ڪتاب جو نالو: شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾
مصنف: نقش ناياب منگي / حسيب ناياب منگي
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 25 سيپٽمبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 869 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 211 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو جنهن جو ليکڪ نقش ناياب منگي آهي. هن ڪتاب جي تحقيق ۽ سهيڙ نوجوان شاعر ۽ ليکڪ محترم حسيب ناياب منگي ڪئي آهي.
جيتوڻيڪ اڄ به شڪارپور جا تاريخي اهڃاڻ ماضيءَ جي حسين داستانن جي نموني طور موجود آهن.ڪنهن به ليکڪ ۽ باشعور طبقي لاءِ پنهنجي شهر توڙي علائقي جا قديم آثار پنهنجي گهر جيان پيارا ۽ عزيز آهن، سائين نقش ناياب منگي جي به پنهنجي شهر شڪارپور سان محبت ۽ انس جو اندازو سندس هن ڪتاب ۾ شامل تحريرن مان لڳائي سگهجي ٿو. جنهن ۾ شڪارپور جي تاريخي ورقن ۾ موجود خاص طور مختلف دورن ۾ شهر جي عروج ۽ زوال جو مختصر ذڪر پڻ جامع نموني سان بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • هن ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • اداري پاران
  • مرتب پاران
  • مختصر تعارف
  • شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾
  • شڪارپور بابت تاريخي ياداشت
  • شڪارپور جي صوبائي ۽ ضلعي حيثيت
  • شڪارپور ۾ هڪ آڳاٽو فارسي ڪتبو
  • شڪارپور ضلعي جي آدمشماري
  • شڪارپور شاعرن جي نظر ۾
  • محمد عارف “صنعت”
  • مير ڪاظم شاهه
  • مرزا احمد علي “احمد”
  • صاحبداد شيخ
  • پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي
  • فقير غلام علي “مسرور”
  • مولا بخش “مسڪين”
  • حاجي شير محمد ”شِيرل“ چغدو
  • لطف الله بدوي
  • عبدالحميد “صبر”
  • “آذر” ناياب صديقي (وفات 04 اپريل 2004ع)
  • شعبان “بخت”
  • ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” سومرو
  • نند لال جويري
  • قادر بخش “حڪيم” سومرو
  • صبغت الله اديب شڪارپوري
  • “بشير” مورياڻي(وفات : 26 فيبروري 2016)
  • قاري نثار احمد منگي
  • رحمت الله “شوق” (23 ڊسمبر 1929ع – 17 جنوري 2001ع)
  • قمر شهباز
  • محمد انور “فگار” هَڪڙو
  • شڪيل “فائق” هَڪڙو
  • ارباب علي “عادل” چوهاڻ
  • نعيم “صابر” قريشي

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو جنهن جو ليکڪ نقش ناياب منگي آهي. هن ڪتاب جي تحقيق ۽ سهيڙ نوجوان شاعر ۽ ليکڪ محترم حسيب ناياب منگي ڪئي آهي.
    جيتوڻيڪ اڄ به شڪارپور جا تاريخي اهڃاڻ ماضيءَ جي حسين داستانن جي نموني طور موجود آهن.ڪنهن به ليکڪ ۽ باشعور طبقي لاءِ پنهنجي شهر توڙي علائقي جا قديم آثار پنهنجي گهر جيان پيارا ۽ عزيز آهن، سائين نقش ناياب منگي جي به پنهنجي شهر شڪارپور سان محبت ۽ انس جو اندازو سندس هن ڪتاب ۾ شامل تحريرن مان لڳائي سگهجي ٿو. جنهن ۾ شڪارپور جي تاريخي ورقن ۾ موجود خاص طور مختلف دورن ۾ شهر جي عروج ۽ زوال جو مختصر ذڪر پڻ جامع نموني سان بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
    هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن حيدر آباد پاران اپريل 2017ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري دوست ۽ سنڌ سلامت جي سڄڻ ساجد سنڌيءَ جا جنهن سمبارا پبليڪيشن پاران ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    هن ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب نمبر 54
    هن ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾
    موضوع: تحقيق
    مرتب: حسيب ناياب منگي
    ڇاپو پهريون: اپريل 2017ع
    ٽائيٽل ڊزائين: شاهزيب ميمڻ
    ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
    سيد آرڪيڊ آفيس نمبر 8 عبرت گهٽي گاڏي کاتو حيدرآباد
    03003513966

    مُلهه: 200/=





    SHIKARPUR TARIKH JE AAINE MAIN
    (Research)
    By: Haseeb Nayab Mangi
    Sambara Publication Hyderabad
    03003513966


    ارپنا

    هي ڪتاب پنهنجي والد مرحوم و مغفور
    “نقش” ناياب منگي جي ادبي رهبرن: آذر ناياب صديقي ۽ شعبان بخت ڏانهن منسوب ڪريان ٿو. جنهن جي لاءِ مصنف پاڻ ئي پنهنجي هڪ غزل جي مقطع ۾ لکي ويو آهي ته:

    ڪيو مون “بخت” و “آذر” کان مقام شاعري حاصل،
    ســڃــاڻــن ٿــا ادب ۾ “نــقــش” کــي ذوق ِ نــظـر وارا.


    اداري پاران

    هونئن ته ماضيءَ ۾ سنڌ جي قديم تهذيبي ۽ تاريخي شهر شڪارپور متعلق مختلف وقتن تي مورخ ۽ محقق تاريخي باب رقم ڪندا رهيا آهن، پر موجوده دور ۾ خاص طور اڪثر نوجوان طبقو ان شهر جي تاريخي پس منظر ۽ حقيقتن کان وانجهيل آهي. جيتوڻيڪ اڄ به شڪارپور جا تاريخي اهڃاڻ ماضيءَ جي حسين داستانن جي نموني طور موجود آهن.ڪنهن به ليکڪ ۽ باشعور طبقي لاءِ پنهنجي شهر توڙي علائقي جا قديم آثار پنهنجي گهر جيان پيارا ۽ عزيز آهن، سائين نقش ناياب منگي جي به پنهنجي شهر شڪارپور سان محبت ۽ انس جو اندازو سندس هن ڪتاب ۾ شامل تحريرن مان لڳائي سگهجي ٿو. جنهن ۾ شڪارپور جي تاريخي ورقن ۾ موجود خاص طور مختلف دورن ۾ شهر جي عروج ۽ زوال جو مختصر ذڪر پڻ جامع نموني سان بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
    نوجوان شاعر ۽ ليکڪ حسيب ناياب منگي پنهنجي والد نقش ناياب منگي جي هن تاريخي ادبي پورهئي کي ساهه سان سانڍي ۽ منظر عام تي آڻي نه فقط سندس نقش قدم تي هلڻ جو فرض نڀايو آهي پر پنهنجي سنڌي ادب سان بي انتها انسيت ۽ چاهه جو به ثبوت پيش ڪيو آهي، ڀل جا هن اڌوري ڪتاب ۾ شڪارپور شهر جي تاريخ جا ڪيترا پاسا رهيل هجن پر حسيب ناياب منگي پنهنجي سچائيءَ ۽ خلوص سان هن ڪتاب جي اشاعت ۾ پيش پيش رهيو آهي، جيڪو قدم يقينن قابل داد آهي.سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ” شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾“ جي اشاعت پڻ سنڌ جي تاريخ تي مشتمل ڪتابن جي سلسلي جي هڪ اهڙي ڪڙي آهي، جنهن مان تاريخ جا پڙهندڙ هڪ ڀيرو ٻيهر ضرور مستفيد ٿيندا.
    ساجد سنڌي
    سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
    03003513966


    مرتب پاران

    سنڌ جي تاريخي شهرن جي تاريخ جو بغور اڀياس ڪرڻ کانپوءِ معلوم ٿيندو ته سُونهاري سنڌڙي جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن شهرن جي تاريخ سائنسي بنياد تي تحقيق جي ڏکئي پيچري تي هلندي هتان جي مقامي قلمڪارن بنا ڪنهن خاص سهولتن جي اکر اکر ۽ لفظ لفظ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ کانپوءِ اسان کي ڪي نتيجا ڏيندي شڪارپور جي تاريخ کي ورقن تي اهڙي نموني اُڪري ويا جيئن ڪاٺيءَ جا ماهر ڪاريگر اڻ گهڙي ڪاٺ کي رنڌا هڻي واهولن جي مدد سان ڇوڏا لاهي سڌو ڪندي، رنبيءَ سان اُڪر ڪندا هجن. اهڙن ڪجهه ڪاريگرن جي ڪاريگري ته اسان اڻ واقفن لاءِ بي عيب هوندي، پر “تاريخ” ۽ “تحقيق” ادب جي ميدان ۾ حرف آخر ڪڏهن به نه ٿي آهي ۽ نه ئي وري اهو ممڪن ئي آهي. تاريخ ۽ تحقيق هر دور ۾ نون رخن سان ڦرندي ۽ نوان نتيجا ڏيندي رهندي آهي. هر قلم ڌڻيءَ جو نظريو ان جي سوچ، خيال ۽ انهن سان سهمت ٿيڻ سان هوندو آهي. تنهن ڪري تاريخ جي ورقن ۾ ڪي جهول، ڪي غلطيون، ڪي من گهڙت روايتون ۽ ڪي ڪوڙيون ڳالهيون رهجي وينديون آهن، جن کي درست ڪرڻ هر دور جي ليکڪن جو فرض آهي، ڇو جو تاريخ تاريخدان ۽ محقق پاڻ لکندو آهي، جيڪا صدين جو آئينو ۽ ايندڙ نسلن لاءِ سُڃاڻپ جو سبب بڻجندي آهي. اِن ڳالهه کي به وائکو ڪجي ته شڪارپور تي جڏهن جڏهن به تحقيق ٿي آهي تڏهن تڏهن ڪي پراڻيون ڳالهيون ضرور ڪو قلمڪار رد ڪندي نئين نظريي سان ثبوتن ۽ حوالن کي آڻيندي لکندو نظر آيو آهي. شڪارپور جي تاريخ جو سفر پنهنجون وکون کڻندي ايستائين پهتو آهي جو هي پيار ۽ تحقيق جو پورهيو اوهان جي هٿن ۾ آهي.
    زير نظر ڪتاب “شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾” شڪارپور جي ناليواري شاعر، اديب، محقق ۽ مترجم “نقش” ناياب منگي جي سالن جي عرق ريزيءَ جو نتيجو آهي. هن کان اڳ مصنف جا ڇهه مضمون ۽ مقالا “شڪارپور هڪ اڀياس” جي نالي سان ڪتابي صورت وٺي روشني پبليڪيشن پاران 2004ع ۾ نروار ٿيا. هي ڇهه مضمون ۽ مقالا جيڪي مصنف جي شڪارپور ٿي ٿيل تحقيق جو ٻيو حصو آهن سي سندن ڇڏيل تحقيقي پورهئي مان چونڊي هت پيش ڪري رهيو آهيان. هي ڪتاب جتي تاريخ جي حوالي سان شڪارپور شناسي لاءِ اهم ثابت ٿيندو اُتي ادب، تاريخ ۽ تحقيق جي شاگردن لاءِ به تاريخ جي هڪ ڪڙهيءَ کي ٻي ڪڙهيءَ سان ملائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو.
    “نقش” ناياب منگي پنهنجي ادبي سفر جي شروعات ان زماني کان شاعر جي حيثيت کان ڪئي جڏهن پاڻ شاگرد هئا، انهن ئي ڏينهن ۾ کين شڪارپور جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ جو شوق جاڳيو، اهو شوق جيئن جيئن جوان ٿيندو ٿي ويو پاڻ سنڌي، اردو، فارسي ۽ انگريزي ۾ تاريخ جي ڪتابن جو ڳُوڙهو اڀياس به ڪيائون ۽ اُهي ڪتاب ڪٺا ڪندي ڪم ڪرڻ لڳا ان جو واحد سبب شڪارپور جي تاريخ کي جديد انداز ۾ لکي غلطين کان پاڪ ڪرڻ هو. اهڙيون ڪوششون نه صرف پاڻ وٺندا رهيا پر ادبي حلقي ۾ تاريخ جي روح کي ڦوڪي شڪارپور تي تحقيق ڪرڻ ۽ نوجوانن کي تاريخ سان دلچسپي وٺرائڻ ۾ اعليٰ ڪردار ادا ڪيائون. اهو ئي سبب هو جو پاڻ پنهنجي ادبي حلقي ۾ تاريخ جي حوالي سان مڃتا حاصل ڪري ويا. ادب ۾ پنهنجي حلقي سميت مطالعي، مشاهدي ۽ دليلن توڙي حوالا پيش ڪرڻ سبب سندن سگهاري حيثيت واضع ٿيڻ لڳي ته 1984ع ۾ “شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي” جو بنياد وجهي کين جوائنٽ سيڪريٽري جو عهدو ڏنو ويو جتي پاڻ پنهنجي ساٿين سان گڏ شڪارپور جي تاريخ تي ڪم ڪري ڏيکاريائون. شڪارپور کي موضوع بڻائيندي نه صرف لکيائون پر ترجما به ڪيائون. مون کين مهينن جا مهينا هڪ هڪ موضوع تي تحقيق ڪندي ڏٺو. هڪ ته تحقيق جو ميدان مٿان وري موضوعن جا انتخاب به اهڙا جو ورهيه گذري وڃن پر ڪم پورو نه ٿي سگهي. اهڙي طرح پاڻ گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ ڪو نتيجو ڏيئي ويا آهن، جيڪو پنهنجو مٽ پاڻ ۽ تحقيق جي ميدان ۾ مڃتا جوڳو آهي.
    سمنڊ جي سيويِن، تنين ماڻڪَ ميڙيا
    مصنف هميشه ان ڳالهه جو اظهار ڪندو هو ته شڪارپور جي تاريخ، ماڳ مڪان، آدمشماري، سياست، تعليم، سماجي خدمتن ۽ واپار جي حوالي سان اڃان ڪم ٿيڻ گهرجي. جيترو ڪم ٿي چُڪو آهي سو پنهنجي جڳهه تي! هاڻي اسان سڀني مٿان اهو فرض آهي ته شهر جي تاريخ جا وساريل ورق ورائي ڪم ڪريون ۽ ڪي اهڙا نتيجا پيش ڪريون جنهن سان شاگرد ۽ پڙهندڙ طبقو حقيقي ڳالهين ۽ واقعن تي اڪتفا ڪندي پنهنجا قدم اڳتي وڌائي. هاڻي اِهو اسان سڀني جو فرض آهي ته شهر جي تاريخ جا وساريل ورق ورائي ان کي سڌاري، سنواري ۽ ترتيب ڏئي پيش ڪريون.
    جت نه پکي پير، تت ٽمڪي باهڙي،
    ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙيءَ کير ري؟
    هن ڪتاب کي مصنف جي ڇهن لکيل ۽ ترجمو ڪيل تخليقن سان سينگاريو ويو آهي، جن کي پڙهندي ڪٿي ڪٿي تبديلي ۽ وضاحت جي ضرورت پڻ محسوس ڪئي ويندي، ڇو جو اِهي مضمون ۽ مقالا گهڻو وقت اڳ جا لکيل/ ڇپيل آهن، تنهن هوندي به ڪن جاين تي اهڙي وضاحت حاشِيي يا مقالي جي آخر ۾ پيش ڪري سگهيو آهيان. ڪن جاين تي اگر ڪا ڪمي محسوس ڪئي وڃي ته ان لاءِ وضاحت ڪجي ٿي ته ڪجهه موضوع اهڙا آهن جن تي تحقيق هلندڙ آهي، جن تي وقت به وقت پنهنجا خيال تحريري صورت ۾ پيش ڪبا.
    ڪتاب ۾ مضمون ۽ مقالا هن ريت ترتيب هيٺ آيا آهن:
    شڪارپور جي تاريخ جي آئيني ۾: هي مضمون مصنف جي مطالعي تي مشتمل آهي، جنهن ۾ مختصر طور تي شهر جي تاريخ ڏني وئي آهي.
    شڪارپور بابت تاريخي ياداشت: هي ميجر ايف. جي گولڊ سمڊ جي هڪ انگريزي رپورٽ جي پهرين حصي جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن ۾ شهر جي تاريخ ۽ ان جي حوالي سان مختلف موضوعن تي ڄاڻ پيش ڪيل ٿي ڏسجي. رپورٽ جو سنڌي ويس روزانه هلال پاڪستان ڪراچي جي ايڊيٽوريل صفحي تي 12 اپريل کان 2 مئي 2000ع تائين نون قسطن ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. رپورٽ جو ٻيو حصو پنهنجي ذاتي/ ملازمت وارين مصروفيتن سبب اڌ ۾ ترجمو ڪندي ڇڏي ڏنائون، جنهن کي پورو ڪرڻ منهنجو فرض آهي ۽ نڀائيندس. رپورٽ جي ٻئي حصي مان شڪارپور تي مختلف وقتن ۾ مقرر ٿيل گورنرن جو تذڪرو سندن ايندڙ مقالي “شڪارپور جي صوبائي ۽ ضلعي حيثيت” ۾ پيش ڪيل آهي.
    شڪارپور جي صوبائي ۽ ضلعي حيثيت مصنف جو هي شڪارپور متعلق لکيل پهريون مقالو آهي، جيڪو پاڻ 5 مئي 1985ع تي شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي پاران رٿيل “شڪارپور سيمينار” ۾ پڙهيو هيائون، تنهن ۾ 1774ع کان 1843ع واري عرصي ۾ شڪارپور تي مقرر ٿيندڙ گورنرن ۽ ان دور جي حڪومتي ڪارڪردگي توڙي شڪارپور جي ضلعي حيثيت ۽ آزاديءَ جي جنگ ۾ شڪارپورين جي ڪردار سميت تعليمي ۽ صحتي ادارن جي بنيادي معلومات کي ظاهر ڪري ٿو.
    شڪارپور ۾ هڪ آڳاٽو فارسي ڪتبو: هي مضمون شڪارپور ۾ نصب ٿيل فارسي ڪتبن جي تاريخ جي حوالي سان نهايت اهم آهي، جيڪو 1176هه ڌاري نواب ابراهيم خان نورزئي مسجد جي قيام واري ڪتبي ۽ مسجد شريف جي تاريخ تي مشتمل آهي. هي مضمون ماهوار نئين زندگي حيدرآباد جي آڪٽوبر نومبر 2004ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو.
    شڪارپور ضلعي جي آدمشماري: هي مختصر مضمون موضوع جي لحاظ کان نهايت اهم آهي جيڪو وفاقي ۽ صوبائي سطع تي ٿيل 1998ع واري آدمشماريءَ جي رپورٽ کي ظاهر ڪري مٿن تنقيد ڪندي لکيو ويو آهي. هي مضمون روزانه هلال پاڪستان ڪراچيءَ جي 8 آگسٽ 2000ع واري اشاعت ۾ شايع ٿيو هو.
    شڪارپور شاعرن جي نظر ۾: مصنف جو هي طويل ۽ موضوع جي لحاظ کان اهم مقالو آهي جيڪو شڪارپور سان محبت جي حوالي سان لکيل عقيدت جي گلڙن کي ميڙي ان حوالي سان سالن جا سال شعرن جي ڳولا ڪندي نيٺ مقالو 1996ع ۾ لکي پورو ڪيائون جنهن کي خليل مورياڻي پنهنجي ڪتاب “شڪارپور سونهن جو شهر” ۾ شامل ڪيو. اِن مقالي جي اشاعت کانپوءِ ڪجهه سينئر ۽ جونيئر شاعرن جا اهي شاعراڻه اسم سندن نظر کان گذريا جيڪي شڪارپور متعلق هئا ۽ مقالي ۾ شامل نه ٿي سگهيا هئا تن کي پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي مقالي ۾ شامل ڪرڻ جو ارادو ڪيائون پر ايئن ٿي ڪونه سگهيو ۽ فقط ٽن شاعرن: شير محمد “شيرل”، حافظ سنڌي ۽ صبغت الله “اديب” جو تعارف ۽ ڪلام مقالي ۾ شامل ڪري ڇڏيو هيائون، هتي مقالي کي جيئن جو تئين پيش ڪجي ٿو، فقط انهن شاعرن جي وفات جي تاريخ کي درج ڪيو ويو آهي جيڪي هن دنيا ۾ ناهن رهيا.
    مصنف جي پهرين تخليقي ڪاوش اهو ثابت ڪيو ته “شڪارپور هڪ اڀياس” تحقيقي ۽ ٺوس ثبوتن وارو شڪارپور جي تاريخ جو منفرد ڪتاب آهي. مونکي اميد آهي ته هي ڪتاب “شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾” به ساڳئي محبت سان ڏٺو، پڙهيو ۽ سمجهيو ويندو. آخر ۾ عبدالمجيد سومري ۽ پنهنجي مربي ڀاءُ حفيظ الرحمٰن منگي جا ٿورا مڃڻ چاهيان ٿو، جن ڪتاب جي مواد کي ڪمپوز ڪري ڀال ڀلايو، گڏوگڏ ساجد سنڌي جو ٿورائتو آهيان جنهن سمبارا پبليڪيشن طرفان هي تاريخي ۽ تحقيقي شهپارو ڇپائي ٿورائتو بڻايو آهي.
    ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا


    حسيب ناياب منگي
    حقِ فاطمه منزل شڪارپور
    تاريخ : 04 اپريل 2017


    مختصر تعارف

    نالو: حق نواز عرف امام بخش
    ادبي نالو: “نقش” ناياب منگي
    جنم: 7 ڊسمبر 1948ع
    وڇوڙو: 7 آڪٽوبر 2011ع
    تعليم: انٽر
    ڪرت: اريگيشن کاتي ۾ ملازمت
    ادب سان وابستگي: 1965ع کان وفات تائين
    ادب ۾ سڃاڻپ: شاعري ــ نثر ـــ تحقيق
    ڇپيل ڪتاب: شڪارپور هڪ اڀياس
    شڪارپور صدين کان ( معاونت)
    شڪارپور سيمينار سووينئر ( ترتيب)
    اسان جا اديب اسان جا شاعر ( معاونت)
    شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾
    اڻڇپيل ڪتاب: جيءَ جيارا ماڻهو (مضمون ۽ مقالا)
    شاعريءَ جو مجموعو
    وابستگيون: شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽي (باني ميمبر)
    سنڌي ليکڪ يادگار ڪاميٽي (باني ميمبر)
    مهراڻ پبليڪيشن شڪارپور (باني ميمبر)
    ڪتاب محل پبليڪيشن (باني ميمبر)


    شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾

    شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان 194 فٽ بلنديءَ تي آباد آهي. صديون اڳ هتي هڪ گھاٽو جھنگ هو جتي امير ۽ سيٺيون ايندا ۽ علائقي کي شڪارگاهه طور استعمال ڪندا هئا، ان ئي نسبت سان شڪارپور نالو رکيو ويو.
    سنڌ گزيٽئر ۾ لکيل آهي ته “امير بهادر خان دائودپوٽي اول پنهنجي طاقت ۽ شجاعت سان مقامي مهرن کي لڙائيءَ ۽ خونريزيءَ کانپوءِ هار ڏئي ڀڄايو، هي علائقو مهرن کان فتح جي يادگار طور هن شهر جو بنياد وڌو جنهن جو نالو شڪارپور تجويز ڪيو ويو” ان مان ثابت ٿئي ٿو ته امير بهادر خان دائودپوٽي اول سن 1026 هه ــ 1617 (1) ڌاري شڪارپور خود مختيار رياست جو بنياد وڌو.
    تاريخي مطالعي مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته شڪارپور جي تاريخ هيٺين ڇهن دورن تي مشتمل آهي؛
    1. دائودپوٽن جو دور 1617ع کان 1745 ع تائين 128 سال
    2. ڪلهوڙن جو دور 1745ع کان 1747ع تائين 03 سال
    3.. افغاني پٺاڻن جو دور 1747 ع کان 1824ع تائين 77 سال
    4. ٽالپرن جو دور 1824ع کان 1843ع تائين 19 سال
    5. انگريزن جو دور 1843ع کان 1947ع تائين 103 سال
    6. قيام پاڪستان کان اڄ تائين.
    دائودپوٽن جي ٽن حڪمرانن بهادر خان اول امير محمدمبارڪ خان ۽ ان جي پٽ محمد صادق خان اول، تقريبن 128 سالن تائين هن علائقي تي حڪومت ڪئي. وري ڪلهوڙن ٽن سالن تائين پنهنجو تسلط هن شهر تي قائم رکيو. تنهن کان پوءِ ايرانين ۽ افغاني درانين (گڏيل طور تي) 77 ورهين تائين حڪومت ڪئي. ان طرح شڪارپور جي صوبائي حيثيت قائم رهي. شڪارپور جو سڄو عروج پٺاڻ دور سان وابسته آهي، جن شهر جي ترقي ۽ تعمير ۾ حصو ورتو ۽ شهر جي چوڌاري دائودپوٽن جي تعمير ڪرايل چارديواريءَ جي مرمت ڪرائي،چوگرد باغ لڳرايا، شهر جي جامع مسجد نئين سر قائم ڪرايائون. احمدشاهه ابداليءَجي پٽ تيمورشاهه افغانستان کان هندو تاجر گھرائي هت آباد ڪيا جن بخارا، ترڪستان، روس، ايران، چين، جاپان، تبت ۽ آفريڪا تائين واپار جو سلسلو جاري رکيو. واپار جي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ گنجائش کي پيش نظر رکندي 1790ع ڌاري هتي قلعي قافلي جي نئين سر تعمير ڪيائون.1842ع تائين ٽالپرن جي قبضي ۾ئي رهيو ته 1842ع ڌاري ٽالپرن جي فوج شڪارپور ۾ داخل ٿي اهڙي طرح پٺاڻن جو اقتدار ختم ٿي ويو. 1842ع ۾ شڪارپور ٽالپرن جي ئي قبضي ۾ آيو. 1825ع ڌاري سيد احمد شهيد (2) سکن سان جهاد لاءِ بولان ويندي شڪارپور مان گذريو، ان ايماني جذبي کي غنيمت سمجھندي ڪافي شڪارپوري مسلمان به ان جهاد ۾ حصو وٺڻ لاءِ شامل ٿيا. 1843ع ڌاري شاهه شجاع، خيرپور ۽ حيدرآباد جي ميرن جي متحده فوج کي سکر جي نزديڪ کرڙيءَ جي مقام تي شڪست ڏني ۽ ميرن کان چارلک رپيا نقد وٺي خراسان طرف روانو ٿي ويو. شڪارپور جيڪو مشترڪه طور تي واليِ خيرپور ۽ حيدرآباد جي تسلط ۾ هيو، آخرڪار فرنگين جي قبضي ۾ هلي ويو.1843ع ۾ سنڌ جي فتح کانپوءِ انگريزن سنڌ جو نظم ونسق نئين بنياد تي قائم ڪري سنڌ کي ٽن تعلقن ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ تقسيم ڪيو ۽ سنڌ جو دارالخلافه 1847ع تائين حيدرآباد رهيو تنهن کانپوءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويو.
    انگريزن جي دور ۾ شڪارپور موجوده سنڌ جي چئن ضلعن گھوٽڪي، سکر، دادو ۽ لاڙڪاڻي جي حدن تائين پکڙيو. شڪارپور سميت 14 تحصيلن ميرپورماٿيلو، گھوٽڪي، روهڙي، سکر، پنوعاقل، نوشهروابڙو، رتوديرو، لاڙڪاڻو، قنبر، نصيرآباد، لبِ دريا (موجوده ڏوڪري) ميهڙ ۽ ڪڪڙ جڏهن ته چار سب ڊويزن روهڙي، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ميهڙ هيون. ايف ـ جي ـ گولڊ ـ سمڊ “ترڪِ شڪارپور” ۽ اِي ـ ايڇ ـ ايٽڪن E.H.Eitken ) ( ضلعي شڪارپور جو ڪل رقبو 11،532 مربع ميل لکيو آهي، جڏهن ته گزيٽيئر سنڌ ۾ تحصيل شڪارپور جو رقبو 504 مربع ميل بيان ڪيو ويو آهي.
    1883ع ۾ انگريز حڪمرانن شڪارپور مان تمام سرڪاري دفتر سکر منتقل ڪري ڇڏيا ۽ پهرين آگسٽ 1901ع تي سکر ۽ لاڙڪاڻي کي ضلعي هيڊڪوارٽر جو درجو ڏيئي ضلعي سکر جو حصو بڻايو ويو.
    شڪارپور کي پهرين جولاءِ 1977ع تي ٻيهر ضلعي حيثيت ملي. رقبي جي لحاظ کان موجوده ضلعو 2،868 مربع ڪلوميٽر ۽ چئن تعلقن شڪارپور 561 ڪلوميٽر، خانپور 664 مربع ڪلوميٽر، ڳڙهي ياسين 976 ڪلوميٽر ۽ لکي 667 ڪلوميٽر تي مشتمل آهي. چئن تعلقن ۾ سپروائزري سرڪل، 63 تپا ۽2187 ڳوٺن کان علاوه هڪ ميونسپل ڪاميٽي، 7 ٽائون ڪاميٽيون، 3 مارڪيٽ ڪاميٽيون،33 يونين ڪائونسلون، 42 پوليس اسٽيشنس ۽ 57 پوسٽ آفيسون آهن. 1981ع جي آدمشماري مطابق ضلعي جي آدمشماري 6،19،576 هئي، جڏهن ته 1998ع جي آدمشماري 8،66،000 ٿي وئي.
    بنيادي طور تي هي ضلعو هڪ زرعي علائقو آهي، هن جي فصلن ۾ چانور، جوئر، ڪمند ۽ ربيع ۾ ڪڻڪ، چڻا، جَوَ ۽ تيل ڪڍڻ جا ٻج آهن. شڪارپور ۾ آبپاشي نظام قائم آهي. هن جي ايراضي سکر بيراج جي کيرٿر، وارهه ڪينال، دادو ڪينال ۽ رئيس واهه کان علاوه گڊو بيراج جي سنڌ ڪينال (جيڪو شڪارپور شهر جي هڪ ميل جي فاصلي تي واقع آهي)، بيگاري ڪينال، ننڍي بيگاري ۽ ٻين شاخن ميرواهه، منگرواهه، امروٽ شاخ، رئيس واهه، ڇتو واهه، چوئي شاخ، همايون شاخ ۽ دوست واه کان سيراب ٿيندي آئي آهي.
    شروعاتي ڏينهن کان شڪارپور علم جو مرڪز رهيو آهي. دائودپوٽن، ڪلهوڙن، درانين ۽ ٽالپرن جي دور ۾ دفتري ۽ سرڪاري ٻولي فارسي هئي اها ئي وجه هئي جو مسلمانن کي مدرسن ۾ قرآن مجيد کان علاوه فارسي ٻولي به پڙهائي ويندي هئي. انگريزن 1853ع ڌاري ڪورٽ آف ڊاريڪٽرز جي فيصلي مطابق عربي حروف تهجي جي 29 حروفن کي فارسي حروفن سان ملائي سنڌي زبان کي نه صرف دفتري زبان قرار ڏنو مگر سرڪاري ملازمن کي سنڌي پڙهڻ ۽ لکڻ به لازمي قرار ڏنو.1855ع ۾ شڪارپور ۾ پهريون پرائمري اسڪول قائم ڪيو ويو جنهن ۾ مسلمان ۽ غير بغير ڪنهن رنگ، نسل، ذات ۽ پات جي تعليم جي اهم زيور سان آراسته ٿيڻ لڳا، بعد ۾ انگريز سرڪار ضرورت جي پيشِ نظر شهر جي ڳوٺن ۾ پرائمري اسڪولن جو ڄار وڇايو. قيام پاڪستان کانپوءِ اسڪولن ۾ اضافو ٿيو آهي. 95ـ1994ع جي رپورٽ موجب هن وقت پرائمري بوائز ۽ پرائمري گرلز اسڪولن جو تعداد 1150 آهي، قيام پاڪستان کان پهريون 1942ع ۾ ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان هڪ اهڙو پرائمري اسڪول قائم ڪيو ويو هو جنهن ۾ اردو ۽ هندي پڙهائي ويندي هئي اڄڪلهه اهو اسڪول اردو صدر پرائمري اسڪول جي نالي سان قائم ۽ مشهور آهي. مذڪوره اسڪولن کان علاوه پرائمري اسڪول پريتم ڌرم سڀا (1889)ع ، هوپفل اڪيڊمي 1900ع نيو ايرا هاءِ اسڪول 1932ع، ايشورٻائي سيتلداس گرلز هاءِ اسڪول ۽ گونمينٽ مڊل اسڪول (3) 1853ع ۾. (جنهن کي 1873ع ۾ هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو)انگريزن پنهنجي اولاد جي تعليمي سهولتن کي پيش نظر رکندي قائم ڪيا بعد ۾ عام ۽ خاص لاءِ اسڪولن جا دروازا کوليا ويا. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پهريون 1933ع ۾ چيلاسنگهه ۽ سيتلداس ڪاليج قائم ٿيو، جنهن ۾ موجوده سکر ڊويزن ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جا شاگرد تعليم پرائڻ لاءِ ايندا هئا. ڪاليج ۾ ايم ـ اي تائين ڪلاس هلندا هئا. قيام پاڪستان کانپوءِ شاهه عبداللطيف ڪاليج 1963ع ۽ گورنمينٽ گرلز ڪاليج 1972ع ۾ قائم ٿيا. پهريون ذڪر ڪيل ڪاليج پرائيويٽ هئي ان کي 1972ع سرڪار سڳوريءَ پنهجي تحويل ۾ ورتو. موجوده ضلعي ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي مڊل اسڪولن جو تعداد 52 آهي. بوائز ۽ گرلز هاءِ اسڪولز 46 ۽ 3 ڊگري ڪاليجن کان علاوه ٽيڪنيڪل، ڪمرشل ڪاليج ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ ۽ حاجي مولابخش لا ڪاليج قابل ذڪر آهن.
    صحت جي شعبي ۾ ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ را‎ءُ بهادر اوڌوداس تاراچند سول اسپتال کان علاوه هيرانند گنگاٻائي زنانه اسپتال، سر هينري هالينڊ اکين جي اسپتال (4)، ڪرسچين زنانه اسپتال ۽ لکميچند ٽيڪچند ڊسپينسري (5) موجود آهن. ضلعي جي تعلقن ۾، تعلقا اسپتالن کان علاوه بنيادي صحت جا ڪافي مرڪز آهن.
    شڪارپور ضلعو بذريعه انڊس هاءِ وي روهڙي ، ڪوئيٽه روڊ، لاڙڪاڻو، سکر ۽ جيڪب آباد بذريعه ريلوي سکر ڪوئيٽه ڪراچي سان مليل آهي. ضلعي اندر 7 ريلوي اسٽيشنون قائم آهن. ضلعو پنهنجي تعلقن خانپور، ڳڙهي ياسين ۽ لکي غلام شاهه پڪن روڊن سان منسلڪ آهي. عوام جي سهولتن کي پيش نظر رکندي محڪمه مواصلات ضلعي اندر پوسٽ آفيسون قائم ڪيون آهن. ٽيليفون ايڪسچينگ، مائڪروويوز اسٽيشنن جي مدد سان شڪارپور کي ملڪ جي نيشنل ڊائلنگ سسٽم ذريعي منسلڪ ڪري رهيو آهي. ان کان علاوه هڪ ٽي وي بوسٽر به موجود آهي. هوائي اڏو نه هجڻ جي صورت ۾ به پي ـ آءِ ـ اي جو دفتر موجود آهي. قيام پاڪستان کان اول 1935ع ۾ انڊرگرائونڊ ڊرينيج سسٽم متعارف ٿيو. ان کانپوءِ 79 ـ 1978ع ۾ لکين رپين جي لاڳت سان صفائي ۽ مرمت ڪرائي وئي هئي پر صفائيءَ واري عملي جي غفلت ۽ لاپرواهي ڪري پاڻي گھٽين ۽ روڊن تي بيهي رهي ٿو ۽ پيدل هلڻ وارن لاءِ مسئلو پيدا ٿئي ٿو.
    شڪارپور شهر ۾ بجلي جي فراهميءَ جو عمل آگسٽ 1924ع کان شروع ٿيو. هي عمل بلديه جي سابق صدر ۽ معروف وڪيل مرليڌر پنجابيءَ جي ڪوششن سان پورو ٿيو. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ اڄ پوري ضلعي ۾ بجلي جي فراهميءَ سان گڏو گڏ گيس جي فراهمي به ڪيترن علائقن ۾ جاري آهي.
    کلاڙين لاءِ ضلعي ۾ اسٽيڊيم موجود آهي. جڏهن ته ڪيتريون ئي ملون وغيره به موجود آهن، جن ۾ ملازم ڪم ڪري رهيا آهن.
    ضلعي ۾ 2 قومي اسيمبلي ۽ 4 صوبائي سيٽون آهن. قيام پاڪستان کان اول ۽ بعد ۾ جن ناميارن سياستدانن جو ذڪر ن الائق آهي تن ۾ شهيد الله بخش سومرو، سر غلام حسين هدايتالله، ديوان بهادر مرليڌر، گگنگا ديوي، خانبهادر مولابخش سومرو، احمد خان سڌايو، آغا غلام نبي خان، رحيم بخش سومرو، آفتاب شعبان ميراڻي، الاهي بخش سومرو،غوث بخش خان مهر، مير الطاف حسين خان ڀيو، افتخار احمد سومرو، ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي، جنيد احمد سومرو، آغا طارق خان، ۽ ٻيا شامل آهن.
    ضلعي شڪارپور جي ادبي تاريخ به صدين کان ممتاز اديبن ۽ شاعرن جي ڊگھي فهرست سان ڀريل نظر اچي رهي آهي جن فارسي، عربي، سنڌي ۽ اردو ادب ۾ ڪافي نالو ڪمايو. انهن ۾ حاجي فقيرالله شاه علوي، محمد عارف صنعت اعواڻ، سامي، فقير غلام علي مسرور، مولانا دين محمد وفائي، آغا صوفي، مولانا عبدالڪريم چشتي، لطف الله بدوي، جھامنداس ڀاٽيا، کيئلداس فاني، عثمان علي انصاري، محمد حنيف صديقي، بولچند راجپال، شفيع احمد علوي، حافظ خير محمد اوحدي، حبيب الله ڀٽو، ثميره زرين، شيخ اياز، احسان احمد بدوي، لعل محمد لعل، نياز همايوني، بشير مورياڻي، آغا سليم، سليم چنا، تاج صحرائي، بدر اڄڻ، پروفسر امين الله علوي، بيدل مسرور، خليل مورياڻي، عبدالخالق راز، راقم نقش ناياب منگي، امام بخش عاصم، امام بخش شمس، عبدالجبار عبد، ۽ ٻيا شامل آهن.

    وضاحتون

    شڪارپور جي تاريخ جي حوالي سان شايع ٿيل ڪتابن، مضمونن ۽ مقالن ۾ اڪثر شڪارپور جي بنياد جو اهو ئي سال تسليم ڪيو ويو آهي ان حوالي سان ڪجهه مقامي ليکڪن جو تاريخ جي روشنيءَ ۾ حوالا پيش ڪرڻ کانپوءِ اهو به رايو آهي ته شڪارپور جي بنياد جو سال 1694ع کان 1700ع جي وچ وارو دور آهي پر اڃان ان تي ڪابه حتمي راءِ پيش نه ٿي ڪري سگهجي.
    سيد احمد شهيد: شڪارپور تي ٽالپرن جي دؤر حڪومت دوران 1827ع ڌاري سيد احمد شهيد بريلوي سکن سان جهاد لاءِ سرحد ويندي شڪارپور ۾ آيو هو، شڪارپور ۾ رهي هن لکيدر واري مسجد ۾ پرجوش ۽ ايمان افروز تقريرون ڪيون ۽ پير جي ڳوٺ مان خريد ڪيل ڪپڙي مان مجاهدن جون ورديون سبرايون هيون. شڪارپور ۾ سيد احمد شهيد، سيد ڪاظم شاهه جو مهمان ٿيو هو جيڪو شڪارپور تي ٽالپرن جو مقرر ڪيل پهريون گورنر هو.
    مٿي ڄاڻايل اسڪولن جا پراڻا ۽ نوان نالا هن ريت پڙهڻ گهرجن:
    پهريون پرائمري اسڪول (موجوده قاضي محلا اسڪول)
    پرائمري اسڪول پريتم ڌرم سڀا (موجوده شاهه لطيف هاءِ اسڪول)
    هوپفل اڪيڊمي (موجوده هاءِ اسڪول نمبر 2)
    نيو ايرا هاءِ اسڪول (موجوده قاضي حبيب الله هاءِ اسڪول)
    گورنمينٽ مڊل اسڪول (موجوده هاءِ اسڪول نمبر 1)
    سر هينري هالينڊ اکين جي اسپتال اندر سياري جي مند ۾ مريضن جو اکين جو علاج ڪيو ويندو هو، هاڻي ان اسپتال کي فيبروري 2014ع کان ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ ممتاز منگيءَ ڪورٽ سڳوريءَ جو دروازو کڙڪائي اسپتال جي ٻيهر اڏاوت ڪرائي مريضن جو علاج ڪرائڻ لاءِ ڪيس وڙهي رهيو آهي.
    لکميچند ٽيڪچند ڊسپينسري شڪارپور ۾ 1857ع ڌاري قائم ٿي مٿس اهو نالو 1920ع ڌاري پيو. هاٿيدر تي هلندڙ اها ڊسپينسري 2008ع تائين هلندي رهي. 24 آڪٽوبر 2008ع تي کيس ڊاهي پٽ ڪيو ويو ۽ اڄ تائين سندس ڪم هلندڙ آهي.


    شڪارپور بابت تاريخي ياداشت

    سنڌي ميرن جي قبضي کان اڳ

    شڪارپور شهر جي تاريخ تي تحقيق سان لاڳاپو رکندي، ڇاپي مواد ۽ ماخذن تان استفادو حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ جيڪا اهميت انگريزن جي ڪتابن ۽ رپورٽن کي حاصل آهي، سا ڪنهن مواد ٻئي کي نه آهي. ڇاڪاڻ ته انگريزن جو مواد ڏيهي ڇاپي مواد جي ڀيٽ ۾ شڪارپور جي تاريخ جي ترتيب جو بنيادي ماخذ جي حيثيت رکي ٿو. اها تحقيق يا تجزيو شڪارپور جي بنياد جي ٻن صدين کان پوءِ جو آهي.
    ڪئپٽن ايف ـ جي گولڊ سمڊ ۽ ٽي پوسٽن جي تحريرن کي ڏسندي کين انهيءَ خيال کان جس ڏيڻو پوي ٿو ته هو پنهنجي لکتن ۾ ڪي روايتون يا حقيقتون قلمبند ڪري اسان کي تحقيق جي عملي کيتر ۾ وک وجھڻ لاءِ آمادگي ۽ اتساهه ڏين ٿيون.
    منهنجي آڏو سنڌ جي ٻين شهرن جي معلومات کان علاوه شڪارپور جي ڄاڻ لاءِ جيڪا اهميت ايف ـ جي گولڊ سمڊ جي “شڪارپور بابت تاريخي ياداشت” يا “تزڪ شڪارپور” An Historical memories on Shikarpur – 1855 جي آهي، سا ٻين کان وڌيڪ آهي. مون کان علاوه جن به تحقيق جي حوالي سان شڪارپور تي قدم جي سام ۾ ساهه کنيو آهي، تن پڻ اهو مواد بنيادي ماخذ طور ڪتب آندو آهي. مٿيون مواد بمبئي گورنمينٽ جي دفتري دستاويز مان چونڊيل رپورٽ نمبر سترهين جي عنوان هيٺ آهي. مان ڪيتري عرصي کان ان جي اهميت کي مدنظر رکي اهو ارادو ڪيو هو ته ان جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري عموماً سنڌ واسين ۽ خصوصاً شڪارپور واسين جي خدمت ۾ پيش ڪريان. هينئر جيئن ئي فرصت ملي، تيئن ئي انهيءَ جو ترجمو ڪري پيش ڪري رهيو آهيان. ان کان اڳ مون پنهنجي مقالي “شڪارپور جي صوبائي ۽ ضلعي حيثيت” “شڪارپور صدين کان” (شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي ـ 1988ع) ۾ ان رپورٽ مان گورنرن وارو مواد پيش ڪيو آهي.
    نقش ناياب منگي
    جاگرافيائي لحاظ کان شڪارپور کي اوڀر جي ڏيهي شهرن ۾ منفرد، ممتاز ۽ نمايان حيثيت حاصل آهي. شڪارپور کي جيڪڏهن اها انفرادي حيثيت حاصل نه هجي ها ته هوند واپاري ۽ سياسي ساک ۾ ان کي اهو اُوچو مقام حاصل ٿي نه سگھي ها، ۽ نه وري ٻاهريان واپاري، سياستدان ۽ سفارتڪار ئي هن خطي ڏانهن متوجه ٿي سگھن ها. اها ڳالهـ به ڪنهن خاص اهميت کان عاري نه آهي ته افغانستان ۽ قلات اُهي ٻه ملڪ آهن، جن جي وچـ۾ حد بندي ظاهر ڪرڻ لاءِ نه ڪو جھنگلو ڏنل آهي ۽ نه ڪو لوڙهو. مگر انهن ٻنهي ملڪن کي رڳو هڪ ليڪ ئي هڪ ٻئي کان الڳ ڪري ٿي، حالانڪ ٻنهي ملڪن ۾ هڪ ئي قوم جا ماڻهو رهن ٿا. انهن ٻنهي ملڪن جو مکيه دروازو ئي شڪارپور آهي. افغانن ۾ ڪيتريون ئي خوبيون ۽ خاصيتون يورپين واريون موجود آهن، جيڪي هڪ ڊيڪن جي رهواسي انگريز کي پهرين نظر ۾ ئي متاثر ڪنديون آهن. اُتي رهندڙ بروهي ۽ ٽاڪرو بلوچ به پنهنجي پاڙيسرين کان ڪنهن پر به مختلف ۽ منفرد ڪين آهن. شڪارپور جي حيثيت اُنهيءَ عاليشان، اولين ۽ وڏي دروازي واري آهي، جيڪو سنڌ يا هند جي ٻن ڀاڱن ڏانهن کلي ٿو. بنيادي هندن ۽ مسلمانن جي رهڻي ـ ڪهڻي، لٽي ـ ڪپڙي ۽ لباس ۾ هڪجھڙائي نرتون نروار آهي. مسلمانن جي جوڌن جوانن ۽ مانجھي مٿيرن هندستان تي ڪيترا ئي ڀيرا حملا ڪيا، ۽ پنهنجي هم خيالن ۽ هم مذهبن کي اتي آباد ڪرڻ ۾ وسان ڪين گھٽايو، نه رڳو ايترو پر، اُهي اسلام جي روشني به پکيڙيندا رهيا. اڃان به باهه ۽ ترار جي وسيلي پنهنجا مقصد ماڻيندي سوڀارا ٿيندا رهيا، تنهن هوندي به رنگ به رنگي ٽڪاڻا جن ۾ هندو پوڄا پاٺ ڪندا آهن، سي اڄ به ماڳين موجود آهن، جتي گرنٿ ۽ ويدن جا پرستار ۽ ڀڳت هزارن جي تعداد ۾ خشڪ وارياسن ميدانن ۾ آباد آهن ۽ ڪئين انهن مندرن ۾ مستقل طور تي رهن ٿا.ٽڪاڻن ۽ مندرن ۾ رکيل بت رڳو گمراهن کي نه ٿا ڀانءِ پون، پر اهي پوري هندو قوم جي ڌرمي علامت ۽ سڃاڻپ آهن. سنسڪرتي ديومالا جو وڏو ڀاڱو هڪ سندر ۽ شاندار مندر آهي، جيڪو هندستان جي دل ۾ صدين کان امر ٿي رهيو آهي. ان مان اهو انومان ڪڍي سگھجي ٿو ته دندو ڌرم شڪارپور جي اولهندي ڏي پري پري تائين وڌندو رهيو آهي. اسين مٿي ڏنل دليل ۾ اهو ڄاڻائي چڪا آهيون ته هندو مسلم رهڻي ڪهڻي ۽ لباس ۾ هڪجھڙائي ڏٺي ويئي آهي. مسلمانن ۾ ايمان آڻڻ کان پوءِ به اهڙيون ڪيتريون ريتون رسمون اڃان تائين موجود آهن، جيڪي هندن ۾ ڪسابن کان هلنديون پيون اچن. ان جو ڪارڻ ائين نه آهي ته اها قدامت پرستي آهي، پر ترقي پسندي آهي.
    آنجھاني سراليگزينڊربرنس، شڪارپور جي اڏجڻ جو سال 1026 هجري لکيو آهي، جيڪو عيسوي سن مطابق 1617ع ٿئي ٿو. لکيدر جي ٻاهرين پاسي حاجي فقيرالله علوي مرحوم جي مسجد جي چوڌاري پوسل ۽ گپ ۾ ڏيڏرن جي گھڻائي کي ڏسندي، هڪ فارسي لفظ ” غوڪ “ مان ماده تاريخ ڪڍي ويئي آهي.( فارسي زبان ۾ ڏيڏر کي غوڪ چئبو آهي ) جنهن جو تعداد ابجد موجب هن ريت آهي غ -1000، و-6، ڪ-20 ڪل ٽوٽل 1026. انوقت هن علائقي جا مالڪ دائودپوٽا هئا، جنهن جي متعلق معلومات ملي ٿي ته اهي هاڻي رياست بهاولپور جا حڪمران آهن. ان دور ۾ سنڌ جو علائقو جن قومن جي اثر هيٺ هيو، تن جي جائزي وٺڻ سان گھڻو لاڀ حاصل ٿيندو.
    شهنشاهه اڪبر ان وقت پنهنجي حڪمرائيءَ جا سونهري ايڪونجھاهه سال پورا ڪيا هئا ته سندس جانشين جهانگير ٿيو، جيڪو اڪبر جي ڀيٽ ۾ ايتري مقبوليت رکندڙ ڪين هو. جڏهن ته هو نفس پرست ۽ عياش ليکبو هو. ان دؤر ۾مغل سلطنت ڪاميابي ۽ ڪامرانيءَ جي چوٽ تي پهتل هئي. مرحوم شهنشاهه اڪبر جون فتحون ۽ انتظامي ڪارڪردگيون سنڌ تي پوريءَ طرح اثرانداز ٿيل هيون. هن ٻارهن پنڌرهن صوبن جي وسيع سلطنت قائم ڪئي هئي، جنهن مان ٺٽو ۽ ملتان درياهه جي ٻنهي ڪپن تي پنجاب کان وٺي سمنڊ تائين ويڪرا رستا هيا. هن صوبن کي سرڪارن ۾، ۽ سرڪارن کي محالن ۾ ورهايو. ننڍن علائقن جي ڍل وصول ڪرڻ لاءِ نه رڳو ڌيان ڌريو ويندو هيو، پر خاص احتياط ڪيو ويندو هو. آئين اڪبري جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي مٿين ڀاڱي يا اترئين حصي جي صوبن يا پرڳڻن ۾ دفاع جي خيال سان وڏا وڏا لشڪر مقرر ٿيل هئا، ۽ زمين جي ورهاست ايڪڙن ۽ جريبن جي حساب سان ڪئي ويندي هئي. حقيقت اها آهي ته اڪبر واقعي هڪ عظيم حڪمران هو. سندس حڪومت شان شوڪت سان گڏ رعيت لاءِ فائديمند پڻ هئي. ڇا اها ڳالهه عجيب ۽ اچرج ۾ وجھندڙ ناهي ته رعايا حڪومت مان ايتري ته خوش هئي جو پنهنجي شهنشاهه جي شان ۾ ساراهه ۽ تعريف جا ڍڪ ڀريندي ان تان سر صدقو ڪرڻ لاءِ به تيار هئي.
    انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته اڪبر بادشاهه جي دؤر ۾بهاولپور علائقو ملتان پرڳڻي ۾ شامل هو ۽ بهاولپور کي به اهائي حيثيت حاصل هئي جيڪا شڪارپور کي حاصل هئي. هيملٽن چواڻي ته اها بلڪل صحيح حقيقت آهي ته دائودپوٽا پنهنجي اباڻي ملڪ ۾ ئي هڪ پاسي کان لڏي ٻئي پاسي وڃي ويٺا. اُهي پنهنجي علائقي يا پرڳڻي کان ٻاهر نه نڪتا، رڳو شڪارپور کان لڏي بهاولپور وڃي ويٺا.
    ايران ۾ شهنشاهه شاه عباس به پنهنجي نالي چڙهيو هو، جيڪو جهانگير کان به ٻه هٿ مٿي هو، جيترو ڏاهو ۽ مهم جوهو اوترو ئي ظالم جابر هو. سدائين پنهنجي سلطنت ۾ واڌاري جون رٿائون ڪندو هو. پاڻ لشڪر ڪشيءَ جو به نهايت ڪوڏيو هو. شڪارپور جي قائم ٿيڻ سان ئي هو پنهنجي سرحد کان سنڌ ڏانهن گھڻو وڌي آيو هو، ڇاڪاڻ ته کيس قنڌار جي قلعي تي قبضي ڪرڻ جو وڏو جنون هو.ڪجھه سالن کانپوءِ هڪ افغاني شهنشاهه انتقامي طور تي ايراني مسند تي ڪاروائي ڪئي. انهن ڏينهن ۾ انگريز اوڀر وارن ملڪن ڏانهن هيڏانهن هوڏانهن ڦرندا رهيا، ۽ سرڪشيءَ جو ڪو به موقعو هٿئون نه وڃائيندا هئا. اهڙن سرڪشن ۾ هاڪن، رو ۽ شرلي برطانوي راڄ جا پهريان مکيه نمائندا هئا.، جن جا نالا وساري نه ٿا سگھجن.
    برطانيه ان اوقت پنهنجا احڪام جاري ڪيا جنهن وقت هندستان ۾ ان جو جھنڊو پوري طرح کوڙجي ويو هو اهڙيءَ طرح ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ پنهنجي ڏاهپ ۽ محنت سان مضبوط ۽ مستحڪم حڪومت جو بنياد وڌو. ڪمپنيءَ جي واپارين جو مقصد۽ منشور هي هيو ته انگريز بادشاهه جي مفاد ۾ بااختيار حيثيت سان ڪم ڪري رهيا آهن. اها ڪمپني دراصل انگريز بادشاهه جي محالات جي ماتحت هڪ هيٺيائين خدمتگار جماعت هئي، جنهن هڪ اهم ۽ اعلى رٿا تي اهم ڪم شروع ڪيو هو،جنهن جي نتيجي ۾ اڍائي سوَ سالن جو طويل عرصي وارو شان شوڪت ۽ مضبوط اقتدار ماڻيو هو. ان ڏس ۾ ته ڪو بهادر ۽ دلير پيغمبر ئي هن تيز رفتار ترقيءَ جي ڪا حد مقرر ڪري ٿي سگھيو! سن 1600ع ۾ لنڊن جا واپاري مهاراڻي ايلزبيٿ جي حڪمرانيءَ هيٺ شاهي فرمان وسيلي منڊليCorporation جي درجي تي رسيا. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو هندستان توڙي ان جي آسپاس وارن ملڪن ۾ جديد دؤر جي شروعات ٿي. اها ڳالهه پڻ قابل ذڪر آهي ته سترهين صديءَ جا شروعاتي چند سال اوڀر ۽ اولهه وارن ملڪن جي وڏن ۽ شريف ماڻهن ۽ حڪمرانن لاءِ نهايت ئي ڪٺن، خطرناڪ ۽ مهلڪ هئا. برطانيه جي مهاراڻي 1603ع ۾ فوت ٿي. اڪبر اعظم سن 1605ع فرانس جو مرد مجاهد هينري چوٿون سن 1610ع ۽ ايران جو فرمانروا عباس اعظم 1629ع ڌاري وفات ڪري ويا.
    اڪبراعظم جي وفات کان نادر شاهه جي اچڻ تائين، هڪ صديءَ کان به وڌيڪ عرصو اهڙو گذريو جو سنڌ کي مورڳو نظرانداز ڪري تاريخ شاهي ۾ وساريو ويو ۽ مخصوص ڏيهي مؤرخن کان تاريخ طاهري، بيگلورنامه ۽ تاريخ معصومي جھڙيون تاريخون تحرير ڪرائي انهيءَ خاص مدي جو نالي ماتر پورائو ڪيو ويو. تحفة الڪرام ناقص ته ڪين آهي، پر مفصل به نه آهي ان مان ڪوبه اهڙو تفصيل نٿو ملي جو انهيءَ تاريخي خال کي خاطرخواه حد تائين تاريخ جي تسلسل سان ملائي، تنهن هوندي به هن صديءَ تي وڏي تحقيق ۽ قابلِ ذڪر تصنيف آهي،توڙي جو مشرقي ادب ۾ هن کي اهم نه ٿو سمجھيو وڃي. اسان صحيح مواد جي اڻاٺ کي آڏو رکندي ۽ وسائل نه هوندي ان مان استفادو حاصل ڪريون ٿا.
    مٿي ذڪر ڪيل عرصي دوران دائودپوٽن شڪارپور جو بنياد وڌو. ٺٽو انهيءَ دور ۾ ارغونن ۽ ترخانن جي وارثن جي تسلط هيٺ ئي رهيو هوندو. ترخانن مان مرزا غازي بيگ سن 1612ع ڌاري قنڌار ۾ فوت ٿيو ۽ مرڻ پڄاڻا هڪ وسيع ۽ اهم سلطنت ڇڏي ويو، جيڪا هڪ نه، پر ڪيترن ئي ناڪارا شهزادن لاءِ ڪافي ٿئي ها. مغل سلطنت جي ماتحت جيڪي علائقا سنڌ ۾ هيا، ان تي اثرانداز ٿيندا هئا، سي رڳو بکر ۽ سيوي (سبي) هئا، جن ۾ گورنر راڄ ڪندا هيا، جيڪي شهزور ۽ دهليءَ جي پياري ۽ محبوب نامور مرزا جي ڀيٽ ۾ ڪا خاص اهميت رکندڙ ڪين هئا.
    ٺٽي ۾خسرو ۽ هندو خان جي وچـ۾ سخت مقابلو رهندو هو، خسرو، چنگيز جي اولاد مان هو ۽ هندو خان هڪ بت پرست قوم جي سردار جو نياڻو هو. اهي ٻئي غازي خان جي غيرحاضريءَ ۾ وقتاً فوقتاً قنڌار حڪمراني ڪندا هئا. هندوخان (شايد عبدالعلي ترخان) ٿورڙي عرصي لاءِ قنڌار تي راڄ ڪري فوت ٿي ويو، جڏهن شهنشاهه جهانگير پنهنجي مصلحت انديشي تي عمل ڪندي گاديءَ جي هنڌ کان ڏورانهن علائقن ۾ نائب مقرر ڪيا ته سندس موروثي وائسراءِ جي عمل دخل ڪري سنڌ ۽ ان جي ڀر وارن ٻين علائقن جي ترقي رڪجي وئي. اهوئي عرصو اسان کي پنهنجي مقصد ۽ موضوع لاءِ گھربل آهي، جيڪو جوڙ جڪ ۽ طريقه ڪار جو نقطه آغاز آهي. نون شاهي ڪامورن مان ڪنهن به بهادرخان جي رٿائن ۾ڪابه دخل اندازي يا هٿ چراند نه ڪئي. شهامت علي چواڻي ته جنهن بهادرخان کي پنهنجو مٽ پاڻ ۽ بي بدل حڪمران قرار ڏنو ويو، تنهن اتر سنڌ اندرهڪ نئين گاديءَ جو بنياد رکيو. اها ڳالهه سمجھه ۾ اچي ٿي ته شڪارپور جي سرزمين يا ماڳ ان وقت رياستن ۽ بادشاهن لاءِ ناقابلِ توجهه هيو.
    تاريخ ۾ بهادرخان جي ساڳي نالي وارا ٻه فرمانروا ٿي گذريا آهن، اسان جيڪڏهن ٻي يا آخري بهادرخان جو ذڪر ڪريون ته تاريخن ۽ د‍ؤر ۾ مطابقت پيدا نه ٿي ٿئي ۽ جيڪڏهن پهرين کي اها اهميت ڏيون ٿا ته يقين سان چئي سگھون ٿا ته سن 1617ع ۾ پهريون ئي بهادرخان پنهنجي ڪٽنب يا قبيلي جو چڱو مڙس يا سردار هو.
    اهو بکر پٽ هيبت هو جنهن دائودپوترا ذات کي پنهنجي ڏاڏي دائودخان جي نالي سان منسوب ڪري عام ڪيو نه ته انهن شخصيتن کي شاهي خطابن سان نوازڻ جي ڪا ضرورت آهي ۽ نه وري ان جي نسل کي حضور صلي الله عليہ وآلہِ وسلم جن جي چاچي سان ملائڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي، جيئن انهن جي خاندان جي شجرن ۾ ڏيکاريل آهي. اسان انهن جي حسب نسب جي سلسلي ۾ عوام پاران مقرر ۽ مڃيل مـؤقف کي اختيار ڪندي انهن کي بهادر ۽ شجاع کان علاوه ڪوريءَ جي حيثيت ۾ پيش ڪنداسون، جيڪي اصل کان جفا ڪشيءَ ۽ خانه بدوشيءَ واري زندگي گذاريندا رهيا.اهي هڪ وڏي علائقي ۾ جدا جدا ماڳن تي رهندا هيا. انهن مان ڪي خانپور، ڪي ترائي ۽ ڪي سنڌونديءَ جي اولهندي واري علائقي ۾ آباد هئا، جيڪي اڄڪلهه شڪارپور ۽ سکر جي نالن سان مشهور آهن، ۽ تعلقي جي حيثيت رکن ٿا.
    علم تواريخ جي اصولن پٽاندر ۽ ڪن سببن ڪري اسان جي ڪتاب ۾ اها ڳالهه نه رڳو دلچسپي جي حامل آهي، پر اهم ۽ گمان غالب به آهي ته محمد جيڪو بکر جو پٽ هو ۽ فيروز جو پيءُ هيو، تنهن کي شايد ڪڏهن ڪڏهن فاضل به سڏيو ويندو هو، اهو هن خاندان جو باني هو. انکانسواءِ بلڪل اصولي طريقي سان ڏسجي ته بهادر جنهن شخص جو ذڪر ملي ٿو، تنهن جو ٻيو نالو محمد هجي. جيئن مسلمانن ۾ اڄ به اهو طريقو عام آهي ته ڏاڏي جون عمده خوبيون ڏسي پوٽي تي اهو نالو ڌريو ويندو آهي. قصو کُٽائيندي اسان کي پنهنجي مقصد ۽ موضوع لاءِ هن کي چونڊڻو پوندو.
    محمد جو پٽ فيروز، شايد سندس پوٽو بهادر ۽ ڪڙم قبيلي جا ٻيا ماڻهو گھٽ وڌ ناموري ۽ نيڪ ناميءَ جا مالڪ هئا، پر بندوق استعمال ڪرڻ جو ڏانءُ، تيراندازي ۽ ترار هلائڻ جا ايڏا ته ماهر هئا جو هر اوکو ڪم سندن ڏائي هٿ جوکيڏ هو. پنهنجي ڪرت آڏاڻي ۽ هٿ جي نڙي سان سندن ڪو به لڳ لاڳاپو ڪين رهيو هو. شڪار جا ايڏا ڪوڏيا، جو جر جھنگ ۽ ڪيترا ئي شڪارگاه لتاڙي شڪار جو شوق پورو ڪندا هئا. هي علائقو جتي اڄ شڪارپور شهر اڏيل ٿو ڏسجي ، سو ڪنهن سمي گھاٽو ٻيلو ۽ تر جو مکيه جھنگ هوندو هو، انهيءَ ايراضيءَ هنن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو ۽ کين سام هيٺ آندو. تر جي ڀرپاسي اتر ـ اوڀر ۾ تقريباً ڇهن ميلن جي مفاصلي تي خانپور ۽ ڏکڻ اوڀر ڏي نون ميلن تي لکي ڳوٺ آباد ۽ وسندڙ ڳوٺ هئا، جيڪي علائقي جا خاص شهر شمار ڪيا ويندا هئا. لکي کي ان وقت گاديءَ جو هنڌ سڏي سگھجي ٿو، جنهن تي مهرن جو قبضو هو. ان ڏس ۾ مرزا عطا محمد جي حوالي سان ڄاڻايل آهي ته مهر، بولان خان جي هٿ هيٺ هيا، جيڪو تر ۾ طاقتور ۽ اثر رسوخ وارو مکيه زميندار هو، ۽ دائودپوترن کي نفرت جي نگاه سان ڏسندو هو، پر دائودپوترا به خبرداريءَ ۽ هوشياريءَ سان جھنگ جي نام نهاد مالڪن تي ڪڙي نظر رکندا پئي آيا، ۽ کين ختم ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو هئائون. آخرڪار مهرن هڪ نادري حڪم تحت انهن کي شڪار کيڏڻ کان روڪيو.
    اهو بيجا نه ٿيندو ته اسان مهرن جي پيڙيهيءَ جو پار پتو لڳائڻ جي ڪوشش ڪري کوجنا لڳايون ته انهن جو اهڙو سُکر ۽ ستابي شهر يا علائقي تي قبضو ڪيئن قائم ٿي سگھيو، ۽ لکي شهر تي انهن جي دعوى جو ڪهڙو جواز هو. اسان کي اها سڌ پوي ٿي ته اُٻاوڙو شهر، جيڪو موجوده بهاولپور جي سرحدي علائقي اڳيان قائم آهي، تنهن ۾ هن قبيلي جا ست ڀائُر رهندا هئا، انهن مان هڪڙو جيسور نالي شخص هو، جنهن پنهنجي آزاد خيالي سببان مٽن مائٽن سان گڏ رهڻ بجاءِ بکر ڏانهن هليو ويو. هڪ اندازي مطابق ان وقت سنڌ تي شاهه بيگ ارغون جي حڪومت هئي، ۽ سندس مشهور گورنر محمود بکر جي قلعي تي قابض هو ارسڪن مطابق اهو سال 1541ع هيو، چند ورهين کانپوءِ، جڏهن همايون هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، تڏهن به بکر تي محمود جي حڪمراني هئي. انهن حالتن کي مدنظر رکي يقين سان چئي سگھجي ٿو ته مهر ۽ ڏهر انهيءَ اميد تي مشڪلاتون پيدا ڪري رهيا هئي ته مستقبل جا حڪمران سندس ساڻي ٿيندا.
    بلوچستان جي بلوچ قوم جي قبيلي منجھان، جتوئين درياه جي اولهه طرف بڙديڪا ۽ لاڙڪاڻي واري علائقي تي قبضو ڪري ورتو. ان علائقي ۾ لکي جو اُسرندڙ، آباد ۽ سرسبز شهر به شامل هو. اهو لکو جي نالي پٺيان ان تي نالو لکي پيو، جيئن گوسڙ نالي پٺيان گوسڙجي ۽ آدم جتوئي پٺيان آدمجي شهر منسوب آهن. جيسور درياه ٽپي وڃي انهن سان ويٺو. مهرن ۽ سندن حوارين، جيسور جي ويهڻ تي اعتراض واريو، پر مٿي ذڪر ڪيل جيسور جو درٻار ۾ هڪ واقفڪار ۽ دوست هيو،جنهن جو نالو موسى خان مهر هو جنهن جو سللطان محمود تي وڏو اثر ۽ ڌاڪو هو. هن چئين سون ماڻهن ۽ پنهنجي حڪمت عملي سان اهو وڳوڙ ختم ڪرائي ڇڏيو، جنهن جو نتيجو علائقي جي ورهاڱي ۽ جتوئين جي محڪومي جي صورت ۾ نڪتو. جيسور کي مهلاڻي کان وٺي لاڙڪاڻي تائين سنورو علائقو سوکڙيءَ طور مليو. انهيءَ انعام سان گڏ اهو به شرط لاڳو ڪيو ويو ته جيسور جي هڪ پيڙهي گذرڻ کانپوءِ، زرعي پيدائش جو ڏهون حصو سرڪار کي ڏيڻو پوندو. جتوئين کي وري اتر وارو علائقو مهلاڻي کان بڙديڪا تائين ڏنو ويو. ان علائقي جي ڍل ۽ ٽيڪس انوقت جي رواجي اصول مطابق ادا ڪرڻو هو. جتوئين بڙدڪي واري علائقي تي به قبضو ڪري ورتو، جيڪو سورهين صديءَ کان وٺي انهن جي ملڪيت هو. جڏهن ته گھڻو پوءِ ان علائقي تي بڙدين قبضو ڪيو هو. اها مڃيل تاريخي حقيقت آهي ته بڙدين کي جڏهن بگٽين جبلن تان نيڪالي ڏيئي دربدر ڪيو هيو تڏهن اهي هيٺائين تي لهي آيا ۽ اچي جتوئين کي لڏايائون، جيڪي درياهه اُڪري سنڌو جي کاٻي ڪپ ويٺا هئا.
    جيسورخان لکيءَ ۾ ئي رهيو،جا هن جي اڳ وانگر ئي ملڪيت هيٺ هئي. هن جي مرتئي کان پوءِ سندس پٽ عاقل خان پنهنجي ڀاءُ بکر ۽ سوٽ وڏيري ساجن خان جي التجا تي پراڻي شهر جي جاءِ تي نئون شهر ٻڌائڻ جو پڪو پهه ڪيو. انهن جيڪو نئون قلعو تعمير ڪرايو اهو اڄ به موجود آهي. سندس ڪٽنب مان سڄڻ خان به هڪ ڳوٺ آباد ڪيو، جنهن جو نالو پنهنجي پٽ maro جي نالي پٺيان مارو رکيو، جنهن هاڻي وزيرآباد سڏيو وڃي ٿو. وزيرآباد تي وري احمدشاهه درانيءَ جي وزير شاهه ولي جي نسبت سان اهو نالو پيو، جيڪو سندس پيريءَ ۾ آمدنيءَ جو ذريعو بڻجي ويو.اها ڳالهه اڄ به هر هڪ جي زبان تي عام آهي ته مهرن جي زمين جيڪا وڃي خان قلات جي ملڪ جي سرحد تائين پکڙيل آهي، سا اڄ گھاٽن وڻن سان ڍڪيل ٿي ڏسجي. اهي ٻوٽن مان وڌي وڻ ٿين ٿا، ۽ گھوڙن ٻڌڻ جي ڪم اچن ٿا. اهو جھنگ اڄ به عاقل جھنگ جي نالي سان مشهور اهي. سردار عاقل ۽ سندس سوٽ لکي ۽ شڪارپور جي وچـ۾ دفنايا ويا هئا. سندن مقبرا اڄ تائين موجود آهن. عزت پور ۽ اهڙا ٻيا ماڳ ان بهادر ۽ طاقتور قبيلي جا ناماچاري ۽ صلاحيتن جا زنده مثال آهن.
    هينئر اسين موجوده وقت جي هڪ خاص واقعي ڏانهن نظر ڊورايون ٿا، جنهن جي ڄاڻ اسان لاءِ هڪ عملدار نهايت ئي سنجيدگيءَ سان قلمبند ڪئي آهي، ۽ سندس تحرير مان اسان کي وڏي معلومات ملي ٿي. هو لکي ٿو ته ”عاقل خان لکي کي ٻن ڀاڱن يا علائقن ۾ ورهايو هو. هڪڙي جو نالولکي هو ۽ ٻئي کي ڀنڀور ڪوٺيو ويو“ اهو ڀنڀور نالو پنهنجي پٽ جي نسبت سان ان تي رکيائين. پهرين ڀاڱي ۾ تماڪ، ڀنگ ۽ ٻيون نشي آور شيون، جن کي مسڪرات (مدهوش ڪندڙ شيون) سڏيو هو.ان امتياز جو سبب مخدوم عثمان هو، جيڪو بهاول الدين ملتانيءَ جي فرزند جو مريد هو. بيان ڪيو ويو آهي ته هن وستيءَ ۾ اهڙي قسم جون شيون پوکڻ جي سخت منع هئي. عاقل خان 1603ع مطابق 1012 هه ۾ انتقال ڪري ويو. سندس پٽ شيرخان، دائودپوٽن جو شڪارگاهه اچڻ تي سخت برخلاف هو. اهڙو بيان اسان کي ڪاردار عبدالاحد علوي جي مرتب ڪيل تاريخ مان ملي ٿو. اهي حقيقتون اسان کي وري پنهنجي موضوع ڏانهن موٽائين ٿيون.
    ڪورين ( دائودپوترن) پنهنجي روحاني پيشوا پير سلطان ابراهيم شاهه کي دانهن ڏني. پير سائينءَ جو مقبرو اڃان تائين سندس وجود جي ثابتي ڏئي ٿو.. پاڻ وڏو پاڪباز ۽ پرهيزگار شخصيت جو مالڪ هو. سندس مريدن ۾ مهر ۽ انهن جا مخالف به شامل هئا. پر پير سائين پاڻ به لکيءَ جو ويٺل هو. دائودپوترن ۽ مهرن جوجھيڙو وڻ ويڙهي وانگر وڌندو ڏسي، پيرسائينءَ ان اهم مسئلي تي ڌيان ڌريندي، ٻنهي ڌرين کي کيرکنڊ ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي، پر مهر پنهنجي هوڏ تي قائم رهندي، دائودپوترن شڪار ڪرڻ کان منع نامو جاري ڪيو، پر پيرسائينءَ دائودپوترن کي شڪار ڪرڻ جي اجازت ڏياري. ان جي باوجود مهرن ٻيهر منع نامو جاري ڪيو ۽ حڪم مڃڻ کان نابري واري، ۽ پير سائينءَ کي چوائي موڪليائون ته ” اسان جي حڪم جي انحرافي ڪرڻ وارن کي ختم ڪيو ويندو، يا وري گھٽ ۾ گھٽ شڪارگاهه جي علائقي مان انهن جي پاڙ پٽي ڇڏيندا اوهان انهن جو ساٿ ڏيو ته ڀلي ڏيو، بيوسيءَ ۽ پريشانيءَ جي عالم ۾ پير سائينءَ آخري طريقو اختيار ڪندي، سرڪش مهرن لاءِ بددعا ڪئي ۽ دائودپوترن جي حق ۾ دعا ڪئي.
    پيرسائي پنهنجي مريدن (دائودپوترن) کي چيو ته اُهي آهن ڏاٽي وانگر، ۽ انهن جا دشمن آهن گاهه، جيڪڏهن جنگ به ٿي ته کين سوڀ نصيب ٿيندي.
    دائودپوترن جي ڪهاڻيءَ موجب هن موقعي تي سندن وڏڙن جا ٽي چار سو پگھاردار ماڻهو ڪٺا ٿي سگھيا. هوڏانهن سندن دشمنن جو تعداد ٻارنهن هزار هيو. دشمن جي پيش قدمي جي اطلاع ملڻ سان دائودپوترا فولاد واهه نالي هڪ واهه ۾ مورچا بند ٿي ويٺا. اهو واهه هاڻي ختم ٿي چڪو آهي. دائودپوترن اها حڪمت عملي اختيار ڪئي، جيڪا ٻه صديون پوءِ بلوچن دهرائي هئي. ٻنهي ڌرين جا لشڪر دوبدو ٿيا، ۽ خونريز جنگ ڇڙي پئي جيڪا ٻنهي ڌرين وڏي جانفشانيءَ سان وڙهي. نتيجي طور جنگ، دائوپوترن جي سوڀ جي صورت ۾ ختم ٿي.عجب جھڙي ڳالهه اها آهي ته مهرن جا ٽي هزار لاش ميدان ۾ پيل هئا، ۽ فاتح ڌر جا فقط چند ماڻهو ماريا ويا. سوڀ کان پوءِ هڪدم هڪ حيرتناڪ واقعو رونما ٿيو. لکيءَ جي هڪ دولتمند ماڻهوءَ وٽ ڪيترا ئي لک رپيه هئا، جيڪي هن اتي ئي لڪائي رکيا هئا،جتي دائودپوترا پهتا هئا. اها ڳالهه ڪيڏي نه اچرج جھڙي آهي ته انهن جون مالي مشڪلاتون حل ٿي ويون ۽ لشڪر جي کاڌ خوراڪ جو سٺو بندوبست به ٿي ويو. هن کان اڳ، دائوپوترن صلح جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي هئي، ايتري تائين جو مهرن کي هٺ کان هيٺ لاهڻ لاءِ پنهنجي خاندان جون نياڻيون ميڙ ڪيون هيون، هينئر انهن کي پلئهُ وٺڻ جو پورو موقعو مليو هيو.
    پيرسائين پنهنجي فاتح مريدن جو اهڙو دنياوي انداز ۾ آڌرڀاءُ ڪيو جو هڪ ديندار ۽ نيڪ وڪار شخص کان متوقع نه ٿو ٿي سگھي. پيرسائينءَ اهڙي طريقي سان دائودپوترن کي شاباسون ۽ مبارڪون ڏنيون، جو ان جي بيان کان اسان جي تاريخ قاصر آهي، پر پوءِ به اهو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ائين ڪرڻ سان هو ڪنهن گھاٽي ۾ نه پيو( حقيقت ۾ اسان ادب ۽ احترام وچان بيان ٿا ڪريون، ٺٺولي نه ٿا ڪريون ) هو پنهنجي مريدن جو اڳواڻ بڻجي، انهن کي ان ماڳ تي وٺي ويو، جتي زنده يا مرده شڪست کاڌل دشمن هئا. هو وڃي ان ميدان تي بيٺو، جتي اڄ اتر سنڌ جو هڪ وڏو واپاري مرڪز ۽ خوبصورت شهر آباد آهي. ( هي بيان احمدخان جي قلمي نسخي تان ورتل آهي). اُتي بيهي پيرسائينءَ آهستي آهستي ڪي اکر اُچاريه، جن سان حاضرين تي هڪ ڊرامائي قسم جوخوف ڇانئجي ويو ۽ پوِ هڪ هٿ مٿي کنيو ۽ هڪ ميخ اڇلايائين جيڪاعرصي تائين اتي بيٺي رهي ۽ مٿس ڪنهنجي نظر ڪونه پئي هئي. اها ميخ اهڙي نموني اڇلائي ويئي هئي جو ان جي نوڪ نيزي وانگر زمين ۾ کُپي ويئي ۽ ڪافي دير تائين زمين ۾ کُتل رهي. پيرسائينءَ ان ڏانهن اشارو ڪري چيو ته “هتي هڪ شهر آباد ٿئي ۽ ان تي منهنجو تجويز ڪيل نالو شڪارپور رکيو وڃي” ان تي فضا ۾ نعرا گونجڻ لڳا، ۽ هن تقريب جي پڄاڻي نهايت ئي روايتي طور تي ٿي، جيئن ڪنهن خاص موقعن تي ٿيندو آهي. اها هڪ اهڙي آرزو هئي، جا شهر اڏجڻ کانسواءِ پوري ٿي نه سگھي ها.
    سوڀاري ٿيڻ کان پوءِ، ايندڙ سمي ۾ سخت جسماني طاقت، محنت ۽ مشقت جي ضرورت پيش آئي. اهو ڪٺن ڪم انهيءَ سنڌيءَ جي وس کان ٻاهر هيو جنهن ڪک کڻي ٻيڻو نه ڪيو هيو. جھنگ وڍي صاف ڪيو ويو، ان لاءِ پاڙيسرين کان ڏاڍائي، خوشامد يا دوکي سان ڪم ورتو ويو. انهيءَ ڪم ۾ ويرم نه وجھندي جذبي ۽ تيزرفتاريءَ جو مظاهرو ڪيو ويو. ڏسندي ڏسندي هڪ ننڍو ڳوٺ اڏجي ۽ آباد ٿي ويو. وقت گذرڻ سان اهو ڳوٺ، شهر ۾ تبديل ٿي ويو، جيڪو شاهوڪارن ۽ وڏن واپارين جي ڪاروبار ۽ سيڙپ لاءِ ڏيهان ڏيهه مشهور ٿيو. ان سان گڏو گڏ هن جي بازارين جي پکيڙ، لکن جو ڪاروبار، واپار، ان جا سازشي اڏا، عياشيون، بدمعاشيون، رشوت جي گرم بازاري، ظلم ۽ جبر، ڏاڍمڙسي، بدشد ڳالهه، گارگند ۽ مختلف قسم جي بدڪارين ۽ براين لاءِ مشهور ٿيو. انهن ئي حالتن ۾ ورهين جا ورهيه گذرندا رهيا. نيٺ ارڙهين صديءَ جي پهرين صبح جو سج اڀريو.
    شهر جي پيڙهه رکڻ يا بنياد پوڻ جي باري ۾ اهو بيان به آهي ته ضعيف العمر پير ابراهيم شاهه هيءُ جهان ڇڏي چڪو هو. سندس هڪڙي مريد ۽ معتقد، جيڪو جيئرو هو تنهن خواب ۾ ڏٺو ته هڪ نيڪ پاڪباز شخص ۽ هڪ اجنبي انسان، هڪڙي کوهه مان ڪنهن نوڪر يا ڏاند جي مدد کان سواءِ ئي پاڻي ڪڍي رهيا هئا. هن اها ڳالهه محسوس ڪئي ته اجنبي شخص اوچتو غائب ٿي ويو ۽ پير سائينءَ مريد کي چيو ته” مان ۽ منهنجو سنگتي خضر عليہ السلام(مسلمانن جي عقيدي موجب هڪ پيغمبر جيڪو تاحيات رهندو، پاڻيءَ تي حڪمراني ڪندو ۽ ڀليل مسافرن کي راهه ڏيکاريندو رهندو) شڪارپور جي شهر اڏجڻ جو خيال رکون ٿا ته جيئن اڳتي هلي وڏن شهرن ۾ شمار ٿئي، ان کان سواءِ خوابُ ڏسندڙَ ڪا به شيءِ نه ڏٺي ۽ نه ٻڌي. جيئن ئي خواب مان بيدار ٿي اصل دنيا کي اکين سان ڏسڻ لڳو. هتي انهيءَ ڳالهه ڪرڻ جي ضرورت ناهي، پر دائودپوترن جيئن ته هن خواب کي رازڪي ڪم سان تعبير ڪيو، ان لاءِ ذڪر ڪرڻ تمام ضروري هو. ( هي بيان عبد الاحد جي قلمي نسخي تان نقل ڪيو ويو آهي).
    اسان اعتبار ۽ اعتمادسان بهادرخان کي شڪارپور جو اڏيندڙ نه ٿا سمجھي سگھون.سندس نالو شجري جي الف ضميمي ۾ سورهين ۽ ويهين نمبر تي ڏيکاريل آهي. البته محمد جو نالو اٺارهين جي سلسلي مان اسان ڪنهن حد تائين مطمئن آهيون، جنهن جي شجري ۾18 نمبر آهي، ۽ وچين نسل مان ٿي گذريو آهي. ان اهم مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ به ڪنهن تڪليف نه ڪئي. هاڻي اسان جيڪا شهادت يا شاهدي هٿ ڪئي آهي، اها ايتري قدر نازڪ آهي جو جيڪڏهن اسان ڪا ٻي واٽ وٺون ته اهڙي نموني سان ڀٽڪي ۽ ڀلجي پونداسون جو ڪڏهن به هن شخيت کي ڳولهي نروار نه ڪري سگھنداسين، جنهن ايڏو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو. دستاويزي ثابتين ۽ شهادتن کي وقتي طور ڇڏي ، عام روايتن جي سهاري جيڪڏهن جاچي ڏسنداسين ته اسان جي بحث جا سورما دائودخان ۽ ان جا پٽ فيروز ۽ ڪيهر ٿا لڳن، پر بهاولپور جي مواد مطابق ڪهاڻي بلڪل مختلف آهي. اها هڪ اهڙي مستند شهادت آهي جنهن ۾ ڪابه جانبداري ڪانهي. ان ڏس ۾ شجري تي روشني وجھندي شهامت علي ڄاڻائي ٿو ته دائود جا پنج پٽ عارب، عباس، حسن، حسيب، ۽ قاسم هئا، ۽ ڪيهر عباس جو پٽ ۽ پيرج جي زال جو منظورِ نظر (محبوب) هو. دائودپوترن جي پنجن قبيلن جي نالي مان انهن جي ابن ڏاڏن جو پتو پوي ٿو، ۽ اها به سڌ پوي ٿي ته شهر جي بنياد رکڻ وقت اهي قبيلا موجود رهيا، جيئن عباسي يا پيرجاڻي (2)ڪيهراڻي (3)عارباڻي (4) حسناڻي (5)حيسباڻي. انهن نالن سان انهن جي ابن ڏاڏن جي، سندن ڳوٺ ۽ دور مقرر ڪري سگھون ٿا، جيئن عيسى دائودپوتري جو مقبرو پڪ سان عيساڻين جي مورث اعلى جو مقبرو آهي، پر نه.
    ته مٿي ذڪر ڪيل سردارن مان آهي، نه وري انهن جو ڀاءُ آهي، پر سندن هڏ رت يا ويجھو مٽ ضرور هوندو. ساڳيو اصول فيروزاڻين جي وڏي فيروز خان جو به آهي.
    سال 1700ع کان پوءِ اسان کي تاريخي روشني ملي ٿي ته اورنگزيب جي دٻدٻي، شان ـ شوڪت ۽ مشغول حڪومت پوين پساهن ۾ هئي ته ملتان ۽ ٺٽي جي زميندارن بغاوت جو جھنڊو هٿن ۾ کڻي ميدان عمل ۾ نڪري نروار ٿيا. ڏينهون ڏينهن حالتن بلوي جي صورت اختيار ڪئي. شهنشاهه جي پوٽي شهزادي معزالدين کي انهن جي پاڙ پٽڻ ۽ سيکت ڏيڻ لاءِ موڪليو ويو. چيو وڃي ٿو ته انهيءَ موقعي تي شهزادي معزالدين وڏي بهادريءَ ۽ مثالي ڪردار جو مظاهرو ڪيو. هڪ مختصر مقابلي کان پوءِ هن غازي خان کي شڪستِ فاش ڏني. جيتوڻيڪ هن مقابلي لاءِ ڪيئي سردار سرواڻ ۽ جوڌا جوان مقرر ڪيا ويا هئا، پر سوڀ جو سهرو شهزادي جي سر تي سونهيون. ” هيءُ سنڌونديءَ جي اولهندي ڪناري تي هڪ اهڙو واقعو پيش آيو جنهن ۾ گھڻا ڳجھا ڳجھه به ظاهر ٿي پيا “(اسڪاٽ جو ڪتاب ”اورنگزيب دکن ۾“). اسان کي اڃان به پتو پوي ٿو ته شهزادي جي حياتي وار جيتريءَ وٿيءَ تان بچي هئي ۽ کيس اها به سڌ پئي ته ان سوڀ جو سبب اهو اجنبي هو، جيڪو ان جي ڇانوڻيءَ ۾ موجود هو، جنهن پنهنجي جان تي کيڏي سندس جان بچائي هئي. اهو اجنبي مبارڪ خان دائودپوٽن جو سردار ۽ سرواڻ هو. مستند شجري مطابق اهو بهادرخان جو پٽ هو. اُهو ٻيو نالوآهي، جنهن جي باري ۾ اڳ ذڪر اچي چڪو آهي.
    توڙي شڪارپور جي پيڙهه جي پٿر رکڻ جو اعزاز کان مبارڪ خان جي پيءُ کي يڪسر رد ڪيو ويو آهي. اسان هن نظريئي کي اهميت ٿا ڏيونته بهادرخان کي هن زمين جي سند عالمگير بادشاهه طرفان مليل هئي. (شهامت علي “دائودپوترن جي تاريخ” جنهن هي شهر آباد ڪيو. زمين حاصل ڪرڻ لاءِ ضرور هن بادشاهه کي درخواست ڪئي هوندي، ڇاڪاڻ ته قانون شڪن پاڙيسري، مهر ۽ ٻيا هنن جا مخالف ۽ جاني دشمن هئا. سندس پٽ، دشمنن جي درميان ويٺل قبيلي جي مشڪلاتن جي لاڳيتي مصيبتون ڏسي،۽ انهن کي منهن ڏيئي، خاندان جو چڱو مڙس بڻجي ويو هو. اها انتهائي موزون گھڙي هئي، ۽ هو هن لائق به هو ته مغل بادشاهه کي جنگ ۾ غازي خان خلاف مدد ڏي. هن کي اها خصوصي عزت به مليل هئي ته هن شهزادي جي حرم جي عزت ۽ ناموس کي بچايو هو، جڏهن بلوچن رات جي ٻاٽ اونداهيءَ ۾ حرم تي حملو ڪيو هو. کيس انهيءَ ڪارنامي تي شڪارپور جي آسپاس واري زمين بطور انعام ڏني ويئي هئي.
    دنيا جي هن اڀرندي طرف وڏيون مراعتون به ڪافي آهن ۽ هر طاقتور اهم حيثيت حاصل ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائيندو آهي. اها ڳالهه ياد رکڻ گھرجي ته دائودپوترا سنڌ جي عوام الناس ۾ شامل هئا، ۽ سندن پاران نئون اڏيل شهر، دهليءَ پاران مقرر ڪيل گورنر جي ملڪيت واري ايراضيءَ ۾ شامل هو. وقت جو گورنر مرزا جيڪو سيوي جو حڪمران به هو (سيوي: سکر، شڪارپور تي مشتمل هئي) اهو بختاور يا بختيارخان نالي هڪ شخص هو، اهو پڪ سان غدار ٿي رهيو هوندو، يا وري کيس دٻائي ماتحت بڻائي کانئس ڪم وٺندا هوندا. ڇاڪاڻ ته دائودپوترن جي دستاويزن ۾ دشمن لکيو ويو آهي، جڏهن مبارڪ خان، شهزادي معزالدين کي مرزا جي روين جي دانهن ڏني، تڏهن شهزادي ان جي جبري معزوليءَ جا احڪامات جاري ڪري منظوري ڏئي ڇڏي. دائوپوٽن جي هڪ گروهه، مبارڪ خان، سنجرخان ۽ ٻين قبيلن جي سردارن غلط طريقن سان عزت ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ واري شخص مرزا تي اوچتو حملو ڪري ان جي سپاهين کي شڪست ڏني، ۽ هن کي ماري جسم جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري قيمون بڻائي ڇڏيائون. تنهن کان پوءِ، سوڀارا ٿي شڪارپور اندر وڏي دٻدٻي ۽ شان شوڪت سان داخل ٿيا. حڪومت جي نوجوان سربراهه مبارڪ خان هن جشن ۾ شرڪت ڪري ان جو شان وڌايو. اسان کي معلومات ملي ٿي ته شهر جي آسپاس وارا ڳوٺ، بختيارپور ۽ خانپور جي شهرن کان علاوه علائقي ۽ بکر جي قلعي جو انتظام دائوپوٽن کي انهن جي بهادريءَ، نمڪ حلاليءَ ۽ وفاداريءَ جي عيوض انعام طور عطا ڪيا ويا.
    خانپور ۾ هڪ وڏو قلعو جيڪو اڄ به نظر اچي ٿو، سو بختيار خان ٺهرائي هن علائقي کي پنهنجي نالي پٺيان مشهور ڪيو. هن جي سڃاڻپ ۽ تعارف اڳ ذڪر ڪيل سيوي ۽ شڪارپور جي گورنر کانسواءِ ٻي ناهي. ٺٽي جي مؤرخ ( تحفة الڪرام: جلد 3 ) مطابق ملڪ جي انتظام ۽ حڪومت ۾ ڪلهوڙا هڪ ٻئي جا لازمي جزا هئا. اها ڳالهه ذهن نشين ٿي وڃي ته پوءِ واقعات سمجھڻ سولو ٿي پوندو.
    جاکوڙ جي نتيجي ۾ اسان کي اها پروڙ پوي ٿي ته ڪلهوڙن ۽ دائودپوٽن کي حسب نسب جي لحاظ کان هڪ ساڳئي نسل ۽ شجري ۾ شمار ڪرڻو پوندو. (جيئن الف ضميمي ۾ ڄاڻايل آهي ) چني يا جھونيه خان، ٻه پٽ محمد ۽ دائود ڇڏي فوت ٿيو. ٻيو نمبر پٽ دائود جي باري ۾ اڳ ئي ڄاڻايو ويو آهي ته دائودپوترا قبيلي جو سردار ۽ مورث اعلى هو،جڏهن ته مربي پٽ محمد جي پٽ ڪلهوڙا خان جي نسل ڪلهوڙا مان آهن.( تحفة الڪرام ۾ ڏنل شجري مطابق دائود چيني جي نائين پيڙهيءَ ۾ هيو.) آدم شاهه، محمد جي نائين پيڙهيءَ ۾ هيو. مقامي مؤرخن جو هن سلسلي ۾ اختلاف آهي، انهن جي اها راءِ آهي ته سنڌ جي امن ۾ وڳوڙ وجھڻ وارو جنوني ڪهڙي سال ۾ اڀريو هو، ۽ نامور ٿيو هو. هڪڙي قلمي نسخي مطابق 909 هه مطابق 1504 ع جو زمانو هو، جڏهن سمن جي آخري شهزادي ‎ڄام فيروز جي حڪومت هئي. ٻئي نسخي مطابق اهو 999 هه مطابق 1591 ع سال هي. هي ٻئي سال (999 هه مطابق ان جي وفات جا سال سمجھيا ٿا وڃن، ۽ 909هه ـ 1504ع انتهائي اعتبار ۽ اعتماد جوڳو آهي. پهرين ۽ ٻئي سن جي وچـ۾ اڌ صديءَ جو فرق آهي. هونئن به ٻيو نمبر سن سنڌ جي تاريخ ۾ عام طور تي ملي ٿو. وچون سن 1558ع ڪئپٽن مڪئم مرڊو ڏنو آهي.( رايل ايشيٽڪ سوسائٽي بمبئي برانچ شمارو: مئي 1844ع) جيڪو اصل تاريخ کان گھڻو پري نه هوندي به وسهڻ جوڳو آهي. اسان ڄاڻون ٿا ته آدم شاهه کي ملتان ۾ ماريو ويو هو، ۽ ان جو لاش تدفين لاءِ سکر آندو ويو، ڇو ته هن پنهنجي حياتيءَ ۾ آغا محمد ڪوٽوال سان اها خواهش ظاهر ڪئي هئي ، جنهن جي اهميت وصيت کان گھٽ نه آهي.آدم شاهه جو عاليشان مقبرو سکر ـ شڪارپور روڊ تي واقع آهي. معلوم ٿئي ٿو ته آدم شاهه جا ٻه فرزند ابراهيم ۽ دائود نام ڪٺا ڪين ٿي سگھيا. البت ان جي پوٽي، دائود جي پٽ ميان الياس ٻوٽو ٻاريندي، سخت جاکوڙ ۽ جدوجهد سان معتقد ۽ مريدن جو تعداد وڌائي پنهنجي گھر جو مان مٿانهون ڪيو. آخري گدي نشين هن جو ڀاءُ شاهه علي يا شاهل محمد هو، جنهن جو گھڻو لاڙو کيتي ـ ٻاڙيءَ ڏي هو، جنهن ۾ هو ڪامياب ويو. پنهنجي معتقدن کي روحاني فيض رسائي کان به غافل ڪين هو. ان جي رياضت جو مرڪز لاڙڪاڻو هو، ۽ آخري ايامن ۾ هو بکر جي حڪمران هٿان عبرتناڪ طريقي سان موت سان ملاقي ٿيو، ۽ کيس ان ئي علائقي ۾ مازندان ۾ دفنايو ويو، جيڪو بعد ۾ چانڊڪا جي نالي سان مشهور ٿيو. سندس پٽ نصيرمحمد اڳواڻن جي صف ۾ ٻئي نمبر تي هو. هن شخص خاندان جو مان، مرتبو بلند ۽ بالا بنائڻ لاءِ پنجٽيهه ورهيه لڳاتار محنت ڪئي. انهيءَ عرصي دوران هو اورنگزيب جي درٻار مان پاڻ کي گرفتاري کان بچائي آيو. بکر جي سردار ۽ خداداد (شايد شهر جو نالو به آهي) جي پنهورن سان به وڙهيو، ۽ سنڌ جي زميندارن مٿان پنهنجي حاڪميت ۽ ذهنن تي برتريءَ جو اثر وڌايائين.
    دين محمد پنهنجي پيءُ نصيرمحمد جو وارث ۽ پڳدار ٿيو. ان جو دؤرِاقتدار شورشن ۽ سرڪشين سان ڀريل ۽ نسبتاً مختصر هو. جيڪي ظلم زيادتون ۽ زوراوريون هن پنهورن ۽ ٻين سنڌين سان روا رکيون، تنهن تي دهلي سرڪار ناراض ٿي عتاب نازل ڪرايا. مرزاخان پني (جيڪو الهامي اعتبار کان هڪ منحوس نالو هو ) سيويءَ جو حڪمران ۽ دهلي سلطنت جي ماتحت هو، سو صفا هيڻو، نٻل ۽ ٻيو فاتح لشڪر جو معتصبانه رويو برداشت نه ڪري سگھي ها.. هونءَ به جنهن کي ڌمڪائبو ۽ هيسائبو، سو مالڪ جي سلطنت تباهه ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪين ڇڏيندو. تاريخ شاهد آهي ته سلطان پنهنجي هڪ سپہ سالار جي شڪست جي بدلي وٺڻ لاءِ هڪ وڏو لشڪر تيار ڪري شهزادي معزالدين جي اڳواڻيءَ هيٺ موڪليو هو. بکر جي مقام تي اهو ۽ ميرمحمد جيڪو دين محمد جارح( حمله آور ) جو ڀاءُ هو، سي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيا. هو هڪ هندو سياستدان سان گڏ هن سان ملڻ لاءِ اڳتي وڌيو. انهن ٻنهي شهزادن کي گفتگو ۽ واعدن سان ٺارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ لشڪر ملتان ڏانهن واپس وريو. انهيءَ وچـ۾ هڪ ڪم ظرف، ٻٽاڪي ۽ لٻاڙي ماڻهو “مقصودو” حڪمرانن جي اسرڻ ۽ اسهڻ کي ڪمزوري سمجي ماٿيلي ۽ اُچ تي حملو ڪيو، جنهن جو مقصد اهو هو ته هن پنهنجي برادريءَ تي اهو اثر وڌو ته هو آئنده جي اڻ ڏٺل حملي جو پلهءُ وٺي رهيو هو. انتقام وٺڻ لاءِ جيڪو لشڪر ڪهي آيو هو، سو ماڳهين ئي موٽي ويو، ۽ ڪلهوڙن جن علائقن تي قبضو ڪري ورتو هو، سي خالي ڪري ويا. دين محمد خوف وچان فرار ٿي ويو. چند مهينن کان پوءِ موٽي آيو ۽ هٿيار ڦٽا ڪري پنهنجي وفاداريءَ ۽ نمڪ حلاليءَ جو انجام ڪيائين. هن جي ڀاءُ يارمحمد گھر ٻار جي حفاظت لاءِ موڪليل لشڪرجي مخالفت ڪئي. نتيجي ۾ وڏو خنام کڙو ٿي پيو، شهزادو، دين محمد کي پاڻ سان گڏ وٺي، ملتان ۾ مارائي ڇڏيو.
    يارمحمد، بادشاهه جي حامين مٿان حملو ڪري سندس ڏند کٽا ڪري تاريخ ۾ پنهنجو نالو امر ڪري ڇڏيو. ڪيتري عرصي کان خراب حالتن کي ڏسي ايتري تائين ڪڙهندو رهيوجو صبر ۽ شڪر وس ۾ نه رهيس. ان ڪري سنڌ کان ٻاهر رهڻ تي رضامندي ظاهر ڪيائين. ان جو ڪارڻ اهو به هو ته جيئن پنهنجون مسقبل جون رٿائون ڪاميابيءَ سان تڪميل تي رسائي سگھي. نيٺ قلات ڏانهن اُسهيو.ڪن معمولي جھيڙن جھڳڙن کانپوءِ محراب خان کي اُتي رهڻ جي اجازت ملي، هو قلعي ۾ ٻه سال رهيو. ان عرصي کانپوءِ وطن ڏانهن واڳون ورائي پنهنجن ڪارنامن ڏانهن متوجھه ٿيو. هو دين محمد کانپوءِ پنهنجي قبيلي جو اڳواڻ ٿيو. مرزا پني جو پٽ بختاور خان سيوي جو حاڪم هو، ۽ هو سنڌونديءَ جي اولهندي ڪناري تي شڪارپور جي ڀر پاسي وڏي رقبي جو مالڪ هو. يارمحمد راڄي ليکي سان مليو ۽ التماس خان بروهي منڇر ڍنڍ جي ڪپ تي زبردست حملي ڪرڻ جو مشورو ڏنو. پنهورن جي سردار قيصر خان کي معزول ڪري ستاڻي تي قبضو ڪيائين ۽ پنهنجي ڀاءُ ميرمحمد کي مختلف ماڳن ڏانهن اُماڻيو ته جيئن پنهنجي رياست جي پکيڙ کي وڌائي هڪ ڊويزن جيتري ڪري سگھي. ان جو مقصد اهو هو ته مهارت جي زور تي تڪڙيون مهمون ڪري لاڀ حاصل ڪجي. مسلسل فتوحات ۽ ترت ڪاميابيءَ تي التماس خان کي، يارمحمد کان ڌارئون ڌار ٿيڻو پيو. هن الهڙ اکڙ بروهيءَ کيس چيو ته “هاڻي توهان کي منهنجي ڪا به ضرورت ناهي، رب توهان ساڻ ۽ مهربان آهي، اهو ئي ڪافي آهي”. انوقت ڪنڊيارو ۽ لاڙڪاڻو گھٽ اهميت رکندڙ شهر هئا. لاڙڪاڻو، بختاور جي ڀاءُ ملڪ الله بخش جي قبضي هيٺ هيو. مرزاخان انهن زيادتن جي شهزادي کي ملتان ۾ دانهن ڏني. معزالدين اطلاع ملڻ سان ئي جاءِواردات تي پهتو. بختاور جي دل ان انومان وچان خطرو محسوس ڪيو ته متان ملڪ ڳنهن جي حوالي ٿئي، ۽ ان جي علائقي تي فوجي سرزمين کي لتاڙين. هن جي اعتراض جا ڪي ڪارڻ ٻيا به هيا، جن جي مؤرخين کي معلومات نه هئي. هن شهزادي کي عرض ڪيو ته هو پنهنجي لشڪر کي اڳتي وڌڻ نه ڏي، پر پنهنجي عرض رد ٿيڻ تي سندس حوصلو وڌيو ۽ مهمان جي مخالفت لاءِ تيار ٿي پيو ۽ نيٺ نافرمانيءَ سبب ماريو ويو، ۽ شهزادو معزالدين بکر طرف روانو ٿي ويو. ائين لڳي ٿو ته يارمحمد کي پنهنجن ڪرتوتن جي سزا ڪانه ملي، بلڪ ان جي برعڪس شهزادو آهستي ــ آهستي ان جي توسيع پسنديءَ جي خيالات جو حامي ٿي پيو. سيوي پرڳڻي ۾ نت نوان گورنر مقرر ڪرڻ هيٺ پئي آيا، نيٺ اهو صوبو انهيءَ دوران ڪلهوڙن جي وڪيلن جي حوالي ڪيو ويو ۽ يارمحمد کي “خدايار خان” جي شاهاڻي خطاب سان نوازيو ويو.
    ٻنهي تاريخن جي مفهوم، جن مان هن مضمون ۾ معزالدين جي ڪاهه بابت استفادو حاصل ڪيو ويو آهي،ڪو خاص تفاوت ۽ تضاد ناهي. رڳو ٺٽي جي تاريخ نويس کي يا ته اها ڪل ڪانه هئي ته دائودپوترا شاهي فوج جي اثر هيٺ هئا، يا وري هن اها ڳالهه لکت هيٺ َآڻڻ جوڳي نه سمجھي. ٻيو بيان هڪ دائودپوتري جو آهي جنهن کي هن پنهنجي ناماچاري ۽ نيڪناميءَ جو يادگار بنايو آهي.
    اهو قدرتي ۽ فطري عمل هو ته پنهنجو وقار ۽ وقعت وڌائڻ لاءِ دهليءَ سان ويجھڙائي وارا ۽ گھرا گھٽا لاڳاپا ضرور هئڻ گھرجن. عام تاريخ ۾ پرماڻا بهشخصي ۽ احوال۾ جبل جيان ٿا نظر اچن.
    هاڻي اسين مبارڪ خان ۽ ان جي اميرن تي بحيثيت حڪمران نه سهي، پر شهنشاهه جي پوئلڳ جاگيردارن کي نظر مان ڪڍون ٿا، انهن مان سنجرخان ۽ هوت خان گھڻا مشهور ٿيا. عوام طرفان صادق خان کي وارث قرار ڏيئي ڳالهه جي پٺڀرائي ٿا ڪريون، ۽ انهن واقعن تي روشني وجھڻ ٿا گھرون، جيڪي انوقت رونما ٿيا، ۽ تاريخ ۾ پڌري پٽ اشارا ملن ٿا. اُهي واقعات سن 1701ع کان سن 1703ع تائين نمودار ٿيا، ۽ اورنگزيب جي پوٽي انهن ۾ ايستائين ڀرپور بهرو ورتو جيستائين سندس حڪومت جو خاتمو ٿيو.
    شهزادو معزالدين پهريائين ملتان تي گورنر جي حيٿيت سان رهيو، ۽ سن 1712ع ۾ شاهه عالم جي وفات کانپوءِ، دهليءَ جي تخت تي ويٺو. ان وقت مغل حڪومت تيزيءَ سان خاتمي ڏانهن پئي وڃي. شهزادو ايترو باصلاحيت ڪونه هو جو هن زوال کي روڪي سگھي ها.ڇاڪاڻ ته جهاندارخان هڪ عياش، بيڪار قسم جو بادشاهه هيو. تاريخ ۾ ان جي حڪومت متعلق ڪجھه به ڄاڻايل نه آهي. سنڌ سرڪار سان ان جي تعلق جي تصديق ڪندڙ رڳو هڪ آواز آهي، جيڪو بکر جي ساداتن کي ڏنل ملڪيت مان ظاهر ٿئي ٿو، جيڪي روهڙيءَ جي اوڀر ڏي هڪ وڏي ايراضيءَ جا مالڪ هئا.
    ڪن عالمن ۽ محققن جي اها دعوى آهي ته يارمحمد پاڻ دهلي درٻار ۾ حاضر ٿي شهنشاهه اورنگزيب جي آڏو پنهنجو مقدمو پاڻ پيش ڪيو هو. جيڪڏهن اها روايت درست آهي ته پوءِاهو چئبو ته هو دهلي درٻار ۾ايترو ڪامياب رهيو هوندو، جيترو شهزادي جي ڇانوڻيءَ ۾ مبارڪ خان هو. ان جو مطالبو خواهشن سان ڀرپور هو ۽ ان جا نتيجا به عظيم تر هئا، جيئن اڳ ۾ ذڪر ٿيل آهي. درٻار مان تمام وڏي اعزاز ۽ خطاب سان سيوهڻ جو حڪمران مقرر ٿي موٽيو، ۽ دائودپوترن کي رڳو هڪ علائقي جي هڪ ننڍي شهر ۽ آسپاس جون هڪ ٻه جاگيرون عطا ٿيل هيون.
    خدايارخان عباسي پهريون شخص هو، جنهن قانوني طور تي خطابات سان نوازيو ويو ۽ گورنر مقرر ڪيو ويو، توڙي جو هو عملن نه به ٿي رهيو هجي. انجي ڪامياب اقتدار جو دؤر1719ع ۾ پڄاڻيءَ تي پهتو. تنهن کان پوءِ، اهو اعزاز سندس پٽ ميان نورمحمد کي ورثي ۾ مليو. محمد دائودوڏي هئڻ سبب ڪوششون ڪندو رهيو ته کيس وڏ ماڻهپ ۽ وڏائي پلئه پئي. ڇاڪاڻ ته عمر جي لحاظ کان ونئن به وڏو هو، پرترقي پذيري خاندان جي نئين اُڀرندڙ فرد، طاقت سبب ان جون سموريون ڪوششون بي اثر ڪري ڇڏيون. تدبير ۽ تقدير سبب سموري قوم طرفان سربراهه جي حيثيت سان نوازيو ويو هو. اهوئي ڪارڻ هو جو هن اهڙو مقصد نظر ۾ رکي محنت ڪئي هئي، جنهن جي ڪري ڪاميابي ان آڏو اڳيان – اڳيان هلندي رهي.
    بروهين سان ٿيل جنگين کان علاوه ٻيون لڙايون به عام تاريخ جو حصو آهن. تاريخ ۾ اهو به لکيل آهي ته نورمحمد جون حريص ۽ لالچي نگاهون شڪارپور تاڙ ۾ هيون، ۽ هن اهو شهر صادق محمد خان ۽ ان جي پيءُ مبارڪ خان کان کسڻ لاءِگھڻائي جتن ڪيا. ٺٽي جو مؤرخ، دائودپوترن جي تجزيي نگار کان بلڪل مختلف ۽ متضاد واٽ وٺي ڪلهوڙن جي روئيي جو دفاع ڪري ٿو. هو جنهن زماني ۾ تاريخ مرتب ڪري رهيو هوان وقت جيڪڏهن ميان غلام شاهه عباسي سنڌ جو فرمانروا نه هجي ها ته اسان کي ان جا بيان ۽ خيالات مڃڻ ۾ دير نه لڳي ها. ڏيهي تهذيب مطابق اها ڳالهه ڪارگر ناهي ته اهڙي عنوان هيٺ ڪتاب لکيو وڃي، جنهن ۾ حاڪم پنهنجي پيءُ جو خلاف بي سبب ظلم ۽ زيادتيءَ کي بيان ڪري. جيڪڏهن اها ڀيٽ راهه ۾ حائل نه هجي ها ته معاملو فهمي ۽ آزمودي واري واٽ وٺي سگھجي ٿي.
    آخرڪار هن دليل جي آڌار تي ته دائودپوترن شڪارپور جو گھيرو تنگ ڪري عوام جي مال ملڪيت تي قبضو ڪري ورتو، ۽ انهن کي تباهي ۽ بي سرو سامان جي حالت ۾ ڇڏيائون. ٿوري وقت جي اٿل پٿل کان پوءِ اهو فيصلوٿيو ته شهر جي ورهاست ڪئي وڃي، جنهن لاءِ سڀيئي ڌريون هڪ اهڙي جاگيردار وٽ فيصلو وارين جيڪو ايماندار ۽ سچار هجي. آخرڪار ڌريون ايماندار شخص مير عبدالواسع خان کي امين ۽ ثالث واريو(تحفة الڪرام). سن 1722ع ۾ اها ورهاست هن ريت ڪئي ويئي. اڌ ان کي مليو ۽ باقي اڌڪلهوڙي ۽ ان جي ڪمزور ڪاهيندڙ(مقابلو ڪندڙ) ۾ ورهايو ويو. تنهن هوندي به چئن ورهين تائين مختلف قبضي وارن کي ڪڍڻ جون ناڪام ڪوششون ٿينديون رهيون ۽ چئن ورهين کانپوءِ شڪارپور مٿان نئون حملو ڪيو ويو. هن نازڪ وقت تي،۽ مبارڪ خان جي وفات تي انهن جا حوصلا پست ٿيڻ لڳا، جن جي مرحيات ڪئي سال سٺي نموني اڳواڻي ڪئي هئي. سندس پٽ صادق خان ڪاهيندڙن اڳيان بيوس ۽ مجبور ٿي پيو. خدايار خان قبضو ڪري ڀرپاسي واريون ڪجھ زمينون ناهرن کي ڏنيون. اها ڳالهه پڌري ٿي ته ماضيءَ ۾ اهو قبيلو ۽ مهر پڻ بي گھر ٿي ويا هئا. دائودپوترن جي وڌندڙطاقت ۽ سندس غيرقانوني لالچ سان ڀريل خواهشن انهن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو هو.
    مستقبل جي تيرهن سالن تائين دائودپوترا رلندا ۽ ڀٽڪندا رهيا. هن دؤر ۾ شڪارپور جي تاريخ ۾ انهن جو تذڪرو ڪونه ٿو ملي. ان وقت شڪارپور نورمحمد ۽ سندس ساٿين جي هٿ هيٺ هيو.هن عرصي دوران بروهين جي مهمن کي پوري قوت ۽ طاقت سان منهن ڏنوويو. ان جي هڪڙي سرڪردي مراد گنگا پنهنجي مالڪ لاءِ نيون ڪاميابيون ۽ اعزاز ماڻيا. مير بهرام جي پٽ شهزاد خان ٽالپور بلوچ، شاهه بهارو ۽ راڄي ليکي جا نالا نه وٺڻ وڏي ناانصافي ٿيندي، ڇو ته انهن به قابل قدر خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. سن 1735ع ۾ شادين ذريعي ٻنهي ڌرين وچـ۾ مٽي مائٽيءَ جو سلسلو قائم ٿيو. عبدالله خان قلات جي پهرين سوٽ ( جيڪو بلوچن ۽ ڪلهوڙن جي جنگ ۾ مارجي ويو) تنهن پنهنجي نياڻي جو سڱ ڪلهوڙي حاڪم جي وڏي پٽ محمد مراد کي ڏنو، ۽ هڪ سال کان پوءِ ٻئي پٽ خداداد جي شادي به براهوي نسل جي هڪ اعلى خاندان جي نينگريءَ سان ٿي.
    اسان دهليءَ ڏي رخ ڪري ڏسون ٿا ته شهنشاهه جهاندار شاهه تخت نشينيءَ کانپوءِ هڪ سال ۾ ئي ارادت خان واسع جي عياريءَجو ائين شڪار ٿي بيوس ٿي پيو، جيئن ماءُ جي پيٽ ۾ ڪچو ٻار هوندو آهي. نيٺ انهيءَ کان فرخ سير جي حق ۾ تخت ڇڏائي هن کي جيل ۾ وڌو ويو جتي هو هڪ دردناڪ موت سان همڪنار ٿيو. ڇهن ورهين کانپوءِ 1719ع ۾ ان جي فتحمنديءَ جو به هن جھڙو ئي حشر ٿيو. جشن ۽ جلوس جو اهتمام ۽ انتظام ٿيو،جنهن ۾ پڻ بدنصيب ٻارن کي تاج پارائي نماءُ ڪيو ويو ته اُهي واري واري سان تخت جا وارث ٿيندا. چند مهينن اندر اُهي ٻئي هڪ ٻئي پٺيان فوت ٿي ويا،۽ شاهه عالم جي پوٽي روشن اختر(جنهن کي محمد شاهه ڪوٺيو ويندو هو) لاءِ راهه هموار ٿي ويئي. هن جي دور حڪومت جو مدو ته ڪافي هو پر لاهن چاڙهن جي ور چڙهيل ۽ تڪليفن سان ڀريل هو.
    سن 1737ع ۾ نادرشاهه پنهنجي پارسي لشڪر جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ افغانستان ۾ داخل ٿيو. قنڌار جو محاصرو ڪري هن سلطنت دهليءَ تي دٻاءُ وجھڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي، توڻي جو قنڌار، دهلي حڪومت سان ڳنڍيل ڪين هو، پوءِ به رستي روڪ ڪرايائين. ان جو سبب اهو هو ته سفر دوران قنڌار مان ڪيئن به ڪري لنگھڻو پيو پوي. سن 1620ع ڌاري اڳوڻي سرڪار کي هن شهر جي ڪري ڏاڍي بدنامي ٿي هئي. تنهن ڪري اڪبر اعظم جي سلطنت جي صوبن مان هن شهر کي عبدالعزيز ڪٽي ڇڏيو هو. شاهه عباس جي معرفت خوش بختيءَ سان شاهجهان کي هن اهم قلعي جي نڪري وڃڻ ڪري جيڪو نقصان پيو، اهو اڳوڻي شهنشاهه جي ناعاقبيت انديشيءَ جي ڪري وقتي طور تي ڀوڳڻو پيو هو،پر پنهنجي ڏينهن ۾ ئي پورو ڪري ويو هو. نوجوان عباس جي اڳواڻيءَ هيٺ ايران جي وڌندڙ قوت سبب ايراني لشڪر پنهنجي سلطان لاءِ وري کٽي ورتو هو. انهيءَ وچـ۾ سن 1709ع ڌاري ڪاري ڪوجھي مير واعظ افغان هتي هڪ آزاد حڪومت قائم ڪري ورتي. واقعات جي سلسلي محمود (جيڪو مذڪوره سردار مير واعظ افغان جو پٽ هو) جي دل ۾ خواهش پيدا ٿي ته پنهنجو تخت ۽ تاج بنا ڪنهن شراڪت جي ڇو نه حاصل ڪجي.هن پنهنجي ننڍڙي رياست قائم ڪرڻ لاءِ سهڻو ۽ سرسبز اصفهان جو علائقو چونڊيو، جنهن جي نتيجي ۾ اهو پنهنجي خواهش پوري ڪرڻ بدران قابل رحم حالت ۾ گذاري ويوان وقت قنڌار تي حسين خان جو قبضو هيو، جيڪو ساڳئي سلطان محمود جو ڀاءُ هو. وقتي طور اقتدار ۾ رهڻ واري نسل کي طهماسپ ۽ ان جي سپهه سالار ايران مان ماري ڪڍيو هو.(ميلڪام ميرائيس)
    ناڪه بندي، قلعي ۽ شهر جي گھيراءَ سبب سڄو علائقو هڪ سال کان وڌيڪ عرصو نادرشاهه جي ملڪيت ۾ رهيو.سن 1738ع ۾ اهو قنڌار کان ڪابل روانو ٿيو، اتان جلال آباد ۽ پشاور پهتو. اُتي کيس سخت رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پيو. هن ايتري قدر بهادريءَ جا جوهر ڏيکاريا جو پنهنجي مخالفن کي مات ڪيائين. شاهي لشڪر جي قابل فخر جوڌن جوانن ۽ شهنشاهه جي بي انتها قوت جي باوجود به هن علائقي تي قبضو ڪيائين. ذڪريا جيڪو لاهور جو گورنر هو، سو مقابلي لاءِ روانو ٿيو، پر سوڀاري لشڪر جي وقار ۽ مهمن جو ٻڌي پويان پير ڪري پنهنجي گاديءَ واري هنڌ ڏانهن تابعدار جي حيثيت سان واپس وريو. نائين فبروري 1739ع تي نادرشاهه دهليءَ ۾ موجود هو، جڏهن ته محمد شاهه، پارس تي حملو ڪندڙ لشڪر سان مهم ۾ مصروف هو. ڪجھه مهينن کانپوءِ، هڪ صلح نامو تيار ٿيو جنهن مطابق سنڌو نديءَ جي اولهندي ڪپ وارا صوبا، شهنشاهه پارس جي حوالي ڪيا. ڪابل ٺٽي ۽ ملتان جو ڪجھه ڀاڱو دهليءَ سان ڳنڍيا ويا. انتظامي لحاظ سان شڪارپور ۽ سيوهڻ به تبديلين ۾ شامل هئا.
    خون خرابو، رتوڇاڻ ۽ لٽ ڦرجا نظارا ڏسي نادرشاهه هارايل ۽ خوار مغلن جو شهر ڇڏي پنجاب ڏانهن روانو ٿي ويو.ليڪن انجي لشڪر کي اڃان ايترو آرام نه مليو هو،جيترو انهن لاءِ ضروري هو.خدايار خان عباسي اهنجن ۾ پيو گھاري، ڇو ته هاڻي ان جو لاڳاپو هڪڙي رُکي ۽ کُهري مالڪ سان هيو جنهن جو ظلم ۽ زيادتي اڳين کان عام هئي. هو انهن بادشاهن کان بلڪل مختلف هو جن جي ڪمزورين مان فائدو وٺي انهن جا اڳواڻ پنهنجا خراب ۽ ناپاڪ عزائم پورا ڪندا هئا.
    ڪابل اچڻ کان مهينو کن پوءِ ،نادرشاهه مسلسل بدنصيبن ۽ ناخوشگوار حالتن ۾ گذاري هڪڙي شام جو نئين مسافريءَ تي اُسهيو، سنڌو درياهه جي هيٺاهين تي ديراجات جي پاسي کان هليو ۽ ڊيراغازي کان آيل نورمحمد کي وفاداريءَ ۽ نماڻائيءَ رهڻ جو حڪم ڏنائين، جنهن جو ڪو کڙ تيل نه نڪتو. هن لالچي شخص انهن واقعن جي پيش اچڻ کان ٻه سال اڳ ۾ پارس جو لشڪر جڏهن قنڌار ۾ داخل ٿيو،تڏهن نادرشاهه کي دهليءَ جي غدارن طرفان دعوتون موصول ٿيڻ لڳيون. انهن ڳالهين مان ناجائز فائدو وٺندي ٺٽي جي ڪمزور حاڪم کي مجبوري ڪيائين ته ٽن لکن رپين جي عيوض پرڳڻي جو انتظام انجي حوالي ڪري ڇڏي.(تزڪ يا تذڪرو از: اين.ايڇ اسمٿ، سر جان ميڪم پاران حوالو ڏنو آهي.) ائين ٿو ڀانئجي ته هن ڏيتي ليتي جي معاملي ۾ محمد شاهه جي منظوري شامل هئي،جنهن جي خزاني ۾ ڪو ملڪ خريدڻ لاءِيا مختلف ماڻهن جي خيال مطابق، پٽو مقاطعي تي وٺڻ لاءِ ڪا رقم مخصوص ڪرڻ به نا ممڪن نه هئي. رقم بطور قيمت قبولي ويئي. نادرشاهه اُتي پهچڻ شرط سنڌو درياهه جي اولهندي ڪپ تي وسيل ملڪ جو حاڪم ڪلهوڙو اوڀر طرف ڀڳو ۽ عمرڪوٽ وڃي نڪتو ۽ پاڻ کي اتي واڙي آزاديءَ جو ڍونگ رچايائين. ايراني لشڪر ديري غازي خان کان لاڙڪاڻي پهتو ۽ اتان درياهه اُڪري بي اعتبار مخالف جي ڪڍ لڳو. هونئن به اها اميد هئي ته بنا ڪنهن حرفت جي هن کي هٿ ڪري ڪي شرط ــ شروط مڃرائي سرخرو ٿيندو.آخرڪار هن عمرڪوٽ ۾ هٿيار ڦٽا ڪري پارس جي بادشاهه جي وفاداريءَ ۽ نمڪ حلاليءَ جي ساک ڀرِي.
    نادرشاهه سنڌي رعيت سان فراخدليءَ بدران حڪمت عمليءَ سان پيش آيو.نورمحمد جنهن هن کي اهنج رسايا ها، تنهن کي ٺٽي جي حڪومت جون واڳون ۽ نئين خطاب ” شاهه قلي خان “ جو وڌارو ڪيو ويو.نادرشاهه ان آزادي ۽ حڪومت ڏيڻ جي عيوض هڪ لک ويهه هزار پائونڊ ساليانو خراج ۽ هڪ ڪروڙ رپيا جرمانو مقرر ڪيو. جلاوطن دائودپوٽن کي شڪارپور ۾ آباد ڪيو ۽ اولهندي پاسي جو علائقو جيڪو قلات جو سرحدي علائقو وڌائي عنايت ڪيائين، جيڪو دهلي سلطنت جي ملڪيت هو. (تاريخ نادري)
    جڏهن ديراغازي خان کان هيٺ لهي آيو يا عمرڪوٽ کان موٽڻ مهل ٻيئي ڀيرا نادر شاهه لاڙڪاڻي ۾ خيما کوڙيا. تاريخ نادريءَ جي مؤرخ ڪٿي به نه لکيو آهي ته هو ڪڏهن شڪارپور ۾ به رهيو هجي.انهيءَ مان پيو ڀائنجي ته هن هر ڀيري لاڙڪاڻي ۾ قيام ڪيو. 13محرم1153هه ــ 1740ع تي ايراني لشڪر لاڙڪاڻو ڇڏي سيوي، ڍاڍر ۽ شال (ڪوئيٽه) رستي قنڌار ۽ پوءِ هرات پهتو.(تاريخ نادريءَ تان نقل ڪيل)
    عام ماڻهن جو چوڻ آهي ته نادر شاهه پاڻ سان نورمحمد جي ٻن پٽن: محمد مراد ۽ غلام شاهه کي يرغمال بڻائي،ايران وٺي ويو ته جيئن سندن پيءُ سڌري هلي ۽ بادشاهه جو وفادار ٿي رهي. گھڻو وقت اڳ جيڪاايراضي سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ تي صادق محمد دائود پوٽي کي ملي هئي، اتي پنهنجي پٽ بهاول خان ڇڏي شاهي لشڪر جي روانگيءَ سان ئي شڪارپور وڃي پنهنجي اڳوڻي حيثيت حاصل ڪري ورتي. اهو به معلوم ٿئي ٿو ته هڪ شيخ صادق علي نالي شخص کي ان جي نظرداري ڪرڻ لاءِ هتي مقرر ڪيو هو. (حوالو شهامت علي)
    ظاهر ظهور ۽ کلم کلا، مستقل طور تي ماضي جي مشڪلاتن جي چند ورهين کانپوءِ مذڪوره شيخ مارجي ويو ۽ افراتفري ڦهلجي ويئي. جنهن جي نتيجي ۾ دائودپوٽن جي سردار بادشاهه جي آڏو مظاهرو ڪيو ۽ صادق محمد کي سزا ڏيڻ لاءِ هڪ حاڪم موڪليو ويو. سردار طهماسپ هڪ وڏي اٽالي سان شڪارپور جي شهر پناهه تي نمودار ٿيو۽ هڪ شاهي حڪم تحت شڪارپور تي قبضو ڪري ورتائون.( اهو مشهور مؤرخ شهامت عليءَ جو تاريخي بيان آهي). شاهي حڪم نامو هڪ خاص ايلچي مرزا عسڪر علي کڻي آيو هو. صادق تي نالي ماتر نوازش رکي ويئي ۽ کيس ٻئي علائقي ۾ جاگير سان نوازيو ويو. ڪجھه وقت گذرڻ کانپوءِ اهو فيصلو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ته اهو صبر جو مظاهرورڳو هن سرڪش قبيلي کان جند ڇڏائڻ لاءِ ہيو يا ٻيو ڪو خاص مقصد هيو. اسان ڪنهن حد تائين قياس ڪري سگھون ٿا ته دائودپوٽه هر ڪنهن حڪم کي پنهنجي برخلاف ڀائيندا هئا. اُهي پاڻ ۾ گڏ ٿي شهر ۾ گھڙي پيا ۽ جڏهن طهماسپ ۽ عسڪرعلي جي لشڪرن حملو ڪيو، تڏهن انهن منظم بهادريءَ سان منهن ڏنو. وڏوخونريزي مقابلو ٿيو ۽ پڄاڻي ايرانين جي حق ۾ غداريءَ جو سبب بڻي. محمدصادق دائودپوٽو مارجي ويو ۽ سندس ٻيو پٽ مبارڪ خان ڦٽجي پيو ۽ هڪ ٻئي معتبر ۽ مشهور سردار ،سنجر خان کي به لڪ ڇپ ۾ زهر ڏيئي ماريو ويو.( مرادعليءَ جو پارسيءَ ۾ لکيل اصلي قلمي نسخي مطابق، احمد خان ۽ عطا محمد جي قلمي ڪتابن مطابق، عطا محمد لکيو آهي ته سنجر خان ۽ محمدشريف ٻئي سورهيه ڄاڻن پيا ته کين ترت شهادت جو جام نوش ڪرڻو پوندو. هڪڙي سمي کين زهر جا پيالا ڏنا ويا،جيڪي ٻنهي خوشيءَ سان قبول ڪيا. اڃان به شڪارپور جي رهواسيءَ جو زباني بيان)
    دائودپوٽن عزت ، غيرت ۽ ناموس وچان پنهنجي عورتن کي پنهنجي هٿان قتل ڪري کوهه ۾ اڇلايو، ڪن کي ڳهن ڳٺن سوڌو دفنائي ڇڏيو، يا ڪن جا جواهرات ۽ زيور انهن کي دفن ڪرڻ مهل مٿانهون رکيا ويا. دائودپوٽا جيڪي قتل ٿيڻ کان بچي ويا هئا، انهن کي جيڪو رستو مليو تنهن تان ڀڄي نڪتا. انهن ايتري تائين صبر جو مظاهرو ڪيو جيستائين سندن نئون سردار صادق ثاني وڏو نه ٿيو.جوڀن جوانيءَ ۾ جيئن ئي پير پاتائين ته وري جنگ ڇڙي پيئي جنهن ۾ طهماسپ پنهنجو هڪڙو ڪن ڪپائي ويٺو. جنگ ۾ سوڀاري ٿيڻ کانپوءِ، نوجوان نئين سردار آڏو پنهنجي قبيلي پاران مطالبا رکيا. صفائي لقب وارو “هڪ ڪن وارو” هڪ وسهڻ جوڳي قلمي مسودي ۾ عسڪر عليءَ لاءِ به ڪتب آندو ويو آهي. (مرادعلي خان لکيو آهي ته عسڪر خان انهيءَ هنڌ تي جيل ٺهرايو جتي اڄڪلهه جيل آهي) اصل تاريخي مسئلو جھيڙي يا جنگ جو نتيجو آهي. اها ڳالهه ڪافي حد تائين مشهور آهي ته دائود جا پٽ درياهه جي اولهندي ڪلپر تائين لڏايا ويا، جتي اهي عارضي طور وڃي ويٺا هئا، ۽ انهن درياهه پار اڪري پناهه ورتي هئي.
    اسان مٿينَ لکڻيءَ بابت چند اکر تبصري طور لکڻ ضروري ٿا سمجھون، جنهن جي آڌار تي اسان شهامت علي محافظ خانئه دفتر تاريخي دستاويز بهاولپور جا نهايت ئي ٿورائتا آهيون، جنهن معلومات فراهم ڪئي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته بهاول خان جيڪو محمد صادق کانپوءِ سرادر ۽ پڳ ڌڻي مقرر ٿيو، سو حقيقت ۾ دائودخان آهي، جنهن کي ڪرنل ٽاڊ هن قبيلي جو سردار ڪري ڪوٺيو آهي. هن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته دائود خان اصل ۾ شڪارپور جو رهاڪو هيو، جنهن وڏي طاقت حاصل ڪري ورتي هئي ۽ نيٺ پنهنجي تاجدار سلطان قلات جي طاقت ۽ هٿيارن جو اهو ئي مالڪ ۽ وارث ٿيو.
    خاندان جي بانيءَ جو لقب ايتري قدر ته تصديق ٿيل ۽ سچو آهي ته بهاول ئي پهريون شخص هو جنهن سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ تي پير کوڙي هڪ شهر جو بنياد رکيو جنهن جو نالو بهاول پٺيان ”بهاولپور“ رکيائين. قنڌار جو ذڪر به سمجھه ۾ اچڻ جوڳو آهي. اها حقيقت به عام آهي ته شڪارپور تي آخري حملو ڪندڙ افغان هئا. اسان کي نادر جي موت ۽ احمد ابداليءَ جي ترقيءَ ۽ ڪمال بابت فرض ڪرڻو پوندو ته وچ واري عرصي ۾ طهماسپ جو اچڻ، عسڪرعلي جي سفارت آهي. ساڳي سمي ۾ اهو به مڃڻو پوندو ته عسڪر علي نئين سلطان جو هڪ حاڪم هيو. هن موضوع تي ڪتابن کانسواءِ اسان کي جيڪا شاهدي ملي ٿي، اها بلڪل اها ان جي عين مطابق آهي ته طهماسپ اهڙي طرح پردي پٺيان هليو ويو، جو پيرن جا نشان به باقي نه ڇڏيائين. هونئن به کيس ڳولهڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي ويئي. پنهنجي مالڪ جي قتل جي اطلاع کانپوءِ جيڪي واقعات پيش آيا، پر هن جي شڪارپور اندر حاضريءَ جي ڪابه اهميت نه ٿي رهي.سواءِ انهيءَ ڳالهه جي ته هن احمد جي تابعداري قبول ڪئي. تاريخ جا اوراق به هن معاملي تي خاموش آهن..
    دائودپوٽن جي دور ۾ سخت لڙائي جي باهه بڙڪندي ۽ دونهين دکندي رهي، ان جو ڪارڻ اهو ڪمرو هو جتي، جتي سندن قبيلي جي انهن اڻويهه سورمن جون قبرون بطور يادگار جي قائم آهن، جن جي بهادريءَ ۽ شجاعت جا بيمثال ڪارناما تاريخ ۾ محفوظ آهن.سندن اکين آڏو اهو کوهه به هيو جنهن ۾ عزت، غيرت ۽ ناموس وچان پنهنجن جون سسيون ڌڙن کان ڌار ڪري کين ڳهن ڳٺن سميت ان کوهه ۾ اڇلايون هئائون. هتان جي اُها گھڻ ڳالهائو ٿلهي مائي به واکاڻ جوڳي آهي، جنهن جو هر گفتوقابلِ معافي هو.ان ساڳئئي عورت جي ان کوهه تي ڊيوٽي هئي، جنهن جي ڪري به مشهور هئي. سندس هڪ انڌو ڀاءُ آکاڻين کڻڻ، جنگي واقعن کي ياد ڪري انهن کي افسانوي بهادريءَ جي ڪهاڻين کي رنگ ڏيڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. اُهي ۽ اهڙا ڪئين واقعاتي صورتون، انهن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر هئا. هتان جون آکاڻيون به انهن آکاڻين وانگر آهن، جن جي ڪري اجنبي مسافرهالي روڊ ۾ ڪم ڪار حاصل ڪرڻ کانپوءِ به اُتي وڃڻ پسند ڪن ٿا، يا اسٽريٽ فورڊ اِيوان ۾ پوميٽي جي ننڍي ڊٺل جاءِ ۾ ٽڪندا آهن.
    اهو انومان درست مڃي سگھجي ٿو ته ڪلهوڙن سان ٿيل ڪيترين جنگين ۾ رت جون ناليون وهيون هونديون، ڇو ته هنن جي ذات سان شاهه بهاري کان علاوه ٻين ڪيترن عباسي حڪمرانن جي سپه سالارن جا نالا اچن ٿا، جيڪي بهادريءَ ۾ بيمثال آهن ۽ عام سادا، اشراف، عاقل ماڻهو ۽ مصلحت پسند انهن جي بهادريءَ کي ساراهيندا رهيا آهن، جن جي مدد سان اسان پنهنجي تحقيق تي وڌيڪ روشني وجھون ٿا. انهيءَ مان اهو ثابت ڪري سگھجي ٿو ته سورهيه سنجر جنهن جو مقبرو سڀني مقبرن کان پري آهي، ۽ کيس آخري معرڪي کان ڪافي وقت اڳ ۾ زهر ڏنو ويو هيو. تاريخي لحاظ کان اسان جو ارادو آهي ته اسان افغانين جي حملي کي انتهائي خوفناڪ ۽ اهميت وارو سمجھون ڇاڪاڻ ته سندن ئي وسيلي سان سندس ئي قوم کي مضبوط سلطان جي حڪومت ملي ويئي، اها اهميت ڪنهن عام ڪلهوڙي کي نه ٿي ڏيئي سگھجي.
    احمد شاهه ابدالي پنهنجي حڪومت1747ع کان شروع ڪئي ۽ هندستان تي چڙهائي ڪرڻ سان افغاني شهرن تي به قبضو بحال ٿي ويو. ان وقت مغل لشڪر حڪومت جو وفادار هيو، ۽ اتان جي اڳواڻ حڪمت عمليءَ سان ۽ انهن تمام لياقتن ۽ صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي شرافت سان رهبري ۽ رهنمائي ڪئي ته جيئن ايندڙ خونريزيءَ کي ٻنجو ڏيئي سگھجي. انهن جي مصلحت پسندي، جوش جذبو ۽ سندن جوان مردي ئي کين ڪامياب بڻايو. احمد شاهه ابداليءَ پويان پير ڪري موٽڻ تي مجبور ٿي پيو. هن خود مختيار ۽ خود سر شهنشاه جي ڏينهن ۾ شڪارپور جو علائقو قنڌار حڪومت سان شامل ڪيو ويو ۽ ان وقت جيڪا هندستان کي ترقي ملي ان جو مثال ڏيڻ محال آهي.
    شاهي بيان لاءِ مناسب، موزون ۽ مقصد ضميمي (ب) ۾ ڏنل گورنرن جي فهرست آهي جنهن ۾ اسان ڪوشش ڪئي آهي ته سموري معلومات سمايل هجي، جيڪا شڪارپور تان قبضي ختم ٿيڻ تائين گھربل آهي. هندستانين کي اها معلومات نئين ۽ نرالي محسوس ٿيندي، جيڪا ڪنهن دلچسپيءَ کان خالي نه هوندي. اهو 78 ورهين جي لڳاتار عرصي تي ٻڌل آهي، ۽ 1825ع تائين پيش آيل واقعن کي بيان ڪري ٿو.چند ريمارڪس جيڪي هن ۾ شامل ڪرڻ ضروري سمجھيا ويا، اهي هت ڏيئي پهريون ڀاڱو پورو ڪنداسون، جيڪو ڪافي ڊگھو ۽ واضع ٿي ويو آهي.( گورنرن جي اهڙي مواد لاءِ اسان هن کان اڳ ۾ پهرين قسط جي شروعات ۾ وضاحت ڪندي ڄاڻايو آهي ته، راقم جو اهڙو مقالو شڪارپور جي صوبائي ۽ ضلعي حيثيت جي عنوان هيٺ شڪارپور صدين کان نالي ڪتاب ۾ ڇپيل آهي. جيڪو سن 1988ع ۾ محترم خليل مورياڻي شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي پاران ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. نادر شاهه سنڌ کي جيڪو خراج عقيدت پيش ڪيو آهي ان جي آڌار تي ان کانپوءِ سڀني ان جي تصديق ڪئي آهي، دراني بادشاهه ادائگيءَ جي معاملي ۾ حيلا بهانا ڪري دير لڳائڻ جا قائل نه هئا، واسطيداريون ۽ تعلقات نئين سر بحال ڪرڻ ۾ ويرم نه وجهندا هئا، جيئن شروعات ۾ ڪلهوڙن سان روا رکيون ۽ کين نون خطابن سان نوازيو. نورمحمد جنهن کي نادرشاهه، شاهه قلي جو خطاب ڏنو هو، سو هاڻي نئين خطاب عطا ٿيڻ سان احمد شاهه جو “شاهه نواز” بڻجي ويو هو. اهو هلڪيو ڦلڪيون وات خرچ واريون مهربانيون هيون، جن جي عيوض زر ۽ جواهر سان ڀريل وڏيون ـ وڏيون ۽ ڳوريو ـ ڳوريون ڳوڻيون قنڌار جي خزاني ۾ کڻي وڃي ڦٽي ڪرڻيون پونديون هيون. حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن اوڀر جي انداز بيان ۾ رتيءَ برابر سچ جو عنصر به ڪم آندو وڃي ها ته تارازيءَ جا ٻيئي پڙ هڪ ڪرا ٿي پون ها، رڳو نالي ماتر مليل خطابن کي قبول نه ڪرڻ يا انهن جي بدران شڪريئي سان خراج ادا نه ڪرڻ سان اٿندي ئي قتل و غارت ۽ برباديءَ جي بازار گرم ٿي وڃي ها. اها ڀيٽ ئي اجائي آهي ته احمد شاهه ۽ نادر شاهه ٻنهي مان ڪهڙو وڌيڪ ظالم هو، ڇو ته تلوارون ٻنهي جي هٿن ۾ هيون، اهي تلوارون هرو ڀرو ته کڻي ڪين آيا هوندا. ( حقيقت ۾ نه گھٽتائي گھوٽ ۾ هئي، نه ڪمي ڪنوار ۾ هئي. مترجم)
    نورمحمد يا شاهه قلي جي ڀيٽ ۾ شاهنواز انهن ٿورن جو بار کڻڻ جو گھٽ شوقين هو.جيڪڏهن هن کي ڪو وجھه ملي ها ته اهو ناقابل بار ڦٽو ڪري ڇوٽڪارو حاصل ڪري ها.هڪڙو حڪمران سرپرست جاسوس جيڪو دهليءَ تي ٿيڻ واري حملي ۾ بهرو وٺي پيو،هن کي هڪ سٺي پيشڪش ڪئي، جنهن جو انعام يا صلو بعد ۾ وصول ٿئي ها، جيڪڏهن بادشاهه ڪامياب ٿي وڃي ها ته ٺٽي يا سيوستان جھڙيوپن ننڍيون غير معروف سلطنتن لاءِ وقتي ٿورو، احسان يا وڏي اعزاز جي حيثيت رکن ها. رويي جي روشنيءَ ۾هڪڙي ناخوش تابعدار جاگيردار جا خيالات ٿي سگھن ٿا.. بدقسمتيءَ سان احمدشاهه جون ڪوششون ناڪام ويون ۽ نورمحمد کي بادشاهه جون عنايتن ۽ نوازشن جي بدران انهن جي برخلاف رويي جو شڪار ٿيڻو پيو. قنڌار جو سلطان نااميديءَ ۽ سچائيءَ جي حالت ۾ امداد لاءِ واجھائي پيو. ان جو ڌيان اوچتو هڪ غير ديانتدار باجگذار(ڍل ڀريندڙ يا ڏن ڏيندڙ) پاڙيسريءَ ڏانهن ويو. سنڌ کان قسطون وصول ڪونه ٿيون هيون. اهو خراج ادا نه ڪرڻ وارو غلط ماڻهو اُهو ئي هو، جنهن کي خطابن سان نوازي عزت افزائي ڪئي ويئي هئي. مايوسي ۽ نا اميديءَ سبب بادشاهه سيوهڻ ڏي روانو ٿيو. نورمحمد اها خبر ٻڌي جيسلمير ڀڄي ويو جتي غريب الوطنيءَ ۾ فوت ٿي ويو.
    ائين ٿو ڀانئجي ته سنڌ جي شان ۽ شوڪت جي ڪهاڻيءَ جو پهريون باب هتي ئي پورو ٿيو. ٻيو باب محمد مراد ڪلهوڙي يعني سربلند خان جي ڪارنامن تي مشتمل هوندو، جنهن ۾ ان جا افغانستان سان لاڳاپا اهم آهن.
    هن موضوع تي بحث ڪندي هڪڙي اهم ڳالهه تي نظر نه پئجي سگھي آهي، اهو ٽيڪس يا خراج سنڌ جي هڪڙي ڀاڱي تي وڌو ويو هيو، نه سموري سنڌ مٿان جيئن هاڻي معلوم ٿيو آهي. ٺٽي ۽ سيوستان جون حدون ۽ علائقا جيئن سن 1840ع تائين قائم آهن، انهن جي ڍل جي ادائيگي ٿي هئي،۽ محمد شاهه سان جيڪو صلح نامو طئي ٿيو هيو،اهو رڳو سنڌونديءَ جي اولهندي ڪپ تي آباد علائقي بابت ئي ٿيو هو. انکانسواءِ اولهندي ڪپ تي جيڪا ايراضي وڪامي ويئي هئي يا ٻين جي قبضي هيٺ اچي ويئي هئي، ان تي ڪنهن ٽيڪس سان ڪوبه واسطو ئي نه هو، ۽ ان جي حساب ـ ڪتاب مان ڪٽي ڇڏجي ها.انهن مان شڪارپور جو شهرجنهن جي بدلي ۽ تبادلي جي باري ۾ ٻئي ڀاڱي ۾ ذڪر ڪبو.
    ڪلهوڙن جي تيزرفتارعروج ۽ ٻين قبيلن يا ڪنهن به هڪڙي ماڻهو وانگي، جن جا ايشيائي تاريخ ۾ ڪيترائي مثال موجود آهن ۽ مسلمانن جي تاريخ ۾ ڪيترا ئي مثال موجود آهن ۽ مسلمانن جي تاريخ ۾ خاص طورتي هڪڙو نتيجو نڪرندو آهي ته ماڻهو مارجن ٿا، ليڪن هي معاملو اچرج جهڙو نرالو آهي ۽ ان مان گھڻائي ماڻهو متاثر ٿيا. انهيءَ دوران عوام۾ هڪ انڌي عقيدي جي سوچ جنم ورتو، جنهن تحت انهن ڄامپور جي هڪ شيعه سيد جي مريد سان انيڪ ۽ حد کان وڌيڪ ڪرامتون ۽ پاڪائيون گڏي ڇڏيون. هن مريد پنهنجي طاقت جي ٻل تي ۽ ذهانت جي زور تي اهي عظمتون جيڪي ان سان عوام منسوب ڪيون هيون.اُهي عقيدي جي انڌ ۾ ايتري حد تائين رسايون جو آسمان سان پيون ڳالهيون ڪن. انهن جي اولاد مان ٻن ٽن چالاڪيءَ ۽ هوشياريءَ سان اُنهيءَ شخص تي وقتائتي بي بنياد ۽ انسان جي وس کان ٻاهر ڳالهين کي تهمتن جو رنگ ڏيئي ڇڏيو، پر انهن جو زوال، عروج کان وڌيڪ تيز رفتار هيو. ڪڏهن به ختم نه ٿيڻ وارين لوڀن ۽ لالچن سان ڀريل خواهشن به نيٺ پنهنجو اصل رنگ ۽ روپ ڏيکاريو.
    ڪلهوڙن جو تيز رفتار عروج به ٻين قبيلن يا ڪنهن به هڪڙي ماڻهو وانگي، جن جا ايشيائي تاريخ ۾ ڪيترائي مثال موجود آهن ۽ مسلمانن جي تاريخ ۾ خاص طور تي هڪڙو نتيجو نڪرندو آهي ته ماڻهو مارجن ٿا، ليڪن هي معاملو اچرج جهڙو نرالو آهي ۽ ان مان گهڻائي ماڻهو متاثر ٿيا. انهيءَ دوران عوام ۾ هڪ انڌي عقيدي جي سوچ جنم ورتو، جنهن تحت انهن ڄامپور جي هڪ شيعه سيد جي مريد سان انيڪ ۽ حد کان وڌيڪ ڪرامتون ۽ پاڪائيون گڏي ڇڏيون، هن مريد پنهنجي طاقت جي ٻل تي ۽ ذهانت جي زور تي اهي عظمتون جيڪي ان سان عوام منسوب ڪيون هيون، اهي عقيدي جي انڌ ۾ ايتري حد تائين رسايون ويون جو آسمان سان پيون ڳالهيون ڪن. انهن جي اولاد مان ٻن ٽن چالاڪي ۽ هوشياري سان اُنهيءَ شخص تي وقتائتي بي بنياد ۽ انسان جي وس کان ٻاهر ڳالهين کي تهمتن جو رنگ ڏيئي ڇڏيو، پر انهن جو زوال عروج کان وڌيڪ تيز رفتار هيو. ڪڏهن به ختم نه ٿيڻ وارين لوڀن ۽ لالچن سان ڀريل خواهشون به نيٺ پنهنجو اصل رنگ ۽ روپ ڏيکاريو. اهڙو به وقت آيو جو هر شيءَ ڏڪار ۽ رد ڪرڻ جهڙي ٿي پيئي، ۽ بظاهر نظر اچڻ واري ڪابه اهڙي نه هئي، جيڪا عوام کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جهڙي سگهه رکي ڪنهن خوبي جي حامل هجي ها. ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ وارن ڦٽڻ وارين مکڙين جي سونهن کي اڃان سارهايو ئي مس ويو هو ته دوکي ۽ ڍونگ جي ول ڪومائجي هيٺ ڪري پئي.
    ڪامياب ۽ خود غرض عوام ٿڏي تي ئي يقين سان محسوس ڪيو هو ته دائودپوترن کي ايذاءُ ۽ اذيتون ڏنيون ويون هيون. دائودپوترن خامين ۽ مداين جي باوجود به هڪ مضبوط ۽ بهادر ماڻهن جو گروهه تيار ڪيو هو. هن قبيلي جي شروعاتي دور جو ڀرپور نموني سان اڀياس ڪجي ته اها ڳالهه دلچسپي کان خالي نه هوندي ته سندن پنهورن ۽ مهرن سان پيڙهي به پيڙهي هلندڙ پراڻي دشمني جو وچور تاريخ سان اورجن. اهي قومون يا ته هتان جي اصل رهواسين تي مشتمل هيون، يا وري گهڻي طاقت جي ٻل تي هتي آباد ٿيون هيون. تسلي بخش نتيجي تائين اسان کي تحقيق ڪرڻي پوندي، ڇو ته جتان به ڪا اهڙي معلومات ملي ته ان جي آڌار تي کوجنا ڪرڻي پوندي، ۽ وري انهن مان ڪهڙي قابل قبول ڪرڻي پوندي، ۽ ڪهڙي رد ڪرڻي پوندي؟ اسان کي اهو به طئه ڪرڻو پوندو ته گهڻي جاچ پڙتال ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ڪٺن ڪم آهي. اهو آهي ته ڪلهوڙن پنهنجي نسل ۽ اصليت کي حقيقي ۽ صحيح بيان ڪيو آهي. ۽ دائودپوترن پنهنجي ابن ڏاڏن جي سلسلي ۾ پنهنجي شجري ۾ خود کي سرخرو ڪري پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ناڪام ۽ اجائي ڪوشش ڪئي آهي. ٻنهي مان هڪڙو شجرو غلط ۽ هڪڙو درست مڃڻو پوندو، يا ٻئي غلط آهن. منطقي اعتبار سان ٻئي صحيح ۽ درست نه ٿا ٿي سگهن، اسان هن جو فيصلو انهن قومن تي ڇڏي ٿا ڏيون، هن مضمون جي تذڪري جي آخر ۾ دائودپوترن جي شجري ۾ خانداني جهيڙن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو اوڀر واري دنيا ۾ حسد جي نتيجي ۾ خاندانن ۾ هلندا رهندا آهن. اوڀر جي علائقي ۾ حڪومتون قائم ٿيڻ کان اڄ 1854ع تائين جڏهن اسان گولڪنڊا ۾ هڪ قيدي بادشاهه پنهنجي علائقي ۾ قيد ٿيڻ کان پوءِ موت بابت پڙهون ٿا، جنهن کي چند سال اڳ نظام دکن کي سندس ئي ڀاءُ قيد ۾ وڌو هو. مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته اهڙا ڪيترائي مثال اوڀر جي تاريخ ۾ ظالمانه قتل ۽ خبيث فطرت جا ملن ٿا. اها خامي رڳو خصيص وڏيرن ۾ ئي نه بلڪ بادشاهن ۾ به موجود آهي. سموري تاريخ هن معاملي ۾ هڪ حقيقي دستاويز ڄاڻجي، جيستائين انهن ٻن خاندانن جو هڪ ٻئي جي دشمنن جي حيثيت سان پاڻ ۾ ڇڪتاڻ جو سلسلو جاري آهي.
    تاريخن جو اختلاف ۽ تاريخي تسلسل ۾ هم آهنگي جي گهٽتائي، هزارين شڪ ۽ شبها پيدا ڪن ٿا. شجري ۾ ڏيکاريل غلط رت جي رشتن تي اسين اعتبار نه ٿا ڪري سگهون. هن شجري ۾ اهڙا رشتا به ڄاڻايل آهن، جتي ڪن نالن کي ڇڏي ڏنو ويو آهي، ۽ ڪي هٿ ٺوڪيا نالا شجري ۾ داخل ڪيا ويا آهن جن جو هن نسل سان ڪو واسطو ئي ڪونهي، اها ڳالهه خاص ڌيان جوڳي آهي ته ڪلهوڙا ۽ دائودپوترا ٻئي سنڌي نسل منجهان آهن. هونئن ٻنهي جي دعويٰ اها آهي ته هو نبي اڪرم صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جي چاچي سائين جو اولاد آهن، ۽ نتيجي طور انهن جي آل (ذات) ايئن سمجهجي ٿي ته عباسي جي نالي پٺيان مشهور آهي. اها ڳالهه به يقيني آهي ته اهي ڪهڙي به نسل مان ڇو نه هجن، توڙي عرب، هندستاني يا سندن ڪنهن ملڪ سان تعلق هجي يا نه به هجي، اهو مڃڻو پوندو ته انهن ۾ اهو شجاعت ۽ وقار جو عنصر موجود آهي، جيڪو قبيلي جي هر ڪنهن ماڻهو کي پنهنجي تخت ۽ تاج حاصل ڪرڻ جي امنگ ۽ اميد آهي. دنيا کي ترڪ ڪرڻ واري سنڌ تي حڪومت ڪئي ۽ ڪوري بهاولپور رياست جا اڏيندڙ ۽ حڪمران ٿيا.


    شڪارپور جي صوبائي ۽ ضلعي حيثيت

    سنڌ ۾ عباسي خاندان جي ٻن شاخن دائودپوٽن ۽ ڪلهوڙن جو اختلاف وڻ ويڙهيءَ وانگر وڌندي، وڌندي جهيڙي ۽ لڙائيءَ جي صورت اختيار ڪري ورتو. نتيجو اهو نڪتو جو ڪلهوڙا، پنهنجي هڏ رت، دائودپوٽن تي ايترو ته حاوي ٿي ويا، جو ميان نور محمد ڪلهوڙو، شڪارپور ۾ دائودپوٽن جي تاجدار امير صادق محمد خان اول کي سن 1140 هه / 27-1728ع شڪست ڏيئي، ڪٽنب سوڌو شڪارپور مان نيڪالي ڏيئي، ڏورانهين ڏيهه ڪڍيو. هڪ طرف “شڪارپور رياست” جي حيثيت ختم ٿي، ۽ دائودپوٽن کي پنهنجي اڏيل شهر تان هٿ ڌوئڻا پيا، ۽ ٻي طرف ميان نور محمد ڪلهوڙو، شڪارپور کي پنهنجي حڪومت سان ملائي ڇڏيو.
    غلام الرسول مهر لکيو آهي ته “ڪلهوڙا حڪومت پنهنجي پيڙهه پختي ڪرڻ جي ابتدائي ڪم پوري ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي حقيقي تعميري پروگرامن ڏانهن توجهه ڏيئي رهي هئي، ته هڪ نئين دهشتناڪ مصيبت، لاهور ۽ دهلي کي باهه ۽ خون جي وهڪري ۾ وهائيندي، برساتي بادل وانگر، يڪايڪ سنڌ جي افق تي ڇانئجي ويئي، ۽ هن ڪم نصيب پرڳڻي جي اقتصادي ۽ تنظيمي حالتن جي ٻيهر سڌرڻ جون اميدون وري به خاڪ ۾ ملي ويون، هيءُ نادر شاهه ايراني جو حملو هو. نادر جي حملي ميان صاحب جي تنظيمي ۽ تعميري ڪمن کي به برباد ڪيو، سنڌ جي ماڻهن لاءِ به اڪيچار مصيبتون پيدا ڪيون، ۽ سنڌ جي خزاني تي پڻ هڪ ڳاٽي ڀڳو ٻوجهه وڌو، جنهن کان ڪافي مدت تائين ڇوٽڪارو ملي نه سگهيو.” (1) نادر شاهه افشار، مرڻ گهڙيءَ تائين سنڌ واسين جي رڳن جو خون چوسيندو رهيو.
    ايف-جي-گولڊ سمڊ، نادر شاهه افشار جي قتل، ۽ احمد شاهه ابدالي جي مسند حڪومت جي باري ۾ لکيو آهي ته، “نادر شاهه پنهنجي قاتل صالح بيگ جي ترار جو بک ئي مس ٿيو هيو، ته سندس هڪ جنرل احمد خان ابدالي پنهنجي اڳواڻي هيٺ جنگ ۾ شريڪ سپاهين کي گڏ ڪري، پنهنجي وطن افغانستان ڏانهن موٽي ويو. هو هڪ ڪوهستاني قبيلي ابدال جي سردار جو پٽ هيو، جنهن کي نادر شاهه، ننڍي هوندي ئي قيدي بڻائي ڇڏيو هو، جتي هو هڪ معمولي ملازم يا هرڪاري کان، ترقي ڪندي خزانچي جي اعليٰ عهدي تي پهتو هيو. احمد شاهه ابدالي سن 1747ع ۾ سلطنت جي شروعات ڪئي، انهيءَ بادشاهت هيٺ شڪارپور کي قنڌار رياست ۾ شامل ڪيو ويو.” (2) احمد خان کي افغان سردارن يڪراءِ ٿي “احمد شاهه” جي لقب سان پنهنجو امير تسليم ڪيو. احمد شاهه ابدالي، قنڌار کي حڪومت جو مرڪز بڻائي، جديد افغانستان ۾ افغان حڪومت جو پايو وجهي، پنهنجي وطن کي ايراني تسلط کان آزاد ڪيو. هن ايشيا جي چوٿين فاتح، ۽ افغانستان جي پهرين حڪمران، پاڻ کي “در دوران” جي لقب سان مشهور ڪيو، ۽ “افغان قوم” کي “دراني” ذات سان دنيا ۾ عام ڪيو.
    احمد شاهه ابدالي جي تخت ڌڻي ٿيڻ وقت، هندستان تي مغل شهنشاهه محمد شاهه جو دؤر هيو، جيڪو بدحاليءَ جي آخري منزل تي پهچي چڪو هيو. ان زماني ۾ سنڌ تي ميان نور محمد ڪلهوڙو جي حڪومت جو دؤر سنڌ جي تاريخ ۾ درخشان دؤر ليکجڻ ۾ پئي آيو.
    غلام الرسول لکيو آهي ته، “احمد شاهه ابدالي تاج ۽ تخت سنڀاليندي ئي هيءُ فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته سنڌ، بلوچستان ۽ اٽڪ پار جي ٻين علائقن مان نادر کي جيڪو خراج اڳي ملندو هو، اهو هاڻ قنڌار پهچڻ گهرجي. نادر، ميان نور محمد خان جي ڳچيءَ ۾ خراج ڀرڻ جي ڳٽ وجهڻ وقت کيس “شاهه قلي خان” جو خطاب ڏنو هو، ۽ احمد شاهه کيس “شاهه قلي خان” بدران “شاهنواز” جو خطاب ڏيئي، غالباً فرمان موڪليو هو ته خراج موڪلڻ ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪئي وڃي.”(3)
    مٿين تاريخي بيان مان ظاهر ٿيو ته ميان نور محمد خان ڪلهوڙو پنهنجي حياتي تائين “دراني حڪومت” کي خراج پهچائيندو رهيو. ميان صاحب جي وفات 1167 هه – 1753ع ۾ ٿي، ۽ ساڳي سال سندس وڏي پٽ محمد مراد ياب خان کي، احمد شاهه ابدالي حڪومت جو پروانو عطا ڪندي “سربلند خان” جي خطاب سان پڻ نوازيو.
    سنڌ تي چڙهائي بابت، ايف-جي-گولڊ سمڊ ڄاڻايو آهي ته، “احمد شاهه سنڌ تي سن 1752ع ڌاري حمله آور ٿيو، جڏهن هو پنجاب مان نڪتو، ۽ سيوهڻ تائين وڃي پهتو، ته جيئن هو خراج وصول ڪري سگهي، جيڪو ڪلهوڙن تي هنيو ويو هو. ڪيپٽن ميڪ موردو مطابق اهو سال 1754ع هيو.” (4)
    مولائي شيدائي لکيو آهي ته “سن 1754ع تي احمد شاهه سنڌ تي ڪاهه ڪئي. احمد شاهه، محمد مرادياب خان کي “سربلند خان” جو لقب ڏنو. مغل پرڳڻو، جنهن جون حدون اتر ۾ روجهاڻ کان شروع ٿي ڏکڻ ۾ مديجيءَ تائين هيون، جنهن ۾ سکر، بکر ۽ شڪارپور اچي وڃن ٿا، سو احمد شاهه پنهنجي قبضي هيٺ رکيو.” (5)
    مٿين بيان جي توضيح ۾ تاريخ سنڌ (ڪلهوڙا دؤر) جي مصنف، مير غلام محمد “غبار” جي ڪتاب: “احمد شاهه بابا” جي حوالي سان لکيو آهي ته “احمد شاهه” 1166 هه – 1753ع ۾ هرات مان ٿيندو، پشاور ويو، هن سردين جو زمانو قنڌار ۾ گذاريو. سن 1167 هه – 1754ع – 1168 هه – 1755ع ۾ مشهد ۽ نيشاپور جي طرف ئي رهيو. ان کان پوءِ 1170 هه – 1756ع – 1757ع تائين قنڌار کان ٻاهر نه نڪتو. جڏهن حقيقتون ان ريت آهن، تڏهن شاهه جي سنڌ اچڻ بابت مٿي ذڪر ڪيل مؤرخن جي بيانن کي ڪهڙي بنياد تي درست مڃيو وڃي؟” (6)
    احمد شاهه ابدالي، سنڌ ۾ آيو يا نه؟ پر شڪارپور قنڌار رياست جو پرڳڻو ضرور رهي، جتي گورنر مقرر ڪرڻ هيٺ آيا. محترم بچل شاهه، “شڪارپور کي سبي پرڳڻي جو حصو ڄاڻايو آهي.” (7) جيڪو ايف-جي-گولڊ سمڊ جي مرتب ڪيل “دراني حڪومت پاران شڪارپور تي مقرر ڪيل نوابن جي فهرست” قطعي غلط آهي. (8)
    پرڏيهي ليکڪ ايف-جي-گولڊ سمڊ “شڪارپور جي تاريخي يادداشت” ص-50 کان ص-61 تائين افغان حڪومت پاران شڪارپور تي نوابن جي مقرري جو جيڪو تفصيل ڏنو اهي. (9) سو تاريخي لحاظ کان اڌورو آهي. نوابن جي مقرري، معزولي ۽ وفات جا سن درج ڪونهن، رڳو نوابن جي حڪومت جو عرصو ڄاڻايو آهي.
    بزرگوارم لطف الله بدوي صاحب جن، پنهنجي مضمون “شڪارپور درانين جي قبضي ۾” (10) نوابن جي مقرري ۽ معزولي جا اهڙا سن متعين ڪيا آهن، جن جو ڪوبه ماخذ ڪونهي. انهيءَ مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته بدوي صاحب جن قياس ۽ تخميني جي بنياد تي سن تجويز ڪيا آهن.
    احمد شاهه ابدالي جي حڪومت 1160هه – 1747ع – 1187هه، 1773ع ۾ شڪارپور تي هيٺيان گورنر مقرر ٿي آيا:
    بوغرا خان نورزئي: سندس عمر 64 ورهيه هئي، ۽ شڪارپور تي 5 سال گورنر ٿي رهيو. بهادر، ڪامياب سياستدان ۽ ماڻهن لاءِ چڱو گورنر هو. مقدمات جا فيصلا غيرجانبداريءَ سان قوانين جي مطابق ڪندو هو. هو شرپسند، غلط ذهنيت رکندڙ ۽ ناخوشگوار عناصر جي پاڙون پٽڻ ۾ ڏاڍو هوشيار ۽ ڪامياب هو.
    رحمان خان نورزئي: پنجاهه سالن جي ڄمار ۾ گورنر مقرر ٿي آيو. اهڙو شخص جيڪو غريبن کي انصاف مهيا ڪرڻ، ۽ انهن جي ضرورتن ۽ خواهشن مطابق انتظام رکڻ ۾ بيپرواهه ٿي ويو، ۽ ظالمن کي ناس ڪرڻ ۾ ناڪام ويو. شڪارپور تي 5 سال راڄ ڪيائين.
    عبدالرحيم خان بامزئي: هيءُ 64 ورهين جي وڏي ڄمار ۾ گورنر مقرر ٿي آيو، هن 7 سال شڪارپور تي راڄ ڪيو. تقريباً گذريل (مٿي ذڪر ڪيل) جهڙو هو.
    محراب خان بارڪزئي خلزئي: قريب قريب ساڳيو مٿين جهڙو هيو. سندس عمر 45 سال هئي، جڏهن هو شڪارپور تي نواب مقرر ٿي آيو هو. هن 7 سال عهدو ماڻيو.
    احمد شاهه ابدالي 26 سال حڪومت ڪئي. سندس وفات کان پوءِ، هن جو وڏو پٽ تيمور تخت ۽ تاج جو وارث ٿيو. مرحوم شاهه جي وزير شاهه ولي، شهزادي سليمان (تيمور جي وڏي ڀاءُ) جي حق ۾ ڪوشش ۽ مدد ڪئي، ڇو ته شهزادو سليمان، سندس نياڻو هو. نئين شهنشاهه سازش کان محفوظ رهڻ لاءِ پنهنجي گادي جو هنڌ قنڌار کان ڪابل منتقل ڪري ڇڏيو. تيمور شاهه سن 1187هه – 1773ع ۾ دراني حڪومت جون واڳون سنڀاليون. (سيد) حسام الدين راشدي لکي ٿو ته، “تيمور شاهه جو سنڌ سان نئون عهدنامو ٿيو، اهو عهدنامو 1207هه – 1792ع شڪارپور ۾ ٿيو، ۽ سنڌ جي حڪومت جو پروانو، هڪ جوهردار تلوار ۽ هڪ هاٿيءَ سميت، مير فتح علي خان تي عنايت ٿيو، جنهن جي قيمت 24 لک روپيه سنڌ بقايا ۾ ڏيڻ قبول ڪيا. (11)
    تيمور شاهه دراني جي حڪومت 1187هه – 1773ع – 1207 هه – 1793ع ۾ شڪارپور تي هيٺيان گورنر مقرر ٿي آيا:
    غلام صديق خان: هي 60 سالن جو پوڙهو هو، شڪارپور جو نواب ٿي آيو. هڪ داناءُ ۽ هوشيار کان سواءِ شاعر به هيو. هن خاص ڌيان ملڪي زرعي سڌارن تي ڏنو، پنهنجي دؤر ۾، ڳڙهي ياسين، محمدآباغ، محلاڻي ۽ بختيارپور ۾ واهه کوٽايائين. شڪارپور ۾ پنهنجي حڪومت کان پوءِ، هن کي بکر جو صوبيدار مقرر ڪيو ويو. هن کي هر مهيني شڪارپور جي حاڪمن کان ڪيئي هزار روپيا ملندا هئا. سندس حڪومت جو عرصو 9 سال رهيو. (12)
    صادق خان ولد مرزا خان الڪوزئي: هيءُ 45 ورهين جي ڄمار ۾ گورنر مقرر ٿي آيو. هن جي دؤر ۾ ڏڪر پيو. ان جيڪو گودامن ۾ هيو، سڪي – خشڪ ٿي ڪارو ٿي پيو. ان وقت سڄي پيداوار جو دارومدار بٽئي ٿي هيو. صادق خان جو پيءُ مرزا خان ڪشمير ۽ ديره جات جو نواب هيو. تيمور شاهه هن جا ڪن انهيءَ ڪري ٽوپرائي ڇڏيا هيا، ته جيئن هو ڪشمير جي آب و هوا (فضا) ۾ سرڪش نه ٿئي، ۽ وفادار ٿي رهي. شڪارپور تي سندس 12 سال راڄ رهيو. (13)
    تيمور شاهه سن 1207هه – 18 مئي 1793ع ۾ فالج جي حملي سبب وفات ڪئي. سندس وڏو فرزند زمان شاهه 1207هه – 1793ع ۾ تخت تي ويٺو. زمان شاهه جو ذڪر سپاهي کان وڌيڪ دانشور جي حيثيت سان ڪيو ويو آهي. فطري طور تي اشراف، سنجيدو ۽ سڀ ڪنهن تي اعتبار رکڻ وارو هيو، تنهن هوندي به حمله آوريءَ ۽ جاريحت ڏي لاڙو رکندو هيو. هو فتوحات جي چڪر ۾ مسلسل ۽ متواتر ٻاهر ئي گذاريندو هو. هن حڪومت جيڪا سازش ۽ گروهه بندي ذريعي حاصل ڪئي هئي، تنهن لاءِ تقاضا ته اها هئي ته هو ان جي حفاظت ۽ بچاءَ لاءِ پنهنجي ملڪ، بلڪ گهر ۾ حاضر رهي ها؛ پر هن ائين نه ڪيو. نتيجو اهو نڪتو جو کيس ناڪامي ۽ بيحد سخت قسم جي شڪست ۽ پسپائي نصيب ٿي. دفاعي سلسلو درهم برهم ٿي ويو. هن کي پنهنجي وزير وفادار خان جي هٿان جرم – حماقت جي سزا ڀوڳڻي پئي.
    سيد راشدي صاحب لکيو آهي ته، “زمان شاهه تخت تي ويهندي شرط ڍل جي وصوليءَ لاءِ سنڌ تي ڪاهه ڪئي، ليڪن پٺيان جي انتشار سبب کيس واٽ تان ئي موٽڻو پيو. مير “مائل” انهيءَ خوشي ۾ هڪ قطعو چيو آهي.” (14)
    بـيـن حـکم شاهنشه عالمين، که حـکـمش چـسان برسر شاهه رفت!
    بوجه طرب سال اين خوش خبر، بفرمود هاتف “شهي از ره رفت.
    1208 هه
    زمان شاهه سن 1207هه – 1793ع – 1216هه 1801ع تائين راڄ ڪيو. سندس دؤر حڪومت ۾ شڪارپور تي هيٺيان نواب مقرر ٿي آيا.
    شير محمد خان پوپلزئي: هڪ سٺو، بهادر ماڻهو، عادل ۽ مصنف مزاج هو. شڪارپور تي نواب مقرر ٿيڻ وقت سندس ڄمار 50 سال هئي، ۽ هن 2 سال راڄ ماڻيو.
    رحمت الله خان قلندرزئي: سندس عمر 50 سال هئي، ۽ 2 سال عهدو ماڻيائين. اڳين وانگر هيو.
    شربت خان پوپلزئي: سندس عمر 40 سال هئي، 3 سال شڪارپور تي گورنر رهيو، اڳين وانگر چڱو هيو.
    دوست محمد خان پوپلزئي: هن جي عمر 50 سال هئي، سندس حڪومت جو عرصو 2 سال رهيو.
    زمان شاهه پنهنجي چند ڏينهن برقرار رهڻ واري حڪومت کي، پنهنجن عزيزن لاءِ ڇڏي، ويهن ورهين جي قليل مدي اندر لڌياني ۾ ڪسمپرسي جي حالت ۾ جلاوطني جي زندگي گذاريندي سن 1216هه – 1801ع ۾ فوت ٿي ويو. هن کان پوءِ، شاهه شجاع الملڪ 1801ع ڌاري آيو، جنهن جا هتي محض فرضي خطابات – شاهي ڪامراني سان لکيا ويندا.
    محمود شاهه سن 1216هه – 1801ع – 1618هه – 1803ع
    تيمور شاهه جي وفات کانپوءِ، احمد اعظم جي مضبوط ۽ مستحڪم حڪومت ڪمزور ٿي ٽڪرا ٽڪرا ٿي وئي، ۽ ننڍيون ننڍيون رياستون وجود ۾ اچي ويون. وڏا ۽ اهميت وارا شهر ڪابل، قنڌار، هرات، غزني ۽ پشاور تي انهن سردارن، جيڪي پنهنجي حاڪميت ۽ وڏائي ٻين تي ڪوڙ جي مدد سان مڙهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، ۽ نوابيون قائم ڪري ورتيون. سڀني جي مٿان اقتدار-اعليٰ ڪابل کي حاصل ڪرڻ هو ڀوت سوار هيو. اهو (ڪابل) شهر پايئه تخت جي حيثيت رکندو هو. محمود شاهه جي ڪردار دارالخلافه ۾ سخت اٿل پٿل ۽ گڙٻڙ پيدا ڪري ڇڏي هئي. سندس وزير فتح خان پنهنجي مالڪ (شهنشاهه) جو دفاع مضبوط ڪيو، ليڪن عوامي سوچ جو طوفان ٻي طرف موڙي چڪو هو، رعايا بادشاهه کي قيد ڪري ڇڏيو، ۽ جولاءِ 1803ع ۾ شجاع الملڪ، مطلق انسان ۽ فاتح، پنهنجي ڀاءُ کي تخت لاءِ مستقبل ۾ ڪابه دعويٰ نه رکڻ جي واعدي سان فراخدلانه معافي ڏئي، معزول ڪيو.
    محمود شاهه جي دور حڪومت ۾ هيٺيان گورنر مقرر ٿي آيا:
    شاهه سرور خان بارڪزئي: ڀلو۽ بهادر انسان هيو، پر ٻوڙو هيو. سندس عمر 50 سال هئي، ۽ 6 مهينا راڄ ڪيائين.
    امام بخش خان مغل: سندس عمر 60 سال هئي، ۽ رڳو 6 مهينا شڪارپور جو گورنر ٿي رهيو. پاڻ شيعه عقيدي جو حامل هو، ۽ شڪارپور ۾ تابوتن ۽ تعزين وغيره جي سرپرستي ڪندو هو. سني علمائن ۽ قاضين ملي جلي شاهي تحصيلدارن جي مدد سان امام بخش تي حملو ڪيو. تابوت ڊاهيا ويا، ۽ تابوتن ٺاهڻ وارن کي سخت عبرتناڪ سزائون ڏنيون. علمائن شهنشاهه کي دانهن ڏني، جنهن مقدمو هلائي نواب کي هاٿي جي پيرن هيٺان اڇلائي مارائي ڇڏيو.
    سردار محمد عظيم خان بارڪزئي: هڪ سٺو، بهادر ۽ عادل شخص هو. سندس عمر 54 سال هئي، ۽ سندس عهد 1 سال هيو.
    ٻڍل خان مغل: سندس عمر 60 ورهيه هئي، شڪارپور تي گورنر جي حيثيت سان 8 مهينا راڄ ڪيائين.
    ديوان سکو سنگهه: هيءُ 50 سالن جي ڄمار ۾ شڪارپور تي گورنر مقرر ٿي آيو. هو چڱو ۽ ذهين شخص هيو. ڪل 4 مهينا راڄ ڪيائين. غريب سڀاءُ ۽ فيض وارو هو، منصفانه طور راڄ ڪيائين.
    شاهه شجاع الملڪ (ٻيو ڀيرو) 1803ع – 1810ع
    شاهه شجاع الملڪ کي ورهين تائين، پنهنجي وڏي ڀاءُ جو تخت، ۽ بادشاهه جي حيثيت ۾ آرام ۽ سڪون سان زندگيءَ مان لطف اندوز ٿيڻ نصيب ڪونه ٿيو. هن جي ڀائٽين ڪامران ۽ قيصر جون اڻ کٽ خواهشون ۽ سندس وزير فتح خان جا حاسدانه ڪرتوت، هن جي ذهني سڪون، حقيقي ۽ خيالي خطرات سندس ننڊ ڦٽائيندا رهيا. هن خراج جي وصولي جي سلسلي ۾ سنڌ جو دورو ڪيو. اهو دورو سن 1805ع ٿيو هوندو، پر سندس عطا ڪيل سندون ۽ دستاويزات شڪارپور ۾ موجود آهن جن تي تاريخ 8، 9، 10 ۽ 21 1804ع موجود آهي. هن جي دوري جي دوران (غير حاضري ۾) شهزادي قيصر ۽ بارڪزئي وزير پاڻ ۾ ملي ڪري پشاور تي قبضو ڪري ورتو. بادشاهه واپس سڌو ڪابل روانو ٿي، هنن کي ڀڄائي ڪڍيو. ان ڪاميابي جي پٺيان ڪابل ۾ ٻي فتح، معزول بادشاهه محمود جي هئي جنهن کان تخت ۽ تاج جي وچ ۾ قسم ۽ واعدا وسري چڪا هئا. آخرڪار 1225هه 1810ع ڌاري معزول بادشاهه محمود شاهه، تخت ۽ تاج حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، ۽ شاهه شجاع الملڪ کي مشڪلاتن ۾ گذارڻو پيو.
    شاهه شجاع الملڪ جي عهد ۾ هيٺيان گورنر مقرر ٿي آيا:
    معزالدين خان پوپلزئي: هن جي عمر 60 سال هئي، ۽ حڪومت جو عرصو 2 ورهيه هيو هو هڪ بهادر انسان هيو، جيڪو ڏوهارين ۽ بدمعاشين کي سزائون ڏيئي، رعيت جي حفاظت ڪندو هو.
    نواب مدد خان پوپلزئي: شاهه شجاع الملڪ جي مقربن مان هيو، سندس عمر 45 سال هئي. شڪارپور تي 1 سال راڄ ڪيائين. هڪ درياه – دل، بااصول ۽ انصاف ڪندڙ ماڻهو هو. هن وقت شڪارپور ۾ رهي ٿو ۽ برطانيه راڄ هيٺ پٽيداري حصو وٺندو رهي ٿو. هن جي باري ۾ خانبهادر خداداد خان لکي ٿو ته، “بکر جي نيابت تي مقرر ٿي آيو هيءُ يارهون نواب هيو. مؤلف هن کي پيريءَ ۾ شهر شڪارپور ۾ خود اکين سان ڏٺو هو. نهايت خداترس انسان هو.”(15)
    ٻڍل خان مغل: هن جي عمر 60 سال هئي، حڪومت جو عرصو رڳو 1 سال هيو. چال چلگت ۾ اڳين وانگر هيو. (16)
    جهانگير خان مغل: هن جي عمر 40 سال هئي، ۽ 1 سال راڄ ڪيائين. هن جي حڪومت ڪا خاص اهميت واري نه هئي.
    پائنده خان پوپلزئي: پوپلزئي خاندان مان هڪ بهادر شخص هيو. سندس عمر 44 سال هئي، ۽ 1 سال راڄ ڪيائين.
    محمد رضا خان مغل: هن 60 ساله پوڙهي، شڪارپور تي 1 سال راڄ ڪيو. هو هڪ هوشيار ۽ سرڪار جو ڪم وارو برجستو ماڻهو هو.
    محمود شاهه (ٻيو ڀيرو) 1810ع – 1821ع
    محمود شاهه، فتح خان بارڪزئي جي حمايت ۽ سرپرستي هيٺ رهي، ٻيو ڀيرو تخت تي ويٺو. ان دؤر جي تاريخ خانه جنگي، لاقانونيت ۽ طوائف الملوڪي تاريخ آهي. انهن حالتن سڄي ملڪ ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو. محمود هن دور ۾ هڪ نالي ماتر شهنشاهه هو. افغانستان ۾ قبيلي جون شاهانه اختياريون، وقار ۽ دٻدٻو احمد شاهه ابدالي جي خاندان ۽ نسل کان موڪلائي چڪو هو. آخر ۾ محمود شاهه (نالي ماتر) هرات ۾ رهيو.
    محمود شاهه جي دور ۾ هيٺيان گورنر مقرر ٿي آيا:
    عبدالله خان سيد: سندس عمر 45 ورهيه هئي، رڳو 4 مهينا حڪومت ڪيائين. هڪ سٺو ذهين ۽ عاقل انسان هو.
    نصير خان الڪوزئي: هن ڪل 4 مهينا راڄ ڪيو، سندس عمر 40 ورهيه هئي. چڱو ماڻهو هيو.
    سردار عبدالصمد خان بارڪزئي: چڱو حاڪم هيو، سندس عمر 50 سال هئي. هن 2 سال حڪومت ڪئي.
    محمد رضا خان مغل: 60 ساله (17)پوڙهي کي رڳو 2 مهينا حڪومت نصيب ٿي. هو هڪ هوشيار ۽ برجستو ماڻهو هو، پنهنجي پٽ کي شڪارپور ۾ ڇڏي، پاڻ منصور خان جي خدمت ۾ احتراماً ديره غازي خان ويو. منصور خان هن سان بدسلوڪي سان پيش آيو، ۽ هن تي ڏنڊ وجهي قيد ڪري ڇڏيائين.
    منصور خان بارڪزئي، نائب: تاج محمد، صيفل خان، مقصود خان: عمر 65 ورهيه هئي، هڪ ڀلو ۽ عادل شخص، هوشيار ۽ مصلحت انديش، شڪارپور جي عوام ۽ دانشورن سان سهڻي نموني پيش آيو، سندس حڪومت جو عرصو 8 سال رهيو.
    سلطان محمد خان اورنگزئي: هيءُ 25 ورهين جو نوجوان شڪارپور ۾ 2 مهينا گورنر ٿي رهيو. هو هوشيار، ذهين ۽ خانداني عزت ۽ وقار وارو ماڻهو هو. علماءُ هن جا دوست ۽ ساٿي هئا.
    عبدالصمد خان بامزئي: هن جي عمر 60 سال هئي، رڳو 2 مهينا حڪومت ڪيائين. هو هڪ درياه دل، مصلحت پسند، عادل ۽ ماهرِ قانون هو.
    مقصود خان بارڪزئي: سندس عمر 65 ورهيه هئي، رڳو 4 مهينا راڄ ڪيائين. هو بيحد لالچي، حريص، بيدرد ۽ ظالم هو. قندار جي سردار اهي رقومات حاصل ڪرڻ لاءِ، جن جي ادائگي کان هن انڪار ڪيو هيو، هن کي جيل ۾ وڌو. نيٺ هن کي ڪهاڙي سان مارائي ڇڏيائين.
    تاج محمد ولد منصور خان بارڪزئي: هڪ بهادر ۽ انصاف پسند شخص هو. هن جي عمر 40 سال ۽ حڪومت جو مدو رڳو 4 مهينا رهيو.
    محمود شاهه ۽ ايوب شاهه شڪارپور ۾: سدوزئي شهزادي جو پٽ، هن وقت انگريز سرڪار جو وظيفه بردار آهي، ۽ ٿورڙي وقت لاءِ شڪارپور رهي ٿو. هن جو لقب “شهزادو پير محمد” آهي.
    شهزادو محمود تيمور شاهه سدوزئي: سندس عمر 20 سال ۽ حڪومت جو عرصو 8 مهينا رهيو. هڪ مصنف مزاج گورنر هو. محمد عظيم خان سان پشاور ۾ 1819ع ۾ مقابلي دوران شڪست کائي پنهنجي پيءُ کان اڳ ۾ ئي شڪارپور پهچي ويو هيو.
    شاهه شجاع الملڪ سدوزئي: سندس عمر 40 سال هئي، 1 سال 4 مهينا پاڻ شهنشاهه شڪارپور ۾ تشريف فرما هيو. پنهنجي رعيت تي ظلم ڪندو هو. محمد عظيم هن کي ميرن جي درخواست تي بيدخل ڪري ڇڏيو.
    محمد عظيم خان، سندس ڀاءُ ۽ وزير فتح خان “بادشاه گر” آهن، ۽ صحيح معنيٰ ۾ اهي خراسان جا شهنشاهه آهن.
    ملا محمد خان غلزئي: هيءُ 45 سالن جي ڄمار ۾ گورنر مقرر ٿي آيو. رڳو 7 مهينا راڄ ڪيائين. هيءُ ڏاڍو بهادر ۽ مذهبي ماڻهو هيو. رعيت تي شفيق ۽ ڏوهاري بدمعاشن لاءِ سخت هيو. سردار محمد عظيم خان هن کي پاڻ مقرر ڪيو هيو.
    شيردل خان ۽ قنڌار جا ٻيا سردار: محمد عظيم سن 1823ع ۾ فوت ٿيو، دوست محمد سن 1826ع تائين ڪابل ۾ اقتدار حاصل نه ڪيو. قنڌار جا سردار راڄ ڪرڻ لڳا. هنن جي ڏينهن ۾ هيٺيان گورنر مقرر ٿي آيا:
    سردار رحمدل خان بارڪزئي: سندس عمر 40 سال ۽ حڪومت جو عرصو 2 ورهيه رهيو. هيءُ بي انتها شفيق ۽ مهربان شخص هو. اهلِ علم حضرات جو طرفدار، هن جو نائب، دوست محمد حڪومت جو ڪم ڪار هلائيندو هو. هڪ ٻي سند جي مطابق هيءُ حريص، لالچي، آرام طلب، آرسي ۽ ڪند ذهن هو.
    عبدالمنصور خان اورنگزئي: هن جي عمر 35 سال هئي، ۽ شڪارپور تي 5 مهينا راڄ ڪيائين. هڪ چڱو ۽ سٺين خوبين جو مالڪ هو. ميرن حڪومت جو قبضو هن جي ايامڪاريءَ ۾ ورتو.
    شڪارپور جو صوبو، جيڪو گهڻي عرصي کان افغانستان جو حصو بنجي چڪو هيو، سو دراني حڪومت کان آزادي حاصل ڪري، ڏيهي حڪمرانن ميرن جي حڪومت ۾ شامل ٿي ويو. “دراني حڪومت” پاران ڪيل پنجٽيهن نوابن شڪارپور تي راڄ ڪيو. جن جو مختصر ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي.
    رحيمداد خان مولائي شيدائي لکيو آهي ته، “سن 1239هه مطابق آگسٽ 1824ع ۾ مير ڪرم علي خان، مير مراد علي خان ۽ مير رستم خان گڏجي شڪارپور تي قبضو ڪيو. افغانن جو پويون نائب عبدالمنصور خان نالي هو، جنهن کان نواب ولي محمد خان لغاري شهر فتح ڪيو. منصور خان شهر جي اٺن ئي دروازن جون چاٻيون ٽالپرن جي حوالي ڪري هليو ويو. حيدرآباد جي ٽالپرن پاران سيد ڪاظم شاهه نائب هو. شهر ۾ ٻه ڪچهريون هيون ۽ ٻه نائب رهندا هئا. حيدرآباد جي ٽالپرن پاران سيد ڪاظم شاهه ۽ خيرپور جي ٽالپرن پاران گولي شاهه نائب هو. (18)
    ايف-جي-گولڊ سمڊ شڪارپور شهر تي ميرن جي قبضي جي تاريخ 28 ذوالحج 1239هه مطابق 24 آگسٽ 1824ع ڄاڻائي آهي. (19)
    سيد ڪاظم شاهه: حيدرآباد جي ٽالپرن پاران، سيد ڪاظم شاهه ولد اسماعيل شاهه پهريون گورنر مقرر ٿي آيو. هو لياقت وارو ۽ لحاظ ڀريو هو. فرائض منصبي ادا ڪرڻ ۾ لائق هيو. (20) مولائي شيدائي صاحب لکيو آهي ته، “شاهه شجاع الملڪ، جنهن کي مير مراد علي خان شڪارپور ۾ بطور مهمان رهايو هو، سو مير جي وفات جو ٻڌي سيد ڪاظم شاهه کي شڪارپور مان لوڌي پاڻ مالڪ ٿي ويٺو. حيدرآباد ۽ خيرپور جي ميرن 18 هزار لشڪر ڪٺو ڪري شڪارپور تي ڪاهه ڪئي سٺ ميلن (21) جي مفاصلي تي جنگ لڳي، شجاع الملڪ جي ٽن هزار فوجين کان ٽالپري فوج شڪست کاڌي. نائب ڪاظم شاهه ۽ خيرپور وارن جو گولي شاهه مارجي ويا. آخر سيد اسماعيل شاهه جي معرفت ٻنهي طرفين صلح ٿيو. شجاع الملڪ 12 لک ٽالپري روپيا جيڪي انگريزي 8 لک روپين جي برابر هئا، سي وٺي لڌيانه ڏانهن روانو ٿي ويو. ٽالپرن سيد اسماعيل شاهه کي اتي جو نائب مقرر ڪيو، جنهن پنهنجي پٽ زين العابدين شاهه کي نائب مقرر ڪيو. هي واقعو سن 1833ع ۾ ٿي گذريو. (22)
    سيد ڪاظم شاهه فارسي زبان جو بهترين شاعر ٿي گذريو آهي. سنڌ جي ادبي تاريخن ۽ فارسي تذڪرن ۾ سندس نالو نمايان نظر اچي ٿو. شڪارپور جي بلند پايا فارسي تذڪرن ۾ سندس نالو نمايان نظر اچي ٿو. شڪارپور جي بلند پايه فارسي گو شاعر آخوند صاحبڏني سان سندس تعلقات گهرا هئا. پاڻ شڪارپور شهر جي تعريف ۾ هيٺين ريت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو اٿس:
    شڪارپور عـجــب جــاي خوب رويـانـســت،
    مـــقــــام و مــنـزل و مــاواي عند ليبانست،
    نه موسم – گل فصل – بهار باشد، ليک،
    بـهــر طــرف کـه نـظـر مـيکنم، گلستانست
    سيد زين العابدين شاهه: هي صاحب سيد ڪاظم شاهه جو ڀاءُ هو. هن کي ٽالپر حڪومت پاران 1833ع ۾ شڪارپور جو گورنر مقرر ڪيو ويو هو. مير نصير خان جي اوائلي دؤر تائين شڪارپور سندس ماتحت رهي. فارسيءَ جو بلند پايه شاعر هو. سندس شعر ۾ رواني، نازڪ خيالي ۽ بلند پروازي موجود هئي. “عابد” تخلص ڪندو هو. نموني طور سندس هت ڪجهه شعر ڏجن ٿا.
    در تــبــســم بـمـن آن يـار دمـيدا فسون را،
    بــرداز غــمــزه يـــکــبـار دل – مـحــزون را،
    خــواسـتـم عــرض دل زار نـمـايـم بــا يـار،
    کم نمودم جويديدم رخ او مضمون (23)
    سيد زين العابدين شاهه “عابد” کانپوءِ شڪارپور سيد ابراهيم شاهه جي ماتحت رهي.
    ديوان ڄيٺمل: هي صاحب حيدرآباد جي ميرن پاران شڪارپور تي گورنر مقرر ڪيو هو. هن جو نالو ديوان شهامت ڄيٺمل هو. هن پنهنجي ايامڪاريءَ جي ابتدا ۾ ئي شڪارپور جي حالت ڏسي خيرپور جي ميرن پاران شڪارپور ۾ مقرر ڪيل آفيسرن کي شهر مان لوڌي ڪڍيو. خيرپور جي ميرن جو جيڪو حصو ٿيو، سو گڏي ڪري خيرپور جي درٻار ۾ پهچايائين. آخر مير علي مراد ٻي فوج موڪلي، جنهن اچي مير نصير خان خيرپوريءَ جي ماڻهوءَ کي هٽائي شيخ غلام حيدر کي خيرپور جي حصي تي قابض ڪرايو. سنڌ ۾ ميرن جي راڄ کي تاراج ڏسندي قلات وارن موقعي جو فائدو ڄاڻندي روجهاڻ جي قلعي تي چڙهائي ڪري، جنگ جو بگل وڄائڻ گهريو. اها خبر جڏهن ڄيٺمل کي پهتي، ته هن پنهنجي پٽ نوتنداس کي روجهاڻ ڏانهن موڪليو ته جيئن قلعي تي قبضو ڪري، پر هن جو لشڪر اڃا پهتو ئي ڪونه هو جو حيدرآباد جي ميرن انگريزن جي بدنيتي ڏسي هن کي لشڪر گڏ ڪرڻ ۽ تيارين ڪرڻ جو پروانو موڪليو. انگريزن حيدرآبادي ميرن جو پهريائين شڪارپور مان قبضو ختم ڪرڻ گهريو، جنهن جو آسان ذريعو هنن شيخ غلام حيدر کي ڄاڻائيندي، کيس اها صلاح ڏني ته هو ڄيٺمل کي ذهني طرح خوف ۾ مبتلا ڪري ڀڄائي، پر هن بهادر ۽ جوڌي، هنن جي سٽي ثاب پوڻ ڪونه ڏني. آخر اها نوبت پهتي ته انگريزن، حيدرآباد جي سرڪار وچ ۾ پهريون فوجي ٽڪر مياڻي کان اڳ شڪارپور ۾ ڪيو. ڄيٺمل ۽ سندس بهادر سپاهين فولادي ديوار بنجي دشمنن جو مقابلو ڪيو. اهڙيءَ طرح حيدرآباد بدران خود انگريزن جا ايجنٽ خارج ٿي ويا.
    آخر ۾ سنڌ تي انگريزي راڄ جي اؤج وقت هن جوان پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن دشمنن جي ڇانو ۾ گهارڻ ڪونه گهريا. کيس وقت جي لهرن ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ پهچايو. آخر حياتيءَ جا باقي ڏينهن گهارڻ ۽ پنهنجي ڌرتيءَ تي دم ڏيڻ لاءِ پوئتي موٽيو.
    ڄيٺمل جي بهادريءَ جي ڪارنامن لاءِ سنڌ جي تاريخ جا ماخذ خاص طور تي تاريخ تازه نواءِ معارڪ ساک ڀرين ٿا. (24)
    ميرن جي صاحبيءَ ۾ انگريزن واپارين جو ويس پهري، سنڌ ۾ پنهنجا پير پختا ڪيا. انهيءَ دوکي ۽ فريب جي آڌار تي، سنڌ اندر واپاري ڪوٺيون کوليندا ويا، ۽ ساڳي وقت سنڌ جي علائقن جي سياسي نقطه نظر سان ڄاڻ حاصل ڪندا ويا.
    انگريزن پنهنجي پاليسي “ڏڦيڙ وجهو ۽ حڪومت ڪريو” تي سختيءَ سان عمل ڪندي، ايتري قدر ڪاميابي ڪئي، جو خود اميرن جي حڪمران برادريءَ ۾ ڏڦيڙ پيو. خيرپور جي مير علي مراد خان، مير رستم خان خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو، ۽ حيدرآباد جي مير نصير خان تي انگريزن خلاف بغاوت ڪرڻ جو الزام مڙهيو ويو.
    انگريزن، ميرن جي ڪمزور پاليسين ۽ ذاتي نفاق مان فائدو وٺندي سن 1842ع جي آخر ڌاري ميرن جي اڳيان اهو مطالبو پيش ڪيو ته اتر سنڌ جي مضبوط چوڪي ۽ واپاري مرڪز “شڪارپور” کي هنن جي حوالي ڪيو وڃي. مير نصير خان انهيءَ جي سخت مخالفت ڪندي، انگريزن کي کتو جواب ڏنو ته “سردار لاءِ زمين جو ڏيڻ بيعزتي آهي.” اهڙن سخت لفظن انگريزن کي مڇرايو، جنهن جو نتيجو “مياڻي ۽ دٻي” جي لڙاين مان ظاهر ٿئي ٿو.
    سن 1843ع ڌاري سنڌ ۾ ميرن جي حڪومت جو خاتمو ٿيو، ۽ برطانيه حڪومت جو راڄ شروع ٿيو. سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ برطانيه حڪومت سنڌ کي نئين نظام هيٺ آندو. اهڙي طرح نه رڳو “شڪارپور جي صوبائي حيثيت” خاڪ ۾ ملي ويئي، پر ميرن کي سنڌ جي حڪومت تان پڻ هٿ ڌوئڻا پيا. مير علي مراد خان کي انگريز سرڪار سان وفاداريءَ جي عيوض ۾ خيرپور رياست جو والي بڻايو ويو، باقي سڄي سنڌ کي ٽن ضلعن: ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ ورهايو ويو. هن هيٺ شڪارپور ضلعي جو تفصيل پيش ڪجي ٿو:
    ضلعي حيثيت:
    جاگرافيائي لحاظ کان، ۽ گزيٽيئر موجب “شڪارپور شهار جي بيهڪ 55 – 27 اترين ويڪرائي ڦاڪ، ۽ 45 – 68 اڀرندي ڊگهائي ڦاڪ آهي. هيءُ سنڌونديءَ کان 18 ميلن جي مفاصلي، ۽ سمنڊ کان 194 فوٽن جي بلندي تي آهي. (25)
    شڪارپور ضلعي ۾ هيٺيان 14 تعلقه شامل ڪيا ويا.
    “1-شڪارپور، 2-اٻاوڙو، 3-ميرپور ماٿيلو، 4-گهوٽڪي، 5-روهڙي، 6-سکر، 7-نوشهروابڙو، 8-رتوديرو، 9-لاڙڪاڻو، 10-قمبر، 11-نصيرآباد، 12-لب دريا، 13-ميهڙ، 14-ڪڪڙ. ضلعي شڪارپور جون چار سب ڊويزن هيون، جن ۾ روهڙي، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ميهڙ جا نالا اچي وڃن ٿا.” (26) سن 1843ع ڌاري، “شڪارپور ڇانوڻي قائم ڪئي ويئي.” (27) ايف-جي-گولڊ سمڊ “شڪارپور ضلعي جي پکيڙ 11,532 چورس ميل ڄاڻائي آهي.” (28) ائٽڪن به “شڪارپور ضلعي جي ساڳي پکيڙ ڄاڻائي آهي” (29)
    برطانيه حڪومت جي نظام هيٺ ضلعي ۾ ڪليڪٽر مقرر ڪرڻ هيٺ آيا، جن کي روينيو ۽ جڊيشل جون پوريون اختياريون حاصل هيون. اهي عملدار ضلعي جا مئجسٽريٽ پڻ هيا. ڪليڪٽر جي ماتحت ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ هنن جي هيٺيان ڪاردار مقرر ڪيا ويندا هئا، جيڪي ضلعي کي سنڀاليندا هئا. شڪارپور جي پهرين ڪليڪٽر بابت سنڌ جي تاريخي ماخذن ۾ ڪوبه هڪ نالو وضاحت سان ڪونه ڏنو ويو آهي. مختلف تاريخن جي روشنيءَ ۾ اسين پهرين ڪليڪٽر جو ذڪر هيئن ڪريون ٿا: خانبهادر آلومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي “سنڌ جي مختصر تاريخ” ۾ لکيو آهي ته، شڪارپور ۾ پهريون ڪليڪٽر ميجر فئرنگٽن کي مقرر ڪيو ويو. (30) خانبهادر خداداد خان قياس آرائي ڪندي لکيو آهي ته، شڪارپور جي پهرين ڪليڪٽر جو نالو گولڊني هو. (31) انهن تاريخ نويسن جي راءِ کانپوءِ الوحيد اسپيشل ايڊيشن “سنڌ آزاد نمبر” (32) ۽ تاريخ سنڌ (33) (اردو مؤلف اعجاز الحق قدوسي) جا اوراق پڻ خانبهادر خداداد خان جي تقليد ڪندي نظر اچن ٿا. مٿين تاريخ نويسن جي راين کي سامهون رکندي اسين خانبهادر آلومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي صاحب جي راءِ کي صحيح سمجهون ٿا، ڇو ته هن وقت اسان جي آڏو سندس تاريخ جو پنڌرهون ڇاپو آهي.
    شڪارپور ضلعي ۾ پهرين ڪليڪٽر کانپوءِ انتظامي لحاظ کان شڪارپور ضلعو هنن ڪليڪٽرن صاحبن، ميجر پي-گولڊني، ميجر ايس-ايف فلپس اسٽؤرٽ، ڪڪ، ڪرنل ڊنسٽرول ۽ ڊبليو اي-گيليسپاءِ جن جي ماتحت نظر اچي ٿو.
    عبدالڪريم گدائي، پنهنجي مضمون، “1857ع واري آزاديءَ جي جنگ ۾ سنڌ جو حصو” ۾ شڪارپورين جو ڪردار هن طرح پيش ڪيو آهي: شڪارپور ۾ مقرر ٿيل 16-ريجمينٽ اڌ رات جو هٿيارن تي قبضو ڪيو، ۽ سکر کان ايندڙ وڌيڪ امداد پهچڻ جي انتظار ۾ هئي. ليڪن صبح جو چئين بجي انهن تي گهوڙيسوار پوليس حملو ڪيو، ۽ وڏي جانبازي، جدوجهد ۽ سخت مقابلي بعد انهن کي شڪست ڏني. 25 وڌيڪ حريت پسند باغين کي خيرپور جي رياستي پوليس گرفتار ڪرايو. سکر ۾ انهيءَ تحريڪ سر کنيو، پر فوراً حالات تي قبضو ڪيو ويو. تاريخ 9 ۽ 10 آڪٽوبر تي، ڪورٽ مارشل ڪري، چئن گولنڊيزي سپاهين کي گولين سان اڏايو ويو، ۽ هڪ صوبيدار کي ڦاسي ڏني ويئي. (34) 1857ع ۾ جنگ آزاديءَ کانپوءِ سن 1861ع شڪارپور ۾ فوجي ڇانوڻي جو بنياد ختم ڪيو ويو.
    هن دور ۾ شڪارپور ۾ جن ادارن جو بنياد وڌو ويو، تن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.
    شڪارپور ميونسپالٽي جو وجود 1855ع ۾ وڌو ويو............
    شڪارپور سول اسپتال جو بنياد 1843ع ۾ قائم ڪيو ويو ۽ سن 1909ع ڌاري، ضلعي هيڊڪوارٽر جي حيثيت ختم ٿيڻ کان پوءِ هي اسپتال سکر منتقل ڪئي ويئي.
    ليڊي ڊفرن فنڊ (عورتن جي اسپتال) 1893ع ڌاري قائم ڪئي ويئي، جا پوءِ 1911ع ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪئي ويئي. وڪٽوريا ڊسپينسري 1857ع ۾ قائم ٿي ۽ 1920ع ۾ ان جو نالو لکميچند – ٽيڪچند ڊسپينسري رکيو ويو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي.
    سن 1932ع ۾ شڪارپور ۾ راءُ بهادر اؤڌوداس تاراچند ڇاٻڙيا موجوده سول اسپتال جو بنياد وڌو، اهڙي عظيم ڪارنامي سرانجام ڏيڻ تي ان وقت جي سرڪار کيس 1935ع ۾ “راءُ بهادر” جو شخصي خطاب ڏنو.
    سن 1893ع ۾ جانورن جي علاج لاءِ پڻ هڪ ڊسپينسري قائم ٿي. مٿين اسپتال ۽ ڊسپينسرين کان سواءِ مينڊا ٽرسٽ پاران، شڪارپور ۾ هڪ عورتن جي اسپتال ۽ هڪ اکين جي اسپتال قائم ڪئي ويئي، جنهن کي بعد ۾ سر هينري هالينڊ پنهنجي زور سان پنهنجي نالي پٺيان مشهور ڪيو. تعليم کي ترقي ڏيارڻ لاءِ هن شهر ۾ اسڪول ۽ ڪاليج پڻ قائم ڪيا ويا، جهڙوڪ: مڊل اسڪول 1853ع (1873ع ۾ هن اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو مليو، ورنيڪيولر اسڪول نمبر اول 1855ع، ورنيڪيولر اسڪول 2 – 1885ع، هندو سنڌي اسڪول نمبر اول 1885، پريتم ڌرم سڀا اسڪول 1889ع، شڪارپور هوپفل اڪيڊمي 1900ع، ٽريننگ اسڪول 1919ع، هندو سنڌي اسڪول 4 – 1904ع، نيوايريا هاءِ اسڪول 1932ع؛ ايشوري ٻائي سيتلداس گرلس هاءِ اسڪول 1937ع، ورهاڱي کان پوءِ شاهه عبداللطيف انسٽيٽيوٽ، گورنمينٽ گرلس ڪاليج ۽ ٻيا پرائمري ۽ مڊل اسڪول قائم ڪيا ويا.
    سن 1883ع ۾ شڪارپور ضلعي جو هيڊڪوارٽر سکر منقتل ڪيو ويو. آخرڪار 1 آگسٽ 1901ع ۾ شڪارپور ضلعي مان ست تعلقه: رتوديرو، لاڙڪاڻو، قمبر، لب دريا، نصيرآباد، ميهڙ ۽ ڪڪڙ، لاڙڪاڻي ۾ شامل ڪري لاڙڪاڻي کي ضلعي حيثيت ڏني ويئي. (35) ساڳئي ريت، سکر تعلقي کي ضلعي هيڊڪوارٽر جو درجو ڏيندي هيٺيان تعلقه ملايا ويا:
    اٻاوڙو، ميرپور ماٿيلو، گهوٽڪي، روهڙي، سکر، شڪارپور ۽ ڳڙهي ياسين (نوشهرو ابڙو) اهڙي طرح شڪارپور جي ضلعي حيثيت ختم ٿي.
    آگسٽ 1901ع کان 30 – جون 1977ع تائين، شڪارپور، تعقله هيڊڪوارٽر ۽ سب ڊويزن جي حيثيت سان برقرار رهيو. ورهاڱي کان پوءِ، نئين انتظام هيٺ پهرين جولاءِ 1977ع تي، ٽن تعلقن: شڪارپور، خانپور ۽ ڳڙهي ياسين (ضلعي سکر سان) شامل ڪري، نئون ضلعو قائم ڪيو ويو. تاريخ 30 – جنوري 1979ع تي “لکي” کي تعلقي جو درجو ڏيئي، شڪارپور ۾ شامل ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح شڪارپور کي مڪمل طور ضلعي جو درجو ڏنو ويو. هن وقت هيءُ نئون ضلعو ترقيءَ جي راهه تي گامزن آهي.

    حوالا ۽ وضاحتون

    غلام الرسول مهر: تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور حصو ڇهون جلد – 1 ص: 368، 408 سنڌي ترجمو س.ا.ب حيدرآباد.
    Capt: F. G. Goldsmid: An Historical Memoirs on Shikarpur 1855. PP 50, 20
    ڏسو حوالو پهريون ص: 447
    ڏسو حوالو ٻيو ص:50
    رحيمداد خان مولائي شيدائي: جنت السنڌ ص 529 ڇاپو ٻيو. س.ا.ب ڄام شورو سنڌ
    ڏسو حوالو ٽيون ص: 470 ۽ 471
    Syed Bachal Shah: Distt: Gazetteer of Sukkur Distt: Part-A 1981 P-194,
    ڏسو حوالو چوٿون
    ڏسو حوالو چوٿو ص: 50 ۽ 61
    لطف الله بدوي “شڪارپور درانين جي قبضي ۾” سه ماهي مهراڻ 2-3: 1964ع ص: 198 کان 205.
    (سيد) حسام الدين راشدي “مير مائل جي بياض ۾ سنڌ جي تاريخ جو مواد” سه ماهي مهراڻ بهار 1955ع ص : 177
    لطف الله بدوي صاحب جن “شڪارپور درانين جي قبضي ۾” سه ماهي مهراڻ 2،3-1964ع ۾ غلام صديق خان جي حڪومت جو سن 1773ع کان 1782ع تائين ڄاڻايو آهي، ۽ ايف-جي-گولڊ سمڊ، سندس حڪومت جو عرصو 9 سال ڄاڻايو آهي، هتي ڏيهي توڙي پرڏيهي ليکڪن جو متعين ڪيل سن ۽ حڪومت جو عرصو وسهڻ جوڳا نه آهن. ان باري ۾ لب تاريخ سنڌ (ص – 125، 126) جو بيان آهي ته “نواب ذوالفقار خان کانپوءِ، نواب غلام صديق خان آيو، جنهن بکر قلعي جي تعمير سن 1192هه – 1778ع ۾ ڪرائي. هيٺين قطعه مان قلعي جي تعمير جو سن معلوم ٿي ٿو.
    سـاخـت از سربنده صديق خان، قلعه بکر بـه حکـم بـادشـاهه،
    چون بخواهي سال تاريخش صفا، گو“بزيبد قلعه تيمور شاهه”
    1192 هه
    مٿين تاريخي بيان مان ظاهر ٿيو ته غلام صديق خان 1191هه – 1777ع جي آخر ڌاري يا 1192 هه – 1778ع جي شروعات ۾ بکر جو صوبيدار يا نواب هيو، جنهن قلعه جي تعمير ڪرائي.
    ساڳي عرصي دوران هيءُ بکر جي نيابت تي پڻ نواب ٿي رهيو، سن متعين ڪيل نه آهي (لب تاريخ سنڌ ص: 126).
    ڏسو حوالو يارهون.
    خانبهادر خداداد خان: لب تاريخ سنڌ (فارسي) ص-126.
    هي ٻيو ڀيرو گورنر مقرر ٿي آيو، ليڪن سندس عمر اهائي سٺ ورهيه!!
    ڪيپٽن ايف-جي-گولڊ سمڊ، هن جي اهائي عمر ڄاڻائي آهي، جيڪا هن پهريون ڀيرو گورنر مقرر ٿيڻ وقت ڄاڻائي هئي.
    رحيمداد خان مولائي شيدائي: “ٽالپرن جي مختصر تاريخ” 1983ع ص 62 انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄامشورو.
    ڏسو حوالو نائون ص: 25
    ڏسو حوالو نائون ص: 35 ۽ 36
    مصنف شڪارپور کان سٺ ميلن جو مفاصلو ڄاڻائيندي ڪنهن به هنڌ يا طرف جي نشاندهي ڪونه ڪئي آهي. ليڪن تاريخ جي مطالعي مان اها خبر پوي ٿي ته، اها جنگ 24 ميلن جي مفاصلي تي سکر ۾ لڳي جيڪا “کرڙي جي جنگ” جي نالي سان مشهور آهي، جنهن ۾ سيد ڪاظم شاهه ۽ گولي شاهه شهيد ٿيا.
    ڏسو حوالو 18 ، ص: 71 ۽ 72
    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي : “مقالو شڪارپور جا شاعر” شڪارپور – ماضي حال : ص 193 ۽ 194 – 1984ع پبليڪيشن ڪاميٽي جشن “شڪارپور”
    رسول بخش پليجو : جن جهوناڳڙهه جلايو 1982ع ص 48 – 59
    J. W. Smyth : Gazetteer of the Province of Sindh B-VolL III Sukkur District 1919 P.P 50-51.
    Gazetteer of the Province of Sindh District Sukkur 1928 P-40
    Syed Bachal Shah: District Gazetteer of Sukkur District, Part A, 1981, P-194
    The Sindh Official List: (Half Yearly Published) 1st July 1899, PP. 15, 17 & 19
    J. W. Smyth: Gazetteer of the Province of Sindh B-Vol: III Sukkur District 1919, P-10
    ڏسو حوالو 20، ص: 62
    E. H. Eitken: Gazetteer of the Province of Sindh, Indus Publication Karachi. Re-print 1986, P-498
    خانبهادر آلومل ٽاڪمداس ڀوڄواڻي: “سنڌ جي مختصر تاريخ” ڇاپو پنڌرهون: سن 1912ع،ص: 61
    خانبهادر خداداد خان: لب تاريخ سنڌ، ص: 160
    الوحيد “سنڌ آزاد نمبر” 1936ع، ص: 132
    تاريخ سنڌ اعجازالحق قدوسي: 1984ع، ص: 91
    عبدالڪريم گدائي، مضمون “1857ع آزاديءَ جي جنگ ۾ سنڌ جو حصو” نئين زندگي ڪراچي مارچ 1968ع، ص: 33
    ڏسو حوالو 29 ص: 499


    شڪارپور ۾ هڪ آڳاٽو فارسي ڪتبو

    شڪارپور شهر جي مختلف تاريخي گوشن تي تحقيق ۽ ترتيب جي سلسلي ۾ هن شهر جي باني دائودپوٽن جي دؤر کانپوءِ هڪ طويل دؤر افغانن جو دور (1747 – 1824ع) هو، جو ستهتر سالن جي عرصي تي محيط هو. انهيءَ عرصي ۾ افغانن پاران وقت بوقت چوٽيهه گورنر مقرر ٿيا، جن شڪارپور ۾ حڪومتي پاليسين کي قائم رکندي راڄ پئي ڪيو، انهن گورنرن هتي نواب پئي مقرر پئي ڪيا، جي سندن انتظام ۾ مددگار هوندا هئا.
    افغانن جي حڪومت جي تاريخ انتظامي ڍانچي، واقعن، تعلقات ۽ تعميرات جي مطالعي تي تحقيق جو ڪم هلندڙ آهي. ان تحقيقي مطالعي جو هڪ اهم موضوع افغانن جي دؤر ۾ ڪتبه نصبي پڻ آهي. مذڪوره عنوان تي تحقيق دوران جيڪي ڪتبه مطالعي هيٺ آيا آهن، انهن ۾ هڪ اهم فارسي ڪتبو “نواب ابراهيم خان نورزئي مسجد” جي ايوان جي اوڀارين ديوار ۾ کتل آهي، اهو ڪتبو 1176 هه مطابق 63-1762ع جو آهي، جو افغاني حڪومت جي تيرهين سال جو هڪ يادگار آهي. ڇهن سٽن جي عبارت تي مشتمل هن ڪتبي کي اڄ ٻه سؤ ايڪيتالهه سال گذري چڪا آهن. ان طويل عرصي ۾ ڪتبو سلامت رهي ڪونه سگهيو آهي، ڇاڪاڻ جو ڪافي عرصو مسجد ۾ صوم و صلوات جو سلسلو منقطع رهيو. جنهن ڪري ان جي ڪچين ديوارن کي ڪافي نقصان رسيو. ڪتبو جنهن ديوار ۾ نصب ٿيل آهي، تنهن جي مکيه دروازي مٿان هئڻ ڪري ان جي ڊاٽ ٽٽي پوڻ سبب ڪتبي جا ڪجهه حصا ٽٽي ڪري پيا، جن تي ڪو توجهه نه هئڻ سبب اهي گم ٿي ويا. اهڙيءَ طرح ڪتبي جي پهرين ٻن سٽن ۽ آخري يعنيٰ ڇهن سٽ جا حصا ٽٽڻ سبب اهي سٽون اڌوريون رهجي ويون آهن. ڪتبي جي عبارت هيئن نظر اچي ٿي:
    “يور آن دستور ...... غفار خان
    مسجد جامع بناکرد ...... مومنان
    من مني بيتا بهر او ايزدي کريم ميکند قصه بنا نيڪ و موضيتيج
    درجنان سال تاريخ بناءَ او بگفتاهاتم
    باني مسجد بين نواب ابراهم خان يا رب اين نواب را
    ...... ڪامياب بحث ياور عمر افزون بر عدالت جاودان. 1176 هه.”
    ترجمو: “اهو دستور ..... غفار خان جنهن جامع مسجد جوڙائي مؤمنن واسطي جنهن شخص هيءُ الله جو گهر جوڙايو تنهن تي رب ڪريم راضي ٿئي ۽ سندس جاءِ جنت ۾ جوڙي.
    ٻڌم تاريخ غيبي هن مسجد جي جوڙڻ جي هيئن آهي معمار ابراهيم خان نواب بختاور جيئن خداوندا بلند ڪر ڀاڳ ۽ عمر درازي ڏي. هجي دائم عدالت ۽ سندس انصاف قائم تيئن. ”
    ڪتبي مان ظاهر ٿئي ٿو ته مذڪوره مسجد جو باني نواب ابراهيم خان هو. نواب ابراهيم خان شايد احمد شاهه ابدالي جي دؤر ۾ مقرر ڪيل گورنرن بوغرا خان نورزئي ۽ رحمان خان نورزئي جن جي ڏينهن ۾ شڪارپور ۾ نوابي جي منصب تي فائز هو. افغانن جي دؤر جي تعميرات ۾ شايد هيءَ اولين مسجد آهي، جا نواب ابراهيم خان جوڙائي، ان ئي مسجد جي اردگرد هڪ ٻي مسجد به انهيءَ دؤر جو يادگار آهي. جنهن جي تعمير جو اشارو پروفيسر لطف الله بدوي پنهنجي مقالي “شاهه شجاع الملڪ” قسط: 1 جي حوالي ۾ نواب مدد خان جي ذڪر ۾ آڻي ٿو: “نواب مدد خان پوپلزئي جو خاندان گهڻو اڳي شڪارپور ۾ اچي رهيو هو. نواب موصوف، نهايت سخي طبيعت جو ماڻهو هو. عوام کيس سخي مدد خان به ڪري سڏيندو هو. سندس تعمير ٿيل مسجد، شڪارپور جي نئين مارڪيٽ ڀرسان موجود آهي. نهايت نيڪ ۽ سنجيده شخص هو. هو افغانن جي حڪومت کان پوءِ به گهڻو وقت جيئرو رهيو. انگريزي حڪومت کيس پٽيداري جو حصو ڏيندي رهي. سندس انتقال 1856ع ڌاري ٿيو.” (ٽماهي مهراڻ / 1968ع : ص – 202)
    نواب مدد خان پوپلزئي، شاهه شجاع الملڪ جي دؤر (1803ع – 1801ع) ۾ شڪارپور جو گورنر رهيو ۽ رڳو هڪ سال اهو منصب ماڻيائين. هي شڪارپور تي افغانن جي حڪومت جي ڇاونجاهه ورهين گذرڻ کانپوءِ گورنر رهيو. مٿين حوالي مان ظاهر ٿئي ٿو ته نواب مدد خان جو نواب ابراهيم خان جي مسجد جي تعمير سان ڪوبه تعلق ڪونه هو.
    نواب ابراهيم خان جي مسجد جي طرز تعمير ان وقت جي تعمير موجب پڪين ۽ ڪچين سرن ۽ مٽيءَ سان ٿيل آهي، البته ان جي محراب تي نيري رنگ جي ڪاشي ڪتب آندل آهي. مسجد مٿان وڏو قبو پڻ اڃان تائين موجود آهي. هن شاندار مسجد جي تعمير مان ڏسجي ٿو ته اتي هڪ ئي وقت ۾ ٻه سؤ ماڻهو نماز ادا ڪري سگهندا هئا. مسجد جي اڱڻ جي اوڀارين پاسي واري جڳهه مٿان پڻ رهائش جو بندوبست ٿيل هو. هن مسجد جي پيڙهه جو سن هسٽري آف ايلينيشنز جلد 2، موجب 1174 هه 1760ع معلوم ٿئي ٿو. مسجد جو سٽي سروي نمبر 20+5 ۽ پکيڙ 4-233 آهي. جڏهن ته حجره جو سٽي سروي نمبر 21+5 ۽ پکيڙ 1-51 پڻ آهي. مذڪوره ڪتاب ۾ وڌيڪ ڄاڻايل آهي ته:
    No: 23. “ Mulla Allah Baksh”
    This Mulla enjoyed certain grain assignments which were commuted in 1853 into a cash allowance of Rs.54 annually. The assignment had been made for the care of the mosque of Nawab Ibrahim khan Nurzai , and dated fromA.H 1174 (A.D 1760). Mr Frere through the grant came under section VII of the Amended Rules of 1842, and was entitled to a permanent confirmation (No.99) dated 12th March 1855, to Government) which was accordingly sanctioned by Bombay Government Resulation No. 1755, dated 28th April 1855, and at the final settlement.
    ترجمو:
    “ملا الله بخش کان اناج ڏيڻ جون سهولتون واپس وٺي، کيس سن 1853ع کان هر سال 54 روپيا مالي مدد ڏيڻ هيٺ آئي. اهو معاوضو کيس نواب ابراهيم خان نورزئي مسجد جي سنڀال لاءِ ادا ڪيو وڃي ٿو. جنهن جي پيڙهه 1174 هه – 1760 ۾ پئي. مالي امداد جي بحالي لاءِ مسٽر فريئر پنهنجي راءِ ڏيندي سرڪار ڏانهن لکي ٿو ته اها امداد 1842ع ۾ ترميم ٿيل ڀاڱي 7- جي قاعدي پٽاندڙ آهي. جيڪا هميشه لاءِ بحال رکي وڃي. سرڪار ڏانهن ليٽر نمبر 99 بتاريخ: 12 مارچ 1855ع تحت لکيو ويو ته اها مالي امداد جاري رکي وڃي جيڪا بمبئي سرڪار جي ٺهراءَ نمبر 1755 بتاريخ 28 اپريل 1855ع ۾ منظور ٿيل آهي.
    معلوم ٿئي ٿو ته افغانن جي دؤر کان پوءِ انگريزن جي دؤر ۾ پڻ سرڪاري طور تي هن مسجد جي سنڀال طرف توجهه ڏنو ويو. اها سنڀال ڪيترو عرصو رهي؟ ملا الله بخش جي حياتي تائين يا ان کان پوءِ به شاهدي نه ٿي ملي. اندازو اهو ئي آهي ته ملا جي انتقال کانپوءِ مسجد جي سنڀال نه ٿيڻ سبب اها ويران ٿي ويئي. گهڻو عرصو گذرڻ کانپوءِ تازو ڪنهن خدا جي نيڪ ٻانهي ان جي وري مرمت ڪرائي، مسجد آباد ڪرائي آهي. انهيءَ مرد مجاهد ئي مذڪوره ڪتبي جي باقي حصن کي ساڳي جاءِ تي محفوظ ڪرايو آهي. جزاڪ الله.


    شڪارپور ضلعي جي آدمشماري

    شڪارپور جو مشهور ۽ تاريخي ضلعو، جيڪو هن وقت لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ شامل آهي، سو اڳ سکر ڊويزن ۾ شامل هو. لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ، شڪارپور ضلعي جي ترقيءَ ۾ ماٺار اچي چڪو آهي. انتظامي لحاظ کان هن ضلعي جي رهواسين کي لاڙڪاڻي جي اچ ـ وڃ ۾ پڻ دشواري درپيش آهي. جا هتان جي غريب عوام لاءِ هڪ وڏو مسئلو بڻيل آهي خاص طور تي هن ضلعي جي ڏکڻ ـ اوڀر جي شهرن ۽ ڳوٺن جي رهواسين پنهنجي تڪليف جي بنياد تي شڪارپور ضلعي مان پنهنجن علائقن کي علحده ڪرائي سکر ضلعي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ وقت بوقت جيڪي ڪوششون ورتيون آهن، تن جي برصواب ٿيڻ تي شڪارپور جي معيشت تي پڻ وڏو اثر پوندو. ان لاءِ سنڌ سرڪار خاص طور تي پاڪستان سرڪارکي جڳائي ته شڪارپور ضلعي کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ان کي ڊويزن جو درجو ڏيئي، منجھس جيڪب آباد ضلعو شامل ڪري ۽ ڪنڌڪوٽ کي پڻ ضلعي حيثيت ڏيئي ان ۾ شامل ڪيو وڃي، ائين ڪرڻ سان شڪارپور جي ڏکڻ ـ اوڀر وارن علائقن جي رهواسين جي تڪليف دور ٿيڻ کان علاوه ڪشمور ۽ جيڪب آباد جي رهواسين جي انتظامي ڪمن ـ ڪارپت اُڪلائڻ ۾ پڻ سهولت پيدا ٿيندي.
    شڪارپور ضلعو جاگرافيائي لحاظ کان 29 ۽ 27 ڊگريون اترين ويڪرائي ڦاڪ ۽ 67 ۽ 70 ڊگريون اڀرندي ڊگھائي ڦاڪ تي ٻڌل آهي، هن ضلعي جي پکيڙ 2،512چورس ڪلوميٽر آهي، تعلقن جو تعداد 04، سب ڊويزن 02، ميونسپل ڪاميٽي 01، ٽائون ڪاميٽيون 06، سپروائزري تپيداري سرڪل 13، تپيداري سرڪل 60، ۽ ديهن جو تعداد 260 آهي. سن 1998ع جي “ڊسٽرڪٽ سينسس رپورٽ آف شڪارپور” (گورنمينٽ آف پاڪستان اسلام آباد پاران فيبروري 1999ع ۾ ڇپيل) مطابق ضلعي جي ڪل آدمشماري 8،80438 آهي،جن ۾ شهري ۽ ڳوٺاڻي آباديءَ جي لحاظ کان مرد 4،56،589 ۽ عورتون 4،03،849 آهي. اهڙي طرح مسلمان 8،63،065، عيسائي 762، هندوجاتي 15273، قادياني(احمدي) 345، اڇوت 582 ۽ ٻيا 411 جا انگ اکر ڄاڻايل آهن. هن ضلعي جي آباديءَ ۾ واڌ جو تناسب ساليانو 2.32 آهي، جڏهن ته في چورس ڪلوميٽر کان پڻ آدمشماري جو تناسب يا برابري 350.5 آهي.
    لساني لحاظ کان سنڌي ڳالهائيندڙ 95.77، اڙدو 1.81، پنجابي 0.24، پشتو 0.22، بلوچي 1.01، سرائيڪي 0.60 ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ 0.36 آهي. هن ضلعي ۾ معذورن جي ڪل آباديءَ جو انگ 0.75 في سيڪڙو آهي.
    شڪارپور ضلعي ۾ ڏيلن مان ڏکندو ڏور ڪرڻ ۽ صحت جي سلامتيءَ لاءِ، سول اسپتال هڪ، تعلقا هيڊ ڪوارٽر اسپتالون 3، بنيادي صحت مرڪز 33، سرڪاري ڊسپينسريون 6، ويم گھر ۽ ٻارن جو صحت مرڪز 4 ۽ ضلعي ڪائونسل ڊسپينسريون 14 آهن.
    تعليمي لحاظ کان شڪارپور ضلعي ۾ ڇوڪرين لاءِ 1 ۽ ڇوڪرن لاءِ 2 ڊگري ڪاليجون ۽ لا ڪاليج پڻ آهي. انهيءَ کانسواءِ 2 هائر سيڪنڊري اسڪول ڇوڪرن لاءِ ۽ 1 ڇوڪرين لاءِ آهن. هاءِ اسڪولن جو تعداد 49 آهن جن مان 9 ڇوڪرين لاءِ ۽ 40 ڇوڪرن لاءِ آهن. اهڙيءَ طرح مڊل اسڪولن جو تعداد 62 آهي، جن مان 38 ڇوڪرن لاءِ ۽ 24 ڇوڪرين لاءِ آهن. پرائيمري اسڪولن جو تعداد 609 آهي، جن مان 485 ڇوڪرن لاءِ ۽ 124 ڇوڪرين لاءِ قائم ڪيل آهن، ضلعي ۾ پڙهيل 31.58 سيڪڙو، باقي 68.42 سيڪڙو اڻ پڙهيلن جو ڳاڻاٽو آهي.
    آخر ۾ هڪ وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته پاپوليشن سينسس 1998ع بيورو آف اسٽيٽسٽڪس، حڪومت سنڌ ڪراچي جي ڇپيل رپورٽ مطابق، شڪارپور ضلعي جي ڪل آدمشماري جا انگ اکر 8،66،000 آهن جن ۾ 4،48،000 مرد ۽ 4،18،000 عورتون آهن، خبر نه آهي ته مرڪزي ۽ صوبائي رپورٽن ۾ اهڙو فرق ڪيئن پيدا ٿيو، جو ڪن خاص انتظامي موقعن تي ڪتب آڻڻ ۾ هاڃيڪار ثابت ٿي سگھي ٿو.


    شڪارپور شاعرن جي نظر ۾

    شڪارپور جي علمي-ادبي تاريخ جي اڀياس مان اها پروڙ پوي ٿي ته هتان جا عالم، اديب، شاعر ۽ مفڪر پنهنجي علمي قابليت سبب نه رڳو سنڌ ۾ مشهور ٿيا، پر سندن شهرت ڏيهه جون سرحدون اورانگهي، پرڏيهه تي به ڇائنجي ويئي. هتان جا اديب ۽ انشاء پرداز پنهنجي منفرد اسلوب ۽ رنگين تحريرن سبب هر دؤر ۾ تاريخ جي صفحن جي زينت رهيا آهن. ۽ انهن جي اعتراف ۾ سموري سنڌ جي ادبي اتهاس ۾ سندن ذڪر جابجا موجود آهي. انهن اديبن ۽ انشاء پردازن سان گڏ شاعرن به پنهنجي علمي-ادبي حيثيت مڃائي، ادبي تاريخ ۽ تذڪرن ۾ پنهنجي منفرد مقام حاصل ڪيو آهي. هتان جي شاعرن پنهنجي ڪلام ۾ نه رڳو فڪري اپٽار ۽ پالوٽ ڪئي آهي پر فني پختگي ۽ ڄاڻ جا به روشن منارا رهيا آهن، شعر جي حوالي سان نه رڳو علم عروض تي قدرت رکندڙ هئا، بلڪه تمثيلن، تشبيهن ۽ استعارن سان گڏ صنعتن جي استعمال تي به قادر هئا. جن شاعرن صنعتن جي استعمال تي عبور حاصل ڪيو، تن ٻين صنعتن سان گڏ “صنعت اسماء” * کي به اپنائيندي، هڪ طرف پنهنجي ڄاڻ جو ثبوت ڏنو ته ٻئي طرف “شهر شڪارپور” جي واکاڻ ۾ قصيده گوئي ڪري پنهنجي شهر جو حق ادا ڪيو. اهڙن شڪارپوري شاعرن کان سواءِ ٻاهرين شاعرن به هن شهر جي مشاهدي کان متاثر ٿي نه رڳو محفلن ۽ مجلسن ۾ ان جي واکاڻ ڪئي آهي، پر علمي-ادبي دفترن ۾ به پنهنجا چٽا-پٽا ثبوت ڇڏي پنهنجي خوش فڪري ۽ سخن سنجي کي زنده جاويد بنائي ڇڏيو آهي.
    سخن جي اهڙي سرمائي کي يڪجاءِ ڪرڻ لاءِ مون جڏهن عملي طور جاکوڙ ڪئي، تڏهن هڪ اهڙو شعر ٻڌم جنهن جي خالق جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ وڏا وس ڪيم، پر ڪو پرو نه پيو. شعر جي سٽاءَ تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اهو ڪن اڳاٽن ايامن کان مشهور شعر، گهڻو ڪهنو ۽ ڪسابن جو چيل آهي، جنهن کي سنڌ پرڳڻي جي مشهور استاد ۽ جاگرافيدان “بگي مل – تلسيداس سنجانسنگاڻي” هيٺين ريت پنهنجي تصنيف “سنڌ جي تعلقه وار جاگرافي” ۾ آڻي نصاب ۾ شامل ڪري ڇڏيو: (1)
    “لـکيءَ لـک اُپــايـا، هـزاريءَ هـنيا، هـاٿي جي همت سان خانپوريءَ کنيا،
    ڪرن در ڪوڙو ٿيو، واڳڻو وريو، سوي در سائو ٿيو، نوشهرو نئون.”
    مٿين شعر ۾ گمنام شاعر شڪارپور جي اٺن ئي دروازن جا نالا سمايا آهن. سندس امر تخليق کان پوءِ انهن شاعرن جو اختصار سان ذڪر ڪجي ٿو، جن شڪارپور شهر جي نظم ۾ واکاڻ ڪئي آهي:


    محمد عارف “صنعت”

    محمد عارف “صنعت” اعواڻ جو ڳاڻاٽو، سنڌ جي مشهور شاعرن ۾ ٿئي ٿو. هو فارسي زبان جو صاحبِ ديوان شاعر ٿي گذريو آهي. “صنعت” جي ڪلام جي باري ۾ پير حسام الدين شاهه راشدي لکي ٿو ته: سندس ڪلام ۾ ايرانيت جو عنصر زياده آهي. جيڪڏهن ڪو غير واقف پڙهندو ته محسوس نه ڪري سگهندو ته ڪنهن سنڌي شاعر جو چيل آهي. روزاني، آمد سلاست ۽ زورِ بيان جا خوب جوهر ڏيکاريل آهن. (2)
    تذڪره لطفي جو بيان آهي ته، “صنعت” ڪلهوڙن جي دؤر ۾ پيدا ٿيو، ميرن جو دؤر ڏسي، انگريزن جي دؤر ۾ 2-صفر 1266هه تي وفات ڪيائين (3) “صنعت” پنهنجي اباڻي شهر جي اوج ۽ عروج جي واکاڻ هيٺين ريت ڪئي آهي. جيڪا ترجمي سان ڏجي ٿي:

    شکارپور که رشکِ رياض رضوانست،
    چمن هميشه بهار و شگفته خندا نست.
    هـواي غاليه سايش چو نو بهار ختن،
    فضاش همچو شفق رنگِ گل برافشانست،
    خيالِ جنت کويش زسينه چون گذرد،
    زخلوتِ دلِ ناديد صد بهارانست،
    زبيخ خارشِ زعفران عشق شگفته،
    ز زير خاڪشِ شاخِ جمال رويانست،
    هزار سر و سهي قامتانِ گل رخسار،
    به ناز و عشوه به هر کوچـهء خرامانست،
    هزار بلبلِ دستان به نــغـمــــه - دلــکـش،
    ز سوج عشق محيطي زردرد طوفانست،
    زارج حسن بهاري ز عالم بالاست،
    ز جوش علم و ادب انتخابِ ايرانست،
    زهوش و عقل و هنر بافرنگ هم پهلوست،
    حصارِ او که چون دور سپهر گردانست،
    چو خطهء ساغر لبريز بادهء عشرت،
    سياه نرگس شهلاي اين گلستانست،
    به غمزه ديدهء ليليٰ که دل زمجنون برد،
    نمک به رشته آن پسته زمين نمکدانست،
    به لعل خندهء شيرين که جانِ خسرو داد،
    نمونه ايسـت کزين نقشها نمايانست،
    نگار خانهء چيني که نقش نيرنگي است،
    سوادِ سايهء گلهاي اين گلستانست،
    بهار گلشن کشمير و لاله زار ارم،
    نه گفتم اين ڪه ز حسن و جمال بستانست،
    چون ديد مش به چنين موج و رنگ جلوه گردش،
    نه گفتم اين که ز حسن و جمال بستانست،
    زمانه ديد چونيرنگِ حسن خوبانش،
    خيال بست که اين خطهء پرستانست،
    چون ديد يوسفِ گل پيرهن هزار درو،
    فلک به گفت کي اين نو عروسِ کنعانست،
    ملک به گفت که اين نسخـهء بهشت برين است،
    که قصر هاش مکانهاي حـور و غلمانست،
    سروشِ غيبي ناگه زپردهء اسرار،
    بــه خـــنـــده گــفــت نــي نــي چه عقل ايشانست،
    قبول باد به حسنِ قبول از “صنعت”،
    دعا ي در حقِ تو کز کمال ايقانست.

    ترجمو
    شڪارپور جو شهر رشڪ باغِ رضوان آه،
    ســدا گــلن ســان ڀــريل ۽ شگفته خندان آه.
    نــئــيــن بــهـار جــي خـوشبو رچيل هوائن ۾،
    فــضــا لــطيــف شـــفــــق رنـگ گــل بــدامــــان آه.
    جڏهن اچي ٿو معطر گــهـٽين جــو دل ۾ خيال،
    لــڳــي ٿـــو جــلــوه نما حــسـن صــد بــهــاران آه.
    ڪـنـڊو لـڳـي تـه ٽــڙي عــشــق زعفران مثال،
    جــو شــاخ حـسـن جـي پــيـرن ۾ جانِ رومان آه.
    گهٽي گهٽي مان خرامان هـــزار خوش قامت،
    قــدم قــدم تــان ئــي جــن جــي جـهـان قربان آه.
    جتان ڪٿان پيون اچن بلبلن جـون چهڪارون،
    انــهــيءَ چـمـن جي ته هر شاخ ڄڻ غزلخوان آه.
    آ اوج حــســن ۾ هــن جـو مٿين جهان جهڙو،
    ۽ مــوج عـشـق جـي گهيري ۾ دک جو طوفان آه.
    لڳي ٿو هوش ۾ ڏاهــپ ســان جـهڙو خود انگريز،
    ۽ جـوش - عــلم و ادب ۾ حـــريــفِ ايــــــران آه.
    وري جــي ســاغــرِ لــبــريــز بــاده عــيـش ڏسو،
    تـــه ان جـي دور جــو ڇــيــهـه آسـمــانِ گــردان آه.
    ادا کان جــن جــي ٿــيــا نـيـڻ ليليٰ جا مجنون،
    اُنـهـن ئـي نــرگـسـي نـيـڻ جــو هيءُ گلستان آه.
    ســو شــيــرين خـنـده ڪـئي جـنـهـن تــان جان خسرو نثار،
    انهيءَ جي لوڻ جي رشــتي جو هيءُ نمڪدان آه.
    جهــان ۾ نــقــش آ جــيــڪو نـگار خانهء چين،
    اهـــو تــــه هـــن جـــو نـــمـــونـــو آ، هـي نمايان آه.
    ارم جـي باغ ۽ ڪشمير جي چمن جي بهار،
    آ عڪس جنهن جي گــلن جو اهو هي گلستان آه.
    ڏٺم جي رقص ۽ هت موج ۽ رنگ جا جلوا،
    چــيـم اُنهن سان ئي حسـن و جمالِ پرستان آه.
    هزاري در تــي ڪـنـهـن يـوسف جمال کي ڏسندي،
    فلڪ چيو هي شهر نــئـون نڪورو ڪنعان آه.
    مـــلائڪن به چيو، آ نـئـيــن بــهــشــت بــريــن،
    جــو هــت هــجــومِ مــحــلاتِ حــور و غـلمان آه.
    ۽ پــوءِ غــيــب جـي پـردي مـنجهان پيو پڙلاءُ،
    کــلـي چــيــائون ٿي، بس عقل هتڙي حيران آه.
    پــوي قــبــول بــه حــســن قــبــول “صـنـعـت” کان،
    هيءُ تنهنجي حق ۾ دعا جنهن لئه انت ايهَان آه.
    مترجم : “آذر” ناياب صديقي

    خواند هست جنت اکبر شکارپور،
    واز هشت در بهشت نکوتر شکارپور.
    احرام طوف کعبه ء کوي بتانِ شوخ،
    بستند حاجيانِ حرم در شکارپور.
    اي طيفانِ کعبه ء صد حج اکبر است،
    باسعي و عمره کردن بردر شکارپور.
    از نور عارضِ رخِ خوبان ماهِ رو،
    چون بزم انجم است منور شکارپور.
    بامردم بصارت کلهم الجواهر است،
    در چشم خاکپاي سمن بر شکارپور،
    از قندِ شهد خنده شيرين لبانِ مصر،
    بردند کاروان ز سُکر شکارپور.
    “صنعت” به رنگِ بلبلِ خوش خوان به وصف يار،
    آمد به خوش سخنور شڪارپور.

    ترجمو
    سڀ ٿا چون آ جنتِ اڪبر شڪارپور،
    تسنيم سلسلبيل ۽ ڪوثر شڪارپور.
    ڪعبه سمان بتن جي گهٽين جي طواف لاءِ،
    عاشق اچن ٿا شوق سان هر هر شڪارپور،
    قبلو آ اهلِ علم و هنر لاءِ اصل کان،
    مرڪز آ علم و هنر جو برتر شڪارپور.
    سهڻن جي منهن مان روشني چوڌار ٿي پوي،
    ٿيو جنهن کان ڪهڪشان جان منور شڪارپور،
    ماڻهن جي ديد واسطي ڪهل الجواهر آهه:
    سهڻن جي خاڪ پاء سان تونگر شڪارپور.
    شيرين لبن جي خنده جي ماکيءَ جي ميٺ مان،
    پهچائي ديس ديس آ شڪر شڪارپور.
    “صنعت” پرين جي وصف سان بلبل جان خوش نوا،
    وڻندڙ ادا سان آيو سخنور شڪارپور
    مترجم: “آذر” ناياب صديقي


    مير ڪاظم شاهه

    مير ڪاظم شاهه ولد اسماعيل شاهه، حيدرآبادي ٽالپرن پاران، شڪارپور جو پهريون گورنر مقرر ٿي آيو. پنهنجي وڏي ڀاءُ عابد شاهه وانگر فارسي زبان جو سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. سنڌ جي ادبي تاريخن ۽ فارسي تذڪرن ۾ سندس نالو نمايان نظر اچي ٿو.
    شڪارپور جي بلند پايه فارسي گو شاعر آخوند صاحبڏني سان سندس تعلقات گهرا هئا، کيس شڪارپور شهر گهڻو پسند هيو. پاڻ شڪارپور شهر جي واکاڻ هيٺين ريت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو اَٿس، سنڌي ترجمي سان پيش ڪجي ٿو.
    شکارپور عجب جاي خوب رويانست،

    مقام و منزل ماواي عندليبانست،
    نه موسمِ گل و فصل بهار باشد ليک؛
    بهر طرف که نظر ميکنم گلستانست.
    ترجمو
    شڪارپور ڇا ته سهڻن جو شهر خندان آه،
    مقام ۽ ماڳ پناه گاهِ عندليبان آه،
    گلن جي مند نه موسم بهار جي آ مگر؛
    نظر کڻي ٿو ڏسان جنهن طرف گلستان آه.
    مترجم: “آذر” ناياب صديقي


    مرزا احمد علي “احمد”

    مرزا احمد علي “احمد” جي باري ۾ تذڪره نويسن لکيو آهي ته هو اصل ۾ قلات جو رهواسي هو. قلات جي خان مير خداداد خان سان اختلاف پيدا ٿيڻ ڪري 1873ع ڌاري جيڪب آباد ۾ اچي رهيو، پر ترت ئي شڪارپور ۾ عارضي سڪونت اختيار ڪري، خيرپور جي والي مير مراد علي خان جي درٻار سان وابسته ٿي ويو. شڪارپور ۾ رهندي، هتان جي ادبي حلقي ۾ چڱو نانءُ ڪڍيائين، فارسي زبان جو سٺو شاعر هيو. سندس ڪلام هفتيوار “مفرح القلوب” ڪراچي ۾ اڪثر شايع ٿيندو هيو. چوڏهين نومبر 1880ع جي شماري ۾ شڪارپور جي واکاڻ ۾ سندس هيٺيون قصيدو شايع ٿيل آهي، جيڪو سنڌي ترجمي سان پيش ڪجي ٿو.

    بهشت روئي زمين گلشنِ شکارپور است،
    نگار خانهء چين گلشنِ شکارپور است،
    به قصر هائي فراوان و گل رخان و فير،
    به باغِ خلد - برين گلشنِ شڪارپور است،
    اگر ز روضهء مينو سواد گفتندي،
    يقين شدم که همين گلشنِ شکارپور است،
    هزار همچو جهاندار و بهره ور بانو،
    بياببين که درين گلشنِ شکارپور است،
    چه احتياج کند سوئي گلشنِ “احمد”،
    کسي که ساکنِ اين گلشنِ شکارپور است.

    ترجمو
    بهشت روئي زمين گلشنِ شڪارپور آ،
    نگار خانهء چين گلشنِ شڪارپور آ.
    فراوان محل ۽ ماڙين ۽ گلرخن جي ڪري،
    شريڪ – خلد برين گلشنِ شڪارپور آ.
    پڇو جي مون کان ته ڇا هي بهشت جو روضو،
    يقين آهي يقين گلشنِ شڪارپور آ.
    هزارين مثل جهاندار ۽ بهرور بانو،
    هتي پسين جو پرين گلشنِ شڪارپور آ.
    ضرور ڪنهن کي آ “احمد” جي باغ ڏانهن ڏسي،
    وطن هي جنهن جو حسين، گلشنِ شڪارپور آ.
    مترجم : “آذر” ناياب صديقي


    صاحبداد شيخ

    صاحبداد شيخ ولد شيخ ميهر علي سنه 1850ع ڌاري شڪارپور ۾ ڄائو. شڪارپور جو هيءُ گمنام، غير معروف پر هڪ بهترين شاعر ۽ عمدو نثر نويس ٿي گذريو آهي، جيڪو پنهنجي وقت جو چڱو حڪيم به هو. مادري ٻولي سنڌي کان علاوه عربي، فارسي، اردو، پشتو، پنجابي، انگريزي ۽ ترڪي زبانن تي به خاصي دسترس حاصل هيس. پاڻ ڪيترو عرصو برطانيه حڪومت جي مختلف کاتن ۾ ملازمت ڪيائين. بحرين ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني پاران مترجم جا فرائض به سر انجام ڏنائين.
    سندس تصنيفات ۾ فرهنگِ قادري ۽ انشاء سنڌي مشهور آهن. سندس وفات 1936ع ڌاري شڪارپور ۾ ئي ٿي. شڪارپور تي سندس فارسي ۾ هيٺيون قصيدو ملي ٿو، جيڪو ترجمي سان پيش ڪجي ٿو:

    شهر شکارپور که درِفن حسن وري،
    در ملک هند گشت يکي شهر نادري.
    در شهر اين مرتبه صد کوچهء شدند،
    هر کوچهء سرمست رئيس سنمبري،
    در کوچهء شاهدان راگر ميکني نظر،
    هر يک صنم چرا پري مانند که يک وري،
    زين شهر گر به بيني يک شوخ پُر جمال،
    بر حسن او فدائي شوي در نظر وري،
    هر يک شمان آن بت جادو تو بينگري،
    سامان دل دهي تو اگر زهد پروري.
    ترجمو
    شهر - شڪارپور بصد حسن و دلبري،
    بيشڪ آ هند و سنڌ ۾ هڪ شهر نادري.
    هن شهر جي گهٽين جو وڏو مرتبو ٿيو،
    هر هڪ گهٽي لڳي ٿي رئيسِ سنمبري،
    سهڻن جي گس ۾ پئجي وڃي جيڪڏهين نظر،
    هر هڪ صنم پيو ڀانئين ته آ پنهنجي مٽ پري،
    هن شهر جو ڏسين جي هڪ شوخ پُر جمال،
    پهرين نظر سان تنهنجي ڪري دل ڇڏي چري،
    جنهن کي به تون ڏسين توکي جادو نظر اچي،
    واري وِهين انهيءَ تان سڄي زهد پروري.
    مترجم : “آذر” ناياب صديقي


    پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي

    پروفيسر شيوارام نرسنگهداس ڦيرواڻي جو جنم سنه 1867ع ڌاري شڪارپور ۾ ٿيو (1950ع ۾ ديهانت ڪيائون) . سن 1912ع کان 1924ع تائين بمبئي يونيورسٽي ۾ پروفيسر جي عهدي تي فائز رهيو. پوءِ اباڻي شهر شڪارپور جي اُڪير کنيس ته اچي ميونسپالٽي جي مختلف عهدن تي ڪم به ڪندو رهيو ته ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي تعليم کي زور وٺائڻ لاءِ “پرائمري سڪول بورڊ ميونسپالٽي شڪارپور” نالي هڪ ڪاميٽي جوڙي ان جي صدارت سنڀاريندي تعليم جي واڌاري لاءِ به پاڻ پتوڙيندو رهيو. وڇوڙي جو واءُ گهليو ته پنهنجي اَباڻن ڪکن کي ڇڏي پرڏيهه اَسيو. تحقيق جي عملي ميدان ۾ سندس ليک جيڪي ماهوار اخبار تعليم حيدرآباد، ماهوار سنڌو شڪارپور، روزانه قرباني شڪارپور ۽ روزانه سوراج شڪارپور ۾ وقت بوقت ڇپبا رهيا. جيڪي اڄ به اسان جي رهنمائي ڪن ٿا. شڪارپور جي تعريف ۾ سندس چيل/ڇپيل انگريزي نظم ترجمي سان پيش ڪجي ٿي:

    One a forest, a happy hunting ground,
    And next warring weaver’s village,
    How Timour invited Hindu settlers,
    How trade selected you its own,
    The passage point for Afghan goods & North – East India,
    Shikarpur, Thou hast witnessed the Daud potras
    Afghan, Mirs and now the English.
    Forest once, and than Fertiled town,
    Quaint relies of whose mud walls still remain
    Your merchants rooted Bazzar continues on
    By your camel Station, Railway Station springs,
    and the modern genii of light have sought their power abide,
    The soldiers camp, now civic town becomes,
    Towards station and Shahi garden growing?
    When will thou organize for peaceful progress,
    Helping every citizen,
    To Health and Education;
    Employment and Recreation;
    Justice and conservation.
    ترجمو
    ڪنهن ٽاڻي هو گهاٽو ٻيلو مَارِين لئه ميدان،
    ڪورين اُتڙي ڳوٺ ٻڌائي عام ڪيو اعلان.
    ڪنهن هندن کي دعوت ڏيئي همتايو تيمور،
    جنهن پنهنجو واپار وڌايو وريا نه پٺتي مُور،
    اُتر - اوڀر هندستان ۽ افغانن جو لنگهه،
    واپارين لئه مُک دروازو، سوکو سولو لنگهه،
    شڪارپور ٿيو ساکي پنهنجي باني دوائودپوٽن جو،
    افغانن جي راڄ پڄاڻان ميرن ۽ انگريزن جو.
    ٻيلي مان ٿيو شهر سونهارو ڏيهان - ڏيهه مشهور،
    هرڪو پنهنجي ڪرت ۾ پورو گد - گد ۽ مسرور.
    جهونيون پراڻيون گنب جون ڀتيون ۽ ڦٽل آثار،
    اُهڃاڻن ۾ ڏيکارن ٿا اڳين جا جنسار.
    واپارين جي دم سان جاري، ساري ڍڪ بازار،
    قافلي قلعي ۽ اسٽيشن جو ٿيو آ ناماچار،
    برقي جوت جو جنُ ٿيو ظاهر، هر ڪنهن گهر ۾ جيئن،
    سڄي ڇانوڻي روپ وٺي وئي نئين شهر جو تيئن.
    اسٽيشن جي حد کان شاهي باغ جي حدن تائين،
    انسانن جي واڌ سان گڏجي آنند رهندو سائين؟
    هر شهريءَ جي هٿ ونڊ سان ٿئي گهر - گهر جيڪر صاف،
    عام ٿئي تعليم، هنر ۽ ڄاڻ سان گڏ انصاف.
    تفريح سان گڏ ملي تحفظ سڀ ماڻن آرام،
    پورهي جي واڌاري سان گڏ ناڻو ٿئي پڻ عام.
    هر دک دور ڪبو شهرين جو تڏهن ته ٿيندو سُک،
    شهر اسان جو ڏيهه سڄي ۾ ليکيو ويندو مُک.
    مترجم : “نقش” ناياب منگي


    فقير غلام علي “مسرور”

    فقير غلام علي “مسرور” ولد حاجي رحيم بخش بدوي (جنم : 1893ع ، وفات : 1952ع) جو شمار انهن صوفي شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جن فڪر ۽ فقر کي شعار بڻائي سنڌي ادب ۾ ناماچار ڪڍيو. هو ڪنهن به رسمي تعارف جا محتاج نه آهن. پاڻ نه رڳو هڪ پخته گو شاعر هئا، پر اعليٰ پايه جا نثر نويس به هئا. سندن تصنيفات ۾ “مسدس مسرور” عرف “هيرن جو هار”، “راڳ جي شرعي حيثيت”، مثنوي هير رانجهو”، “دشمن”، “من - مستي”، “سلطاني سهاڳ” کان علاوه “فقير واليڏنو شڪارپوري” جو ڪلام پڻ شامل آهن. پاڻ روهڙي شريف جي صوفي شاعر ۽ بزرگ حضرت بيدل سائين رحه جي فڪر جو گهرو اثر قبول ڪيائون ۽ اهوئي سبب آهي جو سندس ڪلام ۾ مرشد جي ناصحانه ڪلام جي جهلڪ نظر اچي ٿي. شڪارپور شهر ۽ ماحول جي عڪاسي هيٺين ريت نظم ڪئي اٿن.

    عجب ماڻهو اڄوڪي ٽاڻي رهن - ڪرن ٿا شڪارپور ۾،
    مزي سان پنهنجي ڪمين وهاڻي اچن - وڃن ٿا شڪارپور ۾.
    لچا لفنگا اڇن وڳن سان، وڏا وڏيرا وڏن پڳن ۾،
    مزور واندا گهٽين دڳن سان گهمن - ڦرن ٿا شڪارپور ۾.
    چڱي مٺي جا ٻه - چار نوڪر، ڏُڪر جي جن کي لڳي نه ٺوڪر،
    ٻيا سڪولي غريب ڇوڪر نچن - ڪڏن ٿا شڪارپور ۾.
    ملي نه لهڻو رهيل ڪمايل سدا سڃن جا سوين ستايل،
    ٻيا گهڻا مون جيان دکايل مرن - جيئن ٿا شڪارپور ۾.
    گهڻائي ڪال و نچال وارا گهڻائي خارج خصال وارا،
    تڏهن به خاصي خيال وارا اُٿن - ويهن ٿا شڪارپور ۾.
    ڏسي هي حالت ڏڪي وڃان ڪجهه مگر نه دل جو ڀرم ڀڃان ڪجهه،
    گهڻا ويا گهر ڊهي اڃان ڪجهه ڪِرن - ڊهن ٿا شڪارپور ۾.
    وڌيڪ “بدوي” نه ڪر حڪايت اها حڪايت چون شڪايت،
    گهڻائي اهڙا ذليل عادت هڻن - کڻن ٿا شڪارپور ۾.


    مولا بخش “مسڪين”

    مولا بخش “مسڪين” ولد عبدالمجيد ڀٽو، (جنم 1 – مارچ 1893ع وفات 24 سيپٽمبر 1953ع) ڪنهن به رسمي تعارف جو محتاج نه آهي، سندس ڪلام تي سنڌ جي لاثاني شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي فڪر ۽ فن جو گهرو اثر نظر اچي ٿو. سندس ڪلام ابيات، نعت شريف ۽ ڪافين جي صورت ۾ ملي ٿو. هن هيٺ شڪارپور جي تعريف ۾ سندس ابيات پيش ڪجن ٿا:

    شڪارپور سندي شهر ۾ عجب آهه اسرار،
    ماڻهو سندس محبتي سهڻو ڪن سينگار،
    حسن سندو هٻڪار، آهه بره سندي بازار ۾.
    ___
    لقو مان لکي در تي عالم اچي ٿو،
    محبتي ماڻهن جو ميڙو مچي ٿو،
    عجب رنگ رچي ٿو، مهر مان “مسڪين” چئي.
    ___
    مهر جو “مسڪين” چئي آهه “هزاري درَ” هَل،
    “هاٿيدر” جي هٻڪار جو مور نه آهي مُل،
    بره ڏسي نا ڀل، خوشي مان “خانپوري در” جو.
    ___
    خوشيءَ مان “خانپوري” ڇڏي “سوي در” ڏي سُر،
    “اسٽور” ۾ اچي ڪري، “واڳڻي در” ور،
    ڪامل کڻي ڪر، گهمج “باغ وڪيل” جو.
    ڏسي باغ رڙهي هلج لاڳاپا لاهي،
    “صديق ماڙي” کان سري “ڪرن در” ڪاهي،
    “نوشهرو” نالي وڃي ڏس “شاهي باغ” کي.
    ___
    وڃي ڏس “شاهي باغ” کي گهمي گهٽيون گهيرا،
    ڏئي چڪر چمن جا ڏي چاهه منجهان ڦيرا،
    ڳٽ - ڳٽ ڪن ڳيرا، ويهي وڻن وچ ۾.
    ___
    ويهي وڻن وچ ۾ ٿا طوطا تنوارين،
    ڪري مٺيون لاتيون دليون ڌتارين،
    قمريون ڪوڪارين، محبت مان “مسڪين” چئي.


    حاجي شير محمد ”شِيرل“ چغدو

    شير محمد شيرل ولد حاجي محمد صالح چغدو، 9 نومبر 1880ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. مختلف تعليمي سندون حاصل ڪري 27 فيبروري 1900ع تي پرائمري استاد مقرر مقرر ٿيو. ملازمت جو ڪافي عرصو همايون ۾ گذاريندي حضرت مولانا عبدالغفور مفتون همايوني جي صحبت ۾ رهيو. 10 اپريل 1919ع تي ڳڙهي ياسين ميونسپل اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو ۽ 1932ع ڌاري ڊپٽي انسپيڪٽر جي عهدي تي رهندي رٽائرڊ ڪيائين. شعروشاعريءَ سان جواني کان لڳاءُ هيس، سندس شمار شڪارپور جي ناميارن شاعرن ۾ ٿيندو هو. پاڻ 14 آڪٽوبر 1963ع تي شڪارپور ۾ وفات ڪري ويو. هن هيٺ شڪارپور متعلق سندس سندر ڪويتا کي پيش ڪريان ٿو:
    مشهور شهر آهي سهڻو شڪارپور،
    موزون ملڪ آهي جلوو شڪارپور.
    حسن سندي آ هلچل سهڻن وٽ مڪمل،
    سودو حسن جو آهي هوڪو شڪارپور.
    رفتار سهڻن جي سان اٿي خاڪ اڪثر،
    ڪجل الجواهر ڀائين هرڪو شڪارپور.
    غمزه ۽ ناز سان پڻ هِنِ نازنين مشهر،
    نيڻن جا تير جهلي سڀڪو شڪارپور.
    گفتار سهڻن جي مان شڪر ٽمي ٿي چپن،
    وه وا ٺهي مٺائي حلوو شڪارپور.
    ڪيڏي گذاري شيرل عمر هتي اجائي،
    پرين جي پياس ۾ ٿيو پوڙهو شڪارپور.


    لطف الله بدوي

    لطف الله “جوڳي” ثم “بدوي” ولد حاجي امام بخش “خادم” بدوي (جنم 4 - جولاءِ 1904ع – وفات 19 - نومبر 1968ع) سنڌ جي وهاڻو تاري، سنڌي علم - ادب جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيندي امرتا ماڻي آهي. سندس نالو سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ سونهري اکرن سان لکيو ويندو. مرحوم هڪ سٺي محقق، تاريخدان، ڊرامه نويس، مضمون/مقاله نگار ۽ افسانه نويس کان علاوه هڪ پخته گو ۽ اعليٰ پايه جو شاعر به ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام پنهنجي مادري ٻولي سنڌي کان علاوه اردو ۽ فارسي ٻولين ۾ به ملي ٿو. پنهنجي اباڻي شهر سان اُڪير ۾ هيٺين ريت پنهنجو ناتو نڀايو اٿس:

    وطنِ عزيز تنهنجون راحت ڀريون ڪهاڻيون،
    پرديس تي پري اڄ هڪ - هڪ ٿي ياد آيون،
    جهولي ۾ تنهنجي گهڙيون مٺڙيون جي مون ٿي ماڻيون،
    اڄ هت پري گذاريان سيني سان تن کي لايون،
    ڇا دلنشين تنهنجو آ “سنڌو واه” جو ڪنارو؛
    وسري شڪارپور ڪٿ، تنهنجو حسين نظارو.
    ___
    خود رو گلن سان ڇانيل هون تنهنجون ماڙيون سڀ،
    جت حسن و عشق هر دم ڏي ٿو هزار لوليون،
    سر سبز واديون سڀ تنهنجون مزي ڀريون سڀ،
    هر دم جتي ٿي گهلندي کيڏي بهار هوليون،
    اُڀري کلي سدائين جت صبح جو ستارو؛
    وسري شڪارپور ڪٿ، تنهنجو حسين نظارو.
    ساٿي مان ديس جا هت روئندي سڀئي سنڀاريان،
    ڪنهن سان مان حال اوريان تنهنجون مٺيون ڪهاڻيون،
    اڻ - تڻ لڳل اندر ۾ گوندر ۾ ٿو گذاريان،
    تارن ڀريون هي راتيون توکان پري وهاڻيون،
    غم سان ڀريل هي قصو، پر سوز آهه سارو؛
    وسري شڪارپور ڪٿ، تنهنجو حسين نظارو.
    ___
    ڪيڏا نه دور ٿي ويا مون کان اُهي پيارا،
    جن جي سدائين مون کي پئي ياد ٿي ستائي،
    الفت ۽ دوستي جا شهڪار شاهه پارا،
    جن جي ڳڻن جون ڳالهيون هر هر ٿي دل ٻُڌائي،
    هر ذرو خاڪ جو آ مون لئه سندءِ پيارو؛
    وسري شڪارپور ڪٿ، تنهنجو حسين نظارو.
    __
    مايوس هڪ مسافر هت دور توکان آهيان،
    فڪر - جهان کان ڪيڏي مجبور ٿي جواني،
    هي غمزده حياتي سهمن ۾ ٿو نڀايان،
    اَي مادر - وطن هي دوري جي زندگاني،
    توکان جدا ٿي ان جو آهي ڪٺن گذارو؛
    وسري شڪارپور ڪٿ، تنهنجو حسين نظارو.


    عبدالحميد “صبر”

    عبدالحميد “صبر” چوڌري فضل ڪريم “افضل” (جنم : 2 - ڊسمبر 1918) مشرقي پنجاب جي مکيه رياست ڪپورٿلا ۾ ڄائو. ورهاڱي کان پوءِ شڪارپور ۾ عارضي سڪونت اختيار ڪرڻ کان پوءِ هينئر لاهور لڏي ويو آهي. پنهنجي مادري ٻولي پنجابي کان علاوه، فارسي، اردو ۽ سنڌي ۾ به شاعري ڪندو رهي ٿو. هن هيٺ شڪارپور متعلق سندس قلمي پورهيو نذر ڪجي ٿو:

    لکها شڪارپور کا به حالت کبيده،
    زندون کا مين ني نوحه مردون کا يه قصيده.
    مين ني شکارپور کي ديکهي جو بد نصيبي
    آنکهين هين ميري پر نم دل هي ميرا تپيده.
    بام - عروج پر تها اس شهر کا ستارا
    کچهه خود بهي مين ني ديکها کچهه هي ميرا شنيده.
    علم و ادب کا سورج نصف النهار پر تها
    روشن تهي يون ثقافت جيسي قمر دميده.
    پهولون مين رنگ بهر کر اس شهر کي هوائين
    نغمي الاپتي تهين جيسي کوئي نهيده.
    کشمير سي زياده جنت نظير يه تها
    ساري جهان کا تها هر حسن اس مين چيده.
    قدمون مين جن کي آکر جهکتي تهي بادشاهي
    وه هستيان يهان پر رهتي تهين برگزيده.
    ايران کي تهي بکتي قالين اس شهر مين
    هوتا تها جن کي اوپر هر رنگ کا کشيده.
    کابل کا خشک ميوه آتا تها جس جگه يان
    وه قافله قلع هي به حالتِ بوسيده.
    آتي تهي پشم ليکر اس شهر مين بلوچي
    يعنيٰ هر ايک دهندا تها اس جگه چنيده.
    منڊي تهي هر طرح کي غلي کي اس جگه پر
    تها قحط خود يهان پر گويا قحط گزيده.
    لگتا تها هنستا بستا هر سمت اس شهر مين
    کوئي نه تها يهان پر مفلس ستم رسيده.
    کرتا تها سر پرستي هر شخص اس شهر کي
    بندي وه نيک خو تهي اوصاف تهي حميده.
    وه لوگ کيا هوئي هين مين سوچتا هون اکثر
    رهتا هون رات دن مين اس غم مين آبديده.
    حالت خراب اس کي دن رات هو رهي هي
    کيون ديکهتي نهين هم کيون پهڻه گيا يه ديده.
    يه هسپتال کالج سڙکين فلش سسڻم
    افسوس هوگئي هين يه سب کي سب دريده.
    اب خاک اُڙ رهي هي هر سمت اس شهر مين
    هر کوچه و گلي مين گاري کي هي مليده.
    اس شهر کي جوانو! اس کو بهي ڻهيک رکهو
    جو کام کرگئي هين بوڙهي کمر کشيده.
    شايد کبهي کسي کو آجائي ترس اس پر،
    گر اس کي بهتري کو لکهي هر اک جريده.


    “آذر” ناياب صديقي (وفات 04 اپريل 2004ع)

    غلام حامد حيدر “آذر” ناياب صديقي، بدايوني: سنڌ جي لال ڪنوار جهڙي شاعري جي کهنڀي ۾ چمڪندڙ موتين ۽ ستارن ۾ هڪ اَملهه هيرو آهي، جنهن جي جوت ڪشمور کان ڪراچي تائين ڪيترن وجودن کي جڳ - جڳ جرڪايو. سندس جيون ڪٿا سنڌ جي جڳ مشهور عالم، استاد، اديب ۽ شاعر ابو عطا سنڌي جيان لڳندي آهي. پنهنجي اباڻي شهر بدايون (يو.پي - اتر پرديش) مان نڪتو، ته پنهنجي قابليت جي سرٽيفڪيٽن سان گڏ پنهنجو اصل نالو “غلام حامد حيدر” اُتي ڇڏي آيو. سنه 1949ع ڌاري پاڪستان اچي “آذر” ناياب جي تخلص/نالي سان تعليم ۽ ادب جي عملي ميدان ۾ ناماچار حاصل ڪيائين. پاڻ هڪ هڏڏوکي استاذ جي حيثيت سان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پاڙهيندو رهيو، ۽ آخر ترقي ماڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن جي عهدي تي پهتو، ۽ ان ئي عهدي تان رٽائر ڪيائين.
    “آذر” ناياب، سچل رحه سائين درازن ڌڻي جو انتهائي معتقد ۽ انسان دوستي جي راهه ۾ مقلد آهي. هو سائين سچل رحه جي پاڙي راڻي پور ۾ قيام پذير ٿيڻ کي پنهنجي خوش نصيبي ۽ فخر محسوس ڪندو رهيو، سندس من جي منشا اها ئي هئي ته هو حياتي جا باقي ڏهاڙا راڻي پور ۾ ئي گذاريندو، ۽ حضرت سچل رحه سرمست جي مزار تي هو صبح جي سهانن ڪرڻن سان وهنجي درازيءَ جي درسن جو اڀياس ڪندو رهندو، پر کيس ڪهڙي خبر ته پاڻ انهن انسانن مان آهي، جن کي ڪابه رٿي راس نه ايندي آهي. راڻي پور جي سرزمين به سندس وجود لاءِ بدايون جي ڌرتي جهڙا سانگ سجايا. آخرڪار هو اتان نڪري سمنڊ ڪناري، وارءَ جا گهرڙا جوڙيندو پاڻ کي پرچائيندو رهي ٿو.
    نوڪريءَ سانگي شڪارپور جي سرزمين تي اچي رهيو، ۽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۾، شڪارپور جي مستقبل جي سنگ تراشي ڪندو رهيو. شڪارپور سندس حساس طبيعت کي ماءُ جي جهول جهڙو سڪون بخشيو ۽ سندس قلب کي قرار بخشيو، مگر ملازمت جي مجبورين سانگي بديلين جي بلي ٿي، هتان به هليو ويو.
    شڪارپور جا رنگ اڄ به سندس وجود جي وار - وار تي ڇانيل آهن، ۽ هتان جو پاڻي سندس نس-نس ۾ سنڌو جي شاخن جيان ڊوڙي رهيو آهي، شڪارپور لاءِ پنهنجي جذبن کي هن طرح ٿو پيش ڪري:

    شڪارپور تو مونکي ماءُ جهڙو پيار ڏنو،
    شعور ۽ عقل ڏنو، علم ۽ اعتبار ڏنو،
    متاع-عشق و وفا دل کي ڪردگار ڏنو،
    بشر کي تحفي ۾ رنگين تر بهار ڏنو.
    حسين شهر جا ٿورائتا اسين آهيون،
    اسان ته ڪجهه نه ڏنو هن لکن جو پيار ڏنو.
    بهشت جهڙيون ئي ناياب نعمتون بخشي،
    دماغ و دل کي سڪون روح کي قرار ڏنو.
    شڪارپور جي عطر بيز تڌڙين هيرن،
    امڙ جي ڪڇ جي حرارت امڙ جو پيار ڏنو.
    امڙ جي مار ڪڍي ٿي ڪڏهن ته پيار سان گڏ
    مگر انهيءَ ته هميشه نروئي پيار ڏنو.
    اسان به ڪهڙا نسورا نڀاڳا پٽ آهيون،
    امڙ کي پيار جي عيوض ڪڏهن نه پيار ڏنو.
    گداگرن کي انهيءَ شهر مالا مال ڪيو،
    سلوڪ “سامي” جا “بدوي” جو افتخار ڏنو.
    وياسين سوئمبرن ۾، ۽ موٽي آياسين،
    اسان کي ڪنهن به حسينه ڪڏهن نه هار ڏنو.
    شڪارپور سان ورهايون فراغتون “آذر”،
    مگر نه ڪنهن به رهاڪو کي حالِ زار ڏنو.
    شيخ اياز

    مبارڪ علي، “اياز” ولد غلام حسين شيخ، 2 مارچ 1923ع تي اسان جي شهر شڪارپور ۾ ڄائو. سنڌي ٻولي جي ادب جو ناميارو شاعر ۽ دانشور، ننڍپڻ کان ئي نهايت ذهين ۽ اورچ شاگرد جي حيثيت سان تعليمي پد تي پهتو، ۽ ايل-ايل-بي جي ڊگري حاصل ڪري وڪالت جي پيشي سان وابسته ٿي ويو، جناب ذوالفقار علي ڀٽو، جي عوامي حڪومت جي دور ۾ سندس ڏاهپ ۽ دانشمندي سبب کيس سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جو قلمدان سونپيو ويو. ضياءُ الحق جي آمرانه دور ۾ اتان سبڪدوش ٿي وري اچي سکر ۾ پنهنجي وڪالت جي پيشي سان واڳيو، ۽ ملڪ ۾ امن آشتي جي لاءِ، ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف لکندو رهيو. سندس تخليقون انسان دوستي، وطن پرستي، محبت ۽ پيار جون پرچارڪ آهن. سندس اعليٰ ادبي خدمتن جي عيوض کيس صدارتي ايوارڊ پڻ عطا ٿيل آهي.
    شيخ “اياز” جي نثر ۽ نظم جي مطالعي مان اها پروڙ پوي ٿي ته هو شڪارپور ۾ گهاريل پنهنجي ننڍپڻ جي ڏينهڙن کي ساري پنهنجي سڪ ۽ اُڪير جو اظهار ڪندو رهي ٿو. سندس شاعري شڪارپوري ٻوليءَ جو مظهر آهي، جنهن ۾ رواني، برجستگي ۽ فڪري گهرائي هو هڪ حساس دل جي ترجماني ڪري ٿي. اياز صاحب * جي ڪويتا ساگر مان موتي شڪارپور جي نالي نڪتل آهن، جيڪي هن هيٺ ڏجن ٿا:

    سرتا “شاهي باغ” ۾ انبن جي هيٺيان،
    او شل ٻڌان مان، ٽپ-ٽپ سانوڻ مينهن جي.
    __
    ڌرتي تي ڌرڻو ڪري تيسين شل ترسان،
    جيسين ميڙاڪا ڏسان، “لکي در” ڀرسان،
    ڇِڳل ڪنڍين جان؛ جيڪي ڇُڙ ڇڙ ٿي ويا.
    __
    جنهن مان رستو ٿي ويو، تنهنجي گهر تائين،
    “ڪاري نهائين” وسري-وسري ڪينڪي.
    __
    ڇا هو وهندي واهه ۾ تُنبن تي ترندا،
    وري نه ورندا؛ ڏيهي منهنجا ڏيهه ۾.


    شعبان “بخت”

    استاذ محترم شعبان “بخت” ولد رسول بخش جن جي شخصيت ادبي دنيا ۾ ڪنهن به رسمي تعارف جي محتاج نه آهي. پاڻ پنهنجي علمي صلاحيتن سان سرائڪي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ادب کي اوج تي رسائيندي، ڪارن وارن مان اڇا ڪري ڇڏيائون. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ٻوليءَ جي مشهور گيت گو شاعر ڊاڪٽر قيوم “طراز” سنه 1993ع ۾ کين ڏسندي چيو هو ته “افسوس! “بخت” جا وار به اڇا ٿي ويا!!”.
    سائينجن: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رهندي، علم و ادب لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهيا آهن. هالا جي سُکر ۽ ستابي سرزمين تي “ماهوار فردوس” رسالي جي ادارتي بورڊ ۾ رهندي، فردوس کي واقعي ادبي دنيا لاءِ فردوس بنائيندا رهيا. ماهوار “ڳوٺ سڌار” ۾ سندن خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. جيڪب آباد ۾ روزانه اخبار “سارنگ” کي شاهه لطيف رحه جي سر سارنگ جو آهنگ بخشيائون. روزانه اخبار “هلال پاڪستان” سکر کي پنهنجي غير معمولي صلاحيتن سان چار چنڊ لڳايائون. ان کان پوءِ، ماهوار “نئين زندگي” ڪراچي / حيدرآباد کي نئين زندگي ڏنائون. جتان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ محترم استاذي غلام رسول ميمڻ صاحب جن جي گذارش تي هفتيوار اخبار “ناياب” جي ادارت جو قلمدان سنڀالي شڪارپور کي پنهنجي علمي ۽ ادبي خدمتن سان نوازيو. محترم “بخت” صاحب جن “صنعت” “سامي” ۽ “اياز” جي سرزمين تي ڪي پل گهاريندي، هن شهر جي مٽي ۽ مِٺي ٻوليءَ جي هُڳاءَ سندس هينئڙي کي جيڪو قرار ڏنو، سو سندس رباعيات مان ظاهر ٿئي ٿو:-
    “ڀنڀور” جي آهي ته سڃاڻپ “سسئي”،
    “مارئي” ڪري مشهور “ملير” آهي ٿي؛
    پر آهي عجب جهڙي “شڪارپور” جي شناخت،
    لهجي ۾ مٺي ماکي کان ان جي ٻولي.
    “ٻوليءَ” جي حوالي سان ڪبي کوج ته پوءِ،
    هن اٽل متي مول جو ئي پوندو پتو؛
    مٺي سا مٺي، کاري سان کاري ٿي ٿئي،
    آهي اهو اسرار سڄو “مٽيءَ” جو.
    هن خطه جي “مٽي” ئي مٺي ماکي هئي،
    هر شيءِ جا ٺهي ان مان مٺي ئي ٺهي؛
    هن مٽي مان ماڻهو جڙيا اَزلي مٺڙا،
    ۽ ٻولي به مٺڙي ٿي، هنن ماڻهن جي.
    هن “مٽي” جي ميٺاج جو آ راز مٺو،
    ان راز سان هر ساز ۽ آواز مٺو؛
    “صنعت” مٺو، “سامي” مٺو، “اياز” مٺو،
    هر ڪنهن جي ئي آ فڪر جو پرواز مٺو.
    جنهن هنڌ به، جيڪو به آ ماڻهو مٺڙو،
    چوندس ته اهو آهي هن ئي خطه جو؛
    “آذر” هجي ناياب، بدايوني ته به،
    توڻي جو لڏي “صبر” به پنجاب ويو.
    ميٺاج سان منسوب آ شهرت ان جي،
    ميٺاج سان محڪم آهي عزت ان جي،
    ميٺاج سان ئي “بخت” انهيءَ موهيو آه،
    ميٺاج ئي ميٺاج آ حقيقت ان جي.


    ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” سومرو

    ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” ولد محمد حسين “مسڪين” سومرو (جنم پهرين جولاءِ 1932ع) جو شمار ضلع شڪارپور جي تعلقي خانپور جي ادبي شخصيتن ۽ سنڌ جي نامور قلمڪارن ۾ ٿئي ٿو. شڪارپور جي تاريخ متعلق سندس ڪيترائي تحقيقي مقالا ۽ مضمون سنڌ جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل آهن، “مير علي نواز علوي” مرحوم جي شخصيت ۽ علمي ڪارنامن تي وڏي محنت ۽ تحقيق سان هڪ تفصيلي ۽ علمي مقالو لکي 1978ع ۾ پي-ايڇ-ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي پاران ڇپايل ڪتاب: “شڪارپور صدين کان” جي ايڊٽ جو سهرو به سندس سر تي سونهين ٿو. ڊاڪٽر “راز” صاحب هڪ بهترين محقق کان علاوه چڱو شاعر به آهي. هن هيٺ سندس شڪارپور جي تاريخي پس منظر ۾ چيل مسدس جا ڪجهه بند پيش ڪجن ٿا:-

    اڏايل هن شهر جا ڪي نشان باقي عيان آهن،
    ڏسو عبرت سندا شاهد ڦٽل ان جا نشان آهن،
    اڃان تائين هتي شب و روز طوفانِ خزان آهن،
    شڪارپور جي شهر جا گيت ڀي ڄڻ نوحه خوان آهن،
    ڪٿي آهن اُهي باني هلائي جن حڪومت هت؛
    جهلي آئي عداوت ۽ زماني جي خصومت هت.
    اول باني بهادر خان حشمت دار هو هتڙي،
    مبارڪ خان عاليجاهه عظمت دار هو هتڙي،
    سخي دل صاف صادق خان عصمت دار هو هتڙي،
    بهاول خان والي راڄ جو پڳدار هو هتڙي،
    ڪيو تاريخ ظاهر آ عجب هي داستان تن جو؛
    حقيقت ۾ زبان تي اڄ به آ نام و نشان تن جو.
    ڪڏهن هو تخت شاهي تاجدارن جي رياست جو،
    وڳو ٿي جت طبل شاهي حڪومت جي نظامت جو،
    هيو قائم هتي قلعو شهر جي پڻ حفاظت جو،
    نصب هو برج تي ئي هو علم هن جي قيادت جو،
    ڪئي هت بند خندق راهه دشمن جي اچڻ واري؛
    ڪيو محفوظ قلعي کي نگه غيرت ڏسڻ واري.
    “هزاري در” هو در-دولت ته “هاٿي” پڻ هنڀاري سان،
    “لکي” لکپال هو خوش “خانپور” شاهي سواري سان،
    “سوي در” فوج سان هو “واڳڻو” ڀي توب واري سان،
    نوايا ناٿ “نوشهري” “ڪرن” ڪاذب غداري سان،
    هيو هت تخت هيٺيان بخت جو درياه دولت جو،
    حڪومت جو هيو هت هر نئون سج شان-شوڪت جو.
    ڪڏهن هو تاب تيموري، ڪڏهن نادر سندي دهشت،
    ڪڏهن هو تاج افغاني، ڪڏهن مغلن سندي حرمت،
    ڪڏهن هو اوج ابدالي، شجاعِ شان جي عظمت،
    ڪلهوڙن راڄ هو هتڙي، ڪڏهن ميرن سندي مدحت،
    ويا هڪ ٻي پڄاڻا وقت جي واري وڄائي هت،
    فرنگي ڀي ويا پنهنجو وري ڌاڪو، ڄمائي هت.
    ڪڏهن هو معرڪو مهرن، ڪڏهن بختيار سان تنهنجو،
    ڪڏهن مغلن، ڪڏهن ايران جي سالار سان تنهنجو،
    ڪلهوڙن ڀي وهايو خون هو تلوار سان تنهنجو،
    پيو هو پاند مشڪل ۾ عدو اغيار سان تنهنجو،
    محاذن تي سر-پيڪار هو پير و جوان تنهنجو،
    ڏڪي دشمن ويو هتڙي، ڏسي جوش-گران تنهنجو.
    ڏنو منهن تو محاذن سان، برابر انقلابن سان،
    مٿانهون ڳاٽ تنهنجو آ، غيورن جي خطابن سان،
    ڪڏهن جنسار هو تنهنجو، برابر هم رڪابن سان،
    قصو هي آ ٿيو منسوب تاريخي ڪتابن سان،
    نگهه غيرت ڏنو روئي، ڏسي ڦاٽل فصيلن کي،
    نظر اوندهه اچي ٿي اڄ، ڏسي وسيل قنديلن کي.
    هيو وچ ايشيا جو هت اهم مرڪز تجارت جو،
    بجاجن جو شهر هو ۽ هيو درجو ولايت جو،
    هيو هي خوش نما مرڪز سياحن جي زيارت جو،
    زمانو هو سندءِ هت خوش نصيبي جي بشارت جو،
    شهر سهڻو هيو آسودگي جي علامت سان،
    مگر هاڻي پيو ڏسجي، سڃائي جي ملامت سان.
    وري انسان جي تاريخ ۾ هڪ زلزلو آيو،
    ويون قومون کڄي، ڄڻ ڪي مچائي ٿرٿلو آيو،
    نگهه عبرت ڪيو ماتم، نظر جنهن غلغلو آيو،
    قيامت خيز منظر ۾، نه ڪنهن جو ڀرجهلو آيو،
    ويو املاڪ نڪري ۽ ٿيو خالي شهر هڪدم،
    سُڪي درياه دولت جو ويو ٿي پٽ پڌر هڪدم.
    هنر حرفت عمارت جو ڏسو نقش و نگاري سان،
    عجب ڪاريگري ايندي نظر هت دستڪاري سان،
    عقل حيران چٽسالي ڪيو بيشڪ قلمڪاري سان،
    نفاست جو هيو جت زيب گلڪاري پياري سان،
    مهارت کي ڏسو عبرت نما تعمير آ تن جي،
    عجب فن جي ڪئي صانع عيان تصوير آ تن جي.
    شڪسته حال ڍڪ بازار، ماضي جي علامت آ،
    مگر هن حال پنهنجي تي کنئي ڪافي ندامت آ،
    نه ڪنهن ڀي دور ۾ هن سان ڪئي ڪنهن عنايت آ،
    ڍڪڻ سِرَ لئه ڏٺم عاجز، اکن آڏو اڏاوت آ،
    “جماڻي هال” سُڪَپل، ناهه “شاهي باغ” جي مرهم،
    مگر اي دل! ڏني ڪنهن ناهه، دل جي داغ جي مرهم.
    اديبن عالمن جو درس هت ديني هدايت جو،
    نگر هي آه مولا جي، ولين جي ولايت جو،
    ٿئي ٿو راڳ حاصل هت عقيدت ۽ ارادت جو،
    هنر حرفت ثقافت جو شهر آهي سياست جو،
    شريفن جو شهر آ بزرگن ۽ اوليائن جو؛
    فقيرن جي فقر جو آه دروازو دعائن جو.
    حقيقت جون عيان هي تلڪ آياتِ مبين آهن،
    سنده ئي ياد حسرت ۾ لکين انسان حزين آهن،
    خزانا شان شوڪت جا ٿيا زير زمين آهن،
    قدامت جا سندءِ آثار باقي بس همين آهن،
    تباهي ۽ تنزل ڪرشمو بس آهه قدرت جو،
    فقط اهل-نظر لئه هي سبق بس آهه عبرت جو.
    بيان ڪهڙو ڪيان اَي “راز” حالت بدنصيبي جو،
    ستايل آ عداوت ۽ زماني جي رقيبي جو،
    نڪو احساس ڪنهن کي آسند ۽ حالت غريبي جو،
    وري ڪو وقت ڀي ايندو سندءِ رونق نشيبي جو.
    سنده حالت مٿان اشڪ روان ابصار هي آهن؛
    فقط عبرت نما صورت سندا اشعار هي آهن.


    نند لال جويري

    نند لال ولد هري لال، ادبي دنيا ۾ نند جويري جي نالي سان ناماچار ماڻيندڙ آهي. هند-سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن کان نند ڳجهو ته ڪين آهي، جو سندس شخصيت (نج) ۽ فن کي ويهي وائکو ڪجي، تاهم رڪارڊ جي شاهدي لاءِ اهو ضروري آهي ته هو اصل ۾ اسان جي شهر شڪارپور جو ڄايو آهي. سن 1936ع ۾ شڪارپور جي جهول جهليو ۽ 1947ع ۾ ورهاڱي ۾ جدا ٿي ويو. سن 1987ع ۾ پنهنجي جنم ڀومي ۽ پاڙي پنبي جي سڪ کيس هتي ڇڪي آندو، ۽ هو اُنهن ئي گهٽين ۽ گامن تي چند گهڙيون ٽلندي واپس وري ويو. سندس جذبن جي جولانين ۾ ڳوڙهو فڪر ۽ فلسفو سمايل آهي.
    نند جويري جي ڪويتائن جو هڪ مجموعو “چو واٽي تي” جي نالي سان نظر مان گذريو آهي، جنهن ۾ هن ڪيئي صفحا پنهنجي وطن جي وڇوڙي ۾ لکيا آهن. شڪارپور تي لکيل هن جو طويل نظم احساسن جو اٿاهه ساگر آهي، جنهن جي سٽ-سٽ ۾ احساسات ۽ جذبات جو اثر نمايان نظر اچي ٿو. هو جيڪڏهين پنهنجي هٿ سان رڳو لفظ “شڪارپور” به لکي ٿو ته ان لفظ ۾ ڪيئي معنيٰ جا موتي ٿو سموهي.
    شيخ اياز لکي ٿو ته “نند لاءِ پنهنجي ابدي “مان” کان وڌيڪ شڪارپور جي اهميت آهي، جتي هن جي “مان” جي اوسر ٿي هئي ۽ جنهن کان ورهاڱي کان پوءِ هو اوچتو ڪٽجي ويو. هن نظم “ڌرتي” هڪ شاهڪار نظم آهي ۽ شڪارپور سان ئي واڳيل آهي ۽ سئليوڊار ڊالي جي سري ريئلي (Surrealistic) پينٽنگ وانگر لڳي رهيو آهي. (4) اچو ته نند جويري جي ان نظم جو مطالعو ڪريون.

    منهنجي شهر شڪارپور ۾
    ماڻهو اُهي ئي هئا
    پر هنن
    ماس کائڻ ڇڏي ڏنو هو.
    سمو ڪاٺ کي
    کائي نه سگهيو هو
    پر ماڻهن
    ڪاٺ کائي ڇڏيو هو.
    گهر اُهي ئي هئا
    پر در اُهي نه هئا
    بنا ٻانهن در هئا
    بي نور دريون هيون
    نه ڀاڪر هئا
    نه قرب ڀريون نظرون
    در درين جي گلڪاري
    سامي-اياز-فاني
    سڀ لڏي چڪا هئا.
    منهنجي شڪارپور ۾
    ماڻهو اُهي ئي هئا
    پر هنن
    ماس کائڻ ڇڏي ڏنو هو.
    پيڙت لکيدر جو گهنٽا گهر
    کاڄيل ماس جو پتلو هو
    هنن هن کي عجائب
    سمجهي
    پاڻيءَ کان رهت رکيو هو
    گهنٽا گهر جي ڇايا کان تروت
    سنڌ واهه سُڪي ويو هو
    تڙ لڙهي چڪا هئا
    ماڇين واري پل
    ۽ ريلوائي پل
    ٻنهي کي پنهنجي هوند تي اعترض
    هو
    سنڌ واهه تي
    ليپي لڳل
    آ شوشي ڪوٺيون
    ڊهي چڪيون هيون

    سندن موت تي
    نه باهه ٻري
    نه ڪنهن قبر کوٽي
    لاوارث لاش کي
    منسپالٽيءَ به لاوارث ڇڏي ڏنو
    هنن شاهي باغ کي
    ڪنهن شهيد جو نالو بخشي
    باغ ۽ شهيد کان
    پاڻ کي آجو ڪيو ويو.

    نه کوهه هئا
    نه ڪونر هئا
    ماڻهو اُهي ئي هئا
    پر جانور نوان هئا
    پر جناورن کي سنتوش هو
    ڪنهن گٽر جي هوند تي!
    نه هانڊا هئا
    نه ڏياريءَ جا ڏيئا
    موسيقي
    ڪنهن گهٽيءَ جي
    ڪنهن ڪسيءَ جي
    گهنگهرن جو آواز هو.

    عطر رابيل
    گلاب موتيو
    ڪنهن ڪتاب جي پني تي
    لکيل ڪي بي معنيٰ لفظ هئا
    ڪاغذ جا گل به
    لڏي چڪا هئا
    پنهنجو وطن.
    هاڻي گرمي ۾ ماڻهو
    سم اوڍي
    سم تي سمهندا آهن
    سائي سم
    سائي لڳل پٽ
    سائي رنگ جا ماڻهو
    ڪئين رنگن جا سوال کڻي
    هڪ ئي رنگ
    “سائي” جو جواب پائي
    جيئندا آهن ماڻهو
    سائو سوچ
    سائو پهراءَ
    سائي رنگ ۾ رنڱيل
    منهنجي شڪارپور
    سائيءَ جو شڪار
    منهنجي شڪارپور!

    ڇا ڪل ئي مڪتي
    انسان لاءِ
    ضروري نه آهي
    جيئن هو
    ابتدا کان اڳ
    ۽ انتها کان پوءِ به
    جيئرو رهي سگهي
    جيئن زندگي جي ڪل ئي جوڙ ۾
    ڪل ئي جيئي سگهي؟
    تون!
    منهنجي پٺيان
    ڇو ڪونه ٿي اَچين
    او شڪارپور!

    هن دفعي
    شڪارپور جي شهر ۾
    ڍڪ بازار ۾ ٻوڏ هئي
    ۽ ماڻهو
    پاڻي ۾ پاڻيءَ مان
    پنڌ ٿي ويا
    لکيدر تي گهنٽا گهر
    منجهند جو ٻي بجي
    شام جا پنج گهنڊ ڇو ڪونه هنيا
    انهيءَ کي به بخار هو يا
    لقوي جي مرض ۾ رڙهندي
    گيسون ڪندي
    لاچاري جو اظهار ٿي ڪيائين
    مون وانگر!

    جن کي
    مرڻو هو
    مري چڪا هئا
    جن کي
    جيئڻو آ
    جيئي رهيا آهن
    اِتي به
    توکان سواءِ
    او شڪارپور!
    ائين ناهي
    ته تنهنجي
    ڇايا ئي صرف
    ڀوڳيو آهي
    تون به ته
    بيمار آهين
    او شڪارپور

    تون ڳور هاري هئينءَ
    جڏهن
    نڪتو هوس مان اِتان
    هاڻي پيٽ کي
    ڇڏي ڏي
    هردي تي هٿ رکي ڏس
    توکي شڪ ٿيندو
    پنهنجي جيئن تي
    او شڪارپور!

    هوا
    اکيون ٻوٽي
    لنگهي چڪي آ
    تنهنجي قبر تان
    اتهاس به لنگهي ويو
    بنا سجدي
    تون اَڃان ڪبندڙ هٿن سان
    لکي رهين آهين
    سٺو ماضي
    پنهنجي قبر تي
    او شڪارپور!

    تون!
    سنڌ واه ئي ته هئينءَ
    تون!
    کوهه ۽ ڪونئر به ته هئينءَ
    سڀ
    ڇيت ڇيت ٿي ويا
    ۽ هڪ ڇيت به نه ڇڀي
    منهنجي ڪافور ٿيل
    سرير ۾
    سرير ۾ جڏهن مون توکي ڇهيو هو
    او شڪارپور!

    شڪارپور ۾
    گهر کان ٻاهر
    ڏسڻ لاءِ دري کولڻ جي ضرورت
    ڪونه هوندي هئي
    دريءَ جي تاڪ جي وچ ۾ چير هوندا
    هئا
    ماڻهو ننڊ ۾ به
    گهٽيءَ ۾ ايندڙ ويندڙ
    جي سوچ کي
    سوچي سگهندو هو،
    شڪارپور ۾
    شڪارپوري

    هاڻ به سوچيندو آهي
    دريءَ جي تاڪ جي
    وچ ۾ چير کي
    هميشه هميشه لاءِ
    بند ڪرڻ لاءِ!
    آخر ڀي
    شڪارپور آهين ڪٿي؟
    توهان کي خبر آهي؟
    شڪارپور آهي ڪٿي؟
    سڪندر يونان ۾ ڄائو هو
    ان کان وڌيڪ
    ڄاڻ رکڻ ضروري به نه آهي.

    هر شڪارپوري
    شڪارپور ۾ ڄائو هو
    پر هر شڪارپوري
    شڪارپور ۾ ڪونه جنميو آ
    ڪهڙو فرق ٿو پوي
    اگر ڀو گول واري شڪارپور
    ڀومي گرست ٿئي چڪي آهي،
    ڪهڙو فرق ٿو پوي
    اگر شڪارپور جو نالو
    بدليو به ويو هجي
    ڪهڙو فرق ٿو پوي
    اگر ڪنهن کي
    شڪارپور
    اتر اولهه جي بدران
    ڏکڻ اوڀر ۾ ملي
    ماڻهن کي شڪارپور گهرجي
    صرف شڪارپور
    ته پوءِ
    هو ڇو ڪونه ٿا
    هٿ لکيل پرزي تي
    وشواس ڪن
    ڇو ڪونه ٿا
    ڪنهن ويٺل ڏانهن
    هٿ ڊگهيڙين
    هٿ ڊگهيڙي ڏسڻ
    چت ۾ پائيندا
    شڪارپور.

    شڪارپور
    ڪنهن زمين جو نالو هو
    ڪنهن زمين جو نالو ناهي
    شڪارپور
    ڪنهن سرير جو نالو هو
    ڪنهن سرير جو نالو ناهي
    شڪارپور
    ڪنهن روح جو نالو هو
    ڪنهن روح جو نالو آهي
    ...........آ.............!...............؟
    ..........!...........آ..................ا
    منجهڻ سڀاوڪ آ
    جو شڪارپور کي ڳولهڻ لاءِ
    شڪارپوري هئڻ ضروري آ
    هٿ ڊگهيڙي ڏسو.

    سامي شير تي
    وسايل ڏيئي جي
    وٽ مان
    اُتپت
    سفيد پوش دونهون
    نه ٻولي ٿي سگهيو
    نه ٻاڪري
    پنهنجي ئي
    ڀوميءَ گرست پيرن کان
    لاچار هو
    ۽ منهنجو پنهنجو ئي پنجو
    بي خوديءَ مان
    منهنجي پنهنجي ئي ڇاتيءَ تي
    روح
    ڳولهي رهيو هو.

    هن دفعي شڪارپور جي شهر ۾
    باغات هئي
    سائي نه هئي
    ڪاري هئي
    ڪاري باغات
    جيئن مون ڏٺي
    ڪاري جهنگل جي
    ڳاڙهي ڌرتيءَ تي چيريل ڦاڪ ۾
    مون ٻج پوکڻ تي چاهيو
    ان زهر کي
    جيئن مان ئي پي سگهان
    مان ئي ...... مان ئي
    صرف مان ئي.

    اهو هڪ وقت هو
    شڪارپور ۾ هر روز
    مرندا هئا ماڻهو
    روز جنم وٺندا هئا ماڻهو
    جيئن باقي شهرن ۾ ٿيندو آ
    ڀائي اوڌوُ داس تاراچند
    جڏهن ٻيهر ڄائو ته
    اسپتال جي ڏاڪن تي ڄائو
    ۽ اڄ تائين
    روز روز
    رونديو ويندو آهي
    اسپتال جي ڏاڪن تي
    امرتا رکندڙ پيرن
    ڪڏهن به هن تي ديا ڪونه ڪئي
    وقت چادر تي پکڙيل لهوءَ کي
    ڌوئي ڇڏيندو شايد
    پر گلاب ته

    خوشبوءِ ڪونه وڃائيندو
    ڪنهن پنکڙيءَ کي کڻي هنج ۾
    ڇا ڪنهن طوطلي ٻوليءَ ۾
    پنهنجي نئين نسل کي
    ٻڌائيندي
    گلاب گلابي ڇو ٿيندو آ؟
    گلاب خوشبوءِ ڇو پاتي هئي؟
    جيئن وري
    شڪارپور جي شاهي باغ ۾
    گلاب جا گل
    موٽي اچن.

    اَي.اين.ڪيسواڻي

    ڪيسواڻي اَي.اين جي باري ۾ ايترو معلوم ٿي سگهيو آهي، ته هو چيلا سنگهه سيتلداس ڪاليج جي پهرين ٽوليءَ جي شاگردن مان هڪ هيو. ۽ ڪاليج هاسٽل ۾ رهندو هو. ڪاليج جي واکاڻ ۾ سندس هيٺيون انگريزي نظم ملي ٿو، جيڪو منظوم ترجمي سان گڏ هن هيٺ پيش ڪجي ٿو.

    Besides the Noushara gate,
    Before a graveyard’s gleam,
    Behind a garden desolate,
    Lie the land of dream,
    Years of sun and shower,
    Shall turn this lovely land
    In to a spiritual bower
    By blessing of His hand,
    By blessing of His hand,
    And touch of supreme power
    There doth the College stand
    The emblem of knowledge’s power,
    By his goodness grace,
    Seth Chellasing and Sitaldas,
    The founder of its face,
    Shall win laurels above each class,
    Excellent staff in file
    Naik’s laughing eyes,
    Desai’s unceasing smile
    Diffuse delight in disguise
    Munshi’s musical stride,
    Malkani’s cheerfulness of a scout,
    Infuse spirit of a side,
    The flows always Fresh about,
    Hazari’s helping hand
    Makhija’s laboring look,
    Shall make us the brightest band,
    Know in every corner & nook
    A sanguine hope of mine
    That this college soon will shine,
    Under the reflection divine
    And make the ful filled dream more fine.

    ڀرپاسي نوشهره در جي،
    قبرن آڏو لاٽ ٻري پئي،
    لاٽ پٺيان هڪ ويران باغ،
    ڌرتي سان هڪ خواب بڻي پئي.
    ورهين جي ڌُپ ۽ وسڪارو،
    سندر ڌرتي کي بدليندو،
    روحاني خلوت خاني ۾،
    هو پنهنجي هٿ سان ٻاجهه ڪندو.
    هو پنهنجي هٿ سان ٻاجهه ڪندو،
    مُک طاقت سان هٿ ڦيريندو،
    برپا هو ڪاليج ڪري ٿو،
    ڄاڻ سندو نيشان به ڏيندو،
    ٻاجهاري جي ٻاجهه رحم سان،
    “چيلاسنگهه” ۽ “سيتلداس”،
    ڪاليج جا مکيه بانيڪار،
    سوڀون ماڻي ٿيندا راس.
    دفتر جو هيءُ اعليٰ عملو،
    نائڪ جن جون اکڙيون ٻهه-ٻهه،
    اکنڊ آ ڊيسائي جو مشڪڻ،
    ونڊي سرهائي ڪري ٿو ٽهه-ٽهه.
    ساز ڀري وک-وک منشي جي،
    ٻهڪڻ “ملڪاڻي” جو خوب،
    هرپاسي ڄڻ روح ٿو ڦوڪي،
    خوشبوءِ پکيڙي هلي ٿو خوب.
    “هزاري” جا سهڪاري هٿڙا،
    پاڻ پتوڙڻ “ماکيجا” جو،
    اسان کي جڳ ۾ چمڪائيندو،
    ۽ سڀ ڪو هر هنڌ ڄاڻيندو.
    آخر ۾ هيءَ آشا آهي،
    ڪاليج ترت ئي روشن ٿيندو،
    ان جو پاڇو جڳ تي پوندو،
    پورو سندر سپنو ٿيندو.
    مترجم : نقش “ناياب” منگي


    قادر بخش “حڪيم” سومرو

    شڪارپور جي علم ۽ ڄاڻ جو سندر سرچشمو سي اينڊ ايس ڪاليج (چيلاسنگهه ۽ سيتلداس ڪاليج) پنهنجي تعمير جي اعتبار کان سنڌ جي تعليمي تاريخ ۾ يڪتا ۽ اڪيلو ليکيو ويندو آهي. سن 1933ع ۾ ان جي افتتاحي رسم تي سنڌ جي مشهور شاعر قادر بخش “حڪيم” هڪ نظم پيش ڪيو هو، جو ڪاليج جيان تاريخي ۽ اهم نظم آهي. ان تاريخي نظم کي تاريخ جي صفحن تي سجائڻ ئي وقت جي اهم ضرورت آهي:
    ڪاليج
    ڪاليج صد شڪر ٿيو، برپا شڪارپور ۾؛
    اڄ علم جو ٿيو گهر، پيدا شڪارپور ۾.
    اُڀريو آهي علم جو، اڄ شمس هن شهر تي؛
    ڪئِي مهر آهي مولا، وه وا شڪارپور ۾.
    تنهنجي ڪيون مرحبا، اي هندؤ مسلمان؛
    دل سان سڀيئي گڏجي، هر جا شڪارپور ۾.
    تعليم تنهن ۾ وٺندا، سنڌڙي سڄيءَ جا ٻچڙا؛
    مسڪين ۽ تونگر، پڙهندا شڪارپور ۾.
    بوستان علم جي ۾، پڻ عندليب ڪيئي؛
    خوشبوءِ جي وٺڻ لئ، ايندا شڪارپور ۾.
    گلزار علم جون ٿيون، مکڙيون اچي کلڻ تي؛
    غنچا اميد جا ڀي، ٽڙندا شڪارپور ۾.
    ڪاليج جي دوران، بزم سخن بپا ٿي؛
    نظم و نثر جا ٿيندا، چرچا شڪارپور ۾.
    سيٺ سيتلداس ۽ سيٺ چيلاسنگهه جا؛
    مشهور ٿي ويا اڄ، نالا شڪارپور ۾.
    ڪئي قوم جي هي خدمت، بيشڪ انهن ڀلي آ؛
    تنکي مبارڪون ڏيون، صدها شڪارپور ۾.
    جن صاحبن مدد هن ڪاليج جي ڪئي آ؛
    لکه لکه مڃون ٿا ٿورا، تن جا شڪارپور ۾.
    ڪاليج شال قائم، ۽ ڪامياب رهندو؛
    شاگرد فيض وٺندا، لکها شڪارپور ۾.
    ٿيندا “حڪيم” جلدي، ڪاليج جي کلڻ سان؛
    ماڻهن سندا مقاصد پورا شڪارپور ۾.


    صبغت الله اديب شڪارپوري

    صبغت الله اديب ولد فتح الله سومرو، شڪارپور ۾ 31 ڊسمبر 1933ع تي پيدا ٿيو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم جا مرحلا شڪارپور مان طئي ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم.اي فارسيءَ ۾ ڪيائين. شڪارپور ضلعي جي مشهور عالم مولانا علي محمد ڪاڪيپوٽي ۽ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جن جي صحبت مان فيض حاصل ڪيائين ۽ کانئن ئي نثر توڙي نظم جي فني لوازمات جي ڄاڻ حاصل ڪري عملي طور طبع آزمائي ڪرڻ لڳو. سن 1948ع کان سندس ڪلام اديب سنڌ کان علاوه ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ سنڌي ۽ اردو زبانن ۾ شايع ٿيندو رهيو آهي. پنهنجي شهر شڪارپور تي هيٺيون نظم سندس جذبات جي عڪاسي ڪري ٿو:

    ماڻهو شڪارپور جا آهن عجيب انسان،
    ٻڌ تذڪرو هنن جو ڪجهه اڄ حضور دل سان.
    آهن سٻاجهڙا سڀ اقرار جا پڪا هِن،
    واعدا نباهيندا هن توڻي وڃينِ ٿي جان.
    تصغير جو ته صيغو اڪثر زبان تي آڻن،
    ”ادڙا“ چئي ۽ ”مٺڙا“ ماري وجهن ٿا سهڻان.
    اهڙا پيار وارا ٻُڌجن نه جملا ڪاٿي،
    ”ها ٿي“ چون ٿا جاتي چوڻو اٿن رڳو ”هان“.
    ”وٺ ني“ چئي ڪُهن ٿا ”وٺ“ ڪونه ٿا چون هو،
    انداز محبوبانه ڪوئي سکي هنن کان.
    اندر طبعيتن ۾ ٿن عاجزي تواضع،
    مرڪي کِلي مِلن هٿڙا ٻڌن سڀن سان.
    خوش دل سان پيش ايندا هرڪو غريب، سکيو،
    خاطر تواضعي ڪندو گهر ڪو اچيس مهمان.
    مردم ته خيز آهي خطو شڪارپور جو،
    افسوس ڪونه ٿيو آ انصاف هن شهر سان.
    رستا خراب ٿيا هن، جايون ڊهي ويون هِن،
    محروم بهتري کان ۽ خوبصورتيءَ کان.
    پاڻي خدا جي نعمت آهي شڪارپور جو،
    مشروب روح افزا آ پاڪ گندگي کان.
    ٽوپن تي برٿ شيشا، مشهور جڳ ۾ رلهيون هِن،
    آچار ۽ مٺايون، تحفا وڃن شهر مان.
    بيشڪ شڪارپور تي مونکي ”اديب“ ناز آ،
    ماڻهو پيار ڪندڙ، قربان مان انهن تان.


    “بشير” مورياڻي(وفات : 26 فيبروري 2016)

    بشير احمد “بشير” مورياڻي سن 1935ع ۾ شڪارپور سنڌ ۾ ڄائو. پرائمري تعليم کان ڪاليج تائين پنهنجي اباڻي شهر ۾ ورتائين. ننڍپڻ کان ئي نهايت ذهين ۽ اورچ شاگرد جي حيثيت سان تعليمي مرحلا طئه ڪندي سن 1956ع ۾ بي.اي آنرس جي امتحان ۾ امتيازي حيثيت ماڻي سنڌ يونيورسٽي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين. سن 1958ع ۾ ايم.اي سنڌي ادب ۾ پاس ڪري پهريون نمبر آيو، ان دوران تحقيقي مقالو “پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ سنڌي ادب جي اوسر” لکيائين، جنهن تي نه رڳو سنڌ، پر شڪارپور کي بجا طور تي فخر ۽ ناز حاصل آهي. افسوس! جو سنڌ يونيورسٽي مان همت ۽ حوصله افزائي نه ملڻ ڪري، سنڌي ادب ۾ پي.ايڇ.ڊي ڪرڻ جو ارادو ترڪ ڪري، 1958ع ۾ ئي ڪاليج ۾ ليڪچرر جي حيثيت سان گهڙيو، جتي 1958ع کان 1960ع تائين نوابشاهه ۽ شڪارپور جي ڪاليجن ۾ هڪ ڪامياب ليڪچرر جي حيثيت سان علم جي روشني پکيڙيندو رهيو. سن 1960ع ۾ سول سروس ۾ شامل ٿيو، انهيءَ دوران نواب شاهه، ڪنڌڪوٽ، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي عهدي تي فائز رهيو. سن 1969ع کان 1970ع تائين هو انتظامي تربيت لاءِ آمريڪن يونيورسٽي بيروت ۾ وڌيڪ سکيا لاءِ هتان اُسهيو، اتان موٽڻ کان پوءِ کيس ترقي ملي. انهيءَ عرصي ۾ سنڌ لاءِ آدم شماري جو ڊائريڪٽر، جيڪب آباد ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر، ڊائريڪٽر ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن، خوراڪ ۽ زراعت کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري ٿي رهيو. 1973ع ۾ حڪومت جي انتظامي سڌارن جي هيٺ ٿيل، لکيل چٽاڀيٽي جي مقابلي ۾ ڪامياب ٿي، فارين سروس ۾ “ڪائونسلر” چونڊجي ويو، جتان سنڌ حڪومت هن جون خدمتون حاصل ڪري کيس انڊسٽريز ۽ مِنرل ڊيولپمينٽ جي کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو. ان کان علاوه سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن ۾ هوم سيڪريٽري، تعليم جو سيڪريٽري، ٻيلي کاتي جو سيڪريٽري ٿي ڪم ڪري چڪو آهي.
    محترم بشير مورياڻي کي اسڪول واري زماني کان لکڻ پڙهڻ سان شوق پئي رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سندس شمار سنڌ جي ڌرتي جي ترقي پسند اديب، شاعر، افسانه نگار ۽ معروف مترجم کان علاوه نامور ليکڪن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ سنڌي ٻولي جي ڪهاڻي ۽ افساني کي نوان موڙ ۽ نوان رنگ ڏيئي وڏو داد حاصل ڪيائين. سندس ڪيترن افسانن جو ترجمو مختلف ٻولين ۾ ٿي چڪو آهي. بشير مورياڻي صاحب جهڙو منفرد افسانه نگار آهي، تهڙو ئي يگانو شاعر به آهي. هن عروضي صنفن کي وڌيڪ اپنائي ورتو. سندس ڪلام جديد ۽ قديم رنگن جي سنگم جو مثال آهي. “اصنام خيالي” جي نالي سان سندس ڪلام جو مجموعو ڇپجي چڪو آهي. ڪهاڻين جي ڪتابن “زندگي جي راهه ۾”، “اڌوري اُڏام” ۽ “اجنبي” کان علاوه عربي ۽ ترڪي ٻولي جي ڪهاڻين جا ترجما پڻ ڪتابي صورت ۾ ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن.
    محترم “بشير” مورياڻي صاحب پنهنجي شهر جي مشهور تعليمي اداري سي اينڊ ايس (چيلاسنگهه ۽ سيتلداس) ڪاليج کي پنهنجي ڪلام جو موضوع بڻائي انکي هيٺين طرح واکاڻيو اٿس:

    شڪارپور ڪاليج
    سنڌ ۾ تعليم جو روح روان،
    تون گذشته دور جو آهين نشان،
    تون محض ماضي جو ناهين داستان،
    حال و مستقبل ۾ پڻ تون جا ودان.
    تون اڪابر علم جا پيدا ڪيا،
    جن جو مَٽ پيدا ڪيو ناهي زمان
    جي هلي اڳتي ٿيا شاعر اديب،
    تن پرايو فيض آهي تو منجهان.
    ڪيئي جي ماهر ٿيا سائنس جا،
    سي ٿيا منسوب تنهنجي نانءَ سان
    جي ادرا اڄ ٿيا تنهنجا رقيب،
    ڪنڌ ڇا کڻندا اُهي تنهنجي اڳيان.
    تنهنجو حسنِ ظاهري ۽ معنوي
    تنهنجي مستن لئه آ مثل ڪهڪشان!
    تون خموشيءَ سان زماني کي ڏٺو
    تو پڙهيو هر داستان خونچڪان.
    ڪهڙا ڪهڙا انقلاب آيا ويا،
    تون مگر قائم رهئين پٿر جيان،
    رنگ بدلايو زماني هر گهڙي،
    ڪجهه نه ٿيو ليڪن اثر تنهنجي مٿان،
    تنهنجا ديوانا ڪئين ويندا رهيا،
    آئيا جي، تون ڪئي تن آجيان،
    توسان جن جن بي وفائي آ ڪئي،
    تنهنجي سيني ۾ آ تن جو داستان،
    ڪيئي آيا، ۽ ويا توکي ڇڏي،
    تو مگر اُف ڀي نه ڪئي اي جان جان،
    تو زبان کولي نه ڪنهنجي شڪوه لاءِ،
    تون رهئين ليڪن سڀن جو رازدان!
    تو نه بڇڙائي ڪئي ڪنهن فرد سان،
    ڪونه ورتو بدلو تو ڪنهن شخص کان.
    تون ڄڻ آهين علم جو مهمان گهر،
    ڪي اچي تو وٽ وڃن ڪي تو وٽان.
    اڄ به آهين باعث تسڪين تون،
    اڄ به آهين تون توجهه جو مڪان!
    علم جو ۽ فيض جو درياءُ تون،
    ڪيئي ٿيا سيراب پياسا تو وٽان.
    تنهنجي مداحن مان آ هڪڙو “بشير”
    مانُ، وڌ آهي اهو، ٻئي مانَ کان!


    قاري نثار احمد منگي

    حافظ سنڌي جي تخلص سان شڪارپور جي علمي ۽ ادبي حلقي ۾ پاڻ مڃرائيندڙ قاري نثار احمد منگي عربي علوم جو ڄاڻو ۽ شعروسخن جو ماهر آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ مان عربيءَ ۾ ايم.اي جو امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪري، گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. حافظ صاحب کي شعروشاعريءَ سان به چڱي خاصي دلچسپي آهي، سندس ڪلام جو ذخيرو به چڱو آهي. هن هيٺ سندس ڪلام جي اڻڇپيل مجموعي مان شڪارپور تي لکيل نظم پرهندڙن لاءِ پيش ڪريان ٿو:

    شڪارپور جا نواب ماڻهو،
    عظيم عزت ماب ماڻهو.
    سليم فطرت ڪبير همت،
    ڪمال جرئت جناب ماڻهو.
    شڪارپور جون عظيم هستيون،
    فقير حاجي امين چشتي،
    لطيف شاهه ۽ الف شاهه غازي،
    طريلي طارق نواب ماڻهو.
    عظيم ذاتيون ڪبير قومون،
    پٺاڻ علوي ۽ شيخ ميمڻ،
    مغل ۽ منگي ڀٽا ۽ قاضي،
    ۽ سومرا لاجواب ماڻهو.
    ۽ روڊ مشهور گيٽ هاٿي،
    هزاري در آ ۽ لکي جو در آ،
    ۽ واڳڻو ۽ سوي جو در آ،
    ڪرن جي در جا عناب ماڻهو.
    حڪيم حاذق ۽ مفتي عالم،
    سنياسي سالڪ خليفا زاهد
    شڪارپور ۾ اڃان به آهن،
    اديب فاضل خطاب ماڻهو.
    شڪارپور جا عجيب گفتا،
    کٽاڻ مائو پڪوڙا ڀڳڙا،
    وٺي ڏين ٿا اچن جي مهمان،
    عزيز تن کي شتاب ماڻهو.
    بيان مفصل لکي نه سگهندو،
    شڪارپور جو حقير حافظ
    شڪارپور هئي اڳي ته پيرس،
    اڃان به ڪجهه ڪجهه گلاب ماڻهو


    رحمت الله “شوق” (23 ڊسمبر 1929ع – 17 جنوري 2001ع)

    شڪارپور جي معمر شاعر ۽ بزم گلشن لطيف شڪارپور جي جنرل سيڪريٽري محترم رحمت الله “شوق” جو سي اينڊ ايس ڪاليج تي لکيل نظم به سلسلي جي اهم ڪڙي آهي. جيڪو هن هيٺ ڏجي ٿو:

    ڇا ڇا ڪري ٿو پيدا، سي ائنڊ ايس ڪاليج؛
    علم و ادب جو دريا، سي ائنڊ ايس ڪاليج.
    غواص جيڪو ٿئي ٿو، اُن کي هي بحر ڏي ٿو،
    انمول موتي هيرا، سي ائنڊ ايس ڪاليج.
    بالڪل عجيب عمدا، راحت فزا شگفتا؛
    پيو ٿو پسائي گلڙا، سي ائنڊ ايس ڪاليج.
    باد-صبا به اهڙا، ڪاٿي ڏئي ٿي جهوٽا؛
    جهڙا ڏئي ٿو مٺڙا، سي ائنڊ ايس ڪاليج.
    اڻويهه سؤ ۽ ٽيٽيهه، سنه عيسوي آهن؛
    پنهنجا پياسا جلوا، سي ائنڊ ايس ڪاليج.
    انويهه سو اٺيتاليهه کان سلوڪ ساڳيا؛
    سرڪار سنڌ سان ڪيا؛ سي ائنڊ ايس ڪاليج.
    اڻويهه سو ٽياسي، گولڊن جوبلي؛ (مخزن)
    نمبر ڪڍيو آ اعليٰ، سي ائنڊ ايس ڪاليج.
    تعليم لاءِ ماهر، هوشيار ڪيئي آندا؛
    استاد خوب خاصا، سي ائنڊ ايس ڪاليج.
    هر وقت نام روشن، جن مالڪ جو ڪيو آهه؛
    شاگرد سي پڙهايا، سي ائنڊ ايس ڪاليج.
    هت پرنسپال آهي، صاحب “نذير احمد” (صديقي)
    جنهن کان تمام خوش آ، سي ائنڊ ايس ڪاليج.
    هڪ ئي نظر سان سڀ کي، ٿو “شوق” فيض ڏي هي؛
    اعليٰ هجي يا ادنيٰ، سي ائنڊ ايس ڪاليج.


    قمر شهباز

    سنڌ جو مشهور شاعر ۽ اديب قمر شهباز (3 اپريل 1938ع – 5 مئي 2009ع)، پنهنجي انفرادي اسلوب ۽ فڪر سبب سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۾ وڏو مان ۽ مڃتا حاصل ڪري چڪو آهي. هن هيٺ “شڪارپور جي شام” عنوان تحت بيت پيش ڪجن ٿا جي سدائين امر رهندا:
    شڪارپور جي شام
    آءُ سڀاڳي شامَ، جيڪا گذري “سنڌ” تي،
    سورج جي ڪا لام، جهولي پئي جيءَ ۾!

    آءُ سڀاڳي شامَ، پپل هيٺان پريت جي،
    جاڳي اُٿيا جام، اکڙين سنديءَ اوٽ مان!
    “سنڌ” مٿي ڪي سندريون چهَه چهَه چاڳا ڪن،
    هٿئين پيرين ميندڙي، لائي پيون لچڪن،
    ڳاڙها ڳل سندن، چهرا چاڻان چنڊ جا!

    موتيو موتيو مُرڪَ چوٽو چنبيليءَ سان،
    سوڀيا جي ڪا سُرڪَ، اکڙين مان اوتي پيان!

    باغن ۾ ڀنڀوريون، نچن ٽپن ناز مان،
    اهڙيون ڪي ٿوريون، چهڪ نه جن کي چاهه جا!

    لکي دَرَ تي لوڏَ، گيتن جو گهراءَ
    اڇا اُجرا سپرين، ڦيڻ ڀريو ڦهلاءُ،
    گهوٽَ اهو ئي گهاءُ، روڳي روح ڪري ويو!

    لکي در تي لوڏ گورين جي گونجارَ،
    ڪنڍي ڪارائي ۾، ونگيل واسيل وارَ،
    ساڙهيءَ مٿان سج جي، ترڪي پوئين تار،
    سرتيون ساري سارَ، نڪري پيون ناز مان!

    سهڻا ماڻهو سنڌ جا، پاسي تي پهراڻ،
    ڳالهيون ڳهيرن جو، موتين جا ڄڻ ماڻ!
    سانجهيءَ ويل سڄاڻ، مڙي آيا مچ تي!

    جهونجهڪڙي جي جهانءِ سريلا سنگيت!
    چوچاڪيءَ گاڏيءَ ۾، گهلن پيا گيت،
    موتئي جهڙا ميتَ، گهورن سان گهائي ويا!

    ڪبوتر ڪوئي، نياپو آڻج نينهن جو،
    بيٺي آهيان بانوري، کُڏَ مٿان کوئي،
    رٺل کي روئي، مڃايان ڪينءَ ماٺ ۾!
    پرين پنڌ پيا، جهڙا هنج تري هليا،
    مکڙي جهڙا ماڻهو، ڏئي ڏک ويا،
    دُکي داغ پيا، جڏهن ڏٺائون ڏاڍ مان!


    محمد انور “فگار” هَڪڙو

    محمد انور “فگار” ولد محمد صديق هڪڙو، سنڌ جو ڄاتل سڃاتل نوجوان اديب ۽ شاعر آهي، جنهن جي ادبي ڪاوشن تي نه رڳو سنڌ، پر شڪارپور کي بجا طور فخر ۽ ناز حاصل آهي، جنهن جي ڪُک مان اهڙي اُملهه ماڻڪ جنم وٺي، پنهنجي محنت، اورچائي ۽ قابليت سان پنهنجو ۽ پنهنجي جنم ڀومي جو مان مٿاهون ڪيو آهي.
    محترم “فگار” کي اسڪول واري زماني کان وٺي لکڻ _ پڙهڻ سان شوق پئي رهيو آهي. تحقيق جي عملي ميدان ۾ روايت کان ٻه وکون اڳتي وڌائي چڪو آهي، ۽ شاعري جي هر صنف توڙي صنعت تي گذريل سترهن ورهين کان طبع آزمائي ڪندو پيو اچي. سندس اشعار، مضمون ۽ مقالا سنڌ جي مشهور رسالن ۽ اخبارن جي زينت بڻيل آهن. سندس اباڻو شهر “شڪارپور” سندس گهري مطالعي ۽ ادبي ذوق جو مرڪز آهي. ۽ اهو ئي سبب آهي جو هڪ خاص عنوان “شڪارپور شهر جو علم و ادب ۾ حصو 1843ع کان 1970ع تائين” تي وڏي محنت ۽ جاکوڙ سان هڪ تفصيلي ۽ تحقيقي مقالو لکي پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ ۾ مصروف آهي.
    هن هيٺ شڪارپور شهر متعلق سندس اُهو نظم پيش ڪجي ٿو، جيڪو هن فرسٽ ييئر جي شاگرد جي حيثيت سان لکي ڪاليج مخزن ۾ شايع ڪرايو هو. نظم جي مطالعي کان پوءِ اهو اندازو بخوبي لڳائي سگهجي ٿو ته هن پنهنجي نظم ۾ اڳڪٿي ڪندي، شڪارپور متعلق نه رڳو ڪتاب لکڻ جو اشارو ڪيو آهي، پر حقيقت ۾ ڪتاب لکي هڪ پبلشر جي حوالي پڻ ڪيو آهي، پر اڃان اهو، پبلشر جي ڪن اڻ ڄاتل مجبورين سببان طباعت ۽ اشاعت جي زيور سان آراسته ٿي شائقين جي هٿن تائين پهچي تحسين ۽ داد حاصل ڪري نه سگهيو آهي. ڏسجي ته ڪڏهن ٿو شايع ٿئي؟ انهيءَ کان علاوه سنڌ ۽ هند جي مشهور شاعر کيئلداس “فاني” جي ڪلام جو مجموعو “سمنڊ سمايو بوند ۾” جي نالي سان سهڙيائين، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو پاران 1995ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي.
    موضوع شڪارپور جو هڪ انتخاب آهي،
    هڪ ورق باب ناهي، لکڻو ڪتاب آهي.
    تاريخ سنڌ کي ڪلهه هو ناز جنهن شهر تي،
    اڄ ڇو اُنهيءَ شهر تي قهري عذاب آهي.
    ويران محل ۽ ماڙيون سنسان ٿيون حويليون،
    آيو شهر ۾ ڪهڙو هي انقلاب آهي.
    سهڻي شڪارپور جي مشهور سونهن صفائي،
    عالم تمام ۾ ڄڻ مثل-گلاب آهي.
    واکاڻ هن شهر جي ڪنهن کي ڪري ٻڌايان،
    معلوم سڀ اوهان کي عاليجناب آهي.
    انور “فگار” هَڪڙو علم و ادب جو خادم،
    حالت ڏسي شهر جي ٿيو اضطراب آهي.


    شڪيل “فائق” هَڪڙو

    شڪيل “فائق” هَڪڙو ولد مير محمد هَڪڙو، شڪارپور شهر جي اُسرندڙ ليکڪن مان آهي. صحافت ۽ سياحت سندس محبوب مشغلن مان آهن. شاعري جي عملي ميدان ۾ سندس غزل ۽ نظم پسنديده صنفون آهن. جڏهن به شاعريءَ جي ديوي ساٿ ٿي ڏئيس ته آڱرين جي ڏوڏن تي شعر جي تقطيع ڪري غزل يا نظم چئي خوشي وچان نٿو ماپي. هڪ ڀيري منهنجي ذاتي فرمائش تي “شهر شڪارپور” تي ويٺي ويٺي هڪ سندر ڪويتا کي جنم ڏنائين، انجو روپ ۽ رنگ ملاحظه ٿئي:

    ناتو شڪارپور سان نروار آهي سائين،
    هڪوار ڇا چوان مان سؤ وار آهي سائين.
    ڪهڙي ڪري، ڪيان مان واکاڻ هن شهر جي،
    تاريخ ۾ نمايان صد بار آهي سائين.
    منهنجو شهر اَباڻو مشهور ڏيهان ڏيهه ٿيو،
    ڏيساورن سان ان جو واپار آهي سائين.
    دل ۾ دغا نه دوئي ماڻهن ۾ ماڻهپو آ،
    قربت جو اُت اول کان وهنوار آهي سائين.
    ساراه جي آ لائق منهنجي هي جنم ڀومي،
    هر لفظ شاعري ۾ اظهار آهي سائين.
    “فائق” لکي قصيدو بس حق ادا ڪري ٿو،
    جو وڙ جڙي مثل هي ڪردار آهي سائين.


    ارباب علي “عادل” چوهاڻ

    ارباب علي عادل چوهاڻ، مهراڻ ادبي سنگت شڪارپور جو صدر ۽ نوجوان ليکڪ، گهڻي وقت کان ادبي پورهئي ۾ مگن آهي. سندس صحبت ۾ ڪيترائي نوجوان، ادبي رنگ ۾ رنڱجي ويا آهن. هيءُ هڪ محنتي ۽ اورچ شاعر آهي. شڪارپور شهر سان هيئين ٿو پنهنجو ناتو نڀائي:
    دل کي وڻن نظارا سهڻي شڪارپور جا،
    رستا گهٽيون ۽ چارا سهڻي شڪارپور جا.
    دلدار دلربا ۽ شيرين زبان آهن،
    ماڻهو مٺا موچارا سهڻي شڪارپور جا.
    ڀڳڙا کٽاڻ قلفيون کائو مٺيون مٺايون،
    شربت پيئو نيارا سهڻي شڪارپور جا.
    زيتون انب ڪيلا گدرا کجور چانهيون،
    ليما ڪِنون قرارا سهڻي شڪارپور جا.
    تعليم جا ادارا اسڪول ۽ مدارس،
    مزدور سڀ ڀلارا سهڻي شڪارپور جا.
    شاعر اديب هاري استاد ۽ صحافي،
    سرسبز ٻنيون ٻارا، سهڻي شڪارپور جا.
    آباد ڳوٺ واهڻ چوڌاري ڏس چمن ۾،
    پُرڪيف ڏس اونهارا، سهڻي شڪارپور جا.
    گرمي ۾ پُر مسرت سنڌ واهه جا نظارا،
    بنگلا ڏسو سگهارا، سهڻي شڪارپور جا.
    خوشحال شهر پنهنجو سنڌ جو سڏائي پئرس،
    شهراه ناميارا سهڻي شڪارپور جا.
    شاهي بزار سندر اسٽور گنج، لکي در،
    ڪاليج قرب وارا سهڻي شڪارپور جا.
    روڊن جي سونهن ٽانگا ٽم-ٽم ڪري هلن ٿا،
    “عادل” لڳن پيارا سهڻي شڪارپور جا.


    نعيم “صابر” قريشي

    نعيم الله “صابر” قريشي جو شمار شڪارپور جي نوجوان اُسرندڙ شاعرن مان ٿئي ٿو. ڪيترن ئي مشاعرن ۾ پنهنجو ڪلام پيش ڪندو رهيو آهي. هڪ مشاعري ۾ پنهنجي جنم ڀومي شڪارپور تي پيش ڪيل سندس نظم مان انتخاب ڏجي ٿو.
    ڏسي رونق لکيدر جي لڳن ٿا ڏينهن راتين جو،
    نظارا ٿو ڏسان نروار آهن نينهن راتين جو.
    وڌي گهر کان گهمي گهٽيون اچي گڏ ٿا ٿين هتڙي،
    هجي سردي يا گرمي هت ٿئي ٿو ايئن راتين جو.
    وجهي رابيل جون ڪنڍيون ڳچن ۾ ڳاٽ ڪن اونچا،
    کلي خوش ئي چڙهي ٽانگي گهمي ڪو ڪيئن راتين جو.
    ڏٺم ٽولا وٺي ڇولا ٿا کائن ڦول چٽڻي سان،
    ڪو هيڏي ۽ وڃي هوڏي آپيهان پينهن راتين جو.
    سڄي رونق بدلجي ٿي وڃي “صابر” سيڪنڊن ۾،
    اچن جي اوچتو بادل وسن ٿا مينهن راتين جو.
    تيمور ولد احمد شاهه ابدالي، افغانستان جو بادشاهه، جنهن جي ماتحت شڪارپور صوبي جي حيثيت سان رهي.
    شڪارپور جو نامور ويدانتي ڪوي: “سامي” چين راءِ بچو مل لنڊ، جنهن سلوڪ سرجيا.
    بدوي “لطف الله جوڳي” شڪارپور سنڌ جو مشهور اديب، شاعر، افسانه نگار، ڊرامه نويس، محقق، تاريخدان، مضمون / مقاله نگار، جنهن جا سنڌي ادب تي ٿورا آهن.
    قديم زماني ۾، هندن ۾ سوئمبر جي هڪ رسم هوندي هئي، جنهن ۾ ڇوڪري پنهنجو مڙس پاڻ چونڊيندي هئي، ان لاءِ اڳواٽ عام اعلان ڪرايو ويندو هيو، ۽ مقرره وقت تي هزارن جي تعداد ۾ شادي جا اميدوار اچي ويهي رهندا هيا، نينگر هٿ ۾ هار کڻي نڪرندي هئي، ۽ جيڪو جوان کيس وڻندو هو، ان کي هار پارائي ڇڏيندي هئي، ته اُنهيءَ سان سندس وهانءُ رچايو ويندو هو.



    حوالا:
    * صنعت اسماء ۾ ساهوارن، شهرن ۽ جاين وغيره جو ذڪر اچي ٿو.
    سنجا نسنگاڻي بگي مل تلسيداس: تعلقه وار سنڌ جي جاگرافي 1914ع، ص:95.
    راشدي پير حسام الدين: “ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون” انجمن تاريخ سنڌ ڪراچي/حيدرآباد نومبر 1981ع، ص:438.
    بدوي لطف الله: تذڪره لطفي – جلد 2، آر.ايڇ احمد اينڊ برادرس حيدرآباد ڇاپو-3 سنه 1967-1968ع ص:243.
    شيخ اياز: مهاڳ “چؤواٽي تي” نند جويري بمبئي 1991ع، ص:5.
    سيد لعل شاهه بخاري پروفيسر: نگران سنڌي ڀاڱو “نخلستان مخزن” سي اينڊ ايس گورنمينٽ ڪاليج شڪارپور 1948ع، صفحو 1، 2 ۽ 3.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566302
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215654
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ