ڪتاب جو نالو: سمبارا
مصنف: ساجد سنڌي
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 19 سيپٽمبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 396 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 77 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب خوبصورت شاعر، ليکڪ ۽ پبلشر ساجد سنڌيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
ساجد منهنجي انهن دوستن مان آهي جن وٽان اڻ ميو پيار ۽ پنهنجائپ ملي آهي، هو موٽ ۾ صرف هڪ مُرڪ گهرندو آهي. ماٺيڻي پر تخليق ۽ لکڻين ۾ ساگر جهڙي گهرائي رکندڙ ساجد سنڌيءَ وٽ مُرڪن جا خزانا آهن. سندس لکڻين ۽ شاعريءَ ۾ ڪشش آهي، هن جي قلم ۾ جنبش آهي. ساجد سراپا جدوجهد ۽ محبت آهي. سندس هي ڪتاب ان جو ثبوت آهي. منهنجي دوست هجڻ ناتي متان مان سندس تعريف ئي لکان پر هي تخليقون ۽ هي ڪتاب ان جا شاهد آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • پنهنجي پاران
  • پياس جي ريکا (مهاڳ)
  • ساجد ۽ سمبارا جو سنگم
  • منهنجو ويساهه
  • شاعري

  • نيڻَ نَديءَ ۾ رَقصان پاڇا...
  • ابتدا ۽ انتها، فُٽ پاٿ تي،
  • من ته بدن ۾ سڏڪي ٿو،
  • اوهان ۽ اسان، ڪاغذ جو رشتو،
  • جيءُ ڪيڏو جُهري ٿو بارش ۾،
  • وري لهي بدن مٿان، پَٽي ڪَٽي وڍن پيا،
  • زندگيءَ کان گلاب ڇني ورتا هن.
  • تو جي هَٿن سان رکيا،
  • او کَجِين جي شهر واري ڇوڪري!
  • نيڻ تنهنجا آسمان جو سوجهرو،
  • ڏات خنجر، ڌار آهي شاعري،
  • سوچَ اُٿاهَه سمنڊ ۽، اندر ساڳي آس،
  • نيڻَ مسجود تو درَ دعا عيد تي،
  • سجايون ڪنهن اميدن جون، مزارون منهنجي نيڻن ۾،
  • انصاف جي اکين تان ڪاري پٽي ته کوليو،
  • روئن رت ڦڙا اکيون ڇو نه پنهنجون،
  • پيار اسان پاتو.
  • ادي پنڪي!
  • ڪائي آرزو ڪيان ٿو.
  • رات ڏِٺا سَپنن ۾ شيشا،
  •  سونهن کي سجدو ڪجي، ڪافر ٿجي،
  • پاڻ کي مون گهڻو سمجهايو، پنهنجي تعاقب ۾.
  • دل ته تنهنجي چاهه ۾ گم ٿي وئي،
  • اسان جي آس جي ريکا،
  • روح روڳي نه ساڻو ٿيو،
  • زميني ڪٿائون، زمانو ڇا ڄاڻي.
  • عشق ۾ جنون چاهي ٿي.
  • تنهنجو عڪس ڏٺم!
  • لڳي ٿو وري ڪو وڇوڙو وڍيندو!
  • لڙڪ ڇوليون، تون ۽ مان،
  • بَس ڪارا وارَ وِکيري ڇَڏ،
  • اڄ هٿن ۾ آرسي ناهي رهي،
  • لِڪائي مُٺ ۾ آڌيءَ کي،
  • پُهتا آڌيءَ رات جو،
  • چوي ٿي دنيا، گناهه ۾ هون.
  • ڪنهن ته تحفو ڏنو ڪفن جهڙو،
  • لاڏلا هِن، سُکن ۾ پَليا،
  • قاتلن جي قهر کان، ڪانئر لِڪا ڪنهن ڪنڊ ۾،
  • حَسين غم کي، ڀري ڀاڪر، جيئون ٿا پيا.
  • ڌرتي ساري سُڃ،
  •  خدا در ڪا دستڪ نئين ڳالهه ناهي
  • چَون ٿا اسان کان رُٺي آ ڪراچي،
  • هي سفر زندگيءَ جو کُٽو آ قبر تي،
  • سرمئي ڪنهن شام وانگر ٿي لڳي،
  • تنها سمونڊ، لهرون ۽ مان،
  • اڄ ڪي ڳوڙها رٺل آهن،
  • پر اڃان دِل پٿر، خاموش آ.
  • لاءِ سيني وري، موت!
  • اسان جڏهن ڀي قرار ڳوليو،
  • روز لکي خط ڦاڙي ڇڏجان،
  • ڇيرِ ٽوڙيندي ناچڻي ٿي وڃي،
  • ڀريل ڪشڪول نيڻن جا، اڃان ڳوڙهن جا ڳاڙها رنگ،
  • هٿ دعا لئه کڄيل، اُڀ تي نظرون کُتل،
  • ٻولي سمجهه کڻي....!
  • چوان ڪيئن، توکان سوا جي سگهان ٿو!
  • زندگيءَ ۾ ڪنهن حسينا کي ڏٺم،
  • چنڊ مرڪي لِڪيو، بادلن وچ ۾.
  • گهايل دل جي ڌڙڪ ۽ مان،
  • اکيون دشمن به ٿي پونديون،
  • زندگي جو اوپري ٿيندي وئي،
  • ڇو پيو ڀٽڪين زمانا! وٺ ضرورت جو سبق،
  • خدا به غم ڏنو خوشيءَ ۾.
  • ٽٽل خواب شيشا نه جوڙي سگهون ٿا.
  • بکئي، پيٽ، پياسن چپن جون دعائون،
  • ڇِڳيون ڄاڻ تانگهون، اِجهو آيو طوفان،
  • ڪئن راند ڪندي هوءَ،
  • اچو ديس تان پاڻ واري هلون.
  • نه دشمن اسان جا نه ڪي يار آهيو.
  • ڪِٿي نه ملندو مثال جانان!
  • بيوفا ڪنهن يار وانگي،
  • کڻي گل هٿن ۾ هوا ڪا ته ايندي،
  • هر خوشي مون کان کسي ٿئي، اي خوشي تو ڇا ڏنو،
  • تون نه کڻجان راهه تان پٿر،
  • قطعا
  • اي حسينا کڻي جلوا، موٽي وڃ.
  • وري وقت تنهنجا حوالا ڏنا هن،
  • کڻو اَبرو، وڍيو انگڙا، اسان جي دل اُهائي آ،
  • راهه ڀُلجي پيا ريل ۾،
  •  ڇارسو چاندني آ،
  • سوچ بيمار ۽ زندگي زخمي،
  • قطعا
  • چئه جِتان، هليو وڃان،
  • موت کي چئه آزمائي، آ.
  • ٻن هَٿن ۾ چنڊ آ،
  • پيار مان پيار جا، ڇو حصا ٿو ڪري،
  • لاهه چادر درد جي تون، ڪا گهڙي مرڪي ته پئه،
  • ڪيان ٿو، هر سزا پاڻ ڏي،
  • ميرا ٿيا ماڻهن جا پردا،
  • مان ته پنهنجي يار کي ڳوليان پيو،
  • قطعا
  • دل جي کولڻ کڙڪي اُٿي آ،
  • اکڙين مان حجاب گم ٿي ويا،
  • رات ڪنهن سان گفتگو ٿي فون تي،
  • قطعا
  • ٿي عيان زندگيءَ جي ڪٿا،
  • دامن ڀِڳل، ياد نه ڪر،
  • درد تنهنجا پنهنجو ڪفن ڪيم،
  • پاڻ ڪيڏو ٿا روليو شهر ۾،
  • قطعا
  • يار! ملندي زندگي، نيڻن جي نيري سمنڊ ۾،
  • هو هليو ويو موت کي ڳل لائي،
  • ڄاڻ ٽڪرا ٿيس، ديد- تلوار ۾،
  • ڪجهه ته منهنجي به ٿي زندگي،
  • رايا ۽ ٻه اکر

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سمباراُ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب خوبصورت شاعر، ليکڪ ۽ پبلشر ساجد سنڌيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
    ساجد منهنجي انهن دوستن مان آهي جن وٽان اڻ ميو پيار ۽ پنهنجائپ ملي آهي، هو موٽ ۾ صرف هڪ مُرڪ گهرندو آهي. ماٺيڻي پر تخليق ۽ لکڻين ۾ ساگر جهڙي گهرائي رکندڙ ساجد سنڌيءَ وٽ مُرڪن جا خزانا آهن. سندس لکڻين ۽ شاعريءَ ۾ ڪشش آهي، هن جي قلم ۾ جنبش آهي. ساجد سراپا جدوجهد ۽ محبت آهي. سندس هي ڪتاب ان جو ثبوت آهي. منهنجي دوست هجڻ ناتي متان مان سندس تعريف ئي لکان پر هي تخليقون ۽ هي ڪتاب ان جا شاهد آهن.
    هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن حيدر آباد پاران جون 2017ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري دوست ۽ سنڌ سلامت جي سڄڻ ساجد سنڌيءَ جا جنهن سمبارا پبليڪيشن پاران ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب نمبر 50
    حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
     
    ڪتاب جو نالو: سمبارا
    موضوع: شاعري
    شاعر: ساجد سنڌي
    ڇاپو پهريون: جون 2017ع
    ڪمپوزنگ/لي آئوٽ: شاهزيب ميمڻ
    ٽائيٽل ڊزائين: مجيد سومرو
    ڪلر پيجز ڊزائين: رضوان گل
    ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
    سيد آرڪيڊ عبرت گهٽي
    گاڏي کاتو حيدرآباد
    03003513966
     
    مُلهه: 200 روپيا
     


    SAMBARA
    (Poetry)
    By: Sajid Sindhi
    Sambara Publication Hyderabad


    پنهنجي پاران

     ۽ نيٺ سگريٽ جو آخري ڦلو به ڇڻي ڪري پيو، قلم ڪجهه به لکڻ کان عاري آهي، سوچن جو ڦهلاءُ ڪوري ڪاغذ تي يڪجاءِ ٿيڻ لاءِ تيار ناهي، پٿراليون اکيون ڪيترن ڏينهن کان ننڊ ۽ جاڳ جي جنگ ۾ ريٽيون ٿي چڪيون آهن، ڪجهه لکجي، ڪيئن لکجي؟ ڇا لکجي؟ ۽ ڇو لکجي؟، جي وچ ۾ منتشر ذهني پيڙا جو پتو تخليقي رڃ مان نڪري سڦلتا سان همڪنار ٿيڻ سان به مطمئن نه ٿئي ته آخري حد خدا جي ڪنهن به تخليق جي معنيٰ ۽ مقصد جي سوچ باقي رهجي وڃي ٿي، نه ته زميني جاندار تخليقون هر ڀيري اڻ کٽ ۽ اڻ پوريون ئي محسوس ٿينديون ۽ شايد اهو تسلسل ابد تائين برقرار رهي. ايوب جو صبر هجي يا يعقوب جي انتظار جي شدت، يوسف جي سونهن هجي يا زليخا جو عشق، هر تڙپ پنهنجي اندر ڪنهن نه ڪنهن تخليق کي ضرور جنم ڏنو هوندو. ان آهه زاري جي صدا ۾ لڪل لفظ به ضرور شاعري جي روپ ۾ نوحو بڻجي اندر کي وڍيندا هوندا يا دعا جي شڪل ۾ رب آڏو زارو قطار روئي سراپا سجود ٿي پنهنجي وڃايل اڌ جي حاصلات جي طلب ۾ پاڻ وڃائڻ لاءِ آتا هوندا ڪجهه ته آهي جو خدا جو ڪلام به پاڻ طرف ڇڪيندڙ، مترنم ۽ سحر انگيز لڳي ٿو. ڀلا “سڀ فنا آ” جي ورد کي ڇو پچارجي؟ هڪ پٺيان ٻئي وجود جي تخليق آخر ڪهڙو سنيهو ڏيڻ پئي اچي. ڪجهه ته آهي جا حاصلات جي تسلسل کي اڀاريندي پئي اچي، ڇو ۽ ڇا واري سوال جو جواب ڪٿي ته دنگ ڪندو، پر اهو سڀ ايڏو آسان به ته ناهي، جي ممڪن به بڻجي ته حيات هوند بي چسي ٿي پئي.
    جيڪي فراقان، سووصالان نه ٿئي.
    اها اڌ ڳولا جي تڙپ ئي آهي جيڪا هڪ نئين تخليق کي جنم ڏئي ٿي ۽ نئين ساز ۾ سوز ڀري ڏياج کي ڪنڌ ڪوري ڏيڻ تي مجبور ڪري ٿي. اسان جي تخليق ته پاڻيءَ جو هڪ فوٽو ئي ته آهي. پل ڀر اڀري پل ڀر ۾ ڀسم ٿئي. تخليق ته ڪائناتي رنگن ۾ عيان آهي. جنهن جي ساراهه ۾ سمورا لفظ اڻپورا ۽ بي چسا ئي محسوس ٿيندا. دنياوي رشتن ۽ الجهنن ۾ جڪڙيل سماج اندر هڪ تخليقڪار جي تخليق جو ڪهڙو ڇيد ٿي سگهندو. جتي هر هٿ ۾ پٿر جو تصور ذهن ۾ گهنڊ جيان وڄڻ لڳي اتي حقيقي تخليقي عمل جو موت يقيني بڻجي ٿو. پاڻ يوسف جي خريدارن ۾ نانوَ لکرائڻ لاءِ آڱر ڪٽرائڻ جي به سگهه نه ٿا ساري سگهون، ڪنهن جي تخليق سان ڪهڙو انصاف ڪري سگهنداسين.
    جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهه سجود،
    وڃائي وجود، تهان پوءِ تڪبير چئو.
    (شاهه)
    سچ ته اهو آهي جو اسان پاڻ کي لطيفي راهه جو راهي سڏائي پنهنجو پنهنجو الڳ رستو جوڙيو آهي، ڄڻ ڪا منزل اجهو آئي، اکيون، گهڻن سپنن جي جلد ساڀيان پسڻ گهرن ٿيون، پوءِ ڀل منافقن جي قطار ۾ سڀ کان اڳ ۾ بيٺل ڇو نه هجون، ها اسان اهڙي سماج جو ئي حصو آهيون. جتي معاشري جي سڌاري لاءِ تخيلقڪار جو بي موت مري وڃڻ ڪا معنيٰ نه ٿو رکي، پر پوءِ به اسان لکون ٿا. ڪنهن کي وڻون يا نه وڻون، هر ڪو پنهنجي ڪرت نڀائيندو پيو اچي. ليکڪن خاص طور شاعرن جو انگ ڳڻپ کان ٻاهر آهي، هر ڪو پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ سان “مين نعره مستانه” جي مستيءَ ۾ گم آهي. ائين کڻي چئجي ته پنهنجي سوچ جو دائرو به انهن مڙني مامرن سان ڳڱاٽيل آهي ته غلط نه ٿيندو.
    پنهنجي تخليقي پورهئي “تون، مان ۽ خدا” کان پوءِ هن شعري مجموعي “سمبارا” تائين جو سفر انيڪ وارتائن ۽ اندروني ڀڃ ڊاهه جي اهڙين ڪيفيتن مان گذريو آهي. جنهن کي چاهيندي به قلمبند ڪرڻ کان قاصر آهيان، 12 سالن جي گهر بدري ۽ تخليقي پنن جي وڃائجي وڃڻ بعد دوستن جي اسرار هڪ گوشه نشين شاعر کي جنجهوڙي پنهنجي بچيل بي ترتيب ڪوتائن کي سهيڙڻ تي مجبور ڪيو، سمبارا ۾ شامل ڪوتائون ڪجهه نڪور ۽ اڻ ڇپيل به آهن ته ڪجهه پهرين ڪتاب جون به زينت بڻيل آهن جن مون ناچيز کي هڪ شاعر جي سڃاڻپ ڏني. پنهنجي پهرين مجموعي جي اشاعت ۾ مليل محبتي موٽ جو قرض شايد مان زندگي ڀر لاهي نه سگهان. ان ڪتاب آڌار مليل محبتن جو ڀنڊار پنهنجي وجود مٿان هميشه محسوس ڪيو آهي. هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ سنڌي صحافت کي زندگي ارپيندي تخليق پنهنجو روپ مٽائيندي رهي آهي. سچ ۽ حق جي راهه وک وک تي ڪنڊن سان استقبال ڪيو ۽ پاڻ ٿڙي ٿاٻڙجي به گگهه اونداهه ۾ جيڪڏهن روشنيءَ جا ڪجهه ڪرڻا پکيڙيا به ته ان ۾ ڪجهه ساٿين جي ساٿ کي درگذر نه ٿو ڪري سگهجي.
    هن ڪتاب جي ارپنا لاءِ پنهنجي وڇڙي ويل ادبي دوستن جي حياتيءَ جي تصوير ڏيڻ ضروري ڀانئيم، ان سلسلي ۾ پياري دوست انجنيئر برڪت علي مرکنڊ جي تصوير هٿ ڪرڻ لاءِ وڏا ڪشالا ڪرڻا پيا، الائي ڇو ان کانسواءِ هي ڪتاب اڌورو پئي محسوس ٿيو ۽ نيٺ پياري شاعر دوست اياز سومري ان مشڪل کي آسان بڻائي، سندس گهر جا ڪيترائي چڪر ڪاٽي تصوير هٿ ڪري ڏني، آنءُ اياز سومرو جو نهايت ئي مشڪور آهيان. هن ڪتاب جي اشاعت دوران مفيد مشورن سان نوازيندڙ ادب دوستن خاص طور پياري دوست ۽ ساٿي پبلشر سعيد سومرو، مشتاق گبول، گل بهار باغائي ۽ مخمور رضا جا وڏا وڙ جڏهن ته سائين مير محمد پيرزادو جا خاص طور ٿورا جنهن منهنجي ننڍڙي گذارش کي مان ڏيندي بيماريءَ جي بستري تان ايترو جلد مهاڳ لکي ڏنو، اڻ ڳڻيا ڳڻ سانئڻ فوزيه بانو ۽ پياري علينواز آريسر جا جن تفصيل سان منهنجي شاعري ۽ شخصيت جو ڇيد ڪيو، ان کان سواءِ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، اياز گل، سعيد ميمڻ، اياز جاني، ڊاڪٽر احسان دانش، ساحر راهو، رضوان گل، فهميده شرف بلوچ ۽ شبانه سنڌي جا تاثرات پڻ مون لاءِ چاهه ۽ اتساهه جو سبب بڻيا. هن ننڍڙي ڪاوش متعلق اوهان پڙهندڙن جي ڪارائتي راءِ جو اوسيئڙو رهندو.


    ساجد سنڌي
    03003513966


    پياس جي ريکا (مهاڳ)

    توڙي جو انسانُ باقي خدا جي پيدا ڪيل وڻن، ٻوٽن جانورن ۽ ٻي پيداوار کان وڌيڪ حساس، جذباتي ۽ ڳالهائيندڙ آهي ان ڪري انهن سڀني کان معتبر قرار ڏنو ويو آهي. پر اگر اسان نظر نيڪ سان ڏسنداسون ته سج اڀرڻ کان وٺي سج لهڻ تائين جيترو سورج مکيءَ جو گل ان سج لاءِ تڦولي ٿو ته ماڻهون توبهه تائب ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو. ڏسو شرم ٻوٽيءَ جي ٻوٽي جي ٽارين کي هٿ سان ڇُهو ته هوءَ سڄي ڪومائجي ۽ پنهنجي پاڻ ۾ سُڪڙجڻ لڳندي، چوڏهينءَ تاريخ جي چنڊ اڀرڻ سان سانتيڪي سمنڊ جون شانت لهرون ايترو ته ٻڙڌول مچائينديون ۽ چنڊ ڏانهن ڇال کائينديون رهنديون آهن جو ماڻهن کي تپرس وٺي وڃي، ته هوڏانهن چڪور پکيءَ جون چنڊ لاءِ چڙهايون ڏسو ۽ افسوس ڪرڻ کان سواءِ هوند رهي به نه ٿو سگهجي.
    هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ٿر ۾ گهڻن سالن کان برساتون نه پيون ۽ ڏڪر جهڙو حال ٿي ويو. ماڻهون مال ڪاهي موڪي پاڻيءَ واريءَ وارن علائقن ۾ اچي رهيا، هڪ رات جو ڇا ٿيو وسڻ وارا بادل ٿر جي طرف ڏسڻ ۾ آيا اڌ رات جو مال رسا ڇنائي ٿر ڏانهن ڀڳو. صبح جو ماڻهون ڏسن ته مال آهي ئي ڪو نه، سوچيائون ته اگر چور ڪاهن ها ته رسا ڇوڙي ڪاهن ها هنن هي پاڻ سَٽون ڏئي ڪري رسا ڇنايا آهن. پر پوءِ جڏهن خبر پين ته رات ٿر ۾ مينهن زبردست پيو آهي ته هنن سمجهيو ته ان ڪري مال رسا ڇنائي ٿر ڏانهن ڀڳو آهي. ان مان ثابت ٿيو ته ماڻهن کي ته ٿر ديس هئڻ ڪري پيارو آهي ئي آهي پر مال پنهنجي مالڪن جي غرض ڪاڻ کان سواءِ بيوس بنجي آپي مان نڪري ۽ مالڪين جي پرواهه بنا رسا ڇنائي ۽ ان ٿر ڏانهن ڊوڙ ڪئي ته اهو بلڪل والهانه جذبو ئي آهي، جنهن جو ماڻهو ته شڪار آهن ئي آهن. پر موڳو مال به ان جذبي سان ايڏو سرشار آهي.
    اهي مٿي بيان ڪيل والهانا ڇڪُون ۽ سِڪُون ته اٻوجهه مال ٻوٽن ۽ گلن ۾ ئي پنهان آهن ته پوءِ انسان جيڪو انهن مڙني کان وڌيڪ حساس ۽ جذباتي آهي ۽ ان انسان وٽ احساس ۽ جذبي جي اظهار لاءِ ٻوليون به آهن ته ان جي لکڻ لاءِ صورتخطيون پڻ ميسر آهن. ان جو حال ڇا نه هوندو. شاهه عبدالطيف ڀٽائي وقت جي ٻڌائڻ بجاءِ چند ٽاڻا ڏئي ٿو ۽ پڙهندڙ انهن ٽاڻن مان وقت جو تعين ڪيو وٺي:

    “وڻي ويٺا ڪانگ، وِچينءَ تي ويلا ڪري،
    سهڻي گهڙي سير ۾، سڻي سانجهيءَ ٻانگ،
    سيئي ڍونڍي سانگ، جتي ساهڙ سپرين!”
    يا
    ڪَتِيُن ڪَرَ موڙيا، ٽيڙو اُڀا ٽيئي،
    راڻو رات نه آئيو، ويل ٽري ويئي،
    کُوءِ سا کاڻي راتڙي، جا پريَنِ رِيءَپيئي،
    مون کي ڏن ڏيئي، ڍوليو ڍَٽِ قراريو!
    (شاهه)

    اهو ڪن ٽاڻن منجهان وقت جو تعين ڪرڻ خود هڪ احساس جو ڪرشمو آهي. ان احساس جي حد وارو ماڻهو/ وارا ماڻهون ته الائجي ڇا ڀوڳيندا هوندا.
    انسان جي خاصيت جيڪا منجهس عام طور هوندي آهي سا آهي ته هو پنهنجا وڻندڙ توڙي اڻ وڻندڙ احساس يا جذبا ٻين سان اورڻ چاهيندوآهي ته جيئن ٻيا هم خيال بنائي ۽ انهن کان آٿت حاصل ڪري، شروع ۾ ته اهو مسئلو ايڏو اهميت وارو نه به هوندو پر پوءِ جيئن پوءِ تيئن ان اظهار کي اهميت ملندي وئي. اهو اظهار سڌو سادو نثر سڏجڻ لڳو پر جڏهن ان کي رِدِ مِڪِ ۽ رواني ملي ۽ ڳائجڻ لائق بنيون ته ان کي شعرچيوويو ۽ اهڙن گهڻن اظهارن کي گڏي “شاعريءَ” جو نالو ڏنو ويو ته ان جي سرجيندڙ/ تخليقڪار کي “شاعر” سڏيو ويو.
    شروع ۾ ته جهڙي ڪي تهڙي شاعري به ساراهي ويندي هئي پر اڳتي هلي ماڻهون سوچڻ تي مجبور ٿي ويا ته ڪا شاعري وڌيڪ چَسَ واري ۽ مزيدار لڳڻ لڳي ته ڪا گهٽ، جنهن کان پوءِ ماڻهن ان جي سببن تي سوچڻ شروع ڪيو ته ائين ڇو ٿو ٿئي. تڏهن پتو پيو ته اُها شاعري جوڙيندڙ شاعر جي ڏانوَ ۽ ڏات تي منحصر آهي ته اها شاعري ڪيتري مزيدار آهي يا ڪيتري ڇَسي آهي. جنهن کان پوءِ شاعريءَ جي فن ۽ فڪر تي سوچجڻ شروع ٿيو. مثال: جوڙجڪ جا قاعدا ۽ قانون، جن ۾ اوائلي قاعدن کي ڇند_وديا سڏيو ويو ته بعد ۾ ڌارين جي ڪاهن کانپوءِ “ علم عروض” نالي شاعريءَ جا قاعدا ۽ ضابطا پڻ هتي مروج، پر ڇو ته انهن جو ڪم هو ته شاعري پڙهڻ ۾ يا ڳائڻ ۾، ان ۾ رواني بي پايان ملي. پر رڳو ان سان به شاعري انتهائي خوبصورت ٿي پوي، ائين به نه هو. ان ۾ لفظن جو تُزُ استعمال، تشبيهون ۽ استعارا استعمال ٿيل هجن، منظر نگاريون هجن، تهذيبي ۽ ثقافتي قدرن جو استعمال ٿيل هجي، جي ڳالهيون ساڳيون هجن ته ڪرڻ جو انداز نئون ۽ انوکو هجي.
    شاعرن جي ڪيل شاعريءَ مان ڪنهن به قسم جون غلطيون يا گهٽتايون ڪڍي، ان ۾ مثبت اصلاح ڪندڙن کي ” نقاد “ ڪوٺيو ويو. اهو انهن نقادن جو ئي ڪمال هئو جن جي تنقيدي اصلاح سان شاعري اڻ گهڙئي ڪاٺ مان ڪو عاليشان مجسمو بنجندي بنجندي اڄ ڪلهه جي سڌريل صورتحال تي پهچي چڪي آهي.
    اڄ اسان جنهن شاعر دوست جي شعري مجموعي تي لکي رهيا آهيون سو آهي ساجد سنڌي، جنهن جو شمار سنڌي ٻوليءَ جي جديد شاعرن ۾ ٿئي ٿو. سندس شعري مجموعي جو نالو آهي “ سمبارا ” جيڪو پڻ سندس سرواڻي ۾ هلندڙ حيدرآباد جي سمبارا پبليڪيشن پاران ڇپجي توهان جي هٿن ۾ آيو آهي. هي ڀاءُ شاعريءَ ۾ جيڪڏهن پنهنجي همعصرن کان ڪو گهڻو اوچو ۽ اعليٰ نه آهي ته کانئن گهٽ به نه آهي. اچو ته ايندڙ صفحن ۾ سندس شاعريءَ بابت ڪيل گفتگوءَ کي پڙهي ڏسون.
    ساجد پنهنجي شاعريءِ ۾ بلڪل نئون ۽ اڳ ۾نه ڇپيل استعارو ڪم آڻيندي غزل جي ننڍڙين ٻن سٽن ۾ چوي ٿو ته؛ اي محبوبا!پاڻ ڪچهري ۾ ويٺا آهيون، بتيءَ جو تيل ختم ٿي ويو آهي، ڪچهريءَ تي اوندهه ڇانئجي وئي آهي. تون مهرباني ڪري نقاب ٿورڙو هٽاءِ ته روشني ٿئي. ان مان ظاهر ٿيو ته جيڪي به ڪچهريءَ ۾ ويٺا آهن انهن کي نقاب به ڪونهي ان جي باوجود اوندهه آهي ته ان جي معنيٰ ٿي ته “ محبوبا جو چهرو ايڏو سهڻو چٽو ۽ چمڪدار آهي” جيڪا ڳالهه شاعر بظاهر چئي به ناهي پر سمجهه ۾ اچي وڃي ٿي. جيڪو ان استعاري جو استعمال ڪندي، نه چوندي به ڄڻ شاعر چئي ويو آهي. جيڪا ڳالهه سندس قابليت ۽ شعري اظهار جي صلاحيت کي ظاهر ڪري ٿي.
    وري جي اچبو تشبيهه تي ته انيڪ اعليٰ قسم جون تشبيهون ملنديون جن مان مثال طور ٻن تشبيهن جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهيو اٿم، جن مان هڪڙي آهي:

    اسان جي دل به ٿر وانگر،
    اسان هون پياس جي ريکا.
    (صفحو 28)

    “اڃايل يا پياسو” اگر ڏيکارڻو هجي ته هرڻ جو پاڻيءَ لئه ڊوڙ ته ڪيئي دفعا شاعريءَ ۾ آئي آهي. جيڪا هڪ فرد جي اڃ آهي، سا به هڪ بي سمجهه جانور جي پر جي ان جاءِ تي ڏڪاريل ٿر جي تشبيهه اچي ته اها ڪيترن ئي وڻن ٽڻن جي، ٻوٽن جي مال جي ۽ ننڍن وڏن ماڻهن جي اڃ جو منظر رکي ٿي ۽ پوءِ اهڙيءَ دل جي اڃ يا پياس اُهو ئي سمجهي سگهندو جنهن اهڙو ڏڪاريل ٿر جو منظر اکيئن ڏٺو هوندو.

    ايئن منهنجي اکين کان نه اوجهل ٿجان،
    ٺوڪرون ٿو ڏسان، گم ٿيل ٻار ۾!
    (صفحو 106)
    ننڍو ٻار معصوم هجي ۽ هجي به ٻهراڙيءَ جو اُهو اگر گم ٿي ڪٿي پهچي ٿو ته ان سان اگر ڪو پيار سان ابا_پٽ ڪري به ڳالهائيندو ته هو ڪو به جواب ڏيڻ بدران روئي ڏيندو. ماني ڏبس ته ڪو نه وڻندس، هن جي ذهن ۾ هوندو ته امان سان ابي سان توڙي ڀائرن ڀينرن سان ڪيئن به ڪري جيترو جلد ٿي سگهي ته وڃي ملان. پرينءَ کان پري ٿيڻ کي ان معصوم ٻار جي گم ٿيڻ واري تشبيهه ۾ جدا ٿيڻ جي ڏک کان وڌيڪ ته ان جي معصوم هجڻ واري ڪَرڀ ماري ٿي، تمام اثر انداز ٿيندڙ تشبيهه ڪم آندي آهي.
    اها ڀائو ساجد سنڌي سندس مٿيئن غزل ۾ ڪنهن ڳالهه کي بيان ڪرڻ جا ڪيئي طريقا هوندا آهن پر پيار ۾ گهڻو ڪري ڳالهائڻ کان وڌيڪ خاموشيءَ سان، روئڻ سان، ويٺي ويٺي وچ مان اٿي وڃڻ سان يا چهري جي رنگ جي تبديليءَ سان پيار جا حال احوال اوربا آهن. شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ سُر سسئيءَ ۾ سسئي واتان ذڪر ڪيو آهي ته جيڪڏهن جبل ۾ ور وڪڙ ٽپندي اوچتو ڏسان ته پنهون سامهون بيٺو آهي ته جيڪر آءٌ (سسئي) هوند هيئن ڪيان:

    هِئان ئي هوت پنهونءَ سان جي منهنجي ٿئي ملاقات،
    ته ٻانهن وِجهي وات، هوند رِيهون ڪيان روهَه ۾ !

    ان ساڳيءَ ڪيفيت کي اسان جو دوست ساجد سنڌي سندس هڪ غزل جي هنن ٻن سٽن ۾ اجهو ڪيئن ٿو بيان ڪري:
    چئو هُن کي، چوي ٿو هو، چئين جي تون، چوان مان ڪجهه،
    نه ٿا چوري سگهون چپڙا، اسان جي دل اُها ئِي آ.
    (صفحو نمبر 84)
    شاعرن لاءِ اِهو به ضروري هوندو آهي، ڪائنات جي ٻين شين وڻن ٽڻن، پٿرن ۽ رستن کي به پنهنجي ڏک ۾ ڀاڱي ڀائيِوار ڪن، انهن بي زبانن کان به ڳالهرائن. جيئن شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ چيو آهي ته:

    “ ڏونگر مون سين روءُ، ڪڍي پار پنهونءَ مئون!”
    يا
    “ ڏونگر ڏس پرينءَ جو، ڪاف نه ڏيئي ڪو.”
    يا
    “ مِڙِيو مِرُون چَون ته مُئيءَ اسان کي ماريو.”

    ان ڏس ۾ ساجد سنڌي جون ڪوششون پڻ ساراهڻ جوڳيون آهن. هڪ غزل جي بند ۾ چوي ٿو ته:

    ٽهڪ ساجد ٻُڌي، لُڙڪ مرڪڻ لڳا،
    اڄ پٿر راهه جو ڪا صدا ٿو ڪري.
    (صفحو نمبر 92)

    پراڻا پياڪ يا گهاگهه پياڪ ته چوندا آهن جڏهن ساقي پيگ ٺاهي ڏيندو آهي ته خمار ان پيگ ۾ نه پر پيگ ڏيڻ وقت جيڪا ساقيءَ جي چپن تي مرڪ هوندي آهي ان ۾ ئي خمار هوندو آهي. ان ڳالهه لاءِ هن مجموعي جي صفحي نمبر 93 تي آيل غزل جي هڪ ٻن سٽن واري بند ۾ اچي ٿو ته:

    “ تنهنجي هوندي آ سناٽو، مئڪدو سونهين نه ٿو،
    هٿ ٻڌون ٿا، ڇڏ کڻي ڪجهه بي رخي، مرڪي ته پَئهُ.
    (صفحو نمبر 93)
    سماج ۾ ڪڏهن ڪڏهن حالتون ايتريون ته بدترين ٿي وينديون آهن جو انهن مان پار پوڻ جهڙوڪ ناممڪن پيو نظر ايندو آهي پر شاعر اهڙن حالتن ۾ به ماڻهن کي آٿت ڏيندا انهن مان پار ڪڍندا آهن. ساجد جي هن مجموعي ۾ آيل هڪ غزل جي هنن ٻن سِٽن ۾ ڏسو:

    رات جا پاڇا وَڌڻ آهن لڳا،
    چنڊ جي چمڪار کي ڳوليان پيو.
    ( صفحو نمبر 96)

    جڏهن جذبي جي ڪيفيت طاري ٿيندي آهي ته نديون توڙي سمنڊ ناچ ۾ گڏجي پوندا آهن جيئن هن مجموعي جي 104 صفحي تي آيل غزل جون هي ٻه سِٽون پڙهجن ٿيون ته خود پڙهندڙ تي به اها ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي.

    مان جڏهن ٻڪ ۾ ڀري ٿو، مُکُ مٺي تنهنجو پمان،
    “رقص ۾ آ چاندني”، نيڻن جي نيري سمنڊ ۾.
    (صفحو 104)

    ڪن ڪن جي شاعريءَ ۾ رڳو قرب جي ڪوٺ هوندي آهي. جڏهن ته ڪن جي شاعريءَ ۾ نفرت ۽ بڇان جا نوڪيارا شيشا ملندا آهن. ان وارتا کي ساجد سندس غزل ۾ اجهو هيئن بيان ڪري ٿو؛

    ڪَوِتا منجهه رکي آ دل مون،
    تو ته رکيا لفظن ۾ شيشا!
    (صفحو 25)
    سنڌ جي جيئن ته سموري ڪلاسيڪل شاعري تصوف جي رنگ ۾ رنڱيل آهي. وحدت الوجود جو پرچار، پاڻ کي ڳولڻ جي جستجو ۽ صورتن جي فرق کي ميساري هڪ ئي پسڻ جي ڪار، مسجد مندر خدا جو گهر ڪري سمجهڻ. ٻيا ته الاجي ڪيترا صوفي ٿي گذريا آهن پر انهن ۾ شاهه عبدالطيف ڀٽائي ۽ سچل سرِ فهرست آهن. ساجد به ان جو هنن لفظن ۾ پرچار ڪيو آهي:

    “نيٺ ساجد ورءِ ڀُلجي ڀَٽڪِي، واپس ايندين،
    پاڻ کي پاڻ ۾ ئي پايو، پنهنجي تعاقب ۾.”
    (صفحو 26)
    ۽
    منهنجي ساري زندگي ۽ شاعري،
    ها سچل ۽ شاهه ۾ گم ٿي وئي.
    (صفحو 27)

    چوندا آهن ته جيڪو لفظ سان نه مئو سو تلوار سان به نه مرندو. قرب ۽ پيار ۾ ڳالهايلن ٻولن، جملن ۽ لفظن کي باقي حياتي ياد ڪري ۽ جيئبو آهي، اهي زندگيءَ جو اثاثو ۽ روح جي راحت هوندا آهن. ڏسو ته ان ڏس ۾ هي شاعر ساجد سنڌي سندس شاعري ۾ ڇا ٿو چوي:

    ڪيڏا ٿا تنهنجا چُڀَن،
    جملا آڌيءَ رات جو.
    (صفحو 42)

    ڪڏهن ڪڏهن اکين جا پلڪ نيڻن جي آلاڻ مان پيار جا پاڇا ڏسي وٺندا آهن، ڇو ته اُهي هڪ ٻئي جا ساٿي ۽ محافظ جو آهن. ان وارتا کي ساجد سندس وائي ۾ اجهو هيئن اظهاري ٿو؛

    پلڪن، پريم پَسيو،
    نيڻن آلَن ۾_
    پيار اسان جو پاتو!
    (صفحو 64)

    جڏهن عشق ڪنهن عزتماب انسان کي ارن مان ڪڍي ڇڏيندو آهي ته پوءِ ٻيا اوڙي پاڙي وارا يا سنگت ساٿ وارا ان کي سڌرڻ جون ۽ باز اچڻ جون صلاحون، رٿون ۽ رايا ڏيندا آهن.“پرچي ڪيئن؟” چئي: ”ويران وير وڌ “ ان جيان ساجد سنڌيءَ پڻ هڪ غزل جي ٻن سٽن ۾ ان ڳالهه جو اظهار اجهو هيئن ڪيو آهي؛

    جي لکان، يا پڙهان بس عڪس ڪنهن جو چوۡطرف،
    نينهن ۾ ڪِٿِ ياد رهندو آ، نصيحت جو سبق.
    (صفحو 74)

    غربت ۽ قومي ڏاڍ ٻه اهڙا مسئلا آهن جن جي ذڪر کان سواءِ شاعري اڌوري آهي. قومي ڏاڍ خلاف هن ئي ڪتاب ۾ هڪ نظم اچي ٿو جنهن جو ذڪر آهي. جيڪو نظم ” اچو ديس تان پاڻ واري هلون“ (صفحو نمبر 116) تي آهي ۽ غربت لاءِ هن ڪتاب ۾ موجود “چَئُه _ سٽن” ۾ ڪجهه اچن ٿا. مثال:


    بکئي پيٽ، پياسن چپن جون دعائون،
    ختم نيٺ ٿيندي، ڳڀي جي به ڳولا؛
    دنيا جي رڳو ڌوڙ ماڻي سگهياسي،
    جنين کان نه ٿي ماڻهپي جي به ڳولا.
    (صفحو 121)

    توڙي جو وطن واري نظم ۾ سنڌ جي”ون يونٽ “ ۾ ڦاسائيندڙ جو ذڪر سنڌ ۾ ٻٽي نظام لاڳو ڪرڻ جا سانباها ڪندڙ ۽ بحريا ٽائون جي وبا لاڳو ڪرائيندڙن جو ذڪر اچڻ کپندو هو ۽ تو اسان جهڙن عام ماڻهن جي قربانين سنڌ جو ون يونٽ مان ۽ بحريا ٽائون مان ڇوٽڪارو ٿيو. انهن کي باور ڪرائجي ها ته اڳتي به اهڙين ٿيندڙ سازشين کي اسين ايئن ناڪام ڪري سنڌ کي پنهنجي جوت ۽ جواني ورايو پيا ڏينداسون. پر ان هوندي به ساجد جيڪو نظم جو تاڃي پيٽو رکيو آهي سو انتهائي زوردار فني توڙي فڪري لحاظ کان ساراهڻ جوڳو آهي. اچو ته قارئين ان جي چند سٽن کان مُستفيض ٿيندا هلون:

    تِکيِ تيز تلوار وانگر به آ،
    ته هوشوءَ جي للڪار وانگر به آ،
    ڪري ڪين سگهبو بيان حوصلو،
    جُوانن جو هر دم جُوان حوصلو،
    اکيون دشمنن جي اکين ۾ وجهي،
    هلو، جانثارن کي ساري هلون،
    اچو ديس تان پاڻ واري هلون!
    (صفحو 116)

    هن ڪتاب ۾ ٽي عاليشان ڊگها نظم آهن: سنبارا، بيبي پِنڪي ۽ هينئر پيش ڪيل نظم ”وطن“. پهريان ته آءُ دعويٰ سان چوان ٿو ته ساجد جي هن ڪتاب جا اهي ٽئي نظم ڄڻ ته سندس دئين جا مرڪزي نقطا آهن. پر جيڪا فني ڪاريگري ۽ ڪلائيمڪس نظم ”بيبي پنڪيءَ “ ۾ ڏئي ويو آهي، سا هن سڄي ڪتاب جو ”نڪ“ آهي.
    وطن واري نظم کي جيئن ته اسان مٿي بيان ڪري آيا آهيون. هاڻ اچي ٿو سندس ٻيو نظم ” سنبارا“ ان تي چند سٽون لکي ۽ پوءِ ان جي ڪجهه سٽن کي پڙهنداسون.
    جيتوڻيڪ ” سنبارا“ جو توڙي جو اهو خيالي خاڪو آهي، پر پوءِ به ان کي جنهن فني پيرائي ۾ کڻي اچي ٻيجل ۽ سورٺ _ راءِ ڏياج سان تسلسل ملائي ۽ سنڌ جي فن جو سلسلو جوڙيو ويو آهي، تتي پڙهندڙ دنگ رهجيو ٿو وڃي. تهڙي ان ۾ فني مٿڀرائي پڻ موجود آهي. قارئين لاءِ ان ڊگهي نظم مان چند سٽون هيٺ ڏجن ٿيون:

    “هوءَ جا انگ اگهاڙي هَرِ پَلِ،
    ڇم _ ڇم _ ڇم _ڇم ڇير وڄائي،
    ساري _ گاما_ پاڌاني _ سا،
    ورلاپن جي رمز ۾ گم ٿي،
    هوءَ جا ناچ نچي ٿي وک وک،
    ڪايا...... مايا ، رقص ۾ آهي،
    نيڻ، نديءَ ۾ رقصان پا ڇا!
    (صفحو06)
    سمبارا جي ڇير ٽُٽي ۽،
    اِسٽوپا جو ڪنڌ جُهڪي پيو!
    (صفحو 07)
    ڪَوِتا، ساجد ، سِرجي ٿي ،
    پيار، پنن ۾ سُڏِڪي ٿو !
    (صفحو 10)

    جنهن کان پوءِ هن ڪتاب جي ٽن بهترين نظمن مان اهو آخري ۽ انتهائي متاثر ڪندڙ نظم، جنهن جو عنوان آهي، “بيبي پنڪي” محترمه شهيد بينظير ڀٽو متعلق، ساجد جو هڪ شهپارو نظم ، ان نظم جي تاڃي پيٽي ۾ ڳڙهيءَکي ڳاڙهي چادر اوڍڻ، کيس ٻن شهيد ڀائرن ۽ شهيد پيءُ جي ڀرسان ستل ڏيکاري ۽ چوي ٿو ته ”اکيون اِهو ڪيئن ڏسي سگهنديون؟!“ صفا روئارڻ جهڙو نظم، انتهائي جذباتي انداز ۾ سرجيل آهي. پلاند نه ڪرڻ جي سبب مان جڏهن چيائين ته هت فقط مرد شهيد ليکيا ويندا آهن ته سماج جي ان متڀيد واريءَ ڪنيءَ ڪوجهيءَ رسم تي لعنت وجهي نظم کي ڪلاسيڪيت جي مقام تي پهچائي ويو آهي. اچو ته ان نظم جي پڻ چند سٽن جو اڀياس ڪريون:

    ”سُتيئن رت جو ڪفن اوڍي،
    مِٽيءَ جي مهڪ جاڳي ٿي،
    شهيدن جو ڇپر ڇا پيو.
    ڳڙهيءَ ڳاڙهي ڍڪي چادر.
    (صفحو 16)
    ادا تنهنجا، ابا تنهنجو،
    انهن جي ڀر سُتل تو کي،
    اکيون ڪٿ سڀ ڏِسي سگهنديون؟!
    مگر سر سان ڪفن اوڙهي،
    اسان کي هاڻ اچڻو آ!
    (صفحو 17)
    اِهو هڪ سوال ٽوڪي ٿو،
    ڪجي ڇا، حال روڪي ٿو،
    مليو جو مال روڪي ٿو،
    ڪڏهن بدلا نه ورتاسين،
    وڃي آمر سان پرتاسين،
    ادي بيبي ، ادي پِنِڪي!
    ڪري تون ، معاف ئي ڇَڏِجانَ،
    اسان مردن شهيدن جا،
    هميشه کان ئي وارث هون!
    (صفحو 17)

    مير محمد پيرزادو
    سڪرنڊ


    ساجد ۽ سمبارا جو سنگم

    انساني زندگي ڄڻ صحرا ۽ وقت ان جي هر لمحن ۽ ساعتن کي واريءَ جيان پنهنجي مٺ ۾ ڪري پيو اڏاريندو رهندو آهي، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ.... دنيا جي هن گولي تي خبر ناهي ته ڪٿ ۽ ڪهڙي جڳهه تي بندو ملندو ۽ وڇڙندو؟؟ ان جو اندازو ڪير به نٿو ڪري پر وڇرڻ وارا ملڻ جي آس ضرور ڪندا آهن، پراٿنائون پيا ڪندا آهيون ته شل هڪ وار ملاقات ٿئي ته جيئن ان ”وڇڙڻ“ وارن لمحن کي ڪيئن گذاريوسين، هڪٻئي سان شيئر ڪجي، گڏ روئجي به ۽ کلجي به....
    سنڌ جي ڌرتي پنهنجي جهول ۾ اڻ مڻيا ماڻڪ تاڻيا آهن، جنهن ۾ تخليقي صلاحيت جا قطره نه بلڪه سمنڊ سمايل آهن، شاعرن جي باري ۾ ڪجهه عرصو اڳ ۾ لکيو ويو هو ته سنڌ ۾ ايترا آهن، جيئن....؟ نالو ان لاءِ ان جانور جو نه لکيم جو اسان وٽ ”وات“ هڻڻ جي ۽ هڪٻئي کي رهنڊون ۽ رهڙيون پائڻ جي عادت آهي، جانورن جو ته مڙئي نالو آهي.
    ”ساجد سنڌي“ جيڪو لاڙڪاڻي جي قيمتي مٽيءَ جي بٺي ۾ گهڙجي سنڌ جي عظيم عمارت ۾ ڪنهن پختيءَ سِرَ جيان مونکي لڳو، تنهن پنهنجي صلاحيتن کي ته اجاگرڪرڻ جي جاکوڙ ڪئي بلڪه ان سان گڏ ان سموري سٿ کي اڳتي آڻڻ جي جستجو به جاري رکي، جيڪي ان جا همعصر به هئا ۽ دوست به هئا. اسان وٽ اِها روش گهٽ آهي ته ڪنهن کي پاڻ کان اڳتي ڏسون پر ساجد ۾ اها صلاحيت اُتم آهي. مون کي شروع ۾ چيو هئائين ته ٻيو ڪتاب آڻبو پر ان تي توهان کي لکڻو پوندو... ان دوران هُنن جي ڪجهه دوستن به سندس کي ئي چئي، پنهنجي ڪتابن تي ڪجهه نه ڪجهه مونکان لکرائي ورتو... پر ساجد پاڻ ماٺ ڪري ويهي رهيو، ٻين جا لفظ سهيڙيندي ميڙيندي پاڻ کي ڄڻ وڃائي ويٺو... جڏهن ڪل پيس ته هڪدم پاڻ کي “مار پوئي” چئي ڇرڪ ڀري ان جڳهه تان گهڙي کن اٿي پنهنجي اڻپورن خيالن کي وري گڏ ڪري ميڙي سهيڙي چيائين ته تون لکندينءَ....؟ نه ته بس....
    سنڌ جي “ادبي دنيا” “عجب پريم ڪي غضب ڪهاني” جيان آهي. جت گهڻي ڀاڱي ”ليکڪ“ ڪنهن جي دوستي ۽ ساٿ کي اڪثر ڪري گهٽيءَ ۽ گهيڙن جي گند جي ڍيرن جيان سمجهندا آهن. جن تي هو رهندا به آهن ۽ وري لنگهندا اتان نڪ تي رومال رکي آهن. ساجد سنڌي هميشه ان گندن جي نشاندهي ته ڪئي آهي پر گهڻي ڀاڱي ان کي صاف ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي. ”تخليقڪار“ مرد آهي ته هن کي اختيار ۽ اٿارٽي مليل آهي ته هو جهڙو چاهي جيئن چاهي ڏسي ۽ وري ان تي بيباڪيءَ سان لکي... ان لاءِ عورت کان وڌ موقعا عورت کان وڌ مطالعي ۽ مشاهدي جا گس مرد جي حصي ۾ ٿا اچن ۽ ان جو فائدو ساجد سنڌي کي به ٿيو آهي ۽ “او کجين جي شهر واري ڇوڪري!” جي نظم ۾ هن ان جو فائدو وٺندي اظهار جا سڀ مٽ اوتيا آهن جنهن ۾ پراڻي مڌ جو ذائقو به آهي ۽ ڪسارائپ به آهي ڇو جو حقيقت ڪڏهن ڪڏهن اوهان جي وات کي نه بلڪه زندگي جو ذائقو به مٽائي ڇڏيندي آهي. ننڍڙيون خواهشون ساجد جي شاعري ۾ جابجا نظر اينديون، شايد ان لاءِ جو هن جي اندر ۾ هڪ ننڍڙو معصوم ٻالڪڙو رهي ٿو جيڪو مُٺ ۾ واري گڏ ڪرڻ جي بجاءِ ان کي هيڏي هوڏي خود اڏاري ڇڏي ٿو. معاشرو سمورو خاص ڪري سنڌ جو سَنڌن ۾ سور جيان ٿي ويو آهي. جيڪو آهستي آهستي ڄڻ لاعلاج ٿيندو پيو وڃي. انصاف جي ڳولها ساجد جي هن سٽن ۾:

    “انصاف جي اکين تان ڪاري پٽي ته کوليو
    هن ديس ۾ امن جا، پنڇي اڏي مرن ٿا”

    اوهان کي صاف ۽ چٽي نظر ايندي. “حقن جي ڳالهه هجي” يا جلادي شهر جي ڪٿا هجي، ساجد پاڻ ملهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ مون پهريون دفعو “جلادي شهر” جو اصطلاح پڙهيو آهي،

    مڃون ٿا، جلادي شهر ۾ نپيا هون
    اڀي ٿيل آڱر وڍڻ ڪين ڄاڻون
    چئون ٿا ڪبوتر ڪچا پَر پکيڙي
    مگر سچ ته ڪانئر ڪڍڻ ڪين ڄاڻون

    نه چوندي به هنن سٽن ۾ سندس اندر جي درد جو هڪ وسيع جهان سندس ڏات کي خنجر جي تشبيهه ڏيڻ تي مجبور ڪيو آهي ته:

    ڏات- خنجر، ڌار آهي شاعري
    ڪا ڪويءَ ڪوڪار آهي شاعري

    هونئن به تخليق آهي ئي هڪ درد جو سفر ۽ تخليقڪار ته حالتن کي ڏسڻ ۽ پوءِ سهڻ جو تصور نٿو ڪري سگهي ڇو جو مذهبن جي نظر ۾ ليکڪ اگر ڪنهن به انياءَ تي دسترس رکندي به نٿو لکي، اهو ليکڪ چورائڻ جو به حق نٿو رکي ۽ ساجد ان فرض کي به نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته:

    روئن رت ڦڙا اکيون ڇو نه پنهنجون،
    اجها ٿي اباڻا، بلڊوز ويا هن.

    يا هنن سٽن ۾ هن منفاقي واري رويي کي خوب محسوس ڪندي چئي ڏنو آهي:

    ڌپ آئي منافقيءَ جي،
    هن سان گفتگو ڪيان ٿو.

    چوندا آهن ته ماڻهوءَ تي ڪيوپر جو تير جڏهن لڳندو آهي ته هو خودبخود شاعر ٿيو وڃي. اسان جي سنڌي شاعري ۾ حُسن ۽ حسينا الڳ هرگز ناهن، محبوب کي اگر نالي سان به سڏجي تڏهن به هڪ نالو ”حسينه“ ذهن ۽ من جي ڪينواس تي اڀري ضرور ٿي اچي ۽ ساجد به ان حسينه جي چڪر ۾ ڦاٿل ئي آهي. جيڪو سندس هن غزل جي سٽ سٽ ۾ سمايل آهي ۽ سعيد ميمڻ جي لفظن ۽ سٽن ۾ سمايل سانوري حسينه ساجد کي ڇهي ڄڻ روشني عطا ڪري ويس، سندس چواڻي ته:

    زندگيءَ ۾ ڪنهن حسيناکي ڏٺم
    دل سڃيءَ ۾ ڪنهن حسينا کي ڏٺم.
    يا وري
    اي حسينا کڻي جلوا موٽي وڃ
    زندگي جا حسين لمحا موٽي وڃ

    خوبصورت تشبيهن سان رچيل ساجد جي شاعري مونکي متاثر ڪندڙ لڳي، ڪاغذي پيرا هن ته ٻڌوسين، ڪاغذن تي اڪريل لفظن جو آواز به ٻڌوسين. ڪاغذن تي پنهنجا ڳوڙها ٽمندي به ڏٺاسين.ڪاغذن تي اندر جي اڌمن، احساسن ۽ جذبن جا سڀ سٽ سٽ سور سهيڙي هڪ ٻئي کي خط لکندي ۽ پڙهندي به ڏٺاسين پر.... ساجد چواڻي:

    اوهان ۽ اسان ڪاغذ جو رشتو،
    وساريو متان ڪاغذ جو رشتو.

    پهريون دفعو پڙهڻ لاءِ مليو آهي ۽ اهو نهايت خوبصورت لڳو، مون کي ذاتي طور اهو غزل، ڇو جو چند سٽن ۾ ڪاغذ تي اڪريل رشتن جو نمايان طور “ڪاغذ” کي بليڪ اينڊ وائيٽ مان رنگين ڪري ويو آهي. هونئن به اها حقيقت آهي ته شاعري ٿورن لفظن ۾ به نثر جي مقابلي ۾ گهڻو بيان ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي...
    لاڙڪاڻي جو ماڻهو هجي ۽ ”موئن جو دڙو” تي نه لکي بلڪه منهنجي خيال ۾ ته.. سنڌ جو هر تخليقڪار “موئن جي دڙي” جي مٽيءَ مان ڳٿل ۽ ڦٽل آهي ۽ مڪليءَ جو قبرستان ڄڻ سندس مسڪن ۽ آستانو آهي.
    ‘سمبارا’ ڇا آهي؟ سمبارا ڇو آهي؟ ٻن لفظن ۾ هزارين سالن جي ڪٿا کي ڪٿي سمائجي، ٻن جنمن جي ڪهاڻي کي ساجد ”سمبارا“ نظم ۾ سمائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. رقص، ”رقاصه“ ،“مي ر قصم“ اصل ۾ سروم دکم دکم جي اهو سلسلو ۽ تسلسل آهي جيڪو ”تيري عشق نچايا“ جي ڇم ڇم تي پڄاڻيءَ تي نه ٿو رسي.
    جيئن سعيد ميمڻ چواڻي ته:
    مان اهو سانورو مصور هان،
    تون اها نرتڪي آن موهن جي.

    سمبارا پڙهي حسن درس جي “رقاصه” به ذهن تي تري آئي:
    رقاصه قلندر تي بيٺي نچي
    چوان ڪيئن ته مجرو ڪري ٿي پئي.

    ۽ وڏي ڳالهه ته صدين جي هن سفر جي ڪٿا بخشڻ مهراڻوي به “اسان جا درد صوفي هن” ۾ ڏاڍي مٺي انداز ۾ بيان ڪئي آهي، موئن جي دڙي ۾ هزارين سالن جي تهذيب اسان وٽ بنا ٻولي جي في الحال پهتي آهي. بلڪل ائين جيئن اوائلي دؤر ۾ خاموش فلمون هيون. جنهن ڏينهن ان ٻولي کي آواز مليو، خبر ناهي ته ڪهڙا انداز نروار ٿيندا ۽ ”سمبارا“ نرتڪي ناچڻيءَ سان ٿيل وارتا ڇا ظاهر ڪندي ان جو ادراڪ گهٽ ۾ گهٽ مونکي ناهي، پر ساجد کي ضرور آهي:

    هوءَ جا انگ اگهاڙي هر پل
    ڇم ڇم،ڇم ڇم، ڇير وڄائي
    ساري گا ما پا دا ني سا
    ورلاپن جي رمز ۾ گم ٿي
    هوءَ جا ناچ نچي ٿي وک وک
    ڪايا، مايا رقص ۾ آهي.
    نيڻ نديءَ ۾ رقصان پاڇا....!

    هيءَ نظم پڙهندي مونکي ڏيڍ سو سال پراڻي ڪپرالا جي ننگلي جي ڪهاڻي ياد اچي ويئي جنهن ۾ ڪپرالا جي وڏي حصي ۾ نرانڪور راجه حڪومت ڪندو هو. نسل پرستي جو ٻج اڄ به جيئن ڇٽيل آهي تيئن اتي گهٽ ذات وارين عورتن کي پنهنجون ڇاتيون ظاهر ڪري هلڻ جو حڪم هو ۽ ان جي خلاف ورزي ڪرڻ تي ”بريسٽ ٽيڪس“ ڏيڻو پوندو هو. اهو قانون اتان جي ذات جي سڃاڻپ لاءِ هوندو هو. پر اهو ٽئڪس غربت جي ڪري بار بار ڏيڻ غريب ماڻهن جي وس ۾ نه هو، ها پر ڪهاڻي طويل آهي ان کي مختصر ڪندي ٻڌايان ته “ايڊوا ذات جي هڪ عورت ننگلي بنا ٽئڪس ڏيڻ جي پنهنجي ڇاتي لڪائڻ جو فيصلو ڪري ورتو ۽ ان جي ڀڃڪڙي جو ٻڌي ڪجهه آفيسر جڏهن ٽئڪس وٺڻ آيا ته ننگلي انڪار ڪندي پنهنجي ڇاتي ڪوري انهن سامهون رکي ڇڏي ۽ رت وهڻ ڪري ننگلي گذاري وئي ۽ سندس اگني سنسڪار تي مڙس به ان باهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو.“
    ڇا ننگلي ”سمبارا“ جو تسلسل ته ناهي...؟ اڄ به ان جي پڄاڻي ڪٿي ٿي آهي؟ هن مجموعي جي ابتدا سمبارا آهي ۽ انتها...؟ جو سفر جاري آهي... نهايت خوبصورت، اتم، سندر ۽ مقدس صحيفي جيان اِهو نظم پڙهڻ کان پوءِ سچ ته ڪجهه عرصي تائين شايد ٻيو ڪجهه پڙهڻ جي توفيق نه ٿئي ۽ شايد منهنجي ان راءِ سان ڪو سهمت نه به ٿئي پر سچ ته سنڌ جي هِن سرجڻهار جي اندر ۾ سموري سنڌ سمايل آهي. اسان سنڌي ماڻهو ڳوٺ کان روزگار جي چڪر ۾ شهر ايندا آهيون ته ڄڻ پرديسي ٿي ويندا آهيون.ايئن هن هِن مجموعي ‘سمبارا ’ ۾ ڳوٺ، گهٽي، ندي، واهڻ، روڊ، رستن چنڊ، سمنڊ، درياهه ۽ ماڻهوءَ تي ٿيندڙ انياءَ جو سمورو جهان سمايل آهي. ڪنهن به تخليق جو پورائو ناهي ٿيندو ۽ ڪا به تخليق پوري ناهي ٿيندي ڇو جو اگر ائين هجي ها ته پهريون خيال سرجندڙ کان پوءِ ان خيال جي پوئيواري ڪندڙ چور نه بلڪه ڌاڙيل هجي ها.
    اسان جي نسل وڏڙن جي پيرن جي نشانن تي هلڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڇا اسان جو نسل به اسان جي پيرن تي هلڻ جي ڪوشش ڪندو؟ اِهوهڪ وڏو سوال آهي ڇو جو اسان جا ”ڪم“ اهڙو ته هئڻ گهرجي، جن تي گهٽ ۾ گهٽ اسان خود مطئمن هجون، شاهه جي شاعري پڙهندڙن کي ڪنهن ٻئي مان اهو سواد يا ذائقو ملندو اِهو ٿيڻو ناهي پر جيئن ته خود ڀٽائي، سچل لاءِ چيو ته اسان جيڪو ڪنو چاڙهيو آهي ان جو ڍڪ هيءَ نينگر لاهيندو... سو پنڌ اڃان به جاري آهي، ڪنو به باهه تي چڙهندو آهي ۽ ان ڪُني جو ڍڪ اڃان پورو لٿو نه آهي ۽ باهه وسائڻي نه آهي ڇو جو ڪنو ٺري ويندو ته پوءِ ڇا رهندو.ا اسان ۾ اگر ”ڪاٺي“ ٿيڻ جو به ذرو به هنر آهي ته اچو ۽ اچي ان تخليق جي ٻارڻ کي پنهنجن دردن سان دکايون. ڇو جو تخليق ڪائنات جي وجود ۾ رهڻ جو ڪل اثاثو به آهي ۽ سرمايو به آهي.
    ساجد جون سڀ سٽون سچيون پر هي سٽون ڄڻ ”حاصل“ آهن، هِن مجموعي جون، جيڪي سمبارا طويل نظم مان آهن...؟

    پوءِ به ڪاتب ڪين ڪڇي ٿو
    راهه اڙانگي نقش ڏسي ٿو،
    تنبوري جي تار ڇهي ٿو
    بند اکين سان خواب لهي ٿو.
    سمبارا جي ڇير ٽٽي ۽
    اسٽوپا جو ڪنڌ جهڪي پيو...!

    پڙهندڙ ئي ان جو فيصلو ڪندا ۽ ٻيو فيصلو تاريخ ڪندي ته ساجد سنڌي سنڌ جي اتهاس کي ڇا ڇا ارپيو... تيستائين؟

    چوي ٿي دنيا گناهه ۾ هون،
    اسان ته تنهنجي نگاهه ۾ هون.
    الله پنهنجي اندر ۾ آهي،
    اسان به شايد الله ۾ هون.
    (ساجد)


    فوزيه بانو


    منهنجو ويساهه

    ڪي ماڻهو شخصي طور وڏا ماڻهو هوندا آهن، جن وٽ ماڻهپي جا مڻ هوندا آهن، ڪي ماڻهو تخليقي طور سگهارا هوندا آهن، جن جي تخليقن ۾ حقيقي زندگيءَ جي حُسن جو واس هوندو آهي، فطرت جون رنگينيون هونديون آهن، پنهنجي وطن جي مٽيءَ جي خوشبوءِ هوندي آهي، پنهنجي ماروئڙن جهانگيئڙن جون درد ڪٿائون هونديون آهن، جن کي گڏائي هُو اهڙي شاعريءَ کي جنم ڏيندا آهن، جيڪا آزاد وطن ۾ اسٽيجن تان ‘قومي تراني’ جي صورت ۾ گونجندي آهي ۽ غلاميءَ جي وقت ۾ نئين نسل ۾ جوش ۽ وِلولو پيدا ڪندي آهي. اسان جي سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي تخليقڪار موجود آهن، جن جي تخليقن ۾ سنڌ پنهنجي اُوچي ڳاٽ سان اڏول بيٺل نظر اچي ٿي، اهڙي اڏولتا مون کي پنهنجي پياري دوست ساجد سنڌيءَ جي نظم ‘سمبارا’ ۾ نظر اچي ٿي. اسان جي محققن مؤرخن جيتوڻيڪ موهن جي دڙي جي تاريخ جي 5 هزار سالن تي اڪتفا ڪيو آهي، پر مون جڏهن ساجد جو نظم سمبارا پڙهيو ته مون کي موهن جو دڙو اڃا به آڳاٽو نظر آيو، نظم پڙهندي ايئن پئي محسوس ڪيم، ڄڻ انسان جي شعوري اؤسر ٿي ئي موهن جي دڙي کان آهي، ۽ موهن جي دڙي جو ماڻهو ئي شعور جي آگهي آهي، ان مان واضح ٿئي ٿو ته ساجد پنهنجي ڌرتيءَ سان ڪيترو ڳنڍيل آهي، ساجد جي نظم سمبارا جو هڪ بند آءٌ هتي ونڊ ڪريان ٿو:

    نيڻ نديءَ ۾ رقصان پاڇا
    پوءِ به ڪاتب ڪين ڪُڇي ٿو،
    راهه اڻانگي نقش ڏسي ٿو،
    تنبوري جي تار ڇُهي ٿو،
    بند اکين سان خواب ڏسي ٿو،
    سمبارا جي ڇير ٽُٽي ۽
    اسٽوپا جو ڪنڌ جُهڪي پيو.

    جيڪو ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ سان ايترو ڪميٽيڊ هُجي، اهڙي ماڻهوءَ سان دوستي کي آءٌ خدا جي نعمتن مان هڪ انمول نعمت سمجهان ٿو. دوستي، زندگيءَ جو آرٽ آهي، مون پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪڏهن ڪُجهه ميڙيو آهي ته اُهي فقط دوستيون ئي آهن ۽ اُنهن دوستين مان ڪي اهڙيون ته اٽوٽ بڻجي چُڪيون آهن، جن کان ڇِڄڻ شايد مُنهنجي وس ۾ نه هُجي، ڇاڪاڻ جو اُنهن دوستين منهنجي اندر جي ويساهه کي پُختو ڪيو آهي ۽ منهنجو ڪنڌ دوستيءَ جي انهي محراب ۾ هميشه جُهڪيل ئي رهيو آهي. ساجد سنڌي انهيءَ دوستيءَ جي سنگ جو اهم ٿنڀ آهي، جنهن سان آءٌ جڏهن به مليو آهيان ته مون کي نارائڻ شيام جون هي سٽون ياد آيون آهن ته:
    شيام جيڪر ٿي پوان ها تار تنهنجي ساز جي
    تنهنجون نازڪ آڱريون ڇيڙن ها منهنجي دل جو گيت!

    ساجد سان آءٌ جڏهن پهريون ڀيرو مِليو هُئس ته مون کيس رولاڪ رُوح محسوس ڪيو هو ۽ واقعي هُو رولاڪ رُوح آهي، هُن کي ڪٿي به هڪ جاءِ تي مزو ناهي ايندو، مون کيس سدائين ڀٽڪندي ڏٺو آهي، ۽ هُو ڀٽڪندي ڀٽڪندي به ڪم ڪندو رهندو آهي، هُو جڏهن اخبارن ۾ ڪم ڪندو هو تڏهن به هُو هلندي گهمندي ڪو ڪالم پيو لکندو هو، ڪنهن شاعر کي پيو ساريندو هو، ۽ رُلندي رُلندي شام جو اخبار جو ايڊيشن وٽس تيار ملندو هو، ان ڏِس ۾ آءٌ ايئن چوندس ته ساجد اخبار جي پليٽ فارم تان تمام گهڻن شاعرن کي متعارف ڪرايو آهي، لاتعداد ليکڪن جا پروفائل، انٽرويو شايع ڪري انهن جي پورهيي کي مان ڏنو اٿس، ۽ اِهو ڪم صرف اُهو ماڻهو ڪري سگهي ٿو، جنهن جو ضمير زنده هُجي. جنهن جي پنهنجن ماڻهن سان ڪمينٽمنٽ هُجي، ۽ ساجد کي مون هر مورچي تي ثابت قدم بيٺل ڏٺو آهي. اُن کانسواءِ ساجد جڏهن پبلشنگ جو ڪم سنڀاليو آهي ته هن ’سمبارا‘ پبليڪيشن پاران مختصر عرصي ۾ لاتعداد ڪتاب ڇپرايا، ۽ ڪيترن ئي نون ليکڪن کي اُتساهيو آهي، ساجد جي اها رفتار برقرار رهي ته آءٌ يقين سان چئي سگهان ٿو ته هُو هڪ ڏينهن سڀني پبلشرن کان گوءِ کڻي ويندو. ساجد شخصي طور ڪيڏو وڏو ماڻهو آهي، ان جو اندازو ان ڳالهه مان ڪري سگهجي ٿو، هڪڙي رات جو فون ڪيائين ته، ”شهيد بشير خان تي ڪو مضمون لکيل هُجي ته اي ميل ڪر، اخبار جو ايڊيشن پيو ڪڍان،“ مون وٽ بشير خان تي لکيل ’علامتي ڪهاڻي‘ موجود هُئي، جيڪا کيس موڪلي ڏنم، ٻئي ڏينهن تي اُها اخبار ۾ شايع ٿي ۽ ٻن ڏينهن کان پوءِ مُنهنجي لکڻيءَ جي ڪري اخبار مان کيس بيدخل ڪيو ويو، پر هن مون سان ان ڳالهه جو ذڪر ئي نه ڪيو، گهڻي عرصي کان پوءِ مون کي خبر پئي ۽ مون کانئس پُڇيو ته چيائين يار! ”قومي فرض نڀائيندي اهڙيون قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن.“ سندس واتان اِهي لفظ ٻُڌي مُنهنجي اندر ۾ هن لاءِ محبت جو سنڌو ڄڻ ته ڇوليون هڻڻ لڳو هو.
    ساجد، بنيادي طور تي اهڙي علائقي سان واسطو رکندڙ آهي، جيڪو قبائلي ذهينيت جو آهي، پر هي فقير منش ماڻهو انهن کان گهڻو ڏُور رهيو آهي، هن جي دل ميڻ جيان نرم ۽ ماڪ ڦُڙن جيان پويتر آهي، سندس چپن تي هميشه معصوم مُرڪ رقص ڪندي نظر ايندي آهي ۽ اکين ۾ ڏِيا ۽ مڻيا جا موتي پيا پِروئجندي نظر ايندا آهن، هتي مون کي هڪ ڀيرو ٻيهر نارائڻ شيام پيو ياد اچي ته:

    تنهنجين اکين ۾ ڪهڙن تارن جي جڳمڳاهٽ
    تنهنجن چپن تي ڪهڙين مُکڙين جي مُسڪراهٽ.

    ساجد سنڌي سان مِلي پنهنجائپ جو احساس ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ جو هُو اهڙو ته محبتي ماڻهو آهي، جو سندس جي وس پُڄي ته هن سڄي ڪائنات کي پنهنجي دل ۾ سمائي ڇڏي، ۽ پنهنجي سڀني دوستن کي اکڙين جي پنبڻين هيٺيان لِڪائي ڇڏي، هن جي دوستيءَ جو مثال اهو ڪافي آهي ته، هُن پنهنجي دوست جاويد جوکيي جي ياد ۾ ٽي ڪتاب ترتيب ڏئي ڇپرايا ۽ جڏهن سعيد ميمڻ زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي هو ته هُو تمام گهڻو پريشان هو، هن جي خواهش هُئي ته سعيد تڪڙو صحتياب ٿئي ته سندس شاعريءَ جو مجموعو خوبصورت پيپر ۽ لي آئوٽ سان ڇپرائي هُن کي سرپرائيز ڏي، پر زندگي هُن سان وفا نه ڪئي ۽ مون ساجد جون اکيون ڪيترا ڏينهن روئڻهارڪيون ڏٺيون، ساجد جيڪو زندگيءَ جي ڀرپور اُمنگن سان ٽهڪ ڏيئي ملندو هو، اُن جي گلي مان ڄڻ ته ٽهڪ موڪلائي ويا هُئا، هُن جي چپن تي جيڪا مسڪراهٽ هوندي هُئي، سا ڪيترائي ڏينهن کانئس رُٺل رهي هُئي، اُن بعد جڏهن هُن واپس پنهنجي زندگيءَ ڏانهن موٽ کاڌي هُئي ته هُو مسلسل سعيد تي لکندو رهيو، سعيد جون ساروڻيون سليندو رهيو، اهو آهي سندس دوستيءَ جو وڙ، جنهن تي مون سميت سڀني دوستن کي ناز آهي.
    هُو جيتوڻيڪ ماٺيڻو آهي، هن ۾ ڪا به نهٺائپ نه آهي، پر جڏهن هن جي شاعر واري رُوپ کي ڏسجي ٿو يا هن جي ڪالم نويس واري پاسي جو مشاهدو ڪجي ٿو ته هُو ڪجهه بدليل بدليل نظر اچي ٿو، هُو ڪيترين ئي لکڻين ۾ سراپا احتجاج بڻيل نظر اچي ٿو، هن جا ڪيترا ڪالم منهنجي نظر مان گذريا آهن، جن کي پڙهندي مون کي ساجد اُهو ناهي لڳندو، جيڪو معصوم مُرڪ سان آجيان ڪندو آهي، اهڙيءَ ريت سندس شاعري نه فقط رومانس سان ڀرپور آهي، پر ان مان هُو راهه جو ڳولائو آهي، منزل جو متلاشي آهي، خوف مان نڪرڻ ٿو چاهي، خاموشي ٽوڙي نئون جهان اڏڻ ٿو چاهي، مثال طور سندس غزل جا هي ٻه بند پڙهي ڏسجن:

    لُڙڪ ڇوليون، تون ۽ مان، خوف-گوليون، تون ۽ مان،
    منزلون سڀ، مام ۾، راهه ڳوليون، تون ۽ مان.
    ماٺ ٽوڙي ڇونه ڪا، ڳالهه کوليون، تون ۽ مان،
    رات ۾ ڪا رمز آ، چنڊ-ڏوليون، تون ۽ مان.

    يا وري سندس هي نظم پڙهي ڏسجي، جنهن ۾ فڪري گهرائي به آهي، وڇوڙي جا وڍ به آهن، اُلڪا ۽ اُڊڪا آهن، درد سان ڀرپور هن نظم جو تخيل ڏاڍو سگهارو آهي، جيڪو سندس شاعراڻي اُڏام کي نروار ڪري ٿو:

    مِلڻ کان اڳي ئي جُدا يار ٿيندو،
    نه ئي حال ڏسبو، نه احوال ٿيندو،
    اکين کان ڪِنارا ڪوهين ڏُور آهن،
    نه صحرا آ ساٿي نه ئي سمنڊ پنهنجو،
    نه اُڃ ۾ مُئاسين نه ڪُن ۾ ڪِرياسين،
    عجب وير پنهنجو به تقدير سان آ،
    زماني جي جڪڙيل زنجير سان آ،
    فنا لافنا کان پري ئي پري ٿي،
    اسان پيار پنهنجو لِڪائي رکيو آ،
    نه ئي هڪٻئي کي ٻُڌائي سگهيو آ،
    مگر ڪُجهه ته ڪنهن کي وري ڪَل پئي آ،
    حياتي هٿن مان به کِسڪي وئي آ،
    لڳي ٿو وري ڪو وڇوڙو وڍيندو.

    ساجد جتي وڇوڙي جي ورلاپ جون ڳالهيون ڪيون آهن، اُتي هن اُن چهري کي به ساريو آهي، جنهن جي نقش نيڻن ۾ هُن پاڻ وڃائي پاڻ ڳولهيو آهي ۽ اُنهي ڳولها ۾ هُو ڪيترو سڦل ٿيو آهي، اها ته پروڙ کيس ئي هوندي، پر هُو ان چهري جي تصور کان آجو ٿي نه سگهيو آهي:

    پري ٿي رهڻ ڏي نه تصوير تنهنجي،
    لِکان جي، لکڻ ڏي نه تصوير تنهنجي،
    ڇڪي ٿي، ڇنڻ ڏي نه تصوير تنهنجي،
    چوان ڪُجهه، چوڻ ڏي نه تصوير تنهنجي،
    عجب آ ڪشش تنهنجي چهري ۾ جانان!
    ڏِسان ٿو، ڇُهان ٿو، کڻان ٿو، چُمان ٿو،
    چوان ڪيئن، توکان سوا جي سگهان ٿو!

    دل ته چئي ٿي ساجد جي شاعريءَ تي ڳالهائيندو وڃجي، پر هتي مون کي ساجد جي شخصيت تي به لِکڻو آهي، ساجد جي سڀاءَ تي ڳالهائڻو آهي، ساجد جي ٽهڪن مان لُطف اندوز ٿيڻو آهي، ساجد جي پِريت کي ونڊڻو آهي، ساجد جي ساٿ تي سوچڻو آهي ۽ سوچڻو آهي سندس عشق تي، جنهن هن کي پيڙا جو پنڌ ڪرايو آهي، هيءُ پڻ انهي سٿ جو سارٿي آهي، جنهن تان گذرندي ڪيترن جا پير پِٿون ٿيا آهن، هيءُ پڻ انهي پنڌ جو پانڌيئڙو آهي، جنهن پنڌ ۾ رُڳو رُڪاوٽون ئي رُڪاوٽون آهن، هيءُ پڻ انهي راهه جو رمتو جوڳي آهي، جنهن راهه تي رمندي ڪيترا ئي بنواس ڀوڳڻ تي مجبور ٿيا آهن.
    ساجد نهايت ئي ماٺيڻو ۽ مانجهي مڙس آهي، هن جي شخصي ۽ تخليقي زندگيءَ جو ڇيد ڪجي ته ساهميءَ جا ٻئي پُڙ برابر جا بيهندا، ڇاڪاڻ جو هُو جيڪو شخصي طور آهي، اُهو ئي هُو تخليقي طور نظر اچي ٿو، سندس چهري تي ڪوبه نقاب چڙهيل نه آهي ۽ هُو آئيني جيان اُجرو آهي، هُو نه فقط شخصي رُوپ ۾ مانائتو ۽ وڙائتو ماڻهو آهي، پر هُو هڪ شاعر ۽ هڪ ليکڪ جي رُوپ ۾ به اوترو ئي مان لهڻي ٿو.

    علي نواز آريسر


    شاعري

    نيڻَ نَديءَ ۾ رَقصان پاڇا...

    نيڻَ نَديءَ ۾ رَقصان پاڇا...

    ڪانهَه ڪنڌيءَ جون سرگوشيون،
    کَن پل مرڪن، کن پل سڏڪن،
    ڳالهه ڪُنَنَ جي ڪَن آ پهتي،
    لهرون لهرون ساڳي سُس پُس،
    هِن رُت ڪهڙي راند رچائي،
    اُڀ جو سينو سوڙهو ٿي پيو،
    بادل ناسي ڳاڙهو ٿي پيو،
    پَن پَن پنهنجي منهن ٿي ڀُڻڪيو،
    ڪنهن جي ڪَن جي والي لهندي،
    واليءَ جو دستور اهو آ،
    پر اڄ واءُ وراڪا وڄ جا،
    روپ مٽائي اچڻا آهن،
    نينهن نشي ۾ نچڻا آهن،
    ڪنهن کي ڪو به نه ڳولي سگهندو،


    پنهنجو پاڻ نه ٻولي سگهندو،
    اسٽوپا جو روشن ٿيو آ،
    سمبارا ڀي انگ اگهيو آ،
    هو ڏس ديپ ٻرن ٿا پوءِ به...
    پل پل ڀاري پيرَ کَڄن ٿا،
    رات ٿڌيءَ ۾ ساز وڄن ٿا،
    ڪو سِرُ سُرَ کان خالي ناهي،
    هر ڪو پنهنجي ڌن ٿو ڳائي.

    نيڻ نديءَ ۾ رقصان پاڇا...

    مَڌ ۾ هستي مستي اوتي،
    اڌ اگهاڙا هيڏي هوڏي،
    هر ڪو پنهنجي راڄ جو راجا،
    رياست جو مهمان بڻيو آ،
    واليءَ جو سر-تاج انوکو،
    ڪاوا-ڪاوا تجلا کائي،
    سمبارا جي سونهن سان کيڏي،
    آقا جو ٿو رعب وڌائي.

    نيڻ نديءَ ۾ رقصان پاڇا...

    هوءَ جا انگ اگهاڙي هر پل
    ڇم ڇم ڇم ڇم ڇير وڄائي
    سا ري گا ما پا دا ني سا،

    ورلاپن جي رمز ۾ گُم ٿي،
    هوءَ جا ناچ نچي ٿي وک وک،
    ڪايا-مايا رقص ۾ آهي.

    نيڻ نديءَ ۾ رقصان پاڇا...

    ٽپ ٽپ ٽپ ٽپ گهنگهرو ڇڻڪن،
    تن من جهوميو، ڇاتي ڇُلڪي،
    مدهوشن جون وحشي نظرون،
    اُڀريل چوٽين منجهه چُڀن ٿيون.
    پر هوءَ بند اکين ۾ هٿ سان،
    ڄڻ ته هوا ۾ نقشا ٺاهي،
    ڪا ته پرولي سلجهائي ٿي،
    پنهنجو پاڻ کي سمجهائي ٿي!
    هر ڪو تن جو پوڄاري آ،
    من جو ڪوئي ميت به ڪهڙو،
    ساز بنا سنگيت به ڪهڙو،
    پاڻ وڻائڻ پرتوو پنهنجو،
    پنهنجي نَٿَ جي ڪٿ نه ڪائي،

    نيڻ نديءَ ۾ رقصان پاڇا...

    مٽڪيون مڌ جون خالي خالي،
    سڀ ڪو اوتي اڇلي ٿو ڄڻ،
    هيسيل هرڻي ساڻي ٿي آ،

    رعايا لئه ڍُڪِ پاڻي ٿي آ،
    ماس پٽڻ لئه آتا عادي،
    رانڀوٽين ٿا سينو پنهنجو،
    نيڻ نديءَ ۾ رقصان پاڇا...
    راجا سِرَ تان تاج هٽائي،
    تخت ڇڏي تلوار کڻي ٿو،
    چوڌاري هُل، آهون دانهون،
    هرڻيءَ جو هڪ پير ڪٽيو آ،
    اُڀ جي چادر ميري ٿي پئي،
    وڄ جو واڪو ڪنهن نه ٻڌو آ،
    محلاتي ديوار ذرا ٿي،
    تخت ٽٽو ۽ تاج ڀري پيو،
    سمبارا جي ڇير ٽٽي ۽
    اسٽوپا جو ڪنڌ جهڪي پيو.

    نيڻ نديءَ ۾ رقصان پاڇا...

    سمبارا جو رقص اُهو ئي،
    اڄ ڀي ٻيجل جي ساز اڳيان،
    پنهنجو پاڻ کي واري ٿو ۽،
    سڀئي رنگ اُڏاري ٿو ڄڻ،
    هوليءَ جو تهوار هجي ۽ ،
    هر هڪ پنهنجي خوديءَ ۾ خود،
    جيون ۾ هُو رنگ ڀري ڪي،
    ڪوڙي هام ولوڙي ٿو ۽،

    روز اکين مان ڳاڙي ٿو جي،
    ڳاڙها ڳوڙها هار ازل جا،
    ڄڻ ته اڌورا خيال غزل جا،
    لفظن ۾ پر ڳائڻ کان اڳ،
    پنهنجو پاڻ وڻائڻ کان اڳ،
    من جا موتي ميڙي ٿي ڪا،
    جاڳ جا خواب جنجهوڙي ٿي ڪا،
    من جو ميت نه ورلي ملندو،
    جيون جوت جلائي هلندو،
    آخر اهڙو جيون ڪهڙو،
    خاڪ اميدون خالي خالي،
    ڪيسين خواب سجائي هلنديون،
    ناٽڪ رت جا رشتا سارا،
    پنهنجين مستين موجن ۾ گم،
    پل پل درد اکوڙن ٿا ۽،
    دل جو درپن ٽوڙن ٿا ڄڻ.

    نيڻ نديءَ ۾ رقصان پاڇا...

    هو ڇا ڄاڻن جنم ڪهاڻي،
    روپ نئون ۽ ريت پراڻي،
    سال پڄاڻان پنڌ آ ساڳيو،
    سورٺ سڏ يا ڪنڌ اڀاڳو،
    پاڻ ازل کان رقصان رقصان،
    ڪنهن ندوري نينهن ۾ ڪڙهجي،

    ڪنهن جي ڳل جو هار نه ٿيڻي،
    راجا... ٻيجل خار نه ٿيڻي،
    آنءُ ته ساڳي رمتا جوڳڻ،
    سڀ سان نينهن نڀائڻ ڄاڻان،
    تنها رڻ ۾ ساٿي منهنجو،
    پاڇو پار پڇائي ڏسجو،
    آنءُ ته راڻي راڄ سندي هان،
    منهنجو راجا رب ئي ڄاڻي،
    سمبارا جو سڏ ورنائي،
    ور ور ريت نڀائي هيڪل،
    ساز سزا جي وائي هيڪل،
    گام گهڙي هر ڳائي هيڪل،

    نيڻ نديءَ ۾ رقصان پاڇا...

    پوءِ به ڪاتب ڪين ڪڇي ٿو،
    راهه اڻانگي نقش ڏسي ٿو،
    تنبوري جي تار ڇُهي ٿو،
    بند اکين سان خواب ڏسي ٿو،
    سمبارا جي ڇير ٽٽي ۽
    اسٽوپا جو ڪنڌ جهڪي پيو.


    ابتدا ۽ انتها، فُٽ پاٿ تي،

    ابتدا ۽ انتها، فُٽ پاٿ تي،
    ڪيترا ٿيا واعدا فٽ پاٿ تي.
     
    روز ٿي تخليق وهنجي خون سان،
    روز ٿين ٿا حادثا فٽ پاٿ تي.
     
    رات آڌيءَ جو ڏسان ٿو مان وري،
    گڏ ستل ماڻهو-ڪتا فٽ پاٿ تي.
     
    مون اڪيلي کان نه ٿو ڪٽجي سفر،
    لفظ روئندي ڪنهن چيا فٽ پاٿ تي.
     
    پاڻ سان گڏ پنهنجي منزل ٿي ملي،
    او مسافر! موت جا، فٽ پاٿ تي.
     
    سڀ هليا ويا هيڪلا هن پار ڏي،
    ساڻ مون سان درد ها، فٽ پاٿ تي.
     
    وڃ چري! ‘ساجد’ ته وڃڻو هو ويو،
    هاڻ تنهنجو ڪير آ فٽ پاٿ تي.


    من ته بدن ۾ سڏڪي ٿو،

    من ته بدن ۾ سڏڪي ٿو،
    گهاءُ ڪفن ۾ سڏڪي ٿو.

    ڳوڙهن سان جو رلجي ويو،
    خون خطن ۾ سڏڪي ٿو.

    تون ڏِس، هو ڏِس، هي ڇا ٿيو،
    چنڊ گگن ۾ سڏڪي ٿو.

    ڪهڙو واءُ گهليو آ جو،
    گل به چمن ۾ سڏڪي ٿو.

    سڀ کان چوريءَ لکيو مون،
    نانءُ هٿن ۾ سڏڪي ٿو.

    ڪَوِتاژ ‘ساجد’ سرجي ٿي،
    پيار پنن ۾ سڏڪي ٿو.


    اوهان ۽ اسان، ڪاغذ جو رشتو،

    اوهان ۽ اسان، ڪاغذ جو رشتو،
    وساريو متان، ڪاغذ جو رشتو.
     
    اڌوري ڪهاڻيءَ جا ڪردار ٿيا هون،
    شروع ٿيو جتان، ڪاغذ جو رشتو.
     
    وري اجنبيءَ جو ڪاغذ مليو،
    لکيل هو مٿان، ڪاغذ جو رشتو.
     
    صدين جي مسافت ناهي دوري،
    رڳو ٿئي عيان، ڪاغذ جو رشتو.
     
    ڏنو نانءُ جيون منهنجي کي تو،
    کِلي پيار مان، “ڪاغذ جو رشتو”.
     
    نه ملندي، ملڻ ڀي آهه ڏيندو،
    ڪڏهن ڀي ڪٿان، ڪاغذ جو رشتو.
     
    نه ويساهه ‘ساجد’ رشتي ٻئي تي،
    رکيو يار سان، ڪاغذ جو رشتو.


    جيءُ ڪيڏو جُهري ٿو بارش ۾،

    جيءُ ڪيڏو جُهري ٿو بارش ۾،
    گرم ڀاڪر گهري ٿو بارش ۾.
     
    پاڻ شايد وري به ملڻا هون،
    ديپ ڪوئي ٻري ٿو بارش ۾.
     
    ٻار خوش ٿي کلي ڪُڏن ٿا پر،
    ڪو پکي آ، مري ٿو بارش ۾.
     
    لڙڪ، يادون اڳيان ڪئي منظر،
    ساهه ٿڌڙا ڀري ٿو بارش ۾.
     
    مون کي هيڪل ڏٺو نه ٿيو هُن کان،
    درد واپس وري ٿو بارش ۾.
     
    رات اونداهه ۽ اڪيلائي،
    هانءُ ڪيڏو ڏري ٿو بارش ۾.


    وري لهي بدن مٿان، پَٽي ڪَٽي وڍن پيا،

    وري لهي بدن مٿان، پَٽي ڪَٽي وڍن پيا،
    ڇِتا ڪتا سمهن نه ٿا، اڃان به تون آن ننڊ ۾،
    وجود گهاءَ ٿي سهي، لڇان ڪڇان رڙان به ٿي،
    لهو لهو ٿي ماءُ آ، اڃان به تون آن ننڊ ۾.


    زندگيءَ کان گلاب ڇني ورتا هن.

    زندگيءَ کان گلاب ڇني ورتا هن.
    هٿ ٻڌي خدا کان ٻنهي ورتا هن.
    اڄ ته پيئڻ ڏيو ساقيءَ هٿان مئه،
    پيار جا هي ٻه پل مس ته پني ورتا هن


    تو جي هَٿن سان رکيا،

    تو جي هَٿن سان رکيا،
    ڪتابن ۾ گُل
    ڪيئن وساري سگهبا.

    وڇڙڻ ويلي او مٺي!
    تنهنجا نيڻ ڀنل
    ڪيئن وساري سگهبا.

    تنهنجا پيڙا جي وچان،
    پويان لفظ چيل
    ڪيئن وساري سگهبا.

    سپنا تنهنجا ها سکي!
    ڄڻ ڪي ريت محل
    ڪيئن وساري سگهبا.

    تو سنگ جي گهاريا
    جيون جا سي پل
    ڪيئن وساري سگهبا.


    او کَجِين جي شهر واري ڇوڪري!

    او کجين جي شهر واري ڇوڪري!
    ڇا خبر توکي حياتي تو سوا،
    اڻ ڇُهيا ڪي خواب رستن تان کڻي،
    اڻ ڏٺي ڪنهن ماڳ ڏي جهاڳي پئي،
    ها صدين جا گهاءَ سيني ۾ رکي،
    ٻاٽ ۾ تنهن لاٽ لئه تانگهي پئي،
    جا وٺي تنهن راهه تي آڻي وري،
    جِت ملڻ پنهنجو بڻيو اتفاق پر،
    ٽهڪ، مرڪون، لڙڪ، دڙڪا، محبتون،
    اڻ ڇهيون اڏندڙ چميون احساس جون،
    چاهه جا آڇيا گلابي گيت ها،
    ۽ هوائن جا سنيها بي خبر،
    رات جي آغوش ۾ ها ديپ ڄڻ!
    ساهه جي ڪنهن تار ۾ سنگيت ڄڻ!
    منتظر من تو پسڻ جي جستجو،
    همسفر باندي چتائون آس جون،
    گڏ جليون مونسان هلي هر موڙ تي،
    موت کان اڳ شل مٺي! توکي پسان،
    مُک ڀري ٻڪ ۾ حَسين چهرو چمان،
    لڙڪ تنهنجا مان ڪري امرت پيئان،
    پر مٺي! خود کي هوا جهونڪو نه چئه،
    ساهه ڪوسا، سرد موسم سار ڪجهه،
    رات ننڍڙي، اڻ ڳڻيون ڳالهيون ڊگهيون!
    گڏ سنڌوءَ سان نانءُ پنهنجو وار ڪجهه،
    آ قسم توکي حَسين تنهن رات جو،
    آرزو هي آخري آ، اچ وري،
    مان اياڻو تون مسيحا، جَل پري!
    او کَجِين جي شهر واري ڇوڪري!
    او کَجِين جي شهر واري ڇوڪري!


    نيڻ تنهنجا آسمان جو سوجهرو،

    نيڻ تنهنجا آسمان جو سوجهرو،
    چارسو ڄڻ ڪُل جهان جو سوجهرو.
     
    جسم تان پردا پري تو ڇا ڪيا،
    رقص ۾ آ ڪهڪشان جو سوجهرو.
     
    ڏور تائين ٿو ورهائي روشنيون،
    رات ڀر تنهنجي مڪان جو سوجهرو.
     
    من مندر ۾ ٿي وسي هڪ مورتي،
    عارضي ناهي، جوان جو سوجهرو.
     
    تنهنجي ڪاري تِرَ مٿان لهندو اچي،
    ٻن چپن جي ڪاروان جو سوجهرو.
     
    تو ڀڳو آرس وري مدهوش ٿي،
    آرسيءَ لئه امتحان جو سوجهرو.
     
    پاڻ ‘ساجد’ ڀاڪرن ۾ پر مَٿي،
    چنڊ ۾ هو بدگمان جو سوجهرو


    ڏات خنجر، ڌار آهي شاعري،

    ڏات خنجر، ڌار آهي شاعري،
    ڪا ڪويءَ ڪوڪار آهي شاعري.
     
    لفظ سارا تو جيان معصوم ها ،
    مون نپايا ٻار، آهي شاعري.
     
    مان تتل هان ريت جو راهي مگر،
    راهه ۾ ڇڻڪار آهي شاعري.
     
    سوچ تنهنجيءَ ۾ عجب ميٺاڄ آ،
    ڄڻ ته ماکيءَ لار آهي شاعري
     
    تنهنجي چپڙن ساڻ جا جهونگارجي،
    ڪين ٿي سا يار! آهي شاعري.
     
    سنڌ! تنهنجي سينڌ جو سندور آ،
    غير لئه ڦٽڪار آهي شاعري.
     
    چؤطرف هن عڪس ساڳيا رقص ۾،
    “ڄڻ پرينءَ جي سار آهي شاعري”
     
    هر سبق ‘ساجد’ ڪچو رهجي ويو،
    ماستر جي مار آهي شاعري.


    سوچَ اُٿاهَه سمنڊ ۽، اندر ساڳي آس،

    سوچَ اُٿاهَه سمنڊ ۽، اندر ساڳي آس،
    هي جا هيڏي پياس، ڪير اُجهائي اڳ ۾.
     
    ڪير اجهائي اڳ ۾، هي جا ٻري آڳ،
    ماڻينداسي ماڳ، موت جن جي مُٺ ۾.
     
    موت جن جي مُٺ ۾، ماڻي سو مومل،
    ڪيڏا به هجن هُل، چاهي ڪاڪ ڪنڌين تي.
     
    چاهي ڪاڪ ڪنڌين تي ، وڇائين ٿو خار،
    جوڙيان ويٺو هار، ڪنڊا سڀ ڪنول ڪري.
     
    ڪنڊا سڀ ڪنول ڪري، ويندي واٽ کنيا،
    تو جي يار هنيا، ڪندي پرک پيار جي،
     
    ڪندي پرک پيار جي، متان وڃائين پاڻ،
    اسان ڪنهن جي ڪاڻ، وساريو پنهنجي وجود کي،
     
    وساريو پنهنجي وجود کي، ڇڏين سي ئي شخص
    ‘ساجد’ جيڪي رقص، ڪندا ٽانڊن جي مٿان


    نيڻَ مسجود تو درَ دعا عيد تي،

    نيڻَ مسجود تو درَ دعا عيد تي،
    پيار ڪنهن کان نه کس اي خدا عيد تي.

    کوڙ ڀاڪُر مليا، سڀ ها واقفَ مگر،
    ڪوبه پنهنجو نه هو، چوڏِسا عيد تي. 

    هڪ ڊنل نينگري، ٿي پڇي “او امان”.
    رت نِما ٿي لڳي، ڇو حِنا عيد تي.

    هر گِهٽي گَهر اڳيان شورُ ٻارن جو هو،
    جهولَ خالي گهراڻا رُنا عيد تي.

    جَڳ جلادي هَٿان ٿي مَسيحا قتل،
    درد جا گيت بڻبا دوا عيد تي.

    بي شرم ڪر ڦِٽي، تَخت ۽ تاجَ کي،
    “سنڌ جا ها اجهاڻل اجها عيد تي”.

    تَرس ‘ساجد’ اسان ڀي اِجهو ٿا اَچون،
    مئڪدي منجھه هوندا، مزا عيد تي.


    سجايون ڪنهن اميدن جون، مزارون منهنجي نيڻن ۾،

    سجايون ڪنهن اميدن جون، مزارون منهنجي نيڻن ۾،
    حَسين ڪتبا ويون بڻجي، نِهارون منهنجي نيڻن ۾.
     
    هوا جا او گرم جهوٽا! خِزان کي چَئه وڃي گذري،
    گهڙي پَل لئه، پَون ترسي، بهارون منهنجي نيڻن ۾.
     
    اسان مرڪون ورهايون پئي، اوهان خاطر جڏهن جانان!
    بڻيون بي انت لڙڪن جون، قطارون منهنجي نيڻن ۾.
     
    اوهان ڪنهن ويس ڳاڙهي ۾، ٿيا راهي مگر اڄ ڀي،
    پڙاڏو ٿي ڪي گونجن ٿيون، پڪارون منهنجي نيڻن ۾.


    انصاف جي اکين تان ڪاري پٽي ته کوليو،

    انصاف جي اکين تان ڪاري پٽي ته کوليو،
    هن ديس ۾ امن جا، پنڇي اڏي مرن ٿا،
    عادل وٺڻ پڳو اڄ، خود عدل ڪٽهڙي ۾،
    گولن، لٺين جا تمغا، بدلي ۾ ڇو ملن ٿا؟


    روئن رت ڦڙا اکيون ڇو نه پنهنجون،

    روئن رت ڦڙا اکيون ڇو نه پنهنجون،
    اَجها ٿي اباڻا، ته بلڊوز ويا هن.
    نئين ڳالهه ناهي، هي ٻيٽن جو وڪرو،
    اسان کان کسيا حق، هر روز ويا هن.


    پيار اسان پاتو.

    ساقيءَ نظرن ۽
    مَئه جي پيالن ۾
    پيار اسان پاتو.

    بوند برهه برسي،
    زُلف جهڙالن ۾
    پيار اسان پاتو.

    جي ٿي روز پڇين،
    سانئڻ سوالن ۾
    پيار اسان پاتو.

    پلڪن پريم پسيو،
    نيڻن آلن ۾
    پيار اسان پاتو.

    سوچون شعر بڻيون،
    ‘ساجد’ خيالن ۾
    پيار اسان پاتو.


    ادي پنڪي!

    سُتينءَ رت جو ڪفن اوڍي،
    مٽيءَ جي مهڪ جاڳي ٿي،
    شهيدن جو ڇپر ڇا پيو،
    ڳڙهيءَ ڳاڙهي ڍڪي چادر،
    متل محشر سدا چوڏس،
    لکين آواز گونجن ٿا،
    حُسيني ساز گونجن ٿا،
    صدائن جا پڙڏا هن،
    زمين غمناڪ ڀاري آ،
    تتل ڄڻ تيز واري آ،
    اگهاڙا پير ڦٽجن ٿا،
    اکيون پرسوز پٿراليون،

    صدين کان ڄڻ هجن آليون،
    متو ماتم وئي تنهنجي،
    سڄو عالم چئي تنهنجي،
    اڃان واري آ وارن ۾،
    سراپا سور ڌرتي آ،
     
    اٿن هٿ روز ڪوفي ڏانهن،
    يتيمن جا، غريبن جا،
    ستايل رهگذارن جا،
    گهڙي جنهن پل ڏسن توکي،
    ادي بي بي! ادي پنڪي!
    کڻي تصوير تنهنجيءَ کي،
    روئي سيني جي لايون ٿا،
    اچي چهرو، اڳيان تنهنجو،
    ملڻ، مرڪڻ، کلڻ تنهنجو،
    اسان جي مسڪرايون ٿا،
    ڀيانڪ روپ پايون ٿا،
    جڏهن چائنٺ اچئون تنهنجي،
    چئون ڇا ڇا، ڏسئون ڇا ڇا،
    لڇئون ڪيڏو، ڪڇئون ڇاڇا،
    ادا تنهنجا، ابا تنهنجو،
    اُنهن جي ڀر سُتل توکي،
    اکيون ڪٿ سڀ ڏسي سگهنديون،
    مگر سر سان ڪفن اوڙهي،
    اسان کي هاڻ اچڻو آ،

    حقن خاطر، وطن خاطر،
    وري ڪنهن باهه پچڻو آ،
    رسم تنهنجي رکي جاري،
    سدا سر گهور ڪرڻو آ،
    اسان کي سنڌ ساريءَ لئه،
    ڀٽائيءَ ڀونءِ پياريءَ لئه
    اڃان ڪرڻا ڪشالا هن،
    هٿن ۾ ڏس مشعالا هن،
    چپن تي تنهنجا نعرا هن،
     
    سوين گوليون، هلن گولا،
    زمين بڻجي وڃي شعلا،
    شهيدن جو ڇڏيل رستو،
    وٺي واپس نه ورڻو آ،
    اڃان اڳتي، اڃان اڳتي،
    جتي ڪوفين، قطارون هن،
    يزيدي ڪي پچارون هن،
    ڪٽي سي ڪنڌ هلڻو آ،
    رسي منزل نه رڪڻو آ،
    وري اڳتي، اڃان اڳتي،
    مگر ڪڏهين؟ مگر ڪڏهين؟
    اهو هڪ سوال ٽوڪي ٿو،
    ڪجي ڇا حال روڪي ٿو،
    مليو جو مال روڪي ٿو،
    اڃان ٻئي سال! ڀونڪي ٿو،

    ڪڏهن بدلا نه ورتاسين،
    وڃي آمر سان پرتاسين،
    ادي بي بي! ادي پنڪي!
    ڪري تون معاف ئي ڇڏجان،
    اسان مردن، شهيدن جا،
    هميشه کان ئي وارث هون،
    رهيو بس روڄ راڙو آ،
    ڪرڻ کان ڪجهه اياڻا هون،
    ادي بي بي! ادي پنڪي!
    ڪري تون معاف ئي ڇڏجان،
    ڪري تون معاف ئي ڇڏجان.


    ڪائي آرزو ڪيان ٿو.

    ڪائي آرزو ڪيان ٿو.
    مان رت سان وضو ڪيان ٿو.
     
    رستو پُلصراط جو آ،
    پوءِ به جستجو ڪيان ٿو.
     
    ڄڻ ته وجود جو حصو آ،
    ڳالهه به هوبهو ڪيان ٿو.
     
    ڌپ آئي منافقيءَ جي،
    هن سان گفتگو ڪيان ٿو.
     
    لفظ به ويس ٿا مٽائن،
    شامل جي لهو ڪيان ٿو.
     
    ‘ساجد’ وقت جي تپش ۾،
    خود کي روبرو ڪيان ٿو


    رات ڏِٺا سَپنن ۾ شيشا،

    رات ڏِٺا سَپنن ۾ شيشا،
    پئي چُڀيا نيڻن ۾ شيشا.
     
    يادن جو ڪو وسڪارو هو،
    ڄڻ ته ڪِريا پٿرن ۾ شيشا.
     
    تو در ايندي پير ڦٽي پيا،
    وکريل ها رستن ۾ شيشا.
     
    تنهنجي تصور کان ڀي ابتڙ،
    منهنجي ها دامن ۾ شيشا.
     
    شيشن ڀي شيشو نه سڃاتو،
    گم ٿي ويا شيشن ۾ شيشا.
     
    ڪَوِتا منجهه رکي آ دل مون،
    تو ته رکيا لفظن ۾ شيشا.
     
    پوءِ به ‘ساجد’ سجدا هوندا،
    ڀل ته لڳن سجدن ۾ شيشا


     سونهن کي سجدو ڪجي، ڪافر ٿجي،

     سونهن کي سجدو ڪجي، ڪافر ٿجي،
    ڇونه تنهنجي در اڳيان حاضر ٿجي.

    ماٺ ۾ ڪو سڏي مشرڪ متان،
    دل چوي ٿي لوڪ ۾ ظاهر ٿجي.

    هڪ ”رسيدي ٽڪٽ“ لکجي ڪا وري،
    پوءِ امرتا، ڇونه جي ساحر ٿجي.

    منهن محرابي مٺو هرهر چمان،
    بس نمازِ عشق جو ذاڪر ٿجي.

    ڀل حياتي پيار لئه ٿوري هجي.
    پر نِگاهِه يار ۾ ساغر ٿجي.


    پاڻ کي مون گهڻو سمجهايو، پنهنجي تعاقب ۾.

    پاڻ کي مون گهڻو سمجهايو، پنهنجي تعاقب ۾.
    يار! پنهنجو ئي اٿئي سايو، پنهنجي تعاقب ۾.
     
    ڪنهن ته ڪنهن جي نگاهن ۾، ڪنهن کي چاهيو ڳولڻ،
    ڪنهن ته خود کان پئي گهٻرايو، پنهنجي تعاقب ۾.
     
    زندگيءَ جي حد کان ماپي، هو ڏسي هڪ پوڙهو،
    بس اندازو لڳائي آيو، پنهنجي تعاقب ۾.
     
    بي رخي جي سوا حاصل ٿيو ٻيو ڪجهه ناهي،
    جانِ جان توکي ئي پرچايو، پنهنجي تعاقب ۾.
     
    خواب رَلجي پيا هيڪاندا، رستي ويندي پر،
    مون ته هر درد کي ڳل لايو، پنهنجي تعاقب ۾.
     
    نيٺ ‘ساجد’ وري ڀلجي ڀٽڪي واپس ايندي،
    پاڻ کي پاڻ ۾ ئي پايو، پنهنجي تعاقب ۾.


    دل ته تنهنجي چاهه ۾ گم ٿي وئي،

    دل ته تنهنجي چاهه ۾ گم ٿي وئي،
    ڄڻ سُئي درياهه ۾ گم ٿي وئي.
     
    مان مسافر ۽ انڌيرو چؤڏسا،
    روشني ڇو راهه ۾ گم ٿي وئي؟
     
    ياد جو ڏيئو جلايان رات ڀر،
    آس ڪنهن جي آهه ۾ گم ٿي وئي.
     
    ها هڻي ڀل نفرتن جا تير، جو،
    دل چري ساراهه ۾ گم ٿي وئي.
     
    هي به متلاشي رهي ڪاغذ سندي،
    ناوَ وچ درياهه ۾ گم ٿي وئي.
     
    جستجو ڪيڏي ڪئي مون دل مگر،
    درد جي درگاهه ۾ گم ٿي وئي.
     
    منهنجي ساري زندگي ۽ شاعري،
    ها سچل ۽ شاهه ۾ گم ٿي وئي.
     
    سازشون ‘ساجد’ نه سمجهي دل سگهي،
    هوءَ هن جي ٺاهه ۾ گم ٿي وئي.


    اسان جي آس جي ريکا،

    اسان جي آس جي ريکا،
    ٽٽي وشواس جي ريکا.
     
    اسان جا خواب صحرا ۾،
    اسين بنواس جي ريکا.
     
    اسان تنهن سمت جا راهي،
    ڏسون جت ٽياس جي ريکا.
     
    اسان جي دل به ٿر وانگر،
    اسان هون پياس جي ريکا.
     
    اسان سان گڏ رهي ‘ساجد’،
    صدين کان تاس جي ريکا.


    روح روڳي نه ساڻو ٿيو،

    روح روڳي نه ساڻو ٿيو،
    پيار ڪيڏو پراڻو ٿيو.
     
    لفظ، معنيٰ ڇا سمجهي ويو،
    نيٺ پنهنجو پڇاڻو ٿيو.
     
    ٻاٽ رستو نه روڪي سگهي،
    ڏور خود کان ٺڪاڻو ٿيو.
     
    ڪو به پنهنجو نه آيو ڪهي،
    سڏ پري لاڙڪاڻو ٿيو.
     
    ها وري تنهنجي دڙڪي اڳيان،
    نينهن نرڄو نماڻو ٿيو.
     
    مرڪ هڪڙي مٿان موهجي،
    پاڻ واري وڪاڻو ٿيو.
     
    زندگي ڀر ڏسي جهول ٿو،
    پر نه ‘ساجد’ سياڻو ٿيو.


    زميني ڪٿائون، زمانو ڇا ڄاڻي.

    زميني ڪٿائون، زمانو ڇا ڄاڻي.
    اسان جون وفائون، زمانو ڇا ڄاڻي.
    حقيقت تان پردا، هٽائڻ جي بدلي،
    سَٺيون جي سزائون، زمانو ڇا ڄاڻي.


    عشق ۾ جنون چاهي ٿي.

    عشق ۾ جنون چاهي ٿي.
    شاعري به خون چاهي ٿي.
    مان ته مئڪدو ڇڏيان، پر،
    زندگي سڪون چاهي ٿي.


    تنهنجو عڪس ڏٺم!

    آئيني آڏو،
    پنهنجن نيڻن ۾،
    تنهنجو عڪس ڏٺم!

    کوليم خط تنهنجو
    سڀني اکرن ۾،
    تنهنجو عڪس ڏٺم!

    سٽون سرجڻ لڳيون
    ۽ پوءِ لفظن ۾،
    تنهنجو عڪس ڏٺم!

    هر هر نيڻ ڀليا
    ڪيڏن چهرن ۾،
    تنهنجو عڪس ڏٺم


    لڳي ٿو وري ڪو وڇوڙو وڍيندو!

     
    وري روح لفظن ۾ تڙپي اُٿيو آ.
    وري ڪاغذي ڪهڪشان ڪو جُڙيو آ.
    وري رات ساڳي ڪٿا ٿي ٻڌائي،
    وري چنڊ اُڀ تان چِتائي ڏسي ٿو.
    وري هير ٿڌڙي ورائي ٿي پاسا،
    لڳي ٿو وري ڪو وڇوڙو وڍيندو.

    ملڻ کان اڳي ئي جدا يار ٿيندو،
    نه ئي حال ڏسبو، نه احوال ٿيندو،
    اکين کان ڪنارا ڪوهين ڏور آهن،
    نه صحرا آ ساٿي نه ئي سمنڊ پنهنجو،
    نه اُڃ ۾ مئاسي نه ڪُن ۾ ڪِرياسين،
    عجب وير پنهنجو به تقدير سان آ،

    زماني جي جڪڙيل زنجير سان آ،
    فنا لافنا کان پري ئي پري ٿي،
    اسان پيار پنهنجو لڪائي رکيو آ،
    نه ئي هڪٻئي کي ٻڌائي سگهيو آ،
    مگر ڪجهه ته ڪنهن کي وري ڪَل پئي آ،
    حياتي هٿن مان به کسڪي وئي آ،
    لڳي ٿو وري ڪو وڇوڙو وڍيندو.

    نئون درد ڏيندو ڇني پيار ويندو،
    اڃان ڪين اکڙين شرارت سکي آ،
    مٺي مند کان ڀي نه چاهت پني آ،
    ملاقات جا پل نه ويجهو وريا هن،
    اڃارا چپن جا ڪنارا رهيا هن،
    بدن کي نه بارش ڀنڻ هاڻ ايندي،
    صدين جي ٿڪاوٽ ختم ڄاڻ ٿيندي،
    صدا ڪا سڏي ٿي انوکي اڃاري،
    لڳي ٿو وري ڪو وڇوڙو وڍيندو.

    پرين پيار پنهنجي نه اظهار آندو،
    نه اقرار آندو نه انڪار آندو،
    عجب چاهتن جو ڪو اسرار آندو،
    اگر پاڻ پنهنجا نه بڻجي سگهياسين،
    هٿن جي اشارن جي ٻولي ته هوندي، 
    ٻنهي لاءِ ساڳي پرولي ته هوندي،
    پِپر جي پنن جا نشان هيٺ هوندا،

    زميني صحيفا گواهه نيٺ ٿيندا،
    نه تنهنجا نه منهنجا جهان جا ئي سڏبا،
    پرين پيار پاڇا ڪي ڀٽڪي به ملندا،
    هٿن ۾ڏئي هٿ انهيءَ راهه رمندا،
    جتي پاڻ پنهنجي پرولي پروئي،
    جسم ساڻ هو نه ڀاڪر ۾ ڪوئي،
    نه خود ئي ختم ٿيو نه خودي کي ڳوليو،
    جتي پاڻ پنهنجي حياتيءَ سان ٻوليو،
    لڳي ٿو وري ڪو وڇوڙو وڍيندو،

    نه ڪايا نه مايا هي سڀ ڪجهه فنا ٿئي،
    ڪٿي شال ڪنهن جي نه جوڙي جدا ٿئي،
    جنم در جنم بس سڀن جو خدا ٿئي.
    جنم در جنم بس سڀن جو خدا ٿئي.


    لڙڪ ڇوليون، تون ۽ مان،

    لڙڪ ڇوليون، تون ۽ مان،
    خوف، گوليون، تون ۽ مان.
     
    منزلون سڀ مام ۾،
    راهه ڳوليون، تون ۽ مان.
     
    ماٺ ٽوڙي ڇو نه ڪا،
    ڳالهه کوليون، تون ۽ مان.
     
    رات ۾ ڪا رَمز آ،
    چنڊ-ڏوليون، تون ۽ مان.
     
    اچ ته چاهت ديس ۾،
    پاڻ روليون، تون ۽ مان.

    الوداعي وقت آ،
    ڏور ٽوليون، تون ۽ مان.
     
    موٽ پنهنجي پيار جي،
    خارَ جهوليون، تون ۽ مان.
     
    ٿا قبوليون هر سزا،
    بندَ، کوليون، تون ۽ مان.
     
    باک ٿيندي شل ڏسون،
    لات لِوليون، تون ۽ مان.
     
    ٿيا ڇِتا گهر جا ڪُتا،
    ٻول ٻوليون، تون ۽ مان.


    بَس ڪارا وارَ وِکيري ڇَڏ،

    بَس ڪارا وارَ وِکيري ڇَڏ،
    دل ٽٽندي کِلندي ڀوري ڇڏ.
     
    ڏي موکي! وِهه جا ڍُڪ ڀريان،
    سڀ پنهنجون مٽڪيون سوري ڇڏ.
     
    جئن ڦٿڪان تنهنجي ٻانهن ۾،
    جِي، جان جسم کي جهوري ڇڏ.
     
    ڇو ايڏا اکين ۾ تجلا ٿئي،
    ڪجهه پنهنجو پاڻ به گهوري ڇڏ.
     
    ٿو در صدين کان کڙڪايان،
    ڪر هستي هڪ، ڪنهن ٿوري ڇڏ.
     
    هن راهه مسافر ڀٽڪيل کي،
    اي بادِ صبا، ڄامشوري ڇڏ.


    اڄ هٿن ۾ آرسي ناهي رهي،

    اڄ هٿن ۾ آرسي ناهي رهي،
    جو اکين ۾ روشني ناهي رهي.
     
    صرف مون سان دوستيءَ جي ڳالهه ڪر،
    دشمنن لئه دشمني ناهي رهي.
     
    هاڻ تنها ٿي گذاري هر گهڙي،
    زندگيءَ سان زندگي ناهي رهي.
     
    مسرتون ميڙي وٺان، تون پوءِ اچ،
    ڇا ڏيان توکي خوشي ناهي رهي.
     
    ساٿ پنهنجو تون ڇنڻ کان اڳ، مٺي!
    سوچ ڪر، سا بي رخي ناهي رهي.
     
    ڪيئن توکي همسفر پنهنجو چوان،
    چنڊ! تو ۾ چاندني ناهي رهي.


    لِڪائي مُٺ ۾ آڌيءَ کي،

    لِڪائي مُٺ ۾ آڌيءَ کي،
    ڇُهڻ چاهي ٿو ڇاتيءَ کي.
     
    سفر ۾ بس گذر آهي،
    ڪجي ڀي ڇا حياتيءَ کي.
     
    پٽيو آ ماس ماڪوڙن،
    فقيرياڻي-جوانيءَ کي.
     
    متان هن مان به امرت ٿئي،
    ڏسو ميري نه پاڻيءَ کي.
     
    پڙهيو ڀي ڪنهن ڪڏهن ناهي،
    ڪهاڻي هن پراڻيءَ کي.
     
    ڪٿي غم کان نه گهٻرائي،
    نه بدلايو نماڻيءَ کي.
     
    نه ٿي مقتول ‘ساجد’ اينءَ،
    ڪهڻ ڏي تون نه ڪاتيءَ کي.


    پُهتا آڌيءَ رات جو،

    پُهتا آڌيءَ رات جو،
    سپنا آڌيءَ رات جو.
     
    مون وانگي ٿيا هيڪلا،
    چارا آڌيءَ رات جو.
     
    ڳولي ڳولي هان ٿڪو،
    پنهنجا آڌيءَ رات جو.
     
    پل پل جاڳيا جيءَ مان،
    اڌما آڌيءَ رات جو.
     
    يادن جا ٻاريون اڃان،
    ڏيئا آڌيءَ رات جو.
     
    ڪيڏا تنهنجا ٿا چُڀن،
    جملا آڌيءَ رات جو.
     
    ‘ساجد’ تڙپي گيت غزل،
    سرجيا آڌيءَ رات جو.


    چوي ٿي دنيا، گناهه ۾ هون.

    چوي ٿي دنيا، گناهه ۾ هون.
    اسان ته تنهنجي نگاهه ۾ هون.
     
    وٺي هلياسين نه ڪنهنجي آڱر،
    تڏهن ازل کان ئي راهه ۾ هون.
     
    الله پنهنجي اندر ۾ آهي،
    اسان به شايد الله ۾ هون.
     
    تَرار ڪر ڀل، اُڀي زمانا!
    پيار جي خود، پناهه ۾ هون.
     
    رهيو نه وس ۾ وجود پنهنجو،
    الائي ڪنهنجي صلاح ۾ هون.
     
    جدا غمن کان ڪري نه سگهندين،
    اسان ازل کان نڪاح ۾ هون.
     
    ٿِڙيا نه ‘ساجد’ قدم ڪڏهن ڀي،
    نگاههَ ڪر ڏس نباهه ۾ هون.


    ڪنهن ته تحفو ڏنو ڪفن جهڙو،

    ڪنهن ته تحفو ڏنو ڪفن جهڙو،
    مون به پاتو وڳو ڪفن جهڙو.
     
    رات ڪاري ملي قبر جهڙي،
    ڏينهن ڪوئي لڳو ڪفن جهڙو.
     
    او ستل چنڊ! اڄ به توکي ڏس،
    ڪڪر ويڙهي ويو ڪفن جهڙو.
     
    جڳ سڄورنگ ئي تلاشي پيو،
    رنگ ڳولي لهو ڪفن جهڙو.
     
    لاش رت ۾ ٻڏل ڏسن ٿا سڀ،
    ڪنهن نه ڪپڙو وڌو ڪفن جهڙو.
     
    غور ڪر تون به، مان به سوچيان ٿو،
    ڪيئن جهنڊو لٿو ڪفن جهڙو.
     
    ڪجهه ته ‘ساجد’ لکي رکي وڃجان،
    ڇڏ نه خالي پنو ڪفن جهڙو.


    لاڏلا هِن، سُکن ۾ پَليا،

    لاڏلا هِن، سُکن ۾ پَليا،
    غم اسان جي هٿن ۾ پليا.
     
    ڪيئن پنهنجا ڌڪاري ڇڏيون،
    خار ڀي هن گلن ۾ پليا.
     
    ڪا خوشي ڏور مرڪي پئي،
    نيڻ غم جي صحن ۾ پليا.
     
    چنڊ مون سان ته گڏگڏ پليو،
    سڀ ستارا گگن ۾ پليا.
     
    ترس ‘ساجد’ ته ميڙي وٺان،
    آس ٽڪرا دڳن ۾ پليا.


    قاتلن جي قهر کان، ڪانئر لِڪا ڪنهن ڪنڊ ۾،

    قاتلن جي قهر کان، ڪانئر لِڪا ڪنهن ڪنڊ ۾،
    سنڌ جا ڳوڙها ڳڙيا، ڳل، پير ڳوڙها خون ۾.
    گهر اُجڙيا، وَر وڇڙيا، ڀيڻ ناهي ڀاءَ سان،
    ماءُ جا سودا ڪري صاحب سُتا سڪون ۾.


    حَسين غم کي، ڀري ڀاڪر، جيئون ٿا پيا.

    حَسين غم کي، ڀري ڀاڪر، جيئون ٿا پيا.
    اکيون پنهنجون رهن ٿيون ترُ، جيئون ٿا پيا.
    جهان پنهنجو، خدا پنهنجو، چئون ڪنهن کي،
    ڏنو قسمت نه آ ڪو گهر، جيئون ٿا پيا


    ڌرتي ساري سُڃ،

    ڌرتي ساري سُڃ،
    اڀ تي هاڻ ڪڪر،
    ڪيڏو تڙپائي پيو.
    مون کي ڏات ڌڻي،
    تنهنجو اکر اکر،
    ڪيڏو تڙپائي پيو.
    ساڀيان جو سمجهيم،
    سپني جو منظر،
    ڪيڏو تڙپائي پيو.
    پرواهه نه ڪنهن جي،
    تنهنجو رسڻ مگر،
    ڪيڏو تڙپائي پيو.
    ساجد! ناهي ساڻ ڪو،
    جيون جو ته سفر،
    ڪيڏو تڙپائي پيو


     خدا در ڪا دستڪ نئين ڳالهه ناهي

     
    خدا ٻُڪ خوشين جا ڀري ڇو نه ڏي ها،
    خدا در ڪا دستڪ نئين ڳالهه ناهي.
    ادب جي افق جا اي روشن ستارو!
    اسان سڀ ٿا ڄاڻون اوهان جي چپن تي،
    ڪري رقص مرڪون ٿڪيون ڇو نه آهن،
    رُڳو اڄ گلابن جي برسات ناهي،
    نه ئي ڪجهه گهڙين جي ملاقات آهي،
    ڊگهو طئه سفر زندگيءَ جو آ ڪرڻو،،
    تڏهن شام ڳاڙهو ڍڪي ويس آئي،
    ٿي احساس جي چؤڏسا روشنائي،
    حياتي هٿن ۾ حنا ڇو نه لائي،
    اميدن جي ٻيڙي ڪناري رسي آ،
     
    وفائن جا هر هر پئي گيت ڳائي،
    بهارن جا موسم بڻي شبنمي آ،
    خدا ٻُڪ خوشين جا ڀري ڇو نه ڏي ها.
    اوهان پاڻ مرڪون ورهايون ونڊيون هن،
    ۽ احساس جڳ جا اکين ۾ سمائي.
    گهڻيءَ دير پيڙيو ۽ ڀوڳيو به آهي.
    اسان ڀي جُڳن کان دعائون پنيون هن،
    خدا در ڪا دستڪ نئين ڳالهه ناهي.
    اوهان لئه دعائن جي سايي ۾ رهندي،
    اسان اڄ خدا کان اڃان ڪجهه گهرون ٿا،
    “ڪري شل خوشين کان نه اوجهل اوهان، کي.
    سفر در سفر مشڪلاتون نه ڏي شل
    سدا مُک تي مرڪن جا رابيل ٽيڙي
    ڪري سگهه عطا ڪجهه اڃان ڀي لکڻ جي
    ۽ سپنا به ساڀيان سندو ويس پائن”
    ادب جي افق جا اي روشن ستارو!
    خدا در ڪا دستڪ نئين ڳالهه ناهي،
    خدا ٻُڪ خوشين جا ڀري ڇو نه ڏي ها.

    *ادبي جوڙي مشتاق بخاري ۽ ساجده جبين کي زندگي جي نئين سفر تي ڀيٽا


    چَون ٿا اسان کان رُٺي آ ڪراچي،

    چَون ٿا اسان کان رُٺي آ ڪراچي،
    وري اڄ اُماڻي چِٺي آ ڪراچي.
     
    اسان جي نگاهن جو محور سدائين،
    نه پڇ تون ته ڪيڏي مِٺي آ ڪراچي.
     
    ويو روح نڪري نه، نڪري سگهينءَ تون،
    ڏني ئي ڪٿي مون، پُٺي آ ڪراچي.
     
    گهٽيون، روڊ، رستا ٿيا رت ۾ ڳاڙها،
    هٿان قاتلن جي ڪُٺي آ ڪراچي.
     
    چوي دل ٿي گُل سان، وري گڏ گهمڻ لئه،
    ٿيا ورهه هِن جو ڏٺي آ ڪراچي.
     
    اڪيلو به ڪيسين گذاريندين ‘ساجد’،
    پرينءَ کي به هيڪر وٺي آ ڪراچي.


    هي سفر زندگيءَ جو کُٽو آ قبر تي،

    هي سفر زندگيءَ جو کُٽو آ قبر تي،
    رات سُڏڪا ڀري ڪو رُنو آ قبر تي.
     
    هُت زماني سڄي هل هنگاما ڪيا هن،
    ۽ هتي ڇو سناٽو رڳو آ قبر تي.
     
    ها سمهي ٿا پون درد ڪجهه دير لئه، جو
    مون اچي تنهنجي رکيو مَٿو آ قبر تي.
     
    روح پرواز کان اڳ جو نڪتل، لٽيل ڪو،
    قافلو خواهشن جو لَٿو آ قبر تي.
     
    ڪنهن اٿاريو نه ئي ڪنهن پڇيو “ڪير آن تون؟”
    ڪيتري وقت کان ڪو سُتو آ قبر تي.
     
    هي اڃان ڀي رڪڻ لئه ڪرڻ ضد لڳو آ،
    من به ٻارن جيان ڇو رٺو آ قبر تي.
     
    روز ابدي ڪو ‘ساجد’ سڪون ٿو ملي ڄڻ،
    تون پڇين ٿو ته ڪهڙو مزو آ قبر تي


    سرمئي ڪنهن شام وانگر ٿي لڳي،

    سرمئي ڪنهن شام وانگر ٿي لڳي،
    ڪا ادا قهرام وانگر ٿي لڳي.
     
    ٿي ملي ڪنهن اپسرا جي روپ ۾،
    ڇوڪري ڄڻ جام وانگر ٿي لڳي.
     
    جستجو ڪيڏي ڪئي پر زندگي،
    شهر ڪنهن گمنام وانگر ٿي لڳي.
     
    بي سبب تنهنجو رسڻ، بي واجبي،
    بي رخي الزام وانگر ٿي لڳي.
     
    درد جي پوشاڪ پهري ياد ڪا،
    شاهه جي پيغام وانگر ٿي لڳي.
     
    جڳ نه سانڍيو، ساهه ۾ ‘ساجد’ مگر،
    شاعري هيءَ سام وانگر ٿي لڳي.


    تنها سمونڊ، لهرون ۽ مان،

    تنها سمونڊ، لهرون ۽ مان،
    سڏڪا، سمونڊ، لهرون ۽ مان.
     
    ڪيڏو لُڇي پُڇي سڏڪن ٿا،
    تمنا، سمونڊ، لهرون ۽ مان.
     
    هڪڙي نگاهه ۾ ڦاٿا هن،
    سپنا سمونڊ، لهرون ۽ مان.
     
    ڪنهن جي چٺيءَ جا تڙپيا پئه،
    ٽڪرا، سمونڊ، لهرون ۽ مان.
     
    ڀل تون وسار، وسرن ٿا جي،
    لمحا، سمونڊ لهرون ۽ مان.
     
    هر روز گڏ ملون ٿا ‘ساجد’،
    صدما، سمونڊ، لهرون ۽ مان.


    اڄ ڪي ڳوڙها رٺل آهن،

    اڄ ڪي ڳوڙها رٺل آهن،
    نيڻ جو رت ۾ رُتل آهن.
     
    مان ناهيان پر اڳيان تنهنجي،
    ميلا ساڳيا متل آهن.
     
    سوچين ڇا پيو، وارُ ڪر، هي،
    نيڻ خنجر ۾ کُتل آهن.
     
    ايئن نه ڏي ياد جو تحفو،
    سور سمورا سُتل آهن.
     
    تمنا سانڍي وتان ٿو ڄڻ،
    درد اڃان ڪي کٽل آهن.
     
    نوحا آهن، پڙهي ڏس تون،
    ڪير چوي ٿو غزل آهن


    پر اڃان دِل پٿر، خاموش آ.

    هر قدم گڏ مگر، خاموش آ،
    ڇو الئه همسفر، خاموش آ.
     
    هي سوالي نگاهون منتظر،
    پر اڃان دِل پٿر، خاموش آ.
     
    هِن به هُن جو بدن آ پڪ ڇهيو،
    جو هوا هر پهر، خاموش آ.
     
    هر ستم ٿا سهي مرڪي ملون،
    دل، جسم ۽ جگر، خاموش آ.
     
    کوڙ آيا ويا طوفان پر،
    ناوَ ٻوڙي لهر، خاموش آ.
     
    تون نه ‘ساجد’ جهڪائي ڇڏ نظر،
    بزم ساري اگر، خاموش آ.


    لاءِ سيني وري، موت!

    لاءِ سيني وري، موت!
    اچ اڃان تون سُري، موت!
     
    ٿا وڪوڙي وڃن گهاو،
    ڄڻ رکي ڪو، ڇُري، موت!
     
    هر قدم تي نئون درد،
    جيءُ ويو آ جهري، موت!
     
    نانءُ هن جو کڻي ڪوبه،
    مان وڃان ٿو ڀري، موت!
     
    ڪجهه کڻايون ته هل تون به،
    درد جي آ ڀَري، موت!
     
    ٿو نهاريان کڻي نيڻ،
    کول تون ڀي دري موت!
     
    پو به ‘ساجد’ گهري هوءَ،
    دل ته آهي چري، موت!


    اسان جڏهن ڀي قرار ڳوليو،

    اسان جڏهن ڀي قرار ڳوليو،
    اداس چهرن ۾ پيار ڳوليو.
     
    اوهان تي چاندي لهي پئي آ،
    اوهان اڃان ٿا نکار ڳوليو.
     
    هِتي هئو اڳ، هتي ئي هوندو،
    خزان جي هوندي، بهار ڳوليو.
     
    نگاهَه تنهنجي شراب خانو،
    اسان اجايو، خمار ڳوليو.
     
    حيات پنهنجو، نه ماڳ ماڻيو،
    نه ڄاڻ ڪهڙو، شڪار ڳوليو.


    روز لکي خط ڦاڙي ڇڏجان،

    روز لکي خط ڦاڙي ڇڏجان،
    لڙڪ قبر تي لاڙي ڇڏجان.
     
    ايئن نه پلڪن ۾ اٽڪڻ ڏي،
    ڳوڙها، ڳاڙها، ڳاڙي ڇڏجان.
     
    سرد هوا جا جهونڪا! سرهي،
    مهڪ پرينءَ جي پاڙي ڇڏجان.
     
    منهنجا تحفا، تصويرون، خط،
    ۽ سڀ سپنا ساڙي ڇڏجان.
     
    پيار نگر جا باغي شاعر!
    قول وفا جا پاڙي ڇڏجان.
     
    ‘ساجد’ مرڪي ڏسندو توڏي،
    اڀ تي تارو تاڙي ڇڏجان.


    ڇيرِ ٽوڙيندي ناچڻي ٿي وڃي،

    ڇيرِ ٽوڙيندي ناچڻي ٿي وڃي،
    گڏ قدم ڇو منهنجا، کڻي ٿي وڃي.
     
    هِت نه سپنا ٻيهر، ڄمي ٿا سگهن،
    درد وستي ڪيڏو وڻي ٿي وڃي.
     
    ڪيئن وکري ويا لفظ ڪاغذ مٿان،
    ياد ڪنهنجي آ، جا ڇڻي ٿي وڃي.
     
    روشني! هان منهنجي هٿن کي پڪڙ،
    رات ڪاري گهلي کڻي ٿي وڃي.
     
    کيس جهل ڇو منهنجو ڪفن ٿي چمي،
    زخم تازا هن ڪجهه هڻي ٿي وڃي.
     
    مڃ کڻي سا قاتل، مسيحا هئي،
    اڄ وري فريادون، سڻي ٿي وڃي.
     
    پوءِ ‘ساجد’ سجدو ڪري وٺ اگر،
    مئڪدي ۾ مستي گهڻي ٿي وڃي


    ڀريل ڪشڪول نيڻن جا، اڃان ڳوڙهن جا ڳاڙها رنگ،

    ڀريل ڪشڪول نيڻن جا، اڃان ڳوڙهن جا ڳاڙها رنگ،
    ڇڏي پٺتي وڃون ٿا جي، کلي ٽارڻ به ڄاڻون ٿا.
    اسان ڏس الوداع توکي، ڪيون ٿا آجيان وانگي،
    ٿيا ساڀيان نه سپنا پر، پٿر ڳارڻ به ڄاڻون ٿا.
     
     


    هٿ دعا لئه کڄيل، اُڀ تي نظرون کُتل،

    هٿ دعا لئه کڄيل، اُڀ تي نظرون کُتل،
    نيڻ ڪشڪول ۾ لڙڪ ڦٿڪن پيا.
    سانوڻيءَ جي گهٽا، نيٺ برسي پئي،
    اڄ سکيءَ جهول ۾ لڙڪ ڦٿڪن پيا.


    ٻولي سمجهه کڻي....!

    ڇا ٿيون نيٺ چون،
    آلين اکين جي،
    ٻولي سمجهه کڻي....!

    سنڌي پوءِ سڏبين،
    اڳ ۾ سنڌين جي،
    ٻولي سمجهه کڻي....!

    ڇا ڇا ٻولن پيا؟
    تون ڀي پکين جي،
    ٻولي سمجهه کڻي....!

    واءُ جيان ٿي تون،
    گُلن ۽ پنن جي،
    ٻولي سمجهه کڻي....!

    چانديءَ وارن ۽،
    هن جي ڇاتين جي،
    ٻولي سمجهه کڻي....!


    چوان ڪيئن، توکان سوا جي سگهان ٿو!

     
    کَڻن خواب ڪيڏا، ٿَڪل نيڻ آهن،
    زماني جي لئه هي، ستل نيڻ آهن،
    رڳو رت ڦڙن سان، ڀنل نيڻ آهن،
    اڃان ڀي دڳن ۾، کتل نيڻ آهن،
    اسان جون، نگاهون، اسان جون ته ناهن،
    اوهان کي پَسن ٿيون، اوهان کي پسان ٿو.
    چوان ڪيئن، توکان سوا جِي سگهان ٿو!
     
    سدا عڪس تنهنجو اکين ۾ رَهي ٿو،
    ڏئي روز يادون ڊهي ٿو، ٺهي ٿو،
    تتل سج جيان ڄڻ چڙهي ٿو، لهي ٿو،
    مگر من به پاڳل هي سڀ ڪجهه سهي ٿو،
    سوا عڪس تنهنجي، نه ٻيو عڪس ترسيو،
    ڪتابي آ چهرو، پڙهان ٿو، لکان ٿو.
    چوان ڪيئن، توکان سوا جِي سگهان ٿو!



    مِٽيءَ نقش سارا مٽايا ڪٿي ها،
    هوا راز پنهنجا ٻڌايا ڪٿي ها،
    هي پنهنجا قدم ها، پَرايا ڪٿي ها،
    اسان اک ۾ بادل لڪايا ڪٿي ها،
    تتل ريت ساري، اڃان پنڌ جاري،
    سدا غم جي چادر، لپيٽيون وتان ٿو.
    چوان ڪيئن، توکان سوا جِي سگهان ٿو!
     
    چوين جي، حنا ڪا، هٿن تي سجائي،
    ڦِڪي مرڪ مرڪون، چپن تي سجائي،
    اکر خودڪشي جا، خطن تي سجائي،
    ڪنڊن جي ڪفن کي، بدن تي سجائي،
    ڪري سڀ سگهون ٿا، وسارڻ بنا ٻيو،
    غمِ هجر ۾ پر، روئان ٿو کلان ٿو،
    چوان ڪيئن، توکان سوا جِي سگهان ٿو!
     
    ڪي وکريل پنا، ياد ۽ بند ڪمرو،
    کليل هٿ، حنا، ياد ۽ بند ڪمرو،
    ٽٽل آئينا، ياد ۽ بند ڪمرو،
    مليا تو بنا، ياد ۽ بند ڪمرو،
    رهي ڪاغذن سان رڳو راند پنهنجي،
    کڻي سڀ پراڻا، لکيل خط پڙهان ٿو.
    چوان ڪيئن، توکان سوا جِي سگهان ٿو!
     


    پري ٿي رهڻ ڏي نه تصوير تنهنجي،
    لکان جي، لکڻ ڏي نه تصوير تنهنجي،
    ڇڪي ٿي، ڇنڻ ڏي نه تصوير تنهنجي،
    چوان ڪجهه، چوڻ ڏي نه تصوير تنهنجي،
    عجب آ ڪشش تنهنجي چهري ۾ جانان!
    ڏسان ٿو، ڇهان ٿو، کڻان ٿو، چمان ٿو.
    چوان ڪيئن، توکان سوا جِي سگهان ٿو!
     
    عبادت ۾ ڳوڙها رهيا هن جبين تي،
    ڀلي نيڻ سجدو ادا ڪن زمين تي،
    نه ڪاوڙ ٿي سونهين، ڪا چهري حسين تي،
    ڪري ڏس، يقين تون به منهنجي يقين تي،
    رکيو سر، ڪڏهن ڪين، سجدن کان ٻاهر،
    دنيا عشق جي ۾ سدا گم رهان ٿو.
    چوان ڪيئن، توکان سوا جِي سگهان ٿو!
     
    نه پڇ تون، ته ڇاڇا، مليا عيد تي ها،
    گهڻائي تماشا، مليا عيد تي ها،
    رڳو غم جا پاڇا، مليا عيد تي ها،
    اميدن جا لاشا، مليا عيد تي ها،
    ڀلا ڪنهن جي اک ۾ ڪنڊو ٿي رهان ڇو،
    ڪنڊو هان، ڪنڊي کي، ڪنڊو ٿي چڀان ٿو.
    چوان ڪيئن، توکان سوا جِي سگهان ٿو!
     


    دماغي رڳون، قيد خانو لڳن ٿيون،
    خيالي خنجرٿي، نشانو لڳن ٿيون،
    حقيقت لڳن ٿيون، فسانو لڳن ٿيون،
    ڀَڀڙ باهه ڀر، آشيانو لڳن ٿيون،
    حواسن مٿان ٿي، رهي سوچ حاوي،
    پکي پَر پٽيل، دائري ۾ رهان ٿو.
    چوان ڪيئن، توکان سوا جِي سگهان ٿو!
     
    جليون روز آهون به سگريٽ ۾ هن،
    لڀيون جي نه راهون به سگريٽ ۾ هن،
    اسان جون نگاهون به سگريٽ ۾ هن،
    مليون بس پناهون به سگريٽ ۾ هن،
    ڪڏهن اوچتو ٿو، ڏسان تنهنجو چهرو،
    ڪڏهن پاڻ دونهين ۾ اُڏندي ڏسان ٿو.
    چوان ڪيئن، توکان سوا جِي سگهان ٿو!
     
    ڪٿي پين ڪاغذ رکي گم ٿيا هون،
    غزل ڪي اڌورا لکي گم ٿيا هون،
    ڏسي سونهن تنهنجي سکي! گم ٿيا هون،
    مليو چاهه اهڙو چکي گم ٿيا هون،
    وٺن سئو جنم کان، جنم ٿيون اميدون،
    مٺي! هر جنم ۾، اهو ئي چوان ٿو.
    چوان ڪيئن، توکان سوا جِي سگهان ٿو!



     تِکن تيز گهاوَن، جي هر گام بارش،
    وسي ڀل اکين مان صبح و شام بارش،
    ڏئي جيئن، اسان تي، نه الزام بارش،
    نه اهڙي پوي ڪنهن تي بدنام بارش،
    ڀنل پاند هر هر، ڏسي ڪيئن سگهبا،
    پري توکان خود کي، ڪري سڀ سهان ٿو.
    چوان ڪيئن، توکان سوا جِي سگهان ٿو!
     
    وري چَپ ڏندن ۾، ڏئي خط پڙهين ٿي!
    وٺي ڪنڊ هڪڙي، لڪي خط پڙهين ٿي!
    سهيلين کان چوري چمي خط پڙهين ٿي!
    ڪڏهن ڀي “نه پڙهنديس” چئي خط پڙهين ٿي!
    چوين ٿي وساريان، چئي، ڇو رني آن؟
    چري! چاهه پنهنجو، امر آ، مڃان ٿو.
    چوان ڪيئن، توکان سوا جِي سگهان ٿو!
     
    رَسين جي نه، رب کان رهائي گهران مان،
    سزا کان اڳي ٿو صفائي گهران مان،
    ڪٿي ٿو، خدا کان، خدائي گهران مان،
    ڀلا ڪيئن ايڏي، جدائي گهران مان،
    پئي باک ڦٽندي، پئي آس لڇندي،
    پيو جيءُ جهرندو، نه جيتر مران ٿو.
    چوان ڪيئن، توکان سوا جِي سگهان ٿو!



    ڇڏيون سين رهائي اکيون مئڪدي ۾،
    دنيا کان لڪائي رکيون مئڪدي ۾،
    اڃان ڀي اُڃاريون، بکيون مئڪدي ۾،
    سٽون ڪنهن الائي لکيون مئڪدي ۾،
    “اوهان جي نگاهن بنا هاڻ جانان!
    پيئان ٿو، جيئان ٿو، جيئان ٿو، پيئان ٿو.”
    چوان ڪيئن، توکان سِوا جي سگهان ٿو!
     
    رهي ٿي چپن تي ڪٿي مرڪ ‘ساجد’،
    ڏيون ٽهڪ ٿا جي ڪرن لڙڪ ‘ساجد’،
    کڻي زلف سرها ڇهي مهڪ ‘ساجد’،
    وٺي وهه وٽيون ڪي ڀري سرڪ ‘ساجد’،
    غمن جي چمن ۾ وفائون جلن ٿيون،
    ٿيون ڇا، خطائون، پُڇان ٿو لڇان ٿو.
    چوان ڪيئن، توکان سوا جِي سگهان ٿو!


    زندگيءَ ۾ ڪنهن حسينا کي ڏٺم،

    زندگيءَ ۾ ڪنهن حسينا کي ڏٺم،
    دل سڃيءَ ۾ ڪنهن حسينا کي ڏٺم.
     
    نيڻ پنهنجا ڄڻ پڳا معراج تي،
    جو چِٺيءَ ۾ ڪنهن حسينا کي ڏٺم.
     
    ڪَنهن مروڙي گل ڦٽي ڪيا راهه ۾.
    هر ڪليءَ ۾ ڪنهن حسينا کي ڏٺم.
     
    رات جو ٻاري بتي ڇا اوچتو،
    روشنيءَ ۾ ڪنهن حسينا کي ڏٺم.
     
    نيڻ مهٽي ٿو نهاريان سامهون،
    آرسيءَ ۾ ڪنهن حسينا کي ڏٺم.
     
    ها ڪيا سجدا سوين مون عشق ۾،
    بندگيءَ ۾ ڪنهن حسينا کي ڏٺم.
     
    *سعيد جو مجموعو ‘ساجد’ هو پڙهيو،
    شاعريءَ ۾ ڪنهن حسينا کي ڏٺم.

    * سعيد ميمڻ


    چنڊ مرڪي لِڪيو، بادلن وچ ۾.

    چنڊ مرڪي لِڪيو، بادلن وچ ۾.
    آس تڙپي لُڇي، فاصلن وچ ۾.
     
    نيٺ ٻڏندي رهي ناو الفت سندي،
    تنهنجي نيڻن جي ٻن، ساحلن وچ ۾.
     
    سچ به سوليءَ جي زينت هو بڻجي ويو،
    ٽهڪ ڪوڙي ڏنا، عادلن وچ ۾.
     
    سڀ وچن واعدن، جو ٿيو ڀورا ڀرم،
    توکي کلندي ڏٺم، قاتلن وچ ۾.
     
    ڊائري مون جو ‘ساجد’، پڙهي هن جي اڄ،
    نانءُ پنهنجو ڏٺم، پاڳلن وچ ۾.


    گهايل دل جي ڌڙڪ ۽ مان،

    گهايل دل جي ڌڙڪ ۽ مان،
    اکين جي ملڪيت لڙڪ ۽ مان.
     
    ڪيڏا برپا ٿيا پڙاڏا،
    لوڪ ۾ تنهنجا ٽهڪ ۽ مان.
     
    رکوالي ڪن خار گلن جي،
    هرسو ڦهليل مهڪ ۽ مان.
     
    سڏڪا سڏڪا زندگي ۽،
    مک تي ڪوڙي مرڪ ۽ مان.
     
    پئمانا پُر ها هٿن ۾،
    آشائون، چپ، سرڪ ۽ مان.
     
    تنهائي! گڏ ڏس سفر ۾،
    سوچون، تون، هي سڙڪ ۽ مان.
     
    جيون ‘ساجد’ سراپا وهه،
    پوءِ به تنهنجي ڪُرڪ ۽ مان


    اکيون دشمن به ٿي پونديون،

     
    اکيون دشمن به ٿي پونديون،
    جڏهن ڪنهن سان ملي پونديون.
     
    نه ڪر مجبور محفل ۾،
    چيم جي ڪجهه چڙي پونديون.
     
    ادائن ڏي نه مائل ٿي،
    ڪچيون آهن پچي پونديون.
     
    رڳو زلفن کي جهٽڪو ڏي،
    هوائون ڀي گُهلي پونديون.
     
    پڇن سرتيون تنهنجون هر هر،
    ڪيان سا ڳالهه، کلي پونديون.
     
    ڀلي چپ ئي کڻي چوري،
    مگر نظرون جهڪي پونديون.
     
    نه گل ڪنهن لئه دڳن ۾ رک،
    اجايو ٿاٻڙي پونديون


    زندگي جو اوپري ٿيندي وئي،

    زندگي جو اوپري ٿيندي وئي،
    ياد ڄڻ ڳل تي ڇُري، ٿيندي وئي.
     
    هر خوشي توکي مبارڪ هر قدم،
    درد غم سان دلبري ٿيندي وئي.
     
    ابتدا ڀي ڪين مون کان ٿي اڃان،
    ڳالهه محفل ۾ ڳري ٿيندي وئي.
     
    هوءَ ڪنهن جي ٻانهن ۾ لڏندي رهي،
    دل چري، آخر چري، ٿيندي وئي.
     
    ڪالهه ڪويل ڪوڪ جا چرچا ٻڌم،
    ڇو الئه اڄ بي سري ٿيندي وئي.
     
    پو به توکي پوڄيو توڙي پرين!
    زندگي غم جي ڀَري ٿيندي وئي.
     
    ڪونج جا وڇڙي وَلر کان اوچتو،
    ڇا سبب ڇا لئه ڍري ٿيندي وئي؟
     
    جا به گهاري تو بنا ‘ساجد’ گهڙي،
    سا زهر جي ڪا ذري ٿيندي وئي


    ڇو پيو ڀٽڪين زمانا! وٺ ضرورت جو سبق،

    ڇو پيو ڀٽڪين زمانا! وٺ ضرورت جو سبق،
    سڀ ڇڏي باطل فسانا، پڙهه حقيقت جو سبق.
     
    موت ڀاڪر ۾ ڀري ۽ غير ڪو حاوي ٿئي!
    نوڪ خنجر جي تکي رک، ڏي شجاعت جو سبق.
     
    وقت تنهنجي ڇو وٺي، آڱر هلان هُن پار مان،
    رهنما، رهبر ڏنو آ، جي صداقت جو سبق.
     
    جي لکان مان، يا پڙهان بس، عڪس ڪنهنجو چؤطرف،
    نينهن ۾ ڪٿ ياد رهندو آ نصيحت جو سبق.
     
    خواب ڪجهه ڦاسي چڙهيا، تنهنجا به ها، منهنجا به ها،
    تون اڃان مايوس ڇو آن، سک سخاوت جو سبق.
     
    ڪنهن چيو ‘ساجد’! ڏسي وٺ، مون کڻي سجدو ڪيو،
    اڄ پڙهايو عشق آ خود، هي حقيقت جو سبق.


    خدا به غم ڏنو خوشيءَ ۾.

    خدا به غم ڏنو خوشيءَ ۾.
    يِتيم ٻارَ کي ڇَٺيءَ ۾.
     
    ڇڏيو ته روح، روح سان ملي،
    ڪيو دفن جسم مٽيءَ ۾.
     
    نقاب کولِ کڻ نظر رڳو،
    هجي نه تيل جي بتيءَ ۾.
     
    اُماس رات ڏي قدم کڄيا،
    رهي ڪشش نه روشنيءَ ۾.
     
    قبول هر ڪئي ڪٺن گهڙي،
    گهريو نه ساٿ زندگيءَ ۾.
     
    پٿر پرينءَ جا پلئه پيا،
    الائي ڇا لکيو چٺيءَ ۾.
     
    نقشِ وفا شفاف ها تڏهين،
    مِٽيو نه رنگ دوستيءَ ۾.


    ٽٽل خواب شيشا نه جوڙي سگهون ٿا.

    ٽٽل خواب شيشا نه جوڙي سگهون ٿا.
    هوائن جي رخ کي نه موڙي سگهون ٿا.
    حياتيءَ جي هر هر پنن کي پٿاري،
    فريبي ڪا ديوار ٽوڙي سگهون ٿا.
     


    بکئي، پيٽ، پياسن چپن جون دعائون،

    بکئي، پيٽ، پياسن چپن جون دعائون،
    ختم نيٺ ٿيندي ڳڀي جي به ڳولا،
    دنيا جي رڳو ڌوڙ ماڻي سگهيا، سي،
    جنين کان نه ٿي ماڻهپي جي به ڳولا.


    ڇِڳيون ڄاڻ تانگهون، اِجهو آيو طوفان،

    ڇِڳيون ڄاڻ تانگهون، اِجهو آيو طوفان،
    ٽٽل ڪانهه ڪپ تي سهارن جون آسون.
    ٻڍيءَ جو ته ٻيڙو ترڻ کان ڳرو آ،
    اجايو رکيون تو ڪنارن جون آسون.




    ڪجن ڪيئن آخر، بيان لڙڪ تازا.
    وسارڻ جا ناهن، عيان لڙڪ تازا.
    پٽن جي قبر تي وري اڄ ڏسان ٿو،
    امڙ جي اکين ۾ تَريا لڙڪ تازا


    ڪئن راند ڪندي هوءَ،

    ڪئن راند ڪندي هوءَ،
    دل جي آڳر ۾،
    ويئي ياد ڇڏي.

    پنهنجو نانءُ لکي،
    ڪوري ڪاڳر ۾،
    ويئي ياد ڇڏي.

    ڪانهي ڪا ڪشتي،
    گهري ساگر ۾،
    ويئي ياد ڇڏي.

    ساهه سڳنڌ ڀريا،
    اوتي ڀاڪر ۾،
    ويئي ياد ڇڏي.

    سڀ ڪجهه ساڻ کڻي،
    ‘ساجد’ آخر ۾،
    ويئي ياد ڇڏي.
     


    اچو ديس تان پاڻ واري هلون.

     
    زبان تي آ ضرب عضب جي صدا،
    سوين قافلن جو خدا نا خدا،
    مٺي ماءُ تنهنجي مٽيءَ جو قسم،
    نه هٽبو، نه مٽبو نه جهڪبو علم،
    ڪري ڳاٽ اوچو کڻي مشعلون،
    سڀن دهشتن کي ٻهاري هلون،
    اچو ديس تان پاڻ واري هلون.
     
    تکي تيز تلوار وانگر به آ،
    ۽ هوشوءَ جي للڪار وانگر به آ،
    ڪري ڪين سگهبو بيان حوصلو،
    جوانن جو هردم جوان حوصلو،
    اکيون دشمنن جي اکين ۾ وجهي،
    هلو جانثارن کي ساري هلون،
    اچو ديس تان پاڻ واري هلون.
     
    سدا ديس پنهنجي جا رکوال ٿيون،
    اچو پاڻ جوڌا اسين ڍال ٿيون،
    هي هڪڙي حياتي جو سودو نه آ،
    نسل در نسل کان ڪو رونشو نه آ،
    اسان جي لهو ۾ آ شامل رهيو،
    قدم در قدم ڪنهن ڪناري هلون،
    اچو ديس تان پاڻ واري هلون.
     
    هي ڌمڪيون ڌماڪا ۽ ڌتڪار ڇو؟
    اڙي بزدلو، هي لڪي وار ڇو؟
    اي معصوم گلڙن جا قاتل ڏسو،
    امڙ جي صبر جا مٺا ڦل ڏسو،
    رڳو ضرب هڪ سان مرو ٿا مگر،
    شهيدن جو رت ٿو پڪاري هلون،
    اچو ديس تان پاڻ واري هلون.


    نه دشمن اسان جا نه ڪي يار آهيو.

    نه دشمن اسان جا نه ڪي يار آهيو.
    توهان بس ڪهاڻيءَ جا ڪردار آهيو.
     
    ڀلا ٽهڪ پنهنجا به نيلام ڇو ٿين،
    اوهان جو خوشين جا خريدار آهيو.
     
    نه هوشو، بلاول، نه هيمون، عنايت،
    نه منصور، سرمد سندي سار آهيو.
     
    اسان صرف مالها وفائن جي پوئي،
    مڃون ٿا، چئون ٿا، سزاوار آهيو.
     
    بڻيا بيوفا هو بڻيا ته ڇا هي،
    اڙي دردِ جانان مزيدار آهيو.


    ڪِٿي نه ملندو مثال جانان!

    ڪِٿي نه ملندو مثال جانان!
    ڪمال تنهنجو جمال جانان!
     
    پڙهيو نه اهڙو، مليو نه اهڙو،
    لکيو نه اهڙو، خيال جانان!
     
    جواب مان سَو سوال ٿي پيا،
    پُڇو نه الجهيل سوال جانان!
     
    ڀلي مٽيءَ ۾ ملي وڃون پر،
    نه پيار آڻي زوال جانان!
     
    گَهڻي سَٺي آ، اسان به اذيت،
    مگر وسارڻ محال جانان


    بيوفا ڪنهن يار وانگي،

    بيوفا ڪنهن يار وانگي،
    زندگي آ بار وانگي.
     
    لڙڪ پي ڇڏ هن جي ڳل تان،
    ڪجهه ته ماکيءَ لار وانگي.
     
    دل رني آ دم بدم هي،
    کير پيندڙ ٻار وانگي.
     
    راهه ويندي، نيڻ اڇليا،
    دل مٿان ڪنهن ڄار وانگي.
     
    ڪنهن پڇيو جو، پيار ڇاهي؟
    نيڻ برسيا نار وانگي.
     
    ٻانهن پنهنجي اڄ ڳچي ۾،
    ها وڌي هُن هار وانگي.
     
    ڇو ڌڪاري تو ڇڏيا ها،
    گل به سارا خار وانگي.
     
    اڄ ته ‘ساجد’ ٿي لڳي هي،
    جيت ڀي ڄڻ هار وانگي


    کڻي گل هٿن ۾ هوا ڪا ته ايندي،

    کڻي گل هٿن ۾ هوا ڪا ته ايندي،
    نه جي هوءَ پهتي صدا ڪا ته ايندي.
     
    ڇُهي سرخ اکيون، ڀنيون آڱريون هن،
    اُگهي رت ڦڙا آشنا، ڪا ته ايندي.
     
    وري رات مقتل جي ڀر ۾ گذاري،
    ملي شل مسيحا شفا ڪا ته ايندي.
     
    ڪجان غم نه وڪرو، خوشين جي شهر ۾،
    چريو آ چوي ٿو، بها ڪا ته ايندي.
     
    اسان جون نگاهون اڃان منتظر هن،
    اڱڻ اوچتو ڄڻ گهٽا ڪا ته ايندي.
     
    نمازِ محبت به ڪئي گڏ ادا آ،
    جهليو ٻُڪ خدا در، دعا ڪا ته ايندي.
     
    وري مئڪدي ۾ ڪيو شور رندن،
    چميا نيڻ تنهنجا، سزا ڪا ته ايندي.
     
    چئو يار ‘ساجد’ کي، غم ڪجهه کڻي وڃ،
    نه ڀلجي به سوچي، وفا ڪا ته ايندي


    هر خوشي مون کان کسي ٿئي، اي خوشي تو ڇا ڏنو،

    هر خوشي مون کان کسي ٿئي، اي خوشي تو ڇا ڏنو،
    زندگيءَ کي، زندگي ڀر، زندگي! تو ڇا ڏنو.
     
    آهه زاري، پنڌ واري، پير ننگا، سج تتل،
    لڙڪ لارون، بيقراري، عاشقي! تو ڇا ڏنو.
     
    تو پٺيان توکي وڃائي، مون وڃايو پاڻ کي،
    رات ساري، آ انڌاري، روشني! تو ڇا ڏنو.
     
    اک ڪٽوري مئڪدي ۾، مئه پڄاڻان ڪنهن کنئي،
    هوش ۾ مئنوش ناهن، مئڪشي! تو ڇا ڏنو.
     
    پيار هو پنهنجو اثاثو، پيار ئي پايو مگر،
    جڳ لٽيرو سڀ لٽي ويو، سادگي! تو ڇا ڏنو.
     
    وار-کولي، وار ڪر، هر وارِ خالي وارُ ڇو،
    مان به ماندو هان مرڻ لئه، او مٺي! تو ڇا ڏنو.
     
    سور، سپنا ساڻ ‘ساجد’ سار، سوچون، آسرا،
    پين، ڪاغذ، پيٽ خالي، شاعري! تو ڇا ڏنو


    تون نه کڻجان راهه تان پٿر،

    تون نه کڻجان راهه تان پٿر،
    ڪونه لهندو ساهه تان پٿر.
     
    زخم تي مرهم رکن پيا،
    ڪو کڻي آڙاهه تان پٿر.
     
    مون دعا لئه مس کنيا ٿي هٿ،
    ۽ ڪريو درگاهه تان پٿر.
     
    خود سراپا ٿي لڳين پٿر،
    تون ڀلي هڻ چاهه تان پٿر.
     
    هر نئين ٿي موڙ تي سهي،
    دوستي ويساهه تان پٿر.
     
    هر گهڙي هر دؤر ۾ هنيو،
    تو زمانا! ٺاهه تان پٿر.


    قطعا

    رات اڀاڳي! پنهنجي در تان،
    موت تماشا، ساڻ کڻي وڃ!
    نيڻن جهولي خالي ڪر، يا،
    سپنن-لاشا ساڻ کڻي وڃي!



     
    چپ سُڪل، ڪپڙا چتيون،
    ڪجهه کنيو انسانِ هو.
    ڪنهن چيو ڪا سِرَ هئس،
    ڪنهن چيو قرآن هو.
     
    نه ئي پاڻ ڀڻڪيو، نه ئي مون پچاريو،
    چپن جي حرارت کان ٿورو پري هون.
    ٿئي ٿو زمانو به حائل ڪجي ڇا؟
    جو شڪوه شڪايت کان ٿورو پري هون.
     



    مون هنئي ٻارن جي ٻولي،
    جڳ تماشو، حيرت آهيان.
    نانءُ منهنجو غربت آ، ۽
    مان سراپا غيرت آهيان

    اماوس جون راتيون، سمهن نيڻ ڪٿ ٿا،
    اکيون مڌ جا پيالا، لڳن ٿيون سڀن کي.
    پياسن چپن جون صدائون ٻڌون ٿا،
    اڃان ڪي ڪٿائون، سڏن ٿيون سڀن کي.
     



    جدائي کان وڌ ٿي ويا ڏک، ڪجي ڇا؟
    وڍي ٿي بدن کي رڳو بک، ڪجي ڇا؟
    گلابي گلن جي به هٻڪار ٿئي شل.
    ڪٿان من ڪي ماڻي وٺون سک ڪجي ڇا؟


    اي حسينا کڻي جلوا، موٽي وڃ.

    اي حسينا کڻي جلوا، موٽي وڃ.
    زندگيءَ جا حسين لمحا، موٽي وڃ.
     
    باک ويلي گلابن جا لاش پَسي،
    ماڪ قطرا! سهي صدما، موٽي وڃ.
     
    هوءَ شايد هجي، ٿي آهٽ ٻڌجي،
    ڪا گهڙي آخري سڏڪا، موٽي وڃ.
     
    ديس تنهنجو به ڪو دل! ناهي شايد،
    اجنبي شهر مان تنها، موٽي وڃ.
     
    هت ته ڪنهن وقت کان جليون تعبيرون،
    خاڪ وکري وئي، سپنا موٽي وڃ.
     
    مون ته هر رات لکيو هو تڙپي پر،
    سوچ سڏڪي چيو جذبا موٽي وڃ.
     
    هي ته ‘ساجد’ رهيو آ غم جو ساٿي،
    ٿو ڪري الوداع سجنا! موٽي وڃ.


    وري وقت تنهنجا حوالا ڏنا هن،

    وري وقت تنهنجا حوالا ڏنا هن،
    اسان کي صرف نيڻ آلا ڏنا هن.
     
    ٿيو ڇا جو لفظن ۾ ٽانڊا رکيا مون،
    اوهان ئي چپن کي ته تالا ڏنا هن.
     
    بُکيا ٻار چنبڙي وڃن ڄڻ ته هر هر،
    اڙي نينهن! غم تو نرالا ڏنا هن.
     
    اچي ڏس ڀٽائي، سچل، شيخ، سامي،
    سوين توکي ڌرتيءَ نالا ڏنا هن.
     
    اسان نيڻ تنهنجا چپن سان ڇُهيا پئي،
    ۽ تو زلف ابروءَ جا ڀالا ڏنا هن.
     
    اڙِي او درنده! تو ڪنهن کي ٻچن جا،
    ڪٽي ڪن هٿن ۾ ڪي والا ڏنا هن.
     
    ويا هن انڌيرن ۾ اڇلي اُهي ئي،
    جنهين کي به ‘ساجد’ اُجالا ڏنا هن


    کڻو اَبرو، وڍيو انگڙا، اسان جي دل اُهائي آ،

    کڻو اَبرو، وڍيو انگڙا، اسان جي دل اُهائي آ،
    ڪيون سرخم، ٻڌون هٿڙا، اسان جي دل اها ئي آ.
     
    چئون هن کي: “چوي ٿو هو” چئين جي تون “چوان مان ڪجهه”،
    نه ٿا چوري سگهون چپڙا، اسان جي دل اهائي آ.
     
    اڃان آواز گونجن ٿا، فضائن ۾، خلائن ۾،
    ٿڪا ناهيون ڪري سڏڙا، اسان جي دل اهائي آ.
     
    اسان تنهنجي مَٽن مان ئي، پيئڻ موکي! گهرون مَڌ ٿا،
    ڀلي وهه سان ڀريو وٽڙا، اسان جي دل اهائي آ.

    ڇڪي ڪنهن جي ڪشش آئي، قدم هنگلاج ڏي هليا،
    سدا ليڙون، ٿين لٽڙا، اسان جي دل اهائي آ.
     
    اکر سڀ خون سان ‘ساجد’، لکيل واپس اماڻيو ٿا،
    سوين ٽڪرا ڪيو خطڙا، اسان جي دل اهائي آ.


    راهه ڀُلجي پيا ريل ۾،

    راهه ڀُلجي پيا ريل ۾،
    نيڻ اٽڪي پيا ريل ۾.
     
    ڄڻ ته واقف صدين جا هئا،
    خواب رَلجي پيا ريل ۾.
     
    هن نهاري کنئي جا نظر،
    جام ڇُلڪي پيا ريل ۾،
     
    الوداعي سفر کان اڳي،
    يار سڏڪي پيا ريل ۾،
     

    گفٽ هن هو ڪيو آئينو،
    هٿ به ڇِلجي پيا ريل ۾،
     
    ڪي مسافر ڊگهي بحث ۾،
    نيٺ ٿڪجي پيا ريل ۾.
     
    اجنبي ها هزارين مگر،
    آشنا ٿي پيا ريل ۾.
     
    ڪنهن قدم جو رکيا اوچتو،
    ڄڻ مُئا جِي پيا ريل ۾.
     
    کوڙ سپنا کڻي هان لٿو،
    ڪجهه ڪِري ڀي پيا ريل ۾.
     
    مرڪ ‘ساجد’ سجائي گهڻي،
    ڳل ڀِڄي هِي پيا ريل ۾.


     ڇارسو چاندني آ،

     ڇارسو چاندني آ،
    چنڊ توکان پِني آ.
     
    مون ته چرچو ڪيو بس،
    هوءَ ڪيڏو رُني آ.
     
    يا ته ٿي آزمائي،
    يا ته پڪ سان ڊِني آ.
     
    رات رنڊي، سويري،
    ڪنهن نه ڪنهنجي وني آ.
     
    غم ڌٻڻ ۾ وڃڻ ڏي،
    چاهه ۾ چاشني آ.
     
    سڀ فسانا اجايا،
    ڪابه اک ڏس ڀِني آ؟
     
    آس هڪڙي ڪنواري،
    ور-وني کان ڇِني آ.
     
    شفق لالي به اُڀ تي،
    ان رَئي جي چني آ.


    سوچ بيمار ۽ زندگي زخمي،

    سوچ بيمار ۽ زندگي زخمي،
    راهه پرخار ۽ زندگي زخمي.
     
    جي پڇين ٿو مزو يار محبت جو،
    درد ڪي ڌارِ ۽ زندگي زخمي.
     
    ڪيئن ڳولي لهان نقشِ پا تنهنجو،
    رات ديوار ۽ زندگي زخمي.
     
    هي ته سودو ڏکيو ۽ مهانگو ٿي،
    تون خريدار ۽ زندگي زخمي.
     
    ڪنهن حسينا ڏني، مون قبولي آ،
    پيار ۾ هار ۽ زندگي زخمي.
     
    ڪيئن سجدو ڪيان هرگهڙي ‘ساجد’
    سونهن سرشار ۽ زندگي زخمي


    قطعا

    مڃي مُڇ کي مڙسي، ڪري ٺوڙهه منهنجي!
    ڏسو مڙس منهنجو، سَڀن کان جدا آ.
    رڳو سور هُن جا سهان روز پوءِ به،
    چون ٿا هو تنهنجو مجازي خدا آ.
     



    رتي رُسامو نه ٿئي، ڪٿان ڪوڪ ڇو اُٿي،
    اڙي عقل جا گُٿل، ڀلا ائين ڇو نه ٿئي!
    نه رات ۾ شور ٿئي، نه سانت ۾ ڪو سمهي،
    پٿر ٻڌون پيٽ سان، پاڻ کان سو نه ٿئي.







     
    پڙاڏا ڌماڪن جا، گونجي اُٿن ٿا،
    حَياتي به اوڙهيا ڪپڙا ڪفن جا.
    اهي پاڻ ڄاڻي ڪٿي پئه سگهيا، هي،
    بَمن جا ٽُڪر ها، يا پنهنجي بَدن جا.




    درد-ٽڪرن کي سهيڙي ٿي اچي.
    رات پنهنجا پَرَ پکيڙي ٿي اچي.
    پيار جي پرخار رستي، هيکلي!
    ڪا ڳهيلي پاڻ ميڙي ٿي اچي.


    چئه جِتان، هليو وڃان،

    چئه جِتان، هليو وڃان،
    ها متان، هليو وڃان.
     
    ياد منهنجي سانڍجان،
    جي هِتان، هليو وڃان.
     
    تون ملين بس، پوءِ ڀل،
    آسمان، هليو وڃان.
     
    دل چيو تنهنجا ٻئي،
    هٿ چمان، هليو وڃان.
     
    اي حسينا ڏس ته ڏي،
    من اُتان هليو وڃان.
     
    جي چوين محفل منجهان،
    مهربان!، هليو وڃان.
     
    اي خدا سچ ٿو چوان،
    ڇا ڪيان، هليو وڃان.
     
    هوءَ جي ‘ساجد’! سڏي،
    راهه تان، هليو وڃان.


    موت کي چئه آزمائي، آ.

     
    موت کي چئه آزمائي، آ.
    غم اڃان ٿو مسڪرائي، آ.
     
    مون به پنهنجا نيڻ ٻوٽيا،
    پُٺ تي ڪو خنجر لڪائي آ.
     
    هي ته تنها ٿو رهي اڄڪلهه،
    دشمنن کي ڀي ٻڌائي آ.
     
    شهر مقتل ۾ خَموش نه آ،
    جي اچين ٿو ته گنگنائي آ.
     
    هو ڌڪاري ڀل ڌڪاري پر،
    ساٿ هن سان تون نڀائي آ.
     
    هوءَ ڇا ڄاڻي اداسين مان،
    هن چريءَ کي ڪجهه کِلائي آ.
     
    تا عمر مسجود ‘ساجد’ رهه،
    ٿي خدا کان آ، لکائي آ.


    ٻن هَٿن ۾ چنڊ آ،

    ٻن هَٿن ۾ چنڊ آ،
    ڄڻ گگن ۾ چنڊ آ.
     
    مون ڇهيو ناهي اڃان،
    گلبدن ۾ چنڊ آ.
     
    رات پنهنجو ٿي ڪري،
    چاهتن ۾ چنڊ آ.
     
    هرطرف روشن جهان،
    ڪو ٻَکن ۾ چنڊ آ.
     
    جهوپڙي کان اڳي،
    ڏس ڪکن ۾ چنڊ آ.
     
    آ عجب هٻڪار ٿي،
    پڪ چمن ۾ چنڊ آ.
     
    آ لَٿو ‘ساجد’ وري،
    من صحن ۾ چنڊ آ.


    پيار مان پيار جا، ڇو حصا ٿو ڪري،

    پيار مان پيار جا، ڇو حصا ٿو ڪري،
    پاڻ کي پاڻ کان، ڪو جدا ٿو ڪري.
     
    ڪنهن نئين روپ ۾ روز مرڪي مليو،
    درد ڪنهن درد سان آشنا ٿو ڪري.
     
    سوچ جي هر لهر سار کي ٿي ڇُهي،
    نيڻ ڀٽڪن پيا، غم فنا ٿو ڪري.
     
    يار وڃ، يار کي، يار جي ڏي خبر،
    هرگهڙي بيوفا، بيوفا، ٿو ڪري.
     
    دل ڀِڪوڙي، ڀتر جان پئي آ ڀري،
    ابتدا کان اڳي انتها ٿو ڪري.
     
    ٽهڪ ‘ساجد’ ٻڌي لڙڪ مرڪڻ لڳا،
    اڄ پٿر راهه جو ڪا صدا ٿو ڪري.


    لاهه چادر درد جي تون، ڪا گهڙي مرڪي ته پئه،

    لاهه چادر درد جي تون، ڪا گهڙي مرڪي ته پئه،
    اڄ ٻڌون ٿا، عيد آئي، زندگي! مرڪي ته پئه.
     
    هوءَ ايندي، آنءُ هوندس، غم نه ڪر، ڏسجانءِ تون،
    هل هلون ٿا، ڳوٺ پنهنجي، دل چري!مرڪي ته پئه.
     
    ڪين هڪڙي، ها هزارين، پلئه تنهنجي ۾ ٻَڌل،
    اڄ چئي ڏي مسڪرائي، اي خوشي مرڪي ته پئه.
     
    لڙڪ بڻجي گود تنهنجيءَ ۾ ڪِرڻ چاهيو مگر،
    ڇو وڌيو ايڏو انڌيرو، روشني! مرڪي ته پئه.
     
    تنهنجي هوندي آسناٽو، مئڪدو سونهين نه ٿو،
    هٿ ٻڌون ٿا، ڇڏ کڻي ڪجهه بي رخي، مرڪي ته پئه.
     
    ڀل ته تڙپي، تڙپ ۾ تڙپاءِ ‘ساجد’ اڄ مگر،
    ڪي گلابي گيت آڻي شاعري مرڪي ته پئه.


    ڪيان ٿو، هر سزا پاڻ ڏي،

    ڪيان ٿو، هر سزا پاڻ ڏي،
    نه سمجهي هو، خطا پاڻ ڏي.
     
    ضرورت هِت نه آ جي اگر،
    گُهرائي وٺ خدا! پاڻ ڏي.
     
    وري غم نت نوان ڪي کڻي،
    وڌي آئي هوا پاڻ ڏي.
     
    ڌڪاري درد! توکي جي جڳ،
    چڱو اچجان ڀلا پاڻ ڏي.
     
    خبر آ ته هو، زهر ٿو گڏي،
    ڀلي ڏي پر دوا پاڻ ڏي.
     
    اسان کان غم نشانيون ڏئي،
    خوشيون ڪر سڀ مٺا پاڻ ڏي.
     
    چوي ٿو آزمائي ڏسان،
    وفا ڪر، بيوفا! پاڻ ڏي.
     
    ڇڏي ڏي ميڻ جان ٿو ڳران،
    نه ڪر ‘ساجد’ صفا پاڻ ڏي.


    ميرا ٿيا ماڻهن جا پردا،

    ميرا ٿيا ماڻهن جا پردا،
    لاهي ڇڏ، هِن هُن جا پردا.
     
    ڄڻ ته ڪِري ٿي وڄ ڪا دل تي،
    کولي ٿي زلفن جا پردا.
     
    محفل ۾ هر رنگ ٿو پسجي،
    ڪيئن لٿا چهرن جا پردا.
     
    اي شاعر! هو ته اياڻو آ،
    ڏي نه ڪَٺن لفظن جا پردا.
     
    ٿيو ڪمري ۾ طوفان بَپا،
    تيز لڏيا جارن جا پردا.
     
    ‘ساجد’ سجدا جاري رهندا،
    ڀل نه رهن جوڀن جا پردا.


    مان ته پنهنجي يار کي ڳوليان پيو،

    مان ته پنهنجي يار کي ڳوليان پيو،
    تون چوين ٿو دار کي ڳوليان پيو.
     
    بندشن تي بندشون ڀي، جت هجن،
    آنءُ ان سنسار کي ڳوليان پيو.
     
    پيار ئي بس پيار آ، مون کان وٺو،
    پيار جي پينار کي ڳوليان پيو.
     
    ڪا خبر ناهي ڪٿي ڀٽڪي مئو،
    پيار ۾ گم ٻار کي ڳوليان پيو.
     
    رات جا پاڇا وڌڻ آهن لڳا،
    چنڊ جي چمڪار کي ڳوليان پيو.
     
    ساٿ ڀي سپنن ڏنو آهي گهڻو،
    ساٿ جي سينگار کي ڳوليان پيو.
     
    آس جا هر واٽ تي ڳاٽا ڀڃي،
    جيت بڻجي هار کي ڳوليان پيو.
     
    تنهنجي خاموشي پٺيان ‘ساجد’ وري،
    مان لِڪل اقرار کي ڳوليان پيو.


    قطعا

    الاري ڪهاڙي ۽ لهرائي زيور،
    مڃان ٿي مان تو لئه پري به ته ناهيان.
    بڻائين نشانو ٿو نرڙ کي ڇا لئه،
    سڀ سمجهان ٿي ايڏي چري به ته ناهيان.
     



    وچن واعدا سڀ وساري ڇڏيندا.
    بچيون جي اميدون ٻهاري ڇڏيندا.
    ٻڌون ٿا سندن ئي لٿو خرچ ناهي،
    مڃون ڪيئن رهبر ڪناري ڇڏيندا.


    دل جي کولڻ کڙڪي اُٿي آ،

    دل جي کولڻ کڙڪي اُٿي آ،
    باهه اندر مان ڀڙڪي اُٿي آ.
     
    ڪيڏا تنهنجا ٿا سپنا ستائن،
    ننڊ نيڻن مان ڇرڪي اُٿي آ.
     
    ڳالهه دل جي نه آئي زبان تي،
    اک جهڪائي جو مرڪي اُٿي آ.
     
    اڄ سامهون آئي ڄڻ ته پَٽَ تي،
    دل مڇي جيئن ڦٿڪي اُٿي آ.
     
    ڏور ‘ساجد’ نه رهه مون اکين مان،
    پيتي نه اڃان سُرڪي، اُٿي آ.


    اکڙين مان حجاب گم ٿي ويا،

    اکڙين مان حجاب گم ٿي ويا،
    چهري تان نقاب گم ٿي ويا.
     
    هن چَپ چوريا جو محفل ۾،
    رندن کان رباب گم ٿي ويا.
     
    هڪ گهري نگاهه جي ساگر ۾،
    شاعر جا خواب گم ٿي ويا.
     
    اڄ ايندي هوا جي جهونڪي سان،
    گوريءَ کان گلاب گم ٿي ويا.
     
    اڄ مليو ملي جو ڀاڪر هو،
    صدين جا عذاب گم ٿي ويا.
     
    سجدو ڇا ٿيو، قضا ‘ساجد’،
    ڄڻ سارا ثواب گم ٿي ويا.


    رات ڪنهن سان گفتگو ٿي فون تي،

    رات ڪنهن سان گفتگو ٿي فون تي،
    مهه جبين ڄڻ روبرو ٿي فون تي.
     
    ڪي انوکا خواب جيون کي مليا،
    ۽ عجب ڪا آرزو ٿي فون تي.
     
    بس نمازِ انتظاري ٿا پڙهون،
    روز ڪنهن لئه باوضو ٿي فون تي.
     
    ڪين تصور ۾ جڙيو ڪو عڪس هو،
    جي نئين ڪا جستجو ٿي فون تي.
     
    لفظ هن جا الوداعي، ايئن ڄڻ،
    لڙڪ اگهيا ڪنهن ٽِشو ٿي فون تي.
     
    ٽهڪ پنهنجا گونجندا ‘ساجد’ رهيا،
    مهڪ ان جي چارسو ٿي فون تي.


    قطعا

    نه ئي پاڻ ڀڻڪيو، نه ئي مون پچاريو،
    چپن جي حرارت کان ٿورو پري هون.
    ٿئي ٿو زمانو به حائل ڪجي ڇا؟
    جو شڪوه شڪايت کان ٿورو پري هون.
     



    مڃون ٿا جلادي شهر ۾ نپيا هون،
    اُڀي ٿيل آڱر وڍڻ ڪين ڄاڻون!
    چئون ٿا ڪبوتر ڪچا پَرَ پکيڙي،
    مگر سچ ته ڪانئر ڪڍڻ ڪين ڄاڻون


    ٿي عيان زندگيءَ جي ڪٿا،

    ٿي عيان زندگيءَ جي ڪٿا،
    ڄڻ ٽٽل آرسيءَ جي ڪٿا.
     
    چنڊ ڪنهن کي ٻڌائي پيو،
    رات موهن- مٽيءَ جي ڪٿا.
     
    هڪ ته پنهنجي عمر ٿورڙي،
    ٻيو ڊگهي عاشقيءَ جي ڪٿا.
     
    دوستن جي ڊگهي بحث مان،
    مون لکي دوستيءَ جي ڪٿا.
     
    دل به تنهن کي ڏسڻ ٿئي گهريو،
    ڪنهن کنئي جو خوشيءَ جي ڪٿا.
     
    پيار ‘ساجد’ سڃاڻپ اٿئي،
    ڏس پڙهي خودڪشيءَ جي ڪٿا


    دامن ڀِڳل، ياد نه ڪر،

    دامن ڀِڳل، ياد نه ڪر،
    اي دل غزل ياد نه ڪر.
     
    غم جي حَسين محفل ۾،
    سپنو ٽٽل، ياد نه ڪر.
     
    نڪتو ڪچي تند جهڙو،
    رشتو اَٽل، ياد نه ڪر.
     
    دستڪ نه ڏي دل جي در،
    غم هن سُتل، ياد نه ڪر.
     
    ‘ساجد’ انڌاري رات ۾،
    اک جو ڪجل، ياد نه ڪر


    درد تنهنجا پنهنجو ڪفن ڪيم،

    درد تنهنجا پنهنجو ڪفن ڪيم،
    زندگي جي لحد ۾ دفن ڪيم.
     
    ياد ديوار ته من مڪان آ،
    سوچ جيون سندي صحن ڪيم.
     
    ماربو جي پيو موت مارڻو،
    پاڙبو جو توسان وچن ڪيم.
     
    ها چيائين افسوس جو پرين!
    ڪين گيسو تولئه گگن ڪيم.
     
    پيار جا گل مرجهائجي ويا،
    بس خزان ئي دل جو چمن ڪيم.
     
    ڪيئن وسرن ڳوڙها، هجرگهڙي،
    بات، ڀاڪر، بوسا بدن ڪيم.
     
    چنڊ ‘ساجد’ سَوَ ياد جا کڙيا،
    پوبه جاري شعر و سخن ڪيم.


    پاڻ ڪيڏو ٿا روليو شهر ۾،

    پاڻ ڪيڏو ٿا روليو شهر ۾،
    نيڻ ڪنهن کي ٿا ڳوليو شهر ۾.
     
    آس ان تي تڙپي مئي دل چري،
    ڪٿ ملي ڪو من ڍوليو شهر ۾.
     
    لفظ ڪنهن ها لکيا لفافي مٿان،
    خيال سان خط کي کوليو شهر ۾،
     
    محبتن جا پيا گيت جهونگارجن،
    ٻول اهڙو ڪو ٻوليو شهر ۾،
     
    اڄ نئون ڪو فسانو جڙي آ پيو،
    تو وري ڪجهه جابوليو شهر ۾.
     
    هي به‘ساجد’ سمجهو ڪچي سُٽَ جيان،
    کيس ڇو ٿا ڇاڇوليو شهر ۾


    قطعا

    شهرِ قاتل جي ڀونڪ ٿي ٻڌجي پئي،
    بند ٻورين ۾ لاش ڳالهائين ٿا.
    پاڻ دعويٰ، ڌرتي ڌڻين جي ٿا ڪن،
    ڪوڙ ڪيڏا بدمعاش، ڳالهائين ٿا.



     
    مزو ماڻيو، پسيو رس چس، کلاڙي کيڏ کيڏن ٿا.
    متل مانڊاڻ آ چوڏس، کلاڙي کيڏ کيڏن ٿا.
    مفادن جي رچي ٿي راند، ڪي قاتل وري ٿيا گڏ،
    رهيو پنهنجي نه ڪجهه ڀي وس، کلاڙي کيڏ کيڏن ٿا.


    يار! ملندي زندگي، نيڻن جي نيري سمنڊ ۾،

    يار! ملندي زندگي، نيڻن جي نيري سمنڊ ۾،
    تون ڪَرڻ ڏي خودڪشي، نيڻن جي نيري سمنڊ ۾.
     
    ڪائناتي رنگتيون ڀي سڀ ڪَٺي جي تون هجين،
    ساڻ هلندي هرخوشي، نيڻن جي نيري سمنڊ ۾.
     
    مان جڏهن ٻڪ ۾ ڀري ٿو مک مٺي تنهنجو پسان،
    “رقص ۾ آ چاندني”، نيڻن جي نيري سمنڊ ۾.
     
    سو پڙاڏن جيان ڪٿان کان مون ٻڌو آواز هو،
    “ڏور مون کان تون نه ٿي”، نيڻن جي سمنڊ ۾.
     
    ڪاش ڪو چهرو چوي ها، اڄ ڀلا ساجد کڻي،
    ڪر به ويهي بندگي، نيڻن جي نيري سمنڊ ۾


    هو هليو ويو موت کي ڳل لائي،

    هو هليو ويو موت کي ڳل لائي،
    مون مڃيو پر مَن کي ڪو سمجهائي.
     
    خواهشون پنهنجون مروڙي ڇڏ سڀئي،
    ڏي اسان کي زندگي موٽائي.
     
    آٿتن جي ڇانو ڏي گهلن پيا،
    شخص ڪي”عمران“ کي دفنائي.
     
    دوستو مون کان رُسي آ هو ويو،
    آهي ڪو جو يارڏي پرچائي.
     
    اي خدا تنهنجو وڃي ئي ڇا ها،
    جي جواني موڙ ها پارائي.
     
    هو اڃان تصوير ۾ مرڪي پيو،
    پر اسان سان ڪين ٿو ڳالهائي.

     
    پنهنجي ننڍي ڀاءَ عمران جي مرتئي تي لکيل


    ڄاڻ ٽڪرا ٿيس، ديد- تلوار ۾،

    ڄاڻ ٽڪرا ٿيس، ديد- تلوار ۾،
    در ورائي وري ٿي ڏسي ڏار ۾.
     
    مون ته تنهنجي هٿن کي ڇهڻ ٿي گهريو،
    توته اوتي ڇڏيو، خوامخوا پيار ۾،
     
    ايئن منهنجي اکين کان نه اوجهل ٿجان،
    ٺوڪرون ٿو ڏسان، گم ٿيل ٻار ۾.
     
    چوڏسا پيار جو سمنڊ ڇوليون هڻي،
    نيڻ ٻوٽي ڇڏيا، سونهن سنسار ۾،
     
    خوش گذاريون پيا، ٻئي انهي راز۾،
    “جيت تنهنجي سدا!، مان سدا هار ۾”
     
    پوءِ ‘ساجد’ اوهان کان پري ڇو ٿئي!
    ٿورڙي رس ڀريو، يار گفتار ۾.


    ڪجهه ته منهنجي به ٿي زندگي،

    ڪجهه ته منهنجي به ٿي زندگي،
    آهه لوڙيو سڄي زندگي.
     
    خواب ڪيسين لِڪائي رکان،
    زندگيءَ کان رُٺي زندگي.
     
    ڪنهن به توکي نه پنهنجو ڪيو،
    هَٿ ڇَڏائي وئي زندگي.
     
    ۽ خدا تو ڏنو ئي ته ڇا،
    دل اُڃاري، بکي زندگي.
     
    ڪيئن تنهنجو سڏايان ڀلا،
    ساڻ ناهي رهي زندگي.
     
    دل چري نيٺ چِٿجي مئي،
    راهه ۾ جو رکي زندگي.
     
    اوپري مرڪ مرڪي پئي،
    واٽ ويندي ملي زندگي.
     
    ها وري ڪالهه وچ روڊ تي،
    گونج گولين کسي زندگي.


    رايا ۽ ٻه اکر

    ساجد سنڌيءَ جي شاعري ۾ جذبن جو نقطه نظر چٽو هوندو آهي، سندس لکڻ سان عشق سالن کان هلندو پيو اچي، اهو لفظن جو عشق ئي آهي جيڪو ساجدکان لکرائيندو اچي پيو، شاعري جو هي دور گل و بلبل جي فرضي قصن جو ناهي بلڪ حقيقت ۽ جدت جو آهي، ساجد جي  شاعري جدت جو بهترين نمونو آهي جنهن ۾ مون کي حسن، عشق ۽ سادگي جو پرتو نظر ايندو آهي، ساجد جي اظهار جي اها خوبي آهي ته چھرا ۽ دليون پڙهي وٺي ٿو، ڏک، وڇوڙو ۽ رومانيت ساجد جي شاعري جو حصو آهي. ساجد جا غزل ته ڌيان ڇڪائيندڙ آهن ئي سهي پر ان سان گڏ وگڏ نظم تي به ساجد جي گرفت تمام گهڻي مضبوط نظر اچي ٿي، منهنجون دعائون ساجد ۽ سمبارا سان گڏ آهن.
    فهميده شرف بلوچ

    ساجد! تنهنجي گلڪاري ڏاڍي سهڻي، موهه رکندڙ آهي، سمبارا کان ٻاهر به توکي پنهنجو حسن آهي، تنهنجي ياريءَ جي ٽاري سدا سائي ۽ ڦلدار رهي. مان 25 سالن کان توکي پنهنجي روح اک سان ڏسي رهيو آهيان. تنهنجو نظم هاڻي ڦلواري سمان لڳي ٿو ۽ غزل ۽ وائيءَ ۾ تون چٽا اچار رکندڙ ڪوي بڻجي درسني آڏو اچي بيٺو آهين. خدا ڪري توکي وقت اک پٽي ڏسي سگهي.
    آس ٻٻر


    معصوم صورت وارو هيءُ معصوم شاعر پنهنجي شاعريءَ سان گڏ پنهنجي مزاج ۾ پڻ معصوميت رکي ٿو، ساجد سنڌي پنهنجي منفرد اظهار سان شاعراڻن موضوعن ۾ جيڪا نواڻ آندي آهي، انهيءَ سندس شاعريءَ کي وڌيڪ سونهن بخشي آهي.
    شبانه سنڌي


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 468294
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 187781
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ