۲۴۸.

    169. ڪوڙ جي ڊوڙ، ٿورڙي ۽ ساهي گهٽ. (چوڻي، بيراجي)
    ڪوڙ، جيئن ته حقيقت تي مبني نه هوندو آهي، ان ڪري سندس وک اوندهه يا اوجهڙ ۾ هوندي آهي. سچ، حقيقت تي مبني هوندو آهي. سر ميدان چٽو ۽ نشانبر بيٺو هوندو آهي. دليلن دلائلن سان پيو مقابلو ڪندو آهي.
    ان جي برعڪس، ڪوڙ هڻندڙ، ڪوڙ گهڙڻ لاءِ پيو گيسر ڪندو ۽ لڪندو. هڪڙو ڪوڙ ٺاهيندو ته ٻه چار پاسا ڳالهه جا وري اگهاڙا ڪري وجهندو. جيئن ته ڪوڙ يادگيري ۽ حقيقت بجاءِ، من گهڙت ڪٿا تي مبني هوندو آهي، تنھنڪري جلد کٽي ۽ کاپي پوندو آهي. ورجائي ورجائي ساڳي ڳالهه پڇڻ تي، ڪوڙو ماڻھو، بيزار ٿي پوندو آهي. جڏهن ته سچ ڳالهائڻ واري کي سچي ۽ اکين سان ڏٺل وارتا پيش ڪرڻي آهي. تنھنڪري اهو ساڳي ڳالهه ورجائي ورجائي پيش ڪرڻ ۾ ورچندو نه.
    مطلب: ۱ - ڪوڙي وٽ، دليل نه هوندو آهي.
    ۲ - ڪوڙ کي، پير نه هوندا آهن.
    ۳ - ڪوڙي کي، حافظو نه ٿيندو آهي.

    170. ڪوڙو ڍڳو سٻرو ساڄو، گهوڙو پڻ گهه-گير.
    رن ڪميڻي مور نه مُڙي، توڙي لڳنس تير،
    ماڻهن منجهه مڄو مڙس، مرن منجهه خنزير،
    اهي پنج ئي بي پير. (چوڻي)
    ڪوڙو: ڪم چور. سٻرو: ڳَرُدار، ڏسڻ جو ٿلهو ٿنڀرو. ساڄو: سڄي ڪلهي تي وَهندڙ. گھه-گير: گوهير، گھيگهر. مڄُو؛ رن-مريد.
    ۱ - ڍڳو ڀلي ڏسڻ جو ٿلهو ٿنڀرو هجي پر وھي رڳو سڄي ڪلھي تي ۽ کٻي ڪلهي تي نه وهي ته ڪوڙو آهي. ڪوڙي منجهان ڪمائي نه ٿيندي. مثال: سڄيءَ وهي سڀ ڪو، کٻيءَ وهن خان.
    ۲ - گهوڙو به اهو ڀلي آهي، جيڪو ڊڪي منزل تي پڄائي. جيڪو اڙي هڻڻ کان پوءِ گَهُه ڪري يا اڙجي بيهي رهي، سو پڻ بيڪار آهي. منجهانئس ڪا گزا ڪا نه ٿيندي.
    ۳ - مار موچڙي جي باوجود، جيڪا عورت گهر جي چانئٺ لتاڙي وڃي ۽ غريب پيءُ جي ڏاڙهي ۽ ڪمزور ماءُ جي سينڌ سڪيءَ پاڪيءَ سان ڪوڙي وڃي، سا به عزتدار نه چئبي. دليريءَ سان گناهه ڪندڙ عورت به، نانءُ ناموس چٽ ڪرائيندڙ سڏبي.
    ۴ - رن-مريد مڙس به، زال جي عقل تي هلندو آهي. پيءُ ماءُ جي شناخت وٽس نه رهندي آهي. عورت، اڳي ئي سس سھري مان بيزار هوندي آهي. ويتر جو چئيوان مڙس ملي وڃيس ته کيس سس سھري کان بِر ڪندي دير نه ڪندي آهي.
    ۵ - خنزير يا سوئر، مرن جي اندر غيرت کان وانجهيل جانور آهي. جتي غيرت ڪرڻ گهرجي، اتي غيرت ڪري نه وڙهندو آهي، پيٽ خاطر وڙهندو، عزت خاطر نه. ماديءَ تي لانڍ ڪري چڙهندو، اتي غيرت نه ايندس. جتي پيٽ گذر نه ٿيس اتي وڙهندو.
    مطلب: ۱ - مٿي ڄاڻايل پنجن کي، ڪير به ضد تان نه ٿو لاهي سگهي. ڇو جو سندن ڪو پير مرشد آهي ئي ڪو نه، جنھن جو چوڻ وٺي ضد تان لھن.

    171. ڪوڙو نه ڀلو ڪُوڪرو، سچي نه ڀلي ساک،
    ڏنو ڀلو روپيو، ليو نه ڀلو لاک. (چوڻي)
    ڪُوڪرو: ڪوڪريا ڪرڻ، رڙيون ڪرڻ، واڪو واڪاڻ ڪرڻ.
    ساک: قسم، سُنھن.
    ۱ - جيڪي ڪم، پيار/ قرب سان نه ٿيندا آهن، تن لاءِ زبان هلائبي آهي. اڃا نه ٿين ته چئو-چواءِ يا ستُ-سَتاءُ ڪرائبو آهي. اڃا نه ٿين ته دانھن ڪوڪ، فرياد يا ڪورٽ جو در کڙڪائبو آهي. پنھنجي حق حاصل ڪرڻ لاءِ، رڙيون ته هر ڪو ڪندو آهي. جڏهن ته رڙيون، سچ پڇ واري ڪم لاءِ ڪارگر آهن. تنھن هوندي به داهوڙي ماڻهوءَ کي، ڪير به پسند نه ڪندو آهي. ڀلي سچ تي دانهون ڪندو هجي. ان جي برعڪس، ڪوڙ تي دانهون ڪندڙ لاءِ ته هر هڪ کي نفرت ٿي پوندي آهي.
    ۲ - ساک، تڏهن ڏبي آهي، جڏهن اڳلي کي ڪنھن ڳالهه جو اعتبار ڏياربو آهي. جڏهن اڳلو زباني بيان ڏيڻ مان دلي طرح مطمئن نه ٿيندو آهي، تڏهن ساک يا قسم تي ڳالهه/ معاملي کي وڃي اڪلائيندو آهي. مطمئن، لفظن سان اهو نه ڪري سگهندو آهي، جنھن جي وائيءَ ۾ ور هوندا آهن ۽ سندس ڳالهين منجهان ڪوڙ جي بوءِ ۽ چھري جي ورنن منجهان چور هئڻ جو شڪ پيدا ٿيندو آهي. اهڙي ماڻهوءَ جي ساک به مشڪوڪ هوندي آهي. اگر، ماڻهو سچ تي ساک ڏئي ٿو ته به ڄڻ پاڻ کي شڪي ڪرائي ٿو. ان ڪري چوندا آهن: قرآن؛ نه ڏني چڱو، نه ورتي.
    ۳ - پئسو هر ڪنھن کي پيارو آهي. جھڙو وٺڻ واري کي، تھڙو ڏيڻ واري کي. اگر وٺڻ واري کي وٺڻ سان خوشي ٿئي ٿي ته ڏيڻ واري کي ڏيندي رنج ضرور ٿيندو. وٺڻ سان جيڪا خوشي ملي ٿي، ان جي بدلي ڏيندڙ کي تڪليف به پھچائجي ٿي. پوءِ ڀلي هڪڙو رپيو ڇو نه هجي. لک رپين جو وٺڻ سان ته، ڏيندڙ جا ڳيرا ئي ڳاري ڇڏڻا آهن.
    ۴ - ڏيڻ ڏکيو آهي. پر وٺندڙ کي وڻندڙ آهي. اگر گهڻا نه رڳو رپيو به ڏبس ته هيانءَ تان مونجهه ۽ بار لهي پوندس.
    مطلب: ۱ - داھوڙي/ قرآني/ پينانگ ماڻھوءَ کان، ھر ڪو پيو لھرائيندو آھي.

    172. ڪوسي پاڻيءَ مان ڪھڙي اڃ لھندي. (پھاڪو)
    ٻاڙي پاڻيءَ جو گرمي پد، ٿڌي جي مقابلي ۾ وڌيل ھوندو آھي. پاڻي جيترو ٻاڙو ۽ گرم ھوندو، اوترو منجھس اڃ لاھڻ جي صلاحيت گھٽ ھوندي. جھولو ۽ لڪ لڳي ته ٺڪرن جو پاڻي به سڪائي، ٻاڙو ڪري ڇڏي. چؤماسي جي مند ۾، سخت گرمي سبب ڇانئن ۾ رکيل دلن ۽ مٽن جو پاڻي به گرم ٿي ويندو آهي. پيئندي؛ نه اُڃ لهندي آھي، نه تاس مرندي آھي. اڃ جو لھڻ ۽ تاس جي مرڻ لاءِ، ٿڌو پاڻي واپرائجي. (۳۵) ص ۱۹۱
    مطلب؛ ۱- اڃ، ٿڌي پاڻيءَ لهندي آهي.
    ۲- مقصد واري ڪم سان چنبڙبو ته ڪاميابي حاصل ٿيندي.

    173. ڪونڀٽ پن ڪتريو؛ مينھن آيو ڪي آيو. (چوڻي)
    نباتات اندر به قدرت واري ڪجھ اھڃاڻ رکيا آھن، جيڪي وقت، موسم ۽ برسات جي اڳڪٿيءَ يا خوشخبريءَ جو نياپو سنيھو ڏيندا آھن. ڪونڀٽ جي وڻ جي پنن کي، لونئين نالي ننڍڙو جيت ڪتري کائيندو آھي. اھو جڏھن ڪترڻ شروع ڪري ته پن ڇڻڻ لڳندا آھن. پن ٽڪيل پيو نظر ايندو. ان جيت جو ڪونڀٽ جي پنن کي لڳڻ يا ڪترڻ، ان ڳالھ جو اھڃاڻ سمجھيو ويندو آھي ته مينهن جلد ايندو. (۳۵) ص ۲۳۱
    مطلب؛ ۱ - برسات کي تڪڻ وارن لاءِ، ڪونڀٽ جو ڪتريل پن به ھڪ خوشخبري آھي.

    174. ڪُوئا ڍاڪَڻَ ڍاڪِڻو، کيتر ڍاڪڻ واڙ،
    ٻاپ ڍاڪڻ ٻيٽڙو، گهر ڍاڪڻ نار. (چوڻي)
    ڪُوئا: ڪئا. ڍاڪڻ: ڍَڪُ، بچاءُ. واڙ: ٻنيءَ جي چوڌاري ڏنل لوڙهو. ٻاپ: پيءُ. ڍاڪڻو: ڍاڪون، مٽيءَ جو يا تيلين جو پنڊو، پاٽ وغيره ڍڪڻ لاءِ ڪم اچي. کيتر: کيت، ٻني. ٻيٽڙو: ٻيٽو، بيٽو، پٽ، اولاد. نارِ: زال، سگهڙ عورت.
    ۱ - گهر ۾ رکيل ڪا به شيءِ، ڪوئن کان تيستائين محفوظ نه رهندي، جيستائين ڪنهن ڍاڪونءَ، پيتيءَ يا محفوظ هنڌ تي سانڍي نه رکجي.
    ۲ - ٻني يا فصل به مال يا زيانخور جانور لاءِ کليل دعوت هئڻ سبب، تيستائين غير محفوظ آهي، جيستائين چوڌاري لوڙهو/ پيھر نه ڏنل اٿس.
    ۳ - پيءُ جي مڙسيءَ يا نامرديءَ لاءِ، پٽ جو ڄمڻ ۽ سڌرڻ به هڪ ڍڪ آهي. پيءُ جي ملڪيت تيستائين غير محفوظ آهي، جيستائين پٽ سڌريل نه اٿس.
    ۴ - گهر جو چرخو به تيستائين ڊانوانڊول آهي، جيستائين سگهڙ زال منجهس ناهي. سگهڙ زال، سانگ صرفي سان رهندي ۽ سنجم ڪري ٿوريءَ ڪمائيءَ مان به، گهر جي پورت پيئي ڪندي. هٿ-ڦاڙ زال ته، ڀريل تريل گهر کي به اچڻ سان ئي اهنج-و-اهنج ڪري ڇڏيندي.
    مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل چار ئي شيون، بچاءَ، پردي يا حفاظت ڪندڙ طور، ڪتب اچن ٿيون. (۱۲) ص ۱۴۴.

    175. ڪويَلين جي ڌلالي ۾ ڪارا هٿ ٿيئين. (ڪڇ، پهاڪو)
    ڪويَلين: ڪوئلن. ڌلالي: دلالي، واپار، ڌنڌو.
    ڪوئلو، ڪاٺ کي جلائڻ منجهان ٺهندو آهي. ڪاٺ، اڌ-گيدو ساڙڻ سان، ڪوئلو ٺهي ٿو، جيڪو رنگ ۾ ڪارو هئڻ سان گڏ سڪل ۽ ڀورُو هوندو آھي. هٿ لائڻ سان سندس ڀورِ، هٿن کي چنبڙي پوندي آهي. هٿ تان لاهڻ جي ڪوشش ڪبي ته ڀور ته هٽندي، پر ڪارنهن لهڻ بدران، هٿائين چنبڙي پوندي. اگر اهي ڪوئلا يا ڪوئلن-هاڻا هٿ، ڪپڙن کي لڳن ته انهن کي به ڪارو ڪن.
    مطلب: ۱- ڪوئلو، جنهن لڱ يا عضوي کي لڳي، تنهن کي ڪارو ڪري.
    ۲ - بڇڙي ڌنڌي مان، آخر برائي ئي نصيب ٿئي.
    ۳ - ڪوئلن جي دلاليءَ ۾، هٿ ڪارا ٿين.
    ۴ - ڪوئلن جي دلاليءَ ۾، هٿ به ڪارا ته منهن به ڪارو.
    ۵ - ھر ڌنڌي جو، ماڻھوءَ جي طبيعت تي سڌو اثر پوندو آھي. (۱) ص ۱۷۵.

    176. ڪي حال مست، ڪي مال مست آهن. (چوڻي)
    مال متاع ۽ پئسي پنجڙ کي ته مڳي آهي پر جسماني طاقت کي پڻ نشو آهي. جن وٽ پئسو ۽ دولت آهي، سي ته انڌ جي گهوڙي تي چڙهيا، غريب غربي تي فلڪ نه ٿا آڻين پر جن کي سرير ۾ سگهه آهي ۽ ٻيو کين ڪرڻو ڪرتڻو ڪجهه ناهي، نه رن اٿن نه روڳڙي، سي به پنھنجي ڄڻ گهرئون ٿا کائين. بي فڪرا ۽ بي فلڪا ٿيا پيا گهمندا ڦرندا آهن. مستن وانگر، نه تنھنجي ٻڌن، نه منھنجي ورنائن. اهڙي قسم جا حال مست ماڻهو، انهن مال مست ماڻهن کان گهڻا خوش آهن، جن کي ٻيون لِنجهڻون ۽ اهنج ساڻ آهن.
    مطلب: ۱ - دنيا اندر، هر ڪو پنھنجي مستيءَ ۾ مگن آهي.
    ۲ - هڪڙا مال ميڙڻ ۾ مست، ٻيا سڃائيءَ ۾ سيٽيل.
    ۳ - هر ڪو ڪنھن نه ڪنھن مستيءَ يا وجدان ۾ مستغرق ضرور آهي.

    177. ڪيڙي سينچي تِترِيو کائي،
    موذي ڪي مايا پرڙي جائي. (پھاڪو)
    ڪيڙي: ماڪوڙي. سينچي: ڪٺو ڪري. تيتريو: تتر. پرڙي: پري وٺي وڃڻ، ٻرڙي وڃڻ، کائي وڃڻ.
    ماڪوڙين ۾ محنت ڪرڻ جو وڏو جذبو هوندو آهي. جنهن سبب ٻارهو ئي پيون اَنُ وغيره ٻِرُن ڏانهن ڍوئينديون ۽ ڪٺو ڪنديون آھن. ماڪوڙي ٻين تي ڀاڙڻ بدران، پئي پنهنجي محنت تي ڀاڙيندي آهي. ان جي برعڪس، تتر جو گذران جيت جڙين تي آهي. تتر-باز يا تيتري، تترن کي پڃرن ۾ بند ڪري، جهنگ ۾ کڻي وڃن ۽ اتي ڇيڻي وغيره کي کوٽهڙو ڏئي، منجهس موجود اڏوهيءَ وغيره تي ڇڏين. تتر اڏوهي وغيره کائي پيٽ ڀري. ڪڏهن ڪڏهن اڏوهي نه ملين ته ڪولين ۽ ماڪوڙين جي ڪٺي ڪيل ان داڻي مان به نه مڙن. انهن محنت-ڪش مسڪينن سان ناحق ڪري سندن سال جي ڪمائي ڳڙڪائي وڃن.
    تتر جي انهيءَ پاپ جي ڪري يا سندس گوشت لذيذ ھئڻ ڪري، شڪاري سندس تاڙ/ تاڪ ۾ رهندا آهن. پاپ جو ڪيتو لوڙڻ سبب، تتر پڻ شڪار ٿئي ٿو.
    مطلب: ۱ - ٻين تي ناحق ڏمر ڪبو ته پاڻ تي به ڏاڍُ ٿيندو. (۴)
    ۲ - ڪيڙي سنچري، تيتري کائي، پاپي نون مال، پرلي جائي. (گجراتي)
    ۳ - ماڪوڙين جو ميڙيل ڪڻو داڻو، پکي کائن. پکين کي، مفت جو مال کائڻ سبب، شڪاري ماري کائين.
    ۴ - موذي جو گڏ ڪيل مال، هٿ-ڦاڙ/ شاهينگ ۽ سخي کائي ۽ موذي هٿ ملي.

    178. ڪيڙيءَ کي ڪڻ، هاٿيءَ کي مڻ. (چوڻي)
    دنيا اندر جيڪي به مخلوقات آھن، سي ھڪ ئي رب پاڪ، پنھنجي ارادي ۽ مشيت سان خلقيون آھن. کين ڌرتيءَ تي آڻڻ کان اڳ سندن کاڌ-خوراڪ جو بندوبست پڻ ڪيو اٿائين. جنھن کي کاڌي جي جيتري ضرورت آھي، تنھن کي کاڌو سانڍڻ لاءِ اوترو پيٽ يا بول عطا ڪيو اٿائين. کاڌو ھٿ ڪرڻ لاءِ کيس ھٿ ۽ پير ڏنا اٿائين ۽ پيٽ ۾ اندر موڪلڻ لاءِ وات ڏنو اٿائين. چٻاڙڻ لاءِ ڏند ڏنا اٿائين. جنھن کي جيتري ضرورت آھي، ان کي اوتري خوراڪ، ويلي تي ميسر پڻ ڪئي اٿائين. سندس جوڙ ۾، ڪٿي به ڪنھن قسم جو به، جھول يا کوٽ ناھي.
    مطلب: ۱ - ڪوِل کي ڪَڻِ ته هاڻيءَ کي مَڻُ ملي ٿو. (لاڙ)
    ۲ - ڪئليءَ کي ڪڻ، هاٿيءَ کي مڻ، قدرت وارو پھچائي ٿو.
    ۳ - ڪيڻيءَ کي ڪڻ، هاٿيءَ کي مڻ، ڏيڻ وارو رب آهي.

    179. ڪيسر ڪياري جي ڪرو، اگر چندن ملاءِ،
    گلاب جل سين سينچيا ڪرو، تو ئي پياز بانس نه جاءِ. (پھاڪو)
    ڪيسر: چندن جھڙو خوشبودار گل. ڪياري: پوک. چندن ملاءِ: چندن جو ڀاڻ ڏيڻ. سينچيا: ريج ڪرڻ.
    بصر ھونئن ته کائڻ جي شيءِ آھي. ڪو به ٻوڙ، بصر کانسواءِ، بيسوادي ھوندو آھي. ڇو جو بصر ڀُڄڻ کان پوءِ، پنھنجي بوءِ سان گڏ، ٻي ڀاڄي وغيرھ جي بانس به ماري ٿو. مڪ ھڻي، غريب ماڻھو، مانيءَ سان به کائين ٿا. ذائقيدار پڻ ٿئي ٿو. جڏھن ته سندس بوءِ جي ڀيٽ ۾، چندن ۽ ڪيسر وغيرھ جي بوءِ ڏاڍي وڻندڙ ۽ ڪشش رکندڙ ھوندي آھي. اگر انھن گلن جي ڪياريءَ ۾، چندن جي ملايل ڀاڻ سان، بصر جي آبياري ڪجي، ته به منجھانئس پنھنجي بوءِ نه ويندي. ائين جيئن، گندي مٽيءَ تي پوکيل گلاب مان، پنھنجي خوشبوءِ نه ويندي.
    مطلب: ۱ - خوشبودار شيون ملائڻ سان، بصر مان ڌپ نه ويندي.
    ۲ - محنت ڪرڻ سان، بد اصل ڪين سڌرندو.
    ۳ - حالات واقعات بدلجڻ سان، اصليت نه مرندي آھي.
    ۴ - ڪـُوَڻ کي پاڻيءَ جيان، پيِڙي پياريم ڪماند،
    نڪو زهر زمين ۾، نڪو ڌاتوري ڌَر پاند،
    ڪمائي ڪم ذات سان، وڃي ٿي وِڙواند،
    جنهن جو بـَد بُنياد، تنهن جو ميوو مِٺو نه ٿئي.

    180. ڪيلو جڏهن ڦَرُ ڏئي، تڏهن سِرُ ڏئي. (پھاڪو)
    ڪيلي جي وچ منجهان، ٿڙ جي جاءِ تي ڳاڙهو بوبڪ نڪرندو آهي. بوبڪ جا پن ڇڻندا ويندا آهن ۽ منجهس ڦريون پونديون وينديون آهن. جڏهن ڦريون مڪمل طرح ظاهر ٿينديون آهن، تڏهن ان کي ڏونگر سڏيندا آهن. ڪيلن جون ڦريون، ڇڳن جي صورت ۾، ڏونگر ۾ ٽنگيل هونديون آهن. ڏونگر ڏاڍو وزنائتو ٿيندو آهي. سموري جو سمورو، پاڙ کان ئي وڍبو آهي.
    ان دوران ٿيندو ائين آهي جو اصل ڪيلي جي پاڙ منجهان، تيستائين ٻَچَ نڪري ايندا آهن. تن کي ڪڍي ٻئي هنڌ راهبو آهي يا ڪجھ ٻَچَ ڇانگي ڇڏبا آھن ۽ ڪجھ وري پاڙان اکوڙي ڦٽا ڪبا آھن. ڇڏيل ٻَچَ، وڌي وڻ ٿيندا آھن ۽ سلسلو ساڳيءَ طرح ھلندو رھندو آھي. انهيءَ سڄي ڪارروائيءَ سان، ڪيلي جو اصلي ٻوٽو، اصل جاءِ تان پوريءَ طرح اُکڙي ويندو آهي.
    مطلب: ۱ - ڦر ڏيڻ کان پوءِ، ڪيلي جي ٿڙ کي هڪدم وڍي ڇڏيندا آهن.
    ۲ - ڀيٽيو؛ شاهه وچن، شينهن گمڻ، ڪيلو ڦري ايڪ وار،
    تريئا تيل، همير هٺ، چڙهي نه ڏوجهي وار. (چوڻي) (۲۶)

    181. ڪيهر مڇ، ڀوئنگ مَڻَ، گت سُوران،
    ستي پهوسرڻي، ڪِرپڻ ڌن، هاٿ آوين مُوئان. (چوڻي)
    ڪيهر: شينهن. ڀوئنگ: نانگ. مڻ: مَن، دل. ستي: پاڪدامن. ڪرپڻ: ڪنجوس. پهوسرڻي: پنهنجو ڪرڻ. گت: نيڪي، چڱائي. سوران: سورهيه بادشاهه. هاٿ آوين: هٿ اچن. موئان: مرڻ ڌاران.
    ۱ - جيئري جاڳندي، شينهن جي مڇ جو وار پٽڻ، تمام ڏکيو ڪم آهي. مئي شينهن جي مڇ جو وار هٿ ڪري سگهجي ٿو، اهو سولو آهي.
    ۲ - مٽيءَ ۾ پيل نانگ جي مَڻ يا دل، سندس حياتيءَ ۾ هٿ ڪرڻ ڏکي آهي. مڻ وارو نانگ، جيئري ته چڱي ڀلي جوڳيءَ کي، وَٺُ نه ڏيندو آهي. ڇيڻن جي ٽانڊي جي ڊوهيءَ اندر، مسلسل باهه ٻاري، ان جي زور تي کيس ماري، سندس مڻ هٿ ڪندا آهن.
    ۳ - بهادر ۽ سورهيه جي سام ٿبو يا سندس پناهه ۾ اچبو ته مئي مارائي کانسواءِ، دشمن کي ٻانهن نه ڏيندو. سندس هٿيارن کي، سندس جيئري ڪنهن کي به هٿ هڻڻ جي هنياري ئي نه ٿيندي. بلڪ سندس مرڻ کان پوءِ به سندس ڪنهن شيءِ کي هٿ لائڻ ۾ به چڱا ڀلا پيا ڇرڪندا آهن.
    ۴ - پاڪدامن عورت کي، مئي مارائي کان سواءِ، پنهنجو ڪرڻ ڏکيو آهي. کيس حياتيءَ ۾ پنهنجي مڙس ۽ سهيلين کان سواءِ، ٻئي ڪنهن جي هٿ ڇهيو ئي نه هوندو آھي.
    ۵ - ڪنجوس جي ملڪيت مان فائدو، سندس حياتيءَ ۾، ٻين کي ته ٺهيو پر کيس به نصيب نه ٿو ٿئي. پنهنجو ڪمايل ناڻو، پنهنجي حياتيءَ ۾، پنھنجي پاڻ تي ئي مشڪل خرچ ڪندو آهي، ٻين تي ڪهڙو ڪندو؟ سندس مرڻ کان پوءِ، هيڏانهن سندس لاش زمين ۾ پوربو آهي ته هوڏانهن سندس پوريل ناڻو، زمين مان ٻاهر نڪرندو آهي، جنھن تي ٻيا عياشيون ڪندا آھن.
    مطلب: ۱ - مٿيون پنج شيون، مٿي ڄاڻايل پنجن ڄڻن جي حياتيءَ ۾ حاصل ڪرڻ ڏکيون آهن. البته سندن مرڻ پڄاڻان، هٿ ڪري سگهجن ٿيون.
    ۲ - ڪيهر مونڇ، ڀونگ مڻ، سرڻا گت سوئا،
    ستي پهورَ، ڌن ڪرپڻ، پنج ئي پڙسي هٿ موئا.
    ۳ - شينهن جي مڇ، نانگ جي مڻ، سورهيه وٽ پيل سام،
    عورت جي ڇاتي ۽ موذيءَ جي ڌن کي هٿ لڳو ته مئا. (ترجمو)
    ۴ - ڪيهر مڇ، ڀوئنگ مڻ، سورهيه گت سرڻا،
    ستي پهور ۽ ڪرپڻ ڌن، پنج ئي هٿ پڙي مئا. (۲) ص ۲۳۸ ۽ (۱۲) ص ۱۵۰.


    ک

    ک

    182. کاٿ پڙئي تو کيت، نهين تو ڪوڙو ريت.
    (راجسٿان، چوڻي)
    کاٿ: کاڌ، ڀاڻ. پڙئي: پوي. کيت: پوک، فصل. ڪوڙو: ڪورو. ريت: ريتي، واري.
    فصل، ان زمين ۾ ڀلو ڄاپندو آهي، جنهن تي هارين نارين، محنت ڪري ڪمايو هجي. اڻ-ڪمايل ٻنيءَ ۾، سٺو فصل نه ڄاپندو آهي. ٻئي نمبر تي، سلي کي اسرڻ لاءِ پاڻي درڪار آهي. جنهن ٻنيءَ ۾ پاڻي، سا مڙني ٻنين ۾ راڻي. بنا پاڻيءَ واري زمين به ڄڻ، سنڍ ۽ صحرا، رڻ ۽ روھ آهي. ٽئين نمبر تي، ٻج کي اسرڻ لاءِ نج هئڻ سان گڏ، ڀاڻ جي چِٽَ هئڻ لازمي آهي. ڀاڻ تي سلو اڃا زور ڏئي، هنڌان هنڌان طاقت ڪري، اڀرندو ۽ واڌ ويجهه ڪندو.
    مطلب: ۱ - سٺو ڀاڻ، سٺو فصل.
    ۲ - ڀاڻ کانسواءِ، فصل مارجي وڃي ٿو.
    ۳ - ڀاڻ ته کيتي، نه ته ڪوري ريتي.
    ۴ - ڀاڻ، سدا جواڻ. (۱) ص ۳۴۵.

    183. کائڙ کاڻي، جڪي ۾ ڌان نِڪو پاڻي. (چوڻي)
    کائڙ: ڇاڇري تعلقي جو اتر وارو ڀاڱو. کپري/ هٿونگي کان هلي، امر ڪوٽ ۽ ڇاڇري تعلقن جو اتر وارو پاسو وٺي وڃي جيسلمير ۽ ٻاڙمير جي وچ تي دنگ ڪري. کاڻي: سڙي. جڪي: جنهن ۾. ڌان: ان.
    ڇاڇري شهر کان ٿورو اوڀر ۽ اتر طرف گڍڙي تائين، اولهه طرف تعلقي عمرڪوٽ جي ڪجهه ڀٽن واري علائقي کي کائڙ سڏبو آهي. هتي ڀٽون ننڍيون، ۽ ننڍا ننڍا دڙا هيٺ-مٿانهان ميدان/ مگرا آهن. منجهس ڦوڳ جو وڻ گهڻو ٿئي.
    هن علائقي منجھ، جر جو پاڻي تمام کارو ۽ گرم آهي. جنھن جي ڪري مڙني ماڻھن جا اڳيان ڏند ڳاڙھا ھوندا آھن. برساتين جو پاڻي به زمين هيٺ جهٽ هليو وڃي، جنهن سبب فصل ۽ گاه به مزي جا نه ٿين. نه مارن کي مزو، نه مال لاءِ سک. روھي يا رهيءَ جو علائقو به، کائڙ منجهه واقع آهي. جنھن ۾ ته مارن جو گذر فقط رٻ تي آھي.
    مطلب: ۱ - کائڙ جي ڀاڱي ۾ زندگي گذارڻ اهنجي آهي.
    ۲ - ڀيٽيو؛ رهي ٿي رهيءَ ۾، رڌي نه ٿي رٻ. (۶) ص ۶۶.

    184. کٽا تو ئي خان، ڏليا تو ئي ڏيهه ڌڻي. (چوڻي)
    کٽا: کٽي پيا، سڃا ٿي پيا، غريب ٿي ويا. خان: سخي، ڏاتار.
    ڏليا: ڍَوَ تي، ڍايل. ڏيهه- ڌڻي: ڏيھن جو مالڪ، ديھ-ڌڻي، ديهن جو مالڪ.
    هڪڙا سخي مڙس، خانداني ٿيندا آهن، جيڪي هر حال ۾ سخاوت پيا ڪندا آهن. خالي کيسين هجن يا ڀريل کيسن سان، ڏک ۾ هجن يا سک ۾، سواليءَ سوال ڪيو ناهي ۽ ورنايو ناهي. وٽن سائل ڪهڙي وقت به پهتو، نه مهل ڏسندا ۽ نه موقعو، نه خار کائيندا ۽ نه منهن ۾ گُهنڊ وجهندا، بلڪ هر حال ۾ کلندي ۽ خوش ٿيندي، وس آهر ۽ کيسي-سارُو، سندس مدد ڪندا. پنهنجي پاڻ کي بکيو رکي به سائل ۽ منگتي کي، فنڪار ۽ ڪاسبيءَ کي، هٿين خالي نه موٽائيندا.
    مطلب: ۱ - سخي مڙس، سڃائيءَ ۽ اميريءَ ۾، سخاوت کان نه مڙندو.
    ۲ - آريسر وٽ هوءِ ته، ٿڪين تي ٿورا ڪري. (لاڙ، چوڻي)
    ۳ - کٽا ته به خان، ڏليا ته به ڏيهه ڌڻي.
    ۴ - کٽل آهيون ته به خان آهيون، امير آهيون ته به خان آهيون. (۶) ص ۶۹.

    185. کٽر ڍڳي، چڪر تري، ميو کڻي نه بار،
    ڪتو وڃائي ٿانءَ، نهائين اگهاڙي نار،
    اھي پنج ئي مار. (چوڻي)
    تُري: گهوڙي. مَيو: اٺ، ليڙو. نهائينءَ اگهاڙي: زناڪار. نار: عورت.
    ۱ - ڍڳيءَ جو کير، مکڻ ۽ لسي چئي بس ڪر. ذائقي، هاضمي ۽ قوت فراهم ڪرڻ جي لحاظ کان مينهن ۽ ٻڪريءَ، اٺ ۽ رڍ جي کير، مکڻ ۽ لسيءَ کان وڌيڪ بهتر آهن. ڳئون طبعًا مينهن، ٻڪريءَ ۽ رڍ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٽاهڙ ۽ ويڙهاڪ ٿيندي آهي. جڏهن کٽر ٿيندي آهي ۽ ڏهائڻ وقت کيٽو ڪندي آهي ته پوءِ لت هڻي پنهنجو ڏڌل کير ته هاريندي آھي پر ٻيءَ کي به کاريندي آهي.
    ۲ - گهوڙي، چڙهڻ جي سهوليت لاءِ ڌاربي آهي. جيڪڏهن اها بيهي چَڪَ هڻي ته پوءِ منجهانئس ٻيو ڪهڙو فائدو حاصل ٿي سگهندو.
    ۳ - اٺ بار ڍوئڻ لاءِ ڌاربو آهي. اهو جيڪڏهن بار لڏڻ تي رڙڻ ۽ رينگڻ لڳي ته منجهانئس ڌارڻ جو ٻيو ڪهڙو فائدو رسندو؟
    ۴ - ڪتن جي گگن ۾ بيماري (Virous) کڻڻ جي وڏي صلاحيت هوندي آهي. جڏهن مٿن چريائپ (Rabbies) جو دورو پوندو آهي، تڏھن ڀرسان لنگهڻ وارن کي به واسي وجهندا آهن. ائين خيري صلي به ٿانءُ سنگهن ته، ست دفعا ڇار/ رک ۾ مانجڻ/ مهٽڻ کان پوءِ ئي صاف/ پاڪ سمجهبو آهي.
    ۵ - عورت، اها جا عزت وڌائي. زناڪار عورت ڏانهن، هر غير مرد جي نگاه پئي کڄندي آهي ۽ هر ڪو منجهس پيو سڌون ڪندو آهي. جنهن سبب ڪيترا ئي جهيڙا منهن ڪڍندا آهن.
    مطلب: ۱ - مٿين شين کي رکڻ بدران، ماري ڇڏڻ چڱو آهي. بي فيض، نقصانده ۽ موذي جانور کي پالڻ بدران، ماري ڇڏڻ چڱو آهي.
    ۲ - کٽر ڍڳي، چڪر گھوڙو، اٺ نه کڻي بار،
    ڪتو وڃائي ٿانءَ کي، نھائينءَ اگھاڙي نار، پنج ئي مار. (ٿر)
    ۳ - کٽر ڳئون، سڙھ/ھڙھ ڍڳو، اڻ پليو وياءُ،
    تر گھاٽو، گيھون ڇٽو، اھي پنج ئي مَ چاءِ. (لاڙ) (۲) ص ۱۴۱.

    186. کٽل گاءِ ۾، گابي رو سوس،
    کٽل مائتران ۾، ڏڪري رو سوس. (پهاڪو)
    کٽل گاءِ: گهٽ کير ڏيندڙ ڳئون. سوس: آسرو. ڏِڪري: اولاد/ ڌيءَ.
    مائيتران: مائٽن جو. رو: جو
    ۱ - جيڪڏهن ڳئون کٽر يا کير ۾ کٽل آهي، تڏهن به گابو ڦري ڦري پيو ماءُ ڏي نهاريندو. ڀلي ڳئون کٽر ۽ کير ڏهائڻ ۾ تنگ ڪندڙ هجي، پر جڏهن گابو اچي چڳڙڻ جي ڪوشش ڪندس ته مِهر سان مڙي پوندي. ڇو جو فطرتي طور تي گابو، ماءُ کان سواءِ ٻيءَ ڍڳيءَ ۾ آسرو نه رکندو ۽ ماءُ کي ته ٻچي لاءِ روح ۾ رحم آهي ئي آهي.
    ۲ - والدين ڀلي کٽل هجن پر اولاد، کين ڇڏي اميرن ۾ نه واجهائيندو. کين پيو پَٽيندو ۽ تنگ ڪندو. غريب والدين به تنگيءَ سبب، اولاد کي نه ماريندا آهن. پنهنجو پيٽ ڪاٽي به ٻچي جي آس/ آرزو پوري ڪندا آهن.
    مطلب: ۱ - اولاد جو آسرو، هر وقت والدين ۾ هوندو آهي. (۶) ص ۱۲۲.

    187. کٽل مائيترو نِه ڦاٽوڙي گڀي رو، مهڻو ڪونهي. (پهاڪو)
    کٽل مائيترو: غريب والدين . نِه: ۽. گڀي: ڪپڙي. مھڻو؛ عيب.
    ۱ - مائٽ/ والدين، غريب آهن ته ان ۾ اولاد جو قصور ناهي. ڇو جو مائٽ ڏسي وائسي ۽ Select ڪري ڪنهن ڪو نه کنيا آهن. اها مالڪ جي مرضي ۽ منشا آهي ته ڪنهن کي ڪنهن جي گهر ۾ پيدا ڪيائين ته ڪنهن کي ڪنهن جي. اها نصيب جي بازي آهي. ان ۾ آيل انسان، ويچارو ۽ بي وس آهي.
    ۲ - غريبي ۽ اميري، خدا طرفان آهن. غريب ماڻهو ڦاٽل لٽي ۾ به گذر ڪري ويندو. ڦاٽل لٽو پائڻ ڪو عيب ناهي. ڇو جو مالڪ، جنهن حال ۾ دنيا ۾ رهائي، تنهن حال ۾ رهي شڪر ڪجي.
    مطلب: ۱ - ڪنهن جي به نصيب سان ريس ناهي.
    ۲ - غريب مائٽ ۽ ڦاٽل ڪپڙي جو، مھڻو ڪونھي.
    ۳ - موت ناهي مِهڻو، پرڻو ناهي گار. (۶) ص ۱۲۳.

    188. کٽ ويهڻ، گهوڙي چڙهڻ، گهر ۾ لڄونتي نار،
    پراڻي ڪڻڪ، نئون گيهه، پنج ئي سرڳ دوار. (چوڻي)
    کٽ ويهڻ: سيج ويهڻ، لانئن لاءِ گهوٽ ڪنوار جو هڪ هنڌ گڏ ويهڻ. ڪم ڪار کان ڇٽل هئڻ. لڄونتي: لڄ قائم رکندڙ. نار: ناري، عورت، زال. سرڳ-دوار: بهشت برابر، سک/ خوشيءَ جي نشاني.
    ۱ - زال سان سيج تي ويهڻ به هڪ قسم جي خوشي آهي. جنسي ضرورتون پوريون ٿيڻ ۽ اولاد ڄمڻ، واڙي وڌڻ ۽ نوان مددگار ساٿي ملڻ جي اميد هوندي آهي. جيڪڏهن مال ملڪيت جھجهي، نوڪر چاڪر چيئوان ۽ فرمانبردار اولاد هجي ته پوءِ ماڻهو کٽ تي ويٺو حڪم هلائي. ان جهڙي ٻي بادشاهي ڪانھي.
    ۲ - گهوڙي چڙهڻ مان مراد، سواريءَ لاءِ وهٽ وانا ۽ اڄ جي دور جي حساب سان موٽرون ڪارون در تي هڪيون حاضر هجن. گهمڻ ڦرڻ لاءِ اگر اڻ-ميون سهولتون هجن، جن ۾ نه ڪا رنڊ هجي ۽ نه روڪ. پوءِ ٻي ڪهڙي خوشي کپي؟
    ۳ - جنهن کي گهر ۾ سلڇڻي ۽ فرمانبدار زال هجي، جيڪا ڏکئي وقت ۾ هٿ پئي ونڊرائيس. مهمان آئي، کاڌو تيار ڪري ڏئيس. سندس خدمت کان علاوه ٻچن جي پرگهور پئي لهيس. تنهن کي اڃا ٻيو ڪھڙو ڦاھو کپي؟
    ۴ - جنھن جي گھر ۾ پوري سال يا ان کان به وڌيڪ عرصي لاءِ، گهر اندر موجود گُندين ۽ پَلين ۾، کائڻ جو اَنُّ سانڍيل هجي، تنهن کي باقي ڪهڙي ڳڻتي هوندي؟ پراڻو ان، چڱيءَ طرح سڪل ۽ رچيل هوندو آهي. منجهانئس مقوي ۽ ذائقيدار اٽو نڪرندو آهي. اهڙي ان جو مالڪ، امير ئي سڏبو.
    ۵ - تازو گيهه به، ان وٽ هڪيو حاضر هوندو، جنهن وٽ مال جا وڳ، وٿاڻ جي ڪِلن تي ٻڌا بيٺا هجن. تازو گيهه، تازگيءَ سبب اشتها وڌائيندڙ، هاضميدار ۽ قوت بخش هوندو آهي.
    مطلب: ۱ - جنهن وٽ ڪار، بنگلو، بئنڪ بئلينس، سهڻي ۽ چئيوان زال سان گڏ مال ملڪيت پنهنجي آهي، اهو سڀ کان وڌيڪ سکيو آهي.
    ۲ - ڪڻڪ پراڻي، گيهه نوان، ٽي لڄاونتي نار،
    تر ٽپاوڻ، سيج لهڻ، پنج ئي سرڳ دوار.
    ۳ - اڇا ڪپڙا، تازو گيهه، ڪڻڪ پراڻي،
    گهر ۾ سنڪي نار، اهي بهشت نشانيون چار.
    ۴ - سيج ويھڻ، گهوڙي چڙهڻ، گهر ۾ لڄونتي نار،
    پراڻي ڪڻڪ، نئون گيهه، پنج ئي سرڳ دوار. (۲) ص ۱۳۳ ۷ (۴) ص ۲۵۵.

    189. کدڙن جا اوتارا، ڪنڀارن جي گهر. (چوڻي)
    کدڙا، فقير سڏائيندا آهن ۽ زنانو لباس پھريندا آهن. پٽ ڄائي تي هر قوم مان، روپيا وٺندا آهن. ’پانڊيءَ‘ جي اڳواڻيءَ ۾ مڙهين ۾ رهندا آهن. ٻاهر وڃڻ وقت، گهڻو ڪري ڪنڀارن ۾ ٽڪندا آهن.
    مطلب: ۱ - کدڙن جو ٺام ٺڪاڻو، مڙھيءَ ۾ يا ڪنڀرن جي گھر.

    190. کر، گگھ پکي ۽ مورک نر، ڏينھن جو به ننڊ ۾ ھوندا. (چوڻي)
    کر؛ گڏهه. گهگهه پکي؛ چٻرو. مورک نر؛ بيوقوف مرد.
    1. گڏهه؛ کائڻ پيئڻ ۽ بار ڍوئڻ وقت جاڳيل ھوندو، باقي وقت يا ستل ھوندو يا ليٿڙيون پيو پائيندو. دايو، ڪم تي ڪاھڻ جي ڪندس ته گوھي ڪندو. ٻه ٽي باٺا ڀيڙڻ کان پوءِ گوھي ڇڏيندو ۽ ننڊ ڦٽندس.
    2. گهگهه به رات جو جاڳندو ۽ ڏينهن ڌاري ڦٽل جايون ۽ ھيکلا وڻ وڃي وسائيندو. اکيون ٻوٽيو، اتي پيو هوندو آھي.
    3. بيوقوف به ڪم جي وقت، پيو ننڊون ڪندو آھي. وقت جو قدر نه هوندس. ڪم ٺھي يا بگڙي؛ ھن کي الڪو ئي نه. (۳۵) ص ۲۲۸
    مطلب؛ ۱ - گڏھ، چٻرو ۽ بيوقوف ئي ڏينهن جو ننڊون ڪندا آھن.
    ۲ - بيوقوف تي ڪا به جٺ/ ڦٽڪار، اثر نه ڪندي آهي.

    191. کڙڳ کپا نه نڪري، پرس پراڻي پاڳ،
    عورت اگلين ڪپڙي، گهوڙي ڇنل واڳ،
    گهر توڻ نه سپجي، پنج ئي اڀاڳ. (چوڻي)
    کڙڳ؛ تلوار. کپا؛ کِپ، مياڻ. پڙس؛ پرس، پُرھ، مڙس. پاڳ؛ پڳ، پٽڪو.
    اگلين: ميرا، اڻ ڌوتل. توڻ: ٻوڙ ماني.
    ۱ - زنگيل يا کٿل کِپ، وقت پوڻ تي مارائي. دشمن مٿان اچي ڪڙڪي، تلوار ساڻ هجي، هٿ مٺيي ۾ هجي، پر ڇڪڻ تي تلوار نه نڪري. شڪار، جهنگ مان نڪري ۽ ڪتو وڙهت ڪرڻ بجاءِ پڇ پائي ڀڄي. لشڪر ساڻ هجي ۽ دشمن سان مقابلو ڪرڻ بجاءِ پٺي ڏئي ميدان ڇڏي ته اهي وڏيون بدبختيون چئبيون.
    ۲ - مڙس سهڻو ۽ جانٺو جوان هجي. ڪمائڻ لاءِ به تڪڙو هجي پر مٿي تي رکڻ لاءِ پڳ، پراڻي هجيس!
    ۳ - سڄي گهر جا ڪپڙا ڌوئڻ، عورت جو مرڪ آهي. اها پنهنجا به نه ڌوئي ته چنڊائپ ڇا کي چئبو آهي.
    ۴ - گهوڙي ڀڄڻي تيز هجي پر واڳ ٽٽل هجيس ۽ ڇڙواڳ پئي ڀڄي. گاڏي هلڻ جي تڪڙي هجي پر بريڪ فيل هجيس. پٽ ولايت پڙهيل هجي، پر لوفر هجي. ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي بدنصيبي آهي.
    ۵ - جنهن کي گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه نه هجي، تنهن کي هوٽل وارو سڏي ماني کارائيندو ڇا؟ نه مهمان کي وٽس اچڻ لاءِ دل چوندي ۽ نه وري کيس مهمان طور ترسائڻ لاءِ ڪير تيار ٿيندو.
    مطلب: ۱ - زنگيل/ کٿل کپ، هوند تي افعال بڇڙا، ڇيڳري زال، ڇڙواڳ گهوڙي ۽ ڪروڌ وارو گهر، نڀاڳ جون نشانيون آهن.
    ۲ - زال پراڻي ڪنجري، مڙس پراڻي پاڳ،
    کٿو کيڙو کپ ري، گهوڙي ٽٽل واڳ،
    هڙ به چيو نه ڪري، اهي پنج ئي اوراڳ.
    ۳ - کٽو کيپ نه اسري، پرس پراڻي پاڳ،
    استري ميرا ڪپڙا، گهوڙي ٽٽل واڳ،
    گهر ڪنو ئي نه چڙهي، اهي پنج ئي ڀاڳ.
    ۴ - کنو وڙلو کپ ۾، پرس پراڻي پاڳ،
    ساجھر هنڊي نه چڙهي، گهوڙي ڇني واڳ،
    سٿ ويٺي سمهي رهي، اهي پنج ئي نڀاڳ.
    ۵ - نار پراڻي ڪنجري، گهوڙي ٽٽل زين،
    وڏور ڌيءَ گهر ۾، ٿر جهڙي ماٺ زمين،
    جن سنجهي چاڙهيو ڪينڪي، پنج ئي مسڪين. (۱۲) ص ۱۲۹ ۽ (۴) ص ۲۴۹.
    192. کڳا کوهر ۾، ويڳر ٿا ڪٽجن. (پھاڪو)
    ويڳر: مصالحا. کڳا: مڇي.
    پيٽ ڀرڻ لاءِ کاڌ خوراڪ جي ضرورت پوي ٿي، جنھن کي حاصل ڪرڻ لاءِ محنت ڪرڻي اوس آھي. محنت جھڙو ڪم ڪرڻ لاءِ به وقت مقرر آھي. وقت کان اڳ يا پوءِ، ڪم ڪرڻ، محنت ڪرڻ يا پئسي وغيرھ جي لاڳت ڪرڻ، سڀ بيسود آھن. اھي سڀ موڙيون، ڪم لاءِ، پوري وقت تي لڳائڻ سان، مطلوب ۽ مقصود نتيجا حاصل ٿيندا، ٻي صورت ۾ ڪئي ڪمائي اڪارت ٿي ويندي.
    مطلب: ۱ - مڇي، کوهه يا کڏ مان پڪڙي ئي ناهي، اڳ ۾ مصالحا پيا ڪٽجن.
    ۲ - کڳا کوهر ۾، مِريون مانڌ پيون ڪٽجن. (لاڙ)
    ۳ - کڳا کوهه ۾، مِريون مھنديون پيون ڪٽجن. (لاڙ) (مِريون: ڪارا مرچ)
    ۴ - اڃا ته کڳا کوهه ۾ پيا آهن، مصالحن ڪٽڻ جي تڪڙ ڇا لاءِ؟ (لاڙ)
    ۵ - کڳا پيا آهن کوهه ۾، ٻاهر مصالحا پيا ڪٽجن. (هندي)
    ۶ - پاڻيءَ کان اڳي، ڪپڙا نه لاهجن.

    193. کل ڪتل، ڍاٽي آيا. (پهاڪو)
    ڍاٽي: ڍٽ جو رهاڪو.
    ڍٽ يا ڍاٽ، سڄي ٿر جي وچ وارو ٽڪرو آهي. هن ۾ عمرڪوٽ تعلقي جو ڏکڻ وارو ڀاڱو، ڇاڇري تعلقي جو گهڻو ڏکڻ-اولهه وارو حصو ۽ مٺي تعلقي جو ڪجهه اتر وارو ڀاڱو اچي وڃن ٿا. هن ڀاڱي جي ڪري، عام طرح سڄي ٿر کي ڍاٽ ۽ رهاڪن کي ڍاٽي چوندا آهن.
    سارين جي لاباري وقت، ڍاٽي جڏهن ناري پٽ ۾ ايندا آهن ته ان وقت ڪتل به هٽن تي عام جام هوندي آهي. ڍاٽي پيٽ ڀرڻ ۽ وَٽَ وٺڻ لاءِ مٿس ٽٽي پوندا آهن. انهيءَ ڪري دڪاندار ڪتل به سينگاري رکندا آهن. ائين لڳندو آهي ڄڻ ڪتل به کين ڏسي کلي يا خوش پئي ٿئي. آيل ڍاٽين کي ڏسي، دڪاندار خوشامد طور ائين چوندا آهن؛ کل ڪتل! ڍاٽي آيا.
    مطلب: ۱ - کل ڪتل، ناناڻا آيا.
    ۲ - دل گهريي ماڻهوءَ جي اچڻ تي، ساڻس اڪير سان ملڻ ۽ خاطر تواضع ڪرڻ تي ڏسڻ وارا ائين ٽوڪين. (۶) ص ۶۷.
    194. کنڀيءَ-چٽڪو؛ چار ڏينھن. (پھاڪو)
    وسڪاري بعد، ڀٽن ۽ ڏهرن جي نرم ۽ لٽاشي يا وارياسي زمين تي لاتعداد کنڀيون پاڻ-مرادو نڪري نروار ٿي پونديون آهن. اھو ترت ڏٿ آھي، جيڪو برسات وسڻ سان ٿرين کي حاصل ٿيندو آهي.
    کنڀي، پھرئين ڏينهن زمين مان ٿورو منهن ڪڍندي آھي. ٻئي ڏينهن، ٻه انچ کن جي هوندي آھي. ٽئين ڏينهن، سندس قد ته ساڍا ٽي انچ کن ھوندو آھي پر پاڻ جوان ٿي چڪي هوندي. چوٿين ڏينهن، سرو نرم ٿي ويندو اٿس. پنجين ڏينهن، نرم سرو ناسي ٿي ويندو اٿس. ڇهين ڏينهن، سري جو ناسي پائوڊر پٽ تي ڇڻي پوندو اٿس ۽ باقي بچيل ڏانڊي به ڪاري ٿي ڪري پوندي اٿس. سندس ڪل عمر، ڇيھ ۾ ڇيھ، ڇهه ڏينهن کن هوندي آهي. چار ڏينهن، پنھنجي عمر جا، کنڀي کائڻ لائق هوندي آهي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته ٿري ماڻھو، نر کنڀيءَ جو ناسي پائوڊر ڪڍي، سڪائي شيشيءَ ۾ وجهي رکندا آهن. جيڪو هڏ ڀڳل مريض کي، مکڻ ۾ وجهي، موميائي طور چٽائيندا آهن. ور نه کنڀي، چئن ڏينھن لاءِ دنيا اندر اچي ٿي. ان کان پوءِ ان جو وجود، ناسي دز ٿيو وڃي. (۳۵) ص ۲۱۳
    مطلب؛ ۱- دنيا جي خوشي پڻ عارضي ۽ ٿوري عرصي لاءِ آھي.
    ۲- دنيا جي خوشحالي چئن ڏينهن لاءِ آهي.

    195. کنوي وياھ ته وڃي ڏياھ. (چوڻي)
    وياھ؛ ويساک مهينو. ڏياھ؛ ڏيھ.
    ويساک مهيني ۾ اگر کنوڻ ٿي ۽ ڪي چار ڪڻيون وٺيون ته ان سان مِينهن ڏيهه مان هليو ويندو. بلڪ اصل ڪو نه وسندو. مينهن نه وسڻ سبب، ڪارو ڏڪار ٿر ۾ ڪاهي پوندو. پهرين مور مرندا، پوءِ ڍور مرندا. نيٺ بک ۽ اُڃَ وگهي، معصوم ٻارڙا به حياتي هاري ويھندا.
    مطلب:۱- ويساک مھيني اندر آيل مينھن، ٿر اندر ڏڪار جو پيش خيمو ھوندو آھي. (۳۸)

    196. کوٽو ڏاند، کٽر ڳئون، کٽل پٽيل، گهر-چٽي نار،
    هٿ-چٽيو واڻيو، انين پنجن ئي منهن ٻار. (چوڻي)
    پٽيل: چڱو مڙس، وڏيرو. گهر-چٽي: گهر چَٽُ ڪرڻ.
    هٿ-چٽيو: گهڻ-کائڪ، چسيرو.
    ۱ - کوٽو ڏاند، ڪم وقت ٻوڙن ۾ لڪندو آهي. هر ۽ نار، ڳاهه ۽ چيچڙي، گاڏيءَ ۽ گهاڻي ۾ ڏاند ئي وهي ويل ڪندو آهي. جڏهن ڪوڙو ٿيندو آهي ته پوءِ مار ڏيڻ لائق ٿيندو آهي.
    ۲ - کٽر، ڍڳي يا مينھن، پنهنجو ڏڌو ته هاري پر ٻيءَ کي به کاري. ان کان ته بس ڀلي آهي.
    ۳ - وڏيري جو ڪم آهي، اڙين جي واهر ڪرڻ. واھر به ھوند تي ڪري سگھبي آھي. اگر وڏيرو پاڻ کٽل ۽ سڃو، گھرجائو ۽ پنندڙ هجي ته باقي ڇا بچيو.
    ۴ - گهر کي ٺاھي به عورت ته ڊاھي به عورت. اگر ڪنھن گھر کي، چٽ ڪندڙ عورت ملي ته ان کان وڌيڪ ڪهڙي نقصان ڏيندڙ شيءِ ٿي سگهي ٿي؟!
    ۵ - دڪاندار جو ڪم آهي، وکر کپائڻ. اگر کپائي منافعو ڪمائڻ بجاءِ، پاڻ کائي ويٺو چسڪا وٺندو يا چسيرو ٿيندو ته، جلد ئي ڏيوالو ڪڍرائيندو. اهڙي دڪاندار کان ڀينگ ڀلي.
    مطلب: ۱ - مٿي ڄاڻايل پنجن کي ٻڌي، باھ جي امڙي ٻوٿ واري ڏجي ته چڱو.
    ۲ - نقصاندھ شيءِ مان جلد هٿ ڪڍجن. مٿس ٽڪي جيترو خرچ ڪرڻ ۽ محنت ڪرڻ، اجايو ۽ وقت وڃائڻ جي مترادف آهن. (۲) ص ۱۳۶.

    197. کوڻي ۾ مُٺي، ڪنهن نه ڏٺي. (پهاڪو)
    کُوڻي: ڪوني، ڪُنڊ. مُٺي: جنهن عورت جو مڙس مري ويو آهي، رنڙ، وڌوا.
    اسلامي اصول تحت، مُٺي چار مهينا ڏهه ڏينهن عِدت ۾ ويهندي آهي. انهيءَ دوران ڪو به هار سينگار يا نماءُ وغيره نه ڪرڻو اٿس. عدت پوري ٿيڻ بعد، کيس اختيار آهي ته، شرعي حدن اندر رهندي، ٻي شادي ڪري يا نه.
    هندو مت جي اصول تحت، وڌوا کي ٻارنهن مهينن لاءِ هڪ ڪنڊ ۾ ويهي گذارڻو آهي. اهو عرصو گذرڻ پڄاڻان به کيس معاشري ۾ ڪا ايڏي اهميت حاصل نه هوندي آهي. جنهن ڪري کيس ڪو به اک کڻي ڪو نه ڏسندو آهي. نه ساڻس ڪير ٻي شادي ڪندو آهي ۽ نه ئي کيس، ٻي شادي ڪرڻ جو اختيار آهي. سندس سموريون خواهشون، ساڻس گڏ، انهيءَ ڪنڊ ۾، مري ئي وينديون آهن.
    مطلب: جنهن ماڻهوءَ، پنهنجي غلط رويي سبب، ٻين سان تعلقات خراب ڪري، پاڻ کي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي، ان جو مثال مُٺيءَ وانگر آهي. (۵)

    198. کهيو واڻيو، ڀِت پراڻي، دٻڪر دکڻ چُون،
    وڻ ٻاٻرو، کر ماڻهو، پنج ئي پاسي هون. (چوڻي)
    کهيو واڻيو: کٽل شاهوڪار. دٻڪر: موچي. دکڻ: دکاڻ، مڪان. چُون: چَؤنِ.
    ۱ - واپاري، واپار ۾ ٽوٽ کائڻ بعد، ٻين کي پيو پَٽيندو ۽ کائيندو آهي. پٽي کائي، کين کٽائي ڇڏيندو آهي.
    ۲ - پراڻي ڀت، عمر ڏيڻ سبب، ڀُتي هوندي. هر وقت، اوچتو مٿان ڪرڻ جو، منجهانئس ڀؤ پيو رهندو آهي.
    ۳ - موچيءَ جو دڪان ڀر ۾ هوندو ته چمڙي ڪُٽڻ سان اپڙندڙ سڙانڊ واري ڌپ، نڪ ئي ساڙي نؤد ڪري ڇڏيندي.
    ۴ - ٻاٻرو وڻ، گهر يا اوطاق ۾ نه هڻجي. منجهانئس مُند ۾ ڪنڊا ڇڻندا رهندا، جيڪي اڱڻ وڃائيندا رهندا. ڪو به ماڻهو، ٻٻر جي وڻ هيٺان، نه کٽ وجھي ويھي/ سمھي سگھندو آھي ۽ نه وري سولائيءَ سان ھيٺانئس لنگهي سگهندو آھي. گھر ڌڻي يا سنڀاليندڙ به آزار ۾ ھوندو آھي.
    ۵ - بي افعالو ماڻهو، رڳو پنهنجي لاءِ نقصانڪار نه پر ٻين کي به نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
    مطلب: ۱ - مٿين چئني شين کان جلدي، پاسي ٿي وڃجي ته بهتر آهي.
    ۲ - وڻ ٻاٻرو، کر ماڻھو، شل پاڙي نه ھوون. (۲) ص ۱۳۸ ۽ (۴) ص ۲۵۲.

    199. کيرتي گانءِ ري، لت به ڀلي. (پھاڪو)
    انساني فطرت ۽ سڀاءُ، هر فائدي واري شيءِ کي پسند ڪندڙ ۽ نقصان ڏيندڙ شيءِ کان ٽھندڙ آهي. جڏهن ته ڪن شين ۾، نفعي سان گڏ خفو پڻ رکيو ويو آهي. گل سان گڏ ڪنڊو، محنت/ مشقت واري ڪم منجهه سک، ماکي ڏيندڙ مک سان ڏنگ، بار ڍوئيندڙ گڏهه سان اِٽ، هر وهندڙ ڏاند سان ٽڪر ۽ کير ڏيندڙ ڳئونءَ سان لت/ اِٽَ پڻ رکي وئي آهي. جتان فائدو حاصل ٿئي ٿو، اتان اگر ٿوري گهڻي تڪليف پھچي ته، فائدي جي صدقي اها برداشت ڪئي ويندي آهي. باقي جنھن شيءِ مان فائدو نه پوي ان جو نقصان ته ڇا، نخرو به ڪنھن کان برداشت نه ٿيندو آهي.
    اگر ڳئون کٽر ٿي پوي، کير ته نه ڏئي پر لتون هڻي پنھنجو پرائو ڏڌو به هاري ڇڏي ته، اها تڪليف ڪنھن کان به برداشت نه ٿيندي آهي. ستت ئي کيس ڪاسائيءَ آڏو پيش ڪندو آهي. مٿس، گاهه پٺي واري محنت کي به عذاب پيو سمجهندو آهي.
    مطلب: ۱ - کير ڏيندڙ گانءِ جون، لتون به سھجن. (هندي)
    ۲ - کير واريءَ ڳئونءَ جون، هر ڪو اِٽون سھندو آهي. (لاڙ)
    ۳ - جنھن ڪم مان فائدو رسي، تنھن ڪم جي تڪليف به سھجي.
    ۴ - جن سان مٺا کائبا، تن سان ڪڙا به کائبا.

    200. کيڙيو ته کيٽ، جي ليڏاڻيو ته ڌان. (زرعي، چوڻي)
    کيڙيو: کيڙڻ، ڪاهڻ، پوکڻ. کيٽ: کيت، کيتر، ٻني، فصل، زمين، کيتي.
    ليڏاڻ: اجايو ڦٽل گاهه، ڊڀ ڊاڙي، گڏ ڪڍڻ، ٻنيءَ منجھان جهنگلي اُڀريل گاهه ڪڍڻ. ڌان: ان، ڌانيه مان (سنسڪرت).
    ٿر پاسي وارياسي زمين آهي، جنهن ۾ زراعت گهٽ ٿئي. نه آهن اتي درياءَ، نه واه ۽ نه ئي ڪي چشما ۽ تلاءَ، جن تي پوک ٿئي. ٿرين جون اکيون، سدائين ابر آسري، آسمان ۾. باراني پوک لاءِ رحمت جو ڪڪر وسيو ته ٻاجهريءَ جي پيداوار ٿيندي.
    پهرين برسات تي، توڪل ڪري ٻاجهري ڇٽيندا. واريءَ واري زمين ۾، پاه (ٻڪرين جي ڦولهڙين جو ڀاڻ) ۽ ڪي سڪا پن ڇٽي ڇڏيندا آهن. موچارو مينهن پيو ته اوڙون ڏيئي، ٻاجهريءَ جو ٻج، توڪل ڪري ڇٽي ڇڏيندا. موافق مينهن پورين مهلن تي پوندو رهيو ته ٻيڙا ئي پار.
    ڪڻي ڪڻي جا هزار ڪڻا ملي ويندن. ڇو ته ٿر جي واريءَ ۾ قدرت جو اسرار اهو رکيل آهي جو هڪ ڪڻي مان گوها ڏيئي، ٻاجهريءَ جا چار پنج ڪانا نڪري پوندا آهن ۽ هر هڪ ڪانو جدا جدا سنگ جهليندو آهي.
    جڏهن فصل گوڏي جيڏو ٿيندو آهي تڏهن ٿري، کپ کوڙي اچي ٻنيءَ جي سنڀال لاءِ رهندا آهن. ٿوري نظرداري ڪندا آھن ۽ زالين مڙسين ٻنيءَ مان ليڏاڻ ڪڍندا آهن. نار يا درياھ جي پاڻيءَ جي ڳڻتيءَ کان سواءِ ئي، اَنَّ جا کرا لڳي ويندا اٿن.
    ليڏاڻ ڪڍڻ جو به طريقو آهي. جيڪي ڀاتي هوندا سي قطار ۾ ٿيندا ويندا، پوءِ هر ڀاتي ٻه يا ٽي اوڙون پنهنجي حوالي ڪندو. اِن طرح گڏجي ڪوڏرن سان سڀڪو پنهنجن اوڙن وارو گاهه ڪڍندو، اڳتي وڌندو ويندو. چاليهه-پنجاهه کن وکون هلي، اتي بند ڪندا. چاليهن وکن جيتري پنڌ کي ”گاڏهو اوجاڻ“ ۽ سٺ وکن جيتري مفاصلي کي ”اوٺو اوجاڻ“ چون. هڪ دفعو اوجاڻ تائين گاهه ڪڍي ويندا تنهن کي ”پِرانچ“ چوندا. پوءِ وري اُتان ساڳئي نموني واپس گاهه ڪڍندا ايندا. شام جو گهر اچڻ وقت ڪنهن پڇيو ته ڪيترو ليڏاڻ ڪڍيو آهي ته چوندا ته هيتريون پرانچون ڪڍيون اٿم. اهڙيءَ طرح جڏهن سڄي ٻنيءَ مان گاهه ڪڍي ڇڏيندا، تڏهن چوندا اڄ ٻني ”اوهِري“ ڇڏيسين، يعني گاهه ڪڍي ڇڏيوسين. ليڏاڻ لاءِ ڪوڏر ٽڪنڊي شڪل جي هوندي آهي، جنهن ۾ ڇهه فوٽ کن ڊگهي ڪاٺيءَ جو ڳن وڌل هوندو، هن کي ”ڪَسِي ڪوڏار“ چئبو آهي.
    مطلب: ۱ - کيڙيو کيتر، ليڏاڻيو ڌان.
    ۲- جيڪڏھن کيڙي ڪَيوَ ته فصل ڄاپندو، اگر گڏ ڪڍيَوَ ته اَنُّ ٿيندو.
    ۳ - فصل پوکجي ته ڊڀ ڊاڙي به ڪڍجي.
    ۴ - پاليل، ڌاريل، ورتل شيءِ جي سار سنڀال، ٽھل ٽڪور به ڪجي.
    ۵ - فصل، گڏ ڪرڻ ۽ گند ڪڍڻ سان، ڀلو ڄاپندو آهي ۽ مجموعي طرح جھجھي پيداوار ڏيندو آهي. (۹) ص ۸۱.


    گ

    گ

    201. گابو ڪپڙ-چٻڻو، نر گهوڙو وهي ڊُگام،
    ڪرھ ڪري ڪامڻي، گهر آئي مزمان،
    گانڊو رڻ نه چڙهي، گهر هڻي شوغان،
    راجا جوٺ ٻولي، اهي پنج ئي بدنام. (چوڻي)
    ڪپڙ- چٻڻو: ڪپڙو چٻاڙيندڙ. ڊگام: ڊوڙي هلڻ. ڪامڻي: عورت.
    ڪرھ: کٽ پٽ، تڪرار، ڪروڌ. گانڊو: گيدي، ڊڄڻو، بزدل.
    رڻ چڙهڻ: بهادريءَ جو ڪم ڪرڻ، لڙائي تي وڃڻ.
    شوغان هڻڻ: ڊاڙون يا لٻاڙون هڻڻ. جوٺ ٻولڻ: ڪوڙ ڳالهائڻ.
    ۱ - ڪن گابن ۾ عادت ٿيندي آهي ته بجاءِ گاه ۾ ٻوٿ وجهڻ جي، نوڙيءَ، رسي يا ڪپڙي کي پيا ڄٻيندا آهن. اهڙن گابن جو گهر ۾ هجڻ، گهر جي شين خاص طور تي ڪپڙن لاءِ، نقصانڪار آهي.
    ۲ - گهوڙي کي هڙ ئي چالون هلڻ گهرجن؛ آهستي به ته تيز به. جيڪو گهوڙو آهستي پنڌ وانگر هلي نه ڄاڻي ۽ رڳو ڊُگام هلي ڄاڻي سو به وقت تي ڪم نه ٿو اچي. ڇو جو سوار ۽ سئيس جون، حالتن آهر، پنهنجون مصلحتون آهن.
    ۳ - گهر ۾ آيل مهمان وٽ عزت، عورت ڪرائيندي آهي. عورت، وقت تي ماني نه پچائي ۽ هنڌ بسترو نه پهچائي ته مهمان دل ۾ برو سمجهندو ۽ آئنده نه ايندو. ڪروڌي عورت، مهمان جهڙي رحمت کي به موٽائي ڇڏي.
    ۴ - گهر ويٺي ڊاڙون هڻڻ، گيدي ماڻهوءَ جو ڪم آهي. جيڪو جنگ يا جھيڙي ۾ پاڻ ته نه وڙهندو آهي پر لٻاڙون هڻي، ٻين جي هٿان مارائيندو پڻ آهي.
    ۵ - بادشاهه کي سمورا اختيار آهن ۽ ان کان سواءِ خدا جي مدد به شامل هوندي اٿس. ان هوندي به ڪوڙ ڳالهائي ته ان کان وڌيڪ ڪا ٻي بيحيائي آهي ئي ڪا نه.
    مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل پنج حالتون، بد ناميءَ جو باعث هونديون آهن.
    ۲ - گابو ڪپڙ-چٻڻو، نر گهوڙو وھي کٽگام،
    ڪرھ ڪري ڪامڻي، گهر آئي مزمان،
    ڪانيئر رڻ ڀڄڻون، گهر هڻي شوگان،
    راجا جوٺو ٻولڻون، پنج ئي بد نام.
    ۳ - گابو ڪپڙ-چٻڻو، سوئا سينڌي، سٻر سواري،
    اَلڙ ڪتو، بندوق ڏوردار، پنج ئي بيڪار.
    ۴ - گابو ڪپڙ-چٻڻو، نر گھوڙو کٽگام،
    ڪرھ ڪري ڪامڻي، گھر آئي مزمان،
    سپاھي رڻ نه چڙھي، گھر ھڻي شغان،
    چاڪر رڻ نه چلڻا، گھر ڪري ڪلام،
    راجا جوٺ ٻولڻو، اھي پنج ئي بدنام. (چوڻي)
    ۵ - گابو ڪپڙ-چٻڻو، نر گھوڙو کٽگام،
    ڪرھ ڪري ڪامڻي، گھر آئي مزمان،
    ڪانئر ڀڄي جنگ ۾، گھر ھڻي شغان،
    راجا جوٺ ٻولڻو، اھي پنج ئي بدنام. (ٿر) (۱۲) ص ۱۴۶.

    202. گاجڻا سو باجڻا، ماٺيڻا سو مِيہ. (پهاڪو)
    گاجڻا: گجندڙ. باجڻا: واڄڻا، وڄندڙ، واڪو ڪندڙ. ماٺيڻا: ماٺ ميٺ ۾ ايندڙ. ميہ: مينهن، برسات.
    گجندڙ ڪڪر، محض وڄندڙ/ واڪو يا ڪڙڪو ڪندڙ هوندا آهن. منجهانئن ايترو پلر نه پلٽبو آهي، جنهن سان ٿر جون ٺوٺ/ وارياسيون زمينون، سيراب ٿين يا سڪل زمين جا چپڙا آلا ٿين.
    ان جي برعڪس، ماٺ ميٺ ۾ اچڻ وارا ڪڪر، جھور يا ٽِڪ ٻڌي وسندا آهن ۽ منجهانئن تمام گهڻو مينهن/ پاڻي وسندو آهي. تر ۽ ترايون، ڍنڍون ۽ ڍورا، ٽونڪا ۽ ٽوڀا، سر ۽ جر، ڀرجي تارئون تار ٿي ويندا آهن. پوٺا ۽ ڀٽون، دڙا ۽ گوڇار، گاهن/ فصلن سان ساوا ٿي ويندا آهن. نتيجي ۾ مال ۽ ماروئڙن لاءِ، سک ۽ سڻايون ٿي پونديون آهن.
    مطلب: ۱ - ڪڪرن مان ايندڙ گوڙ بابت، ائين چيو ويندو آهي.
    ۲ - گونگو/ بيٺل پاڻي، ٻوڙي.
    ۳ - سکڻي ڪني، گهڻو اڀامي.
    ۴ - سکڻو چڻو، وڄي گهڻو.
    ۵ - ڀونڪندڙ ڪتو، ڏاڙهيندو ناهي.
    ۶ - Barking dog, never bites.
    ۷ - جو گجي، سو نه وسي.
    ۸ - جيڪو گجي ٿو، سو وسي نه ٿو.
    ۹ - گاجڻا، نه باجڻا. (ٿر)
    ۱۰ - گرجي سو برسي نهين، برسي گهور انهار. (ڀوڄپوري)
    ۱۱ - گجندڙ ڪڪر، وسندا ناهن. وسندڙ ڪڪر، گهپ انڌيرو کڻي ايندا آهن. (۵)

    203. گانوڙي تو ڏوڌ ونڪي، تيج ونڪي گهوڙيان،
    آدمي تو خرچ ونڪو، سيل ونڪي گوريان. (چوڻي)
    گانوڙي؛ ڍڳي. ڏوڌ؛ کير. ونڪي؛ گھڻو. تيج؛ تيز. سيل؛ ست، ستي.
    ۱ - ڍڳي اها ڀلي جيڪا جھجهو ۽ جالارو کير ڏئي. جيڪڏهن کير به نه ڏُھائي ۽ ٻارهين مهيني ڦر به نه ڏئي ته پوءِ ڪاسائيءَ جي ڪم جي آهي. پالڻ ۾ مهانگي پوندي.
    ۲ - گهوڙي به اها ڀلي آهي، جنهن کي لڪڻ هڻڻ جي ضرورت نه پوي. اشاري سان تيز هلي ۽ جلد منزل پٽي وڃي.
    ۳ - مرد اهو ڀلو آهي، جيڪو صحيح خرچ ڪري. پاڻ تي، زال تي، ٻارن تي ۽ مٽن مائٽن تي خرچ ڪري. جوئا، زنا ۽ شراب تي پئسا نه وڃائي.
    ۴ - عورت به اها ڀلي آهي، جيڪا ست سيل واري آهي. باقي رنگ جي سهڻي، جيڪا ڪوٺا ٽپندي ۽ لوڙها لتاڙيندي وتي، ٻاهر پڳي ۽ ڪچي تي لهندڙ هجي، تنهن سدا سهاڳڻ کان، ڀونگو ڀينگ ڀلو آهي.
    مطلب: ۱ - ڪمائتي، عزت واري ۽ ڪارائتي شيءِ، تمام ڀلي آهي.
    ۲ - ڀيٽيو: گانوڙي تو سينڱ ونڪي، ڦينچ ونڪي گهوڙيان،
    آدمي تو مونڇ ونڪو، روپ ونڪي گوريان. (۲) ص ۲۳۷.

    204. گانوڙي تو سينگ ونڪي، ڦينچ ونڪي گهوڙيان،
    آدمي تو مونڇ ونڪو، روپ ونڪي گوريان. (چوڻي)
    گانوڙي: گاوڙلي، ڍڳي. ونڪي: واري. ڦينچ: رت، ماس. روپ: سونهن.
    ۱ - ڳئون اها ڀلي آهي، جنهن جا سڱ وڏا هجن. کير جھجهو جالارو ڏئي ۽ ڦَرَ ڦروٽا، ڦُٽرڙا ھجنس.
    ۲ - گهوڙي به اها ڀلي آهي، جنهن ۾ رت، ماس ۽ جواني هجي. جواني وڃڻ کان پوءِ، ڪراڙي گهوڙي به اٽي تي چٽي هوندي آهي.
    ۳ - مرد اهو ڀلو آهي، جنهن جون مڇون وڏيون، ويڪريون ۽ گهاٽيون هجن. ڇڊين ۽ سنهين مڇن واري مرد ۾ ھشمت نه ٿي رهي. بلڪ ڪوت-مُنھن ھئڻ سبب، عورتن کان به پري آھي.
    ۴ - عورت به اها ڀلي آهي، جيڪا سونهن ۾ سرس هجي.
    مطلب: ۱ - خوبين واري شيءِ ئي ڀلي هوندي آهي.
    ۲ - ڀيٽيو: گانوڙي تو ڏوڌ ونڪي، تيج ونڪي گهوڙيان،
    آدمي تو خرچ ونڪو، سيل ونڪي گوريان. (۲) ص ۲۳۶.

    205. گانيان جوڀن برسات هي، تريان جوڀن ڏئت،
    ماهيلي جوڀن مان هي، مردي جوڀن ڇَتَ. (چوڻي)
    گانيان: ڳئن لاءِ. تريان: گهوڙين لاءِ. مَانُ: عزت، مرتبو. ڏِئتَ: اَنَّ کان علاوه جيڪو ڏجي، جيئن گيهه مکڻ وغيره. ماهيلي: عورت. مَردي: مرد لاءِ. جوڀن: جواني، خوشي. ڇَتَ: ايمان يا مهل تي مردانگيءَ وارو جوهر.
    ۱ - گاھ کان وڌيڪ، ڍڳين لاءِ برسات ۾ مزو آهي. برسات وقت، تازو ڪچڙو ڦٽل گاھ، جنھن کي لونگي ٿا سڏين، ڍڳين لاءِ ڏاڍو مرغوب هوندو آهي. تڙڻ جي باوجود، گاھ مان نه نڪرنديون آهن. مثال؛ لوڀ لڳو واڻيو، لونگيءَ لڳي گانءِ.
    ۲ - گهوڙين لاءِ سکڻو داڻو نه پر ان سان جيڪو گيهه مکڻ ڏجين ٿو سو ڏاڍو مرغوب ۽ جواني آڻيندڙ هوندو آهي. ان سان سندن مُک ۾ ئي رونق اچي ويندي آهي.
    ۳ - سڀئي سهاڳڻيون به خوش ناهن، بلڪ اهي جن جي پنھنجي مڙس وٽ عزت ۽ مرتبو آهي. اھي خوش ۽ خرم، مطمئن ۽ معطر آهن. انھن جا چهرا ٻهڪندڙ هوندا آهن.
    ۴ - مرد به فقط ڌن تي جوان ناهن. بلڪ اهي مرد جن وٽ مڙسي، مردانگي آهي ۽ ايمان جي سلامتيءَ جي زور تي پنهنجي ساک قائم رکن ٿا. تن کي دل جي خوشي حاصل آهي. مثال: خوشيءَ جهڙي خوراڪ ناهي، گڻتيءَ جهڙو ڳارو ناهي.
    مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل چار حالتون، جواني/ خوشي پيدا ڪندڙ آهن. ٻيءَ صورت ۾ جوان به مرجهايل نظر ايندو.
    ۲ - گانيان جوڀن وسڪارا، تريان جوڀن سڌان،
    مهيلي جوڀن پريم هئي، مردان جوڀن مان.
    ۳ - ڀيٽيو؛ گايان جوڀن گاس هي، تريان جوڀن اَنُّ،
    ماهيلي جوڀن مرد هي، مردي جوڀن ڌن. (۱۲) ص ۱۴۱.

    206. گانيان جوڀن گاس هي، تريان جوڀن اَنُ،
    ماهيلي جوڀن مرد هي، مردي جوڀن ڌن. (چوڻي)
    گانيان: ڍڳين لاءِ، ڳئن لاءِ. گاس: گاھ، چارو. تريان: گهوڙين لاءِ. ماهيلي: عورت. جوڀن: جواني، خوشي.
    ۱ - ڍڳيءَ کي گاھ ڍؤَ تي ملندو ته کائي متاري ٿيندي ويندي ۽ انهيءَ ۾ سندس جواني ۽ خوشي آهي.
    ۲ - گهوڙي لاءِ داڻو يا اَنُ جام هوندو ته، کائي مَچي مواڙ ٿي پوندو آهي. اهو انهيءَ لاءِ مستي آڻيندڙ آهي.
    ۳ - عورت، جنهن جو مڙس جيئرو آهي، وريتي هئڻ سبب سندس من جون مڙيئي مرادون پوريون پيون ٿينديون. انهيءَ ۾ سندس خوشي آهي ۽ انهيءَ ۾ سندس جوڀن آهي.
    ۴ - مرد به ڳڻتين واري ڳاري کان اهو بچندو، جنهن وٽ ڌن آهي. ڌن هئڻ جي خوشيءَ ۾، جوان پيو لڳندو.
    مطلب: ۱ - ڳئونءَ لاءِ گاھ، گهوڙيءَ لاءِ داڻو، عورت لاءِ مڙس ۽ مرد لاءِ ناڻو، جواني ۽ خوشي پيدا ڪندڙ آهي.
    ۲ - اٺ کي لاڻو، گهوڙي کي داڻو،
    مرد کي ناڻو، محبوب کي ماڻو. (۱۲) ص ۱۴۱.

    207. گاءِ؛ کٽر مال. (چوڻي)
    ڀاڳين جو چوڻ آهي؛ ”جڏهانڪر مخلوق پيدا ٿي ته ٻيو سڀ مال، ماڻهوءَ سان ٺهي ويو پر ڳائي مال ۾ جهنگلي هئڻ جي بوءِ باقي آهي. ڳائو مال، ويٺو هوندو ته به ڌڻيءَ کي ڊپ رهندو ته ڪنهن به وقت ٽاهه کائي نه اٿي!“
    عام طرح چوندا آھن ته؛ ”ڳائي ٻوٽي ڏنگي آهي، ايترو جو رڌڻ وقت، ڪني مان به نڪري ويندي!“ ڳئون ويڙهي آهي ۽ ڇڙهي هڻندي!
    ساري سنگهار، پنهنجي ماڻهن کان پڇيو؛ ”ڏيو خبر! سڀ خير آهي؟“
    ”هائو!“ ورندي ڏنائونس.
    ”ڏيو خبر!“ ساري سنگهار، جهنگ چرڻ لاءِ، ڳاين جي وڃڻ بابت، پڇين؛ ”ڀلا ڳايون پهريون“.
    ”اڃا ته نه پَهريون آهن.“ کيس ٻڌايائون.
    ”تڏهن خير ڪٿي!“ ساري سنگهار، ڳائي مال جي ڏنگائيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چين؛ ”ڳايون جي ٽاهه کائي اٿيون ته سُڃ ڪنديون!“
    مطلب: ۱ - ڳئون، کٽر مال.
    ۲ - ڳائو مال ويڙهو ۽ کٽر ٿيندو آهي. (۲۲) ص ۳۱.

    208. گائين ڌارجنين گورڙين، رهجي رڻ ري وَٽِ،
    پنج آپڻين، ڏس پارڪين، گورين وڏو گهگٽ.
    (ڪڇ، چوڻي)
    رڻ: ڪڇ جو رڻ، Marshy land. وٽ: ڪڇ ۽ ٿر جي وچ واري جاءِ.
    گائين: ڳايون، ڳئون، ڍڳيون. گورڙين: ڳورڙيون، اڇيون. آپڻين: پنهنجو. ڏس: ڏهه. پارڪين: پرايون. گهگٽ: نظارو، show off
    اڇيون ڳئون/ ڳايون، ڪڇ جي رڻ وارا ڀاڳيا ڌارين. انهن اڇين ڳاين کي کاڌو کپي. جيڪي رڻ ۾ ٿر جي وچ واري حصي ۾، جنهن کي وٽ سڏجي ٿو، جام ٿئي ٿو. وَٽِ ۾ رهڻ سان، خوشحالي آهي. مال لاءِ کاڌو جام آهي. مارو ماڻهن لاءِ به ات وڻ ٽڻ، ڪڻ ۽ مال جو ٿڻ، ڀريل رهي ٿو.
    جيڪڏهن ڪنهن وٽ پنهنجي مال جو ڌڻ ناهي تڏهن به کيس، ٻين جو مال پنهنجي هڪ اڌ گورڙي ڳئون سان ملائي، ڌڻ ٺاهڻ گهرجي. اهو ڌڻ پهرائي، رڻ جي وٽ ۾ وڃي رهڻ گهرجي. ڳئون ڀٽاريون، اتي چري کير مکڻ جھجهو ڏين ۽ سندن گابا ۽ گابيون به اتي ڦٽرڙا رهن. سگها به ٿين ۽ وڏا به جلد ٿين.
    مطلب: ۱ - رڻ جي وٽ، گورڙين ڳئونئن لاءِ مفيد علائقو آهي.
    ۲ - ٽڪ عيسي جي ٽڪ موسي جي، ڌڻ مڙيئي دُندڻ جو.
    ۳ - پنج تنهنجون ڏهه ٻئي جون، پر ڌڻ وڏو نظر اچڻ گهرجي. (۲۲) ص ۳۳.

    209. گڏهه تان گلاب، هاريو ته هھئين ويو. (پھاڪو، بيراجي)
    گڏهه، ڪم کان ٿڪجي ته مٽيءَ تي، خاص ڪري وڏي ڊسڙ ڏسي منجهس ليٽي ته ٿڪ لھيس. جڏهن گاهه کارائي، دايا هٿ ڪڍندس ته ڊڪيو وڃي ڪرفٽي کائي ته پيٽ جو هاضمو درست ٿئيس. اهڙي زناور کي ڪڻڪ جي ماني کائڻ لاءِ ڏيڻ، مانيءَ جو مان گهٽائڻو آهي ۽ مٿئون گلاب ڇٽي، گلاب جي بي قدري ڪرڻي آهي.
    مطلب: ۱ - هر ڪنھن سان سندس طبيعت آهر ورتاءُ ڪجي.

    210. گڏهه ڍؤ جهلي نه سگهي. (پھاڪو)
    غريب ماڻهو، گڏهه ڌارين. ڪُنڀارن جو ته خاص وهٽ، گڏهه آهي. ڇو جو سندن ڌنڌو مِٽيءَ مان ٿانءُ ٺاهڻ جو آهي. جنهنڪري مٽي، ڀانءَ ٿپا ڍوئڻ ۽ نهائينءَ لاءِ ڀاڻ آڻڻ واسطي ڪم اچين. عام ماڻهو سواريءَ لاءِ گڏهه ڪم ڪو نه آڻين. گڏهه تي چڙهڻ کي عيب سمجهن. جڏھن ته ڪنڀار ڄڃ ۾ به سواريءَ لاءِ گڏهه ڪم آڻين. وسڪاري جو ٻنيءَ تي پاڻيءَ جو جنڊو ڀري کڻي وڃن. سياري اونهاري شهرن ۾ مِٽي ۽ سرن کڻڻ جي ڪم اچن. مالڪ سڄو ڏينهن ڪم وٺي شام جو جهنگ ڏي روانا ڪن، جتي گاهه وغيره کائين. صبح جو ڳولي هٿ ڪري ڪم ۾ لڳائيندا آهن. خرچ ٿورو، ڪمائي جھجهي. ڏڪار پوي ته به گڏهه ويچارو پيو هلندو آهي. برسات پيئي، ٿورو گاهه نڪتو ته کائي ڍؤ ڪندو.
    ڪجهه ساهي آيس ته هينگون ڏيندو ۽ ڊوڙون پائيندو. جنھن سببان چيو ويندو آهي؛ ”گڏهه ڍؤ جهلي نه سگهي.“
    مطلب: ۱ - ڍؤ جھلڻ به ھر ڪنھن جي وس جي ڳالھ ناھي.
    ۲ - ڀيٽيو؛ ڍؤ جهلي هڪ ڀاڀڙو، ٻيو مينھن. (۱۲)

    211. گڏهه، گولو، ڍول، ڪاڳر ۽ ڪپاه،
    پنج ئي ڪٽيا ڀلا، جي نه ڪٽيا تو وڻاه. (چوڻي)
    گولو: نوڪر. ڍول: دهل. ڪُٽيا: ڪٽڻ، سٽڻ. وڻاه: نقصان.
    ۱ - گڏه، پيار قرب واري ٻولي نه سمجهندو آهي. رڳو گاه چاربس ته به بار نه کڻندو. ان جي برعڪس باٺن جي بَهيڙ ٻڌبس تڏهن سڌو ٿي وهندو. مثال؛ سوٽي هجي ساڻ، گڏه گوهي نه ڪري.
    ۲ - نوڪر کي به پيار قرب ڏيڻ معنيٰ اَرن مان ڪڍڻ. کيس قرب ڏئي کارڻ جي بجاءِ، اک ۾ رکڻ بهتر آهي. کيس حجائتو/ بي ڊپو ڪبو ته؛ نه ڪم ڪندو ۽ نه احترام. هٿائين چئن چڱن جي سامهون بيھي پٽڪو لاهيندي به دير نه ڪندو.
    ۳ - دهل جو اصل مقصد به وڄڻ آهي. جيستائين کيس سوٽيءَ سان نه ڪٽبو، تيستائين منجهانئس مراد نه مِلندي.
    ۴ - ڪاغذ تي به جيستائين سڄاڻ قلمڪار يا ڪاتب جو قلم نه وهندو، تيستائين بيڪار آهي.
    ۵ - ڪپهه کي به جيستائين اس تي وائکو ڪري، لڪڻ سان سٽي نه تنببو يا مشين ۾ وجھي نه پڃائبو، تيستائين فائدو نه ڏيندي. ڳوڙها ٿي ويندي ۽ نرمي نه هوندس، نه وھاڻي/ سوڙ جي ڪم جي ۽ نه وري سٽ/ ڌاڳي جي ڪم جي رھندي.
    مطلب: ۱ - مٿيون پنج شيون، ڪٽڻ سٽڻ کان سواءِ، بيڪار آھن.
    ۲ - گولو ۽ گڏه، ڪاغذ، مڃ ۽ ڪپاس،
    تن ۾ ڪر تپاس، ته اهي پنجئي ڪٽيا ڀلا.
    ۳ - ڍولان، گولان، گاڏهان، ڪپڙ، مڃ، ڪپاه،
    ڇهني جو گر هيڪ، ڪٽئي بنان نه ٺاه.
    ۴ - گولو ۽ گڏه، ڍول، ڪاغذ ۽ ڪپاس،
    تن ۾ ڪر تپاس، اهي پنج ئي ڪٽيا ڀلا.
    ۵ - مُڃَ، مھيري، ڪپڙو؛ ڪُٽِ ته ڪولھو (نرم) ھوءِ،
    جي رَءُ (ڇڙواڳ) ڇڏيئي جوءِ، ويندئي واڪا ڪندي. (سرو)
    ۶ - ڀيٽيو: ڍول نِه ڀول، ڪٽيا ڀلا. (۱۲) ص ۱۴۴.
    212. گڏھ، لت ھڻڻ کان نه مڙندو. (پھاڪو)
    گڏهه جي عادت آهي ته بيٺي بيٺي پيو اِٽون هڻندو آھي. پوءِ چاھي پويان، ڌڻي ھجيس يا ڪو ٻيو ڇو نه ھجي. ھٿين خالي ھمراھ پويان ھجيس يا لڪڻ ھڻڻ وارو. فطرتًا بيٺو اِٽون ھڻندو.
    ھڪڙا فطرتًا شرارتي يا شادي بد خبر ھوندا آھن. عادتًا ويٺا ٻين جا ٺھيل ڪم بگاڙيندا آھن. حالانڪ ائين ڪرڻ سان کين ڪو فائدو به نه پھچندو آھي. ويتر خواري به ٿيندي اٿن. پر ڪنھن جي سنئين ۾ ناخوش رھندا آھن. (۳۵) ص ۲۲۷
    مطلب؛ ۱ - فطرت، ڪنھن جي به ڪين مٽجي سگھندي آھي.
    ۲ - جبل گردد، جبلت نه گردد. (فارسي)
    ۳ - جبل جاءِ تان ھٽي سگھي ٿو، عادت نه.
    ۴ - ڀيٽيو؛ عادت نه مٽي عادتي، علت مور نه جاءِ، اٺ پوي ڪڻڪ ۾ ڪنٽا چڻ چڻ کاءِ.

    213. گرا گونئرا نه چئجن، پيٽ-وڌيا پٽ نه چئجن. (پھاڪو)
    گَرو؛ ميرو، گَرُ-ورتل، جنھن کي گرڻ جي بيماري لڳل ھجي. گونئرو؛ ڪنواٽ، ننڍو اٺ، سيکڙاٽ، الھڙ. پيٽ-وڌيو؛ پيٽي، گھڻ-کائو، نڪمو، ليلھر، ھڏ-رک، کائڻ جو چھٻر.
    اٺ، ٿر اندر ٻني ٻاري لاءِ ڪم اچي. ھر ڪاھڻ، اونھن کوھن منجھان پاڻيءَ جا ورت ڇڪي ڪڍڻ ۽ ڀٽن مٿان وڏا بار ڍوئي گھر تائين پھچائڻ جا ڪم اٺ ڪري ٿو. جنھن کي گرڻ جي بيماريءَ ورتو آھي، اھو پنھنجي عذابن ۾ ڦاٿل آھي، ڌڻين جي ڪھڙي ڪم ايندو. ان جي حيثيت، سيکڙاٽ يا جڙ ڪنواٽ جھڙي به ناھي.
    پٽ به ان لاءِ ڄڻبو آھي ته پيريءَ منجھ ڪم ايندو. اگر پٽ، بجاءِ مددگار ٿيڻ جي، پيٽي نڪري پوي ته ان کي پٽ نه پر پاڻ مٿان چٽي پيو سمجھبو. (۳۵) ص ۱۹۲
    مطلب؛ ۱- پيٽي پٽ؛ گھر جي سونھن.
    ۲- نڪمو ٻار، ڀلي سڳو پٽ ھجي، ڪنھن کي به ڪين ٿو وڻي.
    ۳- ڀلي ڪاڻو ھجي، پر پٽ کاٽو ھجي.

    214. گُر بِن ملي نه گيان، ڀاڳ بن ملي نه سجن،
    تپ بن ملي نه راڄ، ٻانهن بن هٽي نه دُرجن،
    پرس بن ڪيسي سينگار، مينهن بن ڀري نه سگر.
    (ڍٽ، چوڻي)
    گر: گرو، مرشد. بن: کان سواءِ. گيان: علم، ڄاڻ. ڀاڳ بن: ڀاڳ/ بخت کان سواءِ. تپ: تپسيا ۾ پرارٿنا، عبادت. راڄ: بادشاهي. ٻانهن بن: ٻانهن جي ٻل کان سواءِ. هٽي: هٽڻ، ٽهڻ، ٽهي ڀڄڻ. دُرجن: دشمن. پرس: مڙس. سگر: ساگر، درياھ.
    ۱ - دنيا جا معاملا، بنا سکڻ جي جلد سمجهه ۾ نه ايندا آهن. سکڻ لاءِ آزمودگار استاد/ رهبر وٺڻ ضروري آهي.
    ۲ - سڄڻ به ڀاڳ وارن کي ملندا آهن، جنهن تنهن کي نه ملندا آهي.
    ۳ - راڄ ڀاڳ ۽ حڪومتون/ بادشاهيون، پاڻ پچائڻ ۽ محنت ڪرڻ سان ماڻبيون آهن. سستيءَ ۽ ڪاهليءَ سان، راڄ نه ملندا آهن. نه ئي گهر ويٺي يا ورثي ۾ آيل، نيبهه ئي ٿيندا آهن.
    ۴ - دشمن به وسئون ڪو نه گهٽائيندو آهي. آخري موقعي تائين تاڙ ۾ رهندو آهي. ان کي مِٽائڻ لاءِ، پنهنجي ٻانهن ۾ به ٻل/ شڪتي هئڻ ضروري آهي.
    ۵ - عورت کي مڙس جي جيئري ته سينگار سونهي ٿو. پر مڙس جي مرڻ پڄاڻان ڪيل سينگار، سواءِ خواريءَ جي، ڪجهه به فائدو نه ڏيندو آهي.
    ۶ - درياه ۽ سمنڊ کي ڀرڻ لاءِ به مٿيون/ آسماني پاڻي ضروري آهي. بنا برسات جي، درياه وهي نه هلندا آهن.
    مطلب: مٿي ٻڌايل صورتون، مختلف شين/ ڪارنامن لاءِ لازمي آهن. (۲) ص ۶۵.

    215. گُڙي گُڙي، نيٺ ته وسندو. (پھاڪو)
    موسم جا پُور، پنهنجا ھوندا آهن. ويٺي ويٺي آڙنگ ٿي ويندو. ڪڪر ٺهندا ۽ گوڙون پيا ڏيندا. کنوڻيون کيل به لايو بيٺيون هونديون. مٿئون گذري ويندا، پاڻي جي ڦنڍ نه ڪرندي. (۳۵) ص ۲۰۱
    مطلب؛ ۱- مينهن جي ٺھيل مانڊاڻ مان، ڪڏھن ته ڦڙي به نه وسندي آھي.
    ۲- ڳالهيون ڪرڻ وارا، ڪڏهن پنهنجي ڳالهين تي بيھي نه سگھندا آهن.

    216. گُگِر گِگِر، پنڊا اڙيا. (پھاڪو)
    گُگِراڻ: ڀِٽن جي مٿان ۽ پاسن وارن لاهن جي اڌ کڙن، ڏورڙن ۽ مٿانهن هنڌن جي وارياسي زمين ۾ ٿئي. سندس ڊيگهه اٺ فوٽ کن ٿئي. ٿڙ ۽ ٽاريون، ڏنگيون ڦڏيون هونديون اٿس. ٽارين ۾ اڇي رنگ جا ڪَنڊا ٿيندا آهن، جي اهڙا خطرناڪ ڪو نه ٿين. ٿڙ ۽ ٽاريون، لسيون ۽ رَس سان ڀريل ٿين. چوڌاري ڇوڏي جي بدران بصر جي پردن جهڙا اڇا تَهه ٿيندا آهن. جيڪي لاهبا ته هيٺيان ساوا تهه ڏسڻ ۾ ايندا.
    واهوندا ورندا ته اُن جي ٿڙ ۽ ٽارين مان رس نڪرندي آهي، جا ٻاهر گڏ ٿي ڳنڍا ڳنڍا ٿي پوندي آهي، ان کي “گُگرَ” چون. ننڍا ٻار، ڌنار، ٻڪرار، ڀيل ۽ ڪولهي ماڻهو اهو گگر چونڊي گڏ ڪري وڪڻندا آهن، جنهن مان چڱو اُپراسو ٿيندو آهي. ڪي ماڻهو گگراڻ جي ٿڙ ۽ ٽارين کي ڪهاڙيءَ سان ڌڪ هڻي وَڍ وَڍ ڪري ڇڏيندا آهن ته اتان رس نڪري ايندي آهي جا ڳنڍا ٿي پوندي آهي. پنجن- ستن ڏينهن کان پوءِ وڃي اهي ڳنڍا لاهي آڻيندا آهن. اهڙيءَ طرح سال بسال سوين مڻ گگر ٻاهر موڪليو ويندو آهي.
    گگر دوا طور ۽ سيمينٽ وانگر به ڪم ايندو آهي. پاسرين يا ڇاتيءَ ۾ سُور هجي ته ڪوري اڇي ڪاغذ جون چورس چُٽِڪيون ڪتري، گگر ڳاري، انهن تي ليپ ڪري، سور واري هنڌ چنبڙائي ڇڏين ته ترت فائدو ٿيو پوي.
    کونئر جنھن شيشيءَ ۾ ايندو آھي تنھن کي نه چنبڙندو آھي. جڏھن ته گگر، پيل ٿانءَ کي به چنبڙي پوندو آهي. نتيجي طور، ٿانءُ ئي سوگهو ٿي ويندو آهي.
    مطلب: ۱ - جيڪو پنھنجي مفاد لاءِ، ٻئي کي چنبڙي پوي، تنھن لاءِ ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.

    217. گنگو؛ جھڙو گهر، تھڙو گانين ۾. (پھاڪو)
    گنگوءَ نالي هڪڙو همراهه، ڍڳين جو ڌنار هيو. ننڍپڻ کان ڳانيون/ ڳئون ۽ گابا چاريندو ايندو هيو. جوان ٿيو ته به گانيون پيو چاريندو هيو. غريب هيو، جنھن ڪري شادي نه ڪري سگهيو. ڇڙو ڇانڊ هئڻ سبب، لاابالي طبيعت هيس، جنھنڪري گهر کان ٻاهر، گانين ۾ وڌيڪ مزو ايندو ھيس.
    ٻاهر ڍڳن سان ته ڪا ڪچھري وغيره نه ٿيندي آهي. فقط تڙيون ۽ رڙيون ڪم اينديون آهن. ھيءُ به ساڻن رهڻ سبب، ڳالهائڻ ٻولھائڻ جا ڍنگ ۽ طور طريقا نه سکي سگهيو. جنھن سبب جھڙو ورتاءُ، مال سان جهنگ ۾ هيس، تھڙو گهر ڀاتين سان گهر منجهه هيس. يا ته صفا گگ مُڪ موڳو لڳو ويٺو هجي. اگر ڳالهائي ته هُڏيون ۽ چھڙون ويٺو ڏئي. سندس صحبت مان، نه جهنگ منجهه ڍڳين کي ڪو فيض پھچي ۽ نه وري گهر اندر گهر ڀاتين کي ڪو ساءُ اچي.
    مطلب: ۱ - ماڻهن ۾ اچي ته ماڻهن جھڙو، ڍورن ۾ وڃي ته ڍورن جھڙو. سندس صحبت مان، نه ماڻهن کي آسيس ۽ نه ڍورن کي ڍؤ.
    ۲ - ڀيٽيو: گوريو؛ گاءِ، نڪو ٻڙڌ.

    218. گنگو غريب، ڏياريءَ ري ڏينھن گِس کائي. (پھاڪو)
    گِس؛ رٻ.
    عيد خوشيءَ جو ڏڻ آھي. جنھن تي وھنجي سھنجي، نوان لٽا پاتا ويندا آھن ۽ کاڌو به وس آھر تمام اوچو تيار ڪري کائبو آھي. گھمڻ گھتڻ لاءِ، دل وندرائڻ لاءِ ميلا ملاکڙا وڃي ڏسبا آھن. اھي سموريون خوشيون پئسي سان خريد ڪري سگھجن ٿيون. غربت ۽ سڃائيءَ تي حاصل ڪين ٿيون ٿين. گنگوءَ جھڙو غريب ماڻھو، ان ڏينھن به ساڳي رٻ رڌيو پيو کائيندو آھي. (۳۵) ص ۲۶۷
    مطلب؛ ۱ - خوشي ۽ خريد، وئي ويچارن وسري. (شاھ)
    ۲ - اڄ عيد، سڀان غيد، پرينھن پيالا پشيءَ جا.
    ۳ - خوشي، دائمي ۽ مفت ۾ حاصل ڪين ٿي ٿئي.

    219. گوارٽيءَ-ڌڻي، کير-ڌڻي. (چوڻي)
    گوارٽي: گوار جو چارو، گوار جو گاھ، ڏريل گوار، گوار جي ٻوٽي مان گوار جون ڦريون پٽڻ بعد بچيل ٻوٽي کي گوارٽي سڏبو آھي.
    گوار/گوارٽيءَ جو گاھ، سڻڀو ۽ طاقت بخش آھي. جڏھن مال کائي ته منجھس کير جام ٿئي. مال ۾ کير جو جام ٿيڻ، مالوند ماڻھوءَ لاءِ سکيو ستابو ھئڻ جي نشاني ۽ خوشخبري آھي.
    مطلب: ۱ - جنھن وٽ گوارٽي آهي، ان جي چوپائي مال ۾ کير جام هوندو.
    ۲ - اسباب/ وسيلا هٿ ڪرڻ وارن کي، مالي فائدا پھچن ٿا.

    220. گوار جو فصل، پاڇاٽو ڀلو. (زرعي، چوڻي)
    گوار، مارو ماڻهو رڌي به کائين پر اصل ۾ آهي ٻڪرين ۽ اٺن جو کاڌو. ان سان منجهن کير مکڻ جام ٿئي ۽ پاڻ به طاقت وارا ٿين. گرميءَ منجهه ٿيندڙ هن فصل کي، آڳاٽا پاڻي اٿڻ نه ڏين. پوءِ وارن سوڪھڙن تي ماچ ڪري اٿي ۽ فصل جام لهيس.
    مطلب: ۱ - پوئينءَ برسات مان، گوار جي فصل کي زبردست فائدو پوندو آهي.

    221. گوريو؛ گاءِ، نڪو ٻڙد. (پهاڪو)
    گوريو نالي هڪڙو ٿريو هيو، جيڪو ڳوٺ جي هر معاملي ۾، زالن سان به ٻٽ ته مردن سان به سنمک هوندو هيو. جنهنجي ڪري زالون کيس پنهنجي پاسي ته مرد پنهنجي پاسي سمجهندا هئا.
    هڪ دفعي عورتن ۽ مردن جي وچ ۾ بحث ڇِڙي پيو ۽ شرطون پڄايائون. هر ڌر جو چوڻ هيو ته؛ ”گوريو، اسان جو آهي“.
    بحث نبري ته ڪيئن؟ فيصلو ڇڏيائون گوريي تي. کيس چيائون؛ ”ٻڌاءِ ته ڪنهن سان آهين؟ مردن سان ڪن ماين سان؟!“
    گوريي کي انهيءَ سوال ھڻي منجهائي وڌو. دل ۾ چوڻ لڳو؛ ”عورتن سان شامل هئڻ جي دعويٰ ڪندس ته مرد ڦري ويندا. مردن سان شامل ٿيندس ته عورتون رسي وينديون.“
    وڏيءَ سوچ ويچار کان پوءِ، ٻڙڪ ٻاڦيائين؛ ”گوريو، گاءِ نڪو ٻڙد.“
    مطلب: ۱ - گوريو؛ نه ڳئن ۾، نه ڏاندن ۾.
    ۲ - وچ-ڪٽيو ماڻهو، ڪنهن جو به ناهي.
    ۳ - جيڪو هر ڪنهن سان آهي، سو ڪنهن سان به نه آهي.
    ۴ - ماديءَ-پڇيي ماڻھوءَ مان؛ نه دشمن کي ڀؤ، نه سڄڻ کي آسرو.
    ۵ - ڌوٻيءَ جو ڪتو؛ نه گھر جو، نه گھاٽ جو.
    ۶ - ڀيٽيو؛ گنگو، جھڙو گھر، تھڙو گاين ۾. (۶)

    222. گولاڙو، بول کان پچي. (چوڻي/ پهاڪو)
    گولاڙي جي ول، وسڪاري ۾ سڀني ولين کان سرخرو نظر ايندي آهي. ڪو به ڪنڀٽ، ڪنڊو، ڪرڙ يا ڄار اهڙو نه هوندو، جنهن تي هيءَ ول جلوه افروز نه هجي. منجهس ڳاڙهي رنگ جو هڪ گول ميوو پيدا ٿيندو آهي، جنهن کي گولاڙو سڏبو آهي.
    برسات ۾ گولاڙي جا گدام لڳيو وڃن. پر ماڻهن کي نصيب ورلي ٿين. ان جو سبب اهو آهي جو وسڪاري جي نعمتن جا، نه رڳو ماڻهو سڪايل هوندا آهن، بلڪ ٿر جا پکي پکڻ پڻ سڄو سال آسروند هوندا آهن. اهي پنهنجو دسترخوان انهن گولاڙن تي ڪندا آهن.
    گولاڙا ڪچا ئي کائبا آهن. کائڻ ۾ سوادي ۽ قوت بخش آهن. گولاڙي جي ول جو گاه، کائڻ سان ٻڪري کير وڌائي ٿي ۽ اٺ ٿوهو ڪڍي ٿو.
    ٻيا سڀ ميوا منهن وٽان پچڻ شروع ڪندا آهن، مگر گولاڙو بول کان پچندو آهي. تنهن ڪري بلبليون ۽ ٻيا پرندا، کيس سڄو پچڻ جي مهلت ئي نه ڏين.
    جيئن پچندو ويندو، تيئن کائيندا ويندس، تان جو ولين جي ڏانڊين ۾ نشانيءَ طور وڃي کَلَ-ذرو لڙڪيل نظر ايندو آهي.
    مطلب: ۱ - گولاڙي کائڻ جي، سندس ابتي پچڻ سبب، ٿري فقط حسرت ئي ڪري سگهندا آهن.
    ۲ - گولاڙو، ڳئيان/ پويان پچي.
    ۳ - گولاڙو/ گولو/ ٻانهو، پيٽ سان سوچيندو ۽ ڳالهائيندو آهي.
    ۴ - گولو/ غلام/ نوڪر، دوستن جي ڀيٽ ۾ هلڪڙو/ ٽرڙو ٿيندو آهي. (۹) ص ۷۵.

    223. گونث ري پِٽِ نان، پٿوري ري دعا ڪي ڪرسي. (پهاڪو)
    هڪڙو مينگهوار، غوث بهاؤالحق جي پانڌيئرن سان گڏجي، ملتان روانو ٿيو. سفر جي تڪليفن کان تنگ ٿي اڌ مان ڀڄي آيو. ڳوٺ پهتو ته سخت بيمار ٿي پيو. سندس اها حالت ڏسي هر ڪنهن چيو؛ ”اڌ مان موٽي اچڻ ڪري، غوث جي پِٽ لڳي اٿس.“
    هڪڙو گرڙو مهراج به ڳوٺ ۾ اچي نڪتو. جنهن مينگهواڙ جي بري حالت ڏسي مشورو ڏنو؛ ”هن کي پٿوري تي وٺي وڃو ۽ اتان دعا ڪرائي اچوس ته ٺيڪ ٿي ويندو.“
    ”گونث ري پِٽَ نان. پٿوري ري دعا ڪي ڪرسي.“ اتي ويٺلن مان هڪ چيو؛ ”غوث جي پِٽَ کي پٿوري جي دعا ڇا ڪندي؟“
    مطلب: ۱ - وڏن جي آڏو، ننڍن جي ڪين هلندي.
    ۳ - وڏن آڏو، ننڍن کي ادب سان ھلڻ گهرجي. (۶) ص ۱۲۵.

    224. گونگا چاوا هتا، بيري کڻتي الگهان چڙهي گيا. (چوڻي)
    گونگا: ذات جو نالو. چاوا: پڌرا. هِتا: هُئا. بيري: کوه، واه. کڻتي: کڻندي.
    الگهان: مٿي.
    کوھ کوٽڻ سان، ماڻهو زمين کان هيٺ به لهندو ويندو آهي، جڏهن ته گونگا ذات وارا، کوهن کوٽڻ واري محنت سبب ڪمائي، ترقي ڪري زمين تي ٺهيل جهوپڙين مان نڪري، مٿي چڙهي ويا ۽ جاين جڳهين جا مالڪ ٿي ويا.
    مطلب ۱ - محنت ڪرڻ وارو ترقي ڪري ٿو ۽ هيٺان کان مٿي چڙهي وڃي ٿو.
    ۲ - محنت جو ڦل، ڏاڍو مٺو آهي.
    ۳ - محنت، چور جي به زيان نه ٿي ٿئي. (۱۶)

    225. گونگن جي ٻولي، گونگا ڄاڻن. (بيراجي، پھاڪو)
    گونگو، زبان سان ڳالهائي نه سگهندو آهي. ان جا ٻه سبب آھن؛ زبان جو بند ھئڻ يا ڪنن کان نه ٻڌڻ. جڏهن ڪنھن ماڻهوءَ، ٻين جي واتان ڪو به لفظ اچاريندي، پنھنجي ڪنن سان ٻڌو ئي ناهي، پوءِ اهو پنھنجي زبان سان اھي اکر اچاري به نه سگهندو. جڏھن اکر نه اچاريندي ٻڌائين ۽ نه زبان سان ادا ڪيائين ته پوءِ کيس لفظن جي ادائگي ۽ مفھوم سمجهڻ جو ادراڪ ئي نه هوندو.
    گونگي وٽ، پنجن حواسن مان باقي ٽي حواس بچن ٿا، جن جي ذريعي کيس پنھنجي ڪيفيت ۽ ضرورت، ٻين آڏو بيان ڪرڻي آهي. سندس ٻولي به اهي سمجهندا، جن جا ٻه حواس پڻ بند هجن.
    اهو ائين آهي، جيئن هڪ هٿ-ڦاڙ ماڻهوءَ کي، کپائڻ خرچڻ لاءِ گهڻا ذريعا هجن. اوچتو سندس اڌ ذريعا بند ڪري، پوءِ چئجيس؛ ”هاڻي ساڳيو خرچ ڪري ڏيکار.“ ته اهو ماڻهو منجهي پوندو. تيئن مڪمل حواسن وارو، کٽل حواسن واري سان اظھار وقت، منجهي پوندو. سندس ڳالهه جي مفھوم کي پنھنجي دماغ سان سمجهي ئي نه سگهندو.
    مطلب: ۱ - جيسي، جيسيءَ جي ٻولي سمجهندو.
    ۲ - ٻار، ٻار جي ٻولي سمجهندو.
    ۳ - جاهل جي ٻولي، جاهل ئي سمجهندو.
    ۴ - ڀيٽيو: ڪاٿي راجا ڀوڄ، ڪاٿي گنگو تيلي.

    226. گوھ نا کٽي کڻي، ڀيلان را گهر جُوئي. (پهاڪو)
    گوهه: ڳوھ. ڀيلان را: ڀيلن جا، مينگهواڙن جا. جُوئي: ڳولهي، لهي.
    ڀيلن جون ڪي نکون يا پاڙا جهڙوڪ هاڏيري، شڪاري، جوڳي ۽ سامي وغيره ڳوهون پڪڙي کائيندا آهن. ڀيلن جون سموريون نکون ۽ پاڙا هن وقت ڳوهون جهلي نه ٿا کائين. ٿي سگهي ٿو آڳاٽي دؤر ۾ جهلي کائيندا هجن. ڇو جو جهالت واري دؤر ۾ عربن جا خانه بدوش قبيلا پڻ ڳوهون پڪڙي کائيندا هيا.
    اڪثر اها ڪهاوت، شڪارين لاءِ استعمال ۾ ايندي آهي. جيئن ته شڪاري ڀيلن جو پاڙو آهي، تنهنڪري چوڻي ڀيلن سان منسوب ٿي وئي آهي. هونئن به وٽو هڪڙو کڻندو آهي، واٽ مڙني جي وڃائيندو آهي. تنهنڪري اگر ڳوهون شڪاري پاڙو پڪڙي کائي، تڏھن به بدنام پوري ڀيل قوم ٿيندي. اڃا به وڌي، مڙيئي خانه بدوش قومون بدنام ٿينديون.
    مطلب: ۱ - جڏهن موت ايندو آهي ته بهانو به جڙي پوندو آهي.
    ۲ - ڳوھ کي کٽي کڻي، تڏهن نهاري ڀيلن جا گهر.
    ۳ - ڳوھ کي کٽي کڻي، ڳولي شڪارين/ ڍيدن جا گهر.
    ۴ - گدڙ کي کٽي کڻي، شهر ڏانهن منهن ڪري.
    ۵ - اجل کي، اجمل ڇا ڪندو؟
    ۶- اجل اچي، اجمل پاڳل ٿي پوي.
    ۷ - جڏهن موت ايندو آهي، حڪيم به پاڳل ٿي پوندو آهي. (۶) ص ۷۲.

    227. گيان وڌي گڻوان ڪي سنگت،
    ڌيان وڌي تپ سنگ ڪينو،
    موھ وڌي پروار ڪي سنگت،
    لوڀ وڌي ڌن ۾ چت ڏينو،
    ڪروڌ وڌي نرمونڍ ڪي سنگت،
    ڪام وڌي تريئا سنگ ڪينو،
    ٻڌي، وويڪ، ويچار، وڌي ڌيان،
    سڄڻ سين ست سنگ ڪينو. (چوڻي)
    گيان؛ سمجهه. گڻوان: اوچو اخلاق. ڌيان: خيال. تپ-سنگ: تپسيا ڪندڙ.
    ڪينو: صحبت ۾. موھ: دنيا جي لالچ. پروار ڪي سنگت: ڪٽنب جو چاهه.
    ڪروڌ: شيطان. نرمونڍ: بيوقوف. ڪام: شيطاني خواهش. تريئا: پرائي زال. ٻُڌي: سمجهه. وويڪ: خيال، ضمير. ويچار: آدرش.
    ۱ - سٺن اخلاقن واري سان سنگت يا واسطو رکڻ سان، ماڻھوءَ جي سمجھ ۽ سوچ به پروان چڙھندي آھي.
    ۲ - درويش ۽ اللھ لوڪ، دنيا ڏانھن مور نه تڪيندا آھن. سندن صحبت ۾ رھڻ سان خيال اوچا ٿيندا آھن.
    ۳ - اولاد جي ڇڪ يا محبت سان، ماڻھو دنيا ڏانھن مائل ٿئي ٿو ۽ دل ۾ دنيا جي لالچ وڌيس ٿي.
    ۴ - مال ملڪيت کي اھميت ۽ ڌيان ڏيڻ واري جو منھن، سڄو ڏينھن ميڙيءَ ۾ ھوندو آھي، جنھن سبب ھو لالچي ٿي پوندو آھي.
    ۵ - بيوقوف ماڻھوءَ سان سنگت نه رکجي. ساڻس سنگت رکڻ وارو، سارو ڏينھن شيطان وارا خيال، اندر ۾ پاليندو وتندو آھي.
    ۶ - پرائي زال کي تڪڻ چڱو ڪم ناھي. ائين تڪڻ سان، ماڻھو بي حياءُ ٿي ويندو ۽ سندس شيطاني خواهشن کي تقويت پئي ملندي.
    ۷ - سچي سائينءَ يا خالق ڏي ڌيان ڪرڻ سان، سمجهه ۽ ضمير، آدرش ۽ ڌيان وغيره وڌن ٿا. جنھن سان ماڻھو ءَ جي شخصيت ۾ نکار اچي ٿو.
    مطلب: ۱ - صحبت، سوچ ۽ سنگت ھميشھ سٺي رکجي ۽ واسطا ھميشہ سٺن ماڻھن سان رکجن.

    228. گينگو؛ ٿر جو ڀنگي. (چوڻي)
    گينگو، ڪاري رنگ جو، ٽنڊڻ جهڙو ھڪ جيت ٿئي ٿو. ٽنڊڻ اڏامي نه سگهندو آھي، جڏھن ته گينگو اڏامندو آهي. کيس سنڌ ۾ گونهر پڻ سڏيو ويندو آهي. تيز ۽ بنا بريڪ، اڏامندو آهي. اهڙو زم سان اڏامندو آهي، جهڙي بندوق جي گولي. جنهن کي لڳي ته ٺڪاءُ ٿي وڃيس.
    ڪو به ماڻهو پاخانو ڪري يا جانور لڏ يا بوسو لاهي ته گينگا ازغيبي اچي نازل ٿيندا آهن. گندگيءَ کي مٿو ڏيئي ذرو ذرو ڪري، اهڙيءَ طرح گهليندا آهن، جهڙيءَ طرح ٻه مزور گڏجي ڪا ڪپهه جي ڳٺڙي ٺيلهيندا ويندا آهن. چار-پنج گينگا اچي ڀيڙا ٿيا ته چند منٽن ۾ گندگيءَ جو نشان ئي ڪو نه هوندو.
    مطلب: گينگو، ٿر جي مڪروھ شيءِ آهي. (۹) ص ۱۶۳.


    ڳ

    ڳ

    229. ڳالهه ڪجي سچي، جنھن ۾ نه کڙهو نه مٽي. (چوڻي)
    کڙهو: ڀتر، ڦوڙهه. مٽي: ڌوڙ، ڌڌڙ.
    سٺي اَنَّ اندر ڀتر، مٽي ۽ ڪيري هوندي ته کائڻ جي حساب سان ڪين وڻندو آهي. تيئن ڪنھن سچي ڳالهه جي اندر، ٽوڙ موڙ، وڌاءُ يا ڪنھن ڳالهه جو لِڪُ ڪبو ته اها به ڪين وڻندي آهي. منجهانئس نتيجا اُگرا نڪرندا آهن ۽ انهيءَ ڪري کانئس پاسو ڪيو ويندو آهي.
    سچي ڳالهه، تکي ضرور هوندي آهي. وقتي وڍيندڙ ۽ چيريندڙ هوندي آهي پر اڳتي هلي منجهانئس فائدا گهڻا رسندا آھن. ان جي جاءِ تي، ملاوٽ واري ڳالهه وقتي خوش-ڪُن نظر ايندي آهي پر اڳتي هلي، اها ئي تباهيءَ جو سبب بڻجندي آهي.
    مطلب: ۱ - ڳالهه چئجي چٽي؛ جنھن ۾ نه ڪو کڙو، نه ڪي مٽي. (ساهتي)
    ۲ - سچي ڳالهه چوندڙ جي منھن ۾ ڌوڙ نه ٿي پوي.
    ۳ - ڳالهه ڪجي چٽي، جنهن ۾ کڙو نڪو مٽي. (۳۵) ص ۲۶۵
    ۴ - سچي ۽ تکي ڳالهه ڪندڙ، دليل يا ڀراءَ طور، پنھنجي لاءِ ائين چوندو آهي.

    230. ڳجھ جي نظر، سؤ ڪوھ تائين. (پھاڪو)
    ٿر، قحط ساليءَ يا ڏڪارن سبب، ڳجھ پکيءَ جو وطن رھندو آيو آھي. ڪارونجھر جي جبل ۾ رهي، ٻچا ڪندي آهي.
    پيڻ پکي کان پوءِ، وڏو پکي ڳجھ آهي. گوشت خور آهي پر شڪاري ناهي. مئل جانور جو گوشت کائيندو آهي. اوچن وڻن جي چوٽين يا جبلن ۾ اتانهين جاين تي آکيرو ٺاهي رهندو آهي. آسمان ۾ پڻ وڏي اتانهين تي اڏامندو آهي. نظر تيز اٿس، جيڪا پري پري تائين پهچندي آھي. مئل جانور جي ڍونڍ تي، پهرئين ڏينهن پهچندي آھي. گھڻي ڌپ ۽ ڍونڍ ڦھلجڻ کان اڳ، ان جو آخري ذرو به کائي چٽ ڪندي آھي. (۳۵) ص ۲۳۲
    مطلب؛ ۱- آسمان ۾ ڀلي ڳجھ ڏسڻ ۾ نه اچي، مئل جانور جي ڍونڍ تي يڪدم اچي ڪڙڪندي.

    231. ڳڙ کائي، ڳوٿري ڦٽي ڪريئه. (پھاڪو)
    ڳڙ، کائڻ جي، مٺي وٿ آهي. مٺي شيءِ تي ڪوليون ماڪوڙا به عاشق هوندا آهن. تنھنڪري کيس ڪنھن محفوظ ڳوٿريءَ ۾ سانڍي رکبو آهي ته جيئن ڪولين ۽ ماڪوڙن جي ڌڻ پوڻ کان، حفاظت هيٺ رهي. ڪوليون ماڪوڙا، هڪ پاسي ڏانھن ٽُڪيندا کائيندا ويندس ته وري ٻئي پاسي کان منجهس ڦولهڙيون لاهيندا، آڪو ڪندا ويندا. کائڻ، کائڻ جي ماڳ، ڏسڻ ۾ به مزو نه ڏيندو.
    جڏهن ڳوٿريءَ ۾ بند ڪبو آهي ته ان کي به چوڌاري ڪوليون ماڪوڙا چنبڙندا آهن ۽ ٻاهران ڳوٿريءَ کي ڪنو ڪري ويندا آهن. جڏهن اندران، حسب ضرورت ڳڙ ڪڍي کائي وڃبو آهي ته پوءِ، انهيءَ وڃايل ڳوٿريءَ کي ٻيهر ڪم آڻڻ لاءِ ڌوئڻ تي ڪنھن جي به دل نه ورندي آهي. ڇو جو منجهانئس، مٺاڻ جي ڏوس وارو چيڙهه، سٿرو نه نڪرندو آهي. ان ڪري مٿس محنت ڪرڻ اجائي هوندي آهي. جنھن سببان، استعمال شده ڳوٿري کڻي اڇلائبي آهي.
    مطلب: ۱ - رس نڪرڻ کانپوءِ ميوي جا ڇلڪا اڇلبا آهن.
    ۲ - مقصد پورو ٿيڻ کانپوءِ، وسيلن مان هٿ ڪڍبو آهي.
    ۳ - سيرو کاڌو، پاتل ڦاٽي.
    ۴ - ڀيٽيو: ڪم سريو، ڪاڳر وريو.

    232. ڳل ۽ لپاٽ ۾، فاصلو ناھي. (پھاڪو)
    لپاٽ هڻندڙ ماڻهو جي هٿ ۽ لپاٽ کائيندڙ ماڻھوءَ جي ڳل جي وچ ۾، صرف هڻڻ جي وقت جو فاصلو هوندو آهي. اکيون کولي، اڳ پٺ جاچي، نتيجي جي خبر وٺي، پوءِ ڪو قدم کڻجي. ٻي حالت ۾ ٿوري غلطي به، نقصاندھ بڻجي سگهي ٿي. ٿوري لاپرواهي يا اٻھر، تڪڙ يا اجائي لالچ، نقصانڪار ٿي سگهن ٿيون. (۳۵) ص ۲۳۰
    مطلب؛ ۱- ڪنھن به ڪم مان، محنت جي ڪرڻ يا نه ڪرڻ سبب، فائدي ۽ نقصان جي وچ ۾، ڪو فاصلو ناهي رھندو.
    ۲- ڪاميابي ۽ ناڪامي، عزت ۽ ذلت، نفعي ۽ نقصان وچ ۾ ڪو به فاصلو ناهي.


    گھ

    گھ

    233. گهانچي، موچي، گائينچو، ڀڻيو ڀوپٽ ٿاءِ،
    ڀوتاپڻو پلٽي پڻ ذاتي سباءِ نه جاءِ. (چوڻي)
    گهانچي: تيلي، چاڪي. موچي: جوتن کي چتيون ھڻندڙ، جوتا ٺاھيندڙ. گائينچو: حجام، جيڪي وار ٺاھين، ختنو ڪن ۽ شادين مرادين ۾ ڀت رڌين. اھي سڀ ذاتين جا نالا آھن، جيڪي مٿن سندن ڪسب سبب پيا آھن. ڀڻيو: پڙهي. ڀوپٽ: ڀوپن جو ڳواڻ، عامل. ڀوتاپڻو: پلو يا ڪنارو.
    سباءُ: سڀاءُ، ريت، عادت، فطرت. جاءِ: جائي، ھليو وڃي، وڃڻ.
    گهانچي، موچي، گائينچو ۽ ڀوپو، ڀلي ڪيڏو به پڙهن پر منجهانئن اصليت واري رڳ نه ويندي. ڦِريو ڦِريو ساڳيا ڪڌا ڪم پيا ڪندا. ڇو جو منجهن پيل اڍنگيون عادتون، عضون وانگر پڪيون ٿي، سندن روح ۾ رچي بسي وينديون آهن.
    مطلب: ۱ - عادت عضوو آهي.
    ۲ - عادت مٽي نه عادتي، علت مور نه جاءِ،
    اٺ پوي ڪڻڪ ۾، جواسا چُڻ چُڻ کاءِ.
    ۳ - گهانچي، موچي، گائينچا، ڀڻيا، ڀوپت ٿائي،
    پوٽا وار، پلٽي جاتي، گڻ نه جائي. (۱۶)

    234. گھٽيءَ، گھرن جي سونھن آھي. (چوڻي)
    گهٽيءَ؛ گهرن جي وچ واري واٽ يا چارو.
    واٽ، رستو، گھٽي، پيچرو يا پير-چارو، رب جو آھي. ڪير به ان جو وارث ناھي. عام خاص جي لنگھ لاءِ آھي. سمورا ماڻهو گذري سگھن ٿا. پيادا ماڻهو، بيل گاڏيون، گڏهه گاڏا، هٿ گاڏا، ريڙها، جيپ، ٽرڪ، ڇڪڙو وغيره بوقت ضرورت مٿس ھلي سگھي ٿو. اھو ڪڏھن به بند ڪبو ناھي. نه وري قبضو ڪري سوڙھو ڪبو آھي. مٿس مالڪيءَ جو حق ڪنھن کي ناھي پر سنڀال ۽ صفائيءَ جي ذميواري مڙني استعمال ڪندڙن تي عائد ٿئي ٿي.
    ان لاءِ گهٽيءَ جو ويڪرو هئڻ ضروري هوندو آهي. اخلاقي طرح گهٽيءَ جي ماپ اندر ڪا اڏاوت ڪري سوڙهو ڪرڻ جي اجازت نه هوندي آهي. ساڳئي طرح گهٽيءَ کي صاف رکڻ جي ذميواري به سڀني ماڻهن جي گڏيل هوندي آهي.
    اگر صاف نه هوندي يا سوڙهي هوندي ته اچ وڃ جي تڪليف وڌندي. ان کان علاوھ مسافر مڙا، ڳوٺ وارن جي لاپرواهيءَ تي پيا کلندا ۽ عيب ڪڍندا. (۳۵) ص ۲۱۹
    مطلب؛ ۱- گهٽيءَ جو ڪشادو ۽ صاف هجڻ، عقلمنديءَ ۽ ڳوٺاڻن جي ٻڌيءَ جي نشاني آهي.

    235. گهر آهي، زال سان. (چوڻي)
    ھر جاءِ جو پنھنجو ماحول ھوندو آھي. اسڪول جي شڪل شبيھ، ڪورٽ جي شڪل شبيھ کان مختلف ھوندي آھي. آفيس جي شڪل شبيھ ۽ ماحول، اسٽيشن جي شڪل ۽ ماحول کان ٻيءَ طرح جا ھوندا آھن. اھڙيءَ طرح اوطاق جي شڪل شبيھ ۽ ماحول، گھر جي ماحول ۽ شڪل کان مَٽَ ھوندو آھي. اوطاق اندر مرد ئي مرد ھوندا آھن. منجھس ڌاريا به اچي سگھن ٿا. اوڀاريون لھواريون ڳالھيون به ڪري سگھجن ٿيون. جڏھن ته پنھنجي ئي اوطاق ۾، پنھنجي گھر جون عورتون به، ڪير آڻڻ پسند نه ڪندو آھي.
    ان جي بر عڪس، گھر جو وري ماحول اڃا مختلف آھي. ان ۾ مرد ۽ عورتون گڏ گڏ ته رھن ٿا پر پنھنجي ئي گھر جا. ٻين کي، اچي منجھس دخل ڏيڻ جي اجازت نه ھوندي آھي. اگر ٻاھريان ماڻھو، پوءِ ڀلي نوڪر يا نوڪراڻيءَ جي صورت ۾ ئي اچن، گھر جي ماحول ۾ سواءِ بگاڙ جي ٻيو ڪجھ نه ڪري سگھندا. پنھنجي گھر جي سنڀال، پنھنجي زال ئي بھتر نموني ڪري سگھندي، ٻي ڪا به نه. پنھنجي گھر جو مرد به نه. تنھن ڪري، زال کي گھرجي ته پنھنجي گهر کي سنڀالي. ٻي صورت ۾ گھر اجاڙ ٿي ويندو. ائين به آھي ته جنھن جاءِ ۾ زال ناهي، تنھن کي گهر نه ٿو چئي سگهجي.
    مطلب: ۱ - زال کان سواءِ گهر، مساڻ جي مثال آهي. (ٿر)
    ۲ - زال مئي، ڄڻ گهر ڀڄي پيو. (ٿر)
    ۳ - زال جو ٻيو نالو؛ گهر آهي. (هندي)

    236. گهر به گهر، ٻاهر به گهر. (بيراجي، چوڻي)
    جيڪو ماڻهو، پنھنجي گهر يا ڳوٺ ۾ ترسيل آهي، سو پنھنجي گهر ۾ موجود اَنُّ وغيره واپرائي ٿو. پئسو پنجڙ، جيڪو گهر ۾ رکيل اٿس، سو جان تي خرچ ڪري ۽ کپائي ٿو.
    اگر ٻاهر ويندو ته به گهر ۾ رکيل پئسو پائي کڻي، پوءِ ويندو ته اتي وقت چڱو گذرندس. مسافر ٿي ڪري، ٻين جي درن ۽ اوتارن تي وڃي ٽُٽندو ته ضروري ناهي ته اهي سندس لاءِ جوڳو بندوبست ڪن. اتي به کيس، ڳنڍ ۾ ٻڌل ناڻو ئي ڪم ايندو.
    مطلب: ۱ - گهر ۾ به گهر کائڻو، ٻاهر به گهر کائڻو.
    ۲ - ٻاهر ڪا رڌي پڪي ڪا نه پئي آهي.

    237. گهر جو ٻانڀڻ، بئل برابر. (پھاڪو)
    بئل: ڍڳو.
    گهر جي اندر موجود شيءِ، ويجهي ۽ آسانيءَ سان دستياب هئڻ سبب، پنھنجو قدر ۽ قيمت وڃائي ڇڏيندي آهي. قدر ۽ قيمت، ان شيءِ جا وڌيڪ ٿيندا آهين، جيڪا پھچ کان دور ۽ تڪليف سان حاصل ٿيندي آهي.
    ٻانڀڻ يا بزرگ، ڀلي ٻين جي لاءِ وڏا پھتل ۽ اعلى درجي وارا ڇو نه هجن پر گهر جي ڀاتين لاءِ، سواءِ گهر جي هڪ نڪمي ڀاتيءَ جي ٻيو ڪي به ڪو نه هوندا آهن. ان ڪري سندن قدر ۽ قيمت، گهر جي ڀاتين جي نظر ۾ ڪري پوندي آهي.
    مطلب: ۱ - گهر ڪي مرغي، دال برابر.
    ۲ - ويجهي؛ ڪوجهي.
    ۳ - پنھنجي؛ سھنجي.
    ۴ - دور ڪا ڍول، سهانا بجتا هي.
    ۵ - ڀيٽيو: گهر ڪا جوڳي، جوڳيئڙا، آن گانو ڪا سڌ.

    238. گهر ڌِيڻو، ٻُنڀ ٻاجهري، گاھ ڪاٺي، گهر گنج،
    ڀائر پُٽ چئي ۾، اهي پنج ئي سهنج. (چوڻي)
    ڌيڻو: کير مکڻ. ٻنڀ: ٻنڀو، در. سهنج: سک.
    ۱ - گهر ۾، لسيءَ ۽ مکڻ لاءِ ولوڙو هجڻ، سک جي نشاني آهي.
    ۲ - ٻني تي ٻار يا در وٽ کيتي به، وڏي سهوليت آهي. در واري زمين کيڙڻ، پوکڻ، سنڀالڻ، ڳاهڻ وائرڻ تمام سَهنجي آهي.
    ۳ - مال لاءِ گاھ ۽ رڌ پچاءَ لاءِ گھر اندر ٻارڻ طور ڪاٺيون جام هئڻ به، سهوليت جون نشانيون آهن.
    ۴ - گهر ۾ گنج/ ڏوڪڙ پئسو، هر وقت موجود هجڻ سان به، گهڻي آساني ٿئي ٿي.
    ۵ - ڀائر ۽ پٽ، فرمانبردار هجن ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪا عزت جهڙي ڳالهه ڪانهي. انهيءَ سان برڪت به گهڻي پوندي آهي.
    مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل پنج ئي سهوليتون، وڏا سک ڏيندڙ آهي.
    ۲ - اول ندي آب جي، گاھ ڪاٺي، گهر گنج،
    وٽ کيتي، گهر ولوڙو، اهي پنج ئي سهنج.
    ۳ - گهر ندي، ٻنڀي گاھ، ڪاٺي ڦانگھو گنج،
    سوئا مينهن در تي، سندر ناريءَ ٻيٽو هنج، اهي پنج ئي سهنج.
    ۴ - در اڳيئون کيتي، ٻنڀي اندر کوھ،
    تري تازي هيٺئون، جا ريجهائي روح،
    گاه ڪاٺيون گهر گنج، اهي پنج ئي سهنج.
    ۵ - گهر نديءَ ڪناري، ڪاٺيون سوڙهيءَ منجهه،
    نار سلکڻي گهر ۾، ٻيٽا هجنس هنج،
    تازي هجي تُري، مٿس سونا سنج، اهي پنج ئي سهنج.
    ۶ - گهر ندي ڪناري، ڪاٺي پاڻي گنج،
    چٽيهه لکڻي ڪامڻي، ٻيٽو سونهينس هنج،
    ڀلو گهوڙو چڙهيءَ هيٺ، اهي پنج ئي سهنج.
    ۷ - ڀيٽيو؛ گهر ندي ڪناري وٽ، هجي کير جو گنج،
    ڀلو گهوڙو چڙهڻ لاءِ، مٿس سونا سنج،
    زال هجي سلڇڻي، ٻيٽو جنهن جي هنج،
    هيئين سان هنڊائي ڇڏ؛ اهي پنج ئي سهنج. (۴) ص ۲۵۷.

    239. گهر را گهيرٽي چٽين، گرو ٿو آٽو کائي. (پهاڪو)
    آڳاٽي دور ۾، هڪڙو شهري ٿريو، ٻائو ٿيو. اوس پاس جي ڳوٺن کي ڀيلي ڀينگ ڪري ڇڏيائين. ڏيهاڙي، گيهه، دال، اٽي، کنڊ ۽ چانورن لاءِ ٿانءُ کنيو بيٺو هوندو هيو. تر جا ماڻهو کانئس تنگ ٿي پيا.
    هڪ ڏينهن گهٽيءَ سان صدائون هڻندو پئي آيو؛ ”آٽي را ٿال، ڀڳوان را مال.“ اها سدا هڪڙيءَ گهر-ڌياڻيءَ به ٻڌي. تنهن کيس ھٿين-خالي موٽائڻ لاءِ، سٽ سٽي رکي. ٻائي جيئن ئي سندس در تي سئن هنئي ته گهر جا ننڍڙا ٻارڙا ڊوڙندا ماءُ وٽ آيا.
    ”امان! گرو جي آيا اَهين، اوئان نان آٽو ڏيو!“ ٻار ماءُ کي چوڻ لڳا؛ ”امان! گرو صاحب آيو آهي، کيس اٽو ڏيو.“
    ”گھر را گھيرٽي چٽين، گرو ٿو آٽو کائي.“ مائيءَ ڏاڍيان ۽ وڏي آواز چيو، جيئن گرو ٻڌي ۽ شڪي ٿئي؛ ”گهر وارا ٿا چڪي چٽين، گرو ٿو اٽو کائي.“
    اھي لفظ پاڙي وارين به ٻڌا ته ڏاڍو کليون. ٻائو اھو لقاءُ ڏسي، شرمساريءَ تتان، اھا گھٽي ئي مَٽي ويو.
    مطلب: ۱ - غريب ماڻهوءَ مان، خيرات جي اميد نه رکجي.
    ۲ - جو پنندڙن کان پني، سو گونھ ڪتن جو ڳنهي. (۶) ص ۷۴.

    240. گهر سونهين انسان سان، ميخانو سونهين پيمان سان،
    مندر سونهين ديوان سان، صحن سونهين ايوان سان. (چوڻي)
    گهر، جاءِ، جڳهه، اوطاق، اسڪول وغيره ۾ اگر ماڻهو رهندا ته صفائي سٿرائي پئي ٿيندس. هر وقت دروازا پيا کلندا ۽ ٻيڪڙبا ته کين زنگ يا اڏوهي نه لڳندي. ڇنڊ ڦوڪ سان، تانيئڙن جا ڄارا ۽ مٽيءَ جا ڍير نه ٿيندا. ٽپڙ ٽاڙيءَ جي سور پور، هنڌ بستري جو استعمال، گهر اندر هڪ قسم جي حياتي آڻيندا آهن. رھائشي ٿاڪ ٺهندا به، ماڻهن جي رهڻ سان آهن، ٻي صورت ۾ ويران ٿي ويندا يا منجهن سڃ پئي نظر ايندي.
    ميخانو: جنھن اندر متوالا شراب جون سرڪيون پيئن ٿا. صراحين منجهان ڇلڪو ڏئي اوتيل مئي جو به هڪڙو حساب ۽ پيمانو هوندو آهي، جنھن تحت اها پيئبي آهي. ساقيءَ ۽ پيماني کانسواءِ، ميخانو ڄڻ ته هڪ دائرو آهي، جنھن اندر جنھن مواليءَ کي جيئن وڻي تيئن ڪري.
    مندر به ان جي سنڀاليندڙ، ديوان سان سونهين ٿو.
    گهر يا جاءِ جو اڱڻ/ اڳنڌ به ميدان سان سونهين ٿو. اگر اڱڻ جو ميدان ننڍو هوندو ته نه منجهس سياري ۾ اس هوندي ۽ نه اونهاري ۾ نِوائي. نه سياري جي ڏينھن ۾ تڙڪي جو مزو ماڻي سگهبو ۽ نه وري اونهاري جي ڏينھن ۾ کليل هوا وارو سرور حاصل ڪري سگهبو.
    مطلب: ۱ - چار شيون، چئن شين کان سواءِ، ٻُسيون ۽ بي چسيون آهن.

    241. گهر ڪا جوڳي جوڳيڙا، آن گانو ڪا سِڌ.
    (راجسٿان، پهاڪو)
    جوڳي: جوڳ پچائندڙ، بزرگ. جوڳيڙا: پنيڙيات فقير. گانو: ڳوٺ. آن: ۽
    سِڌ: سپورنج، سمجھدار.
    جوڳي، جيڪي گهر کي تياڳي، بنواس وٺن ٿا ۽ جھنگن ۾ وڃي جوڳ پچائين ٿا. پنهنجي انهيءَ تارڪ الدنيا واري صفت سبب، ماڻهن جي دلين تي اثر انداز ٿين ٿا. ڇو جو جيڪو ماڻهو دنيا کي تياڳ ڏئي ٿو، دنيا ان جي پٺيان هلي اچي ٿي ۽ جيڪو دنيا کي ٻک وجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، دنيا تنهن کان ڏور هلي وڃي ٿي.
    جوڳي به تيستائين عوام جي دل ۾ عزت وارو آهي، جيستائين کانئن ڏور آهي. جڏهن اهو گهر جو فرد آهي ته ان جي حيثيت پينڙيات جوڳيءَ کان به پري آهي. گهر جا ڀاتي به، کيس ٽوٽي ۽ نڪمو سمجهندي، عزت ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن.
    اهڙيءَ طرح ڳوٺ جو سپورنج يا سمجهدار ماڻهو آهي. ٻاهر جا ماڻھو کيس ڄاڻو ۽ داناءُ سمجهي، پيا کانئس صلاحون وٺندا، جڏهن ته ڳوٺ وارا کيس واندو، نکمڻو ۽ بيوقوف سمجهي پيا ٿڏيندا.
    مطلب: ۱ - گهر يا ڳوٺ ۾، ماڻهوءَ جي اها عزت نه ٿي رهي.
    ۲ - گهر جو پير، چلهه جو مارنگ
    ۳ - گهر ڪي مرغي، دال برابر. (۱)

    242. گهر گهانچيان رو ٻڙيو،
    تو ئي سيڪ رونڏران نان پرهو آئي. (پهاڪو)
    گهانچيان: گهانچين، چاڪين، تيلين. رو: جو. ٻڙيو: سڙيو. سيڪ: تؤ، لھس. رونڏران: ڪوئن کي. نان: کي. پُرهو: پرتي، پرانهون. آئي: اچي.
    جيڪڏهن چاڪين يا اھي گهر جن منجھ تيل جھڙو ٻارڻ رکيل آھي، تن کي اگر باھ لڳي ته انھن جا ٽپڙ ٽاڙي ۽ منجهس رهندڙ جيت جڻيا ته سڙندا پر پاڙيوارن کي به باھ جو سيڪ ضرور ايندو. جيڪڏهن لڳل باھ کي اتي وسائي، روڪيو نه ويو ته پاڙي جا ٻيا گهر به سڙي رک ٿي سگهن ٿا. نتيجي ۾ هڪڙي فرد کي پهتل نقصان جا اثرات، ٻين تي به مرتب ٿي سگهن ٿا.
    اهڙيءَ طرح ٻوڏ، ڌاڙي، زنا، جوئا، شراب ۽ ٻين براين جا به اثرات پاڙيوارن ڇا پوري ملڪ ۽ قوم تائين پکڙجي سگهن ٿا. مڙني براين کي بر-وقت يا منڍئون دٻائي ڇڏجي ته بهتر آهي.
    مطلب: ۱ - برائيءَ کي اُسرڻ نه ڏجي.
    ۲ - ٻئي جي نقصان تي خوش نه ٿجي. هٿائين ساڻس مدد ڪجي. ور نه ته انهيءَ نقصان جا اثرات، پاڻ تائين به پهچي سگهن ٿا. (۶) ص ۱۲۶.

    243. گھر گھر ٿيندي گھرٽيءَ، گھر گھر ٿيندو ماڻ،
    اھي ڦٽيءَ جا اُھڃاڻ. (چوڻي)
    گهرٽيءَ؛ جنڊ. ماڻ؛ ماپو.
    اٽي پيھڻ جون چڪيون، بجليءَ تي ھلڻ سبب، ٿر اندر ھر وستيءَ ۾ ھڻڻ اوکيون آھن. ھر ماڻھو به جنڊ نه ٿو رکي سگھي. پيهڻ لاءِ، پاڙي ۾ ڪو هڪ اڌ جنڊ ھجي ته ھجي، ور نه ڳوٺ واري جنڊ تي سموريون عورتون، انتظار سان ۽ ھڪ ٻئي جي مدد سان پيون اٽو پيھنديون آھن. جنھن سببان، ھڪٻئي سان ربط، واسطو ۽ محبت قائم رھندي آھي.
    نه وري تور تڪ لاءِ، ھر گھر ۾ وٽ ساھميون ھونديون آھن. ان مئڻ يا ورھائڻ لاءِ به ماڻ ماپا ھوندا آھن، جيڪي ڳوٺ يا تر ۾ ڪنھن ھڪ اڌ سکيي ستابي وٽ ھوندا آھن. ھر ڪو کانئس اڌارا وٺي، بٽئيءَ بعد واپس ڪندو آھي. ان ربط سبب، ماڻھن منجھ مٺ محبت قائم رھي ٿي.
    ھن اڳڪٿيءَ منجھ ھڪ نياپو ڏنو ويو آھي. ٿر سکييو ستابو ٿيندو. ھر ڪنھن وٽ، عام استعمال جي شيءِ به پنھنجي ھوندي. ڪير ڪنھن جي ڪاڻ نه ڪڍندو. جنھن ڪري مٺ محبت ۽ ربط ختم ٿي ويندا. (۳۵) ص ۲۳۲
    مطلب؛ ۱- اسباب جو ھجڻ، محبت جي زنجير کي ٽوڙي ڇڏيندو آهي.
    ۲- سھوليتن جي اچڻ سان، سڀ ڪو پنھنجو ڏيڍ چانور، ديڳڙيءَ ۾ ڏور پيو چاڙهيندو آھي.

    244. گهر ندي ڪناري وٽ، هجي کير جو گنج،
    ڀلو گهوڙو چڙهڻ لاءِ، مٿس سونا سنج،
    زال هجي سلڇڻي، ٻيٽو جنهن جي هنج،
    هيئين سان هنڊائي ڇڏ؛ اهي پنج ئي سهنج. (چوڻي)
    ۱ - گهر، نديءَ جي ڪناري هوندو ته ماڻهوءَ لاءِ گهڻا سک ٿي پوندا. آڳاٽي دور ۾ ڳوٺ ٻڌبا ئي درياهن جي ڪناري سان هيا. آمدرفت جا رستا پڻ درياه سان ھوندا هيا. زمينون درياھ جي پاڻيءَ تي زرخيز ٿينديون هيون. پاڻي زندگيءَ جي هر ضرورت پڻ آهي.
    ۲ - کير لاءِ، مال متاع جام هجڻ سان، گهڻا سک آهن. کير ڳنڌڻ طور ته ڪتب اچي پر بذات خود به مڪمل طور کاڌو (Complete Food) آهي.
    ۳ - آڳاٽي دور ۾، تکي سواري، گهوڙي جي هئي. اڄ به جتي رستو ناھي، اتي گھوڙي جھڙي تکي ۽ يقيني سواري آھي ئي ڪا نه. لينڊ ڪروزر گاڏين جو پيٽرول کٽي سگھي ٿو، موبل ھارجي سگھي ٿو، ٽائر پنڪچر ٿي سگھي ٿو. گھوڙي کي بک يا اڃ لڳي ته کاڌو ۽ پاڻي جھر جھنگ ۾ مليو وڃي. تنھنڪري اتي، گهوڙي جو هئڻ وڏي نعمت هئي. ان سان گڏ، جيڪڏهن مٿس سونا سنج وجهڻ جيتري دولت به هجي ته پوءِ سک ئي سک آهن. ڇو جو انهن ۾ وڏو دٻدٻو ۽ رعب تاب هيو.
    ۴ - گهر ۾ سلڇڻي/ سگهڙ زال هجي ته ان کان وڌيڪ ٻيو سک ئي ناهي.
    ۵ - جنهن ماڻهوءَ وٽ اولاد آهي ۽ اولاد لاءِ سڪايل ناهي، سو به سک سان آهي. ڇو جو مال متاع ۽ اولاد وغيره، دنيا جي ورونهن آهن. مثال؛ پٽ جهڙو مٺو ميوو دنيا ۾ ناهي.
    مطلب: ۱ - ماڻهوءَ لاءِ، مٿي ٻڌايل شيون، دنيا جي سک طور ڪتب اچن ٿيون.
    ۲ - گهر نديءَ ڪناري، ڪاٺي ڦانگهو گنج،
    نار سلڇڻي گهر ۾، پٽ هجيس هنج،
    تري ھجي تازي، سونا مٿس سنج،
    اهي پنج ئي ڄاڻج سهنج.
    ۳ - سوئا مينهن در تي، گاھ ڪاٺيءَ جا گنج،
    زال هجي سلڇڻي، پٽ هجيس هنج،
    ڀلو گھوڙو در تي، تنھن تي سونا سنج،
    پنج ئي ڀائر ڀيڙا ٿيا، اهي ٿيا سڀئي سهنج.
    ۴ - ڀيٽيو؛ گهر ڌيڻو، ٻانڀ ٻاجهري، گاھ ڪاٺي، گهر گنج،
    ڀائر ۽ پٽ چئي ۾، اهي سڀئي سهنج. (۱۲) ص ۱۴۶.

    245. گهر نينگر ٻوجهه گهڻو، ڪچي ڦلي ڏوئو واءُ،
    ڀائيان وڇوڙو ماهيلي، مينهان اگتيو واءُ، چار ئي تباه. (چوڻي)
    نينگر: ڇوڪر، ڄاٽو. ٻوجهه: بوجهه، وزن. ڏوئو: ٻه واءُ، ڪڏهن اتر ته ڪڏهن ڏکڻ. ڀائيان: ڀائرن منجهه. وڇوڙو: اڻبڻت، ڌار ٿيڻ. ماهيلي: زالون. مينهان: مينهن لاءِ. اگتيو واءُ: اڀرندي طرف جو واءُ.
    ۱ - گهر-ڄاٽي تي گهڻو وزن رکبو ته ڀڄي وڃڻ ۾ ويرم ئي نه لائيندو. سندس ڀڄي وڃڻ ۾ ته سندس عافيت آهي پر نياڻيءَ وارو تباه ٿي ويندو.
    ۲ - بهار جي موسم ۾، پندرهين فيبروريءَ کان پندرھين مارچ تائين، وڻن ۽ ٻوٽن ۾ گل ڦل لڳندا آهن. ان وقت واءَ ٻه-طرفا لڳندا آهن. صبح جو اتر ته شام جو ڏکڻ پيو گهلندو. اهي واءَ، ڪچين ڦلين ۽ گلن لاءِ خراب ۽ هاڃيڪار هوندا آهن.
    ۳ - ڀائر به تيستائين ڀائر ۽ دوست آهن، جيستائين پرڻيا ناهن. پرڻي پڄاڻان، هر ڪنهن کي ٻچڙ-والي وٺي ويندي آهي ۽ ڀانت ڀانت جا مسئلا آڏو ايندا آهن. جنهن سببان، ڀائرن ڏانهن ڌيان هٽي، ٻارن ٻچن ۽ گهر گرهستيءَ ڏانهن ٿي ويندو اٿن. پاڻ ۾ ورهئين ڪرهئين ۽ مشڪل سان پيا ملندا آهن. الزام وري به عورتن تي هوندو آهي ته؛ انهن آئي، وڇوڙا ٿيا.
    ۴ - جنهن مينهن سان گڏ، اڀرندي طرف جو واءُ هوندو آهي. اهو جلد اوڪاڻجي ويندو آهي.
    مطلب: ۱ - گهر-ناٺيءَ لاءَ گهڻو بار، ڪچين ڦلين لاءِ ٻِه-طرفو واءُ، ڀائرن لاءِ ڏيرياڻيون، مينهن لاءِ اڀرندي جو واءُ، پويون ڏينهن آهن. (۱۲) ص ۱۴۱.

    246. گهر ئي گهاڻي، تيلي روُکو ڪيون کاوئي؟ (پهاڪو)
    آڳاٽي دؤر ۾، سرنهن ۽ ڄانڀي وغيره جو تيل کائڻ طور استعمال ٿيندو هيو. اڄ پڻ پڪوڙا وغيره ترڻ ۾ ڪتب ايندو آهي. ترڻ واريون شيون، ڪڙهائيءَ ۾ ترجڻ کان پوءِ، تيل کڻڻ بجاءِ، واڌو تيل ڇڏينديون آهن. انھيءَ واڌو ڇڏيل تيل منجھ، ٻيون ۽ ٽيون شيون پڻ تري سگهجن ٿيون. جيڪڏهن ان لاءِ گيهه استعمال ٿيندو ته ان ۾ هڪڙو نقصان آهي ته اهو ٻيهر ٽيهر سڙڻ کان پوءِ وهه ٿي ويندو آهي ۽ منجهس تريل شيءِ پڻ زهر جهڙو اثر رکندي آهي. ان جي برعڪس، جيڪڏهن تَر واري شيءِ، تيل ۾ پئي تربي ته تيل ٻيهر ٽيهر ٿيڻ بعد، گيهه ٿي پوندو آهي.
    اهو ئي سبب آهي جو ساڳ وغيره کائڻ جا شوقين، اڄ به سرنهن وغيره جو تيل هٿ ڪري، منجهس ساڳ يا پليءَ جو ٻوڙ رڌي کائيندا آهن. تيليءَ/ چاڪيءَ کي تيل پيڙڻ جو گهاڻو، پنهنجو هوندو آهي. وٽس ته اصلي ۽ نج تيل هوندو. اهو گهر ۾ تيل جو گهاڻو هئڻ سبب، اڻڀو ٻوڙ ۽ رُکي ماني ڇو کائيندو؟
    مطلب: ۱ - تيل جو گهاڻو گهر ۾ هوندي، تيلي پوءِ به رکي ماني کائي ته سندس قسمت خراب چئبي.
    ۲ - تيليءَ جي پنهنجي گهر ۾ گهاڻو هجي ته پوءِ ماني رُکي ڇو کائي؟
    ۳ - يار به تيلي، سِينڌ به ميلي. (۱) ص ۳۶۰.

    247. گهڙيو، اڪريو. (پھاڪو)
    درياھ اندر جڏھن پاڻي ڪڙڪاٽ ڪري وھندو آھي، تڏھن ھر شيءِ کي لوڙھيون کنيو ويندو آھي. منجھس گھڙڻ لاءِ ڪو به ھمت نه ساريندو آھي. ڇو جو فطري طور تي ھر ھڪ کي پنھنجي ڪمزوري ۽ درياھي وھڪري جي ڇوھي، اندر ۾ پئي سجھندي ۽ ککندي آھي. درياھ پار وڃڻ لاءِ، جيڪو ترھو ٻڌي گھڙندو ۽ درياھي ڪنن ڪڙڪاٽن سان منھن ڏئي ترڻ لاءِ ھٿ پير ھڻندو، سو ئي اُڪري پار پوندو ۽ پنھنجي منزل ماڻيندو.
    اھڙيءَ طرح دنياداريءَ جي حساب سان، ملاکڙي يا ملھ جي ميدان ۾ سندرو ٻڌي ڪُڏي پوڻ وارو پڻ، هڪ ڏينھن ضرور ڪامياب ٿيندو.
    تھڙيءَ طرح دين داريءَ جي حساب سان وري جنھن توڪل رکي، خدا جي عبادت ڪئي، اهو ٻنھي جھانن ۾ ضرور ڪامياب ٿيندو.
    مطلب: ۱ - محنت وارو منزل تي رَسي ٿو.
    ۲ - پار اهو پوندو، جيڪو توڪل جو ترهو ٻڌي، درياهه، ٿر، رڻ ۾ ڪاهي پوندو.
    ۳ - گهڙيا، اڪريا. (سنڌ)
    ۴ - جو گهڙيو، سو اڪريو. (سنڌ)
    ۵ - گهڙبو ته اُڪري پئبو. (لاڙ)
    ۶ - گهڙيا سي چڙهيا، ائين اٿئي. (شاهه، سھڻي)
    ۷ - گهڙيون سي اُکيون، ڪوڙيون پُڇن ڪُن. (شاهه، لاڙ)

    248. گهڻو امرت، بِس برابر. (پهاڪو)
    امرت: حيات بخش، آب حيات، مٺاڻ. بِس: زهر، بيماري آڻيندڙ.
    کاڌو، صحت/ حياتيءَ جو سرچشمو آهي، پر ڪنهن حد اندر. حد کان وڌيڪ کائڻ سان بجاءِ فائدي ڏيڻ جي، نقصان/ بيماريءَ جو سبب ٿيندو آهي. اها بيماري، موت جو ڪارڻ به ٿي سگهي ٿي.
    هر شيءِ جي گهڻائي، تمام گهڻي خراب ٿيندي آهي. منجهانئس پيدا ٿيل وبال، غفلت ۽ موت جو سبب بنبا آهن. ڇو جو هر شيءِ جي گهڻائي، مغز ڦيرائي ڇڏيندي آهي.
    مطلب: ۱ - هر شيءِ جي گهڻائي، زهر مثل آهي.
    ۲ - گهڻا موت، گهڻي کائڻ سبب ٿيا آهن.
    ۳ - گهڻ، آهي چڻ.
    ۴ - گهڻ؛ چڻ ٿيندي آهي.
    ۵ - ڄٽ چاءِ مري يا کاءِ مري. (۵)

    249. گهڻو ڦُٽو، گهڻو مُٺو. (چوڻي/ پهاڪو)
    ڦُٽڻ: اولاد ڄڻڻ. مُٺو: بيواهو ٿيو، ڦاٿو.
    جنهن کي گهڻو اولاد ڄمي ٿو، ان تي پالڻ ڪرڻ جا وڏا بار پون ٿا. پنهنجي ٻچن تي توجهه ڪرڻ ۽ مٿن ڪمايل ملڪيت مان خرچ ڪرڻ سبب، ٻين ڏي توجهه گهٽ ٿو ڏئي. انھيءَ ڪري ٻيا به آهستي آهستي کيس ڇڏي ٿا وڃن.
    جنهن کي مال ملڪيت جھجهي ۽ اولاد ڪونهي، ان سان مٽن مائٽن جي همدردي جام هوندي آهي. ڇو جو اهي کيس تاڙيون ويٺا هوندا آهن. مرڻ جي صورت ۾ سندس ملڪيت ۾ وارث ھئڻ جا اميدوار ۽ دعويدار هوندا آهن. اولاد ڄمڻ جي صورت ۾، کين اهو آسرو نظر نه ايندو آهي. اھو ئي سبب آھي جو اولادي ماڻھوءَ سان، ٻين مٽن مائٽن جي همدردي گهٽ هوندي آهي.
    مطلب: ۱ - اولاد واري کي، مٽ مائٽ ڇڏي ٿا وڃن.
    ۲ - ٻاليتو، نه ماليتو. (۶) ص ۱۲۷.

    250. گهڻي هاريين هر نه هلي، گهڻي ناريين گهر نه هلي. (پهاڪو)
    هاريين: هارين سان. ناريين: نارين سان، عورتن سان.
    گهڻ؛ ڪثرت يا جھجهائي سواءِ خير جي، ڪنهن شيءِ جي به چڱي ناهي. منجهانئس مفيد ڪارج سَر انجام نه ٿيندا آهن. گهڻِ سبب، غفلت ٿيندي آهي، جنهن ڪري آسان ڪم به بگڙجي ويندا آهن. کين سنڀالڻ ۽ سميٽڻ، سمجهڻ ۽ سموهڻ، اڪلائڻ ۽ پار لڳائڻ، ڏکيو ٿي ويندو آهي. اڪيلو سِر، گهڻن معاملن ۾ هٿ وجهي يا گهڻا ماڻهو هڪڙي ڪم جي ڪڍ پون؛ ٻئي صورتون گهڻِ ۾ شامل آهن.
    زمين اندر هر ڪاهڻ، اڪيلي ماڻهوءَ جو ڪم ناهي. کانئس ڪم نه نبرندو. جوڳ ڏاندن جي، زمين ۾ هر ڪاهڻ لاءِ، هڪڙو ڄڻو ڪاهي ويندو ته ڍڳا هڪ اوڙ به نه ڪاهيندا جو کيس ٿڪائي وجهندا. البته ٻه چار ڄڻا، ٻه ٽي جوڳون ڪاهي وڃي ترتيب سان هر ڪاهيندا ته نبرندو به ۽ شام تائين ڪم اڪلائجي به ويندو. ان جي برعڪس اگر اٺ ڏهه جوڳون ۽ ويھارو کن مڙس وٺي وڃي ڪم شروع ڪبو ته شروع ئي نه ڪري سگهبو. گهڻا ماڻهو، گهڻا دماغ. هر ڪنھن جون پنھنجون گهرجون ۽ تقاضائون. ڪو ڪيڏانھن پيو گهتون هڻندو ته ڪو ڪيڏانھن پيو لوهون هڻندو. جوڳون ترتيب سان نه بيھاري سگهندا ۽ نه وري ڪاهي سگهندا. پاڻ ۾ جوڳون پيئون وچڙنديون. شام تائين نه ڪم نبري سگهندو ۽ نه اڪلائجي سگهندو.
    اهڙيءَ طرح گهر کي هلائڻ به، عورتن جو ڪم آهي. هڪ عورت، گهر جو ڪم سهيڙي نه سگهندي. ٻه ٽي هونديون ته ورهائي کڻنديون ۽ شام تائين اڪلائي وٺنديون. اگر گهڻيون هونديون ته رڳو ڪچھريءَ ۽ گلا، پرائي پچار ۽ ھچر پچر ۾ پوريون هونديون. هڪ ٻئي سان ساڙ ۾، نه ڪم نبيري سگهنديون ۽ نه ئي اڪلائي سگهنديون. هٿائين شام تائين هر ڳالهه کي ائين وچڙائي ۽ گنجرائي ڇڏينديون جو مرد جڏهن گهر ايندا ته سندن مٿو ئي ڦيرائي ڇڏينديون.
    مطلب: ۱ - گهڻيون دايون، ٻار جو مٿو ڦڏو.
    ۲- گھڻيون دايون، چڏ جو زيان.
    ۳- گهڻا بورچي، شاش بيسوادي/ کاري.
    ۴- گھڻ؛ آھي چڻ.
    ۵- گھڻ-پٽاڻ بکري، کائي وئي جھار.
    ۶- ٿورا ڪڻا، ٿالهيءَ ۾ گهڻا. (۵)
    ۷- گهڻن هاريين هر نه هلي. (۳۵) ص ۲۱۷

    251. گهوڙا، گهر ٿا کائين. (چوڻي)
    ھڪ ھنڌان ٻئي ھنڌ پھچڻ لاءِ، اڄ يا آڳاٽي دور ۾ تڪڙي سواري، جيڪا جھنگ جھر مان سولائيءَ سان ھلي سگھي، سا گھوڙي جي ھئي. ان جي سواري ننڍي ھوندي سکڻ جي ترغيب ڏني ويندي ھئي. ڇو جو وڏو ٿيڻ کان پوءِ اھا سکڻ ڏاڍي اھنجي ھوندي آھي. اھڙيءَ طرح وري گھوڙن جي سنڀال ۽ ٽھل ٽڪور پڻ ٻين جانورن جي ڀيٽ ۾ ڏکي ھوندي آھي. مينھن وغيرھ جي ٽينھن ھر ڪو ان ڪري برداشت ڪندو آھي جو منجھانئس ويلي تي کير مکڻ ملي ٿو. جڏھن ته گھوڙي منجھان سواءِ سواريءَ جي ٻيو فائدو گھٽ نظر ايندو آھي. گھوڙي کي بيٺي چاربو ته رڳو مٿس خرچ ئي خرچ ھوندو. نه منجھانئس کير ملي، نه گوشت. جڏھن ته هڪ گهوڙي جو خرچ، چئن پنجن ماڻھن جي آڪھه جي خرچ برابر آهي. جيئن چئجي: فلاڻي جي در تي ڀلا گهوڙا ٻڌا پيا آهن.
    مطلب: ۱ - گهوڙو ڌارڻ، سولو ڪم ناھي.
    ۲ - گھوڙو؛ گھڻو خرچ ڪرائي ٿو.
    ۳ - ڀلا گھوڙا در تي ھوندا ته گھر کي ئي ٻھاري اچي ويندي.

    252. گهوڙا نِه ميدان، ڊوڙي ڊوڙي ڇيهه ڪن. (پهاڪو)
    نه: ۽. ڇيهه ڪرڻ: دنگ ڪرڻ
    گهوڙي کي خدا تعاليٰ ڀڄڻ لاءِ خلقيو آهي. پالتو وهٽن ۾، سندس جهڙو ڀڄڻو ڪو به، نه آهي. اٺ ۽ گڏه ڍرا آهن. بار ڇڪڻ ۾ به گهوڙو مڙني کان تيز آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڇڪڻ يا انجڻ وغيره جي طاقت جو ايڪو به گهوڙن سان ماپيو ويندو آهي، جنهن کي Horse Power چئبو آهي.
    ميدان ۾ ڀڄڻ ۽ مقابلو ڪرڻ، مردن جو ته ڪم آهي پر ڪنهن حد تائين. جيڪڏهن ماڻهو، گهوڙي سان مقابلي ۾ ڀڄي ته اُڀ-ساهيءَ ۾ اچي، مري سگهي ٿو. تنهن ڪري ميدان مارڻ، گهوڙي جو مرڪ آهي.
    مطلب: ۱ - جيڪڏهن ڪير ضد ڪري، ڪنهن اهڙي ڪم ۾ هٿ وجهي، جيڪو سندس وس ۾ نه هجي ته کيس ائين چيو ويندو آهي؛ ”تو لاءِ هوءَ گوءِ هو ميدان آهي! ڀڄي ڏيکار.“
    ۲ - ملان ته ڀت، گهوڙا ته پٽ، هي ڪشيا ته رسيا، هو نِيا ته چٽ.
    ۳ - ملان ته ڀت، گھوڙا ته پٽ، سيد ته سيون، آيون ته ويون.
    ۴ - گهوڙي لاءِ، هوءَ گوءِ هو ميدان. (۶) ص ۱۲۸.

    253. گھوڙو؛ پنج واتي بلا. (چوڻي)
    پنج-واتي؛ چار پير/ کر/ سنب ۽ پنجون وات.
    گھوڙي کي جنگ جي ميدان ۾ لاهبو ۽ اهو اگر انهيءَ ميدان ۾ لهڻ جو عادي ٿي ويو ته پوءِ ڪو نه ٽهندو آھي. ڪنهن شيءِ جي پٺيان، ٻه چار دفعا شڪار ۾ ڏبس ته ھري پوندو. پوءِ پاڻهي انهيءَ جي پٺيان پيو ڪاهي پوندو. جي بگڙيو ته، پوءِ جيڪو هلڪي رسي جي لوڏي تي نچندو بيٺو آهي، سو به ڪنهن کي ويجهو اچڻ ڪو نه ڏيندو. چئني پيرن ۽ پنجين وات سان وڙهندو آهي. گھوڙي جي ويڙھ جنگين دوران مثالي آھي. جن جنگين ۾ گھوڙو لٿو آھي، انھن ۾ گھايلن گھڻو گھوڙا گھوڙا ڪئي آھي. گھل به ڪئي اٿائون پر اڪيلي ۾ نه بلڪ گڏيل. يعني؛ گھل ڙي گھوڙا!
    مطلب: ۱ - اٺ ۽ مينھن کان وڌيڪ، گھوڙو مارڻو ٿيندو آھي.
    ۲ - گھوڙن ھنيون گھڻيون، اٺن ھنئي آ. (شاھ)
    ۳ - گھوڙن گھايون گھڻيون، اٺن گھائي آ. (۳۳)

    254. گهوڙو ڊوڙي ٿو آپ ري سوڀ ري پگا. (پهاڪو)
    آپ ري: پنهنجي. سوڀ: فتح. پگا: لاءِ.
    گهوڙي جو ڪم آهي، ميدان ۾ ڀڄڻ. جڏهن ميدان ۾ گهوڙن جي ڀڄڻ جو مقابلو (Race) ٿيندو آهي، تڏهن هر گهوڙو، ٻئي کان اڳ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته جيئن ميدان مارڻ سان سندس سوڀ، نالو ۽ شهرت ٿئي. ائين ٿيڻ سان، سندس مالڪ جي نظر ۾، سندس مانُ وڌي ويندو آهي.
    مطلب: ۱ - دنيا ۾ هر ڪو پنهنجي ڪاميابيءَ/ سوڀ لاءِ هَڻُ-وَٺُ ۾ مشغول آهي.
    ۲ - هر ڪو پنهنجي پيٽ خاطر محنت ڪري رهيو آهي. (۶) ص ۱۲۸.

    255. گهوڙو ڪاهي ويا چور، سنج سائين کڻي يا نوڪر. (پھاڪو)
    هڪڙي رئيس، هڪڙي ڀيل کي گهوڙي جي سنڀال لاءِ نوڪر ڪري رکيو. ٻئي سفر ۾ گڏ نڪتا. نوڪر تي، رات جو جاڳي، گهوڙي جي سنڀال ڪرڻ وارو ڪم رکيل هيو.
    هڪ رات، هڪ ڏکئي ماڳ تي منزل ڪيائون. رئيس، نوڪر کي هوشياريءَ سان پھرو ڏيڻ لاءِ تاڪيد ڪيو ۽ پاڻ سمھي رهيو.
    اڌ رات ڌاري، رئيس جي اک کلي. ڏسي ته نوڪر ننڊ پيو آهي. هڪدم هڪل ڪري چيائينس؛ ”اڙي ڇا ٿو ڪرين!“
    ”گهنڊ ٿو گهڙان!“ نوڪر ننڊ مان اکيون پٽيندي چيس؛ ”ويچار ٿو ڪريان.“
    رئيس تاڪيد ڪري، وري سمھي رهيو. نوڪر کي به ننڊ کڻي وئي. ايتري ۾ چور آيا ۽ کين ننڊ ۾ ڏسي، گهوڙو ڪاهي ويا.
    اسر ڌاري، رئيس جي اک کلي. ڏسي ته نوڪر ننڊ ۾ کونگهرا پيو هڻي ۽ گهوڙو لھه ئي نه.
    ”اڙي مردار ڇا پيو ڪرين! تو کي رکيم ته منھنجي ۽ گھوڙي جي سنڀال ڪر يا مان تنھنجي سنڀال ڪيان.“ نوڪر کي ننڊ مان ڌونڌاڙيندي، رئيس چيو؛ ”گهوڙو ڪونھي! تون ڇا ٿو ڪرين؟!“
    ”گهنڊ ٿو گهڙان.“ نوڪر ننڊ مان ڇرڪ ڀري، چوڻ لڳو؛ ”ويچار ٿو ڪريان؟!“
    ”ڪھڙو ٿو گهنڊ گهڙين!“ رئيس پڇيس؛ ”ڪھڙو ٿو ويچار ڪرين!“
    ”گهنڊ اي ٿو گهڙان؛ گهوڙو تو لي گيا چور، هي سنچ سائين کڻي ڪِ هون.“ ڀيل گنڀيرائي مان چوڻ لڳو؛ ”ويچار اھو ورائي ويو اٿم؛ گهوڙو ته ڪاهي ويا چور، ھاڻي سنج سائين کڻي يا نوڪر.“ (۶) ص ۱۲۷.
    مطلب: ۱ - نوڪر، دل سان ڪم نه ڪندو آهي.
    ۲ - نوڪر کي ڪم ڪرڻو هجي ها ته گهر ۾ ڪم، کوڙ/ کٽو هئس.


    ل

    256. لاکو ڦلاڻي، ڪچو ڪچاڻي، جنهن ڇڏي مهر راڻي. (چوڻي)
    لاکو ڦلاڻي: ڄام لاکو، مشهور سخي سورمو. مهر راڻي: نوهٽيءَ جي راڄ ڌياڻي.
    ڄام لاکو، سنڌ جو مشهور سورمو، ڪڇ ڀڄ جي سمي سردار ڄام ڦل جو پٽ، جنهن کي سنڌ جي سگهڙن ڏهن ڏاتارن ۾ ڳڻيو آهي. وڏو بهادر، جنگجو ۽ سخي مڙس هئو، جنهن جي سڄي عمر جاڙيجن ۽ ريٻارين سان لوڙائو ڪندي گذري. نوهٽيءَ جي ”مهر راڻيءَ“ تي موهت ٿي پيو. اڙانگا شرط پورا ڪري، ساڻس شادي ڪيائين.
    هڪڙي مڱڻهار تي راضي ٿيڻ کان پوءِ، کيس انعام ڏيڻ خاطر کانئس راءِ پڇيائين؛ ”جيڪو گهرڻو اٿئي گهر“.
    مڱڻهار، مهر راڻيءَ جو مائٽ هيو. مهر راڻيءَ کيس، پنهنجي ڳچيءَ ۾ پيل هار ڏانهن اشارو ڪندي، گهرڻ لاءِ چيو. مڱڻهار به هار ڏانهن اشارو ڪيو. لاکي سمجهيو ته؛ مهر منگتي ڏانهن وڃڻ چاهي ٿي ۽ هو به ان جي گهُر ٿو ڪري، تنهن ڪري کيس ڇڏي ڏنائين.
    مطلب: ۱ - ڪنن جو ڪچو نه ٿجي.
    ۲ - ڪنن جي ڳالهين، مير بجر کي مارايو. (۶) ص ۴۶.

    257. لاهين پٺيان چاڙهيون، چاڙهين پٺيان لاهيون. (پھاڪو)
    ٿر اندر، رڳو ڀٽون ئي ڀٽون آهن. سفر ڪرڻ واري کي اگر، ڪاٿي وڃڻو آهي ته اهي ڀٽون پار ڪرڻ لاءِ کيس هڪڙين تي چڙهي لهڻو آهي ته وري ٻين تي به ائين چڙهي لهڻو آهي. لهڻ وقت ته بار واري ساهدار کي سھنجائي هوندي آهي. ان کي ته هر ڪو سفر دوران پسند ڪندو آهي پر اها نصيب تڏهن ٿيندي، جڏهن چڙهڻ واري تڪليف کڻندو.
    دنيا جي اندر به کوڙ سارا، لاها چاڙها آهن، جن منجهان انسان کي پار اڪرڻو ٿو پوي. انهن کي ڏسي، منجهي بيهي رهڻ وارو ماڻهو، آخر زندگيءَ مان بيزار ٿيو وڃي. باقي جنھن مڙس ماڻهو ٿي، ساڻن مقابلو ڪيو، سو نيٺ ڪامياب ٿيو.
    مطلب: ۱ - حالتون، سدائين ساڳيون ناهن.
    ۲ - ڏکن پٺيان سک، سکن پٺيان ڏک آهن.
    ۳ - سک مان ڏک ڦٽي ٿو، ڏک مان سک. (جپاني)

    258. لتر گڏهه کي چڪر گڏهه پڄي،
    چڪر گڏهه کي لتر گڏهه. (پھاڪو)
    ھر ساھدار کي پنھنجي بچاءَ لاءِ، ھٿيار جي طور تي، ڪنھن نه ڪنھن عضوي ۾، غير معمولي شڪتي ڏني وئي آھي. جيئن ڪتي کي چڪڻ ۽ ڏھڙڻ جي، ٻلي کي رانڀوٽن پائڻ جي، مينھن يا ڳئون کي سڱن سان ٽڪر ھڻڻ جي ۽ شينھن کي چنبي ۾ طاقت ڏني وئي آھي ته جيئن پنھنجي بچاءَ سان گڏ وگڏ پنھنجي پيٽ خاطر روزي رزق به حاصل ڪري سگھن. اھڙيءَ طرح وري گھوڙي ۽ گڏھ کي اٽ ھڻڻ جي. پويان بيٺل کي اگر اوچتي دو-لتي جو ھڻندا ته آنڊا به ڪڍي ڇڏيندس. ڪن گڏھن کي وري چڪ ھڻڻ جي به عادت ھوندي آھي. لترن سان وري اھي ئي پڄي کائيندا آھن.
    ان کان علاوھ ھن چوڻيءَ جو ٻيو روپ به آھي؛ لتر کي پڄي چڪر. اتي لتر مان مراد گڏھ ۽ گھوڙو آھي ۽ چڪر مان مراد ڪتو آھي. ان مان مراد اھا آھي ته ڪتي سان گڏھ پڄي ته گڏھ سان وري ڪتو.
    ڪتي جي چڪ ۽ گڏھ جي نٺرائيءَ جو ٻيو مثال آھي؛ گڏھ جو ماس ڪتي جو وات، ھو ڇڄي نه ھو ڇڏي نه. ان مان مراد اھا آھي ته مئل گڏھ جي ماس مان، سواءِ ڪتي جي، ٻيو چيريندڙ جانور بيزار ٿي وڃي ۽ ڪتي جا ڏند وري ايڏا مضبوط آھن جو اھي، اھڙي سخت ماس مان به ڪين مڙن.
    مطلب: ۱ - هڪڙي ڏاڍي سان، ٻيو ڏاڍو منھن ڏئي سگهندو.
    ۲ - لتر جو استاد چڪر آهي. (سرو)
    ۳ - لتر کي چڪر پڄي ۽ چڪر کي لتر. (ساهتي)
    ۴ - لتر کي پڄي چڪر. (لاڙ)
    ۵ - لُچ لُچ سان پڄي.
    ۶ - گھوڙن جون لتون، گھوڙا جھلين يا ٻوڙا جھلين.

    259. لڪڙين کي اگنيءَ مان، مروءَ کي ماه مان،
    ڪنجوس کي ڪشور مان، عالم کي علم مان،
    سائل کي سخي مان، ڪڏهن به ڍؤ نه ٿئي. (چوڻي)
    اگني: باه. مروءَ: چيريندڙ درندو. ماه: گوشت. ڪشور: دنيا، دولت.
    ۱ - باھ جو خاصو آهي؛ سڙڻ ۽ ساڙڻ يا جلڻ ۽ جلائڻ. سندس جيئدان ۽ بقاءُ، ٻرندو رهڻ ۾ آهي. لاڳيتو ٻرڻ لاءِ، جھجھو ٻارڻ کپي ته جيئن کيس ٻل، قُوت ۽ جيئدان ملي. ساڙڻ لاءِ، کيس جيتريون به ڪاٺيون ملنديون، تيترين منجهان ڪين ڍاپندي.
    ۲ - مرونءَ/ شينهن ۽ بگهڙ وغيره جو قُوت، ماس ئي آهي. بک جي صورت ۾ به ڊڀ ڪين چرندا آهن. تن کي گذر لاءِ ماس/ گوشت کپي. جيترو به ملين، اوترو ٿورو اٿن.
    ۳ - ڪنجوس ماڻهوءَ جي دل ۾، مال ميڙڻ جي محبت وڌيڪ هوندي آهي. کپائڻ سان کيس ڪا دلچسپي نه هوندي آهي. رڳو ميڙيءَ ۾ منهن، هوندو اٿس. ڪروڙ هوندي به پاڻ کي غريب پيو سمجهندو.
    ۴ - عالم کي علم جي چَسَ پيل آهي. پيو علمي ڪتاب ۽ ماحول تاڙيندو. وس پڄندس ته دل گهريا ڪتاب، پاتال مان به کوٽي ڪڍندو. پوءِ به ڍاپندو ڪين.
    ۵ - سائل جي دل ۾، سوال ڪرڻ ۽ پنڻ جي لوري/ لونجهه وڏي هوندي آهي. جيترو به مليس، پر پنڻ مان ڪين ڍاپندو.
    مطلب: ۱ - مٿين پنجن ڄڻن جي بک/ اشتها، مرڻي ناهي. (۲) ص ۱۲۹.

    260. لکو ٿو لاڏو ٿئي، لنجا ٿا ڀت کائين. (چوڻي/ پهاڪو)
    لکو: اسم ذات، هڪڙي ٽوٽي ۽ سست جو نالو. لاڏو: گهوٽ. لنجا: ذات جو نالو.
    سست يا ٽوٽي ماڻهو، ڪمائڻ ڪرتڻ کان ڪيٻائيندو وتندو آهي. جنهن ڪري هميشه ٻين مٿان بوجهه هوندو آھي. جنھن سببان، ھر ڪو منجهانئس بيزار هوندو آهي.
    اهڙي ماڻهوءَ لاءِ ڪير به ٽڪو خرچ ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي. سڱ به ان کي هر ڪو ڏيندو، جيڪو هٿ پير هڻي ڪمائي ۽ پنهنجي پيرن تي بيهي.
    جيڪو ٻين جو محتاج هجي، ان کي نه ڪير سڱ ڏيندو ۽ نه اهو پرڻبو، نه ئي ماڻهو ڀت کائيندا.
    مطلب: ۱- شاديون به مڙس ماڻهن جون ٿينديون آهن. ماڻهو خوشيون به مڙس ماڻهن جي ڪري ملهائيندا آهن. (۱۶)

    261. لک وڃي، لڇڻ نه وڃي. (چوڻي)
    آڳاٽي دؤر ۾ لک روپئي جي وڏي اهميت هئي. جنهن وٽ لک روپين جو پيتيءَ ۾ پوريل هجي، سو ٻين تي فلڪ نه آڻيندو هيو. ڪنهن جي ڪاڻ ۽ محتاجيءَ جي کيس ضرورت محسوس نه ٿيندي هئي. وقت پوڻ تي، پنهنجو پئسو، هڙان ڇوڙي، مقصد سِڌ ڪري وٺندو هيو. جنهنڪري ٻين رشتن ناتن جي ڀيٽ ۾، وٽس لک روپئي جي اهميت تمام وڏي هئي.
    دنيا ۾ ڪيترا معاملا، پئسي جي ڀيٽ ۾، لڇڻ يا اخلاق سان جلد، سولا ۽ آسانيءَ سان حل ٿيو وڃن. پئسا ۽ سفارش، رستي ۾ رهجيو وڃن. جڏهن ته اخلاق ۽ لڇڻ وارو، وقت پوڻ تي، مانُ به وٺي اچي ۽ هاج به سر ڪري اچي.
    لڇڻ ۽ اخلاق کي، پئسي ۽ سفارش مٿان فوقيت حاصل آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ جي دور ۾، نه لڇڻ کي ڪو ليکي ۽ نه اخلاق کي ٿو ڪو ڏسي. نه ئي وري ڪنهن کي ڪنهن جي سفارش جي ڪا پرواهه آهي. مڙني کي پئسو کپي. اهڙي دور ۾ به ٿر جا ماڻهو، پئسي جي ڀيٽ ۾، لڇڻ ۽ لحاظ کي وڌيڪ مان ڏين ٿا.
    مطلب: ۱ - اخلاق، پئسي کان وڌيڪ ڪارائتي شيءِ آهي.
    ۲ - لهڻي وارو موٽي وڃي، سائٿ وارو کائي وڃي.
    ۳ - سؤ وڃي، ساءُ نه وڃـي.
    ۴ - هزار وڃي، حب نه وڃي.
    ۵ - ڪروڙ وڃي، قرب نه وڃي.
    ۶ - پدم وڃي، پريت نه وڃي. (۷) ص ۳۵.

    262. لنب: مکڻ چنب. (چوڻي)
    لنب: برسات تي وڌندڙ ٿري گاهه، جيڪو مال چري ته کير ۽ مکڻ جھجهو ڏئي. چنب: جنب، وڏو لپوڙو، چاڻو، ٽيرو.
    لنب، ٿر ڏيهه جو خاص گاهه آهي. مٿي جي وارن وانگر، نهايت سنهڙو ۽ نازڪ ٿيندو آهي. ڳائي مال کي نهايت مرغوب آهي. پِراڻ جي ڪپ، توڙي پائر جي مِٺين ۽ نهور زمينن ۾ لس ڀرجيو وڃي. مکڻيءَ (گاه جو قسم) وانگر، هن جي پاڙ به تر جيتري زمين اندر ٿئي. جنهنڪري کيس بي پاڙو گاه پڻ سڏبو آهي. هٿ لائڻ سان، ڇِڳو پيو ايندو آهي.
    گاه جڏهن پچي، تڏهن سنهون ۽ سنگ ڪري بيهي. هوا لڳڻ ڪري اهڙو جهومي ۽ جهولي جو ڏسڻ سان روح کي راحت اچيو وڃي. جڏهن سڪي وڃي تڏهن سندس رنگ، پيلاڻ ڏي مائل ٿئي. سندس تيلا، ڀُوري رڇ جي وارن جهڙا نظر ايندا آهن. نازڪ ۽ ٽاڪئون هئڻ سبب، مال جي لتڙ ھيٺ ڀڄي ڀُري، زمين تي سمهي پوي ۽ سج جي روشنائيءَ ۾ اهڙو چلڪي جهڙو ڪڻڪ جو بُهه، پري کان نطر اچي. ائين ڄڻ، ميدان تي ميٽائين رنگ جو راڳو يا پوچي ڏنل آهي. منجهس ٿوري سرهاڻ به ٿئي. مالدار، انهيءَ گاهه جو اَنُ، چانورن وانگر چاڙهي کائيندا آهن.
    ڏاڍيري زمين ۾ ڇانئجي ويندڙ هيءُ گاه، کائڻ ڪري مال متارو ٿئي، کير گهاٽو ۽ گهڻو ڏئي.
    مطلب: ۱ - لنب کائڻ سان، مال ۾ کير گهاٽو، جھجهو ۽ سڻڀو ٿئي، جنهن مان مکڻ پڻ جام لهي.
    ۲ - لنب گاھ، مکڻ جي ضمانت.
    ۳ - جنھن وٽ لنب آهي، ان وٽ مکڻ جام آهي. شرط اھو آھي ته وٽس ڳئون مينھون به ھجن.
    ۴ - لنب چارڻ سان، مکڻ جام ملندو. (۹) ص ۴۰ ۽ (۱۷) ص ۱۱۵.

    263. لوڀ لڳو واڻيو؛ لونگيءَ لڳي گاءِ. (پهاڪو)
    لوڀ: لالچ. واڻيو: دڪاندار، هٽ وارو، واپاري. گاءِ: ڳئون
    لونگي: برسات پوڻ شرط، ڄاول تازو گاه، جيڪو ڪچڙو هئڻ سبب، ڳئونءَ لاءِ مرغوب غذا هوندو آهي.
    واپاريءَ کي ڪمائڻ جي لالچ هوندي ته وقت، جان ۽ مال لڳائيندو. نت نوان تجربا ۽ مشاهدا ماڻيندو. انهن جي آڌار تي واپار کي وڌائيندو ويندو.
    جيڪڏهن لالچ نه هوندس ته ڌنڌو ئي چوپٽ ڪري ڇڏيندو.
    اهڙيءَ طرح ڳئونءَ کي به تازو ڄاول گاه نظر آيو ته منجهس کُپي ويندي. نڪرڻ جو نالو ئي نه وٺندي. ڏڪر/ سوڪهڙي واري سموري ڪسر، منجهانئس ڪڍي ڇڏيندي. جيڪڏهن ڪچڙو گاه نه مليس ته سڪل گاه ۾ ڏکيو وات وجهندي.
    مطلب: ۱ - ڳئونءَ کي لونگي ۽ واڻيي کي لوڀ/ لالچ، مشغول رکن ٿا.
    ۲ - اٺ کي لاڻو، گهوڙي کي داڻو،
    مرد کي ناڻو، محبوب کي ماڻو. (۵)
    ۳ - ڀيٽيو: گانيان جوڀن گاس هي، تريان جوڀن ان،
    ماهيلي جوڀن مرد هي، مَردي جوڀن ڌن.

    264. لوٽيو باڻيو، جُونا خط جووي. (راجسٿان، پهاڪو)
    لُوٽيو: لٽيل، کٽل، نقصان ۾ ويل. باڻيو: واڻيو، واپاري، وهنواري، دڪاندار، هٽ- واڻيو. جُونا: جهونا، پراڻا. جووي: جانچي، وانچي.
    دڪاندار/ واڻيو، ڏينهن ۾ گھڻا دفعا پئسا ڏسي ٿو. ڪيترا دفعا وٺڻ وقت، ڪئين دفعا ڏيڻ وقت، سندس هٿن ۽ اکين آڏو رهن ٿا. ڏيهاڙيءَ جي ڏي-وٺ سبب، پئسي جو رعب سندس من مان نڪريو وڃي. کيس اهي ڪاڳر ۽ ٺڪريون ڀاسڻ لڳن ٿا. جڏهن سندس ڪيفيت، اهڙي جڙندي آهي ته پوءِ سنڀال جي حس به آهستي آهستي ڍري ٿي ويندي اٿس. ويسر ۾ هڪڙيون لکيتون داخل نه ڪري سگهندو ته وري ٻيون ٻه ٽي ٻه ٽي ڀيرا پيو داخل ڪندو. انهيءَ ٻٽي ويسر سبب، هڪ ڏينهن ڏيوالو نڪري ويندو اٿس. گراهڪ ۽ واپاري کيس بي ايمان پيا سمجهندا آهن. کانئس، ٻئي منهن موڙي ويندا آهن. واپاري کيس اوڌر تي مال ڏيڻ بند ڪندا آهن. گراهڪ کانئس، نه ئي اوڌر تي ۽ نه ئي روڪڙ تي مال کڻندا آهن. جڏهن سندس ترو لڳندو آهي، پوءِ کيس حساب سڌو رکڻ جو احساس جاڳندو آهي. ان وقت ويهي پراڻيون بنديون جاچڻ لڳندو آهي ته جيئن ڪنهن نه ڪنهن ڏانهن رهيل اوڌر نڪري پوي.
    مطلب: ۱ - کٽو واڻيو، جهونيون وهيون/ کنڌيون جانچي.
    ۲ - واڻيو، پراڻيون کنڌيون تڏهن واچيندو آهي، جڏهن کٽندو آهي يا بي ايمان ٿيندو آهي. (۱) ص ۱۸۲.

    265. لوڏي ٻانهن لاڏ مان، هلي ٿي هرڙيون،
    مڙس ڇڏي، مِٺڙي تي سڏي ساهيڙيون سرڙيون،
    گهڻو ڳالهائي گهوٽ سان، پهرين رات پرڻيون،
    ٽئي ٽرڙيون. (چوڻي)
    مٺڙي تي: مِٺي پاڻيءَ جي کوه تي.
    هتي ٽن عورتن جي گلا ڪئي وئي آهي. اها گلا سندن چال سبب آهي. کين ان چال سبب ٽرڙي ۽ هلڪڙي سڏيو ويو آهي.
    هڪ اها عورت، جيڪا لاڏ ۽ نخرا ڪري ٿي. هرڻيءَ وانگر ڇانگ ڏيئي هلي ٿي. ننڍن توڙي وڏن، پراون توڙي پنهنجن آڏو، حياءُ ڪرڻ بدران ڇڇوري ٿي ٿي پوي. اھا جلد پنهنجي ساک وڃائي ڇڏي ٿي ۽ ڪير به سندس سڱ ڇڪڻ لاءِ تيار نه ٿو رهي. مڙس، عورت کي ڇڏي ته اهو هڪ فطري عمل آهي. ان جي برعڪس عورت، پاڻ مڙس کان خلع وٺي، اها عورت جي گهٽتائي ليکبي.
    ٻي اها عورت، جيڪا مڙس جو اصل خيال نه ڪري. پاڻي ڀرڻ جي بهاني سان سهيلين ۽ سنگتياڻين سان، دلو ڪلهي تي رکي گهران نڪري ٿي پوي. ڇاندون ۽ ميڇون ڏيندي، وڃي پاڻي ٿي ڀري ۽ واٽ تي بيٺلن کي مفت ۾ پاڻُ پَسائيندي ٿي وڃي. ان ۾ ٻين جي نگهه به ٿي ٿي پوي. جنهن ڪري، مڙس جي نظر ۾ ڪري پوي ٿي. اھا هلڪي طبيعت جي آهي.
    ٽين اها عورت، جيڪا مڙس سان پرڻي واري رات، بي حجاب ٿي ڳالهائي ٿي. اھا به ٽرڙي آهي. ڄڻ سندس سَتُر ڀڳل آهي. مڙس سان گهري ٿيڻ لاءِ سڄي عمر پوئتي پئي آهي. هونئن به جنهن سان سڄي عمر گڏ گذارڻي آهي، تنهن سان پهرئين ڏينهن کان وٺي کل مذاق ۽ کينچل ٺهي نه ٿي. اهڙي ٽرڙائپ ڪرڻ سان زندگيءَ جو گاڏو گهلڻ، اوکو ٿي ويندو. ڇو جو سندس عصمت تي، مڙس جو شڪ جاڳي سگھي ٿو. تنھنڪري مڙس ۽ ساهرن جي نظرن ۾ ڪري پوندي.
    مطلب: ۱ - مٿي ٻڌايل ٽن عادتن واريون، پنهنجي هلڪڙي طبيعت سبب جلد پاڻ کي ٻوهي ۾ وجهنديون.
    ۲ - عورت کي، احتياط/ حياءَ سان، وک کڻڻ گهرجي. (۲) ص ۴۹ ۽ (۴) ص ۲۴۲.

    266. لوڻي ڪاٺي، اڏوھي به نه کائي. (پھاڪو)
    ٿر يا وارياسي علائقي اندر اڏوھي جام ٿيندي آھي. مال جو ڇيڻو يا ڪچي ڪاٺي، اڏوھيءَ لاءِ مرغوب غذا آھن. ڇيڻي کي يڪدم، ڪريل جاءِ تان کڻي مٿانھين جاءِ تي سُڪڻو رکبو ته اڏوھيءَ کان وقتي بچي سگھندو. ڪاٺي به ائين آھي. وڍڻ بعد ان کي محفوظ جاءِ تي رکي نه سڪائبو ته اڏوھيءَ جي نظر ٿي ويندي.
    ڪچي ڪاٺ کي اڏوھيءَ کان بچڻ لاءِ جيڪي جتن ڪجن ٿا تن ۾ ھڪڙو آھي، ڪاٺ کي پاڻيءَ ۾ رکڻ، جيسين وڃي پڪو ۽ چيڙھو ٿئي. ٻيو آھي، ٿر اندر موجود لوڻ جي ڪنھن سڻ اندر ان کي رکڻ. لوڻ سان ڪاٺ کاڄڻ بجاءِ، چيڙھو ۽ نھرو ٿيندو آھي. اڏوھيءَ جي ڏاٺ کان بچڻ لائق ٿي پوندو آھي. (۳۵) ص ۲۵۴
    مطلب: ۱ - انسان به اگر، لوڻ جھڙن ڏکين ھنڌن تي رھندو ته پچي پختو ٿيندو ۽ منجھس ھلڪي ڦلڪي تڪليف سھڻ جي قوة پيدا ٿي پوندي.


    م

    م

    267. ماڇي، مهاڻا، مؤذني، منگت،
    چلو ڪين يارو انهن جي سنگت. (چوڻي)
    ماڇي: ڏڦير، شڪاري، جيڪي ڪتن ۽ ڏڦن ذريعي شڪار ڦاسائين.
    مهاڻو: مير بحر جيڪو درياه/ سمنڊ ۾ ٻيڙيون هلائي ۽ مڇيون ڦاسائي.
    مؤذني: ڪنجوس، ظالم، مر-چوٺ، چچي مار، چمچوس.
    منگت: منگتو، مڱڻهار، لنگهو.
    ماڇي ۽ مهاڻا، سارو ڏينهن شڪار جي هڻ وٺ سبب، ڏاڍا گاريال، بي وڙا ۽ رکا هوندا آهن. جنهن سبب، هر مهذب ماڻهو کانئن نفرت ڪندو آهي.
    ڪنجوس/ مرچوٺ/ مکي چوس به قابل نفرت هوندا آهن. پنهنجي ملڪيت مان ٻين کي ته فائدو وٺڻ نه ڏيندا آهن، پر پنهنجي ذات کي به نفعو پهچڻ نه ڏيندا آهن. هٿائين ملڪيت ميڙڻ ۽ گڏ ڪرڻ جي هوس ۾، جڳ جهان سان ڦٽائيندا وتندا آهن.
    مڱڻهار، لالچ ۾ اچي تعريف ڪندو ۽ زمين آسمان جا ڪولابا ملائي پئسا گهرندو. جيڪڏهن پئسا نه مليس ته ويٺو گلا ڪندو آهي.
    مطلب: ۱ - مٿي بيان ڪيل، چئني جي ڪردار کي نظر ۾ رکندي، سندن پيروي نه ڪرڻ گهرجي. (۱۶)

    268. مارا متر اُوءَ، جو گلا ڪري. (پھاڪو)
    ڪن ماڻهن جي عادت هوندي آهي ته جڏھن ڪنهن وٽ مهمان ٿيندا يا اڳلي ۾ ڪم پين، ته ويٺا سندس واکاڻ ڪندا. ٻين جي وري گلا ڪندا. ائين اڳلي کي خوش ڪري، پنهنجو مطلب حاصل ڪندا. وري اتان اٿي جڏھن ٻئي وٽ پھچندا ته اتي وري اڳئين ماڻهوءَ جي گلا ڪري پنھنجو مطلب سر ڪندا. اھڙي ماڻھوءَ کان اھو ڀلو، جيڪو منھن تي سڌي ٻڌائي. (۳۵) ص ۱۹۲
    مطلب؛ ۱- خود-مطلبي ماڻھو، نيٺ ھلي ذليل ٿئي.
    ۲- خود-غرض خوشامديءَ کان، بي غرض گلاخور چڱو.

    269. مار، ڏاتار آهي. (چوڻي)
    ڏاتار: سخي، هڪڙي پير جو نالو، جيئن ڄام ڏاتار.
    ماڻهوءَ کي موهي سڌي راه تي آڻڻ لاءِ، ڪڏهن ڪڏهن مار جي به ضرورت پوندي آهي. ڇو جو ڪي ماڻهو طبعًا ڪوڙا، ڪانئر، بد اخلاق يا چور هوندا آهن. مٿن نصيحت اثر نه ڪندي آهي. کين سڌي رستي تي آڻڻ لاءِ مار موچڙو ضروري هوندو آهي. جڏهن مار ملندي اٿن، تڏهن گوٿناٽ ڇڏيندا آهن.
    ڪن ماڻهن جو عقيدو آهي ته؛ ماڻهو ڪيڏو به کريل هجي، ڄام ڏاتار جي مزار تي پهچڻ کان پوءِ ئي، بريون عادتون ڇڏي، سڌري ٿو وڃي. ڏاتار، کيس سڌو ڪري ٿو ڇڏي.
    انهيءَ نسبت سان مار کي به ڏاتار سان ڀيٽ ڏني وئي آهي.
    مطلب: ۱ - مار، سنوار آهي.
    ۲ - عرشان لٿيان چار ڪتابان، پنجوان لٿا ڏنڊا،
    ڪتابان اوه نه ڪيتا، جهڙا ڪيتا ڏنڊا. (پنجاب)
    ۳ - ماڻهو ٻٽيهه لکڻو، موچڙو ڇٽيهه لکڻو.
    ۴ - سوٽي هجي ساڻ، گڏه گوهي نه ڪري.
    ۵ - کلو، پنجون پير. (۶) ص ۱۳۰

    270. مارواڙي، نَه ماءُ ڀلي نَه گاءِ ڀلي. (چوڻي)
    ماڻهوءَ جي طبيعت تي تخم جي تاثير ۽ صحبت جي اثر کان علاوه، علائقي ۽ ماحول جو به اثر ضرور پوندو آهي. هر علائقي جي ماڻهن جي طبيعت، نرالي هوندي آهي. جنهن سببان، هنڌين ماڳين مشهور هوندا آهن ۽ سندن لاءِ انهيءَ تناظر ۾ اهڙو تاثر قائم ڪيو ويندو آهي.
    مارواڙ علائقي جي عورتن بابت به اهو تصور قائم آهي ته مڙسن سان چڱيءَ طرح نه هلنديون آهن. نه گهر سان چاه رکنديون آهن ۽ نه مڙس سان. نتيجي طور مڙسن منجھان ڄاول اولاد سان به ورتاءُ اڍنگو هوندو اٿن.
    اهڙيءَ طرح مارواڙ علائقي جي ڳئون به کٽر ۽ کير ۾ کٽل هونديون آهن. ڦر کي به پنهنجو نه ڪنديون آهن. جنهن سببان، ڦر به نه ساڳائيندو اٿن.
    مطلب: ۱ - مارواڙ جي عورت، بحيثيت زال جي ته ڏکي آهي پر بحيثيت ماءُ جي به سٺي ناهي.
    ۲ - مارواڙي، نه جوءِ ڀلي، نه گاءِ ڀلي. (۶) ص ۱۳۱.

    271. مارئي جي مثل، ٻاٽيءَ جي خوشبوءِ. (چوڻي)
    ٻاٽي؛ ٿر ۾ ٿيندڙ ٻوٽو، جنهن جي ننڍڙن گلن، پنن ۽ ڪاٺين ۾ فرحت ڏيندڙ خوشبوءِ ھوندي آهي.
    ٿر-ڄائي مارئي، وطن ۽ ويڙھيچن سان محبت جو ھڪ اھڃاڻ آھي. سندس وطن دوستيءَ جي خوشبوءِ، ھنڌين ماڳين پھتل آھي ۽ سموري سنڌ کي واسي ڇڏيو اٿائين.
    ٻاٽيءَ جي ٻوٽي جي خوشبوءِ، آسپاس جي ماحول ته ڇا بلڪ سموري ٽڪريءَ کي واسي ڇڏيندي آهي. وڏي فاصلي تان گذرندڙ کي به پئي محسوس ٿيندي آھي.
    مانيءَ کي به ٻاٽيءَ چوندا آهن. ان جي خوشبوءِ به ڏاڍي وڻندڙ ۽ بک ۾ بي چين ڪندڙ ھوندي آھي. (۳۵) ص ۲۴۲
    مطلب؛ ۱- ٿري ماڻھو، مارئيءَ جي امر ڪردار کي، ٻاٽيءَ جي خوشبوءِ سان ڀيٽيندا آھن.

    272. ماکي، ماڪوڙو ۽ مورک نر، ٽيئي لالچي آھن. (چوڻي)
    ماکيءَ جا مک مانارو ڀرڻ لاءِ ۽ ماڪوڙا ٻر ڀرڻ لاءِ، مٺاڻ جي ڳولا ۾، سڄو ڏينهن پيا ڀٽڪندا آھن. ان مصروفيت کان علاوھ، کين ٻي ڪا به لوري نه هوندي آهي. ڀلي ڪيترو به مٺاڻ گڏ ٿيل ھجين پر اڃا وڌيڪ جي لالچ ۾ سرگردان ھوندا آھن. مورک يا بيوقوف ماڻهو پڻ، اجايو مال ميڙڻ ۾ محو ھوندو آھي. کيس ٻئي نفعي نقصان ڏانھن ڌيان نه ھوندو آھي. نه ڪنهن کي ڀائيوار ڪندو آهي، نه ئي ڪنهن سان ويجهي ٿي دوستي رکندو آهي. سمجھندو آهي ته ٻئي کي شامل ڪرڻ يعني ٻئي کي حصو ڏيڻ. جنھنڪري ڪو به سندس دوست، همدرد ۽ ساٿي نه هوندو آهي. (۳۵) ص ۲۶۷
    مطلب؛ ۱- فطرت جو مشاهدو ڪري، نتيجا ڪڍڻ ئي سماجي ڏاهپ آهي.
    ۲- مطلب پرستي يا خود مطلبي جي بيماري ئي سماجي ٽوڙ ڦوڙ جو سبب بنجي ٿي.

    273. ماکي نه ڏسي وڻ، زال نه ڏسي وڙ. (چوڻي)
    ماکيءَ جي مک کي، انساني فائدي رسائڻ واسطي، قدرت واري خلقي، سندس فطرت اندر اها ڪيفيت داخل ڪري ڇڏي آهي ته مانارو ٺاهڻ لاءِ مخصوص جاءِ يا هنڌ جي تاڙ نه ڪندي. وڻ هجي يا جبل، گهر هجي يا لوڙهو، کيس اتي مانارو ٺاهي، کاڄ منجهس ڀرڻو آهي. ماکي ڪهڙي گل مان ٺهندي؟ سو ان جاءِ جي ويجهو آهي يا پري، ان جو کيس فڪر يا اونو ناهي. قدرت واري منجهس ماکيءَ ٺاهڻ جي صلاحيت، ماحول کان هٽي ڪري رکي آهي. دنيا اندر ٺهندڙ ڪارخانا، اتي لڳايا ٿا وڃن، جتي خام مال ۽ مزدور سستا ۽ هڪيا حاضر ملن. جڏهن ته ماکيءَ لاءِ اهڙي ماحول جوڙڻ جي ڪا به ضرورت ناهي.
    زال کي مڙس گهرجي. قد ۽ بت، رنگ ۽ روپ ڪهڙو هجيس؟ ڪمائي ۽ گهر گهاٽ، ذات ۽ نسب ڪهڙو هجيس، تنھن لاءِ کيس ڪو سروڪار ناهي. کائڻ پيئڻ، هنگڻ مٽڻ ۽ پرڻي جهڙيون تقاضائون، نسلي ۽ مذهبي مت ڀيد ۾ پوڻ کي ترجيح نه ٿيون ڏين. انهن تقاضائن کي پوري ٿين لاءِ، فطرتي رنگ ۽ ڍنگ کپي. ٻين ڳالهين سان کين ڪا به وچڙ سچڙ ڪونهي.
    مطلب: ۱ - ماکيءَ کي ويهڻ لاءِ محفوظ هنڌ ۽ عورت کي مردانگيءَ وارو مڙس کپي.
    ۲ - ماکي، ويهڻ وقت، وڻ جي چونڊ نه ٿي ڪري. عورت کي به مڙس گهرجي، پوءِ جھڙو به هجي.

    274. ماگهه؛ ڇوڙا ڏاگهه. (چوڻي)
    ماگھ؛ مانگھ، سنبت وڪرمي سال جو مهينو، فيبروري ڌاري اچي. ڇوڙا؛ ڇوڙو، کل، چمڙي. ڏاگھ؛ ڏاگھ تي چڙھڻ، مٿي ٽڪٽڪيءَ تي چڙھڻ، ساڙي ڇڏڻ.
    ماگھ ۾ سياري جي پڇاڙي هوندي آهي. ڀٽن جي واريءَ ٺرڻ سبب، ٿر اندر سردي ۾ ويتر اضافو آيل ھوندو آهي. سيارو ۽ واڻيو، آخر تائين، ڪسر نه ڇڏين. موٽي به ڌڪ ضرور ھڻن. سيارو به ويندي ويندي ٿڌين هوائن وارا اھڙا آخري پارا ھڻندو آھي جو ماڻھن ته ڇا اٺن جي کل/ چمڙي به ساڙي ڇڏيندو آھي. وڻن جا پن ڏانڊين سميت سڙي ويندا آھن. (۳۵) ص ۱۹۶
    مطلب؛ ۱- ماگھ ۾ ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ هر شيءَ سڙيل يا ڏاگهه تي چڙهيل هجي.
    ۲- فبروري؛ وٺي خبر وري.

    275. مال ڀٽارو، اکين جو تارو. (چوڻي)
    ٿري ماڻهن جو جياپو، کير مکڻ تي آهي، جيڪو کين مال منجهان ميسر ٿئي ٿو. وُٺي تي جيڪا اوڀڙ اڀري ٿي، سا سموري جي سموري، ڏٿ طور ڪتب نه ٿي اچي. بلڪ مال متاع کائي ٿو. مال وري موٽ ۾، کير مکڻ ڏئي ٿو. يا منجھانئن ڄاول ڦر ڦروٽا وڪڻي، پئسو ڏوڪڙ هٿ ڪجي ٿو.
    اهو ئي سبب آهي جو ٿري ماڻهو، مال جي وڏي سنڀال ڪن ٿا. کيس اولاد وانگر، اک جو تارو سمجهن ٿا.
    مطلب: ۱ - مال، جياپي جو سھارو آهي.
    ۲ - ڀيٽيو: ٿر آهي ٿڻ تي، نه ڪي ڪڻ تي.

    276. مال صدقو سِرَ جو، سر صدقو لڄ جو. (چوڻي)
    انسان، ٽن شين کي اهم سمجهي ٿو؛ مال، جان ۽ لڄ. انهن جي اهميت وري هن ترتيب سان آهي؛ مال کان وڌيڪ جان جي اهميت آهي. اگر ڪا مصيبت جان تي اچي ٿي ته اتي ماڻهو، پئسو خرچ ڪري به جان آجي ڪرائڻ کي ترجيح ڏيندو. جھڙوڪ جيل ۾ پوڻ يا بيمار ٿيڻ جي صورت ۾ يا آفت اچڻ جي صورت ۾ ماڻهو، جان بچائڻ کي مال مٿان ترجيح ڏيندو آھي.
    اهڙيءَ طرح، لڄ يا شان ۽ عزت، جان کان وڌيڪ اهم آهن. اهي هليا ويا ته زندگي زهر ٿي ويندي. پنھنجي جان مان به ماڻهو بيزار ٿي ويندو. اگر لڄ بچائڻ لاءِ جان هلي وڃي ته سودو سستو سمجهندو. جڏهن ته لڄ وڃائي، جان بچائڻ، وڏي نقصان کڻڻ جي مترادف آھي.
    مطلب: ۱ - مال، جان تي قربان ۽ جان، شان تي قربان.
    ۲ - نڪ، پيٽ ۽ وات کان مٿي کيو ويو آھي.

    277. مال؛ لال. (چوڻي)
    مال: ڍڳا ڍور، رڍون ٻڪريون. لال: هيرا، لعل.
    ٿر جي اندر، ڪمائيءَ جا ذريعا؛ زراعت، مال متاع ۽ هٿ جو هنر آهن. زراعت، آسماني برسات تي آهي. جيڪا جڏهن پئي، تڏهن ٻج ڇٽڻ جي تڪليف ڪرڻي آهي ۽ بعد ۾ ان جي جهار هڪلڻي آهي. جڏهن ته هنري ڪم لاءِ، سڄو ڏينھن محنت ڪرڻي آهي. وري جڏهن اها وٿ وڪامي ته پيٽ گذر ٿئي.
    جڏهن ته مال، پاڻ-مرادو جهنگ مان چريو اچي. برساتين تي پاڻ-مرادو اڀريل گاهه سندن خوراڪ آهي. سوڪھڙي وارن ڏينھن ۾ گاهه وغيره وڍي اچي گهر ۾ سڪائجي ته سو پيا چرن. ويلي تي کير ڏهائين، وري جهنگ چرڻ وڃن. کير؛ ڌونئري ۽ مھي ولوڙڻ، گيھ/ مکڻ ڪڍڻ ۽ ڏڌ/ لسيءَ لاءِ به ڪم اچي. نجو به پيئجي، جنھن تي ٻالنگهه ٿيو وڃي. مکڻ منجهان گيهه ٺهي، جيڪو وڪڻي گذر سفر ڪجي. تڏهن چوندا آهن؛ ٿر آهي ٿڻ تي، نه ڪ ڪڻ تي.
    کير ڏهائڻ کان علاوه، مال مان ڦر ٽڪر ملن، جيڪي وڏا ٿي ڌڻ کي وڌائين. وقت تي مال وڪڻي گذر ڪجي. اناج ۽ هنري ڪمن جي ڀيٽ ۾ مال جي حيثيت ائين آهي جيئن بئنڪ ۾ رکيل پئسي جي. يا گهر اندر رکيل هيرن جواهرن جي، جيڪي جڏهن کپائجن ته کپي به وڃن ۽ منجهانئن ترت فائدو به پئجي وڃي.
    مطلب: ۱ - مال جي حيثيت، روڪ پئسي جھڙي آهي.
    ۲ - مال، لعل آھي. (۳۵) ص ۲۰۸

    278. مان جهڙي ڏيڪري، ٺان جهڙي ٺيڪري. (پهاڪو)
    مان: ماءُ. ڏيڪري: ڇوڪري/ ڌيءَ. ٺان: ٿانءُ. ٺيڪري: ٺڪري، ٺڪر-ٽُڪر.
    جنهن عنصر منجهان ٿانءُ جڙيل هوندو آهي، ٽٽڻ تي منجهانئس ٿيل ٽُڪَر به اهڙي ئي مادي ۽ خاصيت جا نڪرندا آهن. ڀڳل دلي جي ٺڪري، شڪل شبيھ ۽ رنگت ۾، ڀڳل دانگيءَ جي ٺڪريءَ کان مختلف ھوندي آھي.
    اهڙيءَ طرح اولاد به، والدين تي ئي ڇِڪ ڪندو آهي. جهڙا لڇڻ ماءُ جا هوندا، تهڙا لڇڻ، سندس پيٽ ڄڻيءَ ڌيءُ جا به ھوندا. زال پرڻجڻ وقت، ٿيڻ واري ڪنوار بجاءِ، سندس ماءُ جا لڇڻ جاچڻ گهرجن. ٿيڻ واري سس، پاڻ چڱي آهي ته سندس ڌيءُ پڻ چڱي هوندي ۽ ان منجهان جيڪو اولاد ڄمندو سو پڻ چڱو هوندو. ٻيءَ صورت ۾ اولاد، نانيءَ تي ڇڪ ضرور ڪندو ۽ پرڻجندڙ جي انتخاب واري حس کي ضرور لڄائيندو. بهتر آهي ته سڱ ڇڪڻ وقت، ڇوڪريءَ جي ماءُ جي لڇڻن تي نظر رکجي.
    مطلب: ۱ - جهڙي ماءُ تهڙي ڌي، جهڙو ٿانءُ تهڙي ٺڪري.
    ۲ - ڌيءُ ماءُ جھڙي، ٺڪري ٿانءَ جھڙي.
    ۳ - ٺڪري ٺان جھڙي، ڏيڪري مان جھڙي.
    ۴ - ماءُ جنھن جي جھڙي، ڌيءُ تنھنجي تھڙي، ڳالهه تن جي ڪجي ڪھڙي، آڪھه ئي اهڙي. (لاڙ)
    ۵ - ناني ستين پيڙهي ڇڪي.
    ۶ - ڀت، بنياد تي ويندي آھي.
    ۷ - جهڙا ڪانگ، تهڙا ٻچا.
    ۸ - جھڙو گھڙو، تھڙي ٺڪري، جھڙي مان، تھڙي ڏڪري. (۳۶)
    ۹ - تخم تاثير، صحبت اثر.
    ۱۰ - ڀيٽيو؛ نو پيڙهيون، ناناڻو ڇڪي. (۶) ص ۱۲۹.
    279. مانُ گهٽي ڪڇ مک سين منگت،
    پريت گهٽي نت پر گهر جايا،
    گيان گهٽي نرمونڍ ڪي سنگت،
    ڌيان گهٽي چِت ڪو ڀر مايا،
    تيج گهٽي پر نار ڪي سنگت،
    ٻڌ گهٽ ٻھو ڀوڄن کايا،
    شوڪ گهٽي ڪُڇ ساڌ ڪي سنگت،
    روگ گهٽي ڪڇ اوکت کايا،
    داس بھاري ڏک ڏار ڊر گهٽي،
    گووند گووند گووند گايا. (چوڻي)
    مک؛ وات. نرمونڍ؛ بيوقوف. ڀر مايا؛ لالچائڻ. شوڪ؛ دنيا جي سُڌِ. ساڌ؛ درويش. روگ؛ بيماري. اوکت؛ سادا.
    ۱ - ھر انسان پنھنجيءَ ۾ پورو آھي. ھٿ پير ھڻي، پنھنجي سر ۽ ٻچن کي سکيو رکڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آھي. ان کان اگر وات سان گهربو ته چڙي پوندو. اگر ظاھري طرح نه چڙيو ته به دل ۾ پيو پڄرندو ۽ سندس نظرن ۾ ڪري پئبو.
    ۲ - ھر ڪو پنھنجي گھر ۾، پنھنجي منھن ويٺو آھي ۽ پيو وقت گذاري. اگر ٻئي جي گھر وڃي، سندس ڪمن ڪارين ۾ رخني جو سبب بڻجبو ته کيس پريشان ڪبو. بظاھر پريشاني ظاھر نه ڪيائين ته به دل ۾ خفي ضرور ٿيندو ۽ دل منجھان ملڻ واري سڪ ختم ٿي ويندس.
    ۳ - بيوقوف ماڻھوءَ جي سنگت مان، ڪنھن به قسم جو فائدو ناھي. ھٿائين ساڻس گڏ ويھڻ ۾ ڪيئي نقصان آھن. وڏو نقصان اھو آھي ته پنھنجو عقل گهٽجي ٿو وڃي.
    ۴ - لالچ ڪرڻ چڱو ڪم ناھي. ان سان ٻين جي نظرن ۾ ته ماڻھو ڪري ٿو پر ڌڻيءَ ڏانھن به ڌيان ڪرڻ رھجيو وڃي.
    ۵ - انسان جو شان مان، حياءَ سان رھڻ منجھ آھي. جيڪو ماڻھو بيحياءُ ٿي پراين عورتن کي تڪي ٿو، سو ٻين جي نظرن ۾ ڪري پوي ٿو. خسيسپڻي سبب، ٻين مان، سندس رعب به نڪري وڃي ٿو.
    ۶ - کاڌو، ھَٺَ سَھائيندو کائجي. وت کان واڌو کاڌو، جِورندو ڪونھي. گهڻ-کائڪ، بجاءِ ساڳائڻ جي، ويندو لھڪاريندو. اگر لھڪار نه آيس ته به بد ھاضميءَ سبب سندس سمجهه ۽ ڌيان ساڳيا نه ٿا رھن.
    ۷ - الله وارن جي صحبت ۾ رھڻ چڱو ڪم آھي. دنيا ڏانھن رغبت گھٽجي ٿي.
    ۸ - هوا خوري، ھاضمي لاءِ ڀلي آھي. ان سان بيماريون نه ٿيون وچڙن. جنھن جاءِ ۾ ھوا ۽ روشنيءَ جو بندوبست ناھي، تنھن ۾ رھڻ سان ڊاڪٽرن جا چڪر ڪاٽڻا پوندا آھن.
    ۹ - رب پاڪ، انسان کي پنھنجي عبادت لاءِ خلقيو آھي. انسان جي اندر موجود خلشون ۽ ڏک، ڊپ ۽ ڊاءَ، ان مالڪ جي يادگيريءَ ۽ نالي وٺڻ سان گهٽجيو وڃن.
    مطلب: ۱ - مٿي ڄاڻايل نو عمل، انسان جي موچاري زندگيءَ لاءِ لاڀائتا آھن. مٿن عمل ڪرڻ گھرجي.

    280. مانئي تو ديو، نهين ڀينت ڪو ليو. (راجسٿان، پھاڪو)
    مانئي: مڃيوس. ڀينت: پٿر.
    هندو مذهب وارا، پنهنجي ڀڳوان ۽ وڏن مها پرشن جون، پٿر منجهان مورتيون گهڙائي، پنهنجي عبادت گاهن ۾ رکندا آهن. انهن جي معرفت، پوءِ حقيقي رب کي ٻاڏائيندا آهن. يا پنهنجي من جون مرادون مڃرائيندا آهن. انهن مورتين جي حيثيت، ديو واري تڏهن آهي، جڏهن کين دل سان سچو مڃجي. جيڪڏهن کين دل سان نه مڃبو ته پوءِ ڄڻ اهي پٿر سمان آهن.
    اهڙيءَ طرح، ڪن مسلمان فرقن اندر به، ڪن مماتي بزرگن بابت اھڙي قسم جا عقيده دل اندر ويٺل ھوندا آهن. جنھن سببان سندن قبرن مٿان قبا اڏائي مجاور ٿي ويهن ٿا. انهن مماتي بزرگن جي عزت تعظيم يا بزرگي به تڏهن آھي جڏهن جيئرا ماڻھو کين عقيدي جي نگاھ سان ڏسن. ٻي صورت ۾ اهي به عام قبر وارن وانگر آهن، جيڪي قبرن اندر ڪجهه نه ٿا ٻڌن.
    اهو ماڻهوءَ جي اندر جو عقيدو آهي، جيڪو پٿر کي ڀڳوان يا قبر کي وليءُ بڻائي ٿو. ور نه ته اصل ڪار ساز، فقط هڪ ئي رب پاڪ آهي.
    مطلب: ۱ - جهڙو عقيدو رکبو، رب پاڪ کي، اهڙو ئي لهبو.
    ۲ - پوجو تو ڀڳوان، نهين تو پٿر ڪا پٿر. (هندي)
    ۳ - ڪاشي ڪا ڪنڪر، وه ڀي شنڪر. (هندي)
    ۴ - مانَ ته ديو، نا ته پٿر. (ڀوڄپوري) (۱) ص ۳۸۷.

    281. مانيءَ ۾ ٻانهي، مهانگي ناهي. (چوڻي/ پهاڪو)
    دل سان، دوستن/ مٽن جي خدمت ڪرڻ ۽ مالڪن جي نوڪري ڏيڻ وارا جذبا، اڄڪلهه ناپيد ٿي ويا آهن. نفسا نفسيءَ جي هن جهان ۾، پُٽ اهو ٿو وڻي، جيڪو کاٽو آهي. اولاد به اهو خدمت ٿو ڪري، جنهن کي والدين منجهان ڪي حاصل ٿئي ٿو. محبت به سهڻي صورت يا سٺي سيرت واري سان گهٽ پر گهڻي دولت واري سان جهٽ ٿيو وڃـي.
    دولت/ ملڪيت ڏانهن، ماڻهوءَ جي من جو ميلان، آزمائش خاطر رکيو ويو آهي. اهڙين حالتن ۾ جيڪڏهن ڪو نوڪر، پيٽ تي ٻيلپو ڏيڻ لاءِ تيار هجي ته ان کي مهانگو نه چئبو. ڇو جو ماني ته بنا معاوضي سڀ ڪنهن نوڪر جو بنيادي حق آهي.
    اهڙو نوڪر، ڪم ۾ ڪوتاهي ڪري ته کيس ڇڙٻ به نه ڏجي. ڇڙٻ ته پيٽ-ڄڻيو اولاد به نه ٿو سهي. تنهنڪري خدمتگار نوڪر کي، ٻچن وانگر هلائجي. کيس ڇڙٻون ڏيڻ يا دوڳڻ، چڱو ڪم ناهي.
    مطلب: ۱ - پيٽ تي بيٺل نوڪر، مهانگو ناهي. اهو ته اولاد کان به سستو آهي. سندس سمورا عيب نظر انداز ڪري، قرب سان کيس پاڻ وٽ رهائڻ گهرجي. (۵)

    282. ماڻسان ري مايا آهي، ڍونڍان نان ڪوڻ ٿو پڇي. (چوڻي)
    ماڻسان ري: مڙسيءَ وارا. مايا: دولت. ڍونڍان: ڍونڍن. ڪوڻ: ڪير.
    هر علائقي جي دولت، مال ۽ مايا، اتان جا رهواسي ئي هوندا آهن. رهواسين منجهان، ڪارائتا يا دولت وانگر ڪارگر ماڻهو اهي هوندا آهن، جن منجهه مڙسيءَ وارا اکر هجن. جن منجهه غيرت ۽ مانَ وارا لڇڻ ناهن؛ سي کوٽي سڪي مثل ٿڏيل هوندا آهن. تن نامرد ۽ مڄو مڙسن جو مثال؛ ڍوند وانگر آهي، جنهن کي هر ڪو پاڻ کان پري اڇليندو يا ڦٽو ڪندو آهي.
    مطلب: ۱ - مڙس ماڻهو، وڏي وٿ/ دولت آهن ۽ نامرد، ڍونڍ مثل آهن. (۶) ص ۱۲۹.

    283. مائٽ ميڻ هوندو آهي. (چوڻي)
    ميڻ: جنهن مان ٻرڻ لاءِ بتيون ٺهن ٿيون.
    ٿوري تَوَ تي ميڻ رجي، ٻرندي ۽ ڳرندي رهندي آهي. ماءُ يا پيءُ جي دل، اولاد جي آڏو پڻ ميڻ وانگر آهي. لاڏ ڪوڏ سان پالڻ پڄاڻان، اگر اولاد بيهودائي ڪري ٿو ته مائٽ ان کي دل تي نٿا وٺن. نه دل ۾ ڪن ٿا ۽ نه وري موٽ ۾ ساڻن بدسلوڪي ڪن ٿا. نه زبان تي ڪو ويڻ آڻين ٿا ۽ نه وري کين ڪڏهن ڪو ڏوراپو ئي ڏين ٿا.
    جڏهن ته اولاد، ٿوري ڳالھ به سهڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي. وڏي ٿيڻ کانپوءِ والدين جي تڪليف ونڊي ورهائي پاڻ تي کڻڻ ته رھي پري جي ڳالهه، کين ان حالت ۾ ڏسي ٻه ڳوڙها به نه هاريندو آهي. کين اڻ-ڏٺو ڪيون ۽ ڪن لاٽار ڪري، نڪتو هليو ويندو آهي.
    مطلب: ۱- والدين جي ڀيٽ ۾ اولاد نرڄو آهي.
    ۲- مائٽ جي دل مکڻ، اولاد جي دل ڪٺڻ. (هندي)
    ۳- مائٽ ميڻ، اولاد پهڻ.
    ۴- ماءُ جي دل مکڻ، اولاد جي دل ڪٺڻ.
    ۵- اولاد، پٿر هوندو آهي.

    284. ماءُ ڪک تي پاري، ٻاپ لک تي ڪنهين پاري. (چوڻي)
    پاري: پالي. ڪنهين: ڪڏهن به نه، ھرگز نه.
    ڪمزور ۽ ناتوان ٻار کي پالڻ لاءِ، دولت جي نه پر دل سان ڪيل خدمت جي ضرورت هوندي آهي. ٿڃ پيئارڻ، هنگائڻ مٽائڻ، آڍڻ سوٽڻ، تنجڻ، ڌوئڻ پوئڻ ۽ لولي ڏئي سمهارڻ وارا ڪم ئي ٻار لاءِ اهم هوندا آهن، جيڪي محنت، شفقت ۽ محبت سان منسلڪ آهن. اهي فقط ماءُ ئي ڪري سگهي ٿي ۽ خالي هٿن تي به ڪري سگهي ٿي. جڏهن ته ساڳين ڪمن لاءِ، پيءُ منجهه ٽڪي جي به استعداد نه هوندي آهي، پوءِ ڀلي کڻي لکاپتي ڇو نه هجي. ان ڪري ٻار کي پالڻ، ماءُ جي ڀيٽ ۾، پيءُ لاءِ ڏاڍو مشڪل آهي.
    ماءُ، پاڻ نه کائي به اولاد کي کارائيندي، حتيٰ ڪ پيٽ مان ڪڍي به کيس پئي تڳائيندي. کيس ڪوسو واءُ به لڳڻ نه ڏيندي. ڏينهن جو گهر جي ڪم ڪاڄ ۽ حاج لاءِ ڪشالا ڪڍڻ جي باوجود، اولاد کي پالڻ لاءِ رات جو اوجاڳا به سهي ويندي آهي.
    مطلب: ۱ - ماءُ ٿوري تي پالي سگهي، پيءُ گهڻي تي به پالي نه سگهي.
    ۲ - پيءُ مئي اولاد اڌ ڇورو، ماءُ مئي سڄو ڇورو. (۶) ص ۱۳۰.

    285. مايا ٻيٽي شوم ڪي، سخيان پاس نه جائي،
    سخيان درشن شينهن ڪا، جيئن ديکي تيئن جائي. (ڍٽ، چوڻي)
    مايا؛ ڌن دولت يا ملڪيت.
    مال ملڪيت ڪٺو ڪرڻ جو حرص ۽ هوس، لالچ ۽ لوڀُ، ڪنجوس جي دل ۾ هوندو آهي. اولاد کان وڌيڪ، دولت کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. مايا/ ملڪيت به، سندس ڌيءَ وانگر سندس گهر ۾ اچي ٿي. پٽ تي ماڻهوءَ جو ايترو حڪم نه هلندو آهي، جيترو ڌيءُ تي هلي ٿو. گگدامن وانگر، جيئن ڌيءُ گذاري ٿي ۽ چُپِ ۾ رهي ٿي، تيئن پٽ نه ٿو رهي. اهڙيءَ طرح ملڪيت به ڪنجوس وٽ، گهُٽيل ۽ بند رهي ٿي. سخين وٽ وڃڻ جي وار